ٻيا بيت
- سُر کنڀات جَي چنڊ جو بيت
آيو چَنڊُ چَڙِهي، چارِيءَ جو چَيو ڪَري،
اُڀِيو اُتِ اَڙِي، جِتِ ڏِٺائِين پِرِينءَ کي.
سمجهاڻي
(چنڊ بابت عاشق جي بدگماني) اهو چنڊ جيڪو ايڏو سوير مٿي چڙهي آيو آهي، سو چوڪيءَ تي بيٺل پھريدار جي چوڻ تي اُڀري آيو آهي. هاڻي چنڊ بہ پرينءَ کي ڏسندي اتي ئي اڙجي بيھي رهيو آهي. اڳتي چرڻ جي نٿو ڪري، جو هو پڻ محبوب جي حسن کان مدهوش ٿي ويو آهي.
گنج ۾، سرود کنڀات، بيت نمبر : 1245
آَئِيُوْ چَندُ چَرِيْ چَارِيَ جُوْ چَيُوْ ڪَرٖيْ﮶
اُڀُوْ اُتِ اَرِيْ جِةِ ڎِٽَاءٍ پِرْيَکٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
आयो चंडु चड़ही। चारीअ जो चयो करे।
उभियो उति अड़ी। जिति डि॒ठाईं पिरींअ खे।
ROMAN SINDHI
Ayo chandd charrhi, charee'a jo chayo kare,
Ubhiyo ut arre, jit dithhaen pireen'a khy.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت


ھي کماج ٺاٺ جو راڳ نالي کماچ، کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن جي ڳائڻ جو سمو بہ اڌ رات کان پوءِ جو آھي. ھن راڳ جي سُرن جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
آروھي: سا گا ما پا ڌا ني سا
آوروھي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا
ھن جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ اٿس.
Lexical Density of this Bait
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection