
عنوان | شاھ جو رسالو |
---|---|
شارح / محقق | ھوتچند مولچند گربخشاڻي |
ڇپائيندڙ | ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ |
ڇپجڻ جي تاريخ | 2018-04-01 |
ايڊيشن | 2 |
سر ڪلياڻ
داستان پھريون
بيت - 1
اَوَلِ اَللهُ عَلِيمُ، اَعلى، عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِر پَھجِي قَدرتَ سِين، قائِم آہِ قَدِيمُ،
والِي، واحِدُ، وَحدَہُ، رازِق رَبُّ، رَحِيمُ،
سو ساراہِ سچو ڌڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جھانَ جِي.
بيت - 2
وَحۡدَہٗ لَاشَرِيۡڪَ لَهٗ، جان ٿو چئٖين اِيُّ،
تان مَڃِ مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، نِرتُون مَنجهان نِيهَ،
تان تون وڃِئو ڪِيَّ، نايٖين سِرُ ٻئنِ کي
بيت - 3
وَحۡدَہٗ لَاشَرِيۡڪَ لَهٗ، جَڏِھۡ چَيو جَنِّ،
تَن مَڃِئو محمّد ڪارَڻِي، ھٖيجا ساڻُ ھِيَنِّ،
تَڏِھۡ مَنجها تَنِّ، اَوَتَڙِ ڪونَہ اولِئو.
بيت - 4
وَحۡدَہٗ لَاشَرِيۡڪَ لَهٗ، جَن اُتو سٖين اِيمانَ،
تَن مَڃِئو محمّد ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوء فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪِھۡ نہ اولِئا.
بيت - 5
اَوَتَڙِ ڪِهۡ نہ اولِئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ،
ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سٖين عالِمَ،
بي بَھا بالِمَ، آگٖي ڪِئا اَڳِھِمۡ.
بيت - 6
آگي ڪِئا اَڳِھِمۡ، نِسوروئِي نُورُ،
لَاخَوۡفٌ عَلَيۡھِمۡ وَلَاھُمۡ يَحۡزَنُوۡنَ، سَچَنِ ڪونِه سُورُ،
مولٖي ڪِئو مَعمُورُہ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
بيت - 7
وَحۡدَہٗ جٖي وَڍِئا، اِلَّا اللہَ سٖين اورِينِ،
ھِيُون حَقيقتَ گڏئو، طريقتَ تورِينِ،
مَعرفَتَ جِيَ مانِ سٖين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ،
سُکِہ نہ سُتا ڪَڏِھِمۡ، ويھِي نہ ووڙِينِ،
ڪُلَنِئُون ڪورِينِ، عاشقَ عبداللطيف چٖي.
بيت - 8
وَحۡدَہٗ جٖي وَڍِئا، اِلَّا اللہَ اڌَ ڪِئا،
مُحَمَّدٌ رَسُوۡلُ چئِي، مُسلمانَ ٿِئا،
عاشقَ عبداللّطيفُ چٖي، اِنَھِمۡ پَهِ پِئا،
تٖيلاہَ ڌڻِي ڌُئا، جٖيلاہَ وِئا وَحدتَ گڏجِي.
بيت - 9
وَحۡدَہٗ جٖي وَڍئا، ڪِئا اِلَّا اللہَ اڌَ،
سي ڌَڙَ پَسِي سَڌُ، ڪِهۡ اَڀاڳِيَ نہ ٿِيٖي.
بيت - 10
سِرُ ڍُونڍِيان، ڌڙُ نہ لھان، ڌڙُ ڍُونڍِيان، سِرُ ناہِ،
ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريُون، وِئا ڪَپجِي ڪانهِ،
وَحدتَ جٖي وِھانء، جٖي وِئا سي وڍِئا.
بيت - 11
وَحۡدَہٗ لَا شَرِيۡڪَ لَهٗ، ٻُڌء نہ ٻوڙا،
ڪِ تو ڪَنٖين نہ سُئا، جٖي گهَٽَ اندر گهوڙا،
ڳاڙِيندِہۡ ڳوڙھا، جِت شاھدَ ٿِندَء سامُھا.
بيت - 12
وَحۡدَہٗ لَاشَرِيۡڪَ لَهٗ، اِيُ وِھائِجِ وِيُّ،
کَٽٖين جٖي ھارائيٖين، ھَنڌُ تُھجو ھِيُّ،
پاڻا چُندء بِيُّ، ڀَرٖي جامُ جَنَّتَ جو.
بيت - 13
وَحۡدَہٗ لَاشَرِيۡڪَ لَهٗ، اِيُ ھيڪَڙائِيَ حَقُّ،
ٻئائِيَ کي ٻَکُ، جَن وِڌو سي وِرَسِئا.
بيت - 14
عاشقُ چَؤُ مَ اُنَ کي، مَ ڪِين چَؤُ معشُوقُ،
خالِقُ چَؤُ مَ خامَ تون، نہ ڪِين چَؤُ مخلوقُ،
سَلِج تَھِين سُلوڪُ، جو ناقِصۡئا نِڱئِو.
بيت - 15
وَحۡدَتا ڪَثرتَ ٿِي، ڪثرتَ وحدتَ ڪُلُّ،
حقُّ حقيقِي ھيڪَڙو، ٻولِيِ ٻِيَ مَ ڀُلُّ،
ھُو ھُلاچو ھُلُّ، بِاللہِ سندو سَڄَڻٖين.
بيت - 16
پاڻِهۡ جَلَّ جَلَالُهٗ، پاڻِهۡ جانِ جمالُ،
پاڻِه صُورتَ پِريَ جِي، پاڻِه حسنُ ڪمالُ،
پاڻِه پِيرُ مُرِيدُ ٿيٖي، پاڻِه پاڻَ خيالُ،
سڀِ سڀوئِي حالُ، منجهائِي معلومُ ٿيٖي.
بيت - 17
پاڻِه پَسٖي پاڻَ کي، پاڻِه ئِي محبوبُ،
پاڻِه خلقٖي خوبُ، پاڻِه طالبُ تَن جو.
بيت - 18
سو ھِيُ، سو ھُو؛ سو اَجَلُ، سو اَللهُ؛
سو پرِين، سو پساھُ، سو ويرِي، سو واھَرُو.
بيت - 19
پَڙاڏو سو سڏُ، وَرُ وائِيَ جو جٖي لھٖين،
ھُئا اَڳِھِمۡ گڏُ، ٻُڌڻَ ۾ ٻہ ٿئا.
بيت - 20
ايڪُ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙِين ڪَڻسِ ڳِڙکيُون،
جيڏاہَ ڪريان پَرَکَ، تيڏاہَ صاحبُ سامهُون.
بيت - 21
ڪوڙٖين ڪايائُون تُھجيُون، لِکَنِ لَکَ ھزارَ،
جِيُ سَڀڪِهۡ جِيَ سٖين، دَرَسَنُ ڌارو ڌارَ،
پِريَمِ تُھجا پارَ، ڪِھڙا چئِي ڪِيَ چُئان.
وائي - 1
سَڀَڪا پِريان ڪُون پُوڄٖي،
نِيهُ نٖيڻٖين، ڳُڻُ ڳالِ وو.
جا چِتايم چِتَ ۾، سڄڻُ سا ٿو ٻُجهي،
نِيهُ نٖيڻٖيڻ ڳُڻُ ڳالِ وو.
لاتِ جا لطيفَ جِي، سڏُ تِھجو سُڄٖي،
نِيهُ نٖيڻٖين ڳُڻُ ڳالِ وو.
بيت - 29
اَصلِ عاشقَ پاھجِي، سِسِي نہ سانڍِينِ،
لاھيو سِرُ لطيفُ چٖي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِين،
ڪُلَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريتَڻُون.
داستان ٻيون
بيت - 1
اَگهِي اَگهائِي، رنجُ پِريان کي رسئو،
چَکِيَم چَڱائِي، سورانگهٖي سُورِيَ تان.
بيت - 2
اَنڌا اُونڌا وٖيڄَ! کَلَ ڪُڄاڙِئا کانئِيٖين؟
اسان ڏُکٖي ڏِيلَ ۾، تون پِياريٖين پٖيڄَ!
سُورِي جَنِين سٖيڄَ، مرڻُ تَن مُشاھِدو.
بيت - 3
سُورِيَ سڏُ ٿِئو، ڪا ھلندِي جيڏِيُون؟
وڃڻُ تَن پِئو، نالو نِيهَ ڳِنَنِ جي.
بيت - 4
سُورِي سڏَ ڪري، اُڀِي عاشِقَنِ کي،
جي اٿئِي سَڌَ سِڪڻَ ۾، تہ ڪَؤُ م پيرُ پري،
سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇجِ پوءِ پِريَتَڻُون.
بيت - 5
سُورِي آھِ سِنگارُ، اَڳِھِين عاشقن جو،
مُڙڻُ، موٽڻُ مِيھَڻُون، ٿِئا نِظارٖي نِروارُ،
ڪُسڻُ جو قرارُ، اَصلِ عاشقن کي.
بيت - 6
سُورِي سِنگارٖي، اَصلِ عاشقن کي،
لُڏِئا ڪِينَ لطيفُ چٖي، ٿِئا نٖيزٖي نِظارٖي،
ڪوٺِئو ڪِنارٖي، آڻِئو چاڙھٖي اُنِ کي.
بيت - 7
سُورِيَ مَٿي سٖيڻَ، ڪِھڙي لٖيکٖي سَنَرا؟
جٖيلَه لَڳا نيڻَ، تٖي سُوريائِي سٖيڄَ ٿِي.
بيت - 8
سُورِيَ چڙھڻُ، سيڄ پَسڻُ، اِيُ ڪمُ عاشقنِ،
پاھُون ڪِينَ پَسنِ، سائُو ھلنِ سامُھا.
بيت - 9
سُورِيَ جٖي سُؤُ وارَ، ڏِيھاڙئو چَنگِ چڙھٖين،
جِمَ وِرِچي ڇڏيٖين، سِڪڻَ جِي پچارَ،
پِرتِ نہ پسٖين پارَ، نِيهُ جِئائِين نِڱِئو.
بيت - 10
پِھرِين ڪاتِي پاء، پُڇجِ پوءِ پِريَتَڻُون،
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيَ وڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پچاء، جٖي نالو ڳِيڙُءِ نِيهَ جو.
بيت - 11
ڪاتِيَ ڪونِه ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِندَڙَ ھٿَ ۾،
پَسئو پَرِ عجيبَ جِي، لِچِئو وڃي لوھُ،
عاشقنِ اَندوھُ، سدا معشوقنِ جو.
بيت - 12
ڪاتِي تِکِي مَ ٿيٖي، مَرُ مُنِيائِي ھوءِ،
مانَ وِرمَنِ توءِ، مون پرِيان جا ھَٿَڙا.
بيت - 13
ڪاتِي جا قريبَ جِي، سا ھَڏۡ چِيري چَمُ،
عاشقن پَھجو اَڱُ، لِلہِ ڪارڻِ وَڍِئو.
بيت - 14
جٖي تون سِڪڻُ سِکئو، تہ ڪاتِيَ پَئِيَ ۾ ڪُنجُهہ،
سُپٖيريان جي سُورَ جو، ماڙُھنِ ڏجي نہ مَنجهُہ،
اندرِ اِيُ اَھنجُ، سانڍجِ سُکائُون ڪري.
بيت - 15
جان وَڍٖين تان ويھُ، نہ تہ وٺئو واٽَ وانءُ تون،
ھِيُ تنِين جو ڏيھُ، ڪاتي جَنِين ھَٿَ ۾.
بيت - 16
ڪاتِي جَنِ ڳرٖي، مان لنؤُ لڳو تَن سٖين،
محبتَ جي ميدانَ ۾، وڃان پيرَ ڀَرٖي،
اَڏِيَ سِرُ ڌَرٖي، مانَ ڪُھَنِھُون سُپرين.
بيت - 17
اَڳِيان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنڀاھِيا،
ڪاتِ تہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀاييٖن گهَٽِ،
مَٿا مُھايَنِ جا، ٻئا نہ ڏِسٖين پَٽِ؟
ڪلاڙَڪٖي ھَٽِ، ڪُسڻَ جو ڪوپُ وَھٖي.
بيت - 18
جي اَٿِي سِڪَ سُرڪَ جِي، تہ وَنءُ ڪلاڙَنِ ڪاٽٖي،
لاھي رَکُ لطيفُ چٖي، مَٿو وٽِ ماٽٖي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيُ تون، گهوٽ مَنجها گهاٽٖي،
جو وَرنَهُ وھاٽٖي، سو سِرَ وٽِ سَرو ساھَنگو.
بيت - 19
جي اَٿِي سُڌَ سُرڪَ جِي، تہ وَنءُ ڪَلاڙَڪٖي ھَٽِ،
لاھي رَکُ لطيفُ چٖي، مَٿو ماٽٖي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيِج ڪي پِيالِيُون.
بيت - 20
جي اَٿِي سَڌُ سُرڪَ جِي، تہ وَنءُ ڪلاڙَڪٖي ڪُوءِ،
مَھيسَرَ جي مَدَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ،
جان رَمزَ پَرُوڙِيَم رُوءِ، تان سِرَ وٽِ سُرڪِي سَڳُڻِي.
بيت - 21
جي اَٿِي سَڌُ سُرڪَ جِي، تہ وَنءُ ڪلاڙَڪٖي ڳَرِ،
وَڍَڻُ، چِيرَڻُ، چِچِرَڻُ، پَھتِ اُٺِينۡ جِي پَرِ،
جي وَٽِي پويِيء وَرِ، تہ سَھَنگِي آھ سَيِّدُ چٖي.
بيت - 22
ناڻي ناھِ ڪَڪُوھ، ڪِينۡ مُلِ مَھنگو مَنڌُ؟
سَنباھِج سيّد چٖي، ڪاٽڻَ ڪارڻِ ڪَنڌُ،
ھِيُ تَنِين جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
بيت - 23
عاشقَ زھرَ پياڪَ، وِھُ پَسئو، وِھۡسَنِ گهَڻُون،
ڪَڙٖي ۽ قاتِلَ جا، ھَميشَه ھيراڪ،
لَڳيَنِ لَنؤُ لطيفُ چٖي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻٖي چِڪَنِ چاڪَ، تَپِ آھَ نہ سَلَنِ عامَ کي.
بيت - 24
مَ ڪرِ سڌُ سَريٖ جِي، جٖي تون ٽارِيٖين ٽُوھُ،
پِيتٖي جِه پاسي ٿِيٖي، منجها رَڳُن رُوحُ،
ڪاٽٖي چَکُ ڪَڪُوھُ، لاھٖي سِرُ لطيفُ چٖي.
بيت - 25
سَڌَڙِيا سَري جِيُون، ڪُه پَچارُون ڪنِّ؟
جُہ ڪاتَ ڪُلاڙَنِ ڪڍئا، تہ موٽِئو پوءِ وڃنِّ،
پِڪُون سي پِيَنِّ، سِرَ جَنِين جا سَتِ ۾.
بيت - 26
سِرَ جُدا، ڌڙَ ڌارَ، دوڳَ جَنِين جا ديڳِ ۾،
سي مَرُ ڪن پَچارَ، ھَڪيا جَن جي ھٿَ ۾.
بيت - 27
ديڳيٖين دوڳَ ڪَڙھنِّ، جِت ڪَڙِيٖين ڪَڙَڪو نہ لھي،
تِتي طَبِيبنِّ، چاڪَ چِڪندا ڇَڏئا.
بيت - 28
سِسِي سي گهُرَنِ، جٖي واٽِندَڙَ وِچَـ۾،
اُوء ڪِينۡ ٻِئو پُڇَنِ، سَرو جَن سَنباھِيو؟
بيت - 30
اَصلِ عاشقن جو، سِرُ نہ سانڍڻُ ڪمُ،
سَؤَ سِسِنِئا اَڳَرو، سَندو دوسان دمُ،
ھِيُ ھڏو ۽ چمُ، پِڪَ پِريان جِيَ نہ پَڙٖي.
بيت - 31
جي مٿي وٽِ مِڙَنِ، تہ سڀڪَھِم سڌَ ٿيٖي،
سِرَ ڏِنٖي سَٽِ جُڙيٖ، تہ عاشقَ اِيَ اچنِ،
لِڌا تٖي لَڀَنِ، مُلِ مَھَنگا سُپِرِين.
بيت - 32
مُلِ مَھَنگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَھادتَ،
اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پِريَنِ جو.
وائي - 1
مَندُ پِئندي مون، ساڄَنُ سھِي سُڃاتو.
پِي پِيالو عشقَ جو، سَڀُڪِي سمجهو سُون، ساڄَنُ سھِي سُڃاتو.
پِريان سندي پارَ جِي، اندرِ آڳِ اَٿُون، ساڄَنُ سھِي سُڃاتو.
جِئَڻُ ناھي جَڳَ ۾، ڏيھَ مِڙيئِي ڏُون، ساڄَنُ سھِي سُڃاتو.
اَلا عبدالّلطيفُ چي، آھيِن تُونھِين تُون، ساڄَنُ سھِي سُڃاتو.
داستان ٽيون
بيت - 1
اُٿِياري اُٿِي وِئا، مَنجها مون آزارَ،
حبيبَ ئِي ھَڻِي وِئا، پِيڙا جِي پَچارَ،
طَبِيبن تَوارَ، ھَڏِ نہ وڻٖي ھاڻِ مون.
بيت - 2
ھَڏِ نہ وڻٖي ھاڻِ مون، وٖيڄنِ جِي وِصالَ،
ھِنَ مُھنجٖي حالَ، حبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو.
بيت - 3
حَبِيبُ ئِي ھادِي ٿِئو، رَھنُما راحتَ،
پِيڙا نِيائِين پاڻَ سٖين، لائٖي ڏيئِي لتَ،
سُپيرِيان صِحَتَ، ڏِنِيَمَ مَنجها ڏُکندٖي.
بيت - 4
اورِ ڏُکَندو اُو ٿِيٖي، ھادِي جِھ حَبِيبُ،
تِرُ تَفاوَتُ نہ ڪري، تِھ کي ڪو طَبِيبُ،
رَھَنُما رَقِيبُ، ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرين.
بيت - 5
ساٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين، آھي نہ آزارُ،
مجلسَ ويرَ مِٺو ٿِيٖي، ڪوٺِيندي قَھارُ،
خَنجرُ تِھ خوبُ ھڻي، جِھ سٖين ٿِيٖي يارُ،
صاحبُ رَبُّ سَتَّارُ، سوجهٖي رَڳُون ساھَ جِيُون.
بيت - 6
رَڳُون ٿيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَھِمۡ،
لُڇَڻُ، ڪُڇَڻ نہ ٿِئو، جانبُ رٖي جَبابُ،
سوئِي سنڌِيندُم سُپِرِين، ڪِيَسِ جِھ ڪَبابُ،
سوئي عينُ عَذابُ، سوئي راحَتَ رُوحَ جِي.
بيت - 7
سوئي راھَ رَدِّ ڪري، سوئي رَھَنُماءُ،
وَتُعِزُّ مَنۡ تَشَآءُ وَ تُذِلُّ مَنۡ تَشَآءُ.
بيت - 8
پَرِ ۾ پُڇيائون، عشقَ جي اَسبابَ کي،
دارُون ھِنَ دردَ جو، ڏاڍو ڏَسِيائُون،
آخِرُ وَالۡعَصۡر جو، اِيَھِم اُٿائُون،
تِھان پوءِ آئُون، سِڪان ٿِي سَلامَ کي.
بيت - 9
سِڪٖين ڪُھ سلامَ کي، ڪَرٖين ڪُھ نہ سَلامُ؟
ٻئا درَ تَن حرامُ، اِيُ دَرُ جَنِين دٖيکئو.
بيت - 10
مِٺايا مِٺو گهڻُون، ڪَڙو ناھِ ڪَلامُ،
سُڪُوتُ ئِي سلامُ، پِريان سَندٖي پارَ جو.
بيت - 11
پِريان سندي پارَ جِي، مِڙَئِي مِٺائِي،
ڪانِھ ڪَڙائِي، چَکٖين جٖي چيٖتُ ڪري.
بيت - 12
ڄاڻِي ٻُجهِي جَنِ، توسٖين سُورَ سَڃَ ڪِي،
تون ڪِيَ سنديُون تَنِ، پَرَ مٖين پَچارُون ڪَرٖين.
بيت - 13
تو جَنِين جِي تاتِ، تَن پُڻِ آھي تُھجِي،
فَاذکُرُنِيۡ اَذۡکُرۡکُمۡ، اِيَ پَرُوڙِج باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِريَنِ جِي.
بيت - 14
حَبِيبَنِ ھيڪارَ، مَنجها مِھرَ سڏُ ڪِئو،
سو مون سڀَ ڄمارَ، اورڻُ اُھوئِي ٿئو.
بيت - 15
پاٻوھٖي ھيڪارَ، مُونھان پُڇئو سَڄَڻٖين،
اَلَسۡتُ بِرَبِّکُمۡ، چَيائُون جِھ وارَ،
سندِي سورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏاھَڪُون نہ لھي.
بيت - 16
پاٻوھِيو پُڇَنِّ، ڪِٿي ھَٿُ حبيبَ جو؟
نيزي ھيٺا نِيھَ جي، پاسٖي پاڻُ نہ ڪَنّ،
عاشقَ اَجَلَ سامُھا، اُنچٖي ڳاٽِ اَچَنِّ،
ڪُسَڻُ قُربُ جَنِّ، مَرَڻُ تَنِّ مُشاھِدو.
بيت - 17
ڪوٺٖي ڪُھٖي سُپِرِين، ڪوٺٖي ڪُھڻَ ساڻُ،
نٖيزٖي ھيٺا نِيھَ جي، پاسٖي ڪرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشقَ اَجَلَ سامُھِمۡ.
بيت - 18
ڪوٺڻُ قَرِيبَنِ جو، عينُ تَڙڻُ آھِ،
اِيَ اُلٽِي ڳالَڙِي، سِڪَ وَرندِي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
بيت - 19
ڪُھَنِ تان ڪَرَ لَھَنِ، ڪَرَ لَھَنِ تان ڪُھَنِّ،
سٖيئِي ماء مُھنِّ، سيئِي راحتَ رُوحَ جِي.
بيت - 20
ڪُھٖي سو ڪَرَ لَھٖي، ڪوٺٖي سو قَريبُ،
اِھا عادتَ سِکئو، ھَر زَمان حبيبُ،
تِڇٖي سو طبيبُ، سو ئي راحتَ رُحَ جِي.
بيت - 21
ڪُھَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيَ پَرِ سندِي سَڄَڻٖين،
سُورِيَ چاڙھئو سُپِرِين، ڏنڀَ ڏِيھاڻِي ڏِينِ،
ويٺا وِرھُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئا وِھاء تون.
وائي - 1
ٿيندو تَنَ طبيبُ، دارُون مُھجٖي دردَ جو.
ٻُڪِي ڏيندُمِ ٻاجهَہ جِي، اَچِي شالَ عجيبُ،
دارُون مُھجٖي دردَ جو.
پِريَنِ اچِي پاڻُ ڪِئو، سندو غورُ غريبَ،
دارُون مُھجٖي دردَ جو.
ڏُکندو سڀوئِي ڏُورِ ڪِئو، مَنجهُون تَنَ طبيبَ،
دارُون مُھجٖي دردَ جو.
اديُون عبداللطيفُ چٖي، ھاتِڪُ آھِ حبيبُ،
دارُون مُھجٖي دردَ جو.
سر يمن ڪلياڻ
داستان پھريون
بيت - 1
تون حبيبُ تون طبيبُ، تون دردَ جِي دَوا،
جانِبَ مُھجٖي جِيَ ۾، آزَرَ جا اَنوا،
صاحَب! ڏي شفا، مِيان! مريضنِ کي.
بيت - 2
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دردَ جو دارُون،
دَوا آھِنِ دِل کي، تُھجيُون تَوارُون،
ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، جِنۡ ٻُڪِي ٻِئَنِئُون ٿيٖي.
بيت - 3
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تُنھِم ڊَٺَنِ ڊَبُّ،
تون ڏِيٖين، تون لاھيٖين، تُنھِم ھادِي رَبُّ،
آھِمۡ اِيُ عجبُ، جِنۡ وارِئو ويڄَ وِھاريٖين.
بيت - 4
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دارُون کي دردَنِ،
تون ڏِيٖين، تون لاھيٖين، ڏاتَرَ! کي ڏُکندَنِ،
تڏِھ ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪنِ، جڏِھ اَمرُ ڪَرھِو اُنِ کي.
بيت - 5
جان ڪٖي ڪَري طبيبُ، داروُن ھِنَ دردَ جا،
ھَڻِئو سي حبيبُ، اُکوڙِئو اَڌَ ڪَري.
بيت - 6
ھَڻُ حبيبَ ھٿُ کڻِي، ٿيڪِ مَ، ٿورو لاءِ،
پِريَم تُھجٖي گھاءِ، مران تہ مانُ لھان.
بيت - 7
ھَڻُ حبيبَ ھٿُ کڻِي، دِل ۾ ڌِيرِي دانهَ،
ڪُڇان تان ڪُوڪَ ٿيٖي، صبرُ آئُون نہ سَھان،
ڪِه کي اِيَ چُوئان، تہ مُونکٖي مارئو سَڄَڻٖين.
بيت - 8
ھَڻُ حبيبَ ھٿُ کڻِي، ٻَنگا لھِي ٻاڻُ،
ماڳِھِين مون مِنھُ ٿيٖي، جهولِيَ وجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساڄَنَ ساڻ، مانَ مُقابلو مون ٿيٖي.
بيت - 9
جِت حبيبَ ھڻنِ، نائُڪَ ڀَرٖي نِيهَ جِي،
تِتٖي طبيبنِ، وِڄا وڃٖي وِسَرِي.
بيت - 10
ھڻٖين جٖي حبيبَ! مَحبتِي مَيا ڪري،
پُڇان ڪِينَ طبيبَ ھُندَ گهائَنِ سيٖن ٿِي گهارِيان.
بيت - 11
چورٖي چَنگُ، ٻَنگُ لھِي، حبيبنِّ ھَنيوسِ،
ٻُجهان ٻاڻُ لڳوسِ، ڪانارِئو ڪَرَ کڻي.
بيت - 12
ڪانارِئا ڪُڻِڪَنِ، جَنِين لوھُ لِڱُنِ ۾،
محبتَ جي ميدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِه ٻَڌنِ پَٽِيون، پاڻِه چِڪِئا ڪَنِ
وَٽا واڍوڙِئَن، رھي اچجي راتڙِي.
بيت - 13
رھِي اچجٖي راتَڙِي، تَنِ واڍوڙِئن وَٽاءَ،
جَنِ کي سُورُ سريِرَ ۾، گَهٽَ مَنجهارا گهاءَ،
لِڪائٖي لوڪاءَ، پاڻِه ٻَڌنِ پَٽيُون.
بيت - 14
اَڄ پُڻ ڪَنجهو ڪَنجَهہ، واڍوڙَڪِيَ مَنَھِيَ،
جُہ پُڻ پيٖيَنِ سَنجَهہ ھُوءِ پِنِيُون ھُوءِ پَٽِيُون.
بيت - 15
اَڄ پڻ ڪِھَڙِي دانهَ، واڍوڙَڪِيَ مَنَھِيَ؟
ويڄَ ورائٖي ٻانهَ، چورٖي چاڪَ نِھارِئا.
بيت - 16
ويچارا واڍوڙَ، سدا شاڪِرَ سُورَ سين،
تاڻِينِ مٿي توڙَ، اورٖي ڪَنِ نہ اَسرو.
بيت - 17
سَدا آھي سُورَ جِي، واڍوڙِئَنِ وائِي،
جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نہ سائِي،
اوڙَڪِ اُھائِي، ڳولِئو لھنِ ڳالَڙِي.
بيت - 18
سَگَهنِ سُڌِ نہ سُورَ جِي،گهايَلَ ڪِيَ گهارِينِ؟
پئَلَ پاسو پَٽَ تان، واڍوڙَ نہ وارينِ،
پَرِ ۾ پَچَنِ پِريَ ليءِ، ھَيءِ! ھَنجُون ھارين،
سڄڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامٖي راتَڙِي.
بيت - 19
سَگهَن سُڌِ نہ سُورَ جي، ٿا رُنڪَن رَنجُورِي،
پِئا آھنِ پَٽَ ۾، مَٿنِ مامُورِي،
لَڳيَنِ لَنؤُ لطيفُ چٖي، سَدا جِي سُورِي،
پِرتِ جَنِ پُورِي، تَنِ رويو وِھامٖي راتَڙِي.
بيت - 20
آيَلِ اُنِ نہ وِسَھان، ھَنجُون جٖي ھارِينِ،
آڻِئو آبُ اَکِنِ ۾، ڏِھَ کي ڏيکارينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، سٖي نہ ڪِينۡ رُونِ نہ چُونِ ڪِينۡ.
وائي - 1
وِرسِئا ويڄَ ويچارا! دِل ۾ دردُ پِريَنِ جو.
اُٿِيو ويڄا! مَ وھو وڃَو ڊَبَ کڻِي،
دِل ۾ دردُ پِريَنِ جو.
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌڻِي،
آيا جِيَ جِيارا،
دِل ۾ دردُ پِريَنِ جو.
داستان ٻيون
بيت - 1
تَنَ طبيبُ نہ تون، سُڌِ نہ لَھِم سُورَ جِي،
سانڍِ پَھجا دَبَڙا، کڏ کڻِي ۾ ڀُون،
ڪانَ گُهرجي مُون، حَياتِي ھوتَنِ رٖي.
بيت - 2
ويڄنِ سٖين وائِيَ پِئا، ڪِرِي نہ ڪِئائُون،
جٖي پَندِ پارئائُون، تہ سِگهائِي سَگها ٿئا.
بيت - 3
ويڄنِ سٖين وائِي پِئا، ڪِرِي ڪَنِ نہ پاڻِ
اَگها اِنَ اُھڃاڻِ، پَسو! سُورَ سِجهائيا.
بيت - 4
آھي گَهڻُون اَگهَنِ جو، تَرَسُ طبيبنِّ،
ڪِئو وَسُ وِيڄنِّ، تان ڪِرِيَ رٖي ڪِينَ ٿيٖي.
بيت - 5
تَرَسُ طبيبن جو، جَڏَنِ ڪئِو نہ جات،
جو ويڄن جٖي واتِ، داروُنئا تهِ دُورِ ٿِئا.
بيت - 6
اَگهائِي سَگها ٿِئا، جٖي ويٺا وٽِ ويڄنِّ،
تَرَسِي طبيبنِّ، چيٺي ھوند چڱا ڪِئا.
داستان ٽيون
داستان چوٿون
بيت - 13
موکِي چوکِي نہ ٿيَي، اَصلِ اوڇِي ذاتِ،
وَٽيُون ڏيئي واتِ، مَتارا جِه مارِئا.
وائي - 1
دوسُ پيھِي دَرِ آئِيو، ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيو،
ڏِيھَين پُڄاڻُون آڻَي اسان کي، مولى مُحِبُ مِلائِيو،
ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيو.
وئو وِڇوڙو ٿِئو ميلاپو، واحِدَ واءُ ورائِيو،
ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيو.
ھو جِھِين جو ڏَسُ ڏُوراڏو، اوڏو اَڄُ سو آئِيو،
ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيو.
عَبدُالّلطِيفُ چَي، اَچِي عَجِيبن پاڻَ فَضلُ فَرمائِيو،
ٿِئو مِلَڻَ جو ساعِيو.
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
بيت - 1
ھَرَ ھَرَ ھَرائِي، وَڃَڻُ دَرِ دوستنِ جي،
پاڙي ڏاھَ، پِريَنِ جي، اُڄُ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي آڇِ تُون، واٽاڙُنِ وائِي،
لائِندءِ لطيفُ چي، سُورا سَرَھائِي،
ڳُجهو ڳالائِي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
وائي - 1
يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏيُون! آئون مارِي،
درِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ، ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.
جاٿي ڪاٿي مَحبوبَن جي، آهِ حُسنَ جي هاڪَ، ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.
سُرمو سَھِي ڪَرِ اکِن جو، خاصُ پِريان جِي خاڪَ، ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.
عبداللطيفُ چي، پِرِين اَسانھجو هَميشه آ حُسناڪَ، ڙِي جيڏيُون، آئون ماري.
سر کنڀات
داستان پھريون
بيت - 18
کڻِي نٖيڻَ خُمارَ مان، جان ڪِئائُون نازُ نَظَرُ،
سُورِجَ شاخُون جهَڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندٖي دِلبَرُ،
جهَڪو ٿِئو جَوھَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سٖين.
وائي - 1
وَھلِي وَنءُ مَ وھامِي! رھُ راتِ! رائِندِيَسِ پِرِيَ کي.
شمعَ ٿِندِيَس شَبِ ۾، اِنَ خُوشِيَ کان کامِي،
رھُ راتِ! رائِندِيَسِ پِرِيَ کي.
بابُوئَنِ سَندِي باھِ جِنءَ، ٻَران شالَ اُجهامِي!
رھُ راتِ! رائِندِيَسِ پِرِيَ کي.
پِرتِ جا پِيتَمَ جِي، سا ڪِينَ پَرُوڙٖي عَامِي،
رھُ راتِ! رائِندِيَسِ پِرِيَ کي.
مونکي مُون پِرِيَنِ جو، آھي دَردُ دَوامِي،
رھُ راتِ! رائِندِيَسِ پِرِيَ کي.
آھِيان يارُ سَيِّدَ جو، ڪانَہ رَھِي ڪا خامِي،
رھُ راتِ! رائِندِيَسِ پِرِيَ کي.
ھو جو لَنؤ، لطِيفُ چٖي، مُون کي آھِ مُدامِي،
رھُ راتِ! رائِندِيَسِ پِرِيَ کي.
روشَنُ ٿِيان رُڃُنِ ۾، جي ھُئان لَنؤ اِنهمۡ لامِي،
رھُ راتِ! رائِندِيَسِ پِرِيَ کي.
ڪارِي سا قِيامَ سَئِين، ھوتُ جِھ جو حامِي،
رھُ راتِ! رائِندِيَسِ پِرِيَ کي.
آيَمِ تَه لوڪَ سٖين، جٖيسيِن مان چَوَنِ سُؤامِي،
رھُ راتِ! رائِندِيَسِ پِرِيَ کي.
داستان ٻيون
سر سري راڳ
داستان پھريون
بيت - 1
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتا لاھِ مَ چُرَ،
اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ تہ خالِي نہ ٿِيٖين.
بيت - 3
مانَ پُڇَنِئي سُپِرِين، چِتَ ۾ رکِجِ چٖيتُ،
سِڙِھُ ڌُئارٖي صافُ ڪر، صابُڻَ سان سُپٖيتُ،
سامُونڊِي سُچٖيتُ، ٿيُ تہ پَھُچٖين پارَ کي.
وائي - 1
سَھسيٖن شُڪرانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
حمدُ چَئِج حَڪِيمَ کي، جورِ ھَڻي جانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
تو ڏيکارٖي تو ڌَڻِي، باطِن جا بانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
مَتان، مَردَ! وسارِيٖين صاحِبَ جو ثَنا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
دوستُ رَکِي دِل ۾، پَڙهُ لَالَنُ لِسانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
جَفا ڏيئٖي جِيَ کي، ٿِيُ فِڪرَ مَنجهِہ فَنا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
تُسِي توسٖين توھُ ڪري، مَنَ آگو اِحسانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، ٻانهپَ سيٖن، ٻانها، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
صاحِبَ وڻٖي سَچَ سيٖن، ٿِيُ دانَھُ، ديوانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
جي تسليِمَ سيٖن تَحقيِقُ ھُئا، سي ڪِنءَ اَمانا؟ ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
جاڳِئا جي، جَبارَ لَءِ، سيئي سَمانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
فاذۡ کُروُنِيۡ اَذۡ کُرۡ کُمۡ، ڪَھِئو قُرانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
وَاشکُرُو الِيۡ وَلَا تَکۡفُرُوۡنِ، ڪَڍُ تون ڪُفرانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
سَڀِ سَنوارِيا سُپِرينءَ، ڪُوَلَ تو ڪَنا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
چَڱِي چَئجِ چاھَ سيٖن، مَدحَ اِيَ مَنا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
تائِبَ ٿِيو تَڪِڙا، جوشا، جُوانا! ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
تہ لَھِيٖن تُون لَطِيفُ کان، اَمُنُ اِيمانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
وائي - 2
مون ۾ تُون موجُود! آئون اَڳاھِين آھِيان!
آئُون اَسُونِھين آھِيان.
اَکِيُون اَکَڙِيُنِ کي، سِڪئو ڪَنِ سُجُودُ،
آئُون اَڳاھِين آھِيان.
آئُون اَسُونِھين آھِيان.
تٖيلاھَ رَسِيُون بُودَ کي، جيلاھَ ٿِيُون نابوُدُ،
آئُون اَڳاھِين آھِيان.
آئُون اَسُونِھين آھِيان.
ماڙُهنِ جي موٽَڻَ جو، صاحِبَ هَٿِ سُجُود،
آئُون اَڳاھِين آھِيان.
آئُون اَسُونِھين آھِيان.
اِنَ دَرِ سيئي اِگِهئا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ،
آئُون اَڳاھِين آھِيان.
آئُون اَسُونِھين آھِيان.
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
سر سامونڊي
داستان پھريون
بيت - 1
پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ! سامُونڊِيَنِ جٖي
وِجهي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اوھَرِي.
بيت - 2
پَڳَهَ پاسي پَچُ. آيَلِ! سامُونڊِيَنِ جي،
مَنَ ۾ ٻارٖي مَچُ، جِمَ وَڃَنِئِي اوھَريِ.
وائي - 1
آيَلِ! ڪَرِيان ڪِيَّ؟ مُھِجو نِيهُ اَپَلِئو نہ رَھٖي،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مونکي چاڙهٖي چِيَّ،
مُھِجو نِيهُ اَپَلِئو نہ رَھٖي.
سامُونڊِيَنِ جي سڱَ کي، رُئان راتو ڏِيهَ،
مُھِجو نِيهُ اَپَلِئو نہ رَھٖي.
اُڏوھِيَ جِنءَ ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيَ سيَّ،
مُھِجو نِيهُ اَپَلِئو نہ رَھٖي.
گُندَرَ مَٿَاء ڄِندَڙيٖ، وَرِئا وَلِنِ جيَّ،
مُھِجو نِيهُ اَپَلِئو نہ رَھٖي.
مادَرِ! پائٖي مُنڊِيون، وَڃان ھادِيَ سيَّ،
مُھِجو نِيهُ اَپَلِئو نہ رَھٖي.
داستان ٻيون
داستان ٽيون
بيت - 17
ڏِٺِي ڏِيارِي، سامُنڊيَنِ سِڙَه سَنباھِيا،
وِجِهئو وَرُ وَنجَهہ کي، رُوئٖي وَڻجارِي،
مارِندءِ، مارِي! پِرهَ سُورَ پِريَنِ جا.
سر سھڻي
داستان پھريون
بيت - 1
وَھَ تِکَ، واھُڙَ تِکَ، جِت نِيهُ، تِکَ نِرالِي،
جَنِ کي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خِلوَتَ خِيالِي،
وارِيَين سي، والِي! ھِيَڙو جَنِين ھَٿِ ڪِئو.
بيت - 10
وَڻَنِ ہ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪَرَي،
گِهڙِي گَهڙو ھَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجِهيءَ ٻانگَ،
سيئِي ڍُونڍَي سانگَ، جِتَي ساھَڙُ سُپِرِين.
وائي - 1
ڪِھَڙَي مَنجِهہ حِسابَ؟ ھُئَڻُ مُھِجو ھوتَ ري، لا!
گولِي! ڀَڄُ گناھَ کان، ڪونِہ سُولُ ثَوابَ،
ھُئَڻُ مُھِجو ھوتَ ري، لا!
نَڪِين تَقاوَتَ ۾، نَڪِين مَنجِهہ رَبابَ،
ھُئَڻُ مُھِجو ھوتَ ري، لا!
خُدِيَائِي خُوبُ ٿِيَي، لايَين جَي لُعابَ،
ھُئَڻُ مُھِجو ھوتَ ري، لا!
پَليتُ ئي پاڪُ ٿِيَي، جُنُبِئو مَنجِهہ جِنابَ،
ھُئَڻُ مُھِجو ھوتَ ري، لا!
سو نَہ ڪَھِم شَيءِ ۾، جَيڪين مَنجِهہ تُرابَ،
ھُئَڻُ مُھِجو ھوتَ ري، لا!
ھوءِ جَي جَرَڪِڻا جَرَ تَي، سَي تان سَڀِ حُبابَ،
ھُئَڻُ مُھِجو ھوتَ ري، لا!
ھادِيءَ سَين ھُنَ پارَ ڏي، وِڙهَين ساڻُ رِڪابَ!،
ھُئَڻُ مُھِجو ھوتَ ري، لا!
چَنبو وِجِهي چورَ کَي، آءٌ ڇَڙَ عُقابَ،
ھُئَڻُ مُھِجو ھوتَ ري، لا!
ديدُ وِڃاَءِ مَ دوستَ جو، ھَلي مَنجِهہ حِجابَ،
ھُئَڻُ مُھِجو ھوتَ ري، لا!
ڪَسرَتَ آھَي قُربَ ۾، اِدغامَ اِعرَابَ،
ھُئَڻُ مُھِجو ھوتَ ري، لا!
فَنا وِجِهي فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيُ ڪَبابَ،
ھُئَڻُ مُھِجو ھوتَ ري، لا!
ڏَي طَھُورا تَنِ کي، جَي سِڪَنِ لاءِ شَرابَ،
ھُئَڻُ مُھِجو ھوتَ ري، لا!
مُٺِيَ ڪِئا مَرضَ ۾، جاوا سَڀِ جَوابَ
ھُئَڻُ مُھِجو ھوتَ ري، لا!
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
ابيات مُتفرقہ
سر سسئي آبري
داستان پھريون
بيت - 1
اَوّلِ آخَرِ آہ، ھَلَڻُ مُھِجو ھوتَ ڏٖي،
پورهِئو سَندو پورِھيَتٖينم والِي! ڪِيمَ وِڃاءِ،
سو مُون ٿورو لاءِ، جِنْ جِئَرٖي مِلان جَتَ کٖي.
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
داستان يارھون
ابيات مُتفرقہ
سر معذوري
داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
بيت - 1
مَرِي، جِيء، تَہ ماڻِيٖين، جانِبَ جو جَمالُ،
ٿِيٖين ھُندَ حَلالُ، جٖي پَندِ اِھائِي پارِيٖين.
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
سر ديسي
داستان پھريون
بيت - 1
مُٺِيَسِ! جَهلِ مَھارَ، ڪُٺِيَسِ! ڪاہِ مَ ڪَرَھو،
مُون نِماڻيَ جٖي نِجُهرٖي، ڀٖيرو ڪِجِ ڀَتارَ!
ساڄَنَ! توھان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِيهُ قِيامَ جو.
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
سر ڪوھياري
داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
سر حسيني
داستان پھريون
بيت - 2
لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَٿَ،
سِڄُ سامُهُون مُهَ ۾، مَتان ڪَرِيٖين ڪَٿَ،
سُپٖيريان جٖي سَٿَ، ڳاڙهٖي سِڄِ ڳالِ مِڙيٖن.
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
داستان يارھون
داستان ٻارھون
سر ليلا چنيسر
داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
سر مومل راڻو
داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
بيت - 1
شَمَعَ ٻارِيندٖي شَبَّ، پِرِھَ باکُون ڪَڍِيُون،
موٽُ، مَران ٿِي، مَيڌَرا! راڻاَ ڪارَڻِ رَبَّ،
تُھِجِي تاتِ طَلَبَّ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
سر مارئي
داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
داستان پنجون
داستان ڇھون
داستان ستون
داستان اٺون
داستان نائون
داستان ڏھون
داستان يارھون
ابيات مُتفرقہ
سر ڪاموڏ
داستان پھريون
داستان ٻيون
سر گهاتو
داستان پھريون
بيت - 1
گَهنگَهرِئا گَهڻَ ڄاڻَ، مُوڙهِي مَتِ مَھائِييٖن،
وِئا گَڏِجي وِيرِ ۾، پِئا مُھِ مِھراڻَ،
اَڳِيان پويان ٽاڻَ، وِئا ويٖچارَنِ وِسَرِي.
وائي - 1
جيٖڪُسِ جَهلِيا مَڇَّ، گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
ڪاھٖي وَڃو، ناکُئا! ڪَرِئو بُرٖي تٖي بَڇَّ،
گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
ڪاٿٖي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون؟ ڪاٿي سَندِيَنِ رَڇَّ؟
گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
ڪُنَّ ڪَڙڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِيان اَڇَّ،
گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
اَدِيُون عَبدُاللَّطِيفُ چٖي، سَڀِ لَنگهيِندا ڇَڇَّ،
گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
سر سورٺ
داستان پھريون
داستان ٻيون
داستان ٽيون
داستان چوٿون
سر ڪيڏارو
داستان پھريون
بيت - 1
ڏِٺو مُحَرّم ماہُ، سَنۡڪو شَھِزادَنِ ٿِئو،
ڄاڻٖي ھٖيڪُ اَللهُ، پاڻَ وَڻَندِيُون جو ڪَرٖي.