
عنوان | شاھ جو رسالو |
---|---|
شارح / محقق | محمد عثمان ڏيپلائي |
ڇپائيندڙ | ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ |
ڇپجڻ جي تاريخ | 2016-01-01 |
ايڊيشن | 2 |
سر ڪلياڻ
فصل پھريون
بيت - 1
اول الله عليم، اعلى عالم جو ڌڻي،
قادُر پنھنجي قُدرت سين، قائم آہ قديم،
والي، واحد، وَحَدہُ، رازق رب رحيم،
سو ساراہِ سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙَ جھان جي.
بيت - 2
جوڙي جوڙ جھان جي، جڏھن جوڙيائين،
خاوند خاص خلقي، مُحمدؐ مُڪائين،
ڪلمو تنھن ڪريم تي، چٽو چايائين،
’اَنَا مولاڪَ وَ اَنت مَحبُوبِي‘، ائين اُتائين،
ڏِکي ڏنائين، ٻئي سرائون سيد چئي.!
بيت - 3
جوڙي جوڙ جھان جي، پاڻ ڪيائين پروار،
حامي ھادِي ھاشمي، سردارين سردار،
سُونھَي صحابَن سٿ ۾، منجهہ مسجد مڻيادار،
چارئي چڱا چوڌار، ھُوا ھيڪاندا حبيب سين.
بيت - 4
وَحَدہٗ لا شريڪ لهٗ، چَؤ چندو آءُ،
فرض واجب سُنتون، تنئون تَرڪ مَ پاءِ،
توبَہ سندي تسبيح، پڙھي سا پُڄاءِ،
نگا پنھنجي نفسَ کي، ڪا سنئين راھ سُونھاءِ،
سُپيريان جي ڳالهڙي، ھيءَ ھنيين سين لاءِ،
تہ سندي دوزخ باھ، تو اوڏيائي نہ وڃي.
بيت - 5
وَحَدہٗ لاشريڪ لَهٗ، جان ٿو چئين اينئَن،
تَان مَڃُ مُحمد ڪَارڻي، نرتَؤن منجهان نِينھَن،
سو تون وڃيو ڪيئن، نائين ڪنڌ ٻين کي؟
بيت - 6
وَحَدہٗ لا شريڪ لهٗ، جڏھن چيو جن،
تن مڃيو محمد ڪارڻي ھيجان ساڻ ھِنين،
تڏھن منجهان تن، اوَتڙ ڪونہ اَوليو.
بيت - 7
وَحَدہٗ لا شريڪ لهٗ، جن اُتوسين ايمان،
تن مڃيو محمد ڪارڻي، قلب ساڻ لِسانَ،
اوءِ فائق ۾ فرمان، اَوَتَڙِ ڪنھن نہ اوليا.
بيت - 8
اَوَتَڙِ ڪنھن نہ اوليا، سُتڙِ ويا سالمَ،
ھيڪائي ھيڪ ٿيا، احد سين عالمَ،
بي بھا بالم، آگي ڪِيا اَڳَھِين.
بيت - 9
آگي ڪيا اڳھين، نِسورو ئي نُور،
’لا خوفٌ عَليھم ولا ھُم يَحزنُون، سچن ڪونهي سور،
مولي ڪيو معمور، انگُ ازل ۾ اُن جي.
بيت - 10
وَحَدہٗ جي وڍيا، اِلااللہ سي اورين،
ھنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورين،
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندر ڏورين،
سُک نہ سُتا ڪڏھين، ويھي نہ وَوڙين،
ڪُلھنئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي.
بيت - 11
وَحَدہٗ جي وڍيا، اِلاللہ اَڌَ ڪيا،
محمد رسول اللہ چئي، مسلمان ٿيا،
عاشق، عبداللطيف چئي، انهين پہ پيا،
تيلانھن ڌڻيءَ ڌُئا، جيلانھن وحدت ويا گڏجي.
بيت - 12
وَحَدہٗ جي وڍيا ڪيا اِلااللہ اڌ،
سي ڌڙ پسي سڌ، ڪنھن اڀاڳي نہ ٿِئي.
بيت - 13
وَحَدہٗ لا شريڪ لهٗ، ٻُڌئي نہ ٻوڙا،
ڪِ تو ڪنين نہ سُئا، جي گهَٽ اندر گهوڙا،
ڳاڙيندين ڳوڙھا، جت شاھد ٿيندئي سامھان.
بيت - 14
وَحَدہٗ لا شريڪ لهٗ، ايءَ وھائج ويءُ،
کَٽين جي ھارائيين، تہ ھنڌ تَنھنجو ھيءُ،
پاڻان چوندُءِ پيءُ، ڀري جام جنت جو.
بيت - 15
وَحَدہٗ لا شريڪ لهٗ، اِيءَ ھيڪڙائي حَقُ،
ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جن وڌو سي وِرِسيا.
بيت - 16
سر ڍونڍيان، ڌُڙ نہ لھان، ڌڙ ڍونڍيان، سر نانه،
ھَٿ، ڪرايون، آڱريون، ويا ڪپجي ڪانه،
وحدت جي وِھانءَ، جي ويا، سي وڍيا.
بيت - 17
تون چؤ اللہ ھيڪڙو، وائي ٻي مَ سکُ،
سوئي لکيو لَکُ، سچو اکر من ۾.
بيت - 18
عاشق چؤ مَ اُن کي، مَ ڪي چؤ معشوق،
خالق چَؤ مَ خَام تون، مَ ڪي چَؤ مخلوق،
سَلج تنھن سلوڪ، جو ناقصا ئي نِڱيو.
بيت - 19
وحد تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُ،
حق حقيقي ھيڪڙو، ٻوليءَ ٻِيءَ مَ ڀُل،
ھُو ھُلاچو ھُلُ، باللہ سندو سڄڻين.
بيت - 20
چئہ تُون الله ھيڪڙو، وائي ٻِي وِسار،
تن ۾ تندُ تنوار، سدا سپيرينءَ جي.
بيت - 21
چؤ تُون اللہ ھيڪڙو، ٻي وائي وساري ڇڏ،
اوتان توسين گڏ، سڄڻ ساھَہ پَساھَہ ۾.
بيت - 22
مروئان، موران، پکڻان، وائي ٻيءَ مَ ڀُل،
ھُو ھُلاچو ھُل، باللہ سندو سڄڻين.
بيت - 23
پاڻھئين جل جلالَهٗ، پاڻھين جان جمال،
پاڻھئين صورت پرينءَ جي، پاڻھئين حُسن ڪمالُ،
پاڻھئين پير مريد ٿئي، پاڻھئين پاڻ خيالُ،
سڀ سڀوئِي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.
بيت - 24
پاڻھين ڏئي سنيھڙا، پاڻھين اِيءُ سلطان،
پاڻھئين ڪَرَ پاڻَ لھي، پاڻَ سڃاڻي پاڻُ.
بيت - 25
پاڻھئين پسي پاڻ کي، پاڻھئي او محبوب،
پاڻھين خلقي خوب، پاڻھين طالب تن جو.
بيت - 26
سو ھِي، سو ھُو، سو اجَلُ، سو الله،
سو پِرين، سو پَساھ، سو ويري، سو واھرو.
بيت - 27
سوئي ھيڏانھن، سوئي ھوڏانھن، سوئي مَن وَسي،
سو ئي سو پَسي، تنھين سندي سوجهري.
بيت - 28
سائي صورت عَينَ ڪي، سائي صورت غين،
سمن نقطا دور ڪرو، تہ اُوءِ عين ڪي عين.
بيت - 29
پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لھين،
ھُئا اڳھين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻہ ٿيا.
بيت - 30
ايڪ قصر، دَرَ لَکَ، ڪوڙين سھسَ ڳڙکيون،
جيڏانھن ڪريان پَرک، تيڏانھن صاحب سامهُون.
بيت - 31
ڪوڙين ڪايائون تُنھنجون، لکن لَکَ ھزار،
جِيءُ سڀڪنھن جيءُ سين، دَرسن ڌارو ڌارَ،
پرين تنھنجا پارَ، ڪھڙا چئي ڪيئَن چوان.!
وائي - 1
سڀڪا پرين ڪون پوڄي
نينھن نيڻين ڳڙ ڳالهہ وو
جا چتايم چِت ۾، سڄڻ سا ٿو ٻجهي،
لات جا لطيفَ جي، سڏُ تنھين جو سُڄي.
بيت - 33
وائي
عشق تُساڏي مين گهايل ڪتي،
وو ميڏي ميان، درد رانجهن دي،
ھيڪ جو اڳيئي سھڻا، ٻيجهي بي پروائي،
ويڄہ طبيب پڇندي، مين ٿڪي وو.
فصل ٻيون
بيت - 1
آگهي اگهائي، رنج پريان کي رسيو،
چکيم چڱائي، سورانگهي سوريءَ تان.
بيت - 2
انڌا اُونڌا ويڄَ، کَلَ ڪُڄاڙيا کانئيين؟
اسان ڏُکي ڏِيل ۾، تون پيارئين پيڄ،
سُوري جنين سيڄ، مرڻ تن مشاھدو.
بيت - 3
سُوريءَ سڏُ ٿيو، ڪا ھلندي جيڏيون؟
وڃڻ تِن پيو، نالو نينھن ڳنھن جي.
بيت - 4
سُوري سڏ ڪري، اُڀي عاشقن کي،
جي اٿيئي سڌ سڪڻ ۾، تہ ڪَر مَ پيرُ پري،
سِسِي ڌارَ ڌَري، پڇج پوءِ پريتڻو.
بيت - 5
سُوري آھ سينگار، اصل عاشقن جو،
مُڙڻ، موٽَڻ، ميھڻو، ٿيا نظاري نِروار،
ڪُسڻ جو قَرار، اصل عاشقن جو.
بيت - 6
سوري سينگاري، اَصل عاشقن کي،
لُڏيا ڪين لطيف چئي، ٿيا نيزي نظاري،
ڪوٺيو ڪيناري، آڻيو چاڙھي اُن کي.
بيت - 7
سُوريءَ مٿي سيڻَ، ڪھڙي ليکي سَنرا؟
جيله لڳا نيڻ، تيلَه سُوريائي سيڄ ٿي.
بيت - 8
سُوريءَ چَڙھڻ، سيڄ پَسڻُ، ايءُ ڪم عاشقن،
پاھُون ڪينَ پسن، سائُو ھَلن سامهان.
بيت - 9
سُوريءُ تي سؤ وار، ڏينھاڻيون چنگ چڙھين،
جِمَ ورچي ڇڏئين، سِڪڻ جي پچار،
پَرتِ نہ پَسين پار، نينھن جئان ئي نِڱيو.
بيت - 10
پھرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو،
ڏُکُ پريان جو ڏيلَ ۾، واڄٽ جئن وڄاءِ،
سيخن ماہُ پَچاءِ، جو نالو ڳِيڙُءَ نينھن جو.
بيت - 11
ڪاتيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وڍيندڙَ ھٿ ۾،
پَسيو پَيرِ عجيب جي، لچِيو وڃي لوھ،
عاشقن اندوھُ، سدا معشوقن جو.
بيت - 12
ڪاتي تکي مَ ٿئي، مَرُ مُنِيائي ھوءِ،
مانَ وِرمن توءِ مون پريان جا ھٿڙا.
بيت - 13
ڪاتي جا قريب جي، سا ھَڏُ چيري چَم،
عاشقن پنھنجو انگ، اللہ ڪارڻ وڍيو.
بيت - 14
جي تون سِڪڻ سکيو، تہ ڪاتيءَ پَئي مَ ڪنجهہ،
سُپريان جي سُور جو، ماڻهن ڏِجي نہ مَنجهُہ،
اندر اِيءُ اَھنجُ، سانڍج سُکائون ڪري.
بيت - 15
جان وڍيو ھئين، تان ويھ، نہ تہ وٺيو واٽ وَنءُ تون،
ھيءُ تنين جو ڏيھُ، ڪاتي جَنين ھٿ ۾.
بيت - 16
ڪاتي جن ڳَري، مان لنئون لڳي تن سين،
محبت جي ميدان ۾، وڃان پيرَ ڀري،
اَڏيءَ سِرُ ڌري، مان ڪُھِنئون سپرين.
بيت - 17
اڳيان آڏنِ وٽ، پوين سِرَ سنباھيا،
ڪاٽ تہ پوين قبولَ ۾، مَڇڻ ڀائين گهَٽ،
مٿا مُھايَنِ جا، پيا نہ ڏسين پَٽ؟،
ڪَلالڪي ھٽ، ڪُسڻ جو ڪوپُ وَھي.
بيت - 18
جي اَٿيئي سَڌ سُرڪ جي تہ وَنءُ ڪلالن ڪاٽي،
لاھي رک لطيف چئي، مٿو وَٽِ ماٽي،
تِڪَ ڏيئي پِڪَ پيءُ تون، منجهان گهوٽ گهاٽي،
جو وَرَنه وَھاٽي، سو سِرَ وٽ سَرو سھانگو.
بيت - 19
جي اَٿيئي سَڌ سُرڪ جي، تہ ونءُ ڪلالڪي ھَٽ،
لاھي رکُ لطيف چئي، مٿو ماٽي وٽ،
سِرُ ڏيئي مَ سَٽِ، پِيج ڪي پياليون.
بيت - 20
جي اَٿيئي سَڌ سُرڪ ۾، تہ ونءُ ڪلالڪي ڪُوءِ،
مھيسر جي مَنڌ جي، ھُتِ ھَڏھين ھُوءِ،
جان رمز پروڙيم رُوءِ، تان سِرَ وَٽ سُرڪي سَڳڻي.
بيت - 21
جي اَٿيئي سَڌ سُرڪ ۾، تہ ونءُ ڪلالڪي گهر،
وڍڻ، چيرڻ، چچرڻ، پَھت اُن جي پَرِ،
جي وَٽي پويئي وَرِ، تہ سَھَنگِي آہ سيد چئي.
بيت - 22
ناڻي ناھ ڪَڪُوھُ، ڪِي ملهہ مَھانگو مَنڌُ،
سنباھج سيدُ چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪنڌُ،
ھيءُ تنين جو ھنڌ، مَٽن پاسِ مَرَنِ جي.
بيت - 23
عاشق زھر پياڪ، وِھُ ڏسي وھسن گهڻو،
ڪَڙي ۽ قاتل جا، ھميشه ھيراڪَ،
لڳين لَنئون لطيف چئي، فنا ڪيا فراق،
توڻي چِڪنن چاڪَ، تہ بہ آھَ نہ سَلن عامَ کي.
بيت - 24
مَ ڪر سَڌَ شراب جي، جو تون ٽاريين ٽُوھُ،
پيتي جنھن پاسي ٿئي، منجهان رَڳن روح،
ڪاتي چک ڪَڪُوھُ، لاھي سِرُ لطيف چئي.
بيت - 25
سُڌڙيا شراب جون، ڪُهُ پَچارُون ڪن؟
جُه ڪاتَ ڪَلالِن ڪڍيا، تہ موٽيو پوءِ وڃن،
پِڪون سي پِيَنِ، سِرَ جنھين جا سَٽَ ۾.
بيت - 26
سِرَ جدا، ڌَڙَ ڌارَ، دَوڳ جنين جا ديڳ ۾،
سي مَرُ ڪن پچار، حاضر جنين ھٿ ۾.
بيت - 27
ديڳين دوڳ ڪڙھن، جت ڪڙئين ڪڙڪو نہ لَھي،
تِتي طبيبن، چاڪ چِڪندا ڇڏيا.
بيت - 28
سِسِي سي گهُرن، جي واٽيندڙَ وچ ۾،
اوءِ ڪي ٻيو پُڇن، سَرو جن سنباھيو.
بيت - 29
اصل عاشق پنھنجي، سِسِي نہ سانڍين،
لاھيو سِر لطيف چئي، ساھ سَلهاڙيو ڏينِ،
ڪُلهِنئون ڪورين، پُڇن پوءِ پريتڻو.
بيت - 30
اصل عاشقن جو، سِر نہ سانڍڻ ڪم،
سَوَ سِسِنئان اڳرو، سندو دوسان دم،
ھِي ھڏو ۽ چم، پِڪَ پِريان جي نہ پڙي.
بيت - 31
جي مٿي وٽ مِڙَن، تہ سڀ ڪنھن سُڌ ٿئي،
سِر ڏني سَٽ جُڙي، تہ عاشقَ ائين اچن،
لِڌا تي لَڀَن مُلهہ مھانگا سُپرين.
بيت - 32
مُلهہ مھانگو قطرو، سِڪَڻُ شھادت،
اسان عبادت، نظر نازَ پِريَنِ جا.
وائي - 1
مَنڌُ پيئندي مون، ساجن سھي سڃاتو
پِي پيالو عشق جو، سڀڪي سمجهيو سُون!
پِريان سندي پار جِي، اندر آڳ اَٿُون،
جئڻ ناھي جڳ ۾، ڏينھن مڙيئي ڏون،
الا! عبداللطيف چئي، آھين تون ھي تون.
فصل ٽيون
بيت - 1
اُٿياري اُٿي ويا، منجهان مون آزارَ،
حبيب ئي ھڻي ويا، پِيڙا جي پَچارَ،
طبيبن تَنوارَ، ھَڏِ نہ وڻي ھاڻ مون.
بيت - 2
ھَڏِ نہ وڻي ھاڻِ مون، ويڄن جو وصال،
ھِن منھنجي حالَ، حبيب ئي ھادي ٿيو.
بيت - 3
حبيب ئي ھادي ٿيو، رھنما راحتَ،
پيڙا نِيائِين پاڻ سين، لائي ڏيئي لَتَ،
سُپريان صحتَ، ڏنيم منجهان ڏُکندي.
بيت - 4
اورِ ڏکندو اُؤ ٿئي، ھادي جنھن حبيب،
تِر تفاوت نہ ڪري، تنھن کي ڪو طبيب،
رھنما رَقيب، ساٿرِ صحتَ سپرين.
بيت - 5
ساٿَرِ صحت سپرين، آھي نہ آزار،
مجلس وير مٺو ٿئي، ڪوٺيندي قھار،
خنجر تنھن خوبَ ھڻي، جنھن سين ٿئي يار،
صاحب رب ستار، سوجهي رَڳون ساھ جون.
بيت - 6
رَڳُون ٿيون رَبابُ، وڄڻ ويل سڀ ڪنھين،
لُڇَڻَ، ڪُڇَڻَ، نہ ٿيو، جانب ري جَبابُ،
سوئي سَنڌيندم سپرين، ڪَيس جنھن ڪباب،
سوئي عين عَذاب، سوئي رَاحت رُوح جي.
بيت - 7
سوئي راھَ رد ڪري، سوئِي رھنماءُ،
وَتُعِزُ مَن تَشاءُ وَتُذيلُ مَن تَشاءُ.
بيت - 9
پَرِ ۾ پڇيائون، عشق جي اسباب کي،
دارون ھن درد جو، ڏاڍو ڏسيائون،
آخِرُ وَالعَصر جو، اِنھين اُتائُون،
تھان پوءِ آئون، سِڪان ٿي سلام کي.
بيت - 10
سِڪِين ڪُهُ سلام کي، ڪرين ڪُهُ نہ سلام؟
ٻَيا در تن حرام، ايءُ در جنين ديکيو.
بيت - 11
مِٺايان مِٺو گهڻو، ڪَڙو ناھ ڪلام،
سُڪُوتُ ئي سَلام، پِريان سندي پار جو.
بيت - 12
پِريان سندي پار جي، مڙيئي مِٺائي،
ڪانهي ڪَڙائي، چَکِين جي چِيتُ ڪري.
بيت - 13
ڄاڻِي ٻُجهي جن، توسين سُورَ سَڃ ڪئي،
تون ڪيئن سندُون تن، پَرَ سين پَچارون ڪرين؟
بيت - 14
تو جنين جي تاتِ، تن پڻ آھي تُنھنجي،
فاذڪُرُونِي اَذڪُرُڪُم، ايءُ پروڙج بات،
ھَٿِ ڪاتي، ڳُڙُ واتِ، پُڇڻ پَرِ پرين جي.
بيت - 15
حبيبن ھيڪارَ، منجهان مِھرَ سڏ ڪيو،
سو مُون سڀ ڄمارَ، اورڻَ اُھو ئي ٿيو.
بيت - 16
پاٻوھي ھيڪارَ، مون کي پڇيو سَڄڻين،
اَلستُ بِربِڪُم، چيائون جنھن وار،
سندِي سورَ ڪِنار، تَنَ تڏاھڪُون نہ لھي.
بيت - 17
پاٻوھِيو پُڇن، ڪٿي ھٽ حبيب جو،
نيزي ھيٺان نينھن جي، پاسي پاڻ نہ ڪن،
عاشقَ اجل سامُھان، اوچي ڳاٽ اچن،
ڪُسڻ قُرب جن، مرڻ تن مُشاھدو.
بيت - 18
ڪوٺي ڪُھي سپرين، ڪوٺي ڪُھڻَ ساڻ،
نيزي ھيٺان نِينھن جي، پاسي ڪَر مَ پاڻ،
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻ، عاشقَ اَجل سامهون.
بيت - 19
ڪوٺڻ قريبن جو، عين تڙڻ آھ،
اِيءُ اُلٽي ڳالهڙي، سِڪَ وَرَندي ساھَ،
اَسَرَ ھَڏِ مَ لاھ، ڇنڻ ڳَنڍڻ اُن جو.
بيت - 20
ڪُھَنِ تان گهڻگهورا، ڪَرَ لھن تان ڪُھن،
سي ئي ماءِ مُھِن، سي ئي راحت روح جي.
بيت - 22
ڪُھي سو ڪَرَ لھي، ڪوٺي سو قريب،
اِھا عادت سِکيو، ھر زمان حبيب،
تِڇي سو طبيب، سوئي راحت روح جي.
بيت - 23
ڪُھَنِ ۽ ڪوٺينِ، اِيءُ پَر سَندي سڄڻين،
سُوريءِ چاڙھيو سپرين، ڏنڀَ ڏھاڙي ڏين،
ويٺا ورہ وٽين، آءُ واڍوڙيا وِھاءِ تون.
وائي - 1
ٿيندو تن طبيب، دارون منھنجي درد جو،
ٻُڪي ڏيندم ٻاجهہ جي، اچي شالَ عجيب،
پرين اچي پاڻ ڪيو، سندو غور غريب،
ڏکندو سڀوئي ڏور ڪيو، منجهؤن تن طبيب،
اديب عبداللطيف چئي، ھاتڪ آھ حبيب.
سر يمن ڪلياڻ
فصل پھريون
بيت - 1
تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب منھنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع،
صاحب! ڏي شفا، ميان مريضن کي.
بيت - 2
تون حبيب، تون طبيب، تون درد جو دارُون،
دوا آھين، دل کي، تُنھنجون تنوارون،
ڪريان ٿي ڪارُون، جيئن ٻُڪي ٻنئون نہ ٿئي.
بيت - 3
تون حبيب، تون طبيب، تون ھين ڊٺن ڊڀ،
تون ڏئين، تون لاھئين، تون ئي ھادي رب،
آھِم اِيءُ عجب، جئن واريو ويڄَ وھارئين.
بيت - 4
تون حبيب، تون طبيب، تون دارون کي دردن،
تون ڏئين، تون لاھئين، ڏاترَ کي ڏُکندن،
تڏھين ڦڪيون فرق ڪن، جڏھين امر ڪريو اُن کي.
بيت - 5
جان ڪي ڪري طبيب، دارون ھن درد جا،
ھَڻيو سي حبيب، اُکوڙيو اڌ ڪري.
بيت - 6
ھڻ حبيب! ھٿ کڻي، ٿيڪ مَ ٿورو لاءِ،
پرين تُنھنجي گهاءِ، جي مران تہ مانُ لھان.
بيت - 7
ھڻ حبيب! ھٿ کڻي، دل ۾ ڌيري دانھن،
ڪُڇان تان ڪُوڪ ٿئي، صبر آئون نہ سھان،
ڪنھن کي ائن چوان، تہ مون کي ماريو سڄڻين!
بيت - 8
ھڻ حبيب! ھٿ کڻي، ٻَنگان لھي ٻاڻ،
ماڳھين مون مِنھُن ٿئي، جهوليءَ وجهان پاڻ،
ان پر ساڄن ساڻ، مانَ مقابلو مون ٿئي.
بيت - 9
جت حبيبَ ھڻن، نائُڪُ ڀري نِينھن جي،
تِتي طبيبن، وِڄا وڃي وسري.
بيت - 10
ھڻين جي حبيب، محبتي مَيا ڪري،
پُڇان ڪين طبيب، ھوند گهائن سين ٿي گهاريان.
بيت - 11
چوري چَنگُ ٻَنگُ لھي حبيبن ھَنيوس،
ٻُجهان ٻاڻُ لڳوس، ڪانارِيو ڪَرَ کڻي.
بيت - 12
ڪاناريا ڪُڻڪن، جنين لوه لڱن ۾،
محبت جي ميدان ۾ پيا لال لڇن،
پاڻهين ٻَڌن پَٽيون پاڻهين چِڪيا ڪَن،
وٽان واڍوڙيَن، رھي اَچجي راتڙي.
بيت - 13
رھي اچجي راتڙي، تن واڍوڙين وٽانءِ،
جنکي سُورُ سرير ۾ گهٽ منجهاران گهاءُ،
لڪائي لوڪانءَ، پاڻهين ٻَڌن پَٽيون.
بيت - 14
اڄ پڻ ڪَنجهو ڪَنجهہ، واڍوڙڪي منھين،
جُه پڻ پييَن سنجَهہ، ھو پِنيون ھو پٽيون.
بيت - 15
اڄ پڻ ڪھڙي دانھن، واڍوڙڪيءَ مَنَھِينءَ؟
ويڄَ ورائي ٻانھن، چوري چاڪَ نھاريان.
بيت - 16
ويچارا واڍوڙَ، سدا شاڪر سُور سين،
تاڻين مٿي توڙَ، اوري ڪن نہ آسرو.
بيت - 17
سدا آھي سُور جي، واڍوڙين وائي،
جيڪا اٿن من ۾، سلن نہ سائي،
اوڙِڪ اھائي، ڳوليو لَھن ڳالهڙي.
بيت - 18
سَگهنِ سُڌِ نہ سُورَ جِي، گهايَلَ ڪيئن گهارِين،
پيَلَ پاسو پَٽَ تان، واڍوڙَ نَہ وارِينِ،
پَرِ ۾ پَچَنِ پِرينءَ لَئي، ھَئي! ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جي سارِينِ، تن رويو وِھامي راتڙي.
بيت - 19
سَگهَن سُڌ نہ سور جي ٿا رُڻڪَن رَنجُوري،
پيا آھن پٽ ۾ مٿن ماموري،
لڳين لئُون، لطيف چئي، سدا جي سُوري،
پرت جن پُوري تن رويو وھامي راتڙي.
بيت - 20
سدا آھي سُور جي، رنجورون رڻڪَ،
اُن ڀلاريءَ ڀُڻڪ، ھيڪر حضوري ڪيا.
بيت - 21
تَنُ تسبيح، مَنُ مڻيو، دل دنبُورو جن،
تَندون جي طلب جُون، وحدت سر وڄن،
وَحَدہٗ لاشريڪ لَہٗ، اِهو راڳُ رڳن،
سي سُتا ئي سونهن، نِنڊ عبادت تن جي.
بيت - 22
آيل اُن نہ وسھان، ھَنجُون جي ھارين،
آڻيو آب اَکِين ۾، ڏيهَ کي ڏيکارين،
سڄڻ جي سارين، سي نڪي رُونِ نہ چُونِ ڪي.
وائي - 1
ورسيا ويڄ ويچارا، دل ۾ درد پرين جو،
اُٿيو ويڄا مَ وھو، وڃو ڊڀَ کڻي،
ٻُڪي ڏيندا باجَهہ جي، آيا دور ڌڻي،
آيا جيءَ جيارا دل ۾ درد پِرين جو.
فصل ٻيون
بيت - 1
تن طبيبُ نہ تون، جو سُڌ نہ لھين سُور جي،
سانڍِ پنھنجا ڊڀڙا، کَڏَ کڻي ۾ ڀُون،
ڪان گهرجي مُون، حياتي ھوتن ري.
بيت - 2
ويڄن سين وائيءَ پيا، ڪِري نہ ڪيائون،
جي پَندِ پاريائون، تہ سِگهائي سَگها ٿيا.
بيت - 3
ويڄن سين وائيءَ پيا، ڪِري ڪن نہ پاڻَ،
اَگها ان اھڃاڻ، پسو سور سجهائيا.
بيت - 4
آھي گهڻو اَگهن جو، ترسُ طبيبن،
ڪَيو وَسُ ويڄن، تان ڪِريءَ ري ڪينَ ٿئي.
بيت - 5
اگهائي سگها ٿيا، جي ويٺا وٽ ويڄن،
ترسي طبيبن چيٺي ھوند چڱا ڪيا.
بيت - 6
پاڙي ويڄ ھُئام، تان مُون مُور نہ پُڇيا،
تيلاھين پيام، موريسَرَ اکين ۾.
بيت - 7
ھاريا تو ھري، ڪُپَڇُ ڪايا سين ڪيو،
ڪرئين جي ڪِري، تہ تون توانو ٿئين.
بيت - 8
جي ڀائين پرينءَ مڙان، تہ سکُ چوران ڪي ڏات،
جاڳُڻ جَشنُ جنَ کي، سُک نہ ساري رات،
اُجهي ٻُجهي آئيا، وائي ڪن نہ وات.
سلي سوريءَ چاڙھيا، بيان ڪن نہ بات،
توڻي ڪُسن ڪات، تہ بہ ساڳي سَلن ڪين ڪِي.
بيت - 9
تڙي طبيبن، گهايل گهران ڪڍيو،
چڪيا چاڪ چِيهون ڪري، ڪڙيون مُور نہ ڪن.
دوست درسن تنهنجي وڌو ٺار ٺپن،
ورچيو ويڄ وڃن، آءُ تہ پريم اُبَهان.
بيت - 10
ويڄ ويڄائي ڇَڏ، توکي سُڌ نہ سُورَ جي،
دُور ڪر دٻُيون، نيئي کوري کوريهن کڏ،
سوئي صاحب سڏ، جو شادي ڏئي صحت جي.
بيت - 11
ويڄن ويٺي ئي، دوست پيهي در آئيو،
صحت جي سرير ۾، ڪَلَ ڪَڙين پيئي،
پِيڙ پري ويئي، اچڻ ساڻ عجيب جي.
بيت - 12
وڍي جن وڌياسِ، وري ويڄ ئي سي ٿيا،
ترت ٻڌائون پٽيون، روز ڪيائون راسِ،
ھيهئڙا تنين پاسِ، گهار تہ گهايُل نہ ٿئين.
بيت - 13
ھاريا ويڄ مُياس، سُڌ نہ لهين سور جي،
پريان کي چوندياس، تہ ترس طبيبن ڇڏيو.
بيت - 14
ويڄ مَ ٻُڪي ڏي، اَلا چڱي مَ ٿيان،
سڄڻ مان اچي، ڪَرَ لاهُو ٿي ڪڏھين.
بيت - 15
وھڻ ويڄن وٽِ، جي سکين تہ سَگهو ٿئين،
اڳين عادت مَٽِ، تہ اَگها عاجز نہ ٿِئين.
بيت - 16
ھُئين تہ ويڄن وٽَ، تون ڪئن جيءَ جَڏو ٿِئين؟
سر ڏيئي مَ سَٽ، ڪُہ نہ ڪَيئي ڊڀڙا؟
بيت - 17
ڪُٺيس ڪُويڄن، تَنَ طبيب نہ گڏيا،
ڏيئي ڏنڀ ڏَڏَنِ، پاڻان ڏيلُ ڏکوئيو.
بيت - 18
ترس طبيبن جو، جَڏن ڪيو نہ جات،
جو ويڄن جي واتِ، دارونئان تنھن دُور ٿيا مون.
بيت - 19
دارون ۽ ڪارون، جان ڪي ڪيا ويڄ،
ٻُڪي ڏيندا ٻاجهہ جي، نهاري ٺاڙون،
جن جون سيڻ لهن سارون، تن تان ڏُکندو ڏور ٿئي.
بيت - 20
اَگهن مڙي اَڄ، ڪيو سڏ صحت کي،
ڏور ڏکندا ڀَڄُ، مِهريءَ مُنهن ڏيکاريو.
وائي - 1
اچي سار لهيج، ساڄن سور تُماري آئون ماري،
سُور تُماري جي مران، تان مون ڏوہ مَ ڏيج،
ڊڀن ڀري ھٿڙا، دارون دوست ڪريج.
فصل ٽيون
بيت - 1
ھَي ھَي! وَھي ھاءَ، مَنَ ۾ محبوبن جي،
جيرا جوش جَلائيا، بُڪيَن ٻري باہ،
پسو مچ مٿان جي ائين ويساہ نہ وسهو.
بيت - 2
ھَي ھَي وَھي ھوءِ، مَن ۾ محبوبن جي،
جيرا جوش جَلائيا، بُڪِين مُڪي بوءِ،
اچي پَسو روءِ، جي ويساہ نہ وِسهو.
بيت - 3
ڪانڊين، ٽانڊين، ٻاٻُرين پَچان مَرُ پيئي،
جيرا، جگر، بُڪيون، سيخَن ۾ ٽيئي،
ويڄَنئون ويئي، ٿي وَھِيڻي سڄڻين.
بيت - 4
سَر جو سَڃيو سڄڻين، ڀر ڀيڏيءَ ڏيئي،
ڪانَ ڪَرنگرُ ڪپيو، پکن سِر پيئي،
جيرا، جگر، بڪيون، پاساڙيون ٻيئي،
ويڄَنئون ويئي، ٿي وھيڻي سڄڻين.
بيت - 5
سَر جو سَڃيو سڄڻين، ٻنگان ڀَري ٻاڻ ،
ويو وجودان نڪِري ڪڙ ڪڙ ڪري ڪانُ،
ٿيا جي نيشان، تہ پهرين سين پُورا ٿيا.
بيت - 6
سَر جو سَڃيو سڄڻين، ٻنگا ٻاڻُ ڀَري،
ويو وجودان نڪري، ڪَڙ ڪَڙ ڪانُ ڪري،
پُڇيو پير ڀَري، تہ ڪي ٺَريو ھٿ حبيب جو؟
بيت - 7
سَرُ جو سَڃيو سڄڻين، ٻيهر ٻاڻ ڀري،
سو ڇمڪيو ڇوہ مان، ڪڙ ڪڙ ڪان ڪري،
جيرا، جگر، بڪيون، لنگهي پيو پري،
جو لڳو جيءَ جَڙي، تاڻيان تيرُ نہ نڪري.
بيت - 8
سر جو سَڃيو سڄڻين، سيڱ منجهان سِيلو،
ٽِنگر ٽِڪيو ڪِين ڪي، پار لنگهيو پِيلو،
ھڻڻ سين حيلو، جانب جيڏو ئي ڪَيو.
بيت - 9
ڌڳايو ڌئين، جيرو اندر ڄندڙي،
لڳي سيخ وجود ۾، سندي نِينهن نَئين،
مشاھدي تَنهين، مون کي وڌو مچ ۾.
بيت - 10
مَچ منجهيئي آه، ٻاھر ٻاڦ نہ نڪري،
چور تہ لڳئي چاَهِ، ڪَمُ کَمندن کَٽِيو.
بيت - 11
منجهان مَچَ مَچ ٿيا، چڙھيو چڪاسين چاه،
اِيءَ پر آڳڙين جي، ٻي ڇڏيائون ٻاه،
سيڻن جي صلاح، سر ڏنائون سٽ ۾.
بيت - 12
پُڇ پتنگن کي، سنديون کامڻ خبرون.
آڻيو وجهن آڳ ۾، جِيءُ پنهنجو جي.
جيري جنين جي، لڳا نيزا نينهن جا.
بيت - 13
پتنگ چائين پاڻ کي، تہ اچي آڳ اُجهاءِ،
پَچڻَ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ،
واقف ٿي وساءِ، آڳ نہ ڏجي عام کي.
بيت - 14
پتنگ چائين پاڻ کي، تہ ڄيري پُوڄاڻي،
تان تان تاڻج تاءَ ڏي، جان آڳ نہ اُجهاڻي،
وَسَهُ وھاڻي، آڳ نہ ڏجي عام کي.
بيت - 15
پتنگ چائين پاڻ کي، پسي مچ مَ موٽ،
سَهائي سپيرين جي، گَهِڙُ تہ ٿئين گھوٽ،
اڃان تون اَروٽ، کُوري خبر نہ لهين.
بيت - 16
پتنگ چائين پاڻ کي، ڄيري پوء ڄاڻي،
تان تان تاڻج تيڏھين، جان آڳ نہ اُجهاڻي،
ھيءَ ھڏ وِھاڻي، ڪَڙهُ ڪالهوڻي ڏِينهن کي.
بيت - 17
پُري پتنگ آئيا، مڙي مٿي مچَ،
اوڏا ٿيا آڳ کي، سَڙيا اُتي سَچَ،
سندا ڳچين ڳچَ، ويچارن وڃائيا.
بيت - 18
پُري پتنگ آئيا، سِري وٽ ساھي،
اچي پيا آڳ ۾، ڪُڏي سڀ ڪاھي،
لاڳاپا لاھي، کاڻا کُوري وچ ۾.
بيت - 19
پُري پتنگَ آئيا، سِري سهائي جَلَ،
ڪندا ڪنڌَ اُڇَل، مٿو ڏيندا مَچَ کي.
بيت - 20
پُري پتنگ آئيا، سِري سهائي ھيٺ،
ٿِيندا ڏيٺاري ڏيٺِ، مَٿو ڏيندا مَچ کي.
بيت - 21
پُري پتنگ آئيا، مٿي مَچَ مڙي.
ويندا تان نہ گهڙي، مٿو ڏيندا مَچ کي.
بيت - 22
پتنگن پَهُ ڪيو، مڙيا مٿي مَچَ،
پَسي لَهس نہ لِچيا، سَڙيا مٿي سَچَ،
سندا ڳِچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.
بيت - 23
چڙھيو چڪاسن چاءِ، آڳ ٻرندي آئيا،
وِھسن واڙيءَ ڦل جئن، محبتي مچ لاءِ،
آڻي پاڻُ اَڙاءِ، کڻي کوري وچ ۾.
بيت - 24
جي تَتو تَنُ تنُورَ جئَن، تہ ڇنڊي ساڻ ڇَمَاءَ،
آڻي آڳ ادب سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
بُرقعان اندر بازيون، پنھنجون سڀ پچاءَ،
لُڇڻُ لَئُن، لطيف چئي، پَڌرِ ھڏ مَ پاءِ،
متان لوڪ لَکاءِ، وصالانَ وچ پئي.
بيت - 25
اڃان تَنوُراءَ، ڪالهہ ڪڍياسون سڄڻين،
پڻ تايائون تڪڙو، وحدت جي وڌاءَ،
محبتين مٿانءَ، مچُ مورائين نہ لهي.
بيت - 26
پچائِي پَهاڻ، جن رساڻيو رُڪَ کي،
تنين سندو ڄاڻُ، آھي آڳڙين کي.
بيت - 27
ڌنءُ ڌنءُ ڌَمڻ وار، اڄ پڻ آڳڙين جي،
ٻاري مَچ مَجاز جو، اوتيائون اَڱارَ،
ڌوڌا! ٿيءُ مَ ڌارا جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪڻيون ٿئي.
بيت - 28
ڌُوڌا تون نہ ڌئين، آڳ اوڏو نہ وڃين،
اُلا جي عشق جا، سي تان تون نہ سهين،
اُڀو اِئين چَئِين، تہ آءُ آڳڙيو آھيان.
بيت - 29
سِرُ سانداڻ ڪري، پُڇج گَهرُ لهار جو،
ڌڪن ھيٺ ڌري، مانَ گڏينئي رُڪ سين.
بيت - 30
ڌَڪين ڌات پِيو، ھينئڙو لوہ سانداڻ جيئَن،
ورچي تان نہ ويو، سنڀاري کي سڄڻين.
بيت - 31
سَهي جيئَن سانداڻ، ڌڪن مٿي ڌَڪڙا،
وَهِ وڃايو پاڻ، ڏي ڏٻائون ڏڱرين.
بيت - 32
اِيءَ پَر اڱارن، ٻہ ڏاھين ٻرن جي،
ھڪ کُوري کانئِيا، ٻيو ڌُوڌي منجهہ ڌَڳن،
پاڻان لهارن، ميڙي رکيا مچ تي.
بيت - 33
ٻاريو اُجهائين، پرين اُجهايو ٻارين،
مون کي ٿا مارِين، لونهان لهارن جا.
بيت - 34
اڄ آڳڙيا آئيا، سُوڌا سِراڻي،
پياري پاڻي، تيغون ڪندا تکيون.
بيت - 35
اڄ آڳڙيا آئيا، سائو ڪي سُڄاڻ،
لاھيندا مورياڻَ، رُڪ ڪريندا پڌرو.
بيت - 36
ڪَٽ ڪڙھي، لوہ ٻري، ڌُوڌا جت ڌَڳن،
جُه مترڪن مُنهن ڪڍيا، سانداڻيون سهڪَنِ،
اَڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آھي مَچَ تي.
بيت - 37
چکِي مئي مَٽن جي، آيا آڳڙيا،
ڪڙي قاتل ڪوڏيا، ورنہ وناھيا،
هيءُ گهورن سين گهايا، پِيئڻ تا پري ٿيو.
بيت - 38
مَچ منجهين آہ، ٻهر ٻاڦ نہ نڪري،
چور تہ لڳي چاہ، کامندن خبر پوي.
بيت - 39
کاڻان تن کٽيو، اُجهائڻ اونداہ،
جن اندر ٻري باہ، سُڌ سڀڪا اُن کي.
بيت - 40
سَرھا ڏٺم سي، جن ساڃاءَ سراڻين سين،
تيغَ تنين جي کي، ڪٽ نہ لڳي ڪڏھين.
وائي - 1
جيءُ جياريو، جيءُ جيارو ڪينَ مُنهجڙو ھاريو،
پرين جيءَ پچار، سيڻن جيءَ سنڀار، جڏڙو جيءُ جياريو،
اُڃيو تن عميق مان، پرين پُوڄ پياريو،
مرض مريضن تان، اشاري ساڻُ اُتاريو،
ڪرمَ ڪريمن جي مونکي، اَھکيءَ مان اُڪاريو،
سنئون مُنهن ڪري سپرين، ائين نرمل نور نهاريو،
سائلن جئن سڏ ڪري، اَئين طالحن کي تنواريو.
فصل چوٿون
بيت - 1
ايڪ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نہ ڪري ايئَن،
لکيا جي نہ لِکڻ ۾، سي قرب رسندا ڪيئن؟
هُئڻ ڪيا هِيئن، وانجيا پَسُ وصال کان.
بيت - 2
ايڪ پيالو، ٻه ڄڻا عشق نہ اِيئَن ڪري،
آٽي سي ايڪ ٿيا جي گتا نينهن ڳري،
دوئي ڌار ڌري، جُه خُلت خنجر آئيو.
بيت - 3
ايڪ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نہ ڪري اڌ،
اي تان شاعر! سڌ، ڪيئي جا قوال سين.
بيت - 4
ايڪ پيالو، ٻھ ڄڻا، عشق نھ ڪري ات،
مائِين ڪين مياڻ ۾، ٻه ٽي تراريون تِت،
ايءَ پَر آھي اُتِ، جتي ناتو ناهِ ڪو.
بيت - 5
جيڏانهن قاتل ڪوڙ، اکيون اوڏانهين کڻي،
وَہُ تنين جي ووڙ، جنين سانگ نہ ساه جو.
بيت - 6
جيڏانهن قاتل ڪن، اکيون اوڏانهين کڻي،
مٿو ڪن نہ مُلھ، پِڪَ برابر پانهنجو.
بيت - 7
قاتل ڪمائي ڪري، وہُ ماکي جي ڪن،
وٽان ويهي تن، پيڄَ ڪِي پياليون.
بيت - 8
ھوندو ھَڏ مَ رک، لاءِ پياڪَن پانهنجو،
وٽي واٽاڙئن کي، پياري پرک،
سا لِکَ لهي ٿي لَکُ، جا تو ايندي اُنِ سين.
بيت - 9
ھوندو ھڏ مَ سنڌِ، لاءِ پياڪن پانهنجو،
پوڄ پيارج پَهيڙا، ويندا وٺيو ڪنڌ،
تہ ھَٽَ تنهنجي ھنڌ، موکي ڪو مانُ لهي.
بيت - 10
گَهٽَن ۽ گَهٽَڱَنَ، وٽيون پِيَنِ وِہ گاڏيُون،
بَدہ ساقي برخيز، پيار کَي پرين،
پِڪين نہ پرچن، مٽ تڪيائون منجهيان.
بيت - 11
آڻي اُتر واءَ، موکيءَ مٽ اُپٽيا.
متارا تنهين ساءَ، اچن سِرَ سنباھيو.
بيت - 12
آڻي اُتر ھيٺ، موکيءَ مٽَ لپٽيا،
گهوٽ گهرنئو نڱيا، لاڻا ٻڌي بيٺ،
متارا تنهن ميٺ، اچن سِرَ سنباھيو.
بيت - 13
موکيءَ مَٽَ اپٽيا، اڇا اڱڻ ڌار،
ايندا تو دربار، وِه پيئندا وٽيون.
بيت - 14
موکِي مَٽَ اُپٽيا، سويرا صبوحِ،
اُونچي جي عبداللطيف چئي، باسَ نہ پُهتي بُوءِ،
ڪڙو جي ڪڪُوہُ، تہ بہ وٽ سِرَ گهُرن وٽيون.
بيت - 15
موکي مَنڌُ پيار، اُونچو اُونچي مَٽَ مان،
ڏيندي ڏاتارن کي، وَٽَيءَ وجھ مَ وارَ،
سِرُ کڻي سَردار، اڱڻ تنھنجي آئيا.
بيت - 16
موکي متارن جا، ننڍا ڪيم نِهار،
ساماڻا سِري ڌڻي، اڇا اڱڻ ڌار،
ناڻو ڪيم نهار، سِرُ پڻ ڏيندا سٽ ۾.
بيت - 17
موکيءَ سندي مَٽَ ۾، سُري سَپُ پيو،
قَضا ڪَمُ ڪيو، ڪونهي ڏوه ڪلال جو.
بيت - 18
موکي سندي مٽ ۾، ڪو جو زَھَر ذرو،
پيئندي پوشيدن کي، پيو ڪونہ پرو،
مٿو مُهاين جو، ڪيو ڳَهرَ ڳرو،
ٿيڙن کيپ کرو، ڪنهن جنهن ڳهر ڳڱاٽيا.
بيت - 19
ڪو جو ويڻ ڪلال جو، پِتي تي پيونِ،
سَري ڪِينَ ڪيونِ، ويڻ موکيءَ جي ماريا.
بيت - 20
جو پَرُ پيتو سو آن، ھوءَ سَندو سَپن سارُ،
جي واسينگ وتن ويريئين، سي نہ وھيڻا مان،
انھي لڄ مران، جيئن اَڻ ھوندو ائين گُهرو.
بيت - 21
ماءُ متارا آئيا، سري جا سردار،
ماهَ مڙِني بسيهڙن جي، ھٽن پئي ھاڪار،
سڻي ايءَ تنوار، موکيءَ مَٽَ اُپٽيا.
بيت - 22
مُنهن وجهيو مَٽَن ۾، موکي اُڀي روءِ،
متارا مري ويا، اڱڻ اچي نہ ڪوءِ،
متارنئون پوءِ، مِٺا مَٽَ مِٽي ٿيا.
بيت - 23
ٻي گهُت ٻارھين آئيا، اڳي ڇين ماه اچن،
پيا لال لُڇن، ڪنهن ڪڙي ڪيفَ خماريا.
بيت - 24
وتن جي ويرين ۾، ڪارايل ڪارا،
وِه جي ويچارا، سڻي ڳالھ سڄي رھيا.
بيت - 25
سِسِيُون سَردارا، آڻيو رکن آڏيُون،
مَرو مَ متارا، اڏيءَ اوڏا مَ ٿيو.
بيت - 26
نڪي مَنڌُ مٽن ۾، نڪا جهوليءَ جَهانئن،
ڪڪُوہ ڪَڍان ڪن لاءِ، متارا گهر نانهن،
ويا ڪنهن ڏيهانءَ، ٻه ٽي لڳن ڏينهڙا.
بيت - 27
نہ سي اڱڻ آڳڙيا، نہ سا سٽَ سَري،
ڪٽورا قاتل جا، جن پيتا پَاڻ ڀري،
اٺئي پهر اُلٽيا، ڌرتيءَ سرِ ڌري،
ويئي اُجهامي اُن جي، بَٺي بس ڪري،
ساريو سُورَ چري، موکي متارن جا.
بيت - 28
وجهج واٽاڙئن تي، ميخاني جي ماڪَ،
ٿيندي سُڌ سڀڪنهين، ھنڌ ھنڌ پوندي ھاڪَ،
پَرہ جا پياڪَ، جُه سي اڱڻ آئيا.
بيت - 29
جُه سي اڱڻ آئيا، تہ سرو ڪندا سُڃَ،
سائي ٿيندي اُڃ، ھي پيتو ھو آڻِ ڪي.
بيت - 30
موکي چوکي نہ ٿئي، اصل اوڇي ذات،
وَٽيون ڏيئي وات، متارا تنھن ماريا.
بيت - 31
متارا مري ويا، موکي تون نہ مَرين،
ڪيهيءَ پرِ پرين، ڏُکيءَ ڏاتارن ري.
بيت - 32
متارا مري ويا، موکي پيئي مَرُ،
سي اڄ نہ آيا کنجڙي، سڃو ڪيائون سَرُ،
پياڪن پاسو ڪيو، گهوٽن ڇڏيو گهر،
تُنهنجو ڏوس ڏمر، ڪونہ سهندو اُن ري.
بيت - 33
سري ڪِين ڪيون، ويڻ موکيءَ جي ماريا،
ڪو ڪو ويڻ ڪَلال جو، پتي تي پيونِ،
تهان پوءِ ٿيون، مَرَڻ متارن سين.
بيت - 34
اڃا کوري ماڳ، مٽ، ڪُٽڪا، ڪَٽَ گهڻا،
لاھي ويھ مَ لاڳِ، موکي متارن سين.
بيت - 35
ڪنڌ ڪٽارو، مُنهن وٽي، عادت سندين ايءَ،
تنين تڪُون ڏنيون، جُنبي منجهان جيءَ،
سرو تن سڀئَي جن حاصل ڪيو حال کي.
بيت - 36
وٽِ سِرَ گهُرن وٽيوُن، در سِر ڪِين ڌڄن،
بدان، شين، بُش، اِي پيالو پرين،
اونچي جي عبداللطيف چئي، وٽِي وَڌِ گهرن،
پڪين نہ پرچن، مَٽَ تڪيائون منجهيان.
بيت - 37
موکيءَ مَٺو گهريا وِہ نہ وِھاٽيا،
سُرڪيءَ ڪاڻ، سَيَد چئي، اُتي ٿي آٽيا،
جي ڳالهن ڳنڱاٽيا، تن بَٺِن پاسي بُٺيون.
بيت - 38
سر ڏيئي سَٽِ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين،
ڪاتي ڪرٽ ڪپار ۾، خنجر آڻي کوڙ،
مرڻان مُنهن مَ موڙ، وَٽي ٿي وڌ لهي.
بيت - 39
وَٽ وٽ وٽيءَ ۾، مَٽ مَٽ مَنڌ ٻيو،
قدر ڪيف ڪمال جو، پياڪن پيو،
اچن دُرس دڪان تي، ڪنڌ قبول ڪيو،
سرھا سر ڏيو، چکن سُرڪ سيد چئي.
بيت - 40
آٽي ٿي اَڱارَ، کامي کردارن سين،
پَسين سي نہ ڀَتار، پُر پيتوءِ جن سين.
بيت - 41
ڪلالنئون ڪاءِ، متِ نہ سکين مُون ھينيان،
روئندي رات وھاءَ، چَڪائيندي بٺيون.
وائي - 1
لايا عشق پليتا، نينا يا روي،
اکيان دلبر دي،
اُٺڻ ٻَهڻ آرام نہ آوي،
من ھيان دل کس ليتا،
آکي احمد لال نماڻيان دي،
ڪيا گس لي ڪيتا.
وائي - 2
ڀلو ميان محبتي مٺا ماڻهو، الا،
پرين پرچن، جيءُ جياريو جن،
ريءَ سُرمي سهڻا پِرين، ڪجل ڪوہ وجهن،
ميرائي مارين مون تان جي پکڙجن.
وائي - 3
دوس پيھي در آيو، ٿيو ملڻ جو ساعيو،
ڏينھن پڄاڻون آئي اسانکي، موليٰ محب ملايو،
ويو وڇوڙو ٿيو ميلاپو، واحد واءُ ورايو،
ھو جنهين جو ڏس ڏوراڏو، اوڏو سو اَڄ آيو،
عبداللطيف چئي، اچي عجيبن، پاڻ فَضل فرمايو!
فصل پنجون
بيت - 1
قُرب ڪبرياءُ، ماءُ ملاقي نہ ٿئي،
پورو اِي پرياءُ، صوفيءَ جي صلح ۾.
بيت - 2
صوفي سالم سي ويا، جي اڪثر سين اَڏيار،
بازي بازندن کي، آھي اَويسار،
پَريان سين پهڪار، رنديءَ رساڻي ڪيا.
بيت - 3
صوفيءَ سير سڀن ۾، جيئن رڳن ۾ ساہ،
سا نہ ڪري ڳالهڙي، جيئن پوريون پروڙي پساہ،
آهِس اِيءُ گناہ، جي ڪا ڪري پڌري.
بيت - 4
ڏِني ڏکويا، اَڻ ڏني راضي ٿيا،
صوفي تي ٿيا، جئن ڪين کنيائُون پاڻ سين.
بيت - 5
صوفي لاڪوفي، ڪونہ ڀانئيس ڪير،
منجهيان ئي مَنجِھ وڙھي، پڌر ناھس پير،
جنين ساڻس وير، ٿئي تنين جو واھرو.
بيت - 6
صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تِهان پوءَ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.
بيت - 7
صوفي چائين، سَڌ ڪرين! صوفي اِيءَ نہ صلاح،
ڪاٽي رک ڪلاہ، اُڇلي وجھ آڳ ۾.
بيت - 8
جي ڪلاہ رکين ڪنڌ تي، تہ صوفي سالم ٿيءُ،
وہَ وٽي ھٿ ڪري، پُر پيالو پيءُ،
ھنڌ تنين جو ھيءُ، جن حاصل ڪيو حال کي.
بيت - 9
جُسي ۾ جَبار جو، خَفي خيمو کوڙ،
جَلي تون زبان سين، چارئي پهر چور،
فڪر سين فُرقان ۾، اِسم اعظم ڏور،
ٻيا در وڃي مَ ووڙ، اِيءُ اَمُلُ اِئائين سَپجي.
بيت - 10
عالم آئونءَ ساڻ، ڀَريو ٿو ڀير ڪري،
پاڻَ نہ آھي ڄاڻ، مانڊيءَ مَنڊُ پکيڙيو.
بيت - 11
طالبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، اِيءَ روميءَ جي رُوءِ،
جنين ڏٺي جُوءِ، تنين ڪڇيو ڪين ڪي.
بيت - 12
طالبُ ڪَثَرَ سونهن سَرُ، اَيءَ روميءَ جي راہ،
ماڙهُو اِتِ ڪِياءِ، مُنڊُ نہ پسين مَنڊيو.
بيت - 13
طالبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، روميءَ چيو آھي،
تاڙِي جي لاھي، تہ منجهين مشاھدو ٿئي.
بيت - 14
طالب ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، اِيءَ روميءَ جي رَھاڻ،
پهرين وڃائڻ پاڻ، پوءِ پسڻ پِرينءَ کي.
بيت - 15
طالبُ ڱَڀَرَ، سونھن سَرُ، اَيءَ روميءَ جي راحت،
جنين ڏٺي سَٿ، تنين ڪُڇيو ڪين ڪي.
بيت - 16
طالبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، اَيءَ روميءَ جي اوطاق،
جي ڀڄي درُ فراق، تہ منجهين مشاھدو ٿئي.
بيت - 17
ظاھر ۾ زاني، فڪر منجھ فنا ٿيا،
تنين کي تعليم جي، ڪُڙه اَندر ڪاني،
حرف حقاني، دَورُ ڪيائون دل ۾.
بيت - 18
جن کي دَور درد جو، سبق سُور پڙھن،
فڪر فَرھي ھٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن،
پَنو سو پڙھن، جنھن ۾ پسڻ پرينءَ کي.
بيت - 19
وسريوم سبق، پهرين سٽ نہ سنڀران،
اڃان ھيءُ ورق، ھَي! مُطالع نہ ٿئي.
بيت - 20
ڪيو مطالع مون، ھو جو ورق وصال جو،
تنهن ۾ تُون ئَي تون، ٻي لات نہ لحظي جيتري.
بيت - 21
سا سٽِ نہ سارين، اَلف جنهن جي اڳ ۾،
ناحق نهارينَ، پنا ٻيا پرينءَ لئہ.
بيت - 22
سا سٽ ساريائون، الف جنهن جي اڳ ۾،
“لامقصُودُ فِي الدارَينَ اَلا هُو”، ان پر اُتائون،
سَڳَر سوٺائون، ٿيا رسيلا رحمان سين.
بيت - 23
ٿيا رَسيلا رحمان سين، سڳر سونٺو جن،
منجهان تن جُسن، حرف نہ سُڄي ھيڪڙو.
بيت - 24
ٿيا رَسيلا رحمان سين، سَڳَر سونهِيِن جي،
آئيون تنين کي، واڌايون وصال جون.
بيت - 25
اکر پڙھي اَڀاڳيا، قاضي ٿئين ڪِيانءِ،
ڀيرئين ۽ ڀانئِين، ايڏان اِئن نہ آءُ،
ورق ورايئين وِترا، ملان مُٺيَئي ماءُ،
اَن سُرڪيءَ سندو ساءُ، پڇج عزازيل کي.
بيت - 26
عاشق عَزازيل، ٻيا مڙيئي سَڌڙيا،
منجهان سِڪَ سَبيل، لعنتي لال ٿيو.
بيت - 27
جو مون پڙھيو پاڻَ لئہ، سبق سابق جو،
پهرين سڃاتم پانهنجي نفس جو نِهو،
جِت عرفانُ اَصل ۾، ٿي روحن روز ڪيو،
وري ورق پيو، گڏيم وَڍُ وصال جو.
بيت - 28
جي مون پڙھيا پاڻ لئہ، سيئي سيل ٿيام،
واڳو ٿي وريام، اَکر اُھي اڳيان.
بيت - 29
اَکَرَ ڇُٽي ھيڪڙي، ٻَهُون جي نہ ٻُجهن،
ڪوہ ڪبو کي تن، سڄي سُڻائي ڳالهڙي.
بيت - 30
پڙھيو ٿا پڙھن، ڪَڙھن ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوہ چڙھن، جئن ورق ورائيِنِ وِترا.
بيت - 31
پڙھيا پڙھيجا، سبق انھيءَ سور جو،
ميم رڳتان من ۾، الف تنهن اڳيان،
چِتان چوريجا، اھا لات لطيف چئي.
بيت - 32
اَکر پڙہ اَلف جو، ورق سڀ وسار،
اَندر تون اُجار، پنا پڙھندين ڪيترا.
بيت - 33
ھارائج ھينئين ۾، الف سندي اوڙ،
تہ ڪتابن جي ڪَوڙ، منجهانئين معلوم ٿئي.
بيت - 34
ڪوڙ ڪتابن ۾، حرف مڙوئي ھيڪُ،
جي تون نظر نيڪ، تہ بسمِ الله ئِي بس ٿئي.
بيت - 35
اکر جو الف جو سو مَرندي سيئن مَ مَڃ،
سو ڪي ھينئين سَڃَ، جو الف کي اوڏو ٿئي.
بيت - 36
جو الف کان اوري ٿيو، الف اھوئي آه،
لوڪان تُون لِڪاءِ، تہ داخل ٿئين نہ دال سين.
بيت - 37
لوڪان نحو صرف، مون مطالع سپرين،
سوئي سو حرف، پڙھيو پڙھان من ۾.
بيت - 38
جئن جئن ورقَ وَارئِين، تئن تئن ڏٺو ڏوہ،
تنهن ڪَهِڻيءَ ڪبو ڪوھ، جي رهڻيءَ رهيو نہ سپرين.
بيت - 39
ڪاتِبَ لکين جيئن، لايو لام الف سين،
اسان سڄڻ تيئن، رھيو آھي روح ۾.
بيت - 40
ڪوہ ٿو ڪاڳر ڪورِئين، ويٺو وڃائين مس،
ڏورِ تيائين ڏسَ، اکر جيائين جُڙيا.
بيت - 41
ڪاتب جو لکن، سو متان ويڻ ورايئين،
جهڙيءَ تهڙيءَ ڳالھ کي، جمع جوڙيو ڪن،
حرف جي حساب جا، چيٺيو چتِ رکن،
سڄي کٻي سرَ کي، لکيو ڪاتبن،
ڪِراماً ڪاتِبين يَعلَمُونَ ما تفعلُونَ نالو نورانين،
تون پاڙوسي تن، جنين ويڻ نہ وسري.
بيت - 42
تهڙا چاليها نہ چاليهَ، جهڙو پسڻ پرينءَ جو،
ڪهڙي ڪاتب ڪرئين مٿي پنن پِيهَ،
جي ورق واريِن وِيه، تہ اکر اُھوئي ھيڪَڙو.
بيت - 43
اوريائين اوڄون ڪري، مُنجهايا مُلَن،
سي پرينيون پاسي ٿيا، ڳھ ڳھ ڳالهيون ڪن،
ساھان اوڏو سپرين، لوچيو تان نہ لهن،
دَمُ نہ سڃاڻن، دانُهون ڪن مُٺن جيئن.
بيت - 44
مُلئين مُٺِي ماءُ، جنهن پتو ڦِٽو پيٽ ۾،
سُڃاڻي االله، ٽُٻي ڏنائين ڌَوڙ ۾.
بيت - 45
شھر ڏسي سَرھو ٿئين، ڏٺيئي نہ بازار،
جو وَکر وکارن ۾، ڍڪيو ڪهڙي ڍار،
تَنَ تنين سين گهار، تہ لهئي لُک لطيف چئي.
بيت - 46
ھڪ جو اَکرو نگڙو، گُر تُسي جي ڏي،
تان انڌاري گهر ڏيوڙا، ڦِر ڦِر جوت ڪري.
بيت - 47
احد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق،
آھي مُستغرق، عالم انھيءَ ڳالھ ۾.
بيت - 48
تَنُ کُڏي مَنُ حُجرو، ڪَيمَ چاليها رک.
ڪوہ نہ پوڄيو پوڄئين، اَٺ ئي پهر اَلک،
تان تون پاڻُ پرک، سڀڪنهن ڏانهن سامهون،
بيت - 49
سڀڪنهن ڏانهن سامهون، ڪو ھنڌ خالي ناہ،
اَحداً جي آرک ٿيا، سي ڪانئر ڪبا ڪانه،
محب منجهين مَنَ مانه، مون اڄاڻنديءَ اُتجِهيو.
بيت - 50
ڪَنز قُدوري ڪافيا، جي پڙھي پروڙين سڀ،
تہ مَنڊِي ماڪوڙي کوہ ۾، پيئي ڪڇي اُڀ.
بيت - 51
ڪَنز قُدوري ڪافيا، ڪي ڪونہ پڙھيوم،
او پاڙو ئي ٻيو، جيان پرين لڌوم.
بيت - 52
ڪَنز قدوري ڇڏ، سٽون پڙھ ساڃاءَ جون،
ونءُ تنين جي سڏ، جنين سانگو ناھ ساھ جو.
بيت - 53
ڪوڙين ڪتاب جي پڙھين، جُزون جانڪي تان،
پَھتي ري پريان، سوڌي ساڃاءَ نھ ٿئي.
وائي - 1
وٺڙيو ھوتَ وڃن، وو جهليان پليان ھينئڙو نہ رھي،
آءُ جنين جي آھيان، ڪَڙي مَ ٿيان تن،
گهڻين ڀَتين گهوريان، سندڙي ٻاجھ ٻين،
مر مران مارين مون، پرزا پرزا ڪن،
آءُ مُيائي گهوري، جي مان محب ملن.
وائي - 2
وسارج مَ ويڻَ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا،
لُوٺيُون سَهن لوڪ جا، وھاڻيءَ ٿيون ويڻَ،
اصل آسارِيُنِ جا، سُتي ويَڙا سيڻ،
جيڏيون جي مان وِسَهو، ننڊ مَ ھيريو نيڻ،
راتڙيون جاڳن جي، سي آءٌ ڪندڙي سيڻ،
آڌيءَ رات اُٿي ڪري، جهل تون نِنڊان نيڻَ.
فصل ڇھون
بيت - 1
دائودي دَيوُنِ ڪري، رَنڪَن ڪونهي رنگ،
گهوڙيءَ ھيٺَ آينگُ، ڪاھيو پاکرئين ھڻي.
بيت - 2
دائودي دَيوُنِ ڪري، رَنڪَن ڪونهي چيت،
گهوڙيءَ ھيٺ سُچيت، ڪاھيو پاکرئين ھڻي.
بيت - 3
او قابيل اکين ۾، توکي باري بان،
اُڀو اڳرايون ڪرين، ماڳ ھڻيو مستان،
جانبَ تون زيان، اکين سين ايڏا ڪرين.
بيت - 4
او قابيل اکين ۾، توکي تکا تِيرَ،
ساجن انهيءَ سِيڱ سين، ڦٽيئہ گهڻا فقير،
ٻيو مَ مارج مِير، تنهنجو پهريون ئي پورو ٿيو.
بيت - 5
او قابيلَ اکين ۾، تيرَ تکا توکي،
ساجن انهيءَ سُور جي، ڪَل نہ آہ ڪنهن کي،
مارين ٿو مون کي، چاڙھي لوہ لطيف چئي.
بيت - 6
او قابيل اکين سين، تير چلايو تو،
ٻيو مَرُ ماري سو، جنهن جو پهريون پورو نہ ٿئي.
بيت - 7
جي ھو پائينِ ڪان ڪمان ۾، تہ سينو سپرَ رَک،
منهن ۾ معَشوقن جا، چاڪَ چُٽڪَا چک،
سوريءَ ڀانءِ مَ شڪ، عاشق ٿي تہ اُبهين.
بيت - 8
جي ھو پائِين ڪانُ ڪمان ۾، تہ سينوسپَرَ ڏيج،
منهن ۾ مَعشوقن جا، جهالو ٿي جهليج،
پاھان پَڳُ مَ ڏيڄ، عاشق ٿي تہ اُبَهِين.
بيت - 9
جي ھو پائِين ڪان ڪمان ۾، تہ نئي ڏج سينو،
ڪجي نہ ڪينو، وڃي در دوستن جي.
بيت - 10
پائي ڪان ڪَمان ۾، ميان مار مَ مون،
مون ۾ آھين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
بيت - 11
ڪيو ڇڏين ڪان، ھڏ نہ ھڻائين ٿا،
ٿئا جي نيشان، تہ پهرئين سان پورا ھئا.
بيت - 12
لوري جت لڳوم، اُت اُڀو ئي آھيان،
سورهيہ پرين سَندومِ، مانَ ٻاجهائي ٻيو ھڻي.
بيت - 13
محبت جي ميدانَ ۾، عاشق ٿيءُ آچامَ،
سَمُهان سَلَ سيد چئي، ڪندءِ تير تمام،
ڪج ڪوم ڪلام، جِمَ دوسنئون دور ٿئين.
بيت - 14
محبت جي ميدان ۾، اچي پير پيانِ،
سر وڍڻ ڌڙ ڌارَ ڌرڻ، اِي سينگار سَندان،
ڏيندا مون ڏِٺان، مٿان محبوبن لئہ.
بيت - 15
محبت جي ميدان ۾، ڪر پَڙاڏو پَٽُ،
سِر سُوريءَ ڌڙ ڪُنگرين، متان ڪُڇين ڪٽ،
عشق نانگ نِپٽُ، خبر کاڌن کي پئي.
بيت - 16
محبت جي ميدان ۾، سر جو سانگ مَ ڪر،
لاھي سر لطيف چئي، اڳيان دوستن ڌر،
عشق نانگ اَپر، خبر کاڌن کي پوي.
بيت - 17
محبت جي ميدان ۾، سر جو ڪر مَ سانگ،
سوريءَ سپيرين جي، چڙھ تہ ٿئين چانگ،
عشق آھي نانگ، خبر کاڌن کي پوي.
بيت - 18
محبت جي ميدان ۾، ڪُڏي پؤ ڪاھي،
ڇڏ اَسانگا ارواح جا، لاھوتي لاھي،
عشق نانگ آھي، خبر کاڌن کي پوي.
بيت - 19
عشق نہ آھي راند، تي ڪي ڪَنسِ ڳڀرو،
جيءَ جُسي ۽ جان جي، ڀڃي جو ھيڪاند،
سِسِي نيزي پاند، اُڇل تہ اڌ ٿئي.
وائي - 1
عشق تمام، برہ تمام، وو مئن لُوٺي يارَ لوڪو،
سيجَ سُتي نُون جَهپ نہ آوي، نيڻين ننڊ حرامُ،
راتيان جاڳڻ، صاحب سنڀالڻ، اي فقيران دا ڪام،
مَت عقل دي مُنجهہ گئي، آيا عشق اِمام.
ناز ڀريان دي چڱي لڪتي، موھي ساڏي مام!
فصل ستون
بيت - 1
عاشقن الله جي، محبت رکي مَنِ،
سندي سِڪ پرينِ، تَن ۾ آھي تِن جي.
بيت - 2
عاشقن االله جي، سدا وائي واتِ،
فَاذڪُروُني اَذڪُرڪُم، تنَ ۾ اھا تاتِ،
انھيءَ کان ڪنهن ساعت، سڄڻ ويل نہ وسري.
بيت - 3
عاشقن االله وير تار نہ وسري،
آہ ڪَريندي ساھ، ڪڏھن ويندن نڪري.
بيت - 4
عاشقن آرام، ڪڏھن تان ڪونہ ڪيو،
طعني ڪيا تمام، حبيباڻي ھيڪڙي.
بيت - 5
عاشقَ اِئن نہ هُونَ، جئَن تون سڄي انگرين،
وڃي در دوستن جي، رتُ ڏھاڻي رون،
ٻيءَ پر ڪنهين نہ پون، ماڪَرِ محبوبن سين.
بيت - 6
جان عاشق مٿي رت، تان دعويٰ ڪري مَ نِينهن جي،
سائو مُنهن، سُونهن گئي، سِڪَڻ اَيءُ شرط،
نڪي گوڏِ گَرٿُ، مٿا سِرَ سؤدا ڪري.
بيت - 7
اَڃا تو منجهان، ڪَک ڇُتي رت نڪري،
منهن ۾ معشوقن جا، ڪئَن جهلندين گهاءَ؟
سو تون ڪڄاڙياءَ سڪڻَ جون سڌون ڪرين.
بيت - 8
سڪ نہ آھي سُٿَري، کڻ پروڙي پير،
ڪُسڻ ڌاران ڪير، ڪري سَڌَ سِڪڻ جي.
بيت - 9
سِڪڻ اِئين نہ سَڌ جئَن لِڪيو لياڪا پائئين،
پَئي پريان جي نہ ٿئين، مٿي اڱڻ اَڌَ؟
ايءَ پڻ ڪوڙِي سڌ، جئَن کِليو کايو سمهين.
بيت - 10
سڪڻ ۽ سوري، ٻئي اَکر ھيڪڙي،
وھڻ واٽڙين تي، ڪارڻ ضروري،
ٻنهي جي پُوري، جيءَ ڏني ريءَ نہ جڙي.
بيت - 11
جيڪي سڪڻ سک، ناتَ پَس سِڪندئين،
پاسي تنين مَ لِڪ، نِينهن نہ سڃاڻن جي.
بيت - 12
جان جان سي نہ لِتاءِ، جي لياڪا لوڪ جا،
تان تان ٿئي نہ ماءِ، پورو پسڻ پرينءَ سين.
بيت - 13
عاشق معشوقن جي، وٺي ويهہ ڳري،
جم ورچي ڇڏئين، سندي دوست دَري،
ڏَيندا ٻُڪي ٻاجهہ جي، ويندءِ ٺَپَ ٺري،
اسان تان نہ سَري، تو ڪئن سَرِي سپرين.
بيت - 14
عاشق معشوقن جو، وٺي ويهج سير،
اچي پڇندءِ پاڻهين، پرين ڀري پير،
ڀلائيءَ سندو ڀير، رھبر ٿيندءِ راہ ۾.
بيت - 15
عاشق معشوقن جو، وٺي ويهج در،
اچي پڇندءِ سپرين، لهندءِ سار سُڀر،
ڀلائيءَ جو ڀَر، رھبر ٿيندءِ راہ ۾.
بيت - 16
عاشق معشوقن جو، وٺي ويه دُڪاڻ،
پَئجِ پيش پَرينِ جي، پٽيءَ وجهي پاڻ،
تہ تون تنين ساڻ، سدا رھين سرخرو.
بيت - 17
عاشقُ معشوقن جو، وٺي ويهج گَهٽ،
جَمَ وَرچي ڇڏئين موکيءَ سندو مَٽ،
ڪري سر جي سَٽ، پيج ڪي پياليون.
بيت - 18
عاشق معشوقن جو، وٺي ويهج رَندُ،
پياريندءِ پاڻهين، ميخاني جو مَنڍ،
ڪئن ڪڍندين ڪنڌ، اوڏو ٿِي اُن کي.
وائي - 1
سپيريان جي سونهن جي، ڳالهہ ڪين وڃي،
وڃي در دوستن جي، سوريءَ سِرُ ھَڄي،
عاشقَ انگن چڙھيا، ٻيو سڀڪو ڀَڄي،
پڇج پوءِ پريتڻون، پهرين سر سڃي،
عاقل ئي اوڇُون ٿيا، ڀورو ڪِين ڀڃي.
فصل اٺون
بيت - 1
ھَر ھَر ھَرائي. وڃڻ در دوستن جي،
پاڙي ڏانھن پرينِ جي، اُڄ مَ اوائي،
اَلڙ ٿي آڇ مَ تون، واٽاڙن وائي،
ڳجهو ڳالهائي، پرت وَٽجي پاڻ ۾.
بيت - 2
جان جان ناہ ضرور، تان تان طبيب ناہ ڪو،
جه سو سريو سُور، تہ ڪَرَ ويڄ وَرِ پيو.
بيت - 3
سُور جن کي سَريو، سَري تن صحت،
مِٺي مصيبت، آھي عاشقن کي.
بيت - 4
سَيئي سور طبيب، جنين سُور سَڃ ڪي،
جو لکيو هُت، لطيف چئي، سوئي ڪن قريبَ،
جي نَوازيا نصيب، دارونءَ سي درست ڪيا.
بيت - 5
جنهن سَرَ سندو نور، جيڏانهن سو سُونهون ٿئي،
تيلانهن لڀن سپرين، ڳالهہ لهجي مور.
بيت - 6
جي پياري پاڻ، تہ ڪَرَ ھو ٿي پاڻي پيئينِ،
آڳي اِنَ نِياڻ، آڻ ڪوٺيو ڪونہ گهڙي.
بيت - 7
آڻَ ڪي عَيان نہ ٿئي، ڪي پروڙي ڪَونہ،
سچي جيهي سونَ، منهن نہ پيئي ماڙھوئين.
بيت - 8
آڻَ ڪي عيان نہ ٿئي، ڪي پروڙي ڪونَ،
سا سونهين ٿئي سون، امر عطا جنهنجو.
بيت - 9
جيڪي ڏنائون، سو مان ڳُڻ ڳنڍِ ٿيو،
مون کي پڇيائون، ٺوڪي انهيءَ ٺوڪ سان.
بيت - 10
جيڪي ڏنائون سو سر ڏيئي سَه ڄندڙا،
مَ چَو ڇِنائون، ايءُ پڻ ڳنڍيو سڄڻين.
بيت - 11
جيڪي ڏَنائون سو سڀوئي صحت،
مَ چوء آزار اُن کي، مَ ڪي مصيبت،
ڪُهڻ قريبت، جُه ڪوٺڻ ڀر پرينءَ جي.
بيت - 12
ڇنن توءِ مَ ڇن، پاءِ اميري اُن سِين،
جي ھو اوڳڻ ڪنئي، اسونهين تہ تون ڳڻان ئي ڳن،
پاندُ جهليو تونُ پِنُ، ھن سونهاري سڱ ۾.
بيت - 13
نمي کَمِي نهار تُون، ڏَمر پاسو ڏُکُ،
مَنجهان صَبرُ سُک، جي سَنوارئا سمجهين.
بيت - 14
نمي کمي نهار تون، ڏَمر ڏولائو،
ٿيئي ساڃائو، جي اُڀئين انھيءَ پير تي.
بيت - 15
ڏمر پاسو ڏک سين، کاند کٿوري ھوءِ،
“واالله مَعَ الصابرين” آگون اَيهين چوءِ،
بيت - 16
کَمُ کمندن کٽيو، ھارايو ھوڙنِ،
چکيو نہ چوندن، ھو جو ساءُ صبر جو.
بيت - 17
کمندڙن گهر کين، چوندڙ چڱا نہ ٿيا،
ويڻنئون ويڌُ پئي، ھٿ نہ اچي ڪي.
بيت - 18
هُو چونئي تون مَ چوء، واتان ورائي،
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪين ڪي.
بيت - 19
هُو چونئي تون مَ چوء، واتان ورائي ويڻ،
سڀني سين، سيد چئي، من ماري ڪر ميڻ،
کاند وڏيائي کيڻ، ڪيني منجهان ڪين ٿئي.
بيت - 20
ڪِنينَ ڪِينَ پرائيو، ڪيني منجهان ڪين،
جي ھوءِ سٽاڻي سيڱ، تہ زِہ ڇِني جوکو ٿئي.
بيت - 21
سڻي ويڻَ ڪَنَنَ سين، وَرائج مَ وري،
ھاديءَ جي ھدايت جي، آھي اِيءَ ڳَري،
جنهين ساہ سَري، تن ماريو نفس ماٺ سين.
بيت - 22
چوندِن ڪيمَ چئيج، ويڻ ورائي سامهون،
ڪا متِ قيمت جهڙي، روز ڏَمر کي ڏيج،
ويڻ مَ ورائيج، تہ سڀ درِ سُهاڳي ٿئين.
بيت - 23
اڻ چوندن ڪيم چوء، چوندَن چيو وسار،
اٺئي پَهر ادب سين، پَرِ اِھائي پار،
پايو مُنهن مونن ۾، غربت ساڻ گذار،
مُفتي منجهہ وھار، تہ قاضيءَ ڪاڻيارو نہ ٿئين.
بيت - 24
ڪِيئن مائيندا من ۾، خودي ۽ خُداءِ،
ٻن ترارين جاءِ، ڪا آھي ھڪ مياڻ ۾!
بيت - 25
تُند مٽاِ ڪٽاءِ، ٻوڏ چونئي جي چوء،
جي ڀانئين پرينءَ مِڙان، تہ ڏوھنئون ڳڻَ ڀانءِ.
بيت - 26
جنين سنديءَ جيءَ ۾، ڀَتون ڀَتين ٻوڏ،
ڪهڙا ڪرين ڪوڏ، ھينئڙا پسي تن کي.
بيت - 27
جنين سنديءَ ٻوڏ ۾، ڀتون ڀتين جيءَ،
تون تنين سين پيءُ، اوڏا اوڏي پکڙا.
بيت - 28
ويٺي جنين وٽ، ڏُکندو ڏاڍو ٿئي،
سا مجلس ئي مَٽِ، جي حاصل ھوءِ ھزار جو،
وائي - 1
يار سڄڻ جي فراق، ڙي جيڏيون، آئون ماري!
در دوسَن جي ڪيئن جو ھوندا، مون جيھا مشتاق،
جاٿي ڪاٿي محبوبن جي، آھہ حسن جي ھاڪ،
سُرمو سھي ڪر اکين جو، خاص پرين جي خاڪ،
عبداللطيف چئي، پرين اسانجو، ھميشہ حسناڪ!
بيت - 29
ويٺي جنين وٽ، ڏُکندو ڏور ٿئي،
تون تنين سين ڪٽِ، اوڏا اَڏي پکڙا.
وائي - 2
دل رانجهي دي نال لوڪو،
مَن رانجهي دي نال لوڪو
مين رانجهن دي، رانجهن ميڏا،
ٻيو سڀ ڪُوڙو ٿوڪو،
محبت جي ميدان ۾، سُر وڍي ڪوڪو.
وائي - 3
بي حجابانہ در آ از در کاشانہء ما،
کہ کسي نيست بجز درد تو در خانہء ما،
فتنہ انگيز مشو کاکل مشکين مکشاء،
تاب زنجير ندارد دل ديوانہء ما.
شڪر االله کہ نہ مرديم رسيديم بدوست،
آفرين باد برين ھمت مردانہء ما،
گر نکير آيد و منکر کہ خداوند تو کيست،
گويم آن کس کہ ربودہ دل ديوانہء ما،
مخفي از شمع تجلي جلالش ميسوخت،
دوست ميگفت زھي مستي پروانہء ما.
سر کنڀات
فصل پھريون
بيت - 1
ڀَلائي آھينِ، پِريِن ڀَلائيءَ پانھنجي،
سَٻاجها سِر چڙهيو ڏوراپو نہ ڏينِ،
مان ڏي مديون ٿين، سڄڻ سَڄاينِ ۾.
بيت - 2
پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي، ڀلائيءَ جا ڀيرَ،
اڱڻ اُڪنڍين جي، ڏي پاٻوھي پيرَ،
حمرُ پاڙي ڪيرَ، شمس سپيرين سين.
بيت - 3
تون چنڊ اُھوئي، جو هُت پَسين ٿو پرينءَ کي،
آڏت چئج اُن کي، ڏيانءَ جو روئي،
ھيڪانديءَ ھوئي، سانگُ مَ پوي سڄڻين.
بيت - 4
ھيڪانديءَ ھوئي، پرين پاڻان ھليا،
ڪبوڪُهہ روئي، صُبح پوندو سانگ سڀ ڪنهين.
بيت - 5
مرھيڪاندا ھون پرين، سانگِ مَ وڃن سيڻَ،
رھيا آھن رَوح ۾، نِت جنين جا نيڻ،
وماسيا جن ويڻ،ٿو تاريءَ تڳي تن ھينِيون.
بيت - 6
راتَ سهائي، ڀُون سنئين، پٽين وڏو پنڌ،
ھلندي حبيبن ڏي،ڪرھا موڙ مَ ڪنڌُ،
ٻَنڌڻ سوئي ٻنڌ، جو پهچائي پرينَ کي.
بيت - 7
رات سهائي، ڀُون سنئين، ڀائي گهرجي ڀَلُ،
اَهُرَ ۾ ايلاچيون، چندن چَري چلُ،
مون توئي سين ڳالهڙي،ٻئي ڪنهين مَ سَلُ،
ھاهُرَ ڪندو ھَلُ، تہ کِجايون کَرن کي.
بيت - 8
رات سهائي، ڀُون سنئين، پرتِ نئين، پنڍُ پُور،
مَيا محبوبن جي، ھلي وانءُ حضور،
جي چڻڱنَ چِتَ ۾، سي ڪئَن سڄَڻ ڏور،
الله لڳ اَسُور، اُڏائين ٿي آءُ تون.
بيت - 9
رات سهائي، ڀُون سنئين، پرت نئين، پنڌ پَس،
مَيا محبوبن ڏي، وڃڻ ڪجي وس،
راتين ۾ رَسُ، تہ خبر کَرن کي نہ پوي.
بيت - 10
اڄ پڻ اَڇائي، چوڏھينءَ ماه چنڊ جي،
مون گهر مون پرين جي، اچڻ جي وائي،
مون گهر واڌائي، پيئي کامَ کرن ۾.
بيت - 11
اڄ پڻ اماڙو، چوڏھينءَ ماہ چنڊ جو،
مون گهر مون پرين جي، اچڻ جو وارو،
سڄڻُ سوڀارو،ڀيڄَ ڀَنيءَ گهر آئيو.
بيت - 12
چوڏھِينءَ چنڊ نہ اُڀريو، اوڻٽيهَ پَسي نہ عامَ،
مٿس ناہ مَلامَ، جيڪي پڇين پڇ سو.
بيت - 13
چوڏھينءَ چنڊ اُڀرين، سهسين ڪرين سينگار،
پَلڪ پَريان جي نہ پَڙين، جي حيلن ڪرين ھزار،
جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دمُ دوست جو.
بيت - 14
سهسين سِڄَن اُڀري، چوراسي چَنڊن،
باالله ري پرين، سڀ اونداھي ڀانئيان.
بيت - 15
چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان نہ پرين سين،
تون اَڇو ۾ رات، سڄڻَ نِتُ سوجهرا.
بيت - 16
چنڊ تُنهنجي ذات، سڀ مڙھايان سونَ سين،
آھين پرين پنڌ ۾، ڳڻ سڄيائي راتِ،
اچن جنهن ساعَتِ، پوءَ لهي وڃ لطيف چئي.
بيت - 17
چنڊ چٽائي تنهنجي سُهائيءَ ۾ سُورُ،
لايا مون لال لڱن کي، چندن ڀري ٻُور،
ڪُوماڻوڪپور، مون واجهائيندين پرينءَ کي.
بيت - 18
چَنڊ کي چورائي، ڇَپَر نيئي نہ ڍڪي،
اونداھي آھي، اَجهو عاشقنِ جو.
بيت - 19
چَنڊَ مَ آءُ چڙھي، سگهو ڪر مَ سوجهرو،
اسان پرين پاڻ ۾، گهارَڻُ ڏج گَهڙَي،
تون پڻ ھُوند سڙي، جي پلڪَ پانهيرو اُڀرين.
بيت - 20
چنڊ لڳنئي مَنڊَ، سنجهيئي سيخ ٿِئين،
ڪر اونداھي انڌ، تہ مَلان محبوبن کي.
بيت - 21
چنڊ چوانءَ حق، جي وِڙھين جي وِچڙين،
ٻہ اکيون ٽيون نڪ، تو ۾ ناھہ پيشاني پرين جي.
بيت - 22
چيو تاري جو ڪري، آيو چنڊ چڙھي،
بيٺو اُتِ اڙي، پسي پيشاني پرينَ جي.
بيت - 23
چَنڊ چوانءَ سچ، جي مٺين نہ ڀانئين،
ڪڏھن اڀرين سنهڙو،ڪڏھن اُڀرين ڳچ،
مُنهن ۾ ٻريئي مَچ، سو پدم پريان تي پير ۾.
بيت - 24
کڻي نيڻ خمار مان، ناز ڪيائون نظر،
سُورج شاخُون جهَڪيون، ڪوماڻو قمر،
تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،
جهَڪو ٿيو جوھر، جانب جي جمال سين.
بيت - 25
اونداھيءَ اڌ رات ۾، پرينءَ پَسايو پاڻ،
چنڊُ ڪَتين ساڻ، پيهي ويو پڙلاءَ ۾.
بيت - 26
تارا ٻَيليءَ روءَ، لُڌا لالن اُڀرين،
جهڙو تون صبوح، تهڙي صافي سڄڻين.
بيت - 27
توڏانهن گهڻو نهاريان، تارا تيلاھين،
سڄڻ جيڏاھين، تون تيڏاھين اُڀرين.
بيت - 28
هُن تاري، هُن ھنڌ، هُت منهنجا سپرين،
سڄڻ ماکيءَ منڍ،ڪؤڙا ٿين نہ ڪڏھين.
بيت - 29
هُن تاري، هُن ھيٺ، هُت منهنجا سپرين،
سڄڻ ماکيءَ ميٺِ،ڪؤڙا ٿين نہ ڪڏھين.
بيت - 30
هُن تاري، هُن جاءَ، هُت منهنجا سپرين،
سڄڻ ماکيءَ ساءَ، ڪؤڙا ٿين نہ ڪڏھين.
بيت - 31
ڪي ڪي ڪَتيُون تن ۾، تارا مڙ تارا،
سڄڻ سوڀارا، مُون تان گهڻو نهاريا.
بيت - 32
تارا تراريُون، نيزا نيڻ پرين جا،
ھڻن مُنهن پاريُون، سانگو ڪن نہ سرَ جو.
بيت - 33
تارا، تر تِرو ڪريون، مٿن ڦُلڙيون،
کوءَ سي راتڙيون، جي مون پرينءَ پڄاڻا پيئيون.
وائي - 1
وَھلي وَنءُ مَ وھامِي، رھ رات، رائينديس پرينءَ کي.
شمع ٿينديس شب ۾، ان خوشيءَ کان کامي،
بابُوئَن سندي باھ جئَن، ٻران شال اُجهامِي!
پرت جا پيتم جي سا ڪين پروڙي عامِي،
مون کي مون پرينءَ جو، آهي درد دوامِي،
آھِيان يار سيد جو ڪانہ رھي ڪا خامي،
هُوءَ جو لَنئون، لطيف چئي، مون کي آھي مدامي،
روشن ٿيا رڃن ۾، جي ھئان لَنؤُ انهيءَ لامِي،
ھيڪاندي ٿينديس ھوت سين، آڌيءَ رات اُڌامي،
ڪاري سا قيام سنئين، ھوت جنھن جو حامِي،
آيم تنھن لوڪ سان، جي سين مان چونِ سامِي.
وائي - 2
جيڏيون ھيءُ ضرور، آيل ڪيئن رھندي پرينءَ ري،
سَگهو ساعت نہ تَندڙو، اٺ ئي پهر مَلُور،
من ۾ مشتاقن جي، ساجن تنهنجو سور،
پيرين آءٌ نہ پُڄڻي،ڏيهُ پريان جو ڏور،
وڃي ويل سڀ ڪنهين، ھينئڙو پرينءَ حضور.
وائي - 3
اڱڻ آيا پيهي، يا الا! مون ساريندي سپرين،
مُشڪ، عَطر مون پرين، سِڪيَس ڄم سڀيئي،
تن جنين جو طالبو، روح تنين سين ريهي،
ساجن سنديءَ سونهن جي، آءٌ ڳالهہ ڪريان ڪيهي؟
ٿيو لطف، لطيف چئي، دوس آيو درِ پيهي.
فصل ٻيون
بيت - 1
ناسيندي نگاہ، پهرين ڪج پرين ڏي،
احَوال عاجزن جا، آکج لڳ الله،
روز نهارين راہ، اکيون اوھان جي آسري.
بيت - 2
ناسيندي نظر، پهرين ڪج پرينءَ ڏي،
قمَرڪهج قريب کي، نست ۽ نِٻرُ،
ٻيو ڀروسو نہ ڀر، اکيون اوھان جي آسري.
بيت - 3
ناسيندي نَرت، پهرين ڪج پرينءَ ڏي،
قمَرڪهج قريب کي، ساري ساڻ سُرت،
ٻيو ڀروسو نہ ڀتِ، اکيون اوھان جي آسري.
بيت - 4
ناسيندي نهار، پهرين ڪج پرينءَ ڏي،
آءُ جي ڏيانءَ سنيھا، چئج چنڊ اَپار،
ساڄن سڀ ڄمار، اکيون اوھان جي آسري.
بيت - 5
چڱا چنڊ چئيج، سنيها کي سڄڻين،
اڱڻ مٿان اُڀري، پريان جي پئيج،
جهيڻوڳالهائيج، پيرين وجهي ھَٿڙا.
بيت - 6
آءٌ جي ڏيئين سنيها، سي تون چنڊ پلئہ ٻَنڌُ،
چئج حال حبيب کي، نيئي نِوڙائي ڪنڌ،
تو تيڏانهين پنڌ، جيڏانهن عالم آسرو.
بيت - 7
اُڀر چنڊ، پَس پرين، تو اوڏا مون ڏور،
سڄڻ سُتا وَلهہ ۾، چوٽا ڀري ڪپور،
پيرين آءٌ نہ پُڄڻي،ٻاٻُل ڏئي نہ ٻُورُ،
جنهن تي چڙھي آسُورِ، سڄڻ سنجهي سِيٽيان.
بيت - 8
جيها اَڇا چنڊ، تيها اڇا مان پرين،
اڱڻ مٿي اُڀري، کِڙين مٿي کنڊ،
سڄڻ جي اُڪنڊ، آءٌ توڏانهن گهڻو نهاريان.
بيت - 9
آءٌ اُڪنڊيائي مران، پرين ڀلا پر ڙُور،
ٻاٻلُ ڏئي نہ ٻُور، پنڌ نہ جوڳي ٻي ري.
بيت - 10
ڌڻي ڪريندين ڪڏھين، حياتيءَ ھيڪاند،
من ۾ مشتاقن جي، ڪي رنجائي راند،
پرين ڏيساندر پاندِ، ڳجهہ ڳرھيان ڪن سين؟
بيت - 11
ھنئڙي سڄڻ ساريا، ڪٿي ھوندم ھيرَ،
اچي لالنِ نہ ڏئين، مٿي پلنگن پيرَ،
ٿي وِرونهڻ ويرَ، ڳجهہ ڳرھيان ڪنِ سين؟
بيت - 12
وڏپڻ ۽ واءُ، ڪرھي کاڏو کوڙيو،
کوءَ،ٻَن، پلاڻيان، اولاڻيو نہ اُٿيي.
بيت - 13
پَلاڻيان پيو، اولاڻيو نہ اُٿي،
جيڏانهن وَڳُ ويو، اُڀو ترسي اوڏھين.
بيت - 14
مُون جنين لاءَ، ڪيا چاڙِي ڪا نيڻين،
سٻاجهي سيڻين،ڪري ڳُڻَ ڳهيو ھنيون.
بيت - 15
چندن جا چُوپا ڪري، چري نہ مصريءَ سَنگ،
انگين مٿي انگ، مئِي کي محبوب جا.
بيت - 16
ڪَرھو نہ ڪي ڪان پيرين آءٌ نہ پڄڻي،
جو مون رات رساڻي، نيئي ساڄن ساڻ،
مون نہ وھيڻو پاڻ، ويٺي نيڻ نِچوئيان.
بيت - 17
ڪرھا ڪَسر ڇڏ، وکون وجہ وڌنديون،
ھيڪر حبيبن سان، مونکي نيئي گڏ،
مڇڻ پونئي ھڏ، آھون اُڪنڊين جون.
بيت - 18
ڪرھا ڪسر ڇڏ، وک وڌندي پاءَ،
منهنجو ھلڻ اُتهين، جتي جانب جاءَ،
توکي چندن چاريان، ٻيو وَڳُ لاڻي کاءَ،
اِئين اُٺ اُٺاءَ، جيئن ھونديءَ رات ھت مِڙان.
بيت - 19
ڪَسرڇڏ ڪَنواٽ، وکون وجهہ وڌنديون،
سنئين سپيرين جي، وِنگي ڀانءَ مَ واٽ،
ڇڏ جهوري، ڏي جهاٽ، تہ ھونديءَ رات هُت مڙون.
بيت - 20
ڪرھا ڪُرُ سڃاڻ، پيئڪو ۽ پانهنجو،
اصل آھي اوھان جو، ناليرو نِڌاڻ،
ڪرھا اسان ساڻ،ڪي چانگا ڪج چڱائيون.
بيت - 21
آڻي ٻڌم وڻ جاءَ، مان مُکريون چَري،
ڪُڌا تورو ڪرھو، لِڪيو لاڻي کاءَ،
اَنَ مَئي سندين ماءَ، مون کي ڳالهڙين ڳوڙھا ڪيا.
بيت - 22
ميا مڃ منٿ، اڄ منهنجي ڪَرَھا،
جهاڳيندي جَر پُٽيون، متان ڪَرين ڪَٿَ،
سُپيريان جي سَٿ، مون کي نيئي ميڙئين.
بيت - 23
ڳل ڳانا ياقوت جا، موتين ڳُتيس مال،
ڪَديفي جا ڪَرھا، ھيدي پايئين حال،
چندنُ چاريئين جالَ، جي مون رات رساڻئين.
بيت - 24
ڳلَ ڳانا ياقوت جا، موتي منجهہ مَهار،
چانگا چندن چاريئَين، اٺئي پهر اَپار،
سنديءَ پِيءَ پَچار، جي مون رات رساڻئين.
بيت - 25
مَيا تو مُهارَ، سڄي پايان سونَ جي،
چاريان چندن چوٽيون، نايو مينديءَ ڏارَ،
سندي پيءَ پچار، جي مون رات رساڻئين.
بيت - 26
اُٺ نہ وڃي وڳَ سين، چري نہ لاڻو،
مَئي کي مجاز جو، ٿُوھي ۾ ٿاڻو،
ڀَٽاري ڀاڻو، مرندي سينءَ نہ مٽيو.
بيت - 27
اُٺُ نہ وڃي وَڳَ سين، ٻَڌو چَري نہ ٻُورُ،
مَيي کي مجاز جو، ڪُڙُھہ اندر ڪو سُورُ،
سوڪو پرايائين پُور، سُڪي جيئن ساڻو ٿيو.
بيت - 28
اُٺ نہ وڃي وَڳَ سين، چري نہ چانگو،
لڳيس نائُڪَ نينهن جي، نهوڙيو نانگو،
ڇڏي سَرَ سانگو، رِڙھي رَند پرين جي.
بيت - 29
ويهي مَنجهہ ھين وڳَ، کٿوريءَ ڏارَ چري،
ماءَ منهنجي ڪرھي پڌر پَڳَ نہ لڳَ،
جڳَ سين جهڙو جَڳَ، ھنئين سين ھُتِ چَري.
بيت - 30
ڀُورُ نہ چَري نہ ٻُورُ،ڇڏيو تُورتڪون ڪري،
مُونين ھڻي موٽيو،ڪرھو رات ڪپورُ،
ميوٿيو معمورُ، چندنُ چَکي آئيو.
بيت - 31
اڄ نہ اڳينءَ ڍارَ،ڪرھو جيئن ڪالهہ ھو.
اڱڻ آيو نہ ڪري، پاھوڙيءَ پچارَ،
جيڪس منجهہ قطار، ڪا وَل چنائين وِھہ جي.
بيت - 32
مئي ماڪائي، وڌو واتُ وَلين کي،
خبرٿي کيٽَ ڌڻين کي، وِڏوڙا واھي،
ڪرھي ڪاڪَتَ ڇڏي، وريس نہ وائي،
چانگي چَريائي، ويئي ويچاري وسري.
بيت - 33
مَٺيون لهي مُهاءَ، جي تو چانگا چنيون،
ولڙيون وَهہَ ساءَ، اڃا تو مُهنديون.
بيت - 34
ڪرھو سَرھو نہ ٿئي، چانگو تا نہ چري،
لايو لنئون لطيف چئي، ابتو ماڳ مري،
نظر نينهن ڌري، پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي.
بيت - 35
پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي، چانگ رکيو چَت،
نيٺ ڇنايو نَت، اُڀو اوڏانهين آسري.
بيت - 36
وَٽيءَ سيٽَ سُوَٽَ، پاءَ پنهنجي ڪرھي،
وليون واسَ ورنيون، پهريون مٿي پَٽَ،
چانگي چَکي چَٽَ، تہ پوءَ نہ رھندو پئد ري.
بيت - 37
لکن سئين چَرن، ڪرھا ڪنگوءَ ريٽ تي،
ٿيئان ويسرن ھت نہ آيو ھيڪڙو
ڪي جو ڪيڏانهين، چانگو چَکي آئيو،
ٻاڻيو تيڏانهين، نيٽَ ڇَنايو نڪري.
بيت - 39
نيٽَ ڇنائي نَت،ڪرھو ڪنگوءَ ريٽ تي،
چانگي رکيو چت، پرمل جي پساھہ تي.
بيت - 40
ڪرھي کي ڪئين، وڌم پئد پلڻ جا،
ليڙو لاڻيءَ کي چَري، نيئَر ساڻ نئين،
چانگي سندي چَت ۾، صاحبَ وجهہ سنئين،
اويا ھيوس آئين، لطف ساڻ لطيف چئي.
بيت - 41
ڪَرھا توکي ڪامَ، مون سچو پَسي سڃي،
مانَ پروڙي مامَ، ساڱاھي سنئينءَ وھين.
بيت - 42
ڪامون سهہ مَ ڪرھا، بانٺا سهہ مَ بٽ،
الله لڳ عنايت چئي، ھورين ھل مَ اٺ،
نہ پرين پرچائي اٺ، جن وڏوڙي ورھہ ٿيا.
بيت - 43
ڪامون سهہ مَ ڪرھا، بانٺا ڪيمَ هڻاءَ،
الله لڳ عنايت چئي، وک وڌندي پاءَ،
پرينءَ سين پرچاءَ، جن وڏوڙي ورھہ ٿيا.
بيت - 44
کيڀا تڙي تڙ وري، اُڀي تڙ واجهاءَ،
مان اَچَهون ڪاءَ، سُواڌائي سڄڻين.
بيت - 45
چانگي چَئي چُکياس، مٿان اَڪ نہ اُلهي
جنهن وَل گهڻا وھاٽيا، ان سين آز لڳياس،
چوڌاري چندن وڻَ، پَچي پُوڄَ پياس،
رئاري رت ڪياس، هَن ڱُڍاٻُوريڪرھي.
بيت - 46
چندن چکي آڻيو،ٻيءَ ول وجهي نہ وات،
ڪرھي ڪنور لتاڙيا، رئيءَ پئي رات،
توڏي تنهن وڻ تات، جنهن ۾ بوءَ بادام جي.
بيت - 47
اُٿي اڙائينس،ڇڏيو تہ ڇيڪ ٿيو،
کاريان، کڙيو وڃي، پلاڻي پائينس،
ڏانوڻ ڏائينَسَ، جئن چَري ۽ چَنگهي ڀُڻو.
بيت - 48
دُو دَستي، دُو پرَ، سيني سَنگهر رُڪَ جي،
ماءَ منهنجي ڪرھي، تازي ڦلن ھير،
تنھن ڪامڻ ڪندي ڪيرَ، جو مُونهين وٽ مَس رهي.
بيت - 49
ڪنين ڪامڻ ڪياءَ، ڪيئن ڀنڀو ليئن ڪرھا،
اکين مٿي آکيا، پَڙَ ۾ پيرَ گٺاءَ
وڳ ڪ سرياءَ، ٻڌو جئن گهاڻي وھين؟
بيت - 50
نہ ڪي ڀنڀوليوڪرھو، نہ ڪامڻ ڪنهن ڪياس،
اکين مٿي اکيا، پَڙَ ۾ پير گٺاس،
وڳ نہ وسرياس، ڪرھي لڌو لوڙھيو.
بيت - 51
ھوس وڏيرو وڳ جو، مڙني ۾ مهندار،
چنم ٿي چاڳ منجها، موڙيو مڃرٽار،
لکي جيءَ لغار، آڻي ٻڌم اکيا.
بيت - 52
نَوَ نيرَ پائي، جان مون ھينئڙو جهليو،
وَيڙوڇنائي، پوئينءَ رات پرين ڏي.
بيت - 53
نَوَ نيرَ ڏھہ ڏاوڻيون، پندرھن پئد بياس،
جڏھن سڄڻ ياد پياس، ڇرڪ ڇنائين ھيڪڙي.
بيت - 54
کائي نہ کٽڻهار، چندن جا چُوپا ڪري،
اگر اوڏو نہ وڃي، سر کنڊ لهي نہ سار،
لاڻيءَ جي لغار، مَيو متارو ڪيو.
بيت - 55
چانگا چنئس! چريان، مَيا پئين نہ موڪَ،
اگر اوڏو نہ وڃين،ٿُڪيوڇڏئين ٿوڪَ،
لاڻَي وچان لوڪَ، تو ڪهڙي اکر آئڙي؟
بيت - 56
جئان ڪؤڙ ٻہ ڪاٺيون، پَنجين لَکين پاءُ،
مَيو تنهن ماڳاءُ،ڏيهاڻي ڏارَ چري.
بيت - 57
جئان ڪؤڙ ٻہ ڪاٺيون، پنجين لکين پَن،
تئان ڇاڻي ڇُڳيون، مئي رتو من،
تنهن ول سندو پَن، ڪوماڻوڪؤڙين لهي.
بيت - 58
جئان ڪؤڙَ ٻہ ڪاٺيون، پنجين لَکين پڪَ،
تئان ڏيئي تڪَ، مَيو متارو ٿيو.
بيت - 59
لک لاکيڻوڪرھو،ڪؤڙين ڏيئي ڳڌوم،
اکين سونهن ٿيوم، مُلهہ مانگو مَ چئو.
بيت - 60
لک لاکيڻوڪرھو،ڪؤڙين ڏيئي ڇوڙ،
اَھا سٽ، سيد چئي، جِنهين تِنهين جوڙ،
ترت رساڻي توڙ، تُه پلاڻيو تہ پرينءَ مڙي.
وائي - 1
آھينم ڳالهڙيون، ماءَ مرادون پرينءَ سين،
جي مان پييون پرينءَ ري، کوءَ سي راتڙيون،
جي مان اوريون پرينءَ سين، وَرُ سي راتڙيون،
پَسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، پاتيم جهاتڙيون،
آڌيءَ عبداللطيف چئي، ڪُهين ڪاتَڙيون.
وائي - 2
سَڌين سيڻ نہ ھوُنِ نِينهُن نِياپي نَہ ٿئي،
موٽڻ جنين ميهڻو، پڙ تي سي ئي پُونَ،
ڪاري رات رت ڦڙا، جان جان نيڻ نہ رُونَ،
جن مسافر سپرين، سي مَرُ رويو رُونَ.
وائي - 3
توڻي تَڙئين تون، يا الا! تو دَرُ توءَ نہ ڇڏيان،
مون کي سو مشاھدو، جي مُنهن نہ ڏئين مون،
مون ٻيا در گهڻا نهاريا، آھئين تون ئي تُون.
سر سري راڳ
فصل پھريون
بيت - 1
مانَ پُڇنئي سُپرين، چِتان لاھہ مَ چُر،
اُنهي جا امر، کڻ تہ خالي نہ ٿئين.
بيت - 1
مانَ پُڇنئي سُپرين، چِتان لاھ مَ چَر،
اُنهي جا امر، کڻ تَہ خالي نہ ٿيٖين.
بيت - 2
مانَ پُڇنئي سُپرين، چتان چُر مَ لاھ،
پرين اڳيان پاءِ، پَلؤ مڱڻهار جيئن.
بيت - 3
مانَ پڇنئي سپرين، چت ۾ رکج چيت،
سڙهہ ڌئاري صاف ڪر، صابڻ ساڻ سپيت،
سامونڊي سُچيت، ٿي تہ پهچين پارَ کي.
بيت - 3
مانَ پڇنئي سپرين، چت ۾ رکج چيت،
سڙه ڌئاري صاف ڪر، صابڻ سان سپيت،
سامونڊي سُچيت، ٿي تہ پھچين پارَ کي.
بيت - 4
مانَ پُڇنئي سُپرين، چِت ۾ چيتاريج،
ڪڍج ڪائي ڪچ کي، ڪُوڙ مَ ڪمائيج،
وڻج وھائيج، سڀ سوداگر سچ جو.
بيت - 5
مانَ پُڇنئي سُپرين، چِتان لاھ مَ چور،
ڪڍي ڇڏ قلب مان، ماري ڪورو ڪوڙ،
ھُن پر سندو ھورُ، مٿان تو معاف ٿئي.
بيت - 6
مانَ پُڇنئي سپرين، چيتارج چِت،
دائم دوربين ۾، پسين ولها تون وِت،
نينهن نيکاري نت، ملاح گڏ معلم سين.
بيت - 7
ڪائو ڪمايوم، موٽي مون نہ وڻجيا،
سيهي جو سيد چئي، وکر وھايوم،
سودو صداقت سين، اوچتو آيوم،
ھهڙو حال سندوم، توھہ تنهنجي ابهان!
بيت - 8
ڪَچ ڪمايم ڪُوڙ، ڀڳم عهد الله جا،
پڃرو جو پاپن جو، سو چوٽيءَ تائين چُورُ،
معلوم اٿئي مذڪور، ڳوڙھا انهيءَ ڳالهہ جو.
بيت - 9
ڪوڙ ڪمايُئہ ڪَچ، اُٿي اور الله سين،
ڪڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سچ،
محبت سَندو من ۾، ماڻڪ ٻارج مچ،
اِن پَر اُٿي اچ، تہ سودو ٿئي سَڦرو.
بيت - 10
سودو اھوئي سَڦرو، سو مون پلئہ پاءِ،
وَسُ ويچاري ناھ ڪو، آگا عرض اوناءِ،
ريءَ ھمراھيءَ ھاديءَ جي، مور نہ مڙي ماءِ،
لطف ساڻ لنگهاءِ، لاھرو لهرن وچ مان.
بيت - 11
لُڙ لهريون لس ليٽ، جتي اَنت نہ آب جو،
الله اول مَ اُن جا، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
جوکو ٿئي نہ جھاز کي، ڦرھي اچي نہ ڦيٽ،
لڳي ڪا مَ لَپيٽ، ھِن غاريبي غراب کي.
بيت - 12
سِڙھہ سنوان، لاڄُو نَوان، اولا جنين عاج،
ساٿي سفر ھليا، ڀَري جُنگ جھاز،
حاصل ڪري ھاج، واحد وڻجارن جي.
بيت - 13
سِڙھہ سنوان، لاڄُو نوان، مھاڻا سندن ميرَ،
ساٿي سفر ھليا، ٿيا سڻاوا سَير،
جي اچن ساڻ اُڪير، سي ٻيڙا رکين ٻاجهہ سين.
بيت - 14
منجهان پيئي مَڪڙيءَ ڪاجا پاڻي پڪہ،
وکُر ھڻي وڻڪَ، ڪٽجي ڪارو ٿيو.
بيت - 15
منجهان پيئي مڪڙيءَ ڪاجا پاڻيءَ بُوند،
سيئي ڏٺم رُوند، وکر جن وڃايو.
وائي - 1
سھسين شُڪرانا، ڪوڙِيين ڀالَ ڪريم جا،
حمد چئج حڪيم کي، زور هڻي جانا،
تون ڏيکارين تون ڌڻي، باطن جا بانا،
متان، مردَ وسارئين، صاحب جو ثنا،
دوست رکي دل ۾، پڙه لالن لسانا،
جفا ڏيئي جيءَ کي، ٿي فڪر منجهہ فنا،
تُسي تو سين توه ڪري، آگو اَحِسانا،
ڪڍ تون دغا دل مان، ٻانهپ سين ٻانا،
صاحب وڻي سچ سين، ٿي دانھُ، ديوانا،
جي تسليم سين تحقيق هوا، سي ڪئَن امانا،
جاڳيا جي جبار لئہ، سيئي سمانا،
فَاذ ڪُروني اَذڪُرڪُم، ڪَھِيو قُرآنا،
وَاشڪروا لي وَلاتڪفرون، ڪڍ تون ڪُفرانا،
سڀ سنوريا سپرين، ڪول تو ڪنا،
چڱي چئج چاه سين، مَدَاح اِيءَ منا،
تائب ٿيو تڪڙا، جوشا، جوانا!
لھين تون لطيف کان، اَمن اِيمانا.
وائي - 2
مون ۾ تون موجود، آءٌ اڳاھين آھيان،
اکيون اکڙين کي، سڪيو ڪن سجود،
تيلانھن رسيون بُودَ کي جيلانھن ٿيون نابود
ان درِ سيئِي اگهيا، جن وڃايو وجود.
وائي - 3
پُڇان ٿي توکي ھادي سائين،
ڪٿي پريان جا پَکڙا؟
جتان جَتن لڏيو، چڙھيا پَکي پَنُ،
جَرُ موتيءَ جيئن ھاريو، منهنجي ھينئڙي ڀڳا ڀن.
فصل ٻيون
بيت - 1
جيڪي منجهہ جھان، سو تاريءَ تڳي تُنهنجي،
لطف جي لطيف چئي، تو وٽ ڪَمي ڪانہ،
عدل ڇُٽان آءُ نہ، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو.
بيت - 2
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
اُن جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مانُ،
ڪؤڙين ڪن سلام، آڳہ اچيو اُن جي.
بيت - 3
سيوا ڪر سمونڊ جي، جِتِ جَرُ وَھي ٿو جال،
سوين وھن سير ۾، ماڻڪ موتي لال،
جي ماسو مليئي مالَ، تہ پوڄارا پُر ٿئين.
بيت - 4
سي پُوڄارا پُر ٿيا، سمونڊ سيويو جن،
آندائون عميق مان، جوتي جواھرن،
لڌائون لطيف چئي، لعلون مان لهرن،
ڪانهي قيمت تن، مُلهہ مهانگو اُن جو.
بيت - 5
سيويو جن سبحان، وير نہ وڙھي تَن سين،
توبہ جي تاثير سين، تري ويا طوفان،
ڏيئي توڪل تڪيو، آر لنگهيا آسان،
ڪاملُ ڪشتيانُ، وچ ۾ گڏين واھرو.
بيت - 6
ساري رات سُڄاڻ، سودو ڪن صاحب سين،
ٻانهپ ڀري ٻيڙيون، ھليا جوڀ جوان،
پاڻهين پهلوان، لحظي ۾ لنگهي ويا.
بيت - 7
ٻانهپ جو ٻيڙين ۾، وَکرُ وڌائون،
موتي معرفت جا، سچا سوديائون،
التائِبُ مَن الذنبِ ڪَمن لاذَنب لَه، ايءَ کَٽ کَٽيائون،
انهيءَ جيءَ آءٌ، برڪت پار لنگهيان.
بيت - 8
جنين سودو سچ سين، وکَر وِھايو،
بُخُرَوا لَهُمُ البُشريٰ جو، اُنهيءَ لئہ آيو،
اُن کي لالن لنگهايو، ساندارو سمنڊ جو.
بيت - 9
اِيءَ گَتِ غواصن، جيئن سمنڊ سوجهيائون،
پيهي منجهہ پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،
آڻي ڏنائون، ھيرا لعل ھٿن سين.
بيت - 10
اَڇاڙا عميق جا، گڏيا غواصن،
جُهڙيون جهاڳي آئيا، ڪارونڀار ڪُنن،
سمنڊ سوجهي جن، آڻي اَمُلَ اوليا.
بيت - 11
ويا جي عميق ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئي،
تنين سِپون سوجهي ڪڍيون، پاتارا پيهي،
پسندا سي ئي، امل اَکڙين سين.
بيت - 12
آڏو چِڪَڻُ چاڙھہ، منهنجي موج نہ سَهي مَڪُڙي،
ميڙي مَٺاين جو، بيحد چاڙھيم بارُ،
چوڻ چارو ناھہ ڪو، بديون بيشمارُ،
ڪَپر ڪارونڀارُ، اُڪارين احسان سين.
بيت - 13
آڏو چِڪڻ چاڙھہ، مُنهنجي موجَ نہ سَهي مَڪڙي،
ميڙي مَٺاين جو، بيحد چاڙھيم بارُ،
لهرين ليڪو ناھہ ڪو، اُت ابتو آرِ،
آڳي جو آڌار، ڪڍي اُونهي ڪُنَ مان.
بيت - 14
وير مَ لاھي ويهہ، مٿي آرَ اوڙاھ جي،
پسي پاڙي واريون، ڪج انديشو ايہ،
ويندو نہ پَسين ڏيہ، پَتڻ ھن پار مَڻي.
بيت - 15
اٺئي پھر اوڙاھ تي، منجهہ گُهرءَ گهاري،
وَسُ نہ ويچاري، تہ ماڳ ڊڪندي مَڪُڙي.
بيت - 16
ھڪي ٻانهي چِت ۾، ٻي صاحب سَنواري،
دَنگي ھن درياہ مان ھَلائي ھاڪاري،
ترازو تاري، سُتڙ سڀيئي ڪري.
بيت - 17
ھِڪي ٻانهي چِت ۾، ٻي سَنواري صاحب،
ڪڍي اونهي ڪُن مان، اِيُ آگي جو عجب،
اَيءُ سانئينءَ جو سبب، جيئَن ٻُڏا ڪڍي ٻارِ مان.
بيت - 18
ھڪي ٻانهي چِت ۾، ٻي جا ڪري الله،
پاڻيهي وجهي ڪُن ۾، پاڻيهي اُڪاري اوڙاھ،
تنهن واحد کي واھ، جو سُتڙ سڀيئي ڪري.
بيت - 19
ھِڪي ٻانهي چِت ۾، ٻي جا الله ڪري،
پاڻيهي وجهي ڪُن ۾، پاڻهي ڪنڌيءَ تي،
ستڙ سي ڍوئي، جي تڙ توائي مَڪڙا.
بيت - 20
ھڪي ٻانهي چِت ۾، ٻي ڪري جوڙ جَبار،
پاڻ ئي وجهي ڪُن ۾، پاڻ ئي ڪري پار،
ڪڍي اونهي ڪُن مان، اِي آگي جو آڌار،
جھاز جوھرين جو، تنهن کي ڀؤ نہ ڏي ڀَتار،
ننڍا وڏا مَڪڙا، سڀ پسندا پار،
جيڏانهن مُنهن مديني جو، سُڄي محمدپہ موچار.
وائي - 1
ڪنڌي ساريان ڪانہ، يا امن امان،
يا الاھي، ٻاجهہ ٻيلاٽي ڀانئيان،
ڳڻن ڳاڻيٽو ناھ ڪو، اپر ٿيا عصيان،
خبر ناھ قبر جي، نسورا نِسيان،
والي رسج وھلو، اَرکِ ٿيا انسان،
سڻ سٻاجها سپرين، نعرو نگهبان،
مديون پسي منهنجون، شرمايا شيطان،
ھن منهنجي حال تي، ھيَ ھَي ڪن حيوان،
سائين سُکاڻي آھئين، سامونڊين سبحان،
تُرھو ڇنمَ تار ۾، رسج تون رحمان،
ٻيلي جو ٻڏن جو، مون تي موٽي مانِ،
خالق تان خوب ڪيا، گولن جا گذران،
آءٌ پڻ اَنڌو اُن ۾، ويٺو پنان پانَ،
سڀ سوالي سَمگيا، داتا ڏيئي دان،
وِلها سڀ وَنهيا ڪيا، تنهنجي جود جوان،
متان مون کي ڇڏيئين، ٻيلي سندا ٻانَ،
ويرُ وسيلو آھئين، دارو ۾ ديوان،
لاءِ ڏوھارين ڏيهہ کي، خِيمو اڏيو خان،
اُتي عبداللطيف جي، سڻج ڪا سلطان.
وائي - 2
آئيو ھو الا، لالن آيڙو،
چُئا چَندن اُھڳ کٿوري، لالن لڱن لايو،
ٻُڍو چئي، ٻاجهہ ٿي، کوڙيو پريم تَنين گهر پايو،
ڳاھون ڏيئي ڳجهيون، مون پاڻهي پرچايو،
لوڪاڻي لِڪون ڪري، مون رات سڄيائي رانيو.
فصل ٽيون
بيت - 1
کُوھا ڪالهہ کڻي، اُنِ وڌا اُتر آسري،
الا جُهري مَ اُن جي، اَولي جي اَڻي،
وڻجارن وَڻِي، وکر وڌو ٻيڙئين.
بيت - 2
وکَر وِھائين لوڻُ، رنگ کٿوريءَ گهرين،
ڀُنگو تنهنجو ڀر تي، جِمَ ڳالهائين ڪوڙ،
جِمَ وڃائين مور، کٽيو تُنهنجو گهوريو.
بيت - 3
وکر ڍيرو ڍير، پَر وھائو ويسرا،
ڪِنين وھائي وَسُ ڪيو، وکر وڏيءَ وير،
ڪنين گُهمندي سيرَ، وکر وڪامي ويو.
بيت - 4
وکر سو وھاءِ، جو پئي پُراڻو نہ ٿئي،
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نہ ضايع،
سا ڪا ھَڙ ھَلاءِ، آڳہ جنهن جي اُڀهين.
بيت - 5
اوريائين آڻينِ، ميڙيو معلم خبرون،
سا سُڌ ڪانہ ڏين، جتي وَھُ وِيڌ ڪري.
بيت - 6
ٻيڙي تنهنجي ٻاجهہ، وکر تنهن وصال جو،
کُوھا اولا تو ڪيا، سڀ سونهارا ساڄ،
اُت ڪا معلمن حاج، جت پُورڻ وارو پاڻهين.
بيت - 7
ٻيڙي پراڻي، وکر پاءِ مَ وترو،
تَري ۾ تُن پيا، پاسن ۾ پاڻي،
ھيءَ ھَڏِ وِھاڻي، ڪَڙُھہ ڪالهوڻي ڏينهن کي.
بيت - 8
تَري تَن پياس، پاسنئون پاڻي وھي،
کوھو جهر جهونو ٿيو، لاڄُو سڀ لَڙياس،
جِيلان سَڌر سُکاڻياس، وَھي تي وَهَ سامُهِين.
بيت - 9
ويٺو تُنَ تُنيس، مَکِ ڏيهاڻي مَڪڙي،
سَنباھي، سيد چئي، مٿي نيدوءِ نِينس،
وٽائيءَ وڏاندرا، لاڄو لڳائينس،
آخر اھڙائينس، تہ جوکو ٿئي نہ جھاز کي.
بيت - 10
تُن تُنيندو آءُ، مَک ڏيهاڻي مَڪڙي،
سانباھي سمنڊ جي، مَنان مور مَ لاءِ،
اڄ ڪ سنجهہ صباح، اُھڙندي اَتانگهہ تڙين.
بيت - 11
جَرَ ۾ ڦوٽو جيئن، لهريُون لڳندي اڌَ ٿئي،
تُون پڻ آھين تيئَن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.
بيت - 12
اچي سو ڏٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪنن سين،
سُتي لوڪ لطيف چئي، ياد نہ ذرو ڪيوءِ،
غافل ٿي غوراب کي، اوڙاھ تي آندوءِ،
سو ڇِتر ڇوھي کان رکين، جو پراڻو پوءِ،
جھاز ضعيفن جو، پاڻيءَ ۾ پَرتوءِ،
سيد، ساٿ سندوءِ، پُرِ بندر پهچائيين.
بيت - 13
جُتو وَنءُ جھازَ، گڏيو غرابن سين،
پوريندي ھن پارَ ڏي، سَڌر کڻج ساز،
اچن ٿا آواز، سٽاڻي سمونڊ جا.
بيت - 14
دَنگي وچ دريا، ڪي ٻُڏي ڪي اُڀري،
ھو جي واڍي واڻيا، سي سُوھَڻ سڀ سڙيا،
معلم ماڳ نہ اڳئين، فرنگيءَ منجهہ ڦِريا،
ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙھيا،
جتي ڍِينگ ڍَريا، تتي تاريءَ تُنهنجي.
بيت - 15
دُنگيءَ ۾ داڻا، وٺي وجهہ وکر جا،
وِيرِ وَرنديئہ ويسرا، ويهہ مَ ويڳاڻا،
ھِيءَ ننڊ نہ ڄاڻان، ڪڏھن ھڻنديئہ ڪُن ۾.
بيت - 16
وکر وڻجارا، پاڻ پرائو چاڙھيو،
اچي لهريون لڳيون، ٻيڙيءَ ٻِپارا،
جاڳو جي يارا، تہ تڙ توائي نہ ٿئي.
بيت - 17
ٻيڙياتا ٻيئي، ڳالهيون تو نہ ڦٻنديون،
سڄيون راتيون سُمهين، ڀَر سُکاڻ ڏيئي،
صباح سڀيئي، پار پُڇندءِ خبرون.
بيت - 18
وَھَ تِکَ وھڪرا، جت لَنگر نہ ٺهرن،
وڏاندريون وَھَ سامهيون ججهي زور جُنبن،
نيڊوءَ ۾ ناناريون، وڻجارا وجهن،
ملاح معلمن، مُون ڳري سُئي ڳالهڙي.
بيت - 19
وڻجارا ويٺي، تو نہ سَرندي شاھ ري،
مکِ پنهنجي مَڪڙي، چڱي ڪر چيٺي،
پاسا پاکرين جا، سمنڊ ٿو سيڪي،
جي لُنڊا منجهہ ليکي، وير وڙھندي تن سين.
بيت - 20
ناکوئو نگهبان، معلم مُنجي خبرون،
تَنِ ساري کنيو سمنڊ ۾، سَفر جو سامان،
لطف ساڻ لطيف چئي، تتي لنگهيو طوفان،
سَنڀاري سُبحان، وڃي عادَنئون اُکَتا.
بيت - 21
ستا سڀُ پئي، سَندي معلوم آسري،
اِئين پڻ سُمهو ناکُئا، بندر ناھ ڀئي،
جن جي سيد لڄ کنئي، سي سڀ لنگهيندا لڪيون.
وائي - 1
ٻاجهين مڱا، مهرين مڱان، مهرين مڱان،
الايا ھو، آءُ تو ٻاجهين مڱان،
تون مارين، تون جيارين، لطف اُٿارين لڱان،
ڌڻيءَ جا ڌوٻي چوي، ڪم مڙيئي چڱان،
ھت پڻ تونهين، ھُت پڻ تونهين، ٻي در ڪاڏي آءُ وڃان،
کَٽندين، کٽي چوي، سُڻ صاحب جي سَڱان.
وائي - 2
ساٿين ننڌا بار، وو تن پانڌين ننڌا بار،
توکي آرس اَکڙين ۾.
پاتا پاڙي وارين، پڳهہ منجهہ پاتار،
پتڻ ٿو پُور ڪري، آئي تنهنجڙي وار،
سڄيون راتيون سُمهين، کِيو منجهہ خمار،
ڪ تو ڪَنين نہ سُئي، ھلڻ جي ھاڪار،
تائب ٿيو تڪڙا، پڙھو اِيءَ پچار،
ننڊ نہ ڪجي ايتري، سُڻج ادا يار،
سائينءَ مُڪين سچ کي، تون ڪوڙو منجهہ قطار،
ڪ تو ڪَنين نہ سئي، ڪَپر جي ڪوڪار،
گهِڙان ٿي ريءَ گهڙي، الاهي تو آھار،
ھو جو شڪ شارڪَ جو، تئان رک ستار،
ڪُل نَفسُ ذائقتُه المَوتِ، سچي اَيءَ سنڀار،
شڪار تَون شهباز جو، تون تان منجهہ شڪار،
يَومَ يَفِرالمرءُ من اَخِيه، جت ڀڄندا ڀار،
ترھو ڇِنو تار ۾، اچج تون اوسار،
لَکَ مڙيئي لُٽيا ھِنئهين ويا ھزار،
ڏنيئي جي الله لڳ، ھوند ٿئين پَرينءَ پارَ،
جُوٽن مٿان جُٽڪي، دُني تُنهنجي دار،
آرس اکڙين ۾، آهي تو گينوار،
جِيفو آھہ حديث ۾، انڌي ئي آچار،
وَٽيئہ ڪين ولهن سين، ڪَنبي ڀر قَهار،
سا ڪِيئَن ھلي تو سين، جا ڀڳي کان ڀتار؟
جيئڻَ جال نہ لبهي، سُڻج، اي سنڀار،
جِم وسارين ويسرا، ڀِتنِ جي ڀُلڪار.
فصل چوٿون
بيت - 1
سڀيئي سنئين ڪرين، ڪو مَ مُنجهائين راھہ،
سڄڻ جي صلاح، لائو لنڱو ميڙيئَين.
بيت - 2
سڀيئي سَنئين ڪرين، ڪيمَ مُنجهائين واٽ،
سهکي ڪج سچا ڌڻي، سڄي جا صِراط،
سُپيريان جي ساٿ، لائو لنڱو ميڙئين.
بيت - 3
سڀيئي سُبحان جي، ڪر حوالي ڪَمَ،
ٿي تحقيق تسليم ۾، لاھي غَم وَھمَ،
قادرَ ساڻ ڪرم، حاصل ڪري حاج تو.
بيت - 4
چڱن ساڻ چڱايون، اِيئَن سڀڪو ھوءَ،
تو جيئَن ڪري نہ ڪوءِ، بُڇن ساڻُ ڀَلائيون.
بيت - 5
چڱا ڪن چڱايون، مَٺايون مَٺن،
جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙُ سيئي ڪن.
بيت - 6
مَينَ مٿي سَمرا، کُهين سڏ ڪرين،
ساٿ نباھيو نَينَ، اِيءَ پَر سَندي سڄڻين.
بيت - 7
وِتُ ويمي جو جي لهين، ٻي ڪار نہ ڪرين ڪا،
سا پروڙج ڳالهڙي، وڻجارن وٽان،
موتي جن ھٿان، آنديئہ گهڻي ادب سين.
بيت - 8
اَمُلَ آڇ مَ اُن کي، جي نہ پروڙينَ مَت،
جت گڏجيئي جوھري ماڻڪ تنهين مٽ،
جنين سون سين سَٽ، تني ھڻي ريءُ ريءُ رد ڪيو.
بيت - 9
سونا ونءُ صراف سين، ڀڃي ڇڏ بازي،
چاندي ڪيو چَلائيين، رُپو روازي،
جِت ٿِيندو ربُ قاضي، ات توريندا تجويز سين.
بيت - 10
سونا ونءُ صراف سين، بازي ڀڃي ڇَڏِ،
جو چاندي ڪيو چلائيين، متان پويئي مَ ھَڏِ،
جت ٿِيندو صرافاڻو سَڏ، اُت توريندا تجويز سين.
بيت - 11
سونان ونئَن صراف سيئَن لَڏو لاہ مَ لَڏِ،
سودو سوئِي ڇڏ، جنهَن ۾ جواھر ناھہ ڪي.
بيت - 12
سونا ونءُ صراف سين لَڏو ھڏ مَ لاھہ،
آھي تن اُونداھ، جن جواھر ضايع ڪيا.
بيت - 13
جُه صرافن لَڏيو، تہ تون پڻ لڏج سونَ،
قدر لھنديئہ ڪونہ، نيئي گڏينديئہ گڏونءَ سين.
بيت - 14
جي نہ سُڃاڻن سَچَ کي، وِيهہ مَ تنين وٽ،
اَمُل کي اڌ ڪري، پاڻان ھڻندا پَٽِ،
وڃي مُهر تنين وٽِ مَٽِ، جي پارکُو پارس جا.
بيت - 15
قدر وارا ڪَم ٿيا، کُٽا خريدار،
پاڻيٺ جي پرکڻا، ويا سي وِينجھار،
عَينڪ پائي اکين، لهن سڀ ڪنهن سارَ،
صرافنيئون ڌار، ماڻڪ ملاحظو ٿئي.
بيت - 16
اگهيو ڪائو ڪَچ، ماڻڪن موٽ ٿي،
پلئہ پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.
بيت - 17
ويا سي وينجھار، ھيرو لال وِنڌين جي،
تنين سندا پويان، سمهي لهن نہ سار،
ڪُٽين ڪَٽ لُهار، ھاڻي اُنهين ڀيڻيئن.
بيت - 18
وَڃن مَ وينجھار، پاڻيٺ پَرکيا،
عَينڪ پايو اکئين لَهن سڀ ڪنهن سار،
موتيءَ جي مزاج جو، قَدر منجهہ ڪِنارَ،
صرافَنئون ڌار، ماڻڪ ملاحظو ٿئي.
بيت - 19
ٿا صراف سُڄن، پاڻُ ڪوٺائن جوھري،
ماڻڪ ڪري مُٺ ۾، وَنئَن وٺي وَٽِ تَن،
سندسُ ئي سيد چوي، ڪهڙو قدر ڪن،
پاڻيٺيءَ پَرکن، ڪي ڪنچن گڏين ڪَچَ سين.
بيت - 20
اُمُلُ اَساري پئي، ڀوري ڀڳيئہ جِتِ،
ڪُهُ نہ رُنَئي تِتِ، ٻئي اَڌ ھٿ ڪري؟
بيت - 21
اَمل اَساري پئي، ڀوري ڀڳيئہ جيئن،
ونئَن صرافن سيئن، ٻئي اَڌ ھٿ ڪري.
بيت - 22
امل اَساري پئي، ڀوري ڀڳيئہ جان،
ٻئي اَڌ ھٿ ڪري سري صرافن وان،
تہ سو تنهين تئان، سڄو ڪرائين سيگهہ مان.
بيت - 23
ماڻڪ مُنڌ ھٿان، پيتيءَ ۾ پُرزا ٿيو،
سڄو تان سيد چئي، لهي لک سوا،
ڀڳي پُڄاڻان، پَدمان پري ٿيو.
بيت - 24
ڀڳو ميلائين مٿي ٿيو، سڄو تا سؤ لکَنِ،
ماڻڪ تي ملهہ وِترو، جو ڌريان ھيٺِ ڌڻِين،
سُوجهي صرافن، بي بها بس ڪيو.
بيت - 25
جتي ماڻڪ ماڳُ، تتي چوران تَڪيو،
سون تن سَڀاڳُ، اَمل جن اوباھيو.
بيت - 26
چورايو اِيئن چوءَ تہ آءٌ اُھوئي آھيان،
جي اَسي اکين ھوءِ، تہ لِڪي کي ڪونہ لهي.
بيت - 27
چوريءَ پَهت ڳجُهہ سين، پڌرِ ناھ اَرٿُ،
پهرين پاڻ لِڪائي پوءَ لُڪائج وٿُ.
بيت - 28
پاڻهين لوڙائو ٿين، پاڻهين دانهون ڏين،
گهر وارن جاڳائين، چورن سڏ ڪرين.
بيت - 29
پاڻهي ھائو، پاڻهيءَ واھرو، پاڻهيءَ چورن گڏَ،
ڪنهن کي ڪريان سڏُ، پنهنجون ھڻيو پاڻ ڏئي.
بيت - 30
جَهنگ کامي پَٽ ٿيو، لَٿي چوران لِڪَ،
وئي وجُودان نڪري، جيڪا دڙي دِڪَ،
ھِڪُ سڄڻ، ٻي سِڪَ، ٻئي پَهڻا پاڻ ۾.
وائي - 1
جاڳو يارا جيڏيون، پار پرين جي، جاڳو جوشان جيڏيون،
ھلندي حبيبن ڏي، ويلو وچ نہ ڪجي،
مٿان اُھس اُري، پَتنگَ جيئَن پئجي،
عرض احوال اُن کي، چڱي ڀَت چئجي،
نياز ڪري نڪڻي، واحد ڏي ورجي،
آھي موت مڙني تي، گوڙيون ڪيو ٿو گجي،
اَجل اِيندُءِ اوچتو، جو سدا ٿو سُجهي،
اَڳيان اونداھيءَ جو، سَمَرُ ساڻ کڄي،
تان ڪي قُوتُ قبر جو، ڪؤڙيون آن گهرجي،
آگو عيب آنهجا، ڍڪيا ڳُجهہ ٻُجهي،
جيڪي وھي وجود ۾، صاحب سو سُمجهي،
ڊڄيءَ ڊاءِ ڌڻيءَ جي، جيڪو ڀَئہ ڀَڄي،
اَمن آھي اُن کي، جو منجهہ الله جي اجهي.
فصل پنجون
بيت - 1
مون ٿي چيئہ ڪانڌ، ڀُتي ڀاڙِ مَ مَڪِڙي،
سڙھہ پُراڻا پاند، لهريون صحيح لڳنديون.
بيت - 2
اڳهين اتومانءِ، تہ مَکِ پَنهنجي مَڪڙي،
ٻوڙ شڪ مَ ڀانءِ، لهريون صحيح لنگهنديون.
بيت - 3
لَهريُن ليکو ناھہ ڪو، جِت ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا،
اُڇاڙا عميقَ جا، اَچن اوڀارا،
اٿي اسارا، وِير وڙھنديئہ ويسرا.
بيت - 4
وير وڙھنديئہ ويسرا، اُٿي توهہ طلبِ،
سائر ڪنهن سبب، ڪالهہ نہ وِڌُءِ ڪُن ۾.
بيت - 5
ڪالهہ وڌئين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگ جھاز،
تُنهنجي اَڄُ ترازَ، آھي آرَ اکين ۾.
بيت - 6
آھي آر اکين ۾، ناکُئا ڪج نگاھ،
وڏا ٻيڙا ٻوڙيا، سائر ڏيئي ساھ،
ملاحظو ملاح، ڪج ڪو اِنهينءَ ڪُنَ جو.
بيت - 7
مُلاحظو مِھراڻ جو، مور مَ لاءِ مناءُ،
سامُونڊي سَڀال ڪي، سمهڻ آيئي ساءِ،
جاڳي جر مٿاءُ، تاري وَنئن ترازَ کي.
بيت - 8
تاري وَنئن ترازَ کي، منجهان موج ملاح،
دانهون ڪن درياھ جون، جي اونهي جا آگاھ،
سُونهن جي صلاح، وٺ تہ وِير لنگهي وڃين.
بيت - 9
سودي ڪارڻ سنبهي، ويهون وڻجارن،
ويا چين، بنگال ڏي، رکي ماڻڪ من،
آيا تَنهِن اوڙاھ تي، جِتي ڍنگ ڍَرن،
لَهرين جي لپاٽ سين، ڪا ڪڙڪاٺ ڪَن،
قاسم ڪارونڀار ۾، اڙي لڳ مَ اُن،
اُتي اُتارن، ھادي ڌرين ھَٿڙا.
بيت - 10
ھادي ڏيندين ھٿڙا، وھڻ سر ويهي،
نوحُ جنين ناکئو، ثابت ويا سيئي،
تن جي ڪشتيءَ کي، ڪيهي تِکَ طوفان جي.
بيت - 11
سُونهان سُڌيون ڏين، اِن ديواني درياھ جون،
ڪُوڙ اوڏائي ڪين ڪي، رُڳو سچ سودين،
عجز جو اڌ رات کي، وَکر وھائين،
ساٿُ نباھيو نين، ثابت انهيءَ سير مان.
بيت - 12
ثابت لَنگهيا سير، لهرئين لوڏيا ڪين ڪي،
وڃي پهتا پار کي، نِرتؤن منجهان نِيرَ،
ماءِ پهتا مير، ٻار لنگهيائون ٻاجَهہ سين.
بيت - 13
تُون ويسرو وير، ساٿين سَنبت پنڌ جي،
جوڙي جُنگ جھاز کي، ڪوڏ ھڻائج ڪِيرَ،
وَھي وڻجارن جي، بندر ڏانهن بَهير،
گهر تنين جي کِيرَ، جن لاڳيندار لنگهائيا.
بيت - 14
قرڦل، ڦوٽا پارچا، اگر ۽ عنبير،
ھهڙو وڻج وٺي ڪري، وجهہ وڻجارا ويرَ،
ڀُتي ڀاڙ مَ مڪڙي، اڳيان سائر سڄي سير،
ڪونهي اھک، عنايت چئي، جر جوکاري نير،
گهر تنين جي کير، ساٿ جنين جي سڄَيون.
بيت - 15
قرڦل، ڦوٽا، پارچا، پاڻيٽ پاتائون،
ڪوٺيون قيمت سنديون، تر ۾ تاڪيائون،
لاڄُن منجهہ لطيف چئي، ٻيڙا ٻڌائون،
نذر نبيءَ ڄام جو، چڙھندي چيائون،
جي ڇوھي ڇوڙيائون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهہ سين.
بيت - 16
قرڦل، ڦوٽا پارچا، پاتائون پُڙيون،
انهيءَ کي عنايت چئي، ڦير نہ ڪن ڦُڙيون،
جي ڇوھي منجهہ ڇُڙيون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهہ سين.
بيت - 17
وڃي جان ويهي، جَر پلؤ پائيان،
تڙِ ٻيڙا گهر سُپرين، اوسه اِي پيئي،
جيئن وڻجارو سين وکرين، سرَھا سڀيئي،
حرمت ساڻ حبيب جي، سونگيا نہ سيئي،
پاڻهي اوءِ پيهي، کنڊ کيڙائو آئيا.
بيت - 18
تڙ پُوڄيان، گهر سوريا، جنين واسيا وار،
پر لنڪا پري ھئا، اُنهين جا ڀتار،
آيا سڀ عنايت چئي، اُن جي پٽن پوءِ پچار،
سمنڊ شاھوڪار، سيل رکي سنجهہ آئيا.
بيت - 19
ويٺي جَر جهاريان، پاڻهي لاءِ پرين،
خضر پير خداءِ جو، مان موٽائي تِن،
وڃي ولاتن ۾، جُڳ لنگهيا کي جَنِ،
جنين ڏٺا تن چيا، تہ اِجهي ٿا اچن،
سهسين سُرھاڻيون لائيان، تَن کي خاطر تَن،
الهيٰ عنايتِ چئي، مُحب مان ملن،
واڌايون وَرتن، کَنڊ کيڙائو آئيا.
بيت - 20
مُعَلم ميڙيو خُبرون، اوريان ئي آڻين،
سا ڪا سُڌ نہ ڏين، جتي وَھہُ ويڇون ڪري.
بيت - 21
ڪو ڪو تارُو تنهن ۾، دنيا سڀ درياھہ،
ھڪڙي موج مھراڻ جي، ٻيو آتشي اوڙاھہ،
طالبن توڙان، موڙي چاڙھيون مڪڙيون.
وائي - 1
عمر سڀ عبث، ويل وڇايم پانهنجا،
ويٺي لِکيو لوڙھيان، جيڪي ڪيو مَسُ،
اَچي اڀاڳن کي، راسخ اَچي رَسُ،
حال منهنجو ھهڙو جهڙو، تان تون پرين پَسُ،
قلب ڪارو جو ٿيو، ڪاتب لاھين ڪَسُ.
وائي - 2
اي يا الا! ڪيان لهندينءَ سي، وَحدہُ جي وَڍيا،
جتي وَحدہُ وَڍَ ٿئي، جيڪو مونکي ني،
سِسي ڏيان ساھ سين، آءٌ تنهن پانڌيءَ کي.
فصل ڇھون
بيت - 1
تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنهنجو تُرھو،
اونهي ۾ آڻي، ڪونہ ڏيندءِ ڪو ٻيو.
بيت - 2
تارُو تريو وڃن، ننڍا وڏا واھُڙا،
ايءَ پر اَتارُن، جئن ڳرا مٿن مولهيا.
بيت - 3
ڪائو ڪمايوم، موتي مون نہ وڻجيا،
سيهي جو سيد چوي، وَکر وھايوم،
سودو صرافن سين، اوچتو آيوم،
ھهڙو حال سندوم، توھَ تُنهنجي اُبهان.
بيت - 4
بَندر جان ڀَئي، تہ سُکاڻا مَ سُمهو،
ڪَپُر ٿو ڪُن ڪري، جيئَن ماٽيءَ مَنجهہ مَهي،
ايڏو سُور سَهي، ننڊ نہ ڪجي ناکُئا.
بيت - 5
ڪوڙين جي ڪائو ٿئي، سمنڊ ڪين سُڪَن،
پاڻيءَ سين پيک ڪَيو، تيلانهن وَڻجارن،
لعلون سي لَهن، جنين سودو سَچ سين.
بيت - 6
ڏوري لَهہ ڏاتارُ، جِمَ وھين ويسرو،
ھَڪيو ھوئج ھوشيار، کَوِڻ کوَنديئہ اوچتي.
بيت - 7
سُتين ڪهڙي سار، وِڄَ کونديئہ ويسرا،
تو جيڏا تو يار، لَهرين لهوارا ڪيا.
بيت - 8
نَئي ۾ ننڊون ڪَن، وڄ کوندي ويسرا،
اُتان آسارَن، وڃي وھہ واڪا ڪيو.
بيت - 9
سُتين سنجهيئي، وڄ کِوَندءِ ويسلا،
وير وري ويئي، آسارن تان اوچتي.
بيت - 10
کِوَڻ کِوايو، آيئي ننڊ اَڀاڳ کي،
جِنين ڀوَ نہ ڀانيو، ڪري تَوائي تن کي.
بيت - 11
سامونڊي ٿو سنبهين، ساڄُو جَهل سُکاڻ،
لڳي واءُ وڏاندرو، مُنجهائي مھراڻ،
جنهن ڀانيو پاڻ، ڪري توائي تن کي.
بيت - 12
سوداگر سمنڊ جا، لاڄُو لال وٽيج،
اڇا اولا عاجَ جا، چڱا چتائيج،
سِڙھہ سڀيئي سقلات جا، کُوھا خوب کڻيج،
ست سُکان سر ڪري، ڇهہ ڇڄهريون اڏيج،
ٻارھن، تيرھن، پنڌرھن، سترھن سينگاريج،
ساري سٽ سيد چئي، پوري پڄائيج،
مُلانُ معلم خبرون، پڇي پروڙيج،
“وَسَقهمُ رَبهُم شراباً طَهُورا” پاڻي پاڪ پيئيج،
جنهن کي سڪي سڀڪو، پرين سو پسيج،
لُڙ ۾ ڪيم لُڏيج، تہ ساھڙ سامونڊي ٿئين.
بيت - 13
نڪو سُک نَکٽين، نہ ويساند نئين،
جيڪا اچيئي سامهين، ڀانئين سا سنئين،
موڙيءَ ڪوھ مُئين، جئَن سڄيون راتيون سمهين.
بيت - 14
اُھکي راھ الله جي اَھکي اَھکيءَ ڀَتِ،
ھو جي ڏيهائي ڏيہ جا، تن پڻ مُنجهي مَتِ،
آڇاڙان اُبتِ، گهڙج گهاٽي نِينهَن سين.
بيت - 15
مَ ڪي ھيج، مَ ھوج، ترس مَ تاڻ جھاز کي،
چوء ڪلمون محمد تي، تہ اڳيان اچيئي اوج،
سَهکُيءَ ڀَتِ سٻوجهہ، تُنهنجي مڪي ڍڪي مَڪڙي.
بيت - 16
توه جي وٺ ترازَ، تنهن ۾ پاءِ اسباب اخلاص جو،
متان ڪي من لوڏئين، پَسي جُنگ جھاز،
عادنئون، عنايت چئي، تنهنجي حاصل ٿئي ھاج،
ناکئا ٿي نوازُ، تہ اگهہ مڙني ھيڪڙو.
بيت - 17
تن ۾ تراز توه جي، گهڻو لہ گهوري،
ادب ۽ اخلاص جا، سڙَھہ ٻڌج سوري،
وکر وينتين جو تنهن ۾، پاءِ توري،
تہ عادنئون اوري، تنهنجو توائي نہ ٿئي.
بيت - 18
توڻي توائي، توءِ تنهنجو آسرو،
سڄڻ ڳر لائي، کيرون ڏينديس جيڏيئن.
بيت - 19
ويہ تون وساري، ڇنڊا جي ڇاڻ جا،
جو لک لهريون ڏي، ڪر سانڃاھ تَنهن سمنڊ سين.
بيت - 20
سمنڊ جي سيوين، تَنين ماڻڪ ميڙيا،
ڇلرجي ڇوئين، تن سانکوٽا ۽ سُتيون.
بيت - 21
ٻَڌو جن جھاز کي، ڌڻيءَ جو ڌاڳو،
اُنهن جو عنايت چوي، سفر سَڀاڳو،
اکڙين اوجاڳو، وَرن لاءَ سُهاڳڻيون.
وائي - 1
ھي جي، ھوءِ جي لَڱَ، مون ماريندا لَڪَ،
يا والي، ڪَيچ نہ اوڏڙيءَ ڇڪ،
اَنت نہ ڏجي عام کي، لوڪان ڪجي لِڪَ،
پاڻ ۾ پارين ڪري، نينهن وھائجي نِڪ.
سر سامونڊي
فصل پھريون
بيت - 1
پَڳَھ پاسي گهارِ، آيل سامُونڊين جي،
وجهي جِيُ جنجَار، جِمَ وڃَني اوھري.
بيت - 2
پڳه پاسي پُچِ، آيل سامونڊين جي،
من ۾ ٻاري مَچ، جِمَ وڃَني اوھري.
بيت - 3
پڳہ پاسي ويُ، آيلَ سامونڊين جي،
تون ويسري وک کڻين، ھو پوريندئي پرڏيہ،
سمنڊ جن ساڻيہ، ڪوھہ نہ ويين اُن سين.
بيت - 4
جان ايندين تان آءٌ، ھڻي ھٿ پڳهين،
لڳي واءُ سواءِ، سڙھ سانباھي نہ سهي.
بيت - 5
ننگر جان نہ کڻن، ونءُ وھلي نڪري،
مڇڻ ڏيہ وڃن، ناڙيون پوري ناکئا.
بيت - 6
ننگر ۽ ناڙيون، پڳہ کڻي پنڌ ٿيا،
بندر بازاريون، سُڃا سامونڊين ريءَ.
بيت - 7
لنگرئون نيڻين مَن اوليءَ نہ اوھري،
سٻاجهين سيڻين، پائي ڳڻ ڳَهيو ھنيون.
بيت - 8
سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏھن سفر سڄڻ ھليا،
روئان رَھن نہ سُپرين آيل ڪريان ڪيئن،
مون کي چاڙھي چيئن، ويو وَڻجارو اوھري.
بيت - 9
نہ سي تڙ اوطاق، نہ وايون وڻجارن جون،
سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چِڪيم چاڪ،
مارينم فراقَ، پاڙيچيون پِرين جا.
بيت - 10
ويا اوھري اوءِ، مون کي ڇڏي ماڳھين،
جُڳن جا جُڳَ ٿيا، تئان نہ موٽيو ڪوءِ،
گوندر ماريندوءِ، ويچاريءَ وِيَنَ جو.
بيت - 11
اونهي ۾ اوھري، جڏھن جي ويا،
سانداري سمونڊ جي، نھوڙي نِيا،
وڃي تت پيا، جت نھايت ناھِ ڪا.
بيت - 12
اونهي ۾ اوھري، جڏھن ويا جي،
موٽي ماڳ نہ آئِيا، ماءُ سامونڊي سي،
کارو تنين کي، جيڪس وَھ وري ويو.
بيت - 13
اوڙاھ ويا نہ وريا، آءٌ تنهن ماري ويڻ،
ڪري سامونڊي سيڻ، جُسي جاڙ پرائيو.
بيت - 14
جي وئڙم اڄ، سي ڪڏھن ايندا مان گهرين؟
پريان جي ھُن پار ڏي، وڃي دنگي دَڄُ،
سامونڊيڪو ڏجہ، ماريند م ڪڏھين.
بيت - 15
اُھريا جنائين، ڌڪن تن ترائيين،
سامونڊين سائين، واءُ سڻائو وارئيين.
بيت - 16
سامونڊي ساري، مَٿي تَڙ گذاريان،
مون کي ٿي ماري، اُنهيءَ سندي ڳالهڙي.
بيت - 17
سامونڊي ساري، ماءُ منهنجو جندڙو،
بندر ويچاري، وڃي لاٿا ڏينهڙا.
بيت - 18
سامونڊيءَ ڪو سَنگُ، آھي گُوندر گاڏئون،
انگن چاڙھي اَنگ، ويو وڻجارو اوھري.
بيت - 19
وڃيئي وسري شال، جو تون سودو سکيو،
اڃا آئين ڪالھہ، موٽيو سفر سنَبهينِ.
بيت - 20
ڳِريو جهليو روءِ، مٿي مهري ھٿڙا،
کوءِ سودو سَندوءِ، جو تون ڍولا سِکيو.
بيت - 21
اُلوڙڻ نہ ڏي، وَرُ وڌائين وَنجھہ کي،
اَڄوڻڪي راتڙي، رھہ لالن مون لائي،
وڃ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفر سُپرين.
بيت - 22
مُون جهليندي نہ رھيا، جيڪس نِٻر نِينهن سندوم،
قادر شال ڪند م، ويجهي وڻجارن سين.
بيت - 23
جيڪس نِٻر نِينھن سَندوم، جيئن مون بيٺي هُن ٿيليو،
سعيو سامونڊين سين، اڳهين تان نہ ڪيومِ،
وِجهڻ منجھہ ھومِ، پاڻ وراڪي رس سين.
بيت - 24
ٻيڙيءَ جي ڀَڻن، نينهن نہ ڪجي اُن سين،
اُڀا ڏنڀ ڏسن، جُہ سڙھہ ڏيئي سير ٿيا.
بيت - 25
ھِنيئڙو ٻيڙيءَ جان،ڏُتڙ پي ڏينهن ٿيا،
پُڇو تان نہ پريان، ڪَرَلاھو ٿي ڪڏھين.
بيت - 26
تَن جن جي تانگ، سي سڄڻ سفر ھليا،
لَئج لات لطيف چوي، ڪڏھن اِيندم ڪانگ،
ڪنهن سِٽاڻي سانگ، پرين پرڏيهي ڪيا.
بيت - 27
تان ڪي لَئج ڪانگ، ڪڏهين ايندا مان گهرين؟
سيڻين ڪارڻ سانگ، مون تان گهڻيئي ڪيا.
بيت - 28
سَرن سَڙيا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌَ، سَهسين سُکائون ڪيون.
بيت - 29
سَرَ لو ھيڙا ڳڀئا، ڪُسَرَ نِسريا،
سي ڪِ وِسريا، ڍول ھمارا ھٿڙا.
بيت - 30
جيڪو اچي ھاڻ، تہ ڪريان روح رچنديون،
آيل، ڍولي ساڻُ، ھوند ڳر لڳي ڳالهيون ڪريان.
بيت - 31
آيل ڍولي ساڻ، اچي تہ جهيڙِيان،
لايئہ ڏينهنَ گهڻا، مون سين ڪيئي ٿورڙا.
بيت - 32
ڍوليو وئو ڏور، سي ٿي ڏينهن گذاريان،
مادر مون مَ چور، نات پڌري پوندي پرينءَ ري.
بيت - 33
لاھيندا ئي ڪن، ڳالهيون ھلڻ سنديون،
ڏيندا مون ڏُکن، وَہ وِجهندا جندڙو.
بيت - 34
مون کي جياريوءِ، پرين جي ڳالهہ ڪري،
ڊَٺو اَڄ اَڏيوءِ، ھِينئڙو ڪوٽ برج جئَن.
بيت - 35
ونئن وڃي واٺ، ھينئَڙا ماڳ پرينءَ جو،
چُميو چُمڻ چانٺ، ھوءَ جا سندي سڄڻين.
بيت - 36
آءُ جن آساري، مٿي تَڙ گذاريان،
مون کي وساري، شال مَ وڃن اوھري.
بيت - 37
آھين آساري، مٿي تڙ گُذارئين،
توکي وساري، سنگت سامونڊين جي.
بيت - 38
سنهين لَڪِ، نَڪِ سنئين، ڪَجَل ڀنن نيڻ،
سامونڊي مون سيڻ، ڪي تو ڪالھہ لنگهائيا.
بيت - 39
ھي سَڄڻَ سيئي، جي مون ڪوڏ نھاريا،
ايندم جان پيهي، تہ سڀ لاھيندم ڏاکڙا.
بيت - 40
چمڪيون چوڌار، ڌڄون ڌاڙيچن جون،
ماءُ سامونڊي آئيا، سهسين ڪري سينگار،
اُنهي جي پچار، ڪالهون ڪر ڪانگ ڪري.
وائي - 1
آيل ڪريان ڪيئن، منھنجو نينھن اَپليو نہ رهي،
ويو وڻجارو نڪري، مونکي چاڙهي چيئن،
سامونڊين جي سڱ کي، رئان راتو ڏينھن،
اڏوهيءَ جيئن ڏکڙا، چڙهيا چوٽيءَ سينئن،
گوندر مٿان جندڙيءَ وريا ولين جيئن،
مادر پائي مُنڊيون، وڃان هاديءَ سين.
وائي - 2
پرين جي پنڌان، مون کي جي جهلينديون،
سي نہ پڄنديون،
ڀلي ڪري آئيو، ٺاٺارو ڏيهان،
ڀڳي ڪٽ سڄي ٿي، لٿي جاک ڳران،
سرتيءَ سورَ پرائيا، ھاڻي ھن ھنڌان،
تان ڪي واس وھائيان ٻاروچي مُلان،
تان ڪي ڏونگر ڏوريان، جان ڪڙھ اندر ساھ،
مَتيون موٽڻ سنديون، تون ھڏ آڇ مَ ماءُ.
وائي - 3
تڙ نھاريان تي، منهنجا بندر ويڙا جي،
مان سڙھہ سڃاڻان سڄڻين،
اُڀي اوسہ ڀانئيان، ڪارڻ وڻجاري،
وڻ ٽڻ ٻڌي وانئٽيون، جر ٿر ڏيا ڏئي،
گهڻون اُڪنڊي آھيان، پرينءَ پنهنجي کي،
کٿوري سمنڊ کي، آڻيو آکا ڏي،
آسائتي آھيان، الا ڪانڌ اچي.
فصل ٻيون
بيت - 1
جي ويا پهرئين پُور، آھيان گهوري اُن جي،
سامونڊئيڪو سُور، ماءُ ماريند م ڪڏھين.
بيت - 2
سامونڊين سعيو، سدائين سفر جو،
ڪو ڏيهہ چتايو، اُونهي وڃن اُھريا.
بيت - 3
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
اَٺ ئي پھر اٿن، سعيو ڪنهن سفر جو.
بيت - 4
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
مون بيٺي ئي ھليا، بندر جي تڙن،
سرتيون سور سندن، مون ماريندو جندڙي.
بيت - 5
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
ھلڻ ھارا سپرين، رئان تان نہ رھن،
آءٌ جهلينديس ڪيترو، آيل سامونڊين،
پڳہ ڇوڙي جن، وڌا ٻيڙا ٻار ۾.
بيت - 6
لاھيان جي نہ چِتان، الا اُن مَ وسران،
مڙھيو منجهاران، جيءُ منهنجو جن سين.
بيت - 7
چَتان جي نہ چُرن، الا اُن مَ وسران،
مون من آھي تَن، مڙھيو منجهاران ھينين.
بيت - 8
تڙين تنوارين، ماءِ سامونڊي آئيا،
مون کي جيارين، وايون وڻجارن جون.
بيت - 9
اولا کڻي اُوءِ، پڳہ ڇوڙي پنڌ ٿيا،
آيل سامونڊين جي، آھي اڙانگي جوءِ،
ڪڏھن ڏسنديس روءِ، وري ھن اکين سين.
بيت - 10
لڳي اُتر ھيرَ، سامونڊين سڙھہ سنباھيا،
ننگر کڻي ناکئا، ٿيا سڻاوا سير،
ھيئنڙي نت اُڪير، کاري کيڙائن جي.
بيت - 11
اُتر لڳي اوھريا، واھوندي ورن،
آءُ گهڻو ئي گهوريان، سودو سامونڊين،
اڱڻ جن اچن، عيد در تي اُن کي.
بيت - 12
اڱڻ آئيا جان، تہ سرتيون مون سک ٿيا،
اَملھہ پرينءَ مٿان، ٻرڪيو ٻين ڏيان.
بيت - 13
آئي اُتر مند، ھنئين اُڊڪو نہ لهي،
وَٽينِ لاجو بند، ٻيهر مکين ٻيڙيون.
بيت - 14
لاجو ٿا لَوَن، اچن سڙھہ اُپٽيا،
ڪارڻ تن پرين، ويٺي واٽ نهاريان.
بيت - 15
سڙھہ سڃاڻيو چوءِ، سامونڊي آئيا،
مانَ منهنجو ھوءِ، جاني ھن جهاز ۾.
بيت - 16
سڙھہ ٿي سبيائون، بندر جن تڙن تي،
سڙھہ سبي ساڄا ڪري، کوھا کنيائون،
بيرقون بحرن ۾، ڇوڙي ڇڏيائون،
لهريون لنگهيائون، لطف ساڻ لطيف چئي.
بيت - 17
سڙھہ ٿي سبيائون، بندر جن تڙن تي،
ملان معلم خبرون، پُڇي پوريائون،
سُتَڙ سوٺيائون، اوتڙ ڪنهن نہ اوليا.
بيت - 18
بندر ديسان ديس، ملھہ نہ ملي وارئين،
فقيراڻي ويس، املھَہ ڏين اڻ توريا.
بيت - 19
پتن پوءِ پچار، اُن ڪي سڙھہ ويندا گڏيا،
اُڪنڊَ مون اَپار، شال منهنجا موٽيا.
بيت - 20
اُڀيون تَڙَ پوڄينِ، وَھون وڻجارن جون،
آڻيو اَکا ڏينِ، کٿوري سمنڊ کي.
بيت - 21
جنين ڪارڻ مون، ٿي تڙ پوڄارا پوڄيا،
پنيم اُميدون، سي ئي سڄڻ آئيا.
بيت - 22
وائٽيون ٿيون ورڪن، اڃا سڙھہ نہ پڌرا،
سيئي ٿيون مرڪن، جنين سندا آئيا.
بيت - 23
کوھن سر وائٽيون، وائٽين سر ڳنذَ،
کِيرين کِيرين کنڊَ، ماءِ سامونڊي آئيا.
بيت - 24
جر تڙ ڏيا ڏي، وڻ ٽڻ ٻڌي وائٽيون،
الا ڪانڌ اچي، آسائتي آھيان.
بيت - 25
جا جَرَ جاٽون نہ ڏي، ڏَيا نہ موھي،
سَڌون ڪوھ ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون.
وائي - 1
آئين مون کي زور مَ جهليو، جيڏيون،
آءُ ھلندي ھوت ڏي،
اونهي ويا اوھري، ترازون تاري،
مري رھنديس ماڳهين، سامونڊي ساري،
سور تنهنجو سپرين، مون معذور کي ماري،
ھاڻ نہ جيان جيڏيون، آءُ جا ڪُٺيس ڪوھياري.
وائي - 2
ڪرھل پائي لَڄُ، ڪوهہ نہ ويئين اُن سين؟
اُجاريائون لوليون، ڌُئاريائون ڌڄَ،
متان وھين ويسري، اُٿي ڀُورل ڀڄ،
سيڻن ساجهر لڏيو، تون آئي نھارين اَڄ،
ڪالھہ سبيايئہ ڪنجرو، انگون پاتيئہءِ اڄ،
ڪير سڻندو تنهنجون، ادورايُون اڄ.
وائي - 3
ويندي آءُ ھوتن وٽ، مون وهُہ وڻجارن سين،
پڳھہ کڻ مَ پاتڻي، جاني مون لاءِ جهٽ،
وايون وڻجارن جون، اديون اڄ نہ ھٽ،
ڳرھيان سور سفر جو، ھلي پنهنجي ارٽ،
پورينديس پرينءَ ڏي، ڪانہ ڪرينديس گهٽ،
ڏيئي سڙھَہ سير ٿيا، پير نہ لايائون پٽ.
فصل ٽيون
بيت - 1
پُران مانَ پُڄان، بندر مون ڏور ٿيا،
نہ مون ھڙ نہ ھنج ڪي، جو آءُ چئي چِڙھان،
اِيهين ڪج پاتڻي، جنهن پَر پرينءَ مڙان،
ڪارون ٿي ڪريان، تو در اُڀي ناکئا.
بيت - 2
ھڙ ۾ ڪين ھُئونَ، ھنئين ھُن نہ چاڙھيا،
سارو ڏينهن سمنڊ تي، لهي سڄ ويون،
جڏھين سائينءَ سبب ڪيونِ، تڏھن ستڙ ٿيا سيد چئي.
بيت - 3
اسان اُڌارا، آڻي اَونگ چاڙھيا،
منهن ڏيئي مون آئيا، سَمَهان سيارا،
اُڀرن سيڪارا، پسيو ور ٻين جا.
بيت - 4
مون اُڀي تڙ وٽ، پريَنَ پڳهہ ڇوڙيا،
ڪا مون ۾ گهٽ، نات سڄڻ سٻاجها گهڻو.
بيت - 5
مون اُڀي تڙ ھيٺ، پرين پڳهہ ڇوڙيا،
ڪا مون ۾ ڏيٺ، تان سڄڻ سٻاجها گهڻو.
بيت - 6
مون اُڀي تڙ جَهل، پرين پڳهہ ڇوڙيا،
ڪا مون ۾ اَل، نت سڄڻ سٻاجها گهڻو.
بيت - 7
مون اُڀي تڙ پاس، پرين پڳهہ ڇوڙيا،
ھو الله اُھار اوھرئا، آءٌ دم دم دعا ڪندياس،
آہ نہ لاھيندياس، موٽي ايندا مون گهرين.
بيت - 8
کيڙائن کارو، سنجهيئي سارئو،
آيل اُمارو، آھين پرئين پار جو.
بيت - 9
کاري کيڙائو، مٿي مِٺي موٽيا،
سودو ڪن نہ سون جو، وڏا وھائو،
موتي جي مھراڻ جا، تن جا طاماعو،
سامونڊي سائو، لنڪا لوٽي آئيا.
بيت - 10
لنڪا لنڪا ڪن، لي لنڪا جي اوھريا،
سڻي سون لنڪا جو، سک نہ سامونڊين،
پرھہ پڳہ ڇوڙيا، کاري کيڙائُن،
وڏي ڀاڳ ڀَرن، جي ڪَهيا ڪارونڀار ڏي.
بيت - 11
وڻجاري وري، پرہ پڳہ ڇوڙيا،
اوليون پسي اُن جون، پيئڙم ڳچ ڳري،
وينديس ماءَ مري، ساري سامونڊين کي.
بيت - 12
وڻجاري واري، پرھ پڳہ ڇوڙيا،
کيڙائو کاري، سنڀوڙا سيد چئي.
بيت - 13
وڻجاري وائي، سدا آھہ سفر جي،
آيلَ اِھائي، مُون ماريندي ڳالهِڙي.
بيت - 14
وڻجاري جي ماءَ، وڻجارو نہ پلئين،
آيو ٻارھين ماھ، پڻ ٿو سفر سنبهي.
بيت - 15
وڻجاريءَ ڪانڌاءُ، مون ور ويٺي گهاريو،
لڳي اُتر واءُ، ڍولو ھلڻ جون ڪري.
بيت - 16
جي تون وڻجارو ڪانڌ، تان مون ھڏ مَ لانئون لڌيون،
پرڏيہ مٿي سانگ، اٺئي پھر جنهن ڪيو.
بيت - 17
پرڏيہ پُوريائون، سامونڊين سڙھ سنباھيا،
ماءُ تن ماريائون، پاڻان وجهي گوندرين.
بيت - 18
کارو جي کيڙينِ، سيئي منهنجا سپرين،
رُئان، رھن نہ لَک سيئن، جَهليان جَهل نہ ڏين،
وِرِھَہ وَيڌ ڪَرين، آيل سامونڊين جا.
بيت - 19
ٿيا ڏياريءَ ڏينهن، سامونڊيُن سفَر جي،
مُون سر وٺا جيڏيون، ڏُکن سندا مينهن،
ڪيسَ نماڻي نينهن، کاري کيڙائن جي.
بيت - 20
ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهہ سنباھيا،
وجهيو ور ونجهہ کي، روئي وڻجاري،
ماريندي ماري، پِرهَ سُور پرين جو.
بيت - 21
ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙھہ سنباھيا،
ان کي مند اُتر جي، اوچتي آئي.
وڻجارن وائي، آھي پرئين پار جي.
بيت - 22
ٿي ڏياريءَ ڏيٺِ، ڍلو ھلڻ جي ڪري،
مکيو پنهنجون مڪڙيُون، چيٺين چڱيءَ چيٺِ،
رُئان رھن نہ سپرين، جانڪي جهليان بيٺِ،
مُون سين ڪري ميٺ، سڄڻ سفر ھليا.
وائي - 1
ائين اچي پسو، جيڏيون پيرا،
ووءَ! ھي جو وہ منهنجي جندڙي،
پائي وئڙا پير ۾، منجهان کرس کسو،
ڏيئي وئڙا ڏيهہ کي، سورن جو سَرسو،
آءٌ ڏوريندي اُن کي، ڏيئي تن تَسو،
ساءُ نہ آيان سور جو، ھاڻي ٿيون ھُسو،
متان وھو ويسريون، رڙھون تان رسو،
مندائتي مينهن جيئن، ويرو وتار وَسو.
وائي - 2
ڏک لاھيندم، ڏونگر! ووماءِ!
پرين جا، مون کي سڀيئي،
جو پسان سو ڀانئيان، پريان جو پَهي،
ڏاڍي ذت جتن جي، ويئي ڏيلُ ڏھي،
آءٌ ڏوريندي ان کي، رائي رات رھي،
ڏٺا وڻ ڪوھيار جا، ويئي اُڃ لهي.
سر سھڻي
فصل پھريون
بيت - 1
وھَ تکَ، واهڙ تکَ، جت نينھن، تکَ نرالي،
جن کي عشق عميق جو، سي خلوت خيالي،
وارئين سي والي، هينئڙو جن هٿ ڪيو.
بيت - 2
انڌيءَ وڇون، ڪنڌيءَ وڇون، تنگيان لهي نہ تک،
صورت جا ساھڙ جي، ڏيلَ پنهنجي ڙَڳَ،
واھڙ تنين وِکَ، جن سانڀاران سپرن.
بيت - 3
واھُڙ وَھن نہ وانءُ اڃا وَھہ اڳيٿيو،
گهر ويٺيون گهڻا ڪريو، سرتيون سنڱ سنوان،
صورت جا ساھڙ جي، سا جي ڏٺي آن،
ھوند نہ پليو مان، گِهڙو سڀ گهڙا کڻي.
بيت - 4
جيڏيون ڏٺيان جي، صورت ساھَڙڄام جي،
سکٿي ستيون ڪينڪي، ڪانڌن پاسي ڪي،
مُنهان ئي اڳي، گهِڙو سڀ گهڙا کڻي.
بيت - 5
ڏٺي جن ھيڪار، صورت ساھڙ ڄام جي،
سک ٿي ستيون ڪينڪي، ڀِري ساڻ ڀتار،
گَهڙيون گهڙنئان ڌار، ڪاھي پييون ڪُنَ ۾.
بيت - 6
ساھڙ منهنجو سرتيون، جي ڏِسو سڀيئي،
سمهو ڪين سک ٿي، وَرَ پاسو ڏيئي،
مُنهان اڳيئي، گَهڙو سڀ گهڙا کڻي.
بيت - 7
جيڪي ڏٺو مان، سو جي ڏٺو جيڏيئين،
گهر وَرنين سان، ھوند گهڻن گهوري ڇڏيا.
بيت - 8
گهڙن واريون تڙن تي، گهڙن گهڻيئي،
سڀڪا چئي، آءٌ سھڻي، لئہ پريان پيئي،
صُباح سڀيئي، پسبيون پاتار ۾.
بيت - 9
ڪَنڌيءَ پاس ڪِلا، دُونهان دوست مِهار جا،
پسي دَؤرُ درياھہ جو، دَھلج ڪيم دِلا،
مڇڻ ڪا گِلا، ساھڙُ سَمن جي ڪري.
بيت - 10
ساجهر سَنگهارن جي، ڪنڌيءَ ڪُنَ ڏٺام،
آسائبي ارواح جي، اُڀي تَڙ تڪيام،
وڏي وير لڳيام، گهِڙان گهوريو جندڙو.
بيت - 11
پريئن ڀر پريت مان، ٿو ساھُڙ سڏ ڪري،
جي نہ گهڙان موٽي وڃان، تہ ڪا ساھہ سَري،
ور جان پَتِ پري، گهڙان گهوريو جندڙو.
بيت - 12
ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون، “ساھڙ ساھڙ” ڪن،
ڪنين سانگو ساھ جو، ڪي “گهوريس” ڪيو گهڙن،
ساھڙ سندو تن، سِرُ سَھائي گهڙن جي.
بيت - 13
گهِڙي گهَڙو ھٿڪري، ٻهون نهاري ٻنگ،
“سر در قدم يار فدا شد چہ بجا شد”، وصل اھوئي ونگ،
رات جَنين جو رنگ، الله سي اُڪارئين.
بيت - 14
گهڙي گَهڙو ھٿڪري، ٻهون نهاري ٻنگ،
“وَاَما مَن خافَ مَقامَ رَبه”، ايُ لنگهيائين لنگهہ،
سِڪنديءَ کي سيد چئي، ڪين جهليندو جهنگ،
رات جنين جو رنگ، الله سي اُڪاريئين.
بيت - 15
گهڙي گهڙو ھٿڪري، چيلهہ ٻڌي چوتو،
مُنهنجو مَنُ ميهار کي، پار وڃي پهتو،
گوتي ۾ گوتو، مون کي محب ميهار جو.
بيت - 16
گهڙي گهڙو ھٿ ڪري، سانگو ڇڏي ساھ،
ويچاريءَ وڏيون ڪيون، دانهُون منجهہ درياھ،
ٻَرُ ٻانهہ ڇڏيو، وييس سڀيئي واھ،
مدد ريءَ ميهارَ جي، غرض سڀ گناھَ،
نُوري ڪر نگاھ ، تہ ساھڙ لنگهيان سير کي.
بيت - 17
گهڙي گهڙو ھٿڪري، ٻوڙيائين ٻانهون،
ويچاريءَ وڏيون ڪيون، وچ درياه دانهون،
موٽ محب پاھون، تاڪُن تَڪي آھيان.
بيت - 18
گهڙي گهڙو ھٿ ڪري، الاهي تُهار،
ڄنگَهہ ڄرڪي وات ۾، سِسيءَ کي سينسار،
چُوڙا ٻيڙا چِڪ ۾، لُڙ ۾ لڙھيس وار،
لکين چهٽيس لوھڻيون، ٿيلهيون ٿرنئون ڌار،
مڙيا مڇ ھزار، ڀاڱا ٿيندي سھڻي.
بيت - 19
وڻن ويٺا ڪانگ، وچين ٿي ويلا ڪري،
گهڙي گهڙو ھٿ ڪري، سُڻي سانجهيءَ ٻانگ،
سي ئي ڍونڍي سانگ، جتي ساھَڙُ سپرين.
بيت - 20
منهن جنهين جي مون، ڏٺو منهن ميهار جو،
آھيم ساھ سنئون، سو ڪيئن گهڙو گهوريان.
بيت - 21
گهڙو ڀڳو تہ گهوريو، مر چور ٿئي چوڙو،
“طالِبُ الموليٰ مُذڪر”، اِي ٻڏندن ٻوڙو،
ڪوڙھيو ڏَمُ ڪوڙو، مون ميهار مَن ۾.
بيت - 22
گهڙو ڀڳو تہ گهوريو، مر ٻيڻي ٿئي ٻانهين،
“طالِبُ المُوليٰ مُذڪر”، ايءَ پر اسانهين،
پَئان مَ پاھين، مون ميهار من ۾.
بيت - 23
گهڙو ڀڳو تہ گهوريو، پاڻان ھو حجاب،
واڄٽ وڄي وجود ۾، رھيو روح رباب،
ساھڙ ريءَ ثواب، آءٌ گهڻو ئي گهوريان.
بيت - 24
گهڙو ڀڳو تان گهوريو، ڀَڄي تان مَ گهڙي،
مولهاٽو محب جو، پڄي ٿيو ڀَري،
مَٿان وير وري، ساھڙ ڏنم سڏڙا.
بيت - 25
گهڙو ڀڳو تان گهوريو، ڀڄي تان مَ گهڙي،
محبتي ميهار سين، اٿم جيءَ جڙي،
دل ۾ تنهن دوست جي، چڻڪِي نِت چَڙي،
ڪُڏي پيَس ڪُن جي، آرَن منجهہ اڙي،
موجن ڀَر مھراڻ جي، لُڏيس ڪين لڙِي،
ساھڙ ڪاڻَ سڙي، لٽڪان لهرين وچ ۾
بيت - 26
گهڙو ڀڳو تہ گهوريو، تان ڪي تَرُ ھِينئان،
ادب اکڙين کي، ڏينهاڻي ڏيان،
ميهارن ميان، سنئون سونهائين پيچرو.
بيت - 27
گهڙو ڀڳو تہ گهوريو، آسرو مَ لاھيج،
“لا تَقنَطُوا مِن رَحمت اللهِ”، تُرھي اِن تريج،
حبيباڻي ھيج، پسين منهن ميهار جو.
بيت - 28
گهڙو ڀڳو، مُنڌ مُئي، ويا وسيلا،
سار ڇڏيائين سير ۾، ھَي رھيا حيلا،
سھڻيءَ جا سيلا، وحدت سڀ وڃائيا.
بيت - 29
گهڙو ڀڳو، مُنڌ مُئي، وسيلا وياس،
پيئي منهن مھراڻ جي، واڳن وات وڌاس،
ساھڙ سُڌ لڌياس، ثابت لنگهي سير مان.
بيت - 30
گهڙو ڀڳو، مُنڌ مُئي، وسيلا ويا،
تنهان پوءِ سُئا، سھڻيءَ سڏ ميهار جا.
بيت - 31
جڏھن وسيلنِ ، لوڙھي ڇڏي لڙ ۾،
پارارا پرينَ، تڏھين پڇي سھڻي.
بيت - 32
کامان، پَچان، پڄران، ٻَران ۽ ٻڙڪان،
اُڇريو پُئان آر ۾، ترسان نہ ڪنهن تڙ کان،
ڪاري ڪارونڀار ۾، واڳن جيئنَ وَڙڪان،
لهرين ۾ لڙڪان، ساھڙ رسج سير ۾.
بيت - 33
توڏي پيئي تار ۾، سنڊُ نہ کنيايئن ساڻ،
ڪاري ڪارونڀار ۾، پيئي پڇاڙي پاڻ،
مَتو جي مھراڻ، سھڻيءَ سنڪو ڀانئيو.
بيت - 34
اُونهيءَ ۾ اڌَ ڪيو، دِليلن دِلو،
ساھڙ مونکي سير ۾، ڍيلج ڪيم ڍلو،
واڳن وراڪيس وچ ۾، ڪُنن ڪيو ڪِلو،
ميهارَ توريءَ ناهہ ڪو، مُون بيهُوديءَ بَلو،
سِگها مُحب مِلو، تہ اُونهي منجهان اُڪرَان.
بيت - 35
ڪچو ڪم نہ آئيو، ڀُلايس ڀيلي،
ڪُڏي پيس ڪُن ۾، رُوح سندي ريلي،
واھَر ڪر ويلي، نہ تہ ساھڙ وڃان ٿي سير ۾.
بيت - 36
پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، وسيلا وسار،
لُڙ لنگهائي سوھڻي، پرت وجهنديءَ پار،
سي ترت لنگهينديون تار، اُڪنڊ آڳہ جن سين.
بيت - 37
پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وانءُ،
مٿان سائر سھڻي، پرت وٺجي پانءُ،
نينهن ڳنهندي نانءُ، ونءُ پريان جي پار ڏي.
بيت - 38
پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌ،
لالن تنين لڌ، عشق جن جي اڳ ۾.
بيت - 39
پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ،
عشق ساڻ اُٺاءِ، پير پريان جي پار ڏي.
بيت - 40
پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڃ،
ڀيلو ڀري ڀڃ، اُڪنڊ کڻ عميق ۾.
بيت - 41
آڳهہ عِشق واريُون جڏھن ڪيا جن،
تڏھن رسيا تِن، مِهڻا مُحب ميهار جا.
بيت - 42
ڪونهي آڳہ اھڙو، جهڙي محبت من،
اُڀيون اورئين پار ڏي، ڪُوڙيون ڪک پڇن،
ندي تن نيڙ ٿئي، جي ريءَ تُرھي ترن،
سڪ رساڻي سھڻي، اصل عاشقن،
سي جهليون ڪين ڪُنن، پڇن مَرُ ميهار کي.
بيت - 43
پُڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار،
فَاذڪُروني اَذڪُرُڪم، اَي پروڙج پار،
ترھو تنين بار، عشق جنين کي آڪرو.
بيت - 44
عشق جنين کي آڪرو، ترھو مٿي تن،
جي ساھڙ کي سڪن، تنين جَرِ جنڊ ٿئي.
بيت - 45
ترھو آڇ مَ تن کي، جن عشق سين آگاھ،
پُڇي مَسَ مَلاحَ، ساھڙ مڻي سھڻي.
بيت - 46
ساھَڙُ سا سھڻي سائِرُ پڻ سوئي،
آھي نِجوئي، ڳجهہ ڳجهاندر ڳالهڙي.
وائي - 1
ڪھڙي منجهہ حساب؟ ھوئڻ منھنجو ھوت ريءَ،
گولي ڀڄ گناھ کان، ڪونهي سوُل ثواب،
نہ ڪي تقاوتَ ۾، نہ ڪي منجهہ رباب،
خُديائي خوب ٿئي، لائين جي لعاب،
پلِيتُ ئي پاڪ ٿِئي، جُنبيو منجهہ جناب،
سو نہ ڪنھن شيءِ ۾، جيڪين منجهہ تُراب،
جي جَهرَڪيا جر تي، سي تان سڀ حَباب،
ھاديء سين ھُن پار ڏي، رڙهين ساڻ رڪاب،
چنبو وجهي چور جيئَن، آءُ ڇڙ عقاب،
ديد وڃايم دوست جو، ھلي منجهہ حجاب،
ڪسرت آھي قرب ۾، ادغا ۾ اعراب،
فنا وجهي فَمَ، ڪارن ٿيءُ ڪباب،
ڏي طھُورا تن کي، جي سڪن لاءِ شراب،
ھوئڻ منھنجو ھوت ري، ڪھڙي منجهہ حساب،
مُٺيءَ ڪيا مرض ۾، ياوَہ سڀ جواب.
وائي - 2
سچا ساھڙ مون کي تون، ونهيان واھر مون کي تون،
نيئي نيئي اول، پريان جي پار ڏي،
ڪُن جي ڪارونڀار جا، سي آءُ ڀانئيانڀون،
نيئي نيئي اول پريان جي پار ڏي،
سَندو جِيڻ آسرو، مَنان لاٿو مون،
نيئي نيئي اول، پريان جي پار ڏي.
فصل ٻيون
بيت - 1
ڪَر ڳل ڪوچ ڪُن گهڻان، جت جر واڳو جئائين،
پاڻ اُڇلي آبَ ۾، وَھَ سِر وڌائين،
لهريون لنگهيائين، لطف ساڻ لطيف چئي.
بيت - 2
ڪَرَ ڳل ڪوچ ڪُن گهڻان، جت دڙڪو منجهہ درياھ،
اَچيو اُتاھين گهڙي، سانگو ڪري نہ ساھ،
ساھڙ جي صلاح، پار لنگهايَس ٻاجَهہ سين.
بيت - 3
دھشت ڌوم درياھ ۾، جِتِ ھيبت ھُلاچو،
وِرچي وِيرن وچ ۾، ڪاڏي ويو ڪَچو،
ساهڙ ڄام سچو، ساڻي ٿيندم سير ۾،
بيت - 4
دهشت ڌُوم درياھ ۾، جت سٽاڻا سينسار،
بيحد باگو بحر ۾، ھيبت ناڪ ھزار،
ساريان ڪانہ سَرير ۾، طاقت توھان ڌار،
ساھَڙ ڄام سَتار، سگهو رسج سير ۾.
بيت - 5
دھشت ڌوم درياھ ۾، جت ڪڙڪا ڪُنَ ڪرين،
ٻِڇَل ٻانڊي ٻار ۾، لهريون لوڏا ڏين،
سناوَرَ ساھميا، جت سيڻاھيان نہ سنڊين،
ويريون واٽ نہ ڏين، ساھڙ سيرِ لنگهائين.
بيت - 6
دھشت ڌُوم درياه ۾، جت ڪَڙڪو ڪُنُ ڪري،
توڏي تاڪُن وچ ۾، مٿان ويرَ وَري،
آءُ ساھَڙَ منهنجا سپرين، پرتئون پير ڀري،
ھادي ھٿ ڌري، اونهي مان اُڪارِيئين.
بيت - 7
دھشت ڌوم درياھ ۾، ڪُنن جا ڪَڙڪا،
سهي ڪين سمونڊ جا، ماندي دِل دَڙڪا،
ساھَڙ ڄام سُڻڪا، فريادي فقير جي.
بيت - 8
دھشت ڌوم درياه ۾، جت ڪُنن جو ڪَڙڪو،
ڪونهي ڪائيارن جو، ٻار منجهان تڙڪو،
آھيم اُنهين پار جو، دل اندر دَڙڪو،
ڀڄي شڪ سيد چئي، سير سندو سَڻڪو،
والي ڪر وَڙُڪو، تہ ٻارِ لنگهيان ٻاجهہ سين.
بيت - 9
دھشت ڌوم درياھ ۾، جت لُڙ لهريون لس ليٽ،
آڻيو اوڀارن ۾، ٻانڌي ٻوڙي ٻيٽ،
جت چِڪڻ جي چَپيٽ، اُت سيد سير لنگهاءِ تون.
بيت - 10
دھشت ڌوم درياھ ۾، جت تکيون تَنوارون،
منهنجون مانَ ميهار کي، پهچن پُڪارون،
ساھَڙ سنڀارون، لهرن لوڏي نہ مران.
بيت - 11
دھشت ڌوم درياھ ۾، جت جايون جانارن،
نڪو سَنڌو سير جو، مَپُ نہ ملاحن،
درندا درياھ ۾، واڪا ڪيو وَرن،
سڄا ٻيڙا ٻار ۾، ھليا ھيٺ وڃن،
پرزو پيدا نہ ٿئي، تختو منجهان تن،
ڪو جو قهر ڪُنن ۾، ويا ڪين ورن،
اُتي آن تارن، ساھڙ سير لنگهاءِ تون.
بيت - 12
دھشت ڌُنسَ درياھ ۾، جت لهريون ڪن لوڙا،
سَوين اچي سمنڊ ۾، سيڻاھيا سوڙھا،
جي تارون ھُئا توڙان، تن ھُرڀ ڀانيو ھيڪڙو.
وائي - 1
ادا ڙي ڏوٿي، آءٌ پڇان تو ٿي،
ڪيچ رسنديس ڪيئن، ڏس مون ڏي،
نہ آءٌ سمي، نہ سومري، نہ آءٌ جت، نہ اوٺي،
آءٌ انهيءَ مان آھيان، جي ٻانڀڻ پڙھڻ ٻولي،
پرت ٿينديس، پرين پڇائينديس، پڇاڙينديس پوٺي،
سنجهي ويئڙو سپرين، ساجن پڇان سو ٿي،
سنجهي ساٿ پلاڻيو، تو پلاڻيو پوءِ ٿي،
ھٿان ٿي ھوت ويو، جتُ پڇين جو ٿي،
ھلج ھوت پنھونءَ ڏي، مَنجهان نِينهن نِڪو ٿي.
آتڻ وجهي آگ ۾، منجهان جوئن جوءِ ٿي،
سنجهي ساٿَ سڌاريو، پُنھونءَ پڇان پوءِ ٿي،
رويو رُئان رُڃن ۾، ھَي ھَي ھت ڪوھ هٿي.
وائي - 2
ڪهڙو سَنڱ سياڪو، ھاري مون ھوتن سين،
آءٌ ھيڪلي حَبَ ۾، نہ مون مِٽ ، نہ ڪاڪو،
پنڌ پيادي، پَنڌُ گهڻو،نہ مون اُٺ، نہ ناقو،
چڙھي نہ سگهان چوٽئين، ڏونگر ڪونهي ڏاڪو،
پرين پڇنديس پٻ ۾، وڻ وڻ وجهنديس واڪو،
ھوءِ جا پڪَ پنھونءَ جي، چَٽيان تنهن چُئاڪو.
پسڻ ڌارَان پرينءَ جي، فقير پوءِ مَ فاقو،
وچُ مَ پوءِ وصال ۾ لڳ مَ پوءِ لِياڪو،
آتڻ وجهي آڳ ۾، پڇنديس پوءِ پهاڪو.
فصل ٽيون
بيت - 1
تَڙُ تڪڻ، تار گهڙڻ، ايءَ ڪاڻيارن ڪم،
ڏَهہ ڏهہ ڀيرا ڏينهن ۾، ڏيئي ڏوراپا ڏَم،
عقل، مت، شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.
بيت - 2
گهيڙان ڪري نہ گُهور، تَڙ تڪڙ کان نہ لهي،
جنهن کي سڪ ساھڙ جي، پُورن مٿي پُورَ،
ڪاريءَ رات ڪُنن ۾، وَھمن ڪي وَھلُور،
جنهن کي ساڻ پرين جا سُور، تنهن کي ندي ناھ نگاھ ۾.
بيت - 3
جِئان گهڙي تِئان گهيڙ، ڪَپرو پڇن ڪُوڙيون،
ڏَمَ سين جسو ظاھران، من ميهار سينِ ميڙُ،
سا نَدي ڀانئين نيڙ، جنهن کي سِڪ ساھَڙ جي.
بيت - 4
جئان وھي تئان واٽ، ڪَپرو پڇن ڪُوڙيون،
جن کي سڪ ساھڙ جي، سي گهيڙُ نہ پڇن گهاٽُ،
جن کي عشق جي اُساٽ، سي واھڙ ڀانئين وِکڙي.
بيت - 5
اَوتڙان تڙ ٿيو، ڪنهن جِنهن گهڙي گهيڙ،
ڏم پاسي ڏُکندو، من سين مهارن ميڙ،
سا نَدي ڀانئي نيڙ، جنهن کي سڪَ ساھڙ جي.
بيت - 6
ڪنهن جنهن گهيڙ گهڙي، جئَن او تَڙان تڙ ٿيوس،
سالم ويئي سُھڻي، ڪُنن ڪين ڪيوس،
اُھي اکڙين ۾، پريان جو پيوس،
حقان حق ٿيوس، ھُئي طالب حق جي.
بيت - 7
توڏي توڙائين، نينهنُ نوازي سُھڻي،
ڳچيءَ ھار حبيب جو، لائق لڌائين،
سو تڙ سوٺائين، جيڏانهن عالم آسرو.
بيت - 8
ھُئي طالب حق جي، توڏي لاڪون توڙ،
نہ ملاح نہ مڪڙي، نڪي ٻڌئين نوڙ،
پاڻي پنيءَ ٻوڙ، سھڻيءَ ليکي سيرِ جو.
بيت - 9
پاڻي پنيءَ ھيٺ، سھڻيءَ ليکي سيرَ جو،
ڀيڙيو ٻڌي بيٺ، وڃي ڪُن ڪپيندي.
بيت - 10
وڃي ڪُنَ ڪپيندي، سُھڻي منجهان سڪَ،
ھڏ نہ ڀڳيس ھِڪَ، محبتي ميهار جي.
بيت - 11
توڏيءَ ٻي نہ تات، ميهار ئي من ۾،
جُه پڻ پييس رات، ھو ساھڙ، ھوءَ سھڻي.
بيت - 12
توڏيءَ ميٺا راڳ ھي، مجلس ميٺي تال،
گهر ڪي ميٺي ڪامڻي، اور انڪي ميٺي لاڄ.
بيت - 13
توڏي تهائين جي، سي ھتي ڇڏي حرص،
ساھڙ ڌاران سُھڻي، کوٽيون ڪن کرس،
وڏي اِيءَ وِرس، جيئن ڏم وٽ ڏينهن گذارئين.
بيت - 14
توڏيءَ کي تعظيم، ٻين سرنيان اَڳري،
اوڏي ٿي الف کي، مَنُ گڏيائين سين ميم،
جيلانهن ذات حليم، ملي تي ميهار کي.
بيت - 15
ساري سک سبق، شريعت سندو سھڻي،
طريقتان تکو وھي، حقيقت جو حق،
معرفت مَرڪ، اَصل عاشقن کي.
بيت - 16
صبر شاڪرن، آھي اوطاقن ۾،
جي واص ل ٿيا وصال ۾، سي ذرو ظاھر نہ ڪن،
وييت واھڙ ترن، ھينئڙا، جن ھڄي ويا.
بيت - 17
پل پل ٿي پِلي، ڏَم ڏھاڻي ڪيترو،
پسي دور درياھ جو، وچان ڪين ولِي،
ڪاري رات قريب ڏي، منجهان حُب ھلِي،
نہ ڪنهن جهول جَهلِي، ھُئي سمن پوري سھڻي.
بيت - 18
جهول نہ جهلي سُھڻي، سائر سَٽَ سندياس،
جنهن ڄائي اھڙي عاجزا، سا مَرُ مَرڪي ماس،
پسين جي پياس، تہ ڪي عشق آڻئين.
بيت - 19
نڪا جهول جهليس، نہ تانگهو نہ تار ڪي،
ڏَمَ ڏھاڻي ڪيترو، پر ۾ ٿو پليس،
تان تان جيءُ جَليس، ملي جان نہ ميهار کي.
بيت - 20
سيہ سيارو، پاڻي پارو، جهڙ، جهڪ ۽ جهول،
من اندر ميهار جا، ھينئڙي اچن ھول،
جيلانهن ٻڌيس ٻول، ٿي اَڙانگان آر تران.
بيت - 21
سياري سيہ رات ۾، جا گهڙي وسندي مينهن،
ھَلو تہ پُڇون سُھڻي، جا ڪر ڄاڻي نينهن،
جنهن کي راتيُون ۽ ڏينهن، ميهار ئي من ۾.
بيت - 22
سانوڻ گهڙي سڀڪا، ھي سَرَھي سياري،
تَنُ وڌائين تار ۾، ارواح جي آري،
محبتي ماري، ڪونهي داد درياه ۾.
بيت - 23
ٻانڌي جي ٻيلي ٿئين، تہ حال ڳرھيان ھيءُ،
سگهو ساعت نہ جندڙو، جر ري مُنهنجو جيءُ،
سانوڻ سيارو ڀانئيان، وهہ پريان جي ويءُ،
پار تنين جو پيءُ، وڃڻ واجب تن تي.
بيت - 24
واھڙ ڀريون نہ پاءِ، تو پڻ لکيو ڏيڻو،
سدا سانوڻ ڏينهڙا ھينئين نہ ھونداءِ،
وھاڻي وينداءِ، اوڀر اُتاھان لهي.
بيت - 25
واھڙَ وَھين مَ شال، سُڪي ٻيلا ٽيون ٿئين!
پسان تنهنجي پيٽ ۾، لاڻا لُوت، ليار،
جنهن تو سڀ ڄمار، آسائتيون ٻوڙيون.
بيت - 26
ڪَڙِ ڪَڙِ ڪُن مَ وَڄُ، ٻانڌي ٻوڙ مَ ٻار ۾،
مون تي جا ميهار جي، سا ڪيئن ڌُئان ڌُڄ،
توءِ گهڙنديس اَڄ، جي اُبتا آر ڪرين.
بيت - 27
ادا ڙي ٻانڌي، توکي ڪڙھان ڪِ پاڻ کي،
سوڌي خبر سڄڻين، تو ڪا تَڙ آندي،
تون پاتار ۾ پانڌِي، اسان پَنڌُ پرينءَ ڏي.
بيت - 28
محبتي ميهار جون، دل اَندر دُونهيون،
آڻيو وجهي آر ۾، لهاڻو لوھيون،
جي ساھڙ جون سُونهيون، سير سَنڌو تن کي.
بيت - 29
ٻانڌ مڙيئي ٻيٽ ۾، سُڪي ھُئڙا گڏ،
جڏھن ٿين ساھڙ سڏُ، تڏھن لُڙھي لهوارا ٿيا.
وائي - 1
پانڌي پرينءَ جو، اي آءٌ مان ڪو پسان،
ڀنر ڀِنيءَ اُسهو، ڏونگر ڏورڻ اسان،
مُندائتي مينهن جيئن، ويلو ويل ٿي وَسان.
وائي - 2
ڪُہ ڄاڻان ڪيڏاھين، مُنهنجو تَنُ تَڻي تيڏاھين،
سائين نيڻين نينهڙو، لڳائي ويڙا،
جيڏانهن عالم آسرو، مون پڻ آھ اوڏاھين،
دونهين دوست ميهار جي، ڏيئي جيئن ڏٺائين،
ساري سُپرينءَ کي، رھبر رت رنائين،
دامن تيڏي چنگل ميڏا، روز قيامت تائين،
پِير اسانڏا حضرت مِيران، جُملي جي آس پُڄائين.
فصل چوٿون
بيت - 1
اَديون سڀ اندام، منهنجا چَڙَن چوريا،
لارن جا لَنئُن لائي، سا ڪيئَن آڇيان عام؟
لڳيسَ جنهن جي لامَ، سو دوست دلاسا منجي.
بيت - 2
چوڌاري چَڙا، ٻُرن ٻيلاين جا،
سُتي سنڀارن جو، پيم ڪَن پڙاءُ،
وھڻ مون نہ وڙاءُ، سڻيو جهانءِ جهڄي ھنئون.
بيت - 3
چڙن چوري آھيان، سُک ٿي سُمهان ڪيئن؟
ساريان ساھڙ ڄام کي، ڏھہ ھڏھہ ڀيرا ڏينهن،
ميهارَ مرڻ سينئن، نيئرُ پاتم نينهن جو.
بيت - 4
ڪاراڪُن، ڪاري تڳي، ڪاريهر نڪڙڪا،
مَئي متي مھراڻ ۾، اچن دُپارا دڙڪا،
ويندي ساھڙ سامهان ڏنس جهول جَهڙڪا،
کڙڪن جا کڙڪا، سُونهان ٿيئڙس سَير ۾.
بيت - 5
کڙڪن کِجاياس، ٻيلي پاس ٻُرن جي،
ڇڻڪن جي ڇيڄ ڪيا، تن واري وِهہ وڌياس،
لاکو لطف الله چئي، اڇي آب گهڙياس،
سرتيون ڪنهن سڀاڳ کي، سڪڻ آءٌ سکياس،
وسان ٿي ويياس، مليس جي ميهار کي.
بيت - 6
کڙڪن خوش ڪياس، محبتي ميهار جي،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، آڌي تي اُٿياس،
ستي جاڳاياس، سانڀر سُپرين جي.
بيت - 7
جياريس سنڀارَ ،ڪوهہ ڪريندم گڏجي،
وير وَتار وجود ۾، پرينءَ جي پچار،
سي سڄڻ هُونَ نہ ڌار، جي ھينئڙي ۾ حل ٿيا.
بيت - 8
ٻيلي پار ٻري، مون کي چڙن چوريو،
محبتي ميهار جي، سُتي شاخ چري،
مٿي جهوڪ جُهري، پونديس پاڙيچن جي.
بيت - 9
ھُن ڀر سُيَم ھُوءِ، ستي سنڀارن جي،
چت چَڙن چوريو، ذوق ٿئَڙم جُوءِ،
محبت ۽ مجاز جي، بالله پييمِ بوءِ،
وڃي روبروءِ، ديکيان دوست ميهار کي.
بيت - 10
ھُنڀر سُيَم ھاڪ، سُتي سنڀارن جي،
محبتي ميهار جي، چَڙن چوريا چاڪ،
اُنهيءَ جي اوطاق، وڃڻ واجب مون پيو.
بيت - 11
ڪيڏانهن گهنڊ گڙن، ڪيڏانهن اُٺي ويئيون،
تيڏانهن ٿيون چرن، جيڏانهن پُٺ ميهار جي.
بيت - 12
سا جُوءِ مينهين نہ ٿئي، جيڏانهن منهن ميهار،
ڪپر ڪارونڀار، ڪيئَن لنگهنديون ڪُنڍيون.
بيت - 13
ڪٿي ٿيو ميهار، ڪٿي ٿو گهنڊ گڙي!
ڪٿي دونهين دوست جي، ڪٿي پَريون پارُ!
جيئن مون سڀ ڄمار، جر ۾ جهوتون ڏنيون.
بيت - 14
وڇن سين ويٺي، سورَ وياڇي سھڻي،
آن ڪا ٿِي ڏيٺي، مينهِن جي ميهار سين؟
بيت - 15
پُڄيو پينگهن پاند، ويٺي روءِ وڇُن سان،
ڪوهہ ڪرينديس ڪانڌ، گهڙو ڀڳو تان گهوريو.
بيت - 16
ڳچيءَ پايو ٻانهن، ويٺي روءِ وڇن سان،
لائيان لال لڱن کي، آئين جي چَرو ڪانهن،
آءٌ اوھان جي دانهن، سدا ڀُڻان سنَري.
بيت - 17
پينگها پسيو روءِ، وڃيو وٿاڻن ۾،
دونهيءَ پاسي دوست جي، پاڻ پڇاڙيو پوءِ،
سڄڻ سانگ سندوءِ، شال اچي اورانهون ٿئي.
بيت - 18
ڀيليان جت ڀڳيون، آئيون اُت وري،
ڪانهي ٻي ڳري، مينهن کي ميهارَ جي.
بيت - 19
مهاران مُرڪ، پيتائين پريم ڪي،
تنهن مَند متوالي ڪي، سندي صاف سُرڪَ،
لڳيس ڪام ڪرڪ، لوھان تکي لطيف چئي.
بيت - 20
ميهاران مهي، پيتائين پريم ڪي،
آرڪ سرڪ سيد چئي، لڳيس ڏُوت ڏھي،
سگهي تان نہ سهي، ملي جان نہ ميهارَ کي.
بيت - 21
مري تان مَ ميهارُ، وَٿاڻ ولهو مَ ٿئي،
وَڇن جي وڇار جو، ونگو ٿئي مَ وار،
ساھڙ مون سينگارُ، ماڻهن ليکي مهڻو.
بيت - 22
مينهون ھن ميهار جون، الا سڀ بچن،
وڇون جي ڪيرن ۾، سدا ٿيون سونهن،
مون کي ماڻڪين، تاڻي ھنيو تار ۾.
بيت - 23
مينهون ھن ميهار جون، الا سڀ جِيَن،
ڪاريون،ڪُنڍيون،ڪڪيون، واراڪيو وھن،
تُہ جا جانارن جي، ٻيہ ٻهہ ٻهہ ڪن،
اچي ريل رھن، مون سانڀارا سُپرين.
بيت - 24
چاھڪ چري، تار تَري، آيون مٿي آر،
ڪؤڙيون ڪَرَ کڻنديون، سُڻي سڏ ڌرار،
مينهون ساڻ ميهار، پَرچي پار لنگهنديون.
بيت - 25
چاھڪ چري، تار تري، آئيون مٿي ٻيٽ،
لُڙ لنگهنديون ليٽ،ڪلمي جي قرار سين.
بيت - 26
چاھڪ چري، تار تري، آئيون مٿيڪُنَ،
ڪؤڙين ڪَر کڻنديون، ساھڙ جي سَمن،
مينهون ساڻ اَمن، پرچي پار لنگهنديون.
بيت - 27
چاھڪ چري، تار تري، آئيون مٿي کوه،
سڻي سڏ ساھڙ جو، راضي ٿيندا روح،
مينهون ساڻ صبوح، پرچي پار لنگهنديون.
وائي - 1
مون کي ڪا مَ جهلي، پاڻُ سڀڪا پَلي،
آءٌ ويندڙي نينهن اُڇلي، ويندي آءٌ پار پرين ڏي،
تَنُ وڌائين تار ۾، آڌيءَ رات اڇلي،
پسي دونهيون دوست جون، جيءُ منهنجو جَلي،
ڏم ڏھاڻي ڪيترو، پر ۾ ٿو پلي،
ڪاري رات ڪُنن ۾ روح وڌائين رَلي،
محبتيءَ مھيار جي، ڪا سڌ مون کي سلي.
وائي - 2
توکي منڱان جو تون آھين، ٻيو در ڪونہ سڃاڻان،
الاھي عنايت سين، نوازين نماڻا،
انڌا ڪرين اڳ ۾، ڪوٺائين ڪاڻا.
وائي - 3
نهين نهين ميڏي وس، وو بنا دلبر ھَي دل ماندي،
سڪان ٿي سنگهار کي، باب نہ منهنجي بس،
مون کي مت ميهار جي، ڪانہ اچي بي ڪس،
درد دَسي آھيان، درد منهنجو دَس،
سُک نہ پڇي سُھڻي،ڏُک ڏُکيءَ کي ڏَس.
فصل پنجون
بيت - 1
سانده سڀ درياه، پَري ڪنڌي پار جي،
ڇڪي ڇوليءَ ۾ گهڙي، جتي جيءَ وِڻاھہ،
پسيوڏوهُہ ڏڪي ھينئون، آر مٿي ارواح،
جي توه ٿئي توڏانهن، تہ وير وھيڻو ناه ڪي.
بيت - 2
سانده سڀ درياه، پري ڪنڌي پار جي،
ڪني ڪماحَقهُ، آرَ مٿي اَرواح،
دلاسي دارين جي، سانچيو سانچي ساهُ،
جي توهُ ٿئي توڏانهن، تہ وير وھيڻو ناه ڪي.
بيت - 3
سڪڻ وارن سُٿرو، جي دھشت سان درياه،
اوڙڪ اُنهينءَ جو رھي، آرَ بنا ارواح،
ويندي ساھڙ سامهون، صدقو ڪنديون ساه،
جن کي حب اُنهيءَ جي آه، ساھَڙُ ساڻي تن جو.
بيت - 4
گھڙيا سي چَڙھيا، ايهين اٿيئي،
مئي مَتي مھراڻ ۾، پؤ ٽپو ڏيئي،
تہ ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاه سين.
بيت - 5
آڌيءَ اُڌاڻا، سرتيون ٺُڳ ميهار جا،
لنگهي سير سنوان ٿيا، ساھَڙَ سيباڻا،
ڀنيءَ تي ڀاڻا، پسان مانَ پرينءَ جا.
بيت - 6
آڌيءَ اُڌاڻو، ھنئَڙو مون ھٿن مان،
وِه پئي واھڙ تري، ساھڙ سيباڻو،
ڀيڄ ڀِنيءَ ڀاڻو، پي جو پَسي آئيو.
بيت - 7
لهرن لَکَ لِباس، پاڻي پسڻ ھيڪڙو،
اونهي تنهن عميق جي، واري ڇڏيو ماسَ،
جت ناهہ نهايت نينهن جي، کوءِ اُت پنهنجي خاش،
تڙن جي تلاش، لاه تہ لالن لڳ ٿئين.
بيت - 8
جيڏانهن چت چاهُ گهڻو، آرُ بہ اوڏانهين،
وڃي وه واڪا ڪيو، تکو تيڏانهين،
ميهار ملائين، لهرن منجهہ لطيف چئي.
بيت - 9
اکيون مُنهن ميهار ڏي، جن رکيون جوڙي،
ريءَ سنڊ، سيد چئي، تار گهڙن توڙي،
تَنين کي ٻوڙي، ساھَڙ سگهي ڪين ڪي.
بيت - 10
پَليان پَليو نہ رھي، نِرتئون نينهن نبار،
گهڙان گهوريو جندڙو، اٿل مون اوپار،
جنهين مَن ميهار، ھلڻ تنهين حق ٿيو.
بيت - 11
پس پسڻا پري ٿيا، اوري سندن آرُ،
درياه ريءَ سهاڙ،ڏسڻ گهڻو ڏھلو.
بيت - 12
پس پسڻا پري ٿيا، اوري آرُ سندون،
ڏسڻ گهڻو ڏُھلونِ، درياه ري سهاڙ کي.
بيت - 13
ڪاڏي وڃان ووءِ، جيئن وَھڻ وَڇارن مٽيو،
ڏوڌي پڇي ڏيہ جا، جَر سِرِ اُڀي جوءِ،
شڪستي، سيد چئي، چيهان ڪريو چوءِ،
ساھڙ سانگ سندوءِ، اچي اوراھون ٿئي.
بيت - 14
سَند ڏَمَ ڏھڪارَ ھڏھين ڪونهي ھن کي،
ھن پاڻيءَ سين پنهنجو، پُسائي نہ سينگار،
ڪارڻُ مُنڌ ميهار، ڪاريءَ رات ڪُنَ تَري.
بيت - 15
لکيو جو نراڙ، سو انگ ڪياڙيءَ نہ ٿئي.
پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪي لکيو لوح ۾.
بيت - 16
قلم جنين ھٿ ۾، جي واري ٻيو لکن،
تہ مهندان محبوبن، پُڇڻ پاھت ناھہ ڪو.
بيت - 17
ڏمُ ڏھاڻي ڏي، سندا ميهر مهڻا،
جھلي مَٿي جهولي ۾ پَلَي پايو سي،
مَرُ جان چاليہ چئي، سنڱا سپُيرين جي.
بيت - 18
جيهر لوڪ جَهپُ ڪَري، ذرو جاڳ نہ ھوءِ،
اوھير اٿي اديون، پُہ پريان ڏي پوءِ،
ڪچو چونم ڪوءِ، تہ مرڪ ڀانيان مهڻو.
بيت - 19
ھُوءِ جا ٻري باھہ، مَنهہ مهارن جي،
آڳھہ تنهن اُھاءَ، وڃي ڪُنَ ڪپيندي.
بيت - 20
تہ ڪر ڪيئن سُئي جي سير نہ گهڙي سھڻي،
ھت حياتيءَ ڏينهڙا، ھڏ ھن تان نہ ھئي،
چُڪي تنهن چَري ڪري، جو ڏنس اُن ڏُھي،
سھڻيءَ کي، سيد چئي، وڌو قُرب ڪهي،
ھنئهين ھوند مُئي، پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
بيت - 21
ڪا جا ڪُن ڪرينَ، ڀنيءَ ڀڻ جهڻ پاڻ ۾،
اکيون تنهن آب کي، آڌيءَ اُڪيرينَ،
توڻي تڪون ڏينَ، تہ اُڃ اُنهيءَ کي نہ لهي.
بيت - 22
ڪير ڪُن، آءٌ ڪير، ڪير ڏمر سهي ڏَمَ جا؟
قضا ريءَ ڪير ڌري، مٿي پاڻيءَ پير؟
ڀينر ڀنيءَ وير، لڌو ٿي لوڙيان.
بيت - 23
جي ٻڏان تہ ٻن، مَرُ او لجان اُن پار ڏي،
ڪنڌيءَ مٿان سپرين، مانَ ٻر ٻر اچي ڪن،
مُيائي سين تن، جيڪر اُٿي نڪران.
بيت - 24
لهر مڙوئي لالُ، وھن کٿوريان وترو،
اوٻارا عنبير جا، جَر مان اچن جال،
ڪُنن گهڙي ڪالهہ، سڪ پريان جي سھڻي.
بيت - 25
ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اُڀو آھون ڪري،
تو ڪيئن ٻوڙي سُھڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهَن،
درياه توتي دانهن، ڏينديس ڏينهن قيام جي.
بيت - 26
جيڪي ڏِٺئي تار ۾، ڪنڌيءَ سو ڪهيج،
جر وڏو جهاجهہ گهڻي، پاندُ مَ پُسائيج،
ساھڙ ساڱاھيج، تھ ثابت لنگھين سير مان.
بيت - 27
ڳؤرا ٻئي پار، ھنيون حيرت ۾ پيو،
وھان تہ ويرم پئي، نِينهن مَ پوءِ نِهار،
وڃان تہ واڪو ٿئي، پاڙي پوءِ پچار،
ھُتٿي وعدي جي وارَ، ھِت سُوٽون ڏينمِ سَرتيون.
بيت - 28
جا ھَڙَ اندر جيءَ، ساھَڙ ڏني ساه کي،
سا ھڙ ڇُڙي نہ ساه جي، سا ھَڙَ ساھڙ سينئن،
ساھڙ ميڙ سميع، تہ سا ھَڙَ ڇُڙي ساه جي.
وائي - 1
درد رانجهن دي ھي ماري، الا درد رانجهن دي،
ايڪ کِڻ دي ويکڻ ڪارڻ، گِهن گَيا دِل ساري،
ڪوئي حبيب طبيب بَتاوي، جو دارون دي دردا قراري.
وائي - 2
آتڻ ۾ ويهي، سڀ دُعا ڪريجاه جيڏيون،
ڪانهي بس بَهير کي، ھل چل پئي پيئي،
راه مسافر سڀڪو،ڪونہ ڏٺوسون ھت ڏيهي،
ساريندا صلوات کي، منجهہ قبر سڀ پيهي،
ڪوٺائو ڪريم جو، ڳالهہ پُڇندو ڪيهي؟
نوازيندو نُور سين، ناقصين کي اُت نيئي،
الله ھيڪ محمد بر حق، شال چوان مان ايهي.
فصل ڇھون
بيت - 1
ساھڙ جا سينگار، مون اڻڏٺا اڳي ھئا،
نہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھئي، نہ ڪا ٻي پچار،
نہ ڪوسج نہ چنڊ هو، نہ ڪا ڌوڌوڪار،
ملڪنئان مهند ھئي توڏيءَ جي تَنوار،
محبت ساڻُ ميهارَ، لايائين لطيف چئي.
بيت - 2
سھڻي کي سينگارَ، اڻ لکيا اڳي ھئا،
ڪُن فَيَڪُون ڪا نہ ھئي، نہ ڪا ٻي پچار،
مَرڪي ساڻ ميهار، لنئن لايائين لطيف چئي.
بيت - 3
گهيڙ لنگهيو گهاري، ميثاقان ميهار ڏي،
“اَلَستُ بِرَبَڪُم قَالوُا بَليٰ” پر اِھائي پاري،
ڏسيو ڏيکاري پرت پريان جو پيچرو.
بيت - 4
اَلَستُ ارواحن کي، جڏھن چيائون،
ميثاقان ميهار سين، لڌيون مون لائون،
سو موٽي ڪيئن پانهون، جو محفوظان معاف ٿيو.
بيت - 5
الَستُ ارواحن کي جڏھن چيائين جيئن،
قالُوا بَليٰ قلب ۾، ٿيو تفاول تِيئن،
محبتي ميهار جي، آءٌ نهوڙي نِينهن،
سَرتيون ساھڙ سينئَن، ھلڻ مون حق ٿيو.
بيت - 6
اَلَستُ ارواحن کي، جڏھن امر ڪيو احد،
ھو من ڪاڍو ميهار ڏي، سُھڻيءَ سڪڻ سڌ،
دِلو دور درياھہ جي، ڪيو ارادي اڌ،
جيڪي آيس ڏانهن عهد، سو پاري مُنڌ پاتار ۾.
بيت - 7
اَلَستُ ارواحن کي، جڏھن فرمايو فتاح،
هو من ڪاڍو ميهار ڙي، سھڻيءَ سڪڻ ساھ،
دلو دؤر درياھ جي، ڪيو ارادي اڌھ،
جيڪي آيس ڏانهن الله، سو پاري مُنڌ پاتار ۾،
بيت - 8
اَلَستُ ارواحن کي، جڏھن فائق فرمايو،
ھو من ڪاڍو ميهار ڏي، سھڻيءَ کي سعيو،
دلو دور درياه جو اوڏانهين آيو،
جيڪي ھاديءَ ھَلايو، سو پاري مُنڌ پاتار ۾.
بيت - 9
اَلَستُ ارواحن کي، جڏھن جاڳايو جليل،
سنئين راه سيد چئي، سوٺائين سبيل،
وحدت جي واديءَ ۾، ڪي قدر قليل،
درياه جي دليل، لکين لهوارا ڪيا.
بيت - 10
اَلَستُ ارواحن کي، جڏھن چيائين،
ھو مَن ڪاڍو ميهار ڏي، سھڻيءَ سدائين،
جيڪي آيس اوڏانهين، سوپاري مُنڌ پاتار ۾.
بيت - 11
کامان، پَچان، پَڄران، لُڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تؤنَس پرين جي، پيان نہ ڍاپان،
جي سمنڊ مُنهن ڪريان، تہ بہ سُرڪيائي نہ ٿئي.
بيت - 12
کامان، پچان، نہ مران، سَڙان ساري رات،
ٻن ٻيائي وجهي، ڪر پرين جي تات،
سيخون سنديون سڄڻين، اُڀرن آڌيءَ رات،
نہ ڪي ھٿ نہ ساٿ، ڏيهاڻون چنگ چڙھان.
بيت - 13
ڪاري رات، ڪچو گهڙو، اوڻٽيہ اونداھي.
چَنڊَ نالو ناه ڪو، دريا دَڙ لائي،
ساھَڙَڪارڻ سُھڻي، آڌيءَ ٿي آئي،
ايءُ ڪم الاھي، نہ تہ ڪُنن ۾ ڪير گهڙي.
بيت - 14
ڪاري رات، ڪَچو گهڙو، نہ ڪا سيڻاه ساڻ،
وجهي ويرم نہ ڪري پريان ڪارڻِ پاڻ،
محبت کي مھراڻ، سُڪي سڀ پَٽ ٿيو.
بيت - 15
ڪاري رات، ڪچو گهڙو، مٿان وسي مِينهنُ،
ھيڪو ڀؤ بيراه جو، ٻيو سانڀارا سينهن،
شال مَ ڇِڄي نِينهن، گهڙان گهوريو جِندڙو.
بيت - 16
ڪاري رات ڪُنن ۾، ڪهڙو اٿئي ڪَم،
متان جاڳي ڏَمُ، پُڇي پاڙي واريون.
بيت - 17
تَون جنهين جي آھئِين، تِنهن سين ڇِن مَ سَڱ،
پري پرائي پُرکَ سين، وڃي اڙايُئي انگ،
جتي جاڳندو ڏَمُ، تت ڪنڌ مٿانهون نہ کڻين.
بيت - 18
ڏَمَ کُٽنئي ڏِينهن، ويٺو جي وللين،
مڇڻ مارڳ لائيا، ھڏن مٿي ھيئن،
قَول ڀڃينديس ڪيئن، جي ٻڌم ٻيلائين سان.
بيت - 19
اورار نہ پرار، ويچاري وَھہ وچ ۾،
سُڪي ڏٺيءَ سپرين، ٻيو مڙوئي تار،
تون گهڙ ڪيم نهار، ٻڏندن سين ٻاجهو نڪري.
بيت - 20
ھُن پار، نہ هَن پار، ويچاري وَھہ وچ ۾،
نِيُڇ نِهاري نہ گهڙي، تنهن ۾ پيس تُنَ،
الا ساڻ اَمن، آرا ڪنهن اُڪارئين.
بيت - 21
سهسين سائر ٻوڙيون، مُنڌ ٻوڙيو مھراڻ،
وَهَ وڃايو پاڻُ، ھڻي ڪنڌ ڪَپَن سين.
بيت - 22
سھسين سائر گتن، توءِ سهڄ نہ مَٽي سھڻي،
تہ ڪي نينهن ڇڄن، پر تهين پرين جي.
بيت - 23
سُپيريان جي تُرھي، ٻُڏين ھَٿُ مَ لاءِ،
صباح تو چونداءِ، اسان تو اُڪاريو.
بيت - 24
سُپيريان جي تُرھي، ٻُڏن توءِ مَ لڳ،
جي ڀانئين پرينءَ مڙان، تہ پُور اُبتي وَڳ،
پاءِ تيڏاھين پڳ، ناه جيڏاھين نِجهرو.
بيت - 25
سُڪيءَ جي سانباھہ ۾، جڏھن ٻُڏيون جي،
ساھَڙُ تنهين کي، ٻيلي ٻنهيءَ ڪنڌيئين.
بيت - 26
سُڪي جي سانباهہ ۾، ٻڏين توءِ ٻُڏ،
ڪک ڪانڊيرا ڪاٺيون، ميڙي ٻڌ مَ مَڏُ،
نہ ڪو ساھَڙُ سڏ، نہ ڪا سڄڻي سُھڻي.
بيت - 27
سُڪيءَ ٻڏن جي، ساھَڙُ ساڻي تن جو،
لهرن سر لطيف چئي، ڪُلهن چاڙھيو ني،
جي پڇن پنڌ پري، تن اُماڻي اوڏو ڪري.
وائي - 1
جيڏيون آءُ تان نہ چوندي او،
ڏک ڏوراپو، سيڻن کي، مڃ او،
سڱا وڃن سُپرين، منت موتين مانَ،
ڀينر ڀيڻي حُج جي، ڪوھياري سين ڪانَ،
سو تون صاحب آھين، جو نہ ڀيرائين ڀانَ،
سوالي سَمَگئا، داتا ڏيئي دان.
وائي - 2
ڪا جا ڳالھہ ھئي، سا جا لوڪ سئي،
ٻاروچي جي من ۾ لا،
سر سَڳر پر پيچري، تون جا لوڪ سئي،
سَسئيءَ سڳر پٽئين،ڪير چوندو مُئي؟
پنڌ ڪريندي پرينءَ ڏي،ڪڏھن ڪانہ کُهي،
آن ڪا ڏٺي اوٺيا، کيرن پاس کُهي.
وائي - 3
جان جاڳان تان نهين وي، نال ڍولڻ دي،
اُس اُجا ڳڻ مئن جي ڪريان،
جس بيداري مين مٺي،
خواب خلوت ڀانئان، اس ڪاتي من ڪٺي وي.
فصل ستون
بيت - 1
تَڙ نہ گهڙي تورُ، مَن ڪاڍو ميهار ڏي،
ڏاڍو دور درياه جو، سڪڻ وڏو سورُ،
من ۾ موج ميهارَ جي، پهتسَ پريان جو پورُ،
ٻيلي ٻنهي ڪنڌئين، نت نهاري نورُ،
منجهان جَرَ ضرور، ڪچي کي ڪو مَ ٿئي.
بيت - 2
ٻوڙين چاڙھين مُون ڌڻي،ٻئي جو دعويٰ رسي نہ دمُ،
ھن منهنجي حال جو، ميهر تي معلم،
رکُ ڀيلي جو ڀَرمُ جو اَوتَڙ پيو اجهور ۾.
بيت - 3
دائم جا درياھہ ۾، سا مَڇي ڪِني ڪوه،
آھس ايء اندوه، پاڻي ڪٿي تہ پيان.
بيت - 4
ڪانڌي ڪَنگ ٿياس، وَھڻ جنازو سُھڻي،
ٻگها جي ٻيٽن جا، ڪلها تن ڏناس،
اکين مَلڪَ ڏٺاس، توءِ مَنَ ڪاڍو ميهار ڏي.
بيت - 5
اُڀو تَڙ ميھارُ، ملاحن سڏ ڪري،
آءُ پڻ وجهان ھٿڙا، آئين پڻ وجهو ڄار،
گهوريو ڪارونڀار، مان ملنئون سپُرين.
بيت - 6
ميهارُ ملاحن کي، اُڀو آڇي آڇِ،
آءُ پڻ وِجهان ھٿڙا، آئين پڻ وجهو رڇ،
ڪنڌيءَ ڪُنَ ڪُڻڇ، مانَ ھون سلامَت سپُرين.
بيت - 7
ميهار ملاحن کي، اُڀو ڪري سَڏَ،
ادا انهيءَ پار جا، موڙي اچو مَڏَ،
وئا جي وَه گڏ، ھلو تہ ڏوريون اُن کي.
بيت - 8
جتي ڀيرَ ڀرَن، ڀريون پون ڀَواريون،
تانگهہ نہ لڏي تاُئين، مَپُ نہ ماٽَيڙنِ،
ڪنڌيءَ اُڀا ڪيترا، سيڻاھيا سَنگن،
تون ڪيئن تن تڙن، اچو اساري گهڙين.
بيت - 9
ڀريون پرينءَ ڀر، پس جي پار پونديون،
آڻيو وجهي آرَ ۾، وڻ جي پَونس وَر،
سانباھي سمنڊ جي، قطب چئي ڪاڪر،
توڀانيو آءُ گَهرِ، تان آھين آرَ اکين ۾.
بيت - 10
ڀريون ڀر درياه، پس جي پار پون ٿيون،
ٻَڌ توڪَل جو تُرھو، آھر ساڻ الله،
جن جي ساھڙ ساڻ صلاح، سي ڪين ٻڏنديون ڪڏھين.
بيت - 11
سانڀارن سَڏَ ڪيو، اُڀا چونم آءُ،
ھڪ تکوئي تار وھي، ٻيو لُڙ لهريون واءُ،
ساڻي جن الله، ٻُجهان سي نہ ٻُڏنديون.
بيت - 12
سانڀارن سَڏَ ڪيو، اُڀا چونم اچ،
ھڪ تکوئي تار وھي، ٻيو ڪمينيءَ ڪَچ،
ساڻي جَنهين سچ، ٻُجهان سي نہ ٻُڏنديون.
بيت - 13
ھاري حق رکيج، سانڀاران ساھڙ جو،
خواب خيال خطرا، تن کي ترڪ ڏئيج،
اندر آئينو ڪري، پرين سو پَسيج،
انھيءَ راهہ رَميج، تہ مُشاھدو ماڻئين.
بيت - 14
ھاري رکج حق، سانڀاران ساھڙ جو،
خوابَ، خيال، خطرا، ٽنهي ڏيج تَرَڪ،
ڪريئين غَير غَرق، تہ مُشاھدو ماڻئين.
بيت - 15
سانڀارا سيئي، تَنُ جن جو طالبو،
مَنُ پريان نيئي، پَڳهيو پاڻ ڳري.
بيت - 16
سانڀاران سندان، وَڻ پسيو وھسي ھِنئون،
ڇَنا مَنهن مينهون، وَھيان وٿاڻان،
اکڙين عنات چئي، لايو لَنئن سيڻان،
ڪڙھان ٿي ڪيڻانِ، جيئن گهڻون اُڪندي آھيان.
بيت - 17
لَيا ڏٺم لارَ، سانڀاران ساھڙ جا،
ھنئون ھِتِ نہ وندري، ڌاراڙنئون ڌار،
منهنجو مَنُ ميهارَ، پَڳهيو پاڻ ڳري.
بيت - 18
گهڙي ۽ گهوري، مٿان پرينءَ جندڙو،
محبت جا مھراڻ ۾، تسو ٿي توري،
ڏمَ وڌو ڏوري، نہ تہ ڪُنن ۾ ڪير گهڙي.
بيت - 19
ٻارنھن ڪُن،ٻٽيهہ تڙ، تڙ تڙ مٿي تانگ،
عشق جنين جو سانگ، ٻُجهان سي نہ ٻُڏنديون.
بيت - 20
ٻارنھن ڪُنَ، ٻٽيھہ تڙ، تڙ تڙ تي ڀَٽُون،
اُٿيو آڌيءَ رات ۾، سُھڻي ڏئي سَٽُون،
ڇَڏيو کير کٽُون، لُڏي لهرين وچ ۾.
بيت - 21
ٻارنھن ڪُن،ٻٽيھہ تڙ، تڙ تڙ مٿي تُوت،
عشق جنين جو قُوت، ٻُجهان سي نہ ٻُڏنديون.
بيت - 22
ٻارنهن ڪُنَ، ٻٽيھہ تڙ، تڙ تڙ اُتي تُوءِ،
ھڪڙي رھي پوءِ، ٻيون مڙيئي لنگهيون.
وائي - 1
ويجهي وندُر جن وڻن، اي اوڏي آيس جان،
پِريان جي پيچرن،
جي تو اوڏا ڀانئيا، سي ڏونگر ڏورڏسن،
مدي نہ ھُيَن مَنَ ۾، ڪيچان ڪوهہ اچن،
مَرِڻ منهنجي کي ڪيو، ھي پَہ ٻاروچن،
سُونهن سَنگر پَٽيئين مَنهَن معذورن،
وُندر وائي جا وھي، مونکي سا نہ سَلن،
آڻي ٻڌا اوٺئين، موتي کي مَيَن،
لاٿائون لطيف چئي، لڏون ڀَرِ لَڪَنِ.
وائي - 2
اکيون پير ڪري، وڃجي، وو وڃجي،
سپيريان جي ڳالهڙي،ڪنهن سان ڪين ڪجي،
لِڪائي لوڪ کان، ڳوٺان ڳجهڙي نِجي،
محبتي ميهار جو، سور نہ ڪنهن سَلجي.
وائي - 3
لڙڪي لَنئُن نہ سڃاتو، راند ڀانيائين راز کي،
انڌو اُلوھيت کان، آھي اِيءُ اُماتو،
صباحَ سو نہ شمار ۾، ليکيان جو اڄ لاٿو،
پييَس ڪاڻ ڪريم سين، ٿِيسُ نمُرودي ناتو.
فصل اٺون
بيت - 1
ٻُڏنديٻُوڙن کي، ڪي ھاتڪَ ھَٿ وجهن،
پسو لڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن،
توڻي ڪنڌيءَڪن، ناتَ ساڻن وڃن سير ۾.
بيت - 2
ڪچي ڪاني ڪانهَن،ٻُڏا ڪڍي ٻارَ مان،
يا لنگهائي لطيف چئي، يا ڌُريان ڪري دانهَن،
ڪَما حَقہ ڪکن جي، آھي ڳالھہ آگاهہ،
يا ڏين ٻُڏن ٻانهن، نات ساڻن وڃن سير ۾.
بيت - 3
جان ڪي ڪنڌيءَ ڪانهن، تان تاڻي ٻڌج تُرھو،
ھٿ پريان جي ھٿ ۾، ٻئي کي ڏج مَ ٻانهن؟
سندي ڪَپرَ دانهن، ڪِ تو ڪَنين نہ سُئي؟
بيت - 4
ھاواڻا ھُلن، ڪَپرڪارونڀار جا،
لهريون لُڙ لطيف چئي، ڀيلي تي ڀُلن،
جي ڪچي ساڻ ڪَهَن، آگا تن اوڀائيين.
بيت - 5
آھين ھِتِ اَمانَ، ٻَڌ ترھو تار جو،
لهرين لُڙ لطيف چئي، جهليا جُنگ جوان،
اونهي تَڙ آگهاٽيا آڌِي پائي آڻ،
جي پيا مُنهن مَھراڻ، تن ٻانڌين ٻيٽ نہ اُڄَهي.
بيت - 6
ڪچو کان ڪنڀار، اوڳي ڳِڻيو اُٿيين،
ڪِ تو ڪَنين نہ سُئي، ڀيلي تي ڀُلڪارَ؟
لوڙھيا لک لطيف چئي، ڪؤڙين ڪارونڀار،
اُڪارئين آڌارُ، آرَ اکئين وارئين.
بيت - 7
ڪچي ساڻ ڪَهي، پڪو پُڇي نہ سھڻي،
لنگهيو لُڙ لطيف چئي، وڇارن وَھي،
سا ڪئَن نينهُن نهي، جنهن کي نينهن نِڌو کڻي.
بيت - 8
اونهي ۾ اوھري، ڪَهي ڪَچي ساڻ،
سُپَڪ جو سيد چئي، پُڇي نہ پَرياڻُ،
عشق واريون عبداللطيف چئي، سَڌُ نہ کڻڻ ساڻ،
جنهين پاسي پاڻ، سي اؤتڙان ئي اُکتيون.
بيت - 9
انگُ پَسي رنگُ ڪيو،ڪو جو دور دلي،
ٻرٻرٻيلي نہ ٿيو،ڪچو منجهہ ڪلي،
تڙانٿي تار گهڻون، تُنهنجي بحَر بِلي،
سو ميهار ملي، آھيان جنهن جي آسري.
بيت - 10
انگ لڳي رنگ بتليو، ڪو جو داغ دِلي،
مُون تان سهي نہ ڪيو، منجهان ڇوھہ ڇلي،
اَللهُ وَڪِيلُ الغافِلين، تريو وڃان ٿي تار ۾، سندي بَحر بلي،
اُھو ميهر شال ملي، جو سنڀوڙو سيڻاھہ سان.
بيت - 11
ڀانيم نہ ڀيلو، مون کي داءَ ڌتاريو،
اڻکي مٿي اُسري، ڏنو روح ريلو،
تيلاھين ويلو، پيم واھڙ وچ ۾.
بيت - 12
ڪڍيا جي ڪُلال، سي پسي خالَ خوش ٿي،
پاڻي چِٽَ پسائيا، داءَ نہ جهلي ڌمالَ،
سُپَڪ ڀانيا سھڻيءَ، جوڀن جي جمالَ،
اڻکي جا احوال، معلوم ٿيا مَھراڻ ۾.
بيت - 13
ڪاري رات ڪچو گهڙو، نہ ڪا آڏيءَ اڏ،
ساھڙ سُڻج سڏ، فرياديون فقير جيون.
بيت - 14
ڪچو تان ڪوھہ، پَڪو نظر پرين،
ساھڙ منهنجو سُپرين، ڏم ڏٺي ئي ڏوھہ،
جي ڇُٽو جي ڇوهہ، تہ پورينديس پار مَڻي.
بيت - 15
اَڻکو تان ڪوه،ڪچو آيم ڪَم،
جيءَ جن جا جم، پڪا سي پُڇنديون.
بيت - 16
پڪا رڇڪنڀار جا، پڪي نِھائين،
مون کي تِيانئين، ڀيلو ئي ڀاڱي پيو.
بيت - 17
ڪَچي نہ ڪَٽُ جهليو، ڀيلو پيو ڀُري،
سارڇڏيائين سير ۾، ڪا ٻاھُن کي ٻُري،
لٽي لهريون ويئيون، چوڌاري چري،
ھيِنئڙي منجهہ ھُري، ماھيت ملڪ الموت جي.
بيت - 18
ڪَچي ڪَٽُ نہ جهليو، ڀيلو پيو ڀَڄي،
ماھيت مَلڪ الموت جي، منجهہ وجود وڄي،
ساھڙ کي سڌ، اَڻکي جي احوال جي.
بيت - 19
ڪَچي ڪَٽ نہ جهليو، ڀيلو سهي نہ ڀَرُ،
ھٿين، پيرين، آڱرئين،ٻانهُن ڇڏيوٻَرُ،
ساھَڙ سگهو وَرُ، پييَس مُنهنِ مَھراڻَ جي.
بيت - 20
ڪچو کاءُ ڪُنڀارَ جو، چٽايُم چَئي،
آڻي رکيم آبَ تي، مٿي ڪُن ڪهي،
لهريُن منجهہ لطيف چئي، پرزا ٿيو پئي،
سُپَڪ ھو سهي، پر ڪرم کڻي ڪچوڪيو.
بيت - 21
جت پَڪو پُرزا ٿئي، تتِ ڪچوڪندوڪيئن،
ھتُ حقيقت ھِيئَن، ھِتِ ٿي نالا ڳنهي نِينهن جا.
بيت - 22
ڀيلِي ڀُلائي، پَسي چِٽ چَري ٿي،
ٻَرٻَرٻُڏي سھڻي، ويرن ۾ وائي،
ڪچي ڪيرائي، لعل لهرين وچ ۾.
بيت - 23
پَڪو کڻج پاڻ سين، چڱو چٽائي،
ڪَچوڏيج ڪُلال کي، مُنهن تي موٽائي،
سو سڻ ھنئين سيڻ سھڻي، جيڪي فائق فرمائي،
موجون مُنجهائي، مارينيئي مھراڻ جو.
بيت - 24
ڪو جو وريو واءُ، جيئن ٻَر ٻانھُن ڇڏيو،
اڳي ان تڙانءِ، اونداھيائي اُڪران.
بيت - 25
ھڻندي ٿَڪم ھَٿَ، ھينئڙي حُجون ڇڏيون،
لک لهرين گڏيون مؤجون وريون مَٿَ،
نِيم ڪُن قُوتَ، ڀُرڀلَيرا سپرين.
بيت - 26
ھنيڙي حُجون ڇڏيون، قُوَتَ رھيم ڪانہ،
مون تي موٽج مون پرين، ساھَڙ ڄامَ سُڄاڻَ،
آھيان گهڻو اڄاڻ، ڀُر ڀَليرا سپرين.
بيت - 27
ڀُر ڀَليرا سپرين، ڀَلا ۾ بي راه،
توريءَ تاري ناھہ ڪا، والي توريءَ واهہ،
ساھڙ جي صلاح، تن کي ڪڍي تار مان.
بيت - 28
تن کي ڪڍي تار مان، صُلح ساھڙ جو،
اُت آڏو اچي ڪين ڪي،ٻيليپوٻئي جو،
ميهار ڪج مُنهنجو، ڪو اوڪَرَ اِنهينءَ آر مان.
بيت - 29
جي تُون طالبُ تڙجي، تہ ڪچو کَنيئي ڪوهہ،
ڏيئين ڏھاڻي ڏَمَ کي، آڌيءَ راتِ اندوهہ،
ڏِيل تماري ڏوهہ، جا وَرُ ڇڏيو واھڙ تَرِين.
وائي - 1
مَ پاڙيچيءَ سارَ، آءُ جا ويندڙي وٽ وڇار،
ڏَمُ مَ جاڳي لو،
مون کي موليٰ ميڙئين،ڪُنڍن جي قطار،
ٻُرنٻيلاين جا، سانڀاران سنڀارَ،
وڃ مَ پوءِ وصال کي، سٻاجها ستارَ،
گهر گهر گلا جا وَھي، پاڙي پَنڌ پچار،
منهن چڙهيو مهڻاڙنا، مونکي ڪالهہ ڪنڀار،
آڻي ڪيرا کوڙيا، سنڀارا سنگهار،
آءٌ ٿي لڳيو لوڙهيان،ٽلح وڃنٽار،
تاڪُنِ تَڪي آھيان، سگهو رسُ سَهاڙ.
وائي - 2
ويٺي ڪين وساري، محبت وڌڙي ماري،
ديواني يار وو! مستاني! دِلبرُ جاني ٿو جياري،
جنهن کي سڪ ساھڙ جي، سا گهايل گهر نہ گهاري،
ڏم ڏُھيلو ڏُکيو، سَر ۾ سوٽا ماري،
ٻيلي پاس ٻُرَن جي، تن گهڙڪن وڌيس ڳاري،
ٻيلي ٻنهي ڪَنڌئين، مُحبُ مينهون ٿو چاري،
ھوءِ ھونگارون پَوَن پُڪارون، تَڙ تَڙ دوست تنواري،
ھُوءِ جا پِڪ پِريم ڪي، آھيان تَنهن آساري.
فصل نائون
بيت - 1
جَر تَڙِ تِک تنوار، وڻ ٽڻ وائي ھيڪَڙي،
سڀيئي شئي ٿيا، سوريءَ سزاوار،
ھَمہ َ منصور ھزار، ڪھڙا چاڙھيو چاڙھيان.
بيت - 2
سَڀَتِ پچار پرينءَ جي، سَڀَتِ ھوتَ حُضور،
مُلڪ مڙيوئي منصور، ڪُهي ڪُهندين ڪيترا؟
بيت - 3
چُونم جي ھيڪار، مَ وَنءُ موٽي سُنهڻي.
دونهينءَ پاسي دوست جي، گهاريان سڀ ڄمار،
ٻانڌيڻان ٻيهار، ھوندَ نہ لِڱين لائيان.
بيت - 4
جان ڪي گهَران مَ وڃ، نات موٽ مَ سُنھڻي،
ٻيون ڀيري ڀَڃُ، ھيڪڙائي ھٿ ڪري.
بيت - 5
مرج وٽ ميهار، متان موٽين سُھڻي،
ساھڙ جا سينگار، متان ڏَمَ ڏيکارئين.
بيت - 6
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آھين،
نِيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
بيت - 7
جي قيامَ مڙن، تہ ڪَرَ اوڏا سُپرين،
تهان پوءِ سُڄَنِ، واڌايون وصالَ جون.
بيت - 8
وڃان ڪين وري، ھُوند ريءَ چئي رھي رھان،
دونهينءَ پاسي دوست جي، ماڳهين پئي مري،
صورت نہ سُونهن ڪا، ڪِيسَ چت چَري،
وصالان فراق جي، سُڄي ڳالهہ ڳري،
تيلاھين تَري، مُنهن کڻيو موٽيو وڃان.
بيت - 9
آءٌ ڪ نہ ڄاڻان اِئين، تہ جَر گهڙي جوکو ٿئي،
قضا جا ڪريم جي، تنهن کان ڪنڌ ڪڍيو ڪيئن؟
ھڪ لکئي ٻئي نِينهن، آڻي اوليس اولَ ۾.
بيت - 10
ڪاتيءَ نہ ڪانهن، نہ ڪوڏوهہ قلم جو،
اَنگ اُتيئي لکيو، جتي نہ رسي ٻانهَن،
ڪنهن کي ڏيان دانهن، جئن قضا قلم وَھائيو.
بيت - 11
تڙن جا طعنا، سُهکا ڏينم سرتيون،
دريا ديوانا، سڻ حقيقت حال جي.
بيت - 12
تران لئي طعني، مٿان وَهَ واڪا ڪيو،
آڻي وڌيس آر ۾، دَريا ديواني،
قلم جي ڪاني، آڻي اوليس اولَ ۾.
بيت - 13
طعني لئي تران، مٿي وَھہ واڪا ڪيو،
مون کي سڪ ساھڙ جي، مر مُحبت منجھہ مران،
وچان ڪئن وران، ڪنڌيءَ منهنجو ڪارڻي.
بيت - 14
تران تان مران، وران تان وَهہ وترو،
ھِينئڙي ۾ ھوتن جا، اَچي گهورَ گهڻا،
پسيو پاڙي واريون، ڏسيو ڏوهَہ ڏَران،
وچان ڪئَن وران، ڪنڌيءَ منهنجو ڪارڻي.
بيت - 15
نہ ڪو سنڌو سُورَ جو، نہ ڪو سندو سڪ،
عدد ناهہ عشقَ، پُڄاڻي پاڻ لهي.
بيت - 16
عدد ناه عشق جو، سڻي ٿيءُ ساڻي،
ڪانهي پڄاڻي، مَهندان منڌَ ميهار جي.
بيت - 17
سڪ تنهنجي سپرين، جئَن تران تئَن تار،
تُونئين رھيو روح ۾، تونهين اَکنئن ٻهار،
پرين تُنهنجي پار، مون واجهائيندي ورهہ ٿيا.
بيت - 18
سِڪَ تُنهنجي سپرين، ڀيري ھَنيس ڀُون،
مَتان لاٿو مُون، سندو جيڻ آسرو.
بيت - 19
سڪ تُنهنجي سپرين، ڪَچي ۽ ڪوري،
سگهان نہ چوري، ڏاڍو نَيئر نينهن جو.
بيت - 20
سڪ تَنهنجي سپرين، اندر آھي اَجهل،
ٻَڙھڪيو ٻاھر نڪري، کوري کانئي کل،
ريءَ سيراھيءَ سَلَ، مون کي ڏنا سڄڻين.
بيت - 21
سڪ تنهنجي سُپرين اندر ٿي اَجهاڳ،
مَنجهہ ڀَريائين ماڳ، پَلٽيو پاريون ڪري.
بيت - 22
ڪي تران ڪي تار مون، ڪي سگهان ڪي سَگهہ،
آڏو ڏيج مَ لَڳ، مون ھيڪليءَ ولها.
بيت - 23
سڪَ سِڪندين لاهہ، وڇوڙيا ميڙِ پرين،
ايڏي سگهہ سچا ڌَڻي، توئي کي جُڳاءِ،
تَنُ جنهين جو ڄالبو، مِهر تنين کي پاءِ،
ميڙائي جو ماءُ، ڪانگ لَوَندو ڪڏھين؟
بيت - 24
ڏٺي ٿيم ڏينه ن،ڪوه ڄاڻان ڪهڙا پرين؟
نيڻَ ڀرجي نينهن پَلٽيا پاريون ڪري.
بيت - 25
ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪوه ڄاڻان ڪهڙا پرين؟
وَلِين جئَن وريام، گوندرَ غَم پِريَن جا.
بيت - 26
ڏٺي ڏينهن ٿيام ڪوه ڄاڻان ڪهڙا پرين؟
سهسين سڄ اُلُهي، واجهائيندي ويام،
تَن ريءَ سال پيام، جَن ري ساعت نہ سهان.
بيت - 27
گھر نہ، وَر نہ، وَٿ ڪا، آھم مَن ميهارُ،
اِن اوسيڙي اُٿيان، سنجهي ڪري سينگار،
پرين تُنهنجو پار، پسان مانَ پَر ڪنهين.
وائي - 1
آيل امڙ ٿي جيان، جي سارينِم سپرين،
گهڙو ڀڳو تان گهوريو، تان ڪي تَر ھنيان،
ادب اکڙين کي، ڏيهاڻي ڏِيان،
سنئون سُونهائم پيچرو، ميهارن ميان،
ساھڙ مٿان صدقو، ڏھين ڏَمَ ڏيان،
ماڻَڪ مٿان ھيڪڙي، امُلَ اَٺ ڏيان.
وائي - 2
وڃي سا رات وھاڻي، ريءَ پَسڻ پرينءَ جي،
ھهڙا اوڏا سپرين، تو ڪيئَن ننڊ رھاڻي.
وائي - 3
ھوئج ھوشيار، خبردار، تِرَڪَڻ آھي تڙ ۾،
کڏون کوٻا چِڪ چِڪنديون،ڪي نَيئي نهار،
آڌيءَ سي اُکڙنديونِ، اکيون جن ڪَپار،
مون سئو ملاحن کان، تڙ اڙانگا تار،
ھوتَ ھلندين کٽيو، وھَڻَ منڌَ وسار،
کَہ آتڻ، ٻَن جيڏيون، ڏيراڻيون ڏُئار،
پَڪو کڻج پاڻ سين، پرين تنهنجو پارِ،
ويندي واٽاڙُن کي، پٽيءَ ڪِيمَ پَچار،
پوندئين مُنهن ميهار جي، ڏَمَ وٽ ڏينهن مَ گهارِ،
ساھڙ کي سڻ سُھڻي،ٻِڇَلَ آڏي ٻار،
تار ترنديئن، لُڙ لنگهنديئَن، عشق جي آڌارَ،
پاندُ مَ ڇڏ پرينءَ جو، پهين جي پاتار،
ٿيندءِ سڏ ساھڙ جو، تو ڏي ٿي تيار.
وائي - 4
مدد ٿي ميهار يارَ، ساھڙ سير ۾،
اونهان ڪُنَ اتانگهہ تڙ، اولي ھَڻ آڌارَ،
ڏينھن ڏُھلا ڏم سين، آھيان آھيان ڌار،
ٻِڇَلَ ٻانڌي ٻار ڪري، اُتِ اُبتا آر،
تِتي گهڙي سُھڻي، آڳهہ ريءَ آڌار،
ڪاري رات ڪچو گهڙو، توڏيءَ ڪي تنوار،
سنڀُوڙو سيڻاھہ سين، سگهو رَسُ سَنگهار،
اوراران آھون ڪريان، پھچان شال پرار،
سڻيو جهانءِ جِهڄي ھِنيون، الله تو آھار،
تار ترنديَس، پرين پَسنديَس، وينديَس وٽ وَڇار،
پورينديَس پارَ مَڻي، سَهسين جي سينسارَ،
گولي گها گهائي گهڙي، جڳنٿا جانار.
ابيات مُتفرقہ
بيت - 1
ساھڙ ڌاران سُھڻي، آڌوتي آھي،
ڪُنڍيون جو ڪاھي، پاسي تَنهين پاڪ ٿئي.
بيت - 2
ساھڙڌاران سُھڻي، نِسوري ناپاڪَ،
نِجاسَتَ ناه ڪري، اُنهيءَ جي اوطاقَ،
ھوءِ جي کير پياڪ، پاسي تِنهين پاڪَ ٿئي.
بيت - 3
ساھڙ ڌاران سُھڻي، ھئي جُنبي جوءِ،
ھِن پاڻيءَ سين پنهنجو، مُور نہ مٿوڌوءِ،
جي پرينءَ پاسي ھوءِ، تہ ڪَرَ توڏيءَ تَڙُ ڪيو.
بيت - 4
ساھڙ ڌاران سُھڻي، ھيءَ تان جهڪي زال،
توڏيءَ تپ شُروع ٿيو، ھَي ھيڻيءَ جي حال،
جڏي رِيءَ جَمالَ، اگهي ٿي آھون ڪري.
بيت - 5
ساھڙڌاران سھڻي، آھي ۾ آزار،
ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکندو، صحت وٽ سنگهارَ،
توڏيءَ سندي تَنَ جي، دوا ۾ ديدار،
جي پسي مُنهن ميهار، تہ سگهائي سَگهي ٿئي.
بيت - 6
متان گهڙين سھڻي، اَڄ درياه ۾ دَمُ،
ڪاريءَ رات ڪُنن ۾، ڪهڙو اٿيئي ڪم،
متان جاڳي ڏمُ، پڇي پاڙي واريون.
بيت - 7
پُڇي پاڙي وارئين، ڪوهہ ڪريندو ڏم،
ڪاريءَ رات ڪُنن ۾، آھي ڪاڻيارن ڪم،
ھيءَ ھڏو ۽ چم، گهوريو مُحب ميهار تان.
بيت - 8
جان جان ھُئي جِيئري، ورچي نہ ويٺي،
وڃي ڀُون پيٺي، سڪندي کي سڄڻين.
بيت - 9
جان جان ھُئي جِيئري، ويٺي نہ ويساند،
لڙي لهرنِ پاندِ، مُيائي ميهار ڏي.
بيت - 10
وَرُ اُونداھي راتڙي، کوءِ چانڊوڻي چانڊا،
اوري مهاران، مُنهُن مَ پسان ڪو ٻيو.
بيت - 11
سدا پڇ مَ سُھڻي، اونداھي اڌ رات،
پِريان ڏي پرڀات، ونءُ ڏيٺاري ڏينهن کي.
بيت - 12
سائِرَ ٻوڙي سُھڻي، نہ ڍوري نہ ڍنڍ،
اکين مَنجهہ اُڪنڍَ، مُيائي ميهار ڏي.
بيت - 13
ڏيهاڻي ڏمر ڪري، مُحبت مٿي مُون،
تنهن کي اچي تون، پريم ڪوھہ نہ پلئين؟
بيت - 14
ساھڙ سُڪي ۾ ٿيو، پاڻيءَ منجهہ پُنو،
سندو ڪج ڪُنو، تار تَرندو ڪيترو؟
بيت - 15
سانوڻ، لهريون، ٻڙ واري، ٻر وار،
مون سين گهڻا اڀار، ڀلي تان ڀال ڪيا!
نه مون ناناڻيان کٽيو، نہ ڪي ڏاڏاڻيان،
پرينءَ جي پاران، وڏا مون سين وڙٿيا.
وائي - 1
منهنجون سڀيئي آيل ماءِ، مَنَ مرادون پُنيون،
جهڙي پريان ڳالهڙي، تھڙي ٻي نہ ڪاءِ،
ڪجي تان ڪوڏُ ٿئي، سُڄي تان سيڀاءِ،
ويہُ داتا جي در تي، شُڪر تنهن جُڳاءِ،
ڪانهي حد حمد جي، تہ ڪريان لالن لاءِ،
ڳڻيوڳڻيان ڪيتريون، وڏيون وڏاياءِ،
سو مون ھٿان نہ ٿئي، جيڪي تون جڳاءِ،
تو سَجيون، تو سَنديون، سِڪنِ توھين ساءِ،
اُڃ تُنهنجي اُڃيون، لوچَن توھين لاءِ،
دل دانهن ريءَ نہ رھي، مون کي ماٺ جُڳاءِ،
وائي - 2
جان جاڳان، تان نهين نال سڄڻ دي،
اس جاڳڻ ڪنون سمهڻ چڱيرا، جس جاڳَڻ مَين لُٽي وي،
خواب خلوت ڀانئيان، اس بيداري مين مُٺي وي،
جان جاڳان، تان جاني گيو، اس ڪاتي مَين ڪُٺي وي.
سر سارنگ
فصل پھريون
بيت - 1
آگمئو آھي، لڳھَ پَسُ لطيف چَئي،
وٺو مينھن وڏ ڦُڙو، ڪڍو ڌَڻ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمر سنباھَي،
وھو مَ لاھي، آسرو الله مان.
بيت - 2
آگَمَ ڪيا الله، لَڳَه پَسُ لطيف چَئي،
پَلرَ جي پالوٽ سين، پَٽَنِ جهليا پاہ،
واحد وڏا ئي ڪيا، مَٿي گَسن گاهَہ،
سانگين وريا ساهَہ، اُٺن آب آگُوندِرو.
بيت - 3
آگَمَ ايَ نہ انگَ، جهڙو پَسڻ پرينءَ جو،
سيڻن رِيءَ سيد چئي، رُوحَ نہ رچَن رنگَ،
سَهسين ٿيا سارنگ، جاني آيو جُوءِ ۾.
بيت - 4
جاني آيو جُوءِ ۾، ٿيو قَلبَ قرار،
وَھلو وچان ئي ويو، ڪري غم گُذار،
نظارو نروار، پَي پَسايو پانهنجو.
بيت - 5
اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَڍڙِيُون، اُتر ڏي آھين،
ڪَري آگَمَ آئيون، تہ مُند نہ مٽائين،
مٿان لوڪ لطيف چئي، گُوندَرَ گنوائين،
پَلرَ پيارنِ، اُڃيَنِ آب آگُوندِرو.
بيت - 6
ڇَنَ ڇَڏي پوءِ پَن نئي ڀَر اڏِمَ نِجهرو،
ڪانڌ سويري نہ ڪيئہ، پکي جي پَرن،
جُهڙ ڏٺو مُون اُڀ ۾، وڄون ڪن وَرَن،
سانوڻ جي سَمَن، متان ڍول ڍِلو وِھين.
بيت - 7
اڄ پڻ اُتر پار ڏي، تاڙي ڪي تنوار،
ھارين ھرَ سنباھيا، سَرھا ٿيا سنگهار،
اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.
بيت - 8
اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪَڪريون ڪاريُون،
وسي ٿو وڏڦُڙو، ٽهڪن ٿيون ٽاريون،
لَٿين لک لطيف چئي، ڍايون تاساريون،
ڀڄنديون ڀَٽاريون، وري وٿاڻ آيون.
بيت - 9
اَڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪري،
وسايو واٽڙين تي، ٿو خالق کَنڊَ ڀري،
پاساريان پَري، سانگ مَ وڃ سُپرين.
بيت - 10
اَڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ،
وڄون وَسَڻَ آئيون، ڪري لعل لِبيسَ،
پرين جي پرديس، مُون کي مِينهن ميڙيا.
بيت - 11
اَڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪَڪَرَ ڪي چوٽي،
مُندائتي مينهن جي، کِوَڻ نہ کوٽي،
آءُ لالن موٽي، گهوريا رُسَڻَ ڏِينهڙا.
بيت - 12
اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪَڪَر ٿو ڪري،
روضي پاڪ رسولؓ جي، پَلٽيو پَٽَ ڀري،
وڄُن ساڻ وري، تھ سَنگهارن سُک ٿئي.
بيت - 13
اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪَڪَرَ ڪيائين،
مُندائتن مينهن جي، رُتِ نہ روڪيائين،
پَلرَ پلٽيائين، گهڻا سانگين سُکَ ٿيا.
بيت - 14
اَڄُ پڻ اُميدون، آگمَ سنديون اُڀَ ۾،
ساوڻَ پَسي سرتيون، سڄڻ ساريو مون،
آءٌ آسائِتي آھيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون،
گهر تہ گهرجين تون، مُند مڙيئي مينهن جي.
بيت - 15
وسي تڏھن وَسَ، مُند مڙيئي مينهن جي،
کَٽَرن کيٽا ڇڏيا، جي مَڙيون ٿي مَسَ،
گابا مٿي گسَ، ڏُکَ نہ ڪندا ڏُٻرا.
بيت - 16
وَسَڻ اکڙين جيئن جي، ھُوند سکين مينهن،
تہ ھُوند راتو ڏينهن، بَس بُوندنئون نہ ڪرين.
بيت - 17
وڄون وسڻ آئيون سارنگ سينگاري،
اُڃيا لَکَ لطيف چئي، پَلَرُ پياري،
وڄڙين واري، کڻي ڪعبي تي ڪَرَ نائيا.
بيت - 18
گام گندي گنج، ابر ۾ اُھاءُ ٿيو،
پَسي پَر پرينَ جي، ڏور ٿيا سڀ ڏَنج،
شال وسندو سنج، عاشق تي اوھيرا ڪري.
بيت - 19
اُٺو اوھيرا ڪري، عاشق مٿي اڄ،
ڏُور ڏُڪار ڀَڄُ، مينهن مُنهن ڏيکاريو.
بيت - 20
ڪَڪَر منجهہ ڪپار جُهڙُ نيڻنيون نہ لهي،
جهڙا منهنجا سپرين، تهڙا مينگهہ مَلار،
کَڻ اکيون، کلُ يار، وَڃنَ سُورَ سَنڌا ڪيو.
بيت - 21
جُهڙُ نيڻنئون نہ لهي، ڪَڪَر ھُون نہ ھُون،
ساريو سپرين کي، لُڙڪَ ڳلن سين پُون،
سي مر رويو رون، جن مسافر سپرين.
بيت - 22
اڱڻ تازي، ٻَهَر ڪُنڍيُون، پَکا پَٽ سُونهن،
سُرھي سيج، پَاسي پرين، مَرُ ٿا مينهن وسن،
اسان ۽ پرين، شال ھُونِ برابر ڏينهڙا.
بيت - 23
اُتران ٿي آئيو، تنهن ڪَڪَر لاتم ڪَسُ،
وٺو مينهن وڏ ڦڙو، ڪيو جوراني جَسُ،
نيڻ ٽِمندا پَسُ، وَسُ تھ ورن سپرين.
بيت - 24
اُتران ٿي آئيون، ڪري ھڪل ھوءِ،
ڀري تَلَ تَرائِيون، جوڙي ھَليون جُوءِ،
اچي روبروءِ، اُٺيون روضي تان رسول جي.
بيت - 25
روضي تان رسول جي، ڪيو وڄُڙين وارو،
ڀريائون ڀيرَ پئي، نظر سين نارو،
ھادي! ڀَر حڪم سين، ھيءُ تَڙ تاسيارو،
نرمل نظارو، پَي پَسايو پانهنجو.
بيت - 26
پَي پَسايو پانهنجو، نِظارو ناگاهَہ،
لَٿو ڪَٽ قُلوب تان، ٿي وُر وھَڻَ واهہَ،
اُميدون اَرواحَ، پَي پَسندي پُنيون.
بيت - 27
بر وٺا، ٿر وٺا، وٺيُون ترايون،
پرھھ جا پَٽن تي، ڪَن ولوڙا وايون،
مَکڻ ڀرين ھَٿڙا، سنگھاريون سايون،
ساري ڏُھَن سامهيون، ٻولاھيون رايون،
ٻانهيون ۽ ٻايُون، پکي سُونهن پانهنجي.
بيت - 28
بر وٺا، ٿر وٺا، وٺو جيسر ميرُ،
آگم ڪري آئيُون، پائُر ڀَري پيرَ،
لاٿائون لطيف چئي، وانڊَين مٿان وير،
سَرھا ڪيائون سير، سرھيُون سينگاريون ٿيون.
بيت - 29
بَر وٺا، ٿر وٺا، وٺي ڪڇ ڪنار،
پوڃاڙيءَ پَٽن تي، ڏِسُ نايائون نار،
سٻاجهي ستار، لاٿا ڏُرتَ ڏيهہ تان.
بيت - 30
مَڪي مٿان موٽيون، اُٺيُون تي عرفات،
روضي پاڪ رسول جي، رنگ ڪيائون رات،
وڄڙيُون پرڀات، موٽي مصر آيئُون.
بيت - 31
ڪيائون ميران سندو مُجرو، جَهرڪيون ۾ جيلانَ،
جتي غوث بهاؤالدين، اُتِ مَرڪيون ۾ مُلتان،
کَنوي خُراسان، سُک وسايُون سنڌڙي.
بيت - 32
لار لئيندي وڇَڙا، چيهي پير رتاسَ،
کڙيُون کُهنبي ورنيُون، موتي مُنهن ڳتاس،
پسي مينگهہ ميون چوي، جوھر جال جڙياس،
جُهومَڪَ بَستر پاس، وسي مينهن پَسائيا.
بيت - 33
ڪانڌَ مَ وِڪڻ ڪُنڍيُون، ڌَڻُ سڀوئي ڌار،
اَڀريُون سڀريون پانهنجيون، سسيون سڀ سنڀار،
ٻَن ڇَڏي ڇَن پئي، وڃي وَلهارَن وار،
تہ اچي اڱڻان بَهار، سَرلا ڪنديوُن سَڏڙا.
بيت - 34
سارنگ کي سعيو، توکي سعيو نہ ٿئي؟
گُري ٿو گُمان ۾، آيو ڪي آيو،
ھارين لاءِ ھرجاءِ ۾، ھادي ھلايو،
متان ايئن ڀانيو، تہ بادلَ آھي بَس ڪئي.
بيت - 35
سارنگ سارَ لهيج، الله لَڳ اُڃين جي،
پاڻي پَوڄ پَٽَن ۾، اَرزان اَن ڪريج،
وطن وَسائيج، تہ سنگهارن سُک ٿئي.
بيت - 36
سارنگ سائي سٽَ، جهڙي لالي لاک جي،
اِئن سي اُٻن اَنگيا، جئن سي چُنيءَ چِٽَ،
بَرسيو پاسي ڀٽَ، ڀريائين ڪُنَ ڪراڙ جا.
بيت - 37
سارنگ کي سارين، ماڻهو، مرگهہَ، مينهيون،
آڙِيون اَبَر آسري، تاڙا تَنوارين،
سِپون جي سمنڊ ۾، نئين سِڄ نِهارين،
پَلَر پيارين، تہ سنگهارن، سک ٿئي.
سارنگ سينگاري، وڄون وسڻ آئيون،
مون کي کوڻ خوش ڪيو، جا ڪڪر ۾ ڪاري،
جُهڙن جھُونگاري، لاٿم ڪٽُ قُلوب تان.
وائي - 1
منهنجي سيد سار لهندو، مون کي آھي اُميد الله ۾،
سجدي پئي سُپرين، زاريون زور ڪريندو،
اُمتَ ڪارڻ احمد، اُت نرمَل پاڪ نيندو،
سُورَ ڌڪاءُ ٿيندو، اکيون سڀ سج ڪڍِندو،
ميڙو ٿيندو مؤمنين، اُت محمد مير ملندو،
نفسا نفسي سڀ ڪو ڪري، داتا در دوڙندو،
مهلٻ ڏيندس مولو، اُت بَديون بخشائيندو.
فصل ٻيون
بيت - 1
ڀري ڀِٽ تي آئيو، سارنگ سهج منجهاءِ،
کِڙيون کٽڻ ھار جيئن، وڄون اُتر واءِ،
سُرھا سبزا ٿيا، ڊامڻ ڊِٻَ ڪيا،
پهري پَٽنئان، ڀريائين ڪُنَ ڪراڙ جا.
بيت - 2
ڀريائين ڪن ڪراڙ جا، وٺو وارياسو،
کوريتيءَ کِوَڻِ ڪيو، چڱو چوماسو،
ماڪاڻيءَ تان موٽيو، ڏيئي پَٻَ پاسو،
خالق ڪيو خاصو، چيهو چُکيءَ ڪنڌئين.
بيت - 3
چيهو چکيءَ ڪنڌئين، ڪيائين گڙنگ تي گُل،
ھَڏا ڪُٽيان ھَليو، ڀري تَرايُون تل،
آندائون آب اُڇَل، مٿي باغ بهار ڪري.
بيت - 4
اَڄ رَسيلا رنگ، بادل ڪڍيا برجن سين،
ساز سارنگيون سُرندا، وڄائي برجَنگ،
صُراحيون سارنگ، پَلٽيون رات پڌامَ تي.
بيت - 5
مينها ۽ نِينهان، ٻئي اَکَرَ ھيڪَڙي،
جي وسڻ جا ويس ڪَري، تہ ڪَڪَر ڪن ڪيهان،
بادَلُ ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جا ڪرين.
بيت - 6
بادَلَ تُم پي ڪَرُو، ڪٽڪ جت مڙن،
تَنگ ڀَڄَن، تَرڪَشَ پُسَن، سَڄڻَ چِتِ پَوَنِ.
بيت - 7
ڪُڻڪَن ڪانڌُ چت ڪيو، جُهڙُ پَسيو جِهڄَن،
ورَ ري وانڊِنِ اَڏيا، پَکا سي مَ پُسَن،
اُتر ڊاھي اُن جا، تہ ڪنهن کي ڪارون ڪَن،
وارثُ وري تن، اچي شال اولو ڪري.
بيت - 8
ڪڻڪن ڪانڌ چِٻ ڪيو، جُهڙ پسيو جُهڙ ڪَن،
سُڻيو رَڙ رعد جي، ڪَليُون ٿيون ڪَنبن،
ڪَليون ڪِين ڪُڇَن، ويچاريون وَرَنِ ري.
وائي - 1
کَرُ مَرُ کامي پَچي، آءٌ ويندي دَر دوستن جي،
جياٽين ڏُجَنَ تَڪِيو، سَڄڻُ تَيائين اچي،
نُور اپايو نينهن جا، دَر ڀلي جي نَچي.
فصل ٽيون
بيت - 1
گَنيرَ گَت سکن، چَلڻ جي چاهَ پِئي،
ھندو حيرت ۾ پيا، لالي ڪي لَبن،
چمڪن چوڏس چنڊ جئَن، وڄڙيون ٿيون وَھسَن،
لوچن ٿا لطيف چئي، پَسَڻ لئہ پرين،
قيصر قريبن، سنباھي ساڻ کنيا.
بيت - 2
مُند ٿي، مَنڊَلَ وَڄيا، ڪي اوھيڙن اوڪَ،
ڇاڇر ٿي ڇَنن ۾، مينهون چَرَن موڪَ،
سَرَھيون ٿيون سنگهاريون، پُويو پائن طوقَ،
ميها، چڀڙ، ڦنگيون، جت ٿين سڀيئي ٿوڪَ،
لاھئين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا.
بيت - 3
مند ٿي، منڊل وڄيا، تاڙي ڪئي تَنوارَ،
ھارين ھَرَ سنباھيا، سَرَھا ٿيا سَنگهار،
اڄ منهنجي يار، وَسڻ جا ويس ڪيا.
بيت - 4
مند ٿي منڊل وڄيا، آيو جُهڙُ جهاٽي،
ھڪ اَرزان اَن ٿيو، ٻيو مکڻ منجهہ ماٽي،
ڪلمي سين ڪاٽي، لاٿم ڪسُ قُلوب تان.
بيت - 5
مند ٿي منڊل وڄيا، موٽي آيو مينهن
لال پرين لکمير چئي، ساريم سارو ڏينهن،
جن سين لايو نيڻن نِينُهن، سي پرين پيهي گهر آئيا.
بيت - 6
گَنگُوءَ جيائين گوڙ ڪري، ڪاھيائين ڪاھُوجيءَ ڏانهن،
وٺو مينهن وَڏ ڦُڙو، سري ڀريائِين ساهہ،
ڏيئي پَٽن پاهہ، ڀريائين ڪُنَ ڪراڙ جا.
بيت - 7
ڏيئي ريج رائڪ کي، ڪيائين لوتڙيءَ تي لَلَ،
ڏلهي ڇڏيائين ڏَر کي، پاڻي ڀريائين پَلَ،
آندائين آب اُڇَلَ، موڪل ٿي مينهن کي.
بيت - 8
مُون جُهڙُ ڏٺو اُڀ ۾، ڍوليا لَڏ مَ لاهہ،
اچن آب اکئين ڪيو، وڄُون اُتر واءِ،
ڇَنَ ڇڏي پَٽ پاءِ، اَڏُ اُتاھين پکڙا.
بيت - 9
مُحبَ مُنهنجا سُپرين، آڻيئي الله،
توکي ساريو ساهُہ، اُڪنڍيو آھُون ڪري.
بيت - 10
وَسُ بادلَ وَسُ، تو وَسندي وس ٿئي،
اُڃائيون عنات چوي، رات تَنهين کي رَسُ،
نيڻَ ٽِمندا پَسُ، وَس تہ وَرَنِ سُپرين.
بيت - 11
لوڇڻ گهرجي اَجڪو، جهولو سَهي نہ ٺيُ،
سڻائج سَوڙَ کي، حال مُنهنجو ھيءُ،
اڱڻ آئيو ٿيُ، تہ ڍوليا ڪنهن ڍَنگ ٿيان.
بيت - 12
ڪانڌ تُنهنجي پاندَ ري، سنجهي سيءَ مَران،
ڪامَل ڪپاھن ۾، پيئي ٺار ٺران،
تاريءَ تنهن تَران، جئن ورُ وھاڻيءَ وريو.
بيت - 13
ڪانڌَ تُنهنجي پاند ري، سيءَ مَران سڀ رات،
ڪاملَ ڪپاھن ۾، نہ جَهپَ اَچيئي جهات،
اچين جي پرڀات، تہ آءٌ ٺيُ نہ ساريان،
بيت - 14
پاڇاٽَئان پئي، ٿيو آڳاٽَئان اڳرو،
چُڪسَ سڀ چئي، تڏھن موليٰ مينهن وسائيا.
بيت - 15
آگَم ڪيو اچن، سڄڻ سانوڻ مينهن جئن،
پاسي تن وسن، جي سڀ ڄماندَرُ سڪيا.
بيت - 16
مينڍو مينھن پسائيو، سري ٿو سيلو،
پَکي پيهي آئيو، رحمت جو ريلو،
ساڄن سويلو، ڀيڄ ڀنيءَ گهر آئيو.
وائي - 1
اَکيون مينگهہ مَلارَ،
صورت تُنهنجي سڀ جڳ موھيو،
سجدو فيلَ في الحال ڪيو،
پَسي مُطلبَ نُورُ نراڙ،
ڄاپڻ وقت ڄام جي، ڪريا ڪوٽَ ڪُفارَ،
آگي آسمان جو، توکي ڪاريو سَيرُ سَتارَ،
وَلَسَوفَ يُعطيڪَ رَبَڪ فَعرضيٰ، توسين قادرَ ڪيا قرارَ،
قادر پاڻ قَسم ڪيو، خاڪ قدمن جو ڪرتارَ،
آھين ڪَرَمَ ڪريم جا، اَحمد ساڻ اَپارَ،
اُڪنڍيا جي اَبَر کي، سرھا ٿيا سَنگھارَ،
موڪل ٿي مينھن کي، دوستَ ھٿان دلدارَ.
فصل چوٿون
بيت - 1
ٿانور اُٿي پَسُ، ڏيهہ کوِندي وِڄڙي،
تنين ڪارڻِ وَسُ، جن ورَ مٽي ڀائر ڪيا.
بيت - 2
ڏُونگها آڇ مَ تن کي، ڪاسا جنين نہ ڪمُ،
پنندي پرڏيهہ ۾، تن سوڍين ٿئي شرم،
اُٿڻ گهڻي ادب سين، ڳالهائين نَرم،
قادر ڪر ڪرم، تہ اُن جي وطن ۾ وَسَ ٿئي.
بيت - 3
اوڇڻ گهرجي آجڪو، پُکو نہ پيتَمُ،
دوست پڄاڻان دمُ، جا رھي سا رَنَ ٿئي.
بيت - 4
سڄڻَ سانوڻ مينهن جيئن، جُهڻِڪن پاسي جهوڪَ،
ڏيندا پاهہ پَتن کي، منجهان مينهن موڪَ،
لَسَ پيارين لوڪَ، آگَمَ ڪيو اکين سين.
بيت - 5
اڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪَڪَر ٿو ڪري،
وَسيو سي ڀري، جي ڏَرَ ڏِينهَن کانئيا.
بيت - 6
اُتران ٿي آئيو، تنهن ڪڪر لاٿم ڪَسُ،
وٺو مينهَن وَڏَ ڦُڙو،7 ڪيو جوداني جَسُ،
ڪيسَر چئي قلات، رات تَنهين کي رس،
نيڻَ ٽمندا پَسُ، وسُ تہ وَرَن سُپرين.
بيت - 7
واھُنديان وڄ ٿي، کُڙيو ڏَھُن کنڀات،
ڪُنڍيون ڪاھي گَس ڪريو، وڃون ڪريو واٽَ،
سنگهارن سُک ٿيو، لٿي اُڃ اُساٽ،
جُهڙ ڦڙ ڏيئي جهاٽ، پُسائينديون پٽيون.
بيت - 8
ڪانڌَ مَ ڪهڙ کوڙ، مون جُهڙ ڏٺو اُڀ ۾،
سٽائون سانوڻ جون، جُوڻيجو چئي جوڙِ،
لاَٿم گوندَر گوڙ، مون کي کِوَڻِ خوش ڪيو.
بيت - 9
سڄو صاف نھ اُڀري، سَرلي وچان سڄ،
مُنهن چڙھيو ماڻهن کي، وڌايون وڄ،
ھِينڙا کَپ مَ کُجِ، سِگها ملندءِ سُپرين.
بيت - 10
ڍَٽِ ڍُري پَٽِ پييون، پاسي پارڪر،
سڀيئي ڀريا سَرَ، پلَر جي پالوٽ سين.
بيت - 11
ڍَٽِ ڍُري پَٽ پيُيون، آيُون عمرڪوٽ،
پُسايائين پُلر سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽ،
چنچل ڏيئي چوٽ، سڀ سامارو سَر ڪيو.
بيت - 12
ڍٽِ ڍُري پَٽِ پيُيون، آيُون ڪاھي ڪاماري،
وٺا پَٽَ پُراڻ جا، وٺيُون ساماري،
ڪَڪر ۾ ڪاري، وڄڙين پسو ويس ڪيا.
بيت - 13
ڍٽِ ڍري پَٽِ پييون، ٿيا وَلهارين وِيءَ،
شمس قمر نہ پاڙيان، سيڻن جي شبيہ،
جي جاني اندر جيءَ، سي پرين پيهي گهر آئيا.
بيت - 14
ڍٽ ڍَري پَٽ پييون، وڄن ڪيو واڄو،
پکو پنهنجي پرينءَ لئہ، سبي ڪر ساڄو،
سَڄڻ سٻاجهو، ڀيڄ ڀنيءَ گهر آئيو.
بيت - 15
ڍٽ ڍري پٽَ پييون، وڄن ڪَيا وَرن،
اُونهين ٿي عيسو چوي، ڇاڇر سڀڪا ڇَنَ،
جي مُحبَ اندر مَنَ، سي پرين پيهي گهر آئيا.
بيت - 16
ڍٽ ڍري پَٽِ پييون، وڄن ڪيا ڌَرمَ،
واحد وڏائي ڪيا، ڪُنڍن ساڻ ڪَرَمَ،
سنگهارن شرم، رک منجهان سُپرين.
بيت - 17
وَسي ساري رات، صبح جو ساه کڻي،
مَجهيئي مينُهن پرينءَ جو، جي تن ۾ ھُويئي تاتِ،
تہ وھاڻي پَرڀات، ھوندَ بادلُ بس ئي نہ ڪَري.
بيت - 18
موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وارَ،
وڄون وَسڻ آئيون، چوڏس ۽ چوڌارَ،
ڪي اُٿي ويئيون استنبول ڏي، ڪَنِ مڃيا مغرب پارَ،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لھن سمرقنديُن سارَ،
ڪي رمي ويون روم تي، ڪي ڪابل، ڪي قنڌارَ،
ڪي دھلي، دَکن، ڪي گُڙن مٿي گِرنارَ،
ڪنھين جُنبي جيسلمير تان، ڏِنا بيڪانير بُڪارَ،
ڪنھين ڀُڄ ڀڄائِيو، ڪنھين ڍٽ مٿي ڪي ڍارَ،
ڪن اچي عمرڪوٽ تان، وَسايا وَلهارَ،
سائينم سدائين، ڪرين، مٿي سنڌ سُڪارَ،
دوستَ تون دلدارَ، عالم سڀ آباد ڪرين.
بيت - 19
موٽي مانڊاڻن جي، ڀري ڪيائين ڀيڄَ،
وڄون وَسڻ آئيون، سارنگ چڙھيو سيڄ،
تنهن نوريون نوازيون، ڏيئي ڏُوڻا ڏيج،
ٻج کڻي پٽ ھليا، ھاري منجهان ھيج،
راضي منجهان ريجَ، عالم سڀ آباد ٿيو.
بيت - 20
موٽي مانڊاڻن جي، تُڙي ڪيائين جوڙَ،
وڄون وسڻ آئيون، ٻَہ ٻَہ ٻڌائون ٻوڙَ،
اَنن جا عالم ۾، لکين ٿيا کوڙَ،
سارنگ لاٿي سوڙھہ، سانده سھائو ٿيو.
بيت - 21
موٽي مونڊاڻن جا، ڀري ڪيائون ڀر،
وڄون وَسڻ آئيون، ڪوڏان کڻي ڪَرَ،
مينهون پاڻ مُراديون، ٿڌا چَرَن ٿَرَ،
وڏي اوه آئيون، پُٺيءَ لائي ڦَرَ،
ساري اَچيو سامهيون، ڏين سنجهي کِيرَ سَڄَرَ،
ساڻ وانڍِن وَر، پَريون پَرچَڻ جون ڪيون.
بيت - 22
حڪم ٿيو بادل کي، تہ سارنگ ساٺَ ڪجن،
وڄون وَسڻ آئيون، ٽہ ٽہ مينهَن ٽِمنَ،
جَن مهانگو لهي ميڙيو، سي ٿا ھَٿ ھڻن،
پنجن منجهان پنڌرھن ٿيا، اِئن ٿا وَرق وَرن،
ڏُڪاريا ڏيہ مان، شال مُوذي سڀ مَرَن،
وري وڏيءَ وسَ جون، ڪيون ڳالهيون ڳنوارن،
سيد چوي سَڀِن، آهہ توه تُنهنجيءَ آسرو.
بيت - 23
اندر جُهڙ جهورِ وَھي، ٻاھر ڪَڪَرُ نہ ڪوءِ،
وَسائيندي وڄڙي، حُب جنهين کي ھوءِ،
لالن جنهين لوءِ، تن اوڪاڻين نہ اَکيون.
بيت - 24
اَندر جُهڙ جهور وھي، ٻَهر بَرسي بُوندَ اَپارَ،
وٽ جنهين جي يارَ، سي اوڪاڻين نہ اکيون.
بيت - 25
آگهمجي آئيون، اُتران ڪَري اُور،
جي پَرين ھُئڙا ڏُور، سي مون کي مينهن ميڙيا.
بيت - 26
سَرلي سُونَهن جي، ڪرکَٽَ سَڄَڻَ سپرين،
جي وانڍيون وَرَن ري، تن کي مينهن سَڄڻَ ميڙَيا.
بيت - 27
مُند ٿي مَنڊلَ وڄيا، ڪوڙين سڄڻَ ساري،
وَڏ ڦُڙي واڪو ڪيو، اُٺو اوتاري،
ڪَڙڪو ڪَن ڪنڍيون، مهريُن ماري،
گنگهر اڄ گهاري، وارو ڏيندي وڄڙي.
بيت - 28
وَسُ بادلَ وَسُ، تو وَسندي وَسَ ٿئي،
تو پِئڪا مُون ساھُرا، کِوَڻ ڀَلايو رَسُ،
تنِهين ڀاڳين وَسُ، جن وَرَ مَٽائي ڀائَر ڪيا.
وائي - 1
آئي مُندَ مَلارَ، آءُ کُهنبا ڪنديَس ڪپڙا،
وَسڻِ جا ويس ڪيا، اَڄ مُنهنجي يارَ،
لارَ لئيندي وَڇَڙا، ڀَنڙس ڀَنڀا وارَ،
پَکي آءُ پرينءَ جي، لَهہ تون سَيدَ سارَ.
وائي - 2
ملجانِ ملجانِ چوري چوري،
اسان نون سَڄڻَ سانول مِلجان،
بادلُ بَرسي وڄڙي چمڪي، بوند پَڙي ٿوري ٿوري،
صاحَب دانا بي نشانا، مَين تيڏي گهوري گهوري.
سر ڪيڏارو
فصل پھريون
بيت - 1
ڏِٺو مُحَرمُ ماهُ، سَونڪو شھزادن ٿيو،
ڄاڻي ھيڪ الله، پاڻَ وَڻنديون جو ڪري.
بيت - 2
ڏِٺو محرم ماہ، سونڪو شهزادن ٿيو،
مڪي مديني، ماڻهئين، رُنو مٿي راهَ،
تَنهن واحد کي واهَ، جو حڪمَ ھهڙائي ڪري.
بيت - 3
محرم موٽي آئيو، آيا تان نہ اِمام،
مديني جا ڄامَ، موليٰ مون کي ميڙئين.
بيت - 4
ميرَ مدينئان نِڪري،ڏيراڏنائون،
ڪاٺيءَ، پاڻيءَ، گاه کي، ماڻهو مڪائون،
چڙھندي چيائون، تہ ٿيندي ويڙه وڏاندِري.
بيت - 5
ميرَ مدينئان نِڪري، رِڙھيا مٿي رَند،
گهوڙا تن گهوٽن جا، پڙيا مٿي پَنڌَ،
جتي رھيا راتڙي، سي سُونهارا ھَنڌَ،
ڪُلها ڪرنگهَرڪَنڌَ، جُهرَن جُونجهارن جا.
بيت - 6
ميرَ مدينئان نِڪري، آيا نہ موٽي،
ڪارا رڱج ڪپڙا، اَدا نيروٽي،
آءٌ تن لوٺي، جي مير مسافر رانئيا.
بيت - 7
سختي شهادَتَ جي، مَلارُ مڙوئي،
ذرو ناه يَزيدَ جو، آثار اُھوئي،
ڪُسَڻ جو ھو ڪوئي، اَصلِ اِمامن سين.
بيت - 8
سختي شهادت جي، مڙوئي ملار،
ذرو ناه يزيد کي، عشق جو آثارُ،
ڪسڻ جو قرار، اصل اِمامن سين.
بيت - 9
سختي شهادت جي، سُڻ شاديءَ جو ڏِينهن،
ذرو ناه يزيد کي، اِي نِسوروئي نِينهن،
مَرگَ اُٺو مينهن، عليءَ جي اولاد تان،
بيت - 10
سختي شهادت جي، نسوروئي نازُ،
ڪي رندَ پروڙين رازُ، قضيي ڪَربلا جو.
وائي - 1
ميندي لاوَڻڏي، جِيئين شاهَ، ميندي لاوڻ ڏي،
قاسَم شاه سيج وڇاوڻ ڏي،
ميندي تيڏي رنگ رنگيلي، چوٽا لعلَ گلالَ،
ماءُ پيءُ ڏِٺئي سهرا، خبر نِماڻِيندي نالِ.
فصل ٻيون
بيت - 1
جهيڙو لاهِ يزيد، عليءَ جي اولادَ سين،
سا نہ پَسندين عيد، جا ھوندي مِيرَ حُسينَ سين.
بيت - 2
جَنِهين جهيڙيوڪالهہ، عليءَ جي اولاد سين،
ھَئي تنهين جي حالَ، جي جماعتي يزيد جا.
بيت - 3
جنهين جهيڙو اڄ، عليءَ جي اولاد سين،
ڀئي تَنهِين کان ڀُڄ، جي جماعتي يزيد جا.
بيت - 4
ڪلي ويرَ ڪٽڪ ۾، ھَئي جي حَسَنُ ھو،
تھڀيڙو پنھنجي ڀاءُ سين، ھوند پتنگ جئن پيو،
آھيڪيرٻيو، جو ڪري ھَلان مير حسين تي.
بيت - 5
ڪِلي وير ڪٽڪ ۾، سائُو سڀ نھ ھُونِ،
پِڙ تي سي ئي پونِ، موٽڻ جَنهين مِهڻو.
بيت - 6
ڪلي ويرَ ڪٽڪ ۾، پاکَرَ جو پائي،
اڃا اُن کي جيَئڻ جو، آسانگو آھي،
سُورِهُيہ سوچائي، جو رَڳوئي رڻ گهِڙي.
بيت - 7
حسن ناه حُسين وٽ،ٻيلي نہ ٻانهون،
ساڻيُہ شهزادن جو، آھي آڳاھُون،
يزيد جُلاھُون، تيلان ڪري تَڪڙيون.
بيت - 8
حسن مير حسين جي، سُئي جنگ جهانَ،
اُڏاڻا اُور ڪَري،ڪارين پکين ڪانَ،
پيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سيد سڀ مَلهائيا.
بيت - 9
حسن مير حسين کي، رُنو ٽِن ٽولَن،
گهر ماڻُهئين، جهنگِ مِرونئين، ۽ اُڀن ۾ ملڪن،
پکين پاڻُ پَڇاڙيو، تہ لڏيو ھوتَ وڃن،
الله شهزادن، سوڀون ڏِئين سچا ڌڻي.
بيت - 10
حسن مير حسين جو، جن نہ ھنئڙي جارُ،
خالقُ رب جَبار، ڪِين مَرھيندو تِن کي.
بيت - 11
پاوَنگُ اُڀو پڙ ۾، ھَڻي ھزارين ھُول،
جوھَرَ ۽ جڙاءَ سين، ڪاملَ سِر ڪنگول،
رَتو رَتَ رتول، مولهيو مير حسين جو.
وائي - 1
داغ سيني پَر غَم ڪا، ھي ماتم ڪا ياعلي،
جهنڊا ڦِڙ اٿيا، خبر لي آئيا، سُوز ڪَرو شاه قاسمِ ڪا.
فصل ٽيون
بيت - 1
ڪوپا ڪِلي ڪوڏيا، راوَتَ ڪين رھَن،
سائُوئن سر فدا ڪيا، اَڳيان اِمامن،
“يُجاھِدُونَ في سَبِيل اللهِ”، ڪُم اِھوئي ڪَن،
حورون ھار ٻڌن، سهرا شهيدن کي.
بيت - 2
ڪُوپا ڪلي ڪوڏيا، سائُو سِلحدارَ،
ھڪ ڀائر،ٻيا ڀائٽيا، ٽيان جاني جگر يار،
آرَڙ ۾ اِحسان سين، صُوبا ٿيا سَردار،
حُورن ٻَڌا ھار، سهرا شَهيدن کي.
بيت - 3
ڪاملَ ڪربلا ۾، اَھلبيت آئيا،
ماري مصرين سين، تن ڪافَر ڪَنبايا،
سچ ڪ بيبيءَ ڄايا، ھهڙا سُورهہ سُپرين.
بيت - 4
ڪاملَ ڪربلا ۾، آئيا سَيد شيرَ،
ماري مصرين سين، ڍُونڍَ ڪيائون ڍير،
دَھَليا اُتِ دليرَ، پَسي حَملو مير حسين جو.
بيت - 5
ڪاملَ ڪربلا ۾، آئيا جُنگ جُوانَ،
ڌرتي ڌُٻي لرزي، ٿرٿليا آسمانَ،
ڪَرهہ ھئي ڪانہ، ھو نظارو نينهن جو.
بيت - 6
ڪاملَ ڪربلا ۾، آئيا اَڄ اَمير،
ويهي ويرين سامُهان، تِکا ھنيائون تير،
ھئي ائين تقديرَ، اَصل اِمامن سين.
بيت - 7
ڪاملَ ڪربلا ۾، آيا پاڻَ پيهي،
پَهڪيائون پاڻ ۾، مُقابل ويهي،
قضا ھيءَ ڪيهي، ھي ھي ٿي حُسين سين.
بيت - 8
دوستَ ڪُهائي دادُلا، مُحِب مارائي،
خاصن خَليلنِ کي، سختيون سَهائي.
اللهُ الصمَدُ بي نيازُ، سا ڪري، جا چاھي،
اِنهي منجهہ آھي، ڪا اُونهي ڳالهہ اِسرارَ جي.
بيت - 9
ڪانڌ ڪلارين ڪپڙين، وَرَ وناهيو آءُ،
جِت سانگين جي سَٽِ وَھي، اُت وک وَڌنڌي پاءِ،
تان تان ڀؤ مَ لاه، جان جان نُوڌَين نہ چَڙھين.
بيت - 10
جمهنديون اَچن، جهوليون جُهونجارن جون،
پايو ٻُڪ ٻُهار جا، اُن جون وَھون واڪا ڪن،
پَٽَين، پار ڪڍن، رڻُ گجيو، راڙو ٿيو.
بيت - 11
ڏٺو ڪالهہ ڪَنهين، جُهونجهارِڪو جهڳڙو،
ھاٿُين ھَڏَ مُڇائيا، ريلو رتَ نئين،
ڀانئينِ سا سنئين، جِيان جي جوکو ٿئي.
بيت - 12
ڀڳو آءٌ نہ چوان، ماريو سين وسهان،
ڪانڌَ مُنهن ۾ ڌَڪڙا، سيڪيندي سُونهان،
تہ پڻ لَڄ مَران، جي ھُونسِ پُٺِ ۾.
وائي - 1
اَڄ نہ آيو امام، واويلا، مومنا، ماتامُ، واويلا،
اَن نہ پاڻي اُن کي، نہ ڪو وَٺڙن مينهُن،
ھئا سَٽاڻيءَ جنگ ۾، نَوَ راتيون ڏَه ڏينهَن،
دُلدُل گهوڙو شاهَ جو، مٿس لالَ پَلاڻي،
شيرُ شهزادي لڏيو سيد سيڄ نماڻي.
فصل چوٿون
بيت - 1
ڪا جا ڍري ڊُنگري، ڪو جو وريو واءُ،
عليءَ شير وياءَ، رِڻ ۾ پيُنِ راتڙي.
بيت - 2
مَرُ مرينَ، آءُ روئين، موٽي آءُ مَ ڪانڌ،
ڪَچن وڌا پانڌَ، جئَڻَ ٿورا ڏينهڙا.
بيت - 3
مَرُ مرين، آءُ روئين، موٽي ڪانڌ مَ آءُ،
مَڇڻ تو پئاءُ، ڪَچا ڪَنم جيڏيون.
بيت - 4
گهوڙن ۽ گهوٽن، جئڻ ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏھن منجهہ ڪوٽن، ڪڏھن واھي رِڻ جا.
بيت - 5
جَنتَ سندين جُوءِ، فائِقَ ھليا فِردوسَ ڏي،
فاني ٿيا في الله ۾، ھُوءِ سين ٿيا ھوءَ،
رب ڏيکارئين رُوءِ، اُنهن جي احسان سين.
بيت - 6
ڪاري ڪَڪَرَ ھيٺ، مُون جهڙيندي ڇڏيا،
ڪارا ڪُندَ ھٿن ۾، اَڙَلَ وَڇيرا ھيٺ،
ٿي تَنهين سين ڏيٺِ، موٽُڻ جَنهين ميهَڻو.
بيت - 7
بهادُر گڏيا بهادُرين، کَڙڳَ کِلَول ڪن،
وِجھَن ڌَڙَ ڌَڙن تي، ھاڪاريو ھَڻن،
ڪرنِ ڪَنڌَ نَچنِ، رڻُ گجِيو، راڙو ٿِيو.
بيت - 8
ھُئي ھدايتَ حُر کي، ازل ۾ اصلان،
چڙھي آئيو جنگ تي، ھلي ھُن پاران،
ايندي چيائين اِمام کي، گهوريُس ان مٿان،
“لايَڪلِفُ اللهُ نَفساً اِلا وُسعَها”، جيڪا پُڄنديم سا،
گهوٽ بہ لڳا گهاءَ، سو پڻ شيرُ شهيد ٿيو.
بيت - 9
حُرُ ھلي آئيو، مانجهي مَردانو،
آھي عاشق آگ جو، پَتنگ پَروانو،
مانَ راضي ٿئي رسول رب جو، نبي تو نانو،
ھيءُ سِرُ سَمانو، گهوٽَ مٿان ئي گهوريان.
وائي - 1
واويلا ڪيو ملڪنِ رِڻ ماتامَ!
ھئي ھئي، شاه حُسين سڌاريو!
ڪربلا جي پڙ ۾ خيما کوڙيائون،
جيڪا تقدير رب جي، لکيو لوڙيائون،
ڪربلا جي پڙ ۾، آيا اَمير،
جُهڙَ وَرائي جَهليا، طَرَفَ سندي تقريرَ،
پسي سختي مير حسين جي، رُنو نَبيُن زارون زار،
مَلڪَ فلَڪَ ڌرتي ڌُٻي، آئي عَرش مٿان اَوڇنگارَ،
“فرزند عليءَ جا دُادلا”، چيو بيبيءَ فاطمہ،
”خون ڇڪيندَيس، ڪين ڇڏيندَيس، جاني آن جو ڏينهن قيامت،
فرزند عليءَ جا دادلا، مون تان ڪوڏِ نِپائيا،
بيبيءَ بَتولہ جَنتَ خاتُونءَ، پار ڪڍي ڳَرِ لائيا.
فصل پنجون
بيت - 1
ڏاڙھيءَ رَتَ رتياس، ڏند تہ ڏاڙھونءَ گُلَ جيئَن،
چوڏھينءَ ماهَ چنڊ جيئن، پڙ ۾ پاڳڙياس،
ميڙي ۾ مُحَمد جي، مَر مَرڪي ماس،
تنهن سُوريهہ کي شاباس، جو مٿي پِڙ پُرزا ٿئي.
بيت - 2
ڏاڙھيءَ رَت رتياس، ڏندَ تہ موتيءَ ڳُتيا،
چوڏھينءَ ماه چنڊ جيئن، پڙ ۾ پيشانياسِ،
اَللهُ نُور السماوات والارضِ، جَلوو زميناس،
“سيمَاهُم في وُجُوھِهم”، منهُن ۾ مڻ ڳتياس،
ڪَڪرا ڪربلا جا، مادر ٿي ميڙياس،
ڦٽن تان رت ڦڙا، عليءَ ٿي اُگهياس،
مڙئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي.
بيت - 3
ڪوفين قهر ڪيو،ٿيا جماعتي يزيد سين،
پليتن کي پڙ ۾، ورنہ ور پيو،
سَڌر ھون سهو، شيرُ شهادت رسيو.
بيت - 4
ڪوفي ڪربلا ۾، پاڻي نہ پيارين،
اُتي عَليءَ شاه کي، شهزادا سارين،
نڪريو نهارين، چَڙھہ ميرَ محمد عربي.
بيت - 5
ڪوفين ڪاغذ لکيو، وچ وجهي اَلله،
اَسين تابع تُنهنجا، تون اَسان جو شاه،
ھيڪر ھيڏي آءُ، تہ تخت تابيني تُنهنجي.
بيت - 6
پرهَ پَکي آئيو، ڪربلا مان ڪَهي،
تنھن روضي پاس رسول جي، اچي ھاڪ ھنئي،
ڏٺَيم رُڪَ رئي، چڙھہ مير محمد عربي.
بيت - 7
پرهہ پکي آيو، صُبح سَوارو،
روضي پاس رسول جي، ھنيائين ھاڪارو،
مانجهين ڪيو مارو، چڙھہ مير محمد عربي.
بيت - 8
پره پَکي آئيو، ڪربلا مان ڪالهہ،
آه آلودو رت ۾، ھي منجهان حال،
گھوٽ وَناھِيا ڪالهہ، ٻيلي مير حسين جا.
بيت - 9
ڪربلا ۾ ڪُوڪ، ساجهر شهزادنَ جي،
عالم جا ملوڪَ، رڪ روھي جهليا.
بيت - 10
ڪربلا ڪڪوري، دُلدُل رتا پير،
سَٽون ڏيندي شير، مٿان سَج مُرڪيو.
بيت - 11
چار تراريون چيلهہ سين، ٻڌي ٻہ پاڳون،
اڳين جون آڳون، ڪونئَر ڪِلي ۾ موکيون.
وائي - 1
چلو يارو مسلمانو، ڪافر ماريا ھيء حسين ڪُون،
نورڪا پيالا، خدا دي ڀر پلايا ھي،
جنان دي گهوڙي ٻيڙي، تَناندي مالدي جهيڙي،
ھي وڃي ٿيا خاڪ سين ڀيڙي،
جنان دي لکہ ٿي ھِيري،
سدا مُکہ پانَ دي ٻيڙي،
ھي اُنهان ڪون کا گئي ڪيڙِي.
فصل ڇھون
بيت - 1
ڪونئر، ڪلي جا ڪوڏيا، جان ڪي تائين جيءُ،
مٿان اڙن اسري، رُڪَ پيالو پيءُ،
ڳاهہُ ڳِجهن ٿيءُ، ويٺي جن وره ٿيا.
بيت - 2
پاڪ جنهين جا پير، کٽان ھيٺ نہ کوڙيا،
تَنگ تَرارن تڇيا، ڇڻيو پون ڇڳير،
ڍونڍ تنهين جا ڍير، ڳجهڙين ڳري لائيا.
بيت - 3
ڇپرَ جئن پَهُون، تيئَن رڻ ڳجهن ڇانئَيو،
وَنڪَا وَنڪن گڏيا، ڊوڙيو ڏين ڊھُون،
مَهايَن وَھون، نِير مهانگو ڪنديون.
بيت - 4
ڳجهون ڳوٺ نہ ھُونِ، وتن ڪِلي جُون ڪوڏيون،
حسنَ مير حُسين کي، لميو لائون ڏين،
کُتا اکوڙين، چوٽا چُوڙيرِن جا.
بيت - 5
ڳجهڙين ڳارو، راتو ڏينهان رڻ ۾،
ڀُڻيو پُڇن پاڻ ۾، ڪنهن مُنهن ڪيڏارو،
کائِن کڳ مارو، ڪانئُر پيو ڪِنو ٿئي.
بيت - 6
ڳائو ڳِجهہ نہ کاءِ، ميهي ماسَ نہ ھيرئِين،
تَنهين لئہ واجهاءِ، ڪلنگيون جن ڪپار ۾.
بيت - 7
اکيون ڪڍ مَ ڳجهڙي، تارا تون مَ کاءُ،
پيو نہ پَسين پَٽ ۾، ريکڙ يارو راءُ،
جيري جنهن جوان جي، لَڳا نَوَ سَوَ نَوَ گهاءَ،
رات جنهن جي ماءُ، روئي پَرنيو رب کي.
بيت - 8
کَنڀَ کسنئي ڳجهڙي، لِڱين پوئي واءُ،
اَميرن مٿانءُ، جنهن تو ڦُلين ڇانئون نہ ڪيون.
بيت - 9
ڳجهن ويٺي ڳاريا، ڏَنجا ڏک گهڻا،
تنگي لٿين توڻ جي، سورهہ ساماڻا،
ڪندا راماڻا، ڪونئر ڪلي جا ڪوڏيا.
بيت - 10
سورهہ، مرين سوڀ کي، تہ دل جا وھم وسار،
ھڻ ڀالا، وڙھہ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار تہ متارو ٿئين.
بيت - 11
ھڻڻ، ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان اِيءَ مَرَڪ،
وجهن تان نہ فرق، رُڪ وَھنديءَ راند ۾.
بيت - 12
گهوڙو گهوٽ پلاڻيو، مٿس زين ڌري،
علي شير پُٽن کي، اُڀو سَڏَ ڪري،
قضا ڪيئن ٽَري، اَمرَ اِلاھي آئيو.
بيت - 13
آيا اُجارين، تيغون تراريون تيورا،
سانگيون سائُن ھٿ ۾، ڪُلهنئون نہ لاھين،
اڀائي آھينِ، مهائي مرڻ تي.
بيت - 14
ڀَڄي آئين ڀَڄڻا، لڄايئہ مون يارَ،
ويٺيون ڪن ڪوارَ، مُنهَن مٿاھان جن جا.
بيت - 15
منهن مٿاھان جن جا، سي پٽيون ڪڍن پارَ،
جيڏيون ھِنَ جهون جهار، سڀ اُجاري اَڇا ڪيا.
بيت - 16
ڀَڄي آئين ڀَڄڻا، لڄايئہ مون سيڻَ،
ويٺيون وجهن ويڻَ، منهن مٿاھان جن جا.
بيت - 17
چنڊَ وِھاڻيءَ چڙھيا، مَل مدينئان مِيرَ،
اُن سين طَبل بازَ تَبُرون، ڪُندَ ڪٽار اڪَير،
عليءَ پُٽَ اَمير، ڪندا راڙو رُڪ سين.
بيت - 18
چنڊ وھاڻيءَ چڙھيا، مل مدينئان ڄام،
اُن سين طبل باز تبرون، نيزا ۽ نيشان،
عليءَ پٽ امامَ، ڪندا راڙو رڪ سين.
بيت - 19
وھاڻيءَ چڙھيا، مل مدينئان گهوٽ،
اُن سين طبل باز تبرون، ڪُند ڪٽارا ڪوٽ،
عليءَ پٽ اَموٽ، ڪندا راڙو رڪ سين.
وائي - 1
امامن جو ڪريو ماتام، شهيدن جو ڪريو ماتام،
روئي روئي رت سين، اَکيون ڇو نہ ڀريو؟
جيڪي امامن سين ٿيو، سو تان پاڻڌڻيءَ پيدا ڪيو.
سُر سَسُئي
فصل پھريون
بيت - 1
اَول آخر آه، ھلڻ منھنجو ھوت ڏي،
پورھيو سندو پورھيتين، والي ڪِيم وڃاءِ،
ٿَڪيءَ ٿورو لاءِ، جيئن جيئري ملي جت کي.
بيت - 2
ڏري ۽ ڏاري، سٽَ سورن جي سسئي،
پييائي پنهونءَ ڏي، نرملَ نهاري،
لالن جي لطيف چئي، سُونهن سَتي ساري،
پريتڻو پاري، مارڳ ۾ منڌ مُئي.
بيت - 3
جي سجهائي سڪ، تہ پڻ سِڪي سسئي،
پيتائين پنهونءَ کي، ھڏِ نہ ڀڳيس ھڪ،
اِن تڙ منجهان تِڪَ، ڏني پاڻ اُڃَ ٿئي.
بيت - 4
پسي جهاجهہ جمال جي، جنهين پيتي پِڪَ،
اپر اڳانجهو ٿيو، سور اُنهين کي سڪ،
ھِڏَ نہ ڀڳين ھڪ، سدا سائَر سير ۾.
بيت - 5
مَحبت جن جي من ۾، تن تشنگي تار،
پي پيالو اُڃ جو، اُڃ سين اُڃ اُٿِيار،
پنهون پاڻ پيار، تہ اُڃ سين اُڃ اُجهائِيان.
بيت - 6
محبت سندو من ۾، پُر پيالو جَن،
پيڻ پرچاءُ ناھہ ڪو،ڪنهن جنهن ڏاہ ڏَڀَنِ،
جنهن نهايت ناہ ڪا، تنهين سُڃا سڃ وڃن،
تيلان اُڃ مرن، سدا سائِر سير ۾.
بيت - 7
سدا سائِر سير ۾، اَندر لهي نہ اُڃ،
پسڻ جو پرينءَ جو، سو سڀوئي سُڃ،
تنهن لاءِ مران اُڃ، سدا سائر سير ۾.
بيت - 8
ساڄن ڪارڻ سُڃ، مر قبولي سسئي،
اندر جنهين اُڃ، پاڻي اُڃيو اُن کي.
بيت - 9
پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن،
ساھان اوڏو سپرين، لوچي تان نہ لهن،
دم نہ سڃاڻن، دانهون ڪن مُٺَن جيئن.
بيت - 10
سسئيءَ ڪين سمجهيو، اوري آريءَ ساڻُ،
ڪري پيک پنهون سين، پاڌاريائين پاڻ،
ڄٽ وڃايو ڄاڻ، ٻانڀڻ ٻاروچن سين.
بيت - 11
لڳي ڪوسو واءُ، لوڪ مڙوئي لَهسيو،
اڀن منجهان آئيو، ھَي ھيء جو ھڳاءُ،
طَيرن تنواريو، پنهونءَ پڄاڻاءُ،
رسيو سُور شَبان کي، وحوشَنِ وٽانءُ،
مروئن موت قبوليو، اَپر اَفسوساءُ،
بَرَ پڻڪن پڪاءُ، اُڪنڍيا آريءَ لئہ گهڻو.
بيت - 12
مَهند مُحتاجي ڪري، پٺيءَ پير کڻيج،
ڪُٻيلياڻي ڪيچ ڏي، حُج مَ ھلائيج،
اوڏي عزازيل کي، ويجهي تان مَ وڃيج،
نا اُميدي نيج، تہ اوڏي ٿئين اُميد کي.
بيت - 13
مهند محتاجي ڪري، حُج وڃائي ھَل،
عذر خواھيون، عاجزيون، سسئي ڪنهن مَ سَل،
ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو، لنُؤ ري ڪونهي لَل،
اِيءَڀلائيءَ جو ڀَل جئن پاسي ٿئڻ پاڻ کان.
بيت - 14
جن نا اُميدي نُورُ، اُميدي اَونداھہ اُن کي.
صبوح جو سُور، جن سَريو تن سُک ٿيو.
بيت - 15
ويھہ مَ منڌَ ڀنڀور ۾، ڪرڪو واڪو وَسُ،
ليڙن جو لطيف چئي، ڏونگر ڏيندئي ڏسُ،
پَنهون اُٿي پَسُ، سِرَ ڀَر ھلي سَسئي.
بيت - 16
ويهہ مَ مَنڌ ڀنڀور ۾، ڪرڪو واڪو وَسُ،
ٻانهي ٻاروچن جي، گولي ڇڏ مَ گَسُ،
ڏورڻَ منجهان ڏَسُ، پوندئي ھوت پنهونءَ جو.
بيت - 17
ويه مَ مُنڌَ ڀنڀور ۾، ھاڙھي ھڏ مَ ھل،
ڪوڙي ڪج مَ ڪڏھين، سچي ڳالهہ مَ سَل،
جانب لئہ مَ جلِ، سو وسار مَ سسئي.
بيت - 18
سُکين ٿِي مَ سَنري، پَسي ڏک مَ ڏَرُ،
پٽيڪر مَ پانهنجو، گهوريو اَڏ مَ گهرُ،
ماري ھَڏُ مَ مَر، مَڇُڻ جِيءُ جيارئِين.
بيت - 19
سکين ٿئي نہ سنري، ڏکين تان نہ ڏَري،
اوري ھڏ نہ اُڀي، پري تا نہ پَري،
سرتيو نٿو نہ سري، ٻنهين ريءَ ٻانڀڻ کي.
بيت - 20
نا اُميديءَ جي نجهري، پيهي پَسُ اللهُ،
چِٽو رباني راھہ، مُرادن مخفي ڪيو.
وائي - 1
ھمسون ساٿ گيا ھيء، ھمسو سَيل ڪيا ھيء،
جوڪجهہ ڪرنا ڪر ھيا،
ڪهي ڪهيو قافلو
زنڪون زود بيا ھي،
مرد زن جنهن مات ڪيا، لکڻا لوڪ ليا ھي.
فصل ٻيون
بيت - 1
پَسي ڏونگر ڏاھَہ، تَمَ ھلڻ ۾ ھيڻِي ٿئين،
مَجازياڻيون موٽيون، سڻي پنڌَ پچار،
پوئي پائج پرينءَ لَي، حقيقت جا ھار،
سگهي لهندئي سار، آريچا، عنات چئي.
بيت - 2
متان ڪي ماندي ٿئين، اڳيان وندُر ٿيندي ئي وس،
اوٺين جا عنات چئي، ڏونگر ڏيندُئي ڏَس،
سندي چانگن چَسَ، پير ٺَرندئي پٻَ ۾.
بيت - 3
جي تُون ڏسي سَرھہ ٿيئن، مين لنگهيا مَسَ،
تٿ تنين کي ناھہ ڪو، لَڪ مڙيئي لَسَ،
چانگن سندي چَسَ، پير ٺرندئي پَٻَ ۾.
بيت - 4
مانڀاڻيان مَٽي ويا، ليڙن لنگهيو لَسَ،
وٺي وَرُ واٽ ٿيا، پنهون ڄام پَهسَ،
ھو وڏيائي وَسَ، ٻاروچو ڀنڀور ۾.
بيت - 5
ڇَپَرُ ڇَمَر ڀانئيان، ڪانڀُو ۽ ڪارو،
پَنڌ وجهنديس پاڻ تي، سرتيُون سوارو،
وڃڻ مُون وارو، ڪِين وھنديَس وچ ۾.
بيت - 6
پسي ڏونگر ڏاھہ، تَمَ ھلڻ ۾ ھيڻي وھين،
لانچي لڪ لطيف چئي، ڪيچين پٺيءَ ڪاهہ،
پڇي پورج سسئي، بلوچاڻي باهہ،
اِن وڙائتي ور جي، آسَرَ ھڏ مَ لاهہ،
جو اکنئون اوڏو آهِہ، سو پرين پرانهون مَ چؤ.
بيت - 7
ھتان کڻي ھُت، جن رکيو سي رَسيون،
ساڄن سُونهَن سرت، وکان ئي ويجهو گهڻو.
بيت - 8
جيڪس ياد ڪياس، وڃي وَرَ وڻڪار ۾،
جُلد جَريدي پنڌ ۾، اَديون اَڄ ٿياس،
وڃي ڪيچ پُنياس، ٻاروچاڻيءَ ٻاجَهہ سين.
بيت - 9
واقف نہ وڻڪار جي، باري سُڄن بَرَ،
وَرُ وسيلا سپرين، ٿڪيس ڏوري ٿر،
لھج لعل لطيف چئي، ڪانڌ مُئي جي ڪر،
ولهي ڪري ور، مَڇڻ مارڳ ڇڏئين.
بيت - 10
واقف نہ وڻڪار جي، اڳ نہ ڏيه ڏٺوم،
ڏونگر ڏوراپن سين، ڪاتيءَ ري ڪٺوم،
جيلان مُحب مٺوم، تيلان ڇُلون ڪريان ڇپرين.
بيت - 11
واقف نہ وڻڪار جي، پاڻي کنيم نہ پاءُ،
جبل جلدايون ڪري،تِکَ ڏيکاري تاءُ،
لڳن لُڪون لطيف چئي، معذورن مٿانءُ،
اتي اوڏو آءُ، جت ھوتَ ھيڪلي آھيان.
بيت - 12
واقف نہ وڻڪار جي، جت جبل جوراڻو،
اُتي عبداللطيف چئي، سُڄي سفر سَٽاڻو،
پهروئي پاڻو، سَڦروڪرين ساٿ کي.
بيت - 13
واقف جي وڻڪار جا، وَئن تنين جي سَڏِ،
ساٿين سان سيد چوي، لڏو لڏي گڏِ،
نيئَي نماڻي نجهرو، اوٺين پاسي اُڏِ،
سُک ڀنڀور جا ڇَڏ، تہ ڪاھي رسين ڪيچ کي.
بيت - 14
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت چَتُون چانگارين،
منزلون مَين جيون، معذور کي مارِين،
واڳون شل وارين، ھوت سلامت سپرين.
بيت - 15
وڏا وڻ وڻڪار جا، چِٻُون جت چِيهان،
منزل دُور مَن تنها، اُت ٻوليون ڪَن ٻِيهان،
رائي پير رتُ ڪيا، لڳي لُڪَ ڏِينهان،
لَڪن جون ليهان، لوڙيان لالُ لطيف چئي.
بيت - 16
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت جائو جَمَرَ جَرَ،
ڪوسا تپن ڪَڪرا،ٻي دم دم تپي ڌر،
ويچاريءَڏئي ور، پير نہ لهي پرينءَ جو.
بيت - 17
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سڄن نيلا،
اُتي عبداللطيف چئي، ڪيا ھيڪلن حيلا،
جتڪڙم نہ قبيلا، اُت رَسج رھبَر راهہ ۾.
بيت - 18
ويچاريءَ وڻڪارُ، اڳ نہ ڏٺو ھو ڪڏھين،
مهر نہ ھئي ماڻهئين، ھو سڀ ھندوڪار،
جتَ ڪيائين يار، سورن ڪارڻ سرتيُون.
بيت - 19
سونهان چائِين سُڌ نہ پئين، سُسئي پُڇ مَ سي،
متان توئي کي مُنجهائِين مارڳَ ۾.
وائي - 1
ھوءِ جي ھليا ھوت سونهارا،
مون نہ وھيڻا، پنهونءَ سڱِيڻا،
سسئي پڇي ساٿ جا، اوطاقون اوتارا،
آن ڪي ويندا گڏيا، آرياڻي اھَپارا؟
ٽليوٽونَر ھليون، مَيَن سِر موچارا،
مون کي نيندا پاڻ سين، ڪاملَڪر اُجارا.
فصل ٽيون
بيت - 1
پنهون ڇڏيو پوءِ، جانِب جبل ڳولئين،
تيلانھَين تَنگُون ڪَرئين، جيلانهين تون جوءِ،
ساڄن سُڃ نهارئين، ڏکي ڏوہ ڪيوءِ،
ھاڙھي ھوت نہ ھوءِ، وري پڇ ويٺن کي.
بيت - 2
وري پڇ ويٺن کي، موٽي پُڇ پانهن،
عَبث آڳانهين، وڃيوڪُوڪين ڪانڌَ کي.
بيت - 3
وري پڇ ويٺن کي، سندا پار پنهونءَ،
ويهي ڪر ورونهن، ڪُپَرِ ڪُوڪ مَ ڪانڌ کي.
بيت - 4
وري پڇ ويٺن کي، سندا پنهونءَ پارَ،
ساڄن سڀ ڄمار، ڏکي ڏورج ڏيلَ ۾.
بيت - 5
ڏُکي ڏورج ڏيل ۾، پنهون پاڻ ڪري،
پريت ڪِيم پري، حب ۾ ڳولج ھوت کي.
بيت - 6
ڪونهي اُت ڪوھيارُ، جِت تو ڀوري ڀانئيو،
پنڌ مَ ڪر پهاڙ ڏي، وُجود ئي وڻڪار،
ڌاريان ڀانئج ڌار، پڇ پريان ڪر پاڻ تون.
بيت - 7
سڀيئي ساري سسئي، گهر ڪنڊون تون گهور،
وڃي ڏُورِ مَ ڏور، دران منجهہ دوست ٿيو.
بيت - 8
دران ۾ دوست ٿيو، موٽي پُڇ پاھين،
عبث آڳاھين، وڃي ڪُوڪين ڪانڌ کي.
بيت - 9
ووڙيَمِ سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جت جي،
“وَاللهُ بِڪُلَ شيءِ مَحِيط”، اي آرياڻي اُھڃاڻ،
سڀ ۾ پنهون پاڻ، ٻيو ناھہ ٻروچ ريءَ.
بيت - 10
جان پيهي ڏٺم پاڻ ۾، ڪري روح رھاڻ،
تان نَہ ڪو ڏونگر ڏيھہ ۾، نہ ڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنھون ٿيس پاڻ، سَسئي تان سُور ھوا.
بيت - 11
پر گهران پاسو ڪري، پڇ پريان ڪر پاڻُ،
سو تان توئي ساڻ، جنهن لاءِ جَفائون ڪرين.
بيت - 12
سوئي کڻيو ساڻُ سوئي ڏورين سسئي،
ڪڏھن ڪنهن نہ ڪيو،ڄُلڻ منجهان ڄاڻ،
پڇ پريان ڪر پاڻ، تہ تون تئائين لهين.
بيت - 13
جو تون ڏُورئين ڏور، سو سدائين آھہ ساڻ تو،
لالن لئہ لطيف چئي، منجهہ ئي ٿي معذور،
منجهان پنءُ پروڙ، تہ تو منجهہ آھيس تَڪيو.
بيت - 14
وڃين ڇو وڻڪار، ھت نہ ڳولين ھوت کي،
لِڪوڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،
ٿِي سَتي، ٻَڌ سَندرو، پرت پنهونءَ سين پار،
نانئي نيڻَ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
بيت - 15
ڪُوڙيون پڇن ڪيچُ، ھوت نہ پڇن ھِتهين،
جن پنهونءَ سين پيچ، تن پيرين پنڌ وساريو.
بيت - 16
ھل ھنئين سان ھوت ڏي، پيرين پنڌ وسارِ،
قاصداڻي ڪار، ڪين رساڻي ڪيچ کي.
بيت - 17
ھل ھنئين سان ھوت ڏي، پيرين ڪر مَ پنڌ،
رائي پڇ مَ رَندُ، رڙه روحاني سسئي.
بيت - 18
ھل ھنئين سين ھوت ڏي،ڇپر ھڏ مَ ڇل،
آرياڻي امل، ڪايا ۾ ڪانڌ ٿيو.
بيت - 19
ھل ھنئين سين ھوت ڏي، ڇپرڇل مَ تون،
منجهان لڌو مون، ڪوھيارو ڪيچ ڌڻي.
بيت - 20
ھل ھنئين سين ھوت ڏي، سسي کڻ مَ ساڻُ،
جنھين ڀانيو پاڻ، سي آرياڻيان اوري رھيون.
بيت - 21
ڪجي جيئن ڪيچين لئہ، تيئن تان ڪين ڪيوءِ،
وڃائي وڌوءِ، وِک نہ کَنيئہ ھڪڙي.
بيت - 22
ڪَئي پنڌ پُڇا تو، ڪيچين ڪارڻ ڪيئن؟
بي خود ھلج بر ۾، آءُ ٿو چوان ايئن،
سِڪڻ ساڄن سيئن، متان مُٺي ڇڏئين.
بيت - 23
متان مُٺي ڇڏئين، پريتڻو پاڻا،
ڄاين جئن ڄاڻان، تون پڻ ھوئج تن جئن.
بيت - 24
متان مُٺي ڇڏئين، پاڻان پريتڻو،
کٿوريءَ ڪڻو، مَڙھي مڙھج مُنهن ۾.
وائي - 1
غفلت يارُ گنوايو، ٻڙي جيڏيون،
ڪيئن ڪريان آءٌ، ڪوہ ٿيو،
ستيس تان ساٿ ويو، اُٿيس تان ڏک آئيو،
پڇان پوءِ پنهون کي، عبث تان ان کائيو،
ھوتَ ھلندي جا ڪئي، سا مون ڳالهہ سڻائيو،
پاسي ۾ پَرٽ جي، آڻي اُٺ جُهڪائيو،
ھِن وِلهي جي وھانوَ تي، واڄٽَ سڀ وڄائيو.
فصل چوٿون
بيت - 1
ھيجُ نہ ھوندو جن، سي ڪيئن وِندُرِ وينديون؟
وِھو وچ رھن، سهسين سَڌن واريون.
بيت - 2
سَدائتي سڀ ڪا، بک نہ باسي ڪا،
جيهي تيهيءَ ذات جي، جُنبش ڪانهي جاءِ،
مون سين ھلي ساءِ، جا جِيءُ مِٺو نہ ڪري.
بيت - 3
ڪيچ نہ جُنبڻَ جاءِ، نہ ڪا ھلي ھوت ڏي،
مون سين ھلي ساءِ، جا جيءُ مٺو نہ ڪري.
بيت - 4
آتڻ ۾ پرياڻُ، ھو سڀني جيڏئين،
مون سڀاڳيءَ ساڻ،ڪير ڇُلندي ڇَپرين؟
بيت - 5
سُکن واري سَڌَ، متان ڪا مون سان ڪري،
اندر جنِهين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
بيت - 6
ڏونگر نہ ڏوري، سڪڻ جون سڌو نڪري،
ويٺي گهر گهوري، مٿان پرينءَ جندڙو.
بيت - 7
وريتيون ورو، آءٌ نہ ورندي وَرَ ري،
جاڏي ھن جبل جو، تانگهينديس ترو،
جتن ساڻ ذرو، نينهُن نبيرڻ نہ ٿئي.
بيت - 8
وڃو سڀ وري، ائين جي ورن واريون،
ڦوڙائي فراق جي، سڄي ڳالهہ ڳري،
ٻُنڀان جن ٻَري، ڏونگر سي ڏورينديون.
بيت - 9
وڃو سڀ موٽي، اَئين جي ورن واريون،
ڪانہ ھلندي ڪيچ ڏي،ڪريو مَ کوٽي،
ڪڍيم ڪاڇوٽي، وڌم جوڳ جتن لئہ.
بيت - 10
ائين جي ورن واريون، سرتيون سَڌڙيون،
آرياڻي پنهونءَ جي، ٻول نہ ٻڌڙيون،
جي لکئي لَڌَڙيون، ڏونگر سي ڏورينديون.
بيت - 11
دُکائيندي دُونهڙا، منڌ مياڻي وچ،
پريتڻو مَ ڀَڃُ، ساٿ چڙندو لکئين.
بيت - 12
اڄ ملينديس ماءُ، ڌاڄا ڪنديس ڪپڙا،
جيجا جوڳياڻي ٿيان، مون کي جهلَ مَ پاءِ،
ھوت ٻروچي لاءِ، ڪَنين ڪَنِرَ پائيان.
بيت - 13
عناتا اُتاھين، جاني جَڙي ٻَنڌُ،
آھي گهڻو اَھُکو، فقيريءَ جو فنڌ،
چکين تہ چريو ٿئين، ميخاني جو مَندُ،
ڪين ڪڍندو ڪنڌ، منجهان سڱ، سيد چئي.
بيت - 14
مون کي ڀانئي ڀاڄَ، ڏير ڏوراڻا ھليا،
اڳيان اٿي اُن جي، خوب نہ پڪمَ کاڄَ،
ميڙي آپ سرتيون، نہ ڪي ڳايم ڳاچ،
سا مون ھٿان نہ ٿي، جيڪا رسم راڄ،
آيل آءٌ اڪاڄ، ٻول ٻروچي وترو.
بيت - 15
نماڻيءَ جي نجهري، روئڻ ۽ راڙو،
ڪُٺل جي قلب ۾، قرب جو ڪاڙھو،
ھوتن لئہ ھاڙھو، سڀ رڱينديس رت سين.
بيت - 16
تو جو ٻولُ ٻروچ، ويهي ڪيو وڻڪار ۾،
سوئي پارج ھوت، ولهي مون معذورِ سين.
بيت - 17
پهرين تون پاريج، پاڻ پوءِ پنهونءَ تي،
ٻول مَ وساريج، ھو جو ڪيوءِ ھوت سين.
بيت - 18
توسين ٻولَ ٻَهون، ساڄن سهسين جي ڪري،
ڪندينءَ توءِ ڪَهون، جي نالو ڳِيڙُءِ نينهن جو.
بيت - 19
سُڻي ٻولَ سندان، جِم سُمهين سسئي،
ڪندينءَ ڪوہ ڪيڻان، تَہ سي اُنِ اورانگهيا.
بيت - 20
سِج اُلٿي سسئي، رَت وَرنو روءِ،
پهي نہ پانڌي ڪو، جنهن ڪَر پُڇي لوءِ،
موڙھي وڃي توءِ، موٽڻ جي ڪانَہ ڪَري.
بيت - 21
ڇلان منجهہ مَ نہ ڇاڪَ، پُران پُونِم پرڪڻا،
متان ڪا مُنڌ ڪري، موٽڻ جي مذاح،
چَٻ سندو مون چاڪ، ھاڙھي ھڏ ھڻي ڪيو.
بيت - 22
پيرين پَئي پرڪڻا، راھہ ۾ گهڻو رُنوم،
پاراتو پرينءَ کي، تَپي تان نہ ڏنوم،
چُڪيءَ ٿي چيوم، سواھرو سڄڻين.
بيت - 23
چُڪيءَ کي چئي، ڪا جاڳائي جيڏيون،
وئيڙو ساٿ وَھي، تو ننڊائي نہ لهي.
بيت - 24
چُڪس سڀ چئي، ماڻهو شهر ڀنڀور جا،
سا موٽي ڪين مُئي، جنهن جو جانب جتَ وٺي ويا.
بيت - 25
موٽڻ جا مذَڪُورَ، جان ڪي چيَس جيڏئين،
پريٽ پهرئين پُورَ، نيئي پهچائي پنهونءَ کي.
بيت - 26
موٽڻ جي مصلحت، مون کي ڏيومَ جيڏيون،
نهارينديس نڪري، آرياڻي اَلبت،
ڪنديَس اوڪ، ايوب چئي، لڪن ڏيئي لت،
سرتيون شريڪت، آءُ ڪيئن آگَن سين ڪريان.
بيت - 27
موٽي مران مَ ماءِ، موٽڻ کان اڳي مران،
لُڇي لالن لاءِ، شال پونديَس پير تي.
وائي - 1
معلوم حالُ حبيبَ، مونکي درد قديمي وو،
آلودي آزار سان، تو لئہ ٿيس طبيب،
شادي ڏئين صحت جي، غمي لاھئين غريب،
آھيان ٿي آھون ڪريان، نعرو منجهہ نصيب،
ڪاھل آھيان ڪُوڙي، رَسي لاہ رَقيب،
حاذق آھئين ھِن جو، اچين شال عجيب،
دوا آھئين دل جي، پُڇ پُڇ رھيس طبيب،
الله عبداللطيف کي، ڪوري لاءِ قريب.
فصل پنجون
بيت - 1
ڀَڄي جان ڀنڀور کان، ڏونگر ڏوريو مون،
ڪاھي رَسيس ڪيچ کي، جتي پاڻ پنهون،
سڀ آھئين تون، قضا ڪندين ڪن سين؟
بيت - 2
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سُورَ ھُئا.
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روحَ رھاڻِ،
تہ نہ ڪو ڏونگر ڏيهہ ۾، نہ ڪا ڪيچين ڪاڻ،
بيت - 3
جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، ڏيرن ڏنم ڏُکُ،
ڀڳيَس جان ڀنڀور کان، تان سُور ميڙيئي سُک،
لٿي مون تان لُک، پنهون ٿيس پاڻهين.
بيت - 4
پنھون ٿيس پاڻهين، ويو سسئيءَ جو شَرَمُ،
ھيڪليون ھلن جي، ڀَڄي تن ڀَرمُ،
جو وندُرَ ۾ وَرَمُ، سو سودو سَرُيس ھتهين.
بيت - 5
پنهون ٿيس پاڻهين، ويو سسئي جو سينگار،
“من عَرَفَ نَفسهُ فَقدَ عَرَفَ رَبَهُ”، اِھوئي آچار،
جو وندر ۾ واپار، سو سودو سريس ھتهين.
بيت - 6
پنھونءَ ٿيس پاڻھين، ويئي سسئيءَ جي سُونھَن،
“خَلقَ آدَمَ عَليٰ صَورتَه”، ائن وڻن منجهہ ورونهن،
چريءَ منجهان چونهن، کڻي ھوت ھنج ڪيو.
بيت - 7
ويئي سونهن سسئيءَ جي، پنهون ٿيس پاڻَ،
سڀني جي سيد چئي، آھي ات اُماڻَ،
ڀنڀور جا ڀاڻَ، آڏا عجيبن کي.
بيت - 8
وھَمَ ورساياس، نا تہ پنهون آءٌ پاڻ ھئي،
پاڻُ وڃايم پانهنجو، پئي پريان جي پاس،
رتي علم نہ راس، ڌاران پَسڻ پرينءَ جي.
بيت - 9
اِيءُ پاڻُ نہ ٿئي پاڻ کان، پاڻان ٿئي نہ پاڻ،
“وَالقدرِ خَيرہ وشَرهہ مِنَ الله تعاليٰ”، اِي ڄاڻي ڏسج ڄاڻ،
سچو سو پرياڻ، جو لکيو لوٿ قلم ۾.
بيت - 10
ڪافَون ڪاھيندياس، موٽان تان ڪر ميهڻو،
ٻانهي ٻاروچن جي، سک نہ ساھيندياس،
“اَلفَراقُ اَشد من الموت”، ھِتي نھ ھوندياس،
آس نہ لاھيندياس، جئري جَتُ ڏِسي مَران.
بيت - 11
جِئڻ جَتَ ڌارا معذور جو مَسَ ٿئي،
چانگن سر چڙھي ويا، ساٿي سَوارا،
اکيون اوتارا، پَسيو رُونِ پنهونءَ جا.
بيت - 12
ھيڪر ھوئڻ ڇڏ، تہ اوڏي ٿئين عجيب کي،
“مَارايتَ شيئاً اَلاَ واراَيتَ الله”، نيئي اجها اوڏانهين اَڏ،
تہ ھوتُ توھين کان ھَڏِ، پرين پاسي نہ ٿئي.
بيت - 13
ھوتُ تُنهنجي ھنج ۾، پُڇين ڪوہ پيهي؟
“وفي اَنفُسڪُم اَفَلاَ تُبصرُون”، سوجهي ڪر سھي،
ڪڏھن ڪانہ وَھي، ھوتُ ڳولڻَ ھٽ تي.
بيت - 14
ھوت تنهنجي ھنج ۾، پڇين ڪوہ پَرياڻُ،
“وَنَحنُ اَقرُب اَليه مَن حَبلِ الوريدِ”، تُنهنجو توئي ساڻ،
پنهنجو آھي پاڻُ، آڏو عجيبن کي.
بيت - 15
ووڙَيم سڀ وٿاڻَ، يار ڪارڻ جَتَ جي،
“اللهُ بِڪُلِ شيءِ مُحِيطُ”، اِيءَ آرياڻيءَ اُھڃاڻ،
سڀ ۾ پنهون پاڻ،ڪينهي ٻيوٻروچ ري.
بيت - 16
ڄاڻي سُڃاڻي، وھان ڪئن ماٺ ڪري،
اندر آڳ عشقَ جي، اَپر اُڌاڻي،
“الَعِشقُ نَارَ اللهِ المؤقدَہ”، کُوري جئَن کاڻي،
آھي آرياڻي،ٻيو سرتيون سُڄي ڪينڪي.
بيت - 17
ڪَڍَ پنهون ڏيڪاھي، چاٽيءَ روح چريو ڪئو،
اُٿي ويئي اَوڏھين، سُتي پڻ ساھي،
“العِشقُ حِجَاب بينُ العاثَحَ والمعشُوق”، لاشَ ڪٿي لاھي،
آرياڻي آھي، ٻيو سرتيون سڄي ڪينڪي.
بيت - 18
ڀينر آءٌ ڀوري، مون سڱ سڃاڻي نہ ڪيو،
ڏيندا مون ڏير ويا، جِهڄَڻ ۽ جهوري،
لڳي جن لوري، ڏونگر سي ڏورينديون.
بيت - 19
اديون آءٌ اَڄاڻ، مون سڱٺڃاڻي نھ ڪيو،
ھوند نہ سَٺيم ھيتري، ڪوھياري جي ڪاڻ،
رتيءَ جي رھاڻ، جيءُ اَڙايُم جَتَ سين.
وائي - 1
اَھُکيءَ آڳهُ آھي، مون کي تان نہ ڇڏيندو تکَ ۾،
پُڇي پوءِ ٻين کي، لڪن ۾ لڏَ لاھي،
آرِي اُگهاڙن کي، پنهون ڄام پَراھي.
فصل ڇھون
بيت - 1
جَڏائيءَ جو جامُ، ڏنائون ڏُکيءَ کي،
مَنگَل منهنجي من ۾، ٻاريو ھوت حمام،
اَرکِ ٿيو آرام، ڪاڪُلَ پَسي ڪانڌَ جو.
بيت - 2
دردَ نہ لهي دارونئين، زُلفَ زورُ ڏنوم،
ڪاڪل ڪالهہ ڏٺوم، رُخساري تي روپ سين.
بيت - 3
ڀَنڀو جو ڀنڀور ۾، ڪامل ڏٺم ڪالهہ،
ھَي تنهين جي حال، زُلفَ جي زافُ ڪيا.
بيت - 4
پَريندي ئي پاڻُ ويو، زلف ڪيسَ زافُ،
سندو ڪاڪلَ ڪاف، ماري معذورن کي.
بيت - 5
ھاڻ نہ جيئان جيڏيون، زلفَ زاف ڪياس،
ڪاڪلَ آءٌ ڪُٺياس، ڀنڀو جو ڀنڀور ۾.
بيت - 6
ڪاڪل ڪُٺي جا، ڪفن تنهن ڪين ٿيو،
مَنجهہ شهادَتَ سا، لڏي ۽ لاڏَ ڪري.
بيت - 7
ڏکا ڏونگرڄامَ، مَ ڪَر معذورن تي،
توکي لڄ، لطيف چئي، آھي سندي عام،
مار مَ چئي معذور کي، وھيان ڪانڌ ڪلام،
پَرچج پيادن سين، الله لڳ عَلام،
جا نوازي آنهنجي نام، سا ھوتَ مَ ڇڏج ھيڪلي.
بيت - 8
ڏَمر ڏونگر ڄامَ، سکَر پاڻَ شريڪَ سين،
ڪيهي ڪلفت تنهن سين، جا گولي آنهنجي گام،
وَرج وِيرَ وَريام، منهنجو اچڻ آن ڳَري.
بيت - 9
ڏُکا ڏونگر لاه، آءٌ اڳي مئُي آھيان،
آرياڻي سين آهِہ، ذاتي سڱ ضعيف جو.
بيت - 10
پير پَٽان ئي ڪُونئرا، ڏونگر مٿي ڏي،
ڦٽيا ڦَڻَ فقير جا، سيرون ٿيڙا سي،
جهڙي تهڙي حال سين، پڙي پنهون ڏي،
وڃي مان وَري، ٻانهيءَ ٻَنڌڻ جنهن سين.
بيت - 11
پيرَ پَٽان ئي ڪُنئرا،ڏونگر مٿي ڏي،
پاڻُ نہ پَسي ڦَٽِيو،ڪَڙھي ڪيچين کي،
ھاڙھو ھوتَ پَري، ڪوہ ڄاڻان ڪئن لنگهيا.
بيت - 12
سَمهڻان ساڙو، جيڏيون جيڏو ئي ٿيو،
پرينءَ جو پاڙو، مون سين ننڊ نبيريو.
وائي - 1
مون انڌيءَ ڏي ايندا، ھوت سلامت سُپرين،
پلئہ لاتي پنهنجي، نيءَ کي اُت نيندا،
سڱ نہ ڪندا سُک سين، سُورَ سَڱيڻا ٿيندا،
رکي ڳَل ڳلن تي، نينهن نياپو ڏيندا،
پَريٽ نيندا پاڻ سين، ڇوري تان نہ ڇڏيندا.
فصل ستون
بيت - 1
ڏُور مَ ڏيه ويو، پير تُنهنجي پرين جو،
وھڻَ واٽڙين تي، ڪيچين ري ڪيهو،
وندُر جو ويو، سو الله واري آڻئين.
بيت - 2
وندر جي وڃن، سي مر ٻَڌن سَندرا،
ٻيون ڪوہ ٻڌن، ڇوڙي جي ڇڏينديون.
بيت - 3
ڏيهُ ڏيھانئي ڏُور، پَرڏيهانئي پَري ٿيا،
سيڻن ڪارڻ سسئي، پيئي پراھين پُور،
تون وڃين ھوتَ حُضور، منهنجو جئڻ جيلانهين ٿئي.
بيت - 4
ھيڪانڌيءَ ھوئي، اُٿي رات رَوان ٿيا،
ساهَ سَڳي ۾ سُورَ جي، پنهون ويو پوئي،
ره قضا دم ڪوئي، تہ ھيڪر ھيڪاندي ٿيان.
بيت - 5
ھڏ نہ ساهُہ سُڌِير، دل درماندي دوست ريءَ،
پائي ويا پرت جو، زوراور زنجير،
جيءُ جُسو جاگير، ھاڻي مَلڪ ھوت جي.
بيت - 6
عمر سڀ عشق سين، پنهون جي پُڇن،
ريس ريزاليون تن سين، ڪڄاڙي کي ڪن؟
مارَڳ جي مَرَن، وڏو طالع تن جو.
بيت - 7
وڏو طالع تو، جئن لڳيئن پير پنهونءَ جي،
سسئيءَ اِن ستُون کي، رويو رويو رو،
ويٺي ھت مَ ھو، ھلين تہ ھوت لهين.
بيت - 8
ويٺين ناہ وراڪو، سُتين ڪونهي ٺَنڱ،
ھوت ھلندين کَٽيو، جن انگنِ چاڙھيو انگ،
باسي ڀَئي ڀَنگ، رڙھي ڄامَ رَسيون.
بيت - 9
ويٺي وَر نہ پون، سُتي ملن نہ سُپرين،
سي مَرُ رويو رُون، جن مَسافر سپرين.
بيت - 10
پر ۾ پير پنهونءَ جو، ڪَڙي ۽ ڪَڙھي،
سِڪ ٻڌائين سَندرو، جانِب لئہ جِڙي،
لَڪن سر، لطيف چوي، مُنڌ جهيڙي ۽ جهڙي،
پَڻيءَ تان نہ پَڙي، جي عمر سڀ ايئن ڪَري.
بيت - 11
ڪِ ڪي ڪَڙيان پيرَ، ڪِ ڪَڙھان ڪيچ ڌڻين لئہ،
اي ڏُنءُ ڏيئي ڏيرَ، پاڻا پَراھان ويا.
بيت - 12
ڪَڙپڻ پيرَ سندان، ڪَڙھہ پڻڪيچڌڻين لئہ،
انهيءَ پر اُتان، پوندينءَ منڌَ پهاڙ ۾.
بيت - 13
سُورن سِجهائي، چيلهہ ٻَڌيو چوٽئين چڙھي،
سڱ پِريان جي سسئي، ميڙي ملائي،
لڌائين لطيف چئي، لالن ليلائي،
ٻانڀڻ ٻاڏائي، حبئان واريو ھوت کي.
بيت - 14
رائي ڪي رَنجورَ، توءِ ٽَڪر ٽاڪيو چڙھي،
لانچي لَڪَ لطيف چئي، ھلي ڏانهن حُضور،
رھيا سڀ رُڃن ۾، سسئي جا سالُورَ،
ساڄن ميڙيس سُورَ، سُک نہ ميڙيُس سپرين.
بيت - 15
منجهان پَئن پَروڙِ، سڀ مَ پُڇجِ سسئي،
ويهي وڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻي وجهج ڌوڙ،
تہ تون ماڻئين مُوڙ، جي پَندِ اھائي پارئين.
بيت - 16
لُڇي ڪين ڪُڇي، آٽي مُڌ اَندوهَہ ۾،
پَر ۾ پير پُڇي، لالن جو لطيف چئي.
بيت - 17
ٻَريائي تہ ٻارِ، ڦُوڪِ تہ لڳي انبرين،
ھتي جي ھئڻ جون، وٿون سڀ وسار،
سموري سرڪار، نيئي رکج ناہ ۾.
بيت - 18
قد ٻَڌي تون ڪينَ، پهچندئن پنهونءَ سين،
جئن سينو ساھئين سسئي، ٿئين تَهوارون تين،
مٺي ٿي مسڪين، ھمت ھوت وڃائيو.
بيت - 19
ٻَلر لڳوٻاڻُ، پَسو جوءِ جرا ٿي،
سا مَنڌ مري نہ جئي، پيئي پَڇاڙي پاڻ،
سسئي سُورن ساڻ، سَنُڀوڙي سيد چئي.
وائي - 1
لوچِداوي بلوچ دا، ميرا من لوچِدا،
پير اُنو سَڏيندي، سڳَر پَٽيان دي،
الله مِلاوي، پنهون ڪيچ دا.
فصل اٺون
بيت - 1
اَڌر نِڌر اَڀَري، اسَونهين آھيان،
لُڙڪ لعلَ، لطيف چئي، وَرَلي وَھايان،
ھيجان ھَنجون حب ۾، ھوتن ليہ ھاريان،
جانب ضعيفيءَ سين، پنهون پَهايان،
پِيهان پَچايان، جي مان نيو پاڻ سين.
بيت - 2
اَڌر نڌَر اَڀري، سَڌَر ٿي سَچي،
سُپَڪ ٿي سيد چئي، پهڻن منجهہ پچي،
مَعذور کي مارو ڪيو، اولاڻن اچي،
منجھان راھہ رچي، ٿِئڙي لالَ لِطيف چئي.
بيت - 3
اَڌر نِڌر اَڀري، اَسونهين آءٌ،
چِيٽا چور چُنجُن ۾، بر ۾ بلائون،
موٽ پنهون پانهون، متان محبَ مري رھان.
بيت - 4
اَڌر نڌر اڀري، آھيان اسونهين،
پَرڏيهي پرين ڪيا، مرڻ لاءَ مُونهين،
سسئيءَ کي سيد چئي، تَنگن ۾ تَونهين،
ھاري ڪيئَن ھُونهين، ريءَ سمر سَڌون ڪرئين؟
بيت - 5
اَڌر نڌر اڀري، اوڳي اوائي،
ڪينَ ٽَهاري ٽَڪرين، ساڻس سڳائي،
لاڳاپن لطيف چئي، منڌ رائي رھائي،
جَلڻ جڏائي، آري لاه اصيل تان.
بيت - 6
اَڌر نڌر اَڀري، غمن ڪوماٽي،
سا ڪئن وھي ويسري، جا گهائي گُهوماٽي،
پيئي پيش پنهونءَ جي، اُسن ۾ آٽي،
جا لُڪن لُوساٽي، سا سيج چڙھندي سسئي.
بيت - 7
اَڌر نِڌر اَڀري، ويچاري نہ وَري،
لالن ڏي لطيف چئي، پري پير پري،
ڪميڻي ڪري، ڪارُون ڪيچ ڌڻين کي.
بيت - 8
اَڌر نِڌر اَڀري، ڏُکي ڏوائي،
ڏسي پهڻ پَٻ جا، سڙيٿي سائي،
پنهون پروائي، ڪج ويچاريءَ جي واٽ ۾.
بيت - 9
اچي عزرائيل، سُتي جاڳائي سسئي،
ٿيڏوڙائي، دليل، تہ پنهونءَ ماڻهو موڪليو.
بيت - 10
مُنڪرَ ۽ نَڪيرَ کي، جڏھن ڏٺائين،
اڳيان اُٿي اُن کي، پنهون پڇيائين،
ادا اِئائين، ڪو ويو ساٿ سڄڻ جو؟
بيت - 11
سي اڳ نہ ڏٺم ڪڏھين، ھي جي ڏٺم ھير،
بَنڀوليس بَرَن ۾، پسي ڀينڊين ڀير،
آءٌ ترسان ھو تڪڙا، پَٽِ نہ کوڙين پيرَ،
آءٌ آرياڻي اُسري، اچي ٿي سويلي ويرَ،
ڪهي جا ڪُوير، سا ڪنهن پر رساڻين ڪيچ کي.
بيت - 12
ھي جي اچن ٻہ ڄَڻا، اونچا الاھي،
سا پار لنگهائين سائين، اونهي جا اوتڙ گهڙي.
بيت - 13
ڀاياڻيٿيڀور، پُٺيڪيچينڪَڪرا،
رائو مڙيوئي رت سين، ڪارڻ ڪانڌ ڪَڪورِ،
لانچي لڪ لطيف چئي، اُٿي ڏونگرَ ڏورِ،
جَت وڃي ٿو زورِ، اُپُڙ تہ اوڏي ٿئين.
بيت - 14
پَئي ٿي پيمال، سا منڌ مري نہ جئي،
بري ھِن ڀنڀور سين، ھَڏِ نہ ڳرھي حال،
لالن جو لطيف چئي، وساري نہ وصال،
ڀري ڪجاہ ڀال، ھيءَ ڏاِہ ڏوريندي ڪيترو.
بيت - 15
جُٽَ پٽي پهُ جهنگ، ھاڙھي پڇ مَ ھوت کي،
سُور سبيلي سسئي، لڪ تنهين سين لنگهہ،
تہ سپريان جي سنگ، منڌ ميڙائو تو ٿئي.
بيت - 16
ٿڪائي ٿرٿيلهہ، چڙھہ چُڪيائي چوٽئين،
ھلندي ھوت پنهونءَ ڏي،ڀَوَ ميڙيئي ڀيل،
اُتي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.
بيت - 17
ھيءُ گسي، ھيءُ گَس، ھي پَهڻ، ھي پيچرو،
ويچاريءَ وڏوڪيو، ويندن پُٺيءَ وس،
ليڙن جو لطيف چئي، ڏونگر اٿيئي ڏَس،
جڳ ۾ رھُيس جس، سَڳر ٿي سردار جي.
بيت - 18
ڪرڪو واڪو وس، وِھہ مَ مُنڌ ڀنڀور ۾،
چڙھي ڏاڍين ڏونگرين، پير پنهونءَ جو پَس،
ڏورڻ منجهان ڏَسُ، پوندُئي ھوت پنهونءَ جو.
بيت - 19
سيڻن ڪارڻ سسئي، وڃڻ ڪجي وَسُ،
جم ورچي ڇڏئين، سندو گُنگن گس،
ڏوٿي ڏيندئي ڏسُ، اڳيان ٻاروچن جو.
بيت - 20
ھَلُ تہ ھيڪاندي ٿئين، ويهي وجهہ مَ ويرَ،
دل ۾ آڻ مَ دَور تُون، ڦرڻ سندو ڦير،
توڻي لهين نہ پير، تہ پڻ راحت رڻ ۾.
وائي - 1
ھوت سي ھلڻ ھارا، وو جيڏيون،
ڪيئن ڪريان آءٌ اُن سين؟
کوءِ پلنگ، ٻَن ماڙيون، کئڻ سي ٿئڙم کارا،
سُونهن سپرين جا، آتڻ وٽ اوتارا،
آھيان پَرٽ پنهونءَ جي، ڪنديَس ڪنرڪارا،
پير مَ ڇڏج پرينءَ جو، ھَيهي ھَٺَ اسارا،
ڪيچين ڪَرَہ پَلاڻيا، مَيا ٿئڙم مارا،
ويٺوڏئڻ ڏکيءَ کي، پنهون ڄام پوچارا،
پَسيو آسڻ ان جا، روئندا سي نيڻ ويچارا،
وڃن جت جڏي ڪيو، تي ورونهن وارا،
انڌِن آسرو آھين، موٽج مُنهن موچارا.
فصل نائون
بيت - 1
ويه مَ وساري، پڇا ڪر مَ پنڌ جي،
نرمل نِهاري، ھلندِن تان ھٿِ ڪيو.
بيت - 2
اوجهڙ اَسُونهن، ڏيه گهڻوئي ڏوريو،
سَڳَر ريءَ سونهن، پهتي ڪانہ پنڌ ڪري.
بيت - 3
واءَ وڃاءِ مَ سو، پُٺي جنهن پنڌ ڪريان،
ڇٽا ڇَپَر پرينءَ جو، پير پَرنيا تو،
بَر بورائو جو، سو لڳي متان لَٽئين.
بيت - 4
واءَ وڃايُم ڪالهہ، پُٺيءَ جنهن پنڌ ڪريان،
وڃڻ مُون وانٽي پيو، ھوتن ڪارڻ حالَ،
جبل ڏوريان جالَ ڪارڻ پير پنهونءَ جي.
بيت - 5
کُهج مَ، اُجها کيهَ، گرد پَس گنگن جي،
ڏُکي منجهان ڏيه، نِڪر نانهِن ڪُلهي ڪري.
بيت - 6
ڏُور مَ تون ڏوريج، صبر ڪر مَ سسئي.
پرڻ ڇڏج پيرن سين، وھڻ وساريج،
سکن جا سيد چئي، لاڳاپا لاھيج،
ھِنئين ساڻ ھليج، تہ پنڌ پاسي ڀَر نِبري.
بيت - 7
ويَٺيس وکَ نہ اُپڙي، تون آرياڻي آءٌ،
چڪيءَ توسين چاہ ، پاسي ڀر پيئي رڙھي.
بيت - 8
کُهي جا کنيائين، تنهين وک ويجهي ڪئي،
ڇڪي ڇِنائين، پنڌ مِڙوئي پَٻَ جو.
بيت - 9
سَوڪوہ ڪري سڀ ڪا، تون کهي کڻج وکَ،
تاڻج منجهان تِک، تہ پنڌ پاسي ڀر نِبري.
بيت - 10
ويو جاڳائي جَتُ، ويري تنهن ولات جو،
سندو سُورن خط، ڏنم ھوتَ ھٿن سين.
بيت - 11
ڏھلا مون ڏينهن ٿيا، پييم ڄامَ ڄيون،
ڪري پنڌ پهاڙ ڏي، ٿئڙم روحُ رَيُون،
لُڇيوٿيان لطيف چئي، ڪارڻ دوستَ دَيُون،
ڀانيان لَڪَ ليون، جي سُور پَريان جا ساڻ مون.
بيت - 12
ھيڪليائي ھاڻ، پُورينديَس پنهونءَ ڏي،
ڪنديَس ڪوھيارل سين، رچي روحُ رھاڻِ،
رُلي ڇُلي ڇَپَرين، ڪنهن پر لاھيان ڪاڻ،
آھيان گهڻو اَڄاڻ، پر سور پِريان جا ساڻ مون.
بيت - 13
ھيڪليائي ھيلَ، پُورينديَس پنهونءَ ڏي،
آڏا ڏونگر لَڪيون، سُوريون سُڄَن سيلَ،
تہ ڪرٻيلينِ ٻيلَ، جي سُور پريان جا ساڻ مون.
بيت - 14
دوست ڏٺائين دليين، ورچي تان نہ وِھي،
لانچي لَڪَ لطيف چئي، پهڻن منجهہ پهي،
سندي ننيهن نهي، ڪي سرفراز سسئي.
بيت - 15
آيس ڪي اوڏي، وڻا وايُون نہ ڪريو،
لڪَن جا لوڏي، سا مُنڌ جِيئندي ڪيترو!
وائي - 1
وڃي وڃي ٿينديَس ويجهي،
پَسڻ ڪارڻ پرينءَ جي،
آڏو ڏونگر لَڪيون، موٽج محب مجيجي،
پُڇان ٿي پَنوھارَ تو، ٻَيرَ آھيان ٻي جي،
نَمُ گهُرجي نِينهن جو، آھيان آءٌ اَروجي،
جا نہ ھلندي ھوت ڏي، پيءُ تنهين جو پاجي.
فصل ڏھون
بيت - 1
آءُ اورانهون سُپرين، وڃ مَ اڳاھُون،
ٿَڪي کڻي ٿَرن ۾، ٻاڪاريون ٻانهُون،
درد جون دانهُون، مارينديون موٽُ تون.
بيت - 2
آءُ اورانھون سپرين، وڃ مَ پئي پَري،
مون ڏِٺي، مون وسهو، ورچي تان نہ وَري،
ڌاران مُنھن مَري، ڏُکيءَ جي ڏيکارئين.
بيت - 3
آءُ اورانهون سپرين، آري الله لڳ،
ساہ تُنهنجي سڳ، اُڪَنڊيو آھون ڪري.
بيت - 4
آءُ اورانهون سپرين، آري لڳ الله،
ساريو توکي ساھہ، اُڪَنڍيو آھُون ڪري.
بيت - 5
آءُ اورانهون سپرين، الله لڳ آري،
ڀُڻان بيڪاري، پارس رسج پَٻ ۾،
بيت - 6
آءُ اورانهون سپرين، پري وڃ مَ پيءُ،
موٽَ مرنديَس ڇپرين، تون جيارو جيءُ،
ھوت مَ ڇڏج ھيءُ، پنهون پيادي پنڌ ۾.
بيت - 7
آءُ اورانهون سپرين، ڏُکيءَ ڏيج مَ ڏاگهہ،
وَٽ ڇڏي مون واگهہ، آريءَ وئين عشق جو.
بيت - 8
آءُ اوراھون سپرين، ڏُکيءَ ڏاگهہ مَ ڏيج،
پيهي گهرِ پڇيج، تہ ھوت ھلاڪت نہ ٿئي.
بيت - 9
مَڇَڻ وَرَ وسارئين، آري لڳ الله،
توکي ساري ساہ، اُڪنڊيو آھون ڪري.
بيت - 10
مڇڻ وَر وَسارئين، صبر نہ ساريان،
توکي نِهاريان، آءُ منهنجا سپرين.
بيت - 11
ھٿان ھَڏِ نہ ڇڏيان، صبر شڪرانو،
ذَوقُ زمانو، مون وَر ويو وسري.
بيت - 12
صبر ۽ شُڪر کي، ڪاڏي آءُ ڪندي،
آھيان جنهن سندي، سو تہ گهُرجي ساڻ مُون.
بيت - 13
صبر ۽ شڪر کي، وٺي آءٌ ويٺي،
ڏُکيءَ سين ڏيٺي،ڪا ڪج اچي ڪڏھين.
بيت - 14
صبر ۽ شڪر کي، ھٿ ڪيو مون ھاڻ،
پريمَ اچي پاڻ، پٽيءَ کي پُڇج تون.
بيت - 15
ناہ جميعت جان کي، ھوتَ پڄاڻان ھِتِ،
پنهونءَ جي پِرت، ساءُ چَکايُم سِڪ جو.
بيت - 16
ناہ جميعت جان کي، ھوت پڄاڻان ھاڻِ،
الله سيئي آڻ، جن ساءُ چکايم سڪ جو.
بيت - 17
ناہ جميعت جان کي، پنهونءَ پڄاڻان،
سي مون سيباڻا، جن ساءُ چکايم سڪ جو.
بيت - 18
ناھہ جميعت جان کي، ھوت پڄاڻا ھيرَ،
ساجن ڪارڻ سيرَ، ووڙينديس وندر جا.
وائي - 1
ڪهڙي ويلي اَڄ لڳيان، مَين ڇوڄاڻان وي لوڪَ،
گهاءُ مِٺان دا ڇُٽندا جو نانهين، ظاھر ڪيتا تن اڳيان.
فصل يارھون
بيت - 1
ڪن ٿي ڪيچين ڪُڇيو، ڪُڇ متان ڪُڇَنِ،
اِشارتون اُنِ جون، سُڪُوتان سُڄن،
وٽان ويهي تن، سُڻ تہ سوز پِرائيين.
بيت - 2
سڻ تہ سوز پرائيين، آءُ چيائون اَڄ،
ٻولي ٻي نہ سِکيا، ٻاڻا چوندئي ڀَڄ،
واڄي وٽ مَ وڄ، ٻُڌ تہ ٻيائي لَهي.
بيت - 3
ٻڌ تہ ٻيائي لهي، آءٌ اِتِ نہ آہ،
ڪُڇَڻَ ڪنڍي لاہ، ڪن ٿي ڪيچين ڪُڇيو.
بيت - 4
ڪن ٿي ڪيچين ڪُڇيو، ڪُڇ مَ ڪُڇيائون،
رھي نہ رتيءَ جيتري، اُنين وٽ آءٌ،
وڍي وڌائون، ھُو جو وڻ ھُئڻ جو.
بيت - 5
ڪڏھين ٿيجي واتُ، ڪڏھين پئجي ڪنٿي،
ڪڏھن ٿيجي ٻَڪرو، ڪڏھن ٿيجي ڪاتُ.
بيت - 6
ڪٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱڻ آريءَ ڄام جي،
ديَتَ آھي دوس، مارڳ ۾ مُين جي.
بيت - 7
ڪامون مُڇيجاہ، گهڻيون گهُرجن اوٺيا،
ھي وَڻ نہ لهنداہُ، ھُو وڻ اوڏانهين گهڻا.
بيت - 8
اکيون لٽَ اوراٽيون، ڪنهن پر ڪَرِيان پيرُ،
لٽ لاھيندو ڪيرُ، مون جيهيءَ مَعذورِ کان.
بيت - 9
اَکِيون آريءَ ڄام جون، اَنڌيءَ سين آھين،
ھو جي وڻ وندُرَ جا، سي مون سُونهائين،
ڏسيوڏيکارين، پيشاني پنهونءَ جي.
بيت - 10
اکيون آريءَ ڄام جون، آھين اَنڌيءَ ساڻ،
پسي ڪنديون پاڻ، پيشاني پنهونءَ جي.
بيت - 11
سَڏ مَ ڪَر سڏن ري، ھَلڻ ري مَ ھَلُ،
جَلڻ ري مَ جَلُ، رُوئڻ ري متان روئين.
بيت - 12
لڳندي لڪن سين، آءُ جي مَران اِئين،
ماءُ منهنجي نينهن، تہ ڪر لائون لَڌيون.
وائي - 1
دَردَ مُئي جي جا دارُون، اي دوست!
موٽُ سٻاجها سُپرين،
مون لڳيون، مون وسهو، محبت جون مارُون،
مائٽنِئان مون سين گهڻا،ڪُسڻَ ڪيا ڪارُون.
سکن مون سين،ڪين ڪيو،سورن لڌم سارون،
منهنجيون شهر ڀنڀور ۾، پلپل پون پچارون،
اديون عبداللطيف چئي، لڳيم ٻن اندر ٻارون.
ابيات مُتفرقہ
بيت - 1
اُٿيو ۽ اُٿياڪ، ڪالهوڪوڪاڏي گَيو،
ويو جاڳائي جيڏيون. برہ ھيءَ بيباڪ،
چُرڦُرڪاري چاڪ، سُورُ سُمهاري ڪينڪي.
بيت - 2
سَنڌُيون سُور ڪَرين، ھَڏ پڻ ڏُکن ھوت لئہ،
پرين جي پاڻ ڏنا، سي سُتي سُک نہ ڏين،
جي ماڻهن کي مارين، تن سُورن کي سَڏَ ڪريان.
بيت - 3
صَدا وڌيم سُور جي، اڳيان ڪوھِياري،
جو نِجَس نِگهاري، سو پنهون وڌُم پاند ۾.
بيت - 4
جان ساماڻِئين سسئي، تان ويس وَرَنِ جو ڪَر،
لاھي لڄ لطيف چئي، ٿيُ بيگارياڻي بَر،
تہ ويندھين پوئي وَر، اڳيان ھوت حُضورَ ۾.
بيت - 5
سسئي کي سڏ ٿيو، اسان اولاڻو،
پنڌ نہ پُڄاڻو، اَڻ ڪوٺي ڪانہ ڪري.
بيت - 6
پسو پَرائن، سُورن آڏي سسئي،
پرايا پنهنجن، وڌا ويچاريءَ تي.
بيت - 7
مُنڌ نہ منجهان تَن، پَسي لَڪ لُڙن جي،
جا پر کاھوڙين، سا پَر سکي سسئي.
بيت - 8
مُنڌَ مَ مَنَهِن ويه، اُڀي اسر اُس ۾،
تو سي ئي سيڻ ڪيا، ڏُور جنهين جو ڏيه،
پاڙي پاڙي پيهُ، وَتُ پُڇندي پِرينءَ کي.
بيت - 9
ٻيلي ناہ ڀنڀور ۾، تنهن سسئي جو سهي،
ڏمرڏيرن من ۾، ڪندا اي ڪَهي،
لنگهائي لطيف چئي، کڻج ڄام کُهي،
ھيءَ مَعذور ھڏ مئي، تون ڪانڌ مَ وڃج ڪيڏھين.
بيت - 10
اولاڪن اَچي، معذور کي مارو ڪيو،
متان ور وسارئين، منجهان ڪُرَ ڪچي،
لاھي لاڳاپا لَنگهہ تون، سيڻن ڏانهن سَچِي،
منجهان راہ رَچي، ٿيندينءَ لعل لطيف چئي.
وائي - 1
مون کي تان جهل مَ پايو، جيڏيون
آءُ ھلندي ھوت ڏي،
ھيُ جو بار ڀنڀور جو، لوٺيءَ تان سڀ لاھيو،
آھي عاجزنِ تي، پسڻَ سندو سعيو،
ڪين وِھنديَس ڪُنڊ ۾، نہ مون پيُ نہ مايو،
وھاري وطن ۾، شُهديءَ کي مَ سڪايو،
ڪُٺل ڪَجائن ۾، چاڙهي ھي ھَلايو،
منهنجو پنڌ پنونءَ ڏي، ريبي تان مَ رَھايو.
وائي - 2
ڳالهيون ھوت ٻاروچي ساڻ،
منهنجي جيءَ جون جيڏيون، جيڏيون،
ڇُلي پيٺيَس ڇپرين، سَڱ تُنهنجي ساڻ،
چڙھي ڏاڍين ڏونگرين، پُرزا ڪَنديس پاڻ،
رُلي ڇُلي ڇپرين، ڄامَ وڄايم ڄاڻُ،
ھٿان ھڏ نہ ڇڏيان، سندو نينهن نڌاڻ،
نصيبُ ڪر نہ سونهينءَ کي، پنهونءَ اُٺَ وٿاڻ.
وائي - 3
ٻاروچا ٻاجهائي، مون کي نيندا پاڻ سين،
ساٿ سلامت آئيو، ورتي اي واڌائي،
پير لڌائين پرينءَ جو، لَڪن سر لِيلائي،
مِلي سا محمود چئي، وَر کي ھِئَن واجهائي.
وائي - 4
پَلڪ نہ رھي دل توري،
وَوُ ميان صاحب خان بلوچا وو،
اُٺَ چارينديَس اُنِ جا، مٿان ٽَڪر ٽوري،
ڏينديَس ماہ مروئن کي، مٿان ڪُلهن ڪوري،
ڏُک لاھينديَس ڏيل جا، ساڻ عجيبن اوري،
ڪانگ کِينم ڪيچ جا، ماس چُنجُن ساڻ چوري،
آرياڻي عبداللطيف چئي، سارَ لهندم سوري.
وائي - 5
ڪرھا مَ ڪاھيو، ميان ڪيچيا،
آءُ آرياڻيءَ عرض چوندي،
ڪري ھوتَ ھلڻ جي، لوٺيءَ کي مَ لڄايو،
وسيلو ولهيءَ جو، آڳانڍو ائين آھيو،
پاسي ۾ پَريٽ جي، جهيڪي اُٺَ جُهڪايو،
ولهيءَ جي وھانءَ ۾ واڄٽ سڀ وڄايو،
اُگهاڙن آتڻَ ۾، پنهنجو پاڻ پراھيو.
سائينءَ ڪارڻ سُپرين، صورتَ کي مَ سڪايو،
ساڪن ٿي شهر جا، معذور کي مرڪايو،
پنهونءَ ڄام، پرٽ سين، ويهي سُورَ وراھِيو،
لاھي بار ڀنڀور ۾، ويندو گهوٽُ وناھيو،
پنهون ڄاڃيڙن کي، رڌي کيڻَ کارايو،
پرڻائي پنھونءَ کي، نيکيٽيءَ نِکڙايو،
ٻيلي ٿي ٻانڀڻ سين، ڏُکيءَ ڏيجَ ڏيکاريو،
اَديون عبداللطيف چوي، سڄڻ کي ساراھيو.
ٽيھ اکري
بيت - 1
الف-
الفون اکر ھيڪڙو، سسئيءَ ڪيو صحي،
ھلي ھوت پنهونءَ ڏي، قافلن منجهہ ڪَهي،
رائي رات رھي، پَسي مان پنهونءَ کي.
بيت - 2
ب-
بييؤن بارَ کڻي ويا، ساٿي سَوارا،
ڇڏي نماڻي ننڊ ۾، ڪِڙڪيا ڪوھيارا،
ڌوٻڻ اُن ڌاران، ڪاڙھو ٿيو قِيام جو.
بيت - 3
ت-
تييون طَلب تن جي، اندر روح رھي،
سسئيءَ جو سيد چئي، ويا ڏِيل ڏَھي،
پُڇي روز پَهي، اَديون آريجن جا.
بيت - 4
ث-
ثييون سڄڻ لنگهيا، بُرو ڪري باري،
ھوءِ ڪاھي رسيا ڪيچ کي، ھيءَ پير ڪري پاري،
وَسائي واري، اوڏي ٿي اُميد کي.
بيت - 5
ج-
جيمون جالَ جَتَن، ماريو معذورين کي،
انگڙيارو وَڍيو، ھنئيون مُون ھوتن،
ڦوڙائي ڦَٽَن، اندرُ مُون اَڌ ڪيو.
بيت - 6
ح-
حييؤن حال حلال، آءٌ ٿي ڏونگر ڏوريان،
ويو مون ولهيءَ جو، جئري جِيءَ جمالُ،
ڪري ھوتَ حلالُ، ڪُهي ڪَميڻي ھليا.
بيت - 7
خ-
خيمئون سُتييَس خواب ۾، ڪري منَ مُدامَ،
پاسي منجهہ پنهونءَ جي، اندر ڪيم آرام،
سُورن جو سرانجام، صبح وَسايُم سر تي.
بيت - 8
د-
دالئون دل ڦُري ويا، نِماڻيءَ جو نڪڻين،
عشق آريءَ ڄام جو، چِت ۾ پئو چري،
ھنئين نِتِ ھري، لالائي لالن جي.
بيت - 9
ذ-
ذالون زار و زار، آءٌ ٿي رُئان رَتَ ڦَڙا،
اچي پيئي اوچتي، محب مارو مار،
ڏُکيءَ کي ڏيکار، پرين پيشاني پانهنجي.
بيت - 10
ر-
ريؤن راضي ٿي، پاڻُڀُلائي پانھنجو،
ساہ مَٿان ئي صدقي، جانبَ منهنجو جيُ،
توري پوئي سِيُ، ھيڪليءَ کي حَب ۾.
بيت - 11
ز-
زييونٿيس زَوال، آءُ منهنجا سپرين،
بري ھن ڀنڀور ۾، ھهڙا ٿيڙَم حال،
ڦوڙائي جا فال، وجهيو واٽ نهاريان.
بيت - 12
س-
سينون سياڪو،ڪنديسَ ڪوھيارل سين،
گڏجڻ سَندو گَس ۾، آھم اولاڪو،
ووءِ ووءِ جو راڪو، ساڻ مَ ٿيو سيد چئي.
بيت - 13
ش-
شينون ڪڍي ساہ، ويا وٽان مون نِڪري،
پورھيت ڇڏي پَٽ ۾، نِيرَ ڪيائون نہ نگاہ،
سنجهي ڪيائون صلاح، مٺيءَ جي مرڻ جي.
بيت - 14
ص-
صادؤن ساہ پساہ، سُڃ ۾ ٿيو سوگهو،
لَڳم ٻاڻ ٻروچ جو، ويس پاڻ وَساءُ،
گنگن جي کساءُ، آيَمِ بُوءِ بهار جي.
بيت - 15
ض-
ضادؤن منجهہ برن، وَڻَ کٿوريءَ واسيا،
ٻاڪاريوٻانهَون کڻي،ٿَڪي منجهہ ٿَرن،
ڳوڙھا سر ڳلن، ھَي ھَي ڪيوٿو ھاريان.
بيت - 16
ط-
طييؤن طالُع تن جو، جي ھيڪانديون سين ھوتَ،
تن سالُور سقلاتَ جا، پيچي چڱا پوت،
جبلين ڏنيم جهوتَ، اھڙن اوٺيڙَن لئہ.
بيت - 17
ظ-
ظييؤن اَڄ زبان، ڪيچي ڪري ھليا،
ڇُلي پَيس ڇپرين،ڪاري لَڳمَ ڪان،
نِسَت سين نِڌان، جيڏيون جَتَ ڪري ويا.
بيت - 18
ع-
عينؤن شال اچن، سي بوتا نِهي پارَ،
سونهون جو ساٿ جو، ڏسان شال اکين،
وندُر واٽِڙيُن، دلاسا دلگير کي.
بيت - 19
غ-
غينؤن غفلت ڇڏ، ڇن سياڪو سسئي،
نِجهرو نا اُميديءَ جو، اوڏانهين نيئي اڏِ،
تہ ھاڙھي ڌڻي ھَڏ، ڇوري ڇَڏئي ڪينڪي.
بيت - 19
ف-
فيؤن ٿو ڦاٽي قَلب لاءِ قريبَ جي.
مُدامي مجلس کي، اندر مُون آٽي،
جهنگل ۾ جهاٽي،ڀيڙي ٿيان ڀتار سين.
بيت - 20
ق-
قافؤن قُرب ساڻ، ماري ويا مُنڌَ کي،
ٻانهي ٻاروچن لاءِ، پيئي پَڇاڙِي پاڻُ،
ڄُلان پوندُمِ ڄاڻ، اھڙن اوٺيڙَن جو.
بيت - 21
ڪ-
ڪافؤن ڪريان ڪيئن، ھنيون ھوت ھڻي ويا،
ويو ٻاروچو نڪري، چِت مُون چاڙھي چيئن،
ھوتن ڌاران ھيئَن، ڏَھلا مون ڏينهنٿيا،
بيت - 22
ل-
لامؤن آءُ لعت، ڇيڙي وڌيَس ڇپرين،
چوريءَ چانگا چريا، گنگن ڪي نہ گُفت،
نِيمَ سُور سُرت، اگهي ٿي آھون ڪريان.
بيت - 23
م-
ميمؤن ٿيو مهندار، ٻاروچو ٻيلين جو،
سڀني جو سيد چئي، سُونهون ٿيو سردار،
مُلڪ جو مدار، مون کي موليٰ ميڙيئَن.
بيت - 24
ن-
نونؤن لڳو نينهن، ٻانڀڻ ٻروچ سين،
راتين روئي رتَ ڦڙا، مُنڌ ڏولائو ڏينھن،
محبت سندا مينهن، ويچاريءَ وسائيا.
بيت - 25
و-
واوؤن واءُ وصالي وار، آرامي اَندرَ جو،
چانگي سر چَڙھي ويو، ٻاروچو ٻي پار،
وِلهي ٿي وَڻڪار، سڄو باغ ڀنڀور جو.
بيت - 26
ھ-
ھييؤن لئہ ھيڪاند، اَگهي ٿي آھون ڪري،
برہ آہ بلوچ جي، ڀيڙي ڪيَس باند،
کمان اچي نہ کاندِ، پَسڻ ڌاران پرينءَ جي.
بيت - 27
الف-
الفؤن اولاڻو، جيجان تن جَتَن جو،
لنگهي پَٻُ پَري ٿيا، ڪيائون پرڏيه ۾ پاڻو،
ساجن سيباڻو، ويچاريءَ وجود ۾.
بيت - 28
ي-
ييؤن يا خدا، والي ور وطن تي،
تہ گڏجي گوندرَ لاھيان، مَن جي سڀ مُدعا،
جانبَ ٿئي مَ جدا، سدائين سيد چئي.
سُر معذوري
فصل پھريون
بيت - 1
ھلندي ھوتَ پنھونءَ ڏي، کُھجَن ڪي کوٽيون،
پاھَڻ تن پَٽ ٿئي، جي لئھ لالن لوٺيون،
سڀ سَھيليون سڪ کي، چنجھون ۽ چوٽيون،
ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون، تھ ڪتا کينئي ڪيچ جا.
بيت - 2
ڪتا کينئي ڪيچ جا، سندا جي پنهونءَ،
آگهين ھوند اَسونهن، جي جانارن ياد پئين.
بيت - 3
تن پيئي جانارن ياد، جي پاڙھيل پنهونءَ ڄام جا،
سندي لالن لاڌ، ميان پوءِ منڌ تي.
بيت - 4
جاڳايَس جَنبورَ، ڪُتي قريبن جي،
بَهي ڀؤنڪي اٿيو، گَهڙي منجهان گُهورَ،
سڀ لاھيندو سُور، گِري ھن غريب تان.
بيت - 5
نڪي آھيون چهڙا، نڪي آھيون چورَ،
ھانگاما ۽ ھور، ڪتا ڪرئين ڪن تي؟
بيت - 6
ڪتو چئي قريب جا، آھيون ساڌ سَهي،
پهرين بات بَهي، پُڇيون پوءِ پانڌين کي.
بيت - 7
جي پاريَل پنهونءَ ڄامَ جا، سَسئيءَ پُڇن سي،
وَڍيو ويٺي ڏي، ڪايا ڪيچ ڪُتن کي.
بيت - 8
جَنين سندو آھئين، سي چونئي ھَڙ،
تہ ڪُتا قريبن سين، دَعويٰ پئي مَ دڙ،
وِڌئي جنين وَڙ، وَريو عاقي ٿئين اُن سين.
بيت - 9
ڪُتا قريبن سين، ڀيري ٻَڌُ مَ بيٺِ،
جنين سندو آھئين سي جي چَونئي ھيٺِ،
جن ڏيکاريئي ڏيٺ، وَريو عاقي ٿئي اُن سين.
بيت - 10
جنين سندو آھئين، سي جي چَونئي ھٺ،
تہ ڪُتا قريبن سين، ڀيري ٻَڌم بِٺ،
ھُو جي چوَنئي ڦِٺِ، تہ ڪانيارو ٿئين ڪُڙم ۾.
بيت - 11
ڪُتا قريبن سين ڪهڙو ڪرين ڪوڏ،
اُوءِ جي چونئي ٻوڏ، تہ دَران تُون دُور ٿئين.
بيت - 12
ڪُهين، تان آپ ڪُهُ، ڏسين مَ چوھڙيان،
سندا آھڙيان، آءُ نہ سهندي ھٿڙا.
بيت - 13
ڪتو طالب ڍُونڍ جو، اسين ڪتي ڪِيڙَ،
چُهٽي آھي چيڙَ ڪارايل ڪَن ۾.
بيت - 14
ڪتوڪُرٽي ھڏيون، جوان مرد جِگَر کاءِ،
“اَلدُنيا جيفة و طالبها ڪِلاب”، ايءَ ھنئين سين لاءِ،
بيت - 15
جُہ يار ڏٺائون يارَ جو، پُٺيءَ پيرَ ڪڙين،
ڦِريا نہ فَرمان کان، اُنهيءَ ۾ آھين،
ڏسي نہ ڏاڙھِين، شبان جي سڳ کي.
بيت - 16
سگيان سينڍاريا، بَڇيا تي بهن،
ڦِريا نہ فرمان کان، ملهہ نہ موتيڙن،
ڪونهي ڏوہ ڪُتن، ڏاڪاريا ڏاڙھين ٿا.
بيت - 17
ڏَکا ڏونگر جا مرون، مَر ٿا مون تي ڪن،
پوندا ڪينَ پَريٽِ تي، جنهن جا سَڌَر ٿا سڄن،
سڳائيءَ جي سيد چئي، آھي سڌ سڀن،
ھوند نہ ھِتِ ٽَرن، قرابت ڪم ڪُيو.
بيت - 18
ڪمِ قرابت جن جي، ھتي آيم ھيئَن،
رفاقت راکن جي، پهتيسَ پاھَڙ سيئَن،
ماڻهو ملاحظو تن جو، ڪيچ نہ ڪندا ڪيئَن،
ذات نسوريائي نيئَن، پر سَڌَرَ سين سَڱ ٿيو.
بيت - 19
سڌرَ سين سَڱ ڪري، پَرکنڊين پياس،
ڪير برھمڻ ڪن جي، ڪيرُ ڄاڻي ڪيڻاس؟
ھُوندَ نہ سِنڌَ سياس، ھَن برئين ڪيسَ پڌري.
بيت - 20
تو سڱ ساھہ کڻڻ سين، جِيڻ گوشي جاءِ،
مَرڻَ مون سين آءُ، تہ پُٺيءَ تو پير ڪَڙيان.
بيت - 22
ڇَپَرَ اوتارا ڪري، سينڌي ٿي مروئَن،
جيڪي چَيس جيڏئين، سو نہ ڪيائين ڪَن،
معذور مَرَڻُ مَنِ، ڪيچين لئہ قبول ڪيو.
بيت - 23
ڇپر اوتارا ڪري، ماڻيائين مزا،
پَرٽِ کي پَٻَن ۾، ڪاريو پنڌ قضا،
مٿان جانِ جَزا، لاٿائون لطيف چئي.
وائي - 1
خوبي منجهہ خِفَت، اي دوست دِقَتَ،
آھي عبداللطيف کي،
مدَح مون کان نہ ٿئي، سَندڙي سُورَ صفت،
ھجي ڪريان ھيجَ سين، مطالع محبت،
حُزن ھوت پنهونءَ جو، رڳيائي راحَتَ،
پريان جي پستان جو، فاقوئي فَرحَتَ.
فصل ٻيون
بيت - 1
ڏُکيءَڏَمَرُ ناہ، بُکيءَ کِلَ نہ اُڄهي،
اُگهاڙيءَ وھانءَ، ويچاريءَ وِسري.
بيت - 2
اديُون وَرُ اُگهاڙَ، وِھانءُ جنهن وساريو،
جيڏيون ڇڏي جاڙ، سڀ نَنگيون ٿي نِڪرو.
بيت - 3
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀَ،
سُپيريان سين سوڀَ، ننڊون ڪندي نہ ٿئي.
بيت - 4
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، پَرھَڻَ ڇڏي پوءِ،
مَهند مڙنئان ھوءِ، ڪَهي جا ڪِينَ کڻي،
بيت - 5
ڪَهي جا ڪِينَ کڻي، پرينءَ پهتي سا،
وِھي ويڙھجي جا، وَصلُ تَنهن وڃائيو.
بيت - 6
وصل تنهن وڃائيو، سينڌِ سُرمي سيئن،
سالوٽي لِيلان جيئَن، مَڻيو جنهن مٽ ڪيو.
بيت - 7
ھُوندئان ھوت پَري، اوڏو آہ اڻ ھُوند کي،
ساڄن تن سَري، “لا” سين لَڏِين جي.
بيت - 8
لائي خنجر “لا” جو، ھَي خَچَرَ کي ھَڻُ،
سَڌنِ جون سيد چئي، وٿون سڀ وِڪڻ،
پير پروڙي کڻ، تہ ھلڻ ۾ ھوري وھين.
بيت - 9
ھَورن ھاڙھو لنگهيو، ٿيءُ جَريدي جوءِ،
ھُوندِ جنهن کي ھوءِ، ھوتُ نہ ھوندو تن کي.
بيت - 10
ھورين ھاڙھو لنگهيو، مٺي مُوسٽُ ڇَڏِ،
“لا” سين اُٿي لَڏِ، “ڪينَ” رساڻي ڪيچ کي.
بيت - 11
ھورين ھاڙھو لنگهيو، ڳوريون پاسي ڳوٺَ،
ڪيچ تنهين کي ڪوٺَ، “ڪِينَ” جنهين جي ڪڇ ۾.
بيت - 12
ھورين ھاڙھو لنگهيو، ڳوريون ٿيون ڳَمَنِ،
ھاڃي تنهن ھَڄَن، ڌاران سِڪ سيد چئي.
بيت - 13
نڪا ھِتِ نہ ھُتِ ڪا، ڳؤريءَ سندي ڳالهہ،
ڪِين پهتي مالِ، حال پهتي ھوت کي.
وائي - 1
ھل ھوتن ڪارڻ حال، شال سڳرِ ٿِيندئَن ساٿ جي،
پير پنهنجي پرينءَ لئہ، ڪوڏَ رتائِين ڪالهہ،
چڙھندي سر چوٽئين، لڪَن ڪيڙس لالَ،
جي ڀانئِين جَتَن جي، ويجهي ٿيان وصالَ،
پري پَٻَ وَرَنِ ۾، وجهج ڪا وڙالَ،
ڪيچان آيو قافلو، مٿي مَيَن مال،
اينديئي بوءِ بوتن جي، تون جهلِج پٻ پيالَ،
جتي جمازن کي، جبلَ ٿين جنجال،
پُڇي پيادن کي، اُت آرياڻي احوال،
اَديون عبداللطيف چئي، سَڄڻُ مِلندُمِ شال.
فصل ٽيون
بيت - 1
ھلندي ھاڙھو مَڻي، ڪَرڻُ ڪوہَ پيام،
اَرڏيا آريءَ ڄام ري، گُوندر گُذريامِ،
لڪيون لڪ لطيف چئي، اورانگهڻ آيام،
پُرڻُ پنهونءَ پُٺِ ۾، اِيءُ سَعادَتَ سَنديامِ،
مٿس ڪَمَ وڌام، وِھان تان نہ وَس پيو.
بيت - 2
ھلندي ھاڙھو مڻي ڏَڪَن منهنجا ڏوہ،
ھوءِ اوڇڻ سر اُٺن تي، ھيءَ پَنڌ پڇاڙي پوءِ،
ليڙن ري لطيف چئي، ڪيئَن ڪرينديَس ڪوہَ،
اڳيان رائو سڄي روہ، وھان تان نہ پيو.
بيت - 3
ھلندي ھاڙھو مڻي، سسي ڏينديس ساہُ،
لِڱن تان، لطيف چئي، پاري نِيم باہُ،
ڪندوٻاجهہ الله، وھان تان نہ وسَ پيو.
بيت - 4
ھلندي ھاڙھو مڻي، گسان تان مَ گسان،
لَڪَن تان لطيف چئي، رڙھي مانَ رَسان،
پنهون شال پَسان، وِھان تان نہ وس پيو.
بيت - 5
ڀائي حالَ ھلي ويا، ڪنهن کي سُورَ سَلان،
کڻيو لڄ، لطيف چئي، لَڪَن منجهہ لُڇان،
پانڌي ڪيرُ پُڇان، وھان تان نہ وس پيو.
بيت - 6
وَڌو ڪِيمَ وَڻا، اُونچا ڏونگَر مَ ٿيو،
ٽِمو مَ نيڻا، تہ پير نِهاريان پرينءَ جو.
بيت - 7
وارو مُون وَڻاہُ، ڪا سُڌ سونهپ جي نہ ڏِيو؟
اِيءَ اِھائي ڳالهڙي، شُجَرَ سُڻيجاہُ،
چوٽي چاڙھيجاہُ، تہ موڙھيءَ ڪو مُنهُن ٿئي.
بيت - 8
وارو مون وَڻراہَ، ڪا سڌ سونهپ جي نہ ڏئين؟
وجهي وَراڪن ۾، مَعذور کي مَ مُنجهاءِ،
مَنجهان پاڻَ پياديون، ھادي ٿي ھَلاءِ،
پريان کي پهچاءِ، تہ لڳي لوٺو نہ ٿئين.
بيت - 9
وارو مون وَڻڪارَ، ڪا سڌ سونهپ جي نہ ڏئين؟
آھي اَڻ سُونهن جي، مٿي تو مَيارَ،
وڙھيا ويراڳنِ سين، لَڪَن جا لِيارَ،
ڪريان ٿي ڪوار،ڪنڊن ڪانڊيرن تي.
بيت - 10
ڪَنڊا مُون پيرن ۾، توڻي لَکَ لڳن،
آڱر آڱوٺي نہ مِڙي، ڇپون پير ڇنن،
ويندي ڏانهن پرينِ، جُتي ذات نہ پائيان.
بيت - 11
جُتيون سي پائينديون، جنهين پيرَ پرين،
لاٿيون سڀ پَرين، سسئي سپيرين کي.
وائي - 1
جيڏيون جا جَڙ لائي، جيءَ جَتَن سين جيڏيون!
سامُون سَرتيون سيباڻيام، تنهن جيَڻَ جالَ ڪيام،
مَهارن جي مَيَن جون، سنجهي ھَٿ ھُيام،
پُبٿ سُتي سکُ ۾، ويسلي ويامِ،
ھڪل ھوت پنهونءَ جي، سَڳَر منجهہ سُيامِ،
ڏوريندي ۾ ڏونگرين، ٿوھَرَ ٿوڀَ ٿِيامِ،
ڪوڙين ڀال پنهونءَ جا، گنجِي منجهہ گهريامَ،
سُتي سَڳَرَ پَٽَئين، سگهڙي سارَ لَڌيامِ،
ڪِيهونُ ڪوھَنِ پَٽِئين،ڪُوڪُون جَمازنَ،
ھوتاڻي ھٿَ کڻي، پنهون پيادنِ،
ڏکون بُکون ڏاکِڙا،ڪارڻ جي ڪيامِ،
موٽي ماءُ ڀنڀور ۾، اڱڻ سي آيامِ.
فصل چوٿون
بيت - 1
مَري جيءُ تھ ماڻئين، جانب جو جَمالُ،
ٿئين ھُوندَ حلال، جي پَند اِھائي پاڙئين.
بيت - 2
مَرُ تہ موچاري ٿئين، اَجلان اڳي اڄ،
جانڪي تان ھئين جِيئري، منڌ ڀنڀوران ڀَڄ،
پنهونءَ ساڻ پَهڄ، تہ ملڪ الموت ماڻئين.
بيت - 3
مر تَہ موچاري ٿئين، جئڻ آڏو جَتَ،
ھاري ڪر ھمت، تہ ڏيئي دَمَ دوست لَهين.
بيت - 4
مر تہ موچاري ٿئين، ويهي وجهہ مَ ويرُ،
دل ۾ آڻ مَ دور، تون ڦِرَڻُ سندو ڦيرُ،
توڻي لَهين نہ پيرُ، توءِ راحَتَ آہ رڙھڻَ ۾.
بيت - 5
مر تہ موچاري ٿئين، ويهي جيءُ مَ جوءِ،
منڌ مَرڻان پوءِ، پهچندِئينءَ پنهونءَ کي.
بيت - 6
اَجَلان اڳي سسئي، مُنڌ جئريائي مَرُ،
ٽوليان تنهن مَ ٽَرُ، جنهن رُوحُ وڃَايو راہ ۾.
بيت - 7
مَرڻا اڳي جي مُوا، سي مَري ٿين نہ ماتُ،
ھوندا سي حيات، جِيڻان اڳي جي جِيا.
بيت - 8
جيڻان اڳي جي جيا، جڳُ جڳُ سي جين،
اوءِ موٽي ڪينَ مَرن، مَرڻان اڳي جي مُوا.
بيت - 9
اُونچو اُتاھون گهڻو، جِيَڻَ کي جبل،
مَرَڻُ مون سين ھَلُ، تڳ پُٺيءَ تو پنڌ ڪريان.
بيت - 10
توسَڱ ساہَ گهڻن سين، جيَڻَ گوشي جاءُ،
مَرَڻَ مون سين آءُ، تہ پُٺيءَ تو پنڌ ڪريان.
بيت - 11
تو سامائي سسئي، مَرَڻ ڪيو مُردار،
ڪپَر سين ڪوھيارُ، لوٺي تو لڄائيو.
بيت - 12
وڏا طالع تن جا، جي مارڳ منجهہ مرن،
ٻيون ڇا کي ڪَن، ڪُوڙي دعوا دوست سين.
بيت - 13
سَڏُ سُڃاڻي پِرينءَ جو، واڪي جي نہ وَرن،
ڪُڄاڙي کي ڪَن، ڪوڙي دعويٰ دوست سين.
بيت - 14
مُئي جي مارڳ ۾، ڇَپَر ڇلي جي،
تہ قَدرُ ڪيچين کي، پورو تنهنجي پَنڌ جو.
بيت - 15
مَرين جي ويرين، تہ ڪهڙو ٿورو سڄڻين،
تو جَهڙين ٽيرين، در ٻاروچي ڪيتريون.
بيت - 16
پَر ۾ پَچي پرين کي، مَري نہ ڄاتوءِ،
“متوا” مُنڌ نہ سوءَ، ڪَنڌُ ڪُڄاڙيان ڪاٽئين.
وائي - 1
توڏَن تان نہ تنواريو، منهنجو لالن واريو،
الله ڪارڻ ميان اوٺيا!
شرَفُ لهي سسئي، ڪُٺل کي ڪم ڪاريو،
مينديءَ مور ملير جا، چانگن کي سڀ چاريو.
فصل پنجون
بيت - 1
ھٿين پيرين مونڙئين، ھلج ساڻ ھنئين،
عشق آريءَ ڄام جو، نباھي نئِين،
جان جان ٿي جِيئن، تان پاڙج ڪو مَ پنهونءَ سين.
بيت - 2
ھٿين پيرين مونڙئين، ڪَهجِ ڀَرِ ڪَپارَ،
متان ڇوري ڇڏئين، پريَتڻي پَچارَ،
توکي سَنَدَ سسئي، سندي لنئو لغَارَ،
جي ھونئي ھوتَ ھزار، تہ بہ پاڙج ڪو مَ پنهونءَ سين.
بيت - 2
ھٿين پيرين مونڙئين ڪهج ڀر قدامَ،
وچ وسيلو ناھہ ڪو، اوري آريءَ ڄامَ،
ھِنئين لاھي ھام، پاڙج ڪو مَ پنهونءَ سين.
بيت - 3
ھٿين پرين مونڙئين، پري ڪج پَرَک،
قدمَ ڪيچ ڌڻين ڏي پاءِ وڌندي وِکَ،
جي ھونئي ھوتن لَکَ، تہ بہ پاڙج ڪو مَ پنهونءَ سين.
بيت - 5
ھٿين پيرين مونڙئين سرج ساهَ پَساھہ،
ھوتُ گڏيئي حب ۾، رَھَبر مٿي راھہ،
جان جان ساڻئي ساھہ، تان پارج ڪو مَ پنهونءَ سين.
بيت - 6
اڳهين انگُ سندوم، وھي جيڏان ويو،
ڪهڙو ڏوھہ ڏيون، سو منهن آئيو ساٿِئين.
بيت - 7
جَڙَ جا ھنيم جَتَ، تنهن ڳجهيءَ ڳاھيم جندڙو،
آڻي اندر کوڙيا، ڪوھياري ڪروت،
سُورن ساڙي آھيان، سڪان کي صحتَ،
اندر ريلا رَتَ، ٻاھرٻاڦَ نہ نڪري.
بيت - 8
تَتيءَ ٿڌيءَ ڪاھہ، ڪانهي ويل وَھڻ جي،
آسَرَ ھڏ مَ لاھہ، ڇِنڻ ڳنڍڻ اُنِ جو.
بيت - 9
ٿڌيءَ ٿَڪي نہ وِھي، تَتيءَ ڪري تاڻَ،
وڌائين وڻڪار ۾، سسئي پاڻُ سڪاڻَ،
پڇي پَهہ پکين کي، پيئي منڌ پَرياڻَ،
ڏِنَسِ ڏيهہ وڻن جا، تن الله لَڳ اُھڃاڻَ،
مان پَرچي پاڻ، اَچي آرياڻي وري.
بيت - 10
توڻي ولاڙون ڪرئين، توڻي ھلين وکَ،
لِکئي منجهان لِک، ذرو ضايع نہ ٿئي.
بيت - 11
لِکيو جو نِراڙ، سو انگُ ڪياڙيءَ نہ ٿئي،
پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪي لالن لِکيو لوح ۾.
بيت - 12
جِتي جيتريون، لکيو لوح قلم ۾،
تِتي تيتريون، گهڙيون گهارڻُ آئيون.
بيت - 13
ڪيائين ڪيچين لئي، جُسو جَلاوتَ،
ڇڏي پيئي ڇپرين ھادي سڀ حُجت،
ھُئي نماڻي نِست، پنڌ وڌائين پاڻ تي.
بيت - 14
ڏُکيءَ ڏورڻ پاڻ تي، ويچاريءَ وڌو،
ڏيل جنهن جو ڏُک سين، سَڀو ئي سَڌو،
ھُئڙس اڳ لِڌو، پوءِ ٿي ڪري پنڌڙا.
بيت - 15
پنڌ نہ پنڌن جيترو، ڪيئن سُڄندي ڪِيه،
جيڪرڪريان ريهہ، پر چوندا مُنڌَ چري ٿي.
بيت - 16
چُونم مَرَ چَري ٿي، پر جي سَڏَ سُڻين،
مَرُ مُونهين کي ڏين، ماڻهو اچيو ميهڻا.
بيت - 17
ماڻهوڏيئي ميهڻا، مون کي ڪندا ڪوھہ،
جي ڇوڙيم ڇوھہ، تہ پِٿون ٿينديس پير ٻي.
وائي - 1
ويھہ م واٽ ورچي ھو! الله ميان،
جئن ڪَهندئن، تئن لهندَئن وو!
ڪنهين اچي ڪا ڪَهي،ڪنهين اچي ڪا چئي،
امل ڀانيان اُن کي، ساجن مون کي جا چئي،
پير پٽان ئي ڪنئرا رائي ڪيس رَڃي،
مُنهن ڪر معذورِن ڏي، پنهون ڄامَ پَرچي،
مون کي تنهين ماريو، جَتَن جا چئي،
وندَرَ واٽڙين تي، ڪانڌي ٿيندمَ ڪيچي.
فصل ڇھون
بيت - 1
جَهلي تان نہ رَھان، ڌاران پَسڻ پرينءَ جي،
اَپَر عاجز آھيان، لالُن جان نہ لهَان،
فردا مون ڦِٽي ڪئي، وعدي ڏي نہ وَھان،
صَباح سِيئَن نہ سَهان، خواھہ ميڙئين خواھہ مارئين.
بيت - 2
صَبح سيئَن سُورَ، سَهي ڪَر سرتيُون،
گهٽيان رَھن نہ گهٽ ۾، پيغامن جا پُور،
مَيائي مَنظُور، ھير ھلنديس ھوت ڏي.
بيت - 3
هينئر ھلنديس ھوت ڏي،ٻيون وجهي ٻَن،
جيرو جان فِدا ڪريان، مَٿن تن پَرين،
آيا اَڄ گهُرجن، فَردا مون ڦِٽي ڪَئي.
بيت - 4
فردا مُنڌ ڦٽي ڪئي، نقد ڳنيو نار،
ھيءَ جا واڳ ولهيءَ جي، ويرَمَ ڏي مَ وار،
جانڪي مُٺيءَ مار، جانڪي ميڙ مُٺيءَ کي.
بيت - 5
مُٺي ٿي مدعا گهري، مَوت ٿيو موجود،
اچين تہ اڄ ڪريان، صُباح جو سُجود،
جانڪي ني وُجود، جانڪِي ميڙ مُٺيءَ کي،
بيت - 6
جانڪي ميڙ مُٺيءَ کي، جانڪي مُٺيءَ مار،
ڄيرو ٻنهي ڪنڌئين، ٻنهي پارين ٻار،
ڏکيءَ کي ڏيکار، ھيڪر ھوت اکين سينَ.
بيت - 7
ڏکي ٿي ڏڌورَ، لَهسي لَنؤ پنهونءَ جي،
ڏيئي آگ اَتورَ، سڀ نہ ساڙي سسئي.
بيت - 8
ڏُکي ڏِکَ وسار، سيج ڦِٽي ڪر سسئي،
پَٽين پير نهار، تہ آرياڻي اُتان لهين.
بيت - 9
ڏُکي ڏُک مٿي ڪر، وانءُ ڇَپَر پيهي،
گڏبئي ڏيهي، سُوڌيون ڏيندئي خبرون.
بيت - 10
ڏُکي ڏيهاڻيءَ، مُٺيءَ مٿي ھٿڙا،
تنهن پَر نہ کاڻي، جنهن پَر جڙي جيڏئين.
بيت - 11
ڏِسڻ ڏکان اَڳرو، سسئي آڻ مَ شڪ،
ٿيُ ٻانهي ڀَر اوئيُون، لُڏ مَ پسي لَڪ،
وَرُ پنهونءَ سين پَلڪ، کوءِ ٻارھن ماھہ ٻين سين.
بيت - 12
ھر دم ھوتَ پنهونءَ جو، ڏسڻ ڀانئج ڏک،
وَرُ پنهون سان پَلَڪَ، ٻَن ٻارھن وِرھہ ٻين سين.
بيت - 13
ٿورَ وَيرمي ٿيُ، وڃڻ ويرم نہ سَهي،
ڏيئي مرجَ ڏونگرين، جِئن ڪارڻ جِيُ،
ھَڏ نہ ھوندو ھيُ، ڪَر ساھہ پريان تان صدقو.
بيت - 14
ڏکيءَ سنديون ڏونگرين، آڌيءَ آھون پون،
ڏاريءَ جو ڏونگر کي، سو ڪي چيو چُوننِ،
آريءَ جي افسوس ۾، ماڻهو مِرون رُون،
اِن پَر سيئي ھون، ھِنئڙا جن ھڄي ويا.
بيت - 15
ڏُکيءَ سنديون ڏونگرين، پَسو پِٽُون پون،
مُئي پُڄاڻا مُنڌ کي، روجهون رُڃن ۾ رَوَن،
ڀُڻا اِيهِين چُون، تہ مُئيءَ اسان کي ماريو.
بيت - 16
ڏُکيءَ سنديون ڏونگرين، اوڇنگارون اَچن،
ھڻي سانگِ سسئيءَ کي، ڪل وڪيو ڪيچين،
جي ھٿان ھوت مَرَن، ھوت ٻَنهين جي ھنج ۾.
بيت - 17
ڏُکيُ سنديون ڏونگرين، وَڻَٽِڻَ وايون ڪن،
وٽان ويهي جن، وڍيءَ سي واڍوڙيا.
بيت - 18
وڍيءَ سي واڍوڙيا، رت نہ ڏِٺو جن،
مَوتُ قبوليو تن، ڏٺو جن ڏکيءَ کي.
بيت - 19
ڪنهن جنهن ڏُکان ڏي، پاراپا کي پانڌئين،
سُورَ ڀريائين سي، ڳالهہ ڪيائين جن سين.
بيت - 20
وڻ وڍيائين وڍ سين، ڪو تو وڍيءَ وڍ،
ڏک کيءَ کي ڏڍ، جن ڏٺِي سي ڏُکيا ٿيا.
بيت - 21
ڪو جو وَڍيءَ وَڍ، جئَن ور وَڍيائين وَڍَ سين،
ڏک ڏکي کي ڏَڍ، جن ڏٺِي سي ڏُکيا ٿيا.
بيت - 22
وَڍي ٿي وايُون ڪري،ڪُٺل ڪُو ڪاري،
ھن پَن پنهنجا ساريا، ھي ھَنجون ھَڏنِ لَئي ھاري.
بيت - 23
ڏُکي توءِ ڏُڪار، توڻي وَسڻَ مِينهڙا،
صاحب ھَٿ سُڪار، ھِن وَسِ آھين ھٿڙا.
بيت - 24
ڏُکي توءِ ڏڪار، تي سيڻن ڏيهہ سُڪاريو،
ٻاروچاڻو ٻار، سڀوئي سُواءِ سين.
وائي - 1
ھوتَ ھاڙھي ڏاري ھُوندا، وانءُ وَھيلي ساٿ سين،
جتي پنڌ نہ پيچرو، سُونهان وڃن روندا،
اَسُونهن عنايت چئي، پهڻين پير پوندا.
فصل ستون
بيت - 1
آءٌ نہ گڏي پرينءَ کي، ٿورا ڏِينهن ٿيا،
راتيون روزَ ويا، عَبَثَ آريءَ ڄام ري.
بيت - 2
آءُ نہ گڏي پرينءَ کي، سهسين سج ويا،
ھَلڻَ ويرَ ھِئان، ديکي شال دم ڏيان.
بيت - 3
آءٌ نہ گڏي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سج،
آءُ جي ڏيئين سَنِيها، نيئي پِريان ڏج،
وڃي ڪيچ چئج، تہ ويچاري واٽ مئي.
بيت - 4
آءٌ نہ گڏي پرينءَ کي، پويون ٿيون پساھہ،
سڪان ٿي سَڪرات ۾، رويو پُڇان راھہ،
شال مَ وڃيم ساھہ، ڌاران پسڻ پرينءَ جي.
بيت - 5
آءٌ نہ گڏي پرينءَ کي، عمر تان ويئي،
ڏُکيءَ ڏينهن وڃائيا، سرتيون سڀيئي،
پيريءَ ۾ پيئي، اکيون آريءَ ڏي کڻي.
بيت - 6
آءٌ نہ گڏي پرينءَ کي، جوڀن ويو جاڙَ،
آڏا آريچن کي، چاڙھي ڪا ۽ چاڙھہ،
مون مُٺيءَ کان نہ ٿئي، وَڏپڻ منجھہ وِلاڙ،
عمر سڀ آواڙ، وييم ٿي واڪا ڪريان.
بيت - 7
آءٌ نہ گڏي پرينءَ کي، ھيُ پڻ ڏينهن ويو،
نِهوڙي ناڀُن سين مونکي نِينهن نيو،
مُٺي مَوت ٿيو، بوءَ بوءَ ڪندي پنڌ ۾.
بيت - 8
آءٌ نہ گڏي پرينءَ کي، آيو عزرائيل،
جو راڻي سين جيڏيون، نَہ ڪو قال نہ قيل،
آيو مَوت دليل، ماريندو مُراد کان.
بيت - 9
آءُ نہ گڏي پرينءَ کي، مٿان آيو مَوت،
واجهائيندي وَرھہ ٿيا ھَڏ نہ گڏيم ھوت،
جيڪس ٿينديَس فوت، فنا ھن فراقَ ۾.
بيت - 10
آءُ نہ گڏي پرينءَ کي، ڪاري ٿي قِيام،
ھٿن ھاج ڦٽي ڪئي، نيڻن ننڊ حرام،
ڪُٺيس تنهن ڪِمام، ھوتَ ھلندي جو ڪيو.
بيت - 11
ھي جي اچن ٻہ ڄَڻا، اُونچا اِلاھي،
وَ نَحُنُ اَقُرَبُ اَلَيِه مَنْ حَبْلَ الْوَرَيُدَ، ائين اتائين،
تون پار لنگهائين سائين، اَسَونهين اوتَڙ گهڙي.
بيت - 12
وِلاڙيو وڻين چڙھي،ڳِجهُن ٿيندي ڳاھہ،
سسئي سُوريءَ چاڙھيو، پريان لئي پساھہ،
ھوءِ مِرون ھِي ماھہ، ڪين ڪميڻيءَ رکيو.
بيت - 13
ولاڙيو وڻين چڙھي، رئي پَسيو ٿي روءِ،
وچان جو وچ پوءِ، سو ڪنهن پَر ڪَهي لاھيان.
بيت - 14
ولاڙيو وڻين چَڙھي، اُونچن مٿي اَڄ،
لالڻ ڪارڻ لَڄ، باسيائين بردار جي.
بيت - 15
ولاڙيو وڻين چڙھي،ڏيو پَٽيلي لانگَ،
سسئي مور ٻچن جئيڻ، ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگ،
ڪانڌي ٿينديس ڪانگ، هوءَ تي روجهه رُڃن تا.
بيت - 16
ولاڙيو وڻين چڙھي،ڪي جو ڏٺائين،
مَوت بہ ماريائين، پاڻ تنهجي پُٺ ۾.
بيت - 17
ولاڙيو وڻين چڙھي، پَسو سَگهہ سَندياس،
آڌيءَ وڃيو آکڙي، نہ ڪو پيُ نہ ماس،
سو ئي سو سيڻاس، پَري پَڙاڏا ڪري.
بيت - 18
ولاڙيو وڻين چڙھي، ڏاڍو ڏوري ڏُور،
سُپيريان جي سُور، پري پڙاڏا ڪري.
بيت - 19
پري پڙاڏا ڪَري، اوري نہ آھي،
ڪَمتر ڪا ڪاھي، پهچي ھن پَٽيءَ کي.
بيت - 20
رُڃنِ ۾ رَڙ ٿي، ڪَرَ ڪووَل جي ڪُوڪَ،
ولَولوَ ۽ ووڪ، ايءَ تان آھہ عشق جي.
بيت - 21
رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر چتونءَ جي چانگهار،
اي عشق جا اُٻڪارَ، نعرو آھي نينهن جو.
بيت - 22
رڃن ۾ رڙ ٿي، جَهڙِي ڪَري جوءِ،
ايءَ نہ عورت ھوءِ، ايءَ تان آھہ عشق جي.
بيت - 23
رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪَرَ ڪرڪي ڪونج،
نعرو منجهہ نِڪونج، ايءَ تان آھہ عشق جي.
بيت - 24
رڃن ۾ رڙٿي،ڪَرَ سارنگي ساز،
ايءُ عشق جو آواز، ماڻهو رکن مُنڌ تي.
وائي - 1
تن منَ منجهہ تَنوارَ، ھو يارَ! سدا آھي سڪ جي وو،
تئَن چِڻڪَن چِتَ ۾، جئَن سا گهنڊيءَ لار،
لڳي اُڃ اَکين کي، سِگهو موٽ ستار،
پَسان ڪِينَ پريتَڻو،ڪاڏي پَرٻ پَچارَ،
بنڌياڻي ڀنڀور ۾، آھيان اوھان ڌارَ،
مون کي ڇڏ مَ ڇپرين، آرياڻي آڌار،
ڏيان خيز خِزان ۾، بيتو منجهہ بَهارَ،
مجر تان مون کي ڪيا، حڪيمن ھزار،
دوا آھين دل جي، وارو واقِف ڪارَ،
آڻي ڏي عَلِيل کي، مَعجونُون موچار،
آھي عبداللطيف کي، تُنهنجي پئي پچار.
وائي - 2
ھيءَ گهايلَ ھَڏ گهوري، ڪيچي مون نہ سڱِيڻا،
عشقَ آرِيءَ ڄام جي، ھيءَ جُهونَڙي ھَڏ جهوري،
رھي جا رُڃن ۾، سا ڇپ رڇڏيو م ڇوري،
آديون آريچن لَئي، ڏونگر ٿينديَس ڏوري.
سُر ديسي
فصل پھريون
بيت - 1
مُٺيس جَهل مُهارَ، ڪُٺيس ڪاھہ مَ ڪَرھو،
مون نماڻيءَ جي نِجهري، ڀيرو ڪج ڀتار،
ساجَن توھان ڌارَ، ڏٺم ڏينھن قِيام جو.
بيت - 2
ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن، ٽَنهي ڏِنم ڏُک،
سي سڀ ڀانيمَ سُکَ، ھيڪاندِ ڪارڻ ھوت جي.
بيت - 3
ڏاگهن ڏيرن، ڏونگرن، ڏُکن آءٌ ڏڌي،
پُڇان پير پنهونءَ جو، وجهان وِکَ وَڌي،
لِکئي آءُ لَڌي، نہ تہ پَٽن ڪيرَ پَنڌ ڪري.
بيت - 4
ڏاگها ڪيم ڏور، اڃا آرياڻي اڳي ٿيو،
موڙي مَڃَر ٽاريون، چانگا ٿا چرو،
اُن تان حَرف ھَرو، مُورائين معاف ٿيو.
بيت - 5
اڱڻ مٿي اوپِرا، جڏھن ڏاگها ڏِٺَئي ڏينهَن،
وٺي سَڙڪَ سسئي، ويهہ وھاڻي سِئين،
چوٽيءَ سين چانگن کي، جڙ زنجيرن جِيئن،
تہ ھوت تنهنجو ھِيئن، ھُوند پنهون نِيائون نہ پاڻ سين.
بيت - 6
اڱڻ مٿي اوپرا جڏھنڏاگھاڏينھنڏٺاءَ،
ڪُنجون جي قفلن جون، ٻنهنڪنھن لَل لِڪاءَ،
سُڀاڻي سندياءِ، ٿئي سارُوڻي سسئي.
بيت - 7
اڱڻ مٿي اوپرا، جڏھن ڏٺئي اُٺَ،
ڏايئي نہ ڏاگهن کي، اوڳي ساڻ اڳٺ،
تہ ھُوندَ نہ تُنهنجي ھَٺَ، سُورَ پرايا سسئي.
بيت - 8
اڱڻ مٿي اوپرا، جڏھن ڏٺئي توڏا،
ونگيئي نہ وارن سين، تن گورن جا گوڏا،
تہ لَڪَن جا لوڏا، ھوند نہ سٺئي سسئي.
بيت - 9
ڏاگھَنِئون ڏيرن، جي آندا برد ڀنڀور ۾،
ھَڻي چيلهہ چَرا ڪيا، وهُہ پئي وھڙنِ،
کُڙيءَ کُڙڪو اُن جو، ھوند سُتي سُئو سڀن،
ڏاندن سان، سيد چئي، ڪي پياديون پهچن؟
جن جو پير نہ لڳو پَٽ سين، تن آيَم ساڻ اُٺن،
گُنگن ۽ جُنگن، مُنڌَ اَسُونهين ميڙئين.
بيت - 10
اڳي اُٺَ رڙن، مون ڀيري ماٺٿي،
پَلاڻيندي پاڻ ۾، ڪُڇيوڪِينَ ڪُٺَن،
ڪا جا مامَ مُٺن، ھن پڻ ھُئي ھُن سين.
بيت - 11
ڇا جي ڏِنگا ڏيرَ، مَنهنجو ڏينهن ڏنگو مَ ٿئي،
اُٺن ۽ اوٺيڙن جي، ڇا وھيڻو وير،
ھيءَ ڪميڻي ڪير، جا امرَ کي آڏي ڦِري.
بيت - 12
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين،
لَڏيو لاڏُوڻا ڪيو، پنهنجي ديس وڃن،
پڄاڻان پِرينَ، ڪجي بس ڀنڀَور کان.
بيت - 13
ڌُريان ئي ڌاريان، مَٽ مُئي جا نہ ٿيا،
مَدي ڏيرن مَنَ ۾، کِليو کِينڪاريان،
صُبُوح ٿي ساريان، تہ اُٺَ نہ اوطاقن ۾.
بيت - 14
اُٺَ مَ اوري آڻِ، ڏاگهن ڏَڌي آھيان،
ھَڻي ھَٿ ھَيَن کي، پَري نيئي پَلاڻِ،
ھوت منهنجو ھاڻ، پنهونءَ نِيائون پاڻ سين.
بيت - 15
جَتَ نہ ڀائي رتَ، ڌاريان ڌارئين ڏيھہ جا،
آءٌ سُتي ھُو ھليا، پلاڻي پربت،
اکين جي آھَتَ، کڻي ڇُلايس ڇپرين.
بيت - 16
اٿم سُک سرتيون، جتن جا جيڏيون.
پانڌ نہ ڇڏيان پرينءَ جو، جي ھوت ڪري ھيڏيون،
مُون ڪميڻيءَ ڪيڏيون، اُميدون اَصيل سين.
بيت - 17
کُهہ ياراڻو جَتن جو، کُهہ ٻانهي، کُهہ ٻروچ،
مون کي چائي لوچ، پاڻ پيهي ويا ڇَپرين.
بيت - 18
کُهہ پنهون، کُهہ پريتڻو، کُهہ ھاڙھو،ٻَن ھوت،
مادر مُون موت، پَسڻ کان پرانئيو.
بيت - 19
جتا شال جِيو جِيو ٿا جاڙُون ڪريو،
ٻانڀڻ کي ٻروچ ري، ٻيلي نا ٻيو،
ڇِنڻ تان نہ پيو، ھيءُ سَڱ نہ ڇِنڻَ جهڙو.
بيت - 20
جتنِ جا جيلان، ٿي ساٿ پڇائي سسئي،
آيَس آري ڄام جا، تَڙ توڏا تيلانِ،
اُن کي ناڪَيليون نَڪن ۾، دُھرِيُون دَليلا،
سِر ھَڻيون سيلا، لايو نِيحُن ننڊون ڪرين.
بيت - 21
جتن ڪج جَتنِ جو، آيا ڪِ ايندا،
وٺي پنهون پاڻ سين، وٽان تو ويندا،
دَم نہ دَميندا، سڌاريندا ساڻيهہ ڏي.
بيت - 22
جَتَ ھڏھين ھُت، مون هَت هينئڙي ۾ حُل ٿيا،
چَنگل جنهين چَوڦرا، راحت تَنهين جي رت،
گنگن جِيُ گفُت، ڇيڙي وڌيَس ڇپرين.
بيت - 23
جَتَنِ وڌَيَس جارِ، نا تہ ھُيس نماڻي نَڪڻي،
ٿِيڙا پاڻ قرارِ، مون مَن گڏي گُوندرين.
بيت - 24
جي ڄاڻان جَتَن، پوءِ پَٽاندڙ ھيترو،
آءٌ ڪِيئَن مَلا ٻَن، سرتيون سور پرائيان.
بيت - 25
ھي جي آيا ھير، سي مون اڳ نہ ڏٺا ڪڏھين،
آءٌ تَرسان ھُو تَڪڙا، پَٽِ نہ لاھينِ پيرَ،
ڀِنڀولَيَس بَرن ۾، پَسي ڀينڊينَ ڀيرَ،
آءُ آرياڻيءَ اُسري، ٿي واھر جي ويرَ،
ھيءَڪميڻي ڪير، تون پارس رسج پَٻَ ۾.
بيت - 26
جَتن يارانو، ڪيچين مون سين ڪونہ ڪيو،
نالي سُيَس ھوت جي، مٿَم ٻارانو،
تيلاھِين طعنو، ڏيندا مون ڏيرَ ويا.
بيت - 27
گورا وڃن گامَ، ڏيرن سندي ڏيهہ تي،
توڏن جو تَڙَ ڀيڙ ۾، تَريون ترڪن تان مَ،
اوٺَيڙا آرامَ، لنگهي پَٻ پَري ٿيا.
بيت - 28
گئُسَر ٿئي مَ گُس، پَڻي پوءِ مَ پرينءَ تي،
جنهن سرِ ساڄن سُپرين، تنهن اُٺَ مَ لڳي اُس،
پنهون پاڪَ پرس، ھوت نہ ڪجن ھيڏيون.
بيت - 29
اُس مَ لڳي اوٺئين، ليڙن لُڪَ مَ لَڳ،
الله آريچن جي، ڪوسو واءُ مَ وڳ،
جَتَ جهجا ۾ جڳ، منهنجي پرت پنهونءَ سين.
بيت - 30
لڏيندي لِباسُ، جتن جيڏو ئي ڪيو،
اچي آري ڄام جو، وڻ وڻ منجهان واسُ،
مرون کِينم ماسُ، ھڏ ھلندا ھوتَ ڏي.
بيت - 31
اُٺَ ويري، اوٺارَ ويري، ويري ٿئڙَم ڏيرَ،
چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لٽيا پنهونءَ پيرَ،
پنجون ويري سج ٿيو، جنهن اُلهي ڪئي اَويرَ،
ڇِهون ويري ڇپر ٿيو، جنهن سَنوان ڪيا نہ سَير،
ستون ويري چنڊ ٿيو، کڙيو نہ وڏيءَ ويرَ،
واھيري جي ويرَ، ڇلون ڪريان ڇپرين.
وائي - 1
ڏاگهن ڏيرن ساڻ، ڪَرھَن ڪيچين ساڻ،
متان ڪاٻي لَنئو لائي!
آءٌ سُتي، ھُو ھَليا، وِيَڙا ڪَرھَلَ ڪاھي،
آسَڻ اڳيان اُن جي، ٻَر ٻَر ڪيو ٻاڏائي،
چَترڏيئي چِت کي، ويڙا ھوت ڇُپائي،
جيڪا ھُينَ من ۾، ويڙا پنهنجي پُڄائي،
اديون عبداللطيف چئي، ايندم واڳ وَرائي.
فصل ٻيون
بيت - 1
اڄ پڻ وَسائي اوٺئين، مٿي مارڳ ماڪ،
پنھون نيائون پاڻ سين، تاڙيون ڀَڃي طاقَ،
“ھَيهاتَ ھَيهاتَ لِمَا تُو عَدُونَ”، سُڃي ٿي اوطاق،
چُڪيءَ چوري چاڪَ، ھاڙي ھوتَ ھلي ويا.
بيت - 2
مڙي منڌ ڏي آئيون، ساھيڙيون سَهجان،
“السفر قطعة منَ النار”، ھاري موٽُ ھتان،
سَڱ “صِرَاط الۡمُٺستۡقِيمَ”، جو اٿيئي تان اڳيان،
سي ڪيچي نِيندئي ڪئان، جئن تُنهنجو نينهن نفاق سين.
بيت - 3
جَڏان “ڪُنُ فَيڪُون” چَئي، نيو آرياڻي ارواحُ،
انگ اڳهين لکيو منهنجو ميثاقان،
“مَن طَلَبَ شَيئاً وجَدوجَد”، اُتو عليءَ شاھہ،
اڃا اِنَ حَدِيثَ جو، مون آسرو آھہِ،
پنهونءَ جي پيغام تان، منهنجو موت مُباح،
سَرتيون دعا ڪجاھہ، تہ ميڙائو مون ٿئي.
بيت - 4
سَڀا سياھي، آھي آري ڄام ري،
ڪڏھن پَسي ڪا نہ ڪا، ريءَ لالن لالائي،
دود دل تان دُور ڪري،ڪَر ساجنَ صفائي،
“مَن لاَشَيخَ لَہٗ فَشَيَخهُ الشَيطَان”، اَن ري اونداھي،
ھُوءِ جا ھَلي ھيڪلي، سا گيرب گَمائي،
“بَلاَ شَيخَ مَن يَمَشيٰ فِي اَلطَريَقَ کَمَن يَمَشي فِي البَحر بَلاسَفِيئَنةِ”، اھڙي اوائي،
تنهن ري توائي، ڪوڙينَ ٿِينَ ڪيتريون.
بيت - 5
بَر وڏو، بار گهڻو، ويجهو نہ وڻڪار،
ليڙن جو لطيف چئي، کنيو مُنڌَ مَدار،
وَڻندن تہ وَڙ ڪندا، نہ تہ اڳيَن جي اختيار،
ڪاڏي ٿيو ڪوھيار، ڪاڏي ٿي ھَٿ کڻي.
بيت - 6
ڪيڙي ڪيچاين، گورا گس ھَلائيا،
لڙيو چَڙھيو چوٽيئَن،ڪَريو ڪوھہ ڪرنَ،
سُونهنِ جي سردار سين، سي توڏا مَ تڙجن،
لُطف ساڻ، لطيف چئي، لنگهيو بَر بوتنَ،
تن ڪهڙو غم گنگن، ھوت حمايتي جن جو.
بيت - 7
جاڳائي جَتَن، گورا گس ھلائيا،
پهتي ريءَ پهاڙ ۾، اُٺ ۾ اڳٽجن،
لَتاڙي، لطيف چئي، لنگهيو بر بوتن،
تن ڪهڙي چڪ چانگن، ھوت حمايتي جن جو.
بيت - 8
ڀنيءَ ٿا ڀَرين، ساٿين سنڊ ھٿن ۾،
ليڙن جو لطيف چئي، مون کي مُنجهہ نہ ڙين،
هوت پنهون ٿا نين، اسونهينءَ جو اَجڪو.
بيت - 9
اوڳارين نہ آنرا، ٻڌا چرن ٻور،
ليڙن کي لطيف چئي، موٽڻ تو مذڪور،
مَيَنَ کي مامور، آهي اڻ تڻ اڳئين پنڌ جي.
بيت - 10
ويٺي ٻُڪي ٻاڦَ، جهولي جُهڻڪ جُهني ڪي،
آيمَ تن اُٺن سين، جن جا پيرَ ڌڌا ڌَڙ داڦَ،
لَنگهيا لَڪَ لطيف چئي، توڏا تَڙٻَنگ طاف،
ڪير لنگهينديءَ قاف، اِيءَ بَر برھمڻ باسيو.
بيت - 11
ھَي ھَي ڪيو ھاءِ، ٿي پاڻ ھَڻي سر پاھڻين،
لڏائين لطيف چئي، جَتَڻ سندي جاءِ،
شَڪر بار سنداءِ، جيئن سقانيءَ ساٿ مَڙين.
بيت - 12
دَوڪَ دَھليا جت، گورا ھلڻ نہ گَس ۾،
چَوسال ئي نہ چَلڻا، ٿي تَنگ نِهاري تِت،
سوڌي اُنهين، سيد چئي، پوءِ پانچاريَن پرت،
اِن اَڙانگي پنڌ جي، ڪا نيشَن پوءِ نِرت،
سسئي وڏي ست، جا اھڙيءَ پر پنڌ ڪري.
بيت - 13
پڻ ٿا پَلاڻينَ، اوٺي اڄ اُڀکڙا،
پَھہ پارسيون پاڻ ۾، ڏير ڏھاڻي ڏين،
ھوت پنهون ٿا نَيَن، ٻاروچي ٻولي ڪيو.
بيت - 14
پڻ ٿا پلاڻين، اوٺي گهڻو اُٻهَرا،
ھوءَ جي ھلڻ سنديون، ڳاھُون ڳالهائين،
مون کي ٿا مارين، سڄڻ سانباھي ڪيو.
وائي - 1
لالڻ آئيو پيهي، وِيَڙا سورَ سڀيئي،
جيس جِيس وو جيڏيون، منهنتو لالن آيو پيهي،
ڳاله يونڪنديَس ڳجهيون، مُنهن مقابل ويهي،
کٿوريءَ بار ڀَري، آيو ڏونگر ڏيهي،
سَرڪشي سَردار سين، مون ڪمينيءَڪميني،
ھئي شَڪستي سسئي، راز پنهونءَ جي ريهي،
اديون عبداللطيف چئي، سَڄڻ آيَم سيئي.
فصل ٽيون
بيت - 1
الله ڪارڻ اوٺيا، ڪَرھا مَ ڪاھيو،
جانبَ جَڏي جيءَ جو، آڳانڍو آھيو،
لاڳاپو لاھيو، متان منهنجو سپرين.
بيت - 2
الله ڪارڻ اوٺَيا، ليڙا نيو مَ لُرَ،
نِيو نماڻي پاڻ سين، ٻانهي جَهلي ٻرُ،
مون کي ماري منجهہ ٿي، سَندي ھوتن ھُرَ،
ڪچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جي وَران.
بيت - 3
ڪيچان اوري ڪيتريون، مَعذوريُون ميون،
واٽون ويهہ ٿيون، ڪُهہ ڄاڻان ڪَيهي ويا؟
بيت - 4
ڪيچان اوري ڪٿهين، وڻُ نہ ويساھين،
ڪميني ڪيچين لَئي، پُورج پَراھِين،
تاڻج تيڏاھين، وارج ڪام وَرَڻ جي.
بيت - 5
الله اچن اُوءِ، جن آئي من سرھو ٿئي،
پَسان مانَ پَر ڪنهين جَتَن سَندي جُوءِ،
لنگهي لَڪَ لطيف چئي، سُڻيان ھوتن ھُوءِ،
گولي ٿيان گُل بُوءِ، جي سُڃاڻان ساٿَ ڌڻي.
بيت - 6
ڪيچان آيو قافلو، ساٿَ ڌڻي سَرواڻ،
وارَ وڍي واڳون ڪريان، پوئان ھُوند پَلاڻَ،
جهڙو پنهون پاڻَ، تهڙي سِٽا ساٿ جي.
بيت - 7
ڪيچان آيو قافلو، رات موچاري روءِ،
بوتي ۽ بلوچ جي رِڙھي پسان روءِ،
لنگهي لڪ لطيف چئي، ٺُڻيان ھوتن ھوءِ،
گولي ٿيان گل بُوءِ، جي مون نيو پاڻ سين.
بيت - 8
ڪيچان آيو قافلو، ڀَليرو ڀانئيان،
پَڻي جا پيرن جي، لنڱن کي لائيان،
چَنبيلي چائيان، جي مون نيو پاڻ سان.
بيت - 9
ڪيچان آيو قافلو، طرح موچاريءَ توڏَ،
سينگاريائون سيد چئي، ڪَرَھا منجهان ڪوڏ،
لَکُ لهي ٿي لوڏَ جِيجان تن جَتَنِ جي.
بيت - 10
ڪيچان آيو قافلو، ڄامن سندو ڄام،
پسنديئي پنهون کي، اکين ڪيو آرام،
ناتَر چايان نامُ، جي مون نِيو پاڻ سين.
بيت - 11
ڪَيچان آيو قافلو، جُنگ سُونهاريءَ جوڙَ،
تڙيارا توڏن کي، ڳچيءَ سُونهن موڙَ،
دَولَت چايان دَوڙَ، جي مون نِيو پاڻ سين.
بيت - 12
جُهوڙا جن جُهلنِ ۾، ھيري لَکَ ھزار،
لڳا واٽ وڻن جا، پنهون کي پالار،
آن ڪي ويندا گڏيا، اھڙيءَ سٽَ سوار،
لنگهي ڪالهہ قطار، تون اوٺي اڄَ نِهارئين.
بيت - 13
مزمانن مَهَري، آڻي جهوڪيا جهوڪَ ۾،
چائي چَنبن ۾ ويا، جيئن باز سَٽي بَحري،
ڪوھيارو قَهري، ويو نَهوڙي ننڊ ۾.
بيت - 14
ڪيچي ڪالهہ ڪَهي ويا، آيون آڌيءَ رات،
جاڳان تان جيڪي ٿيو، وِھاڻيءَ پرڀات،
ڦوڙائو فقير کي، ڏنو جتَنِ سندي ذات،
رَفِيعُ الدَرُجَاتَ، پَرمَل پنهونءَ ميڙئين.
بيت - 15
مون ڀانيو مون وَٽ، ھميشه ھوندا پرين،
ڪُهي ڪميڻيءَ هليا، ڪا نہ ڪيائون گهٽ،
ويڙھو ڏيئي ويڪرو، پهري ويا پٽ،
ساھہ جن جي سَٽِ، وڪيم ٿي وڻڪار ۾.
بيت - 16
مون ڀانيو مِزمان، ھميشه ھوندا پرين،
ڪُهي ڪميڻيءَ ھليا، ڪَهل ڪيائون ڪانَ،
ڏيئي ويا ڏاھہ کي، سُورن جا سامان،
جورو رات جُوانَ، جيڏيون جَتَ ڪري ويا.
بيت - 17
مُون ڀانيان مَهمانَ، جڪس پَهر پنهونءَ جي،
آڌيءَ رات اُٿي ويا، ڏيئي تنگن تاڻ،
بي غرضا بلوچُ ٿيا، سسئي سين سَرواڻَ،
ڪاھي رسيا ڪيچ کي، ڏاگهن لاھي ڏاڻ،
وِلها ٿيا وَٿاڻ، ساٿين ري سيد چئي.
بيت - 18
ڀانيان جي جَتن، پوءِ پٽاندر ايترو،
ڏيئي ٻانهن سِرَن، آءٌ ڪِيئن سمهان سيج تي.
بيت - 19
جڏھن ڀيڄ ڀنِيءَ، تڏھن اوٺين اُٺَ پلاڻيا،
سُڌ لڏيندي ساٿ جي، ڏيرن ڪان ڏني،
مهاروُن مَيَن جيون، ويا ڇوڙائي ڇِني،
اديون ڳالهہ انهي، چرپُر لائي چت ۾.
بيت - 20
ساٿيئڙن سوير، آڻي اُٺَ جهڪائيا،
هَئَن نہ ڀانيم جيڏيون، تہ ڏاڍي ڪَندا ڏير،
اُٿَيس آءٌ اوير، ڪري سُڃ سَنجهي ويا.
بيت - 21
اڄ ملينديس ماءُ، ڌاڃا ڪنديس ڪپڙا،
ھوتَ ڪَوھياري لاءِ، ڪنَين ڪنر پائِيان.
بيت - 22
ڪُنرڪَڪان ڪپڙا، لُڇي ڀَرِ لَڪَن،
پيئي نہ ياد جَتن، ڇڏي وئڙس ڇپرينَ.
بيت - 23
ڀانيم جي سَرواڻ، ڇُلائِيندمَ ڇپرين،
تہ کانيم ھُوند پَلاڻَ، اُٺ گڏايَم ان جا.
بيت - 24
ڪاڏي مُنهن مَڪرانَ جو، ڪاڏي ڪَيچ ٿيو،
ھهڙو ساٿ ڀنڀور تان، ڪڏھين ڪونہ پيو،
ڪوھيارو ڪام ھڻي، چوري چِتُ ويو،
تَنهين جَتُ نِيو، تن اُٺن گهوري آھيان.
بيت - 25
ڪاڏي منهن مڪرانَ جو، ڪاڏي پَريون پار،
ليڙن جو لطيف چئي، سونهون ٿيو سَردار،
جو مُلڪ جو مهندار، سو موليٰ مون کي ميڙئين.
بيت - 26
برھہ مَڻايس بَر، نہ تہ سُکي ڪيرَ سَڌون ڪري،
گهڻو ڏوريائين ڏُک سين، ڏيرن لئي ڏونگر،
وَري آيس وَرُ، سَفر مُئيءَ جا ساب پيا.
بيت - 27
ور ۾ ڪونهي ور، ڏيرن ور ڏورڪِيو،
نِهارينديَس نِڪري، بوتن ڪارڻ بَر،
آڏو ٽَڪر ٽَرُ، متان روھہ رَتيون ٿئين.
بيت - 28
وَرَ وَراڪا وچ ۾، لکَين آڏا لَڪَ،
ھُو جي آڏا حَقَ، سي ڪندا ڪوھہ ڪُٺي کي.
وائي - 1
ھوتَ نہ ڀانيم ھِينئن، آءٌ جا ماري سَڄڻَ تُنهنجي نِينهن،
وو ڇڏي تون ڪو ڇَپَر ويندين!
لُڪون لڳن ڪوسيون، ڏاڍا تَپن ڏينهنَ،
عشقَ آريءَ ڄام جي، ڪَيس نماڻي نينهن،
جُهنگارِيندي جهنگ ۾، ڏوٿين ڏٺڙي ڏينهن،
اُن جا ڇڏي ڇپرين، ڪيچ رَسندي ڪيئَن،
ولهيءَ ھِتِ وسائيا، سندا محبت مينهن،
اَديون عبداللطيف چئي، مَنَ پهچان سِيڻن سِيئَن.
فصل چوٿون
بيت - 1
وارو مُون وَڻراھہ ،ڪا سُڌ سُونهپ جي نَہ ڏئين،
واري وراڪن ۾، معذور کي مَ مُنجهاءِ،
منجهئين پهڻ پياديون، ھادي ٿي ھَلاءِ،
پريان کي پُهچاءِ، لڳي لوٺو نہ ٿيان.
بيت - 2
وارو مُون وڻڪار،ڪا سُڌ سُونهپ جي نہ ڏئين،
وڙھيا ويراڳن سين، لڪَن جا ليارَ،
آھي اسونهئين جي، مٿي تو مَيارَ،
ڪري ٿي ڪُوار، ڪنڊن ڪانڊيرن جا.
بيت - 3
ڪَنڊا مُون پيرن ۾، توڻي لَک لڳن،
آڱر آڱوٺي نہ ملي، ڇِپُون پير ڇِنن،
ويندي ڏانهن پرينَ، جُتي ذاتَ نہ پائيان.
بيت - 4
جُتي سي پائينديُون، جَنين پِيرَ پرين،
لاٿَيون سَڀ پَرين، سسئي سُپرين لاءِ.
بيت - 5
وارو وَرُ وٺي ويا، آري جا اَظلام،
آندائون آريءَ جا، پنهونءَ ڏي پَيغَام،
پَهہ ڪيائون پاڻ ۾، مُنهان مَخفي مامَ،
سَنڀوڙا ساٿ کڻي، ويساھي وَريامَ،
ڪاڪيون رات قيامَ، جيڏيون جَتَ ڪري ويا.
بيت - 6
وارو وٺي ويا جابَر ڪري زور،
بيدي ٿيو ڀنڀور، حشر ڪري ھليا.
بيت - 7
وارو ور وٺي ويا، ڪري ڏيرَ ڏَمر،
ھاڻي ٿيو حشر، پُنا قولَ قيامَ جا.
بيت - 8
وارو ور وٺي ويا، ڪري ڏيرَ ڏورو،
ساجنَ ريءَ سَرتيون، آتڻ اَ ڌورو،
نِيءَ سين نِسورو، حشر ڪري ھليا.
بيت - 9
وارو ور وٺي ويا، جوري سين جابرَ،
صبر ڪئنَ صابر، اچي عجيبن ري؟
بيت - 10
وارو ور وٺي وَيا، ڏاڙھيءَڀنڀا ڏيرَ،
ڏينديَس ڏاڍين ڏونگرين، اُنهين لئي اُلَير.
ڪيچ پُهچي ڪيرَ، وڃڻ سين وسُ ڪريان.
بيت - 11
سَنجهي مُون نہ سنڀاليو، تہ اوٺي ڪندا اِيئن،
ڪُهي ڪميڻي ڪيئن، جَڏي رات جَتَن ڪي.
بيت - 12
سنجهي مون نہ سنڀاليو، صبح ماريَس سُورَ،
جتن لاءِ ضرور، گهڻا گهاريَم ڏِينهڙا.
بيت - 13
سنجهي مون نہ سنڀاليو، صبح ساريَمِ سُورَ،
آڌي رات اُڌَميو، ڏين پَلٽيو پُور،
جتن لاءِ ضرور، مادَر ماري آھيان.
بيت - 14
سنجهي مون نہ سنڀاليو، ماريَس سُورَ صبوح،
نيڻَ ھيرائي نِنڊ سين، جَتن لنگهي جُوءِ،
ھاڃو ڪري ھُوءِ، آڌيءَ رات اُٿي ويا.
بيت - 15
آڌيءَ اوءِ اُٿي ويا، ڪَرَ رکيائون ڪيچَ،
ٻاروچاڻي پيچ، مُنهنجو من منجهائيو.
بيت - 16
جَڏيءَ وٽ جالي، مان الله ڪارڻ لکَ سيئن،
آھي آريءَ ڄام جي، ھِت ھُت حَوالي،
عيَبَ مون ۾ آڳِرا، نرمَل نڪالي،
پرٽياڻي پالي، ڪامل نيندو ڪيچ ڏي.
بيت - 17
پَريٽن پالياس، ٻانڀڻ ٻيٽي آھيان،
حُسنَ ھوتَ پنهونءَ جي، ماري مَوتِ وڌياسِ،
جان ڪي تان جيندياس، پَيَس وَر وصالَ جي.
بيت - 18
پَريٽَن جي پاڙي، جاڙَ گذاريم جيڏيون،
جنهين مون کي ماريو، سُورن سين ساري،
ارادي آڻي، سانگين سين سَڱ ڪيو.
بيت - 19
اسين پاڻ پَرٽَ، پورھيت پنهونءَ ڄام جا،
ھوت کٿوريءَ ھيرئون، مون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ،
آتڻ ۾ اُکَٽَ، شَلَ ڪانڌُ ڪنهين جي مَ ڪري.
بيت - 20
آءُ تان اھڙياءِ، جا ٻانهَين کي ٻائي چوان،
مون ڪميڻيءَ لاءِ، پنهونءَ ٿي پرٽ ٿيو.
بيت - 21
گڏيو ڌوٻين ڌوءَ، پنهونءَ پارچو هٿ ۾،
اُتي آريءَ ڄام جو، قاصد آيس ڪوءِ،
ايءُ ڪاملَ ڪم نہ سَندوءِ، جئن پَهس پَڇاڙئين پوتئين.
بيت - 22
نہ ڪوڪيچُ ڀنڀورَ، نہ ڪو مائٽ مُنڌ جو،
ھورُ مڙوئي ھن کي، ھوتن ڪونهي ھور،
زاري ڌاران زور، ھلي ڪونہ حبيب سين.
بيت - 23
ڇوري ندوري، نہ ڪو مائٽ مُنڌَ جو،
سَوين ھلن ساٿ ۾، ڪَمي ۽ ڪوري،
آءٌ آھيان اُن ۾، لنگهي ۽ لوري،
لنگهائين لطيف چئي، ٿَرَن جا ٿوري،
آھيان آزوري، تُنهنجي زوري جبل لنگهيان.
بيت - 24
آيل ٻاروچن جو، رويو پڇان راھہ،
واري وَسي واٽ ويئي، مٿان موريو گاھہ،
مروئن ڪريان منٿون، کِينَ نہ منهنجو ماھہ،
ھيڪلينَ حبيب چئي، ٻيلي آھہ الله،
جي سرتيُون وڃي ساھہ، تہ ٿيان حوالي ھوت جي.
بيت - 25
ھوتن ڪاڻ ھُئي، پاڻهي پيم پنهونءَ سين،
ٻانهي ٻاروچن جي، سڳر منجهہ سُئي،
ساموٽي ڪيئن مُئي، جنهن جو هَنيو ھوت ھڻي ويا.
وائي - 1
ڇا کي ٿا ڪَرھہ قطاريو، مون نماڻي تان ڪينَ چيو،
الله ڪارڻ اوٺيا ائين واڳ وٺي ور واريو،
رھو رات ڀنڀور ۾، ڪا گهڙي ھت گهاريو،
سڪي جنهن سڱ ڪيو، تنهن معذورِ کي ائين مَ ماريو.
سائينءَ ڪارڻ سُپرين، دوست درسن ڪاريو،
موڙي مَڃرَ ٽاريون، چانگن کي اَئين چاريو،
اُڀري عبداللطيف ڏي، واڳ وَھِنيلَ اَئين واريو.
فصل پنجون
بيت - 1
جئَن سو ھَرَڻ ھماءُ، سَرگردان سَنسار ۾،
ھُو پڳ نہ ڌري پَٽئين، ھيُ ڌڙَ سر ڌَري نہ ساھہ،
جيڪس تن وٽانءَ، سسئي سُورَ پرائيا.
بيت - 2
رات ڏٺائين روجَهہ ڀانئي ڪي اوٺي آئيا،
پريتَڻي پِرين جي، سڪڻَ ڪي سَٻوجَهہ،
ھُئي گهڻو اَٻوجهہ، سُورَن سُنهائي سسئي.
بيت - 3
روجهہ ڏٺائين رات، ھوت ڳوليندي حب ۾،
ڪيچين جي ڪَڙي ٿي، توءِ تِنهين جي تاتِ،
ٻاروچاڻي ذات، منان مُئي نہ وسري.
بيت - 4
جبل ۾ جانار، سَرَھہ گڏبَئي سسئي،
ڀِنيءَ پوءَ ڀواري،ٻانڀڻ جي ٻاڪار،
ھوتاڻي ھيڪارَ، موليٰ مون کي ميڙئين.
بيت - 5
سَرَھ گڏبَئي سسئيءَ، سوڙھيءَ منجهہ سَهي،
طرح پڇندئي تڪڙي، ٻاروچا ٻَئي،
آڻي ڏيندَئي ھٿ ۾، ڪتابتَ ڪَهي،
پنهنجي پاڻَ ھٿن سين، واچينديئن وَھي،
سَمَرُ جن سَهي، تَن ڪونهي اَھک عنايت چئي.
بيت - 6
سمر جنهين نہ ساڻ، ھوت حمايتي تن جو،
ڪري ڇيڄ ڇپر ۾، پنهون ايندو پاڻَ،
ٿيندي ريجهہ رِھاڻ، لحظي منجهہ لطيف چئي.
بيت - 7
اڳ نہ ڪَسيو ڪرھو، ھيڪ ڪَچو ٻي ڪاھہ،
واٽان پاسي ورچي، گورا پاسي گاھہ،
ڪُٽينديئي ڪامُن سين، رِيهون ڪندي راھہ،
اُت ڪانهي ٻي ڪا واھہ، واڳون ڌَڻين ھَٿ ۾.
بيت - 8
ڪَچو پَڪو ڪر ھو، ڪَھہ ٿِينديائي ڪانَ،
سُونهون جو ساٿن جو، مُهت لهندو مانَ،
ھتي جا ھاوانَ، ھِتَ اَھکي ناھہ عنات چئي.
بيت - 9
پَسي سي سَرَھي ٿي، جن مَيَن لنگهيا مَسَ،
تٿُ تِنهين کي ناھہ ڪو، لَڪَ مڙيئي لَسَ،
حُبَ جنهن کي ھوت جي، وندرَ تنهن کي وَسَ،
سَنديءَ چانگن چَسَ، پيرَ ٺرَندَئي پَٻَ ۾.
بيت - 10
سسئيءَ لنگهيو سو، مَردَ جنهن مات ڪيا،
جبل وڏو جو، نوڻِ مڙوئي نِينهن کي.
بيت - 11
جبل ماري جک، جو آڏو آريچن کي،
توڻي لَڪَن لک، سڀ لنگهينديَس سڪ سين.
بيت - 12
جبل جيڏوئي، جو آڏو آريچَن کي،
وٺي وَرُ واٽ ٿيا، برُفتَ بروھي،
رُڃن ۾ روئي، پَسان شالَ پَنهونءَ کي.
بيت - 13
جبل سڄن جالَ، آڏا آريچن کي،
ھاڙھي ڏانهن ھٿ کڻيو،ڇَپَر مڙان شال،
ڪيچي ويڙا ڪالهہ، تي ٿي ڏونگر ڏوريان.
بيت - 14
ڇَپَر ڇَمَر ڀانيان، ڪانڀو ۽ ڪارو،
پَٻ وجهنديَس پُٺ تي، صُبُح سوارو،
وڃڻُ مون وارو، ڪين وَھنديَس وچ ۾.
بيت - 15
ڇپر ۽ ڇمر،ٿا لَڳهہ لڳن پاڻ ۾،
ڏاڍا ڏونگر ڪَرڪرا وِيڌ ونگايون وَرَ،
آءٌ پيادي پَٽئين، نماڻي نَڌرَ،
سوڙھي جت سَڳر، اُت ٻاتاڙيءَ ٻيلي ٿئين.
وائي - 1
ھِنيَڙو ٿو ھُن ساري، منهنجو ساھہ سيد کي ٿو ساري،
جيڏيون آءٌ ھلندي، ويندي ھوت ڏي،
ھوتڻ ھلڻُ من ۾، ڪيرَ گهڙي ھت گهاري،
آسَرَ ڀَري آھيان، مانَ واحد آڻينِ واري،
پنڌ اڙانگا پٽئين، مون کي ڪوھياروٿو ڪاري،
سچو سُخن سُپَرين، مانَ پُنهل پنهنجو پاري،
ڄيرو اندر ڄِندڙي، ويو ٻاروچو ٻاري،
وڏاڪمڪريم تي، ھِنَ ويچاريءَ واري،
اَديون عبداللطيف چئي، وِھندُم ڪِينَ وِساري.
فصل ڇھون
بيت - 1
آڏ ترڇا آھڙا، ڏونگر کي ڏاڪا،
ڪِيَم آھہ عجيبَ کي، سڪ مَنجهان ساڪا،
پيئي ھٿي ڪي ھوتَ کي، ڪُوڪ وڃي ڪَن ڪا،
منهنجو وَس واڪا، ٻُڌڻ ڪم ٻروچَ جو.
بيت - 2
آڏ ترڇا آھڙا، ڏونگر کي ڏاڪا،
وٺي وَر واٽَ ٿيا، بَر چڙھي باڪا،
ڦَٽيا پيرَ فقير جا، چڙھندي چَڙ ھاڪا،
ھُينَ جيءُ اندر جا ڪا، ويا پُڄائي پانهنجي.
بيت - 3
آڏ ترڇا آھڙا، ڏاڪا ڏونگر کي،
ھوءِ جي وَر وندَرَ جا، ماريندا مون کي،
ھاڙھو ھيڻيءَ کي، لنگهائج لطيف چئي.
بيت - 4
آڏ ترڇا آھڙا، وندر وراڪا وَرَ،
حُب جنهن کي ھوت جي، سا ڏوريندي ڏونگرَ،
پهچائين پرَوَرَ، لطف ساڻ لطيف چئي.
بيت - 5
آڏ ترڇا آھڙا، وندر وراڪا واڪَ،
اُجهايَس اُٺن جي، ڦوڙائي فِراق،
پنهون پَرمل پاڪ، واحد لَڳِ وريج تون.
بيت - 6
آڏ ترڇا آھڙا، ونگا وَرَ واٽن،
جيرا جِگر بُڪيون، آريءَ لَئي آٽَن،
ڪشي ڪَنواٽن، سَنڀوڙا سيد چئي.
بيت - 7
ڪوڏر نہ ڪاتي، جنهن سين ٽڪر ٽاڪِيان،
جيڪو جبل لنگهيان، سو ھَيبَتَ جو ھاٿي،
پرين جا پاتي، سا جَڙ جِيئري نہ لهي.
بيت - 8
ڪرڙا ڏونگر، ڪَھہ گهڻي، جِت بَر پٽَ سُڄن بَيبان،
ڏاھن ڏاھپ وسري، ٿيا حَريفَ ئي حيران،
سسئيءَ لنگهيو سيد چئي، محبت سين مَيدانِ،
جنهن جو آرياڻي اڳواڻ، تنهن کي ڪانهي باڪَ بِهير ۾.
بيت - 9
ڪرڙا ڏونگر، ڪھہ گهڻي، جت واٽن تي واري،
آڏا لَڪ لطيف چئي، بَرَ سُڄن باري،
جا منزلن ماري، سا قادرِ ڪيچ رساڻئين.
بيت - 10
ڪرڙا ڏونگر،ڪھہ گهڻي، جَت جبلَ گوناگون،
ليڙن جون لطيف چئي، تَنگ تَنوارون پون،
جن ڏٺو پير پنهونءَ جو، سي نہ رُون نہ چونُ،
ھُوندن مٿي ھونِ، لاڳاپا ھنَ لوڪ جا.
بيت - 11
ڪرڙا ڏونگر، ڪهہ گهڻي، جت ماٿَرِ مٿاھين،
سڄن ٿا سيد چئي، اُت مَرون مَهائِين،
آرياڻي آھِين، مَنهہ مَعَذورن جي.
بيت - 12
ڪرڙا ڏونگر، ڪَھہ گهڻي، جت ويا روڏا رنگائي،
ساڱاپي سيڻن جي، ٿي وندرِ واجهائي،
رھيس رَس لطيف چئي، تنهن ڪَمينيءَ ڪاھي،
آرياڻي آھي، مجَهہ معذورن جي.
بيت - 13
ڪرڙا ڏونگر، ڪهہ گهڻي، جت رَڻ تتَو رائو،
تتر ٿئي مَ تن کي، ڏونگر ۾ ڏائو،
جڏھن ڄام پنهون ڄائو، تڏھن ٿي وَسَ وڻڪار ۾،
بيت - 14
ڪرڙا ڏونگرڪهہ گهڻي، جت مينهن وَسن ماڪُون،
سڄُن ٿيون سيد چئي، ھاڙھي جون ھاڪون،
جِت اَنڌيون اَوطاقون، تِت ڪاھي رسج ڪارَڻي.
بيت - 15
جاڳي جاڳي سسئي، جان ھيجان ھٿَ وڌاءِ،
تان سُڃي سيج پرينءَ ري، پنهون پَٿَر ناھہ،
اُٿي ائين چياءِ، تَہ گهوڙا گهر نہ سُپرين!
بيت - 16
سڪي جان سُتياس، تان سِڪ سُمهڻ نہ ڏي،
جاڳي سُتيَس جن لئي، سي آيا تان نہ اُٿياس،
ڀينَرُ آءُ ڀُلياس، نہ تہ سڪ سمهڻ ڇا لڳي.
بيت - 17
ماڻڪ مَٽ سَندوِم، اونداھيءَ ۾ سوجهرو،
حَشرَ ويلَ حساب ۾، ڇڏي نہ ويندوم،
ساريو سَڏ ڪندوم، ڪوھيارو ڪيچَ ڌڻي.
وائي - 1
وينديس ڪيچ ڪهي، سيڻن سان سَهي،
ووڀينر! آءٌ جِيندَيَس تان نہ جَتَن ري،
وھان ڪِيئن ماٺ ڪري، ھيڏو سور سَهي،
ھَيڏي شهر ڀنڀور ۾، ساريان ڪونہ سَهي،
اڳيان آريءَ ڄام جو، سڄي ساٿ سَهي،
صُبوح ڏونگر ڏوريان، ڪنهن پر رات رَھي.
فصل ستون
بيت - 1
پييَم پٺاڻن سين، ٻوليءَ جي نہ ٻُجهن،
آءٌ سنڌي پڻ نہ سمجهان، ھُو پارسيون پُڇن،
مُون پَڻ ملا تن، سرتيون سُور پرائيو.
بيت - 2
بُرو ڦازا بات جن جي، ٿانگو روان شيشي،
ڏِين پارسيون پاڻ ۾، اَيزا بليشي،
ليڙا رات لطيف چئي، نڌائون نَيشي،
پنهون پَرويشي، ڪج پيادِن جي پنڌ ۾.
بيت - 3
بُرو بگِيردَ بامَ بَليخا، مون پروڙِي مامَ،
ٿوءُ دئي ٿوءُ مان خشتگان، ڪٿئون ڇُلي ڇپرَ جي لام،
اچي پيئي تِنهين سام، دراھہ دراھہ ڪن جي.
بيت - 4
جيڪر روان روش، مَروشي محبوب ڏي،
مَنا گُشي مَولدَئي ديوان پنهونءَ دوش،
ٿوءُ گوڪي مَنين گوشُ، سُڻي مان سگهي ٿيان.
بيت - 5
ڦازا ڦيريائون، مَهارُون مَيَن جون،
مَروشي جبل روون، وائي واريائون،
مون کي ماريائون، ٻاروچي ٻوليءَ ڪري.
بيت - 6
ڦازا ڏيرَ ڦگهين ويا، ھُئا جو راڻا جَتَ،
اَيد اَندو اَيگوا، ھُن پلاڻِيا پَربتَ،
ماڻهو ڏِينم مَتَ، آءٌ لڄ بلوچيون نشتگان.
بيت - 7
داسا داڪا داري، ھنداري ھُئام،
ھرداسا ھِن حال جي، ھِتي ھوتَ ڏٺام،
پَذيري ايندام، پائي پيچ پريت جو.
بيت - 8
ايشان ايشان ڪن، واچڻ جي وائي،
سُڻي ھُل ھودي جو، مڙياس ميائي،
منَ رَبکَ ومَن نَبِيُکَ وَمَا دِينکَ، اِيءَ پروڙيان وائي،
ھيءَ جا ٻولي جَتڙين، سمجهيم نہ سائي،
قضا جا ڪريم جي، اِنهي پَر آئي،
سسئي جا سائين، پنهونءَ رسج پَٻ ۾.
بيت - 9
برو بگيرد بي، ٿاڏين پارسيون پاڻ ۾،
مون لوڏان ئي لکيا، تہ ھاڃو ڪندا ھي،
ماريندا مون کي، پنهون نيندا پاڻ سين.
بيت - 10
پنهونُ ساڻ پريت جو، ڪو پيئڙم پيچ،
ڪنديس ڪَشالا قاف جا، ھاڙھوڀ انيان ھيچ،
ڪاھي مَڻنديس ڪيچ، ديرو دوست پنهونءَ جو.
بيت - 11
پنهونءَ سين پريت جو، ڪو جو پيچ پيوم،
ڀَنڀي ھِن ڀنڀور ۾، وھڻ وِھہ ٿيوم،
متَيون موٽڻ سنديون، ڪا ڪيون ڪِيمَ ڏيومِ،
سرتيون ساھہ سندوم، ٿيو حوالي ھوت جي.
بيت - 12
ڪُڄاڙيا ڪاھي، سُتر اُن سينگاريا،
ٽَليون، ٽونر ھلويُون، ويا ڇيريُون ڇم ڪائي،
لنگهيا لَڪ لطيف چئي، ويا ڪَرھَل ڪُڏائي،
ٻانڀڻ کي ٻروچ جو، آسرو آھي،
واڳون ورائي، ڦيرين مانَ فقير تي.
بيت - 13
ڏانجهن تي ڏانجها،ڏنائون ڏُکيءَ کي،
لَڳيَس نائڪ نينهن جي، ڪُڙ اندر ڪا جا،
ٿَرن ۾ ٿاجا، ڪَري مُنڌ مروئن سين.
بيت - 14
ڪو منهن ڪُٺل آئيو، وَس نہ وَيچاري،
ھوت تُنهنجي ھٿ ر، پهچي نہ پاري،
اچين جي آري، تہ پاند پُڄي لَڪ لنگهيان.
بيت - 15
ڪو منهن ڪٺل آئيو، ناھہ ويچاريءَ وَس،
ھوتَ تُنھهجي ھٿ ري، گولي ٿئي نہ گس،
ڏُکَ ڏُکيءَ کي ڏس، تہ موڙھيءَ ڪو مُنهن ٿئي.
بيت - 16
ڪڏھن تان ٻاجهہ پَئي ساجَن مُنج سلام،
سڪ تُنهنجي سُپرين، ڪيو تَن تمام،
ھَٿين ھاج وھہ ٿي، نيڻين نِنڊ حرام،
دوست نہ سَهان دام، تون وندر ٿو ويلا ڪرين.
بيت - 17
آئي بُوءِ ڀنڀور کي، سُرھي مَنجهان ساٿَ،
پٺيان بازارن ۾، لاھي جَت جَباتَ،
سنديءَ ھوت حماتَ، ڪيچ پهتو قافلو.
بيت - 18
بَرَ مڙوئي بُوءِ، ڇپرَ ڇاٽُون مُڪيون،
ٻَهہ ٻَهہ ٿي ڀنڀور ۾، ھنڌ مڙيئي ھُوءِ،
راڻِين وري رُوءِ، گوندرَ لٿا گولئين.
بيت - 19
جڏھن پيئي ڇَٽَ، ڇپر ھوت پنهونءَ جي،
پَرَ ھي ويٺا پَٽَ، گوندَر لٿا گولئين.
بيت - 20
جڏھن پيئي بانَس، ڇپر ھوت پنهونءَ جي،
اَديون آريچن جا، وڻن مُڪا واس،
آيل پُني آسَ، پنهون آيو ڪيچ ۾.
بيت - 21
آيل اوطاقُون، ڪَري ڪيچي ھليا،
سُڪيون نہ سيڻن جون، ماڳن تان ماڪُون،
نسوريو نائڪون، سَڃي ھليا سُورَ جون.
بيت - 22
جَتَن سان جانڪون، سرتيون مون سڱ ٿيو،
ڪَري ڪوھيارو ويو، تن ڇني تانڪُون،
آءٌ پڻ تڏھانڪُون، اڌَ ڏُکوئي آھيان.
بيت - 23
متان ڪا ٻڙي، ٻولَ ٻاروچي وھسي،
حُوندَ نہ سُتيَس سرتيون، ويهي رھيَس وري،
جَتَ پنهنجي جُوءِ ۾، گهارين مانَ گهڙي،
ڪيچن آءُ نہ ڪَڙي، ڪنهن ڏُکيءَ ڏاوَڻَ ڏائيو.
بيت - 24
ڏيرن ڏوھہ نہ جيڏيون، ماءُ مڙوئي مون،
آءٌ اَسونهين اوءِ سُونهان، پرين ڀلا پريُون،
اصل آريءَ ڄام جو، پاندَ نہ پُڄتو سون،
جنهن جو تُون ھين تُون، سي پياديون پهچائيين.
بيت - 25
اديون آءٌ تہ تِيئن، جيئَن پريتَڻو پريَنِ سين،
ٻڌي سُتيس نہ سوگهو ڇلور ڇاتَيءَ سيئَن،
ڪيچي ڪاھي ڪَرھا، مونهان وڃن ڪيئَن؟
ڏوھہ منهنجي ڏينهَن، پنهونءَ کي ڪامَ چئي.
بيت - 26
وَرَ مَ وساريج، آھيان تُنهنجي آسري،
ڏاڍو ڏونگر جو سُڄي، سو لُطفَ سان لنگهائيج،
آسري اُنهين وير تون، آريءَ ڄام اچيج،
نِماڻيءَ کي نورُ سين، لالن لڏائيج،
ظُلَمتَ جا زمين جي، سا نِرملَ نُور ڪريج،
ڪامِل ڪَن ڪريج، فَرياديون فقير جون.
وائي - 1
لَڳڙي آھي لَغارَ، وو يارَ! لونءَ لونءَ مَ لالَن جي،
سَنڌ سَنڌ ۾ ساجن جي،
آءٌ سُتي، ھو ھليا، سَنجهي ٿيڙا سَوار،
جيڪي اورڻ پرينءَ سين، جيڪي پرينءَ پَچارَ،
کوءِ سي جيَڻ ڏِينهڙا، پِرينئان ڌار،
لڳي آھي، نہ لهي، سندي عشق پچار،
گهڻو اُڪنڍي آھيان، تن جَتَن سندي جِنسارَ،
گڏي وينديَس گس ۾، ڪاڪيون ساڻ قطار،
ميخون محبت سنديون، ھِنئڙي منجهہ ھزار،
ڪانگن قطارون ڪيون، چڪي کي چَوڌار،
آءٌ نماڻي نِڪڻي، دَمج تون دِلدارَ.
وائي - 2
ھوتَنِ بِنا ني ميان، دردَ فراق ني ميان،
پنهونءَ سائينءَ جيڏيون، اَلو اَلو مارِي آھيان،
اَديون آريچن جي، آءُ نهوڙيَس نفاقَ،
ڏونگر ڏوريو نہ ٿئي، مون ولهيءَ کان واڪ.
وائي - 3
تن پريَن کي اُڪنڍي آءُ، لَڪ لنگهيائون، ڏيرَ قراريا ڏيهہ ۾،
چڙھي ڏاڍين ڏونگرين، ٻانڀڻِ اُڇَلي ٻانهون،
باسي حويَس پريٽ جي، ٻانڀڻَ ڌيءَ نہ آءُ.
وائي - 4
ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين، ٻاروچَلَ ٻانهي،
جانبَ جهڙو جَڳ ۾، ناھي ڪو ثاني،
پُنهل نِيو پاڻ سان، پورھيتِ پَرٽياڻي،
پورھيو ڪنديَس پِرَ جو، ڀرينديَس پاڻي،
ھوت مَ ڇڏ ھيڪلي، ھيءَ جا وندُر وڪاڻي،
اديون عبداللطيف چئي، ايندُم آرياڻي.
سُر ڪوھياري
فصل پھريون
بيت - 1
لَيلَ نہ جاڳئين لک سيئَن، ڪُلي نومَ ڪياءِ،
قُم ٿي پهچ قَريبَ کي، اِجلس تو نہ جُڳاءِ،
مُٺي مهمانن سين، ويهي رات وھانءِ،
جيلان نِنڊ ڪياءِ، تيلان روزِ رِھَين ٿي راھَہ ۾.
بيت - 2
ليل نہ جاڳئين لک سيئَن، شام ستُيئن سڀ رات،
اوڳي اوٺيڙَن جا، ٿي پَهہ پُڇين پرڀات،
ٿيُ سَڳر تن جي ساٿِ، تہ ڀوري ڪنهن ڀال مڙين.
بيت - 3
ليل نہ جاڳئين لک سيئَن، سُتيئَن رات سَڄي،
ھِٿان ھوتاڻيَنِ جون، وييون خُرزينون کَڄي،
ڀوري تون نہ ڀڄي، سبب ڪنهن ساٿِ مِڙين؟
بيت - 4
اِجلس ڪَري اُٿيا، تَنواريو توڏَن،
نوم نوازي اُنِ کي، مَرَحَبا موڏن،
رڙھي رَس روڏن، “اَليَومَ سِيرُوا” سسئي.
بيت - 5
غافِل غَلتَ ڇوڙ، تون ڪِيئن اَڻاسي اوجهرين،
چُپاتا چڙھي ويا، وڃي پهتا توڙِ،
نيڻين ننڊ اُکوڙ، جِم وَرن ۾ واڪا ڪَرين.
بيت - 6
نِنڊَ ويرياڻي ھوءِ، جيڏيون جِمَ سُمهو،
مَتان مُون جيئَن، پوءِ ورن ۾ واڪا ڪريو.
بيت - 7
سَنجهي رھين سُمهي، غافِل منجهہ گَهرَن،
ليڙن جو لطيف چئي، ڪرڳل سُوئي نہ ڪَنِ،
سي ڪِيئَن مُحب مِڙن، جي سَنجهي رھن سُمهي.
بيت - 8
الوڙا اکين، آيم نِنڊ اَڀاڳ کي،
ھاڻي ھنَ ڀِنڀور ۾، گهاريان ڪارڻ ڪن،
اديون اَوٺيڙن، ھِنئين سان ھاڃو ڪيو.
بيت - 9
جڏھن سُتيون جي، پٿَر پير ڊگها ڪري،
تڏھن تنهِين کي، ساٿَ سُتي ئي ڇڏيو.
بيت - 10
سُتيئَن پير ڊگها ڪري، وڏي ڪيا،
دَرڀَرَ اُڀيئَن دوست جي، تہ سرپرِ توءِ سُڻياءِ،
اصل آريءَ ڄام جي، سَڳي تون نہ سياءِ،
پنهونءَ سين پياءِ، ٿي نِڀاڳي ننڊون ڪَرين؟
بيت - 11
اي ڪم ڪميڻين، جئَن سُمهن پير ڊگها ڪري،
لوچين ڇو نہ لطيف چئي، ھاري لَئي ھوتَن،
ننڊان نِڀاڳين کي، اوڀالا اچن،
سي پنهون ڪوھہ پُڇن، جي سنجهي رھن سمهي.
بيت - 12
سُتيئَن سَواري، مُنهُن ويڙھي مُئن جئَن،
ڏٺِئي نہ ڏيرن جا، چَوڌاري چاري،
تيلان ويچاري، ساٿَ سُتي ئي لڏيو.
بيت - 13
سُتين سَنجهي ئي، مُنهن ويڙھي مُئَن جئَن،
اوجاڳا اکين کي، ڄاتئَي نہ ڏيئي،
ھٿان تو پيئي، ٿي ڪچوڪيچينَ ڪرين.
بيت - 14
اوجاڳا اَڄاڻ، ڪِيئي نہ ڪميڻين جئَن،
اساري اھڙيءَ پَر، پييئي ڪچين سين ڪاڻ،
ٻانهي چايو پاڻ، ٿي سَڄيون راتيون سُمهين.
بيت - 15
نِنڊون ڪيئَن ڪجن، ھاري مُنڌَ محمود چئي،
تو سي ئي سيڻَ ڪيا پَهہ اوچتا جن،
ڪڏھين ڪِينَ سَڄن، ويسرَيون وَرَن سين.
وائي - 1
گلا ڪامَ ڪري، لکيو تان نہ ٽري،
پڙي جيڏيون منهنجي وو! شهر ڀنڀور ۾،
جو سينگار سَرتئين، سو مون ناھہ ڳَري،
جهڙي تهڙي حال سين، وڃان پيرَ ڀري،
جنهن وڻ ھيٺان ھليا، سَڄڻ سانگ ڪري،
لامُون تنهن وڻ سنديون، لوڏيان لايان ڳَري،
قضا جا ڪريم جي، ڪنهن تان ڪينَ ٽَري،
جيڪي لکيو لوح قلم ۾، پاڙيان سو پَڙي،
اديون عبداللطيف چئي، شل قادر ڪَرم ڪري.
فصل ٻيون
بيت - 1
ڏونگر تون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايون ڪرين،
مَون تنَ اندر ٻَئَن وَھين، جئن وڻ وڍي واڍو،
ڪرم جو ڪاڍو، نا تہ پٿر ڪير پنڌ ڪري.
بيت - 2
ڏونگر ڏک سنداءِ، پرينءَ گڏجان تہ چوان،
ڀنيءَ ٿئين ڀورائون، ٻيا ونگا وَرَ سَنداءِ،
چڱي ڪانہ ڪياءِ، پير وڃايئي پرينءَ جو.
بيت - 3
ڏونگر ڏَس پِريَنِ جو، قافَ نہ ڏئين ڪو،
قطاريا ڪالهہ ويا، توڏا وٽان تو،
ھوت مُئي جو ھو، ساڄن اُنهيءَ جي ساٿ ۾؟
بيت - 4
ڏونگر ڏس پرين جو، قاف نہ ڏئين ڪَلَ،
قطاريا ڪالهہ ويا، توڏا توھين جَهل،
سُڻي ھوت ھڪل، مانَ ٻُڌي ٻاروچو وري.
بيت - 5
ڏونگر ڏوراپو، پهريون چونديس پرينءَ کي،
تہ پهَڻَ پير پٿون ڪيا، تَريون ڇنيون تو،
رحم نہ پِيئي روح ۾، قدر منهنجو ڪو،
واڪو ڪنديَس وو، مون سين جبل ٿو جاڙون ڪري.
بيت - 6
ڏونگر مون مَ ڏُکوءِ، آءُ اڳ ڏکوئي آھيان،
تيلانهين تون تنگ ڪرين، تيلانهين آءٌ توءَ،
ساريان ڪو نہ سُکوءِ، سُورَ گهڻي ئي سَنڀران.
بيت - 7
ڏونگر ڏُکوين کي، دلاسا ڏجن،
گهڻو پُڇجي تن کي، جن وٽان ھوتَ وڃن،
تون ڪِيئن سَندا تن، پَهڻَ پير ڏُکوئين؟
بيت - 8
ڏونگر ڏُک پئي، مون توسين ڳالهہ ڪئي،
پاڻا آءٌ مُئي، سور سُڻائي پرينءَ جو.
بيت - 9
ڏونگر مون سين رو، ڪڍي پار پَنهونءَ جا،
سڄڻ ھوم ھيڪڙو، ويو ڦوڙائي سو،
ڪنهن کي ڏَيان ڏوھہ، مون سين ارادي اَئن ڪيو.
بيت - 10
ڏونگر ڏُکوئيون، تو ۾ اورڻَ آئيون،
جي اچن ڦوڙائيون، ڏجن دلاسا تن کي.
بيت - 11
ڏونگرَ ڏُکوين کي، ڳل نہ سُڪا ڳوڙھا،
ھوءِ جي پهڻ پَٻ جا، سي ڀڄي ٿيا ڀورا،
گوندر جا گهوڙا، وڃن جان جدا ڪيو.
بيت - 12
ڏونگر ڏھاڻي، پاڻ مٿان گهوريان،
تو منجهہ رِھاڻي، سدا ٻاروچن جي.
بيت - 13
ڪي جي ڪڍيا پارَ، ڏُکيءَ ڏونگر پاڻ ۾،
سُڻي سا تنوار، مَرون پيا مامري.
بيت - 14
ڏونگر ڀُونيَن ڪِيرَ، سڄڻَ ميخون ڏونگرين،
ھهڙا سيڻ سُڌيرَ،ڪِين لهندئِن ڪي ٻيا.
بيت - 15
ٻَئي ويٺا رُون، ڏُکي ڏونگر پاڻ ۾،
ڪنهن کي ڪينَ چون، مَنجهن جو پريتَڻو.
بيت - 16
اڄ پڻ ويٺو روءِ، ڏکي ڏُونگر پاڻ ۾،
ڪوھياريءَ جو ڪوءِ، اچي سُور اُڌميو.
بيت - 17
ڏونگر تہ ٻيلي، ڏِجي ٻن ٻيلين ري،
ڪانہ ڇُلندي ڇپرين، ساڻس سَهيلي،
چوٽيون چنبيلي، جئَن تئَن جهاڳي اُکتي.
بيت - 18
تَپي ڪندي ڪوھہ، ڏونگر ڏکوين کي،
تون جي پهڻَ پَٻ جو، تہ لڱ منهنجا لوھہ،
ڪنهن جو ڪونهي ڏوھہ، اَمر مون سين ائَين ڪيو.
بيت - 19
جئَن جئَن ڪَڪَر اُڀ ۾، تئَن تئَن ڏونگر ڏيٺ،
مون تان تَنهِين ھيٺ، پير نهاريو پرينءَ جو.
بيت - 20
اِئين رھيسَ راھہ ۾، اُونهن ئي ھَٿَ ھڻي،
ويا خيالَ کڻي، ماءُ منهنجو جندڙو.
بيت - 21
ماءُ منهنجو جندڙو،ڳنيو خيالن،
ڪُوڙنَ ڪَذابن،ڏَاگهن ڏَڌي آھيان.
بيت - 22
ٻڙي تہ ٻيلي گهڻا، سائي پُڇي سُک،
رفاقَتَ رُڃن ۾، ڏونگر ڪاري ڏک،
آريءَ جو اَھک، مون رھنما راھہ ٿيو.
وائي - 1
آھيان جن سندي، ڙي! اڙي ميان!
مون کي سي نہ ڇڏيندا ھوتا!
پَهائينديَس پنھونءَ کي، آءٌ ڳچيءَ پائي گَندي،
ويٺي آھيان واٽ تي، آھيان آسروندي،
پرين پُڄاڻان ھتهين، آءٌ رتي تان نہ رھندي.
ڪرم ساڻ ڪريمَ جي، (لطف ساڻ لطيف چئي)،
آءٌ پرينءَ مِلندي.
فصل ٽيون
بيت - 1
رويو ويٺي راڳِ، اَمڙَ اوريان نِجهرو،
لاٿو ڏيهہ وڻن سان، مون لاڳاپو ۽ لاڳ،
ڏونگر سي ڏورينديون، جن اندر ٻَري آڳ،
ھوتاڻي ھِن ماڳ، مون کي ڇڏ مَ ڇپرين.
بيت - 2
مون کي ڇڏ مَ ڇپرين، ھت ھوتاڻي ھاڻ،
اوڏي مُنڌ اُٺَن کي، الله ڪارڻ آڻ،
پورھيو ڪنديس پاڻ، اڳيان آريچن جي.
بيت - 3
مون کي ڇڏ مَ ڇپرين، ھوتاڻي ھِن ھنڌ،
توسين پونديَس پنڌ، ڏينديس باھہ ڀنڀور کي.
بيت - 4
مون کي ڇڏ مَ ڇپرين، حاذَق ھوتاڻي،
توئي لئي کاڻي،ڏُکي ڏوري ڏونگرين.
بيت - 5
مون کي ڇڏيائون ڇپرين، پوءِ رَھايَس پاڻَ،
جي ڀلايونڀاڻَ، تن کي رس رَسيلا راھہ ۾.
بيت - 6
سُتي پون ڇِرڪ، آيلِ ٻاروچن جا،
وَھَم وھاٽي ور ري، ڪوھياري ڪڙڪَ،
ڌڙ ڌُوڻِيو تنهن ڌَڪَ، جڏيءَ جِيَڻ نہ ٿئي.
بيت - 7
ستي پون ڇرڪ، آيل ٻاروچن جا،
پنهونءَ جي پَيڪان جون، راسيُون مَنجهان رُڪَ،
ھَنيَم ھوتَ ڪرڪَ، لوچان لوھہ نہ نِڪري.
بيت - 8
جيهي جي تِيهي، تہ بہ ٻانهي ٻاروچن جي،
حُجت ھوت پنهونءَ سين، مون ڪميڻيءَ ڪيهي،
اصل آريءَ ڄام جي، پلئہ آءٌ پيئي،
ھُوءَ جا پائِين پير ۾، تنهن جُتيءَ نہ جيهي،
وساري ويهي، تن ڪيچين کي ڪيئَن رھان؟
بيت - 9
ھُئي جي نہ ھُئي، تہ ٻانهي ٻاروچن جي،
اُنَ سڱ مُقابل سسئي، سَندين ٿي سُئي،
ھُن تان لڄَ لُئي، ھن جو ھلڻ ھوتَ ڏي.
بيت - 10
گولي بَندي ڏاھہ، زَر خَريدي جَتَن جي،
اَڄ پڻ عنايت چئي، ھَٿ آرياڻي آھہ،
سو مون سَڏُ سُهاءِ، جئن ٻانهي ڪوٺينِ ٻاجهہ سين.
بيت - 11
ڪَنيزَڪَ ڪيچين جي، ٻانهي ٻانهوٽي،
پئي ٻاروچي ھٿ ۾، چُڳن سر چوٽي،
ٻانڀڻ کي موٽي، پاڻهي پُڇندو پٻ ڌڻي.
بيت - 12
ڪنيزڪ ڪيچين جي، ٻانهوٽي ٻانهي،
سيڪِئن وڃن وِسري، جي جيءَ اندر جاني،
اڱڻ اَماني، شال ڪيچين جي ڪامَ ٿئي.
وائي - 1
مون کي نيندا ساڻُ،ٻاروچا ٻاجهہ پَئي،
ڏيندا مُون ڏُکيءَ کي، الله لڳ اُھڃاڻ،
“لَاتَقُنَطُوُا مِنۡ رَحُمَهِ اللہَ”، پريَن چيو پاڻ،
“اِنَ اللہَ يَغُفِرُ الذُنُوۡبَ جَمَئيۡعا”، سچو اي پَرياڻ،
اَديون عبداللطيف چئي، اھڙو آھي اڳواڻ.
فصل چوٿون
بيت - 1
ڳائو نہ وائو، اَديون آريچن جو،
لنگهي پَٻَ پري ٿيا، ڇڏي رَڻ رائو،
ڏيئي ڦوڙائو ويا، ويچاريءَ سُپرين.
بيت - 2
ڳائي نہ وائي، اَديون آريچن جي،
ڪَنهن پَر ڪَهي لنگهيان، جبلَ جهاجهائي،
جيڪس واجھائي، ھاڻي مَرنديَس ھوت لئي.
بيت - 3
ھلڻ سَھان نہ هوٻ تو، کوءَ وڃڻ وائي،
ڳڙيا پئد خرزيون، ڪشين ۾ ڪيچائي،
اسباب عنات چئي، اُن جا سُونهن رکيائي،
ڏسڻ ڏونگريَن جو، تن کي تسلائي،
مارِ مَ مُون مائي، تہ روئي ھوت رَھائيان.
بيت - 4
ھلڻ سهان نہ ھوت جو، وڃڻ آءٌ گهوريان،
ھُون ھميشہ ھتهَين، تہ ڏونگر ڪوھہ ڏوريان؟
اکين سان اوريان، پسان شال پنهونءَ کي.
بيت - 5
ھلڻ سهان نہ ھوت جو، وڃڻ مُون نہ وَس،
الله آريچن جي، گولي ميڙئين گس،
پرين پَنهوارَ پُڇان تو، ڏونگريا مون ڏَس،
اکين جي آرَسِ، مُنڌ جيهائي جوڙڪي.
بيت - 6
ھلڻ سهان نہ ھوت جو، وڃڻَ مَ واريو،
رھو رات ڀنڀور ۾، ڪا گهڙي ھت گھاريو،
معذور مَ ماريو، سِڪي جنهن سڱ ڪيو،
بيت - 7
مون کي جنهن ماريو، آنڪي گڏيا سي،
تَن ۾ طاق ناهہ ڪا، اَدا اُنهين ري،
سُورَ ستُم تي، جيلان ڳالهہ ڳري ٿي.
بيت - 8
مُون کي جنهين ماريو، سُڃاتَم سيئي،
پنهونءَ پيڪا پَڇَندِيا، ٻلن تان ٻيئي،
ويڄَنئا وَيئي، ٿي وِھيڻي سَڄَڻين.
بيت - 9
مون کي جنهين ماريو، سُڃاتم پاڻان،
لوھو لڱن ناهہ ڪي، سَنڌَ مِڙيئَي ساڻا،
دارونءَ جا داڻا، ڏِنَم ھوتَ ھٿن سين.
بيت - 10
پَرتوو پنهونءَ جو، ڪَي ڇانئين، ڪي اُسَ،
قَرِيباڻي ڪسَ، آھي ڪَرَ ٻَڪَرڙي.
بيت - 11
پرتوو پنهونءَ جو، سَهائي سياھہ،
مُنهن ڏيئي مون آئيو، رنگا رنگي راھہ،
پَھرين ڏيندا پاھہ، پوءِ رڱيندا رڱ ۾.
بيت - 12
پرتوو پنهونءَ جو، جُهڙَ جئَن جهالا ڏي،
آءُ تنهن آريءَ کي، وٺيو راھہ رئان گهڻو.
بيت - 13
پرتوو پنهونءَ جو، رڳيائي راحت،
ڀانيان ڏينهُن ڀَوارَئون، ساڄَن لاءِ صحت،
مِٺي مصيبت آھي، آريءَ ڄام جي.
وائي - 1
ٻاروچي ساڻ! ٻڙَي اي جيڏيون! ھيڪرٿيان ھيڪاندي،
چڙھي نہ سگهان چوٽئين، يار بنا دل ماندي،
پهچائج پنهونءَ کي، ھي پيادڙي پاندي،
ڀينر ھن ڀنڀور ۾، آءٌ اِرادي آندي،
پورھيت پنهونءَ ڄام جي، باندن جي باندي،
ڪرم ساڻ ڪريم جي، ڪيچي ٿِيندم ڪانڌي.
فصل پنجون
بيت - 1
ريءَ قَريبَن قُوت ڪيو، آءٌ ويٺي ورھہ چَران،
اِن عذابان اڳهين، مادر ڇو نہ مَران؟
اَديون جو نہ اوھان، سو مان سُور سَرتيون.
بيت - 2
ري قريبن قوت ڪيو، ورھہ چران ويٺي،
ٻانڀِڻ کي ٻروچ ري، ٿي ڏُکن سين ڏيٺي،
تو پُڄاڻا سُپرين، آءُ سُورن سانڀيٽي،
جا مرضن مَروٽي، سا سَرتيون ڪِيئَن سگهي ٿئي؟
بيت - 3
سَرتيون ڪيئَن سگهي ٿئي، ويڙھي جا وَرھَن؟
چِت جنهن جو چُور ڪيو، ڏُکويو ڏُکَن،
پُڄاڻان پرينَ، اديون اگهي آھيان.
بيت - 4
اديون اگهي آھيان، پرينءَ پڄاڻا،
سيڪوھياراڪِيڻ ويا، ساڄن سياڻا،
جي سسئي سيباڻا، سي وڃي ڪيچ قراريا.
بيت - 5
حقيقت ھِن حال جي، ظاھر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مروئن کي، ڏونگر پون ڏَري،
وڃن وڻ ٻَري، اوڀر اُڀري ڪينَ ڪي.
بيت - 6
حقيقت ھن حال جي، جي ظاھر ڪريان زبان،
لڳي ماٺ مروئن کي، رَسي سُور شبانَ،
ٽاڪرٽڪي ڪانَ، جبل سڀَ جَلي وڃي.
بيت - 7
جي حب نہ ھلڻ سکِيا، جَڏا ميڙ جليلَ،
لنگهائي لطيف چئي، نِجن ڪيچ قليلَ،
وساري وسيلَ، متان مارڳ ڇڏئين.
بيت - 8
ساريان ٿي سَبيلَ، پُر تقصيرون پاڻ ڏي،
متان مونکي ڇڏئين، آريءَ ڄام اصيل،
وَرُ وِلهن جا وسيل، رَس رھبر راھہ ۾.
بيت - 9
اچيو اَچيو چون، وھہ ويا تہ گهوريا،
سَر تِن سانڱ سُکن سان، مون جئَن رت نہ رُوَنِ،
او مَرُ ويٺيون ھُوَن، مون سانگا تو سُورَ ٿيا.
بيت - 10
سرتيون سور اتن، جئن ڪوھہ ٿيون پَٿَر پَون،
گهاءُ نہ لڳن گهَٽ جو، ريا مان ٿيو رَون،
چِيتاريو نہ چَون، پارَ پنهنجي پرينءَ تان.
بيت - 11
جَڙ جا ھنيم جَت، تنهن ڳُتهيءَڳاريم جندڙو،
اندر ريلا رت، ٻاھَر ٻاڦ نہ نڪري.
بيت - 12
پسيو ذرا ٿئي، ٻلَر لڳس ٻاڻُ؟
سا مُنڌ مري نہ جِئي، پيئي پڇاڙي پاڻ،
سسئي سُورن ساڻ، سَنڀوڙي سيد چئي.
بيت - 13
ڪڏھن ڏِٺيم ڪا نہ ڪا، سرتيُون سراھي،
ڏِھاڻي ڏيرن ۾، وَڃڻ جي وائي،
جي نہ آءٌ ڄائي، تہ عيب نہ لڳو ھوند اوٺئين.
بيت - 14
تو اڳ نہ سيون ڪڏھين، ھاڪُون ھاڙھي جُون،
ڪيچان اوري ڪيتريون، معذوريون ميون،
واٽون ويهہ ٿيون، ڪوھہ ڄاڻان ڪهڙي ويا.
بيت - 15
واٽُن سهي ويا، وَر منجهاني واسيا،
اِھڙا ھوت ھئا، سُڃَ ڪيائون سُرھي.
بيت - 16
اَڻ ڏکيوئيون ڏُکن جي، ڪوھہ ٿيون پَٿَر پَون،
ناھہ اوراتو اُن کي، ٿيون لوڪَ ريائون رَون،
ڀَنَڻ ڀيڙيون ھونَ، پار تنهين جا پڌرا.
وائي - 1
توڻي نين نہ نِين، آلو ميان! آءُ اُنِهين جي آھيان،
زورو ھن ضعيف سين، ڪاملَ ڪوھہ ڪَرين؟
جَتَ پنهنجي جُوءِ ۾، جانب مانَ جَٽين،
پِڪ پَدمَنئان اڳري، سُرڪي مانَ سڃين،
ٻانهي ٻاروچا پنهنجي، سَڳر مانَ سڃين،
پيرين آءُ نہ پُڄڻي،ڪَرھَل ھوءِ نہ جهلين،
اديون عبداللطيف چئي، نِينهُن نِباھيو نين.
فصل ڇھون
بيت - 1
ڪنهن پَر رُئان پرينءَ کي، روئي نہ ڄاڻان،
مٿي ڪيو ڀُڻان، ھنجن ھاڻا ھٿڙا.
بيت - 2
ڪنهن پر رُئان پرينءَ کي، اندر ناھہ اُساٽ،
لوھوڪا لَڪن تي، ويري مٿي واٽ،
ڇپر ۾ ڇُونڇَاٽَ، ڏِٺَم ڏُکوين جا.
بيت - 3
ڪنهن پر رُئان پرينءَ کي، پڇڻَ ناھہ پَچار،
اندرٿي آھون ڪري، کاڻي منجھہ خُمار،
گريبيءَ جي گُفتارَ، ٻي ڀت ٻاروچن ۾.
بيت - 4
ڪنهن پر رُئان پرين کي، پارُ نہ ڄاڻان پنڌ،
ڪيچين ڪارڻ ڪنڌ، نايو ٿي نَعرو ھڻان.
بيت - 5
ڪنهن پر رُئان پرينءَ کي، پار نہ ڄاڻان پير،
ڀَنڻ مون ڀيڙو ٿيو، سورن لاءِ سير،
آريءَ لئي اُلير، رقص ڀاڱي رَنَ جي.
بيت - 6
ڪنهن پر رُئان پرينءَ کي، رُئن مون رياءُ،
بَرن ۾ بڪاءُ، ٻيءَ ڀَتِ ٻُڌمِ جيڏيون.
بيت - 7
سُڃَ وَسندي تن کي، جوش جَلايا جي،
طالبَ جي تحقيق جا، نِينهُن تِنهين وٽ ني،
ٽيڏي پَسي ٽي، ھُو تان آھي ھيڪڙو.
بيت - 8
ٻيون ڏيئي ٻين کي، ھلج پاسي ھيڪَ،
وَرُ نہ سَهي ويڪَ، تون ٽيڏي ٽِيايون ڪرين.
بيت - 9
اڃا تون اَواٽ، واٽان پاسي ويسَري،
سُونهي ٿي سواٽ، تہ منجهان دل دُک لهي.
بيت - 10
ٻانهين پَسي پٻ، متان ڪا مُنڌَ ڏئين،
اڳيان ڪؤم ڪٻ، اِي قالي آڏو ڪيچ کي.
بيت - 11
ڏاڍي لُڪَ لَڪَن جي، پَٽَن بوءِ پَچاءُ،
ڇپرڪوسو واءُ، ھَريا تو نيڻَ ڪيا.
بيت - 12
ڇِنَنِ توءِ مَ ڇن، پاءِ اُميري اُن سين،
جي ھوءِ اُوڳڻ ڏيَنئي سسئي، تہ تون ڳُڻ ڏيئي ڳنهہ،
پُٺيءَ لڳي پن، ھَن سُنهاري سَڱ کي.
بيت - 13
منزل دُور من تنها، جت ڪن ٻوليُون پاٻيهان؟
نہ ڪا پهر نہ پيچرو، نہ سُڄن ڪي ڪينهان،
لکيءَ جون لِيهان، ٿي ٿوريان لعل لطيف چئي.
وائي - 1
زاري سا زاري! اَلو! ڀلو! ڪوھياري ساڻ،
آءٌ جا ڪنديَس زاري!
ڪيَن جيان ٿي جيڏيون، سُورَ پريان جي آءُ ماري،
اُٺ گنگائي ھليا، بوتَا ھُئڙَن باري،
ڪري ڪوھيارو ھليو، مون سين قِيامت ڪاري.
مانَ ورمَن وچ ۾، اولاڻي آريءَ،
ھندوئن جئَن ھولي ڪري، مون ڌوڙ مٿي تان واري،
لالنَ لڳ لطيف چئي، واجهائي ٿي ويچاري.
وائي - 2
جنهن جي آھيان ڏونگر ڏوري، تنهن ڪوھياري کي ڪهل پئي،
آءٌ گهوري ٻنهن گهوٽ تي، ماڻهو چونم ڀوري،
نيو نماڻي پاڻ سين، ڇپر ڇڏيوم ڇوري،
روئي رڱينديسَ رت سين، ساڻ چُئاڪن چوري،
اَديون آريچن جو لَهہ لڳو مون لوري،
ڪشي ڪانَہ ڪمانَ مان، لائي ويڙا لوري،
نالائق سان لطيف چئي، قادر ڪَرمَ ڪندو ڙي.
سُر حُسيني
فصل پھريون
بيت - 1
تان ڪي ڳوري ڇل، جان لاڙائُو سڄ ٿيو،
ھاڙھي ڌاري ھل، وڃي ڪيچين جو ٿيو.
بيت - 2
لَڙُ مَ لاڙائو ٿيو، گُهتون گوھيون ڇڏ،
لاھہ مَ لَڏو لَڏ، تہ ڳاڙھي سڄ ڳالهہ مڙين.
بيت - 3
لڙ مَ لاڙائو ٿيو، ھَلي ڪر ھمت،
سج سامھون مُنھن ۾، متان ڪرئين ڪَٿَ،
سُپيريان جي سَٿَ، ڳاڙھي سڄ ڳالھ مڙين.
بيت - 4
لڙ مَ لاڙائو ٿيو، وَرَ چُونڊيندي وڃ،
آھي اي اھڃ، ھاڙھي ھلندين جو.
بيت - 5
اُلهي سَڄ اوير ڪِي، ڏٺائين ڏونگر،
سسئيءَ کي سيد چئي، سُورن جو سمرَ،
ڪٺل رکيو ڪَر، ويچاريءَ وڻڪار تي.
بيت - 6
اُلهي سڄ اَويرَ، مَ ڪر معذورن تي،
پَسي مران پير، ڏونگر ٻاروچن جا.
بيت - 7
ويو ٻاروچو نِڪري، ھاڻي ڪريان ڪِيئَن،
سڄ اُلٿي سِيئَن، سَٽون ڏينديَس سُڃ ۾.
بيت - 8
ويٺي مون ويو، لڙي سڄ لَڪن تان،
آءُ ڏوريندي ڪيترو، پَهڻن پيرُ پيو،
سُورَن ساڻ سهو، اچي ٿِيم جيڏيون.
بيت - 9
سَرتيون سڄي سُڃ، متان ڪا مون سين ھلي،
پاڻي ناھہ، پنڌ گهڻو، اڳيان رائو رُڳي رُڃ،
متان مري اُڃ، ڪاڏئي پاراتو پرينءَ کي.
بيت - 10
ويو سڄ وڻن تان، راسيون رَتائين،
مون کي ماريائين، آيل اونداھي ڪري.
بيت - 11
ويو سڄ وڻن تان، راسين ڏيئي رڱ،
جنهن سان منهنجو سَڱ، سو ڪوھيارو ڪيچ ويو.
بيت - 12
پَٽي نہ پيرون، اوڏيءَ ڇَڪَ نہ ڇَميا،
پويون ھيءَ ڀيرون، نينهن نِباھي ھليا.
بيت - 13
مَري ٿينديَس مُڃ، جَتَن ڪارڻ جيڏيون،
ڪَري ڪوھياروسُڃ، ويو ڇُلائي ڇپرين.
بيت - 14
ڏِٺم ڏونگريا، گهوري ھُيسَ جن جي،
مُون لوڏانئي لکيا، اھڙا ٻاروچا،
آيل ڪوھيارا، مُون ڪرَ لاھُو آئيا.
بيت - 15
سُيئي ڪا تَنوارَ، ڪي ھُئين ٿي ھٿَ کڻين،
سوين رُليون سسئيون، ھوتاڻن ھزار،
ٻاروچاڻا ٻارَ، توڙان تَرسُ نہ سکيا.
بيت - 16
سڀئي پُڇ مَ سسئي، منجهان پَونئَن پَروڙ،
ويهي وڏي ڍڳ مان، ڌڻي وجهج ڌُوڙ،
تہ ڪر ماڻين موڙ، جي پند اھائي پارئين.
وائي - 1
جي ھُوندَ ڏٺائون، وو جيڏيون! حال منهنجو ھهڙو جهڙو،
چڙھي نہ سگهان چوٽئين، مارڳ مٿاھون،
ڏکيءَ سَندي ڏيج ۾، ڏونگر ڏنائون،
ويندي ڪيون وڻن سين، سسئي سُکائون،
پنهون وٺي پاڻ سين، اچان جي آءٌ،
ڏينديَس شاخ سڀ ڪنهن، وڻ وڻ واچائون،
ھِينئڙو ڏندڻ پاڙ جئن، ڇِڪي ڇنائون،
ھينئڙوڏارھونءُ گل جئن، ريهي رَتائُون،
ھوءِ جي پهڻ پَٻَ، جا، سي مَڻيا مُڪائون،
ھُون سلامت سُپرين، گهوري سا آءٌ،
سو جي سُئومِ ڪَنن سان، پَهہ جو ڪيائون،
ٻانهون ٻيلَ نہ لاھيان پنهل کي آءُ،
آيا عبداللطيف چئي، پُنيون مَنَ جون مدعائون.
فصل ٻيون
بيت - 1
ڪي ڌَرَ تَتي ماءُ، ڪي ڄَرَ سَندين سَڄڻين،
ھَلي ۽ واجهاءِ، ٻِنهيءَ ڄيرن وِچ ۾.
بيت - 2
مٿيا مٿي مَچ، ٻَريم ٻاروچن جو،
جيڪي چيو جيڏئين،سوسڀوئي سَچُ،
مون کي طعنا تي ڏئين، جئن نہ پروڙئين سَچُ،
اَمڙِ اوري اچ، تہ سَٽَ سُڻايئين سُورَ جي.
بيت - 3
مٿي منجهان مينهُن، پَسو پاڻيءَ جئن وھي،
مون ڀانيو نِينهن، ڄڀيون ڄيري سَنديون.
بيت - 4
مَنجهان منهنجي رُوح، جيءَ وڃي ساڄَن وسري،
تہ لڳي مر لُوھہ ٿر ٻاٻيهو ٿي مَران.
بيت - 5
لڳي مون کي لُوھہ ورھہ واٽون لائيُون،
راز جنهين سين رُوح، سو ڪوھيارو ڪيچ ويو.
بيت - 6
ٽِمَن نيڻَ رَتُ وھي، چُئاڪا ڪيو،
مون کي ڏنءُ ڏيو، اَئين ٿا وڃو اوٺيا.
بيت - 7
امڙ کوءِ گهروءَ، مونهان وڃي سائڙو،
مُون جي تان نہ ٻَريو، ھينئڙو ڏِئي وٽ جئَن.
بيت - 8
امڙ وڃي آڻ، چَرخو آتَڻَ وچ مان،
ڪَتِيم جنهين ڪاڻ، سو ڪوھيارو ڪيچ ويو.
بيت - 9
امڙ کڻ وِچان، چرخو چِيھاڙيُون ڪري،
مَڇُڻ ھوت جِتان، مون ڀريندي وسري.
بيت - 10
پَهي ڪا مَ پَڃاءِ، امڙ منهنجي آسري،
ڏيئي لت چرخي کي، پُوڻيون پاڻيءَ پاءِ،
ڪُٺم جنهين لاءِ، سو ڪوھيارو ڪيچ ويو.
بيت - 11
پَهي ڪا مَ پَڃاءِ، امڙ منهنجي آسري،
ڏيئي ڪي ڪَتاءِ، مون کي نينهَن نهوڙيو.
بيت - 12
کوءِ ڪَتڻ ٻَن ڪپاھہ، کوءِ آتَڻ ٻَن جيڏيُون،
ساڄن منهنجو ساھہ، ھاڃي منجهہ ھَڻي ويو.
بيت - 13
آتَڻ چونم ڪَت، تاڻيان تَند نہ نِڪري،
پاڻان روئي رَت، چرخو مون چِڪَ ڪيو.
بيت - 14
نئون نِينهن لڳوس،ڳري ۽ ڳالهيون ڪري،
اوريندي اَرٽَ سين، پنهون ياد پيوس،
پهو پَٽ ڪِريوس، ھُو ھِت اوڏانهين رھيو.
بيت - 15
کوءِ ھاڙھو ٻَن ھوت، پنهون ٻَن پريتڻو،
مادر مون موت، پَسڻان پِرائيو.
بيت - 16
کوءِ ٻولي ٻنِ ٻروچُ، گهوري ذات جَتَن جي،
مون کي چَئي لوچ، پيهي ويا ڇَپرين.
بيت - 17
جِئَن جئَن تَپي ڏِينهن، تِئَن تِئَن تاڻي پنڌ ۾،
ڪو اڳانجهو نينهن، ٻانڀڻَ ٻاروچن سين.
بيت - 18
جئَن جئَن ڀِڄي راتِ، تئَن تئَن تاڻي پنڌ ۾،
ڀوري ٻي نہ تات، جيڪا سا جَتَن جي.
بيت - 19
نَڪو ليکوئي ٿيو، نڪو تتو ڏِينهن،
تِهان اوري نِينهن، ڇِنو آتَڻَ وارئِين.
بيت - 20
جان جئين تان جَل، ڪانهي جاءِ جَلڻَ ري،
ٿَڌيءَ تَتيءَ ھَل، ڪانهي ويل وَھَڻ جي.
بيت - 21
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھہ،ڪانهي ويل وَھڻ جي،
متان ٿئي اونداھہ، پير نہ لهين پرينءَ جو.
وائي - 1
شاديءَ جو سينگار، آيل مَرڪُ منهنجو مون پِرين،
آھي ڳهہ ڳَچيءَ جو، ڏي ھالورا ھَارُ،
آھي اُگهاڙن کي، جانبَ جو جنسارُ،
آھئين کاڄ بُکين جو، تان تون طعام تيارَ،
اَعليٰ اُوچو عيد ۾، دوستاڻو ديدار،
حُسنَ ھوتَ پنهونءَ جي، ڪَڪوريو ڪوھيارُ،
سُڃَ ڪيائين سُرَھي، واسيائين وڻڪارَ،
ڇپر ڇَٽون مُڪيون، عطر ٿيو آوار،
ڪوڙين ٿيا ڪيترا، نالي تان نِثار،
سَدا صَلابَتَ جي، گولي گرفتار،
گهوريان گهر گهٽيءَ تان، اَچي جئان آڌار.
فصل ٽيون
بيت - 1
ڪو گُهمندي گهور، آيم ٻاروچن جو،
ڇڏينديس ڀنڀور، ھِنئون هَٻ نہ وندري.
بيت - 2
ڀنڀوران ٻاھرٿي، مون جي سَڏَڪيا،
سي جي ھوتَ سُئا، تہ ھوند نہ وِيڙو نِڪري.
بيت - 3
مون ڪيئي ڪيا سَڏ، ڀنڀوران ٻاھر ٿي،
پر ٻاروچاڻيءَ لڏَ، لڪَ سويرو لنگهيا.
بيت - 4
ڀنڀور جن سُکن، مونکي ساٿانَ کاريو،
ھاڻي ساڻ ڏُکن، تان ڪي ڏونگر ڏوريان.
بيت - 5
ڀَينُ ڀنڀوران، ڀَڄو تان اُبهو،
اڳي اِن ماڳان، سَرتين سُور پَرائيا.
بيت - 6
ڀينر ھن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دُونهون،
سَوارو سُونهون، پُڇي پورج سسئي.
بيت - 7
ڀينر ھن ڀنڀور ۾، گهايل ٿي گهاريان،
سَڄَڻ جي سانگ ويا، سيئي ٿي ساريان،
سي ڪيئَن وساريان، جي وٽان مون واٽَ ٿيا.
بيت - 8
ڀنڀوران اُجاڙُ، سَرتيون سَکَر ڀانئِيان،
مون سين تنهن پَهاڙ، ڏُکان ھَڏ نہ ڏوريو.
بيت - 9
اُجاڙان ڀنڀور، سَرتيون سکر ڀانئيان،
آرياڻيءَ اٻور، ڏٺم جِت اکين سان.
بيت - 10
لڳي لاڳاپي، ڀوري مُنڌ ڀنڀور جي،
پرين وڃائي تي، ڏُکي ڏوري ڏونگرين.
بيت - 11
ڪُلھي ڦاٽوڪنجرو، مٿو اُگهاڙو،
منهنجوڪُڄاڙو،ڀينَر هَن ڀنڀور ۾.
بيت - 12
ڀُليو سڀ ڀنڀور، جو پُٺيءَ ھوت نہ ھليو،
شَهر سُڃاتو ڪينَ ڪي، آرياڻِي اَتور،
ماڻيو تنهين مورُ، ديکيو جنهين دل سين.
بيت - 13
جِنهين ديکيو دل سين، پٺيءَ سي پييون،
تہ پڻ ٿي وييون، جي پنهونءَ پاڻ لڪائيو.
بيت - 14
برو ھو ڀنڀور، جو آرياڻي اُجاريو،
لاٿو سڀ لوڪ تان، ھاڙھي ڌڻيءَ ھورُ،
ڇوريُون ڇُرَڻ سکيُون، پنهون ڪيائون پورُ،
آيو سو اتور، جَنهن ڏُکيون ڏِکَ وِھارَيون.
بيت - 15
ڏُکن پُٺيان سکُ، سگها ٿيندئي سسئي،
پير مَ ڇڏج پرينءَ جو توڻي لُڪون لَکَ،
ڏورج پاسي ڏُک، تڳ پوي ٻاجهہ ٻروچ کي.
وائي - 1
لڳو مَنجهہ لَڪن، آيل تازو پيرُ پنهونءَ جو،
نہ ڪنهن واءَ وڃائيو، جهوريو تان نہ جهڪن،
کهہ کَٿُوريان اڳري، ھاڻي جا ھوتن،
بورائو بَرن جو، رِڙھيو منجهہ رَندنِ،
لُطفَ ساڻ لطيف چَئي، ڪندو وَڙ ولهَين.
فصل چوٿون
بيت - 1
لَڄايا مُونهان، ساجُهر تي سيڻَ ويا،
پييَن ڀنڀوران، سُڌ منهنجيءَ ذات جي.
بيت - 2
ھُيس جي آءٌ، ٻانهي ٻاروچن جي،
ھوندَ نہ ڇڏيائون، ڏُکيءَ کي ڏُکن ۾.
بيت - 3
آءٌ جي ھُيَس ھڏُ، اَديون آريچن جو،
ساٿَ لَڏيندي سَڏ، ھوند ڪوھيارا ڪَرين مُون.
بيت - 4
ھُيَس جي سياءِ، تہ ڪَيم ڏُکَ ڏيرن تي،
ادب وچان اُن سِين، ڳالهہ نہ ڪيمَ ڪاءِ،
ذات منهنجي ماءِ، ڪچوٿي ڪيچين کي.
بيت - 5
اوٺَين اُمارو، مون جَهليندي نہ رھيا،
ساٿين سَوارو، ڪيوڪيچُ اکين ۾.
بيت - 6
ساٿي توءِ ھلن، پَٿَر جي وارَ ڪريان،
جيڪس ٻاروچن، ڪو ڏٺو عَيبُ اکيَن سين.
بيت - 7
ساٿَين سيئَن نہ جاڳي، پوءِ ڪُڄاڙيان روءِ؟
اِيءَ پَر ڪير ھوءِ، جئن ھو سانگي، تون سُمهين.
بيت - 8
ساٿي نہ پَسان سي، جي ھُئم ھِنئين ٿُوڻيُون،
ھاڻي ڪِنِهين جي وڃيو، اڱڻ اُڀيان؟
بيت - 9
آن ڪي ساٿي ڏِٺَ، جي مون ويڙھہ وِڃائِيا؟
رُئان رَتُ مَڃٺَ، ھاڻي تن پريَن کي.
بيت - 10
مون سَڏيندي سَڏڙا، ساٿي سَڏَ نہ ڏين،
ولهيءَ جي وٿاڻ تي، توڏ نہ تَنوارين،
ھَيڏا ھاڃاٿِينَ، بري ھِنَ ڀنڀور ۾.
بيت - 11
ڪهان تان ڪيچان پَري، وھان تان مُون وَٽ،
ڀُلي ڏوريم ڀُون، عَبَثُ آريءَ ڄام کي.
بيت - 12
ڪَهان تان ڪيچان پَري، وِھان تان سِرَ ھيٺ،
ٻاروچي سين ڏيٺ، جيڏيون جيهي پر ٿي.
وائي - 1
ھوتَ ھوتَ اي ھوتا، ڏيَنديس ماھہ مروئن کي،
آءُ جرا جِيُ ڪَري،
ڏيئي باھہ ڀنڀور کي، آءٌ آيَس تو ڳري،
آرياڻي پنهونءَ ري، مون کي سَرتيون تان نہ سَري،
جنڊي پايون جان ۾، ڏُکيءَ ڏُکَ ڏَري،
آءٌ اوراھون سُپرين، وڃ مَ پيءَ پَري،
مُون ڏِٺي مُون وِسهو، ورچي تان نہ وَري،
ڏُکيءَ جي ڏيکارِئين، ڌاران مُنهن مَري،
پيالي پِريَن جي، موھيس ميٺُ ڪَري،
آريءَ جي عشق جي، مون کي اَندر آڳ ٻَري،
توکي توءِ نہ ڇڏيان، جي وڃانڀُون تَري،
ڍَڙ وِجهنديَسِ ڌُوڙ ۾، مٿو ڌارڌَري،
ھلڻ سڻي ھوت جو، ڏکي پَٺَ ڏري،
پِرين کڻج پانهجِيون، اکيون ٻاجَهہ ڀَري.
فصل پنجون
بيت - 1
لَيڙِن لَنگهي لَسَ، مانباڻيان مٿي ٿيا،
وٺي وَرُ واٽَ ٿيا، پنهون ڄامَ پَهسَ،
ھُئا وڏي وَسَ، ٻاروچا ڀنڀور ۾.
بيت - 2
وڏي وس ھئا، ٻاروچا ڀنڀور ۾،
وڃي ڏُور پيا، پُٺيءَ سانگينِ سُپرين.
بيت - 3
سانڍِ پنهنجي ساھہ، نا تہ ٻانهين ٿي ٻُورا ڪريانَ،
واڳيون جي وَرنَ سين، تن سَرتين سيج سُهاءِ،
مون کي طَعنا تي ڏئين، مون جئن مُٺَئَن نہ ماءِ،
آريءَ جي آڪاھہ، رُلايَس روھَن ۾.
بيت - 4
ماءُ وِھاڻو وار، کَڻُ پَٿراڻي پانَهنجي،
جيڪي ڏنئي ڏيج ۾، سو سڀوئي سارِ،
وڃان ٿي وڻڪار، ڏِٺم پيرُ پنهونءَ جو.
بيت - 5
ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَهڻَ پٿراڻيون ڀانئيان،
جِتي رھان راتڙي، تِتي مرون مون مِٽَ،
سيڻن جي سَهَٽَ،ڏونگر ڏولي مون ٿيو.
بيت - 6
ڏِني سِڪَ سسئِي کي، ٻيلياڻي ٻروچَ،
لوڪ وِچان ئي لوچَ، نيئي پهچائي پنهونءَ کي.
بيت - 7
مُسافَر نئون ماءِ، وِرھہ وِھايم وِترو،
اچي ٿِيَم اوچتي، تن سانگين جي ساڃاءِ،
جيجان جَهل مَ پاءِ، ھِنئون ھوتَ ھَڻي ويا.
بيت - 8
ڪيئَن آڙايئي پاندُ، پلو پَرَڏيهَين سين؟
متيُون موڙھيئي سسئي، ڪَيئي ڪوھيارو ڪانڌُ،
رُلي ڀانيئي راند، ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو.
بيت - 9
منهنجو پاڙيچِن، ڪَچو ڪونہ ڍَڪيو،
پاسي چَڙھي پنهونءَ جي، ذات سَلتي جن،
تيلان ٻاروچن، نِڌرَ ڇَڏي ننڊَ ۾.
بيت - 10
حُسينيءَ جي ھاڪَ، مادر ماري آھيان،
ڏيهان ڏورڻ ڏُک سين، راتيان چَڱَن چاڪ،
ڊڄان ڀَرِ فِراق، متان پوئَم پِرينءَ سين.
بيت - 11
جيڪي فِراقان، سو وصالان نہ ٿِئي،
اچي اوطاقانِ، مون کي پرين پَري ڪيو.
بيت - 12
ڦري آءٌ فِراق، مون کي وِصالان وچُ پيو،
جي ٿي چِڪيَمِ چاڪَ، سي پرينءَ گڏجي پُوريا.
وائي - 1
پنهون پريشانُ، ھَي ھَي حال مُنهنجو،
ٻَر ٻر نَہ ڪو خان نہ مان،
مون کي بک بوتن جي، ناقي ڀانيان نان،
شهر صحرا ڀانئيان، مون ليکي ميدانَ،
رُئان ٿي رُڃن ۾، آريءَ لئي عريان،
پٽيان مُنهن پَسڻَ لئي، ھِتي ٿي حيران،
آھي آريءَ ڄام جو، مون کي ڪاري ڪان،
ديوانيءَ کي دل ۾، سُورَن جو سامان،
وجهج پڪ پينار تي، پريم کائي پان،
ڪڏھن ٿيندو ڪيچ ۾، مُٺيءَ جو مڪان،
آھئين عبداللطيف کي، آڳيان تون اَڳوان.
فصل ڇھون
بيت - 1
آيا آسَ ٿِيام، ٻاروچا ڀنڀورَ ۾،
پَسي پهر پنهونءَ جي، نهن سيئن نيڻَ ٺَريام،
گوندر وسرِيام، سُکن شاخون مُڪيون.
بيت - 2
ڏيکاريس ڏُکن، گوندر گَس پريَن جو،
سُونهائي سَورَن، ڪي ھيڪاندي ھوت سين.
بيت - 3
ڪِنهَين ڪِنهَين ماڻهئين، گوندر وڏي وَٿ،
ٻَڌي گوڏَ گرُٿ، ساٽو ڪجي سُور جو.
بيت - 4
سُور مَ ڏي ڌوڻَ، آءٌ آھيان اڳهين ڪاھري،
جا پَر پاڻيءَ لُوڻَ، سا پَر منهنجي جندڙي.
بيت - 5
سورَ مَ وڃي جاھہ، سَڄڻ جئن سانگَ ويا،
پرينءَ پُڄاڻاءِ، آءٌ اوھان سين اوريان.
بيت - 6
سُورَن سانگهارو، ڪڏھن تان ڪونہ ڪَيو،
آيَل اوڀارو،ٻائڙ وڌو ٻوڙَ وَھي.
بيت - 7
سانگهارو سُورَنِ، ڪڏھين تان ڪونہ ڏنو،
ٻائِڙ ٻوڙ وھَن، ڪالهوڻيان اڄ گهڻان.
بيت - 8
سُور نہ ساڱاھِين، ڏِين اُڌما اوچتا،
مون کي مون پِريَن جا، اَڻميا آھِين،
لڄون جي لاھينَ، سيئي ٿيم سامهان.
بيت - 9
سُورَن لَڌو سَجُهہ، پاڻهين پيهي آئيا،
ڪنهن کي ڏيان مُنجهہ، مَر ٿا چِڻ ڪَن چِت ۾.
بيت - 10
سُورَ مَ مٽج ساءُ، نہ وڪني آھيان،
وڃج مَ ويلَ ڪنهين ورَھہ موِن وٽانءُ،
تون پڻ تڏھن جاءُ، جڏھن ٿيان ھيڪاندي ھوت سين.
بيت - 11
سُور مَ ڪَنهين ڏک، مَڇُڻ ڄڀ کي ڄَر اَچي،
ھَڏَ ڪَرَنگهرَ مِکَ، مر مَنجهيئي محُو ٿئين.
بيت - 12
سُور بہ ڀتونَ ڀِت، ھي چڻڪيوڪي ٻيو،
پِريتڻي پريَن جي، ماءِ منجهايَم مَت،
ڀينر ڀليءَ ڀَتِ، لڳم ٻاڻ ٻروچَ جو.
بيت - 13
لڳم ٻاڻ ٻروچ جو، ڪرھا ٿيا قذاق،
اَھکي جا اٺن کي، سا مَين پوءِ مَ ماڪَ،
اکڙِين خوراڪ، پَسڻ پرڏيهين جو.
بيت - 14
لڳم ٻاڻ ٻروچ جو، اَمڙِ پل مَ مون،
سڀ رڱينديس رَتُ سين، ڪيچان اوري ڀُون،
مادر مٿان مون، ڪانگ لمندا ڪڏھين.
بيت - 15
ڏک لڳو، ڏونگر ٻريو، ڀينَر کاڻي ڀُون،
منان لاٿو مون، سَندو جيَڻ آسرو.
بيت - 16
ڏکويون ڏيهان، جيڪس لڏي وييون،
ھاڻي ڪن مُلا، پُڇان پرين، خبرون.
بيت - 17
ڏکيون جان نہ مڙن، تان تان ڀَنَڻ نہ ٿئي،
پٽڻ واريون پَڌريون، ڳاڙھا ڳَل سَندن،
ٻيون ھنئين ھٿ ھڻن، رئنديون رَئڻ واريون.
بيت - 18
سور وراھيان سَرتيون، جي وراھيا وڃن،
ٻيون ڪَوہ ٻُجهن، جن سَندا، تن سامهان.
بيت - 19
ڀيڙي ڀيڙي ٻنڌ، سورائتي سَندرو،
ڪيچ آڳاھون پنڌُ، متان لَڪَن سين لڳي مَرين.
بيت - 20
ڀيڙي ٻڌ ٻيهارَ، سورائتي سندرو،
ڏونگر توھان ڌار،ڪانہ ڏوريندي ڏُکَ سين.
وائي - 1
ڪوھياري ڪا مارينديم ماءِ، جا مَنَ اندر ڳالهڙي،
چڙھان ڏونگر چوٽئين، سپيريان جي ساءِ،
نهارينديَس نڪري، ھاڙھو ھوتن لاءِ،
پانڌيڙا پير ڀَري، پريان سين پهچاءِ،
موليٰ مون کي ميڙئين، سَنديءَ جانب جاءِ،
ھوتَ ھلن آءُ وھان، تہ ڪا اِئن جُڳاءِ،
سسئي جي سَري کي، اوڏانهين اوٺاءِ،
پيرانديءَ پنهونءَ جي، منهنجو لوڙھہ لَٽاءِ.
فصل ستون
بيت - 1
پُڇن سي پَسن، جڏھن تڏھن پرينءَ کي،
ڏورينديون ڏِسن، اڱڻ عجيبن جا.
بيت - 2
پڇيوءِ تان پُور، نا تہ پُڇڻ ھوءِ مَ پرينءَ کي،
ڏوريندين کان ڏُور، پرين پرانهون ڪين ڪي.
بيت - 3
ڏوريان ڏوريان مَ لهان، شالَ مَ ملان ھوتَ،
مَنَ اندر جا لوچ، مَڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.
بيت - 4
ڏوريان ڏوريان مَ لهان، ساٿي ڪالهوڻا،
لاھي لاڏوڻا، سفر ڪنهن سانگ ويا.
بيت - 5
آءُ ڏوريئين شال مَ لهئين، پرين ھئين پَري،
ھَڏ نہ ساہ سَري، تن تسلي نہ ٿئي.
بيت - 6
آءُ ڏوريئين شال مَ لَهئين، تَنَ مَ ملين تون،
لونءَ لونءَ منجهان مون، لوچَ تُنهنجي نہ لهي.
بيت - 7
آءٌ ڏوريئين شال مَ لهئين، ساڄَنَ مڃ سوال،
سِڪَ تُنهنجيءَ سپرين، ڪيم جان زَوال،
وھاڻي وصالُ، اُٿيان آرامي ڪري.
بيت - 8
ڇڏيم حُجَ ھلڻ جي، چَکيم چاڙھي ڪا،
اَديون آڙي ڪا، ھِينئڙي پيم ھوت سين.
بيت - 9
ڇڏيم حُج ھلڻ جي، چاڙِھي ڪن چڙھي،
آڙي ڪن اڙي، پييسن ھوت پنهونءَ سين.
بيت - 10
ڇڏيم حج ھلڻ جي، چاڙھي ڪا چکيام،
آرياڻيءَ جي آسري، ڏونگرڏينهن لڳام،
پڇج پرين سندامِ، ويٺيس وکَ نہ اُپڙي.
بيت - 11
ويٺيس وک نہ اُپڙي، اَڄ آرياڻِيءَ آءُ،
چڪيءَ توسين چاہ، پاسي ڀڙ پيئي رڙھي.
بيت - 12
جيڪا ڪندي نينهن، مون جئن ٻاروچن سين.
سڪڻ سارو ڏينهن، چڙھڻ چاڙھي ڪن تي.
بيت - 13
جيڪا ڪندي سنگ، مون جئن ٻاروچن سين.
انگن چاڙھي اَنگُ، رئندي سا رت ڦڙا.
بيت - 14
جيڪا ڏيندي منجهہ، مون جئن ٻاروچن کي،
مٿان ڳَلن ھنج ڪين لاھيندي ڪڏھين.
وائي - 1
منهنجي حُجت ناھي واٽ، ڪانهي واٽ،
جيجان تن جَتَن سين،
ڪنديس ڪيچ ڌڻين لاءَ، لڪن ۾ لولاٽ،
تازو پير پنهونءَ جو، لُڙيو منجهہ لُڙاٽَ،
ماريو ڪِيم مُٺيءَ کي، ڪيچي ڪاھي ڪنواٽ،
نهارينديس نڪري، ڳوڙھن ڀريوڳاٽ،
ڏٺم ڏُکوين جا، ڇپر ۾ ڇون ڇاٽ،
اديون عبداللطيف چئي، لعل ڏٺائين لاٽَ.
فصل اٺون
بيت - 1
آتُڻ اورانگهي ويا، آءٌ ٿي مران ماءِ،
پٿون ٿينديس پير تي، ھَي ھَي ڪري ھاءِ،
جيڻ مون نہ جُڳاءِ، پرين تان پاسو ڪيو.
بيت - 2
آتڻ اورانگهي ويا، اڱڻ مون افسوس،
ديوانيءَ سين دوس، ساٿي آھي سڃ ۾.
بيت - 3
آتڻ اورانگهي ويا، پُٺيءَ توڏن تاڻ،
ويهہُ مَ منڌ ڀنڀور ۾، ھُن پُڄندئن ھاڻ،
رائي مَنجهہ رھاڻ، ھَل تہ ٿئي ھوت سين.
بيت - 4
آتڻ اورانگهي ويا، ڪري ڪميني ڪيئن؟
ھاڻ گهرجي ھيئن، تہ ڏجي باہ ڀنڀور کي.
بيت - 5
آتڻ اورانگهي ويا، پاري ڇڏي پوءِ،
آريچا اُٺن تي، ھيءَ تان جڏي جوءِ،
ڪي ھلي ڪي ھٿ کڻي،ڪي رڙھي ڪي روءِ،
ڪو پنهونءَ کي چوءِ، تہ مُٺيءَ ماتَم آئيو.
بيت - 6
ڄاڻي سُڃاڻي، مون کي ڇڏي ھليا،
اديون آريچن لئہ آءٌ کوري جئن کاڻي،
پاھڻ ۾ پاڻي، ھاريون ھارڻ آئيو.
بيت - 7
ڄاڻي سڃاڻي، مون کي ڇڏي ھليا،
آءٌ ڪئن ڇڏيان پانهنجو، اديون آرياڻي؟
ڀريم جو پاڻي، سو ڪيچين ڪم نہ آئيو.
بيت - 8
ڄاڻي جي ڄاتوم، تہ پوندو فلق فراق سين،
تہ اکر ارادت جو، ڌريائين ڌوتوم،
پوءِ تان ڪونہ ڪيوم، ھوند ڪشالوڪيچ ڏي.
بيت - 9
وارو وڃن ٿا، سيڻ تنهنجا سسئي،
ھهڙا ٻاروچا، ڪين لهندئن ڪي ٻيا.
بيت - 10
واري ورائي، تو پنهنجا نہ ڪيا،
ڀوري رنجائي، ھوند نہ پيئيئن ھيتري.
بيت - 11
جئان واري وڳ، اوٺي ٿيا ڇلنگيون،
مٿي تنهن مارڳ، پئي پرزا نہ ٿئين؟
بيت - 12
دُکائيندي دونهڙا، منڌ سيڻاڻي وڃ،
پرياڻو مَ ڀڃ، ساٿُ چڙھندو لڪئين.
بيت - 13
ڇڄ مَ قطاران، ساٿ چڙھندو لڪئين،
مَڇڻ ٿئين پُئان، وَڳ واٽ ئي نہ لهين.
بيت - 14
ڪا جا ڪيائون، وائي واري ونگڙي،
آيل تنهن آءٌ، ٻوليءَ ٻاتاڙي ڪئي.
بيت - 15
وائي واري ونگڙي، ٻولي ٻي نہ ڪن،
الله ڪيچ ڌڻين، مون سين پوءِ مَ مامرو.
بيت - 16
ڪا جا آندي ڪيچئين، وڻڪاران وائي،
سڻي مون سائي، نيڻين ننڊ وہُ ٿي.
بيت - 17
پُڇيوءِ جان ٻروچ، تان پاسي ڪر پرھيز کي،
جنهين ڏٺو ھوتُ، تنهين دين سڀ دور ڪيا.
بيت - 18
ھلو ۽ ملهو، ڏک مَ پَسو ڏوٿيا،
سونهون جو ساٿ جو، سو مون ھوت سَلو،
ان پڻ ٿئي ڀلو، آءٌ بہ گڏجان پِرينءَ کي.
وائي - 1
مون کي ڇپر تان مَ ڇڏيجاہ، ٻاروچا پلئہ لڳي آھيان،
ڇوري ڇِني آھيان، نِينهن نِباھي نيجاہُ،
ڇوري ڇڙي ڇپرين، آئين ڪيچي ڪيم وڃيتاہُ،
پنهون منهنجو آن سين، آءُ ساٿ سلامت نيجاہ،
ڇوري ڇني آھيان، مون کي لنگهڻ ڇوڙائي جاہ،
مون تان وڙ وڃائيو، اَئين پنهنجو وَڙُ ڪجاہ،
جوڳي ڪو ويس ڪري، سگهڙي سار ليهجاہ،
آرياڻي عبداللطيف چئي، مون تي وھلو ور ڪريجاہ.
فصل نائون
بيت - 1
ڪاتيءَ تان نہ ڪنهين، من وجهلڻ وڍيو،
ماريس سور تنهين، جو نہ جِياري جيڏيون.
بيت - 2
ڪاتي تان نہ ڪٺو، ماءُ منهنجو جِندڙو،
جنهين ماءُ مٺو، سي جت نہ پسان جوءِ ۾.
بيت - 3
جيءُ منهنجو جن، اَنگڙيارو وڍيو،
پڄاڻا پرين، سبان سڄو نہ ٿئي.
بيت - 4
اچيو مر اچن، ٻاروچا ڀنڀور ۾،
پُٺيءَ لڳي جن، ڪميڻي ماڙھوٿي.
بيت - 5
رو وسانئي راند، پَهہ پروڙج ساٿ جا،
ھوتن سين ھيڪاندِ، ھيم ٻہ ٽي ڏينهڙا.
بيت - 6
روئڻ ۽ راڙو، مون نماڻي جي نجهري،
ڪٺل کي قلب ۾، قرب جو ڪاڙھو،
ھوتن لئہ ھاڙھو، رِجائينديس رت سين.
بيت - 7
روئي ڪنديئن ڪوہ، ھاڻي ڪو ھوت وري؟
جيڏيون جيڏوئي ڪيو، ساڻس سيڻ ستوہ،
ڊوھي اٿيانڊوہ، متان ڪا مون سين ڪري.
بيت - 8
رُئان تہ راند، کلان تان کامي ھنئون،
اکڙيون ويساندِ، پِرينءَ گڏجي ڪنديون.
بيت - 9
اکڙين ڪي نہ ڪيو، رت نہ رنائون،
اُڀي ڏٺائون، ڦوڙائيا سپرين.
بيت - 10
کاڻيون لوٺيون اکيون، ڪُٺيون ڪين ڪُڇن،
مُٺيون ماٺ نہ ڪن، ھنيون رھنِ نہ ھوت ري.
بيت - 11
وَسي وساڻيون، رتو روئي پرينءَ کي،
پيون کڻن پَٻَ ڏي، نظر نماڻيون،
سي ڪي ٻيلياڻيون، جن ويندو ھوت نہ واريو.
بيت - 12
وسي وسي مينهن، جئن لٽي وييس کيهہ،
توءِ پريان جي ڏيهہ، پيئي پڇي خبرون.
بيت - 13
کاڻيءَ مَ کانئيو، مُٺيءَ مڱرَ مَ ڏيو،
ھيڪر اُجھانئيو، ڏيئي ٻَرَ لهار جئن.
بيت - 14
کاڻي کيرن ھيٺ، ويٺي روءِ رت ڦڙا،
ڪا مون ٿيندي ڏيٺ، ٻيهر ٻاروچن سين؟
بيت - 15
پنهونءَ پيرڙيون، گهر گهمندي جي ڏنيون،
سي مون سيرڙيون، نت نهارڻ پيئيون.
بيت - 16
ميس مَر مَران، سُيس وِچ سَرتئين،
اديون آريچن جي، سورن منجهہ سڙان،
پورھيت ٿي پران، پاڙي پنهونءَ ڄام جي.
بيت - 17
ماريو جي معذور، تہ ھيڪارھين ھُور لَهي،
ساڄن اُنهن جي سور، ڪين جيان ٿي ڪيچيا.
بيت - 18
نہ ڪي ٿي جيان، نہ ڪي مُئي آھيان،
ساڄَن ساہُ ڏيان، توکي ساريو سپرين.
بيت - 19
تون جي ڪالهہ مُئي، تہ ڪالهہ ئي گڏئن پرينءَ کي،
ڪڏھن ڪانہ سُئي، تہ ڪا سگهي گڏي سَڄڻين.
بيت - 20
اڳي پوءِ مَران، مر مَران مارڳ ۾،
مٿي پوءِ پريان، خون منهنجو جيڏيون.
بيت - 21
مَرُ مَٿا ڏيئي، پنهونءَ ڪارڻ پَٻَ ۾،
تہ سَرتيون سڀيئي، واکاڻينئي ويٺيون.
بيت - 22
سُتيءَ تان نہ سياءَ، جي ڪوھيارا ڪيچ جا،
انگن چڙھيو آءُ، جان نالو ڳيڙئي نينهن جو.
بيت - 23
مٿان جيءُ جتن، گهوريو گهوري سسئي،
پازي جي پنهونءَ جا، ڪارون ڪري تن،
ڪيچ متان ڪاڪن، بي شڪري ڀنڀور جي.
وائي - 1
شال ھاڙھي پوءِ پچار، پيئي تنوار،
ڪميڻيءَ جي ڪيچ ۾،
اُٺَ چارينديس اُن جا، ميا جهلي مَهار،
اَڙيا آھين انگن ۾، ويچاريءَ جا وارَ،
سسئي ميڙئين ساٿ کي، شرم ساڻَ ستار،
ڪميڻيءَ جو ڪيچ ۾، ڪونهي ڌڻيان ڌار،
مين جي مڱيل چئي، ڪاڏي ويئي قطار؟
فصل ڏھون
بيت - 1
واڪيو واڪيو وکَ، پاٻوھيو پير کڻي،
سي نہ چڙھنديون ڏِکَ، موڙي پير مرن جي.
بيت - 2
وِجهہ وڌندي وِکَ، مَڇڻ لک لکائيين،
ڏُک تنهين کي ڏِک، حُبَ جنهين کي ھوت جي.
بيت - 3
واڪو ھَڏ مَ لاه، سَڏن مٿي سڏڙا،
مانَ تُنهنجي ڪاءِ، سَڳَرَ ۾ سار ٿئي.
بيت - 4
سڏن پُٺيءَ سڏڙا، واڪو منجهہ وڻين،
سَڄڻ پنڌِ گهڻي، مان ڪوھيارو ڪوڪ سڻي.
بيت - 5
ڪوھيارو ٿي ڪاتُ، مُيون مارڻ آئيو،
ھوءِ مرھوت حيات، آءُ مُيائي گهوري.
بيت - 6
وھين ۽ ويلا ڪرين، پُڇين ٿي پانڌي،
ھاري ھيڪاندي،ڪنهن پَر ٿيندئن ھوت سين؟
بيت - 7
وھين ۽ ويلا ڪرين، ايءُ نہ اُڪَنڊَ آہِ،
سي لاڳاپا سڀ لاہ، اوريان اُڀارين جي.
بيت - 8
وھين ۽ ويلا ڪرين، سَڏين سانگاتُو،
ھاري آپاتُو، تو سين سُونهن نہ سسئي.
بيت - 9
پاڙي ناہ پروڙ، تہ ڪا رات رنجائي گذري،
ٻانڀڻ ٻاروچن جي، گهائي وڌي گهور،
ھڪ سسئي ٻيا سورَ، ويا پَٽيندا پاڻ ۾.
بيت - 10
پاڙيچيءَ روئي، چاڪ منهنجا چوريا،
پگهر وجهنديس پرينءَ جو، ڌَڪَن ۾ ڌوئي،
ساڄن سڀوئي، ساہ اوھان تان صدقو.
بيت - 11
اڄ نہ مون قرار، ڏِٺم سونچو ساٿ ۾،
نَهي ويٺا بار، مٿي ساڻيهہ سپرين.
بيت - 12
ڪيا ويچاريءَ وس، ڪارڻ ڪوھياري گهڻا،
گهڻو پُڇي پانڌئين، سَندا ڏيرَن ڏسَ،
لَموڏوري لَسَ، سُتي سڳر پَٽِئين.
بيت - 13
ڪا ڪجاہُ وَر، ڪميڻيءَ تي ڪيچيا،
آءٌ اوھان جي آھيان، بندي بي سَمَر،
اچي ڪوھيارا ڪر، دلاسو دلگير کي.
بيت - 14
تان ڪا وَر ڪجاہُ ڪميڻيءَ تي ڪيچيا،
آءُ اوھان جي آھيان، ٻانهي ٻروچاہ،
دلاسي دوساہ، متان مون کي ڇڏيو.
بيت - 15
ھوءَ جي سور سُڄن، سي مون پينگهي ۾ پرائيا،
سانڍياس سُکن، سُورن ڪارڻ سرتيون.
بيت - 16
سرجي تان سُورَ، ساماڻي تان سُکَ ويا،
اِھي ٻئي پُورَ، نماڻيءَ نَصيبُ ٿيا.
بيت - 17
مُونهان مهند ٿيا، سورن ٻڌو سندرو،
ھلو تہ ڏوريون ھوت کي، وندر جي ويا،
ڪنديَس ڪين ٻيا، ھوت مٽائي اڳيان.
بيت - 18
پڻ وھاڻيس رات، ھلي ھاڙھي سامهين،
پنهونءَ جا پرڀات، اُڀي پُڇي پيهڙا.
بيت - 19
نہ ڪا تات نہ توت ڪا، نہ ڪا تات تَنوار،
ڪانهي پرت پَچارَ، لنئون ويچاريءَ لڏيو.
بيت - 20
ڪينهي طالب تات جا، نہ تہ آھي تات تيار،
ڏوريان پيو ڏڪار، گهوريندڙ کڻي ويا.
بيت - 21
جيڪي طالب تات جا، تات بہ تنهين وٽ،
ھڏھين ڪانهي ھَٽِ، گهورِ تھ گهران ئي لهين.
بيت - 22
ڪنهن جنهن نِينهن لڌا، جي مون واجهائيندي نہ ورو،
جيڪي مُئي ڪندا، سو جانَب ڪريو جِيئري.
بيت - 23
ڪنهن جنهن نِينهن نهوڙيا جيئن رويو ڪن راڙو،
ڪيچين لئہ ڪاڙھو، روئي ڪندا رڃ ۾.
بيت - 24
متان ٿئين ملور، ڪِين آڳاھون آھيان،
ڏِسڻ ۾ ڪَرَ ڏُور، حد ٻنهين جي ھيڪڙي.
بيت - 25
آن جي ڏٺا ھون، الله ڪارڻ ڳالهہ ڪريو،
نيڻَ منهنجا رُون، راتو ڏينهان اُن کي.
بيت - 26
اڃا رات رتوم، ڪوڏ ڪوھياري ڪَنجرو،
ڀينر ڀڄايو م، سڀاڻي سورن سين.
بيت - 27
سَرتين سهَج منجهانءُ، ٿي ڪوڏ ورھايا ڪپڙا،
تڏھن منهنجيءَ ماءُ، ٿي پهڻ آڇيا پَٻَ جا.
بيت - 28
ڪڏھن ڪڏھن جيڏيون، ڪر پَهہ اچيو پوءِ،
سو پڻ سارو ھوءِ، ھو جو ساہَ سرير ۾.
بيت - 29
ڪجي جئن ڪيچين لئہ، تئن تان ڪين ڪيوءِ،
ويجهائي وڌوءِ، وِکَ نہ کنيئي ھيڪڙي.
وائي - 1
وڃي وڃي ويٺڙي تِتي، جتي پير سڃاتائين پرينءَ جو،
پير سڃاتائين پرينءَ جو، منجهان نينهن نرتي،
ھوءِ ويا وَڻڪارَ ڏي، ھن ڀوريءَڀ انيا ھتي،
جنھن ڇيڙي وڌيس ڇپرين، سو ڪوھياروڪٿي؟
اَما ليمان، ڦاروھان، ڳاڱا راڱا جتي،
مري رھنديس ماڳهين، نہ تہ ھادي اچج ھتي،
مون کي ڇڏي ھليا، ڪا پين مٿي پِتي؟
لڪن منتهہ لطيف چئي، ملي سا سَرَتي.
فصل يارھون
بيت - 1
سُپريان جي ڳالهڙي، رُڳو رَنجائو،
ڏونگر ڏولائو، ڏيندا مون ڏير ويا.
بيت - 2
آريءَ اُتن جئن، ائن تان اوٺين نہ ڪيو،
ڪيچ پُڄندئن ڪئن، اھڙن اَٻاجهن سين؟
بيت - 3
جئن اُتن آريءَ ڄامَ، ائن تان اوٺين نہ ڪيو،
ٻَڙڪي ٻاھر نڪتي، گاڏر منجهان گامَ،
ساہ ڏنائين سامَ، سُتي سَڳَر پَٽِئين.
بيت - 4
لَڪيُون آن ڀِر لِکَ، ڪي ڪوھيارا ورمِيا؟
جنهين سَنديءَ سڪَ، رُنمَ رات رَت ڦڙا.
بيت - 5
لَڪيون آن لڳا، ڪي پَلَوَ پانڌِيئڙن جا؟
توھان گهڻيرو ماءِ، روندا اوءِ رت ڦُڙا.
بيت - 6
ڪو جو لڳسڪان،ڪيچين جي قُربَ جو،
ٿي نماڻي نيشانُ، ڇڏي سانگو ساہَ جو.
بيت - 7
ڏوٿين چَيس ڏُورِ، ڪيچ آڳاھون پَنڌُ ٿيو،
پاڻا چڙھي پور، وکَ وڌائين وِتري.
بيت - 8
ڏوٿياڪر اوٺِين جو، مون کي اُھڃڏيو،
سچ ڪِ ساٿَ نِيو، پنهونءَ منهنجو پاڻ سين؟
بيت - 9
ڪو جو اُٺس مينهن، آريءَ جي اُڪير جو،
ٻاروچاڻو نينهن، منان ماٺو نہ ٿئي.
بيت - 10
جيڏيون ڏسوڪيچ، جو ڏيهہ ٻاروچن جو،
پنهونءَ وڌُم پيچ، نسورو ئي نينهن جو.
بيت - 11
سسئيءَ جي سريءَ سان، ڪيچ ڌڻي ڪانڌي،
پَسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، منڌ ھُئي ماندي،
لَڪَن تان لطيف چئي، آرياڻيءَ آندي،
پنهونءَ پيراندي، نماڻيءَ نصيب ٿِئي.
بيت - 12
گهوڙِن ھَنئي سڀ ڪا، اُٺن ھَنئي آنءُ،
جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جئن پوندي مامري.
بيت - 13
لڪڙياريون آڱريون، ٻاروچاڻو ڀير،
اچي پَسو جيڏيون، تازو پنهونءَ پير،
ويچاري سين وير، جتن جيڏو ئي ڪيو.
بيت - 14
لڇڻ نہ لاھين، گوندر ھن غريب تان،
پَر ۾ پچائين، جيجان جوش جتن جا.
بيت - 15
پاڻهي ايندئي ھوت، تون پڻ ٿج اڳڀري،
متان چوءِ بلوچ، ڪميڻيءَ مان ڪي نہ ٿيو.
بيت - 16
ڪمينن ھٿان،ٿين مورائين مَديون،
تونڪرِ پاڻ وَڙان، موٽَ سَٻاجها سپرين.
بيت - 17
نہ ڪي ٿيان سڳ ۾، نہ ڪي سڱيڻي،
آھيان ڪميڻي، ذات بلوچيءَ نہ جڙان.
بيت - 18
ڪيچ مَ خبر ھوءِ، ھِن منهنجيءَ ذات جي،
متان پنهونءَ پوءِ، لڄ منهنجي لوءَ ۾.
بيت - 19
لَٿوڪم ڪيچين جو، ڇڏي ھليا مون،
الله آھِين تُون، ھوتَن تان ھيڏي ڪئي.
بيت - 20
سو سکن ساٽي ڏيان، سِر پڻ ڏيرن سٽ،
جي مون مڙي مٽِ، تہ ورہ وھائيان ھيڪڙو.
بيت - 21
ڏُک سُکن جي سُونهن، گهوريا سُک ڏکن ري،
جنهين جي ورونهن، سڄڻ آئيو مان گهرين.
بيت - 22
سو سُکن ڏيئي، ورہ وھايم ھيڪڙو،
مون کي تنهن نيئي، پير ڏيکاريو پرينءَ جو.
بيت - 23
حُسيني حُسين لئہ، بيبيءَ پاڻ چئي،
تهان پوءِ ٿئي، خبر ٻيءَ خَلقَ کي.
وائي - 1
منهنجو ساہُ وير سيڻان، آيل!
اوھان ڪئَن ڀنڀور ۾؟
مون کي ويا نہ وسري، نينهن ڀريا نيڻان،
سوڪئن ھنئڙو جهليان، جهڄي جو ڪيڻان،
مادر پايو منڊيون،ڪوڪي وَرُ ڪيڻان،
اديون عبداللطيف چئي، وڃي مان مڙان.
وائي - 2
وسان تي وياس،
آيَل لڳم ٻاڻ ٻروچ جو،
پُرزا پَٻَ وَرَن ۾، پٿون ٿي پيياس،
تہ پڻ ڪاڍو ڪيچ ڏي، توڻي ماءُ مُياس،
پاڻُ وڃايُم پيرَ تي، ڇٽي آءٌ ڇٽياس،
آيم اَنڌي لوڪ سان، مُٺي آءُ مُٺياس،
ھيڏي شهر ڀنڀور ۾، نڪو پيءُ نہ ماس،
پيمِ وچ وصال ۾، سنجهي آءُ سُتياس.
وائي - 3
تہ ڪو ھوتُ سڄڻ نيندا ھو ڏيرا،
ڪل نہ پييم ڪا،
ڪُهي ڪميڻيءَ ھليا، ٻانڀڻ ڪري ٻيرا،
پسان شال اکين سين، دوست سندا ديرا،
سيڻن ساجُهر لَڏيو، پوءِ ٿي پُڇين پيرا؟
ڏاڻَ وجهي ڏاگهن کي، ونگيَئي نہ تنهين ويرا،
ٻَڙڪن ٿا ٻانڀڻ جا، جيءَ اندر جيرا.
فصل ٻارھون
بيت - 1
ڏِٺان جي ٻروچ، مون جيئن ھوت اکين سين،
مون کي چيان لوچ، پاڻان پيٺيون ڇپرين.
بيت - 2
ھوتُ نہ ڏِٺائون،ڏوهُ نہ ڏيان جيڏئين،
مون جئن رُنائون، ھوند مٿي ڪيو ھٿڙا.
بيت - 3
جيڪس ڏٺو جيڏئين،ٻاروچو ٻيءَ روءِ،
سنجهي ۽ صبوح، ھُوندَ نہ ويڙن وسري.
بيت - 4
ٻاروچو ٻيءَ ڀت، جيڪس ڏٺو جيڏئين،
مون جئن موڙھين مت، پسندي ئي پنهونءَ کي.
بيت - 5
آن جي ڏٺي جيڏيون، پنهونءَ جي پاٻوہ،
سَنجهي ۽ صبوح، سورن ٿي سَجَڪيون.
بيت - 6
جي ھُيان ھوت پنهونءَ سين، مون جئن ملاقات،
ٻانهنِ وجهي وات، ھُوند رِيهون ڪيان رڃن ۾.
بيت - 7
جي تو ڳالهائي، ماءَ ٻاروچا پُڇيا،
اُنهين جي وائي، ھُوندُ نہ ويئي وِسري.
بيت - 8
اڄ مَعذور ھُئان، الله چڱي مَ ٿِيان،
رِڙھان ۽ رُئان، پُٺيءَ سَڳر ساٿَ جي.
بيت - 9
جي ڏونگَر مون ۾ ڏُکَ، سي پَڌر پون مَ پرينءَ ري،
وھڻ مون وھہ ٿيو،ڪير سانڍيندي سُکَ،
ھُيَم ھوتَن سين چُکَ، سَڄو سَڱ نہ ساريان.
بيت - 10
ٻِيُون سڀ سَڱِيڻِيون سَرتيون، مون چُکَ سين چاءَ،
اَندَر آھيم ڳالهڙي،ڪوھياري جي ڪاءَ،
لڳم ذرو واءَ، سڄو سڱ نہ ساريان.
بيت - 11
سڪي مُون سَڱ ڪيو، لڪي وچان لوڪ،
متان مون کي ڇڏئين، ھِتي ھُتي ھوت،
نالي تو بلوچ، سُيَس منجهہ سرتين.
بيت - 12
مَنڌ مائٽياڻي اُن جي، ھتي جي نہ ھئي،
ان سڱ مقابل سسئي، سندين ٿي سُئي،
بيگانا ٿيا ڇڏيائون، کيرين پاس کُهي،
جي ويس ماءَ مُهي، تہ پڻ ڪاڍو ڪيچ ڏي.
بيت - 13
ھڪ پاھَڻ،ٻيا پَٽيون،ٽيا جبل جت جاڏا،
اڳيان اسونهين کي، ٿا تونگ سڄن تاڏا،
جي مُٺيءَ مُنهن آڏا، سي ٽارج لَڪَ لطيف چئي.
بيت - 14
لَڪ چڙھيو رڻ روءِ، ڪري سٻاجها سڏڙا،
ايندن پڇي خبرون، ويندن پيرين پوءِ،
ڏيرن ۽ ڏاگهن جو، مونکي ڏس ڏيوءِ،
مُونهان ساٿ ويوءِ، ڀُڻي ڏونگر ڏوريان.
بيت - 15
ڀڻي ڏونگر ڏوريان، ڪيچين لاءِ ڪڙيو،
پهاڙن پَٻَ جي، وڃان چوٽيءَ سئن چڙھيو،
ڪري ساجن سوگهو، سندم جيءُ جڙيو،
لڪن تان لڙيو، پير نهاريان پرينءَ جو.
بيت - 16
ساٿين ڪريو سڏڙا، لڪ چڙھيو رڻ روءِ،
ھينڙوڪچيءَ تند جئن، ڇڄيو ڇڄيو پوءِ،
ڪو ڳنڍيندڙ ھوءِ، تہ پرِت پراڻي نہ ٿئي.
بيت - 17
ساجن ڪري سڏڙا، لَڪ چڙھيو لٽڪي،
وينديس ھوت پنهونءَ ڏي، پاند وٺيو پٽڪي،
مَران تا مان لهان، سر ساجن تان صدقي،
سا اوري ڪيئن اٽڪي، جنهن جو جانب جت وٺي ويا.
بيت - 18
ڪيچين ڪارڻَ ڪيترا، وندر وَر ڏنام،
ٻاروچا ٻاجهہ ڀريا جي گوشي ۾ گڏيام،
تہ چيتاري چيام، ھوند عرض نينهن جا ان کي.
بيت - 19
ووءِ ووءِ ڪندي وَتُ، مَڇڻ ووءِ وسارئين،
پاڻي ھار مَ پَڌرو، روءُ منجهان ئي رتُ،
صبرَ وڏو سَتُ، سگها ميڙي سپرين.
بيت - 20
ووءِ ووءِ وڏوڙا، ووءِ ووءِ وڃن نِڱيا،
مون سانگياڻيءَ جا سپرين، سَچ ڪِ سنڀوڙا،
لاٿم نہ توڙا، ماءُ اوسيڙو ان جو.
بيت - 21
ووءِ ووءِ پڻ ويئي، رنن ڪارڻ جا ھُئي،
پنهونءَ کي پيئي، رُئندي ڪير رت ڦڙا؟
بيت - 22
گهوڙا گهڻيءَڀون، ووءِ ووءِ وڃن نڱيا،
مادر مٿان مون، ڪانگ لوندا ڪڏھين.
بيت - 23
ماٺ مارِينديئي پرينءَ جي، مڇڻ روئين رَتُ،
ڇوري ڇڏِ مَ سَتُ، ھِمتَ ھوت وڃائيو.
بيت - 24
سَرتيون سڀوئي ٿيو، اندر آرياڻي،
ويئي پَسان پاڻ ۾، ڏونگرڏينهاڻي،
ھُيس ھوتن ھاڻي، سي ڪيچي گڏيم ڪَهَ ۾.
بيت - 25
جَڙَ جِيري جن سين، مُئي پڻ سين تن،
جي ھِتِ نہ ھوت پَسن، سي ڪنهن پَر ڪيچ پَسنديون؟
بيت - 26
سسئيءَ کي سَڏَ ٿيو، اسان اولاڻو،
پنڌُ نہ پڇاڻو، اَڻَ ڪوٺي ڪانہ ڪري.
بيت - 27
جئن جئن جَهلي جڳ، تئن تئن مون تاڪيد ٿئي،
ڳهريوٿوڳالهيون ڪري، وھسي ڀڻو وَڳُ،
لوڪُ لَتاڙي ننڊ ۾، پُٺيءَ لالن لڳ،
آرياڻيءَ اورڳ، ڀنڀوران ٻهر ٿي.
بيت - 28
اوجهڙ وٽان آنءُ، ٻيون سڀ سَڳر ساٿ جي،
جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جئن پوندي مامري.
بيت - 29
ماڳهين جي مُئي، تہ ھوند نہ پيئي مامري،
ڇڏيو جي ڪُهي، تہ ھيڪاري ھو رُلهي.
بيت - 30
نہ ڪي روئڻ واريون، نہ ڪي اوسارين،
مونهين کي مارين، مونهين سندا ڏُکڙا.
بيت - 31
ٻڌوڪنهن ٻنڌاڻ، ھينئَڙو ھوتاڻيءَ سين،
ڪا جا پييس ڪاڻِ، نبيريانس نہ نبري.
بيت - 32
ڪوہ ڄاڻان ڪوهٿيو،ڪيڏانھن ٿي وڃان؟
ھٿ،ڪَرايون، آڱُريون، موڙيو سڀ ڀَڃان،
ٻين گهرِ گهڃا، مون ھاريءَ ھوت وڃائيو.
بيت - 33
چان ڪ آيس آڳاھين، تان اُتهين اُڀي آھيان،
پِرتِ پَراھِين، ھاڻي مَران مَ جِيان.
بيت - 34
سَرتيون سور پرين جو، سڃن ۾ شامل،
ڪوھياروڪاملُ، مون کي ڏُک ڏيکاريو.
بيت - 35
ڏونگر ڏنا نوڻ، مون پارکو پڇيا،
ھيڪليون ھلن جي، سي تاڪن سَندي تُوڻ،
اِيءَ اھکي ڀُوڻ، سُونهن ريءَ نہ سٿري.
بيت - 36
لکين لوڙائو، سهسين آھن سُڃ ۾،
بَر ۾ بورائو، کڻ پيادي پاڻ سين.
بيت - 37
ٻاروچا ٻيا گهڻا، منهنجو پنهون سِر سڀن،
چانگي تي چڙھي ڪري،ڪندو ور ولهن،
مٿي معذورن، ھوت ڌَريندو ھٿَڙا
بيت - 38
ٻاروچا ٻيا گهڻا، منهنجو اجهو آرياڻي،
چُونڊي رَکيم چت ۾، ساجن سُڃاڻي،
جا وندر وڪاڻي، تَنهنجو موٽُڻ ڪو مَسَ ٿِئي.
بيت - 39
ھُوءَ جا گهوري گهوٽَ جي، تنهن کي چري چُونِ،
اُگهاڙِيون آتَڻ ۾، ھوتَ پُڄاڻا ھُون،
پَرا تنهين پون، ڏٺو جن اکين سين.
بيت - 40
ڏِٺَم اُٺَ اکين سين، مانَ ٻاروچا ھُون،
جنھينڌاران پونِ، موريسر اکين ۾.
بيت - 40
کُتي لئہ کاڻي، رکيئي پرتِ پنهونءَ سين،
سهيو سکيو جندڙو، وڌئي ڄيري ۾ ڄاڻي،
ھاڃو ھوتاڻي، تو سين صُباحَ ڪندا سسئي.
بيت - 41
سڄڻ ڏٺو جن، موٽڻ تن ميهڻو،
اِيءَ مرڪ مَعذورنِ، جئَن مَرَن پريان جي پير تي.
بيت - 41
ڇپن ڇنيا پير، ھَلي ھَلي ماءِ،
ڪوھياري جي ڪاءِ،ڳنهيو ڀُڻان ڳالهڙي.
بيت - 42
صَدا وِڌيم سور جي، اڳيان ڪوھياري،
جو نجَس نِڪالي، سو پنهونءَ وجهو پاڻ ۾.
بيت - 42
نينهن مَ نالو ڳنهہ، پريتڻي پير ٻيا،
سُورن ساڻ مَ ڇِن، وِرَہُ وھائج وترو.
بيت - 43
ور لڪن جي لوڏ، گهوريا سُکَ ڀنڀور جا،
اَمَڙِ جي تون آڇئين، سي ڪَم نہ اَچن ڪوڏَ،
ھِنئين منهنجي ھوڏَ،ٻَڌي ٻاروچن سين.
بيت - 43
سَڄڻَ ڏٺو جن، تن ڳچيءَ سَر ڳَهہ ڪيو،
ٻيون ڪوہ ٻُجهن، قدر ڪيميا ان جو.
بيت - 44
ڪو جو آيس ڪوڏُ،ٻاروچاڻيءَ ذات سين،
جي ھُو چونِس ٻوڏُ، تہ جيءَ سَڻائي جڳ ۾.
بيت - 44
ھاري ھنئون مَ لوڏِ، سُکن پوندئن سسئي،
ڪوھيارو تو ڪوڏِ، اچي ڪرہ قطاريو.
بيت - 45
ڀَلي ڪري ٿِيومِ، ھِيءُ سڱُ ٻاروچن سين،
وڃي ڪيچ ڏِٺومِ، پُٺي لڳي جن جي.
بيت - 45
جَسُ جفا ريءَ نہ ٿئي، جفا واريُن جَسُ،
سُتين ساٿ وڃائيو، گولي ڇڏ مَ گَسُ،
ليڙن جو لطيف چئي، ڏُونگر ڏيندئي ڏَسُ،
پنهون اچي پُس، سِر ڀر ھلي سسئي.
بيت - 46
ڪيئن آڙايُئي پاند، پلئہ پرڏيهين سين؟
متيون موڙھيئي سسئي، ڪري ڪوھيارو ڪانڌ،
رُلي ڀانيئي راند، ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو.
بيت - 47
اديون ڪا ايندي، ڇَپَر مون سَڱ ٿيو؟
لاھينديَس لڱن کي، مليران ميندي،
وِندر آءٌ ويندي، آري ڄام اَجهو ڪري.
بيت - 48
سسئي سرواڻن سان، ڪهڙو لهہ لڳوءِ،
ڪ جَتَن جڙون ھنيئي، ڪ پاڻهيءَ نينهن لڳوءِ،
ڏاڏي پوٽوڏيهہ ۾، ڏُکي ڪونہ ڏٺوءِ،
کِلي جو کنيوءِ، سو متان ور وسارئين.
بيت - 49
وَڃڻ تو واري، پرڻ پنهونءَ پُٺِ ۾،
ڪَرَہَ ڪوھياري، سُتي تو سڀ ويا.
بيت - 50
ٻيلي ناہ ڀنڀور ۾، تنهن سسئيءَ جو سَهي،
ڏَمَر ڏيرن مَنَ ۾، ڪندا اَئن ڪَهي،
لنگهائي لطيف چئي، کڻج ڄامَ کُهي،
ھي مَعذور ھڏ مئي، تون ڪانڌَ مَ وڃج ڪيڏھين.
بيت - 51
مون کي نہ ٿا نين، جتَ ملڪ پانهنجي،
جي گهگهيرن گڏين، تہ ٻين کان ٻيڻو ڪريان.
بيت - 52
اڳي اِئن ھُياس، جيئن پنھونءَ ڌوتم ڪپڙا،
ھاڻي اِئن ٿِياس، جئن جت نہ نِينم پاڻ سين.
بيت - 53
سُورَن سانَڍِياس، پُورَن پالي آھيان،
سُکن جي سيد چئي، پُکي نہ پيياس،
جيڪس آءٌ ھُياس، گري گوندر وَل جي.
بيت - 54
مُٺ مُٺ سُورن سڀ ڪنهن، مون وٽ وٿاڻان،
ڀَريون ڪيون ڀُڻان، ويا وھائو نِڪري.
بيت - 55
ڪوھياروڪيڻان، ڪيڻ وڃي ڪاڏي وڃان؟
مُون ڀانيو سيڻان، ڇَپَرڪنديَس پَنڌڙا.
بيت - 56
ڪوھياروڪاري، پَنڌَ اڙانگا پٽئين،
سي ڏيهہ ڏيکاري، جي اڳ نہ ڏٺا ڪڏھين.
بيت - 57
ڏکوين اُھڃاڻ،ڪُلهي ڦاٽو ڪَنجرو،
وڃن گُوندَرَ گڏيون، لوڪَ نہ آڇِين پاڻُ،
سُورن اسان ساڻُ، ننڍي ئي نِينهن ڪيو.
بيت - 58
ڪُلهي ڦاٽوڪَنجرو، مٿو اگهاڙو،
منهنجو ڪُڄاڙو،ڀينر ھِن ڀنڀور ۾.
بيت - 59
ڀنڀوران ٻَهر ٿي، اَمَڙ مون اُماڻ،
مَڇڻ ڪا رھاڻ، مون تو موٽي مس ٿئي.
وائي - 1
ڪارُون وَسَ ڪيامِ، رڙي ھَي ھَي وو لَڏي ڏُور ويامِ،
منهنجو ھوتُ نہ موٽيو، وو ڪارون وس ڪَيام،
ٻَنڌڻَ ٻاروچن جا، پينگهي منجهہ پيام،
ڪئين قاصد ڪيچ ڏي، محبن لاءِ مڪامِ،
سدا سپيرينِ جا، سانڍڻ سور پيام،
ھوت ھَلندي جي ڪيا، نہ سي سڏ سيام،
اَديون عبداللطيف چئي، آرياڻي ايندام.
سُر سورٺ
فصل پھريون
بيت - 1
الله جي آسَ ڪَري، ھَليو ھئائِين،
چارڻ ٻَڌا چَنگ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين،
ڏولي راءِ ڏياچَ جي، ڏُوران ڏٺائين،
وينتيون واحِدَ دَرِ، تَنهن ويرَ ڪيائين،
سَٻاجها سائين، راءِ رِيجهائِين راڳ سين.
بيت - 2
الله جي آس ڪري، چارڻ چوريو چنگ،
مِرُون جي جهنگل جا، ڪن رھاڻيون رنگ،
ٻَيجل سندو ٻنگ، خالق خالي مَ ڪرين.
بيت - 3
پَرديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلي آيو ھِت،
جاجڪَ اُڀو جِت، سِرَ جون صَدائون ھَڻي.
بيت - 4
پرديسان پنڌَ ڪري، ھلي آيو ھو،
اُونچو تون عَرش تي، آءٌ ڀورو مَٿي ڀُون،
ڪِيئَن تُسندين تون، ھيُ سَر سوالي مڱڻو.
بيت - 5
پرديسان پنڌ ڪري، آيس آڳاھينءَ ماءِ،
جي وھاڻيءَ ويَر مَ ٿئي، تہ مون ھِنئر ئي ھَلاءِ،
سُونهارا سَورَٺِ وَرَ، ڳالهہ ھنِئين سين لاھہ،
سو مَڱڻهارُ مَلهاءِ، جو وچان ويريُنِ آئيو.
بيت - 6
جو وچان ويرين آئيو، سو مڱڻو مَ موٽاءِ،
جا جيءَ اندر جي ڳالهڙي، سا پاٽ پليءَ مون پاءِ،
جو گهُران سو گهورِي ڏي مڱڻهار ملهاءِ،
اٿم آس اِھاءِ، تہ وڃي ڏيکاريان ڏيهہ ۾.
بيت - 7
پرديسان پنڌ ڪري، ھَلي آيو ھيءُ،
مالُ نہ مڱي مڱڻو، جَاجڪ گُهري جِيءُ،
وَڍ، وَھلو ٿيءُ، ساعَتَ صَبرُ نہ سَهان.
بيت - 8
پرديسان پنڌ ڪري، سُڻي آيس شان،
مڱان ڪهڙيءَ مت سين، نِسورو نادان،
سوڪو ڏِيارِينم ڏانُ، جو طمع کي تَرڪ ڪَري.
بيت - 9
الله جي آسَ ڪري، آيس آڳاھون،
مٿي ري مَسَ رکان، پير رکي پاھون،
داتا سڻ دانهون، جي ڪريان ڪوڏ ڪپار جي.
بيت - 10
الله جي آس ڪري، ھلي آيس ھير،
ھاتڪِ تو حضور ۾، پرتو ڀري پير،
وير لڳاءِ مَ وير، وڍي ڏي تہ وٺي وڃان.
بيت - 11
الله جي آس ڪري،ٻيجل ڪئي ٻاڪار،
لا اله الااللهُ محمد رسُول الله، کئين تندن منجهہ تنوار،
ماڙيءَ ۾ ملوڪ کي، سيباڻي سَردار،
جيڪي خلقيو خلقڻهار، سو مڙ ڏنائين مڱڻي.
بيت - 12
مَحل مندر ماڙيون، اَملُ جِتِ ٻَرن،
رڙھيو راءِ ڏياچ کي، ڪوڙين ڪُورنش ڪن،
تُون سردار سڀن، اسين تابع تنهنجا.
بيت - 13
تو دَر آيسُ راڄيا، ھهڙو وٺي حالُ،
اونائيج عَليلَ جو، سٻاجها سوال،
اڱڻ مٿي آنهنجي، ڪهي ڪي قوال،
ڀَلا ڪَري ڀالُ، امنُ ڏيو اُن کي.
بيت - 14
تو در آيس راڄيا، ٻيا دَر ڪَري دُور،
سائل تو سين ھَڻي، ھردم آن حضُور،
ٻيو نہ گهري مُور، اَمُن ڏِيو اُن کي.
بيت - 15
تو در آيس راڄيا، جاجڪ وٺي جِيءُ،
ڪِنا ”نار حامِيه“ ھاڻ بَچائج ھيءُ،
والي ڏِياريئي ويءُ، جِت آھي “جَنات عَدنِ”.
بيت - 16
تو در آيس راڄيا، ٻيا دَر ڏيئي ٻَن،
ڪَهان جو ڪماچَ سين، سو سُڻ سٻاجهي ڪَن،
جا مَڱ منهنجي مَن، سا تو تي معلوم سڀ ڪا.
بيت - 17
ٻيا دَرَ ڏيئي ٻِيَن کي، آيُس تُنهنجي دَرِ،
سُونهارا سورٺَ وَرَ، ڪا منهنجي ڪَرِ،
ڀلاڀيري ڀَر، پالهو پانڌُ پينار جو.
بيت - 18
درباني در کول، آءٌ پرديسي مڱڻو،
ٻيا گهرندا دول، آءٌ سوالي سِرَ جو.
بيت - 19
ماڙيءَ وٽ ملوڪ جي، چارڻ چوريو چنگ،
مَردَ پيا اُت مامري، ريڌا پسي رنگ،
ٻيجل لڌو ٻنگ، راجا تي راضي ٿيو.
بيت - 20
ميين سين مڱڻي،ڪي ڪا جا ڳالهہ ڳجهي،
سا ٻايَن، دائين، ٻانهين، سو جي تان نڳ سُجهي،
پيا وير وساس ۾، عاقل ويا اُجهي،
ڪوڙينَ جي ڪريم ري، ويئي مَتِ مُنجهي،
ھڪ ٻيجل ٿي ٻُجهي، ٻي خَبر ھئي کنگهار کي.
بيت - 21
ڪوڙين ڪيرتيا آئيا، مانجهي مڻيادار،
جن ڳڙھان ٻهرڳائيو، سُهجان سڀ ڄمار.
ھن تنبيري جي تندُ جي، اُت پهرئين ھئي پچار،
آءُ مٿاھون مڱڻا، چڙھي دُر دُئار،
توکي گھوٽ گھرائيو، خلوت لاءِ کنگهار،
اَلْتحِيَات للہ وَالصَلواہ وَالْطِيبَاتُ، اِيءَ کلي ڪيائين کِيڪار،
اَلسَلَامُ عليۡکۡ ايَهَالَنِوَرَحمهُ اللهِ وَبَرکاَته پروڙج پچار،
سُئو ۾ سنسار، تہ مُلڪ ڏنائين مڱڻن.
بيت - 22
سِرَ جي ھئائين ھليو، چارڻ چِتائي،
سو مال نہ وٺي مڱڻو،ٿو ماڻڪ موٽائي،
تو در آيَس تي، جيئن تُون نانهن نہ سکيو.
بيت - 23
ڪنجهي ڪيرت ڪينرو، ساز ڪيائين سرُ،
وَيهي تنهن وڏاڻ سين، پاٽ ڪي جا پر،
ٻيجل کي ٻر ٻر، وڌائين ڪرٽُ ڪَپار ۾.
بيت - 24
چارڻ ٻول ٻيو، گهُريئي سو گهوريان،
گهُر سورٺ سين نہ پَڙي، جان تند برابر توريان،
ڳجهي آھيم ڳالهڙي اوري آءُ نہ اوريان.
ڪلھنيون ڪوريانَ، ڪِ جاجڪ جُسي ساڻ ڏيَئين.
بيت - 25
جو تعلق رکي تند سين، سو مُون پليءَ پاءِ،
سُڻ تُون ڪريان ڳالهڙي، آيُس آڳانهين جاءِ،
سُڻ سُنهارا سورٺِ ورَ، ڳالهہِ ھئين سين لاءِ،
ھيءَ ھينئر ئي لاھہ، وڍ تہ ويرمَ نہ ٿئي.
بيت - 26
تند برابر توريان، جي سؤ سرن پائي،
تان اُٽل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن ٻَيجل ٻُرائي،
ھي سکڻو ھَڏ آھي، سر ۾ سڄڻ ناھہ ڪي.
بيت - 27
ڪَٽي سَر ڪٽار سين ٺهرايائين ۾ ٺارَ،
سورٺ سرتين کي چوي، مُٺيس مڱڻهار،
ڪيو قهر قهار، جنهن راڻيون سڀ رُئاريُون.
بيت - 28
رتُ سرڪي نڱيو، مھدان سورٺ سَٽَ،
ڌڙُ ڌُٻي پيو پٽ تي، مٿو مٿان کَٽَ،
آيو سو البت، راڻيون جنهن رُئاريون.
بيت - 29
ڪٽي سر ڪٽار سين، ٺهرايائين ۾ ٺار،
ڪوڙين آيا ڪيترا، حاڪم حڪم دار،
سوين سوالي آئيا، بابُو بيکن دار،
سڀ ڏکمکيا ڏاتار، سُڻي ڏان ڏياچ جو.
بيت - 30
آءُ مٿَاھون مَڱڻا، چَڙھي ۾ چوڏولَ،
توکي گهوٽ گهرائيو، راجا ۾ رتول،
ٻيجَلَ توسين ٻولَ، وھاڻي وَڍڻَ جي.
بيت - 31
ڪي جو ٻيجل ٻوليو،ڀنيءَ ويهي ڀانَ،
راجا رَتولن ۾، سيباڻو سُلطانَ،
آءُ مٿاھون مَڱڻا، مُقابل مَيدانَ،
گهوريان لَک، لطيف چئي، تنهنجي قَدَمنَ تا قُربان،
مٿو ھيءُ مهمان، ھَلي آءُ تہ ھُتِ ڏيانءِ.
بيت - 32
ريءَ مَصلحَتَ مڱڻا، قَصر ڪينَ اَچن،
نُور تَجلو نُور سين، نَميو نيڻ پَسن،
خيمي ۾ کنگهارَ جي، چانڊُوڻا چمڪن،
لڌائين لطيف چئي، سَندا ڏاڻَڏِسينَ،
تيلان مُلڪ ڌڻين، مڃَيو مڱڻهار کي.
بيت - 33
ڏنو جو ڏياچ، سو سورٺ سُرھو نہ ڪيو،
ڪَنبي ويا ڪيرتي،ڪوماڻا ڪُماچ،
جا وندر وائي واچ، تنهن موھيو مڱڻهار کي.
بيت - 34
چارڻ منهنجي چنگ ۾، توحيد جي تار،
وَحدہَ لاشريڪ له، تندُن ايءَ تنوار،
مُون کي تنهين وارَ، فڪر کڻي فنا ڪيو.
بيت - 35
ماڙيءَ ھيٺ ملوڪ جي، ڪا جا ڪيائين ڪوڪُ،
راڄا جي رنگ محل ۾، ھنڌ ھنڌ پيئي ھوڪُ،
مٿوڏي مَلوڪَ، تہ ڏيکاريان آءُ ڏيهہَ ۾.
بيت - 36
نِرتي تَندُ نِياز سين، ٻيجلَ ٻرائي،
“اَلاُنُسَانِ سِرِيُ وَاَناَسِرَہ”، ورني ايءَ وائي،
راجا رتولن ۾، اَمُل اونائي،
ڪوٺايائين ڪوٽ ۾، ٻارٽُ ٻاجهائي،
راجا راڳائي، ھر دوئي ھيڪَ ٿِيا.
بيت - 37
نِرتي تند نياز سين، ٻُرائي ٻيجل،
راجا رتولن ۾، اونائي اَمُلَ،
رازُ ڪيائين راءَ سين، ڪنهن موچاري مَهَل،
“اَنا اَحمَدُ بَلا مَيمَ” چئي، سَينَ ھَنئي سائل،
ڪنهن ڪنهن پيئي ڪل، تہ ھَر دوئي ھيڪ ٿيا.
بيت - 38
ڪنهين ڪنهين ماڙُھئين، پيئي ڪَلَ ڪائي،
رَسيا جي رمز کي، تن پارسي پائي،
“اَلَاْنْسَان،سِرِيُ وَاَنَاسِرَہ وَرتي اِيءَ وائي،
راجا راڳائي، ھَر دوئي ھيڪ ٿيا.
بيت - 39
راجا رنگ مَحلَ ۾، جاجڪ سِرِ زمينَ،
جا ھَنيائين ھٿن سين، سا سُئي بالا بِين،
جِتِ اچن نہ اُڙدا بيگُيون، اُتِ ڪوٺايون امينَ،
تازي ڏيوس تَڪڙا، جوھَرَ پائي زِين،
ٻيو مَڱي ڪِينَ، ڌاران سِر سيد چئي.
بيت - 40
راجا رنگ محل ۾، ٻهر ٻارٽُ ٻاڪاري،
تَندُ تُنهنجي مَڱڻا، چَت وِڌو چاري،
اَڳيون بَيتُ، عناتُ چئي، وَھلو ڏي واري،
ھي سِرُ سينگاري، پاٽَ پَلئي تو پائيان.
بيت - 41
آءٌ سوالي سِرَ جو، آيُس آڳاھون،
مٿي ري مَس رکان، پير کڻي پانهون،
داتا سُڻ دانهون، جي ڪريان ڪوڏ ڪپار جي.
بيت - 42
سُڻي رُون رُون راز جي، گڏي اُٿيو گهوٽَ،
جهل تہ جواھر تو ڏيان، چنگ برابر چوٽ،
طويلا تازين جا، مون کان جهلي موٽ،
تان ھِن ڪنبايو ڪوٽ، حيلو ڪري ھٿن سين.
بيت - 43
ڪاجا تندُ تنبيل جي، سُتي سئائين،
ملهي آيو مڱڻين مٿي، پَر ۾ پڇيائين،
تان ڪنڌ ڏانهن ڪيائين، اشارو آڱر جو.
بيت - 44
محلين آيو مڱڻو، پريان ڀري پير،
ڏيڍيءَ تي ڏاتار جي، سري لڌائين سير،
ڪِيئن ڇڙيدارن ڇڏيو، ھُئي ڪيڏي وير،
آءُ ٿو پڇان ھير، ڇا جُڙيو کي مڱڻين.
وائي - 1
الوداعُ، وو الوداع، جانيان ڪِيڙئي جُدا، سورٺ اوساري،
ھڻ تند تون طريقَ جي، واڄَٽُ سڀ واري،
سورٺ سَرتين وچ ۾، اُڀي اوساري،
ھيءُ جو آيو مڱڻو، سو متارا ماري،
دوستَ دوسَتَنِئان دُور ڪيو،ٿو ڏيا ڏيکاري.
فصل ٻيون
بيت - 1
پاٽ پهلي رات جو، ڳڙہ پاسي ڳايو،
ٿيو غُلغُلو گِرنارَ ۾، تہ ڪو عطائي آيو،
سالِڪَ سازَ سُرود سين، ڪي جو ڪَمايو،
نازي ڏيوس تڪڙا، زينت زور پايو،
ٻيجل ٻولايو، تہ سِرَ سوالي آھيان.
بيت - 2
ٻيجل کي ٻيءَ رات ۾، سَڏايو سُلطانَ،
اڳي ڪونہ آئيو، ڀير تُنهنجي ڀانَ،
جانِئان جي جُدا ڪيو، طرَحَ تُنبي جي تانَ،
مون وٽَ مال مَتاعَ جي، ڪَمي آھي ڪانَ،
تو دِسِ ڏِيان مڱڻا، رُوح رُچندا دانَ،
مِيان مَهربانَ، چوري چَنگُ چئج ڪي.
بيت - 3
راجا کي ٽيءَ رات ۾، ٻُڌايو ٻيجل،
سَهسين ھُئا سَنسارَ ۾، ٻيا پڻ داتا دل،
آيُس مَنَ اُڇلَ، تيلاھِين تو ڳري.
بيت - 4
چارَڻَ چوٿينءَ رات ۾، آءٌ نچِ آئين جيءُ،
تنهنجو قَدمُ پَدَمَ نہ پاڙِيان، جي تون ٿِئين جَميع،
دانَ دلوچان دِل وڻيا، وَٺي راضي ٿيءُ،
ھنئر اٿيئي ھيءُ، صُبح سَوايو ڏيانءِ.
بيت - 5
پَلٽيو پنجينءَ رات ۾ رپُو سون سَبيلَ،
پَلنگَ پَٿراڻِيون، پالڪيون، نَوَ لَکَ ناڻي نِيلَ،
داتا وٺان نہ دان ۾، وَنُئن ڦيرائي فَيل،
آکِيُم جو اَصِيلَ، سو سِرُ ڏي تہ سُرھو ٿِئين.
بيت - 6
ڇهينءَ رات ڇڪائيو سالِڪ سَوري سازُ،
ڳايائين ڳڙھہ گرنار ۾، ڪري آڳَھہ ساڻ آوازُ،
صلح جو سيد چئي، راجا تو سين رازُ،
سُڀاڻي سَرَفرازُ مِيون ڪندو مَڱڻي.
بيت - 7
پائي پَٽ ڪَڻا، مَون تان مُور نہ مڱيا،
تازي طوَيلن ۾، گهوڙا گهر گهڻا،
ھاٿيءَ ڪارڻ ھيڪڙي، آءٌ ڪا تَند ھڻان،
جا مٿي تو مَڻِيا، تنهن سِر جو آھيان سيڪڙو.
بيت - 8
سِر مڱي، سِر گهُري، سِر ري ٿئي نہ صَلاحَ،
غريبنئون نہ گذري، ٿو ماري ميرَ مَلاحَ،
نايو نوابن جا، سوريو ڪڍي ساھہ،
خالق سَنجهہ صُباحَ، ڪونہ ڇڏيندو ڪٿهين.
بيت - 9
موٽي مڱڻهار، شال مَ اَچين ڪڏھين!
اَٺئي پهر عظيم جو، ڪُنڍو منجهہ ڪَپارَ،
جنھن تو سڀ ڄمار، ھَنيا ڇَٽَ پَٽن سين.
بيت - 10
سِرَ سِرَن پائي، جي تَند برابر توريان،
اُٿل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻُرائي،
سکڻو ھَڏ آھي، سرَ ۾ سَڃَڻ ناهِہ ڪي
بيت - 11
پاسَنگُ جنهن پيش ڪيو، تنهن ڏنو ڪينَ ڏياچُ،
مٿو نيئي ماچ، وڃي ڏُورڏُک ٿيو،
بيت - 12
ڏنوڪين ڏياچَ، ٿو سائِلَ سِڪائي،
مُنهن تي موٽائي، مٿو ھَنيس مڱڻي.
بيت - 13
محَلين آيو مڱڻو، سازُ کڻي سرنُدو،
سِرَ جي صدا سُرَ ۾، گهُورَ ھَڻي گهُرندو،
مَٿي ري مَلُوڪ جي، چارڻُ نہ چُرنَدو،
جُهونا ڳڙُھہ جهُرندو، پُوندي جهانء جهَروڪ ۾.
بيت - 14
محلين آيو مڱڻو، کڻي سازُ سِري،
لڳي تَندُ تَنبيرَ جي، پيا ڪوٽَ ڪَرِي،
ھَنڌين ماڳين ھُوءِ ٿي، تنهنجي ٻيجلَ دانهن ٻُري،
سِسي تَنهن سلطان کان، اَچي گهوٽ گھُري،
جهونا ڳڙھہ جُهري، پُوندي جهانءِ جهروڪ ۾.
بيت - 15
سو جيءُ مڱڻهارَ مَ ھوءِ، جو تو مَٿي سرَ سَٽو ڪيو،
جو مُون مُلهہ مُور نہ سَپَجي، تان جي سو گهُريوءِ،
تہ جڳان جَڳَ ڏِنوءِ، ڏُونگهو ڏاتارن کي.
بيت - 16
مَٿو مَٿان ئي گهوريان، مَٿو تو مٿان،
سو مون ٿئي نہ مٿان، جنهن تون لائق مڱڻا.
بيت - 17
مٿو مٿان ئي گهوريان، مٿو تو مٿان،
ھَڏو ھيءَ ھَٿِ ڪري، جاجَڪَ وَھلو جاءِ،
تو سين انيراءِ، جِمَ واچا ۾ ولهو ٿِئين.
بيت - 18
ڪا جا ڳالهہ ڳري، ٻيجَليا ٻَڌاءِ مون،
پيٺين جئَن گرنار ۾، تَندُن تان ڪري،
ڪ تو پَنڌُ پَري، ڪ مڱ جَهلِيندي مڱڻا؟
بيت - 19
مڱ نہ جهليان مُورھين، نہ مون پنڌ پري،
ڳِنهي آيُس ڳالَهڙي،ڳجهي تو ڳري،
سا سَمجُهہ سورٺ وَرَ، ويندسُ ڪِينَ وَري،
پَريان پيرَ ڀَري، تو لَئي آئيو آھيان.
بيت - 20
مڱ نہ لسي مڱڻو، نہ ملڪ نہ مال،
ڏاڻِنئون ڏُور ٿئي، ڪا جا ڪڻيس ڳالهہ!
آھي اِن خيال، تہ ڏيٺي ٿيان ڏاتار سين.
بيت - 21
ڏاتار ۽ مڱڻي ڪونہ وسيلو وچ،
سائي تال تندن جي، سا ئي چارڻَ چتِ،
ھتي جي ھُت، تہ ڳالهہ مَڙيائي ھڪڙي.
بيت - 22
ڳجُهہُ پنهنجي ڳجَهہ سين، رِند رَساڻي لاءِ،
اَجل اُڀو آھہ، پُٺيءَ تو پَلاڻِيو.
بيت - 23
مٿو ھُئائين ھليو، چارڻ چِتائي،
سو ماڙي ھيٺ ملوڪ جي، ويٺو وڄائي،
راجا تنهن راضي ڪيو،ٻيجل ٻُرائي،
ڏيوس دانُ دل گهريا، پلؤ ۾ پائي،
سِر ڏانهن کَنيائين سمو چئي اکيون اُٺائي،
جو مُنهنجي مَنِ آھي، سو سِرُ وڍي سلطانَ ڏي.
بيت - 24
چارڻَ ٻولج ڪي ٻيو، گهُريئي سو گهورِيان،
ڳر سورٺ نہ پَڙي، جي تَندن سين توريان،
ڳجهي آھِيم ڳالَهڙي، آءُ اوري تان اوريان،
ڪُلهنئون ڪَوريَان، ڪ جاجَڪ جُسي سين ڏِيان؟
بيت - 25
چارڻِ چَنگُ ٻَنگُ لهي، وَڄايو وَڏاڻُ،
سِرَ تان ھَڏِ آسانُ، پَر مَڱڻهار مٿي وَھي.
وائي - 1
گھُونَگهٽُ کول ڪڙي، آيا يارَ! بَنڇي والا يارَ!
ھو سيلي والاَ يارَ! سانُون طَلَبَ ملڻَ دي،
ڦُلين ڀري جهجهري، تارين ڀَريَ راتِ،
شاھہ حسين فقيرالله دا، فِقر الله دي ڏاتِ،
دستِ تيڏي وچ سون دِيان ڪَنگِڻيان، چوڙا لپيٽي وال.
فصل ٽيون
بيت - 1
سَرديءَ سالِمُ نہ رَھان، گرميءَ ٿيان گدازُ،
اَمن ڏيج اَمان تون، سائل ھَڻي سازُ،
ربابيءَ کي راز، خالص ڏي خَلِيلَ جو.
بيت - 2
سرديءَ سالم نہ رھان، ڪوسي سهان ڪان،
اَمن ڏيج اَمان تون، دُور ڪري ٻيا دان،
پانڊپ کايي پانَ، وِجهج پِڪَ پينارَ تي.
بيت - 3
ٽيئي پرچِيا پاڻ ۾، تَندُ، ڪٽارو ڪَنڌ،
تَنهن جهوئي ناھہ ڪي، جو تو چارڻ ڪيو پَنڌُ،
اِيءُ شُڪر الحمد، جو مٿو گهريوءِ مڱڻا.
بيت - 4
مر تہ آئين مڱڻان، مام پَروُڙي مُون،
جيڪا ڳالهہ ڳالهائِيين، سا سڀ سمجهي سون،
تنهن ۾ تُسج تون، جيڪي پويئي پَٽَ ۾.
بيت - 5
چارڻ چَنگَ ڪُلهي ڪري، رَمي رھيو رات،
سدا جي، سيد چئي، وائي ڪيائين واتِ،
ڏيهہ ڏنائين ڏات، مِئين مڱڻهارَ کي.
بيت - 6
چارڻ چنگ ڪلهي تي، پيرَ پَري پاتا،
سدا جي سيد چئي، وائي ڪيائين واتا،
تنهن تي راءُ راضي ٿيو، دل وڏيءَ داتا،
مُرڪي مر ماتا، روڙي راءِ ڏياچ جي.
بيت - 7
چارڻ تُنهنجي چنگ جو عجب آھيم اِي،
ھڻين اُڀو ھٿن سين، جِيرَو رَکيو جِيُ،
رات منهنجو ريُ، ڪاٽيو تو ڪماچ سين.
بيت - 8
جاجڪُ جهونا ڳڙهہ ۾، ڪوعطائي آيو،
تنھن ڪامل ڪَڍي ڪِينرو، ويهي وَڄايو،
شَهرُ سڄو ئي سُر سان، تَندن تَپايو،
دايون دَر مانديُون ٿيون،ٻائِن ٻاڏايو،
چارڻ ٿي چايو، تہ ماري آھي مڱڻو.
بيت - 9
جاجڪَ تو جُھارُ، ڏھہ ڀيرا ڏياچ ڏِئي،
جنهن ۾ مالُ نہ مِرئي جيترو، تنهن تون طَمعدار،
جي اچيئي ڪَم ڪَپارُ، تہ وَيهہ ڀيرا وڍي ڏينئين.
بيت - 10
مٿي اُتي منهنجي، جي ڪَوڙين ھُون ڪَپارَ،
تہ وارِيو واريو وڍيان، سِسيءَ کي سَو وارَ،
تہ پڻ تَند تَنوارَ، تُنهنجي مَٿاھِين مڱڻا.
بيت - 11
ٻيلي ٻئي پار، جان مون نيڻين ھَڻي نِهاريا،
چوري رَکِيَم چتَ ۾، ڏِسن جا ڏاتارَ،
ھي سِر تهانَ ڌار،ٻيجل ڪَنهن نہ ٻوليو،
بيت - 12
پَسي پاٽُ پَر ٿيو، سَندو جادَم جَود،
مڱ وِھاڻيءَ مَڱڻا، مٿو ھِنئر موجُودُ،
بلڪَ آھي بوُدُ، ناقصي نابُودَ ۾.
بيت - 13
مَرُ تہ آئين مڱڻا، چڱو ڪيو تو ڪم،
خوش ٿي چوڙ خوشيءَ سين، لاھي غم وھم،
جو ھي ھڏو ۽ چَم، تنهن سر ڏني شرم ٿئي.
بيت - 14
ڪَنجهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو ولاتي،
ھَنئي تند حَضور ۾، تنهن پارِسَ پيراتي،
ڏِسندي ئي ڏياچ کي، ظاھر ٿيو ذاتي،
ڪَڍي تَنهن ڪاتي، وِڌو ڪرٽُ ڪَپار ۾.
وائي - 1
مَٿو ۾ کِيڪارَ يارَ، ڏاڻ ڏيندو سئين مڱڻا،
جاجڪَ جهونا ڳڙھہ ۾، ھَلُ تہ ٿيون يار،
متان ڪا منهنجي ڪَرئين، گلا جي گُفتارَ،
مٿي اُتي منهنجي، جي ھُوَن ٺَرَ ھزارَ،
ھَرَ ھَرَ وَڍيان ھيڪڙو، تُنهنجيءَ تَند تَنوار،
لڄندي ٿو لاھيان، ڪينهي مَنجهہ ڪپار،
اَديون عبداللطيف چئي، لَڳِيس لَنؤ لَغار.
فصل چوٿون
بيت - 1
تانُ نہ آھي تَند جو، رُون رُون ڪري رازَ،
ھَڻندڙَ سَندا ھَٿَڙا، سڀ ڪو چئي سازُ،
سَٽَ ڏيئي شهبازُ، ٿِيءُ تہ ٿوڪُ پرائِيين.
بيت - 2
تَند تُماريءَ تانُ، ڪَهيو سو قبولُ پيو،
سِرُ تہ آھي سَٽِ ۾، پَرَ ٻيو ڪي مڱج دانُ،
خاڪ مٽي ڪا بانُ، ڪاٽِيان پوءِ ڪجُهہ نَهين.
بيت - 3
گل ڇنَو گرنار جو، پَٽَڻ ٿيون پٽِين،
سَهسين سورٺ جهڙيون، اُڀيون اوسارين،
چوٽا چارَڻَ ھٿ ۾، سِرُ سينگاريو ڏِينِ،
نارِيُون ناز ڪَرِينِ، راجا راتَ رم ڳيو.
بيت - 4
ساري رات صاحب کي، ڳڙھہ ڀرَ ڳايائين،
اُٺَس ماڻِڪَ مينهن جئَن، ھَٿِ نہ ڇتائين،
تي لائق لڌائين، ھو مِيراثي مڱڻو.
بيت - 5
جي ميراثي مڱڻا، آءُ پڻ منجهان تن،
ڪي ڪَهہ منهنجي ڪَن، حرض منجهاران اُن جي.
بيت - 6
جو تو ڏيڻ ڏياچَ، لاھيو اِي سر سڀ ڪوڏي،
ڪي نانه جهڙو ني، جو سَندَ ٿِئي سُوالئَين.
بيت - 7
گُل ڇنوَ گِرنار جو، دٻڪي ويا دُئار،
ٻايُون دايون ٻانهيون، پٽيو ڪڍن پار،
پَئي رھيا پٽ ۾، سورٺ جا سينگار،
راڻين ۾ راڙو ٿيو، پَٽن پئي پچار،
ھهڙا راءِ کنگهار، ڪين ٿيندا ڪڏھين.
بيت - 8
گل ڇنو گرنار جو دٻڪي ويا دئارِ،
سهسين سورٺ جهڙيون، پٽيو ڪڍن پارَ،
ڪوڙين سندو ڪارڻي، آرين جو آڌار،
وسيلو ولهين، جو سڀني جو سردار،
اھڙو راءُ کنگهار، ڪڏھن ٿيندو ڪونہ ٻيو.
بيت - 9
راجا رات رم ڳيو، جُهونا ڳڙھہ جهوري،
ڏنو سِرُ ڏياچ، تنهن ڪُلهن تا ڪوري،
وٺ مَٿو تون مڱڻا، تندن سين توري،
جو گهُريئي سو جُڙيئي، ھاڻ مَ پؤ ھوري،
پُڄاڻ نہ توڙي، جيئن تو پير پرتيون پائيا.
بيت - 10
سورٺ مُئي سُکُ ٿيو، خيما کَنيا کَنگهارَ،
نَہ ڪو راڳُ، نہ رُوپ ڪو، نہ ڪا تند تنوار،
تهان پوءِ مڱڻهار،ڏِنو سر ڏياچ کي.
بيت - 11
سورٺ مُئي سک ٿيو، خيما ھنيا کنگهار،
ٿيو راڳ ۽ روپ سو، لڳي تندَ تنوارَ،
سو ڍٽين پٽين پارَ، پَسو راجا راضي ٿيو.
بيت - 12
راجا راضي ٿيو، تنهن ڏنا وڏا ڏانَ،
موٽي ڪاريا مڱڻي، طرح تُنبي کي تانَ،
مون وَٽ مال متاع جي، ڪَمي آھي ڪانَ،
ڪارڻ رب رَحمانَ، سِرُ وَڍي سُلطان ڏي.
بيت - 13
وُڍ سِرُ، ٿي سَرھو، مُڪي مَ ڳاءُ،
جاجَڪَ تو مَٿانءُ، مُلڪ مڙيوئي گهوريان.
بيت - 14
مٿي اُتي مُنهنجي، ھَوا سِرَن سَوَ ھزار،
تہ تُنهنجي ساڻُ تنوارَ، ھر ھَر وَڍيُم ھيڪڙو.
بيت - 15
ڏيَڻَ گهڻو ڏھلو، سسي ڏيَڻ سک،
سو تان ڏياچَ ڏک، جو تعلق رکي تَند سين.
بيت - 16
جو تعلق تند سين، سو ڪي پَلَئہ پاءِ،
مون کي مَ موٽاءِ، اَڳاھون آئيو.
وائي - 1
ڪينو مين آکان ٻولِڪي، اَڙي اَڙي گھايلِ!
ڪِيتي مَين سُول سَڄڻ دي،
چنڊ جو چڙھيا ڪُل عالم ديکي، رانجُهو لڌم ڳولِڪي،
مين رانجهن دي، رانجھن ميڏا، کيڙا گهتڙيم گهولِڪي.
وائي - 2
ڪينو آکان، ڪوئي نہ بتاوي بات،
هيُ واٽڙو لوڪو! ني اپني صاحب دي!
چارڻ تينون امل ڏيوان، ڇوڙ مٿي دي بات،
چارڻ آيا چنگ بجايا، جاجڪ سائي ذات،
چارڻ آيا چنگ ٻرايا،ڪري هٿ ۾ ڪات،
چارڻ آيا، سِرُ ڪاٽ ليجايا، کوءِ وي چارڻ ڪي ذات.
سُر بيراگ ھندي
فصل پھريون
بيت - 1
پک نهين، پاوَر نهين، پهچ نهين، بي دورِ،
اُڏر نہ سَگهان سکيان ڙي، مَران سُور پسوڙَ.
بيت - 2
پَر ھووَنُ تہ اُڏر ملان، مُتجهہ نَت نَت ماري پيڙَ،
جيوَن جَيوَن ساڄنَ سَنڀران،تيوَنَ تيوَن لاگن تِيرَ.
بيت - 3
سَجَن بَڇليا، دن ھُئا، رَين پَڙي ظُلماتِ،
ڪهو تو قيامت دور ھَيءَ جا پئي آئي ساٿَ.
بيت - 4
سڄڻ بِڇلن ڦِر ملَڻُ ڪيا جانَونِ ڪَب ھوءِ؟
لوڪ مرنا ايڪ ھَي، مُجَهہ نِت نِتَ مرنا ھوءِ.
بيت - 5
ساجن گئي، دو دن ڀَئي، مينَ جانُون ورس پچاس،
ڀولي پوڇي پنڊتا، دنِ مين ڪِتلي ماس.
بيت - 6
ساجن ساجن ڪر رَھي، چَلي نہ ساجن ساٿ،
دکان ڪارڻ ھو رَھي، مَرگ نہ ميري ھاٿ.
بيت - 7
ساجن آئيا ھم سڻيا، ڪيا لي چَلُون ساٿ؟
سيس اُتاري پئي ڌرون، مُجهہ ميري ايهہ بسرات.
بيت - 8
ساجن آئيا ھم سڻيا، ڪَيسي جڳت ڪَرون،
ٿال ڀَري سَچ موتيان، اُوپر نينَ ڌَرُون.
بيت - 9
سجن تُم مَت بساريئي، ھَم لاگي تيري پانء،
ھمَ جَيسي تم بهتُ بساريئي، تم جَيسي ھم ڪانه؟
بيت - 10
سولَ بهانا، دُک ڏولِيا، برهہ ھمارا ليک،
آءُ ساجن تم ديک، ھي ھمارا جيونا.
بيت - 11
گرو- گوبند دونو کڙي، مَين ڪسڪي لاگون پانءُ؟
ھم بلهاري اُس گروڪي، جس گوبند بتايا نانءُ.
بيت - 12
گرو گوبند ڏُوھين کڙي، پاگين لگان مين ڪانه؟
مين واري تِسِ گرو ڪي، جس ني گوبند ملايا مانه.
بيت - 13
ليدي، پَر لاگي نَهين، ڦُوڪ بانسلي مانه،
گرو بيچارا ڪِيا ڪري، چُوڪ چاڪري مانه.
بيت - 14
ڪاتي لاگي ڪَرم ڪي،ڪس ڪُون ڪهي نہ جاءِ،
جيئن گونگي نو سَپنا ڀَيا، ٻَئن پچت پچت تن مانه.
بيت - 15
ڪالُو ڪال تب مَٽئي، جب صقلي ڪي گهر جاءِ،
اَنجن ڪا منجن ڪريئي،ڪل مين ڪُرُنڊ لگاءِ،
مانجئي اِس تن ڪون، مت مورچا پڙجاءِ.
بيت - 16
چمار ڪي گهَر چندن گيا، نَت نَت ٽانگي چام،
چندن بيچارا ڪيا ڪري، جب پڙا نيچ سين ڪام.
بيت - 17
صاحب تيري صاحبي، گهٽ گهٽ ري سماءِ،
جيون ميندي ڪي ھاٿ مين لالي لڳي ھر جاءِ.
بيت - 18
ساجن ڌاڳا پريم ڪا، مت باني ڇيتراءِ،
ٽُوٽي پيڇون سانڍيئي، گانٺ بيچ رھجاءِ.
بيت - 19
اَري ڪبيرا ٻاھر ديک، لائيي انتر تو يي نام،
ڪام ڪيا ھَيءَ لوڪ سين، جو بڙي ڏري سين ڪام.
بيت - 20
آھہ ڪُرون، تان جَر جَلي، مُشڪ ڪرون، تان جيءُ،
ڪو ھووي سخي رَبَ ڪا، جو مُجهہ آڻي ملاوي ايءُ.
بيت - 21
آھہ ڪرون تو جڳ جلي، اَور چُپڪي لاگي گهاءُ،
ايسي ڪَٺن سنيهہ سين، نِت نِت ڪَرون اُپاھہ.
بيت - 22
پيُ پيُ ڪر نہ پَيها، پيُ ڪا نام نہ لي،
مَٽا ڪَو وادي ھووي برھہ ڪا، جو پيُ سُڻئي جيُ دي.
بيت - 23
برھہ بُرا مَت ڪوڪهي، برھہ ھَي سُلطان،
جس گهٽِ بِرھہ نسپَجي، او گهٽ ھَي مَستان.
وائي - 1
آڻ ملاوي ڪو، ماڪون ري پيا،
جيوي جاني دائم قائم، دوست اسانڏا موري جِيا.
فصل ٻيون
بيت - 1
اُس مرني تُون ڪيا روئيي، جو گهر اَپڻي جاءِ،
رووي تہ بنڌي آپ ڪُون، جو ھاٽِ ھَاٽِ بڪاھہ.
بيت - 2
جِس مرني سين جڳ ڏري، وہ مَرڻ ميرا آنند،
ڪب مَرئيي، ڪب پائِيي، پُورڻ پَرمانندُ.
بيت - 3
مَرڻ ھي آسان، مُجهہ ڪون انديشا اَورُ،
پيُ سين پهتا جو نهين، ڪيا بيٺي ٺُورُ؟
بيت - 4
مَرنا مَرنا ھَر ڪوڪَهي، مَري نہ جاني ڪوءِ،
ايڪ وار ايسا مرئيي، جو ڦِر نہ مَرنا ھوءِ.
بيت - 5
نَينا تُم نينين بَسو، دُورِ تہ ھينئڙي مانهہ،
ساجن بِڇليا جو ڪهي، پريت جانت نانهہ.
بيت - 6
ساجن ميرا ايڪ ھي، دُوجا ڪَرُون نہ ڪوءِ،
دوجا سان تَب ڪرون، جَب ڪَل دُوجي ھوءِ.
بيت - 7
اِيءَ ڪاھُوڪي ريت، جئن ساجن بڇليا نہ مليا،
ويکو ڪاٺون ڪي پريت، جڳُ ڦٽا، ساريُ مُئا.
بيت - 8
حد حد چَليا ھَرڪوءِ، بيحد چليا نہ ڪوءِ،
بيحد ڪي ميدان ۾، کڙا ڪبيرا روءِ.
بيت - 9
ڪَوا سڀ تن کائيي، چُن چُن کائيي ماس،
دو نينا مَت کائيي، جن سين پَيا ملن ڪي آس.
بيت - 10
سڌارو تو سڌ ڪرو، بيٺا اَلڳ سيباءِ،
زبان ھماري ڪاٽ لو، ھم ڪا پي ڪر جاءِ.
بيت - 11
سَمَن ڳٺڙي ڌُول ڪي، رھي پَوَن سين ڦول،
دو گهڙي ڪا ديکنا، آخر ڌَول ڪا ڌول.
بيت - 12
ساجن ھماري پاس ھَي، مين ڍُونڍُون ديس بديس،
ساجن بسي سرير ۾، ڍَونڍُون مارڪر ميس.
بيت - 13
ساجن ھماري پاس رھي، دِن ٿوڙي دَس بيس،
ايڪ ايڪ لاک برس ڪا، اَيسي ھون دِن تيس.
بيت - 14
ساجن پريت لگاءِ ڪر، ھرگز دُور نہ جاءِ،
تيري دشمن دُور ھون، تيري دُور بلاءِ.
بيت - 15
ساجن پريتِ لگاءِ ڪر،ڦر تُون دُور نہ جاءِ،
بَسو ھماري نَگري، ھم بن تُم ھيءَ ڪاءِ.
بيت - 16
ساجن ايسي پريتَ ڪرو، جَيسي ڪَکَ مسيت،
لاتين ساٿ لتاڙيئي،ڇوڙين ناھہ پريت.
بيت - 17
ساجن ايسي پريت ڪرو، جيسي ورکَ ڪرين،
آپ جَلين سر ڌُوپ ڪي، اَوران ڇانؤ ڪَرين.
بيت - 18
ڪبيراڪَل جُگ پڙا، ساڌُو بني نا ڪوءِ،
گامين ڪروڙين مَسخري، تن ڪي پُوجا ڪوءِ.
بيت - 19
ڪال سجن ڪي بانهہ پر، ڪڀو ڪيسي نہ بهي گانؤ،
ڊرتي ڊَرتي ڊَر رھي، جُون ترور ڪي ڇانؤ.
بيت - 20
ديانت ڪو سڀ دُک ھي، اديانت ڪو ھَي راج،
برون سين ڪيا بولنا، جن پيٽ ڀَرن سين ڪاج.
بيت - 21
سائي صُورت عَين ڪي، سائي صورت غَين،
سَمن نُقطا دُور ڪر تو وہ عَين ڪي عَين.
بيت - 22
سڀ جڳ ٻانڌا ڪاچي ڌاڳي، ڪوئي وِڙلا ڇُوٽا،
اَوَجَهڙ چليا سو گام پهتا، راھہ چَليا سو لُوٽا.
بيت - 23
پِريتَمَ پريت لگائڪي، ديسان دُور نہ جاءُ،
رہ ھماري نگري مين، مَين مانگُونَ تُم کاءُ.
بيت - 24
ساڌُوڪي سنگت ڀلي، کوءِ مورک ڪا اِخلاصُ،
ساڌو ماري، گن ڪري، دل ۾ رکي تپاس.
بيت - 25
ساچي جَڳ راچي نهين، جوٺا مني نہ رام،
ڪَهو ڪبيرا ڪيسا بنون، دونون ڀاري ڪام.
بيت - 26
ڪبيرا يي جڳ جاتا ھي، جانسون راهه ڀُلا گيسوار،
ھَر سين پوڄا آرسون، ڪاج سُون ھوشيار.
بيت - 27
ڪبيرڪبير ڪيا ڪَرو، سوجهو آپ سَرير،
آسا تِرشنا بَس ڪرو، تم ھَي داس ڪبير.
بيت - 28
ڪڀي ڪِسونَ ڪو نہ رِھي، گل سجنَ ڪي بانؤ،
ڊُلتي ڊُلتي ڊُل رَھي، جئن تَرور ڪي ڇانؤ.
بيت - 29
جس منڊل مين ساڌو نهين ھَر ڪي ڀڳت نانه،
او منڊل مَسواڻ ھي، ڀوت وَسي اُس مانه.
بيت - 30
ساڌُو چَليا، ٺڳ رھيا، ٺڳڀي چَلڻهارُ،
آئي اُسي ڪي وارَ، جو ساچي ڪون جوٺا ڪهي.
بيت - 31
ٺڳ چَلي ٺاڪر چلي، چلي ٺڳڻهارَ،
آئي تِهان ڪي وار، جو ساچي ڪون جوٺا ڪهي.
بيت - 32
سَپَنا تُمَ جوٺا ھَي، جوٺا سارا انيڪ،
جَب سوئُون تب دو جني، جب اُوٺون، تب ايڪ.
بيت - 33
سَپَنا تُم سُلطان ھو، اُتم تيري ذاتِ،
سو ڪوھين ساجن بَسي، مُجهہ آڻ ملاوين راتِ.
بيت - 34
تن مهي مَن ماٽڪي، ھَم تُو بلوڙنهار،
مکن ڪبيرا کا گيا، ڇاڇَ پَيئي سَنسار.
بيت - 35
نانڪ ڌنڌا نِت نَيا، سُک نِهين دِن رات،
ڪوڙي حرص ھَوا نهين مٽتي، نہ ڪُجهہ ھاٿ نہ ساٿ.
بيت - 36
سانچ برابر تَپِ نهين، جوٺ برابر پاپ،
نانڪ جس ھَردي سچ بسي، اُس ڪي ھردي آپ.
بيت - 37
ناڪُجهہ ليا دُنيا ني، نا ڪُجهہ ڪَڍ ديا،
دوھي گئي اي نانڪا، ھٿون سنگُ گيا.
بيت - 38
تُلسي طلب نہ ڇوڙيئي، موتُ رزق سڀ ھاٿ،
ڪيا جڳت سي رُوٺنا، قلم اُسي ڪي ھاٿ.
بيت - 39
تُم چلو ھَم آوتي، ڪيسي ڪٿو ڪَٿ،
تيرا ڪاغذ بانچَيا، ميرا ڪاغذ ھَٿِ.
بيت - 40
تُم داتا ھَم مانگتي، ھَم مَورک مَتِ نهين،
ميري توڙي تُم گنڊو، تُم مت ميري ڇينِ.
بيت - 41
جلتي جلتي جل رھي، جلتي جلي نہ جاءِ،
اگن دو دي جَل بُجهي، جلڪي دَو دي گَٻ جاءِ.
بيت - 42
گيا جو بن مانُ، جٿي سڀ جڳ موھيا،
سوئي تير ڪمان، مارا پَرَ لاگي نهين.
بيت - 43
اَٺ پهر، چَوسٺَ گهڙي، لوھو برست نَينَ،
سمن بڙڇي پريم ڪي، جب لاگي تب چينَ.
بيت - 44
ڪاغذ نھين، ڪِ مَس نهين، ڪ ديس تَماري ريت؟
لِکڻ ڪَنون آرس ڀَيا،ڪِ ڪٽڪا ڀَئي پريت؟
بيت - 45
ڌرتي سڀ ڪاغذ ڪَون، ليکڻ ڪرون وڻراهہ،
سارا سمنڊ مَس ڪرون، تان ايڪ گُن لکيا نہ جاءِ.
وائي - 1
راہ مسافران، وي واٽ مُسافران، لُٽيا، وو ميان!
دور گيان دي خبر نہ ڪائي، پُڇ پُڇ جو ويندا تُون، مَين ھٽيان.
ڪوئي آوي، خبرسناوي، لڳ لڳنديان مين چٺيان.
وائي - 2
اوي نَهين رَھندي يار، نهين رھندي، سَجن نال اَٽڪي،
وو نهين رھندي،
لُٽ ڇُٽي نُون در ويراگن ھوئي، گُل وچ پاوَن ھو پٽڪي،
ويکو معشوقان دي، ويکو محبوبان دي ھو لٽڪي.
وائي - 3
جوگي ڪس ڪا نہ مِيت، سامي ڪِس ڪا نہ مَيت،
جان تيري، يار جان تيري،
ناڪا ھوسين ما، نا ڪو پي، اور نا ڪا ھوسين پِريت،
برہ لائي ري گيا، اِس مَنڊل مين ڪائي ريت،
جس سَنگ چَلي، اُس ڪون جَلي، انا سجن موري پيت،
اَنا سجن ميري پاتي گلي، ناٿ نميا ڪوئي نيت.
فصل ٽيون
بيت - 1
دادُؤ دعويٰ ڇوڙ دي، تہ ھووي خَيري ڪا خيرُ،
نہ ڪسي ڪي دوستي، نہ ڪسي ڪا وَير.
بيت - 2
دادو دعويٰ ڇوڙ دي، بن دعويٰ دنِ ڪاٽ،
ڪِتني سَودي ڪر گئي، اِس پاساري ڪي ھاٽِ.
بيت - 3
ساڌَو مليا، تو ھَرِ مليا، انتر رَھي نہ ريکَ،
رام دُھائي سچ ڪَهَون ساڌو آپ انيڪُ.
بيت - 4
ڪَنَن ڪَسوٽي پَيُ ڪي، جوٺا ٽِڪيا نہ ڪوءِ،
جو جِيتا ئي مرَ رھي، سَتمُک پاوي سوءِ.
بيت - 5
ساڌُ سَڏاوَڻِ ڪَٺن ھَي، مَت ڪو ساڌُ سَڏاءِ،
ساڌ تب سَڏائيي، جب جيتا ئي مَر جاءِ.
بيت - 6
جس بن ڪا ساجن پڪي، اُس ڪا ٿُيون مينَ ساک،
ساجن پيا جو ھووي، بَن بَن ٿيون مين لاک.
بيت - 7
سکيا پر سمجها نهين، متيا مَنَ ڪي موھہ،
ايهہ پارَس پگ پهتا سهي، رھيا لوھہ ڪا لوھہ.
بيت - 8
بانُ جھروڪي گر پڙا،ڦر نھ جھروڪي جاءِ،
سجن مَن سين اُتَر گيا، گر پاس بسي تو ڪيا.
بيت - 9
سجن ملا ڀي، بهوتُ، نالي ملي انيڪ،
جس ديکي ڇاتي ٺري، سو لاکن مين ڀي ايڪ.
بيت - 10
ڪاھُو ڪي ڪُڇ بس نهين، ڏوري پريم ڪي ھاٿ،
جُون جُون ناچي باندرا، بازيگر ڪي ساٿ.
بيت - 11
مانگ ڪر لي پسيو ڪرئا، ڀُول بڙي سنگ مُوڇ،
رام نام جانتي بن، بَچ داڙھي دو مُوڇ.
بيت - 12
ڌَنڌَن مڙھي ساڌُوڪي، جس مين اُٺت بَيٺت رام،
جو مانگي ڪَرڀلا، جو ھينگ بتاوي کام.
بيت - 13
نہ من ھلي، نہ مالا ھلي، نہ مُک سي بولي رام،
اَنترڪي گهٽ لگ رھي، تو ڪيا بڪني سي ڪام.
بيت - 14
گرُو مري تہ ھَم مَران، نات ميري مري بلاءِ،
ھم اُسي کا ٻالڪا، جو مَري نہ مُرنا جاءِ.
بيت - 15
بُلُبل رووي رَين دِن، ڪَهان ڀَئي گُلزار،
اُن ڪون قِيَامت آج ھَي، جِن ڪون بڇلي يار.
بيت - 16
ڪون سُني، ڪِس نون ڪَهون، موري تَن ڪَي بات،
موري تن اندر بچون، ايڪ ڪَروتَ آوت جات.
بيت - 17
تيري تو نيَنا بسي، دُور تهيري مانهہ،
سڄن بڇڙيا جو ڪهي، پريت جانَت ناھَ.
بيت - 18
جِس ديکي پاپ نہ رھي، سوئي بسي سرير،
سوئي سجن ديکئي، جو تن طاقت مَن ڌِير.
بيت - 19
لااله ڪر آرِسي الاالله سي ديک،
مَحمدؐ صورت ربَ ڪي، اُس مين ميم نہ ميک.
بيت - 20
ڪاغذ ٿورا نينهن گهڻا، مس سي لکا نہ جاءِ،
ڇاگر مين ڪا پاني، ڪاگر مين نہ سماءِ.
بيت - 21
ڪايا ڪُون ڪاغذ ڪرُون ليکن ڪرُون ايڪ انگ،
دو نينان ڪي مسُ ڪَرون ھرگز لکي نہ سنگ.
بيت - 22
پاس نہ بيٺو پار ڪي، انگ نہ لاڳو پان،
تو پُوڇُون پنڊتا، ڪس پر گيو پر ان.
بيت - 23
جَل ٿوڙا نينهن گهڻا، لڳا پريم ڪاٻان،
تُم پي تُم پي ڪر، رھي اُس پر گيا پران.
وائي - 1
درد نہ جاني ڪوئي، لوڪَ بيگانا،
گهايل ڪي گت گهايل جاني، اور نہ جاني ڪوئي،
گهايل جب ماھر مليا، رام سنگت رَس سوئي،
ماري جو مينَ کي، ھي صاحب تين سوئي،
آلاڦٽ فراق جا، ڌڪ ڦٽا ڪر ڌوئي.
ابيات مثنوي
ابيات مثنوي
بيت - 1
”ڪَيفَ مَدالظل“ نقش اولياست،
ڪو دليل نور خورشيد خداست.
بين کہ اِسرافيل وقتند اوليا،
مردہ راز ايشان حيات است ونُما،
اوليا را در درون نَغمهاست،
طالبان را زان حياتِ بي بهاست.
نغمهائي اندرونِ اوليا،
او گلوبند کہ اي اَجزائ لا.
اوليا را خواب ملکست اي فلان،
ھمچو آن اَصحابِ کهف اندر جهان.
اوليا اصحاب کهفند اي غُنُودِ،
در قيام و در نقلب ھم رقُود.
اوليا را ھست قُدرت از الله،
تير جَستہ بازِ گردانند ز راہ،
دست را مَسُپارَ جز در دستِ پير،
حق شدہ ست آن دست اورا دستگير.
دست تو از اَهلَ آن بيعَت شَودَ،
کہ ”يُداللهَ فوق اَيدِيهمِ“ بُودَ.
مَثنوِي ما دکان وحدت استِ،
غير واحد ھر چہ بيني، آن بتُ اَست،
مثنوي المعنوي المولوي،
ھستَ قرآن در زبانِ پَهلوي،
اندرين وادي مرو بي اَين دليل،
”لا اُحب الاَفِلِين“ گو چون خليل.
روزَ سايہ آفتابي را بياب،
دامنِ شہ شمس تَبريزي بَتاب،
خود غرض زين آب جان اولياست،
گو غُسُول تيرگِهائي شماست،
آب خِضر از جوئ نطُقِ اوليا،
مي خوريم، اَي تشنئہ غافل بيا.
اَي فلان مارا بہ ھمت ياد دار،
تا شويم از اوليا پايان کار.
آن خيالاتي کہ دام اولياست،
عَکس مهرويانِ بُستانِ خداست،
اَبلهان تَعظِيم مسَجد مي کنند،
در جفائ اھلِ دل جد مي کنند.
مسجدي کاندرونِ اولياست،
سجدہ گاھہ جملہ آن جائي خداست.
اوليا اطفال حقند اَي پسر،
در حضور و غيبِ آگه با خبر.
گفت اَطفال مَنند اِين اوليا،
در غريبي فَرد از کارُ و ڪيا.
رُتبہ انسان بدستِ اوليا،
سُفيہ خون حيوان شناسش اَي ڪيا.
جانهاي اين دلق پوشان منند،
صد ھزار اندر ھزار و يک تنند،
اوليا اھل دعا خود ديڪرند،
گه ھمي دوزند و گاھي مي درند،
قوم ديگر مي شناسم ز اوليا،
کہ دَھنِ شان بستہ باشد از دعا.
ھر کہ خواھد ھم نشيني با خدا،
ڪو نشيند در حضور اوليا.
جون شوي دور از حضورِ اوليا،
در حقيقت گشتئہ دور اَز خدا،
يک زمانہ صحبت با اوليا،
بهتر از صد سال بودنِ در تقيٰ.
از حديثِ اوليا نرم و دُرشت،
تن م پوشان، زانکہ دينت راست پُشت.
ناز خندان باغ را خندانِ کُند،
صحبت مردانت از مَردان کند.
گر تو سنگ سخرہ مَرمَر شوي،
چون به صاحب دل رسي، گوھر شوي،
مهر پاکان درميانِ جان شان،
دل مدہ اِلا بَمهَر دل خوشان،
رو غذائي دل بدہ از ھمدلي،
رو بجو اِقبال را از مقُبلي.
دست زن در ذيل صاحبِ دَولتي،
تا ز اِنعامش بيا بي رفعتي.
نور حق ظاھر بُودَ اندر ولي،
نيک بين باشي، اگر اھلِ دلي.
گر ولي زھري خُوردَ، نوشِي شود،
وز خورد طالِبِ سيه ھوشي شود.
ناقہءِ جسم ولي را بندہ باش،
تا شوي با روح صالح خواجہ تاش،
چونکہ بي رنگي اسير رنگ شد.
موسي با موسي اندر جنگ شد.
چون بہ بيرنگي رسي کان داشتي،
موسي و فرعون دارد آشتي،
علم اھلِ دل نہ از مکتب بود،
بلکَ از تلقينِ خاصئہ رب بود.
بي کتاب و بي حساب و بي اَديب،
اوليا را حق کند علمي نصيب.
اين نمي بيني کہ قرب اوليا،
صد کرامت دارد و ڪارو ڪيا؟
مثنويَ ما دُکان وحدت است.
وحدت اندر وحدت اندر وحدت است.
رحمت الله بر جنازہ مولوي!
داد قرآن را لباس پَهلوي.
من چه گويم وصفِ آن عالي جناب،
نيست پيغمبر ولي دارد کتاب.
اِنتي اَبصرت في النوم الرسُول،
في يَدَيه المَثنوي وَھَوُ يَقولُ:
”صَنفَ الڪتبُ الڪِثيرُ المعنِوي،
لَيسَ فِيها ڪالڪتاب المثنَوي،“
بنالد بلبلِ مسکين، کہ از گلزار دور افتد،
قيامت آن زمان باشد، کہ يار از يار دور افتد،
دل بدست آور، کہ حجِ اکبر ست،
از ھزاران کعبہ يک دل بهتر ست!
کعبہ بنگاہ خليل آزرست،
دل گزرگاہِ جليلِ اکبرست،
ھزار بار بشويم دھن ز مشک و گلاب،
ھنوز نام تو گفتن کمال بي ادبي است.
وائي - 1
مَلِکا ذکر تو گويم، کہ تہ پاکي و خدائي،
نروم من بجز آن رہ، کہ تو آن رہ بنمائي،
تو خداوند يَميني، تو خداوند بَساري،
تو خداوند زميني، تو خداوند سَمائي.
ھمه در کار تو پُويم، ھم از فضل تو جَويم،
ھمه توحيد تو گويم، کہ بتوحيد سَزائي.
تون زن و جفت نجوئي، تو خور و خُفت نخواھي،
احدا بي زن جُفتي، مِلکا ڪامر روائي.
نہ نيازت بہ ولادت، نہ بفرزندبتو حاجت،
تو جليل الجبروتي، تو اَمير الامرائِي،
تو حَليمي، تو کَريمي، تو سَميعي، تو بصيري،
تو مُعزي، تو مذلي، مَلڪُ العرش عُلائي.
تو کَبَيري، تو خبيري، تو لَطيفي، تو رحيمي،
تو غفوري، تو کَريمي، تو بَشايان ثنائي.
ھمه عزِي و جَلالي، ھمه ذوقي و کَمالِي،
ھمه نوري و سروري، نہ ترا چون وَچرائي.
نہ ز خاکي، نہ ز بادي، نہ ز آبي، نہ ز آتش،
نہ مکاني، نہ منازل، نھ نشيني، نہ بپائي.
نہ سپهري، نہ کَواکب، نَہ نَجومي، نہ دَقائق،
کہ منم باھمہ پَر عيب، تو از عيب جدائِي،
نہ ترا خفتن و خوردن، نہ ترا شرکت شاھي،
نہ ترا صورتِ رنگين، نہ ترا عيب و خطائي.
ھمہ را غيب تو داني، ھمہ را عيب تو پوشي،
ھمہ ر رزق رساني، کہ تو با جود و عطائي.
”اَحَدَ ليسَ ڪمثلي، صَمَداليَسَ لي ضِدِي،
لمن المُلڪ“ تو گفتي کہ سزاوار خدائي.
تو بدي، خلق نبودہ، نہ بود، نيز تو باشي،
نہ توان وصف تو گفتن، کہ تو در وصف نيائي.
نتوان شرح تو گفتن، کہ تو در فهم نہ گُنجي،
نہ تو بخوري ونو خسپي، بکاھي، نہ فزائي.
لب و دندان سنائي ھمه توحيد تو گويند،
تو مرا ز آتشِ دوزخ زکرم باز رھائي.
سُر ھير رانجهو
فصل پھريون
بيت - 1
رانجهَنَ والا زھر پيالا، ڳُجهڙي آيَم ڀاڄي،
ماءُ پي ڪَنُون چوري پيتُم، ڪِيتُم روحُ راضي،
دل دي قَضا دل جاني، تون ڪيا جاني قاضي؟
بيت - 2
سُڻ وي سَگ، مَين سگ تيڏي، تون سگ ميڏي، دلبر دي دَر دا،
کائندي طعامُ، سَٽندي لُقمان، تيڪُون پاڪ نظر دا،
اُن لقمان وچون ھڪ لقما ڏيوين، تان ٿِيوي قُوتُ قبر دا.
بيت - 3
دَردَ وندان دِي دَرَ تي، مَين ڪَک گلِي دا ٿيوان،
لڳي واءُ، تھ مَين اُڏر، چُلهہ وچ چاء سَٽيوان،
ميري محبوب ڪَرين ارانڀي، ھُو ڦُوڪِين تہ مين جِيوان.
بيت - 4
چولي ميلي، صابُنَ ٿولا،ڪتلي ململ ڍووان؟
سيني اندر داغُ رانجهن دا، جيوين ديکان، تيوين رووان.
بيت - 5
مَرديان رانجهن مُر ويسان، مُڙ ھيرَ سڏيسي ڪهنُون؟
تيرا شوقُ نال منجهيان دي چيٽَڪُ لايا مَينوُن،
ڳلي اَسانڏي آءَ ميان سجَنا، ول وَل تاءِ نہ مَينُون،
تو جيها رانجها مينون، اور نہ ڪوئي، مين جيهيان لَک تينُون.
بيت - 6
تَنُ ڀي ٽُڪڙا، مَنُ ڀي ٽُڪڙا، جئن دَرزيان دِيان لِيڙان،
اُن ليڙان وچون ڪفني سبيسان، ڄُلَسان نال فقيران،
تو جيها رانجها اور نہ ڪوئي، مين جيهانِ لَک ھِيران.
بيت - 7
رانجهن مَيڏا ھوءِ بحري يا شڪرا، تہ مَين بَن بَن طَعما ٿيوان،
ڪري ڪلاچا ليجاوي، مينُون کاوي، تَہ مين جِيوان.
بيت - 8
داغُ دَرُوني سوزُ ماھي دا، گهِن قبر وچ ويسان،
کيڙي دي مَين موُل نہ ھوسان، جي وچ دوزخ سَڙسان،
مَنڪر تي نَڪير دي، اڳيون، حرف اَھوئي پَڙھسان،
شاہُ رانجُهو مَينُون آڻ مِلائو، جو شاہَ آکيا سو ڪَرسان،
رخصت ٻاجُهون يار رانجهو دي، وِچ جنت دي نہ وڙسان.
بيت - 9
چُوٽي چوڻين مَک نہ دلبرَ، ڇَوڙ تہ ھوون سادي،
ڏون نينان دي ويکڻَ ڪِيتي، وِسيهر نانگ ورادي،
جي ڀِني، سي پن ڇٽي، جي کَڙي سي کاڌي.
بيت - 10
ڪِٿ اَسان، ڪِٿ يار اسانڏا،ڪٿ ياراندي وَستي؟
رانجها کَسڻَ کيڙاڏَسڻُ، ويک ڄَٽاندي مَستي،
ساري جڳ وِچ ھڪ دوست ڪِيتوسون، لوڪ تنانُون خَستي.
بيت - 11
اَسان لوڪاندي ڪاڻ نہ ڪائي، لوڪ اسان نُون وڳي،
ٻَڪري وانگر آپ ڪُهايو سي، بيقدراندي اَڳي،
ڪَڍ ڪتاب، قاضي کول مسئلا، عشق شرع ڪيا لَڳي؟
بيت - 12
قاضي ڪَڍ نہ ڪاتي،ڏي نہ دڙڪا، مَين ڪُسڻ قبول ڪريسان،
ماھي ڪيتي مَوت قبوليا، کيڙي مَول نہ ويسان،
جي رانجُهو ميَنون سڏ ڪَريسي، تہ مين ڪُٺِيائي سَڏ ڏيسان.
بيت - 13
چنڊ مُبارڪ تناڪُون ڪيهي يار جناندي رٺَي،
ڳلي ڪُوچي ڦرن نماڻا، ڏون نَيناندي ڪُٺي،
سَڄڻُ سانوڻ مينهن جُيون ڪيا ڄاڻان ڪِٿ اُٺي؟
بيت - 14
لِکِ ڪتابَ تَيڪُون ڏيوان، جي دلبر نُون پهچائِين،
جيوين آکان، تِيوين آکين، ويندي پَل نہ لاوين،
ڳل وچ ڪپڙا، شيرين زَباني، دست پيران تي پائَين،
تہ مين سر صحيح غلام تُساڏا، دلدي مهر نہ لاھين.
بيت - 15
الف الله، تي ميم مُحُمدُ، عين علي ڪر جانا،
عرشان لٿا چار ڪتابان، پڙھيا مسلمانان،
وچ تنان دي زيران زبران، مين ڪهڙا حِرف سُڃاڻان؟
قلم رباني دا لِکئيا ڪوئي ميٽي، مين مَردي تنهندي ڄاڻان.
بيت - 16
ھڪ جو سَنهڻا ٻيا دلدا ڏاڍا، ٽيجي بي پروائي،
آہ ڪڍان تان جڳ ملي، ڪُوڪان دادُ نہ پائي.
بيت - 17
ڪالي وال، لطيفان والي، اڳيان ٻَرَن مَشعلانِ،
نَڪ ديان نوڪان، ڏيون چوڪان، وَلوَل ڪُهن ڪنگالان.
بيت - 18
عشقَ ڪَنُون ٽي ٽولَ پرايم، ٺَڱڻ، سُورَ ٽيا سُمهان،
وَتڻ ڪَنون ٻاٻَل پلي، ڪَتَڻَ ڪَنُون امان،
جي مَين ڄاڻان، عشقِ ڏُھيلا، تہ ننڍڙِيائي مر وَڃان.
بيت - 19
حاڪم ٿيوان، حڪم چَلاوان، عشق اِجاري پاوان،
جوڪوئي عشق نہ ڄاڻي، سو سڀ قتل ڪراوان.
بيت - 20
درد وندان دي بٺي تَتي، ٻالَڻ والي ٿولي،
نَنڍي لاڪر نِينهُن لايو سين، چڻنگ پَئي وِچ چولي،
بخِشين بَخشَڻَ والا، نِينهُن لايو سون ويسَرَ ڀولي.
وائي - 1
سَمجھھ نہ لايا نينهنِ، ماھي ڙي، مين سَمجهہ نہ لايا،
رات انڌاري، حاڪم ڏاڍا، جُهڙِ ڦُڙِ وَسندا مينهُن،
چَلان تہ ڀِڄي چولڙا، وَلان تہ ٽُٽي نِينهُن،
سيني اندر داغُ رانجهو دا، ٻيلي گجَندا شينهن.
وائي - 2
وو رانجها ھِيرَ بيراڳڻ ھوئي،
راجهن مَٿي جو لِعل بوڇڻ، ھير مٿي جا لوئي،
جنهن تڙِ رانجهن منجهان چاري، ڪو تڙ سونهائيمِ سوئي.
سُر بَروَو سنڌي
فصل پھريون
بيت - 1
ڇاکي وڃيوڇو،ٻيلي رھين ٻين جو،
وٺ ڪَنجَڪَ ڪريم جي، جَڳَ جو والي جو،
سهکو ھوندو سو، جنهن جو عشق الله سين.
بيت - 2
دلبر دنيا دار، ٻنهي اثر ھيڪڙو،
ھُن کي حاڪيماڻي ھٿ ۾، ھيءُ صورت جو سينگار،
اِيءُ عشق جو آچار، جو دانَهہ ديوانا ڪري.
بيت - 3
جئين سا ڪاني ڪانهن، لُوسندي لاتُيون ڪري،
اچي پيئي اوچتي، درد پريان جي دانهن،
ويڄ ڏنڀين ڇو ٻانهن؟ سُور ھيئن کي سامهون!
بيت - 4
وڃڻ دَر دوستن جي، ھَر ھَر ھوڙائي،
پاڙي ڏانَهن پرين جي، اُجهہ مَ اَوائي،
اَلَڙُٿي مَ آڇ تون، واٽهڙن وائي،
لائيندي لطيف چئي، سوران سرھائي،
ڳجهو ڳالهائي، پرت وٺجي پاڻ ۾.
بيت - 5
سَڏُ تنهنجا سپرين، آءٌ ٿي سُڃاڻان،
توکي ڏسيو سپرين، دعويٰ ڪن گهڻا،
آءٌ ٿو ھي ھڻان، تہ تُون ڪنهن جو ٿيندين سپرين.
بيت - 6
ساھھَ وٺي وئين سپرين، ڪري قزاقي،
دِلبر دِل کسي وئين يار ٿئين ياڪي،
جاڙ مُون ضعيف سين، تو جانب ڏس جاڪي،
ھت بت رھيو باقي، تُون ساھہُ وٺي وئين سپرين.
بيت - 7
پَرَ وَسِ ٿيمَ پرياڻُ، پرين وَس نھ پانهنجي،
لڳي ڪين، لطيف چئي، ڇَپَرُ ڇاتيءَ ساڻُ،
پرين ڏيکاري پاڻُ، خوش ڪَري ويا خواب ۾.
بيت - 8
اچين جي ھيڪار، مُون ساريندي سپرين،
پيرين ڌريان پنبڻيون، ھنڌ وڇايان وار،
ساجن سڀ ڄمارَ، ھُوند گولي ٿي گذاريان.
بيت - 9
مُون ساريندي سپرين اچين جي تون ھاڻ،
ڪريان رُوح رھاڻ، لڪن منجهہ لطيف چئي.
بيت - 10
الله ڪارڻ لِک سئين مانَ جڏي جالي؟
عيب مُون ۾ اڳرا، مان نِرمل نڪالي،
آھيان آريءَ ڄام جي، ھِت ھُت حوالي،
پرين سا پالي، ڪامُل نيندو ڪي چڏي.
بيت - 11
ڪَرين ٿي ڪوڙن سين ريءَ سعيي ساڃاھہ،
تہ سيڪيو سيڪين ھٿڙا،ڪَرَ اُجهائين باھہ.
بيت - 12
ڌرتي دَونَهہ جئَن، سر ڀر سُپيرين ڏي،
لڳو آھہ لطيف چئي، تَنُ پريان ڏي تئَن،
حاصل ٿئي ھئَن، قَرينو قَريبَ جو.
بيت - 13
لڳيءَ جو لطيف چئي، نڪو قالُ نہ قيلُ،
لِکئي لامُون کوڙيُون، نيڻين وَھائي نيرَ،
ھنئَڙا ٿِي سُڌيرُ ڪالهہ قَريبن لڏَيو.
بيت - 14
ڀلي ڪِيئي ڀَلا پرين، ھيئن نہ مُناسب ھوءِ،
لائي چِتُ چَريو ڪَري، پاڻُ ڪَڍي وِئين پوءِ،
توڻي حُبَ نہ ھوءِ، تہ بہ ھوتَ نہ ڪجن ھيڏيون.
بيت - 15
ڀَلي ڪِيئي ڀَلا پرين، ھيءَ نہ شانُ سندوءِ،
پهرين لايو پريت تون، ڪيئن پُڇين ٿو پوءِ،
قادر شال ڪندوءِ، ميڙو ھن مسڪين سين.
بيت - 16
ڀلي ڪيئي ڀلا پرين، اي نہ ڄاتو سُون،
تہ ڪو دوست دل وٺي،ڀيري ھڻندم ڀُون،
جي معلوم ھو مُجڪون، تہ ارڏو ٿيان عجيب کي.
بيت - 17
ڀلي ڪيئي ڀلا پرين، مُون نہ ڄاتو اِئين،
ھِنئون ھيرائي ھَٿِ ڪري، توکي ڏيان ڪيئَن؟
سا سِڪ سلان ڪِيئنِ، جنهن اَندر آھيرا ڪيا؟
بيت - 18
اڄ پڻ اَکڙِينَ، سَڄڻَ پنهنجا ساريا،
ڳَلن تان ڳوڙھن جون، بُونَدون بَسِ نہ ڪَن،
سندي سڪَ پريَنِ، لوڪَ ڏِٺي ئي نہ لَهي.
بيت - 19
ڪي اوڏائي ڏورِ،ڪيڏُور بہ اوڏا سپرين،
ڪي سنڀرجِنِ نہ ڪڏھين،ڪي نہ وسرن مُور،
جئَن مينهن ڪُنڍيءَ پُور، تئَن دوست وراڪَو دل سين.
بيت - 20
ڪوٺي ڪُٺائون، اڄ پڻ اَکڙيَن سان،
ماسُ وراھي ھَليا، ڪرنگلُ ڇَڏيائون،
”وَتَوَاصَوْا بَالْحَق۬ۙوَتَوَاصَوْا بَالصَبْرَ“، اِئين اُتيائون،
مُئي ماريائون کِلي گهائيو سَڄَڻين.
بيت - 21
ماڙُھو گُهرَنِ مال، آءٌ سڀ ڏينهَن گهران سُپرين،
دُنيا تنهن دوست تان، فدا ڪريان في الحالَ،
ڪيو نامُ نهالُ، مون کي محبوبن جي.
بيت - 22
ھيرائي ھَٿَ ڪيو، ھنئَڙو حبيبن،
ٻَڌي ڪچيءَ تَند ۾، سَلهاڙيو سيڻن،
جُہ وڌا پيچ پريَنِ، تہ ھِنئڙو ھَٿيڪو ٿيو.
بيت - 23
صورَت گهڻو سنهڻا، ٽاڻا سندن ٽُوھہ،
ريلو ڏئي روحَ، جو کائي سو کامِي مَري.
بيت - 24
صورتَ سندِيَن سالَ، پاڻَ مُصاحِبَ سُپرين،
مَوليٰ ڏِنَنَ مُنهن ۾، نُوري نيڻُ نهالَ،
سَندي خواب خِيالَ، مُون منُ مستانو ڪيو.
بيت - 25
جڏھانڪر جاني، سڄڻ سانگ سڌاريا،
راتيان راحت ناھہ ڪا،ڏينهان حيراني،
آءُ پنهنجي پرينءَ تان، ڪوڙين قرباني،
رضا رباني، نہ تہ ڪريان وسُ وصال کي.
بيت - 26
جڏھان ڪر ٿيام، سانڃاھہ سپيرين سين،
تڏھان ڪر تَر جيترو، ويرُ نہ وسريام،
اندر روحِ رَھيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
بيت - 27
ھوڏ ڇَڏي ھوڏي، جي مان گهر اچين سپرين،
ڳالهيون ڳجهہ اندر جون، تَنَ گهريُون تو ڏي،
جي وَھين گڏُ گوڏي، تہ دَور سُڻاينءِ دل جا.
بيت - 28
ڪڏھن طاقيون ڏِين،ڪڏھن کُلن دَرَ دوستن جا،
ڪڏھن اچان، اَچڻ نہ لَهان، ڪڏھن ڪوٺيو نين،
ڪڏھن سڪان سَڏ کي، ڪڏھن ڳجهاندرڳرھينَ،
اَھڙا ئي آھين، صاحب منهنجا سُپرين.
بيت - 29
ڪڏھن دَر ڪُشادا دلبر سندا، ڪڏھن پُوريو ڏينَ،
ڪڏھن وڃان وڃي نہ سگهان، ڪڏھن سڏ ڪَرين،
ڪڏھن ڪُڇن ڪينَ ڪي،ڪڏھن ٻاجهہ ڀريا ٻولين،
ڪڏھن قول ڪَرينِ،ڪڏھن حرف نہ ڪُڇن ھيڪڙو.
بيت - 30
ڪڏھن ڪونہ ٿيومِ، آثارو تنهن عشق جو،
محبوبن منَٿُون ڪَري، سِڪَڻُ سيکاريوم.
تِهان پوءِ ٿيومِ، پَسڻ پرينَ جو.
بيت - 31
تون صاحبزادو سپرين، آءٌ نسورو نوڪَرُ،
بيحد ڪريان بندگي، ھٿ ٻڌي حاضُرُ،
ڇن ڇڏينديس ڪينَ ڪي، دوستَ اوھان جو دَرُ،
مون تان مهِرَ نظَر، پرين لاھہ مَ پانهنجو.
وائي - 1
ھوتُ نَينان جو دلبندُ، ڀَلو جيڏيون،
ھيڏي ھوڏي سپرين، ڪاڏي واريان ڪَنڌُ،
چڙھيڏاڍينڏونگرين، راھہ پُڇايان رندُ،
ساڄن سَڀَنئان سُهڻو، سائينءَ جو سوگندُ،
اديون عبداللطيف چئي، ميڙيندُم صَمد.
فصل ٻيون
بيت - 1
جانب تون جيڏو، آھين شانَ شعُورَ سين،
مون تي ڪَر مُنهنجا پرين توھہ تُسي تيڏو،
ايءُڪاملَ ڪم ڪيڏو، جئَن نوازِيم نگاہ سين.
بيت - 2
جانَب منهنجي جيءَ ۾، تو جي طمع پوءِ،
وٺ ڪاتي، وَڍ اڱڙا، ادب ڪَر مَ ڪوءِ،
ڀانيان ڀالُ سَندوءِ، جي ساڄَن سَنئونَ نِهارِئين.
بيت - 3
جانب اِيئَن نہ جُڳاءِ، جيئن ماريو موٽيو نہ پُڇين،
رَتي رَتَ نہ سِنجري سِڪَ تُنهنجي ساءِ،
اسان توھين لاءِ، ٿي پر ۾ پوڄائون ڪيون.
بيت - 4
جڏھن پوي ياد، صحبت سپرين جي،
فريادون فرياد، ناکهہ وڃن نِڱيو.
بيت - 5
ڪَڙو مَنجهہ ڪَڙي، جِيئن لُهار لَپيٽيو،
منهنجو جِي جڙي، سُپيريان سوگهو ڪيو.
بيت - 6
ناز منجهاران نڪري، جڏھن پرين ڪري ٿو پَنڌُ،
ڀُون پُڻ ”بِسم الله“ چئي، راه چُمي ٿي رَند،
اُڀيون گهڻي ادَب سين، وٺي حُورون حَيرت ھنڌ،
سائينءَ جو سوگندُ، ساڄن سَڀنئان سهڻو.
بيت - 7
ناز منجهان نِڱيو،ڌَڙُ سر پير ڍري،
ڪورنشون ڪريم کي ٿو قَمَرُ سڄ ڪري،
ڌُرئون ھَنڌِ، ھلال چئي، موھِيا جانب جي ذري،
پيو پَڙلاءُ پَري، مُلڪ ۾ محبوب جي.
بيت - 8
ساڄن سپاھي، آءٌ اوھان جو آھيان،
اچان ويل سڀ ڪنهين، وڃان واجهائي،
لالن تو لائي، کين ڪاريُم کَرن کي.
بيت - 9
بَروي جي باني، ڪنهن کان سکئين سپرين؟
آڻي ڏيندئي ھٿ ۾، مس، قلم، ڪاني،
حرف پُڇندَئي ھيڪڙو، ظاھر زباني،
تن اڳيان جاني، ڪھڙي ڪندي ڳالهڙي؟
بيت - 10
فاني ني فاني، دنيا دمُ نہ ھيڪڙو،
لَٽي لوڙَھہ لَتن سين، جوڙيندئي جاني،
ڪوڏَر ۽ ڪاني، آھي سر سڀ ڪنهين.
بيت - 11
ڀَرڀَنجَوءِ ويهي، ڪهڙي ڪندين ڳالهڙي؟
ڄاڃي ماڃي موٽيا، وَرُ ونيءَ ڏيئي،
خبر نہ پيئي، تہ ڏيج ڏنائون ڪيترو.
بيت - 12
نَينَ سقِيلا سُپرين، ڀَنورَ ڀِرُون ڀالا،
چڪيا ڦَٽَ فراق جا، اندر ۾ آلا،
يارُ ميڙين يا الله، جنهن جيءَ صحبت ڪاڻ سڪي ھنئون.
بيت - 13
اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا.
ڳلن تان ڳوڙھن جُون، بُوندون بس نہ ڪن،
سندي سِڪُ پرين، لوڪ ڏٺي نہ لهي.
بيت - 14
ويٺو ڏسان راھہ، اڄ پڻ آيا ڪين ڪي،
ساجن لاءِ سڪي گهڻو، مَنهنجو ساريو ساھہ،
آڻين شال الله، تہ اڱڻ ٿِينم اُجَرا.
بيت - 15
اڄ پڻ اکڙيون، ساريو رُون سڄڻ کي،
جانب جي جمال ڏانهن، تاڻين ٿُيون تڪڙيون،
جي وھم پريان وڪڙيون، تن اُڃ اکڙين کي نہ لهي.
بيت - 16
اڄ پڻ ڪيا اکين، ابر جيئَن آگَم،
ڳوڙھن ڪيو ڳلن کي، ناليءَ پاڻي نَم،
بوندن بسِ ئي ڪا نہ ڪا، دوست پُڄاڻا دَمَ،
حبيباڻا ھَم، ساڙيندا سرير کي.
بيت - 17
اڄ پڻ اَنگِيم اَنگ، ھٿان حبيبن جي،
جا پَر ساٽي سَنگ، سا پَر سُورن سان ٿِئي.
بيت - 18
اڄ پڻ جڙيم جوڙَ، دوست پيهي در آئيو،
سَکن وٺي ڏُکن کي، محڪُم ڏني موڙ،
جا پَرِ کَٽيءَ کوڙ، سا پَر سُورن سين ٿئي.
وائي - 1
مَولوڪندو ماڙِ، منهنجي الله ڪندو ماڙ،
ھادي ڏيئي ھٿڙا، اچي چِڪڻ مان چاڙِھہ،
ڪشتي ڪمينن جي، اَلله لَڳ اُڪارَ،
ھُو ويري واٽ جو، سائين نيئي ساڙِ،
ڪرم ساڻ ڪريم جي سڀ لنگهيندا پار،
الله، عبداللطيف کي، ڏاتَر ڏيھہ ڏيکارِ.
وائي - 2
ھاڻ ايندو الله، منهنجو سڄڻ سائين،
آڱر لائي اَنڌيون، وڃي وَسِنهہ ۾ وجهندو،
نماڻيءَ جو نِجُهرو، پاسي پاڻَ اَڏيندو،
مٿان لَڪَن ساٿڙو، صحيح سلامت نيندو،
مَهند ٿيندو مصطفيٰ، پُٺيءَ لوڪ لنگهيندو،
اچي عبداللطيف کي، دوست دلاسا ڏيندو.
فصل ٽيون
بيت - 1
عشق اھڙي ذات جو مانجهي مُنجهائي مَيَنِ کي،
ڏيهان ڏورين ڏونگرين، روئَڻ سڄِيائي رات،
اُٿي ويٺي تات، مِيان محبوبن جي.
بيت - 2
جنهن جي ڌَڻيان ڌارُ، ڀيڻي ناھہ ڀنڀور ۾،
ڪميني جي ڪانہ ڪي، ساٿ لَڏيندي سارَ،
آءُ عالم جا سردار، وارج واڳ ولهي تي.
بيت - 3
يارُ سُڏائي سڀڪو، جاني ساڻ زَبان،
ڪم پئي اُن جي ڪَل پوي، سوڙھي وقت سُبحان،
دليان دوست ڪونہ ڪو، يڪدل منجهہ زمان،
اَھکي جي آڏو اچي، جانب منجهہ جهان،
لرزي جنهن لسان، اُو ڪم جو آھي ڪين ڪي.
بيت - 4
يارُ سڏائي سڀڪو جاني زَباني،
آھي آساني، ڪم پئي ٿي ڪَل پوي.
بيت - 5
آدميُن اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪيو،
ڪونَہ کائي ڪنهن جو، سندو ماڙَھوءَ ماسُ،
دلبَر ھِن دنيا ۾ وڃي، رھندو واسُ،
ٻيو سڀ لوڪ لِباسُ، ڪو ھڪَدل ھوندو ھيڪڙو.
بيت - 6
شڪر گڏياسون سُپرين، جِئري جاني يارَ،
ويٺِي جن جي وَٽ ۾، ڪوڙين ٿيا قرار،
ڌڻي ڪَر مَ ڌار، پاڙو تن پريَن سين.
بيت - 7
کوڙي کَڻُ مَ سُپرين، کَنيئي تان کوڙِ،
اَھل اَکڙين جي، نيئي نباھج توڙ،
مون ۾ عيبن ڪوڙِ، تون پاڻ سڃاڻج سُپرين.
بيت - 8
جڏھان ڪر جاني، سَڄڻ سانگِ سڌاريو،
راتيان راحَتَ ناھہ ڪا، ڏِينهان حَيراني،
آءٌ پنهنجي پرينءَ تان، ٿيان ڪوڙين قُرباني،
رضا رَباني، نا تہ ڪريان وَسَ وصال کي.
بيت - 9
دل جو دلبر ھڪڙو، گهڻا تا نَہ ڪجن،
دل ڏجي تنهن ھڪڙي، توڻي سَوَ سِڪن،
سي چَلوِلا چئجن، جي دَر دَر لائين دوستي.
بيت - 10
منهنجي مَدائِن جي، ڪَل پريان پيئي،
ڪڏھن ڪوسا نہ ٿيا، ڏوراپوڏيئي،
ساڄَن سڀيئي، ڍَڪِيَم ڍولَ ڍولائيون.
بيت - 11
ڏاتَرَ مون ڏيکاريو ھوتن جو حُضُورُ،
پِرينِ پَرچڻ جو ڪيو، موٽائي مَذڪُورُ،
اِي دوستن جي دستور، جئن ڇنان ڇنن ڪينَ ڪي.
بيت - 12
ڪئان سکِئين سُپرين، ڪاسائِڪي ڪار؟
تِکي ڪاتي ھٿ ڪَري، مُڏيءَ سين مَ مارَ،
چوري چاڪ نِهار، سورن سانگهيڙا ڪيا.
وائي - 1
سڄڻَ ٻاروچي جي ذات، دلَبر ٻاروچي جي ذات،
اُٺَ گُنگائي ھليا، وائي ڪن نہ وات،
آئون ستي هو هليا، مون کي ڪري مات،
جاني جَتَ وٺي ويا، روھَہ ۾ پيين رات،
ڪهي ڪمِيني ھليا، اديون آڌيءَ رات،
اٺن گهڻو اڇليو، رائو سڄيائي رات،
ملان محبوبن کي، وھاڻيءَ پرڀات،
اَديون، عبداللطيف چئي، ڏاتر ڏيندو ڏات.
وائي - 2
وٽان وڃ مَ مُون، منهنجو تُونهين تُون، ڪونہ سڻي تا ڪو ٻيو،
مُون تڏھان ڪر منجهين، جڏھن ڪُن فَيڪُون،
اُھکيءَ رسج اَحمد، اڳيان سوڙھي ڀُون،
رس مُحمدُ ڪارڻي، جتي ھونگ نہ ھُون،
آڳهہ ھِن اُمَت جو، آھين تونهين تون،
ڏج ڪا لَپَ لطيف کي، طَهَورا مان تون.
وائي - 3
ھاڻ ايندو! ھاڻ ايندو! منهنجو سڄڻ سائين ھاڻ ايندو؟
آڱر لائي انڌيُون، وَسئين نيئي وجهندو،
ڏيئي ورُ ولهيُن کي، ڪاملُ ڪرم ڪريندو،
شمع ٻاري شب ۾، نِرملَ نُور سڏِيندو،
نماڻيءَ جو نجهرو، پاسي پاڻ اڏِيندو،
مٿان لڪَن ساٿڙو، صحيح سلامت نيندو،
ھادي جهلي ھٿڙا، چڪڻ مان چاڙھيندو،
آگوٿي اُمت جو، ھادي ھٿ جهليندو،
احمد ڪارڻ عاصيين داڙوٿي دريندو،
پٺيءَ لائيندو پانهنجي، ڇوريون تان نہ ڇڏيندو،
مهند ٿيندو مصطفيٰ، پٺيءَ لوڪ لنگهيندو.
سُر مومل راڻو
فصل پھريون
بيت - 1
موٽُ مُئيءَ جا ولَها، لالَ ورائي لانگ،
ڏيا تيل ڦيل جا، ٻاريم تائين ٻانگ.
سهسين پڇيم سانگ، جي سوڍو اچي مان گهرين.
بيت - 2
ويٺي ٻاريا ٻانگ سينءَ، ڪوڙين اڄ قنديل،
ھيءِ ھيءِ ھنجون ھاريان، منجهان سڪَ سبيلِ،
متان مون کي ڇڏين، جاني لڳ جليل،
آھر تو اصيلَ، ويٺي ڪانگ اُڏائِيان.
بيت - 3
شمع ٻاريندي شبَ، پرِھ باکُون ڪڍيون،
موٽ مَران ٿي مَينڌرا، راڻا ڪارڻ ربَ،
تُنھنجي تات طَلب، ڪانگ اُڏايم ڪاڪ جا.
بيت - 4
اڀي اُڀارِيم، نَکَٽَ سڀ نئي ويا،
ھڪ مَيو، ٻَيو مَينڌرو، سڄي رات ساريام،
ڳوڙھا ڳل ڳاڙِيامِ، سُورج شاخون ڪڍَيون.
بيت - 5
ڏيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِيَم تائين ٻانگَ،
ڍوليو ڍَٽِ رَھائيو، ڪنهن سَٽاڻي سانگَ،
چانگي چڙھي آءُ تون، لَعلَ وَرائي لانگ،
ڪَوڙين ڀتيين ڪانگَ، اڏايمِ اَچيج تون.
بيت - 6
وَٽ سوريندي وَلها، ويو تيل ٻَري،
موٽ مسافر سُپرين، چانگي تي چَڙھي،
راڻي لاءِ رڙي، ويئي وھامي راتَڙي.
بيت - 7
ڪَتِين ڪَرَ موڙيا، ٽيڙُو اُڀا ٽيئي،
راڻو رات نہ آئيو، ويلَ ٽري ويئي،
کُه سا کاڻي راتڙي، جا پريَنِ رَيءَ پيئي،
مون کي ڏنءُ ڏيئي، وڃي ڍَوليوَ ڍٽ قَراريو.
بيت - 8
ڪنهن جِنهن پُور پچائيون، جِيئَن اکيُون آبُ نہ ڪن،
راڻي جي رھاڻ ري، وڏوڙيون وتن،
سي مُٺيون ڪيئَن مڃن، سُوڍي سوريءَ چاڙھيون.
بيت - 9
ڪا جا راڻي مَنَ ۾، جِيئَن نہ ٿو نِينهن گڏي،
مَنَهہ ڇَنا ماڙيون، نِيو اوڏانَهين اَڏي،
ڀينُر ڀاڳ وڏي، راڻو ايندو راڄ ۾.
بيت - 10
سوڍي ڌاران سَرتيون ٿيو ڀِٽن ۾ ڀَنگُ،
اُٻاٽجي اڄ ويو، راڻا تو ري رنگ،
ھِنئين سان ھاڃوٿيو، پيو اوسيڙي انگ،
مون توھين سين سَنگ، پُڇايو پڇان پَهي.
بيت - 11
ڍاٽي گهڻا اَچن، من سوڍي وِنگسيو،
ڪا جا لائي مَينڌري، لالي کي لِڱن،
راڻو اَکڙِيَن، وساريان نہ وسري.
بيت - 12
راڻوڪا راتِ ڪري، ويو ڳالهہ ڳُجهي،
تنهن سان مَنُ مُنجهي، منهنجو پيو مامري.
بيت - 13
راڻوڪا رات ويو، ڳجهي ڳالهہ ڪَري،
سوڍِي ريءَ سَرتيون، ھڏ نہ ساھہ سَري،
وڃي مانَ وَري، آسائتي آھيان.
بيت - 14
سوڍي سُتي لوءِ، ڪا جا مون سين ڳالهہ ڪي،
سا جي پَڌر پوءِ، تہ سَرتيون ڪا نہ سُمهي.
بيت - 15
ڪَرَھا ڪاڪَ چَڙھي، ونئَن وڻائون نِڪري،
لَڍوڻِيان، لطيف چئي، آيو ڪونہ وَري،
گهڻا اُت گهڙِي، وُڳ وساري ھليا.
بيت - 16
راڻا تُنهنجي راھہ ٿي،ڏِھَاڻي ڏيکان،
راڻي جي رھاڻِ جون، روح اندر ريکان،
محبت جون ميخان، توسين لالَ لَپيٽيون.
بيت - 17
آءٌ راڻا راحَتَ، ڌاڃ ڌرتيءَ جا ڌڻي،
سڪن ٿيون سُهاڳڻيون، سوڍا تنهنجي سَٿَ،
مون تان لاھہ مَ ھَٿ،ڪاملَ ڌڻي ڪاڪ جا.
بيت - 18
راڻي ريٻارو، توڏي مُڪو تَڪڙو،
لڊوڻِيا، لطيف چئي، ماڻڪ موچارو،
صُبح سَوارو، ڪاڪ گهڙندو ڪَرَھو.
بيت - 19
راڻو رَب راضي ڪري، مانَ وَرائي واڳ،
چندن سين چَڪ ڪيو، مُومَلُ لِنبي ماڳ،
سوڍي جي سُهاڳ،ڍَٽُ مڙيوئي ڍَڪيو.
بيت - 20
مَئي ۽ مينڌري، ڏٺي ٿيئڙم ڏينهن،
ھاڻي ڪريان ڪِيئَن، ويٺي ڳوڙھا ڳاڙيان.
وائي - 1
مَيو تون موٽاءِ، مون رئندي رات وھاءِ سائينءَ ڪارڻ سُپرين،
گَهرَ مهارا گهوريا، سرھو مون نہ سهاءِ،
ڪاڪِيان وڃُڻ ڪيڏھين، راڻا تو نھ رھاءِ،
سَٺَم ساھڙين جا، طعنا توھِين لاءِ،
سوڍا سُکياڻي ٿيان، پيرَ پَرچي پاءِ،
آسائتيءَ کي، عبداللطيف چئي، مَوليٰ محب ملاءِ.
وائي - 2
ساٿيئڙا ابا! پانڌي پرينءَ، سنيهو نيئي نيئي ڏيجا،
ڪالهہ ڦُلاريا گُلڙا، سي اڄ سُڪا مٿي سيجا،
جان آن ڀيرو نہ ڪيو، تان مُون مُئي سُڻيجا.
فصل ٻيون
بيت - 1
جهڙا گل گُلاب جا، تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چَنبيليا، ھا ھا ھُو ھَميش،
پسيو سُونهن سيد چئي، نينهن اچن نيشَ،
لالَنَ جي لبيسَ، آتڻ اَکر نہ اُڄَهي.
بيت - 2
جهڙا پانن پن، تهڙيون شالون مٿن سائيون،
عطر ۽ عنبير سين، تازا ڪيائون تَن،
مَڙھيا گهڻو مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندَنَ،
سونُهن رپي سونَ سين، سندا ڪامڻ ڪَن،
ڪيائين لعل، لطيف چئي، وڏا ويسَ وَرَنَ،
منجهہ مُرَڪيس مَنَ، سوڍي سين سڱُ ٿيو.
بيت - 3
سون وَرنيُون سوڍيُون رُپي رانديون ڪن،
اَگر اوطاقن ۾، کَٿِوري کَٽُن،
اوتيائون عنبير جا، مٿي طاق تڙن،
ٻاٽَن ٻيلهون ٻَڌيون، پَسيو سُونهن سَڙنِ،
ٿيا لاھوتي، لطيف چئي، پَسڻ لاءِ پرينِ،
اِجهي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپَڙي.
بيت - 4
جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تن لَهي نہ لالي،
ڪڙي ڪَيفَ خُماريا، مَي پي مَوالي،
ڪري حاصل ھليا، ڪِيفيتَ ڪَمالي،
وَتَن وصالي، لُڊُوڻيا لوڍي ٿيا.
بيت - 5
لڊوڻيا لوڍي ٿيا، وتن منجهہ وِصال،
اڄ ارتو اکئين، ڪاڪ پيتائون ڪالهہ،
ويئي ويچارن وسري، صُباحَ جي سنڀال،
پرينءَ کان پاسي ٿيا، مامُوئن مثال،
جانب جي جَمالَ، رڱي پَس ريٽو ڪيا.
بيت - 6
رَچي جي ريٽو ٿيا،ڪين اُٻاٽجن اوءِ،
کنڀَ نہ کاري تنهن کي، جو ھالارِي ھوءِ،
توڻي ڌوٻي ڌوءِ، تہ بہ لالي تنهن نہ لهي.
بيت - 7
ڪتيون ڪَپار آئيون لُڊاڻيان لڙِي،
سو راڻو رات نہ آئيو، جنهن سين ھُيَم جيءَ جَڙي،
سوڍي لاءِ سڙي، وئي وھامي راتڙي.
بيت - 8
جنهن تَڙِ ڌوُڙون ڌُون، چئا چندَنَ چِڪ ڪيو،
اچن ڀَونَر ڀنَڀوليا، پاڻيءَ تَنهين پُون،
راولَ رَتو رُون، ڪو وھہ لڳو واسئين.
بيت - 9
جت رانيائين راڻن کي، چندن چِڪ ڪري،
ھاڻي اُنهين ڀيڻِئين، ورھہ وَراڪا ڏي،
سوڍو سُڃَ ڪري، موُمَل ماڻي ھليو.
بيت - 10
رُوءَ راڻي جي ناھہ ڪو، سوڍو سوائي،
لڊوڻيان، لطيف چئي، لالي تنهن لائي،
ڪانهي ٻي وائي، ٿيو مڙوئي مينڌرو.
بيت - 11
روءِ راڻي جي ناھہ ڪو، سوڍو سڀني سُونُهن،
لاٿائين لطيف چئي، مٿان دلينِ دُونهن،
ڪانهي ٻي ورونهن، ٿيو مڙوئي مَينڌرو.
بيت - 12
روءَ راڻي جي ناھہ ڪو، سوڍا ٻيا بہ سُڄاڻَ،
نسوريائي نِينهن جي، ڪشيائين ڪمانَ،
ڇڏي ويا ڇوھہ ۾، دعوائون دِيوانَ،
ٻي رھيائي ڪان،ٿيو مڙوئي مينَڌرو.
بيت - 13
ڪاڪ ڇڏيائون ڪُنڊَ تي، پاڻان ويا پَئي،
لوڍيرن، لطيف چئي، سوڍو ڪيو سَهي،
مومل ماڳ رَھي، ٿيو مڙوئي مَينڌرو.
بيت - 14
ڪاڪ ڇڏيائون ڪنڊ تي، پاڻان ويا پَري،
تن کي ناتر ڪوھہ ڪري، جي لڊوڻيان لنگهي ويا.
بيت - 15
جان جان ناھہ نصيب ۾، مومل مينڌرو،
پُوندوءِ جَم پاھين ورين، منجهان پِرت پَرو،
راڻي لئي مَ رو، ويهہ طعني سين واڳجي.
بيت - 16
مومل ناھہ مينڌرو، جان جان منجهہ نصيبَ،
مون کي مون حبيب، طعنو ئي تُنهنجو.
بيت - 17
آءٌ طعني سوڌي تُنهنجي، تون طعنو ئي مون،
سوڪي سريو سُون، جو سَرتيون ڪنهن نہ سَريو.
بيت - 18
سُڻي طعنو تُنهنجو، حال وڃايم حق،
لکين لوڍي آئيا، سوڍي لاٿَم شڪ،
ڏِٺم ڪاڪ ڪَهڪَ، سگهو موٽج سُپرين.
بيت - 19
سگهو موٽجِ سپرين، ڪرھل کي ڪاھي،
سَوڍا سُور تُنهنجو، اندر ۾ آھي،
تنهن ھئين سين ھاڃو ڪيو، مَنَ پيو مُنجهائي،
سوڍا سجائي، مون کي وئين تُون مينڌرا.
وائي - 1
نيئي نيئي ڏيج، اي اَدا، اَدا ساٿي، پِرينءَ سَنيَهڙو،
پيرين وجهي ھٿڙا، زاريُون زَورُ ڪَريج،
ڪاڪ ڪُوماڻا گُلڙا، سُڪا مٿي سيج،
تولئي ھَنجون ھاريان، ھي جي مَنجهان ھَيج،
جئَن تو ڀيرو نہ ڪيو، تئَن مون مُئي سُڻيج،
نماڻي جي نِجهري، پيهي پيهي پُڇيج،
اوکيءَ عبداللطيف چئي، اچي آڌرڏيج.
فصل ٽيون
بيت - 1
راني جي رھاڻِ مان، ڪو آديسي آيو،
چوڏھينءَ ماھہ چنڊ جئَن، ڪيو سامي سَهائو،
لٿو اونڌائو، جوڳيءَ سندي جوت سان.
بيت - 2
راڻي جي رھاڻ مان، ڪو آيو آديسي.
خستُوريءَ خوشبوءِ سين، تنهن ولايت سڀ واسي،
سوڍو سَناسي، اُتاھين ٿي آئيو.
بيت - 3
ڪالهہ گڏيو سون ڪاپَڙي، جهڙو ماھَہ مُنير،
فَيض فراق فقُير، جوڳي جاڳائي ويو.
بيت - 4
ڪالهہ گڏيو سون ڪاپڙي، بابُو بيکاري،
ساميءَ سيلو سِر تي، مالها موچاري،
ڏيئي ڏيکاري، ڦٽي دل فقير ويو.
بيت - 5
ڪالهہ گڏيو سون ڪاپڙي، پَهَر سج کان پوءِ،
پسيو سُونهَن ساميءَ جي، رتَ وَرنو روءِ،
سو مُنهِن مومل جي پوءِ، موٽڻ تنَهن مَسَ ٿِئي.
بيت - 6
ڪالهہ گڏيو سون ڪاپڙي، بابُو بانَ بَري،
سائي شال ڪُلهن ۾، ساميءَ سونَ سَري،
خبر ڏي کَري، ڪا مومل جي مَجاز جِي.
بيت - 7
ڪالهہ گڏيو سون ڪاپڙي، بابو رنگ ڀَڀَوتُ،
سريو سون سڪَوت، جوڳيءَ سندي ذات کان.
بيت - 8
بيکاري کي بَر ۾، ويو ڪَيفَ چڙھي،
ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙھا پَيس ڳڙي،
ڪا جا اَنگ اَڙي، جئن ڇُٽا ڦٽَ چُڙي پيا.
بيت - 9
سڄ سُڀاڻي جا ڪري، ساميءَ سائي روءِ،
اَچي ٿي عطر جي، مَنجهان مڪَٽ بُوءِ،
سا ڏيکارئون جوءِ، جئن لاھُوتي لالُ ٿيو.
بيت - 10
سڄ سڀاڻي جا ڪري، ساميءَ سا وَنڪَ،
سَھي نہ سَگهان ساعت سيئَن، تَنهنجي راسن جي رونق،
ڪِ رتائين لاک ۾، ڪَ ڏنائين پانَن پڪ،
سنديءَ سوڍل سِڪَ، ڪَپَرَ ڪُورون جَهليون.
بيت - 11
پرهہ جيئَن پيدا ٿيو،ڪي سامي ڪي سِڄُ،
مٿس رَتو مولهيو جيئَن سا ڪڪر وڄ،
ڪنهين ڊَاءَ مَ ڊِڄُ، کَريُون ويهي ڏي خبرون.
بيت - 12
آءٌ اُتانهين آئيو، جِت ٻئي جي ناھہ مَجال،
مُومل جي ماڙيءَ کي، طرح طرح جا تال،
لکُ مارايو لعلَ، موٽيو اچان مَينڌرا.
بيت - 13
ڪاڪيان قاصد آئيو، راڻي پاس رمي،
چڙھيو محمد مصطفيٰ دوست دَمُ دَمي،
اڳيان خوف نہ خطرو، نہ ڪو غَم غمي،
ڪونہ ٻيو ڪَرمَي، جيڏو تو جهان ۾.
بيت - 14
تُون ڪيان اچين ڪاپڙي، موٽيو کيئنَ ماري،
آءٌ اُتانهون ٿو اچانَ، جِت مَومل موچاري،
ڪنڌيءَڪاڪ ڪڪوريا، چندن چوڌاري،
سوڍا شڪاري، ناتر گهڻا نمائيا.
بيت - 15
سڀني سمن ڪاڪ تي، راڻن حميرن،
هُٻان آيو ڪون ڪو، هَٻان لَک وَڃن،
ويندي ويچارن، اوڏانهن عذر نہ ڪيو.
بيت - 16
ڪاھي آيا ڪاڪ تي، ڏٺائون نا تر،
گهوٽن وسريا گهر، گهُور پهريائين گهائيا.
بيت - 17
تون جا ٻائي ٻانهيءَ واري، ڪهڙو تنهنجو نامُ،
ائين جتي اُبٺا، سو گجر سندو گام،
ڪهڙو اَٿان ڪام، ھِت لکين خان کپي ويا.
بيت - 18
آءٌ ٻانهي ٻايُون ٻِيون، تڙ مڙيئي تار،
لکين لوڙا نِينهڙا، ھت ھاڻ نهار،
ٻيا نہ پسين پَٽَ ۾، ڪنڌيءَ ڪاڪ ڪَپار،
تو جيڏا تو يار، مَومل موھي جهليا.
بيت - 19
جوڳيءَ جاڳائي، ماري وڌو مامري،
لَنوُ لڊوڻي ڪنڌئين، اَميو آھي،
وڃو جي ڪاھي، تہ نِڪون پَسو نينهن جون.
بيت - 20
جوڳيءَ تي جڙاءُ، نِسورو ئي نِينهن جو،
پتنگ جئَن پَيدا ٿيو، سامي سَڄَ ورناءُ،
آيو ڪَاڪَ تَڙاءُ، ڪُنئارن ڪَڪوريو.
بيت - 21
آءُ لانگوٽيا لعلَ، ڪنهن پر ڏَٺئي گجريُون،
آب ارتو اَکئين، لڙُڪ وَھائين لال،
ڏٺئي جي جمال، سامي ڪوہ نہ سلائيين.
بيت - 22
گَجُر کي گجميلَ جون تارَن ۾ تَبرَون،
ھڻي حاڪمن کي، زورَ ڀَريون زَبرون،
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پَسو پَرڏيهين جون.
بيت - 23
متان منجهين رھين، اوڏو اُن مَ ٿِيءُ،
ڏي وراڪا وچ ۾، وِھہ گاڏائون ويءُ،
جو ڀانيئي پيُ، سو لڙ لهوارو وھي.
بيت - 24
جوڳي جرڪيو تيئَن، جيئَن اونداھيءَ ۾ آڳ،
لايائين لطيف چئي، مٿي لکن لاڳ،
اھوڪنهن سڀاڳ، ڪوس ڏھاڻي ڪاڪ ۾.
بيت - 25
ڀيرو ڀڃ مَ ڪاپڙي، لاھي وَھہ مَ لاڳ،
تا مُون ھينئڙو ماڳ، جي تون جاني جُوءِ ۾.
بيت - 26
گجر گاروڙين، اچيو اوڏي اُبهي،
مٿان پيئي تن، ٻَڌاٻاڻَ ھين جي.
بيت - 27
گجر گهڻا گهائيا، پاڻا لَڳُس گهاءُ،
مَينڌري ملاءُ، لڳس ڪانءُ ڪَپار ۾.
بيت - 28
مومل کي مجاز جا، اکين ۾ الماسُ،
نہ ڪا عام نہ خاصُ، جي ويا سي وڍيا.
بيت - 29
مومل کي مجاز جا، اکين ۾ اَنبُورَ،
ھڻي حاڪمن کي، پِٽ نِهاري پُور،
گهوٽ پهرينءَ گهورَ، جي ويا سي وڍيا.
بيت - 30
مومل ماري ميرَ، آھيڙيَن کي اَڪري،
سوڍي گهڻا سجهائيا، پڙھيا پَنڊتَ پِيرَ،
ھڻي تن کي نِيرَ، مَڻيُون جن مٿَن ۾.
بيت - 31
مڻيا جن مٿن ۾، تن تڪي ھنيس تير،
سرھا شڪاري ٿيا، اُڀا مَرڪن مِيرَ،
پاڻان ٿيسُ اُڪير، لڳِيس ناوڪ نينهن جي.
بيت - 32
ڪاھي آيا ڪاڪ تي، پَسندا مُومل،
ڪنين ريکون رتيون، ڪنين ڪارا گل،
مڙيا رامَل، اُت دانَهہ گهڻا دھوڙيا.
بيت - 33
ڀوري جا ڀري، سيڻن سلامت آئيا،
تنين کي ڦِري، کلي تنهن کيڪاريو.
بيت - 34
اَڃا ڀيرو ھيڪڙو، پسَبي مومل،
وٺي ويندي پاڻ سين، ڏيندئي نہ موڪل،
ھت وِيهُن ٿي وڄائيا، طرحن سين طَبَلَ،
جن کي ھُيون ڪَلنگيون ۾ ڪَلَ، سي ويا ڪنبندا ڪاڪ ڏي.
بيت - 35
چڙھيا چارئي يار، سوڍا شڪاري،
فڪر سان ڦٽي ڪئي، سوڍي سوپاري،
ويا ڪاھيندا ڪاڪ ڏي، جِت مومل موچاري،
موٽيا نہ ماري، ڪَونَر لَتاڙي ڪاڪ جا.
وائي - 1
راڻا جي رجبوتَ، مومل صحي پَسندا،
پڙھيا، پنڊت، پيرَ، توڻي ميرَ مَرَندا،
مڃيَ رضا رَب جي، ھِئان سڀ ھلندا،
ڪَلمي ساڻ لڏائين ھادي ھِن ھنڌان،
سهکي سَڪرات ڪرين، والي وير وداعَ،
اُهڳي وير اچيج تون، اتي احمدا،
متان ڇڏئين مَڱڻا، مهندا مُرشدا،
“ڪُل نَفس ذَائقةُ الموت” سچي اِيءَ صدا،
اصل لِکيو اَنگ ۾، ٿيندو تان بہ ادا،
اديون عبداللطيف، چئي، فائِق فضل ڪندا.
فصل چوٿون
بيت - 1
سڱ ڪري سين سينهنَ، ڪنڌ مَ ڦيرج ڪيڏھين،
رَمج راڻي پٺ ۾، نِرتون منجهان نينِهَن،
ائين مَ وَسج عامِ تي، جيئن مومل وسن مينهن،
سندي حشر ڏينهن، سوڍو ساريندِئن گهڻو.
بيت - 2
وٺيو وڃج واٽ، ڪَنڌَ مَ ڦيرج ڪيڏھين،
لوڻي ڦير لَپاٽ، متان لڳنديئي لطيف چئي.
بيت - 3
ڪنڌمَ ڦرج ڪيڏھين، وٺيو وڃج راھہ،
اڄڪ سَنجهہ صُباح، نيئي ڌريندَئي ڌوڙ ۾.
بيت - 4
جاڀُون پيرين مون، سا ڀُون مٿي سڄَڻين،
ڌِڱ لَٽبا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسون،
ڏينهن مڙيئي ڏُون، اُٿي لوچ لطيف چئي.
بيت - 5
لڏيو لَطيفن، پَلاڻي پَنڌ پيا،
ھٿان حبيبن، ڪڏھين ڪونہ ڏکوئيو.
بيت - 6
راڻو ڀانيو راند، وڃيو ٻيا وَرَ رانئِين؟
وَرُ وڏوڙيو اِينهئين، جِيئَن پَرُ پُڄتوئي پاند،
ھئي ڀڳي ھيڪاند، سوڍو ساريندينءَ گهڻو.
بيت - 7
راڻا رُسڻ ڇڏِ، وار ڪرھوڪاڪ تي،
حُب ھئين سين گڏ، تہ وڃن سُور سنديون ڪري.
بيت - 8
راڻو رات رسي ويو، ماريس تنهن مذڪور،
جانب جُدائي جا، پَل پَل پَون پُور،
وِھُڻ مُون وِھہ ٿِيو، وڃان ٿي وھلور،
اَندر آڳيون لائُيون، سوڍا تنهنجي سور،
طعنا ڏينم تور، آءُ تہ پرچون پاڻ ۾.
بيت - 9
رُس مَ رُسڻ گهوريو، پَلُ مَ پري وانئن،
پريم پسي ڳالهيُون، مديُون مُون ھٿان،
ڪميڻين ڪناء، ٿين مُورائين مٺيُون.
بيت - 10
رُسُ مَ رسڻ گهوريو، اُٺ اوراھون آڻ،
ليڙي جو لطيف چئي، تنگ سوارو تاڻ،
شرمنديُون سڀين پَرين، پُٺيءَ لائج پاڻ،
اچي مُشڪ ماڻ، تہ سوڍا سکياڻي ٿيان.
بيت - 11
رُس مَ رُسڻ گهوريو، پَرچ مَ وانء پَري،
ماريَسِ ڦَٽَ فراق جي، جِهَتَ جي ذري،
لالن جي لطيف چئي، سوُنهائي سَري،
آيس تو ڳري، تہ سوڍا سکياڻي ٿيان.
بيت - 12
رُس مَ رسڻ گهوريو، راڻا ڇڏ رياءُ،
ميٽ مَدايُون، موٽُ تون، ڪري نرت نياءُ،
لالن جو لطيف چئي، ڪونهي سونهن سياءُ،
اَوڳڻ ڍَڪي آءُ، تہ سوڍا سکياڻي ٿيان.
بيت - 13
رُس مَ، رسڻ گهوريو، ڇڏ راڻا ريڏائي،
منهنجي ميٽ مينڌرا، عاقَلِ اَگلائي،
لپيٽج، لطيف چئي، ڪامَل ڪچائي،
ڪَر معاف مَدائي، تہ سوڍا سکياڻي ٿيان.
بيت - 14
ڪاڪ ڪَڙھي، وڻ ويا، جَلي منهنجي جان،
رکي ڪام ڪڻڪيو، ماريَس تنهن گُمانَ،
ھَڏِ نہ جيان ھاڻ، سگهو موٽج سُپرين.
بيت - 15
ڪاڪ ڪڙھي، وڻ ويا ٻَريا محل ماڳ،
سوڍي جي سَرتيون، وڌيَس وھہ ويراڳ،
سُورن لايا سانگ، سگهو موٽج سپرين.
بيت - 16
ڪاڪ ڪڙھي، وڻ ويا، ٻريا رَنگ رتول،
تو پڄاڻا سپرين، ھنئڙي اچن ھَول،
جي مون سين ڪَيئي قَول، سي سگها پاڙج سپرين.
بيت - 17
ڪاڪ ڪڙھي وڻ ويا، لُوٺو لُڊاڻو،
تو پڄاڻا سپرين، آتَڻ اُجهاڻو،
مُين سين ماڻو، مناسب نہ مينڌرا.
بيت - 18
ڪاڪ وڻن سڻان، اوٺَين گهڻو اوَراڳي،
ھُئا گُڻ گهڻا، راڻا تي روندا ويا.
بيت - 19
ڪاڪ نہ جَهليا ڪاپَڙي، موھيا نہ مَحلَن،
ٻائِن ۽ ٻانهن جي، ٻنڌڻَ ڪين ٻَجهنِ،
لکين لاھوتين، اھڙيون اوريان ڇڏيون.
بيت - 20
اھڙيون اوريان ڇڏي ويا، لاھوتي لَکَ،
پايو پٽين ويٺيون،ڪاڪ ڌَڃاڻيون ڪَکَ،
پيئي اَئين پَرک، تہ سوڍيُون سجهائي ويا.
بيت - 21
ڪاڪ نہ جهليا ڪاپڙي، موھيا ڪَنهن نہ مالَ،
جي ڇورين ڏنا ڇال، تہ بہ لاھوتي لنگهي ويا.
بيت - 22
ويجھا ويا ڪاڪ کي، پَسي وڻ وريا،
ڪھڙيٽولٽريا، نھ تھ ھُوءَ مومل ھُو ماڙيُون.
بيت - 23
ويجها ويا نہ ڪاڪ کي، پاڻان ويا پَئي،
لوڍيڙن لطيف چئي، سوڍو ڪيو سهي،
مُومل ماڳ رھي، ٿيا مقابل مَينڌري.
وائي - 1
تان تون ويهہ سَنبَهي ساٿي، ميان، پانڌي ميان،
ڪاڪ ھَلبو ڪڏھين،
لکين لڊوڻيان مڻي، مٿي واٽ ويا ٿي ميان،
جنهن کي پڇان سو چوي، آيو ڪونہ اُئان ٿي ميان،
ڪوٺائوڪريم جو آيو، پَهي پَريان ٿي ميان،
حڪم ڏيندي ھٿ ۾، ھاڻي ھَل ھئان ٿي ميان،
اديون عبداللطيف چئي، پَرِينِ پاس پران ٿي ميان.
فصل پنجون
بيت - 1
نہ وارث نہ وَلهو، نہ سَڱ نہ سياڪو،
تو پچاڻا سپرين آيم اَولاڪو،
پانڌيا پاراپو، ڏجانءِ ڍاٽيءَ ڍول کي.
بيت - 2
ڏجانءِ ڍاٽي ڍول کي، سنيهو ساري،
مون کي ڦَٽَ فِراق جو، مينڌرا ماري،
اچين جي واري، ڪرھوڪمينيءَ تي.
بيت - 3
ڪرھوڪمينيءَ تي، سوڍا وار سُجانَ،
ڪُهہ ڪريان ڪاڪ کي، توھين ڏي تاڻ،
لاھي غَيرَ گُمانَ، اَڱڻِ آءُ اُڪنڊئين.
بيت - 4
اَڱڻ آءُ اُڪنڊئين، پَرچي پيارا،
پلڪ پراھون نہ سهين، جيءَ جا جيارا،
نينهن جا نظارا، سُڃ تہ مانَ سُور لهي.
بيت - 5
سڃ تہ مانَ سور لهي، اکيون ڀري ٻاجَهہ،
راڻي جي رھاڻ کي ويٺي وجهان واجَهہ،
سُوڍا لهي ساڄ، پَسُ توشَڪُون تڪيا.
بيت - 6
پس توشڪون تڪيا، سيئي وھاڻا،
پسيو پَر پچي ھنئون، جي حبيبن ھاڻا،
ھڪَ ڏُونگها ڏاڍاڻا، ٻيو موٽيو تان نہ مينڌرو.
بيت - 7
ڪري موٽ مينڌرو، جي لڊوڻيان لالُ،
گَھرُ مڙوئي گھوريان، ھوند پنھنجو حالُ،
راڻيڌاران راڄ ۾، مون نھ گھُرجي مالُ،
سوڍي کي سوال، ڪريانٿي قرب جو.
بيت - 8
سوڍا سور سُڪائيون، اکيون آبُ نہ ڪن،
راڻي جي رھاڻِ کي، وروڻيُون وڃن،
سي ڪيئن مينڌرا مَچنَ، جي سوڍَا سوريءَ چاڙھيُون؟
بيت - 9
مومل ويٺي مينڌرا،سدائين ساري،
وليون واس ورنيون، چانگي کي چاري،
جڏهن تڏهن سپرين، ايندم اوتاري،
سوڍي سين ساري،ڳالهيون ڪندس ڳُجهہ جون.
بيت - 10
مومل ويٺي مَينڌري، ساري سَڏ ڪري،
پاڻي پُڙين گاڏئون،ڍاٽيءَ لاءِ ڌري،
ڪوسا ٿڌا ڪيترا، مٿي ڪاڪ ڪري،
لڳين جي ڳري، تو سوڍا سکياڻي ٿيان.
بيت - 11
راڻا پَسان نہ راڄ ۾، مٿي جَن مڻي،
ڪَهہ ڄاڻان ڪيڏانهن ويا، ڌَروڙين ڌڻي،
اُتر لڳن آڪرا،ڇاٻا پين ڇڻي،
کَٽون تن کڻي، نئي لڊاڻين لاٿُيون.
بيت - 12
ايندا ويندا اڙيا، ھيئن ڏيسارو ھوا،
گاروڙين گس ڪيا، ڪاھي ڪاڪ وچا،
مُومل کي ويا، ڀاڻا وجهي وَپري.
بيت - 13
نکٽ سڀ نئي ويا، آيو نہ اوٺي،
سوڍي جي ساءِ پئي، ڳر لايَم ڳوٺي،
آءٌ تنهن لڊاڻي لوٺي، پسان جو پرين ري.
بيت - 14
پرھہ لکايا پارُ، موٽ سگهو تُون مينڌرا،
ڍوليا ڍٽ ڪنڌين ۾، ساڄوٿي سوار،
ڀيرو ڪُج ڀتار، نماڻيءَ جي نجهري.
بيت - 15
توبَهہ ڪيم تن کان، جڳ جنهن گناھہ،
روز نِهاريان نڪڻي راڻا تُنهنجو راھہ،
پرچي لڳ الله، موٽ ميان تُون مينڌرا.
بيت - 16
سِڪي ھِنيون سڌ ڪري، راڻل جي رھاڻ،
سو موٽائي مينڌرو، الله اڱڻ آڻ،
تہ مُون پوءِ نہ ڪاڻ، صباحُ وچ سرتين.
بيت - 17
جڙ گهوڙا، ڀڙ گهوٽيا، تڙ جون تڪون ڪَن،
نَوُ ڄڻيون ناتر سين، پاڻياروُن پُڇن،
ھن گام نالو ڪهڙو، ھي گهر سندا ڪَن،
ھيءُ گامَ مڙوئي گوجرو، جت راٺوڙيون رھن،
ڏھہ ڏھہ ڀيرا ڏينهن ۾، خُون کِلندي ڪَن،
سمهون وڃ م تن، اڳيان راڻا ٿو رڻ وھي.
بيت - 18
جَڙ گهوڙا،ڀڙ گهوٽيا، آيا ڪاڪ ڪَهي،
محل جي مُومل جي، سوڍي ڪيا سهي،
راڻي رات رھي، گوندر لاٿا گجرئين.
بيت - 19
گُل بدن جُيون گجريُون، اِرَم اوڍيائون،
چوٽا تيلِ ڦليل مان، واسينگ ويڙھيائون،
انهيءَ پَر، عنات چئي، راڻو رانيائون،
سو موٽي ڪيئَن پانُهون، جي گُل گُجر کي گڏيو.
بيت - 20
سوڍا تَنهنجي سُور، اَندر آڳيُون لائيُون،
راڻا رھاڻِن جا، مارينم مَذڪور،
طعنا ڏِيَنئين تُور، آءُ تہ پرچون پاڻ ۾.
بيت - 21
راڻا رھاڻِيُون، سوڍا ويٺي سارِيان،
سَهسين سِجَ الَٿا، راتيون وھاڻيون،
ڪوڙيون مون ڪاڻيون،ڍولا ڍَڪي آءُ تون.
بيت - 22
مون گھرَ اچي جي ٿئي، مينڌرو مهمانَ،
آڻي جهوڪيان آگ ۾، ڄيري وجهان ڄاڻُ،
تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀانَ،
پيڪن سوڌو پاڻُ، گهُر تَڙ گهوريان پرينءَ تان.
بيت - 23
اڄ نہ ڳالهائون، ھُونِ ڏِيهاڻي نِجهري،
پَسو پَهہ پيونِ، اتڻ سُڃو ان ري.
بيت - 24
اڄ نہ پَسان سي، اَتڻ ڪِتم جن سين،
ھاڻي تِنهين کي، ڪنڌيءَ ڪاڪ نهاريان.
بيت - 25
تون ڍاٽي، تُون ڍَٽ ڌڻي، تون راڻو، تُون راءُ،
مُومَل محتاجيُون ڪري، عاجزيون اڳيانءُ،
تو جي قَول ڪيا، سي سگهو پاڙج سپرين.
بيت - 26
تون ڍاٽي ڍَٽَ ڌڻي،ڍوليا تُنهنجو ڍَٽُ،
پائي تُراڙي توريان، تہ مُلڪ نہ تُنهنجو مَٽُ،
لاھي ڪسرڪَٽُ، اچي کوڙ قَناتون ڪاڪ ۾.
بيت - 27
کوڙي قناتون ڪاڪ ۾، راڻا ويهہ رھي،
ماڻهو جي محلات جا، سوڍا ڪج سَهي،
ويندَيئي ڳالهہ وَھي، وِڪَر پُوندين وَلها.
بيت - 28
آکُون ڊاکُون، سرکنڊ شاخون، جت چوکا چندَن ڪونَر،
مَيي سڀئي ماڻِيا، جت نہ ڀَرن ڀَونَر،
ڪُنئاريون ۽ ڪَونَر،ڪاھہ پَسون ڪَاڪ ۾.
بيت - 29
ھلو ھلو ڪاڪ تَڙِ، جِتي نيهَن اُڇل،
نَهڪا جَهل نہ پلَ، سڀڪو پَسي پرينءَ کي.
بيت - 30
ھلو ھلو ڪاڪ تڙ، جِتي نِينهن پچار،
ڪانهي ٻي تنوار، سڀڪا پسي پرين کي.
بيت - 31
ھلو ھلو ڪاڪ تڙ، جتي گهرِجي نِينهُن،
نهڪا رات نہ ڏينهُن، سڀڪَو پَسي پرينءَ کي.
بيت - 32
ھلو ھلو ڪاڪ تڙِ، چَرُو جِتَ چڙھَن،
ڪوڙين رنگِ رَچَن، پان واريون پِڪ سين.
بيت - 33
چانگا چَکي نہ ايئين، جئين تُون رڻ پسيون رالون ڪرين،
تاڻي نِيندئي تڪڙو، مَيا مُومل سيئن،
تڏھن ڪندين ڪيئَن، جڏھن تاڙي ايندَيئي طاق کي؟
وائي - 1
ڪي جو ڪاڪ تڙاءِ، چانگي چرھو چَکيو،
ڪَرَھو سَرَھو ڏيهہ ۾، نہ تنهن ڊپ نہ ڊاءُ،
پاھہ پرائي آئيو، لاليءَ لڊوڻيان،
ڪَرَھي ڪانيٽا رتا، نائي ناڪيلا،
وڳ واسيائين پانهنجو، سڀيئي سُراھيا،
تون ڍاٽي ڍَٽَ ڌڻي، راڻو تون راءُ،
مومل محتاجيون ڪري، عاجزيون اڳيان،
آءُ تون، عبداللطيف چئي، موٽي ھِن مهلا.
فصل ڇھون
بيت - 1
ڪين ساڱاھِيم سُپرين، جاڙُون ڪيم جت،
سوڍا مون کي تَٻ، موٽي مُنهن ۾ آئيون.
بيت - 2
ڪين ساڱاھيم سُپرين جاڙون ڪيم جال،
سوڍا مون کي ڪالهہ، موٽي آيون مُنهن ۾.
بيت - 3
ڪين ساڱاھِيُم سپرين، جاڙون ڪيم جي،
سوڍا مون کي سي، موٽي آئيون مُنهن ۾.
بيت - 4
خاموشي خبر جي، مومل ٿي مَتَ،
صبر ٿيو سُپت، منهنجي حق مينڌرا.
بيت - 5
سوڍا صبر تُنهنجو مومل مت ٿيو،
تو جو ڪالهہ ڪيو، تنهن مَديون ميٽي ڇڏيون.
بيت - 6
تو ۾ ٻَڌيَسِ تي، جي منهن ۾ مديون نہ ڏئين،
ڍول اڍَڪيئي جي، سي متان عيب اُپٽئين.
بيت - 7
جي منهن ۾ مديون نہ ڏئين، تو ۾ تي ٻڌياس،
سوڍا اِن سُهاڳ کي، ويٺي واجهاياس،
ڍولي ڍڪياس،ڏيئي پاندُ پناھہ جو.
بيت - 8
ڏيئي پاند پناھہ جو، ڪيم ڍَڪ ڍولي،
ڏسيوڏوھہ اکين سين، نہ ٻاجهہ ڀريو ٻولي،
ڪوڙَ ڪانيارين جا، سي خاوند نہ کولي،
راڻو نہ رولي، جي مديون ڏسي مينڌرو.
بيت - 9
ڪَثافت جا ڪاڪ جي، سا مَينڌري مٽيام،
اوڳڻ عيب سندام، سڀ ڍولي ڍَڪي ڇڏيا.
بيت - 10
راڻا ھُيَس ريُ، تو سائينءَ مون سونُ ڪيو،
منهنجي مداين جو، حال اٿيئي ھي،
ڍوليا ڍَڪَڻُ ٿيُ،ڪامل ڪَچاينَ جو.
بيت - 11
ڍولي ڍڪي آھيان، ھُيس اُگهاڙي،
ڏيئي لِک لاڙي، ڪڪر ڪيائم ڪاڪ جو.
بيت - 12
ڍولي ڍَڪي آھيان، ھيس اُگهاڙي اڳ،
جوڙي وچان جڳَ، ڪڪر ڪيائم ڪاڪ جو.
بيت - 13
ڍولي ڍڪي آھيان، ھيس اُگهاڙي آنءُ،
رکي پنهنجو نانءُ، ڪڪر ڪيائم ڪاڪ جو.
بيت - 14
ڪڪرڪيائم ڪاڪ جو، ڏيئي لاڙي لک،
ھاڻي مٿي ڏِکَ، چڙھيوٿي چاڳ ڪريان.
بيت - 15
سوڍا صبر تُنهنجو مَرڪُ لَڄايَن،
چُپ سين جي چَوَن، ادب ڪجي اُن جو.
بيت - 16
سوڍا صبر تنهنجو، لڄاين مرڪ،
نہ ڪڇَڻَ سين نَڪَ، ريءَ رُڪَ راڻي وڍيو.
بيت - 17
سوڍا صبر تنهنجو، سڀني سيکاري،
مومل جي واري، ڪهہ ڄاڻان ڪئن ٿيو.
بيت - 18
سوڍا صبر تنهنجو، سيکاري سَهسَ،
پُڄي مَنجهان پُهسَ، مون کي نصيب نيئي جهليو.
بيت - 19
سوڍا صبر تنهنجو، مون کي نصيحت،
ريلا ڪنديَس رَتَ، مينڌرا تو مهندان.
بيت - 20
سوڍا صبرَ تنهنجي، ماڙھُو ڪي مومل،
ڪُپر منجهان ڱَلَ، پييَم پرين تنهنجي.
بيت - 21
سوڍا صبر تنهنجو، بي عقلن عقل.
آھي انگُ اَمُل، ماٺ تُنهنجي مينڌرا.
بيت - 22
سوڍا صبر تنهنجو، بي عقل آڻي بار،
سندي صبر ساز، توبهہ ڪاريمَ تَڪڙي.
بيت - 23
سوڍا شرمائيون، پسيو عجيب اڳيان،
نَڪ نرجائيون، ھُيون منهنجي حق ۾.
بيت - 24
موٽي آيو مُنهن ۾، سوڍا شرم جن،
سي لَڄايون لُڇن، پَسيو عيب اڳيان.
بيت - 25
اديون آتڻ واريون، نِرجا نَڪَ ٿيا،
وڍيا تان نہ ويا، پاڻا موريا مُنهن ۾.
بيت - 26
موري مُنهن وڏا ٿيا، وڍيان تان نہ وڃن،
اديون اڻاسين، تن ڪوجهن کي ڪئن ڪريان؟
بيت - 27
جنهِين سندي منهن ۾، نيهانئيُون نَڪَن،
تِئان وڍيو ھيڪڙو، تہ ڪهڙو ٿورو تن؟
وائي - 1
مينڌرا مون کي، راڻا جم وساري ڇڏئين،
مون کي طعنا تنهنجا، ڏيهہ مڙوئِي ڏي،
راڻي ٿي ريس ڪي، کَرسين کِليُمِ جي.
فصل ستون
بيت - 1
ڍَٽِ مَ وڃج ڍولَ،ڪانياري ڪاڪ ڪَري،
آءٌ اڳهين آھيان، ٻڌي تُنهنجي ٻولَ،
توکي ساري سُپرين، رُنَم منجهہ رَتولَ،
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، وِسَهہ مون وھہ ٿيا.
بيت - 2
لڊوڻيان لطيف چئي، کٽون کنيائون،
وڃي ڪَاڪ ڪنڌين ۾، لَڏون لاٿائون،
ڇڏي حيلا ھليا، مومل ماڻيائون،
ڀيرو ڀَڳائون، آسڻ آرامي ٿيا.
بيت - 3
ڀيرو ڀَڃ مَ ڪاپڙي، لاھي ويهہ مَ لاڳُ،
تان مون ھنئڙو ماڳ، جان تُون جوڳي جُوءِ ۾.
بيت - 4
سوڍي سر نيو، ھت ڪَرنگهر سکڻو،
راڻي جي رِھاڻ کي، سڪي ساھھ پيو،
پَسان ڪي نہ ٻيو، تو ريءَ اَکڙيَن سين.
بيت - 5
سوڍي منهنجي ساھہ سين، جيڏيون جئَن ڪيو،
ڪڙي مون ڪاڪ ٿي، آتڻ وسريو،
پسان ڪي نہ ٻيو، تو ريءَ اَکڙين سين.
بيت - 6
سوڍي ستي پوءِ، ڪا جا مون سين ڳالهہ ڪئي،
سا جي پَڌَر پوءِ، تہ سرتيون سُمهي ڪانہ ڪا.
بيت - 7
جيڏيون منهنجي جيءَ سين، راڻي رَڻُ ڪيو،
قَلبُ ڪاڪ ڪنڌينِ ۾، پُرزا ٿي پيو،
ٻُجهان ٻَهر ويو، ھِنئون ھنڌ نہ اَڳئين.
بيت - 8
راڻي رڻ ڪيو، جيڏيون منهنجي جيءَ سين،
مَنُ مينڌري وڍيو،ڌُٻي ڌَڙُ پيو،
ٻجهان ٻهر ويو، ھنئون ھنڌ نَہ ھيڪڙي.
بيت - 9
راڻوڪا راتِ ويو، ڳجهي ڳالهہ ڪَري،
سوڍي ري سَرتيون، ھَڏِ نہ ساھہ سَري،
وڃي مانَ وري، آسائِتي آھيان.
بيت - 10
راڻا نہ ڄاڻا، ڪئن وڏوڙئين وَلها،
پييئي کهہ کٽن تي، ٿيا پلنگ پُراڻا،
جايون، گُلَ جَباتَ، وَڻَ تو ريءَ ڪوماڻا،
ڌريان ئي ڌونرا ٿيا، وَرَ ري وھاڻا،
مينڌرا ماڻا، تو ريءَ ڪنديَس ڪَن سين؟
بيت - 11
راڻا نہ ڄاڻان ڪئن وڏوڙئين ولها،
اچي ڪاڪ ڪنڌين ۾، پرچي ڏي پاڻا،
سوڍل سياڻا،ڳجهہ ڳرھيان ڳالهڙيُون.
بيت - 12
چانگو جني پليو، ميو اڳ مُيو،
ذات ڌَڻينيُون سکيو، ڪرَھو ريءَ ريو،
جنهن پر ملان پيوَ، تنهن نهايت ناھہ ڪا.
بيت - 13
ميان مينڌرا موٽُ، بخش ڪر بُڇائيون.
تون گهڻن سندو گهوٽُ، مَون ورُ تُونهين ھيڪڙو.
بيت - 14
ڪَرھَا ڪارڻ ڪاھہ، توکي ڌڻين ڌاريو،
ساري ڏيج، سيد چئي، لُڊاڻي تان لاھہُ،
مُقابلو مومل سين، ٿيندو سَنجهہ صباحَ،
سوڍي جي صلاح، ڪَونر چَرندين ڪاڪ جا.
بيت - 15
ننڍو تان ڪوھہ، پر وکين آھي وتَرو،
وڃيوڪاڪ ڪنڌين ۾، پَهَسَ پکيءَ جئن پوءِ،
اُن ڪر سندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نہ ٿئي.
بيت - 16
راڻو ڀانِئيو راند، وڃيوڪيئَن ٻيا وَرَ رانئيين؟
وَرَ وڏوڙِيو اينهين، جيئن پَرَ پُڄِتوءِ پاند،
ھَي ڀڳيئي ھيڪاند، سوڍو ساريندِئن گهڻو.
بيت - 17
ڪيڏانهن ڪاھيان ڪرھو، چِٽاڻو چوڌار،
لکَن ڪيو لِک سِئين چَڪر چونريءَ ڍار،
سهسين سامي آئيا، بابو بيکن ڌار،
ڪن خيما کَٽُون جوڙيون،ڪي سهسين ڪن سينگار،
ڪنين دين دنيا ڇوڙيو،ڪي نانگا لُنگن دار،
پوءِ گهوڙا ۽ سُوار، پئي ڀون ۾ سڀ ڀُڪا ٿيا.
بيت - 18
ڪيڏانهن ڪاھيان ڪَرھو، چَوڏِس چِٽاڻو؟
منجههين ڪاڪ ڪڪوري، مَنجهِهِين لڊُاڻو،
راڻو ۽ راڻو، ريءَ راڻيٻيو ناھہ ڪو.
بيت - 19
ڪيڏانهن ڪاھيان ڪرھو، چٽاڻو چوڌار؟
منجههين ڪاڪ ڪَڪوري، منجههين باغ بهارَ،
ڪانهي ٻي تَنوار، ٿيو مڙيوئي مينڌرو.
بيت - 20
لوٺَيس لڊاڻي، پَسان جو پَرينءَ ري،
جيڏيون جيهائي ڪئي، رات رُسي راڻي،
ھلبو ھاڻي، وَيرا ڪاڪ وَهہ ٿي.
بيت - 21
لوڍي لَکَ اچن، رُوءِ راڻي جي ناهہ ڪو،
ھڪ اکيون ٻيا اڱرا، پَر ۾ ٿا پُڇن،
سيڪئن مينڌرا مَچن، تو سوڍا سُوريءَ چاڙھيون.
بيت - 22
حال قربان، مال قربان گهوريان لُڊاڻو،
فدا ٿيءُ فقير جو، شل رُسي مَ راڻو،
مُين سين ماڻو، مناسب نہ مينڌرا.
بيت - 23
جي ھوا ڪوڏا ڪاڪ جا، سُتا سي سونهِن،
لُڊوڻيان لطيف چئي، لَڏيو لوڊيڙن،
سي موٽي مس اَچن، جي آتڻِ آرامي ٿيا.
بيت - 24
راڻي سندو روح ۾، پَسو پڳَهہ پيومِ،
ٻيڙي جئن ٻَڌي ويو سوڍو ساھہ سَندَومَ،
وھڻ وھہ ٿيومِ، جاڳيو ٿي جَرُ ھاريان.
بيت - 25
جي ڪنڌيءَ ڪاڪَ ڪَڪوريا، تن باغنِئان بَس،
سوڍي ريءَ سرتيون، ڪاڪ نہ اچي ڪَسِ،
راڻي پائي رسَ، تَنُ ٻيڙيءَ جيئن تاڻيو،
بيت - 26
ڪين ساڱاھِيُم سُپرين، جاڙون ڪَيم جالَ،
سوڍا مون کي ڪَالهہ، موٽي مُنهَن ۾ آئيون.
بيت - 27
سَسين جِئان سڪن، تئان مومل موٽُڻ لکيو،
سي هَنئين جاڙ جِيَن، جي ڪُوڙي ڪاغذ آئيون.
بيت - 28
راڻا تنهنجي راھہ تي ويٺي ريليان رَوءِ،
دوست دلاسو نہ ڏئين، جاني جيڏو جَو،
توڻي سوڍن سَوَ، تہ بہ ماڙ منهنجي مينڌرو.
بيت - 29
توکي معلوم منهنجي، سوڍا سڀائي،
آڳانڍو ارواح کي، آھين اھي ئي،
وھَڪ مُون ويئي، پڇايو پڇان پَئي.
بيت - 30
ويٺي نت نهاريان، راڻا تنهنجو راھہ،
موٽائي ماڳن ۾، آڻيندئي الله،
سوڍا تو ڳَر ساھہُ، نہ تہ راڻا گهڻا راڄ ۾.
بيت - 31
جڳ جئنِهين چوءِ، سوڍا تئن نہ سکيو،
راڻوٻَئن نہ روءِ، ڳوڙھو جئن ڳَل ڳڙي.
بيت - 32
جئن ايندي موٽئين مينڌرا، وڏي جاڙڪياءِ،
ورڻو نہ ھئين وَلها، ھوند جتي مون جاڳاءَ،
ستي جي ساڃاءِ، سوڍا سگهيائي ٿئي.
بيت - 33
نئون نياپو آئيو، راڻي مُلا رات،
لڌيسون لطيف چئي، ڪنان ڏاتر ڏات،
ڪهڙي پُڇين ذات، جي آيا سي اَگهيا.
بيت - 34
ڪڪوري ڪَاڪَ، راڻا ھيءَ ڀانءِ مَ رَتُ،
سوڍا ايءَ شربت، نسورو ئي نينهن جو.
بيت - 35
ڍاٽي گهڻا اچن، روءَ راڻي جي ناھہ ڪو،
تنھن سوڍي ري سرير ۾، پيا دُونهن دُکن،
ڍاٽي اکڙين، ويل نہ ڪنهن وساريو.
بيت - 36
ويروتار وصال ۾، گهُورن گهايا جي،
تن ڪاڪ اوريائين ڇڏي، وڃي پيا پري،
تن کي ناتر ڪين ڪري، مُومل سِڪي جن کي.
وائي - 1
ڪئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، مون کي سوڍو سَجَهہ نہ ڏي،
اچن آتڻ واريون، مون کي طعنا ڏينم تي،
پَٿر وار وڇائِيان، آءُ ويتهي راڻي کي،
کارايان کير وليون، آئون چاريان چانگي کي،
راڻو تِي رُسي ويو جئن کرسين کليُم ٿي.
مهڻا تنهنجا مينڌرا، مون کي ڏيهہ سڄو ئي ڏي.
وائي - 2
جتي راڄ رھن، سي ٿَرَ سُک وَسن،
آءٌ تنهن جبل مٿڙان گهوري،
آما، ليما، ڦل ڦارُوھا، جت کٽڻهار کلن،
ٻاروچاڻيون ٻانهيون،ڪهڙيءَ چال چلن،
مٿن پوتا پَٽَ جا، گهگها ساڻ گُلن،
سونَهن سُپيرين جا، پَکا مَنجهہ پَٽن،
جِئان ويهي اُٿيا، ھنئڙو تن ھنڌن،
جتي رهن سپرين،ڀڻيون سي بکن.
وائي - 3
ڏور وڃيو ڏينهن لائي، تنهن کي ڪا ورائي، ڙي!
جيڏيون منهنجي راڻل کي، ڪو رحم پوي،
ميڙ مُنجهان ٿي مينڌري، مانَ ميڙ م موٽائي،
ميڙ مڃايان مينڌري، پاند ڳچيءَ ۾ پائي،
ڦٽيلَ مينهن فراق جا، ويٺي وسائي،
لڊوڻيان لطيف چئي، پَير مُئي ڏي پائي،
سوڍا سِر پڻ گهوريان، آءُ ڪرھو ڪاڪ ورائي.
سُر کاھوڙي
فصل پھريون
بيت - 1
کاھوڙين خفي کان، سوجهي لڌو سُبحان،
عاشقُ اھڙين اکرين، لنگهيا لامڪان،
ھُوءِ ۾ گڏجي ھُوءِ ٿيا، بابُو سي پريان،
سڀوئي سبحان، آيو نظر اُن جي.
بيت - 2
مون سي ڏٺا ماءَ، جن ڏٺو پرينءَ کي،
ڪري نہ سگهان ڪاءَ، اُنهين سندي ڳالهڙي.
بيت - 3
مون سي ڏٺا ماءِ، جنهِين ڏٺو پرينءَ کي،
رھي اچجي راتڙي، تن جُنگن سندي جاءِ،
تِنهِين جي ساڃاءِ، تُرھو ٿئي تار ۾.
بيت - 4
وييون پَٻ پَئي، کيرون کاھوڙيَنِ جون،
آءٌ تن ڏوٿِين جون، پُڇان پير پَهي،
رُڃن رات رھي، جنهين ڏونگر ڏوريا.
بيت - 5
پاران پُڇي آءُ، خبر کاھوڙَين جي،
ڏوٿين ڏونگرانءُ، ڪنهن پر ڏوريو ڏُٿَ کي.
بيت - 6
تون ھَڏِ ڪڄاڙيا، سنجهي سعيو نہ ڪرين؟
سَوارا سَنڊ کڻي، کاھوڙي ويا،
آڻيندين ڪٿان،ڏٿُ ڏوراڻي ڏيهہ جو؟
بيت - 7
ڏيهہ ڏيهائي ناھہ، جتي پير نہ پکيان،
تنين کاھوڙيان، ور ڏيئي وڻَ چُونڊيا.
بيت - 8
ھوءِ ڏوٿي، ھوءِ ڏينهنَ، ھوءِ ڏونگر، ھوءِ لڪيون،
ڪنهن جنهن لڌا نينهن، ڀُڻا لُوسَن لُڪ ۾.
بيت - 9
ڏوٿي سا ڏورين، جا جُوءِ سئي نہ ٻُڌي،
پاسا مٿي پاھڻين، کاھوڙي کوڙين،
ويا اُت ووڙين، جِت نِهايت ناهہ ڪا.
بيت - 10
کاھوڙي کجن، پَسيو پَورھيتَ ويسرا،
سي ڏوٿَيڙا ڏور ويا، رُڃن جي رَھن،
ڪاملُ آھي تنَ، مون پريان جي ڳالهڙي.
بيت - 11
ڀڻڪيان ڀوڻن، دَلقُ گڏيوڌوڙ ۾،
ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين، پَڌر پئي نہ ڪن،
ڪامل آھي تن، مون پريان جي ڳالهڙي.
بيت - 12
تان ونئَن ويهي آءٌ، اڱڻ کاھوڙين جي،
جوش ڏنائون جيءَ کي، لڪائي لوڪانءُ،
ڏوٿين ڪنهن ڏکُانءُ سُمهي سک نہ ماڻيو.
بيت - 13
ڪِڪي کاھوڙي،ڇپر ۾ سڏ ٿيو،
اڳي ئي سُئي، اُنهين سندي ڳالهڙي.
بيت - 14
ڏُٿ نہ کُٽو ڏوٿيين، جيڪي ڏٿ ڪرين،
اُھڃاڻيون عالم جيون، اوريائين آڻين،
تنهان پرين ڏسين، پريان سندي ڳالهڙي.
بيت - 15
ڏُٿ گهڻائي ڪنِ، ان اورانهين ڏيهہ جو،
سندا کاھوڙين، پَري سُڄَن پيچرا.
بيت - 16
جيڪو ڏٿ ڪَري، تہ ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو،
ڇپرُ ڪين ڏي، سوکڙيون سُتنَ کي.
بيت - 17
مون کاھوڙي لَکِيا، گهُرين نہ گهارين،
واحد لڳ وِلهُن ۾، رويو جر ھارين،
گوندر گذارين، جُهہ ڏوٿي ڏٿ گڏ ٿيا.
بيت - 18
ھلو تہ ھلُون ڏُٿ کي، اُٿيو اُٿيو ڪن،
پاڻي پوٽڙين ۾، ڪَندُر سر ڪُلهن،
ڏونرا ڏور سُجهن، وئي وھامَي راتڙي.
بيت - 19
مُون کاھوڙي لکِيا، مُوڙھا ۾ ماتام،
ڪيائون قيام، جو ڏوٿي ڏُٿَ گڏ ٿيا.
بيت - 20
مُون کاھوڙي لکيا، آين نہ آرام،
ڪيائون تن تمام، جو ڏوٿي ڏُٿ گڏ ٿيا.
بيت - 21
مون کاھوڙي لکيا، ويهي نہ ويرم ڪن،
ڏينهن تَتي ۾ ڏونگرين، ڪارڻ قُوت ڪَهن،
جهنگل ۾ جَهڻڪَن، جو ڏوٿي ڏٿ گڏ ٿيا.
بيت - 22
مون کاھوڙي لکيا، سُمهن ڪين پئي،
سمرڪيائون سُڃ جو، ڏوري ڏٿ لَهي،
ويا اُت وھي، جت نهايت ناھہ ڪا.
بيت - 23
رائو رڃ رھُون، جت نينهان نڪڻي،
لڳيوڱين لڪَن سين، ڇڄيوٿينڇَھُون،
تان ڪا سارَ لَهَون، ھوتَ ڪمينيءَ سپرين.
بيت - 24
کاھوڙين کڻي، ساجُهر ٻَڌا سَندرا،
ڏوريندي ۾ ڏونگرين،ڪيائون پاڻُ پَڻي،
ڏُکن ڏيلُ ھڻي، ڇيهہ لڌائون ڇپرين.
بيت - 25
ماءُ کاھوڙي ھليا، دُونهان دکائي،
ويئَڙا وسائي، ڏوٿي ڏونگر وٽ ۾.
بيت - 26
ماءُ کاھوڙي ھليا، دکائي دونهان،
ڇَپر جا سُونهان، ڏوٿين ڏَٿُ چِتائيو.
بيت - 27
کڻن نہ کرڪاڻ پنڌ پراھين ھليا،
ڏوٿيڙا ڪنهن ڏٿ کي، جُنبيا ڏُنهن جابانَ،
کاھوڙين اُھڃاڻَ، اَنگ نہ سڄي اڳڙي.
بيت - 28
کَرڪَڻا لاھي، سُک نہ سُتا ڪڏھين،
اوسيڙو آھي، کاھوڙيَن اِنهيءَ پنڌ جو.
بيت - 29
سُڪا مُنهن سندن، پيرين پراڻا کيٿرا،
سا جُوءِ ڏوري آئيا، سونُهان جت مُنجهَن،
ڳجهاڳجهيون ڪن، تِهان پراھين پنڌ جون.
بيت - 30
سُڪا سَنڊ ڪَڇن ۾، کرڪڻا پيرين،
ٽِمندي نيڻين، آن ڪي کاھوڙي گڏيا.
بيت - 31
سُڪا مُنھن سندن، کَرڪڻا پيرين،
وھاڻي ويرين، اُڻ تُڻ ھُين اڳ جي.
وائي - 1
وسائيندڙي مينهن، مان ملان کي سَڄڻين،
آءٌ ملندي پرينءَ کي، راتيون ڏوري ڏينهن،
مون کي پرين ميڙِئين، روجهڙيون ميڙئين مينهَن،
اَکين آگمَ لائيا، ڪَرَ مُندائتا مينهن،
مادرَ موٽي نہ وھان، جان مون پريان سين نَينهن،
اَديون عبداللطيفَ چئي، وينديَس ساجن سيئن.
فصل ٻيون
بيت - 1
پيو جَن پَرو، گَنجي ڏونگر گام جو،
ڇڏي کيٽ کرو، لوچي لاھوتي ٿيا.
بيت - 2
پيئي جن پَرَکَ، گنجي ڏونگر گام جي،
واري سڀ وَرَق، لوچي لاھوتي ٿيا.
بيت - 3
پيئي جن پڻي، گنجي ڏونگر گام جي،
ڇڏي ننڊ گهڻي، لوچي لاھوتي ٿيا.
بيت - 4
پيئي جنهين بُوءِ، گنجي ڏونگر گام جي،
ڏوري سا جُوءِ، لوچي لاھوتي ٿيا.
بيت - 5
پيئي جن باس، گنجِي ڏونگر گام جي،
ڇڏي سڀ لباسَ، لوچي لاھوتي ٿيا.
بيت - 6
پيئي جنين سُڌِ، گنجِي ڏونگر گام جي،
ٻي سڀ ڇڏي ٻُڌِ، لوچي لاھوتي ٿيا.
بيت - 7
پيئي جن پرُوڙ، گنجي ڏونگر گام جي،
ڇڏي سي ضرورَ، لوچي لاھوتي ٿيا.
بيت - 8
گنجو ڏونگر گام، پيهي جن پَروڙيو،
ڪَري تَن تمامُ، لوچي لاھوتي ٿيا.
بيت - 9
ڪهڙو اٿيئي ڪامُ، گنجي ڏونگر گام ۾؟
پَسي تنهن پاھڻَ کي، اچي نہ آرام،
متان ڏونگر ڏورئين، اُجِهين ڪُهہ عَوام،
ھراڪري حرامَ، کام تہ کاھوڙي ٿئِين.
بيت - 10
پير پروڙي پاءِ، گنجي ۾ گُنَ گهڻا،
کاھوڙي کرا ويا، نہ ڪا اوڏي ماءِ،
جنهين ڏِٺي جاءِ، تنهين موٽڻ ميهڻو.
بيت - 11
جنبش جيڏانهن تيڏانهن، پهر ئي ڪا نہ ڪا،
جي ڪَنڌيءَ ڏٺائين، سي کُڻ کاھوڙين لنگهيا،
بيت - 12
ڏيهہ ڏيهائي ناھہ، جتي پير نہ پَکيان،
تتي کاھوڙيان، وَرَ ڏيئي وڻ چونڊيا.
بيت - 13
جت نہ پکيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باھڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاھوڙَڪي کيرَ ري؟
وائي - 1
آءٌ جيهائي ذات، ھو! تون پاڻ سُڃاڻج سُپرين،
اوئيُون آريءَ ڄام جون، ڀَريان سَڄائي رات،
ٻانهي ڪوٺِين ٻاجهہ سين، تہ ڪَر لڌِيَمِ ڏات،
تانڪيڏونگَرڏوريان، جان نھ وھامي رات،
ڪنديَس عرض الله کي، سڀاڻَي پرڀات،
اَديون عبداللطيف چئي، منهنجي محبن سان مصلات.
فصل ٽيون
بيت - 1
اچي پيا آٽَ ۾، واٽ وڃائي جن،
اوءِ بَصير برَن ۾، اَنڌا ٿيو اُڀن،
ڪَنن اَڏيون تاڙِيون، گنگن جئن گُهمن،
فراقيءَ فرمان جو، آھي ٻَرُ ٻوڙن،
لنگها ٿيا لاھوت کي، سُتا پيا سِڪن،
کَپت کاھوڙيَن، آھہ اٿي پئي نہ لهي.
بيت - 2
ڏسي ڏوري ڏونگرين، واٽ وڃائي جن،
ڪُرندان ڪي پروڙيو، رَند نہ پسي رڙھن،
پيئي دارَ دَيُون ڪيو، پيرت تان نہ پُڇن،
ڌوڙ پريان لئي ڌارڪيو، ويچارا واجهن،
خبر کاھوڙين، آھي لک لاھوت جي.
بيت - 3
ويجهو وڃ مَ واٽ کي، ڪَهج ڏَنهن ڪُواٽ،
اُجهي مَنجهان آٽ، اويسي ٿي آءُ تون.
بيت - 4
ڪپيريءَ ۾ پير، ڪنِهين پاتو پيرئين،
جيان منجهڻ ماڙُھئين، سَڄڻَ تِيان ئي سيرَ،
اُن ڀَونءَ سندو ڀير،ڪوڙن منجهان ڪو لَهي.
بيت - 5
ڪُپيريا پري ٿيا، اَٻُڌي ٻُڌائون،
اُنهين کي آءُ، ھِنئر ڏسي آئيو.
بيت - 6
سُونهپَ ۾ سَپَ گهڻا، مَنجهنُ ما ھوءِ،
پرو تنهين پوءِ، جو اُجهي پئي اُن تان.
بيت - 7
ڏوري ڏوري ڏيهہ، ماءَ کاھوڙي آئيا،
مين پيري کيهہ، ڄاڻا ڪنهن پارَ جي.
بيت - 8
سانڀرَ ٻُڌي بيٺ، جَنين ڏونگر ڏوريا،
تن کاھوڙين کِهہ ھيٺ، وڃي پاسا کوڙيا.
بيت - 9
ڏنا ڏونگر نُونِ، جانُ مون پاڙيسي پُڇيا،
تان ھيڪليون ھَلن جي، سي تاڪن سندي تُون،
اِن ڀُون سندي ڀُون،ڪوڙن منجهان ڪو لَهي.
بيت - 10
جَهنگل ھليا، سي نہ ڀُليا، راھہ ھليا ڦُرجن،
اُوجهڙ سي نہ پَون، ٻيئي جنهين ڇڏيون.
بيت - 11
جَهنگُ کامي پَٽُ ٿيو، ڀڳي چوران لَڪَ،
سيڪَڙُو ۽ سِڪَ، ٻَئي گڏيا پاڻ ۾.
بيت - 12
جهنگلُ آھيڙين کي، ڀَنَڻُ ڪيو روءِ،
نہ ڪُتا، نہ ڪوڙڪيون، چڙھيو اُڀو چوءِ،
ھاڻي ھِنهان پوءِ، لڳي لوٺو نہ ٿئي.
بيت - 13
جهنگل آھيڙين کي، ڀنڻ ڪيو روندو،
نہ ڪتا، نہ ڪوڙڪيون، چڙھيو اُڀو چوندو،
ھَڏھِين نہ ھُوندو، اِنهان پوءِ عالم ۾.
بيت - 14
نہ ڪتا نہ ڪُوڪارَ، نہ سي سَڏ شڪارئين،
پَٽيو کڻي پار، جهنگل آھيڙين کي.
بيت - 15
وَرُ سا سُڃي ويڙھہ، جنهن ۾ سڄڻ ھيڪَڙو،
سو ماڳوئي ڦير، جِتي ڪوڙڪماڙُ ھئين.
بيت - 16
ور سا ڪاري رات، جنهن ۾ راھہ گم ٿئي،
نہ ڪا ھَنَ جي تات، ھيءُ پڻ وڃي وسري.
بيت - 17
ڪاري رات، اڇو ڏينهن، اي صفتان نَورُ،
جِتي پرينءَ حضورَ، تِتي رنگُ نہ رُوپ ڪو.
بيت - 18
تحقيقَ جي تون ڀري، مٿي ريءَ کڻيج،
ٻانهون ٻيئي لاھي ڏيئي،ڪُشتي ڪمائِيج،
جا حاج ھٿن ري نہ ٿئي، سا ٺونٺوٿي ڪَريج،
ٽنگئان ٽاري سنڌنئان ساري، ڄَنگهن ريءَ ڄليج،
ھڪل حقيقت جي، ٻوڙوٿي ٻُڌيج،
اَنڌو ٿي پسيج، مُشاھدو محبوب جو.
بيت - 19
وائي وڃيم شالَ، ڪنن سان ڪيمَ سُڻيان،
ڀَلوڪري ڀالَ، تہ اکين سين انڌو ٿيان.
بيت - 20
ڏونگرين ڏسجن، اڄ بہ رُيون اُنِ جون،
ڏوٿَيڙا ڏَٿ کي، آراڙا اچن،
خيما کاھوڙين، اڄ نہ اُنهين ڀيڻئين.
بيت - 21
ڏونگر نھ ڏوٿي،ڏونگرُ سُڃو ئي ڏوٿين ري،
پُڇان پَرو ٿيڪ،ڏُوٿيڏُٿ اچڻا؟
بيت - 22
کاھوڙي کَرا، سُوڌي خبر پکڻين،
سوجهي جن ڪيا، مٿي اڱڻ آھِرا.
وائي - 1
سياڪو سيڻان،ڀوري تو پاڻِ سڃاڻي نہ ڪيو،
مَوٽيو ماڳ نِهارِئين، ڪهڙي مُنهن ڪيڻان؟
ھوند نہ پيئين ھيتري، ويئين جي سيڻان،
مَچُ پَسي ڪِئن موٽيئن، سڙيئين، نہ لئي سيڻان،
واري جِئن ورڄي ھنئون، ڪرڪي لئي ڱَيڻان،
آٽڻ منهنجا اڱرا ڪالهون پوءِ ڪيڻان،
ڇپرِڪنديَسِ پنڌڙا، مون ڀانيو سيڻان.
وائي - 2
جاڳي اکڙِين، تو اوجاڳو نہ ڪيو،
اکَڙِيُون پريَن کي، ٽه ٽه ڪيو ٽمن،
جي سنجهي ئي سُتيون، سي مَرُ سُور سهن،
تون اناسي اَوجِهرينءَ، ھوءِ ٿا ھوتَ ھلن،
تون جنجهي ئي ستيئن، ٿي پلاڻيو پرين،
جن کي آرس اکئين،سي ڪيئن پرين پسن،
جن نيڻ هيرايا ننڊ سين،ڪيئن محب ملن،
جيلانهن ستين ننڊ ۾، هاڃوڪيو هوتن،
سي سيج وڇائي ستيون،سي مر رت روئن،
اَديون عبداللطيف چئي مِلان سين محبن.
سُر رامڪلي
فصل پھريون
بيت - 1
نوري ۽ ناري، جوڳِيڙا جهانَ ۾،
ٻَري جن ٻاري، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 2
جوڳيڙا جهان ۾، ھئا منجهہ حَمام،
آرا مان ارڳِ ٿيا، اوڏا نہ آرامَ،
ڪيائون قِيامَ، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 3
لَکين ڪيا لسانَ سين، لاھوتَين لوڙا،
گهوڙا ڙي گهوڙا، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 4
ڪنهن جنهن ڪينرڪڍيو، مون کي ڀڃي ڀتِ،
ھُو جي ھُوا ھت، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 5
ڳوليان ۽ ڳنڌيان، ويا ويراڳي نِڪري،
صحبت جا سَنديان، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 6
مَران، مٿو پِٽيان، نِهاريان نيڻَان،
سخن جي سَندانِ، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 7
وارو ويراڳِيَن کي، ويل مَ وساريج،
قَدَم ڪاپَڙَين جا، ليلائي لَهيج،
پيَرت پَسيو پُٺ جي، وڃڻ کي وڃيج،
راتو ڏِينهن رِڙھيج، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 8
قدم ڪاپڙين جا، لڳا ۾ لاھوت،
جنهين سين ياقوت، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 9
واڄَٽَ ويراڳين جا، مون وٽ وڏي وَٿُ،
سُون سڀوئي سڱيون، پَسي ڪينَ مَڪَٿ،
ويساھي ويلُ ڪَنهين، پُورَب ويندو پَٿُ،
ھَلُ کنيائون ھَٿُ، آءُ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 10
واڄٽ ويراڳين جا، مون وٽ وڏو مالُ،
مقالان مهند ٿيا،ڪونهي وَٽِن قال،
حاصل جِنهين حالُ، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 11
ھئي ھئي ڪيو ھٿ ھڻان، جوڳي ويڙا جاٿَ،
پيهي ويڙا پاٿَ، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 12
سُتيءَ سيڄ ھُياس، مون کي آهہ اُٿاريو،
جِنهين جاڳاياس، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 13
جيڪي مون کي ني، پڳه پائي پاڻ
پَروڙِيم پَٿَ جا، مَنجهان ڪِينَرَڪي،
ھاڻي جي ھنئي، آءُ نہ جيندي اَن ري.
بيت - 14
جيڪي مون کي تاڻ، پڳه پاڻ ڏي،
تو جي ھَنيان ھاڻِ، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 15
جيڪي مون کي نِيو، پڳه پائي پاڻ سين،
قوت منهنجو ڪاپڙي، سڱين منجهہ سهي،
ڪاڦري ڦُوڪَ ڏيو، آءٌ نہ جَيندي اُن رَي.
بيت - 16
سُوڌو سڱڙيَن سين ڪي جو ڪهيائون،
ھُو جي ھَنيائُون، آءُ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 17
صُبح سڱڙيُون کڻي ويا، وڄائي پاڻ،
اھڙي اُو اھڃاڻ، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 18
صبح سڱڙِيون کڻي ويا، دکائي دور،
ٿيا ڏيٺاريا ڏُور، آءٌ نہ جيندي ان ري.
بيت - 19
صبح سڱڙيون کڻي ويا، وڄائي ويرَ،
ڏوريان، ڏوريان نہ لهان، تن بيراڳين بَهير،
جن آسڻَ مَنجَهہ عنبير، آءُ نہ جيندي اُن رَي.
بيت - 20
ميڙيو ڀاڻَ ڀريُون ڪيو، جوڳي جَلائِينِ،
سامي سڱڙين سين، خوديءَ کي کائينَ،
ھُو جي تار تَڳائِين، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 21
پَسيو آسَڻَ اُن جا، اَچي نہ آرامُ،
ڪِينَرَ ڪُٺي آھيان، تِنهين جي تمامَ،
مون کي ٿيو ماتامُ، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 22
پَسيو آسڻ اُن جا، ادھُا اچن،
ڪِينَرَ ڪاپڙين جا، صَبح تان نہ سڄن،
جي راڙھي منجهہ رھن، آءٌ نہ جيندي اَن ري.
بيت - 23
آسڻ وٽ آھون ڪريان، وس نہ منهنجي وات،
لڳم لاھوتين جو، ڪينر منجهان ڪاتَ،
ھلڻ کي ھَيهات، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 24
پَسيو آسڻ اُن جا، ٻانَهن وجهان واتَ،
ھو جي ڪَهيا ڏَنهن قلات، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 25
وُٽن ويٺي آھيان، ڏِسيو ڪينَ ڏِسانِ،
جنهين جِهوئي ناهہ ڪي، سا ڪا سُونهَن سنديانِ،
پسيو ڪين پَسان، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 26
بابُو بيکاري ٿيا، اڄَ نہ آسڻ وَٽِ،
خودي کان ئي ھليا، پير نہ لائي پَٽِ،
ھيهي جِنهين ھِٽ، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 27
بابو بيکاري ٿيا،ڀَڄي ڇڏيائون ڀاڻ،
نِسوروئي نِينهن جو، نانگن وٽ نِڌان،
سرکَنڊ جِنهين ساڻُ، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 28
بابو بيکاري ٿيا، آسڻ وٽ نہ اڄ،
نسوروئي نينهن جو، سامي ڪن سَهجُ،
ھنئڙا تِنهين سين ھَڄُ، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 29
نانگا نانيءَ ھليا، سامي سڀيئي،
وِھَڪَ مون ويئي، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 30
نانگا نانيءَ ھليا، ويچارا ويا،
ڪينَرڪاپڙين جا، صبح تان نہ سُئا،
ھو جي ھِت ھئا، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 31
نانگا نانيءَ ھليا، چيلهيا چيلهہ ٻَڌن،
ھُو جي ھُت ھَلن، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 32
نانگا نانيءَ ھليا، ھنگلاجان ھَلي،
ديکي تن دوارڪا مَهيسين مَلهي،
آڳهہ جن علي، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 33
جُسي سندو جوڳ ري، مون نہ گهُرجي ماھہُ،
سامي منهنجو ساھہُ، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 34
ڪالهوڪوڪاڏي گيو، سندو جوڳين جوش؟
پَسي تنھين پَٽ کي، ھَڏ نہ رھيو ھوش،
آسڻمنجهہ افسوس، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 35
نہ ڪي کڻن پاڻ سين، نہ ڪو ساڻن پاڻُ،
اھڙو جن اُھڃاڻُ، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 36
پاڻهين ويٺا پاڻ سين، نہ ڪوساڻن پاڻ،
اھڙا جن اُھڃاڻ، آءٌ نہ جيندي اُن ري،
بيت - 37
پاڻهي ويٺا پاڻ سين، پَر ۾ پَرياڻين،
سامي سفر ھليا، آسڻ اُجهائِينِ،
وڃڻ وڃائِين، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 38
پاڻهين ويٺا پاڻ سين، پر ۾ پرياڻين،
ھُو جي ھَلڻ سنديون ڳالهيون ڳالهائين،
وڃڻَ وڃائِين، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 39
ويراڳين وَرَنَ، ڏسڻُ گهڻوڏھلا،
ھڪ ٻولڻُ ٻوڙن سين، ٻيو سندا فانين فَن،
ڪي گهُرجن ڪن، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 40
مٽَ نہ معذوُرين جا، جوڳي جاٽَ نہ نين،
اِنهي ۾ آھين، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 41
نانگا نانِيءَ ھليا، سڱيون ساڻ کڻي،
آيل آديسين جي، ھئين حُب گهڻي،
جنين منهن مَڻي، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 42
نانگا نانِيءَ ھليا سَنبهي سناسي،
آيل آديسين ري آءُ ھِتِ اُداسي،
جي پُورب پرواسي، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 43
نانگا نانيءِ ھليا، ھا منهنجي حالَ،
ھُو جي ڪهيا ڪالهہ، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 44
نانگا نانِيءَ ھليا، لوڪان ڪري لِڪَ،
ويئي مون وھڪ، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 45
نانگا نانيءِ ھليا، ويراڳي ويا،
ھوءِ جي ھت ھُوا، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 46
سَترُ سڱريَن سين، لحظي لاٿائون،
ڪينَرَڪُٺي آھيان، اُنهن جي آءٌ،
مون کي ماريائون، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 47
پسيو آسڻ اُن جا، اوڇنگارون اَچن،
پاڻان وڌَيس پَٽَ تي، لاھي لاھوتينِ،
جي راڙي منجهہ رھن، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 48
نِسورئي ناه جو، نانگن ھٿ نِڌان،
سرکنڊ جنھينَ ساڻ، آءٌ نہ جيندي اُن رَي.
بيت - 49
جُزو وُڃايو جوڳئين،ڪُلَ سين آھن ڪَمَ،
آسڻ جن عَدم، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
بيت - 50
وڄائي واٽ ٿيام، جوڳي جُڳاڻي،
ھئا جي ھاڻِي، آءٌ نہ جيندي اُن ري.
وائي - 1
سَنَدڙِيان سڱڙي،ڳالهہ ڳجهڙي، مون ماريندي ڪڏھين،
جا وڄائِينِ جتڙا، نہ تنهن نڙ جهڙي،
مُرليءَ کي جنهن ماتُ ڪيو، نہ تنهن تُل تنبڙي،
تاريو جنهن توڏيءَ کي، نہ سو گهنڊ نہ گَهنڊڙي،
ڏاريو جنهن ڏياچ کي، تَندئان تنهن تِکڙي،
نہ سري نہ ٺَنڍڪا، نہ ڪا ھِند ھَھِڙي،
ڪوڙين واڄٽ ڪيترا، لکين لانءِ ھڻندڙي،
ڪوڙي ڪلاٽَن کي، محبت وارن مٺڙي،
مٺائِيان مٺي گهڻو، چَوندا جن چَکَڙي،
وَانءُ اوناءِ اُن کي، وَيهہُ مَ کَڻُ وَکڙي،
بيخود بابو سي ٿيا،ٻرندي، جن ٻڌڙي،
جا ساراھيل سُبحان جي، تنهن واکاڻ ڪِهَڙي،
سَهسَين سرودن کي، پاڻان پوءِ وجهندڙي،
گهانڊار مرون موھيا، ھيءَ ماڙھو مُهندَڙي،
اھي عبداللطيف چئي، مَئا جِيارِيندڙي.
فصل ٻيون
بيت - 1
ڪِيُم ڪاپَڙيَن جي، پهرئين ڏينهن پَرُوڙَ،
سَگها ساعَتَ نہ ھيڪَڙِي، چارَئي پَهرَ چَورَ،
سدائين سيد چئي، ھون سَنياسي ۾ سُورَ،
جوڳي ساڻ ضرور، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪ ۾.
بيت - 2
ويهي ويراڳين جو، ٻئي ڏينهن ٻُڌمِ حالَ،
اُن جا ڌاڳا ڌوڙِ ڀُلڪَيِا جاڳوٽا زَوالُ،
تن ڄاڻي ڄَٽائون ڇڏيون، چوٽا چڱيءَ چال،
ويچارا وُجَودَ جي، ڪنهن سان ڪن نہ ڳالهہ،
نانگا ٿيا نِهالُ، لڪا ڀڻن لوڪ ۾.
بيت - 3
ٽئي ڏينهن ٽمڪائين، دُونهويون دائرن ۾،
ميڙيوڪِڙڄَ ڪاٺيون، جوڳي جَلائِين،
سنديون کامڻ خبرون، آديسَين آھِينِ،
ڳجهہ نہ ڳالهائِين، لڪاڀڻن لوڪ ۾.
بيت - 4
چوٿين ڏِينهن چَوگانَ ۾، ڪنهن جنهن پَهہ پيا،
وَھَم پريان جي وڍيا، تن ۾ ڪُوڙڪِها؟
اندر آديسَين کي، اچن جوش جها،
سامي سونُ ٿيا، لڪاڀڻن لوڪ ۾.
بيت - 5
ڪنهن جنهن پور پَچائيا، پنجين ڏينهن پَئي،
اندر آديسين کي، سورن شاخ ڪئي،
محبت جي مَيدان ۾، لاشَ ڪَٿيا لهي،
تن کي ساري رات، سيد چئي، گُوندر ساڻ گئي،
ڪريو سيڻَ سَهي، لڪاڀڻن لوڪ ۾.
بيت - 6
پَيا ڪنهن پرياڻَ ۾ ڇهين ڏينهن ڇَڻي،
اندر آديسين کي ڌُريان ئي ڌڻِي،
ٻري ٻاجهارا ڪيا، کانئي خاڪ کني،
پنيو پَنجَ ڪڻي، لڪاڀڻن لوڪ ۾.
بيت - 7
سَتين ڏينهن سيد چئي، ڌاڳاڌوتائون،
اُڀي الڳ سامُهون، ٻانهُون ٻَڌائون،
وڏي ڪنهن ولاتَ جا، اُھَڃ آندائون،
روح پنهنجو رام سين، پر ۾ پَرتائون،
کنيو کدائون، لڪا ڀڻنَ لوڪ ۾.
بيت - 8
اَٺين ڏينهن اُڀي ويا، جوڳي جاءِ بجاءِ،
سا پَر سامي سکيا، جا پَر جوڳُ جُڳاءِ،
ويرَوتار وجُود ۾ اُن کي رَام رھيو ئي آہ،
ڪنهن جنهن ڪمائيءَ لاءِ، لڪا ڀڻن لوڪ ۾.
بيت - 9
نوَئين ڏينهن نيڻان، اوجاڳي اُجاريا،
سٻاجهي ٻاجهہ ڪئي، سُڃاڻي سيڻان،
جتي نظر ناٿ جو، اُتي اوتاران،
اِھي اُھڃاڻان، لڪا ڀڻن لوڪ ۾.
بيت - 10
ڏھين ڏينهن ڏکَ ٿيا، پرين پاٻوھيا پَسُ،
وَرَقَ جي وصال جا، سي واري ڪيائون وَس،
لڌائون، لطيف چئِي، سندو گروءَ گَس،
جوڳي کٽيو جَس، لڪا ڀڻن لوڪ ۾.
بيت - 11
يارھين ڏينهن ڪَرَمُ، وريو ويراڳين جو،
جوڳين جاٽائون پَنيون، ھَلي ويا حَرَم،
دائُم جَهليو دمِ، لڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
بيت - 12
ٻارھَين ڏينهن ٻَئي، مَنَ مرادون پَنيو،
جوڳي اِن جاٽا کي، ٿي سڪيا سڀيئي،
سَمانا سي ئي، جي گُر گڏجي آئيا.
بيت - 13
ٿَين سڪ سيد چئي، تيرھين ڏينهن تمام،
گنگا لوپي گودڙيا، جر پيتائون جام،
ڪهيو تي ڪلام، لڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
بيت - 14
چوڏھين ڏينهن چلي ويا، جوڳي مٿي جُوءِ،
اُتي آديسين جي، لڳي سَين صَبوح،
راول انهيءَ روءَ، لڪا ڀڻن لوڪ ۾.
بيت - 15
پهہ ۾ پندرھين ڏينهن،ٿا سامي ڪن سدا،
ڪري آيا ڪاپڙي، منجها گام گدا،
انهيءَ ٻول ٻڌا، لِڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
بيت - 16
سامي سورھين ڏينهن، ڪا ٻولي ڳاھِين،
چوٽا چاڙھيو چيلهہ سين، سناسي ساھَين،
ڪين قنديل ڪڇ مان، لاھوتي لاھين،
اھڙيءَ پَر آھين، لِڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
بيت - 17
سترھين ڏينهن سنڀائيُون، سامين سٽائون،
ڪَڙا ڪچڪَولن ۾، ڳولي ڳتيائون،
اُٿي آديسي ھليا، جوڙي جڙيائون،
سڪَ نہ سَلتائون، لِڪا ڀَڻن لوڪ ۾.
بيت - 18
ارڙھين ڏينهن اٿي ويا، ڌاڳن کي ڌوئي،
سامي سُک نہ سنڀريا، ڪرٽ ڪڍي ڪوئي،
اٿن سُور سُماع جو، جڳت ۾ جوئي،
ڪنهن سين اورين ڪينَ ڪي، سناسي سوئي،
لنگهائين لطيف چئي، رات سڄي روئي،
سامي صُبحوئي، لڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
بيت - 19
اوڻيهين ڏينهن اَمر ۾، آديسي آھين،
سي لک لکي مان ڪاپڙي، ڪيئن لاھوتي لاھِين،
نڪي اڏين نجهرا، نڪي ڪي ڊاھَين،
ويٺا وراھين، لِڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
بيت - 20
الله ايڪيهين ڏينهن تي، ويراڳي واري،
ڪڏھن ايندا ڪاپڙي، گنگا گِرناري،
لَڪا لاھُوتين کي، ڪنهن ڏُک ڏيکاري،
اِھڙا آچاري، لِڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
بيت - 21
ٻاويهين ڏينهن ڪو ٻاڻ لڳو آديسين اچي،
ڪنهن تان ڪَيف ڪڪوريا، منجهان مچ مچي،
لانگوٽيا لعل ٿيا، انهي پَر پچِي،
ھلي ويا ھنگلاج ڏي، راول رات رَچي،
لَهيو سڌ سچي، لِڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
بيت - 22
ٽيويهين ڏينهن ٽمائيو، نانگا اچن نيڻ،
ڪين وسارين ڪاپڙي، جي سٻاجها سيڻ،
جِهڄيو جهيڻي جهيڻَ، لڪا ڀڻن لوڪ ۾.
بيت - 23
چوويهين ڏينهن چلڻ جي، ڪي ويراڳين وائي،
ھتائين ھُلُ ڪري، سريا سي ساڻِين،
آديسي اُڪير ۾، لعل پريان لائي،
سامي سوائي، لڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
بيت - 24
پنجويهين پُوربين کي، آڻيندو الله،
ونگي وليُن ويڙھيو، ساڻ سناسين ساھہ،
اچي آب اکين ۾، اُڪُنڊيو ارواح،
سڪَ تنهن ساميءَ ڏانهن، لِڪا ڀڻن لوڪ ۾.
بيت - 25
ويراڳي وارن کي، ڇَويهين ڇوڙين،
لايو خاڪ لڱن کي، جٽائون جوڙين،
سنڱيون نيو سُڃ ۾، کاھوڙي کوڙِين،
وَيترٿا ووڙِين، لڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
بيت - 26
ستاويهين سر تي ڀوڳي وجهن ڀاڻ،
لائي لڱن کي ھليا، پتوڙيائون پاڻ،
کِدائون ۽ گودڙيون، سدا سامين ساڻ،
اُتي ڄاتوڄاڻ، لِڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
بيت - 27
اٺاويهئين اُن ۾، سندي پنڌ پچار،
سامَين ساز سنوان ڪيا، تَندَ وڄائين تارَ،
ڪَن مدائي ڪا نہ ڪا، موچاري مَڻيار،
پاڻ پلينديءَ کان پلي، ڌريان ٿين ڌار،
اھڙيءُ ساک سچار، لڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
بيت - 28
اوڻٽيهيئن آئيا، سناسي سرتاج،
حاصل حسينين جي، ھيءَ سڀ ٿيندي حاج،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي ويٺا وجهن واجهہ،
ساڌو ٿيو سماج، لِڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
بيت - 29
ٽيهينءَ پُوريءَ پرينءَ سين، مر ٿئي موجود،
وڃيو اُت ويراڳ ۾، سامي ڪن سجود،
لاطمع لاھوت ۾، وڃائين وجود،
سڪ منجهاران سود، لوچي لوڙي آئيا.
بيت - 30
سَنگ سواٽا ڪاپڙي، مٿا مُوءَ ٿيان،
ڪوٺي ڪنهن نہ پڇيا، تہ ڪي اندر اندوھيا؟
جيڪا ڄماران، سا سَڀ گذري گوندرين.
بيت - 31
گوندر گذاريو ڪاپڙي، پڌر وڃن نہ پاڻ،
تن آيل آديسين جي، رُئان ڪاڻ رھاڻ،
ھت نہ پسجن ھاڻ، ويا ويراڳي نَڪري.
وائي - 1
ڪُلَپتَي آئِيا، ھو ماءُ! آءُ ھلندي اُن سين،
حرص ھُوا جيءَ جن جا، سُکين تان نہ سَڌائيا،
تَن تڪيا تاڪي ڇڏيا، جي ايهيءَ ورَونهَن وَڌائيا،
توشڪون ۽ تڪيا، وھاڻا جن وراھيا،
ھلو تہ پَسون تن کي، جن لُنگ لاھوتَين لائِيا،
اَديون، عبداللطيف چئي، اَڱڻ مونَ آئيا.
فصل ٽيون
بيت - 1
ڪنهن جنهن سناسي سُورَ، جي منجهہ وھلور وتن،
سناسي ڪنهن سور، وهلوريا وتن،
اَٺئي پَهرَ اَلکَ جو، ڪو وَڍَ ويراڳين،
سدائين صاحب ڀر،ٿا ڪاپڙي ڪَنبن،
جي راتو ڏينهن رَمَنِ، ھَلو تڪيا پسو تن جا.
بيت - 2
ڪنهن جنهن سناسي سُورَ، جي وتن ۾ وھَلُورُ،
ٻهرٻولي ٻي ڦري، گُهٽَ ۾ گهايل گُهورَ،
چت جن جا چُور، ھلو تڪيا پسون تن جا.
بيت - 3
سدائين سفر ۾، رَمن مٿي راھہ،
پُرَن پورب پنڌ ڏي، مَنجهہ موالي ماھہ،
جن اَلک سين آگاھہَ، ھلو تڪيا پسون تَن جا.
بيت - 4
نڪر ناھہ ڪُلهي ڪَري، ھُوندَن جيئن مَ ھو،
توکي ويسَ وڃائيو، ويسُ وڃايو تو،
سامي آھي سو، جنهن پاڻُ وڃائي پوءِ ڪيو.
بيت - 5
نڪر ناھہ ڪلهي ڪري، ھو مَ ھوندن جيئن،
لاھوتي، لطيف چئي، ھُون نہ آديسي ائين،
سي ڪاپڙي ڪيئن، جي ڌارين تعلق تر جيترو؟
بيت - 6
ڪَن ڪٽ،ڪاپَٽ،ڪاپَڙي،ڪنوٽِيا،ڪَنَ چير،
سدا وھن سامهان، عاشق اُتر ھيرَ،
تَسا ڏَيئي تَن کي، ساڙيائون سرَيرَ،
جي فنا ٿيا فقَير، ھلو تڪيا پسون تَن جا.
بيت - 7
ڪَن ڪَٽ،ڪاپٽ،ڪاپڙي،ڪَن جي ڪٽائِين،
لاھوتي، لطيف چئي، ماڳ نہ مَٽائِين،
جي خوديءَ کي کانئين، ھلو تڪيا پسون تن جا.
بيت - 8
ڪن ڪٽ ڪاپٽ،ڪاپڙي،ڪنوٽيا،ڪَن ڪَٽ،
دونهان جن دُکائيا، ھَلي مٿي ھَٽَ،
خاڪ جن جي کَٽَ، ھلو تڪيا پسون تن جا.
بيت - 9
ڪن ڪٽ،ڪاپٽ،ڪاپڙي، لانگوٽيا لالَ،
لاھوتي، لطيف چئي، ڪنهن نہ موھيا مالَ،
ھهڙا جنهين حالَ، ھلو تڪيا پسون تن جا.
بيت - 10
ڪن ڪٽ،ڪاپٽ،ڪاپڙي،ڪنوٽيا، ڪَنَ ذار،
ھلن جي ھنگلاج ڏي، بابُو ڇڏي بارَ،
جي ڪين قبولڻهارَ، ھلو تڪيا پسون تن جا.
بيت - 11
تڪيا پسون تن جا، ھلي منجهان حالَ،
ڪوڙين ڪَنوٽِين جا، ڀيَنرُ ڀانيان ڀالَ،
ساميَن جي سنڀالَ، منهنجو چِت چڱوڪيو.
بيت - 12
تڪَيا تاڪيائون، ويا رَمندا رام ڏي،
کِجان، خبر نہ لهان، تن آديسين آءٌ،
ڪنهن کُوڻ کنيائون، ڪاڏي ويا ڪاپڙي؟
بيت - 13
سامي کامي پِرينءَ لئي، ڪُسي ٿيا ڪباب،
جهڙوڏَسن ڏوهہ کي، تهڙو تن ثواب،
اوتينِ ارتَي گاڏئون، منهنجا اکين آب،
سندو ذات جواب، تون ڪئَن پُڇين تن کي؟
بيت - 14
سامين سڱ ڪلهن تي، سَنگُ مڙوئي سُورُ،
ڪَهندا وَيا ڪابل ڏي، ڪو جو پَيڙُن پُورَ،
مڙھيءَ جو مذڪور،ڪلهہ ڪندا ويا ڪاپڙي.
بيت - 15
سامين سَمَرُ سُورَ، گوندرَ گبَريَن ۾،
جڙي ٻڌائون جانِ ۾، پيغامن جا پُور،
آديسي اَسُورَ، وڄائي واٽ ٿيا.
بيت - 16
سامي مڙھي سندياءَ، سامهين مون سيلَهہ ٿي،
سا تان ڪُه اڏياءِ، جان نانگا وڃين نِڪري.
وائي - 1
جنهن جي مُنَ ۾ مالا، جوڳي سوئي،
جنهن جي منُهَن ۾ مُنڊا، سامي سوئي،
پيٺاسَونُ مڙَھي ۾ اَلااللهُ، سَت گروءَ جي سَنگا.
فصل چوٿون
بيت - 1
جي ڀانئين جوڳي ٿيانِ، تا سڱ سڀيئي ڇَڏ،
اوڏوٿي الف کي، مَنُ ميم سين گڏ،
ھتان لاھوتي لڏ، تہ گُر کي گڏجين ڪاپڙي.
بيت - 2
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تا سڱا سيلي ڇَڏ،
ڏوھنيون ڏور ٿي، مور مَ مڙھي اڏ،
سپيريان جي سَڏِ، نانگا وانءُ نڱيو.
بيت - 3
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تا وڃج جَڳ ڇڏي.
“يهُدِئ اللہُ لَنُوۡرَہٖ مَنۡ يَشاءُ” صاحبُ سڀ سڏي،
لاھوتي لطيف چئي، ويا لعل لڏي.
ھَي ھَي ھِنَ ھڏي، ھمہ کي حيران ڪيو.
بيت - 4
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تا مورک منجهين مَرُ،
تَن کڏي، مَنُ حُجرو، گهورِج پنهنجو گَهرُ،
درٿي پُورج دَرُ، ڳولا ڪج مَ ڳوٺ ۾.
بيت - 5
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تا مڙھي ٻاري مَرُ،
منجهين تيرٿ تڪيا، منجهين گُروءَ جو گهُر،
منجهين بابُو بکيا، منجهين نارڻ سُر،
بستي ڏور مَ بَر، تُون خود آھين تڪيو.
بيت - 6
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تا وڃائي ڇڏ وجود،
محبت سندو منجهين، دل ۾ دُکائج دود،
اُلفت رک الک سين، اندر ۾ افزود،
وحدت کي وجود ۾، نانگا ڪر نمود،
نفي ڪر تون نفس کي، ذلت ڏيئي زود،
ٿي خفي سين خوشنود، تھ نانگا رسين ناٿ کي.
بيت - 7
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تا ويهي ڳول وجود،
اُٿي الک سامهون، سامي ڪر سجود،
خلوت ڪر خفي سين، ٿي نفيءَ ۾ نابود،
پُرج پُورب پار ڏي، بابُو ڇڏي بُود،
نانگا نفس پانهنجو، ڪر رضا سان ربود،
تَن کي ڏيئي تَسيا، اُلفت سان آلود،
لڏي تُون لاھوت ۾، ڪر ويراڳي ورُود،
چَبي ڇڏ غنود، تہ راول رسين رب کي.
بيت - 8
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تہ سڱ سڀيئي ڇِن،
وڃي دَرِ دوستن جي، نانگا ڪِيم نِنُ،
پَٽِ تنهِين جي پَن، جن ٻُجهي نہ ٻُجهيو.
بيت - 9
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تہ سڱ سڀيئي ٽوڙ،
جي ڄايا نہ ڄاپندا، جيءُ تنهين سين جوڙِ،
تہ تون پهچين توڙ، محبت جي مَيدان ۾.
بيت - 10
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تہ ھُوندَن جيئن مَ ھو،
توکي ويسَ وڃائيو، ويسُ وڃايو تو،
سامي آھي سو، جنهين پاڻُ وڃائي پُوريو.
بيت - 11
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تہ پَر ڪَلمي جي پار،
پنجن ساڻ پُورو رھہ، تون آيا ٽيهہ مَ ٽارِ،
تڏھن ڌاڳا ڌار، جڏھن راھہ سڃاڻين رب جي.
بيت - 12
جي ڀانئين جوڳي ٿيانِ، تہ دل ۾ ديڳ چاڙِھہ،
جيرا، جگر، بُڪيُون، ڦِڦِڙَ ڦوڙي ٻارِ،
تہ قادر تنهنجي ڪار، خاطي خالي نہ ڪَري.
بيت - 13
جيڀانئين جوڳيٿيان، تھ وٺي وحدت ويھھ،
اونھون مُلڪ الله جو، ڪنھنڇُليڏٺو نہ ڇيھھ،
ماٺ مڙھيءَ جي پيھھ، تھ ويٺي ئي ويرناٿٿئين.
بيت - 14
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تہ سڱي سالَ وڄاءِ،
مالها ڦيرج من ۾، ڌَڙَ کي ڌوڙ مَ لاءِ،
غلام تون گودڙي، صبر جي سباءِ،
تہ سامڙيا سندياءِ گَرَ وٽ گلا نہ ٿئي.
بيت - 15
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تہ پَر گُروءَ جي پار،
ھوائون ھنگلاج ڏي، ويندي سڀ وِسار،
نانگا ناٿ نِهار، سامي ڏي سڪ سين.
بيت - 16
ڪن پٽ،ڪاپٽ،ڪاپڙِي،ڳَلَ پَٽَ ڳاڙھيءَ روءِ،
پنڌ جنهين جو پورب ڏي، مُشڪَ کٿوريءَ بوءِ،
ھنڌ جنهين جا ھوءِ، ڪينهين ڪالهہ کڻي ويا.
بيت - 17
ڪينهين ڪالهہ کڻي ويا، ڪاملَ ڪنهين قبِلي،
جوڳي ويا جُوءِ تي، سامي سارِيمَ سي،
ھنڌ جنهين جا ھي، ڪينهين ڪالهہ کڻي ويا.
بيت - 18
ڪينهين ڪالهہ کڻي ويا، پورب ٿين پنڌ،
ھَلي پَسو ھنڌ، ڪينهين ڪالهہ کڻي ويا.
بيت - 19
ڪينهين ڪالهہ کڻي ويا، نَر پسو نانگا،
ڏيل اڳيان ٿا سڄن، گهٽ گهيڙَ اَڻانگا،
سي سي ٿين سانگا، جيئن ڪينهين ڪالهہ کڻي ويا.
بيت - 20
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تہ طمع ڇڏ تمام،
گولا جي گولن جا، تن جو ٿي غلام،
صبر جي شمشير سان، ڪرڪِيني کي قتلام،
تہ نانگا تنهنجو نام، لکجي لاھوتن ۾.
بيت - 21
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تہ تَرڪ طمع کي ڪَر،
وڍي وھم وَجُودَ جا، خاصي ڌيان ڌَر،
تہ ڪنهن پهچين پَر، لکجين لاھوت ۾.
بيت - 22
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تا ترڪ طمع کي ڏي،
نانگا وڃي ناٿَ جي، تائب ٿي تڏي،
ويراڳي وجود کي، لاشڪ ڇَڏ لڏي،
جو اجايُون اڏي، پَري پُوربُ اُن کان.
بيت - 23
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تہ ٿيءُ گروءَ جي گس،
ڏکُ پاڻ کي ڏس، ھنگلاج ھلڻ جو.
بيت - 24
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تہ من پُوري منجهہ مار،
دائما دُونهين دل ۾، من سين مالها وار،
سَهہ سڀڪا سار، آگي جي ادب سين.
بيت - 25
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تہ ڪين پيالو پيُ،
ناھہ نِهاري ھٿِ ڪَري، آءٌ اِت نہ ٿيُ،
تہ سندو وحدت ويُ، طالِب توڙان ماڻئين.
بيت - 26
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تہ مُنهن ۾ مُنڊا پاءِ،
ڪنينَ ڪِينَ وڃائيو، جن ۾ ڪوڙين ڪَڪَر وڌاءِ،
ڇڏ چادر، ٻَڌ چمڙا، جُتي تو نہ جُڳاءِ،
تہ ساميڙا سَندياءِ، گُر وٽ گِلا نہ ٿئي.
بيت - 27
جوڳين جَوڳ جَڳاءِ، جُو پڻ سُونهي جوڳئين،
جوڳيان سنديءَ جان ۾، ڳجهہ ڳجهاندَرُ آھہ،
ھاءِ مُونهِين کي واءِ، جا آءٌ جوڳُ نہ سکي.
بيت - 28
جوڳ نہ جوڳو تون، ڪَرين پَچارُون جوڳَ جون،
ھڪڙو پنڌ پريَن جو، ٻي تُنهنجي ڀونُ،
سامي سيڻن ڏُونهُن، رُئندا ئي رت ويا.
بيت - 29
جوڳي ھُونِ جِيران، پائي جوڳ مَ جيءُ،
ھاريا ھن ڪَنن سين، سُڻ سنهيو ايءُ،
وڃائي وُجُود کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،
ھَڏ ھِن ڪونهي ھِيءَ، آسارو آءٌ چئي.
بيت - 30
جا جياري جوڳئين، سا ماڙُھن مصيبت،
سامي سُور صحتَ، جي پوربيا پَروڙئين.
بيت - 31
جوڳي تنهنجي جوڳ ۾، ڳالهہ گھرجي ڳُچ،
وڍيو، چيريو، چچريو، پَر ۾ اُڀو پَڃُ،
سوئي ٻارج مَچُ، جيئن ٻاھرٻاڦ نہ نِڪري.
بيت - 32
جيڪي جوڳي ٿيءُ، نا تہ نرڄا ونئن نِڪري،
تان ڪُوھُہ ڪن ڪپائيين، جان نہ سَهسين سيءُ،
ڀڄ پراھون ٿيءُ، متان ٻيا لڄائين.
بيت - 33
جوڳي ٿين نہ يارَ، ڪنهين سان قريب ٿي،
مون ملاقات اَن سين، جن پورب جي پچار،
اَٺ ئي پهر اُن جي، آھہ ناني ڏانهن نهارَ،
لائي ويا، لطيف چئي، اندر منجهہ اُپار،
سامين ساڻ ستارَ، لاھوتي لالُ ٿيا.
بيت - 34
مُون پوربي پُڇيا، جوڳي جاڙڪري،
ھَيُون جن ڳري، سُڌيون سنديُون سڄڻين.
بيت - 35
چيلهہ چَڪَر،ڳَل سڱيون، مَٿن مُنگٽ موڙ،
جوڳي اھڙيءَ جوڙ، مُون ويسريءَ وڃائيا.
بيت - 36
جوڳي ھوا جِتِ، سو ماڳون نِهاريان،
مڙھيُون پُوري مَتِ، مانَ وسريو ڪي لَهانُ.
بيت - 37
ڳڻي کِدائُون ھليا جوڳي جيڏانهين،
آءٌ پڻ اوڏانهين، تن کي تندَون پائيان.
بيت - 38
گولا جي گراھھ جا، جُوٺا سي جوڳي،
کَٽلَ سي ڦوڳي، جن شڪَمَ سانڍيا.
بيت - 39
جندا ھومَ جوڳ ري، جندا جوڳ مَ پاءِ،
ڪُوڙي ڪج مَ ڪڏھين، سَچي ڪامَ سَلاءِ،
پَهچَڻُ پارينداءِ، متان رامُ رَسائين.
بيت - 40
ڪن ڪورائي ڪاپڙي، جندا ٿيءُ مَ جوءِ،
سَر سَپاھين وِڪيا، سوڪ نہ سامي سوءِ،
جيڪي پُڇين، پُڇ سو، گنگا نين نہ گوءِ،
وڃ لاھوتي لوءِ، عجزُ کي آڏوڪَري.
بيت - 41
ڪن ڪورائي ڪاپڙي، جندا ٿيُ جوانُ،
ڪاھہ تہ لڳي ئي ڪانُ، نانگن ھٿان نِينهون جو.
بيت - 42
نسورو ئي نِينهن جو، دل ۾ دُونهون پاءِ،
آڻي آڳ عشق جي، ٻاري جان جَلاءِ،
جِندا تن جاڳاءِ، جن سان آتش آبُ ٿِئي.
بيت - 43
ڪَنَ ڪُورائيين ڪاپڙي، اي زنانو جوڳ،
سامي سڃاڻڻ تو پيو، ھيڪ دَھي، ٻيو دوڳ،
جنهن وڻ ڀانيو ڦوڳُ، رام تنهين کي ريبيو.
بيت - 44
ھو جي ڪَن ڪپار جا، سوڌو سي نہ سُڻين،
اندرِ جي آھين، سڻ سنِيهو اُن سين.
بيت - 45
ھي ڪنَ گاڏھا وڪڻي،ڪَنَ ڪي ٻيا ڳنهَيج،
تِنهين ساڻ سُڻيج، سُپيريان جي ڳالهڙي.
بيت - 46
سپيريان جي ڳالهہ کي، سامي ڪي سمجهہ،
نانگا تون نانيءَ ڏي، آديسي مَ اُجهہ،
ويهي تُون وجود مان، ڳولي لهج ڳجُهہ،
ٻيءَ ڏانهن ھڏ مَ ٻجهہ، الکُ اُتي ئي ڪاپڙي.
وائي - 1
ويه مَ ويسري، اي تان، ڪي جاڳي اور الله سين،
محبتَ جي ميدان ۾ سڄي ڳالهہ ڳَري،
ٻيون ان اوسيڙي آڌيءَ اٿين، تون تان ڍانگ ڍَري،
سُتي ساجن نہ ملي، اھي اِيءَ کري،
سي پڻ روندا رت ويا، مِڙيا جي مَري،
ويئي ميرائي، مَن ٻان،سڀ ڪا ڳالهہ سري،
لطف ٿيو لطيف چئي، ور ڙي دل وري.
وائي - 2
راوَلُ رھي نہ رات، جيڏيون! منهنجو راول رھي نہ رات،
ڪوھہ ڪَرينديُس ڪانڌ ري، وھاڻي پرڀات،
مٽَ نہ معذورين جا، ڪا جا جوڳي ذات،
لڳُم لاھوتين جو، منجهان ڪِينرڪات.
فصل پنجون
بيت - 1
مونا طَورسينا، سندا سناسينِ،
سجدي ۾، سيد چئي، گوڏا گودَڙيَن،
“فَکَانَ قَابَ قَوْسَيُنِ اَوْ اَدْنٰئ”، ٿا نانگا ائين نمن،
“کَلْ مَنۡ عَلَيُها فَاِنَ”، باقي ڪين بچن،
“اَللہُ وَلَي الُذيُنَ اٰمَنُوۡا ۙيُحُرِجُهُمُ مِنَ الظُلُمتِ اِلَي النُوُرِ”،
ٿا اھڙيءَ پر پرن،
“خَرَ مُوُسي صَعِقاَ”، جوڳي جنگ جلن،
“مَا زَاغَ الْبَپصرُ وَمَا طَغي”، اھڙيءَ روش رَوَن،
مُشاھدو محبوب جو اُتي آديسين،
“بِيُ يُبُصرَ وَبِيُ يَسُمَعُ”، بي وصال وھَن،
“بِيُ يَشِرَبِيُ يَنُطِقُ”،ٿا اھڙيءَ چال چَلن،
سيد چئي سندن، ڪَلَ پُڇين تون ڪهڙي؟
بيت - 2
مونا طور سينا، سندا سناسين،
پورب کنيو نہ پاڻسين بعد بيراڳين،
ردا آھي راز جي؛ اوڇڻ آديسين،
قرب ڪاپڙين، ننهن چوٽيءَ سيئن ڍڪيو.
بيت - 3
مونا طورسينا سندا سناسين،
”طالبُ الموليٰ مُذڪَر“، ايءَ ڪلام ڪيائون ڪن،
سکن کي سڀين پريَن، ٻُجهي ڏنائون ٻِنَ،
الف آديسين، چوري رکيو چتَ ۾.
بيت - 4
مونا جن محرابُ، جُسو جامعَ تن جو،
قبلہ نُما قَلبُ ڪري، تَن کي ڪيائون طواف،
تحقيق جي تڪبير چئي، جسما ڪيائون جواب،
تن ڪهڙو ڏوھُ حساب، جن ھينئڙي ھادي حَلُ ٿيو.
بيت - 5
مُنهن محراب پرينءَ جو، جامع سڀ جهان،
ڦَرھيءَ تان فُرقانَ جي، ڪاٽيائون قُرآن،
اُڏامي اُتِ ويو، عقل ۽ عرفان،
سڀوئي سُبَحانُ، ڪيڏانهن ڪري نَيتيان.
بيت - 6
پايو مُنهن مونن ۾، ويٺا ئي وھسنِ،
جوڳي جاٽا ڪن، آيا اُلوھِيَتَ ۾.
بيت - 7
آيا الوھيت ۾، لاھوت لنگهيو جن،
مَنجهان تن جُسَن، حرف نہ سڄي ھيڪڙو.
بيت - 8
منجهہ محبت مَچ، ٻهرڌُوڌا ڌوڙ سين،
ڇڏيائون چر لَهي، ڪُوڙُ،ڪَلکڻ ڪَچُ،
اوڳُڻ اوڏا نہ ٿيا، ڳڻ ڪيائون ڳُچ،
جئَن سڙن، تئَن سَڃ، جئَن سڙن، تئَن سَنرا.
بيت - 9
ڇڏ جاڳوٽا جوڳئين، دُونهين ڪِيمَ دُکاءِ،
“وَاذُکُرُ رَبَکَ فِي نَفُسِکَ”، اندر آگ جلاءِ،
جن کي سڄڻ جي ساڃاھہ، تن کي ڪِينان مٺوڪي نہ ٻيو.
بيت - 10
جوڳي ڪنڌ ڪپاءِ، ڪَنَ ڪپائڻ ھَير ڪي،
صحبت تنهنجي، سيد چئي، سامُين وَٽَ سَماءِ،
“يَهُدِئ اللہُ لنُوُرہ مَنۡ يَشَاَءُ”، ائين اُنهن لئي آھہ،
اِي تنهين جي جاءَ، جن ٻئي جڳ ڇڏيا.
بيت - 11
جوڳي جَڳَ ڇڏي، پريا پورب پنڌ ڏي،
لاھوتي، لطيف چئي، ھليا لعل لڏي،
“وَاللہُ يَدُعُوُاۤاِلي دَارِ السَلٰمِ”، صاحب سڀن سَڏي،
ھئي ھئي ھن ھڏي، ھَمَه کي حيران ڪيو.
بيت - 12
ڪيهي ڪامَ ڪاپڙي ٿا، اھڙي رَوشَ رَوَن؟
نہ ڪا دل دوزخ ڏي، نہ ڪي بهشت گهرن،
نہ ڪو ڪم ڪُفار سين، نہ ڪا مسلماني مَنِ،
اُڀا ائين چَوَن، تہ پرين ڪجو پانهنجو.
بيت - 13
سامي چئجي اُن کي، جو ڪُهي سڳوڀاءُ،
ڏئي طلاق جوءِ کي، سُمهي وٽ ماءُ،
اِن پر اُٿي آءُ، تہ سچو سامي تون ٿئين.
بيت - 14
جوڳيڙا پاڙي،ڪَر نہ ھُوا ڪڏھين،
ويا مڙھہ تاري، ڪالهہ وَڄائي سڱيون.
بيت - 15
راھہ شريعت ھليا، تفڪر طَريقون،
حال حقيقت رسيا، معرفت ماڳون،
ناسُوتُ، مَلَڪَوتُ، جَبرُوتِ، ايءُ انعام لڌون،
پَسُ لاھوتُ لنگهيون، ھاھُوت مٿي ھليا.
بيت - 16
نڱيا ناسوتان، مَڻيائون ملڪوت ڏي،
جوڳي جبروتان، وڄائي واٽ ٿيا.
بيت - 17
تن اُجهيو، تن نہ ٻجهيو، ويٺي گڏين ويرُ،
ڏوري ڏٺائون ڏُک سين، پاڻَ مُنجهان ئي پير،
لٿو تن لطيف چئي، جُسي جو زنجير،
ڪين ڏٺو ھو ڪاپڙئين ڪابل ۽ ڪشمير،
سچ جنهين جو سِير، تُن گرو ويٺي ئي گڏيو.
بيت - 18
نا اُميدي آجڪو اوڇُڻ آديسيَن،
سدا سُک وَسَن، طالِبَ اوءِ تقدير تي.
بيت - 19
نا اُميدي آجڪو اوڇڻ آديسن،
ڪڏھين تازيءَ پُٺ تي، ڪڏھين ھيٺ ھَلن،
سامِيڙا سمنڊ ۾، تُنبي جئن تَرَن،
جي واڳونءَ وات وڃن، تہ ڪُسن ڪڇن ڪينَ ڪي.
بيت - 20
لالَ ڪي لالُ ٿيا، لالُ لنگهيو جن،
عدم جي اوڙاھہ تي، ڪيا آسڻ آڌوتَين،
گردانيو گنگن، گرداب جي گِيان سين.
بيت - 21
ولهُون، ويلا، واوَ، جوڳين جهليا جان ۾،
اَجهو ريءَ الله، ڪونهي ڪاپڙين جو.
بيت - 22
نا مُرادي نجِهرو، عدم اوتارونِ،
رضا راڄ سندون مُور نہ مڱن ڪي ٻيو.
بيت - 23
ڪهڙي پُڇين ڪَالهہ، ڪَر نہ ڪا اَڄ صُباحَ،
ونئن تِنهين سين واڳيو، جيڪي پَسين مَنجهہ پَساھہ،
رم رباني راھُہ، مٿي حال ھوشيار ٿي.
بيت - 24
کڻيو تڪَبر تَڪيا، حيلا ڪيو ھلَن،
مُوڙھا تا نہ لَهن، لَمي راھہ لطيف چئي.
وائي - 1
تن ڳُڻَن ڳهر وَڃائي ھو مائي، جوڳين مون سين جي ڪيا،
ڪَري مَوج ڪاپڙي، گُروءَ وٽ گَدائي،
اشارتون اُن جون، وانءَ کَپي تون کائي،
ننڊ تنهن کي ناھہ ٿي، جا آديسن اُنائي،
آھي اِن ڳالهہ جي، راوَلَ ايءَ رَبائي،
ھيڪائي ھڪُ ٿيان،ٻُڌن ڪانہ ٻِيائي.
اکين آرس ڇڏيو، دل ۾ ناھہ دَغائي،
اَنُ اللہَ وَتَرْ يُحِبَ الْوِتَرْ، اي اُنهين لئي آئي،
ريجهائي رَمُوز سين، کاھوڙيَنِ کانئي،
الله، عبداللطيف چئي، مون سان صاحبَ ڪَر سڻائي.
فصل ڇھون
بيت - 1
ڪنهن جنهن ڪُٺا ڪاتَ، جئَن سامي مور نہ سنرا،
ڏينِهان ڏُکي ڏيل ۾، سُور سڄائي رات،
سندي جوڳيان ذات، جيجان ھوءَ جڏارئين.
بيت - 2
روح ۾ رَھين رام، ٻهرٻولين ڪي ٻيو،
پيالو پُر ڪري، جوپ پيتائون جام،
تهان پوءِ تمام، تن تڪيا تاڪي ڇڏيا.
بيت - 3
رام رھين ۾ روح، ٻهرٻولين ڪي ٻيو،
سدائين سفر ۾، مٿاٿِين موءَ،
سامَين جا صبوحَ، ساريان گهڻو سيد چئي.
بيت - 4
مٿا موءَ ٿِيان، سدا سوئيتا ڪاپڙي،
ڪوٺي ڪنهن نہ پڇيا، نہ ڪي اندر اندوھيان،
جيڪا ڄماران، سا مَنجهہ گُوندَرَ گُذري.
بيت - 5
ويٺي جنهن ورھہ ٿيا، مٿي سين ميري،
اکيون جنهن جون الک ڏي،ڀون ڏي نہ ڀيري،
ڪاراڻيان ڪڪا ٿيا، ڄرٽيا ڄيري،
لُڙڪ لالُ، لطيف چئي، ڪنبي ۽ ڪيري،
نينهُن نہ نِبيري، سورَ چرندي سنرو.
بيت - 6
ويٺي جن ورھہ ٿيا، مٿي ميري ساڻُ،
ڪاراڻيان ڪَڪا ٿيا، ڄيري وجهي ڄاڻَ،
خوديءَ کان خلاص ٿيا، پُٺ تي وجهي پاڻَ،
سي ڪئَن ٻهر ھڻن ٻاڻَ، جن گڏيو گُرِ گروان ۾؟
بيت - 7
نانگن ڪين نمائيو، ناٿ نَمايو نِينَهن،
مڙِھن اُٺا مِينهنَ، جوڳيان سنديءَ ذاتَ کي.
بيت - 8
نہ ڪي نمن ناٿ کي، ناٿُ نہ نمائين،
جاٽا ڪن نہ جوڳُ کي، جوڳ نہ جهارين،
آديسي آڻين، اُھڃاڻيون اَلماس جون.
بيت - 9
ٻَٽاڄَرڄَراٽيا مُنهن کانيا سيئي،
ماين منگن بکيا، نہ ڪا لِڄَ نہ ليهہ،
بابو بيکاري ٿيا، نہ ڪو پُٽ نہ ڪوڌيءُ،
پسو جلايا جيءَ، ويراڳين ويراڳ سين.
بيت - 10
ڄرڄراٽين جندڙا، صُورت ساڙين سيءُ،
اُڀَين گهڻي ادب ۾، عادت سندين اِيءُ،
جوڳين پنهنجا جيءَ، الله ڪارڻ لوٽيا.
بيت - 11
ھَر ھَرَ ڪن ھرنامُ، ڌُون ڏينهاڻي ڌوتيا،
جن نہ ريجهايو رام، ناٿُ نہ نمي تن کي.
بيت - 12
ھر ھر ڪن اُميسُ، ڌون ڏينهاڻي ڌوتيا،
جن نہ ماري ميسَ، ناٿ نہ نمي تن کي.
بيت - 13
گهنڊن پاسي گهنڊ، گڏ گذارين گودڙيا،
پَليتيءَ کان پانهنجا، پاڪ رکيائون پنڌَ،
نانگا ڪن نہ نَنڊَ، وڃن رَوندا رام ڏي.
بيت - 14
تهڙا ڪَڙڄ ڪڪرا، جهڙا جائن ڦُل،
تن سامين جي سُڌَ مَران، جن جي گودڙين ۾ گُل،
اندر ملان مُل، ٻهر ڪوجها ڪاپڙي.
بيت - 15
ياد گرو ڪن گودڙيا،ڀَر بازار بيٺا،
پڙھن سُور سُبحان جي، پيڻ تنهن بيٺا،
جيلانهن مُنهَن ميٺا، تيلانهن نشا چاڙھيائون نينهَن جا.
بيت - 16
ريگڙيارا رميا، لوٺَيس لانگوٽِين،
منهنجو جيءُ جَلائيو اندر آديسن،
ھَي ھَي مَنجها ھٿن، وڄائي واٽ ٿيا.
وائي - 1
تن اکين آءُ اڙائي،ٻَڙي جيڏيون،ڪَنهن دَر ڏيان دانهنڙي،
ڦِڪيون ڏيئي ڦَڪيُون، ويڄن آءٌ ورچائي،
حُسن ھوتَ پُنهونءَ جي، تنھن لاليءَ آءُ لڇائي،
اُلَفت ڪَر مَ اُن سين، قُرب جا ڪَڙائي،
صحبت سُپرينَ جي، مٺي آھہ مٺائي،
الله عبداللطيف سين، وَحدت وَٽ ورھائي.
فصل ستون
بيت - 1
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپڙي، طعام نہ طامائو،
سَين ھَنيائون سڃ ۾، پَهَر نہ پينائُو،
اوسَرَ آسائو، اُٿي گوندر گڏيا.
بيت - 2
قوت ڪڙايا ڪاپڙي، طعامَ نہ طمعدارَ،
سين ھنيائون سڃ ۾، جوڳي ڪنهن نہ يارَ،
اوسر جي آڌار، اُٿي گوندر گڏيا.
بيت - 3
قوت ڪڙايا ڪاپڙي، بُک چکيائون بوءِ،
ويا نيرانا نِڪري، جوڳي منجهان جُوءِ،
اَوسر آجا اوءِ، اُٿي گوندر گڏيا.
بيت - 4
پَنن ڪين پَٽُ کَڻي، گُهرن ڪينَ گهُران،
مهيسي مخلوق جي، اُڀين دُور دران،
پُڇڻ توءِ شراع، جي اندر عدالت اُن جي.
بيت - 5
پَنن جو پٽ کڻي، سو جي سُڃاڻن،
تہ بَر ۾ بيکَ لهن، پَهَر نہ پَنن ڪاپڙي.
بيت - 6
اَسُکُ جن اويَر، سي سانجهيءَ رھن سمهي،
لاھوتي، لطيف چئي، آڌيءَ ڏين اُلير،
اُٿيو لوڪُ پسي پيا، سامي مٿي سير،
ڪيڏاھين ڪندا پيرَ، مڙوئي مٿو ٿيو.
بيت - 7
وِچين ويٺا ھُونَ، سانجهيءَ رھن سمهي،
مَھيسي مُنهن پانهنجو، ڌاران ڌوڙ نہ ڌونَ،
وھاڻيءَ واٽن تي، پاسا کوڙيون پَونَ،
ڪنهن کي ائين نہ چَونِ، تہ آديسي آھيون.
بيت - 8
وچينءُ ويٺا رھن، سانجهيءَ رھن سمهي،
بُکَ مَرندي بکيا، ڪنهن کان ڪِين گهُرن،
پيٽَ نہ ھيريائَون پانهنجا، چوري ساڻ چَسنِ،
ڦَڪي فقيرن، ماڳيان پَني ماٺ جي.
بيت - 9
نہ ڪي ھيٺ نہ بيٺ، نہ ڪي گَبرين ۾،
رام ڪيائون ڏيٺ، وڃن ڪينر ڪُلهي ڪيو.
بيت - 10
ڪَشي چيلهہ ڪَشن، ڏِيلَ ڪيائون ڏُٻرا،
پيٽ نہ ھيريائون پانهنجا، چوري ساڻ چسن،
اھڙيءَ راھہ رسن، ڪاپڙي ڪابو لڏي.
بيت - 11
ڪشي چيلهہ ڪشا،ڏيلِ ڪيائون ڏٻرا،
لاھوتي لطيف چئي، تَنَ کي ڏين تَسيا،
گروءَ جي گَسان، پاسي ڪن نہ پاڻ کي.
بيت - 12
ڪشي ساڻ ڪشي،ڏيل ڪيائون ڏٻرا،
پيٽ نہ ھيريائون پنهنجو، چوري ساڻ چَسي،
ويراڳين وسي، رام سدائين روح ۾.
بيت - 13
آديسيءَ آديسُ، ھِتان ڪري ھليا،
ڪاپڙين قَلب ۾، ڪيو ڏوراڻو ڏيسُ،
ويراڳي نئون ويس، راولَ ڍڪي رَميا.
بيت - 14
آديسين ادب، آھي اَکڙيَن ۾،
تن جو حَسَبُ نَسَبُ ناھہ ڪي، نہ اما نہ اَبِ،
سامَين کي سڀين پرين، روح ۾ رھيو رب،
ريءَ لانگوٽيءَ لبُ، پاڇي ڪن نہ پاڻ کي.
بيت - 15
لانگوٽي لاھِي، وانءَ ويراڳين سامُهون،
ٻَڌ سوُرن جو سَندرو، مَنجها سِڪَ ساھي،
اُنهين وٽ آھي، اوڇڻ ڳالَهہ اُگهاڙ جي.
بيت - 16
لُنگَ ڪڍيائون لانگ، موٽي ڪن نہ مسحو،
اسلامان اڳي ھُئي، سا سئائون ٻانگ،
سامي ڇڏي سانگُ، گڏيا گورکناٿ کي.
بيت - 17
ويراڳي واڳي،ڏِينِ ڏھاڻي ڏيل کي،
راول رتو مولهئين، سامي سُهاڳي،
لوُن جنهِين سين لاڳي، جوڳي پَسان تہ جيان.
بيت - 18
ويراڳي واري، الله اڱڻ آڻئِين،
ڏُکَ لاھينديس ڏيل مان، تُهَن جِئَن تاري،
ايندمَ اُوتاري، کِينءَ جون ڏيندم خبرون.
بيت - 19
ارتو اکين مان وَھي، مٿي ڳلن ڳاڙ،
ڪوري ڪنن وچ ۾، ڦڃ ڏنائون ڦاڙَ،
ھَڻي تَوبھہ تاڙ، نانگا نسورا ٿيا.
بيت - 20
لاھوتي، لطيف چئي، سُڌَ نہ کڻن ساڻ،
ايءَ آديسيَن اُھڃاڻ جِئن تعلق ڇڏيائون تڪيا.
بيت - 21
ڄَرَڄَراٽِين اڱڙا، کوڙي کانئَينِ کَلَ،
ماءُ ماريندَم اُنِ جا، اَڏيا ماڳ مَحَلَ،
ڪيائون ڪا نہ ڪَهلَ، اديون عبداللطيف چئي.
بيت - 22
پُوڄاڪر مَ پاڻ کي، کوءِ راولَ ٻَن رُجات،
لِباسان، لطيف چئي، پل ويراڳي واتَ،
مَنُ ماري ڪر مات، تہ تِيرٿُ پسين تڪئي.
بيت - 23
پوڄاڪَر مَ پاڻ کي، پَل پوڄا کان پاڻ،
ڄاڻي ڇڏي ڄاڻُ، پُرج پورب پنڌ ڏي.
بيت - 24
پوڄاڪَر مَ پاڻ کي، جوڳي رکج جوڳ،
خَلق خادِمَ جِئن ڪَرين، ايُ راول وڏو روڳُ،
ڀَڳِنڪونھيڀوڳُ، نانگا وڃن ناڱيا.
بيت - 25
پُوڄاڪَر مَ پاڻ کي، سمجهہ تون سامي،
ٿي سُورن سينَ سنرو، ويھُ مَ وسامي،
خطرڇَڏ خامي، تھ نانگا رسين ناٿ کي.
وائي - 1
مڙِيَنئون موڪل،ڪالهہ ڪندا ويا ڪاپڙي،
ڪڏھن اُتر سامھان، ڪڏھن دُونهينِ جهَلُ،
ھُن سيڪِيندي ھٿڙا، مون ڳاڙِيندي ڳَلَ،
ڄرڄراٽين ڄندڙا،ڳوري ڳانين ڳل،
چيري چندن ڪاٺ جِئن، سُورَ ڏنائم سل،
بابوڪن نہ بِکيا، نڪا وَلنَ وَلَ،
الله عبداللطيف چَئي، ايندَم شالَ اَمُلَ.
فصل اٺون
بيت - 1
رھيا اَٿيئي رات، صُبح ويندئي صابري،
لُئن لُئن منجهہ، لطيف چئي، ڪر تنهين جي تَات،
سندي جوڳيان ذات، ٻي ڀيري ڀاڳ مِڙي.
بيت - 2
اڱڻ آھين اڄ، صبح ويندئي صابري،
ڪَج ڪوڪاپڙين مان، روح رُچندو رَڄُ،
پير تنهي جا پُڄ، متان سڪين سناسين کي.
بيت - 3
تان ڪي ساڻن اور، جان آھين اوطاقن ۾،
ڏھہ ڏھہ ڀيرا ڏِينهن ۾، پاڻُ مٿانئن گهورِ،
ويا جي ھِنگلور، تہ ڪَرم ملندَئي ڪاپڙي.
بيت - 4
تان ڪي وَٽن ويهُہ، جان آھَينِ اوطاقن ۾،
سامي سفر ھليا، ڏُور چَتائي ڏيهہ،
ڇڏي سُکُ ساڻيهہُ، مٿي گنگا گَجيا.
بيت - 5
تان ڪي وٽن وَڃُ، جان آھين اوطاقن ۾،
سامي سفر ھليا، رائو چِتائي رُڃ،
اھڙيءَ جن اُھڃُ، سي ڪَرم ملندئي ڪاپڙي.
بيت - 6
تان ڪي وٽن آءُ، جان آھين اوطاقن ۾،
وِيو تن نہ وِسري، لاھُوتِي ڪو لاءُ،
فَنا ۽ فِراقَ جو، سامَين چَکيو ساءُ،
وَٽان تو وينداءُ، ڪاپڙي ڪابولڏي.
بيت - 7
اڄ نہ اوطاقن ۾ جاڳَر جوڳيڙن جو،
ساري سناسين کي، رئندين تان رو،
پَسُ پارئان تو، لاھوتي لَڏي ويا.
بيت - 8
اڄ نہ اوطاقن ۾، طالب تَنوارينِ،
آديسي اُٿي ويا، مڙھيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارينِ، سي لاھوتي لڏي ويا.
بيت - 9
اڄ نہ اوطاقن ۾، سندي جوڳينِ جوڙَ،
ساري سناسين کي، کامي ٿِيُس کوڙَ،
مَن جِنهين سان موڙَ، سي لاھوتي لڏي ويا.
بيت - 10
اڄ نہ اوطاقن ۾، سندي جوڳين ذات،
ساري سناسين کي، رُنمِ ساري راتِ،
مون تَنَ جِنهين جي تاتِ، سي لاھوتي لڏي ويا.
بيت - 11
اڄ نہ اوطاقن ۾، تازا پَٿَرَ ڪَکَ،
آديسي اُٿي ويا، پيئي اُڏامي رَکَ،
سامي کَڻي سَنکُ، وڄائي واٽ ٿيا.
بيت - 12
اڄ نہ اوطاقن ۾، ڪَرَڳَلَ ڪِينَ روئُن،
نہ اُھي آديسي اَسُکا، جن سين مڙھيون سَونهَن،
مَڙھہ پُوريائون ماٺ ٿي، واڄٽ ڪين وڄن،
ويا نانگا سي نِڪري، پهر نہ پُورَيين،
ساريو سناسين کي، اولاڪا اچن،
لاڄئُون لاھوتَينِ، جوڙي ڏنيُون جِيءَ کي.
بيت - 13
اڄ نہ اوطاقن ۾، دُونهين، ڌُنڌُ نہ لاٽَ،
ويا ويراڳي نڪري، جِت چکائي چاٽ،
آءٌ ماريس تِنهين ماٽ، جيجان جوڳيَڙنِ جي.
بيت - 14
جيا سُون جوڙٿي جوڳي ڏٺو سون،
مُلا تنهين مُون، حاصل ڪي حال ڪيو.
بيت - 15
جيا سُون جوڙَٿي، جوڳيءَ لاٿوَ جاڙ،
سندو پُورَبُ پار، آڇيائين ايندن کي.
بيت - 16
جيا سُون جوڙٿي، جوڳي ڏٺو جان،
سڱُ ھو جنهين سان، سامي سو سانڀيٽيو.
بيت - 17
جيا سون جوڙٿي، نانگو ڏٺو سون نِت،
چُونچو ھو چِتُ، کُلي سو باغ ٿيو.
بيت - 18
ھو جي ھُئا ھِت، تہ مَٿن ھُوند حق ٿيو،
مڻيُون مورَتَ مِت، مان وسريُون ڪي لهان.
بيت - 19
ھي جي ھئا ھاڻِ، تہ مٿن ھوند حق ٿيو،
پيهي ويا پاڻ، اڏيا مَڙھہَ مارين مون.
وائي - 1
ڪاپڙي ڪَنَ چيرَ، ويا ويراڳي نِڪري،
دل ھڻي ويا دَلقَ سين، ڦورو ھُئڙا فقيرَ،
ھڻي ويا حلم سَان، سڱيون منجهہ سَريرَ.
فصل نائون
بيت - 1
بُکَ وڌائون بَگري، جوڳي ڪندا جُڃَ،
طلب نہ رکن طعَام جي، اوتيو پَين اُڃَ،
لاھوتين، لطيف چئي، مَنُ ماري ڪَيو مُڃَ،
سامي جهاڳي سُڃَ، وَسِيئَن کي ويجها ٿيا.
بيت - 2
نہ گندا، نہ گَبرا، نہ لانگوٽي لِک،
جيڏانهن ڀرينِ وَکَ، تيڏانهن صاحب سامُهونِ.
بيت - 3
نہ گندا نہ گبرِي، نہ لانگوٽي لِيڙَ،
جيڏانهن ڪرينِ ڀيڙَ، تيڏانهن صاحب سامهون.
بيت - 4
نہ گندا، نہ گودڙي، نہ لانگوٽي لِکُ،
جيڏانهن ڀِرينِ وک، تيڏانهن صاحب سامهون.
بيت - 5
نھ گندا، نھَ گبري، نہ لانگوٽي لينگ،
ڀُنگا جنهن ڀينگ، صاحب تِنهين سامهون.
بيت - 6
جئن ٿا پُڇن اَن کي، تئن جي پُڇن پَنڌُ،
تہ رڙھي لڌائون رندُ، لَٿين لُکَ لطيف چئي.
بيت - 7
جئن ٿا پَڇن اَن کي، تئن جي پُڇن الله،
تہ رھي لڌائون راھہ، لٿين لک لطيف چئي.
بيت - 8
نہ گندا، نہ گبري، نہ ڪَڇ ڪاڇوٽي،
سامين ٻاري سُڃَ، ۾ بابُن باھوٽي،
جوڳي جَبروُتي، وَڄائي واٽ ٿيا.
بيت - 9
ڪَڇين ڪاڇوٽي، نانگن ٻَڌي نِينهَن جي،
جهڙا آيا جَڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
اُنهين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
بيت - 10
سٻيريءَ، سيد چئي، جئن ٿا پڇن اَن،
تن ڪاپڙي، ڪونهي ڪَن، جوڳي چائينِ جاڙَٿا.
بيت - 11
جا براد بُتن جي، سا اُڃ بُکَ آديسين،
روزا رندَ رکن، عيد نہ اوڏا ڪاپڙي.
بيت - 12
جنهن سَناسيءَ سانڍيو، گندي ۽ گراھُہ،
اُنهي کان الله، اڃا آڳاھون ٿيو.
بيت - 13
ويٺو پُڇين پر، ڪرڪا ھِنئار ھلڻَ جي،
اڄ آديسي مر، صُباحَ مَرنَدو سڀڪو.
بيت - 14
رامَڪلي دُکيا ڪَهي، سُکيا ڪهي نہ ڪوءِ،
ڪو مٽي،ڪو مائٽيءَ،ڪو روچيءَ کي روءِ،
رامڪلي ڪهي سوءِ، جنهن جي ڀاڳ وچ دک ھوءِ.
بيت - 15
پَرينديهي پير ٿيا،ڇڏي گنجو گامَ،
گُروءَ سندي گَس ۾، جن ڪيا تَنَ تمامُ،
ويهي ڪيو نہ وچ ۾، تن آديسَين آرام،
راھہ ۾ گڏين رام، پنڌان ڇُٽا ڪاپڙي.
بيت - 16
اکيون آلو ماھہ، سَدا سناسَين جُون،
واري نيڻَ نِنڊاءُ، جاڳي جهَليا جوڳئين.
بيت - 17
اَڌ لڳيُون آھِينِ، آيل آديسيَن جُون،
ويهي وِھائين، ڪا قضاني راتڙي.
بيت - 18
اڃا سي آھِين، سزا وارَ سِڱين جا،
ويٺا وڄائين، جي سناسي سُڻئين.
بيت - 19
نسوريائي ناھہ جي، دل ۾ دونهين دُکاءِ،
آڻي آڳ عَشق جي، لاھوتي تَن لاءِ،
جِندا تئن جاڳاءِ، جئن آتشيان آب ٿئي.
بيت - 20
مَرَڻ مُسلم جن، واحد تن نہ وسري،
مٿي سڳَر ڪاپڙي، ڪا نانگا ننڊ نہ ڪن،
نيڻ سدائين تن، اوجاڳن اُجاريا.
بيت - 21
جوڪُنڌِ سَنڌ سامُهون، پَرت تنهين سين پار،
نينهَن نہ نبهي جنهن جو، تنهن سين تون م تنوار،
ھَڏِ مَ واٽ وسار، ٿيءُ نرالو نبري.
بيت - 22
پُوري پئي رَھہ، اُپٽي اُجهہ مَ ڪاپڙِي،
اُلا جي عشق جا، سي تون سَهيو سَهہ،
پڇ پاڻ کي پَهہ، ھينگلاج ھلڻ جو.
بيت - 23
جوڳي ويا جامير، جان مڙھنيان مُنهَن پائيان،
ٻيا پوڄيندي ڪير، ڌُوڌاڻي ڌوپ ڌري.
بيت - 24
ڏورڻُ گهڻو ڏاکڙو، ڏورج مَ ريءَ ڏِئي،
تان تان ھوئج حُجري، جان سين يارُ جئي،
جڏھن پاسي پاڻَ ٿئي، تڏھن ڇڏ تَڪيو.
بيت - 25
ڏور مَ ڏيان ڌار،ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو،
ڪوڙين لک ھَزار، ان اُونداھيءَ انڌا ڪيا.
بيت - 26
تو جو ڏِيو ڀانئيو، سا سورج سَهائي،
اَنڌن اونداھي، جي رات وھامي ڏِينهَن ٿيو.
بيت - 27
ناٿَ جِنَهَين نِنڌِ، تِتِ پڻ نَہ نهاريو جوڳئين،
ڪي ڪويسا ھئا ڪاپڙي، پريا پَراھين پَنڌِ،
ھُو ھَنهين ھَنڌ، ٿي ھُوھِين ويا ھنگلاج ڏي.
بيت - 28
ناٿ جنهين نِنڌِ، تت پڻ نهاريو جوڳئين،
سي سويسا ھئا ڪاپڙي، پُريا پراھين پنڌ،
ھُو ھُئو ھِنَ ھَنڌ، ھُن ھنگلاجان ھَٿ ڪيو.
بيت - 29
سامي تون سلُوڪ کي، ھٿان ھَڏَ مَ ڇڏَ،
لڏيندن سين لڏِ، تہ رَھين تون راڄ ڪَري.
بيت - 30
ويندن کي ويڪَ ٿي، ھوندن ڪونهي ھَنڌُ،
“مِنُ لَه الُمُوَلي فَلَه”، اي پروڙج پَنڌُ.
بيت - 31
عاشقَ شهَرَ فقير دَر دَرِ ھڻن سَينَ،
“مِنُ عَرَفَ اللهُ اکَلِ لِسَانَه”، اھڙائي امينَ،
جتي پَسي ڪِينَ، تِتي ڪن تڪَيو.
بيت - 32
گُذَر گئي گُذرانُ، ڪينَ قبولج ڪاپڙي،
علي جو مَيدان، سَکرُ سناسَين کي.
بيت - 33
ويٺا ڌوڙ ڌڻي، عليءَ جي ميدان ۾،
ترڪُ ڪيائون تڪيا، پريون پنڌ سُڻي،
ڪندي ڪوھہ دُني، طعنا ڏيئي تن کي.
بيت - 34
لَنگهہ لاھُوتيا ڪاپڙي، دونهين ڪا مَ دُکاءُ،
اوري ڪَر مَ آسرو، پَري پيرُ مَ پاءِ،
جنَين جي جاءُ نہ ماءُ، وانءِ تنهين سين واڳيو.
بيت - 35
ڇڏ جاڳوتا جوڳئين، دُونهيون ڪَيمَ دُکاءِ،
“وَاذُکُرُ رَبَکَ فِيَ نَفُسِلکَ” اندر آگ جَلاءِ،
جن سڄڻ جي ساڃاءَ، تن ڪِينان مَٺوڪِينَ ڪي.
بيت - 36
ڀنيءَ ڀَڙڪَ ڪن، باھيون بيراڳيَن جون،
ھلو تہ سيڪيون ھٿڙا، مٿي تن مَچن،
مُلا سناسين، مون جڙ لڳي جان ۾.
بيت - 37
ھُو جي ٿيا ھر ڪيسَ، تن لڳي ڪِين لِباسَ سين،
وتن ولهي ويس، لاھُوتي لطيف چئي.
بيت - 38
بُک اُنهِين جي بکيا، ڌُوڙ اُنهين جو ڌُوپ،
ڪيائون سوئي روپ، جئان لوڪَ لَڄَ ٿئي.
بيت - 39
سڱيون، سيليون، گبريون ايءُ پڻ ڪُوڙي ڪَٽ،
بابُو عادت بڇڙي جئن ھليو وڃي ھَٽِ،
تيرٿ توئي وٽِ، تُون پُڇين گس گنگا جا.
بيت - 40
سڱيون سيليُون، گبريون، ٽيئي ٽولَ ٽَڳو،
پَٽُ ھَڻي پَٽَ سينِ ڀيڙي تن ڀَڳو،
لاھوتُ جن لڳو، سي مَڙھيان مُورِ نہ نڱيا.
بيت - 41
گندي ۽ گراھہ، جن سناسَين سانڍيو،
انهن کان الله، اڃا اڳاھَونَ ٿيو،
بيت - 42
کوءِ گودڙ،ٻَن گبريُون، نيئي کِدائون کانءِ،
جيڏانهن جوڳ وَيو، نيڻ تيڏانهين نانءِ،
ڀڻو ايهين ڀانءِ، تہ سڱيون شُومَت ھٿن جون.
بيت - 43
کَڻُ گودڙ،ٻن گبريَون، کانءِ ڳَدائون،
جندا وڃي جوڳ سين، لهج ڪي لائُون،
اِئين ڪُهہ اُتائون، سڱيون شومت ھٿن جون؟
بيت - 44
ٺڳن گهڻا ٺڳيائيا، تُون ٺڳن کي بہ ٺڳاءِ،
اُٿي آڌيءَ رات کي، پنهنجو تَن پچاءِ،
لاھوتي مَ لَڄاءِ، نانگا تون ناموس کي.
بيت - 45
ڪي جي سڳا سُور جا، ويٺي وٽيائون،
پُويو پوتائون، ساڄا ڪيو سڱين ۾.
بيت - 46
جا گُر ڏِني گودَڙي، سا مون کي ٿي مَرُڪ،
چيلا ماري چَرَخُ، اوڍي ويهہ ادب سين.
بيت - 47
جا گُر ڏني گودِڙِي، سا ٿئي لاھيندي لَڄ،
سندا تنهن سَهَج، چيلو چوندو ڪيترا؟
بيت - 48
جا گُر ڏني گودڙي، سا مون گهڻي سُهاءِ،
نيئي رساڻي ماءِ، اوڍئِين جي ادب سين.
بيت - 49
اَندر رلا رَليُون، ٻَهرِ پَٽولا،
اِنهيءَ پَر ڪاپڙي، گڏھہ جا گولا.
بيت - 50
ٻهر رلا رليون، اندر پٽولا،
انهيءَ پر ڪاپڙي، خدا جا گولا.
بيت - 51
گُل گُل پَسي گودڙيا، گهڻا مَ ڀانئيج،
سوئي سڃاڻيج، ھي ھو آھي ھيڪڙو.
بيت - 52
پَٽَ ڇڏيائون پَٽَ ۾، ڏنڊَ ڇڏيائون ڏَسَ،
آلائشان اڳي ٿيا، موٽيءَٿين نہ مِسُ،
ھي ڇڏيائون حِسُ، وڃي ڪالهہ ڪُلُ ٿيا.
بيت - 53
دل ڌوتائين دُک سين، ڌاڳا ھڏ نہ ڌوءِ،
لاھوتي لطيف چئي رُوحان اندر روءِ،
ڪونہ ڏٺوسين ڪوءِ، سناسي سُور ري.
بيت - 54
ٻولي ٻُجهارَتَ، جوڳيان سنديءَ ذات جي،
ڏورڻ گهڻوڏاکڙو، ھلڻ ۾ حيرت،
عجب عبادت، پهہ پروڙڻ اُنِ جو.
بيت - 55
جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا، جان جان سو نہ پَسَن،
تان تان سناسَين، وَرھہ وھامي راتڙي.
بيت - 56
نہ کِلنِ، نہ کِينَ ڪي، نہ ڪَي ڳالهائِين،
ڪنهن جنهن ۾ آھين، سا پر پروڙڻ ڏاکڙو.
بيت - 57
محبت جي مَيدان ۾، کامي خاڪ ٿيا،
تمام ٿي طالب چئي، وحدت منجهہ ويا،
جنم موچارو جوڳئين،ڏکيا مھَندِ ڏِھا،
ساريان ڪون سياءُ، سَندن ھنَ سنسار ۾.
بيت - 58
راتيان رجهَن رام سين، ڏينهان ڪن سَنان،
جوڳي سي اَنان، وٽُون جن ورھائيون.
بيت - 59
ڪي جي ڏٺائون،ڏَھَڪجي ڏُورٿيا،
وھڪُ نہ ڪيائون، اُڀَيڪُ عيب اُن جو،
بيت - 60
نَہ ڪي طعامُ ٻنبڙين ۾، نہ ڪي گبريَن،
مون پڻ مُلا تن، حاصل ھي حال ڪَيو.
بيت - 61
دَلقُ ڍڪائج دل کي، لائج ڪو مَ لِباسُ،
پُوري کائج پانهنجو، مَڙھيان اندر ماسُ،
نہ ويراڳي تو واسُ، بَر ۾ بوُيون موڪلي.
بيت - 62
جتي عرش نہ اُڀ،ڪو، ذرو ناہ زمين،
نہ ڪو سورج چنڊ جو، پتو اُت پَسين،
نہ ڪي تارا ڪتيون، نہ ڪي جِسم جنينَ،
اُني آديسن جي، قَدم ري ٻيوڪين،
ملي ٿيا مسڪين، رام ريجهائي راز سين.
بيت - 63
جتي عرش نہ اُڀڪو، زمين ناھہ ذرو،
نہ ڪو چاڙھائو چنڊ جو، نہ ڪوٺَتَ سَرو،
اُتي آديسين جو، لڳو دَنگُ دَرو،
پَري پين پَرو، ناٿ ڏٺائون نانهِن ۾.
بيت - 64
ڀڳو ڀيريان نہ ڀري، چرخي لَڳڙي ڪا،
واڍي وِنگو وڻيو،ڪو ماءُ منهنجي لاءِ،
ڀڳو ڀيريان نہ ڀري، چرخو ڏئي نہ چَسَ،
ماءِ ڪتائيندِئن ڪيترو، من کي ماري نہ مَسَ.
بيت - 65
ڪڀي ڪَرو ڦيري، ڪَملا! ڳلي ميري،
ڪيون نهين آئندا، ڪيون نهين جائندا،
مَين عاجز بَندي نماڻي تيري،
شاه حسين فقيرالله دا، ھو رھيا خاڪ ڪي ڍيري.
وائي - 1
پانڌي ڪا پريان جي، ڪَر ڪا ڳالهڙي،
ڏيئي باھِہ ڀنڀور کي، جَتَنِ سين آءُ جاندي،
حڪايَتَ ھوتن جي، ادا تو ڪا آندي؟
مون کي پِيتم پاھيو، خَمر جي آءٌ خواندي،
سا پرَتيئي سُپرين، الستَ جا آندي،
ڪڏھن ٿينديَس ڪيچَ ۾، ھوتن سين ھيڪاندي؟
پَسَڻَ ڌاران پِرينءَ جي، مُٺي ھي پَسُ ماندي.
وائي - 2
ڪوئي ڏونگرُ ڏوريان، ڪوئي جبلُ جهاڳِيان،
پهچان وو ميان! شال پرينءَ کي،
لڳڙي پير پرين جي، آءُ جا ڏُونگر ڏوريان.
وائي - 3
دليان دُورِ نہ ڪيجي، پيالي والَڙي سا ڳالهڙي،
رانجهن والا زھر پيالا، شربت ڪري پِيجي.
ٽيھ اکري
بيت - 1
الف- الفَا الکُ من ۾ ڪيوڪاپڙين،
حرف ڌاران ھيڪڙي، ٻيو ڪين ٻُجهن،
فرضُ “فنا فِي الله” جو عَينُ عِبادت اُن،
“قل ھوالله احَدُ” ٿا، منجهان پِرت پڙھن،
سعادت سارين، گُرَ کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 2
ب- بييون برتنُ ناھہ جو، کدا تان نہ کڻن،
نہ گُلو بَند، نہ گودڙي، نہ ڌاڳو ڌڙڪِينَ،
چَڪَرُ چَمڙا چيلهہ تي، ٻهڳڻ ڪين ٻَڌن،
“تَرڪُ الدنيا واجِبُ”، اھا عادت عارفَن،
ٻيون ڏيئي ٻن، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 3
ت- تييون توشو توڻ جو، ڌريان نہ ڌارين،
ڏُکيا سَکيا ڏِينهڙا، گَهٽَ اندر گهاڙين،
تَوَڪلُ ڪيائون تَرَھو، ٻي وائي نہ وارين،
“قُل ھو الرحمٰن آمنابه” اُتي اختيارين،
پر چڱي پارِين، گُر کي گڏيا ڪاپَڙي.
بيت - 4
ث- ثييون ثابت سندرو، تن جوڳيڙَن جڙئو،
حرف سُڃاڻي ھيڪڙو، منجهان پرت پڙھيو،
”لامُقصُودَ فِي الدارين الاھُوَ“ انُ گهٽ ۾ گهاٽ گهڙيو،
لاھوتيَن لطيف چئي، اندر اَلفُ اڙيو،
جن من ۾ محب مڙھيو، سي گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 5
ج- جيمئون جوڳيڙن جي، جان نِهاري سون جُوءِ،
تان عقل اُت اوڇو ٿيو، ھُو ھليَا مٿي ھُوءِ،
”الحَب لله والبغضُ لله“، خاصي سندين خوءِ،
وڃي روبروءَ، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 6
ح- حييون حال پرائيو، تن آديسَين احوالُ،
ناھہ ڪيائون نَفَسَ کي، منجهان زھَد زَوالُ،
“لَنَ تنالُوا البرُ حتيٰ تُنفِقوا مِمانُحِبون” پاڻ ڪيائون پئمالُ،
لڌائون لطيف چئي، جانَب جو جَمالُ،
نانگا ٿيا نهالُ، گُر کي گڏيا ڪاپڙي
بيت - 7
خ- خييون خَشيتَ خُوف ۾، ڪيائون ڪيني کي قتل عام،
ڊڄيڊاءَ الله جي، ڪوجهوڪن نہ ڪامُ،
آئي اُن جي باب ۾، آيت ھيءَ انعامُ،
“ان الذِين يَخشون ربھم بالغيَب لَھُم مَغفَرة”، پرورَ جا پيغامَ،
خطرا لاھي خام، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 8
د- دالئون دُونهون درد جو، دل ۾ دُکائِين،
آڻيو آڳ عشق جي، چَقمَق چهٽائِين،
جيءَ پنهنجو جوش ۾، پَل پَل پَچائِينِ،
“العشقُ نارُ الله اذقع”، ٿا ماتمُ مَچائِينَ،
خطرا سڀ کانئين، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 9
ذ- ذالئون ذڪُر ذات جو، وير نہ وسارين،
سَنياسي سُبحان کي، سدائين سارين،
تَسبيحَ جي ترار سين، مُلحدَ کي مارين،
جُزاؤھُم عند رَبهم جَناتُ عَدنِ“ چڱي پَر پارين،
صاحب سنڀارِينَ، گُر کي گڏيا ڪاپَڙي.
بيت - 10
ر- رييون راضي روَح ۾، مٿي رب رضاءَ،
مڃيائون محبت سين، قادر جي قضاءَ،
ھمه سين ھيڪُٿيا، تن نانگن ناھھ نزاعُ،
“رَضي اللهُ عَنهُمُ وَ رضُوا عَنه”، جوڳين ايءَ جزاءَ،
ڏيئي ساھہ سزاءَ، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 11
ز- زيئون زھدِ زاُھد ۾، پختا ٿيا پَچي،
ڪڍي ڇڏيائون قَلبَ مان، ڪوجهي ڳالهہ ڪچي،
بيٺا عبادت ۾، مانجهي مرد مَچي،
“وَما خَلقتُ الجنَ والانَس اِلا لِيُعبدونَ”، سَڻيو سَڌ سَڄي،
اڪنڊ ساڻ اچي، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
12س
س- سينئون سهجئون سيج تي، سامي نہ سُمهن،
نيڻين ننڊ نہ اُن کي، خوشيءَ خوابُ نہ ڪن،
جانب سندي جيءَ ۾، ورونهن ويراڳيَن،
“النوم علي المحب حرام”، اي ڪلام ڪيائون ڪن،
“النومُ اُختُ المَوتِ”، اِي مام رَکن مَن،
اِھڙن اُھڃاڻن، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 13
ش- شينئون شريعت جا، تابعَ ٿيا تمام،
تن کي طريقت جو، منَ ۾ مچ مدامُ،
ھليا حقيقت سامهان، معرفت مَقامُ،
اِنَ الذِينَ آمَنَوا وَ عمَلُوالصالِحاتِ“ سُڻي آيو تن آرام،
جَنت پيتائون جامُ، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 14
ص- صادَون صبر سکيا، ڌُريانِ ئي ڌڻي،
اُبٺا انهين ڳالهہ تي، حُزن منجهہ ھڻي،
”اِنمَا يُوفي الصابرون اجرَھُم“، سرھا ٿيا سُڻي،
ڀليءَڀت ڀَڻي، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 15
ض- ضادَون ضلالت کان، پاڻان ويا پري،
منجهہ مراقبي محو ٿيا، ڪامل قَلَبَ ڪري،
مالها بوئي من تي، پڙهن ورد وري،
“فَلَهُم اَجُرُ غَيرُ ممنُونُ”، سامين سچ سري،
ڌڻيءَ دل ڌرِي، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 16
ط- طييون طالبَن کي، ڪو جو پَهہ پيو،
پرين پُڇن پاڻ ۾، ٻيون ٻَن ڏيو،
فرض “فنا في اللهُ” جو، اُنهين عين ٿيو،
“طلَبَ اللهُ ڪل فَريضَا” نانگن ايءَ نِهو،
سڃاڻي سهو، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 17
ظ- ظييون ظاھرَ ذَوق سين، پنج ئي ڪُن پُورا،
ھلن واٽ سَماءَ ۾، ڳاڙي ڳل ڳوڙھا،
سناسي سيد چئي، پُوربَ ۾ پُورا،
“ھُوَ اللهُ الواحِد القهارُ”، ساميءَ منجهہ سُورا،
ٿي چاڪَن سين چُورا، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 18
ع- عينا عارفَن جي، آھي ڳالهہ عجيبَ،
پاڻھِين گهائِين گهٽ کي، پاڻهين تنِ طبيب،
وٺن واٽ وچٿَرَي،ڪيو نرت نَجِيب،
“الايمَانُ بينَ الخَوف ولرجَاءَ”، ھلنَ ات حبيبَ،
ٿيا قادر کي قريبَ، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 19
غ- غينا غُربَتَ جِندڙي، سدا سناسيَنِ،
ڊڄيوڊاءَ الله جي، پورب منجهہ پچنَ،
“اِن اللهُ ھُوَ الرزاقُ”، سامين سَڏ سُڄن،
جوڳي جنگ جلن، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 20
ف- فييون فڪرَ فِراق ۾، آديسي آھين،
سڳا، سيلون، گَبريون جوڳي جَلائين،
“اِن الذِينَ فَتنوالمؤمنيُن”، سناسي ساھِين،
سنگت سَنوارِين، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 21
ق- قافون قَرابَتَ ڪُڙم کان، ڇني ڇڏيائون،
لاھُوت ۽ جَبُروتَ جا، اُھڃ آندائون،
مَلَڪُوت ۽ ناسوت ۾، گهڙي گهاريائون،
“فَيصَرُڪَ اليومَ حَديدِ” اِيھين اُتائون،
سَڳَرُ ساريائون، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 22
ڪ- ڪافون ڪري ڪرنشُون،ٻَڌي اُڀا ٻانهون،
اُڀي اَلکُ سامُهون، رَتو رُنائون،
سناسين، سيد چئي، مليون مدعائون،
“ولسَوفَ يُعطيڪ ربُڪ فَتَرضيٰ”، چٽو چيائون،
لائقَ لَڌائون، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 23
ل- لامون سي لاھُوتَ ۾، سَدا سَيرَ ڪَرين،
علَم حلم جا اُتهين، اچئو پهہ پُورينَ،
لڏيو لامڪان ۾، عشرت سين اورِينَ،
“وَاللهُ عليٰ ڪُلِ شيءِ قديرِ”، چَپن کي چورينِ،
ساميڙا سورين، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 24
م- ميمئون ملڻ حق جو، اصل آديسين،
جوڳيڙا جهان ۾، اھڙي چال چَلن،
لاھوتي لطيف چئي، منجهان حُب ھَلن،
”اِن الله يُحب المُحسِنِين“، خوشيان خواب نہ ڪن،
وردُ ويراڳيَن، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 25
ن- نونون نانيءَ ھليا، سامي سڀيئي،
اُڪنڊ ۾ آديس جي، وھڪ تن ويئي،
سناسي سڪڻ ۾، اَوتين آرتو ئي،
“لانتحرڪ ذرة الاباذنِ اَلله” وِسرين مڙوئي،
راوَلَ رت روئي، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 26
و- واوون ورق وصال جو، ويراڳي وارين،
وريُن واءِ وِصال جو، اُڱنڏ ۾ آھين،
سناسي سيد چئي، لوڪ نہ لُکائين،
“والله غالبُ عليٰ امرہ”، پَر چڱي پارين،
لاھوتي لَڏين، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 27
ھھ- ھييون حرف حساب جو، پسڻُ ٿين پَري،
وڃي وحدانيت ۾، ھَلن پيرَ ڀَري،
ڳجهہ اندر جون ڳالهيون، ڪنهن سين ڪِينَ ڪَري،
“لايَفوت وَلاَيمُوتُ”، سامين ڪَينَ سَري،
ڪڙو مُنجهہ ڪڙي، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 28
الف- الفا آديسين کي، سدا سورَ چڙھن،
اندر تن آديس جا، محبت مَچ ٻَرن،
اُلفت عزيزي ناھہ ڪا، نہ ڪي جَنگ ھلن،
“اَللهُ لَطيفُ بِعباده” آيت ايءَ پڙھن،
سناسي سهڙن، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 29
ل- لامون لڏي ھليا، جوڳي مان جاين،
وٺن واٽ وچٿري،ڪنهن کي ڪينَ چَون،
مَنجا، مَهرا، مڙھيون، سي ڀؤ ڪيو ڀانئين،
“والقَدرِ خيرہ وشرہ منَ اللهِ تعاليٰ” انهين اُھَڃاڻن،
ساميڙا سَنڪَنِ، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
بيت - 30
ي- ييئيون يَرڪُ مڪان ۾، ھلن اُڀَ سرا،
سامي سفَر ھليا، ڏَوراڻي ڏيها،
اُھَڃ آندائون اھڙا، جن منجهہ ناھي ڊاءُ،
“فَاذُڪُروني اَذڪَرڪُم”، ساميڙا ساراءَ،
جوڳي ويڙا جاءِ، گر کي گڏيا ڪاپڙي.
سُر رِپ
فصل پھريون
بيت - 1
گوندر ڪيو غرق، ماءَ منھنجو جندڙو،
ڏکوين مَرڪَ، مٿي سڳر پنڌڙو!
بيت - 2
گوندرَ گڏياس، صحَت نيڙيَم سڄڻين،
مادر مارياس، ڦوڙائي پرينءَ جي.
بيت - 3
گوندر ھَٿَ نہ پير، وره منجههين وَھڻو،
ڪڙ ۾ قطارون ڪري، سُورن لايا سير،
مون جئَن گهاري ڪير، ھيڪلي ريءَ سَڄڻين.
بيت - 4
اُٺي جئَن مورن، اوڀڙَ وَلهارَن ۾،
سا پر گوندر ڪن، جُہ ڦوڙائو سڄڻين.
بيت - 5
لائي جو ويا، سو منجههين ٿو مَچُ ٻري،
سو اُجهامي ڪئان، جنهن سوريندل سپرين.
بيت - 6
ڪُهَڻ نہ ڪچائي، سُور نہ سانڍڻ سٿرا،
اڃا تہ آئي، ڏيل منهنجي ڏُکَ سين.
بيت - 7
جيئَن سو تئيءَ تَرو، کامي کوري وچ ۾،
مون کي ڏنو سَڄڻين، مَنجهان سڪَ سرو،
وَرُ جهيڻو اِيءَ پرو، مَ ڦوڙائو سڄڻين.
بيت - 8
اُڀريَم انگُورَ، ستي سُپيرين جا،
کايو کايو سور، لُڇيو لوچيو اُٿيان.
بيت - 9
ڳرن ۾ ڳَرھيج، روئيءَ ڪج مَ پڌرا،
تان سُوران ئي سَهيج، جان لاھيندڙ ڪو لَهين.
بيت - 10
ڳَرھہ مَ ڳجهو روءُ، پڌر وجهہ مَ پرينءَ ري،
سورن سڀرَ ھوءِ، ھنئيڙا ڪم ڪنن جئَن.
بيت - 11
لاھہ مَ پَچاران، سُک مَ سُمَهہُ جندڙا،
ڪرَ جهوري ڪيڻان، ڪالهوڻيان اڄ گهڻي.
بيت - 12
جِهڄي جهانءِ ڪري، ماٺ نہ اچي مون ھنئين،
سَڄَڻَ سي ساري، ھو جنهين جو ھيرئون.
بيت - 13
جهوري جِهڄَڻ جهانءِ، مون جنهين جي نہ لَهي،
آيل اِئين مَ ڀانءُ،ڪي آءُ جيندي اُن ري.
بيت - 14
جاءِ نہ سڄو ڏينهن، ھِنئڙو اوٺي وڳَ جِئن،
مون پريان سين نِينهُن، ڇِنَڻَڪارڻ نہ ڪَيو.
بيت - 15
لاھيان جي نہ چِتان، الله اُن نہ وسران،
مڙھيو منجهاران، جِيءُ منهنجو جن سين.
بيت - 16
پَل پَل نو پلياس، پَلڪَ نہ رھي پرينءَ ري،
جنهن جهوريءَ کان جهلياس، جهڄيو تنهن جهوريءَ پوي.
بيت - 17
توڻي جاني جُدا ٿئي، سُوڌو سوال پڇنَ،
سَندا جي پرين، سانڍي ڪجن سُوکڙِي.
بيت - 18
سُڪي جئين سانٽُون ٿئي،ڳالهيون مَنَ منجهان،
ڪنهن کي حالُ سلان، مر ٿيون چِڻڪن چِت ۾.
بيت - 19
ھريو ھٿ ٿيوم،ڳل وھاڻو پُسيو،
سڄڻ ياد پيوم، سُڀاڻي صبوح جو.
بيت - 20
ڪَڪَرَ منجهہ ڪَپار، جُهڙُ نيڻنِئون نہ لهي،
اڄ منهنجي چِت ۾، اُٺا پِرين اَپارَ،
آءُ سڄڻ، لهہ سارَ، وِرھہ ويڙھي آھيان.
بيت - 21
رون مَنجهيئي مينهُن، ڪَوھہ ڪريندس ڪَڪَرين،
سِر او سارو ڏينهُن، مون پريان جو نہ لهي.
بيت - 22
سُتي سنڀريوم، ڪو ڳڻ ٻاروچن جو،
ڪنڌِ وھاڻو ڀنو، ھريو ھٿ ٿِيوم،
سڄڻُ ياد پيوم، جاڙَ جِيان ٿي جيڏيون.
بيت - 23
سَڄڻَ سَنڀريامِ، پييمَ ڪَرُ ڪَپار ۾،
جهڙي تهڙي حال سين، پرين نہ وسريامِ،
ھَريا ھَٿَ ٿيام، نَيڻئون نَير وَھي.
بيت - 24
سَنڀريو جِيان، ڳالهيون پريم تُنهنجون،
ڳَڻُ ڪيترا ڳڻيان، ٿورن مٿو ناھہ ڪو.
بيت - 25
جُہ سي سَنڀرجَن، سَهَ جنهين سين اوريان،
لُنئَن لُنئَن ھيٺ وَڄَن، رڳون ربابن جئن.
بيت - 26
چتر رھي نہ چت، سورين صبرُ نہ ڪري،
سڄڻ ساري نت، ويڳاڻو ٿيو وڄلي.
بيت - 27
چَترَ رَھي نہ چتُ، وَڻين واڳيو نہ رھي،
رَئيءَ لٽجي نِتُ، ھنئَڙو واٽِ ورکَ جِئَن.
بيت - 28
چوري چوري چِتُ، جان نِئينءُ وھاڻيءَ نِڪَران،
نِيهُن گهرائي نتَ، پِريان سندَي پير ۾.
بيت - 29
چيتاريان چُڻڪان، سنڀاريان سهي،
اندرِ رُوحَ رَھي، مون کي صورت سُپيرينَ.
بيت - 30
چيتاريان چڻڪن، وساريان نہ وسَري،
وير ورتار ڏُکُن، سَڄڻَ ڀڳو ھڏُ جِئَن.
بيت - 31
چيتاري چوندياس، ڳالهيون سڀ کي سڄڻَين،
جُہ مقابل ٿِياس تہ سڀ وڃنم وِسري.
وائي - 1
جو نَوازي ڏڏ، آسر لاھہ مَ اُن جي،
ويهہ داتا جي در تي، لنگها لاھي لَڏ،
اوڏايان اوڏو گهڻو،ڪوڙا ڪرئين سڏ،
اگلن کي اوڏو وھي، گندا ڪري گَڏ،
ڪَهڙا جَڏَ جَڏوئيين، جُود مَهندان جَڏ؟
اڳيان عجيبن جي، مشڪل ٻڌڻُ مڏِ،
آدمُ تيانئين خَلقيو، ھوءِ جا کڄي مَنجهان کڏ،
اُوليءَ ۾ عبداللطيف چئي، ساجن ڏيندو سَڏ.
فصل ٻيون
بيت - 1
سڄڻ نہ سان ڀيٽ،ڳجهہ ڳرھيان ڪن سين،
ڳالهيُون انهيءَ ريٽ، سَلا ٻڌي موريُون.
بيت - 2
ڳالهيون پيٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿيون،
پَرسين مون نہ ڪيون، گوشي پرينءَ نہ گڏيا.
بيت - 3
ويو ٻاروچو نڪري، اڱڻ چاڙھي انگُ،
روئي ڏنو رنگ، ويچاري وڻن کي.
بيت - 4
جتي نينهان نڪڻي، رائو رَڃَ رَھُون،
لڳي پير لڪَن سين، ڇِڄي ٿيا ڇُهَون،
تان ڪا سار لهون، ھُوت ڪميڻي سپرين.
بيت - 5
ٻاھر لڳهہ نہ ڪو، اندر جهور جهڙ وھي،
وسائيندي وڄڙي، حُب جنهين کي ھوءِ،
لالن جنين لوءِ، سي اوڳاڻين نہ اکيون.
بيت - 6
مُون تان لاھہ مَ سپرين، اکين جا آگم،
ڪري ملار مينهن جئن، وسي لاھہ وَھَم،
تو ڏٺي مون غَمَ، ڏينهن جا ڏورٿيا.
بيت - 7
ھينئڙو پرين ڪڏھين،ڏک نہ ڏکويو،
سُکن جا پيو تا ڦوڙايو سڄڻن.
بيت - 8
نيڻَ نہ ننڊون ڪَن، ڀڳو آرس اَکئين،
اُجهاميو ٻَرَن، توکي ساريو سپرين.
بيت - 9
سَنِئين نہ سيڻان، ناھہ اُبتي اُن سين،
وڃ سهي ويڻان، تو نہ سَرندي تن ري.
بيت - 10
گوني ۽ گوني، پرين پَٽائي گَجَ جئَن،
جي مَن مجوني، سي ڪئَن وڃن وِسري.
بيت - 11
اندر اَندريون، جِئن سي وانجهيءَ لٽ ۾،
مون تَن تيتَريُونَ، تہ ڪئن ملبو سَڄَڻين.
بيت - 12
جئَن سي کُوھيءَ نار، وَھن وارَيءَ گاڏُئان،
ھنئڙو پريان ڌار، نِبيريانس نہ نِبري.
بيت - 13
سَٻرَ سيءُ پيو، نہ مون سوڙ نہ گبَرو،
نہ مون ڪانڌ نہ قُوتُ ڪي، جوڀنُ وھي ويو،
تنهين حالُ ڪهو، نڌر جنهين نجهرا؟
بيت - 14
اُتَر اوتُون ڏي، نہ مون سوڙ نہ گبرو،
چارئي چُني پوتَ، مون ريڙھيندي رات ڳَئي.
بيت - 15
نينهُن نِهائِينءِ جان، ڍَڪيو ڪوھہ نہ ڍَڪئين؟
ڄَرڄيري ڇڏي، تہ ڪئَن پچندا ٿانءِ؟
سندي ڪُنڀاران، ڪَن ڪَريجا ڳالهڙي.
بيت - 16
نينهن نهائينءَ جئَن، ڍڪَيوڪوھہ نہ ڍڪئين؟
ڄرڄيري ڇڏي، تہ رَڇُ پچندا ڪئَن؟
تون پڻ ڪريج تِئَن، جئَن ڪنڀار ڪرن ڪَمَ سين.
بيت - 17
نهائينءَ کان نِينهُن، سکُ منجهان سپرين،
سڙي سارو ڏينهُن،ٻاھَر ٻاڦ نہ نڪري.
بيت - 18
نيڻ نهائينءُ جان، سُتي لوڪ ڍڪيا،
اُجهاميو ٻَران، توکي سارِيو سُپرين.
بيت - 19
ڪي جو ڪُنڀارَن، مٽيءَ پائي مَنيو،
تنهن مان تِرَ جيتري، جي پئي خبر کَرنِ،
ھي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھُنِ اڱڻِ اوراتو ٿِئي.
وائي - 1
جي سيڻائي سڱُ، تي ٿي ڏونگر ڏوريان،
ويو ٻاروچو نِڪري، انگن چاڙھي انگُ،
اُٺَ مَ پلاڻِيو اوٺِيا، تان ڪو دَميو دَمُ،
گهڻو آهيم آسرو،سرهوسيد سڱ،
ميڙي مينديءَ گُلڙا، رات رَتائون رنگُ،
ٻانهي ٻاروچن جي، پُٺيءَ لَڳڙي وڃ،
مون ان سين نہ ڪيو،ڇِنَڻ ڪارڻ سَڱ،
جان ڪوھيارو ڪيچ ۾، تان مون ڀئي نہ ڀَنگُ.
وائي - 2
سرتيون سکڙِيُون ساريان پيرُ پانهنجو، جاڳو اکڙيون،
توبهہ آھي تن کان، جي ھٿان مون ٿيون،
لَلاڻيءَ جي لوءَ ۾، ساري رات سُيون،
مون کي ڏئين نہ مُنهن ۾، جي مون ڪالهہ ڪيون،
ڳالهيون پريم تُنهنجون، وڌي وَڻَ ٿيون،
گوشي پرين نہ گڏيا، کَر سين مون نہ ڪيون،
مون پنهنجي پرين سي، ڳجهيون ڳالهڙيون،
منهنجا ڪم ڪَريم تي، ٻيا ڪن ٻيون،
حُسن راھو مَنَ جو، منهنجو آه ميون،
ھَنڌِ نہ اُھي ھيڪڙي، ميمڻِ جو ھِنئون،
ڪوھہ ڪبو تن کي، جنهين منجَهہ ڪِيون،
ارتو اوتَڻ سکيون، عادت اکڙيون،
الله، عبداللطيف چئي، صاحب ڪج سَنيون.
وائي - 3
ھاڙھوڳاڙھو ھوت، ڪيچي ڪالهہ لنگهي ويا،
سڪ ٻاروچي نہ لهي، مٿي تائين موت،
لَنگهيندي لڪن ۾ پاڻان ٿيَس پوت،
متان مون کي ڇڏئين، ھِت ھوتاڻَي ھوت،
ڏينديَس ڏاڍئين ڏونگرين، توھِين ڪارڻ جهوتَ.
وائي - 4
جِئري زيارت، جي مانَ ھوء پريَن سين،
سڌر منهنجا سُپرين، مون تان لاھہ مَ ھَٿَ،
موليٰ مون کي ميڙِئين، سُپيريان جي سَٿ،
ڇَنڊيان کِهہ اکين سين، پيرين وجهان ھَٿَ،
ڏُوران ڏٺم سُپرين، ھُيم جنهين جي سِڪ،
اَديون عبداللطيف چئي، مڃيائون مِنٿَ.
وائي - 5
نيئي پريان کي ڏيج، تان ڪو نينهن نياپو،
ڪڏھن ڪيو مون ڪونہ ڪو، سيڻ سياڪو،
اٿم گهڻو ان جو، اندر اولاڪو،
ڪڏھين مڪائون ڪونہ ڪو، ڏکيا ڏوراپو،
وڃيَ ڏجا مُئي جو، پانڌيا پاراپو.
وائي - 6
ڏيهہ وڻ ٿيا مئيءِ کان ڏور، جاني! اَلو!
ھلڻ سُڻي ھوت جو، مُئين نہ معذور،
ڪيچين ڪرھہ پلاڻيا، آڻي اُٺَ اَسُور،
توڪيئَن ويڙو وسري، ساجن ڪهڙي سُور.
سُر ليلان چنيسر
فصل پھريون
بيت - 1
داغ تُنهنجو داسَڙا، جيري مٿي جن،
تون ڪئَن مٿان تن، چنسر چِتُ کڻين؟
بيت - 2
داغ تنهنجو دائما، ماري معذورين،
سائينءُ ڪارڻ سپرين، وڃج مَ ڏُورين،
آءٌ تو حضُورين، مَڻيو وجهان مچ ۾.
بيت - 3
مڻيو وجهان مچ ۾، ھائيءَ ھڻان ھار،
ڀري جي ڀَتار، تہ ميريائي مانَ لَهان.
بيت - 4
مڻيو وجهان مٽيءَ ۾، ھائيءَ ھڻي ھارَ،
صُحبي سُکُ سيد چئي، ڪَرئين ڪوھہ قرار؟
راجا ريساڻو گهڻو، سَٽاڻو سردار،
چوڏس چَنيسر ڄام جو، ڏيھان ڏيهہ ڏَھڪارَ،
ٺاڪُرُ اکئين ٺارُ، مڻئي تي ٿي مَٽئين؟
بيت - 5
جو تو مڻيو ڀانئيو، سو اصل ڪُوڙو ڪچ،
ھن ڌِتاري ھار کي، سو ڀي ڀانئين مَ سَچُ،
ھاڻ ٿي ڳالهيُون ڪري ڳچ، اڳيان حرف لهنديئَن ھيڪڙو.
بيت - 6
مَڻئي مٿي موھجي، چَريو چِتُ ٿيو،
ھارُ گهڻي ھوڏ مان، ڪُڄاڙو سَريوءِ،
اڳهين انگ لکيوءِ، پوءِ آيوءِ ڏئون ڏُھاڳ جو.
بيت - 7
مڻيو ھار ھڻي، پلنگ سر پٿون ڪريان،
ويو چِتُ کڻي، وينڊَر يارو وَلَهو.
بيت - 8
مڻئي تي موھجي، موڙھي ڪيئي مرَڪ،
چئي چنيسر ڄام سين، وڌو تو فَرَقُ،
وري ويو وَرَقُ، آيئي ڏنءِ ڏُھاڳ جو.
بيت - 9
مڻئي مٿي جي ھُئا، تن چِٽنِ ڦيريُمِ چِتُ،
ھار کَٽنديَس ھوڏَ ۾، نيبهہ ٿيندمِ نتُ،
ڪُونروءَ جو ڱَرٻ، مونهان مٿاھون ٿيو.
بيت - 10
مُڻيو ناھہ مڻيو، جو تون پَسي ھارَ ھرکِئَن،
اَصل آھي اَڳهين، سَنديون ڪُوڙڪَڻِيون،
اِن گهوڙَن ھَنئي گهڻيون، دوسنئان دور ڪيون.
بيت - 11
چانڪ ھار کَٽنديس ھوڏ ۾، ٻيوڏھُہ بہ لهنديس ڏات،
وھاڻيءَ پرڀات، مَنڊي اُڀينِ تون مامرو.
بيت - 12
مَڻئي تي موھجي، ھاري ڳيڙئي ھارُ،
ڪوڙين ڪيا ڪيترا، انهين خَر خوار،
ڀري ويو ڀَتارُ، آيئہ ڏئون ڏُھاڳ جو.
بيت - 13
سوئي وَرَڻ ويريين، سا ئي انگن لوڏ،
ڪا ٻڌندي ھوڏ، آءٌ ٿي ڪانڌ ڪسوٽيءَ چاڙھيان.
بيت - 13
جيڪي چئين ٿي ھير، تنهنجي اٺين پتي جي اڳ چيئي،
تہ خُون سڀيئي بخشيا، مَنَ ۾ آڻي مهير،
ھلڻ جهڙا کڻيئي پير، تهڙا موٽي آيي مُنهن ۾.
بيت - 15
اصل ھوا ليلان جا، مٿي ماڙيءَ ماڳ،
چئي چنيسر چاڙھين، لکين ڏيئي لاڳ،
پييون ڪنبن راڻيُون، سوڀيون منجهہ سهاڳ،
چت چوڙيائين چاڳ، تِت آيس ڏنڀُ ڏَھاڳ جو.
بيت - 16
تان ڪا وائي وار، دلاسي جي داسڙا،
تون منهنجو وَلَهو، آءُ تو ۾ طمعدار،
ڍَڪي ڍولَ گُذار، لَڄَ منهنجي لوڪ ۾.
بيت - 17
هَنئي ڦِٽو ڪر ھار، سون ڦُلن سين ڪَنجرو،
کوءِ سَو اھندڙ پَٽَ جو، جنهن مان وڏ وڙون واپار،
ڪَيڙئي جو ڪارُون ڪري، سوڍيءَ جو سينگار،
تون مُنڌ مُٺي بيمار، جو ڳچيءَ جو ڳهڻوڪرين.
بيت - 18
ھلي ھار ھئو، ٿيم بهانو بوڇ جو،
ورَٿو ولهيُون ڪري،ڏوٻاسا ڏيو،
ھٿان مون پيو، کَمين نہ کانديلا سپرين.
بيت - 19
ڍولا ڍيل مَ مون، ڪانڌ ڪميني آھيان،
سڱ تُنهنجي سُپرين، ڀيري وڌيَس ڀُون،
مون وَرُ تونهين تُون، وَر وھُون ڪيتريون.
بيت - 20
تو ور وھون ڪيتريون، مون وَر تون وريَج،
سو-ڀي اِنَ سُهاڳ کي ڀوري ڀَرُ مَ ڏيج،
پرتا پير ڀَريج، مَلهائج مِسڪين کي.
بيت - 21
ڍولا ڪُڄاڙيان، ٻولائيو ٻوڏُ چئين؟
آءٌ تو پيراندِيان، ڪَرَ موڙيو وَرُ اُٿِيان.
بيت - 22
آھين سُونهون ساٿ جو، هَتي ھُتي تُون،
گناھُہ نہ بخشين مُون، تُون ڌڻيم آھِين داسڙو.
بيت - 23
ڀينر ڀريو داسڙو، چنيسر چئي،
ھي جو ڏنڀ ڏُھاڳ جو سگهان ڪينَ سهي،
مون کان پَئي، کمين نہ کانديلا سپرينءَ.
بيت - 24
ھيبت ڪانہ ھُياس، تہ ڪا دِل مٽيندو داسڙو،
پرينءُ ري پريشان ٿي، جڏھن ھٿان ڪالهہ وياس،
سُور پرايائين سيد چئي، پوءِ ٿيڪلَ پياس،
ڪُوڻت ھارَ ڪياس،ٿي چري چنيسر ڄام ري.
بيت - 25
سُڻو ساھڙيون سرتُيون، وَرُ نہ منهنجي وَس،
دعوا پهرين دَس، ڀڃيو ٿو ڀورا ڪري.
بيت - 26
جي وارو نہ ڏئي، تہ پڻ منهنجو وَلَهو،
آءُ تنهن آسري، ويٺي ولهون گهاريان.
بيت - 27
توڻي ئي مڏئي، تہ پُڻ منهنجو ولهو،
آءٌ تنهن ڀلي کي، پاڻ پرڻيان ڪيترو.
بيت - 28
ھُيَس داني درگاھَہ جي، ٻيو درجو ھوم واءُ،
چانڪ کلي چڙھنديس کَٽَ تي، ريجهائينديس راءِ،
ڪوُنروءَ، جهڙيُون ڪيتريون، دايُون در مهنداءِ،
پوءِ اھڙو ئي الله، جنهن کِلندي کان ور کسيو.
بيت - 29
تو ڪوٺي تو ڊوھي، تو ڌِڪي ڪيس ڌار،
پئي رھيا پٽَ ۾، سوڀيءَ جا سينگار،
مڻئي مُٺيس جيڏيون، ھائيءَ وڌيَس ھار،
دوستنيون دُور ڪيس، ھن ڪوڙي اوڳڻ ھار،
آھيان عيبَ دار، سڪان ٿي سُهاڳ کي.
بيت - 30
تُون ڪوٺين، تُون ڊوھين،ڏئين تون ڏُھاڳ،
دوست تُنهنجو داسڙا، دل اندر مُون داڳُ،
ڀانيان سڀ سُهاڳ، جي مون کي وَرُ وھارئين.
بيت - 31
جي مون کي وَر وھاريين، مٿي ھٿ ڏيئي،
تہ پاڙي ۾ پيئي، ھوند ڪانڌ ڪميڻي گهاريان.
بيت - 32
لِيلان حيلا ڇَڏِ، جي تون صحبي سکِئين،
پائي پاندُ ڳچيءَ ۾، پاڻُ غريبي گَڏِ،
ھَڏِ نہ چوندءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڻِئين ڪانڌ کي.
بيت - 33
جيڪارون آڻئين ڪانڌ کي، تہ روئي ريجهائيج،
ليلان لِيلائيج، اٿيئي ماڳُ مَنَٿ جو.
بيت - 34
جي ليلائي نہ لَهين، تہ پڻ ليلائيج،
آسَر مَ لاھيج سَڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.
بيت - 35
لکڻَ ڪِيمَ لِکيج، جئَن مُوراھِين ناھہ مُون،
مون کي مَلهائيج، وارو ڏَيئي وَلَها.
بيت - 36
چنيسر سين چاڳ، متان ڪا مُنڌَ ڪري،
جان مون پوءِ پروڙيو، تہ ھيُ نہ ماڻي ماڳُ،
ڏمريوڏُھاڳُ، سگهو ڏئِي سُهاڳڻِئين.
بيت - 37
چنيسر سين چاءُ، متان ڪن ڪا منڌ ري،
ڪانَڌ ڪنهين جو نہ وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ،
جي ٿِڙي ٿورڙياء، تہ دوسَ دَسائي داسڙو.
بيت - 38
ڏھاڳان سُهاڳڻيون، ڪهڙي ڏوھہ ڪَنبن؟
جئن جئن پاڻُ پَسَن، وَرُ وڏوڻو ايَهين.
بيت - 39
ڏُھاڳان سُهاڳڻيون، سڀئي ڪنبن،
ڪوھہ ڄاڻان کي ڪن، وارو ڏيندو ولهو.
بيت - 40
ڏُٻريون ڏھاڳڻيون، ميرا مُنهن سندان،
ويهي ورَ سيڻان، ڪانڌ نہ اوريو ڪڏھين.
بيت - 41
ڪانڌ ڪميڻي آھيان، ھلايان نہ حجت،
چنيسر جي چت، ھوند ڱَٽ نہ لايان ڪڏھين.
بيت - 42
گهوريو سو سُهاڳ، جنهن ۾ پسين پاڻ کي،
ڏوري لَهہ ڏُھاڳُ، جنهن ڪرلاھُو داسڙو.
بيت - 43
اوڳَڻ ڪَري اپارَ، تو دَر آيس داسڙا،
جئن تو رُسَڻَ سَندي روحَ ۾، تئَن مون ڀيڻي ناھہ ڀِتارَ،
سائينءَ لڳ سَتارُ، ميٽ مَدايُون منهنجون.
بيت - 44
نہ ڪي ھو ٻانهُن ۾، نہ ڪي ڳرِ ھئومِ،
نہ سينڌ نہ سُرمو، نہ سينگارُ ڪَيومِ،
تيلانِهَين ڪانڌُ سندوم، رکو ئي رَءِ کڻي.
بيت - 45
سونا ڪرَ ڪَنن ۾، ڳچيءَ ڳانا ھار،
ٻانهوٽا ٻانهن ۾، سينڌ سڻڀا وار،
تيلانهين پِيَ پَچار، ڪانڌَ منهنجي ڇڏيئہ.
بيت - 46
پوچا ڏٺم پيرَ، ڍَڪَڻَ مٿي ڍولَ جا،
مون ڀانيو تنهن وير، ڪوجهي ڪندو پريتَڙي.
بيت - 47
ٿڙڪي پَاسي ٿوڪ، ترڪي تَڪَبَرَ پئي،
اچيو اچيو اگلي، چئي ليلان کي لوڪ،
اَندر اُوڀالن سين، ساڙي ڪيائنُس سوڪ،
ٻالاپڻ جو ٻوڪ، ويو ويچاريءَ وسري.
بيت - 48
وَر وسري تہ ڪوھہ، پر وَرَ نہ وسريوس،
ڪون چوندو ڪڏھين، تہ ڪو اَڱڻ اُنداھوس.
بيت - 49
جيڪي ڪم سندم، جوٺا ڏٺا جيڏئين،
کِلن سڀ مٿانم، ساھيڙيون ۽ سرتيون.
بيت - 50
ھُئين تہ گهڻو ھوشيار، ڪَل بہ ھُيئي ڪانڌ جي،
تو ڀانيو موچاري ٿيان، ڳچيءَ پائي ھار،
ڪانڌ ڪوڙيءَ جو نہ وڻي، سَئين ڀَتين سينگار،
وھَم لهي وينجهار، دليون پرکي داسڙو.
بيت - 51
سُهاڳ پڻ سنڀران، ڏھاڳ پڻ ڏٺوم،
ھن اڀاڳي حال کي، ڳڻي ھٿين ھار ڇَتوم،
تَنهان پوءِ پيوم، قدر ڪانيارين جو.
بيت - 52
ڏنئي جي ڏھاڳ، جي مون وَرَ وھارئين،
مون کي تُنهنجو سپرين، سڀوئي سُهاڳ،
اَجهو ۽ تون آڳ، وڏو آھينم ولها.
بيت - 53
ھائي وجهان ھن ھارَ کي، منجهان کار کڻي،
ڦِٽائي ڦٽو ڪريان، ھٿن ساڻ ھڻي،
توسين ڄام تڻي، اگليون سڀ اوڇُون ٿيون.
بيت - 54
جيڪر ڀانيان ايئَن، تہ ڪا دل مٽيندو داسڙو،
تہ سور لڳندي سيئَن، ھوند ھٿين ھارُ نہ جهليان.
بيت - 55
تو در آيس داسڙا، اوگڻ ڪري اُپار،
جي تُون رُسڻ سکِيين، تہ ڀيڻي مون ناھہ ڀتار،
اونڌا شال اَچار، ڪانڌُ ڪنهن سين نہ ڪري.
بيت - 56
ڳوڙھن ڳاٽُ ڀري، جان آيس اڳوڻيءَ ھيرَ،
تا نہ آتڻ نہ جيڏيون، پلنگين نہ ڏسان پير،
ھاڻ کمندي ڪير، جيئَن سرتين سانگ سڌاريو.
بيت - 57
ٻي متان ڪا ورسي، ڪارا پسي ڪيس،
ڍول پراھي تن کي، ولها جني ويس،
راڻيون نہ پسي لبيس، دليُون پرکي داسڙو.
بيت - 58
جان مُون پوءِ پروڙيو، تہ اِيُ وڏوڙيو واپار،
ھاڻ کڻ ھيءَ پنهنجو ھار، واري ڏي مُون ولهو.
بيت - 59
کِلي ھار ھٿَ ڪيئي،ٿي سرھي سانجهيءَ وير،
خبر نہ پيئي تهير، ڪا پرھہ ٿيندي پڌري.
بيت - 60
ھي جي ڏوڻ ڏنجاڻيون، الله ڪِيم اچن،
منهن تي مَٺيُون چٺيون، پرپٺ گلائون ڪن،
تنين ڪا پاتين، جيڏيون مون سين جاڙ ڪئي.
بيت - 61
چانڪ چڙھيندس کٽ تي، ريجهائينديس راءِ،
اھڙو ئي الله، جو پورھيتون پيش ڪري.
بيت - 62
تو جو ڀانيو ھارُ، سو سورن جو سڳڙو،
چنيسر چت کڻي پيو، پورھيتِ جو پار،
اَوڻت جو آچار، ڪانڌ ڪنهن سين مَ ڪري.
بيت - 63
ڏاھي ھيس ڏيهہ ۾، سرتين منجهس سُڄاڻ،
ڪا جا پيم ڪاڻ، جئَن مُنهن مٿاھون نہ کڻان.
بيت - 64
سي ڪيئَن ڪاپائتيون، ھارُ جنين جي ھَٿِ،
ڏنين نہ ڏوڻ ڏنجاڻين، پيشانيءَ جي پَت،
مُٺي مُوڙھييءَ مَتِ، جيئن دوست وڃايئي داسڙو.
بيت - 65
ھيئَن ڪريو، ھونئَن ڪرين ھيءَ ڪنهن آڇين گتَ،
وَرَ وسُوڙي آھيان پسي تُنهنجي پَت،
مون کي آئي مت، ٻيُون ڪنبنديون ڪيتريُون.
بيت - 66
تاسري تيل پيو، ڪو سو چڙھيو چلُهہ،
ڪني ھَي جي ملُهہ، آءٌ ليلان جا وَلَها.
بيت - 67
الله ڏاھي مَ ٿيان، ڏاھيون ئي ڏک ڏسن،
مون سين مون پَرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
بيت - 68
جڏھن جر ھاريو ٿي جکري، رنئي ڏِئڙي ڍار،
ڍولي تڏھن ڍولئين، صحبي ٿِيئي نہ سار،
چنيسر ڀتار، حيلو ڪيو ھار جو.
بيت - 69
او ڏمريو ڏِسَ، حيلو ھَنئين ھار جو،
سُڻيو سڀ سرتيون، اِيءُ وَرَ نہ ڪنهن وَس،
دعويٰ پهرئين دَس، ڀَڃيو ٿو ڀورا ڪري.
بيت - 70
ڪوڙِينِ تُنهنجون ڪامڻيون، تون ڪوڙين سندو ڪانڌُ،
مون کي ڇَڏ مَ داسڙا، تہ وڃان نہ وڻواند،
مون ڳچيءَ ۾ پاندُ، تو چنيسر ھٿَ ۾.
بيت - 71
چنيسر چورنگ، ٻِرنگو لوڪ ٻيو،
تنهن سين ڇِنئو سڱ، وڃيو ھار ھَٿ ڇُهين.
بيت - 72
چنيسر جي چِت ۾، ڪي جو اڳ ھئو،
تهان پوءِ ٿيو، مڻئي سندو مامرو.
بيت - 73
سوري ساٿاريا، پَڪو سَهو ورلائو،
چنيسر ڪانڌا، تان مون ھئَن نہ ڀانئيو.
بيت - 74
ڏسي ڏَنڀ ڏھاڳ جو، ڍوليا آءُ ڍائي،
ڪانڌ نہ ڪوٺي ڪڏھين،ٻر ٻر ٻاجهائي،
پائي پاند ڳچيءَ ۾، اڱڻ تو آئي،
وارين نہ وائي، ڪا دلاسي جي داسڙا.
بيت - 75
نانو نماڻين جو، مَڪَر ڍول ڍلو،
ڪونهي ڪميڻن جو، بگر تو بَلو،
تُنهنجو نام نِلو، وٺيو ويٺي آھيان.
بيت - 76
وڏيري ھُياس، ميڙو مون گهر سرتئين،
ھٿ ڇُهڻ ھار جي، ڪڙي ڪانڌ ٿياس،
ڍولي ڍيلياس، آيمُ ڏئون ڏُھاڳ جو.
بيت - 77
وڏيري ھياس، چنيسر جي راڄ ۾،
دُھلين دمامين نُقرين، پَر ۾ پُڇياس،
ڍولي ڍيلياس،ٿيس ڏھَاڳڻ ڏيهہ ۾.
بيت - 78
ھيس ھندورن ۾، پيم ڪانہ پَرُوڙَ،
مڻئي سندي مامري، ڪوجهي وڌيَس ڪوڙ،
سامهان ٿيس سور، ويو وَلٽي وَلَهو.
بيت - 79
سڀيئي سهاڳڻيون، سڀن ڳچيءَ ھارَ،
پَسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، سهسين ڪن سينگار،
ڍولَ تِنهين ڍار، ھيٺانهيون ھلن جي.
بيت - 80
سڀيئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيءَ ھَس،
پسڻ ڪارڻ پرين جي، وڏاڪيائون وَس،
ڍول تنهين جي گَس، ھيٺانهون ھلن جي.
بيت - 81
سڀيئي سهاڳڻيون، سڀني مُنهن جَڙاءُ،
سڀ ڪنهن ڀانيو پاڻ کي تہ ايندو مون گهر راءُ،
بيٺو تن درانءُ، جي پسي پاڻ لڄائيون.
بيت - 82
سُتي خواب لڌوم، جان ھُيس ھوت حضور،
گهٽيُون گهمندي ڍول سين، نئون نينهن لڳوم،
جاڳي جان ڏٺوم، تا پاڻان ڦٽ فراق جو.
بيت - 83
لڄ مُنهنجي لوڪ ۾، واري جئَن ويئي،
جئَن اٽو پئي پاڻيءَ ۾، پگهرجي پيئي،
مٿي ھٿ ڏيئي، ڪانڌ نہ ڪوٺي ڪڏھين.
بيت - 84
ليلان جِمَ لکائيين، صحبي ساڻ سڄاڻ،
آھئين گهڻو اڄاڻ، مُڇُڻ پُوري نہ پئين.
بيت - 85
ليلان تم لکائين، چئي چنيسر ساڻُ،
وَر سين وڙھيو اُٿئين، موڙھي مُٺوئي پاڻ،
ڀوري ڪَيُئي ڀاڻُ، تي آيُئي ڏنءُ ڏھاڳ جو.
بيت - 86
ليلان پوري نہ پئين، چئي چنيسر ساڻُ،
تو جو ڀانيو پانهنجو، ريساڻو راڄاڻ،
پاڻان ڌار پُرياڻ، ڪانڌ ڪنهن جو نہ وڻي.
بيت - 87
چئي چنيسر ڄام سين، ليلان تون مَ لَکاءِ،
دوس تُنهنجو داسڙو، کاندِ وڏيائي کاءِ،
تہ ڍولو ڍَڪ سندياءِ، عيبن کي آڏو پئي.
بيت - 88
چئي چنيسر ڄام سين، ليلان لکاءِ مَ تون،
اِيءُ ڪانڌ ڪنهن جو نہ ٿئي، نہ ڪا مون نہ تون،
رئنديون ڏنيون مون، اِن در مٿي دادليون.
بيت - 89
چئي چنيسر ڄام سين، ليلان لکايوءُ،
تو جو ڀانيو پانهنجو، تنهن جو پَرو ڪون پِيوءُ،
ڪونئروءَ ڪانڌُ سندَوءَ، دوست ڪيو داسڙا.
بيت - 90
سارج سڀيئي، ليلان لکڻَ پانهنجا،
وَرَ سين وڙھيو اُٿئين،ڏوراپا ڏيئي،
نہ ڄاڻان ڪيهي، چنيسر جي چِت ۾.
بيت - 91
ليلان لُڇ مَ ايترو، اُٿي سورِ ٻُهارِ،
ڍولو اَڱڻ پار، ڪانڌ ڪمينيءُ آئيو.
بيت - 92
ليلان لُڇ مَ ايترو، اُٿي اڱڻ سور،
اَبو ڏاڏو گهور، پاڻ سوڌو پرينءُ تان.
بيت - 93
ليلان لُڇ مَ ايترو، ويئي ڳالهہ ھٿان،
چنيسر ھٿان،ڪونہ پُنو تو ڪاجڙو.
بيت - 94
ليلان ڇڏ ليهورَ، وڃ پنهنجي مائٽين،
اسان پڻ لهي ھور، تُون پڻ سُکياڻي ٿئين.
بيت - 95
ليلان ڇڏ ليهور، وڃ پنهنجي مائٽين،
ابو ڏاڏو پانهنجو، مٿان چنيسر گهور،
زاريءَ ڌارا زور، ڪين ھلندو ڪانڌ سين.
بيت - 96
ليلان ڇڏ ليهور، وڃ پنهنجي مائٽين،
ھار منجهارون ھور، تو سو ڀي سُور پرائيو.
بيت - 97
ڪؤنرو ڪوسو چاڙھيو، تُون ليلان پنهنجو لاھہ،
سندي ھار اُھاءِ، وڃي اور ارٽَ سين.
بيت - 98
ڍولا اولا نہ سُهان، آڏا اڏيئي جي،
تو وَرَ وھُون ڪيتريون، مون وَر تو وَري،
پرتان پير ڀري، ملهائج مسڪين کي.
بيت - 99
جي مون موڙھي مَتِ، تھ تون پاڻ سڃاڻج سپرين،
اصل اواين جا، عيب ڍَڪيئن تون اُت،
اِيءَ پَر تُنهنجي پَت، جئن ولهيون ڍڪئين وَلَها.
بيت - 100
لهيو ٻَڌيو روءِ، اڱڻ جهوڪيوڪَرَھو،
ڪو چنيسر چوءِ، ليلان وڃي لڏيو.
بيت - 101
لَڏ تہ لڏايوءِ، مُنڌ مَ روڪيو ماڙھُئا،
ھيءَ اُھائي جوءِ، جنهن مڻييءَ تي وَر مَٽِيو.
وائي - 1
آءُ پرين جي گهرِ پِيهي، ميان چنيسر! ھارُ ھٿان مون ڇڏيو،
پُڇنِ ليلان، ھو ڪن حيلا، ٻهر اچيو ٻيئي،
دوسَ نيائون داسڙو، ويساھي وَرُ ويهي،
اوڳَڻُ عيب مَٺائيون، ڍولا ڍَڪُ سڀيئي،
تو دَر اچي داسڙا، آرِ ڪنديس ڪيهي،
آيس عبداللطيف چئي، در تو پيهي.
وائي - 2
مون تي وَھر وَري، وارو ڏيندم وَلهو،
توکي ساري سُپرين، آءٌ پونديس ماڳِ مري،
توکي سَري سُپرين، اسان تان نہ سَري،
اسان توريءَ نَاهہ ڪا، ڳجهاندرَ ڳَري،
اديون عبداللطيف چئي، مون تي محبن مهر ڌري.
سُر بلاوَلُ
فصل پھريون
بيت - 1
وِسهُ انهين ويڻ کي، جئَن دعوت ڪي داتا،
مضمضه واتان، وِجهہ تہ ڏيئي وات ۾.
بيت - 2
ڪڍي گهَل گهَران، صلح ڪر سلطان سين،
تہ تون تنهن دران، ڏيهاڻي ڏاڻَ لهين.
بيت - 3
پيءُ مَ طَهُورا، وانءُ اورانگهي اوريان،
وچان جي وصال کي، سي سڀ اُجُورا،
حاصل حضوران، سمي جي سڀ ٿئي.
بيت - 4
سما تو سر ڇَٽ نات پاڳارا پرسَ ٻيا،
ڳَهڻَ تُنهنجي ڳڃڙي، اچي جالَ جَڳَٽُ،
جِن جيهائي پَٽَ، تن تيهائي بِکيا.
بيت - 5
پيريون ڀيري ڀَڃُ، ھي جي منجهان پوريون،
ٻي دَر ڪنهين مَ وڃ، ري ھاشميءَ ھيڪڙي.
بيت - 6
سمو تن سڏ ڪري، جن تي وڏو ويرُ،
اُٿي تہ آجي ٿيان، پاءِ پاکوڙي پير،
تو ريءَ ٻيوڪير، سَرَڻِين جا سوٺا سهي.
بيت - 7
سرڻين جا سوٺا سهي، وسيلو ولَهن،
لُڏي ڪين لطيف چئي، اڳيان لالِ لکن،
جِت ڪوڙين ڪِينَ ڪُڇن، اُت پاٻوھي پڌرو.
بيت - 8
جوڇُليون پَسي نہ ڇَڪيو، تنهن واکاڻيو وَکَ،
لُڏي ڪين لطيف چئي، لکن اڳيان لک،
پير نہ موڙي پانهنجو، تِکيءَ پيئي تک،
سَرڻن ڏي نہ سک، ھَڪل سين ھالارَ ڌَڻي.
بيت - 9
تَڙ تَڙڪي مَ تَرسُ، سَرُ نهارج سَڀَرو،
ڏيندئي لَکَ لطيف چئي، راڄ راھو جي رَسُ،
ولها جنهن وھيان ڪيا، پاڳ تنهنجي پَس،
ڪَوڙين لاھي ڪس، جو ڳالهائي ڳاٽُ کڻي.
بيت - 10
آروڙجي اُٿيو، ديمن پيسَ دُکَ،
لاٿائين لطيف چئي، عالم تَان اھکَ،
تن سرڻن ٿيا سُکَ، جي اَجهي آئيون اَبڙي.
بيت - 11
آروڙجي اُٿيو، ديمن پيس دانهن،
پاٻوھيو پيرَ کڻي، سمو سرڻن ڏانهن،
مٿان مٿي ٻانهن، اُڀو آڇي سلطان کي.
بيت - 12
علاؤالدين آئيو، تنهنجي ھاٿيءَ ھاڪَ ھَنئي،
ڀڳوڪوٽ ڪُفار جو، پيئي ڀڄ پئي،
آرَڻ ٻَڌي ابڙي، ٿي رڻ ۾ رُڪ رَئي،
تيغين تاءُ تکو ڪيو،سگهو ڪون سَهي،
”رَب ھَب لِي اُمَتِي“، چڙھيو ڄام چئي،
سمي سام کنئي، سرڻن جو سک ٿيو.
بيت - 13
علاؤالدين آئيو، تنهنجي ھاٿيءَ ھنئي ھاڪ،
ڀڳا ڪوٽ ڪفار جا، ڏسي طمطراق،
مڙسن منهن پئي ويا، سڻي ديمين ڌاڪ،
چَئي ”رب ھلي لي اُمتي“ چڙھيو بهادر براق،
پِڙ ۾ اچي پاڪ، سرڻين کي سُک ڪيو.
بيت - 14
علاؤالدين آئيو، کڻي ڇَلڇَڳيرُ،
ڪنهين ڪين ھمٿيو،ڪانَ جهليندو ڪيرَ؟
سومرين سام کنئي، ابڙي ڪيو اُٺَ پيرُ،
ھو مهائِين ميرُ، پر مَستُوراتن ماريو.
بيت - 15
سرڻن جي سکُ لاءِ سام کنئي سردارَ،
جي آيون ابڙي آڌار، سي سُونگ نہ ڏينديون سومريون.
بيت - 16
آءُ جکري جيھو، پُرس پسان ڪوٻيو،
وائي جنهن جي وات ۾، ڏيو ۽ ڏيو،
وڃي ڇو نہ وھو، ان در مٿي مڱڻا.
بيت - 17
ٻين مڙني ڏنيون، ڏئي نہ ڏونگر راءُ،
اڻ ڏِٺِن آڏوڦري، ڏٺِيون ڏي ڪئانءُ،
لوريون لک مٿانءُ، ان مٿيري موٽائيون.
بيت - 18
اَبڙو آگاھِن ۾، ڀَرَ جهلو ڀاري،
سمي سوالين کي، ويله وِساري،
مُنهن مُني جکرو، طاماعَن تاري،
پُڇي سي پاري، جي عاجزا اَجورن ۾.
بيت - 19
ابڙو آگاھن ۾، سَڀَرُ جئَن ٻيلي،
سي پَٽ ڪنهن نہ پُوريا، جي ٿو ڀَرُ ڀيلي،
سڄڻ سانوڻُ مينهَن جئَن، رُڃون ٿو ريلي،
اچن جي ويلي، تن بورَ بخشي ڀٽَ ڌڻي.
بيت - 20
ابڙو وَڏ وڙو، سُوڙو جَلهي سو سامُن،
سرڻن جا سوٺا سَهي، سمو سُونهن سڀن،
تو دَر تُرڪَ اچن، ڪئَن ڪريندين ڪڇ ڌڻي؟
بيت - 21
پڙ ۾ اُڀو پاڻِ، ساٿين سَڏ ڪري،
ڀلي جي لاڏاڻ، سڀ لنگهيندا لڪيون.
وائي - 1
مون ۾ عيب اَپار، يار سَتار! آءٌ جا طامع آھيان تُنهنجي،
ھيڪُ وڃايم ويسري، ڄاڻي سڀ ڄمار،
ھن منهنجي حال جي، توکي سُڌ ستار،
اَمر اوڏي نہ ٿيا، نهيءَ ڪَيس نڪار،
جيڪي وَھي وجود ۾، سو تون ڄاڻين ڄاڻڻهار،
جيئن سي گل گلاب جا، کڙيا کٽڻهار،
مون کي سِڪ سيد چئي، آھي مديني موچار.
فصل ٻيون
بيت - 1
جکرو جوڙي، پاڻ پَيدا ڪيو،
ڪيهَر جئَن ڪَرُ کڻيو، مڇون مَلِ موڙي،
سمنڊ جئَن سير ڪيو،ٿوٻار جئَن ٻوڙي،
گهوٽ چڙھيو گهوڙي، پيچين لائيا پيچرا.
بيت - 2
جکرا تون جئَين، تُنهنجو ڪنين مَد مَ سُڻان،
اکين ۽ ھِنئين، ٻنهين تاري تنهنجي.
بيت - 3
جکرا جئين شال، تنهنجو ڪنين مدو مَ سڻان،
جنهين تو اچي ڪالهہ، نالائق نَوازيا.
بيت - 4
جکرو جَس کرو، ٻيا مڙيئي خان،
مِٽي اُن مڪانَ، اصل ھئي ايتري.
بيت - 5
جکرو جس کرو، ٻيا مڙيئي ڄام،
مِٽي اُن مقام، اصل ھُئي ايتري.
بيت - 6
جکرو جس کرو ٻيا مڙيئي مير،
جيان کريو جکرو، تئيان نہ پريا پيرَ،
مٽي ان خمير، اصل ھئي ايتري.
بيت - 7
جکرو جَس کرو، ٻيا مڙئي مَلَ،
سمي جي سهاڳ جي ڪنهين نہ پيئي ڪَل،
مِٽي ان مُرسَلَ، اصل ھئي ايتري.
بيت - 8
جکرو جس کرو، ٻيا سڀ اَنيرا،
جيائين جڙيو جکرو، تيائين نہ ٻيا،
مٽي اِنهِين ماڳان، اصل ھئي ايتري.
بيت - 9
ڏٺي جادم جکري، چِت نہ ٻيا چڙھن،
تہ ڪي کوه کَڄن، جَہ سَر لَڀي سَڀرو؟
بيت - 10
سَرُ نِهارج سَڀَرو تَڙِ تڙِ ڪِيُم ترس،
لاھيندئي لطف سين، مٿان قلب ڪَسُ،
اوڳَا ڇڏ آرسُ، اوڏو ٿي تہ اُجرين.
بيت - 11
جان تُون ساقي آھيين، تان وٽي وچ مَ وجَهہ،
جود تنهنجو جکرا، آھي ثاني سِجُ،
نينهن پيالو نجِ، خالص ڏج کُهين کي.
بيت - 12
ھَٿان جادم جکري، وَٽي وِچُ نہ پوءِ،
پئي پُر سو ٿئي، جو حاتم پاسي ھوءِ،
ڪيف ڌاراڪوءِ، جئي ڪو مَ جهان ۾.
بيت - 13
ھٿان جادم جکري، وٿي وِچ نہ پوءِ،
پي پي سو پُر ٿِئي، جو حاتم پاسي ھوءِ،
ڪَيف ڌاران ڪوءِ، جِئي ڪو مَ جهان ۾.
بيت - 14
ھٿان جادم جکري وَٿي پوءِ مَ وچ،
اچو آيا نچ، سمي وائي وات ۾.
بيت - 15
راھوءِ جا رھيام، سَنيها سرير ۾،
ٻيا در وِسريامِ، ڏٺي جادم جکري.
بيت - 16
راھو تنهنجي ريت، پَرَ کنڊين پڌري،
گهڻا گهوڙي چاڙھئين مسافر مسيت،
پُڇين ڪانہ وڏيت، جي آيا سي اگهيا.
بيت - 17
جکري جهو جوان ڏسان ڪونہ ڏيهنَ ۾،
مُهڙ مِڙني مُرسلين، سَرسُ سندس شانُ،
“فَڪانَ قابَ قوسَين او ادنيٰ”، اي مُيسرُ ٿيسَ مڪان،
اِي آگِي جو احسان، جنهن ھادي ميڙيم ھهڙو.
بيت - 18
سمو سوائي، ٻَهون ٻئنِئان اڳرو،
دانه جي دربار ۾، ورتي اي وائي،
ڳهڻ ڳالهائي، مَهڻ سڀ ملهائيا.
بيت - 19
جيهس ڪونہ جهان ۾، سنڌ سورت، ھند ھاڻ،
در داتا مڱُ مَڱتا، ٻي جي ڪڍ مَ ڪاڻ،
پاٽوندر پاڻ، حال پسي ڀالِ ڪري.
بيت - 20
ڪري آس اپار، پاري جهليو نہ رھي،
ٻيلي ۽ گرنار، اُٺو گنگا جَرُ جکرو.
بيت - 21
پيهي پِنُ پاتار ۾، جِت ڳڙهہ گنگا جر راءُ،
ڇڏي حيلا ھِن ھنڌ جا، ٿي جکري پاسي جاءُ،
اوڏوٿيءُ الله کي، کاڄ تنهجو کاءُ،
سُکن ايندئي سَاءُ، ويلَه ويندئي وِسري.
بيت - 22
ڏمريو تہ ڏئي، پَرچي تہ پاٺَ ڀَري،
جُنگ جکري کي، ٻئي چڱيون چت ۾.
وائي - 1
آسرو آھي يا الله! مون کي ھوت دوست حبيب جو،
جان جان اوڏا ڪرھا، پُڄان تان نہ ڪاھي،
موٽُ منهنجا سُپرين، واڳون ورَائي،
شفاعت جا شفيع جي، تنهن ۾ ڦير ھَڏِ نہ آھي،
مير محمد ڪارڻي، اڙيا ڇوٽائي،
اھي ڪم ڪريم جا، جئَن لَنگها لَنگهائي،
لطف ساڻ لطيف چئي، مُوڙھا مِلائي.
فصل ٽيون
بيت - 1
جو مُلن کي ميهڻو، سو ئي مون سردار،
پُٺي لائي پانهنجا، ساقي ٿيو سوار،
آھي ”اسدُ الله“ جو عطا کي آڌار،
ڪِلي ويرَ ڪٽڪَ ۾، حامي ھمت ھٿيار،
جابِرَ ذوالفِقارُ، ھردم آھي ھٿ ۾.
بيت - 2
ليبي لعنتي کي، آڻيءَ ۾ آھي،
انڌو مون عليلَ تي سينو ٿو ساھي،
علي شاھہ اچيج تون، تنهن ڪافر تي ڪاھي،
لڻي وجهہ لاھي، مٿو مجوسيءَ جو.
بيت - 3
مارِ مَ مُطِيع کي، مجوسيءَ کي مار،
وڏي جنگ مَ وسار، ننڍيان نفعو ناہ ڪو.
بيت - 4
ننڍيان نفعو ناہ ڪو، وڏي مَ وساري،
مجوسي ماري، اڪبرَ ڏي اچيج تون.
بيت - 5
اصغرڏي آھين گهڻا، تون اڪبرڏي آءُ،
متان لوڙو لاھئين، مجوسيءَ مٿانءُ،
حيدر جي ھٿانءُ، وڙھہ تہ ويري مارئين.
بيت - 6
پانڊَپ سين نہ پاڙيان، سوين ٻيا سَردار،
آھي مثلِ مِينهَن جي، سخي تُنهنجي سارَ،
حاتم ھَزدَہَ ھزار، جَهڙ تُنهنجي جَهپيا.
بيت - 7
جهڙ تنهنجي جهپيا، ھزارين حاتم،
ڪوجهن سندا ڪمَ، ڪاملن ري ڪيرُ ڪَري؟
بيت - 8
جي تون آسائو آئيو، تہ ونئَن جکري لائي،
متان وَڙُ وڃانيين ڪنهن ٻي در ليلائي،
سمي سامائي، چِنتا لٿي چارڻين.
بيت - 9
جي تون آسائُو آئيو، تڳ چانئٺ ٻي مَ چور،
ڪيرا ڪُميتن جا، کڻي آڻي کوڙ،
ان دَرِ عراقي گهڻا،ڇانگون ڪيو ڇوڙ،
تنهن سيد وڏي سوڙ، جنهن ۾ مَٿو ھنيو مڱڻي.
بيت - 10
سمو سخاوت جي، ويٺو پُڇي پَر،
ڪوٺيو ڪنگالن کي، ڏئي دلاسا دَرِ،
مٿي ولهنِ ور، ڏيهاڻي ڏاتار جي.
بيت - 11
ويٺو ڏسي ڏاتار، ٻڌيو ماڻڪ موريين،
ڪَٽُ نہ جاڻي ڪي ٻيو، وڄا جو واپارُ،
لٿو ڏُرت ڏڪار، جُنگ ساماڻي جکري.
بيت - 12
ڪوہ نہ جُهارئين جکرو، جنهن ڏيه ڍَيا ڏيئي؟
جي لُڏياٿي لينگهن ۾، شالن ۾ سيئي،
سمي سڀيئي، طاماعو تار ڪيا.
بيت - 13
الله جُنگ جين، جنهين اجهي گهاريان،
شال مَ سُڪي وِيرَي، جئان پَيءُ پيَن،
مَرڪڻ اَکڙِين، تو ڏٺي مون سُک ٿيو.
بيت - 14
ايندي لَٿي اُڃ، پيرَ پَريندي ٺَريا،
مَنجهہ ويرَيءَ سُڃ، ڪَر لڌي رڻ اُڪارئين.
بيت - 15
تون اوڍَرُ تون اَوڍَڪو، تون اَجهَو تون اَڳُ،
ھِت پڻ تنهنجو تڪيو، مهند پڻ تونهين ماڳُ،
سي لوريون ڏيُن نہ لاڳُ، جي اَجهي آيُون ابڙي.
بيت - 16
سَڌَرُ شهتيرن ۾، ڀَرَجَهلو ڀاري،
سمي سوالين کي، ويلهَين وِسارِي،
پُڇي سي پاري، جي عاجزَ عجوزن ۾.
بيت - 17
اَکين سوئي اوڙکيو، جو ڪَنين سوم ڪَرَنُ،
ماءُ منهنجو مَنُ، ڄام پَسنديئي پَتيو.
بيت - 18
پَسنديئي پُر ٿيا، جکرو ئي جاجِڪَ،
تِئان ڏٺي مَڱڻي طَهُورا جي تِڪَ،
سمي ڀڳين سِڪَ، واصل ٿيا وِصال ۾.
بيت - 19
جي اُڌَمِيو اڄ، تہ وُسندو سون ٻُڻي،
جال ڍئيندو جنگ، جڳ ڍئيندو جکرو.
بيت - 20
جن نہ جُهاريو جکرو، ويلهہ تن نہ وڃي،
سمو تنين سَڃي، جي اَڻ توڻيا عالم ۾.
بيت - 21
اَجهي جنهن جي آھيان، تنھن وڏي ڄام ڄمار،
ٻاجھھ جنھن جي ٻار، اٺئي پھر اگوندرا.
بيت - 22
جئين گنگا جر ھاريو، تيئَن اکين پُنو نينهن،
سِڪي ٿي سلام کي، سڀان سارو ڏينهن،
سَندو موتين مينهن، جال وسايو جکري.
بيت - 23
دُڪو دارُونءُ ھيڪڙو، جي وڪامي پدم،
سمو ڀريو قدم، ٿو جال پياري جکرو.
بيت - 24
دُڪو دارُونءُ ھيڪڙو، جي وِڪامي نيل،
سمو ڄام سبيل، ٿو جال پياري جکرو.
بيت - 25
اُڌَمِيو اوڙاہ، لکين وَھَن واھڙا،
سمي سَرو چڪائيو، پيئي شاہ گداءُ،
ھوٿياڻي ھَٿا، وڙَ بہ وڃَن واسئيا.
وائي - 1
جئان ڏنائون پيرَ، جئان ڏنائون،
ڀَڳا ڪوٽَ ڪفار جا، اچي عليءَ شير،
مٿي اڱڻ آئيا، سُونهَڻ لڳا سيرَ،
جيان ئي نبي نِڱيو، ڀَري مُبارُڪ پيرَ،
ساري شفيع ڄام کي، هينئڙي لڳي هير،
لٿا ڏُکُ سُکَ ٿيا، ٿي واڌائيءَ ويرَ،
لُطف تو ريءَ لطيف چئي، ڪندو ٻيو ڪير.
فصل چوٿون
بيت - 1
وڳند وَري آئيو، وَسِن ڪِينَ وِڌوس،
گندي، مانيءَ، ماڳُ موچارو، پاسي پير ٿيوس.
بيت - 2
وڳند وري آئيو، پينارنئون پوءِ،
محڪم لڳس موچڙا، ذرو نہ ڏنس جوءِ،
ويٺو ايهين چوءِ تھ پيران پاسي نہ ٿيان.
بيت - 3
اسُورَ سَندي آسري، ويٺو آه وڳند،
ھَڏ نہ ڇڏيندو ھنڌ، آيس بُوءِ بهار جي.
بيت - 4
اسور سندو آسرو، وڳند کي وڏو،
جُسي ۾ جڏو، پَرَ کِيَڻ تي کُڙا کڻي.
بيت - 5
وڳند وري آئيو، بَدُو سين بَدبُوءِ
خاونَد ڏي خوشبوءِ، تہ سُرھو ٿيان سيگهہ ۾.
بيت - 6
وڳند وري آئيو، ڪنو ٿيو ڪوجهو،
ڇڏي نہ موزو، لڳس آر عطار سين.
بيت - 7
داتا سَندي دَرَ تي، وڳند ويٺو پَسُ،
تنهن روڳيءَ کي رَسُ، جو آلُودو آزار سين.
بيت - 8
دائِمُ آھي در تي، وڳند ويچارو،
عطر سين آرو، لڳس تي لڏ کڻي.
بيت - 9
داتا سندي در تي، وڳند ٿي ويٺو،
بصر سين بازار ۾، ڪَرَ واڻيو ڄيٺو،
دران تنهين پيٺو، جِت ڪُفر تان ڪِينَ ٿئي.
بيت - 10
وڳندَ وري آئيو، نسورو نَرڳ،
گندا گلابي ڪَري، سيد جو سَرڳ،
عطر سين اورَڳ، تہ ھئين سَدائين سرھو.
بيت - 11
وڳند وري آئيو، بَدو بي نَماز،
جِئن تِتُر مٿي بازُ، وڳند تِئن خوشبوءِ تي.
بيت - 12
وڳند وري آئيو، ڪوٽڙيان ڪَلاٽُ،
سَندو ڪِرڙ ڪاٺُ، ھَڻُ نرڳيءَ کي نڪَڻين.
بيت - 13
ٻانڊو ٻيلي نہ ٿيو، ورُو اڄ ويو،
پيٽَر پَنڌِ پيو، سُونهاري سيد ڏي.
بيت - 14
جِهڙاڪانگ ڪراڙ جا، تهڙا ٽُڪِيل ٽوڙ،
جيڏانهن عالم آسرو، تيڏانهن پيين سوڙھہ،
سُڃن ڪئي سادات کان، موڳن پسو موڙ،
پائي ڳچي نوڙ، ھڻندن نيئي ھاوي ۾.
وائي - 1
ڍڪ ڍڪيندو، مُون نہ ڇڏيندو، شِفيع شافع سُپرين،
اَنڌا اُنڌا، آکُڙيا، سڀ نِباھي نِيندو،
وٽان ويچارن جي، دارُون پاڻ ڌريندو،
جي ڏھرين ڏاکڙا، لَڪَ سي لنگهائيندو،
نور ناڪارو نہ ڪَر، محمد منٿ مڃيندو،
ھت پڻ حامي ھِن جو، اڳيان آڌر ڏيندو،
طهورا تِڙين کي، پانڊپ پياريندو،
پاڻُ سُڃاڻي پاڻهِين،ڪامَلُ ڪَرم ڪَريندو،
تَنبُو آڻيٻاءَ ۾، عاصيَن ڪاڻ اَڏيندو،
داتا دوزخيَن تان، ليکو لَهرائيندو،
رسَڻَ وير رَسي ڪَري، مُشڪ رنگ مٽيندو،
”رَحمةُ لِلعالمينَ“ اھُکي آڳهُ ٿيندو،
اُتي عبداللطيفَ جو، ھادي ھٿ جَهليندو.
سُر ڏھرُ
فصل پھريون
بيت - 1
ڪَرڪي ڳالهڙيون، ڪَنڊا ڍور ڌَڻيَن جُون،
ڪِئَن سي راتَڙِيُون، ڪنَهن پَر ڏينهن گذارِئيہ؟
بيت - 2
ڪرڪا ويهي ڳالهہ، ڪنڊا ڍورڌڻين جي،
ھهڙي اڄ حال، ڏُکيا ڏينهن گذارئين.
بيت - 3
ڪنڊا تو وٽان سچ ڪ سيڻن لَڏيو،
مَڃَرُ تو مٿان، ڇڻيو پوءِ ڇُڳئين.
بيت - 4
ڪنڊا ڪڄاڙيا، اُڀو آھين ريل ۾،
پرين پڄاڻا، سُڪي ڦانگهو نہ ٿين.
بيت - 5
ڪنڊا ڍورڌڻين توکي ڪونهي سُور،
لامُن مٿي ٻُور، ھُوند نہ چاڙھيہ ھيترو.
بيت - 6
جي تو ھهڙو وَڍُ، ڪنڊا ڍور ڌڻين جو،
پاڻان ڏيئي ڏڍُ، موري مڃر نَہ ڪَرئين.
بيت - 7
جي تو ھئڙو سُورُ، ڪنڊا ڍورڌڻين جو،
مٿي لامَنِ ٻُورُ، موري مڃرن ڪرئين.
بيت - 8
ڪنڊا تون ڪيڏو، جڏھن ڀريو ڍور وَھي؟
جَسودَن جيڏو، تو ڪو گڏيو پهيڙو؟
بيت - 9
سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪنڌيءَ اڪَ ڦُلاريا،
جُنگن ڇڏيو زورُ، سَرُ سُڪو، سُونگي گَيا؟
بيت - 10
جڏھن ڍاڳي ڍورُ، ٻئي وھن ٻَلهار ۾،
تڏھن تازڙِيُن طورُ، ھئو جسودن سين.
بيت - 11
سُڪي ڍوُر ڍيُون ٿيو،ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،
پاڻي پَٽيهل ۾، اڳيون نہ آيو،
ماڙھن ميڙائو،ڪنهين ڪنهين ڀيڻئَين.
بيت - 12
ڍورو نہ اڳينڍارَ، مَهند مَلاحن لَکيو،
موڙي ڇوڙيا مَڪَڙا، پَسي پاڻيءَ پار،
جسودن جيها يارَ، پيا وير وماس ۾.
بيت - 13
جسو تڙ يارن کڻي، ڇني ڇڏيو،
رنو اکڙين، جڏھن ڦوڙايو سڄڻين.
بيت - 14
ڀيڙ ھُئي جوگان، تڏھن تن نہ اڳيون،
مٿيريُون سيڻان، ويون ڪاڇو اُڪري.
بيت - 15
پٽيهل تو ۾ پُور، اڳيون آھہ نہ آبَ جو،
سُڪين ڪهڙي سُور، پيئي واري وچ ۾.
بيت - 16
پٽهيل چئي پريَن کي، ساري آءُ سُڪو،
آھيم اولاڪو، جَسوءَ تڙ جو جان ۾.
بيت - 17
جان واھُڙ ۾ وَهُ، تان تُون مَڇَ نہ موٽيو،
ڪائي ۾ ڪوہ ڪرئين، پوءِ موٽڻ جو پَهُ؟
سر مٿي ٿو سَهُ، مَهميزون ملاحن جُون.
بيت - 18
جَان جَرُ ھئڙو حال، تان تون مَڇَ نہ موٽيو،
پُونيئي اَڄ ڪِ ڪالهہ، سانڀويون سانگن ۾.
بيت - 19
جان جر ھئڙو سير، تان تون مڇ نہ موٽيو،
اَڏا اِڏيئي ڪِيرَ، گهٽُ بہ جهليئي گهاتئين.
بيت - 20
متو آھين مڇ، ٿلهوٿو ھڻين،
جا تو ڏٺي آڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.
بيت - 21
ڏُوران پَسي ڏورِ، وِھِين جي وِھُرون ڪَري،
ھُوند نہ وَڌوءِ ھَور، مانگرياڻيءَ مَڇڙا.
بيت - 22
جا تو گهَيڙي گهٽِ، مانگرياڻي مڇڙا.
نيئي پڇاڙيا پٽِ، تنهن ڪُنڍي ڪنڍي ڪيترا.
بيت - 23
ڪُنڍي ڪَليَن وچ ۾، جڏھن ھَنئي جن،
مون کي مون پريَن، ڪڍڻ جي ڪا نہ ڪي.
بيت - 24
ڪُنڍي ڪَلَيَن وچ ۾، جڏھن ھنيائون،
موتَ نہ ماريائون، ڏور ڏيئي ويا ڏُک جي.
وائي - 1
لائي جا وَرن کي، سا ڪانڌ منهنجي ڪورا،
اچن پرن پٻکيا،ڪَرَٻاٻيهو جئَن مورا،
ماءُ ماريندم ڪڏھين، ان آرياڻين جا ھورا،
سيڻين سر کَنڊُ سَپجي، ٻيو عطرُ پَرين اتورا،
ڇپرُ کٿوري ٿيو،ٻي تازي ڦلن ڦورا،
الله عبداللطيف کي، سانَولَ ميڙِ سنڀوڙا.
فصل ٻيون
بيت - 1
مديني جا مير، سُڻ منهنجا سَڏڙا،
سرَڻُ تُنهنجي سيرَ، تون پار لنگهائيين پيڙا.
بيت - 2
مديني جا ڌَڻي، سڻ منهنجا سڏڙا،
تُنهنجي آہِ تَڻي،ٻي ڪنڌي ساريان ڪانہ ڪا.
بيت - 3
مديني جا گهوٽ، سڻ منهنجا سڏڙا،
ڪج محمد موٽ، عاصي تنهنجي آسري.
بيت - 4
مديني جا شاہَ، سڻ منهنجا سڏڙا،
ڪارڻ لڳ الله، سگهو رسج سُپرين.
بيت - 5
مديني جا شيرَ، سڻ منهنجا سڏڙا،
ڀَر مُبارَڪَ پيرَ، عاصي تُنهنجي آسري.
بيت - 6
مديني جا ڄام، سُڻ منهنجا سڏڙا،
آھيان تنهنجي سام، سگهو رسج سپرين.
بيت - 7
مديني جا مَل، سُڻ منهنجا سڏڙا،
مون کي ڪانهي جَهلَ، آھيان تنهنجي آسري.
بيت - 8
وانئن مديني مڱڻا، اکيُون پير ڪري،
جتي ماڻڪي محمد مير جي، جَهرڪيو جوت ڪري.
پسي جوت جمال جي، جت ننهن سيئن نيڻ ٺري،
پرتيون پير ڀري،ڪج زيارت ذوق سين.
بيت - 9
ڪنڌيين اڪَ ڦُلاريا، سانگه سڪو گاہُ،
مُهراڻيءَ وٽانءَ، رويو راڄ رضا ڪري.
بيت - 10
رويو ريجهاڻي چرين، ڇڏيو پانئر وَٽِ،
ڪُهي ڪِيناري چاڙھيُون، ھُڙن وڪڻي ھٽ،
تو سرِ مٿان سَٽ، ماري ڏيهاڻي ڪري.
بيت - 11
ڪڏھن جهليين ٻَڪرا، ويٺي منجهہ وٿاڻ،
اوچتا پرياڻ، آھن ڌَڻَ ڌڻين جا.
بيت - 12
ڌڻي سو وارئين واءُ، جو ميڙائو سڄڻين،
وھيءَ واٽ مٿان، ھنِئڙي آسر نہ لهي.
بيت - 13
سَڳر جو سُئو مُون، سو مون آڇيو جيڏيئن،
پئي پراڻو نہ ٿيو، اڃا نِينهن نئون،
تہ مُون ڏينهن سئون، جي ٻيهر ٻاروچو مليو.
بيت - 14
مٿي واٽڙَين، نيڻَ، نِهارا مون ڪيا،
ايندا مانَ پَسن، مٿان سڳر سپرين.
بيت - 15
ڪيچين ڪارڻ ڪالهہ، نيڻ نهارا مون ڪيا،
ايندا پَسان شال، اوٺي آريءَ ڄام جا.
بيت - 16
ھوتن ڪارڻ ھير، نيڻ نهارا مُون ڪيا،
پنهون ڀري پير، پُڇي مانَ پيادئين.
بيت - 17
اوٺين ڪارڻِ اُڄ، نيڻَ نهارا مون ڪيا،
پنهون ڄامُ پُهچُ، تہ لاھيُون اُڃ اکين کان.
بيت - 18
نيڻ نهارينِ، سي اڄ نہ اوٺي آئيا،
ھنجون نہ وَسائِين، پاڻي پنهون ڄامَ ري.
بيت - 19
نيڻَ نِهاري مُنهنجا، روئي ٿيا رَتَ،
پنهونءَ ھوءِ پَهَت، تہ پاري نِيَڻ پاڻ سين.
بيت - 20
نيڻ نهاري منهنجا، روئي رت ٿيا،
جي ھٿان ھوتَ ويا، سي اچن تہ آجي ٿيان.
بيت - 21
نيڻ نهاري منهنجا، رت ٿيا روئي،
ڏُکَن جي ڏوئي، ھَٿ اَسُونهَن جي.
بيت - 22
اڄ اڱڻُ ڪيڻان، آسَرَ لڳي سوريان،
ڏونگر ڏينهَن لڳان، مانَ وَرڪن سُپرين.
بيت - 23
ڏونگر لڳن ڏينهَن، مانُ ورڪن سپرين،
ڪيَس نماڻي نينهَن، آيلَ ٻاروچن جي.
بيت - 24
اللهَ جئَن نالوءِ، تِئَن مون وڏو آسرو،
خالقَ تُنهنجي کاندَ جو، پرو پاندُ نَہ ڪوءِ،
نالو رَب سَندوءِ، رھيو آھِم روح ۾.
بيت - 25
صاحب تُنهنجي صاحبي، عجب جهڙي آھہ،
وڏي سگهہ سَندياءَ، پاڻ وھيڻو آھئين.
بيت - 26
صاحب تُنهنجي صاحبي، عجب ڏٺي سون،
پَن ٻوڙين پاتار ۾، پَهڻ تارين تون،
جيڪر اچين مون، تہ ميريائي مانُ لهان.
بيت - 27
وڏي سَگهہ سندياءِ، ٻاجھن ڀريو آھئَين،
مون تان مِهَرَ مَ لاھہ، آءٌ تنهنجي آھيان.
بيت - 28
مٺو جئَن نالوءِ، تئن مون وڏو آسرو،
ڪو دَر ناهہ جِهوءِ، مون ٻيا در گهڻا نِهاريا.
بيت - 29
جيڏو تُنهنجو نانءُ، ٻاجهہ بہ اوڏيائي مَڱان،
ريءَ ٿَنڀين، ريءَ ٿوڻئَين، تون ڇپرُ، تون ڇانءَ،
ڪڄاڙو ڪَهانءَ، توکي معلوم سڀ ڪا.
بيت - 30
مَڪَرڍولُ ڍِلو، ناتو نِماڻين سين،
ڪونهي ڪَميڻيَنِ جو، بِگر تو بِلو،
تنهنجو نانءُ نِلو، وٺيو ويٺي آھيان.
بيت - 31
سَترڪَر ستار، آءُ اُگهاڙي آھيان،
ڍَڪِئين ڍَڪَڻ ھارَ،ڏيئي پاندُ پناھَہ جو.
بيت - 32
سترڪر ستار، مڇڻ عيب اَپٽيين،
ڍَڪج ڍَڪڻ ھار، ڏيئي پاند پناھہَ جو.
وائي - 1
منهنجي ننڊ نہ نيڻين نيڻين، ڪالهُون پوءِ لڪَن ۾،
موٽُ تون آيل منهنجي ماءُ، تان تو ڏکُ نہ ڪيڻين ڪيڻين،
ھوءِ نہ نِينم پاڻ سين، آءُ جا ويندَڙي سيڻين سيڻين،
ڪالهوڻِيان اڄ گهڻي ڪر، جهورڙي جهيڻين جِهيڻين،
ٻيون سڀ واڳيون ورن سين، آءٌ جا واڳڙي ويڻين ويڻين،
ھنيڙو ڏاڙھونءَ گل جيئن، روئي رتو ڪيڻين ڪيڻين،
الله عبداللطيف چئي، محبت اسان تون ميڙين ميڙين!
فصل ٽيون
بيت - 1
ڪَرِڪوڀيروڪانڌ، مون نِماڻيءَ جي نِجهري،
پرين تُنهنجي پاند، ڍولا ڍڪي آھيان.
بيت - 2
جِئَن تون قائم ڪانڌ، تئَن آءُ وَرَ ولهي نہ ٿيان،
پکي ڇِنا پاندَ، ڳَنڍُ نہ ڄاڻي ڪو ٻيو.
بيت - 3
ڪانڌَٻَينڪيترا، مون وَرُ وڏي وَٿُ،
مٿانڏيئي ھٿ، جنھن عَيب منھنجا ڍَڪيا.
بيت - 4
ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون وَرُ وڏي جُوءِ،
لوڪَ نہ آڇي اُوءِ، جي ڏسي عيبَ اکيَن سين.
بيت - 5
ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون وَرُ وڏي کاندِ،
پاڻان ڍَڪي پاندِ، جي ڏِسي ڏوہ اکين سين.
بيت - 6
ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون وَرُ وڏي ذاتِ،
لڙڪ نہ آڇي وات، جي ڏسي ڏَوہ اکين سين.
بيت - 7
وَرَ سين وجِهيو ڪاڻ، کَر سين کلون پائِيين،
ڀوري منَڌَ اڄاڻ، ڪَڻَ ڇَڏيو تُههَ ميڙئين.
بيت - 8
سُتا اُٿي جاڳ، نِنڊ نہ ڪجي ايتري،
سُلطاني سُهاڳُ، ننڊون ڪندي نہ ٿئي.
بيت - 9
ڪي سُمَهہ، ڪي جاڳُ، ننڊ نہ ڪجي ايتري،
اِيءُ مانجهاندي جو ماڳ، جو تو ساڻيه ڀانئَيو.
بيت - 10
جاڳڻ مَنجهان جَسُ، آھي الله جن کي،
لاھي ٿو لطيف چئي، مٿان قَلبَ ڪَسُ،
ورنه ڪجان وَسُ، صُبح ساڻ سيد چئي.
بيت - 11
سُتي نہ سَرندياءُ، ڪر پَچارَ پريَنِ جي،
وھامي ويندِياءَ، گهڻا ھڻندين ھٿڙا.
بيت - 12
ھي تان ٿورڙيُون، جي تون ڀورا پسي ڀلِئَين،
راتيون ٻيون گهڻيون، جي تو اينديون ھيڪلي،
بيت - 13
سُمَهڻان ساڙو، جيڏيُون جيڏو ئي ٿيو،
پِريَن سان پاڙو، منهنجو ننڊ نِبيرو.
بيت - 14
سمهڻان ساڙو، جيڏيون جيڏو ئي ٿيو،
ھوتَ لنگهيا ھاڙھو، تون اڻاسي اوجهڙين.
بيت - 15
پرہَ ڦُٽي، رات گئي، جهيڻا ٿيا نَکَٽَ،
ھاري ويَئي وَٽِ، گهڻا ھڻندين ھٿڙا.
بيت - 16
پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ پسو ماڙھوئا،
روئي ڇُڙي رات، ڏسي ڏکوين کي.
بيت - 17
سڄيُون راتيون سُمهين، ڇڏيو پيءَ پچار،
ڀانيئي سڀ ڄمار، سڄڻ ھُوندا مان گهرين.
بيت - 18
کوءِ ٻيريُون ٻَن ٻُور، ڦريو ڦاڪان نہ چَرين،
سائي پُٺيءَ سُور، جڏھن تڏھن رُڃَ جو.
بيت - 19
مَتي آھين روجهڙي، چُڻي اُٿي ويڙھہ،
مارئيڙو تو پير، چارو وٺي سينڱڙي.
بيت - 20
ڍولَ مَ کڻي ٻانهئڙي، پرہ مَ کڻي پاند،
آءٌ پنهنجو ڪانڌُ، لوڪان لڪي رانئَيان.
بيت - 21
مُسَن مُنهنِ سِنرا، کَريا گهڻو کِلنِ،
سي تان وسرين، آيا جن ڪمن لئي.
بيت - 22
ڦِريا پَسي ڦِيڻُ، کَريَن کيرِ نہ چکيو،
دُنيا ڪارڻ دِين، وڃائي ولها ٿيا.
بيت - 23
اڄ گهُرجين يار، بڊاماڻي پُنرا،
ڪاڇي پيئي پار، اچي ويرين ويڙھيا.
بيت - 24
اڄ گهرجين تُون، بڊاماڻي پُنرا،
مٿان اچي مون، ويرين واٽون لائيون.
بيت - 25
اڄ گهُرجين ھِت، بڊاماڻي پُنرا،
مٿان ڀڳيءَ ڀَٻ، ويرين واٽُون لائُيون.
وائي - 1
مَون سين ھوتَ نہ ڪَندڙا ھِيئَن،
ماءُ! ڄامَ نہ ڪُندڙا ھيئن، الله مون نہ ڇڏيندڙا ڇپرين،
ھوتن جي ھيڪاند کي، آءٌ رُوئان راتو ڏِينهَن،
ڇيڙي وڌَيس ڇَپَرين، ٻاروچاڻي نِينهُن،
لُڪُون لَڳن ڪوسيُون، ڏاڍا تَپن ڏِينهَن،
مون کي پرين ميڙئين، روجهڙيُون ميڙئين مِينهَن،
الله، عبداللطيف کي، ساجَنُ ميڙِ سَميعَ.
فصل چوٿون
بيت - 1
ڪُوہُ نہ ڪُڻ ڪين ڪونجڙي، روہ نہ وئين راتِ،
اڄ تنهنجي تات، سَرَ ۾ سارڻ آئيون.
بيت - 2
للي ڏيئي لاتِ، ڀڳا ڪوٽ ڪُفار جا،
وائي ڪن نہ وات، ٻگها ٻاتاڙا ٿيا.
بيت - 3
روہ راماڻا ڪنِ، اڄ پڻ ھَلڻَ ھاريُون،
ڪرڳَلُ ڪُونجڙين، رائي ۾ رات ڪيو.
بيت - 4
وڳَرُ اُڪيري، سَرُ ساريو سُورَ ڇَڙي،
جُهري جِهڄندي ڏي، سَنيها کي سَڄَڻين.
بيت - 5
وڳر وساري، ويٺيئن ڪِيئن ماٺ ڪري؟
ڪ تو نہ ماري، رُڻ جُهڻ سندي سَڄڻين؟
بيت - 6
وَڳَر ويا وَھي، ڪالهہ تنهنجا ڪونَجڙي،
ڪَندِيئن ڪوہُ رَھي، سَرَ ۾ سُپريَن ري؟
بيت - 7
وَڳَرڪيو وَتَن، پرت نہ ڇِنن پاڻ ۾،
پسيو پکيئڙنِ، ماڙُھِنئان ميٺُ گهڻو.
بيت - 8
وَڳَر وچان ڪونج، جَهٽي تي باز ڙي،
ٻَچن ڀانيو اِيئَن، آيل ايندي وانهَري.
بيت - 9
وڏي وڳر ھيرئين، چُڻي نہ ٻيَن گڏ،
ڪونج ڪريندي سَڏ، ويئي وھامي راتڙي.
بيت - 10
قِسمت آنديُون ڪونجڙيون، وطن سَندن روہُ،
ڪنهن جو ڪونهي ڏوہُ، رزِقُ رازقَ ھٿ ۾.
بيت - 11
قِسمت آنديُون ڪونجڙيون، وطن روھہُ سندون،
ڪهڙو ڏوھہُ ڏيون، ڪرمُ قادر وَسَ ۾.
بيت - 12
مَ لَنئَن ڪُونجي، ماٺ ڪَر، چور مَ ھنئين چاڪ،
ڦَٽيون جي فِراق، سي گهر گهارينديُون ڪيترو؟
بيت - 13
مَ لنئن ڪونجي، ماٺڪَر، چور ۾ ھنئَين سَل،
ڳوڙھا مٿي ڳَلَ، جِمَ وھاڻيءَ وَھائِيين.
بيت - 14
ڪونجڙيءَڪالَهہ لَنئي، سَڄڻ وِڌمِ چِت،
آءٌ جنهن ريءَ ھِت، گِهنگَهر گهاريان ڏِينهڙا.
بيت - 15
اُتر ڏي آلاپ، ڪالهُون ڪَرُ ڪونج ڪَري،
پرين پسي منجهہ خوابَ، وھاڻيءَ وايُون ڪَري.
بيت - 16
ڪونجُون ٿيون ڪُڻ ڪَن، جيڪُس ھلَڻ ھاريُون،
ٻَچا پوءِ اَٿن، وڃن وانڌا ڪَنديون.
بيت - 17
آيُون ڍورَڍري، اصَل سَندي آسري،
کَري ھَرَ ڀُون کَري، پاڻان پيرَ ڏُکويا پَکَڻين.
بيت - 18
آئيون اڳينءَ ھيرَ، اصل سندي آسري،
پَڙ ۾ پَسان نہ پير، سيڻن ساجُهرِ لَڏيو.
بيت - 19
وڳر ۾ وائي، ڪالهہ تُنهنجي ڪونجڙي،
سر ۾ سارينئي گهڻو،ڀينَرُ ۽ ڀائي،
پَسين نہ ڦاھي، جا ماريءَ سَندي مَنَ ۾.
بيت - 20
ڇني نہ اُڀي روءِ، سنڀاريو کي سڄڻين،
ھيءَ جِهڄندي جوءِ، تہ آءٌ اڪنڊي آھيان.
بيت - 21
ڪونج نہ پسين ڪَک، ڍَٻُ جنهين سين ڍَٻيو،
ماريءَ ماري لَکَ، وڳر ھَڻي ويڇُون ڪيا.
بيت - 22
ماري مرين شال، ڍَٻُ وڃنيئي ڍَٻُيون!
جيئَن تو اچي ڪالَهہ، وڌو وچُ وَرھَنِ کي.
بيت - 23
ڪونج نہ لکيو ٻاڻُ، جو ماريءَ سَندي مَنَ ۾،
اوچتي پرياڻ وَڳَر ھَڻي ويڇُون ڪيا.
بيت - 24
بغل منجهہ بندوق، ماريءَ ميرا ڪپڙا،
مارِيو مِيرَ مَلوُڪ، لتاڙيو لَڪِ چڙھي.
بيت - 25
چيتاڪيو چُڻيج، بڊاماڻيءَ بَٺ ۾،
نيڻن ننڊ مَ ڏيج،ڇيڙُون ڇُپَر آئيون.
بيت - 26
سيڙي سَنگهارن جي، واءُ ڪُنڍيون ڪاھي،
مينھن نہ مَٽائي، جنين سندا پَکڙا.
بيت - 27
سَنگهارون ساري، سائي ڏيج سَنيهڙا،
سا ھيڪَلي گهاري، مُنڌ ڪاڇي ڪَنڌئين.
بيت - 28
ڪيرڪريندِي رِيسَ، آيَل سنگهارن سين،
جنهِين جي خَميسَ، واريُون واري ڇڏيون.
بيت - 29
ڪاڇي ڪاھيائون، سچ ڪ سنگهارن لڏيو؟
مان تِن مارِيائون، پاڻان وِجهي گوندَرين.
بيت - 30
ڪيرڪريندي رِيس، آيلِ سنگهارن سين.
جنين جي خميس، منڌي مُور نہ مٽ ۾.
بيت - 31
ڪاڇي پيئي ڪُوڪ، سچ ڪ سنگهارن لڏيو،
مادر اوءِ مَلُوڪ، اُٺي ويڙا اُڪري.
بيت - 32
ڪاڇو ۽ ڪوھيارُ، ڏونگر سَندنِ ڏيهڙو،
ساجُهرِ نَهي ٻارُ، ڪو نہ ويٺين اُن سين.
بيت - 33
جِيَن سي سَنگهارَ، اجهي جنهين گهاريان،
مانَ لَهنئون، سارَ، وچ ولهين ڏِينَهڙين.
بيت - 34
ڌَڻُ ڌارڻُ، ڌار رھڻُ، ايءَ نہ سنگهارن سِٽَ،
ڪاھي ايندا ڪڏھين، مٿي وانڍِ وَھَٽُ،
جي ھاڻو ھُونِئي مِٽَ، تہ بہ اوڊو لاہِ مَ اُن جو.
بيت - 35
جهڄان پسيو جهوڪ، آيل سنگهارن جي،
جن ٿي پي پياريا، منجهان مَٽن موڪ،
لڌي وچان لوڪَ، اُٺي ويا اُڪري.
بيت - 36
جهوڪون نہ جُهڻڪن، وَڳ نہ پسان وَٽِ ۾،
آيل سنگهارن، جيڪس چِٽاڻو چت ڪيو.
بيت - 37
جي ڀانئين وَسَ چُران، تہ سنگهارن سين لَڏِ،
تہ ھاڃي سَندي ھَڏ، ڪُوڪَ نہ سُڻين ڪڏھين.
بيت - 38
جي ڀانئين وس چران، تہ سنگهارن سين گهار،
جنين سندي واڙ، چورنہ اچي ڪڏھين.
بيت - 39
آيل سنگهارن سين، جيڪا گهاري ماءِ،
توڻي ھوءِ اوڳڻي، تہ بہ رُکو مُور نہ کاءِ.
بيت - 40
مَنڌيون مَٽَ گُڙَن، جهوڪ بہ سُونهنِ پيهڙا،
سندي سنگهارن، جُوءِ جِياري جَڏڙين.
بيت - 41
ڀُورئِين پاند ٿين، جَڳه جهاڳي آئيُون،
ڪاڇو مينهڙينِ، مُندائِتو ماڻِيو.
بيت - 42
راءِ سين رُٺا جي، تن جاڙيجن جاڙڪي،
ڪئَن ماڻِيندا سي، چوڏَھن چارو ڪَڇَڙو؟
بيت - 43
جاڳو جاڙيجا، سَما سک مَ سُمهو،
پَسو آن پاريان، لاکو ٿو لوڙِيون ڪَري.
بيت - 44
ڀُڄِئان ڀُلي پيرُ، وِڌو راءِ رڪاب ۾،
ڪَڇ رھندو ڪير، لاکو لوڙائنِ سين؟
بيت - 45
ٽاٽُون ڪين پَلاڻَ، سَدا ھڻن کر کرا،
لاکي لوڙائَن جا، اھڙا ئي اُھڃاڻَ،
ڏيئي تَنگڻ تاڻ،ڪُوڪ ڪاريندا ڪڇڙي.
بيت - 46
لکي ۽ لاکو، ٻَئي مُئا، ٻاجهہ ٿي،
قادرَ لاٿوڪَڇَ تان اديُون اولاڪو،
وانڍِن ۾ واڪو، ريٻاري رَھي ويا.
بيت - 47
ڀُڄان ڀُلي نِڪيو،ڏيئي پاکوڙي پير،
جَسي ۽ جسَراڄ جو، مٿي وانڊين وير،
ڪڇ رھندو ڪير، جيئن لاکو لوڙائُوٿيو.
بيت - 48
لاکو لوڙائُن سين، چوڏس ٿو چڙھي،
وِڙوءُ وريامن جا، ڌڻيوڌڻ ھڻي،
پَيس جو پري، سو واھَر ڪنهين نہ وريو.
بيت - 49
وڙھي ويل سڀ ڪنهين، لاکو لوءِ بلوءِ،
پِرھہ ڦٽيان پوءِ، ڪرڳل ڪندوڪَڇڙين.
بيت - 50
لاکو لُوڻيءَ آئيو، ھئي ھئي پيئي ھاڪ،
پائُرڪنا پُڇڙي،ڏُونگر پيئي ڏاڪ،
اُٺيون ۽ عراق، گڏيا تان گهڻئي ٿيا.
بيت - 51
ھَڻي مٿان ھٿڙا، لاکو نه لاھي،
گهڻيرئان گهير ڪري، اُڀو ئي آھي،
وَڃيو سي ڪاھي، جي کيلي ھيٺ کنگهار جي.
بيت - 52
لاکو لَکيءَ تي چڙھيو، لکي لاکي ساڻ،
چاري چاڙھي آئيو، وسي رات وٿاڻ،
جاڙيجو زيان، ڪيڏوڪري ويو ڪڇ سين.
بيت - 53
ٻَني ٻهڻ نہ ڏئي، جُهري وئي جهوڪ،
لوڻي مٿان لوڪ، لاکي لک لڏائيا.
بيت - 54
لاکا لڳئي ڏينهن، کاري ري ڪيئَنِ گهارئين،
متان وسي مينهن، واٽون ولين ڇانئيون.
بيت - 55
ريٻارڻ ريجھاءِ، لاکو لولاٽن سين،
سائو مانَ سندياءِ ٺَٺ مَٽائي ڍاڪُرُو.
بيت - 56
ريٻارڻ روئي، واڙي وڌا وڇڙا،
سَمُورا سوئي، ھڻي ساٿ ھيڪلي.
بيت - 57
رڙي رَيٻارڻ روءِ، اُڀي ڍنگهرَ جَهلَ،
ڀري ھِتان ڀَلَ،ڪيتريُون ڪالهہ ڪاھي ويا.
بيت - 58
رڙي ريٻارڻ روءِ، اُڀي ڍنگهرڍارَ،
وڃن اڄ وَڳ ھَڻيو، سُئم جي سُوارَ،
ڪاڇي ٻنهين پارِ، ڌاڪو ھِن جو دسئين.
بيت - 59
رڙي ريٻارڻ رَوءِ، واڙِي پايو وَڇَڙا،
کرا ويڻَ کنگهار کي، چَينَچل اُڀي چُوءِ،
واڙي وَڇ نہ ڪوءِ، لاکو لوڙائن سين.
بيت - 60
لاکا لَکَ سڄن،ڦلاڻيءَڦيرُ پيو،
جنهن پر راڻا راڄيا،ڪوٽن ڌڻي ڪنبن،
جنهن جو جاڙيجن، سُتي سنچو نہ لهي.
بيت - 61
لاکا لک هئا، تون اڳوڻي گون،
جي ڀَري تُنهنجي پُون، سي واھر نہ ڪنهن واريون.
بيت - 62
لاکا لک ھَئا، ڦلاڻيءَڦير پيو،
آجا اوڏٿيا، پَلئي لڳي جنهن جي.
بيت - 63
لاکو لَکيءَ تي چڙھي، لَکي لاکي ھيٺ،
سونَهريون سِر ڪيو،ڀيڙي ٻڌي بيٺ،
ڪندوڏَمَرَڏيٺ، صُباحَ ساڻ سڀ ڪنهن.
بيت - 64
اڏيو جو اوڏن، سو ڍَنگهرڍلو مَ ٿِئي،
جنهن ڀَرِ ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.
بيت - 65
لاکي لَڄ کَنئي، اسان اوڏڙيَن جي،
ڪندوڪانہ ٻي، اڳ وسوڙي آھيان.
بيت - 66
نَئي نهاريم نار، تان پرت پُراڻي نہ ٿئي،
ويچارا سنگهار، ڪنهن سائي جي سانگ ويا.
بيت - 67
ڪيڏانهن ويا سنگهار، جي ھوا ھني ڀيڻين،
ڏور تہ ڏوريُون يار، ٻيلي ٻنهي ڪنڌئين.
بيت - 68
چارين چٽاڻو، وڳ وِھارين ويسرا،
لاکي لوڙائن جو، پَهرو پرياڻو،
سَٻَر سٽاڻو، وڳ ورائي واٽ ٿيو.
بيت - 69
لاکي لوڙيُون ڇڏيون، سَرھا ٿيا سَنگهار،
چٽائي چوڌار، وانڊيون وَسَ چرنديون.
بيت - 70
جُهوني تُون پُراڻ،ڏينهن گهڻيرا سنڀرين،
لاکي جھڙا ھاڻِ، تو ڪيڏٺا پَيَڙا.
بيت - 71
ڊگهي اڏ مَ مَنهي، پکو اڏ مَ لانڍ،
اڏيو جن ورانڍ، تن صُبوح سَوارو لڏيو.
بيت - 72
لاکا لڄَ سندياءِ، اوڏ اگلي آھيان،
پَکا سي پَرتاءِ، جي اَجهي تنهنجي اڏيا.
بيت - 73
اَڏيندي اوڏن، لَڏڻ جي ڪانہ ڪئي،
لاکو مٿان تن، اوچتو ئي آئيو.
بيت - 74
اَڏي اڏي اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون،
ٽڪاڻا ۽ ٽولَ، پِيا آھينِ پَٽَ ۾.
بيت - 75
خبرٿي کُلن، سُڻي پوءِ ڀڄڻا،
چاري مٿان چٿريون پاڻان اُڀاڪن،
لاکو مٿان تَن، اوچتو ئي آئيو.
بيت - 76
ڍاٽي ڍَٽِ مَ ڍار، ھن پرائي ڏيهہ ۾،
چيهو چِلو چڪ ٿيو، وڳ اتانهين وار،
ڏٺم ڪالهہ پرار، لاکو لوڙائن سين.
بيت - 77
جتن جاڙيجن سان، صلح ڪَر سنگهار،
تُون وڳُ ڇڏين ٿو ويسرا، ھُو چمڪيا چوڌار،
تو جيڏا تو يار، لاکي ڪئين لڏائيا.
بيت - 78
وھين سنگهارن جي سَنهاري سانجاڻ،
پوءِٿا پين پاڻ، پهرين پيارينَ پَيڙا.
بيت - 79
ڇنل ڇَڄَ ھٿن ۾، ڪُلهن ڪوڏارا،
پورھي ڪارڻ پيٽ جي اُٿَين سُوارا،
اوڏ بہ ويچارا، وڃن لاکا لَڏيو.
بيت - 80
ڪڏھين مَڙھہ مُقام ۾، ڪڏھين ڳاڙھو گهوٽ،
سندو واريءَ ڪوٽُ، اڏيو اڏبوڪيترو؟
وائي - 1
تون جو وڃين ڪيچ ڪَهي، اِي ادا! ڏيج پاراتو پرين کي،
ڏک منهنجي ڏيَل ۾، آءٌ سگهان تان نہ سَهي،
آءٌ ڦوڙائي ماري، منهنجا واقفَ وَيڙا وَھي،
ڀينرُ ھن ڀنڀور ۾، آءٌ ساريان ڪونہ سهي،
مون مُئيءَ مٿان ڪيترا، ويَڙاڪانگ لَهي.
سُر ڪاپائتي
فصل پھريون
بيت - 1
توڻي تون ڪاتار، جَم ھيڪَلي ڀيرئين،
ڏٺي ڪا ڏُئار، صرافَ انهين سُٽَ ۾.
بيت - 2
جنهين ڀيريو ھيڪلو، تنهين ميڙيو ماءِ،
تَندُ اھڙيءَ ساءِ، مون آتُڻ ھَڏِ نہ اُجهي.
بيت - 3
جان ڪتئين تان ڪَت، ھيءَ ھَڏِ وِھاڻي،
ڪاپائِتي سڀڪا،ڪتي سيباڻي،
ڄاتو جن ڄاڻي، تن ھٿان پَهي نہ ڇڏي.
بيت - 4
ھِيءَ ھڏ وھاڻِي، تُون ڪڙھہ ڪالُهوڻي ڏينهن کي،
ُٿي اور ارَٽ سين، ويھ مَ ويڳاڻي،
تھ صراف سڀاڻي، موٽائي ھڻئي نھ مُنھن تي.
بيت - 5
ھيءَ ھڏ وھاڻي، جان ڪتندئن تان ڪت،
ڪو پنهنجي عيد کي، ڀيري ڪج ڀَرتُ،
متان روئين رَتُ، صُباح وچِ سرتئين.
بيت - 6
ڪَتَڻ جي ڪانَ ڪَرئين، سُتي ساھئين ھَڏَ،
صُباحَ ايندَيئي اوچتي عيد اُگهاڙن گڏ،
جت سَرتيُون ڪنديُون سَڏُ، اُتي سڪندِئين سينگار کي.
بيت - 7
پائي ڏور ارٽَ ۾، ڪتين نہ ڪوڙي،
وھانءِ واڌاڻي ڀُڻين سَنڀوڙي،
مٿي جنهن موڙي، سا ڪِئن وھي ويسَري؟
بيت - 8
اڄ پڻ اُجَهڻَ کي مَرين، نہ ڪي ڪِتوئي ڪالهہ،
ڀوري توسين ڀال،ڪانڌ ڪريندوڪيترا.
بيت - 9
سي تو ويهي وڃائيا، جي ڪتڻ سَندا ڏينهن،
ارَٽ اوڏي نہ ٿِئين،ڀوري ڀوري سِيئَن،
تَندُ پسندِئن ڪيئَن، ھاڻي تون وڏي ٿِئين.
بيت - 10
توڻي تون وڏي ٿئين، توءِ اُٿي آتڻ آءُ،
ٿي ڀيڙي ڀيرَ مَ وارئِين، ٻي ھَڏڪَر مَ ڪاءِ،
تہ صرافُ تو صُباحَ، ڪوٺي ڪاتارن سين.
بيت - 11
سون ساري ڪا ھٿڙا، ڪوہ نہ ڪتين رَڏِ؟
ويهي ڪُنڊَ ڪاپوڪر، گهتون گوھيُون ڇڏ،
تھ صرافاڻي سڏ، مَرڪيو ھوند مٽائيين.
بيت - 12
ڀڳوئي ڀير، جانسين رتو راس ٿِئي،
بريءَ بيڪاريءَ سين، ھاري پاڻُ مَ ھير،
ڪَتُ ڪَتينديُون ڪير، نئين سين نہ ڄاڻِجي؟
بيت - 13
ٿُلهو سنهو اڳيون، جيڪي ڪِتائين،
مَرڪيو مٽائين، سُڀان وچ سرتين.
بيت - 14
جيئن تُون ڀيرين ڀانئين ايڏانهن ھَڏ مَ آءُ،
ان سرڪيءَ ساءُ، پڇو عزازيل کي.
بيت - 15
ڀيرئين ۽ ڀانئين، ائين وڏوڻوڪانڌُ،
ويٺي اور ارَٽ سين، ڳچيءَ پايو پاندُ،
تہ تُنهنجو وڻواندُ، ڪَتو وِتو نہ ٿِئي.
بيت - 16
مَڇڻ ڀاڳ ڀڙِڏئين،ڪت ڪَنبندي آءُ،
جڏھن تڏھن ماءُ، ڀرن ڀير مَ واريُون.
بيت - 17
چائَٻ پائي چِت ۾، سَنهو ڪَتو جَن،
تن جو صرافن، دُڪو داخل نہ ڪيو.
بيت - 18
محبت پائي مَنَ ۾، رَنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائِيو.
بيت - 19
نڪي ڪتيئي ڪالهہ، اڄ پڻ اُڄڻ کي مريَن،
مُونا اُٺجي اُکڙيا، ارٽَ ڍَرڪي مالَهہ،
ھئي تنين جي حال، جَن ڪاپي منجهان ڪين ڪيو.
بيت - 20
ڀيرڻ کان جن ڀانئيو، تن پيئي ڪاپاتين ڪاڻ،
تنهنجي تِسيءَ تاڻ، ھت ڏڪن ڏَھہ سئين واريون.
بيت - 21
ڪو جو وَهُ ڪاپائتين،ڪتن ۽ ڪنبن،
ڪارڻ سُودَ سَواريُون، آتڻَ مَنجهہ اچن،
اُن جي سونهن سيد چئي، ٿا صرافَ سڪن،
اگهيا سُٽَ سندنَ، پائي ترازِيءَ نہ توريا.
بيت - 22
سُٽَ اُنهين جو سڦرو، جي پَرِ ۾ پچائِين،
آواز ارٽ جو، ساہ نہ سڻائِين،
لِڪايو لطيف چئي، ڪَنبيوڪَٽائِين،
جي ماڻِڪَ موٽائِين، توءِ مُلهہ مَهانگو اُنِ جو.
بيت - 23
تُنبائي تاڪيد سين، جن پِڃايو پاءُ،
لسي تِندُ لطيف چئي، ھَلي تن ھٿانءُ،
مَلمَل ۾ منجهان ماءَ، جي سکيُون تن سون ڪيو.
بيت - 24
ڪي اوبين عرب ۾، ڪي ڪابلَ مَنجهہ ڪَتَن،
سُٽ اُن جو سڦرو، مٽيو ماڻڪن،
قادرڪِيمَ ڪڍن،ٿيلهي ٿُلهي واريُون.
بيت - 25
پليءَ پايو پوڻِيَون، دَر در ڀيراڏي،
ڪا مون ڪَتائي، آءُ ڪاپائتي آھيان.
بيت - 26
ٽڪ ونگي، وَرَ گهڻا،ڪَتان ڪُڄاڙو؟
ڪاپي تان ڪيترو، آڻيان اُڌارو؟
جي وَر ڏئي وارو، تہ سُونهان سَرتِيَن وچ ۾.
بيت - 27
ڀيرين ۽ ڀانئِيين،ڀانئِڻُ ڀَڃي ڇَڏِ،
ڪتو وتو پورھيو، ھوڏَ وجهنديئي ھَڏِ،
ھتي ڏيڍو مَٽي ڏَڏِ، جِتي ڏَڪن ڏَھسئيءَ وارِيُون.
بيت - 28
اوڻيا ارٽ، ڪيڏانهن ڪَتڻَ واريون؟
پُهيُون مٿي پَٽَ، لڙجن لاکيڙن جون.
بيت - 29
ڪَتي ڪَتي ڪالهہ، اڄ نہ آتَڻ آئِيُون،
اَرٽ آُکلي مالهہ، پُوري ويئيُون نِجهرا.
بيت - 30
نہ سي وَوڻَ وڻن ۾، نہ سي ڪاتاريون،
پَسيو بازاريون، ھِنئڙو مون لُوڻ ٿِئي.
بيت - 31
نڪي ڪتين نہ ڪتائين، نہ ڪڍن ڪوريءَ ڪاڻ،
جن ربيع سين رھاڻ، تن اُڊو ناھہ اُگهاڙ جو.
بيت - 32
ڪَتي مٿي آئيُون، ڪري تند تيار،
اُٿل اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن پِرينءُ پارُ،
ڪاپائتي قرارُ، منجهان پُوڻي آئِيو.
بيت - 33
جا سَنهو نہ سِکي، سا مَر رنڍا ئي روڙي،
سُٽُ اُنهيءَ جو سَڦرو، ويا ترازيءَ توري،
ٿُلهي ۽ ٿوري، ويچاري سان ور ٿيو.
بيت - 34
جنهين ڪَتوڪالهہ، سي پاڻا پييُون مامري،
جنهين ٽڪَ نہ مالهہ، سَرھيُون سين صراف سين.
بيت - 35
پائي پاند ڪَپاهُ، جان مون آتڻ نهاريا،
کڻي ڪانہ پَساہُ، سرتيون وڃي سُتيُون.
بيت - 36
چَرکو پنهنجي چِتَ ۾، ڀَِيڀيريو جَن،
توڻي ڪِينَ ڪَتنِ، تہ بہ ڪانڌ اُنهين جو ڪوڏيو.
بيت - 37
تاڃي توريائون، تہ عَيبِ نڪِتا اڳيان،
ڪوٺي ڪاپائِتن کي، پر ۾ پُڇيائون،
اَگَلڙي آءُ، مون کان ڀِڙا ڀَڳا نہ ٿيا.
بيت - 38
ڪَتي ڪَتندئن ڪيترو،ڪَر سوداگر يارُ؟
ڪَتڻ، مَٿِڻ،ڪريم چئي، آھي آگي جي اختيار،
جي ٿئي پورھيتِ تو پار، تہ تُنهنجو سُٽُ سوجهيئي ڪونڪو.
بيت - 39
پريان سندي ھنج ۾، سُتي جا پيئي،
سا ڪيتري ويئي، نہ ڪنهن پُڇي رات کي.
وائي - 1
ڪا ھنئين سين لاءِ، ڀوريڪا ھِنئين سين لاءِ،
تنبائي تاڪيد سين، جن پچايو پاءُ،
لَسي تَندُ لطيف چئي، ھَلي تن ھٿانءُ،
پهيون تُنهنجون جهرڪن جهوريُون، پيون اُڏايُون واءِ،
ارٽ پاسي اوجهرين، توکي سمُهڻ آئيو ساءُ،
آڌي عبداللطيف چئي، روئي ريجهائج راءُ.
وائي - 2
آءٌ جا ويندُڙي پار پريَن، مون کي آيَل جهَلُ م پاءِ،
ڄهلُون پَلُون پائِيين، پاڻان مَتِ نہ آڇئين ماءُ،
ويوٻاروچو نِڪري، مون کي سور چکائي ساءُ،
منھنجا ڪَمَ ڪريم تي، ريبي مون مَ رَھاءِ،
ويئون ڪنهن وَڳَه تَڙِ، ڀيرا ڀَڃي ماءُ“
آتڻ مٿي آسري، آيَس اُنهين لاءِ،
جنهين سُور سَريرَ ۾، تنئِان ھتِ نہ ڪاءِ.
مت
بيت - 1
واکاڻِيون واحدَ رب عَظِيمَ،
ڪَرِٻانها کي حَمدُ حڪِيمُ،
صَلواتَ مٿي مُحمدُ ڪَريمَ،
مومن پڙھہ تون قَلب سلِيم،
سر صَحابَن واريو وار،
چَرکو چوري ڪَتِ ڪاتار.
بيت - 2
وَھِي ھٿان تو منڌَ ويئي ويئي،
ڪِين ڪتئي ڪي ڀِت ڀَر ويهي،
وقت تمام ڏِس تان لٿوئي،
قوت، سَعيو ٻَنڌ تون ٻيئي،
نيت خاصي رَکُ نِبار،
چرکو چوري ڪت ڪاتار.
بيت - 3
اپڻِي نالِ، ارٽ جو نانؤ ڳڌوئي،
تنهن کي ڇوري ڪئن ڇڏَيوئي؟
ڪِنهن پَرِ ڪُوڙي ڪِين ڪَتوئي،
جيڪس لُوٺي ڪِين لِکيوئي،
نينهان ڇڏيوٿي ڀڄَين ٻهارِ،
چرکو چوري ڪت ڪاتارِ.
بيت - 4
شرمُ صُبح وچ سَرتين ٿيندئي،
مَڙنديُون جيڏيُون، ڏِينهن عيدَ ايندئي،
ھي وَھہُ وَھي تنهن ويل ويندَئي،
اُت اُڌارو ٻيوڪونَ ڏيندئي،
نيهان ڀڻي ٻون آهين ڀنوار،
چرکو چوري ڪت ڪاتارَ.
بيت - 5
ڇو اوڳي ڇڏيئُي اَرٽُ اُلوڙي؟
مُونا، منجيُون، ڦنگهہ بہ ڦوڙي،
ليٽَڻ،ڳُجهہ، مَڪڙي موڙي،
ڪڍين چموٽن مان ٽَڱ کي ٽوڙي،
ھاڻي ڪندئن تون ڪھڙي ڪار؟
چرکو چوري ڪت ڪاتارَ.
بيت - 6
ڇو اوڳي ڇڏيئي اَرٽِ اُلاڻي؟
جِيُ جسو ويهہُ تنهن سين واڻي،
توبَهَ توبَهَ ڪيو تندُ تاڻي،
لينجَهہ،ڀڙي ڪڍ ڇِني ڇاڻي،
ھَردم حق جي تَندُ تَنوار،
چرکو چوري ڪت ڪاتار.
بيت - 7
ڀڳو سَڄوڪرِ، صحيا ساري،
ساڄُ سڀوئي صحي سَنواري.
ڪارڪَتڻ جي ويهہ مَ وساري،
اڇو پڃائج لاري ڦَٽياري،
لائج تون لَنؤ اَرٽ سين آر،
چرکو چوري ڪت ڪاتار.
بيت - 8
اُٿي ڪَپائتي آڌِيءَ ڪَتُ،
ڀيرج ڀيرَم، رويو رت،
ووءُ ووءِ ٿي مَ ويڳاڻي وَتُ،
پورھيو پورھِيت اي پَهتُ،
ڪَر، تہ سَدا تون ھئين قرار،
چرکو چوري ڪت ڪاتار.
بيت - 9
ڀجهرو ڀوري ڀيريئي ڪِيَن،
جئَن چيائون، ڪِتئي تئَن نہ،
داخل ٿيندئين در زَمينَ،
ويا وٽان تو اُٿي اَمين،
پَنڌُ پَراھون، ڏيهُ ڏيسار،
چرکو چوري ڪت ڪاتار.
بيت - 10
جانِسين اٿئي ڪو دَمُ پَساہُ،
تانِسين چرکي لائج چاہُ،
پُڇا پاڻ ڪندئي پتَشاہُ،
نہ تو ڪَنِ سُٽُ نہ ڪپاہُ،
نہ ڪَتڻ جي نيت نار،
چرکو چوري ڪَت ڪاتارَ.
بيت - 11
ڪن ڪيوڪَتڻَ جو ساجُهر سعَيو،
ڪن ھَٿِ آندي ڪپهَ پڃايو،
ڪن اَرٽُ سَنئون ڪيوڪن ڏئن ڏايو،
ڪي ويٺيون ڪتَن،ڪن ڪَتو اوبايو،
ڪي ٻيڻي، مَٽڻ لاءِ پريون بَزار،
چرکو چوري ڪت ڪاتار.
بيت - 12
تون ڀوري سَدائين بد اَفعال،
ڪرين ڪَميڻي قيلَ مَقالَ،
ووءِ ووءِ تُنهنجي ھي ھي حال،
ويهي وڃايئي سمُنڌا سالُ،
جيڪس نِهوڙِئن ننڊ خُمارَ،
چرکو چوري ڪت ڪاتار.
بيت - 13
وييون آتَڻَ مان ووءُ ووءُ جيڏيون،
قيمت ڪُنجيون جن ھَٿِ ڪيڏيون،
ڪَنا تَڪبرُ سي ٿيون ٽيڏيون،
ڪاپي اَندر لڳينَ ڀيڏيون،
آءُ اُٿاري مَنَ کي مار،
چرکو چوري ڪت ڪاتارَ.
بيت - 14
ڪَتئي ڪاپائتي ٿلهو ۽ ٿورو،
لينجهہ ڀڙيءَ سين ڀيريئي ڀورو،
صُبح صَرافُ ڦولهيندئي ڦورو،
تور تَسي جئن تُرندَئي تورو،
ارتو اکئين ھاريو ھار،
چرکو چوري ڪت ڪاتار.
بيت - 15
جي سنهو نہ سِکئن، تہ رنڍا ئي روڙڄ،
جيهي جي تيهي، پر تَندَ نہ ٽوڙج،
ساڻ محبت مَڪڙَي موڙج،
ڪَتي پٽاندر پورھيو لوڙِج،
سرِتينِ جي وچ عيد دُئار،
چرکو چوري ڪت ڪاتار.
بيت - 16
ويهي آتَڻَ ۾ جن چرکو چوريو،
ڪتڻ ڪَپائتيون آڌيءَ اوريو،
لاھن ڀينڃ ڀِڙيءَ کي ڀوريو،
ڏينديون توريو، وٺنديون پورھيو،
سراءِ صرافن جي ٺَرڪار،
چرکو چوري ڪت ڪاتار.
بيت - 17
تو سر ارٽ سدا ٿو دانهيو دانهي،
تہ ھيءَ مالهہ منجهان مون لاھيو لاھي،
ڪڍيوڍيڪيون ڊاھيوڊاھي،
گهريو پٽَ ۾، راھيو راھي،
تون ڀُڻين سَدا ٿي بيڪار،
چرکو چوري ڪت ڪاتار،
بيت - 18
اُٿي ڪاپائتي آڌِيءَ ڀير،
تَندُ طَلَبَ جي سيريو سيرَ،
سَت صبر جو ڪت تون ھيرَ،
نِت ناڙيءَ سين ھنئَڙو ھير،
روزُ رضا سان اوب دنُبار،
چرکو چوري ڪت ڪاتار.
بيت - 19
پنهنجي تَندُ تو آڏي ايندي،
سَنھي ٿلهي سڀ لَنگهي نہ ويندي،
جنس سڀ ڪا جاري ٿيندي،
ھَرڪا پنهنجو پورھيو جَهليندي،
ڪَتيءَ پٽاندر بارو بار،
چرکو چوري ڪت ڪاتارَ.
بيت - 20
ڀجهروڀيرج ڀَؤ رکي ڀوري،
ڇڏ مَ ڪَتڻَ کي ڇوري ندوري،
اڳيان گڏبئي گاگن گوري،
ڀٻولي جن جي پُڙدُ پشوري،
پڇندَئي پنجابي ڏاڍي ڏَھڪار،
چرکو چوري ڪت ڪاتار.
بيت - 21
ڀجهرو ڀيرج تون رکي ڀَؤ،
ڪَر سَڄڻين سين روح جو روءَ،
ماڻَج مَوجُ محبت مؤ،
لائج چڱوڪو لالَنَ لَؤ،
روئي ريجهائج ڪانڌُ ڪُنوار،
چرکو چوري ڪت ڪاتار.
بيت - 22
پائي پاندُ ڳِچيءَ،ڪَرِ نِت نيازي،
اڳيان اَحمدَ جي آڻج آزي،
چئن پنجن جو ٿيُ تون پازي،
ٿيندئي رحمت سان رب راضي،
ڪندئي ڪَلمي ساڻُ قرار،
داوَرُ دِين دنيا جي دارِ،
چرکو چوري ڪت ڪاتار.
سُر پرڀات
فصل پھريون
بيت - 1
اِيءَ نہ ڀانَن ڀير، جيئَن ڪِينرڪيريءَ ٽَنگيو،
سُونهاري صبوح سين وجهي ويٺين وير،
توکي چوندو ڪير،ڪيرت ڌارا مڱڻو؟
بيت - 2
سُتوڪِيئَن نِنڊون ڪرين، رو وھاڻي روءِ،
سُڀان ساز سندوءِ، پيو ھُوندو پَٽَ ۾.
بيت - 3
سيرانديءَ ساز ڪيو، سُمهي ساريءَ رات،
جاجڪاڻي ذات، اِي ھوءِ اڳَهين.
بيت - 4
جاجڪ ڄاڻن جا، سا پر آءُ نہ سِکيو،
سيڻ نہ نِينم پاڻ سين، سَڳا جي سياءِ،
جي رَنجائين راءِ، تہ پڻ تاري تُنهنجي.
بيت - 5
جَنين سُک ناھہ ڪو، چارڻ سي چئجن،
رڃن راھہ پُڇن، مٿي ڪُلهن ڪِينرا.
بيت - 6
ويا سَنجهي ئي ساز کڻي، جاجڪ جيڏانهين پَسُ،
ڪِينرُ ڪِيريءَ ٽنگيو، ڪنجهي لڳي ڪسُ،
تو گُهرندي مَسُ، لنگهي ٿي لڄ مري.
بيت - 7
لنگهي ٿي لڄ مري، جيئن تون ڏڏُ ٿيو،
سڀان سياڪو، صحي مڙندو مڱڻا.
بيت - 8
مُوڙھو ڀُڻين مڱڻا، ڪڏانهن ھُئين ڪالهہَ؟
لنگها ڇڏ، لطيف چئي، اُجهڻ جا اَفعالَ،
سَپَڙ دَر سوالَ، ڪَر تہ قيمت آڻئين.
بيت - 9
چارڻ لڱو، پنڌُ گهڻو، ڪي چوٽاڻي چَئيج،
ھِتِ ڪي ھلائيج، اُت آءٌ نہ اَچڻو.
بيت - 10
جيڪي ڏَڏَن ڏي،ڳُجهيان ئي ڳُجهہ ۾،
سو جي سڻن ڪڏھين،ڪِرت وارا ڪي،
تہ سازَ مڙيئي سي، ھوند پِٿُون ڪن پَلڪَ ۾.
بيت - 11
اُت ڪِيرت وارا ڪيترا،ڪِيرت ڪبوڪوہ،
جيڪي بَندو ڪَم ڪري، سو مڙوئي ڏوہَ،
تون پارسُ آءٌ لوہ، جي سَڃِين، تہ سونِ ٿيان.
بيت - 12
اُٿيو اَٻوجهاءُ، سپڙ جو سَڏِ ٿيو،
جِئَن اَئِين ڪيرَت ڪَٽُ نہ سکيا، تئن پاڻان ريڌو راءُ،
مڱو مون مُلاءُ، آءٌ اوھان جو آھيان.
بيت - 13
ڏاتِ نہ آھي ذاتِ تي، جو وَھِي سو لَهي،
آريُون اٻوجَهن جون، سپڙُ ڄامُ سَمي،
جو راءُ وٽ رات رھي، تنهن کي جکي جان ڪِيتان نہ ٿئي.
بيت - 14
ٻوليون ٻيلي جيون ڪري، پاسي ڀَر پِيو،
سُڻائي سُتن کي وھاڻي وِيو،
ڄاڻي ڪينَ ٻيو، سُرُ سکيوئي ھيڪڙو.
بيت - 15
ٻولُيون ٻيلي جيون ڪري، پاسي ڀَر پيو،
چارڻ چاڙھي چُوڏول ۾، تِهان پوءِ نيو،
وڃي رات ڪيو، سرفراز سيد چئي.
بيت - 16
ٻاجهاڻوٻيلي ڌَڻي ٻُجهان ٻاجهہ ٿي،
سَپڙَ سا سُئي، جيڪا چارڻ چت ۾.
بيت - 17
ڏيڪا ڦِٽا ڏُڌ جا، اڳيان ويڻ وھاڳ،
متي پويان مڱڻين، سَندا ڏينهن ڏُھاڳ،
رُٺوڌارا راڳ، سَپڙَ رات سَمگيو.
بيت - 18
وھاڻيءَ تون وڃُ، تو نہ سرندي اُن ري،
ڀيرا ڏئيڀڃ، جا پُنئي ڪاڻِ ڪريم سين.
بيت - 19
لنگهي جي ٻجهن، پَڌر پَؤ مَ اُن سين،
ننڍي وڏي ڳالهڙي، سڄي ٿا سمجهن،
تُون ڪيئَن اڳيان تَن، وڃيو وِللين وات سين.
بيت - 20
وَهيَن سُڪا سانگ ڀري، چوٽاڻي چوٽ،
ڏيوڏَان ڏڏن کي، سپڙ سخي ڏئي،
اِن راهَ مٿي رونجَهي، ماڻڪ اُڇليا مينهن جئَن.
بيت - 21
چارڻَ چوٽاڻي مڻي،ڪيرت ڪا سنڀاءِ،
لنگها تون ليلاءِ، اڳيان اُنڙڄام جي.
بيت - 22
اُنڙ ۾ آس گهڻي، تِهان وڏيرو ڊپُ،
سو مڱڻهارنَ مَپُ، جو نہ موٽائي مڱڻا.
بيت - 23
ڄاڻين تہ مَ ڄاڻ، ايءُ درُ اٻوجهن جو،
ان دَر سي ئي اگهيا، جن نہ ڀانيو پاڻ،
رِيجهاڻو راڄاڻَ، آھي اٻوجهن جو.
بيت - 24
طمع جي تنوار، متان ڪرين مڱڻا،
ڌِڪي ڪَندئي ڌار، ماڻڪ ڏيئي مُٺ ۾.
بيت - 25
ڏڏ ٿي ڏانَ گهرج تُون، ڇڏ وڄا جي وائي،
سپڙ رات سنڀائيا تازي تو لائي،
جوڄاڻي نہ ڪائي، تنهن سين ٻيلي ڌڻي ٻاجهہ ڪئي.
بيت - 26
صبوح جو سُهاڳ، مڱڻهارن ماڻيو،
ڏنائون ڏاتار کي، وڏي وير وھاڳ،
وسِ منهنجي ناھہ ڪا، سيڻَن ھَٿ سُهاڳ،
پرين سين پهاڳ، مانَ نماڻي نصيب ٿئي.
بيت - 27
چارڻ وس نہ ڪا، تہ ڪا ڪيرت جي ڪري،
جنين سَندو مڱڻو، ھٿِ تنين جي آھہ،
جي کارائينس تہ کاءَ، جي سمهارينس تہ سمهي.
بيت - 28
جَڏو ڦِڏو ڏڏ، پاڻ ڪوٺائين مڱڻو،
نہ ڪنهن نيو پاڻ سين، نہ ڪنهن ڪيو گڏ،
سَپَڙ ڪريو سڏ، ڏُکيا چاڙھي ڏولئين.
بيت - 29
پيو ليٽين لُٽَ، سڄيُون راتيون سُمهين،
اُٿي آڌيءَ نہ ڪرين، سپڙ ساڻ سَهَٽَ،
رونجهي رات اُپٽَيا، پيٽنيون پاڻيٽَ،
ميڙي تيان مَٺ، چونڊي ڀريا چارڻين.
بيت - 30
ڏاتار ڏک ڪيا، پاڻان مٿي مڱڻين،
مون دَرُ ڇڏيو مڱڻا، مڱين ڪوھہ ٻيا،
تڏھن تو پيا، وچيا ولها ڏينهڙا.
بيت - 31
منڱُ تنهين کان مڱڻا، جو ڏيهاڻي ٿو ڏئي،
ڪُوڙا درَ دنيا جا، جاجڪ مڱين جي،
سُڀان توھين کي، موٽي ڏيندا مُنهن ۾.
بيت - 32
کَڙہ اڳيان کپ، ڏھاڻي ڏاتار جي،
لنگها لاھہ مَ لَک سيئَن، مَٿان چانئٺِ چَپ،
مَڱڻهارن مَپ، ڪونهي ٻيو ڪِيرَت ري.
بيت - 33
سَپَڙ ساہَ پساہ، جاجڪَ جَم وسارئين،
ريهي رُپي سَنديُون، تندون تُنبي پاءِ،
لنگهيا تون لِيلاءِ، اڳيان انڙ ڄام جي.
بيت - 34
ميرا پَسي مَڱڻا، سَپَڙَ سَڏَ ڪيا،
سَٻوجَهن سُئا، اَٻوجَهن آسَرو.
بيت - 35
تون سَپَڙُ، آءُ سيڪَڙو، تون صاحب، آءُ سڳ،
پڇي تنهنجو پڳ، ڪُلهي پاتم ڪينِرو.
بيت - 36
تون سپڙ، آءٌ سيڪڙو، تون ڏاتارُ، آءٌ ڏَڏُ،
سڻي تُنهنجو سَڏُ، ڪلهي پاتم ڪينرو.
بيت - 37
تُون سَپڙ آءٌ سيڪُڙو تُون پارس آءٌ پينار،
ڏسندي اِي ڏاتار، ڪُلهي پاتم ڪينرو.
بيت - 38
ڪيرت ھَڏھَن ڪُوڙ، ڪرڪيرت جي ڪام ڪا،
جنهن سين ريجهي راڄيو، سا تون تند مَ چور،
ڪارڻ ڏاڻ مَ ڏور، اڳيان لنگهي ٿي لڄ مري.
بيت - 39
جنين ريجهايا راڄيا، ڪاٿي سي تنبير،
ويڙا وڏي وير، ڪُلهين رکي ڪينرا.
بيت - 40
اڄ نہ سَڄي اڳين، ڪا تنبيرين تنوار،
مڙھيُون مڱڻهار، پوري ڪنهن پار ويا.
بيت - 41
لنگهيو لوڌي ڪڍيو، مائٽن ماري،
سوٽليوٽيڙپا ڪري، پيٽُ نہ ايءُ پاري،
سَپڙ سينگاري، ڏُکيو ڏولي چاڙھيو.
بيت - 42
تون سپَڙ، آءٌ سيڪڙو، تون ڏاتار، آءٌ ڏوہُ،
تون پارسُ آءٌ لوہُ، جي سَڃين، تہ سونُ ٿيان.
بيت - 43
جئَن تو ڏَڏُ ٿيو، تِئَن لَنگهَي ٿي لَڄَ مَري،
صباح سِياڪو، صَحي مِڙندو مڱڻا.
بيت - 44
ڏاتارُ تہ تون، ٻيا مڙئي مَڱڻا،
مينهن مُندائِتا وَسڻا، سَدا وَسين تون،
جي گهر اچين مون، تہ مِيريائي مانُ لَهان.
بيت - 45
اُڀريو تارو، اُٿي وَرَ وِھاڳ ڏي،
سپڙُ ريسارو، چِت پَرکي چارڻين.
وائي - 1
ٻي دَر وانءُ مَ ڪيڏانهينَ ميان الله، جو تون ڄامُ مڱندين مَڱڻا،
ڦير مَ ھِنئون، ڪَنڌ، ڪِياڙي، ٿيندي ھاج ھِنئائين،
ماڻڪَ موتي، مالَ خزِينو ڏيندئي ٻيلي سائين،
ورچي تون وھاڳ کان، متان ڏِئين پانهين،
دَرِ داتا مَڱُ مڱڻا، انڌا ھوئج اوڏانهين،
مُذڪرَ متان ڇڏئين، ھٿان ھيڪڙائي،
ٻيون ڏيئي ٻين کي، کڻ سَمو سَوائي،
”ان الله وِتر يحِبَ الوتر“ وحَدَتَ واڳ وڌائين،
پنهنجي طرفَ پاڻَهين، سائِل سَڏيائين،
جتي جوانَن کي ڪوٺي ڪُٺائين،
اُتي عُشاقنِ کي اُلفَتَ اُھَڃ ڏنائين،
تنبُو کَڻُ مَ تيڏانهين، جِيفو آہ جيڏانهين،
”ڪِيرت ڪر قرب سين، خُلتَ کاڄ ڏنائين،
”الانسانُ سري وَاَنا سرہُ“، اِنَ پرَ اُتائين،
ڳجَهہ ڳجهاندَرُ ڳالهيون، راز نہ رکيائين،
پَسو پينارَن جي پَٽ ۾ پاڻ وڌائين،
اَديون عبداللطيف چئي، مون سين مهرَ ڪيائين.
وائي - 2
وَڏڙا ڏاڻَ ڏنائين، کنيائين رَخت ريزالَن جو،
ڏاتيون ڏئي ڏڏن کي، سَنديون سَون سائين،
اَنڌا مَنڊا آئيا، سخا سڏ وِڌائين،
ڪينَ مَنجهان ئي ڪي ڪري، سونہ ساراھئين سائين،
”و تُعز من تَشاءُ وَ تُزلُ مَن تَشاءَ“ آھي سڀ اُتائين،
نوازِيائين نُطفو، منجهان ڪِين ڪيائين،
حِرفت حَريفن جي، ڀَڃي سڀ ڀڳائين،
حاسدُ سڀ حُزن ۾، مدَعي پاڻَ مُٺائين،
اَديون عبداللطيف چئي، آہ پاڻَ وڻندڙ سائين.
وائي - 3
مون کي ڇڙ مَ ڇپرين، اي عاقل پنهون اتور،
ڇپر کٿوري ٿيو، تازي ڦَلن ڦور،
وڻ مڙيئَي واسيا، لائي ڪنگوءِ ڪور،
پرچي ڄامَ پنهونءَ جي، ھينئڙي لٿا ھور.
وائي - 4
سڳر منجهہ سڻين، اي مون يا الله! سڏ منهنجا سپرين،
ڪا جا اڙڪ اوٺين، ڪرھل ڪوڏ ڪسن،
ڪامل ڪچيءَ تند جيئَن، ڳالهائي ڳنڍين.
وائي - 5
ڪيچي ويا جيڏانهين، جيڏيون آھيم آسَ اوڏانهين،
بندي ھيءَ بازار ۾، شال مَ پوي پانهين،
ھاري وڃي ھوت ڏانهن،ڏاھہ ٿينديس آءٌ ڏانهين،
پيرُ سڃاڻي پرينءَ جو، موٽان ڪيئَن پانهين،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، پونديس اُت آڳاھين.
وائي - 6
ڏيٺي سان ڏاتار،ٿي موچاري مڱڻي،
اچي چارڻ چوري، ڪا جا تند تنوار،
سا سيباڻي راڄيي، سٻاجهي ستار،
نڀاڳن نواز ٿي،ٺَلهن ٺانٺا ٺار،
آيو حاتم اوچتو، لنگهي جيءَ تنوار.
سُر گهاتو
فصل پھريون
بيت - 1
مَتو وَھڻُ ڪُن ڪَري، ڀَڃي سنڀُويون ساجَ،
مون وجهندي واجَهہ، پرين پيا نہ پَنَ ۾.
بيت - 2
گهنگهريا گهڻَ ڄاڻَ، موڙهَي مَتِ مَھائِيين،
ويا گڏجي وير ۾، پيا مُنھِن مِھران،
اَڳيان پويان ٽَاڻَ، ويا ويچارَن وِسري.
بيت - 3
مالڪَ ڀڄايَنِ مولهيا، مَٿان رات پئي،
اوليون اُجَهڻ لڳيون، ويا ونجهہ وھي،
ڪَلاچِيان ڪَهي،ڪَڏھن ڪونہ آئِيو.
بيت - 4
ڪو جو قَهرُ ڪلاچُ ۾، گهڙي سو نِئي،
خبرڪونہ ڏِئي، تہ رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊيا.
بيت - 5
ڪالهہ ڪلاچيءَ ويا، ڇَٽيُون ڳڻي ڇُڳير،
ڀائُرن ڀيرو نہ ڪيو، اُدَنِ ڪي اويرَ،
اھڙي خاصي کير، ڪُنَ وَرائي جَهلي.
بيت - 6
ھڏُ نہ سُڄي ساٽئين، ڪُن ڪلاچيءَ پار،
ڪنهن ٻي تَڙ نهار، گهاتُن سَندا مڪڙا.
بيت - 7
تَريو پَسان نہ تارَ ۾، جُهڳا جاءِ نہ ڪن،
مادُرِ ملاحَن، ماڳِ نہ ڍويا مڪڙا.
بيت - 8
ڏِھاڻي ڏٺَم ڪيترا، جنهين ماريو موڪَ،
گهَرَ ۾ گهاتُوئڙن جا ٿا مارينَم ٿوڪ،
لڏي وِچان لوڪ، اونهي ويا اوھري.
بيت - 9
ڪالهہ ڪلاچيءَ ويا، گهاتُو ڪَري گهُور،
مادر ملاحن جا، ويٺي سَهان سُورَ،
مون کي ڪري ملوُرَ، اُونهِي ويا اوھري.
بيت - 10
اُڀيءَ اوسڙان اُس ۾، جَهليو ڪُنِ ڪنارَ،
گهاتُو گهر نہ آئيا، وَڏي لڳين وارَ،
ھُيَسِ جنهين ھارَ، سي موڙھي چڙھيا مڪڙا.
بيت - 11
کلي جان کِينڪاريان، تان ساٽيءَ سنگ نہ ڪن،
واريو وھَٽَ وڃن،ڪن سڀاڳن سامُهان.
بيت - 12
جتي گهوريو گهاتُوئين، تِتي واريءَ بَٺَ،
سَئَسين ساٽي مَٺَ، سُرُ سُڪو، سونگي گيا.
بيت - 13
نہ ڪا بُوءِ بازار ۾، نہ ڪا ڇَلَر ڇَٽ،
جتي ڏنڀَرن جي، اڳي ھُئي اکُٽ،
سي پُڙ پَسيو پَٽَ، ماڙھُو وڃن موٽيا.
بيت - 14
مون آڌاريا مَڇَڙا، الله گهاتُو آڻ،
ميان مُدارن سين، مون کي قادر وجهہُ مَ ڪاڻ،
ھَٺ منهنجي ھاڻ، قدرُ لڌو جن ري.
بيت - 15
اوري ھُئا تہ آئيا، جيڪس ويا پَري،
ساٽي سَڏ ڪَري، ماڳ نِهاري موٽيا.
بيت - 16
اُئِين جا لُڏو لوڏَ، ايءَ پَر گهاتُوئڙن جي،
ڪُنَ ڪلاچِي ڪوڏَ، سک نہ سُتا ڪڏھين.
بيت - 17
گهوريندي گهور پيَا، اگهور گهورِيائون،
مَنگرَ ماريائون، ملاحن مُنهن سَنرا.
بيت - 18
جاٿو گهيڙي گهٽ، مانگريون ۽ مڇڙا،
نيئي پڇاڙيا پَٽ، ان ڪُنڍيءَ وارا ڪيترا.
بيت - 19
گهور نہ اچي گهاتو، ڇاڇر ڇُڳيرن،
ڪَنڌا ڪڙون پُڇن، اُٽنگيو اُنهي ڳري.
بيت - 20
واھي جي وھڪروڏوران پسي ڏور،
ھُوند وڌئي ھور، مانگرياڻي مڇڙا.
بيت - 21
گهہَ گيان گهاتو ٻيا، گهوري نہ ڄاڻن،
سا پِر ھڏ نہ سکيا، جنهن پَرِ مڇ مرن،
مادر ملاحن، ڪنهن ٻئي تڙ ڊوھيا مڪڙا.
بيت - 22
وحدت جا وجود ۾، ڪي جي ڀرن ڀير،
ڊگها ڪري پير، سُتا ڪلاچيءَ ڪُن ۾.
بيت - 23
جان گهڙندا گهاتوئا، تان رڇن ڏيو رڱ،
سَڳايُون ۽ سَڱ،ڪلاچي ڪينَ ڪَري.
بيت - 24
جئَن جِهينگا پائيين جهولَ ۾، ائين نہ مَرَن مَڇَ،
سَٻرَڌار سمنڊ جا، ڪي رائو رڱي رَڇ،
ھي ڇاڙون ۽ ڇڇَ، اڃا اوڙاہ آڳاھون ٿيو.
وائي - 1
جيڪس جَهليا مَڇَ، گهاتو گَهر نہ آئيا.
ڪاھي وڃو، ناکئا ڪَريو بُريَ تي بَڇ
ڪاٿي سَنديُن ڪُنڊيون، ڪاٿي سندن رَڇَ
ڪُنَ ڪَڙڪو ڏاڍو، اٿَو اَڳيان اَڇَ
اديون عبداللطيف چئي، سَڀ لَگِهيندا ڇَڇَ
وائي - 2
ھو جي ويا مُون ھڻي، الله! آءُ تنهن جَڙَ جڏي ڪئي،
بندر مٿان بارَ سي، وِيڙا ڪالَهہ کڻي،
سامونڊين سڙھہ سنڀائيا، ڇني تن تڻي،
لائينديس لڱن کي، سنديءُ پرينءُ پڻي،
اُن سين عبداللطيف چئي، ميڙيندوم ڌڻي.
سُر سينھُن ڪيڏارو
فصل پھريون
بيت - 1
مٿي جنهن مَدارُ، کاندِ تَنهنجو تَڪيو،
پاڻُ اُوچو، عادت نيچي، اي سينهان پروار،
ڪَرڪيسرَ جهار، ڏٺي جنهن ڏارَتِ لَهي.
بيت - 2
مُوران ماٺو نہ ٿئي، تازي جو توڙان،
ھاٿي جي ھيڻو وھيءَ، تہ گهڻي مُلهہ گهوڙان.
بيت - 3
موڪريءَ تريءَ، ڇوٽيءَ نريءَ، ڇوٽوڪيهرَ پاڻُ،
گَجي تہ گيورُ ھَڻي، مرون ٻيا آسانُ.
بيت - 4
سَهَسين مڙي سيارَڙا، جي جنبو جا ڪَرڪَن،
تہ ڪيهرَڪُن نه اُڊَڪي،ڊاءُ نہ ڊڄي تن.
بيت - 5
ڪرھوڪيسر آءُ، پَسو واڳُ ولاڙِيو،
ٻيٽو باپ ملاءُ، ذرو ضايع نہ ڪَري.
بيت - 6
ٻيٽو باپان وترو، ڪرھوڪيسر جو پَسُ،
آپُ ڇُپائي، پَرَ ماري، ذات سينهان جي جَسُ،
جِت وَڄي دَمامَن دَسُ، مَٿي آرن اُسري.
بيت - 7
اِيءَ ڪيسر جي ڪار، جئَن ھاٿيءَ کي ھٿ ھَڻي،
جي ويهن واڳين ويڙھيو، توءِ لانجهو ڪِيمَ نهارِ،
ڪِلي ويرَ قرار، ريءَ ڪِلي ٿِئي ڪَهرو.
بيت - 8
ايءَ ڪيسر جو ڪَم، جئَن ھاٿيءَ کي ھٿ ھڻي،
نهوڙي نابنُ سين، دمائيس نہ دم،
ڪَلي وير قدم، کوڙي پرَ کڻي نَهين.
بيت - 9
روجهہ نہ پَڪَڙجَن، مَتا جي ماھہَ گهڻي،
واڪي جي وَرَن، ڪجي سَنگُ سيهن سين.
بيت - 10
ڪيهر قَصدُ ڪباب سين، مَڇي مُورَ نہ کاءُ،
جي سِينهان سَو لنگهڻين، توءِ نہ لِکَ لکاءُ،
پير تِتهين پاءُ، جِت ناهہ مجال مرونءِ جي.
بيت - 11
نِينهن سيچاڻي، سِينهَن، ٽنهِين قصد ڪَباب سين،
رات کاڌائون ڏينهَن، تہ پڻ ڀُوڻن بُکيا.
بيت - 12
کَڻ بورائُو باز کي، ڳِجَهہ جي ڪج مَ ڳولُ،
ڊوڙ جنهن جي ڍُونڍَ ڏي، رڻَ ۾ وتي رولَ،
جوٻَهون پاري ٻولَ، سو هٿان ڇِڏ مَ شِڪرو.
بيت - 13
کڻ بورائو باز کي، ڳِجَهہ مَ ڳري لاءِ،
آھي ان اَنڌيءَ جي، جِيفي پاسي جاءِ،
کاڄُ اُھوئي کاءِ، ھُو جو قوت ڪلابَ جو.
بيت - 14
کڻ بورائو باز کي، ڳجَهہ کي ڏيج مَ ڳلَ،
ھُماءُ ڏي تون ھَلُ، شِڪرو ساڻ کڻي.
بيت - 15
عاشُق توءِ آزار سين، جي مٿي وڃن ڳيجهہَ،
جي ويٺو منجهہ ڪُريز، تو سيچاڻو شڪار سين.
بيت - 16
آھي عاشقن کي، ڪاڙھو مَنجهہ ڪُريز،
جي مٿي وڃي ڳيجَهہ، توءِ نَهاري ڍونڍ ڏي.
سُر آسا
فصل پھريون
بيت - 1
لوچان ٿي لاحدَ ۾، ھاديءَ لَهان نہ حد،
سُپيريان جي سَونَهن جو، نہ ڪو قد نہ مد،
ھت سِڪَڻُ بي عدد، ھُت پِرينءُ پروا ناہ ڪو.
بيت - 2
آءُ سين اِن پار، ڪڏھن تان ڪونہ پيو،
”اِن الله وِتر يُحِبُ الوِتر“، نيئي ٻيائي ٻار،
ھيڪڙائي وِٽ ھار، ھَنجون جي ھَئَڻ جون.
بيت - 3
ٻَن ٻِيائي سُپرين، پاڻان مون کي پَل،
آءُ اوريان جَهلِ، توکي رَسي تون ڌڻي.
بيت - 4
توکي رسي تون ڌڻي، سَڀوئي جَمالَ،
ڪونهي ٻيو خيال، جي شارِڪَ سڪ وڃائيين.
بيت - 5
آءٌ اورھِين جَهل تون، ڇڏِيمِ پاڻَ پَچار،
شِرڪَ ساڻُ ستار، گهڻا گهارِيَمِ ڏِينهڙا.
بيت - 6
عَينُ شرڪ اي، جئَن بي شرڪ ڀانئَيين پاڻ کي،
وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،
ھڏ ھن ڪونهي ھيءُ، ھُو پڻ ڪونهي ھِن رَي.
بيت - 8
ھُو پڻ ڪونهي ھِنَ ري، ھي نہ ھُنهان ڌارَ،
”اِلانسانُ سِري وانا سرہُ“، پروڙج پَچارَ،
ڪندا ويا تَنوارَ، عالِمَ عارِفَ اَھڙي.
بيت - 9
نہ ڪا اِبتدا عَبدَ جي، نہ ڪا اَنتها،
سي وڃڻ کي ويا، جن سُڃاتو سُپرين.
بيت - 9
تَعظِيمان تَرَڪُٿيا، واجھاڻِيان ويا،
وڃي تِت پيا، جِتِ نِهايَتَ ناہ ڪا.
بيت - 10
اَنا عَبدُ مَعبُودُ تون، اَت نہ ڪو شِرڪ نَہ شڪ،
پَچارون پرين جون، محبتين مَرَڪُ،
سو سڀوئي حق، جنهن ۾ پسڻ پرينءَ کي.
بيت - 11
جان جان پَسينِ پاڻ کي، تان تان ناھہ نماز،
سڀ وڃائي سازَ، تهان پوءِ تَڪبير چؤ.
بيت - 12
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهِ سَجَود،
وڃائي وجود، تھان پوءِ تڪبير چوُ.
بيت - 13
ورد وظيفا وِسريا، نڪا رھي نماز،
ھِنئڙو بحري بازَ، چوري ڪيو چنبن ۾.
بيت - 14
سَرِ نايو سجدا ڪرين، تَنَ تواضع تو نہ،
ھو جو مڻڪو مَن جو، سهجان سارين سو نہ،
ڪوڙا ٿيندئي ڪونہ، ڦوڪي ڌوڻين فائدو.
بيت - 15
نابُوديءَ نيئي، عَبد کي اعليٰ ڪيو،
مورَت ۾ مخفي ٿيا، صُورَتَ پڻ سيئي،
ڪبي اِت ڪيهي،ڳالهہ پِريان جي ڳُجَهہ جي.
بيت - 16
ڳالهہ پريان جي ڳجهہ جي، ڳالهہ مڙيائي ڳُجَهہ،
ھِنئڙا اَجُهہ مَ منجهہ تہ پرينئون پري نہ ٿئين.
بيت - 17
صورتِ سوجهہ مَ تَنهنجي، تون پيءُ پُڇين جو،
سخن آھي سو، جو مُنهن مُقابل نہ ٿئي.
بيت - 18
سُڃاپي نہ صورت ري، صورت ھَڏ مَ سوجهہ،
ٿي ٻاراڻي ٻوجهہِ، وڃائي وَجود کي.
بيت - 19
جن وڃايو وجود کي، سي فاني ٿيا ”في الله“ ۾،
نہ تن قِيام، نہ قاعدو، نہ ڪوڪن سَجُود،
جيلانهن ٿيا نابُود، تيلانَهن گڏيا بود کي.
وائي - 1
پِرينئون پوءِ، موٽي موٽي نہ وِھامي راتِ،
راہَ رمَندڙي روءِ،
ڦوڙائو فقير کي، قادرَ ڪوہُ ڏنوءِ؟
چڙھيا ڏاڍين ڏونگرين، سيڻن سانگُ نہ ڪوءِ،
اچي اوراھون ٿئي، سيد سانگُ سندوءِ،
اديون عبداللطيف چئي، محب سِگهو مِلندوءِ.
فصل ٻيون
بيت - 1
اُڀرندي سج، پرين جي نہ پَسنديُون،
ڪڍي ٻيئَي ڏج، اَکڙيون ڪانگن کي.
بيت - 2
اُڀرندي سج سان، پرين جي نہ پسنديون،
ڪڍي کي ڪانگان، نيوالا نيڻَ ڏيان.
بيت - 3
مون کي اکڙين، وڏا ٿورا لائيا،
تہ پڻ پرين پسن، کڻان جي کر سامهيون.
بيت - 4
اکڙيون، پرين ري، جي ڪي ٻيو پَسن،
تہ ڪڍي کي ڪانگن، نيوالا نيڻ ڏيان.
بيت - 5
نيرانائي نيڻ، نيئي آڇ پرين کي،
ستر کاڌا کيڻ، جو ڏٺو مُنهن محبوب جو.
بيت - 6
تن نَيڻن ڪي نيران، جن ساجُهر سيڻَ سانڀيٽيا،
جيءَ جَسي ۽ جان، ڪ حُضوري حَج ڪيو.
بيت - 7
اَکيون عَلي الصباح دوستُ ديکڻ آئيون،
اُڀيندي ارداس ۾، ٻي نہ ڪنديون ڪا،
رَچَنديون ريءَ پاہ، پرچنديون پرينءُ سين.
بيت - 8
ڪي جو ڪنهين پار، اکيون پسي آئيون،
ٿيون ديوانيون دل ۾، اپرِ لڳين آر،
تنهان پوءِ قرارِ، سُتيون ڪِينَ سيد چئي.
بيت - 9
ڪي جو وڃي اُڄ، اکيون پسي آئيون،
سيڻن جي سَهجَ، لالون ڪيون لطيف چئي.
بيت - 10
ڪي جو وڃي ڪالهہ، اکيون پسي آئيون،
لالون ڪيون لطيف چئي، جانب جي جمال،
ٿيا نيڻَ نِهالَ، جنهين دلبرُ ديکيو.
بيت - 11
وسَن ۽ وھسَنِ، ڏَھاڻيڏِسڻَ لَئي،
جِئن جِئن پرين پَسن، تِئَن تئَن نشا نِينھَن جا.
بيت - 12
وسن ۽ وھسن، ڏھاڻي ڏسڻَ لَئي،
ڏسي ڏسي آئيون، توءِ تلاشون ڪن،
ڍايون نہ ڍاپَن، پَسڻَ مَنجهان پرين جي.
بيت - 13
ڏِسن ڏھاڻي، توءِ تَرسن اوڏَھِين،
آيا سُڃاڻي، نيڻ نهاري پرينءَ کي.
بيت - 14
اکڙيون اکڙين تي، ڏمَرَ ڏُکَ ڪرينِ،
جِيلانهن سِڪڻ سکيون، تي دعويٰ مَنجهہ دَڙِين،
کلنِ ۽ کرِيَن، رُسَن پَرچَن پاڻ ۾.
بيت - 15
اکين کي آھَين، عجب جهڙيون عادتون.
سُورَ پَرائي ساٿ جا، وڃيو وِھائين،
اُتي لَنؤ لائِين، جِتَ حاجت ناہ ھٿيار جي.
بيت - 16
اکين کي آھين، وڏا وَجَهہ وڙھڻ جا،
اُڀيون مَنڊي مامرو، جهيڙو نَہ لاھِين،
جئَن سي ڪڪَرَ اُڀ ۾، تِئَن آگميُون آھِين،
جُھڙِ ڦُڙِ نہ لاھِين، وَسَن سانوڻَ مِينهن جِئن.
بيت - 17
اکين کي آءٌ، جان ڪي جَهليون پائيان،
لوڪ لتاڙي ننڊ ۾، ساڄَنُ سوٺائون،
مون کي ماريائون، پاڻ پَرچي آئيون.
بيت - 18
اکين پنهنجي مَت، پاڻَ سين پاڻهين ڪئي،
اُتي وڃي لڳيُون، جِتي جان کَپَتِ،
نہ ڪا ڳالهہ نہ ڳَتِ، جيءَ ڏنِي ريءَ نہ جُڙي.
بيت - 19
لَڏي آيا لعلَ، پيرن سين پنڌ ڪري،
ساجن اکيُون جي کڻي، تہ ڪوڙين ڀانيان ڀال،
مُنهنجي ناھہ مجال، تہ ڪو ويڻ ورائي واريان.
بيت - 20
ڦير مَ تُون اُبَت، کڻ سُبتيون سپرين،
مون کي موھييي جن سين، ماري ڳيڙيءَ مَتِ،
ايءَ پرين تُنهنجي پَتِ، ھاڻ جڏو جيءُ نہ مري.
بيت - 21
لوڏائي لک لهي، پاٻوھيو پروڙ،
اکڙيون ڀرپور جي سڃئَين توءِ سُهاڳيُون.
بيت - 22
جتي آڻي ڇڏيئي، اُتي ئي آھين،
سي سٻاجهيون اکيُون، ماڳ نہ مٽائين،
جي اُٿي لِک لاھِين، تہ ڪڍي ڪانگن کي ڏيان.
بيت - 23
جتي آڻي ڇڏيئي، اُڀيون آھين اُت،
ٻيو ڀروسو نہ ڀِت، اکيُون اوھان جي آسري.
بيت - 24
اکيُون پريَم تُنهنجون، ڪٽاري جي ڪار،
کوڙي کڻ مَ سپرين، چاڪ وجهن جي چار،
ساجن سئونِ نهار، وڃن سور سنڌيون ڪري.
بيت - 25
اکيون پريمَ تُنهنجون، ڪجل ري ڪاريُون،
موليٰ ڏنيءَ منهن ۾، سَروا سُونهاريُون،
سانگو ڪن نہ سِر جو، ھڻي منهن پاريُون،
کڻين جي کاريُون، تہ بہ سَڃيندي سُور لهي.
بيت - 26
اکيُون پريم تُنهنجون، ڪر رُپي جي رئي،
اسين جاڳياسين جن لاءِ، سي سُتا سڀ پَئي،
اکين آبُ وھي، پٿر سڀ پَسائيو.
بيت - 27
اکڙين آرام، ڪڏھن تان ڪونہ ڪيو،
ھنيون منجهہ حمام، کاڻيون کُوري وچ ۾.
بيت - 28
اکين کي آرام، پرين ڌارا نہ پيو،
ٿين تي تمام، جي پسن منهن محبوب جو.
بيت - 29
اکڙين ادب ڇڏيوڪوجها نظر ڪن،
کَرن سان کلن، پيو وھہ ورن سين.
بيت - 30
اکيُون تا عيد، ڪانهي عيد اکين ري،
خوشي ۽ خريد، کڻيو گهمن پاڻ سين.
بيت - 31
اکڙين آرو، مُونهان پُڇي نہ ڪيو،
اُتي وڃي اَڙيون، جِتي چوڻُ نہ چارو،
ھِنئڙو ويچارو، واٽون جهليو وِجهلي.
بيت - 32
اک اُلٽي ڌار، وانءَ اُلٽو عامَ سين،
جي لَهوارو لوڪَ وَھي، تون اوچو وہُ اوڀار،
مَنجهان نوچ نِهار، پُر پُٺِيرو پِرين ڏي.
بيت - 33
تان جي ٿين سامهان، پُٺيرا سُونهَن،
سَنئون وَرائي سُپرين، مُنهن جي مانڏي ڪن،
رڳون سڀ رَچَنِ، تَن ۾ تازائي ٿئي.
بيت - 34
اکيون سيئي ڌار، جن سان پَسين پرينءَ کي،
ٻئي ڏانهَن ڪيمَ نهار، گهڻو ريسارا سُپرين.
بيت - 35
اکين مون کي اوچتو اُتي اڙايو،
لنئون تِت لڙايو، جِت ڪُڇڻ ٿئي ڪونہ ڪو.
وائي - 1
اي ميان سڄڻ تو ري تو ري،
ڪئَن رھندا نيڻَ منهنجا جن جو آڌار تون؟
آءُ ٿِيس لائق ڀُون، اي ميان سڄڻ!
چِيائِينَ اُلهي اُڀَري، توڻي تَهان ئي پري،
توءِ وڃجي تن ڏي، اکڙيون پيرَ ڪَري.
فصل ٽيون
بيت - 1
موھيندُئي مجاز، گهڻي ٿوري ڏينهڙين،
ھَٿان ڇڏ مَ باز، تُون ھاريا حقيقت جو.
بيت - 2
ديکَ مَ تون سين تَن، ھي جي مَجازياڻيون منهن ۾،
ڪينَ سڃاتو سُپرين، نهاري نيڻن،
پرين سي پسنِ، ٻئي جنهين ٻُوٽيون.
بيت - 3
مجازي وھي، ڪڏھن ويندئي نِڪري،
اکيون تو ھي، جم وِھين وِسَهي.
بيت - 4
روئي ڌوئي اکيون پاٽي جانِ نہ ڪن،
سيڪئَن پرين پسن، جَر ڪجَر جنين اکئين.
بيت - 5
ڪاري رات اڇو نينهن، ايءُ صفتان نور،
جتي پرينءَ حضور، ٻَٻي رَنگُ نہ روپ ڪو.
بيت - 6
نينهن منجهان ئي نيڻ، وچان جئين وصال،
عَيب عاشقن جو، سبب جي سنڀال،
جو ھو ٿياڀائي حال، تھ وڃن وڇوڙا نڪري.
بيت - 7
اي مجازي ماءِ جي تو سڄڻَ ڀانِئيا،
ڪچا ڪوہ ٿياءِ، ھادي حقيقي پِرين؟
بيت - 8
مَجازي مَ مَٽ ڪر،ڀَنڀيون ائين نہ ڀير،
پُڇي تئين نہ پير، ھادي حقيقيءَ جي.
بيت - 9
مون کي ماءَ مجاز، پيڃاري جئن پڃيو،
ھٿن ڇڏي ھاجَ، ويئي سار سنڌن مان.
بيت - 10
حقيقت ھَڻي، منهنجي جان جدا ڪئي،
ھيڪو پساہ پرينءَ ري، سگهان تان نہ کڻي،
ڌڻي ۽ ڌڻيءَ، آھي رھيو روح ۾.
بيت - 11
حقيقت ھن حال جي ظاھر ڪريان ذري،
تہ وڃن وڻ ٻري، اوڀر اُڀري ڪونہ ڪَو.
بيت - 12
حقيقت ھن حال جي، جي ظاھر ڪري زبان،
تہ ٽاڪرٽَڪي ڪانَہ، لڳي ماٺ مِرُن کي.
بيت - 13
سَنئِين سُونهائي سَڀَڪا،ڪا مون مُنجهائي،
طلبَ ۽ تحِصيَل اورِيان ئي آھي،
مان تنَ تِتِ لائي، جِتِ آہِ نہ ناہِ ڪا.
بيت - 14
جِت آہ ناہ نہ ڪا، ايءُ خاڪِي جو خيال،
جانِبَ جو جَمال، پَسَڻان ئي پَري ٿي.
بيت - 15
جِت آہ نہ ناہ ڪا، اِيءُ خيال خاڪي،
پرينءَ جي پاڪي، پسڻان ئي پَري ٿِي.
بيت - 16
نِيڻين نَظَرَ نِينهنَ، جڙ جِتي جوڙِجَن،
ساهُ اُنهين تان صدقو، اندرُ سين عُضون،
لاھي تن، لطيف چئي، اَنگ پڻ آڇجنِ،
قَلب قرباني ڪريان، مٿان دل دوسنِ،
ھنئين ۽ اکين، ڦاھي کاڌي پرينءِ لئي.
بيت - 17
پِرين نہ اَکڙين ۾، ھِنيو نہ حاضُر جِن،
سي ھنئين جاڙ جَين، ٺَلها ٺاٺا سَکڻا.
بيت - 18
مورک مامَ نہ ٻُجهڻا، ھيڏانهَن ھوڏانهن ڪن،
سي ڪئَن پرين پَسَن، ڪٽر جَن اکِيَن ۾؟
بيت - 19
جان تَنُ ڪيوءَ نہ تيئن، سوئِيريان ئي سَنهڙِو،
پرين پائِيندا ڪيئَن، توکي اکڙيَن ۾!
بيت - 20
اکين ۾ ٿي ويهُ، تہ آءٌ واري ڍَڪيان،
توکي ڏِسي نہ ڏيهہ، آءٌ نہ پَسان ڪي ٻيو.
بيت - 21
تارَنِ ۾ ڪَر تَڪيو، وَنِيَن ۾ ٿي ويهہ،
پرين اکيَن ۾ پيهہ، تہ آءُ اڇاروٿيان.
بيت - 22
کران وجهہ مَ وات، ڍولَ ھماري ڳالهڙي،
مَڇُڻ رَتي رات، اورڻ ۾ اُلهي ٿِئي.
بيت - 23
سِڪَ سڪائي سِڪَ سِڪَ نہ آھي سُٿرِي،
لَڱ لَڪوٽي لَڱ، تہ کرن خبر نہ ٿئي.
بيت - 24
خبرٿي کَرن کي، تہ مُون کي ڪندا ڪوھہ؟
صورت سُپيريان جي، ڏِٺي ڪونهي ڏوھہُ،
لوري لَڳمُ لوھہُ، جنهين رت رئاريو.
بيت - 25
کَر جا کڏُ کنئي، پوَڻَ ڪارڻ پِرينءَ جي،
تنهن ۾ پاڻ پئي، غِيبتي غارُ ٿيو.
بيت - 26
الله کَرَ جِين، مدي جن جي من ۾،
اسان ۽ پِرين جون، اُميدون پسَن،
تنهان پوءِ مَرِن، سڙي اِنهيءَ سورَ ۾.
بيت - 27
الله کَر جِين، جي پاڙِي رھن پرينءَ جي،
پَنيُون مان پسن، اُميدون سين سڄڻين.
بيت - 28
کَرُ کاريندو سي، ماٺو جن پرِيتڻو،
جوش جلايا جي، ماري تن ماتُ ڪيو.
بيت - 29
کَرَ کي کَپرُ کاءِ، نانگُ مڻيارو نڪري،
اُڀي جي اوناءِ، سُر پُر سَندي سَڄڻين.
بيت - 30
کر خراب ٿيئَن، ھيا ھچار!
پوريئي ڳليون پرين جون، چَوڌاري چارا،
مَرين مُنهن ڪارا، سَڙي انهيءَ سُورَ ۾!
بيت - 31
سڄَڻَ سَنيُون ڪن، لوڪان ليکي ونگيُون،
سندي سُپيريَنِ، پَرِ پَروڙڻُ ڏاکڙو.
بيت - 32
ڪاجا پَر پريَن، نہ سا سُئي نہ ٻُڌي،
مَتيُون سڀ مُنجن، اھڙي ڏِٺي قَضِئي.
بيت - 33
نَہ ڪوڊيگهہ نہ ويلُ، نَہ ڪو مُنهُن نہ مُهاڙڪا،
اي اھوئي کيلُ، ڪورُ پَروڙي ڪين ڪي.
بيت - 34
حوصِلو حَيرَت ۾، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ،
جو حسن سَندو حَقُ، سو ڪور پروڙي ڪينَ ڪي.
بيت - 35
حوصلو حيرت ۾، وڃي ٿيو ويڇُون،
محبت جون ميڇون،ڪور پروڙي ڪينَ ڪي.
بيت - 36
حوصلو حيرت ۾ ويڇون ٿي ويو،
حُسن حق سندو، ڪور پروڙي ڪينَ ڪي.
بيت - 37
حوصلو حيرت ۾، وڃي لڄاڻو،
ويچاروڪاڻو،ڏسي ٿيو ڏِسَڻَ لئہ.
بيت - 38
حوصلو حيرت جو آھي نہ مَٿي عامَ،
سَندي محبت مامَ، ڪور پروڙي ڪينَ ڪي.
بيت - 39
مئي ھاٿيءَ سين مامرو اچي پيو اَنڌن،
مُناڙين ھٿن سين، اَکئين ڪينَ پَسن،
في الحَقيقتِ فِيلِ کي، سَڄا سُڃاڻن،
سندي سَردارن، بَصِيرَتَ بينا ڪَري.
وائي - 1
وجهہ مَنجهہ خَلِيل، اندر آذر آھِيين،
سُڌَ مَ ڪَرِ صِحت جي، اُڇا تون عَلَيلُ،
نالو ناہِ نفاق جو، جِتي ربَ جَلِيلُ،
مُنهَن ۾ مُسلمانُ تون، قلبُ تان قلَيلُ،
وتر جي وصالَ ۾ دُوئي ناھہ دِلِيلُ،
الله عبداللطيف چئي، سچو رکائج سِيلُ.
وائي - 2
الله سائين سائين پئان، پِرينئون مَ پانهين، مُون تان
آسرو آھي اوڏانهين،
جتي ديرو دوست جو سا ڪئَن جوءِ اَڳاھِين؟
ڀُنڀيونڀري آئِيون آيَل مون اُتانهين،
قلم جن جي ھٿ ۾، سي سيڻَ سَٻاجها سائِين،
بَنديءَ جي بازار ۾ شال مَ لِکن لائِين.
وائي - 3
جيڏيون! آءٌ ڪا پاڻ وَھيڻي آھيان؟ ڪا مون سارَ لَهيجاھہ،
واڳڌڻين ھٿ ۾، ڪيڏانهن ڪَرَڳل ڪاھِيان؟
جيڏانهن ورائِينمِ سُپرين، پير اوڏانهين پائِيان،
قلم ڪاتِبِ ھَٿ ۾، آءٌ ڪا لِکي مان لِکَ لاھِيان؟
سَدا سُپيرين لئي ويٺي ڪانگ اُڏائيان،
ايندا عبداللطيف چئي، آس اُميد نہ لاھيان.
وائي - 4
موت مُندَ نہ آھي، تائب ٿيو تڪڙا،
”عَجِلوا بالتوبَة قَبلَ الموت“، ويهہُ تون ويرَ مَ لاھي،
پريان ڪارڻ پاڻ کي، سِگهو ويهہ سَنباھي،
اَجل آسارن کي، ڪامَ وٺيوٿوڪاھي،
وڌائين وَڍَڻ لئي، ڳَنُ ڪهاڙيءَ پاھي،
عمارتون انڌن جون، ڊاھيوٿوڊاھي،
نِيا گهوٽ گهرن ڏي،ڪنهن وڏيءَ وير وناھي،
اتي عبداللطيف چئي، بنا ڪَفن پَراھي.
وائي - 5
پانڌي سو ميڙيوم، ھادي ھٿ ڏيوم،
سائين سو سچوم ميون سو مِٺوم،
سگهائي صحتيان، ڪريم پاڻ ڪندوم،
جڏا جياري ڪين وساري، صاحب سو سندوم،
جنهين جهڙو ناھہ ڪو،ڏِسڻ سو ڏٺومِ،
جنهين گهوري آھيان، لائق سو لڌوم،
قائم جو قلب ۾، پَسڻَ سو پيوم،
اڱڻ آيا سپرين، ڪوڙين ڪاجُ منڌوم،
لقاءُ جو لطيف جو، شفاءُ سو ٿيوم.
فصل چوٿون
بيت - 1
ديکيندي ديدار کي، ڪينَ سُڃاتوڪلَ،
تازي طويلن ۾، آھي احاطو جُهلَ،
ھُئا جي اَمُلَ، سي حسابان ھَڄي ويا.
بيت - 2
ديکيندي ديدار کي ڪلَ سڃاتوڪِين،
تازي طَويلن ۾، آھي احاطو زين،
آھن جي اَمين، سي حسابان ھڄي ويا.
بيت - 3
ديکيندي ديدار کي، ڪلَ سُڃاتوڪيئَن،
جانبَ مَنجهان جيئَن، مَحرُوم ئي مري ويا.
بيت - 4
محروم ئي مري ويا، ماھَر ٿي نہ مُئا،
چڻيءَ جيئَن چُهنجَ ھڻي، لڏيائون لُئان،
حبابُ ئي ھئا، اُنهي واديءَ وچ ۾.
بيت - 5
تَرڪُ ڪَر تَرڪَ کي، وڃڻَ ڪنا وڃ،
آھي ايءُ اُھُڃ، سُڻي سُڻائج تون.
بيت - 6
وڃي رسُ وڃڻ کي، وڃڻ کي وڃيج،
لِڪيان تُون لڪيجِ، لِڪيان لڪي ڪونہ ڪو.
بيت - 7
وڃي رَسُ وڃڻَ، کي وڃڻ پڻ وِڃاءِ،
لوڪان پاڻُ لڪاءِ، لِڪيان پڻ لِڪيج تَون.
بيت - 8
لوڪان لڪي سڀڪو، لڪيان لِڪِي ڪونَ،
اُٿي ويٺي اون، اُن اُلٽيءَ ڳالهہ جي.
بيت - 9
تحقيق جي تُون ڀري، مٿي ري کڻيج.
ٻاھُنِيان ٻهرَٿي،ڪُشتي ڪمائيج،
سندين ري ساري ٽنگڙيون،ڄنگهن ري ڄليج،
حاجَ ھٿين ري نہ ٿئي، سا ٺُونٺوٿي ڪريج.
ھڪل حقيقت جي، ٻوڙوٿي ٻُڌيج،
انڌوٿي پسيج، مشاھدو محبوب جو.
بيت - 10
چُپ ڪر چَپ مَ چور، ٻوڙ اکيُون، ڍڪ ڪن،
پاڻي پي پيٽُ مَ ڀرَ، رھہُ اڌورو ان،
تہ ھوءُ جا موُرت منجهاران من، تنهنجو مشاھدو ماڻئين.
بيت - 11
نانگ بہ نمن اُن کي، جي ڪيڙيءَ ڀَرِڪنبن،
آگو امنُ تن ڪَري، جي انهيءَ پَر پُڄن،
مشاھدو محبوب جو، آ پَر لاءَ ان،
”ان اوليائي تَحتَ قَبائي“ ٻوڙا ڪين ٻُجهن،
ڳُجهان ڳجهہ وڃن، احد جي اسرار ۾.
بيت - 12
ھٿن سين ھاج ڪَر، نيڻن سين نِهار،
اُڀا اڱڻَ پار، پسُ پنهنجا سُپرين.
بيت - 13
احَدُ احمَدُ پاڻ ۾، وچان ميمَ فَرقُ،
آھي مُستَغَرقَ، عالَمُ اَنَهين ڳالهہ ۾.
بيت - 14
اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،
ھاڻي وڃ گُمانَ، صَحي، سُڃاتا سُپرين.
بيت - 15
اسين سڪون جن کي، اسين پڻ سيئي،
“لَمْ ئَلَدْ وَلَمْ ئُوۡلَدْ”، وَنءَ اوڏانهِيَن پيهي.
بيت - 16
ڏسڻ ڏسين جي، تہ ھمه کي حق چئين،
شارَڪَ شڪ مَ ني، انڌا انهين ڳالهہ ۾.
بيت - 17
مُنهن ڪَر مَنجهاران، ٻهَرانڍَونڍِ مَ ڍَور جئن،
جي اکُڙئَين آرا، تہ ڪنڌيءَ اچڻ ڏاکڙو.
بيت - 18
آڏو جو اثباتَ کي، سو شِرڪ لاھي شَڪ،
ھئي جنهن ۾ حَقُ، تنهن نفي جهڙو ناہِ ڪي.
بيت - 19
نفي سندي نانهن سين، پُڇي پڇائون،
ڀڙا جي ڀائڻ جا، سي ڀيري ڀڳائون،
اسين ۽ آءٌ، آتڻ ھئي نہ اُن جي.
بيت - 20
وڏي تان اِن واٽ ۾، ٻيلپ ٻيائي،
آھي اُونداھيءَ جو شِرڪ سُهائي،
چِٽي چِٽائي، الف جي عَينڪَ ۾.
بيت - 21
ڪافرٿيءُ تہ اُبهين باب شرع جا ڇَڏ،
مَنُ مُشرڪن گڏ، تہ ويجهو ٿين وصال کي.
بيت - 22
آذرٿيءُ تہ اُبهين، ڪَٽا جيئن ڪافر،
سندي ڏينهن حشر، ويجهو ٿين وصال کي.
بيت - 23
اِنَ پر نہ ايمانُ، جِيئن ڪَلمي گو ڪوٺائين،
دغا تُنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شَيطانُ،
مُنهَن ۾ مُسلمان، اَندر آذر آھِئين.
بيت - 24
ڪجي ڪن ڪلمون، سڀ ڪنهن سڻڻ لاءِ،
فِڪر سين ڦيراءِ، تہ ھمہ کي حق چئين.
بيت - 25
ڪُوڙو تون ڪُفَر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
ھِندو ھَڏ نہ آھئين، جڻِيو تو نہ جڳاءِ،
تِلڪُ تِنهين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.
بيت - 26
مُنهن تہ موسيٰ جهڙو، عادت ۾ اِبليسُ،
اھڙو خامُ خَبيث، ڪڍي ڪوہَ نہ ڇڏئين؟
بيت - 27
مُنهُن تہ موسيٰ جهڙو، سِيَرتَ شيطاني،
بازي بيراني، ڪڍي ڪو نہ ڇڏئين؟
بيت - 28
مُنهُن تہ آھيريان ئي اُجرو، قَلبَ ۾ ڪارو،
ٻَهران زيبُ زبان سين، دل ۾ ھَچارو،
ان پر ويچارو، ويجهو ناھہِ وِصالَ سين.
بيت - 29
عالم جي الله جا، سي پريون سَڀ سمجهن،
ھميشھ ھَئن، انهي واديءَ وچ ۾.
بيت - 30
ائين چوندي ڪير تہ آءٌ ساڃاري سڄڻين،
دائم ان درٻار جا ڦِرندا پسان ڦير،
جن حضوري ھير، ڪري تغيري تن سين.
بيت - 31
وقت وڃي جو، سو قضا ٿئي ڪينَ ڪي،
تان نہ گهرجي تئين، جا پر عزازيل جي.
بيت - 32
مُون تُون آءٌ اسين، چارئي چتان لاھہ،
سندي دوزخ باھہِ، تہ تو اوڏيائي نہ وڃي.
بيت - 33
تان ڪا ڪاني پاءِ، وَنن ۾ وصالَ جي،
دُوبينائي دُور ڪري، معرفت ملهاءِ،
سُپريان جي سُونهن ۾ رُخنو ڪونَ رِھاءِ،
اڳ اشهد چاءَ، تہ مسلماني ماڻيين.
بيت - 34
سرموسياهيءَ تو، رَنُنَ ڳي رَهاءَ،
ڪاني ڪارائيءَ جي مڙس ٿي مَ پاءِ،
اکين ۾ اٽڪاءِ، لالائي لالن جي.
بيت - 35
سرمو سُرخيءَ جو جڏھن پاتو جن،
تڏھن ڏِٺي تن، رونَقَ ريٽي جهڙي.
بيت - 36
سرمو سُفيديءَ جو جڏھن وڍو جن،
تڏھن ڏٺي تن اَڇائي عالَم ۾.
بيت - 37
جي فارسي سِکيو، گولو توءِ غلام،
جوٻڌوٻن ڳالهئين، سو ڪِيئن چائي ڄامُ؟
اُڃِيو تہ آبُ گَهري، بُکيو تان طَعامُ،
اي عامن سَندو عامَ، خاصَن مَنجهان نہ ٿيو.
بيت - 38
نہ ڪا اڄ صُباح، ڪهڙي پڇين ڳالهہ ٿو،
وانئَن تنهن سين واڳيو جو پرين ۾ پَساھہ،
در رباني راھہَ، مَٿي حال ھُشيار ٿي.
بيت - 39
ڏورَج ڏيو ھٿ ڪري ڏور مَ ڏيان ڌار،
ڪوڙين لَک ھزار، اُونڌيءَ اِنَ انڌا ڪيا.
بيت - 40
جو تو ڏيوڀانئيو، ايءُ سُورج سُهائو،
انڌن اُونڌائو،ٻي ڳالهہ مڙيئي ڳُجهہ جي.
بيت - 41
ڏور مَ ڏيو هَٿ ڪري، ڏورج ري ڏيئي،
تان تان ھوئج حجري، جان جان يارُ جيئي،
جڏھن پاسي پرين ٿئي، تڏھن ڇڏج تڪيو.
بيت - 42
کتيون ڪين کُسن، ڪنهن جنهن آگم اُڀيون،
ڀنيون ڀنڀيُن ۾ کُوري جيئَن کامن،
لاٽُون ڪيو لُوسن، لالن لاءِ لطيف چئي.
بيت - 43
کُتيون ڪين کسَن، ڪنهن جنهن آگم اُڀيون،
نيڻن جهڙو پاڻ ۾، ويڻين ڪين وڙھن،
اکين ۽ پَرين، پُوريون پاتيون پاڻ ۾.
بيت - 44
اوڳڻ رُسي سڀ ڪو،ڳڻين پِرين رُٺام،
ليکيم جي لِسان سين، سي ڪَرَڪينَ ڪيام،
پاڻَ وڃائي پانهنجا، ٿورا ٿڪ ھَنيام،
بَندگي شرمندگي، اھا ميڙ مُڪيام،
پرين تَب پرچِيام، آءٌ جَب اُٺ گئي.
بيت - 45
اوڳڻ رسي سڀڪو،ڳڻين پرين رٺام،
ٻهون ٻاروتن ۾، ڪي ڪبِيرا ڪَيام،
تيلانهين سريام، سِکنئون سُورَ گهڻا.
بيت - 46
الِتيَم جا ھنيان، سا نہ سَلِتيَمِ ساھَہ کي،
سپيريان جي ڳالهڙي لِڪايمَ لوڪان،
ويئي مون وسان، پَڌَر پيئي پِرينءَ ري.
بيت - 47
مون تان لڪائي گهڻو، رُوئڻِ ڪي روشَن،
رَسيون ريزالن کي مَنجهان زردي ظن،
ويري مُون وَرنُ، ڳالهہ ڪيائين ڳُجَهہ جي.
بيت - 47
متيُون سڀ مُنجهاءِ، تُون “پاڻ”ڇڏي “اُو” ڄاڻ،
پهرين پاڻ ڦٽوڪري، پرين پوءِ پُڇاءِ،
وحدت سان وَڃاءِ،ڪثافت ڪثرت جي.
بيت - 48
سڀ ڪنهن ڏانهن سامهون، ڪو ھنڌ خالي ناھہ،
اَحدان جي ارک ٿيا، سي ڪاڇرڪياڪانهن،
محبُ منجهين مُون آھہ، مُون اَڻَ ڄاڻندي اُجهيو.
بيت - 50
عاشق ڀانئي اِيئَن، تہ آءٌ سڪ ڪنهن کي نہ سلان،
وچ رھندي ڱَئن، وَھَنَ اَکيون وَرڄي ھنيو.
بيت - 51
اَندر رِھي نہ گهٽ سپريان جي ڳالهڙي،
ڇاڳر سَهي سَٽَ، ج مهرانَ مَوج ڪي.
بيت - 52
لَکين سَئين مهراڻ، آٽَي سڀ اُڌميا،
سڙيا مَنجههين مان، ٻَهرٻڙڪَ نہ نِڪري.
بيت - 53
حقيقت ھڻي، منهنجي جان جدا ڪئي،
ھڪڙو پَساھہ پَرين ريءَ، سگهان تان نہ کڻي،
ڌڻِي ۽ ڌڻِي، اچي رھيو روح ۾.
بيت - 54
پاڻُ پَردو پاڻ کي، سڻي ڪَر سنڀال،
وِچان جو وِصالَ، سو تان ھوئَڻُ ھِنَ جو.
بيت - 55
پاڻ پردو پاڻ کي، طالِبَ سُڻج تون،
نَہ ڪا ھان نہ ھُون، پَردا سڀ پاسي ٿيا.
بيت - 56
مُون مُونهين ۾ سَپجي، مون کي مون جُڳاءِ،
مونهين مون ٿئي، مونهين جي ساڃاءِ،
اُنهين اِيئن جُڳاءُ، اَن کي اِئين نہ چِئڻو.
بيت - 57
بَن جنهن جي ذات جو، اُتي آھہ الله،
تهہ نہ پچي ماھہ، گُنديءَ نينهُن نہ سَپَجي.
بيت - 58
گُنديءَ نينهن نہ سپجي، تهہ نہ پچي ماھہ،
ڪچيءَ پر ڪِئان،ٿئي سما جوڳ سڄڻين؟
بيت - 59
نَظرُ نزديَڪون، سَهي نہ سگهان ساعت سيئَن،
پَسڻِ پَري سَندونِ، آءٌ نالي ڳيڙي نِجهران.
بيت - 60
عالم آءُ ساڻ،ڀريوٿوڀيرڪري،
پاڻ نہ آھي ڄاڻ، تہ ڪِ مانڊيءَ منڊُ پکڙيو.
بيت - 61
لاسين لاٿائون، توکي توڙائين،
اڃا پڻ آءٌ، ورَايو وجهين وچ ۾.
بيت - 62
صفت سَڱُ احد سين، احد صفت ري ناھہ،
اُنهن ۽ اُنءُ، ٻئي ٻيائي ٿيا.
بيت - 63
احد ان اڳي جا، ھُئي سُوڌي سا صفت،
اُپَر اشارت، سڌِ نہ آھي سُٿري.
بيت - 64
پاڻ وڃائي ھُو لهَين، پهرين پاڻ وڃاءِ،
مُنهن منجهان ئي پاءِ، توھان ڌار نہ سپرين.
بيت - 65
مُون ويٺي ئي وانءُ ٿيا، سڄڻ منجهہ ھَوام،
ھنهئي جاڙ ھَنيام، ھيڏانهن ھوڏانهن ھٿڙا.
بيت - 67
سڄڻ ساھہ پساھہ ۾ پرين پاڻ پساھہ،
“وَفَئۡۤ اَنُفُسِکُمْؕاَفَلَاتُبُصُرُوۡنَ” سچو ايءُ گواھہ.
بيت - 67
وياسون پاڻان، سڀ ٿياسُون سپرين،
پاڻهين جي ڄاڻان، رتي رھي ھيڪڙي.
بيت - 68
جِيئَن جِيرو کانئي ڄر سين، عشق ايئن ڪري،
اڃا پَرت پري، ڳالهہ ڳاڻيٽي ناھہ ڪا.
بيت - 68
محفوظ مَيا ڪي توحيد ٿيو تمام،
“الْاِنُسَانَ سِرِي وَاَنَا سِرَہُ”، تان نہ پروڙي عام،
محبتين مدام، اچي رھيو روح ۾.
بيت - 69
اَڻکي عيان نہ ٿئي،ڪي پروڙي ڪونہ،
اَمر عطا جنهن جو، جان سونهون ٿيئي سون.
بيت - 70
اَڻکي عيان نہ ٿئي ڪي پروڙي ڪونہ،
سَچي جِهڙي سونَ، مُنهن نہ پئي ماڙھوئين.
بيت - 71
چوريءَ پَهت ڳجهہ سين، پڌر ناھہ ارٿ،
پوءِ لڪائي وٽ، پهرين لڪائي پاڻ کي.
بيت - 72
چور اڀوئي چوءِ، تہ آءٌ اھوئي آھيان،
جي اسي اکين ھوءِ، تہ لڪي کي ڪونہ لهي.
بيت - 73
عِلتيءَ آرام، پَسي علتان آئِيو،
حسن جو حق جو، سو خامي ڀانئي خامُ،
اچي ٿيا اسلام، ڪُفرڪافر پاڻ ۾.
بيت - 74
مون کي مون پريَن، ٻَڌي وڌو تار ۾،
اُڀا ايئن چَون، مڇڻ پاندُ پُسائين.
بيت - 75
پيو جو پاتارِ، سو ڪِئَن پُسڻَ کان پالهو رھي!
سالِڪَ مون سيکار، ڪو پَهہُ انَهين پاندَ جو.
بيت - 76
ڪَر طريقت تڪيو، شريعت سُڃاڻُ،
ھنيون حقيقت ھير تون، ماڳ معرفت ڄَاڻُ،
ھوڀابتيءَ ساڻُ، تہ پُسڻان پالهو رَھين.
بيت - 77
ڪُوڙي ڪج مَ ڪڏھين،ڦڪي ڀانئَج ڦانگ،
ساري سَناسين جِئَن، لائق رکج لانگَ،
تہ چارئي چنيءَ پاند، اوسا ڳنهي اُڪرين.
بيت - 78
تَعظيمان تَرڪَ ٿيو، واکاڻان ويو،
جتي سَڏُ صاحب جو، اُت آھي ڪونہ ٻيو،
پاڻيءَ تِنهين پيو، جنهين ناه نهايت نينهن جي.
بيت - 80
ستوئي سيڄ گهرين، جَفا ڏئين نہ جان،
صُلُح ري سيڻان، متان نُونڌين نہ چڙھين.
بيت - 81
ستوئي سيڄ گهرين، جفا ڏئين نہ جيءُ،
بعضي ڌاران پِي، مڇڻ نونڌين نہ چڙھين.
بيت - 82
صُلُح جن سڄَڻ سين، سيج ماڻِيندا سي،
“الُذَيُنَ اٰمَنُوۡا وَکَانُوۡا يتۡقُوُنَ”، اَنَ پر اُڀا جي،
نيئي نونڌين ٿي،ڏکي چَٽَي چاڙھيا.
بيت - 83
جي ٿيا حَل حَبيب سين، سُمهڻ تن ثواب،
نيڻ ھيرائي نِنڊ سين، خوش ڪيائون خواب،
اوسيڙو عَذابُ، دليان تنهِين دُور ٿيو.
بيت - 84
تَن تَسبِيح، مَنُ مَڻڪو، دلِ دَنبُورو جَنَ،
تندون جي طلب جون، وَحدتَ ساڻ وڄَنَ،
“وَحُدَہ لاشُرَيَکَ لَہٗ”، اِھو راڳ رَڳن،
سي ستائي جاڳن، ننڊ عبادت اُن جِي.
بيت - 85
رُٺي جا رَھاڻ، سا پي پَهتي نہ ٿِئي،
ڪنهن کر وجهي ڪاڻ، پاڻانِ نينهن نِڪاليو.
بيت - 86
رٺي نہ آھي ريت، پهتي پاھت ناہِ ڪو،
پسو مَنجهہ پريت، جيهائي جوڙَ وَھي.
وائي - 1
ڪي اُنهين مَنجهہ آھي، ھُو جي جُهونا پسجن جُهوپڙا،
اُنَ دَرِ سيئي اگهيا، جن کي ڪونَہ چِتائي،
ڌاريان ڀانئن ڌاريون، پاڻ پريان سين کائي،
اِن اولِيَائِي تَحتَ قَبائِي، پنهنجا پاڻ پهرائي،
“لَايَعُرفُوْنَهُمْ غَيُرئْ”، پَرکي ڪين پَسائي،
پنهنجون ڇڏي پَٽَ ۾، رڙھہ اَنهيءَ جي رائي،
خذمت ڪر خَلقين پاندُ ڳَچيءَ ۾ پائي،
اديون عبداللطيف چئي، اتاھِين ڪي آھي.
سُر مارئي
فصل پھريون
بيت - 1
اول نامُ الله جو، مڙنيُون مٿانهون،
ڪيئَن ڪري قبوليان، عُمر کي آءٌ،
رازق رضائون، مون مٿي اُتي مڃيُون.
بيت - 2
قضا آنديس ڪوٽ ۾، وطن مون ملير،
ازل مُنهنجي انگ ۾، جُڙيو ھو زنجير،
چانِڪ پينديس پرينءَ سين، پائَر جو پَنيرُ،
ھاڃا ڪيو حمير، بالله نَئي ٿو بند ۾.
بيت - 3
بالله آھيان بند ۾ ڌُئان ٿي ڌٻَرُ،
ويڙِھہ وراڻي ناھہ ڪا، سُومرو سَٻَر،
ميان مهربان ڪر، تُون الٰهي عُمَر،
تہ ويڙھہ پَسان سو وَرُ، جيڏانهن عالم آسرو.
بيت - 4
جيڪس جيلانهين مارو ناھہ ملير ۾،
منهنجي تيلانهين، اچيو ڪونہ ڪَرَ لهي.
بيت - 5
کُوءِ آسون عُمرڪوٽ جيُون، ورُ جهنگل ۾ جُهوپي،
جو اباڻن اڏيو،ڳُڻن سين ڳوپي،
وينديس ويڙيچن ڏي، لوھہ ڀڃي لوپي،
چڀڙ آءٌ چُوپي، سِڪ لاھيندس سُومرا.
بيت - 6
کوءِ آسون عُمرڪوٽ جيُون، ور وِھڻ وسڪاري،
منهنجو تور تلن ۾، ھت چَيهَا ٿو چاري،
مري رھنديسَ ماڙئين، ساھڙيون ساري،
ڍيئي ڍٽ ڌاري، آھيم اُٺين مينهڙين.
بيت - 7
ننگا آھيون نَکتا، اسين مارو لوڪ،
ٿر کي ڀانيُون ٿوڪ، جو ڍَڪَ ڍاٽيڙن جي.
بيت - 8
پاند نہ پکي لڏ جو، سدا جن پرياڻ،
وياڳڻن ساڻ، مارُوئڙا ٿر اُڪري.
بيت - 9
مارُو ماڳ نہ ھيڪڙي، اوڏانهين ڳوٺَان،
جيڏانهن وسنِ مينهڙا، تيڏانهن سانگ سندان،
جي ميڙي رب تہ مِلان، نہ تہ وچان وڏو وچ پيو.
بيت - 10
نِت نت نياپا آئيا، اَوڏا جي ھوا،
ماروئڙا ملير ۾، واري وڳ ويا،
توڏانهين ڪَيها،ڏيئي ڏورپا چائيا.
بيت - 11
“اَلَستَ بِرَبڪُم”، جڏھين ڪُن پِيومِ،
“قالَوابَليٰ” قَلبَ سين تڏهَين تِت چَيوم،
تنهين ويرَ ڪيوم، وَچَن ويڙِيچن سين.
بيت - 12
جڏھين “ڪُنِ فيَڪُون”، مَنُ تڏھان ڪُون ماروُئين،
تون ڪِئن وجهين تن کي، سومرا شَڪُون؟
حَميرن حڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيون.
بيت - 13
چئي “ڪُنِ فيَڪُون”، جڏھن خلقيا رُوحَ خَداءِ،
گڏ جِت گُذران ھو، جَڙَ لَڳي تنهن جاءِ،
مون توھِين سين آهِ، اُھا ساڃاءِ سپرين.
بيت - 14
“فيڪُونُ” فِدا ڪَري،ڪَهيائين سين ”ڪُن“،
تعظيما تمام ڪَري پوءِ پَٿريائين ڀُون،
مارُو تِئائين مُون، ڀينَر ڀاڱي آئيو.
بيت - 15
نَہ ڪا “ڪن فيڪون” ھُئي، نہ ڪا ھُونگ نہ ھُون،
سڄڻ تنهن ساعَت ۾، ڀيٽي ڏِٺوسُون،
مون تَن تڏھان ڪُون، ملي ملاقات ڪي.
بيت - 16
نہ ڪا “ڪُن فَيڪون” ھئي، نہَ ڪو لڱ لحم،
بنيو ھو نھ بُتَ ۾، اڃاڪي آدَمَ،
مون توھين سين سڱ، اھا ساڃاءُ سپرين.
بيت - 17
نہ ڪا “ڪُن فيڪون” ھئي، نہ ڪا مُورت ماہ،
نہ ڪا سُڌ ثواب جي، نہ ڪو عَرضُ گُناہ،
ھيڪائي ھيڪُ ھُئي، وحدانيت واھَہ،
لِکيائين لطيف چئي، ڳُجهاندَرَ جي ڳاھَہ،
اکينِ ۽ ارواحَ، اُھا ساڃاءِ سُپرين.
بيت - 18
قِسمَتَ قَيدُ قوِي، نا تہ ڪيرَ اچي ھن ڪوٽ ۾؟
لکئِي آڻي لوح جي، ھَنڌ ڏيکاريس ھِيءُ،
پَرچي ڪين پنوھار ري، جان، جُسو ۽ جيءُ،
راجا راضي ٿيءُ، تہ مارُن مِلي مارئي.
بيت - 19
قسمت قَيد ڪياس، نہ تہ ڪير اچي ھن ڪوٽ ۾؟
“ونحنُ اَقرَبُ اليهِ من حَبل الوريد”، وطن آءٌ ويندياس،
مارُن کي ملندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏھين!
بيت - 20
“قيدالماءِ”ٿَيوم، ھت اڙانگي گھاريان،
“النار نَصيب العاشِقين” ھِهڙو حال سندوم،
قادر شال ڪندوم، آجي عُمرڪوٽ کان.
بيت - 21
“قيد الماءِ” ٿيوم، ھت اڙانگي گهاريان،
“ھنُاڪ جِسمي والفواد لَديڪُم”، ھنيون ھُت سَندَومِ،
قادرُ شالَ ڪندومِ، ميڙائو سين مارُئين!
بيت - 22
“قيدالماءِ”ڪَهن جو، سو مون پاند پيو،
“جَفُ القَلمُ بِما ھُوَ ڪَائِن”، وھي قلم ويو،
ايءُ قضا ڪم ڪيو، جئَن ٿر مارُو، آءٌ ماڙِئين.
بيت - 23
جهڙو “قيدالماءِ”، تَهڙو بند نہ ڪو ٻيو،
“جَفُ القلم بِما ھُوَ ڪائِن”، لَهي نہ تر تئانءُ،
عمر تو ھٿانءُ، آجازي ٿئي عاجِزين.
بيت - 24
ريءَ اعرابين ھت، گهنگهرَ گهارڻ مون ٿيو،
“بڪَت العينين فِي ھَواڪَ دَما”، پڄان ساڻ پريت،
مَنُ، اکيون، تن تت، جتي جنم جيڏئَين.
بيت - 25
ھي ھنڌ ڀيڻيون ھاڻ، ساڙيان سڀ ڏيهين ري،
“ڪُل شيءِ يرجعَ اَليٰ اصله” ٿي جِهڄان جهانگين ڪاڻ،
ڀري پنهنجي ڀاڻ، پَسان ملُڪ ملير جو.
وائي - 1
پَرچَنَ شال پنوھارَ، ڍوليا مارُو مون ساڻ الله!
مون مَوران ئي مدِيون، آھن سيڻ ستارَ،
عيبن ڀَري آھيان، سَترُ ڪج ستار،
اُٺا مِينهُن ملير ۾، تَڙِ تَڙِ پوءِ تَنوارَ،
پائي آيس پاند ۾ اَوَڳُڻَ عيب اَپارَ.
فصل ٻيون
بيت - 1
پَهيءَ سُک پَيرن کيهہ ، ڪو نينهَن نياپو ماروئين،
اَتِ اُڪنڊي آھيان، تن آتڻَ تن ڏيهہ،
سندي جا ساڻيهہ، کهہ کٿوري ڀانئِيان.
بيت - 2
جوڏيهہُ ڏاڏاڻيان آئيو، ڏِنم تنهن طَعنو،
پائي ويهہُ مَ پلنگين، ڳچيءَ سرڳانو،
مٿان لَڪَ لطيف چئي، کاءَ مَ خزانو،
سَرتَينِ سِيلُ چوائِيو، زور ھڻي جانو،
ٿيو سَڏَ سمانو، حَرف لٿي ھيڪڙي.
بيت - 3
جوڏيهہ ڏاڏاڻيان آئيو، پيرين تنهن پئان،
ساکائِتو سيد چئي، سنديون چِتَ چوان،
ھِتي تان نھ ھؤان، حرف لٿي ھيڪڙي.
بيت - 4
نہ ڪو ايرُ نہ ڀير، نَہ ڪو اوٺي آئيو،
مون وٽ آئيو ڪونہ ڪو، ڀائرئون ڀَري پيرُ،
ڪِتابَتُون ڪيرُ، آڻي ڏيندُم اُن جون؟
بيت - 5
نہ خبر نہ خواب، نہ ڪو اوٺي آئيو،
ھتي ھت ڪنهين ڏنوڪونہ جواب،
حميرن حساب، ڪوھہ ڄاڻان ڪئن ٿيو.
بيت - 6
اُتان اوٺي آيو، خبر اَيءَ کري،
وسارِج مَ وَر کي، پئج مَ مُنڌَ مَري،
ويندِين اُت وري، ڪو ڏِينهن اَھِئين ڪوٽ ۾.
بيت - 7
ڪو ڏينهن آھئين ڪوٽ ۾، لوئي ھڏ مَ لاھہ،
ڪامڻ آنهنجي ڪُرَ جي، ايءَ آڏ وڏائي آھہ،
ستِي سيلَ نِباھہ، ملير ويندئن مارئي.
بيت - 8
اوٺي ڳوٺي آڻئين،ڪي ھتي جو ھت ھيرَ،
تہ ڪِنا جي ڪوٽن جا، ٿين سُرھا سيرَ،
آءُ تہ اَکِين اُگهان، جي پائَر ڏنئي پير،
الله لَڳ لطيف چئي، لاءِ مَ تون اويرَ،
ڪوٺئين گهاري ڪيرَ، مَحلين مُنجهي مون ھِنئون.
بيت - 9
الله اوٺي آڻئين، جي نياپا نِين،
آءٌ اِنهين جي آھيان، توڻي مون نہ مڃِين،
مس منهنجي ھٿ ۾، ڪاغذ ڪي آڻين،
لڙڪ نہ لِکڻ ڏين،ڪِريو پون قلم تي.
بيت - 10
جي امرُ ھَڻيو اڌ ڪَري، سي ڪاغذ لِکان ڪِيئن؟
واڳِيون جي وِصال سين، تنهين چاڙھيو چِيئن،
رُوئان راتو ڏينهن، جيئن اُنِ جي وائي ۾ ورَ گهڻا.
بيت - 11
تن ونهَن ويڙيچن کي، رُوئين نہ راتو ڏينهن؟
ڪالهہ پنوھارن لَڏيو، مون کي چاڙھي چيئن،
آءُ جِيندي ڪِيئن، جو اُن ٿر وڃي ٿاڻا ڪيا.
بيت - 12
ٿرٿَر اندر ٿاڪ، عمرَ ماروئڙن جا،
لاٿائون، لطيف چئي، مٿان لوئيءَ لاکَ،
عمرڪريو آکَ، پَهريو ٿي پَنَ چَران.
بيت - 13
ٿَرَٿَر اندر ٿانءُ، ونِھين ويڙيچن جو،
سڀ تُنهنجو سومرا، وَيٺا ڳِنهَن نانءُ،
اُتي وينديَس آنءُ، لوئيءَ لڄ مٿي ڪري.
بيت - 14
سَهسَين سيبا ڪنجري، لوئي لِيڙ ٿِيامِ،
اباڻن جي آسري، ڪَتي ڪان ڪيام،
جا ڍَٽ ڍڪيامِ، تنهن جو پَروَر پَنَ رَھائيين.
بيت - 15
سُهسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙون لِيڙَ،
واسي وار نہ ويڙِھيان، مر چڳون رھن چِيڙ،
ماروءَ جي مهاڙ ري، مون کي اندر ناہ اُڪِير،
ھهڙو ھال حمير، وٺي شال ويڙھہ وڃان!
بيت - 17
سهسين سيبا ڪَنجري، لِيڙن سين لوئي،
مَرُ نہ لاھيان مُنهن جي، ڀي ڌٻڙن تان ڌوئي،
جا مارُوءَ ڏنيم سر تي، سا لاھيان ڪِئَن لوئي،
عمر اگهوئي، مون منَ ماروئڙن ري.
بيت - 18
سهسين سيبا ڪنجري، لوئي سين لِيڙُن،
ھهڙو ھال وٺي ڪَري، وڃان منجهہ ٿَرَن،
مارو مانَ چون، تہ ھُئي اسانهين آسري.
بيت - 19
سبي سيبا ڏي،ڀوريءَ نينهُن نہ ڪڄيو،
گٿيءَ وَٽيون کُٿيون، سَتي سيوي سي،
مَڇُڻ چُونم ڪي، تہ لڄايئي ٿَرَ ڄائِيون.
بيت - 20
اسين تِئان آئِيون، جت کُهنبو ناھہ،
جي وڃهُون ڪنهن وھانءُ، تہ پڻ مٿهون لوئيون.
بيت - 21
سَتيءَڳالهہ سُئي، سرتين سنجڻ ڇڏيو،
مارُوئڙي محلن ۾، اڳي ڪانہ ھُئي،
عَمر آءٌ نہ مُئي، اَن اوليان اڳهين.
بيت - 22
خبر ھيءَ کَري، مون ڏانهن مارو موڪلي،
وِسارج مَ وَر کي، پئج ماڳ مري،
وَرنديئن ويڙھہ وري، ڪوڏينهن آھين ڪوٽ ۾.
وائي - 1
ويڙيچن ڏي ويندي، عمر آءُ ماروئڙن ڏي ويندي،
ڏيه ڏاڏاڻي پکڙين،
سڱر ساھڙِين سان، ساڻيهہ مَنجهہ سَٽيندي،
اُٺا مينھَن ملير ۾، ڌاڳاڌَٻڙَڌُئندي،
عمر، اُنهين ڏيهہ جا، ڪُوندير قُوتَ ڪريندي،
گوليون گولاڙن جون، جهپي ساڻ جهِٽيندي،
ڪوڪَڙ ڪُونڍيرن ۾، ڦُوڪيوڦَڪَ ڀَريندي،
عيدُن بَرادن کي، کيهہَ مانڌاڻا کيندي،
پُسي کائي پيٽ ۾، ڏونرا ڏنُ آءٌ ڏِيندي.
فصل ٽيون
بيت - 1
مِينڍا ڌوءِ نہ مارئي، پَيَٺ پَنوھاريون چِت،
راڄَ رُئاري، ھَنجَون ھاري، ھيءَ ھتي جي هَت،
آھِسِ پائرَ پارُ جو، کِجَڻَ ۽ کَپَتِ،
وينگسَ ويڙِيچن ري مَس سُڻي ڪا مَتِ،
سومرا سُپَت، ڪر تہ ڪوٺِيان نِڪري.
بيت - 2
مينڍا ڌوءِ نہ مارئي، آھس مَن ملير،
ڪڍي تہ ڪاڻ لهي، ھِتان ھي حميرُ،
کائِر پين کيرُ، جي امانت اُت وڃي.
بيت - 3
مينڍا ڌوءِ نہ مارئي، نہ کِلي نہ کاءِ،
عمر جي انصاف جا ويٺي واساما ڳاءِ،
ھيءَ جا ڪيئي ھاءِ، سا مهندان ايندئي مُنهَن ۾.
بيت - 4
مينڍا ڌوءُ نہ مارئي، ٿيس ڪُرنڊيُون وار،
ستيءَ سيئي ساريا، جي پائر جا پنوھارَ،
عمر اُنهون ڌارَ، مورِ نہ وَھي ماڙِئين.
بيت - 5
مينڍا ڌوءَ نہ مارئي، مٿلين مارُئان ڌارَ،
پايو ميٽ ملير ريءَ، مُنڌ نہ ويڙھي وار،
جا ھتي جن ھارَ، سا ڪِئَن وَھندي ڪوٽ ۾؟
بيت - 6
مينڍا ڌوءَ نہ مارئي، ڪونهي اُن اوڄاہ،
عمر جي اِنصاف جو، پِيس ڪنِ پَڙاءُ،
ويٺي چوءِ الله، مون تي مَٽ نہ موٽيا.
بيت - 7
مينڍا ڌوءِ نہ مارُئي، ٿئَس ڳڙلون ڳاھہَ،
ڪين کڻنديس ڪوٽ ۾، پانئر ري پساھہُ،
سرتيون ڏيان ساھہُ، جيڪر ملان مارُئين.
بيت - 8
محلين ماندي مارئي، ڏٺيمِ مُنهَن ملُورَ،
اڻڀا سَڻڀا نہ ڪَري، سُونهن وڃايس سُورَ،
پيَس لوھہ، لطيف چئي، لَٿس ڪوڏَ ڪپورَ،
چِتَ جن جا چُورَ، سي مکي مَرَڪُ نہ ڪنديون.
بيت - 9
ڪَريو مُهاڙَ ملير ڏي، روءِ اُڀي چوءِ،
سهج سُوري ڀانئيان، سومرا سَندوءِ،
ملڪَ ماروءَ جي آھيان، زور نہ ٿيان جوءِ،
سَو قَلبُ ڪَوٽِ نہ ھوءِ، جو ھُتي جن ھَٿ ڪيو.
بيت - 10
ڪريو مهاڙ ملير ڏي، اُڀيائي آھي،
جا مٿي ڏنَيس مارُئين، سا لوئي نہ لاھي،
سومرا ساھي، تَنهن سَتِيءَ وجهہ مَ سَنگهرُون.
بيت - 11
ڪيم مهاڙ ملير ڏي، مٿي ڪوٽ چَڙھي،
نَتُ نِهاري ڏيهہ ڏي،ڳوڙھا پِيَم ڳڙي،
نِڱي ڪُوڪَ قلب مان، مَنجهان رُوحَ رَڙي،
ويڙِھيچن وَري، ڪَرَ نہ لَڌي ڪڏھين.
بيت - 12
جا عمر تو مُل عيدَ، سا اسان سُوءِ وَرتي سومرا،
ويئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريدَ،
سِڪَڻ ڪيا شَهِيدَ، مارو جي ملير جا.
بيت - 13
عمر اڇا ڪپڙا،ڪاڻياريون ڪيئَن ڪن؟
تَنهَين جا ٿَرن ۾، وَر ٿا ويڻَ سهَن،
ھوءِ جي حَق ڀَڃَن، سي ڪئَن سَتيون سومرا؟
بيت - 14
آءٌ ڱَئَن سوڙئين سُمهان؟ مون وَرُ گهاري ولهہ،
کَٿيريءَ تان کِل عمر ڪج مَ اھڙي.
بيت - 15
آءٌ ڪِئَن سوڙئين سُمهان؟ مون ور گهاري سُڃ،
وَر اَباڻن سين اُڃ، کِهہ شربت تُنهنجو سومرا.
بيت - 16
وَرسي وَطن ڄائِيون، صَحرا سَترُ جن،
گولاڙا ۽ گُگرِيون، اوڇڻ اباڻن،
ويڙھيا گهُمن ولَئين، جهانگي مَنجهہ جَهنگنَ،
مون کي مارُئڙن، سُڃَ ڳڻائي سيج ۾.
بيت - 17
پَلرُ پيَن، اوڇَڻَ اُن، جن جا پير مٿي پَٽ پاڪ،
وَهَڻ وَراڪَن ۾، اُن جي اَڄوڪي اوطاق،
پاڻ نہ پَسن پاڻ کي، ويچارا بيباڪَ،
عمر اوءِ نہ عاق، ڏکيا جِمَ ڏُکوئيين.
بيت - 18
کارا کٻَرَ ڏيه ۾، ٻيا واريءَ مَنجهہ وَٿاڻ،
ساٿين کي سيد چئي، ڏِيَن ڀاڻَ،
عمر ايءَ اُماڻَ، ثابت رکج سومرا.
بيت - 19
منهنجو تُورَ تَلِين ۾، چَيها ٿو چاري،
ڍاٽي ڍٽ ڌاري، آھم اُٺين مينهنڙين.
بيت - 20
منهنجو تور تَلين ۾، آءٌ ھت بَندياڻي،
مونڏا ڏاڻي ڏيهہ ۾ ڦرھہ ۽ لاڻي،
ڪندَيس رِھاڻي، ماروءَ پاس ملير ۾.
وائي - 1
منهنجو مَنُ ميان، واڳيو ويڙھيچن سان،
پاھي پاکي پَٽڙِي، پرينءَ ساڻ پيان،
پيرُ نہ ڇڏيان پرينءَ جو، جانسين ٿي جِيان،
حرَ لٿي ھيڪڙي، ھِتي تان نہ ھئان،
کِيرون کٿيرن کي، وڃي ڏيهہ ڏِيان،
آءٌ ڪِيئن لوئي لاھِيان، ڪارڻ ٻِن ڏينهان؟
فصل چوٿون
بيت - 1
سُونهن وَڃايَم سومرا، مارو مَس مَڃين،
ڏُونگها ڏاڏي پوٽئين، ڪن ڏِنا ڪيڏِينَ،
جي مان لوهَہ لاھين، تہ ڪوٽَن ۾ ڪين ھُئان؟
بيت - 2
سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿِيوم،
وڃڻ تِت پيوم، جِت ھلڻ ناھہ حُسنَ ري.
بيت - 3
سونهن وڃايم سومرا، ھِتي اَچي ھاڻ،
ڪيئن لهنديَم ڪاڻ، حُسن مون ھِت ويو.
بيت - 4
سونهن وڃايم سومرا، سِکر جهڙي سُونهَن،
دل ۾ دُکي دُونهَن، منهنجو مُنهن ميرو ڪيو.
بيت - 5
سونهن وڃايم سومرا، ڪيڏانهن ويمُ ڪمالَ؟
وڃان ڪِيئن وطن ڏي، هَهڙو وٺي حال؟
جي مون ڏِين جَمالُ، تہ پَسان مُنهن پَنوھار جو.
بيت - 6
سونهن وڃايمَ سومرا، وطن وڃان ڪئين؟
حُسنَ ڌاران ھِئين، پَسان ڪِئَن پَنوھار کي؟
بيت - 7
سونهن وڃايم سومرا، پَسان ڪِيئن پَنوھار؟
ڌَڻي جا ڌَنارَ، تنهن رُوءِ ريءَ رچڻ ناهہ ڪو.
بيت - 8
سونهن وڃايم سومرا، عَمر ٿِيَس اَسيرَ،
مارو منجهہ ملير، مون سين ھِت هَيئن ٿيو.
بيت - 9
سونهن وڃايم سومرا، ٿينديَس ڪِئَن قبول؟
ڪونهي سُهڳ نہ سول، پوچي منهن پنوھار سين.
بيت - 10
سونهن وڃايم سومرا، ڪوٺِئين اچي ڪالهہ،
ڪينَ پَسنديَس ڀالَ، حُسن مون ھِت ويو.
بيت - 11
ڪونهي قادرُ ڪوٻيو اُنھهين جو اُڀاڳ،
“قُلُ لَنُ يِصُيَبَآ اِلَا مَکَتَبَ اللهُ لَنا ھُومَوُلنَا“ ماڳ،
سڀوئي سَڀاڳ، مارئي مَساوي ٿيو.
بيت - 12
تن مُنهن موچارو مارئين، ملير جِنهين ماڳ،
ناقصَ نَوازي گهڻا، سَندو تن سَڀاڳ،
اڱڻ مون اڀاڳ، حُسن مون ھِت ويو.
وائي - 1
منجهہ رھي مليرَ، ھاريُون مون ڪوھہُ ڪيو؟
مون ھٿان منهنجا ڌڻي، سَهسين ٿيا صَغِيرَ،
پَکي مَنجهہ پنوھارَ جي، ڪوڙين ڪَيم ڪَبيرَ،
تونڏِئين، تون ڌڻي، دلاسو دَلگيرَ،
ٻُڙو لاھہ مَ ٻاجهہ جو، مون تان منهنجا پِيرَ،
ٿَڌيون وِليون ٿَرن ۾، ڪوڙين ڪَرڙُ ڪَريرَ.
فصل پنجون
بيت - 1
جهڙي آيس تَئين، جي تهڙي وڃان تن ڏي،
تہ لالائيءَ جا لطيف چئي، ڪَرَ مُندن اُٺا مينهَن،
ماڙيءَ لڳُم ميهڻو، سڀ ڄماندر سيئَن،
ٿيس ڪانياري ڪانڌ جي، ھِتي اچي ھيئَن،
ڪنڌ کڻنديَسِ ڪِيئَن، مَنَهہ مارئڙن جي؟
بيت - 2
جهڙي آيس جِيئن، جي تهڙي ملان تن کي،
تہ ڦِران،ڦَر چاريان، ھِنيون چَئيم ھِيئن،
وڃان ڪيئن وطن ڏي،ڪاڻ لهنديَم ڪيئن؟
مندائتي مينهَن، سُونهان سرتِين وچ ۾.
بيت - 3
جيڪرڪينَ جِيان، جاڙ جيان ٿي جيڏيون،
اکيون مُنهن ملير ڏي،ڪهڙو نڪُ نيان؟
ڪنهن کي ڏوھہ ڏِيان، اڳهين منهنجي انگ ۾؟
بيت - 4
ھيڪُ جيئن نہ ڄاياس،ٻيوڄاپَندي جي مَران،
گَهنگَهرَ گهڻوٿياس،ڄاپي مارُئڙن کي.
بيت - 5
پڪا پنوھارن ڏي، ميوا مَڃَر مَڪ،
عُمَر اُتِ اُڪَنڍيو، حالُ ھماري حقُ،
ھڪ لوئي ٻي لَڪَ، سَمن سُپرين سين.
بيت - 6
ھيءَ مُنهن ڏيئي ٻَن، تون وِھہُ کائي نہ مَرين؟
تان جي ملير ڄائيون، توسين سَڱ نہ ڪَن،
تون ڪِيئَن منجهان تن، پاڻُ ڪُوٺائيين مارُئي؟
بيت - 7
عمرَ ٻَن جِيو، گوءِ منهنجو سومرا،
جا پَرِ نہ پَنوھارن جي، مون سين تئَن ٿيو،
وٺي مُنهن ڪهو، وڃان وطن سامُهين؟
بيت - 8
مَ سَپني مارئي، مُئي، مَ ڄائي،
جنهن اچي عمرڪوٽ ۾، لوئي لڄائي،
جا سانگِينِ سڏائي، سا ڪِيئَن مُرڪي ماڙِئين؟
بيت - 9
جنهين ستيءَ سَتُ نہ ڇڏيو، سا مارئي مَر ڄائي،
اُنهيءَ عمرڪوٽ ۾، لڄَ نہ لڄائي،
سا پيئي بندياڻي بند ۾، ڪوٺين ڪڄائي،
جا سانگين سڏائي، سا مُور نہ مُرڪي ماڙِئين.
بيت - 10
وطن ري ويهي، جي مون گهاريا ڏِينهڙا،
مارُوڏيندُم ميهڻا،ڏاڏاڻا ڏيهي،
پَکَن ۾ پيهي، محلن جيءَ مَرُ لاھِيان.
بيت - 11
الله اِئين مَ ھوءِ، جئن آءٌ مران بندَ ۾،
جسو زنجيرن ۾، راتو ڏِينهان روءِ،
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄِنم ڏينهَڙا.
بيت - 12
سَکَر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،
وَسايم وَڏَ ڦُڙا، مٿي ماڙِنِ مِينهَن،
واجهاڻِيس وصال کي، ٿيس تَهوارُون تِيئَن،
نِئَرُ منهنجي نِينَهن، اُجاري اَڇو ڪيو.
بيت - 13
بَندي ٻيا قرار، اسين لوچون لوھہ ۾،
مٿي تن تَرار، سَدا سانبيڙَنِ جي.
بيت - 14
آءٌ بندياڻي بند ۾، ڪ آءُ پِيَس بَند؟
مُونهين لڳو ميهڻو،ڪِ مونهين ڪَڙوڪنڌ؟
مَران جي هَن ھَنڌِ، تہ نجاھہ ميت ملير ڏي.
بيت - 15
باللهِ آھيان بند ۾، ڌُئان ٿي ڌَٻَرُ،
ويڻَ وراڻي ناھہ ڪا، سومرو سَٻَرُ،
ميان مهربانَ ڪَرئين، الهَي عُمر،
ويڙِھہ پَسان سو وِر، جيڏانهن عالَمُ آسرو.
بيت - 16
حقانو ھُت ٿيو، ھيءَ ھِت بندياڻي،
ساري ساڏوھن کي، ڪوٺينِ ڪُوماڻي،
لڳم لوھہُ لطيف چئي، ويٺيَس وَساڻي،
متان مارُوءَ جي نہ لهي، کَپت کجاڻي،
سَمن سچاڻي، اُٺي آھِيم اُن سَين.
بيت - 17
حَقانو ھت ٿيو، آءٌ ھت بندياڻي،
مونڏا ڏاڻي ڏيهہ ۾، ڦَرھہ ۽ لاڻي،
ڪندَيس رھاڻي، ماروءَ پاس ملير ۾.
بيت - 18
جيڪَر لڌائون، تہ بندي بند نہ ساريو،
مارُئڙن آءٌ، جيڪس ويس وسري.
بيت - 19
واجهائي وطن کي، ساري ڏِيان سَاھہُ،
بت منهنجو بند ۾، قيد مَ ڪريجاہ،
پَرڏِيهياڻي پرينءَ ري ڌار مَ ڌَريجاھہ،
ٿڌي مٽي ٿَرَ جي، وِلھي وسائجاھہ،
پويون ٿئي پَساھہُ، تہ نجاھہُ مَڙھہ ملير ڏي.
بيت - 20
واجهائي وطن کي، ساري ساھہُ ڏيان،
ھِي سر ساڻيهہَ سامهُون، منهنجو نج ميان.
مَقامياڻي ماروئين، وڃي ٿَرٿيان،
ميائي جِيان، جي وڃي مَڙهہُ مَلير ڏي.
بيت - 21
واجهائي وطن کي، آءٌ جي ھت مُياس،
گورَ منهنجي سومرا، ڪج پنوھارن پاسِ،
ساري ڏج سَرتِئين، مَنجهان وَلن واسِ،
مُيائي جياسِ، جي وڃي مڙھہ مَلير ۾.
بيت - 22
ڳِچيءَ ڳانا لوھہ جا، زيريون ۽ زنجيرَ،
پيڪڙا پيرن ۾، ڪوٺَينِ اندر ڪيرَ،
چاري چوَگانَنِ ۾، واھِيت ڪنَ وزيرَ،
ڇَنِ نہ ڇَڄي آھيان، اھڙيءَ سٽَ سَريرَ،
مارو ڄام مَليرَ، پُڇج ڪي پنوھَار کي.
بيت - 23
ڇن نہ ڇڄي ھيٺ، ڪُڇَن آھيان ڪوٽ ۾،
لوئيءَ سين لطيف چئي، ڀيڙيو ٻَڌان بيٺ،
اُت سَپجي اُن سَسَن جي، ھت رڇيائِين ريٺ،
سَرَھيُون سي سَرتيُون، وطن جنهين ويٺ،
ماڻِيان شال مَلير ۾، مُندائتي ميٺِ،
ڏيهيا ڪجاھہ ڏيٺ، ڪا مدد مون سين ماڙئَين.
بيت - 24
ڇن نہ ڇڄي آھيان، ڪُڇَن ۾ ڪوٽن،
اِيندي پيم اُبتا، پَيڪَڙا پيرُن،
ھَٿوڙِيون ھَٿنَ، ڄَنگهون ٻانهون ڪاٺَ ۾.
بيت - 25
ھٿين، ھَٿَ ڪڙولَ، ھنئڙي پِئڙم ھُن جا،
سانگي سارِيَمِ سومرا، ڍاٽي پاسي ڍولَ،
ٻاٻاڻن سين ٻولَ،ڪِيمَ نہ ڪوٽ وِھڻَ جا.
بيت - 26
زيرئين ٻيڙئين لوھہَ ۾، ڳٽين ڪيَس ڳاھہ،
سُنڪي سندي سومري، ھڏ نہ چاڙھيم ماھہ،
سَرَتيون دعا ڪجاھہ، تہ ڀرمَ ڀاروڙيءَ رھي.
بيت - 27
ڀرم ڀاروڙيءَ رھي، جنهن ۾ اَڇي اُنَ،
تہ پڻ ويٺي ونڌيان، توڻي پُونِس تُن،
غافل رَکُ غريبِ کي، عمر مَنجهہَ اَمُن،
سَرَتِين ساڻ سَمنَ، آھيم اُٺين مِينهَڙين.
بيت - 28
آھيم اُٺين مينهڙين، سمن سرتين ساڻ،
ڪنهن پَرِ لاھيان ڪاڻ، وڃي ويڙھيچن سين.
وائي - 1
کٿيءَ منجهہ کٽيائين، مارو ڄام ملير جو،
پَر جي پَنوھارن سين، لوئي ڏيجِ لَڌائين،
سيل نِباھي سومرا، پنهنجو پي پُڇيائين،
جُهوپو جهانگيَڙنِ جو، ماڙيءَ سان نہ مٽيائين،
اُتي عبداللطيف چئي، شرم رکين رب سائِينَ!
فصل ڇھون
بيت - 1
لينگڙِياري لوءَ ۾، جنهين لئي ٿِياس،
تِنهين تان تِرَ جيترو، پلَڪُ آءٌ نہ پُڇياسِ،
جَهروڪن جهوريو ھنيون، ڪوٺِن آءُ ڪُٺياس،
مارن مونجَهہ مُياس، نات ماڙِين ماريَسِ ڪِينَ ڪي.
بيت - 2
ماڙين ماريس ڪينَ ڪي، مُيَس مارن لاءِ،
ڪَرَ لهندا ڪڏھين، منهنجي اچي ماءِ؟
سانبِيڙا سَنداءِ، ويٺو واجَهہ وِجهي ھِنيون.
بيت - 3
ويٺو واجهہ وجهي هَنيُون پَر ۾ پَنوھارَنِ،
اَت اُڪنڊي آھيان، پائر ۽ پرين،
ڪَريان ٻي نہ ڪن، وينديس وطَن سامهِين.
بيت - 4
وينديس وطن سامهين، مليرَ منهنجو ماڳ،
ڏُٿ چونڊين ديَسِ ڏيهہ ۾، ساڻ سَرَتِيَنِ ساڳُ،
تہ مون سَنئون سَڀاڳُ، جي ويجهي ٿيان وَرَ کي.
بيت - 5
جي ويجهي ٿيان ور کي، تہ سڀاڳوم سنئون،
نِت نِتَ ھوءِ نئون، مون کي پَسڻ پَنوھارن جو؟
بيت - 6
آئون ڪيئن ڇڏيان سومرا، ٻن پنوهارن پچار؟
جَڙَ جنهين جي جانِ ۾، لَڳي ريءَ لهار،
ميخُون محبت سَنديون، ھِنئڙي مَنجهہ ھزار،
پَکا ۽ پَنوھارَ، ڏِٺي مون ڏينهن ٿيا.
بيت - 7
سِيلَ ڀَڃَڻ جي سومرا، مون کي مَتِ مَ آڇج مِيرَ،
گهڻين ٿورين ڏينهڙين، وينديَس ھُت حمَيرَ،
مَڇُڻ مَنجهہ مليرَ، ڪنڌ مٿاھَون نہ کڻان.
بيت - 8
پنوھارن پاٻوھِيو، وريا واھُوندا،
ساريمِ سيڻُ سيد چئي، گاڏِيلِيُون، گَوندا،
ڀَٽن ڀَر ھُوندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀتار جا.
بيت - 9
پنوھَارن پاٻوھيو،ڪي وَسُ واھُوندَن،
لٿو سيءُ، لطيف چئي، ٻَڌو ڦَڻُ ڦَرَن،
اوءِ ٿا ڪورِين ڪونئري، سَرتيون مٿان سَسن،
عمر اُن اگونَدري، پاسي ڪانڌَ ڪَتِنِ،
کائر کَٿيون خاصيون، اُڄي اُت اَچَنَ،
ڪڍَيو پيڻُ ڪَهَن، ملير گُهرجي مارئي.
بيت - 10
پنوھارن پاٻوھيو،ڪي واھَوندنَ وَسَ،
عمر اُنهي ڏيهہ جا، ڏوٿين ڏنم ڏَسَ،
وَليون وَڻَ ڦُلاريا، لُلُر نڱيو لَسَ،
آڻيو وِجهن آھرين، سندا ٽُوھَنِ ٽَسَ،
ميوا، مَڃر، ماکيُون، سڀڪا چکن چَسَ،
ماڙيءَ وِھين مَسَ، ملير وينديئن مارئي.
بيت - 11
آڻين ۽ چاڙِھين، ڏٿُ ڏِھاڻي سومرا،
سٿا ڪيو، سيد چئي، سائون سڪائين،
مَنجهان لنبَ لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙھين،
پُلاءُ نہ پاڙين، عمر آراڙيءَ سين.
بيت - 12
تن وَنهين ويڙِھيچن ۾، سَدائين سُڪار،
چونڊيو آڻيو چاڙھيون، سَندو ڏوَنرن ڏارَ،
جن جو ويڙھن سين واپارَ، سي ڏوٿي ھَون نہ ڏُٻرا.
بيت - 13
مُٿن ٽُٻڪ ٽُٻڪَڙا، چِڪَندڙا اَچن،
کُڙيون کِهہ ڀَڪلِيُون، پَگهَرَ سر پيَرنِ،
ايءُ وَڙَ ويڙھيچن، مون لوڏان ئي لکيا.
بيت - 14
ٿوري قُوتَ قَراريا، رھن سَٻَر سَت،
کٿيءَ ۾ کِھہُ ڀَڪلِيا،ڀُڻَن اھڙيءَڀَتِ،
پَنوھارِڪي پَتِ، پيهي پُڇ ملير ۾.
بيت - 15
پاڻهين پَچي پِيئيُون، ريءَ واھِيَتَ، ريءَ واڙ،
جُوءِ ڪُشادي جيڏِئين، ملير موڪَ مهاڙ،
اُتِ اَباڻا جنهنجا، سا ماڙيءَ مُورِ مَ چاڙھہ،
جي اُڪَنڍيُون آراڙ، لوھہَ تنهين کي لاھِيين.
بيت - 16
دَرَ دَروازا، دَرِيُون، ھاڻي ھِتي ھو،
ڪوڙين اَڏيا ڪيترا، تَنبُو مَٿان تو،
جي مُل نہ آيا مارئي، تِنهين رڙُ مَ رو،
ڪُوڪَٽَ آھي ڪو، پُسيءَ پَنوھارن ۾.
بيت - 17
سَنهيءَ سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساھہُ،
ويٺي ساريانَ سومرا، گولاڙا ۽ گاہُ،
ھِنئون منهنجو ھُتِ ٿيو، ھِتِ مٽي ۽ ماھہ،
پَکَنِ منجهہ پَساھہُ، قالب آھي ڪوٽ ۾.
بيت - 18
سنهيءَ سئي سبيو مون ماروءَ سين مَنُ،
ھڻي کڻ حلمَ جا، تهہ وڌائون تَن،
ڪِيئَن ٽوپايان ڪَنُ، اباڻيءَ اِبر ري؟
بيت - 19
ھِت جي گهاريم ڏينهڙا، وطن ري ويهي،
ماروُ ڏيندم مهڻا ڏاڏاڻا ڏيهي،
پکن منجهہ پيهي، شال محلن جي مَر ڌُئان.
بيت - 20
پاڇاھي نہ پاڙِيان سرِتئين سُئيءَ ساڻ،
ڍَڪي اُگهاڙن کي، ڪِينَ ڍَڪيائين پاڻَ،
ٻِيهَرَ ڄاپي ڄاڻ، اِبَر جي اوصاف کي.
وائي - 1
عمر آءٌ ويندَڙو پُڇان ڪوءِ، جتي مارو تتي پانڌي الو،
مٿي ماريءَ مارئي، روئاري ۽ روءِ،
پنڌان کاريو پَهيڙا، ڪي جو اُڀَڙي چوءِ،
ساريو سانبِيَڙن کي، روح منهنجو روءِ،
مِلڪَ ماروءِ جي آھيان، زورِ نہ ٿيان جوءِ،
سهجُ سُوري ڀانِئيان، سومرا سَندوءِ،
راڄ پرتو رَبُ کي، سومرا سَندوءِ.
فصل ستون
بيت - 1
پَٽولا پَنوھاريُون، مُورِ نہ مٿي ڪن،
جُہ لاکَ رَتائون لوئِيون، تہ شالنِئان سُونهن،
اُن ايلاچُنِئون اَڳري، بَخملَ بافتن،
سکرَ ڀانئِيان سومرا، کَٿي کان کُهنبَنِ،
جا ڏنَيم ڏاڏاڻن، سان لاھِيندي لڄ مَران.
بيت - 2
اَرمَق ھَڏِ نہ اوڍيان، پَٽولا پَٽَ چِيرَ،
ٻانڌڻا ٻَن ڏيان، ارغجَ ۽ عَنبير،
ماروءَ سين ماڻِيان، کَٿيون جهڙيون کِيرَ،
اَندرِ اُڃ اُڪير، مون کي پرينءَ پَنوھارَ جي.
بيت - 3
سون برابر سَڳڙا ماروءَ سَندا مُون،
پٽولا پَنوھارِ کي، عمرَ آڇ مَ تُون،
وَر لوئيءَ جي لُون، ڏاڏاڻن ڏنيم جا.
بيت - 4
سون برابر سڳڙا، لُون برابر لکُ،
رُپو جنهن رد ڪيو،ڪُوڙ تنهن کي ڪَکُ،
مون ماروءَ جو مکُ، تيلَ نہ لائيان تُنهنجو.
بيت - 5
تيل نہ لائيان تنهنجو، مون مارو جو من،
ڪَريان ٻي نہ ڪُن، آھَر اُنهين آھيان.
بيت - 6
مون ماروءَ سين لَڌيون، لوئيءَ ۾ لائون،
سون برابر سڳڙا، مون ٻانهُن ٻَڌائون،
عمر چؤ آءُ، ڪِئن پَٽُ پَرِھيان سومرا؟
بيت - 7
پٽِ نھ پَرھيان سُومرا، جا نڪِي تان جِيان،
آءُ ڪِيئن لوئي لاھيان، ڪارَڻ ٻن ڏينهان؟
جانِسين ٿي جِيان، ڪانڌ نہ ڪنديَس ڪو ٻيو.
بيت - 8
اجهوڪا اَٿَن جي ڏينهان جَهڻ جهانپي،
اُوءِ ماروئڙا مليرَ ۾، ڦِرن سي فاقي،
آءُ ڪيئنِ اُنهين ري، منهُن مٺائي لائيان.
بيت - 9
سي ساھيڙيون سارين تو، سيل جني جو ست،
مارَئي لهندينءَ مُهَت، وَڃج ويڙيچن ڏي.
بيت - 10
سي ساھِيڙيُون سارين تو، سيلُ جِنهين جو سَچُ،
ماروءَ ري مَ مَچُ، شِيهَو ڀانئج سونَ کي.
بيت - 11
سي ساھيڙيون سارين تو، سچ جنهين جو سِيلُ،
نڪو قالُ نہ قِيلُ، اُنهِين جي ادب ۾.
بيت - 12
جن ڪَرايَن ڪَچَ جا، وَرَ ساھيڙيون سي،
اَت اُڪَنڊي آھيان، ڃمر انين کي،
مولو ميڙيندم ڱڙهين، منهہ ماروءَ تي،
پَکُن ساڻ نہ پاڙِيان، ھَنڌُ ھِتي جا ھي،
اَدلُ اَباڻن کي، مَري شال ملَهائيان!
بيت - 13
ڪراين ڪچ جا، چُوڙا ڪُوڙا جن،
سو مَرَڪُ ماروئڙن، جئان لوڪَ لڄ ٿئي.
بيت - 14
ڪارا ڪراين ۾، سون اسان کي سوءَ،
وَرَ جيڏينِ سان جُوعَ، فاقو فرحَتَ ڀانئِيان.
وائي - 1
شُڪرُ آڻِ بَجاءِ، آھئِين اَھَلُ الله سين،
گهوڙو ھن گِروھہ ۾، حَمد ساڻ ھَلاءِ،
سُرھيءَ ھِن سلِڪ سڀن، ڀَڄي تون ڀَڄاءِ،
ٿي تہ ٿوڪُ پِرائِيين، لاشَڪُ تنهين لاءِ،
تَرڪُ ڪَر طلب سين، لاھُوتي مَ لَڄاءِ،
خودي کَڻُ مَ پاڻ سين، جوڳِين وٽ جلاءِ،
مَهندان مَشائِخَن جي، چَلَڻَ سڀ چَلاءِ،
ڪامُ تُنهنجو ڪاپڙي، سامِيُن وٽ سماءِ،
آسڻُ اڳيان اُن جي، ٻَر ٻَر ڪري ٻاڏاءِ،
شيهو جا سونُ ڪَري، تنهن صحبَت کي مَ سِڪاءُ،
سُرھي سُناسيَن جي، سُڻي ڪا سُڻاءِ،
آھيمِ آس اِسم جي، ڌاڳو تون ڌُلاءِ،
الله، عبداللطيف کي، اُنهين ساڻ اگهاءِ.
فصل اٺون
بيت - 1
ھِنَ مُند مارُو سَنَرا، وَيڙِئين وَاڳ وارين،
ڇڇِئان ڇيڪاريو ڇيلڙا، پَٽين پهرائين،
نيڻَ منهنجا اُن کي، جَهجهو جَر ھارِين،
تاڙا تَنوارين، مينهَن وَسَندا موٽُ تون.
بيت - 2
ھن مند مارو سنرا، کائور ۾ خوشحال،
سائون، سيارَڇُ مَکِڻي، جيڏيون آڻين جالَ،
اُتان اوٺَي آئِيو، ڪَهي مون وٽ ڪالَهہ،
لِڱن تان لطيف چئي، لوئي لاھہ مَ لالَ،
ستيءَ جي سيد چئي، ڪا ساڻيهہ منجَهہ سنڀال،
ڀَلو ڪندو ڀالَ، مِينهَن وَسَندا، موٽُ تون.
بيت - 3
ھن مند مارو سَنرا، ڍنگر ڍارَ رَھن،
پاڻي پُوڄَ پَٽن ۾، پَکي پاندِ پين،
ھِن کي لوھہَ لطيف چئي، ھوءِ کائُر ۾ کِلَن،
کاٽُونبا کاڄَنِ، مينهن وسندا مَوٽ تون.
بيت - 4
ھن مند مارو سنرا، ساڻيهہ مَنجهہ سُڌِيَر،
ھَن کي لوھہ لطيف چئي، ڪوٺَين اندر ڪِيرَ،
مها مَنجهہ مليرَ، مينهن وسندا موٽَ تون.
بيت - 5
ھن مند مارو سنرا، جيائي جالِين،
چاريو لَنبَ، لطيف چئي، واڳئين وھارينِ،
ڪيٽاري ڪاھينِ، مينهن وسندا موٽَ تون.
بيت - 6
چُرنِ چڻڪن چِتَ ۾، وَسرنِ ڪينَ وَري،
ڪَنا عَهدَ اَلستَ جي، ڪِ تِهان ئي پَري،
“لَمْ ئَلَدْ وَلَمْ ئُوۡلَدْ”، مارئي ڪوہُ ڪَري؟
اڄ ڪَ ڪالَهہ مَري، ساري سانِبيڙَن کي.
بيت - 7
چُرنِ چُڻڪن چَٻ ۾، وساريان نہ وَري،
جن ٿي پَهيءَ پياريا، مَنجهان سَڪَ سَري،
وَنهِيَن ويڙھيچن جي، سِٽائن سري،
ٿرِن ٿوڪ ڌري، اُٺي وِيَڙا اُڪري.
بيت - 8
چُرنِ چُڻڪن چَٻ ۾، وساريان ڪين ورِن،
“لَيُسَ کَمِثُلِه شَيُء”، پَسِڻ ناھہ پِرين،
پَکا پَنوھَارَن، نيئي اڏيا ناھہ ۾.
بيت - 9
چُرنِ چُڻڪن چَٻ ۾، گهارينِ مٿي گهٽ،
کهہِ مانڌاڻو، مَکڻِي، ڍوئِينِ پاسي ڍَٽَ،
پَنوھارِڪين پَکڙين، وڃي ڪريان وَٽ،
ساڻيهہ سامهين سٽ، ڪنديس ڀڃي ڪڙن کي.
بيت - 10
چُرنِ چُڻڪن چَٻ ۾، ھُرَن مَنجهہ ھِنئين،
لُطف ٿيو لطيف چئي، مهرَ ڪي مئين،
ڏکيءَ کي ڏئين، سَراھيُون ساڻيهہ جون!
بيت - 11
چُرنِ چُڻڪن چَٻ ۾، سَدا مَنجِهہ سَريرَ،
لَڏي ڪنهن لوءِ ويا، مارو مَنجهہ مليرَ،
ويٺي پُوڄيان پَيرَ، مانَ ملِنم ڪڏھين!
بيت - 12
چُرنِ چُڻڪن چَٻ ۾، رھيا اَندَرِ رُوحَ،
اُٺي وَيڙا اُڪَري، مارو مٿي مُوھہ،
ويرُون ولوڙَڻَ جون، ساريان گهڻو صُبُوحَ،
وَرُ سي کارا کُوھہَ، سنجيم جي ساڻيھہ جا.
بيت - 13
پيئي پاڻَ مران، اَچي ڪنڪَر لَهان؟
قادرِ ڪيا گهڻا، ڏُکيءَ سَندا ڏينَهڙا.
بيت - 14
کاروڙِيا کَڻي، ويڙھي جَهپ ويا،
سيڻ مُنهنجا، سيد چئي، ھاڻي ھِت ھئا،
پَسي پَڊَ اُنِ جا، مون کي لَڙي لُڙَڪَ پيا،
ڏيهي ڏُور وَيا، ڏيان ڏوراپا ڪن کي؟
بيت - 15
آڌيءَ اُٺِيَن تي، جيلانهين پاڻي پاتارَن ۾،
وارو ويسرينِ کي، ڏِينهان ڪونَ ڏئي،
مون ڪمينيءَ کي، مٿان کُوھہَ کڻي ويا.
بيت - 16
ٻُري نہ ٻَڪَر دانهَن، اُنِ جي ڀوڻَ ڀڻڪو نہ سڻِيان،
ميان ماروئڙن جا، اُونهان ڏِٺم آنَهن،
جن ساٺِي ڪا سنجيا، سي ڌڻيءَ ڪيڙئي ڪانهَن؟
پکا کڻي پَرانهَن، جيڪس لڏيو لوئڙيارئين.
بيت - 17
ڀنيءَ جي ڀُڻن، تن ڀَيڄ ڀُڻڪو نہ سڻِيان،
سِنجَڻَ واريون سُتيون، وڃي ويڙھہ وَرنِ،
پَيا سيٽَ سڙن، تُرھي ٻنِهين ڪنڌِئين.
بيت - 18
بير کَنيائون بر ۾، پِيارينِ پَهُون،
سنجَن ساٽي ڪَن تي، وڏيءَ ويرَ وھون،
پايو جر جنڊَن ۾، ڪوڏان ڪن ڪَهون،
ڏينهان ڏينهن نئون، مون کي ورھہ ويڙھيچن جو.
بيت - 19
سنجي سنجي کُوھڙا، ويڙھي ويا ورتَ،
مَيان ماروئڙن جي، مون کي ھِنئڙي ۾ حَيرَتَ،
چُڻڪن اندَر چَٻَ، سانبِيڙا ساڌوئُيون.
بيت - 20
سڀ نہ وڃي سُتيون، اڃاڪي سنجَن،
پيو سي پَهَرنِ، جي اُڃائجي آئِيون.
بيت - 21
سَرتينِ سَنجَڻُ ڇڏيو، سَتيُن ڳالهہ سئي،
ماڙيچي ماڙين ۾، ڪڏھين ڪانہ ھُئي،
عمر آءٌ نہ مُئي، ان اوڀالِيان اڳهين.
بيت - 22
عمر ٿيم آپار، ورھہ وَٽيان ڪن سين؟
سي ڏوٿَيڙا ڏُورٿيا، تڳان جن تَنوارَ،
سِٽائُون سَنگهارَ، کُوھن تان کَڻي ويا.
بيت - 23
وَر اُھائي ويرَ، جِئن ڌڻُ تَسي تَڙ آئيو،
سَرتَين ڏُٿُ سَبيلَ، ڪيو اڱڻ ڍوئي ڍيرَ،
ھنئون اُنجي ھير، ٿو جِهڄي جَهروڪَن ۾.
بيت - 24
کوھَرَ، ٿُوھر،ٿَر، جِت ساٽي ڪا ۽ سٽيون،
چارين اُت چاھہ منجهان، پاسي ڦوڳن ڦر،
ڪِيئن لَهندَم ڪَرِ، جئن مارو پاڻ اَپاريا؟
بيت - 25
ڍَٽين پَٽين ڍيرَ، مَنَهہ ماروئڙن جا،
پائر سڀ پچي پيو، گهر گهارِيندي ڪير؟
ڪوٽئين گهاري ڪير، محلين مَنجهي مون ھِنئون.
بيت - 26
مٿي ٿَرَ رھي، گُذاري ڏينهَڙا،
ڪڏھن ڪونَ آئِيو، پَنوھارَنِ پَهي،
وِئڙا سي وَھي، جَنَمُ گُذارِيمُ جن سين.
بيت - 27
پاسي پولڙنِ ۾، ٻانُهون سِرِ ٻيئي،
اکيُون، نَڪُ آريجري ٽَمايَمَ ٽيئي،
ڏُور ٿيا ڏيهي، پِرين پائرَ وٽ ۾.
بيت - 28
مون سين مارئڙيون،ڪهڙي ريت رُسنديون؟
چوٽيءَ ۾ چيڙَ پيو، پِئن رَتُ ڄَيُون،
نيڻين نِنڊَ وھہُ ٿي، ساري ساڏويون،
ھتي جي ھُيون، تہ سُڌيون پين سيل جون.
بيت - 29
ٿاجا ٿَرَ بَرَ جَهلَ، پَپُون پائرَ وَٽ ۾،
سيئي ساريو سومرا، اَچي آبُ اُڇلَ،
سانبين ڏِنمَ سَلَ، ڏِٺي جنهين ڏِينهَن ٿيا.
بيت - 30
سَتي تُنهنجي سَت ۾، ڳالهہ گُهرجي ڳچ،
وَڍيو، چِيريو، چِچريو، پَرِ ۾ اُڀي پچ،
ساڻ اَمانَتَ اَچُ، تہ ٿِئين سَماني ساڻيهہ ۾.
بيت - 31
جُهران جِهڄان تي، جئَن پسڻان ئي پري ٿيا،
الله اوٺِي آڻئِين، جو کينءَ جي خبر ڏي،
مَنَ منهنجي کي، واڪو لُهي ويڙھہ جو.
بيت - 32
نہ ڪا جَهلَ نہ پلَ، نہ ڪو رائرَ ڏيهہ ۾،
آڻيو وِجهن آھُرين، روڙِيو رَتا گُلَ،
مارو پاڻ اَمُلَ، مليرونِ مُرڪڻو.
بيت - 33
ايءَ نہ مارُنِ رِيت، جِئَن سيڻَ مَٽائِين سونُ تي،
اَچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديَس ڪانہ ڪُريتِ،
پَکن جي پِريتِ، ماڙيءَ سين نہ مَٽيان.
بيت - 34
نہ سرتيُون نہ سيرُ، نہ سي ڏونرا ڏيهہ ۾،
ھڪ ڪوٽن ڪُٺي آھيان، ٻيو زوراور زنجير،
مارُو ساريو مير، ويٺي ڳوڙھا ڳاڙيان.
بيت - 35
عمر آئين اوچتو، ڪهڙي ھاج حمير،
تو ڏِٺي مُون ڀؤ ٿِئي، سَنڪو منجهہ سرير،
ميان منجهہ ملير، اڳ نہ ڏٺين ڪڏھِين.
بيت - 36
عُمر آئين اوچتو، پکي ۾ پيهَي،
سَٻُر پسي سومرو، ڏڪي ويو ڏيهي،
نہ ڄاڻا ڪيهي، ڪندو پَر پنوھار سين.
بيت - 37
عمرُ آندييءَ مارئي، ٻهڳڻ جهلي ٻانهن،
سَٻرُ پسي سُومرو، درس پرايم دانهن،
ٿِيئَڙا راڄ اڳانهن،ڪهي ڪونہ آئيو.
بيت - 38
عُمر آندييءَ اُٺَ تي، پڄي نٿو پنوھار،
ڏنوڏاڍي ننڊ ۾، سُومري سينگار،
نيئي ٿرا آڳٽي، پُرس پرائي نار،
مارُئي تون مَلير ري، ويٺي ڪَوٽ ڪُوار،
ھنجون ھَڏ مَ ھار، تنهنجو موٽڻ مَسَ ٿئي.
بيت - 39
عُمر آندي مارئي مَنجھان جھنگ جھٽي،
ھيءَ پياڪ پيالن جي، واقف ناھھ وٽي،
جا ملڪَ مارُوءِ ڄام جي، سا ڪيئن ھِتِ ڪَٽي،
جُھوپَا جھانگيئڙن جا، ماڙيءَڪِين مٽي،
سومرا سَٽي، تنھن سَتيءَ وجُھھ مَ سنگھرين.
بيت - 40
سُتي لڌم سُهڻو، کٿيءَ ۾ خاصو،
وُٺا مينهن ملير ۾، ٿيو تڙ تڙ تماشو،
چوريان جان پاسو، تا جُسو زنجيرن ۾.
بيت - 41
سُتي لڌمُ سُهڻو، لوئيءَ ۾ ليٽي،
تھ منڌي پايو مَٽ ۾، ولوڙيان ويٺي،
پَکي آءٌ پيٺي، کيرُون ڙَينمَ جيڏيُون.
وائي - 1
رئندي رات وھانءِ، مونکي رويو رات وھانءِ، عمر ميان سومرا،
مون کي ڏَيهان نِڪرئي،ٻہ ٽي ٿوڪَ ٿيا،
عمَر منڊيا مامرا، مارو ٿرٿيا،
آءٌ بندياني بَند ۾، ڪِڪي بنڌ پيا؟
ڃمر بندياڻيءَ سين، جورو تو نَہ جُڳاءِ.
وائي - 2
اُن نہ مٽيان پَٽ، آءٌ جا ڪرڙ ڪَپور نہ مٽيان،
وڃي شال ولوڙيان،ڍولي پاسي ڍَٽ،
پکا پکن سامهان، پيهيُون پيهين وٽ،
پيرون چونڊينديس پرينءَ سين، ڪانبوڪانبي وٽ،
مون ڏکيءَ ڪوڏوھہ ڪيو،ٻيون سڀ ورن وَٽ،
کيروُن ڏينديم جيڏيون، وَڃان جي وَر وَٽَ.
فصل نائون
بيت - 1
جانڪي سَتيَن سيرُ، تان ڪِينَ وھنديَس ڪوٽ ۾،
سپ سَمُنڊين سپجي، نَديءَ پَئي نہ نِير،
جَئَن ھُوءَ اَبَر آسري، تِئَن مون مَنِ مليرَ،
کائِر پين کِيرُ، جي اُمانَتَ اُت وڃي.
بيت - 2
جَر ۾ سُپون جِيئَن، آھين اَبَر آسري،
جيئَن ڪُونجُون سارِينِ روھھَ کي، مون تَنُ اَندر تِيئَن،
ھُت وَعدا وڃڻ جا، ھت نہ ڀانيُم ھَيئَن،
ڪوٺين وِھان ڪيئَن، جي نَظَر بندياڻي نہ ھُئان؟
بيت - 3
سپ سمنڊين سپجي، اَبرُ آساروس،
ٻاڙو پئي نہ ٻپُڙي، مٺو مُنهن لڳوس،
ماڻڪَ تي مِڙيوس، جئَن تَنگُ ڪڍيائين تار ۾.
بيت - 4
سِکو سڀ سَرتيون، سِپَن مُلان سِيرُ،
ٻيو مٽائي نِير، اُڀِيون اَبر آسري.
بيت - 5
سِکو سپن کان، سَرتيون ريت سِڪڻ جي،
مَڱن جَرُ مٿان، اوري ڪن نہ آسرو.
بيت - 6
پهرينءَ رات پَسي، مون ماڙيءَ مَنُ ڦِڪوڪيو،
موھڙي ماروئڙن کي، واحد ڏيج وَسي،
آھَرُ جنهين اسين، سو ملندو شال ملير ۾!
بيت - 7
جُهڙِ ڦُڙ مٿي مارُئين، جت چِيها، چلُڙَ چڪَ،
اندرُ ٿو اُڃ مري، ساہ اُنهين جي سِڪَ،
وَرُ پِريان سين پِڪَ، ٻيا ڀاڻَ ڀَريائي گهوريا.
بيت - 8
جُهڙ ڦُڙ جِت ٿيانِ، اُتِ اڏايائون پَکڙا،
ھِن منهنجي حال جو، قَدرُ نہ ڪيڻان،
جَيڪَسِ آءٌ وِسريان، مارو قوت قراريا.
بيت - 9
اُٺي ٿي وَرَاڻِ، کين واڌايُون آئِيُون،
لٿي لوئِڙيارِئين، مِڙني منهن ڪاڻ،
صُلح واريون سومري، چيو پَنوھارَن پاڻ،
حميرَنئون ھاڻ، مُهتُ لهندئن مارئي.
بيت - 10
سَدا جن پَرياڻَ، پانڌيءَ پَکي لَڏَ سين،
ماروڳُڻَنِ ساڻ، ويا ٿَر اُڪَري.
بيت - 11
اُٺن مِينهَن گهڻا، ٿِين ٿوڪَ ملير ۾،
اکيون آب ڀريو، اُنَهِين کُوڻ کَڻان،
مارن شال مِڙان،ڪوٺيون ڇڏي ڪڏھين.
بيت - 12
ڪنهن تَڙِ ڏيهائي،ڪٿي اُٺَنِ مِينهڙا؟
مون وٽ مون پِريَن جي، ويهي ڪَرِ وائي،
آءٌ اَڳڍائي، سَنيهو سُڻي جِيان.
بيت - 13
سچ ڪ اُٺا مينهَن، مُونهان پوءِ ملير ۾؟
ڏوٿين لايا ڏِينهن، پَهريا سي پسيءَ کي.
بيت - 14
جيڪس اُٺَا مينهن، مونهان پوءِ ملير ۾.
ڪالهہ سَڄوئي ڏِينهن، منهنجي اکڙيَن اُڪيريو.
بيت - 15
تنهن پِر اُٺن مينهڙا، جنهن پَرِ گھُرِيائون،
رضا جا رحمان جي، پڄي پارِيائون،
مليرُ ماڻِيائون، حڪم ساڻ حبيب جي.
بيت - 16
تن ساڏوئِيَنِ سَڏُ مَران، ڏِنگا جنهين ڏارَ،
ڀُڻي ساڻ ڀَتارَ، پائر پيروُن چونڊيا!
بيت - 17
ڌريان ئي ڌار، وڍي وڻَ جَدا ڪيا،
تن سُڪن ڪهڙي سارَ، تہ ڪِ اُٺا مينهن ملير ۾.
بيت - 18
جي وڍي وڻ جَدا ڪيا، ڌريائين دُور،
اُنهي سندي سُور، ابر اوڳاري ويو.
بيت - 19
مليران مارو، پکي پيهي آئيو،
وَريا وَھارُو، ھاڻو سڀ ھيڻا ٿيا.
بيت - 20
آيو ڪيرڏيهان، جنهن ڪرَ پُڇان خبرون؟
وَڄُون اُن وران، رات ماروءَ تي وٺيون.
بيت - 21
مون ماڙيءَ جو سومرا، ٻنهين پارين ڏُک،
ھِت عمر جو اَھکُ، ھُت مارو ڏِينم ميهڻا.
بيت - 22
عَمرَ اڄ گڏيام،ڏوٿي اُنهين ڏيهہَ جا،
پاراڀا پورين جا، اُڀي اُن چيامِ،
لهي لوھہ پَيام، لُطفَ ساڻ لطيف چئي.
بيت - 23
ڪَنڊ لُنگهيندي ڪاڻِ، پيم پنَوھارن سين،
اُتي، عبداللطيف چئي، رُنو سڀ رھاڻ،
ھن ھيڻائي ھاڻ، منهن مٿاھون نہ کڻان.
بيت - 24
مارُن ڌاران ماڙئين، آءُ جي ڏِيان ساھہُ،
سري مُنهنجي سُومرا، قَيد مَ ڪَريجاھہ،
ساڻيهہ ڏي سيد چوي، کِلي کڻيجاھہ،
مارن مُئي نجاھہ، تہ لوئيءَ جي لڄ رھي.
بيت - 25
مارُنڌارا ماڙئين آءٌ ھت ڏيان ساھہ،
تہ بت منهن جو بند ۾، قيد مَ ڪرِيجاھہ،
مارُو جي مَقام کان، دُور مَ ڌَرِيجاھہ،
جي ھتِ پُڄن پساھہ، تہ نجو مَڙھہ ملير ڏي.
بيت - 26
کٿيءَ منجهہ خلاف، رھي نہ رتيءَ جيترو،
لٿو لوئڙياريين، گوندر جو خلاف،
ميرا لاٿا مارُوئين، سڀ اوڍيائون صاف،
ملير مڙوئي معاف، عُمَر اُن انعام ڪيو.
بيت - 27
ڌڻيءَ ڌُتاريا ڌڻ وندي، ڏيئي کٽا کِير،
سي تارا ڪن نہ مَسحا، جي وَھنَ سائر سير،
توڻي پڙھيا پَير، اوڏاڪين علم کي.
بيت - 28
واڳيان جي وَجهَ سين، رب نہ سُڃاڻنِ،
ميڙيان ميڙيان ڪن، ايءَ ميڙ مَهندين ڪڏھين.
بيت - 29
مارُو مَٽ ملير جا، سڀ پَرکياسُون،
سُهکيءَ ڀائي سڀ ڪو، اَھُکي تونهين تُون،
مَؤلا مٿان مُون، ٻُڙو لاھہ مَ ٻاجهہ جو.
بيت - 30
مارُوڄام ملير جو مون ۾ آھي مون،
“وَ نَحنُ اَقُرَبُ اَلَيُهِ مِنْ حَبْلِ الْورِيُدَ”، مارُو ملياسُون،
نِيرَ لٿاسون، گڏبيس گاموين کي.
بيت - 31
ماروُ مَٽ ملير جا، ساريم سڀيئي،
“حُبَ الوَطَنَ مَنَ الْاَيَمَانُ”، اندر اھي ئي،
پکن ۾ پيهي، پسان شال پنوھار کي.
وائي - 1
مون مَ کسيجاھہ، مون کڻيجاھہ لوئي، ميان عُمر،
ساڻ پَلاھہُ نہ پاڙيان، سندي ڏُونرنَ ڏوئي،
ڪانڌ نہ ڪنديس ڪو ٻيو، مون وَرُ مارو سوئي،
کوءِ سي طعامً تَيُنِ جا، ورُسا ڏَونرنِ ڏوئي،
جهانگي جو جَهنگن جو، سيڻ ڪمينيءَ سوئي.
وائي - 2
رُئندي رات وھانئي مون کي رويو رات وھانئي،
عمر ميان سومرا!
مون کي ڏيھان نڪِري،ٻٽيٿوڪٿيا،
ڪِ آءٌ بندياڻي بند ۾، ڪِڪي بند ٻيا،
عمر بندياڻين سين جورو تو نہ جُڳاءِ.
فصل ڏھون
بيت - 1
“زُمَر زُخُرُفَ” سومرا، حَمْدُ جنهين جو ھَنڌُ،
“اِھُدِ نَاالصِرَطَ الُمُسُتَقيِمَ“ ايُ پنوھارنِ پَنڌُ،
باري لاھِين بَندُ، تہ ملان ماروئڙن کي.
بيت - 2
“زُمَر زُخُرُفَ” سومرا، “قُلَ” جنهين جو قُوت،
“فَاذْکُرُوۡنَئۡۤ اَذْکُرْکُمْ”، سدا ٿي ثابوت،
لنگهيو جن لاھوت، تن پکا پائر اڏيا.
بيت - 3
“زُمَر زُخُرُفَ” سومرا، “سَبحَ” منهنجا سيڻ،
ورڏٿ ڏاڏاڻي ڏيهہ جو، کوءِ تنهنجا کيڻ،
وَرُ ويڙِيچاڻا ويڻ کوءِ سُون تنهنجو سومرا.
بيت - 4
“زُمَر زُخُرُفَ” سومرا، سَبحَ منهنجا سَيڻ،
تَمَرَ، بَر بِريانَ اُن جا، کاڄَ خرما کيڻَ،
نِت ٽِمايَم نيڻَ، بَر جي بدويَنِ لئي.
بيت - 5
“زُُمَر زُخُرُفَ” سومرا، “سَبحَ” سيڻَ سَندام،
بند ۾ بدوَين لئي، ڳوڙھا نِتُ ڳاڙيام،
عمر اباڻن کي، ڏٺي ڏِينھهن ٿِيام،
ويڙھيچا وُجود مان، ويلَ نہ ڪنهن وسرِيام،
پانڌي روز پُڇيام، اُڀي اباڻنَ جا.
بيت - 6
“زُمَر زُخُرُفَ” سومرا، “سَبَح” سيڻَ رَھن،
بند ۾ بدوين لئي، اکيون رَت روئن،
ڏوٿي ڏاڏاڻي ڏيهہ جا، الله ڪي اچن،
مون کي خبر خَيرَ جي، سندي ڏيهہ ڏِيَن!
آرو اَکڙِيَن، آھي اَباڻن ڏي.
بيت - 7
“زُمَر زُخُرڇَ” سومرا، عيشُ اعَرابين،
“اِنَا فَتَحُنَا الَذِيُنَ”، قُلوبان ڪهنِ،
لحمُ، لَبنَ گَڏُ ڪيو، تَمرُ تاڪُلُ ڪَنَ،
سَدائين سيد چئي، اَنَ نہ چکيو اُنَ،
عمرَ بندِياڻن، لاھي لوھہ نہ ڇڏئينَ؟
بيت - 8
“زُمَر زحْرُفَ” سومرا، مارو مون مهَندارَ،
“اُولکَ اَصُحَابَ الُجَنَهَ”، ماڳُ سَندَن موچارَ،
“وَ سَقٰهُمُ رَبُهُمُ ”، پين پوڄ پَنوھارَ،
وير وتار وُجُودَ ۾، پِريَن جي پَچارَ،
سٻاجها ستار، مون کي مارن ميڙئين!
بيت - 9
“زُمَر زُخُرُفَ” سومرا، حُدن ۾ “حجُرات”،
سورن لاءِ سرتيون، “رعد” مڪائم راتِ،
ھميشہ “حِجر” ۾، لنئَن لطيفي لاتَ،
مون تَنَ تِنهيَن جي تاتِ، اورَڻُ جن “اَحقاف” ۾.
بيت - 10
“زُمَر زُخُرُفَ” سومرا، سانبي سارِيم راتِ،
“رعد”ڪَرِيندي رعدِيون، ھلن ڏُونهنَ “حَجُراتَ”،
“سبح”، “سَجدہ” پيچرا، لنئَن لطيفي لات،
مون تنهين جي تات، اورڻ جن “اَحزاب” سين.
بيت - 11
“زُمَر زُخُرُفَ” سومرا، مارو ”مؤمن“ پاس،
اعرابي ”احقَاف“ ۾، رَھي وَيٺا راسِ،
مارُنِ مَلان ماڙِئين ڪنهن ارادي آندياسِ،
وَطَن آءٌ ويندِياسِ، وَريو وَرَقُ وصال جو.
بيت - 12
وريو ورق وصالَ جو، موڪل ٿي مون،
“لَحُمَا طَرِ يَاوَتَسُتَخُرِ جُوُا مِنهُ حِلُيهُ تَلُبَسُونهَا”، تُن ۾ تونهين تون،
مَنَ مَنجهاران مون، مارو ڄامُ ملير جو.
بيت - 13
“فاتِحَہ”، “بَقَر” سومرا، جڙيائون سين جان،
اَپَرِ “آل عَمرَانِ” ۾ قُربُ ٿيوڪيڻان،
سُخن جي سَندان، سڃاڻي ويٺي ساريان.
بيت - 14
“فاتحہ” “بقر” سومرا وطن ويڙِھيچن،
“نحِلِ”، “حِجر”، “بني اسرائِيل”، اِيءُ پَنڌ پنوھارن،
“مسجدَہ” “احَزابِ”، “سَبئا”، مَنجِههين “رُومِ” رھن،
نيئي اڏِيا امن ۾، پَکا پَنوھارن،
مون کي منجهان تن، پيا لوھہَ لطيف چئي.
بيت - 15
اڄ پڻ آنديون اُوٺِئين،ڪتابَتون ڪي،
ڳالهيون ڳوٺايَنِ جون، سڻُ تون عمر سي،
“نِ واللقَلم وما يَسطَرُونَ”، پاتائون پير ڀري،
“حَم”، “طَس” “يس” جا اھڃَ ڏنائون اي،
موڪل ڏي مون کي، ساڻيهہ جي سيد چئي.
بيت - 16
“توبهہ” جنهين تَنَ ۾، اندَر تن “اَنفَال”،
“يُونِس” رکي جان ۾، ڪيائون حقيقت حالِ،
جي وڌا “ھودِ” وصالِ، سي ئي سانبي ساريان.
بيت - 17
“توبه” جنهين تن ۾، “نملِ” نهارينِ،
“قَليَا”، “قد سَمِعَ”، “جاڀيہ” دل “دخانِ” پاسِ ڌَرِين،
“تبارڪَ”، “تَبت”، “اَذاجاءَ” “اِذا زُلزِلَہ” سين اورينِ،
جيڪي پنوھاريُون پرھين، سو ميسر آھہ مَليرَ ۾.
بيت - 18
“توبه” جنهين تَنَ ۾، “نمل” نِهايَتَ،
“اَعرافِ”، “اَنِبيَا” اَباڻن کي “فاتحہ” ۾ فرحَتَ،
“لقمانَ” جاءِ، لطيف چئي، “سجدہ” ساڻ صحِت،
“نِساءِ” “نُورِ” نِيتَ، مون کي مارُن ميڙئين.
وائي - 1
منهنجو مَنُ ماروءَ ڏِٺڙي رَچي،
الاھي اَمر سين، سيلُ نباھيو سچي،
کنڊون کائي کير سين، ماروءَ ري ڪِئَن مچي؟
مٿي ماڙيءَ مارئي، پنوھارن لَئي پچي،
اَچڻ وَس نہ منهنجي، جي آڻايو، تہ اچي،
ڦوڪَ ڦَڪائيءَ جا، ڪي ڪُوڙَ ڳالهايو ڪَچي؟
فصل يارھون
بيت - 1
جہ سي لوڙائو ٿيا، جنهين ڀر رھن،
مارو منجهہ ٿَرَن، رھي رھندا ڪيترو؟
بيت - 2
جہ سي لوڙائو ٿِيا، جنهين سنديءَ ڌِيرُ،
مارئڙا فقير، ڪنهن دَر ڏيندا دانهڙي؟
بيت - 3
وَطنُ مون مليرُ، قضا آندِيَس ڪوٽ ۾،
چانڪِ پينَديس پِرينءَ سين، پائرَ جو پَنِير،
ھاڃوڪيو حمير، بالله، نِئي ٿو بند ۾.
بيت - 4
سهم پَسان ٿي سومرا، پِريَن ريءَ پيئي،
مُل رساڻي مارئين، مَون کي ڪو نيئي،
تہ ساڻن سڀيئِي،ڳُجَهہ ڳَرَھان ڳالهڙيون.
بيت - 5
جي گهر گهاريم ڏِينهَڙا، ھيڪانديءَ حَضُور،
سيئي سڪان سارِيان، پچان پائر پُور،
حِميراڻا ھَٿَڙا،ڪينَ مَڃيندِيَس مُورِ،
سنجهي سَت گُذارِيان، اچين شال اسُورِ!
مران ٿِيان مَ دُور، ماروء ڄام ملير جي.
بيت - 6
اَت اُڪنڊي آھِيان، عمر آءٌ اڪاڄ،
سومرا سَڪاڄ، جَهل مَ بَندِ جِهڄنديون.
بيت - 7
اڄ اَڍَنگا ويڻَ، مون کي مُڪا جيڏئين،
ھاري حميرن جا، جيڪس کاڌئين کيڻ،
سانِبيڙا ۽ سيڻ، ڪ تو ويا وسري؟
بيت - 8
ويٺي ڪوٽ وَٽِن ۾، ڪامڻِ ڪُواري،
مليرُ ساريو مارئي، روُيو رئاري،
الله اوتاري، مُنڌ ماروءَ جي مِيڙئين.
بيت - 9
جيها جي تيها، مون مارو مَڃيا،
مون جيڏيُون ملير ۾، چونڊِين موڪَ مِها،
منهنجي آھہ اھا، ڪڏھن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.
بيت - 10
ماروءَ پاس ملير ۾، ڌوئي مَرُ مران!
پاڻي واري پانهنجو، وينديائي وران،
ٿورو منجهہ ٿَران، ھَوند لَڳي لوئِڙِيائين.
بيت - 11
ماروءَ پاس ملير ۾، ھميشہ ھُئان!
پيرين تنهين پئان، ني وِھاڻيءَ نور سين.
بيت - 12
مائٽَ منهنجا سومرا، مَارو نہ ميرا،
اُٿيوڏِين اَسُورَ جو، ڀٽن ڀَر ڀيرا،
پَنوھارَن پَيرا، وڙَ مَ ويڙھيچن سين.
بيت - 13
ڪِيئَن ڌُوارِيان ڌَٻَرا، وينديَس ڪنھن نہ وھانءِ،
مون مَل مارو ناہ، اَڇَا اوڍيان ڪَن کي؟
بيت - 14
اَکڙيون ملير ڏي، جنهين راتو ڏِينهن،
ھاڻي ڪندينءَ ڪِيئَن، عمَر آسائن سين؟
بيت - 15
ڪانڌُ نہ ڪنديَس ڪوٻيو، کَٿيرو ئي خُوب،
ميرو ئي مَحبوبُ، اسان مارو مَنَ ۾.
بيت - 16
مُنهن منهنجو سومرا، مَرُ ميرو ئي ھوءِ،
متان مارو چوءِ، تہ ڌوتوءِ ڌوراڻن ۾.
بيت - 17
جي لُوڻَ لِڱن لائِيين، چِيري چِيري چَمُ،
مون ڪرَ اڳي نہ ڪيو، اھڙو ڪوجهو ڪَمُ،
جان جان دعوا دمُ، تان تان پَرت پنوھار سين.
بيت - 18
تنهن کَوڻِ ٿي کِنواءِ، جا ڏِسِ ڏاڏاڻن جي،
ساريو سانِبيَڙن کي، رويو رات وِھانءِ،
سوٺَاڪَيم سُهاءِ، عمرَ بندياڻِين کي.
بيت - 19
جِت ڀُنگا،ڀٽون،ڀِيڻيُون، تنهن کوڻِ ٿيون کِنونَ،
پائر سَڀ پُسائيو، وَسي وڄڙيَن،
ماروءَ ري مَ مَرَن، الله آسائَتيون!
بيت - 20
جِت ڀُنگا، ڀٽون،ڀيڻيون، تنهن کوڻ ٿي کنواءِ،
سا وِڄُ پَسيو وِندُران، مون رُئندي رات وِھانءِ،
سيليتَينِ سُهاءِ، مارو جو ملير جو.
بيت - 21
پَهري ڪيا پَٽن ۾، وِڄڙيَن واڌاڻا،
سُور اُن جا سومرا، مون کي اندَر اُڌاڻا،
اُٺي وِئڙا اُڪري، عمرَ اباڻا،
ٻڪرَ ٻاٻاڻا، پَسان شال پَر ڪَنهين!
بيت - 22
وڄڙين ويَس ڪيا، مٿي آئي مُند،
اکيون اباڻن ڏي، بس نہ ڪرين بَوند،
ھِيئن نہ ٿيَس ھَوند، جي ڪر لڌائون ڪَڏھينِ.
بيت - 23
جِت کَرُڙَ، کَٿا ۽ کاھِيون، پالَ، پَڪا ۽ پَڪَ،
سَرھيون سي سرتيون، جي حاضُرُ پاسي حق،
ماڻِيان شال ملير ۾، مندائِتي مڪ!
کِينڪارِيان خَلَقُ، جا ٿَرڄائي ۾ ٿُوھَرين.
بيت - 24
پڪا پَنوھارَن ڏي ميوا، مَڃَرَ، مَڪَ!
عمر اَتِ اُڪنڊِيون حالُ ھَماري حَقَ،
لوئيءَ ۽ لڪَ، سَمنَ سُپيريَنِ سين.
بيت - 25
پانڌي پرئين پنوھار جو، مُون وَٽَ جو آيو،
تہ وٺا مِينهن مِلير ۾، سڀڙَيهہ سوايو،
ٻاجهر پَڪي،ٻاجهہ ٿي، لٿوڏولائو،
سو سرتين ساڃائو، سو ھنيون ھت نہ وندري.
بيت - 26
پانڌي، پرينءَ پَنوھارَ کي، چيُم تِئَن چَئيج،
سَندا سَنگت ڏِينهَڙا، ورَ مَ وِساريج،
ڪوٺين ڪُٺي آھيان، سگهي سارُ لَهيجِ،
مُٺِ مانڌڻي مجيج، تہ نِيرَنَ ۾ نئون ڪَريان.
بيت - 27
پانڌي پرينءِ پنوھار سين، روئي ڪج رِھاڻ،
جئن ٿَرَ وَڄُون وٺيون، تئن آءٌ سُورن ساڻ،
ڪجاھہُ ڪا وَراڻ،ڏُکَن ڏِيلُ ڏَھِيُون ڪيو.
بيت - 28
پانڌي پِرينءَ پَنوھار جا، جان تون وڃين وَسَ،
ساري ڏيج سَرتِئين، سَلامَن سَهَس،
آءُ اوھان جي آھيان، گولي مَٿي گَسَ،
ويٺي ڪريان وَسَ، ايڏي جي اچڻ جا.
بيت - 29
پانڌي چئج پرينءَ کي، زور ھَڻي جانا،
پيڪَڙا پيرنِ ۾، ڪَرائِيَن ڪانا،
آن ريءَ امانا، گَهنگهر گهاريان ڏِينهڙا.
بيت - 30
پانڌي پرينءَ پنوھار جا، نِياپا ني ڪي،
ساري ڏيج سرتئين، ياد پونئي جيڪي،
وليُون، وَڻ ڦُلارِيا، ڪِرڙ پَڪا ڪي ڪي،
سڱر کِين سرتيون، سييُن، جِئَن سيڪي،
زيريون ڀڃي جيڪي، ملان مارئَڙن کي!
بيت - 31
مارئي ناھہ ملير ۾، نڪا وَٽ حَمِير،
پنهون ڪونهي ڪيچ ۾، نَڪي سڌُ اَمَيرَ،
مُومَلَ ڪونهي ماڙِئين، گنجي ناہ فقَير،
وَرَ ڇَڏيو، واھُڙَ تِري، ساھَڙُ منجهہ سَرِيرَ،
قُبَن ڪينهين پَير، مُرشد مَساڻن ۾.
بيت - 32
جي ھِتي ھُئي مارئي، تہ لَڌيَمِ ڪَرَ ڪيڻاس،
ارادا سئم عمر کي ويجهو ٿي وٽانس،
جي نہ ڇڏيائين،ڪِ جَهليائين، تہ پنهنجو انگ آڇِيانس،
لاھي لوھہَ لطيف چئي، ھِتان ھُوندَ ھَلانس،
موکي مليرَ سامهِين، وٺي ٻانهن وڃانس،
رَھَبر ٿي ريڙِھيانس، سُونهاري ساڻيهہ ڏي.
بيت - 33
ننگا آھِين نِڱيا، اَسين مارو لوڪ،
ٿَرَ کي ڀانيُون ٿوڪ، جو ڍڪ ڍاٽيڙن جي.
بيت - 34
اوڏا جان ھئا، تان نِتُ نياپا آئيا،
ماروئڙا ملير ڏي، واري وَڳ ويا،
تنهين ڏوھہ ڪيها، جن ڏيئي ڏوراپا چائيان؟
بيت - 35
کنيائون کائر ڏي، ساري ھاج ھِئان،
لائي لَڏَ، لطيف چئَي، پرِئين ٿَرِ ٿِيا،
ڇڏي ڳڻُ ويا، ماروئڙا ملير ۾.
بيت - 36
کاھڙيان کڻي، مُنهنجا ويڙيچا ويا،
لنگهي لَڪَ لطيف چئي، پرين ٿَرٿيا،
جيڏيون جاڙ جَيان، مُنهن ڏٺم مارُوئين.
بيت - 37
کاھڙيان کڻي ويا، ٿَرڪيائون ٿاڪَ،
سانگي لڏايا سومري، ڪري مَنَ مراڪَ،
جڪس پروڙيا پاڪ، امر اباڻن سين.
بيت - 38
کاھڙيان کڻي ويا، رھيا ڍٽان دَور،
سڀ لڏايا سومِري، عُمرَ ڪري اور،
وڏي ڪنهن ضرور، مارُن ملير مٽيو.
بيت - 39
کاھڙيان کڻي، وڃي ڍريا ڍَٽ،
اُوءِ پهري ويا پٽ، ڪنهن سين ڳرھيان ڳالهڙي.
بيت - 40
کاھڙ ڏانهن کڻي ويا، مون سين ڪري مٽِ،
ماروئڙا ملير جي، ويڙا ڇڏي وٽَ،
ڪينهيڪي مون وٽ،ڪنهن سين ڳرھيان ڳالهيون.
بيت - 41
کاھڙ ڏانهن کڻي ويا، ڳالهيُون ڳُڻ ڇڏي،
سنڪي سندي سومري، وئڙا راڄَ لڏي،
وڃي ويٺا ويڙھئين، اَجايُون اَڏي،
آءٌ ڀري ڀاڳ وڏي، ملنديَس مارُوئڙن کي.
بيت - 42
کڻي کاھڙ ڏي ويا، ڍَٽان پڻ ڍَري،
سُور تَنين جي سُومرا، سگهان ڪين چُري،
جهوريءَ تن جهُري، مري رھنديس ماڙئين.
بيت - 43
کاھڙ ڏانهن کڻي ويا، لڏي لاڏاڻا،
وڃي ڪيا وِيريين، تن ٿَرن ۾ ٿاڻا،
سي پَکا سونهن پٽ ۾، تن ڀاڳين جا ڀاڻا،
عُمر اباڻا، ڏٺي مُون کي ڏينهن ٿيا.
بيت - 44
کاھڙ ڏانهن کڻي ويا، مٽيائون ملير،
وڃي پانئر وٽِ ۾، کلي پيتائون کِير،
تن عُمَر اباڻن کي، ساري ٿو سرير،
زيريُون لاھہ زنجير، تہ سَرتيون پسان سُومرا.
بيت - 45
کاھُڙيان کَڻي ويا، ڍريا مٿي ڍَٽَ،
جتي آبُ اگوندرا، پاڻي مٿي پَٽَ،
آءٌ ڪيئَن اُن ري سُومرا، کلي چڙھان کَٽَ،
گهُٽيءَ مرنَديَس گهُٽ، مارُن ڌارا ماڙئين.
بيت - 46
تَئن ڳَنڍيُون مَنَجهہ ڳَنڍيرَ، تئَن مون منُ ماروئڙن سين،
سي ماروئڙا ٿَرِ ٿيا، جي ڳُڻن جا ڳھيرَ،
تنھِين ري حميرَ، گَهنگَهر گهاريان ڏينهَڙا.
بيت - 47
جئَن ڳنڍيون منجهہ ڳنڍيرَ، تِئَن مون مَن ماروءَ جون،
ڏنيون لَسَ، لطيف چئي، ھينئڙي کي حميرَ،
وڃي منجهہ ملير، سڀ ڇوڙِينديَس سومرا.
بيت - 48
سي ٿاريل اٿَرَن ۾، جي مان گهٽَ گهري،
وطن وَسَ وَسَندي، ھنئَڙي نِتُ ھُري،
اَندرَ چِتَ چُري، ورھہ ويڙھيچن جو.
بيت - 49
وَنهيان ٿين وٿاڻَ، ڏوکاھي ھُئان جي،
اوءِ ڀيڻيُون ۽ ڀاڻ، موٽي مارُن اڏيا.
بيت - 50
ٿورا مَنجهہ ٿَرَن، مون سين مارَوءِ جي ڪيا،
عمَر اُن ڳُڻن، آءٌ ڪِيئن لوئي لاھِيان؟
بيت - 51
ٿورا نہ ٿورا، مون تي مارئڙن جا،
ڀلائيءَ ڀيرا،ڳڻي ڳڻِيان ڪيترا؟
بيت - 52
ھَڏِ نہ پَڙان ھيڪڙي،ٿوري ٿَرَ ڄاين،
مون کي ماروئڙن، ميري ڪَري نہ مٽيو.
بيت - 53
نِيرُ نہ لَهي نينهَن جو، لوھہ ويا لَهي،
ڪُنجون جي قُلَفن جون، سيڻن ھَٿ سَهي،
ويڙا راڄ رَھي، ڏِيان ڏوراپا ڪن کي؟
بيت - 54
نير نہ لهي نينهن جو، لوھہ جا لهي ويا،
مارُن ڌاران ماڙئين، مون ڏھلا ڏِينهن ٿيا،
ڏيهي ڏُور ويا، ڏيان ڏوراپا ڪن کي؟
بيت - 55
مَنئان ماروئڙن، ھڏ نہ ويئي وسري،
قيد ڪيس ڪوٽَ ۾، ڏاڍ سين ڏاڍن،
پوءِ پَليو پنوھارَن، سوس منهنجو سومرا.
بيت - 56
سُڻي ساڻيهہ ڳالهڙي، وِھسي وِيڙھيچي،
سڀ سُڌ پِيم سومرا، ھِتي ھتي جي،
ڀينَر ۽ ڀيچي، سَوايا سارِين مون.
بيت - 57
سڻي ساڻيهہ ڳالهڙي، لهي ويا لوھہَ،
اَندر جا اندوھہَ، لَٿا ڏُک سُک ٿيا.
بيت - 58
توکي توڙان نئي، لِکي عمر اَڇائي،
جنهن تو سامائي، مامَ نہ ڀڳي مارئين.
بيت - 59
جيئَن عُمر اڇو تُون، تيئَن آءٌ مرڪان وچ مارُئين،
منهن نہ ميرو مُون، سيل تُنهنجي سُومرا.
بيت - 60
آءٌ مارُن ميڙائو گهران، مارو گهرن مينهن،
ڪيس نماڻي نينهن، وَھَين ويڙھيچن جي.
بيت - 61
آءٌ مارُن ميڙائو گهُران، مارُو مينهن گُهرن،
ساڏوھيون ۽ سرتيُون، ھئين منجهہ ھُرَن،
ھڪ لڱِين لوھہَ چرن، بي وِجهل ويڙھيچن جي.
بيت - 62
نڪي ڏونرا ڏيهہ ۾، نہ سرتيون نہ سير،
ھڪ ڪوٺَين ڪُٺي آھيان، ٻيا زوراور زنجير،
ويٺي ڳوڙھا ڳاڙيان، مارو ساريو مير،
ھانگامَن حمير، منهنجو جيءُ جڏو ڪيو.
بيت - 63
نڪي ڏونرا ڏيهہ ۾، نھ سرتيون نہ سير،
ويٺي نيڻ نچوئيان، مارو ساريو مير،
ھڪڙا ھاڃا حمير جا، ٻيا زوراور زنجير،
جانڪو ستين سيرُ، تانڪي وھنديَس ڪوٽ ۾.
بيت - 64
وِھھُ کائي نہ مرين، ھي مُنهن ڏيئي ٻن،
تان جي ملير ڄائيُون، توسين سنڱ نہ ڪن،
تون ڪيئَن منجهان تن، پاڻ ڪوٺائين مارئي.
بيت - 65
وياڳُڻَن ساڻ، ماروئڙ اٿَرِ اُڪري،
تنهين پڄاڻا ھاڻِ، آءٌ جاڙ جيان ٿي جِيڏيُون.
بيت - 66
ڇڏ سٻرايون سومرا، عمَر لڳَ اَلله،
ٿِيم نہ ٿورا ڏِينَهڙا، ماڙئين ڳارِيَم ماھہُ،
سِڪ منهنجي ساھہُ، ماروءَ جي مَسُ لهَي.
بيت - 67
ڇڏ سَٻرايُون سومرا، مَ ڪر چائَٻ چِت،
جهنگان آڻيو جهلين، ھُتي جيون ھي ھِت،
پڇائيندي پاتشاہ، جمع ٿيندو جِت،
تُون پڻ رھندين تِت، سمجهي گهڻو سُومَرا.
بيت - 68
اڇا ڪوٽ پٽن ۾، ٿو عُمر اڏائي.
ڏمريو ڏيهہ ڌڻي،ٿو ڇاڄا ڇاڻائي،
ڀورو ائين نہ ڀائي، تہ ڪو لوڪ لاڏئو ساعت جو.
بيت - 69
مَڪي رو، م رڙُڪي، ھَنجون ھَڏمِ مَ ھار،
توتان بَندُ بِدا ٿيو، ٻَيڙيُون نيئي ٻارِ،
پهچندِئين پَنوھارِ، سگهي سنگهارنِ کي.
بيت - 70
مَڪي رو، مَ رڙڪي، مَ ڪي ھنجون ھار،
جهڙا اَچنِ ڏِينهڙا، تهڙا ويٺي گهار،
ڏُکن پُٺيءَ سُکَڙا، سگها ٿيَن سَنگهار،
لَٿا لوھہ لطيف چَئي، پروڙج پَنوھارَ،
ٻيڙيون نيئي وار، توتان بند بِدا ٿيو.
بيت - 71
مَڪي رو، مَ رڙڪي، مَ ڪي ڪَر دانهُون،
سُتي لوڪَ، لطيف چئي، ٻيئي کڻجَ ٻانهُون،
لڌَئي جت لائون، سو ڏيهہ پَسندِئن مارئي.
بيت - 72
مَڪي رو، مَ رَڙڪي، مَ ڪي ڪَرڪِيهُون،
اِتي اَچن اڳِهين وانڍن جون ويهون،
ميڙيندوءِ مِيون، مينهنِ اُٺي مارئي.
بيت - 73
ھتي ويٽين وڏيون، ھُتي تا نہ ھئا،
ٻڏي تا نہ مئا، پاڻي پائي پاٽ ۾.
بيت - 74
ڪوڪو وڻاچو ويڙھہ ۾، ويا سڀ وِرک،
سندي مَينَ سِڪ، گڏي گونرن نہ لهي.
بيت - 75
اِيءَ نہ مارن ريت، جيئَن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي عُمرڪوٽ ۾، ڪبي ڪانه ڪريت،
پکن جي پَريت، ماڙيءَ تي نہ مَٽيان.
بيت - 76
لوئِڙياري آھيان، واريان تان نہ وَرَق،
ڪَنڌَ ڪاسو، پٽَ پاسو، ڏٺم تَنَ تَرَڪَ،
سانڍيم سُپيرين لَئي، اَندرُ لوئيءَ لَڪُ،
سندو ماروءَ حَقُ، جان جِيان، تان پاريان.
بيت - 77
چِڪي چِڪيَمِ چاڪَ، وَنهَيَن ويڙھيچن جا،
واجِهيندي وِصال کي، فنا ڪَيسِ فِراقَ،
سيئي سارِيمَ سُومرا، ٿر جِنهين جا ٿاڪ،
ماروءَ جي اوطاق، گهڻو اُڪنڍي آھيان.
بيت - 78
اڄ پڻ چڪيم چاڪ، ونهين ويڙھيچن جا،
سُورَن اچي سومرا، اندُرِ ڪي اوطاق،
ماروءَ جي فراق، ھڏَ منهنجا ڪَپيا.
وائي - 1
تَپُ تَڙيائين، سمُنڊِ وڌائين، نيائين مرضُ مؤمنن تان،
اگها سڀ سگها ٿيا، ڏکندو ڏُور نيائين،
گروھہُ گودڙينِ جي، سلَڪ صحَت ڏَٺائين!
ميڙي مُريدَ پنهنجا، رحمت ھيٺ رَکيائين.
وائي - 2
مون مَنُ ماروءَ جو ماروءَ جو منهنجو،
مُنهن منهنجو سومرا، مرُ ميروئي ھوءِ،
ڌوتوءِ ڌوران ۾ متان مارو چوءِ،
لارون جي لڙڪنِ جون، ڳِنهي وڃان توءِ.
سُر ڍول مارئي
فصل پھريون
بيت - 1
اُتَر واوَ کِوَندي، پَهلي مُوسمُ مينهُن،
ٻالاپڻَ رو نِينهُن، والا جم وسارئين.
بيت - 2
اُترڏيسان آوَڻيان،ڏکَڻ سانوَڻِيان،
ڍولو نروَر سيرئين، ڌَڻُ ٻَڪَرَڪڙيان،
پُڇوڪُونجَڙِيان، تہ ڪُون ھياري سَڄَڻين.
بيت - 3
ڪُونجان راتِ ڪريڙيو،ٽوليءَٽوليءَ بيسَ،
سُتي ڍوُل سنڀريو، موري اُرلي ڀاڳي ايس.
بيت - 4
ڍاٽي جي ڍول ملي، تہ ڍولاڻي ڪَهيج،
ڪرسَڻ پَڪو،ڪَڻُ ڇَڻِيو، لائو آپ ڪَريج.
بيت - 5
ڍاٽِي جي ڍول ملي، تہ ڪهڙي سَنئين لڄ،
اکيان ڪاجل موھِيان، تلڪ ڪسي پَرَ پَنگ،
پَهہ پَهہ پَنڌُ پهُورئين، لوسَٽ لوسَٽ لُڪَ.
بيت - 6
ڏيبُوءَ لَکَ مناڙڪَر، تَسڪرَ جيسي تڪَ،
سَرَو، سَسو، نيسرو، ماروءَ پاسي لَڪَ.
بيت - 7
اُر سُونگاھھُ سپيان، ڏندُ تھ ٻَٽِيھھٻاڻَ،
ڍولَ تُماري مارئي، جيئَن سا ھَنجَ نِياڻ.
بيت - 8
اُر سُونگاھہ سِپيان، نينُ تہ وِنگَٽَ وِنگَ،
ڍولَ تُماري مارئي، ھَڻي ٻاڻَ نهنگِ،
ماري منڌَ نِسنگ، چاڙھي سيڱ ملَڪَ جيئَن.
بيت - 9
آمان پَڪا آميان، وَڻَ پڪا وڻيان،
گوري گرجن سڀ پَڪا، رسُ وھي نيڻان.
بيت - 10
اُرھہ اُر سونگاھہ سِپيان، نَين تہ مَنجهو منجهہ،
ڍول تماري مارئي، ھَڻي کَرندا ھَنجَ.
بيت - 11
سِيپ پُٽائي پاتلي، ڍويوڌاڃ نہ کاءِ،
ڪَريهَرَ جَيسي ڪامڻي، ھاٿُ لڳي مرجاءِ.
بيت - 12
رَم ھُون ناھہ نِسَنگ، رَم ارور پاسي ڪَنٿَ،
گوشي تريون ڪمان جي، ڪڀون نہ ٽُوٽي لَکَ.
بيت - 13
رمُون ناھہ نِسنگ، رمُون اُر سين لاءِ،
ڦُلان ٻَريٽارَڙي، ڀورا ڀڳي جاءِ.
بيت - 14
ڍولا! مارئي اَيسي پاتلي، جَيسي رَينَ کَجُور،
مُنهَن مِيٺي، گُڻ گُڻي، تو ڪِئَن ڇَڏي دُور؟
بيت - 15
اڀي سُورجَ سامهين، مَٿو ڀَري ميٽ،
طاسَ نَپني پيٽ، ھِيم ورني مارئِي.
بيت - 16
ساچي ٿيان سينگڙي، رنمَلَ ھاٿ ڪَري،
وڙھندي سرِ وَيرِئين، ڪَوڏِ ڪُسِيانڏي.
وائي - 1
مين تان نگني، سا ڪنهن سنگ جائي، ري پي مون ۾ ڳڻ ايڪو نهين،
ھيڪ جِئَن ڪوجهي،ٻيجا صورت نهين، توسان لڳا مورا جي،
شاھہَ نجف ڪي نَوبَتَ لاڳي، پهلي ٽڪور سين جاڳي.
وائي - 2
مليو مارُو مون کي، حيلن حالن سان مليو.
چوڪي چاري ڪيترا، بيٺا واٽون جَهليو،
ساري سپيرين کي، جيرو منهنجو جَليو،
گَهرَ جو مَحرَم منگتو، درد پيتَمَ پَليو،
ڪوڙين ٻانڀڻ ڪيترا، وَجهَنِ کَڏُن کليو،
نِڪِريو نَروَرُ سيرئِين، راجا رِنمل رُلِيو.
سُر ڌناسري
فصل پھريون
بيت - 1
تون پيرن جو پاتشاہ، تون پيرن جو ڀرم،
الله لڳ احسان سين، ڪي نهارج نرم،
بغدادي، بلال چئي، رک وڏا شيخ شرم،
جو منجهين مون مَرم، سو غم گيلانِي ڪٽئين.
بيت - 2
تو تي لڄ لطيفَ، ھِن منهنجي حال جي،
ڪينهين ٻيا قَريبَ، تو ڌاران دوست مون.
بيت - 3
ميان صاحبَ پِيرَ، منهنجا ڀَلا ڀِٽَ ڌڻي،
تُنهنجي آھہَ تڻي،ٻي ڪنڌي ساريان ڪانَڪا.
بيت - 4
ميان صاحب پير، منهنجا موچارا مرِشد،
ھُوءِ لنگهايُون حَد، سڄي جا صراط جي.
بيت - 5
ميان صاحب پير، منهنجا مرشدَ، موچارا،
رَکين ڀِيڙَ ڀِتن کان، سيدُ سُونهارا،
اسين تو وارا، تون داڙو ٿي درگاه ۾.
بيت - 6
تون داڙوٿي درگاہ ۾، ڪر ولهن تي وَڙُ،
سيد لنگهائِين سيگهہ مان، سڄي جو محِشر،
دائم جهليم درُ، تہ عيبَن کان آجو ٿِيان.
بيت - 7
پنپڻيون پَير ڪري،سنبهہ ڏونهن سئيد،
جُمعو شاہ جمال جو عبداللطيفي عيَد،
مَٿان مون مُرشد، قرض لاھہ قُبي ڌَڻي.
بيت - 8
ميان صاحب مرشد، مُنهنجا سَڏَ سُڻج تون شاہ،
آءٌ اوھان جو آھيان، ڪا مهرَ ڪَريو مون ڏانهن،
اکيون لڳ الله، کڻُ پازي ڏي پانهنجيون.
بيت - 9
کڻ پازيءَ تي پانهنجيُون، ميان مهربان،
ڪر تون مِهر مريد تي، سڀن پر سُلطان،
دارُو تون ديوانَ، اگهائي سگها ٿيا.
بيت - 10
اگهائي سگها ٿيا جي پيا آنهنجي پار،
ڳڻن ٻئي ٻاجهہ سين نرمل تون نهار،
ڪامل انهن جي ڪاز، اصل آھي اھڙي.
بيت - 11
ميران مُرشد منهنجا، حضرت پير حبيب،
دادلا درگاہ جا، نوراني نجيب،
سي نالائق نوازيين، گولا جي غريب،
جي لُکن آھن لوڏيا، ۽ ضلالت ضريب،
آءُ قادر جا قريب، مدد ڪَر مريد جي.
بيت - 12
مدد ڪر مريد جي، سگهو تُون سلطان،
ڏياريوم ڏاتار دل گُهريا، منجهان درگَهہ دار،
اَئين دادلا درگاہ جا، داور جا ديوان،
ڪنڌي ساريان ڪانہ، مُحمد ري ٻي مورھين.
بيت - 13
پير منهنجا پاتشاہ، سڳورا شريف،
تون حمايت ھِيڻن جي، ڪوڙا جي ڪثيف،
توڻي خر خفيف، تہ پڻ پازي نوازج پانهنجا.
بيت - 14
ميران مرشد منهنجا، جيلاني جناب،
جي مون سين کسن خارجي، سي ٿين خر خراب،
سڻي سواليءَ جا سڏڙا، اُٿي غوث گلاب،
ڪر وسيلو وير تُون، مُحمد لڳ مهتاب،
واحد وڏا ڪيا تُنهنجا، خاوند سڀ خطاب،
صمداني شباب، تون مدد ڪر مريد جي.
بيت - 15
مددڪر مريد جي، گيلاني گُلزار،
رکو پازي پانهنجو، پير اڳيان پيزار،
نوازي نادان کي، بَڇيا ڪر بيزار،
اَوليان رکي اُن کي سيڙھيون سئين پار،
جي مُون ۾ عيب اپار، سي ڪر تُون نانهن نگاہ سين.
بيت - 16
پنبڻيون پير ڪري،ڪِرَ پناہ ڏانهن پنڌُ،
نِم کٿوري ڪيوڙين، وَڻين مڪو مَنڌ،
آھيم آسابند، پيراڻي پيزِار سين.
بيت - 17
پنبڻِيُون پير ڪري، پَر پيراڻي پار،
ڏِٺي جن ڏئارِ، رَھي نہ رتي جيتري.
بيت - 18
پنبڻيون پير ڪري، پر پيراڻي لوءِ،
سَيدُ پير سڀين پرين، مرشد مٺو ھوءِ،
جي آيا اڳي پوءِ، سي رَسيا حَق حبيب چئي.
بيت - 19
قُبا ڪامل پيرَ جا، مهت موچارا ماڳ،
ساري وٺُ سيد چئي، وانئَن وھلو واڳ،
جنهن ڪوڙين لاٿا ڪيترا، لنگهن مٿان لاڳ،
توکي تنين سين ڪيو، سينڌو ڪنهن سڀاڳ،
جي اِھڙا پِيَرا جَهاڳ، سي من ۾ رکين ميون چوي.
بيت - 20
ساريان سَگهہ نہ ڪاءِ، زور نہ ذرَي جيترو،
مٿان مون مَ لاھہِ پِيرَ پنهنجا ھٿڙا.
بيت - 21
مون تنهنجو آسرو، مَون تُنهنجو ڏڍُ،
مٿان مون مَ ڪَڍُ، پيرَ پنهنجا ھٿڙا.
بيت - 22
مون تنهنجو آسرو، مون تنهنجي آسِ،
ڪَرِئين ڪِيم نراسُ، تن پڻ تنهنجو آسرو.
بيت - 23
وسيلو نہ وَسُ، ڀُنگَي ڀَر نہ ساريان،
پَتڻ ڏيندو پاتڻي، اوڳيءَ ۾ اوس،
حالُ ھمارو پَسُ، سَندا روضن راچيا.
بيت - 24
او لي لڳي اور، پانڌَيئڙا پِيرن جي،
توکي نِيندا توڙ، پَلئيءَ لائي پانهنجي.
بيت - 25
سيدُ سُڃاڻي،ڪوہ نہ ڀرين پِهيڙا،
اوڳيءَ ۾ آڏو ٿِئي، سُڃُن ۾ ساڻي،
لائِق للاڻِي، پيرُ ولايَتَ وِترو.
بيت - 26
وانءُ لالاڻِيءَ لوءِ، جت ولايَتَ وٿُ ٿئي،
مُعرفت مڪان ۾، وَڻُ ٽِڻُ وائي چوءِ،
ساٿِيڙي سڀ ڪنهن، پانڌِ پنيو ٿو پوءِ،
سيدُ پيرُ سَندوءَ، مانَ پَسي حالَ ھٿ کَڻي.
بيت - 27
ولين ڪنهين ڪماندَ، گهر پير نيو سڀ جي،
ھل تہ ھلون ڪانڌ، آڱر لائي ڳڀرو.
بيت - 28
مُون پيراڻي ڪنجڙي، ھل تہ ھلون ڪانڌ،
ڀري کٿوريءَ پاند، جيان اچي سڀ ڪو.
بيت - 29
اڇا پِيرَ سندام، آءٌ ميريائي مَ ٿيان،
واھَر صَحيح ڪندامِ، اڳَ وسوڙي آھيان.
بيت - 30
واھَرَ ڪرِ وَري، پيرَ مَنهنجا مَلهڻا،
آسان توريءَ ناہ ڪا،ڳُتهاندَرڳري،
دستگِيرَ دَري، اُپٽِ ڪا اِحسان سين.
بيت - 31
اجهو جي آڳُ، آھيمِ پنهنجي پير جو،
سَنئون تن سَڀاڳُ، اَڳي جن آر ڪيو.
بيت - 32
آءٌ آسائو آھيان، پير پرڻيان ٿو پاڻ،
ھٺُ منهنجو آرسي، نسورو نادان،
جمين ڀُوڇ بلال چئي، آھيان نسورو نادان،
سڳر تُنهنجي ساڻ، مون کي راھہ رساڻين.
بيت - 33
آءٌ پِيراڻي آھيان، پاڻيءَڍوئِي پاڻَ،
ھَٿ گهڙو، سر سينهَي، تنَ ۾ تاڻو تاڻ،
جي گوليءَ مَنجَهہ گُمان، سي موليٰ تون معافي ڪرئِين.
بيت - 34
ڌن تون ڌناسَري،ڌن تون ٻالا پِيرَ،
ثابتُ لَنگهائِين سِيرَ، مڪي سَندا پاتڻي.
بيت - 35
سيد پيرُ سمنڊ ھي، انت نہ ڄاڻي ڪوءِ،
ماڻِڪَ پاوي سوءِ، ڦِرڦر سيوا جو ڪري.
بيت - 36
سيد پَيرُ سمنڊ ھي، ڄامَن سَندو ڄام،
اگهيو دَرِ اللهُ جي، تنهن ڪامل جو ڪلام،
پري پُڇو پانڌِيا، تنهن گوھَر سندو گام،
جن ڏٺو لال لطيف کي، آيو تن آرام،
ڪون رھيو ڪو خامُ، سڀ سکي ٿيا، صالح چئي.
بيت - 37
صالحَ ٿِي سُڌير، سُڻ ھِنئين سين ھيڪڙي،
منجهان لَنئو، لطيف چئي، پَر ۾ پُڇج پَيرُ.
ڌاران منهن مُرشدَ جي، کوءِ کَنڊُون،ٻَن کير،
جو اسم چوءِ اَمير، ويهہ تنهين سين واڳجي.
بيت - 38
للاڻي لَهر مَڃي سيد مڙوئي سَچُ،
جلي سڀ جاءِ ٿيو،ڪوڙوڪُلکڻُ، ڪَچُ،
محبت جي ميدان ۾ مَردَ ٻاريو مَچ،
سچ منجهان ئي سچ، ڪوھہ نہ پئين پهيڙا؟
بيت - 39
وڏل وڏو ٿي، آھيم تنهنجو آسرو،
ڌوٻِين جِئن ڌوئي، عيبَن کان آجو ڪَرئين.
بيت - 40
جي تون اَسائو آھئين، تہ ھلي پس حبيب،
ترت ۾ طبيب، ٿيندو وڏل واڍوڙين جو.
بيت - 41
جي آسائو اَھئين، تہ ڪَرِ ڀِٽ ڀيرو،
سونهاري سيد جو، ديک وڃي ديرو،
ترت ۾ تيرو، مطلب مڙوئي ٿئي.
بيت - 42
متان منهنجو پيرَ، ڍنگَهرَڍَيلي ڇَڏئِين،
اُونهون تون اُڪارِئين، صاحب، شيخَ سُڌِيرَ،
جيلاني جَهانگِيرَ، ھٿين جهَلج ھاڻ مون.
بيت - 43
تون جيلاني جاڳُ، ميران شاہُ مدد ٿي،
غوث خطائون گُم ڪَرِ،ڀير اَسان ڏي ڀاڳُ،
سگهو وار سَڀاڳُ، سائين لڳ سيدَ چئي.
بيت - 44
ميران شاہ مدد ٿي، مٿي الدين ملهي،
آھي عبداللطيف جو، وسيلو ولي،
حَسني پير ھلي، ڪرڪا ماڙ مُريد تي.
بيت - 45
ميران شاہ مدد ڪر، دانهن سُڻي دادي،
آھين عبداللطيف جو، حَسني تُون ھادي،
بادشاه بغدادِي، ڪرڪا ماڙ مريد تي.
بيت - 46
ميران شاہ مدد ڪر، اچي اَھکيءَ وير،
الله لڳ لطيف چئي، ڀر پازيءَ ڏي پير،
اولاد علي شير، ڪج ڪا ماڙ مُريد تي.
بيت - 47
پَير منهنجا پاتشاہ، ڀَلا ڀَرجهلا،
جيڪي مدعي مُنهنجا، ھَڻُ تَنِ کرن کي کَلاَ،
گهٽي ڇڏ گڏِين جا، گيلاني گلا،
جن سُڃن جي ستايو، بُڇن برمَلا،
جا مٿي مُون بلا، سا بغدادي بد ٽار تون.
بيت - 48
پير منهنجا پاتشاہ، وسيلا وريام،
اگهيا تُنهنجا الله در، ڪامل سڀ ڪلامَ،
ڏني توکي ڏيهہ ڌڻي، ضعيفن زمام،
آھين آل رسول جو، حَسني تون ھمام،
مدد ڪر مريد جي، الله لڳ علام،
آءٌ سيد پيس تو سام، مُرشد رسُ محمود کي.
وائي - 1
ڪونَ ٻُجهي ڪجهہ دل دا، ھاديءَ بِنا ڪون ٻُجُهي؟
الله والي ڪَرمَ ڪَرَيگا،
ربُ دليان دا قُفلُ کوليگا،
اِھي ڳالهيان چنڱِيان لوڪو، يار اَسان ڏا دل دا،
روز ازلَ ڪَنو عشقُ پڙھيوسين، نامُ سائين دادُ رسُ ڳڌوسين،
تِکي رمز نيڻان دي لوڪو، لوڪ واقِف نهين دل دا.
فصل ٻيون
بيت - 1
مُنهن مُناري سامُهون، توڻي ڪافرِ ڪَن،
تہ مڱر مَٿان تُنِ، ڏِيهاڻي ڏور ٿِئي.
بيت - 2
منهن مناري سامهون، پَٽَنِ مٿي پير،
پيرُ نہ ڇَڏي پانهنجا، توڻي ڏڏ ڏَڦير،
شَرفَ تُنهنجي شير، نالائِقَ نوازِيا.
بيت - 3
منهن مُناري سامهون، ڏِٺم نوري نِيلَ،
ٻَرنُ ٻاھَر مَنجِهہ ٿا، ڪوڙِين جت قَنديل،
حَضَرت جي حضور ۾، زاريُون ڪَن ذَلِيَل،
سيد پير سبيلَ، ٿو پوڄَ پياري پهيڙا.
بيت - 4
لڳوٿو لهريُون ڪري، نُور نيلڪُنِ ساڻُ،
مون تان کڻَ مَ پاڻ، پرياڌا پيڙھيءَڌَڻي.
بيت - 5
لڳوٿو لهريون ڪري، نور نيلڪن وٽ،
مون تان مهر مَ مٽ، پرياڌا پيڙِھيءَڌڻي.
بيت - 6
پيرانديءَ پِيرنِ جي، جُنبي ڪجي جاٽَ،
جنهين سنديءَ واٽ، ماڻڪ لَڀَن مَڱريا.
بيت - 7
پيرانديءَ پيرن جي، جنبي ڪجي جاٽا،
جنهين جي واٽان، ماڻڪ لڀن مڱريا.
بيت - 8
مل مُلتانيءَ پير کي، نوئي نائي ڪنڌ،
اکڙين شاھہ عنايت چئي، آھہ اوڏانهين پنڌ،
جيئَن تارن ۾ چنڊ، تيئَن شيخان سونهن بهاؤالدين.
بيت - 8
شيخان سونهن بھاؤالدين، نبيان نور رسول،
حضرت پير حضور ۾، آھہ موليٰ در مقبول،
قادرڪر قبول، اگلو آءٌ عنات چئي.
بيت - 10
روضو شاہ رُڪن جو، گوھر مٿس گلَ،
سماع جا سيد چئي، ھاتڪ ڪرين ھَل،
اھڙا پِير اَمُل، ڪوھہ نہ ڀيٽيو ڀيٽئين.
بيت - 11
ڪر قادري پير ڪرم، مٿي پازيءَ پانهنجي،
جو منجهين مون مَرمُ، سو غم گيلاني ڪٽين.
بيت - 12
جي اَجهي تُنهنجي آئيا، ڪوجها پسُ ڪريم،
پائي پنهنجي پاٽ ۾، سگهو ڏي سليم،
ھٿان تو حليم، وڙ پڻ وڃن واسيا.
بيت - 13
پير منهنجو پاتشاہ، جيلاني جليل،
دادلو درگاھہ ۾، خالق جو خليل،
حَسني ھيڻو آھيان، تون واھر ٿي وسيل،
داتا منهنجي دل کي، ڏي دلاسو دليل،
ذلت ڪيس ذليل، بادشاہ رَسُ بغداد جا.
وائي - 1
ھَر جا آھي ھادي، پير پنهنجو پاڻ سين،
سَمر آھي سڃ ۾، وفادار برادي،
ميون مُريدن جي، دَانهن سڻيندو دادي،
ڪوٺيندو قُربَ سين، مَهند ٿيندڙ منادي،
آھي عبداللطيف کي، سوءَ اُسي ڪي شادي.
سُر پُورَبَ
فصل پھريون
بيت - 1
ڪَري ڪانگَ ڪُرنشون، پيرين پرينءَ پَئيج،
آءٌ جو ڏِينئي سنيهو، وچ مَ وساريج،
الله لڳَ لطيف چئي، ڳجهوڳالهائيج،
چئان تئَن چئيج، تہ کنِياتا خوش ھُئين.
بيت - 2
اُڏر لڳ الله، ويلو ڪَر مَ وچ ۾،
آءُ جو ڏِينئي سَنيهو، سانڍِ برابر ساہَ،
سندي ڳُجهاندَرَ ڳاہَ، ڪهِج مَ قَريبَن ري.
بيت - 3
آءٌ اُڏامي ڪانگڙا، پارانڀان پَچار،
ويهي ھِت وصال جو، تان ڪو تَر تنوارِ،
جي ڏِسَڻَ ۾ ڏيسار، سي اُڏامي اَڻ پِرين.
بيت - 4
پارانڀان پچار، مَٿي لامَ لطيف چئي،
ڦير مَ فضيلتَ تون، جا ڪر اوھان جي ڪارِ،
جي ڏٺئي ۾ ڏيسار، سي اُڏامي آڻ پرين.
بيت - 5
وَھلو وَرَ، وريا پِرين، آءُ ڪانگا، وَڻ ويهہ،
جنهين ڏور چِتايو ڏيه سي اُڏامي آڻ پرين.
بيت - 6
وھلو ور، وريا پرين، آءُ ڪانگا، لَنءُ لاتِ،
ويا جي قَلاتِ، سي اُڏامي آڻ پرين.
بيت - 7
ڪَانگل سيئي ڪوٺ، پرين جي پرڏيهہ ويا،
جنهين ريءَ جهانُ ۾، اَکڙين آروٺ،
الله لڳِ، لطيف چئي، ڳاراچوڪج ڳوٺ،
جي ڏَمريا ڪنهن ڏوٺ، سي اُڏامي آڻ پرين.
بيت - 8
پرين جي پَرديس ۾، تن جي ڪانگا ڪج خبر،
تہ سڀ مڙھايان سونَ سين، پکي تُنهنجا پَرَ،
گُهمي مٿان گهرَ، ڏج پارانڀا پرينءَ کي.
بيت - 9
آءٌ ڪانگا، وَڻِ ويهہ، سُڌيُون ڏي ساڻيهہ جون،
چڱا ڀلا سُپرين، ڱَ سُک وَسي ساڻيهہ،
پرين لئي پَرڏيهہ، مون تان گهڻو نِهاريو.
بيت - 10
ڪَر کڻيوڪانگ لنئي، مُنيءَ تي مضبوط،
آڻيوڏي آتَڻ ۾، سنيها ثابُوت،
ڪانگلَ اَٿون قوت، پيغام پرين جا.
بيت - 11
مٿان مَنَهہ منهنجي، ڪنهن اُڏايوَ ڪانؤ؟
ڳِنهي آيو ڳالهڙي، سَندي سپيريانءُ،
جيڏيون جاڙَڪيانء، سئَم ھُوندَو سنَيهڙِو.
بيت - 12
ڪَڍي ڪانگا تو ڏيان، ھِنئون ساڻ ھَٿن،
وڃي کاءُ ولاتَ ۾، اڳيان عَجيبن،
پرين مانَ چَوَن، تہ ھِئَن قُرباني ڪيرَ ٿِئي.
بيت - 13
ڏائي چَڙھي ڏارَ تي، ڪَي جو ڪانگَ ڪَهيو،
سُوريتيءَ سُور پَٽي، پَهر پَٽ ھنيو،
کامي ارٽُ کنيو، ويچاريءَ ورُونَهن مان.
بيت - 14
ڏائي چِڙھي ڏار تي، ٿو زاغُ ڪَري زاريُون،
آڻيون ڏِئي آتَڻَ ۾، سنيها ساريُون،
ماٺ ڪَريو مارِيُون، تھ ڪَهيو سُڻيان ڪانگَ جو.
بيت - 15
ڏائي چڙھي ڏار تي، ڪا جا لات لَتي،
آتڻ ۾ اندوھہ ٿيو، سَگهي ڪانہ ڪتي،
ويڙھي مَنجهہ وَتي، ڪي جو ڪانگ ڪمائِيو.
بيت - 16
ڪي جو زاغَ زبانَ سين، لَنيو مٿي لامَ،
پهچايائين پرينءَ جا، سرتيون رات سلام،
ڪا ڪيون ڪَتي ڪامَ، تہ ڪَهيو سُڻيان ڪانگ جو.
بيت - 17
اچيو اچيو پون، واڪا ڪيو وڻن ۾،
سنَيها سيڻن جا، چَوٽيءَ چڙھيو چون،
ڪانگ نہ ڪُوڙا ھونِ، پَريان سَندي پارَ جا.
بيت - 18
پَريان سندي پار جو، ڪانگلَ نہ ڪُوڙو،
اچي وڃي وِچ ۾ مَٿي درَ دوڙو،
جو اندَر اوسيڙو، سو لاٿائين لطيف چئي.
بيت - 19
ڪانگَلَ قَريبن جا، اچي وائيءَ وَڻُ،
تو ۾ بُوءِ بَهارَ جي، مُشڪ کَٿوريءَ مَڻُ،
اچي عَجِيَبن جو، اورانگهج اڱڻُ،
توکي پَسي تڻ، سورَنئان صافَ ٿئي.
بيت - 20
آنديُون ڪانگ قريبَ جون، اڄ واڌايُون واھہ،
منُ مُرادون پُنيون، ٿيون سَراھيُون ساھہَ،
اَندا پرين الله، سَڏَ منهنجا ساب پيا.
بيت - 21
ڪانگل ڪوھُہ ٿِيوءِ، پيو آھِين پٽ ۾؟
اڳي اُس تِڙڪو نہ سهين، اڄ سارو ڏينهن سٺوءِ،
پَسي حالَ سَندوءِ، ڪانگن ڪانگوروڪيو.
بيت - 22
ھُئين وسيلو وچَ ۾، ڪانگل پاڙيئي ڪانَ،
اٿئي ڪينَ عجَيب کي، ظاھَر ساڻ زبان،
توڙِ پهتين تان نہ، اوريان ئي آڻيو ڏئين.
بيت - 23
ڪانگَلَ تُنهنجيءَ ڇانگَ، جَڏو جيءُ جياريو،
مٿان لامُن لَتَ ڏيو،ٻولئين سر ٻيلانگ،
اُڏرِ مٿان ڦانگ، تہ گهر جاونِ آونِ پرين.
بيت - 24
ڪانگا نيئي ڪانگ، منهنجي ڏي محبوبَ کي،
لالَن لايئي ڏينهڙا،ڪنهن سٽاڻي سانگ،
اوھان ريءَ اڙانگ، ويٺي ورَھہ وسائِيان.
بيت - 25
آءٌ ڪانگل تو ڏيان، چٺي چورائي،
منهنجي ڏج محبوب کي، لوڪان لڪائي،
پرين پڙھائي، مانَ سڌ لهن سُور جي.
بيت - 26
اڱڻان ھيٺ نہ اُتري، ڪانگا ڪانگ ڪري،
پِريان سندي پار جي، ڪانگل ڳالهہ ڳري،
پٽ نہ پير ڌري، اُڀو چئي آيا پرين.
بيت - 27
آءُ ڪانگا ٻهہ ڪول، سُڌيون ڏي ساڻيهہ جيون،
جي آندئي عجيبن جا، سي خط خوشيءَ مان کول،
آءٌ سَڻان تُون ٻول، سنيهو سڄڻ جو.
بيت - 28
ڪانگا ڪتابت جي، آنديئي خوب خَبر،
لَس تنهين لِکيا، دلاسا دلبرَ،
ھينئڙو مُون ھَر ھَر، واچيو واچيو وندري.
بيت - 29
ريءَ پريان پَرديس ۾، ورھہ وِڌي ڪي وَسَ،
اکيون پار پرين جي ٿيون، گام نهارين گس،
ڏيندا پانڌي ڏس، کينءُ جون آڻي خبرون.
بيت - 30
زاغَ تنهنجيءَ ذات جو، ٿورو مٿي مون،
اُڏائج عبداللطيف چئي، صُبح سيڻن ڏَونهن،
ڪجَ وينَتيُون وتَريون، ٻاجهائجِ ٻَهُون،
تھ لالن ڪونَ لَهُون، جِهو تو جَهان ۾.
بيت - 31
قريبن جو ڪانگڙو، مٿي ٽارٽِلي،
کڻيو کنياتو خبرون، کِيرون ڏِيو کِلي،
لائي جنهن لاَلَن سان، منهنجي باتِ بلِي،
سو ور چشمن تي چلي، جو درباري دوس جو.
بيت - 32
ڪانگلَ! قَاصَد پرينءَ جا، اڱڻ آيو ٽَل،
بيائيد، بَنَشَينيد، مُحب مون کي مِلَ،
زاغ گُفت فَهميدَم، خُش حال ويٺو کِلُ،
غراب نہ غافِل، جنهن تعنا تُنڪا لائيا.
بيت - 33
ڪُتو جي ڪانءُ، پريان سندي پارَ جو،
اُنهين مَٿان آنءُ، ڪَوڙِئين قُرباني ٿِيان.
بيت - 34
سوڪانگُ مَ قاصِدُ ڪَر، جو سدا ڍُونڍي ڍُونڍ کي،
ڪ ڪندو پنهنجي پَيٽ جي، ڪِ ويندو دوسن دَر،
جنهن جي ٻولِيائي ٻر ٻر، سو نياپا نيئي رھيو!
وائي - 1
سائِين سَڱ سندومِ، مَ ڇڄي سين جوڳِئين،
ھَلَڻ جو ھِنگلاج ڏي، آديسين اُتومِ،
نيئي پُورَبَ پارَ ڏي، ويراڳين وڌومَ،
سوئي تيرَٿَ تڪيو، سوئي پنڌُ سَندوم،
ھُو جو تِيرٿ تڪيو، سامِين سُونهايومِ.
فصل ٻيون
بيت - 1
سَدا شوق پِريَن جي، ڦران ڦيريدارُ،
مانُ سَڃيهُون يارُ، اڳان اَکڙِيُون کڻي.
بيت - 2
تن اکِين اُتان سُکَ، کَلندي کَڻن جي،
پريَن پاٻوھَڻَ سان، ڏُورِڪيا سڀَ ڏُکَ،
ماڙُھن ليکي بُک، سامي سُور سَنها ڪيا.
بيت - 3
وچِينءَ ويراڳين جي، مٿي ڪَڻڇ ڪُوڪَ،
محبتي ملوڪَ، ساري سِڪَ سنها ڪيا.
بيت - 4
سامي چائين سُک طلبين، ھوندن جيئَن مَ ھُو،
توکي ويس وڃائيو، ويس وڃايو تو،
سامي آھي سو، جنهن پاڻ وڃائي پُوريو.
بيت - 5
سامي چائين سُکَ طلبين، ھُو مَ ھوندن جيئَن،
لاھوتي لطيف چئي، ھون آديسي اِيئَن،
سي ڪاپڙي ڪيئَن، جي تعلق رکن تڪيا.
بيت - 6
سامي چائين سُک طلبين، وارين نہ ويراڳ،
لاڳاپا لطيف چئي، جوڳي ڇڏي جاڳ.
جيئَن تُون ڀُڻي، سَنرو اِي آديسين اَڀاڳ،
لاھوتي ڪو لاڳ، مرين جي تہ ماڻيئَن.
بيت - 7
سامي چائيين، سُک طلَبئين، سکئَين نہ سامي،
اڃا اورئين پنڌ ۾، ويٺين وسامي،
گُر کي تون نہ گَڏئين، چائِيين انعامي،
دائَمِ مُدامي، پُورو رھج پرينءَ سين.
بيت - 8
سامي چائيين، سُک طلبئين، تَسا ڏئين نہ تَنَ،
ماڙُھن کان منُهن ڪيو، پنين اَٽا ۽ اَن،
ڪاپَڙي تو ڪَنَ،ڪِ چيرايا چَشِن لئي؟
بيت - 9
پُورَبيا پُوري ويا، آسَڻَ آڌيءَ راتِ،
سُيم نہ سناسين جون، پَچاروُن پرَڀاتَ،
ڪاجا جوڳي ذات، مِٽَ نہ معذورن جا.
بيت - 10
پُوربيا پُوري ويا، آسڻ اڄ صبوح،
خستُوري خوشبُوءِ، آھي آديسي گَيا.
بيت - 12
مٿي راه رَوان ٿيا، پُورب پوريائون،
ھي گهرُ گهورِيائون، آڳانڍيائون اڳيان.
بيت - 12
پُورَبَ ۾ پيهي، تان مون گهڻو نِهاريا،
سُڌِ نہ مُڪي سَڄَڻين، جيهي نہ تيهَي،
ھُئا پَرڏيهي، وڄائي واٽ ٿيا.
بيت - 13
پورَبَ ئي مارِياسِ، ڪنهن درِ ڏِيان دانهڙي؟
متيُون ڏيندي لوڪَ کي، چري پاڻ ٿِياس،
جنهين نہ جيهياس، مان لَنؤ لڳي تن سين.
بيت - 14
پَورَبَ پورَبَ تب ڪروُن، جب ھنئڙي آون پور،
سڪندي کي سَڄڻين، نڪوُن لايون نور،
ماريس تنِهين سُورَ، جِئن ساڄَن سُڄي نہ ملي.
وائي - 1
جن جو وارث تون، يا الله! سي ڪِيئَن رھندا نيڻَ منهنجا؟
آگي اُڀَ خَلقيا، ڀلي خلقيائين ڀُون،
جوڙيائين جوڙَ جَهانَ جي، چئي ڪُن فيڪون،
ڪوڙي دنيا، ڪُوڙا پسارا، ڏيَنهن مڙيئي ڏُون،
آھيُون اَلفَ آسري مُحَمدُ مَڃيَون سُون.
وائي - 2
ڪَوا ڪان ڪان ڪَندا، وھاڻيءَ وڻن ۾،
مون ڏٺا مون وسهو، اڳي پيڇي اَنڌا،
اچي عدالت ۾، ويهي وَٺَ وِجَهندا،
حَلالِ ڇَڏيو ھِتهين، مٿي ڍُونڍ ڍَرندا،
ڦٽل ڦهيارَنِ تي، اوريائين اَڙندا،
سَڱُ جيڏانهين سُرھو، تيڏانهن نہ تَرَسندا،
ھنڌ ھدايَتَ جي اُستَخوانَ آڻِيندا،
چمڙي جِئَن چهنبَ وَڍيا، ھُماءَ سين نہ ھلندا،
طالع طائُوسَن جا، پَسيو زاغ جَلَندا،
ھُد ھُد پَسيو ھَنجَڙا، ويٺائي وھَسندا،
ڪوڙا ڪرفِتيءَ تي، سَٽُون ڏيوَ سڙندا،
حَدَ لنگهيائون حق جي، ٻنهين پِير ٻَجَهندا.
سُر ڪاموڏ
فصل پھريون
بيت - 1
تون سَمو، آءٌ گندَري، مون ۾ عَيبَن جُوءِ،
پسي راڻن روءِ، مَتان ماڱر مَٽئين.
بيت - 2
تون سمو، آءٌ گندرِي، مون ۾ عيب اپارَ،
پسي لئي لَغارَ، متان ماڱر مٽئين.
بيت - 3
تون سمو آءٌ گندري، مون ۾ عيبن ڪوڙ،
پَسي کِکَي کوڙ، متان ماڱر مٽئين.
بيت - 4
تون سمو آءٌ گندري، مون ۾ عيبن ويهہ،
پسي ميئڪي ڌيءَ، متان ماڱر مٽئين.
بيت - 5
تون سمو، آءٌ گندري، مون ۾ عيبن لَکَ،
ھن منهنجي حال جي، توکي سڀ پَرَکَ،
ڪارڻ رب اَلَک، متان ماڱر مٽئين.
بيت - 6
تون سَمو آءٌ گندري، عيبَ منهنجي ذاتِ،
تُون سونهاري صفات، متان ماڱر مٽئين.
بيت - 7
تون تماچي تَڙ ڌَڻي، آءٌ مُهاڻي مي،
مون کي ڏُھاڳ مَ ڏي، جا نالي سُيَس تُنهنجي.
بيت - 8
تون تماچي تڙ ڌڻي، آءٌ گندرَي غريب،
توسين ڄامَ قريب، ڪيڏَنُ ڇڏائي ڏيج مون.
بيت - 9
کاڄ جن جو کِکِيون، مالَ جن جا مَڏ،
سمي سيئي سيڻ ڪيا، ھيڻا جن جا ھَڏ،
ڄام پَرتيئي لَڏ، سانگِيَن جي سيد چئي.
بيت - 10
ڄارا ۽ کارا، مال جن جو مَڪڙيون،
تماچي جي تِڪئي، اچن سَوارا،
ميءِ مڇي مارا، سمي سي سيڻ ڪيا.
بيت - 11
کِکيءَ ھاڻيون کاريون، ڇِڇِيءَ ھَاڻا ڇَڄَ،
پاندُ جن جي پاندَسين، لڳو ٿِئي لَڄَ،
سموڄام سَهجَ، اُڀوڪري اُن سين.
بيت - 12
ڪاريُون ڪوجهيُون،ڪوڙيُون، مُورِ نہ موچاريُون،
وٺي ويٺيُون واٽ تي، کِکيءَ جون کارَيُون،
اُنهين جون آريون، سَمي ريءَ ڪيرُ سَي؟
بيت - 13
ڄاريون، کاريون، ڇَڄَ ڇِپريون، جن جي محبت مڇيءَ ساڻ،
رھن، وھن سر ٻانڌئين، سڀئي بدبوءِ ھاڻُ،
لُڌڙن جئَن، لطيف چئي، پاڻي وجِهڻ پاڻ،
تن مَلاحن ڏجو ماڻَ، سمي سِرَ ڪيو پانهنجي.
بيت - 14
گَندُ جن جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ،
اُنهين جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.
بيت - 15
گند جن جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پينام،
اُنهين کي اِنعام، مڃر مڙِوئي ٿيو.
بيت - 16
گند جن جي گوڏ ۾، مَٿَن تي مُوڙيون،
اچن سَنڀوڙيُون، سمي جي سلامَ تي.
بيت - 17
ٿيا تماچيءَ ڄام سين، مهاڻا مَحُروم،
ننڍيءَ وڏيءَ گندَريءَ مٿي ماڙيءَ ڌُومَ،
ڪِنجهرَ جي رومَ، تہ سي سڀ اِنعامي ٿيا.
بيت - 18
نہ وڍي نہ وڪڻي، نہ ماري نہ ڍاري،
کارو وڌائين کوھہ ۾، نِرتون نِهاري،
سا پَر پَاري، جا گهرِ سمي جي سَپجي.
بيت - 19
نہ وَڍي نہ وڪڻي، نہ کڻي ۾ کاري،
اھنجَ سَهنَج ساھميون، ڌُريان نہ ڌاري،
سا پر پاري، جا گهر سمي جي سپجي.
بيت - 20
نہ وڍي نہ وڪڻي، کڻي نہ کارو،
نورئين چنڊ چمڪيو، تماچيءَ تارو،
ڍَريو جن ڍارو، تن جهوليءَ چنڏ جهلي پيو.
بيت - 21
ڇڇيءَ ھٿ نہ ڇُهي، کِکِيءَ ھڏ نہ کاءِ،
نہ وڍي نہ وڪڻي، اَڏيءَ نہ اوڏي آءِ،
سمو تنهنجي ساءِ، ٿو مياڻيُون معافي ڪري.
بيت - 22
پاٻوڙو پيشِ ڪيو، نئُون نوريءَ نيئي،
حاضر ھُيون ھَڪيُون، سَميُون سڀيئي،
نوازي نيئي، گاڏيءَ چاڙھي گَندريءَ.
بيت - 23
مُهاڻيءَ جي مَنَ ۾، نہ گيرب نہ گاءُ،
نيڻن سين نياز ڪري، ريجهايائين راءُ،
سَمو سڀن ملانءُ، ھيريائين حِرفَت سين.
بيت - 24
جُهلي تبيرين وچ ۾، مرڪيو مهاڻي،
جيئَن سڳو منجهہ سوندڙي، تئَن راڻين ۾ راڻي،
سمي سڃاڻي،ٻيڙو ٻَڌُس ٻانهن ۾.
بيت - 25
ٻيڙو پُوئي ٻانهن ۾، ٻِي نہ سا ٻُڌاءِ،
توڏَر تنهن جڳاءِ، سمو سِڪي جنهن کي.
بيت - 26
نوريءَ جي نياز جو، عجبَ اَجهلُ ھوءِ،
سمو سُر سڀن ۾، ميءِ مون رَچيو سوءِ،
اچيو اُڀَين پوءِ، حُجَتَ ڀڳي راڻئين.
بيت - 27
ميءِ مڇيءَ ۾ ھٿڙا، ويٺي ڪري وَرنَ،
راءِ اڳهين رکي، مُهاڻي ۾ مَنَ،
تماچيءَ جي تَنَ، ڳالهيون چيس ڳُتهيون.
بيت - 28
ھٿين پيرين، آر کَڻين، مُنهنَ نہ مُهاڻي،
جئَن سڳو وچ سُوندڙي، تِئَن راڻِن ۾ راڻي،
اصلِ ھُئي ان کي، اھَلَ ڄاماڻي،
سمي سڃاڻي،ٻِيڙو ٻڌس ٻانهن ۾.
بيت - 29
جيلانهن نوازيائين نورئين، ٿيو تماچي تي،
گاديءَ چاڙھي گندري، ماڙھوڪيائين مي،
ڪنجهر چوندا ڪي، تہ سچ سڀاڻي ڳالهڙي.
بيت - 30
تهڙوڪنجهرَ ۾ ڪينَ ٻِيو، جهڙي سُونهن سَندياس،
مَڏَ، مياڻِيُون مَڪُڙا، مَڙئي معافُ ٿِياس،
مورڇَل مَٿانسِ، اُڀو تماچِي ھڻي.
بيت - 31
تُڙ تماچي ڄام جو، تماچِي تڙ راءُ،
تماچي جي تڪيئَن، تون تماچي کاءُ،
تہ تون تماچِياءُ، تماچي تڙ لهين.
بيت - 32
کوءِ سميُون ٻن سومريون، جي ڄامن جيُون ڄايون،
ڪريو ويس وڏاندرا، اڱڻ ٿي آئيون،
گوندر گمايُون، جَهپي سڀ جهڙپ سين.
بيت - 33
کوءِ سميُون، ٻن سُومَريُون، جي اچن اوچي ڳاٽِ،
وَرسي ڪنجهرَ ڄائيُون، جن تماچِيءَ جي تاتِ،
راڻن ملان رات، ماڻڪَ ميءِ پرائِيو.
بيت - 34
تَڙ تَريون دوھِين، ڪَن رھاڻيون ريل ۾،
رڇَ پنهنجي راڄ ۾، ويٺيون سموھين،
مهاڻيون موھِين، تخت تماچي ڄام جو.
بيت - 35
پَن، پٻڻ، ڪُمَ، ڪَوڻيون، مٿي جر جَهرڪن،
اچي رھيا ريل ۾، ڪارڻ ڪالُوڙن،
سھسين راڄ سيد چئي، پاسي تن پَرن،
مڙِي ملاحَن، رات تماچي رانئِيو.
بيت - 36
پَن، پٻڻ ڪُم ڪوڻيون،ڏوڏا بِهہ ڏاجون،
نعمَت لوڙهہ، لطيف چئي، کِين مڇي کاڄون،
رھن پهن سِرَ ٻانڍئين، آسڻ ايءُ آجون،
پارس سين پاسون، لڳن تي لعل ٿيا.
بيت - 37
ڪنجهرَ ۾ باھہ ٻري، ھيڏيءَ وير ڪياءِ،
نہ ڪو ورن وڄ جو، نہ ڪو شمس شعاع،
لٿو پاند مهاءُ، ميءِ چڙھندي مڪڙي.
بيت - 38
رھين ڪنجهرَڪنڌئين، تو جو سو مهاڻو،
ڪنڌيءَ جو ناڻو،ڪونہ ڀريندينءَ ڪڏھين.
وائي - 1
ھيري ھَٿ وڌائين، ھيري ھَٿُ کنيائين، ويهي ساٽِين وچ ۾،
نَوازش نُوريءَ جي، آھي تماچيءَ تائين،
گندگيءَ گوشو ڪيو، عَطر اوتُ اوتيائين،
انڌا مَنڊا آئِيا، سخا سڏُ وڌائين،
پَسو جود جوانَ جو، ڪو ھنڌ ڪون مَٽِيائين،
قيمت ڪمينن سين، جهڙي وَٽَ وٽيائين،
موتي مَڇيءَ ھَٽ تي، ڪوڏِن جئَن ڪڍيائين،
ماڻڪَ مياڻن ۾، ڇِلرَن جِئَن ڇٽيائين،
ڏيئي سونُ سوال ۾، رُپي راندِ ڪيائين،
پاڻِيٺ آڻي پاڻ سين، لَعلُون سڀ لُٽيائين،
فيروزا فقيرن تان، گهوري سڀ گهوريائين،
اُتي عبداللطيف کي، اُڇَلي اَمُلَ ڏنائين.
فصل ٻيون
بيت - 1
سر صَلابَتَ سُپرين، مُرڪَڻ تون مَ مَريج،
آھئين ٺارُ اکين جو، وَٽان مُون مَ وڃيج،
تماچي تڳيج،ڪوڏينهن ڪنجهرَڪَنڌئِين.
بيت - 2
ڪوڏينهن ڪنجهرَ ڪَنڌئين، تون تماچي تڳ،
اُوچوٿيو اڳُ، مون ڪَرُ ملاحن ۾.
بيت - 3
ھيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻراھہ،
اچي وڃي وچ ۾ تماچي جي ساءَ،
لڳي اُتَر واءُ، ڪنجهرَ ھندورو ٿِئي.
بيت - 4
ھيٺ جر، مٿي مَڃر، پاسي ۾ پرين سندامِ،
ڪوڙين ڪاڄَ سڌام، اڻَ سڌوڪون رَھيو.
بيت - 5
ھيٺ جر، مٿي مَڃر،ڪنڌيءَ ڪَؤنَر ٽِڙن،
ورئي واھوندن، ڪنجهرَ خستوري ٿئي.
بيت - 6
ھڻي حرف حساب جو، ماڙيءَ چڙھي مي،
جيڏانهن عالم آسرو، تيڏانهن تن نہ ڏي،
ڄام تماچي کي، ڪونهي سُود سُهاڳ سين.
بيت - 7
ھيٺين مٿن ھيڪڙي، پاسَن پُراڻي،
ريت اُن جي راءِ کي سَمي سيباڻي،
ريجهيو رِھاڻي،ڪري تماچي تن سين.
بيت - 8
ھيٺين مٿن ھيڪڙي، پهت جني جي پَر،
لائي لينگهہ لطيف چئي، جُنبي مٿي جَرُ،
گهوٽ تَني جي گهرَ، راجا ريجهِي آئيو.
بيت - 9
ھيٺين مٿِن ھيڪَڙي، پُراڻي پرھين،
توڙا تماچي ڄام سين، ڳُتهاندرڳرھين،
سميُون جت سرھين، تِتِ مُهاڻي مٿي وھي.
بيت - 10
سَميُون ڪَري سينگارُ، راءُ ريجهائِڻ آئيون،
ڄام ھٿ ۾ ڄارُ، جُهلي جُبيرن وچ ۾.
بيت - 11
ميءِ ھٿ ۾ مڪَڙي،ڄام ھٿَ ۾ ڄارُ،
سڄوڏينهن شِڪارُ، ڪِنجُهرَ ۾ ڪالهہ ھو.
بيت - 12
تخت بخت تڙ تماچي، سڀ نورئين کي نمنِ،
لڪيو لياڪا پائيا، ساري رات سمين،
ٻايُون راڻيُون دائيون، تنهنجا پير چُمن،
ڏنيسَ ڏيهہ ڌڻين، معافيءَ جي مهر ھڻي.
بيت - 13
سڀ سميون سڀ سومريون، سڀني ڳچيءَ ھار،
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، وڇايائون وار،
ڍول تنين جيءَ ڍار، ھيٺاھيونَ ھلن جي.
بيت - 14
سڀ سميُون سڀ سومريُون، سڀنيڳچيءَ ھَسَ،
پسڻڪارڻ پرينءَ جي، وڏاڪَيائون وَس،
ڍول تنين جي گسَ، ھيٺاھيون ھلن جي.
بيت - 15
سڀ سميُون سڀ سومريون، سڀني ڳچي ٿوڪ،
پسڻ ڪارڻ پرين جي پاتا لياڪا لوڪ،
ڍول تنين جي جهوڪ، ھيٺاھيون ھلن جي.
بيت - 16
جيلانهن نُوري نوازِيئَين، ٿيو تماچيءَ تي،
گاڏي چاڙھي گَندريءَ، ماڙُھوڪيائين مي،
ڪِنجهرُ چوندا ڪي، تہ سَچَ سَڀائي ڳالهڙي.
بيت - 17
ڄامان اڳي جي ڄائيُون، تن جي نرت نوريءَ کي ناھہ،
نہ مَنهہ نہ معرڪي، نہ وڃَن ڪنهن وِھانءِ،
سي ڪِنجُهرَڪنڌيون ڪانهن، تن تماچيءَ تَڪيو؟
بيت - 18
نہ ڪنهن ڄائوڄام کي، نہ ڪوڄامَ وياءُ،
ننڍيءَ وڏيءَ گندريءَ، سڀني آھہ سياءُ،
“لَمْ ئَلَدْ وَلَمْ ئُوۡلَدْ”، اي نِجابت نِياءُ،
ڪبرڪبرياءُ، تخت تماچي ڄام جو.
بيت - 19
پَکن پوءِ پَچارَ، اَڄ تماچي آئيو،
مُرڪَن ملاحَن جا، مَٿي ٻانڌين ٻارَ،
وَڏي ڄامَ ڄمار، جنهن مِياڻيُون موکيُون.
بيت - 20
پَکَا پَکاريو، ڄامُ تماچي آئِيو،
گوندَرَ لاھيو گندريُون، آتَڻَ اُجاريو،
مڪڙيون سلهي موتيينو سهجان سينگاريو،
ڪِنجهر قراريو، سَمي سَام بخشَي.
بيت - 21
ڪو جو ڪامَڻ مي، آھي اَکَڙين ۾،
تن تماچي ڄام جو، نايو نپايو ني،
عشق اِئن ڪري، جئن ڄاروڄامَ ڪُلهي ڪيو.
بيت - 22
اُبٺيُون ادب ۾، پلنگ پيرانديءَ جي،
جان سيئن بديون نہ بخشين، تان سيئن ڪين کِسي،
ڪي ڳجهوڪي پَڌرو،ڄام تنهين کي ڏي،
نُورئين ناز ڪري، عالم انعام ڪيو.
بيت - 23
مٿي تختي نُورئين، اولي مٿي ڄام،
رَس ڪڍندا ٻہ ڄڻا، نوري جن جو نام،
سڙھہ مڙيئي سوجهيا، دنگي ڏئي دام،
تماچي تمام، اُڀو عيب ڍڪيندو اُن جا.
بيت - 24
جيڪرڄاڻي ڄام، تہ ڪا نوازيندو نورئين،
سندو ميءَ مقام، ڳڻي سيراندِي ڪيو.
بيت - 25
تنبُو تيرھن ماھہ، کُتو ڪِنجهرڪنڌئين،
فراشن فڪر سين، ڪي دَرِ تماچيءَ دانهن،
سندي ٻانهيءَ ٻانهن، اُٿي نورئِين پَس نگاھہ سين.
بيت - 26
ڄام تماچي آئيو، مٿي تڙ تناھہ،
اچي پييس اوچتي، نورئين تي نگاھہ،
تنهن کي گندري چوڻ گناھہ،
جنهن جي جهوليءَ چنڊُ جُهلي پيو.
بيت - 27
ڄام تماچي آئيو سَڀَت ٿي صلاح،
مور مرڪي ھليو، سندو راڻين راءُ،
لٿي لڪَ لطيف چئي، ڪيو شمس شعاع،
پيڙھيءَ ويٺو پاتشاھہ، مٿس ڇَٽُ چمڪاءِ،
ڪوڙِين قناتُون لڳيُون، مُهاڻين مَٿاءَ،
لٿوڏَنُ ڏيهانءِ، مُر ٿيُون مرڪن مڇيءَ واريُون.
وائي - 1
تنهن کي ڪير چَوندَو مي، اڙي اِيءَ سمي جا سمنگهي،
سمي جي سُهاڳ جو، مينڍوڳُتو مي،
ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪيو، عشقُ اِئن ڪري،
جن وھڻ نہ ڏِين وَٽِ ۾، ٿيا سلامي سي،
عالَمُ انعامي ڪيو نُورِيءَ نازُ ڪَري.
سُر ڪارايل
فصل پھريون
بيت - 1
”وَحده وائي“ چڙھندي چيائين،
سو تڙ لنگھيائين، جتي پارکَ پَکِيان.
بيت - 2
ٻَگهَن سين ٻاڻُ ھَڻي، اُڏاڻو آڪاس،
سو سَرُ مَڻي ھَنجَڙو، جتي پرين سنداس.
بيت - 2
جي مان چارائِين، تہ مان جيارين جيڪَر جيڏيون،
آلوڪَرَھہ سندانِ آءٌ چاريان.
پيرين آءٌ نہ پُڄَڻي،ڪَرھلَ ھوءَ نہ جَهَلِينِ،
ڳجهي آءٌ نہ وَڃڻي، پڌرِ پرين نہ نِين.
بيت - 3
اَکڙيُون اوڙاه ۾، اُڀو تَڪي تار،
پٿُون جو پاتار، ھَنجَ تنهين جو ھيرَئُون.
بيت - 4
لئون لطيفي لاتِ، تہ ويجهو ٿين وصال کي،
واري پائي وجود ۾، سندي جُنگن ذات،
ھڻي ڪرنگهرڪات، پڌر پَؤ تُون پرين سين.
بيت - 5
وڃين نھ پيهي، پِٿُونءَ لئي پاتارَ ۾؟
ڪنڌيءَ ۾ ڪيهي، ھاجَ تُنهنجي ھنجَڙا؟
بيت - 6
اُونهي ۾ اوڙاھہ جو، ھنجَ تِنهين ھوءِ،
اي ڪانيروڪوءِ، جو ڇاڇَر ۾ ڇيرون ڪَري.
بيت - 7
ٿيو حضوري ھاڻ، سوجها پييس سر جي،
کنڊي لڌي کاڻِ، پَکيڙي پاتار ۾.
بيت - 8
اڇو پاڻي لڙ ٿيو،ڪالوريوڪنگن،
ايندا لَڄ مَرَن، تنهن سرَ مٿي ھنجڙا.
بيت - 9
ويٺو جِئَن وِماسِئين، حَيَرتَ پَؤ مَ ھَڏَ،
لاتيُون جي لِباس جون، سي ڇُڇائي ڇڏ،
آءٌ اسين ڪن جي، پاسي تن مَ اڏ،
تَنُ طالبن گڏِ، تہ ويجهو ٿِئين وِصال کي.
بيت - 10
ويٺو جِئَن وماسئين، حيرت پَؤ مَ ھورِ،
اُونهو جو اَڇو وَھي، گهڙِي تيان ئي گهورَ،
ڏِنيُون ھَڏِ مَ ڏور، گهورِيو گبُ گسَنِ جو.
بيت - 11
ويٺو جئن وماسئين، حيرت پَؤ مَ ھاڻ،
لَلَن کي لطيف چئي، اڇي ساڻ آراڻ،
ڪَنگن لَٿي ڪاڻ، گڏيو ھنجُ حبيب کي.
بيت - 12
پَکي پيهي نِڱيا، مَنجهان لتڙنِ لَکَ،
ڪنهين ماڻڪَ ميڙيا،ڪنهِين رتا پَکَ،
پُٺي لائي لَکَ، گڏيو ھنج حبيب کي.
بيت - 13
ھَنجن سين ھيڪارَ، جي ڳُڻ ڪَري نِهارئين،
ٻگهَن ساڻ ٻيهار،ٻيلهہ نہ ٻڌين ڪڏھين.
بيت - 14
ھاريا ھَنجَ ٻَگهن سين، ڪيهي ٻَڌين ٻيلَهہ؟
ميرو مَٽائيج تون، اَڇي ڪَر اُڪيلَ،
ڪَنگَن ساڻ ڪويلَ، لَلا جِمَ لُڙُ پئين.
بيت - 15
اَڇو پيو اڇاءُ، تہ اَڇائيءَ اُبهو،
وِھڻ وَڙ نہ آنهنجو، پاڻيءَ لُڙ لَلاہُ،
سُسَرَ ڏِجي ساہُ، ڪُسَرڪَنگن قَبرُون.
بيت - 16
ڪُسَن ڪنگن قبرون، سُسَر ساڱا ھيج،
ھنج ھتي جي ڳالهڙي،ٻگهن مَ ٻوليجِ،
ماڻي تون مِڙيج، چئج مَ ڪنهين چهنج سين.
بيت - 17
سَرَ سُڪي سالَ ٿيا، ھَنج ھريوئي پوير،
ڪَنگُ ويچارو ڪير، جو رسي اُن رمَز کي؟
بيت - 18
آءُ اُڏامي ھَنجڙا، سَرَ ۾ سارينئي،
متان مارينئي، پاڙھيري پَهہ ڪري.
بيت - 19
سَرَ ۾ پَکي ھيڪڙو، پاڙھيري پنجاہ،
سَنديءَ آسَ الله، لُڏي لهَرن وچِ ۾.
بيت - 20
جانڪو جيين ڏينهڙو، ھنجَ مَ مَيرو وَت،
جيءَ م جنجال گهت، سِرُ تان سَرَ ڪيترا.
بيت - 21
اُڏءُ اُڏت اُڀريو، وھاڻي وائن ڀونئر،
چيتارج چِت ۾، ڪَنڌيءَ پاسي ڪؤنر،
متان مارينئي تؤنر، تو لئون لڳو جن سين.
بيت - 22
دلبو مَنجهہ درياھہ، پَکي پَسي آئِيا،
ويچارا ويساھہ، آڻي اُت اڙائِيا.
بيت - 23
پکي جنهن پُڄائيا، تنهن ۾ ساھہُ نہ ماھہُ،
منجهہ ڪَرَنگهرڪاٺ جو، مَٿي پَکن چاھہ،
ويچارنَ ويساھہ، مٿن پکَن آئِيو.
بيت - 24
جئَن قطر چُڻيوڪُڙ ڀَرئين،ٻول ٻَجهندين ھَنجَ،
موتي جي مَهراڻ جا، پُورا چڻج پنج،
اڄڪِ صُباح سَنجهہ، ٿو ڍُٻيءَ ۾ ڍير ٿئين.
بيت - 25
ڪؤنَر پاڙُون پاتار ۾، ڀونر ڀري آڪاس،
ٻنهين سندي ڳالهڙي رازقَ آندي راس،
تنهن عشقَ کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.
بيت - 26
ڪؤنَر پَاڙُون پاتار ۾، ڀونر ڀري ۾ سڃ،
ٻنهين سندي ڳالهڙي، عشقُ اي اھڃ،
توءِ نہ لَهين اُڃ، جي پيو پِيئن پاڻ ۾.
بيت - 27
ڪَنڌِن ۾ ڪوھہ ڪرئين؟ گسَن ۾ مَ گذار،
وڃي وحدتَ ويءَ ۾، گهتون ڇڏي گهارَ،
شريعَت جو سَر لَهي، تن تيائِين تار،
حقيقت ھَنجَن سين، طريقت تَنوارَ،
مَنجهان معرفَتَ سين، اندَرَ تون اُچار،
ھدايتَ جي ھُوءِ ۾، چُڻيو تُون چانگارِ،
تہ پاڙھيري ان پار، ڪونہ ڏِسين تون ڪڏھين.
بيت - 28
جيهر لوڪ جَهپَ ڪري، اوھَير اُڏامَن،
پِٿُون جي پاتار جا، چيتاريون چُڻَن،
ڪوھہ ڪندا کي تَن، پاڙھيري پھہُ ڪري.
بيت - 29
ماڻِڪَ چوڻو جن جو، ھَنج حُضوري سي،
چِلرَ ۾ چُهنبَ ھَڻي، مڇي کينِ نہ اي،
لوڪ نہ لکيا تي، جيلانهن ڀوڻن ٻگهن گڏيا.
بيت - 30
ھَنجَ مڙيئي ھَنج، ميرو مَنجِهن ناھہ ڪو،
جِتي رَھن سَنجَهہ، سو سَر ڪن سُرھو.
بيت - 31
جَر ري رڌ جابان سين، ڪَونران ڀوَنران رڌِ،
ھير اِيَ ڪُوڌِ، جيئن اوڌ سين تُون اوريين.
بيت - 32
سُر وڃايو سَرَ، ڪُوڙن ڪانيرن،
آڌيءَ رات اُٿي ڪري، درد دانهُون ڪن،
سندي ذات ھنجن، منهن ڳوڙي موتي چُڻين.
بيت - 33
جو سر ڪورڪرين، رُوءِ تهڙي سڄڻين،
جي لهرين لوڏي تان بہ، رنگ نہ مٽائين،
پرتان پاٻوھين، وچينءَ وڻڪ وترا.
بيت - 34
سَر ۾ سانجهيءَ وار، مورن مانڊاڻا ڪَيا،
سٽون ڏين سپن تي، ڪيئَن ڪارايل ڪَڻدار،
ماري نانگ اُپار، وھہ پيتائون وٽيين.
بيت - 35
للي لئي رات، سَر ۾ ڪيو سوجهرو،
ٻگها ٻاتارا ٿيا، وائي ڪن نہ وات،
جُنگن پنهنجي ذاتَ، نيئِي رساڻي روھہ کي.
بيت - 36
لَلي ٿي لاتيون ڪيون، سر ۾ ساري رات،
پکڙانڊيُون پرڀات، ھَنجَ ھَڻندي رَتيون.
بيت - 37
سَرَ اُھي ئي اڳيان، پکي ٻيا پيا،
جَن لَميو لاتيون ڏنيون، سي ويچارا ويا،
پاٽوندر پيا، وڃي ڪنجهرڪنڌئين.
بيت - 38
ويا مور مري، ھنج نہ رھيو ھيڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.
بيت - 39
سُرھو سَر وڃائيو،ڪوڙن ڪانيرن،
رُٺا روھہَ وڃن، ڪنهن ھيڻائي کان ھنجڙا.
وائي - 1
ڀَلو جيڏيُون آءٌ جا بلوچي جي آھيان،
ڪنِيزَ ڪَ ڪيچين جي، ناتر نانءُ سڏائِيان،
پَيزارَ پنهونءَ ڄام جي، اکين سان اُٺائيان، چشمن سان چائِيان.
وائي-
فصل ٻيون
بيت - 1
سو پَکي، سو پڃرو، سو سَر سوئِي ھنجُ،
پيهي جان پروڙِيو، مون پانهنجو مَنجُهہ،
ڏَيلِ منهنتو ڏَنجُهہ، ماري ٿو مَنجِهہ ڦِري،
بيت - 2
ڪارايَلَ جي ڪوڏ، مون ڪِنجهر سڀ نِهاريو،
وَري واھيري نہ وريا، للا لاکِيڻِيءَ لوڏَ،
ھنئين جن سين ھوڏ، سي ھَنجڙا سڀ ھَلي ويا.
بيت - 3
سپ کپر سڄا ڳهي، نانگن ڳوليو کاءِ،
تنين کي واجهاءِ، مڻيو جن مٿن ۾.
بيت - 4
ڪاپي ڪارايل پاڻ ۾، مٿي دَر دڙين،
نَيو نانگ نہ ڏِين، موران موٽڻ ميهڻو.
بيت - 5
موران موٽڻ ميهڻو نوڻي نانگ نہ ڪن،
ڪارايل ڪارن کي، ڳارا ڪيوڳهن،
وٽيئن وھہُ پَينِ، سَڪ سُرڪئين نہ لهي.
بيت - 6
سنهاڀانءِ مَ سَپَ، وِياءَ واسِينگنِ جا،
جنهين جي جَهڙَپَ، ھاٿي ھَنڌان ئي نہ چُري.
بيت - 7
سنهاڀانءِ مَ سپ، سُڪا جنهين پيٽَ،
تِنهين جيءَ جهپيٽ، جُنگن کي جوکو ٿئي.
بيت - 8
جن جي واڇنيان وھہُ وھي، سي ڪارا ڪارُونڀار،
ڪڄيا تان ڪُڏِيا، وڙِھندي ڪن نہ وار،
جن جا اھڙا پار، سي گئون ڪن گاروڙين کي.
بيت - 9
گاروڙي گُرَ ھيڻا،ڪو گُرو وٺي گوٺ،
ھي ڳوراھون ڳوٺ، جي مُٺين سين تون مارئين.
بيت - 10
واتان جنين وھہُ وھي، سي آيا اوڳارين،
جي آرڻ ٻَڌي آئيا، تان نانگ نہ نِهارين،
ڏَني تَن ڏاڙھين، مَيل جنين جي مَن ۾.
بيت - 11
وھہُ ھٿين، وھہ پيرين، وھہ جنين جي وات،
ڪاري ڪا جا ذات، جا مورن مٽي ڇڏي.
بيت - 12
ڪنهن جا کائي ججن، سُتل تو ھٿُ ھيڻي،
ڏارٻہ ڏاريائين، تہ وڻندي ئي وَھہ وڻي،
جن جو ڌوڄُ ڌَڻِي، تُون ڪيئن وجهين تن سين.
بيت - 13
آسَڻُ جن آريجَ ۾، اوءِ وَڪَڇَر وھہُ کري،
تن جا منهن ملڪنِ جهڙا،ٽڪو تان نہ ٽري،
جي اُنهين ساڻ اَڙي، تہ ڪانهي جاءِ جريءَ جي.
بيت - 14
آسڻ جي اريج ۾، تن جي وھھ جو وَرَنُ ٻيو،
تن جو ڪَنڊو ئي ڪَمُ ڪَري، جي مَٿِس پيرَ پِيو،
پريئان آھي پَڌرو، تن نانگن جو نِهو،
ڱَلي ويلَ ڪِهو، جو سامُهون ٿئي سَپَن کي؟
بيت - 15
ڪنهن ڪنهن ڪاريءَ ذات کي، مورَ بہ مٽائينِ،
جي چترا چکيا ڪري، تہ وڳ ورائي ڏين،
ساٿ سَمُورا نِين، جي مَٺين ڀانئي موٽيا.
بيت - 16
پَهرِين ڪاري نانگَ جي، ڪوڇِرڪِيل ڇيڙڪري،
جي ھڻي ڏنگُ ڏسائيو، تہ ويجهو تان نہ وري،
جيڪي ٺُپ مَري، جيڪي سِڪي صحت کي.
بيت - 17
کپُرُ گاروڙين سين، وڏو وڌئي وير،
نانگ نہ ويندين نڪري، تو ڏَرَ مٿي پير،
ھِي تنِهين جو ڍيرُ، جن جُهونا ڳڙهہ جَلائِيو.
وائي - 1
ڪُوڙي راند، ڪُوڙو چٽڪو، لَک سيئَن لَلُو پتو،
لَنيو جئَن لامين چَڙھين،ڪَريوڪارايَلَ ڪُٽڪو،
ڪِ تو ڪنين نہ سُئو، شهبازَ جو سَٽڪو؟
سُر بَسَنتُ بَھار
فصل پھريون
بيت - 1
آئي رُت بَسنتَ ڪي، کَٽڻهار کڙيا،
خستوري خوشبوءِ ٿي، آچي ڀونَرڀريا،
مون کي محبَ مڙيا، لَٿا ڏُک، سُکَ ٿيا.
بيت - 2
آئي بهار بسنت ڪي، کڙيا کٽڻهار،
اُٿي ڳوري ويس ڪر، آئي بسنت بهار.
بيت - 3
آئي رت بسنت ڪي، کجورئين ڳَل ھار،
اُٿي ڳوري بيس ڪَر، جہ آيو بَسنت بهارُ.
بيت - 4
آئي رت بنست ڪَي،ڇَپَرَ مُڪو منَدُ،
اُٿي ڳوري بيس ڪر، جہ آيو بهار بَسندُ.
بيت - 5
آئي رت بسنت ڪي، باغن مُڪيءَ بوند،
لالي ديکو لال ڪي، ھيڪَرُ وڃي ھُوندَ،
اُمتَ جي آخوندَ، اوڀڙ سڀ اُباھيا.
بيت - 6
اُڌَميا اوڌڻ، رُت رسائي سَڄڻين،
لَڳي واءُ وڻن کي، ڇاڻِيا پنَ پُراڻ،
پَهريائون پهراڻ، سڪا ئي ساوا ٿِيا.
بيت - 7
آئي بهار بسنت ڪي،ڦُولي سڀ بَن راھہ،
ايڪ نہ ڦولي ڪيتڪي، اور سُڪتي جاءِ.
بيت - 8
اَنگوريون ۽ ڪِيتڪيون ڦولِيون ڦڳڻ مانهن،
ريءَ لالنَ، لاکو چَئي، سي آءٌ ڪَريان ڪانهنِ؟
جي سَڄَڻ ھئي مون پانهن، تہ ڦل پسيو ڦولي ھنئون.
بيت - 8
اَنگوريُون ۽ ڪيتڪيون ڦوليون ڦڳڻ مانهن،
ريءَ لالن لاکو چئي، سي آءٌ ڱريانڱانهن؟
جي سڄڻ ھئي مون پانهن تھ ڦل پسيو ڦُولي ھنئون.
رُتِيان سڀ ڀليان،ڪائي نہ بَسنت جوڙَ،
جي وڻ پاري ساڙيا، تِنهين مَٿي موڙَ.
بيت - 10
انگوريون ۽ڪيتڪيون، کوليون ڦڳڻ هيل،
ريءَ لالن، لاڳو چئي، سي آئون ڀانيان سيل،
جي سڄڻ هئي مون پيلهہ، تہ ڦل پسيو کولي هنئون.
بيت - 11
رُتيان سڀ ڀليان، ڪائي نہ بسنت تُل،
جي وڻ پاري ساڙيا، تنهين مَٿي گُلَ.
وائي - 1
اڄ سَڄَڻُ گهرَ آيم جيڏيون،
اللهَ اُميدُون پُڄايَمَ ايڏِيُون،
اڄ سڄڻ گهر آيم جيڏيون،
پيرين فقيرين پونديَس پيرئين،
ڪيم سکائون جن سان ڪيڏيون،
اڄ سڄڻ گهر آيم جيڏيون.