آگم ڪيو اچن...

عنوان شاھ جو رسالو
شارح / محقق ٻانهون خان شيخ
ڇپائيندڙ شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي
ڇپجڻ جي تاريخ 2000-05-01
ايڊيشن 1

فھرست

سُر ڪلياڻ

داستان پھريون
بيت - 1

اَولُ اَللهُ عَلِيمُ، اَعلى عَالَمَ جو ڌَڻِي،
قَادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قَائِمُ آھِ قَدِيمُ،
وَالِي وَاحِدُ وَحدَہُ، رَازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو سَارَاھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پَاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جِھَانَ جُون.

بيت - 2

وَحدہ لَا شريك لَهٗ، جَان ٿو چَئِين اِيئَن،
تَان مَڃُ مُحمَدُ ڪَارَڻي، نِرتو مَنجَهان نِينھَن،
تَان تُون وَڃئو ڪِيئَن، نَائِين سِرُ ٻِئنِ کي.

بيت - 3

وَحدہ لَا شريك لَهٗ، جَڏھِين چَيو جَن،
تَن مَڃِئو مُحمَدُ ڪَارَڻي، ھيجا سَاڻُ ھِنيَنِ،
تَڏِھِين مَنجَهانُ تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَہ اولئِو.

بيت - 4

وَحدہ لَا شريك لَهٗ، جَنِ اُتو سين اِيمانَ،
تَنِ مَڃِئو مُحمَدُ ڪَارَڻي، قَلبَ سَاڻُ لِسَانَ،
اُوءِ فَائِقَ ۾ فَرمَانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئَا.

بيت - 5

اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئَا، سُتَڙ وِئَا سَالِمَ،
ھيڪَائِي ھيڪ ٿِئا، اَحَدَ سَان عَالِمَ،
بي بَھَا بَعلَمَ، آگي ڪِئَا اَڳِھِين.

بيت - 6

آگي ڪِئَا اَڳِھِين، نِسوروئي نُورُ،
لَاخَوفُ عَلَيھم ولَا ھُم يحزَنُونَ، سَچَن ڪونِهي سُورُ،
مَولا ڪِئو مَعمُورَ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.

بيت - 7

وَحدَہٗ جي وَڍِئَا، الاللهَ ڪِئا اَڌَ،
سي ڌَڙَ پَسي سَڌَ، ڪِنھِن اَڀَاڳِيءَ نَہ ٿِئي.

بيت - 8

وَحدَہٗ جي وَڍِئَا، الاللهَ اَڌَ ڪِئا،
مُحَمؐدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمَانَ ٿِئَا،
عَاشِق عبداللطيفُ چَئي، اِنِھين پَھِ پِئَا،
جيلَاھَ ڌَڻِي ڌُئَا، تي وِئَا وَحدَتَ گَڏِجِي.

بيت - 9

وَحدَہٗ جي وَڍِئَا، اِلاللهَ سين اورينِ،
ھِنيوُن حقِيقتَ گَڏِئو، طريقَتَ تورِين،
مَعرِفَتَ جِيءَ مَاٺِ سين، ڏيسَاندَرَ ڏورِيِن،
سُک نَہ سُتَا ڪَڏِھِين، ويھِي نَہ ووڙِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪورِينِ، عَاشِقَ عبداللطيفُ چَئي.

بيت - 10

وَحدہ لَا شريك لَهٗ، ٻُڌُءِ نَہ ٻوڙا،
ڪِ تو ڪنين نہ سُئَا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا،
ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏِھِين شَاھِدَ ٿِيندَءِ سَامُھَان.

بيت - 11

وَحدہ لَا شريك لَهٗ، ايءُ وِھَائِجِ وِيءُ،
کَٽين جي ھَارَائين، ھَنڌُ تُنھنجو ھِيءُ،
پَاڻَا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جَامُ جَنتَ جو.

بيت - 12

وَحدہ لَا شريك لَهٗ، اِي ھيڪِڙائِي حَقُ،
ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ جَنِ وِڌو سي وِرسِئَا.

بيت - 13

ڌَڙُ ڍُونڍِيَان سِر نَہ لَھان، سِرُ ڍُونڍِيَان ڌَڙُ ناھِ،
ھَٿَ ڪَرَايُون آڱِريون، وِئَا ڪَپِجِي ڪَانھَن،
وَحدَتَ جي وِھانءِ، جي وِئَا سي وَڍئَا.

بيت - 14

وَحدَتَان ڪَثرَتَ ٿِي، ڪَثرَتَ وَحدَتَ ڪُلُ،
حَقُ حَقِيقِي ھيڪڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھِيءُ ھُلَاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.

بيت - 15

تُون چَؤ اَللهُ ھيڪِڙو، وائِي ٻِي وِسَارِ
تَنَ ۾ تَندُ تَنوَارِ، سَدَا سُپيرِيَن جِي.

بيت - 16

تُون چَؤ اَللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وَائِي وِسَاري ڇَڏِ،
تَان تُون ھِنيين سين گَڏِ، سَڄَڻُ سَاھَ پَسَاھَ ۾.

بيت - 17

تُون چَؤ اَللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وَارِجِ مَ وَائِي،
سِکِجِ تُون سَائِي، جيڪَا مُڪِي سَڄَڻين.

بيت - 18

پَاڻِهين جَل جَلَالُه، پَاڻِهين جَانِ جَمَالُ،
پَاڻِهين صُورَتَ پرينءَ جي، پَاڻِهين حُسنُ ڪَمالُ،
پَاڻِهين پِير مُريدُ ٿِئي، پَاڻِهين پَاڻَ خِيَالُ،
سَڀِ سَڀوئِي حَالُ، مَنجَهان ئِي مَعلومُ ٿِئو.

بيت - 19

پَاڻِھين پَسي پَاڻَ کي، پَاڻِھين اِيءُ مَحبُوبُ،
پَاڻِھين خَلَقي خُوبُ، پَاڻِھين طَالِبُ تَنِ جو.

بيت - 20

سو ھِي سو ھُو، سو اَجَلُ سو اللهُ،
سو پِرِين سو پَسَاھُ، سو ويرِي سو وَاھَرُو.

بيت - 21

عَاشِقُ چَؤ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَؤ مَعشُوقُ،
خَالِقُ چَؤ خَامَ تُون، مَ ڪِي چَؤ مَخلُوقُ،
سَلِجِ تِنھِن سُلوڪُ، جو نَاقِصَا نِڱِئو.

بيت - 22

پَڙاَڏو سو سَڏُ، وَرُ وَائِيءَ جو جي لَھين،
ھُئَا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئَا.

بيت - 23

ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙيِين سَھسَ کڙَڪِيوُن،
جَاڏي ڪَرِيَان پَرَکَ، تَاڏي صاحِبُ سَامُهُون.

بيت - 24

ڪوڙِين ڪَايَائُون، تُنھِنجُون لِکَنِ لَکَ ھَزَارَ،
جِيءُ سَڀَڪَنھِن جِيءَ سين، دَرسَنُ ڌَارو ڌَارَ،
پِريَمِ تنھِنجَا پَارَ، ڪَھڙا چَئِي ڪِيئَن چُئَان.

وائي - 1

سَڀَڪَا پِريَان ڪُون پُوڄي، نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳَالِهہ،
جَا چِتَايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سَا ٻُجهي،
لَاتِ جَا لَطِيفَ جِي، سَڄَڻَ سَڏُ تَنھِنجو سُڄي.

داستان ٻئو
بيت - 1

اَگِهي اَگهَائِي، رَنجُ پِريَان کي رَسِئو،
چَکِئَمِ چَڱَائِي، سورَانگهي سُورِيءَ کان.

بيت - 2

اَنڌا اُنڌا ويڄَ، کَلَ ڪُڄَاڙِئَا کَانئِيين،
اَسَان ڏکي ڏيل ۾، تُون پِيَاريين پيڄَ،
سُورِي جَنِي سيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.

بيت - 3

سُورِيءَ سَڏُ ٿِئو، ڪَا ھَلَندي جيڏِيُون،
وَڃَڻُ تَنِ پئو، نَالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.

بيت - 4

سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عَاشِقَنِ کي،
اَٿيئِي سَڌَ سڪڻ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پيرُ پَري،
سِسِي ڌَارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون.

بيت - 5

سوُرِي آھِ سِينگَارُ، اَصلِ عَاشِقن جو،
مُڙَڻُ موٽَڻ ميھَڻو، ٿِئَا نِظاري نِروارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عَاشِقنِ سين.

بيت - 6

سُورِي سِينگاري، اُڀي عَاشِقَنِ کي،
لُڏِئَا ڪِينَ لطيف چَئي، ٿِئَا نيزي نِظَاري،
ڪوٺِئو ڪِنَاري، آڻِئو چَاڙھي اُنِ کي.

بيت - 7

سُورِيءَ تي سَئو وَارَ، ڏِھَاڙِئو چَنگِ چَڙھين،
جِمَ وِرِچِي ڇڏيين، سِڪَڻَ جِي پَچَارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پَارَ، نِينھُن جِئائِين نڱِئو.

بيت - 8

سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِھَڙي ليکي سَنِرَا،
جيلَاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيَائِي سيجَ ٿِي.

بيت - 9

سُورِيءَ چڙَھَڻُ سيڄَ پَسَڻُ ايءَ ڪَمُ عَاشِقَنِ،
اُوءِ پَاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سَائُو ھَلَنِ سَامُھَان.

بيت - 10

پِھرين ڪَاتِي پَاءِ، پُڇِجِ پوءِ پِريَتَڻُو،
ڏُکُ پِريَان جو ڏِيلَ ۾، وَڄَٽَ جِيئَن وَڄَاءِ،
سِيخِنُ مَاھُ پَچَاءِ، جي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.

بيت - 11

ڪَاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾،
پَسِئو پَرِ عَظِيمَ جِي، لِچِئو وَڃي لوحُ،
عَاشِقَنِ اَندوھُ، سَدَا مَعشُوقِنَ جو.

بيت - 12

ڪَاتِي تِکي مَ ٿِئي، مَرُ مُنِيائِي ھوءِ،
مَان نہ وِرمَنِ توءِ، مُون پِريَان جَا ھَٿَڙَا.

بيت - 13

ڪَاتِي جَا قَرِيبَ جِي، ھَڏُ چِيري چَمُ،
عَاشِقَنِ پَنھِنجو اَنگُ، لِلهِ ڪَارَڻِ وَڍِئو.

بيت - 14

جي تُون سِڪَڻُ سِکئو، تَہ ڪَاتِيءَ پيئِيءَ مَ ڪَنجُهہ،
سُپيرِيَان جي سُورَ جو، مَاڻُھُنِ ڏِجي نہ مَنجُهہ،
اندَرِ اِيءَ اَھِنجُ، سَانڍِجِ سُکَائون ڪَري.

بيت - 15

وَڍِيين تَان ويھُ، نَہ تَہ وَٺئِو وَاٽَ وَنءُ تُون،
ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ڪَاتِي جَنِي ھَٿَ ۾.

بيت - 16

ڪَاتِي جَنِ ڳَري، مَان لَنءُ لَڳو تَنِ سين،
مُحبَتَ جي مَيدَانَ ۾، وَڃون پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مَان نہ ڪُھنِھُون سُپِرِين.

بيت - 17

اَڳِئَان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھِئَا،
ڪَاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُن ڀَانيين گهَٽِ،
مَٿا مَھايَن جَا، پِئَا نَہ پَسيين پَٽِ،
ڪَلَاڙَ ڪي ھَٽِ، ڪُسَڻ جو ڪوپُ وَھي.

بيت - 18

جَان اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وَانءُ ڪَلَاڙين ڪَاٽي،
لَاھي رَکُ لطيفؒ چَئي، مَٿو وَٽِ مَاٽي،
تِڪَ ڏيئي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ مَنجَهان گهَاٽي،
جو وَرَنَھَ وِھَاٽي، سو سِرَ وَٽِ سَرو سَاھَنگو.

بيت - 19

جي اَٿيئِي سَڌَ سُرَڪَ ۾، وَنءُ ڪَلَاڙَ ڪي ھَٽِ،
لَاھي رَکُ لطيفؒ چَئي، مَٿو مَاٽي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيئُجِ ڪي پِيَالِيُون.

بيت - 20

جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وَانءُ ڪَلَاڙَ ڪيءَ ڪُوءِ،
مَيي سَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ،
جَان رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تَان سِرَ وَٽِ سُرڪِي سَڳڻِي.

بيت - 21

جي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلَاڙَ ڪي گهَرِ،
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهيِن جِي پَرِ،
جي وَٽِيَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيدُ چَئي.

بيت - 22

سِرَ وَٽِ سَرو سَاھَنگو، وَٺين ڇو نَہ وَرِي،
قَدرَ ڪَيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
سُرڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون بَٺِنِ پاس بُٺِيون.

بيت - 23

بَٺِنِ ھيٺَان بَاھِ، مَڇُڻ آڳِ اُجهَائِينُ،
رُپو ڪَندَا رَاھِ، ڪَؤُنرَ ڪَلَاڙين آيَا.

بيت - 24

نَاڻي نَاھِ ڪَڪُوھُ، مُلِهِہ مَھَانگو مَندُ،
سَنبَاھيجِ سَيدُؒ چَئي، ڪَاٽَڻَ ڪَارَڻِ ڪَنڌُ،
ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پَاسِ مَرَنِ جي.

بيت - 25

مَ ڪَرِ سَڌَ شَرَابَ جِي، جي تُون ٽارِين ٽُوھُ،
پِيتي جَنھِن پَاسي ٿِئي، مَنجَهان رڳُنِ رُوحُ،
ڪَاٽي چَکُ ڪَڪُوھُ، لَاھي سِرُ لطيفؒ چَئي.

بيت - 26

سَڌَڙِيَا شَرَابَ جُون، ڪُھ پَچَارُون ڪَنِ،
جُھ ڪَاتَ ڪَلَاڙِنِ ڪَڍِئَا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪُون سي پيَنِ، سِرَ جني جَا سَٽِ ۾.

بيت - 27

سَرَ جُدا ڌَڙَ ڌَارَ، دوڳَ جَنِي جَا ديڳِ ۾،
سي مَرُ ڪَنِ پَچَارَ، حَاضُرُ جَنِي ھَٿَ ۾.

بيت - 28

ديڳِيين دوڳَ ڪَرَھنِ، ڪَڙِيءَ ڪَڙَڪو نہَ لَھي،
تِتي طَبِيبَنِ چَاڪَ چِڪَندَا ڇَڏِئَا.

بيت - 29

عَاشِقَ زَھَرَ پيَاڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻُو،
ڪَڙي ۽ قَاتِلَ جَا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳيءَ لَنءُ لطيفؒ چَئي، فَنَا ڪِئَا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چَاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عَامَ کي.

بيت - 30

اَصلِ عَاشِقَ پَانھِنجي، سِسِي نَہ سَانڍِينِ،
لَاھِئو سِرُ لطيفؒ چَئي، سَاھُ سَلاڙِئو ڏِين،
ڪُلَھنِئُون ڪَاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُو.

بيت - 31

اَصلِ عَاشِقَنِ جو، سِرُ نَہ سَانڍَڻُ ڪَمُ،
سَؤُ سِسِنِئَان اَڳِرو، سَندو دوسَان دَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريَان جي نَہ پَڙي.

بيت - 32

ڪوڙِيين اُڀَا ڪيتِرَا، وَڍئو سِرَ سَڃِينِ،
جي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿَا وَارِينِ.

بيت - 33

سِسِي سي گهُرَنِ، جي وَاڻيندَلَ وِچَ ۾،
اُوءِ ڪِي ٻِئو پُڇَنِ، سَرو جَنِ سَنبَاھِئو.

بيت - 34

جي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، تَہ سَڀَڪَنھَن سَڌَ ٿِئيُ،
سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، تَہ عَاشِقَ اِيئَن اَچَنِ،
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِهِہ مَھَانگا سُپِرِين.

بيت - 35

مُلِهہ مَھَانگو قَطرو، سِڪَڻُ شَھَادَتَ،
اسَان عِبادَتَ، نَظَرَ نَازَ پِريَنِ جَا.

وائي - 1

عشقَ تُسَاڏي مَين عَاجِزُ ڪِيتِي وو مَيڏي مِيَان،
دَردَ رَانجَهن دي گهَايَلِ ڪِيتِي،
ھِڪُ جِيئَن سُھڻَا، ٻِيجِي بي پَروَاھِي،
ويڄَ طَبِيبَ مَين پُڇَندي ٿڪِي.

وائي - 2

رَانجَها وو مَين تَيڏَڙِي آھِيَان،
مَاھِي وو مَين تَيڏَڙِي آھِيَان،
او اي آندِي ٻَانِهِي وو مَين، تيڏي وَاسِطي رَھِيَان،
ري وو مَين پَئِي وو مَينُون نَالِ وِسَارِ نَھِين،
چيٽَڪُ لَايا وو مَينُون، ڪُوڪَ ڪِنھِن سُڻِوَايَا تَينُون،
شَرَمُ شَانُ سوئي تَينُون نَامي وَاسِطي.

داستان ٽئو
بيت - 1

اُٿِيَارِي اُٿِي وِئَا، مَنجهَان مُون آزارَ،
حَبِيبَ ھَڻِي وِئَا، پِيڙَا جِي پچَارَ،
طَبِيبَنِ تَنوارَ، ھَڏِ نَہ وَڻي ھَاڻِ مُون.

بيت - 2

ھَڏِ نَہ وَڻي ھَاڻِ مُون، ويڄَنِ جي وِصَالَ،
ھِن مُنھِنجي حالَ، حَبِيبُ ئِي ھَادِي ٿئو.

بيت - 3

حَبِيبُ ئِي ھَادِي ٿِئو، رَھنُمَا رَاحَتَ،
پِيڙَا نِئَائُون پَاڻ سين، لَاھي ڏيئي لَتَ،
سُپيرِيَان صِحَتَ، ڏِنِيمِ مَنجهَان ڏُکَندي.

بيت - 4

اَورِ ڏُکَندو اُو ٿِيي، ھَادِي جِنھِن حَبِيبُ،
تِرُ تَفَاوَتُ نَہ ڪَري، تِنھِن کي ڪو طبِيبُ،
رَھنُمَا رَقِيبُ، سَاٿَر آھي سُپِرِين.

بيت - 5

سَاٿَرِ صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزَارُ،
مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھَارُ،
خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻي، جَنھِن سين ٿِئي يَارُ،
سَاجَنُ رب سَتَارُ، سوجهي رَڳُون سَاھَ جُون.

بيت - 6

رَڳُون ٿِيُون رَبَابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنھِن،
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جَانِبَ رِءَ جَوَابُ،
سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبَابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي رَاحَت رُوحَ جِي.

بيت - 7

سوئِي رَاھَ رَدِ ڪَري، سوئِي رَھنُمَا،
وَتُعِز مَن تَشَآءُ وَتُذِل مَن تَشَآءُ.

بيت - 8

عَشقَ جي اَسبَابَ کي، پَرِي ۾ پُڇِئَائُون،
دَارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏَاڍو ڏَسِئَائُون،
آخِرُ ”وَالعَصرِ“ جو، اِيَھِي اُتَائُون،
تِھَان پوءِ آئُون، سِڪَان ٿِي سَلاَمَ کي.

بيت - 9

سِڪين ڪوھُ سَلَامَ کي، ڪَرِيين ڪوھُ نَہ سَلامُ،
ٻِئَا دَرَ تَنِ حَرَامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.

بيت - 10

مِٺايَان مِٺو گهَڻُو، ڪَڙو نَاھِ ڪَلَامُ،
سُڪُوتُوءِ سَلامُ، پِريَان سَندي پَارَ جو.

بيت - 11

پِريَان سَندي پَارَ جِي، مِڙيئِي مِٺَائِي،
ڪَانِهي ڪَڙَائِي، چَکين جي چيتُ ڪَري.

بيت - 12

ڄَاڻِي ٻُجهِي جَنِ، تو سين سُورَ سَڃَ ڪِي،
تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ، پَرَ سين پَچَارُون ڪَرِيين.

بيت - 13

تو جَنِي جِي تَاتِ، تَن پَڻِ آھي تُنھِنجِي،
فَاذڪُرُوني اَذڪُرڪم، اِيءَ پَرُوڙِجِ بَاتِ،
ھَٿِ ڪَاتِي ڳُڻُ وَاتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِريَنِ جِي.

بيت - 14

حَبِيبَنِ ھيڪَارَ، مَنجهَان مِھرَ سَڏُ ڪِئو،
سو مُون سَڀَ ڄَمَارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.

بيت - 15

پَاٻُوھِي ھيڪَارَ، مُون کي پُڇِئو سَڄَڻِين،
اَلَستُ بِرَبِڪُم، چَيَائُون جِنھِن وَارَ،
سَندِي سَورَ ڪِنَار، تَنَ تَڏَھانڪُون نَہ لَھي.

بيت - 16

پَاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٽُ حَبِيبَ جو،
نيزي ھيٺَان نِينھَن جي، پَاسي پَاڻ نَہ ڪَنِ،
عَاشِقَ اَجَلَ سَامُھَان، اُوچي ڳَاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مشَاھِدو.

بيت - 17

ڪوٺي ڪُھي سُپِرين، ڪوٺي ڪُھَڻَ سَاڻُ،
نيزي ھيٺَان نِينھَن جي، پَاسي ڪَرِ مَ پَاڻُ،
ڄُلُ وِڃَائي ڄَاڻُ، عَاشِقَ اَجَلَ سَامُھُون.

بيت - 18

ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ آھِ،
اِيءَ اُلِٽِي ڳَالهَڙِي، سِکُ وَرَندي سَاھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لَاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.

بيت - 19

ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو ڪُھي،
سوئِي مُون مُھي، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.

بيت - 20

ڪُھَنِ تَان ڪَرَ گهُرَا، ڪَرَ لَھَنِ تَان ڪُھَنِ،
سيئِي مَان مُھَنِ، سيئِي رَاحَتَ رُوحَ جِي.

بيت - 21

ڪُھي سو ڪَرَ لَھي، ڪوٺي سو قَرِيبُ،
اِھَا عَادَتَ سِکِئو، ھَر زَمَان حَبيبُ،
تِڇي سو طَبيبُ، سو ئِي رَاحَتَ رُوحَ جِي.

بيت - 22

ڪُھَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين،
سُورِيءَ چَاڙِھِئو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِھَاڙئو ڏِينِ،
ويٺَا وِرھُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئَا وِھَاءِ تُون.

وائي - 1

مَينون مَاھِي، عَشقُ رَانجهَنِ دا،
رَاتِيَان دَردُ ڏِينھَان دَرماندِي لوڪَان خبر نہ ڪائِي،
دَارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،
مُونکي مَرضَ مَارِئو، صَاحِب ھَٿِ سَگهَائِي.

وائي - 2

عَجَبُ نَينَ تيري، سَرَسُ نَينَ تيري،
جَلَ وِچ ڪَنوَلُ ڪَنوَلَ وِچ مُدُوئَا،
جُون چَاند ڪُون بَادَلُ گهيري،
چُڻِ ڀُڻِ ڪَلِيَان سيڄَ وِڇَاوَان، آءُ پِيءَ گهَرِ ميري.

سُر جمن

داستان پھريون
بيت - 1

حَبِيبُ تُون طَبيبُ، تُون دَردَ جِي دَوا،
جانِبَ مُنھِنجي جِيءَ ۾، آزَرَ جا اَنواعَ،
صاحِبَ ڏيِين شَفا، مِيان مَرِيضَنِ کَي.

بيت - 2

تُون حَبيبُ تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جو دَارُون،
دَوَا آھِينِ دِلِ کي، تُنھِنجُون تَنوَارونُ،
ڪَرِيَان ٿي ڪَارُون، ٻُڪِي ٻِئَنِئَان نَہ ٿِئي.

بيت - 3

تُون حبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَارُون کي دَردَنِ،
تُون ڏيِينِ تُون لاَھِيين، ڏَاترَ کي ڏکَندَنِ،
تَڏِھِين ڦڪِيون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏِھِين اَمرُ ڪَرِئون اُنِ کي.

بيت - 4

حَبِيبُ تُون طَبِيبُ تُون، توُنھِين ڊَٺنِ ڊَبُ،
تُون ڏِين تُون لاَھيين، تُونَھِين ھَادِي رَبُ،
آھِمِ ايءُ عَجَبُ، جِيئَن وَارِئو ويڄَ وِھَارِيين.

بيت - 5

جَان ڪي ڪَري طَبِيبُ، دَارُون ھِنَ دَردَ جَا،
ھَڻِئو سي حَبيبُ، اُکوڙِئو اَڌ ڪَري.

بيت - 6

ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٿيڪَ مَ، ٿورو لاءِ،
پِريَمِ تُنھنجي گهَاءِ، مَران تہَ مَانُ لَھَان.

بيت - 8

ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٻَنگان لَھِي ٻَاڻُ،
ماَڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجَهان پَاڻُ،
اِنَ پَرِ سَاجَنَ سَاڻُ، مَنَ مُقابِلو موُن ٿِئي.

بيت - 9

جِتي حَبِيبَ ھَڻَنِ، ڀَري نائُڪَ نِينھَن جي،
تِتي طَبِيبَنِ، وَڃي وِڄَا وِسَرِي.

بيت - 10

ھَڻي جي حَبيِبُ، مَحبَتِي مَيا ڪَري،
پُڇَان ڪينَ طَبِيبَ، ھُوندَ گَهاوَنِ سين ٿي گَهارِيَان.

بيت - 11

چوري چَنگُ ٻَنگُ لَھِي، حَبِيبَنِ ھَنيوسِ،
ٻُجَهان ٻَاڻُ لَڳوسِ، ڪَانَارِئو ڪَرُ کَڻي.

بيت - 12

ڪَانَارِئَا ڪُڻِڪَن،جَنِي لوھُ لِڱن ۾،
مَحبَتَ جي مَيدَانَ ۾، پِئَا لاَلَ لُڇَنِ،
پَاڻِهين ٻَڌنِ پَٽيوُن، پَاڻهين چِڪِئَا ڪَنِ،
وَٽاَن وَاڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي رَاتَڙي.

بيت - 13

رَھِي اَچِجي راَتَڙِي، تَنِ وَاڍوڙِيَن وَٽَان،
جَنِ کي سُورُ سَريرَ ۾، گَهٽَ مَنجهَان را گَهاءَ،
لِڪَائي لوڪَان، پاڻِهين ٻَڌَنِ پَٽِيوُن.

بيت - 15

واَڍوڙَڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄ پَڻِ ڪَنجهو ڪَنجهَہ،
جي پَڻِ پييَنِ سَنجَهہ، تہ ھُو پِنِيُون ھُو پَٽِيُون.

بيت - 16

وَاڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پَڻِ ڪِھَڙِي دَانھَن،
ويڄَ وَرَائي ٻانهَن، چوري چَاڪَ نِھَارئا.

بيت - 17

ويچَارَا وَاڍوڙَ، سَدَا شَاڪِرَ سُورَ سين،
تَاڻِين مَٿي توڙَ، اوري ڪَنِ نہَ آسرو.

بيت - 18

وَاڍوڙِئنِ وَائِي، سَدَا آھي سُورَ جي،
جيڪَا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نہَ سَائِي،
اوڙَڪِ اِھَائي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالَهڙي.

بيت - 19

سَگهَنِ سُڌِ نہَ سُورَ جِي، تہَ گهَايَلَ ڪيِئَن گَهارِينِ،
پِئَلَ پَاسو پَٽَ تَان، وَاڍوڙِئَا نَہ وَارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِريِنءَ کي، ٿَا ھَي ھَنجُون ھَارِينِ،
سَڄڻُ جي سَارِينِ، تن رويو وِھَامي راتَڙِي.

بيت - 20

سَگهَنِ سُڌِ نہَ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي،
پئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مَامُورِي،
لَڳيَنِ لَنءُ لطيف چَئي، سَدا جِيءَ سورِي،
پِرتِ جَنِ پُوري، تَنِ رويو وِھَامي راتَڙِي.

بيت - 21

رَنجُورِيَن رُڻِڪَ، سَدَا آھي سُورَ جي،
ڪِنھِن جَنھِن ڏُکَ ڏَسَائِيَا، لَٿِيَنِ ڪِينَ جُڙِڪَ،
اِنَ ڀَلارِيءَ ڀُڻِڪَ، نيئيِ ھيڪَرَ حُضورِي ڪِئا.

بيت - 22

آيَلِ اُنِ نَہ وِسَهَان، ھَنجُون جي ھَارِينِ
آڻِئو آبُ اکِيُنِ مَان، ڏيهَہ کي ڏيکَارِينِ،
سَڄڻُ جي سَارِينِ، سي نہَ رُونِ نَہ چُونِ ڪي.

بيت - 23

جي ڀَانيين پِرينءَ مِڙَانَ، سِکُ چوَران ڪِي ڌَات،
جاڳَڻُ جَسَنُ جَنِ کي، سِڪَڻُ سَڄَيائِي راتِ،
اُجهِي ٻُجِهي آيا، وَائِي ڪَنِ نہَ وَاتِ،
سَلَي سُورِيءَ چاڙِھِئَا، بَيَانُ ڪَنِ نَہ بَاتِ،
توڻي ڪُسَنِ ڪَاتِ، تہَ سَاڳَي سَلَنِ ڪِيِنَ ڪِي.

وائي - 1

وِرِسِئا ويڄَ ويچَارا، ڀُلِئَا ويڄَ ويچَارا،
دِلِ ۾ دَردُ پِريَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِض پِريَنِ جو،
اُٿِئو ويڄَا مَ وِھو، وَڃو ڊَبَ کَڻي،
ٻُڪِي ڏيِندَا ٻَاجَهہ جِي، آياَ سُورَڌَڻِي جِيءَ جِيارا.

وائي - 2

ويڄَ ۾مون وٽ ويهہ، آيا جَانِي مون گَهرِ آيا، آيا ھَادِي،
ويڄَن وَڏَائي وَسَ ڪِئا، مَرِضَ مُنھِنجي کي،
ٻُڪي ڏيِندَا ٻاجَهہ جي، سَندو رَحمَتَ ريهُہ،
مَرُ چَڱِيَائِي نَہ ٿِئَان، ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي،
ڪَرَ لاَھُو ٿِي ڪَڏِھِين، اڱڻِ شَالَ اَچي.

داستان ٻئو
بيت - 1

تَاتِ طَبيبُ نہَ تُون، سُڌِ نہَ لَھين سُورَ جِي،
سَانڍِ پَنھِنجَا ڊَبَڙا،کَڏَ کڻِي ۾ ڀُون،
ڪا نہَ گهُرِجي مُون، حَيَاتِي ھوتنِ ري.

بيت - 2

ويڄَنِ سين وَائِيءَ پِئَا، ڪِرِي نہَ ڪِئَائُون،
جي پَندِ پَارِئَائُون، تہَ سِگهَائِي سَگها ٿِئَا.

بيت - 3

ويڄَنِ سين وَائِيءَ پِئَا، ڪِرِي ڪَنَ نَہ پَاڻَ،
اگهَا اِنَ اُھڃَاڻَ، پَسو سُورَ سِجَهايَا.

بيت - 4

اَگهَائِي سَگهَا ٿِئَا، وَٽَ وِيڄَنِ،
تَرسِي طَبيبَنِ، چيٺي ھُوندَ چَڱا ڪئا.

بيت - 5

آھي گهَڻُو اگهَنِ جو، تَرسُ طَبِيبَنِ.
ڪِئو وَسُ ويڄَنِ، تان ڪِرِيءَ رِي ڪِي نَہ ٿِئي.

بيت - 6

تَرسُ طَبِيبَنِ جو، جَڏَنِ ڪِئو نہَ يَادِ،
جو ويڄَنِ جي وَاتِ دَارُوئَا تِنھِن دُورِ ٿئا.

بيت - 7

دَاروُن ۽ ڪَارُون، جَان ڪي ڪِئَا ويڄَ مُون،
ٻُڪِي ڏيِندَا ٻَاجَهہ جِي، نَھَاري نَارون،
جَنِ جُون سيڻَ لَهَنِ سَارُون، تَنِ تان ڏُکوندو ڏُورِ ٿِئِي.

بيت - 8

اگهَنِ مِڙِي اَڄُ، ڪِئو سَڏُ صِحَتَ کي،
ڏورِ ڏُکَنَدَا ڀَڄُ، مِهرِيءَ مُنهُن ڏيکارِئو.

بيت - 9

ويڄَنِ ويٺيئيِ، دوسِت پيھِي دَرِ آيو،
صِحَتَ جِي سَريرَ ۾، ڪَلَ ڪَرين پيئي،
پِيڙَ پَري ويئِي، اَچَڻَ سَاڻُ عَجِيبَ جي.

بيت - 10

ويڄَ وِڄَائون ڇَڏ، دُورِ ڪَري ٻئَا ڊَبَڙَا،
آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ،
صَاحِبُ سوئِي سَڏِ، جو پَرکَا لَهي ھِنَ پِيڙَ جي.

بيت - 11

اِبرَ دَانَائي جي، موُن کي ڏِنَا سَڄڻين،
ھَارِئا تَنِي تي، ويڄَ وِڃَاءِ مَ ڊَبَڙاَ.

بيت - 12

ويڄَ وَڃَاءِ مَ ڊَبَڙَا، ڪَندَا ڪونہَ فَرَقُ،
مُون کي ٿِئا مَرَڪُ، سُپيرِيَان جَا ڌَڪَڙَا.

بيت - 13

ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي، اَلاَ چَڱِي نَہ ٿِيَان،
سَڄَڻُ مَان نَہ اَچي ، ڪَرَ لاَھُو ٿِي ڪَڏِھِين.

بيت - 14

ھَارِئَا تو ھِرِي، ڪُپَجُ ڪَايَا سين ڪِئو،
ڪِيَئِي جي ڪِرِي، تہَ تُون تَواَنُو ٿِيين.

بيت - 15

ھَارِئَا ويڄَ مُيَاس، سُڌ نَہ لَهين سُورَ جِي،
پِريَان کي چُوندِيَاسِ، تہَ تَرسُ طَبِيبَنِ ڇڏِئو.

بيت - 16

وَڍي جَنِ وِڌَياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئَا،
تُرتُ ٻَڌائوُن پَٽيِوُن، روزُ ڪِئَائُون رَاسِ،
ھِينئَڙا تَنِي پَاسِ، گهَارِ تَہ گهَايَلُ نہَ ٿِيين.

بيت - 17

ڪُٺِيَسِ ڪُويجَنِ، تَنَ طَبِيبَ نَہ گَڏِئَا،
ڏيئِي ڏَنڀَ ڏَڏَنِ، پَاڻان ڏيِلُ ڏُکويو.

بيت - 18

ھُئين تَہ ويڄَنِ وَٽِ، تُون ڪِيئَن جيءَ جَڏو ٿِئين،
سِرُ ڏيئي ۾ سَٽِ، ڪوھُہ نَہ ڪِيَئِي ڊَبَڙا.

بيت - 19

وِھَڻُ ويڄَنِ وَٽِ، جي سِکين تہ سَگهوَ ٿيين،
اَڳِين عَادَتَ مَٽِ، تَہ اَگهَا عَاجَزُ نَہ ٿِيين.

بيت - 20

ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکَندو ڏاڍو ٿِئي،
سَا مَجلِسَ ئِي مَٽِ، جي حَاصِلُ ھوءِ ھَزارَ جو.

بيت - 21

ويٺي جَنِي وٽِ ، ڏُکَندو ڏُورِ ٿِئي،
تُون تَنِي سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکڙا.

بيت - 22

ڪَارَائِيَان قَرِيبُ، وَنِنِئُون ويجهو گهَڻو،
دَارُون سَڀَ دَردَ جو، طَبَعَ جو طَبِيبُ،
ايهي حَالِ حَبيبُ، سَاھَان اوڏو سُپِرِين.

بيت - 23

تَڙي طَبيبَنِ، گهَايَلُ گهَرَان ڪَڍئو،
چِڪِئَا چَاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙُيون مُور نہَ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڄَنِ، آءٌ تَہ پِريَمِ اُٿِيَان.

بيت - 24

تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱڻِ کوڙِئَا،
دَارُون ھِنَ دَرَدَ کي، ڦَڪِيوُن فَرَق نَہ ڪَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سوُرَ جِي.

بيت - 25

تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اڱڻِ کوڙِئَا،
ويڄَن ويٺي وَرِھَہ ٿِئَا، ڦَڪِيون فَرَقُ نہَ ڪَنِ،
مون کي مُون پريَنِ، چَتُرَ سَاڻُ چَڱوڪئو.

بيت - 26

ھُوءِ جي مَنجَهان ھيجَ، وَھِمَ پِريَان جي وَڍئَا،
ٻُڪي ڏيئِئ تَنِ کي، ڪوھہُ ڪَريندَا ويڄَ،
نَڪَا پِڇَ نَہ پيڄَ، پَسَڻَ ڌارَان پِرِينءَ جي.

بيت - 27

پَاڙي ويڄَ ھُئَامِ، تَان موُن مُورِ نَہ پُڇِئَا،
تيلاَھِين پِئَامِ، موريسَرَ اَکِيُنِ ۾.

بيت - 28

ڪُومَاڻا ڪَڙِيُون ڪَري، چَاڪَ اُڀَرِئَامِ،
وَاري ويڄَ ڏِنَامِ، ڏَنڀَ ڏُکندي سَامُهَان.

بيت - 29

تَنَ جو تُون نَہ طبِيبُ، ڌَارِيَئِي دُنِيا ڪَارَڻ ڍَٻِيُون،
اَيندو اَڄُ عَجِيبُ، شادِي ڏيندو صِحَتَ جِي.

وائي - 1

مُون کي ٿا مَارِينِ، ڪو پَهہُ پِيَڙو سَڄَڻين،
ٻَارِئو اُجهَائِين، پِرِين اُجَهايو ٻَارِينِ،
لُهَان لُهَارَنِ جَا، مُون کي ٿا مَارِينِ،
وَڍِئِو چِيرئو چِچِرئو، ڏيھہَ کي ڏيکارِينِ،
سِيخُون سَڄَڻَنِ ھَٿَ ۾، چُلهي ٿا چَاڙِھِينِ،
مُوتُوا قَبِلَ اَنتَ مُوتُو، مَرِضَ اِنَ مَارِينِ،
لاَيَمُوتُ فِيهَا وَلاَ يحيٰ، مَارِئو جِيَارِينِ.

داستان ٽئو
بيت - 1

ھَي ھَي وَھي ھَاءِ، مَنَ ۾ مَحبُوبَنِ ۾،
جيرَا جوشَ جَلاَئِيَا، بُڪِنِ ٻَرِي بَاھِہ،
پَسو مَچَ مَٿَا، جي مُون ويسَاھہِ نَہ وِسَهو.

بيت - 2

ھَي ھَي وَھي ھُوءِ، مَنَ ۾ مَحبُوبَنِ جي،
جيرَا جوشَ جَلاَئِيَا، بُڪِنِ، مُڪِي بُوءِ،
اَچِي پَسو رُوءِ، جِي اَئِين ويسَاھہِ نَہ وِسَهو.

بيت - 3

ٽَانڊين ڪَانڊين ٻَاٻُرين، پَچَان مَرُ پيئِي،
جيرا جِگَرَ بُڪِيوُن، سيخُن ۾ ٽيئي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.

بيت - 4

سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئي،
تَنھِن ڪَانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيهِي،
جيرَا جِگرَ بُڪِيُون، پَاسَاڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئَان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.

بيت - 5

سَرُ جو سَڃِئو سَڄَڻين، تِنھِن لورِيءَ لوھہُ ٻئو،
لَڳي ڪَانُ ڪَپَارَ مَان، ڪَڙَڪو ڪُنَدَ ڪِئو،
مَنجهَان مُون وَھِئو،گَهائِيندو گَهٽَنِ کي.

بيت - 6

سَرُ جو سَنڌِئو سَڄَڻين، سِينڱ مَنجَهان سيلو،
ٽينگرُ ٽِڪِئو ڪيِنَ ڪِي، پارِ لنِگهئو پِيلو،
ھَڻڻَ سَان حِيلو، جَانِبَ جيڏوئِي ڪِئو.

بيت - 7

سَرُ جو سنڌئو سَڄڻين ٻنگان ٻاڻُ ڀَري،
وِئو وِجُودَان نِڪَرِي ڪَڙِڪَڙِ ڪَانُ ڪَري،
پُڇو پيرَ ڀَري، تَہ ڪِ ٺَرِئو ھَٿُ حَبِيبَ جو.

بيت - 8

پِريَنِ پَيڪَانُ پَڇَندئو، ٻَنگَان ٻَاڻُ ڀَري،
ڇَمَڪِئوڇوھہَ مَنجَهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪَانُ ڪَري،
جيرَا جِگر بُڪِيُون، لَنگهي پئو پَري،
جو لَڳُمِ جِيءَ ذَري، تَاڻِيَان تِيرُ نَہ نِڪِري.

بيت - 9

ڪِئَائون قَلبَ کي، طَرَحَ تَنوراَ،
جيَرا جِگَرَ بُڪِيون،ڪَپي ڪِئَائُون ڪوراَ،
سِيخُنِ ۾ سُوراَ، تَرِيَائون تَرتِيبَ سين.

بيت - 10

جي تَتو تَنُ تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي سَاڻِ ڇَمَاءِ،
آڻي آڳ اَدَبَ سين، ٻَاري جَانِ جَلاءِ،
بُرقَعَان اَندَرِ بَازِيُون، پَنھِنجُون سَڀِ پَچاءِ،
لُڇَڻُ لَنءُ لَطيف چَئي، پَڌَرِ ھَڏِ مَ پَاءِ،
مَڇڻ لوڪُ لَکَاءِ، وِصالاَ وِچُ پَئي.

بيت - 11

اَڃَا تَنُوران، ڪَالَهَہ ڪَڍِيَاسُون سَڄَڻين،
پُڻ تَايَائُون تَڪِڙَا وَحدَتَ جي وَڍئَا،
مَحَبَتِيَنِ مَٿَان، مَچُ مُورَائِين نَہ لَهي.

بيت - 12

ڌَڳَايومِ ڌَنئِين، ڄيرو اَندرِ جندَڙي،
لَڳِي سِيخَ وِجُودَ ۾، سَندِي نينھَن نَئِين،
مُشَاھِدي تَهين، مُون کي وِڌو مَچَ ۾.

بيت - 13

ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِواَرَ، اَڄُ پَڻِ آڳَڙِيَنِ جِي،
ٻَاري مَچُ مَجَازَ جو،اوتِئَائُون اَڱارَ،
دُوڌَا ٿِيءُ مَ ڌَارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڙِيُون ٿِئي.

بيت - 14

دُوڌَا تُون نَہ ڌَئين، آڳِ اوڏوئِي نَہ وَڃين،
اُلاَ جي عشقَ جَا، سي تَان تُون نَہ سَهين،
اَڃَا ٿو چَئين، تَہ آڳَڙِيو آھِيان.

بيت - 15

لوھہُ ٻَري ڪَٽُ ڪَڙِھي، دُوڌاَ جِتِ ڌَڳنِ،
مَطرِقَنِ مُنھَن ڪَڍِيا، سانڌَاڻِيون ڪَنبَنِ،
اَڄُ پَڻِ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.

بيت - 16

پَچَائي پَهَاڻُ، جَنِ رَسَاڻِئو رُڪَ کي،
تَنِي سَندو ڄَاڻُ، آھي آڳَڙِيَنِ کي.

بيت - 17

اَڄُ آڳَڙِيَا آيَا، سَائوڪِي، سُڄَاڻَ،
لاَھِيندا مورِيَاڻَ، رُڪُ ڪَندَا پَڌِرو.

بيت - 18

اَڄُ آڳَڙِيَا آيَا، سُوڌا سِراَڻِي،
پِيَاري پَاڻِي، تيغُون ڪَندَا تِکيُون.

بيت - 19

سَرَھَا ڏِٺَمِ سي، جِنِ جِي سَاڃَاءِ سِرَاڻِيَنِ سين،
تيغَ تَنِي جي کي ،ڪَٽُ نَہ چَڙِھي ڪَڏِھِين.

بيت - 20

سِرُ سَانڌَاڻِ ڪَري، پُڇج گَهرُ لُهَارَ جو،
ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مَان نہ گَڏينِئِي رُڪَ سين.

بيت - 21

سَهي جِيئَن سَانڌاَڻِ، ڌَڪَنِ مَٿي ڌَڪَڙَا،
وَھِہ وِڃايَو پَاڻُ، ڏي ڏَوَائُون ڏُڱَرين.

بيت - 22

ھَي ٻَرِ اڱَارَنِ ٻَڏَائِين ٻَرَنِ جي،
ھِڪِڙا کوُري کَانيَا، ٻِئو دُوڌي مَنجِهہ ڌڳَنِ،
اَڃَا لُهَارَنِ، ميڙي رَکِئَا مَچَ ليءِ.

بيت - 23

ٻَارِئو اُجَهائِين، پِرين اُجَهايو ٻَارِينِ،
مُون کي ٿَا مَارِينِ،لُهَانَ لُهَارَنِ جَا.

بيت - 24

مَنَجهان مَچَ مَچُ ٿِئَا، چَڙھِئِو چَڪَاسِين چَاھَہ،
اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِئائون وَاھہَ،
سيڻَنِ جِيءَ صَلاَحَ، سِرَ ڏِنَائُون سَٽِ ۾.

بيت - 25

مَچُ مَنجِهين آھِہ، ٻَاھَر ٻَاڦَ نَہ نِڪِري،
چورِ تہ لَڳيئي چَاھہِ، کَامَندَنِ کَٽِئو.

بيت - 26

کَاڻَا تَنِ کَٽِئو، اُجَهاڻَنِ اُوندَاھِہ،
جَنِ اَندَرِ ٻَرِي بَاھِہ، اِيءَ سُڌِ سَڀَڪَا تَنِ کي.

وائي - 1

جَڏَڙو جِيءُ جِيَارِئو، پِريِنِ جي پَچَارَ سيڻَنِ جي سَنڀَالَ،
اُڃئو تَنُ عَمِيقَ مَان، پِريَن پوڄَ پِيَارئو.
سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپرِين، نِرمَلَ نُورَ نِھَارِئو،
سَائِلَنَ جِيئَن سَڏ ڪَري، اَئِين تَالُنِ کي تَنوارِئو،
مَرَضُ مَرِيضَنِ تَان، اَئِين اِشاري سَاڻ اُتَارِئو،
ڪَرَمَ ڪَرِيمَنِ جي، مُون کي اَھُکِيءَ مَان اُڪَارِئو.

داستان چوٿون
بيت - 1

پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَندِيُون کَامَڻَ خَبَرون،
آڻِئو وَجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پنھِنجو جي،
جيري جَنِي جي، لَڳَا نيزَا نِينھَن جَا.

بيت - 2

پَتَنگُ چَائِين پَاڻَ کي، اَچي آڳِ اُجهَاءِ،
پَچَڻ گَهڻَا پَچَائِيَا، تُونَ پَچَڻَ کي پَچَاءِ،
واقُفُ ٿِي وِسَاءِ، آڳِ نَہ ڏِجي عَامَ کي.

بيت - 3

پَتَنگُ چَايِئن پَاڻَ کي، ڄيري پَوءُ ڄَاڻِي،
تَان تَان تاڻِجِ تَاءَ ڏي، جَان آڳِ نہَ اُجَهاڻي،
وِسَھہُ وِھَاڻِي، آڳِ نَہ ڏِجي عَامَ کي.

بيت - 4

پَتَنگُ چَائِين پَاڻ کي، پَسي مَچُ مَ موٽُ،
سَهَائي سُپِيرِيَنِ جي، گِهڙُ تَہ ٿِئين گهوٽُ،
اَڃَا تُون آروٽُ، کُوري خَبَرَ نَہ لَهين.

بيت - 5

پَتَنگَنِ پَهُہ ڪِئو، مِڙِئَا مَٿي مَچَ،
پَسِي لَهسَ نَہ لِچِئَا، سَڙِئَا، مَٿي سَچَ،
سَندَا ڳِچِنِ ڳَچَ ، ويچَارَنِ، وِڃَائِيَا.

بيت - 6

پَتَنگَنِ پَهُہ ڪَري، اَچِي اُجَهائِي آڳِ،
ڪِينئَنِ کي قُربَ جي ڪَا جَا لڳِي لاَڳِ،
مِڙِي سَڀِ مَاڳِ، کاڻَا کُوري وِچَ ۾.

بيت - 7

کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئَا پَتَنگَ سَڀِ پَچِي،
اُنِهِين وَٽِ آتش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي،
موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کَامِي مِڙيئي خاَڪِ ٿِئا.

بيت - 8

پُرِي پَتَنگَ آئِيَا، سِرِي سَهَائي وَٽِ،
ڪَندَا ڪَانَہ گهَٽِ، مَٿو وِجَهندَا مَچَ ۾.

بيت - 9

پُرِي پَتَنگَ آئِيَا، سِرِي سَهَائيُ سَاءِ،
ڪَندَا ٻِي نَہ ڪَا، مَٿو وِجهندَا مَچَ ۾.

بيت - 10

پُرِي پَتَنگَ آئِيَا، سِرِي سَهَائي جَهلَ،
ڪَندَا ڪَنڌَ اُڇَلَ، مَٿو ڏيِندَا مَچَ ۾.

بيت - 11

پُري پَتَنگَ آئِيَا، سِرِي سَهَائي ھيٺِ،
ٿِئَا ڏيٺَارِئَا ڏيٺِ، مَٿو ڏِيندَا مَچَ ۾.

بيت - 12

پُري پَتَنگَ آئِيَا، سِري وَٽِ سَاھي،
اچِي پِئا آڳ ۾، ڪُڏِي سَڀِ ڪَاھي،
لاڳاپَا لاَھي، کَاڻاَ کوُري وِچَ ۾.

بيت - 13

پُري پَتَنگَ آئِيَا، مَٿي مَچَ مِڙيِ،
ويندَا تَان نَہ کِڙِي، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.

بيت - 14

پُري پَتَنگَ آئِيَا، سَائُو سَڀِ سِرِي،
کاڻَاَ کوري وِچَ ۾، مَنجهَان قُربَ ڪِرِي
موٽِئو ڪو نَہ وَرِي، اُڇَلَ پَسِي آڳِ جِي.

بيت - 15

اَچي اُجَهايو آڳِ کي، پَتَنگَنِ سين پَروَازِ،
کَامِي خَاڪِ ٿِيِڻَ جَا، اُنهِين وَٽِ اَندَازَ،
رَمزَ پَروڙِيَئُون رَازَ ، ڄيري جي ڄِڀِيءَ جَا.

بيت - 16

پَتَنگَ رَءِ رَچَنگَ، آڳِ پَسِي آئِيَا،
اُھي عَبدُاللطِيفُ چَئي، کوري کَپَايَا،
جيلاَھَہ لَنءُ لاَيَا، مَرَنِ موٽَنِ ڪِينَڪِي.

بيت - 17

چَڙِھِئو چڪَاسِينِ چَاھِہ، آڳِ ٻَرَندِيءَ آيا،
وِھسَنِ وَاڙي ڦُلَ جيئَن، مَحبتي مَچَ لاَءِ،
آڻي پَاڻُ اَڙاءِ، کَڻِي کوري وِچَ ۾.

وائي - 1

دِلِ مَاھِي دي نالِ لوڪو، دِلِ رَانجَهنِ دي نَالِ لوڪو،
مَحبَتَ جي مَيدَانَ ۾،سِرُ ڏيِندو ڪوڪو.

داستان پنجون
بيت - 1

ھِڪُ پِيَالو ٻَہ ڄَڻَا،عِشُقُ نہَ ڪَري اَڌَ،
اِيءَ تَان شَاعِرَ سَڌَ، ڪِيَئِي جَا قَوَالَ سين.

بيت - 2

ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ اَڌَ ڪَري،
آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتَا نِينھَن کَري،
دُئِي ڌارَ ڌَري، جہُ خُلتَ خَنجَرُ آيو.

بيت - 3

ايڪُ پِيَالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ ڪَري اِيئَن،
لِکِئَا جي لِکڻَ ۾، قربِ رَسَندَا ڪِيئَن،
ھُئَڻَ ڪِئَا ھِيئَن، وَانجِئَا پَسُ وِصَال کان.

بيت - 4

جِيئَن ڄيرو کَانئي ڄَرَ سين، عِشقُ ايِئَن ڪَري،
اَڃَا پِرتَ پَري، ڳالِهہِ نَہ ڳالِهِينِ جِهَڙيِ.

بيت - 5

جيڏَانھَن قَاتِلَ ڪُلَ، اکيوُن اوڏَانھِين کَڻي،
مَٿو ڪَنِ نہَ مُلِ، پِڪَ بَرابَرِ پَانھِنجو.

بيت - 6

جيڏَانَھن قَاتِلَ ڪورَ، اَکِيوُن اوڏَانھِين کَڻي،
وِھہُ تَنِي جي ووڙَ، جَنِي سَانگُ نَہ سَاھہَ جو.

بيت - 7

قَاتِلُ ڪَمَائي ڪَري، وِھُہ مَاکِي جي ڪَنِ،
وَٽَان ويھِي تَنِ، پيئُجِ ڪي پِيَالِيوُن.

بيت - 8

ھُوندو ھَڏِ مَ رَکُ، لاءِ پِياڪَنِ پَانھِنجو،
وَٽِي وَاٽَاڙُوئَنِ کي، پِيَاري پَرَکُ،
سَالِکَ لَهي ٿِي لَکُ، جا تو ايِندِي اُنِ سين.

بيت - 9

ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاَءِ پِيَاڪَنِ پَانھِنجو،
پوڄَ پِيَارجِ پَهِيَڙَا، ويندَا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھنِجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مَانُ لهي.

بيت - 10

موکِي چوکِي نَہ ٿِئي، اَصلِ اوڇِي ذَاتِ،
وَٽِيُون ڏيئِي وَاتِ، مَتَارَا جَنھِن مَارِئَا.

بيت - 11

مَتَارَا مَرِي وِئَا، موکِي تُون نَہ مَرين،
ڪِهَڙِيءَ پَرِ پَرين، ڏُکِي ڏاتَارَنِ ري.

بيت - 12

مَتَارَا مَرِي وِئَا، موکِي پَئِي مَرُ،
تُنھِنجو ڏُکُ ڏَمَرُ، ڪونہَ سَهَندو اُنِ ري.

بيت - 13

موکِيءَ مَتَارَا، وڏِيءَ سَاجُهرِ سَارِئَا،
پِيَڻَ جي وَارَا، اَڄُ نَہ آيَا ڳَنڃَڙي.

بيت - 14

گَهٽَنِ ۽ گُهٽِڪَنِ، وٽِيوُن پِيَنِ وِھَہ سِرِ گَاڏُيُون،
بِدِھہ سَاقِي بَرخَيزِ، پِيَارِ کي پِيئَندَنِ،
اُو پِڪين نَہ پَرچَنِ، مَٽَ تَڪِيَائؤن مَنجِهَيان.

بيت - 15

آڻي اُتَرَ وَاءِ، موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئَا،
مَتَارَا تَنھِن سَاءِ، اَچَنِ سِرَ سَنبَاھِيو.

بيت - 16

آڻي اُتَرَ ھيٺِ موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئَا،
مَتَارَا تَنھِن ميٺِ، اَچَنِ، سِرَ سَنبَاھِيو.

بيت - 17

موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، ڪو جو زَھِرَ ذَرو،
پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نہَ پَرو،
مَٿو مَهَايَنِ جو، ڪِئو ڳَهِرَ ڳَرو،
ٿِيُنِ کيپُ کَرو، گهوٽَ گِهڏِي گهَرِ آيَا.

بيت - 18

موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، سُرِي سَپُ پِئو،
قَضَا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھہُ ڪَلاَڙَ جو.

بيت - 19

ڪَلاَڙَنِئون ڪَا، مَتِ نَہ سِکِيين مُون ھِنيَان،
رُوندي رَاتِ وِھَاءِ، چِڪَائِيندي بَٺِيوُن.

بيت - 20

سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙِ، ڪِنھِن پَر ڪَلاَڙَنِ سين،
ڪَاتِي ڪَرٽُ ڪَپَارَ ۾، آڻِي خَنجَرُ کوِڙِ،
مَرَڻَان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي ڪِي وَڌِ لَهي.

بيت - 21

وَٽُ وَٽُ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو،
قَدُرُ ڪَيفَ ڪَمَال جو، پِيَاڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرسِتُ دُڪَانِ تي، ڪَنڌَ قَبولِ ڪِئو،
سُرَھَا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرِڪَ سَيِدُ چئي.

بيت - 22

وِجُهِج وَاٽَاڙوئَنِ تي، مَيخَاني جِي مَاڪَ،
ٿِيندِي سُڌِ سَڀَڪنھِن، ھَنڌِ ھَنڌِ پُوندِي ھَاڪَ،
پِرھَہ جَا پِياڪَ، جُہ سي اڱَڻِ آيَا.

بيت - 23

جُہ سي اڱَڻِ آيَا، سَرو ڪَندا سُڃَ،
سَائِي ٿِيندِيَنِ اُڃَ، ھِيءُ پِيتو ھُو آڻِ ڪِي.

بيت - 24

ڪَنڌِ ڪَٽَارو مُنھِن وٽِي، عَادَتَ سَندَيِنِ اِيءَ،
تَنِ تِڪُون ڏِنِيوُن، جُنبي مَنجَهان جِيءَ،
سَرو تَنِ سَبِيَ، جَنِ سَانَگُ نَہ سَاھَہ جو.

بيت - 25

سَري ڪِي نَہ ڪِئونِ، ويڻ موکِيءَ جي مَارِئا،
ڪو ڪو ويڻُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِئونِ،
تِهَان پوءِ ٿِئونِ، مِڙَڻُ مَتَارَنِ سين.

بيت - 26

جِتِ کُورَا مَاڳَ، مَٽَ ڪُٽِڪَا ڪَٽَ گهَڻَا،
لاَھي ويهَہ مَ لاَڳَ، موکِي مَتَارَنِ جَا

بيت - 27

موکِيءَ مَٺو نَہ گهُرِئَا، وِھَہ نَہ وِھَاٽِئَا،
سُرِڪِيءَ لاءِ سَيِدُرح چَئي، اُتي ٿي آٽِئا،
جي ڳَالِهِيُنِ ڳڱَاٽِئَا، تَنِ جُون بَٺِنِ پَاسِ بُٺِيوُن.

بيت - 28

آٽِي ٿِيءُ اَڱَارَ، کَامِي کِردَارَنِ سين،
پَسين سي نَہ ڀَتَارَ، پُرِ پِيتوءِ جَنِ سين.

وائي - 1

ڀَلو مَيَان مَحبَتِي مِٺِڙَا مَارُؤ،
الَاَ پِريِن اَچَنِ جِيءُ جِيَارِئو جَنِ،
ري سُرِمي سُهِڻَا، ڪَجَلُ ڪوھہُ وِجَهنِ،
ميرَائِي مَارِينِ مُون، تَان جي پَکَرِجَنِ.

داستان ڇھون
بيت - 1

صوفِي سَالِمَ سي وِئَا، جي اَڪثَرَ سين اَڏَيِارَ،
بازِي بَازَندَنِ کي، آھي اويسَارَ،
پِريَان سين پِهَڪَارَ، رِندِيءَ رَسَاڻي ڪِئَا.

بيت - 2

صوفِي لاَڪُوفِي، ڪونَہ ڀَائِسِ ڪيرُ،
مَنجَهان ئِي مَنجِهہ وِڙِھي، پڌَرِ نَاھيسِ پيرُ،
جَنِي سَاڻسِ ويرُ، ٿِئي تَنِي جو وَاھَرُو.

بيت - 3

صُوفِيءَ سَيرُ سَڀَنِ ۾، جِيئَن رَڳنِ ۾ سَاھہُ،
سَا نَہ ڪَري ڳالَهڙِي، جِيئَنُ پَرِيون پَرُوڙي پساھہ،
آھِسِ اِيءُ گُنَاھہُ، جِيئَن ڪَا ڪَري پَڌرِي.

بيت - 4

ڏِني ڏُکويَا، اڻ ڏِني رَاضِي رَھِئا،
صُوفِي تي ٿِئَا، جِيئَن ڪِينَ کَنيَائُون پَاڻَ سين.

بيت - 5

صُوفِيءَ صَافُ ڪِئو، ڌوئِي وَرَقُ وِجُود جو،
تِهِان پوءِ ٿِئو، جِيئَري پَسڻُ پِريِنءَ جو.

بيت - 6

صُوفِيءَ چَائِيين سَڌَ ڪَرِيين، صُوفيءَ اِيءَ نَہ صَلاَحَ،
ڪَاٽي رَکُ ڪُلاَھہَ، اُڇَلي وِجهُہ آڳِ ۾.

بيت - 7

ڪُلاَھَہ رَکِي ڪَنڌَ تي، صُوفِي سَالِمُ ٿِيءُ،
وِھَہ وَٽِي ھَٿِ ڪَري، پُر پِيَالو پِيءُ،
ھَنڌُ تَنِ جو ھِيءُ، جَنِ حَاصلُ ڪِئو حَالَ کي.

بيت - 8

جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمُون کوڙ،
جَلِي تُون زِبَانَ سين، چَارَئِي پَهِر چورِ،
فِڪرَ سين فُرقَانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئَا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئَائين سَپَجي.

بيت - 9

عالَمُ آئُون سَاڻُ، ڀَرئو ٿو ڀيرَ ڪَري،
پَاڻَ نَہ آھي ڄَاڻُ، مَانڊِيءَ مَنڊُ پَکيڙِئو.

بيت - 10

طَالِبُ قَصَرُ سُونَهَن سَرُ، اَندَرِ رُومِي رَاءُ،
مَاڻُهُو اِتِ ڪِئَا، مَنڊُ نَہ پَسين مَنڊِئو.

بيت - 11

طاَلبُ قَصَرُ سوُنهَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رُوءِ،
جَنِي ڏِٺِي جوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.

بيت - 12

طَالِبُ قَصَرُ سُونهَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جي رَاحَتَ،
جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.

بيت - 13

طالبُ قَصَرُ سُونهَن سَرُ، رومِيءَ جِي رِھَاڻِ،
پِهرِين وِڃَائَڻُ پَاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.

بيت - 14

طالبُ قَصَرُ سُونَهن سَرُ، رُؤمِي جو آھي،
تَاڙيِ جي لاَھي، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ٿِئي.

بيت - 15

طالبُ قَصَرُ سُونَهن سَرُ، ايءَ رُومِيءَ جِي اوطَاقَ،
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشَاھِدو ماڻِيين.

وائي - 1

جيڏِيوُن وَٺَڙِئو ھوتَ وَڃَنَ، جَهلِيَان پَليَان ھِينئڙونہَ رَھي،
مَرُ مَرَان مَاريِنِ مُون، پُرزَا پُرزا ڪَنِ،
آئون مُيَائِي گهورِي، جي مَان مُحِبَ مِڙِنِ،
آئون جَنِ جي آھِيَان، ڪَڙِي مَ ٿِيَان تَنِ،
گهَڻين ڀَتين گهورِي، سَندَڙي ٻَاجَهہ ٻِيَن.

داستان ستون
بيت - 1

ظَاھِرَ ۾ زَانِي، فِڪرَ سَاڻُ فَنَا ٿِئَا،
تَني کي تَعِليمَ جِي، ڪُڙِھِہ اَندَرِ ڪَانِي،
حَرفُ حَقَانِي، دَورُ ڪِئَائُون دِلِ ۾.

وائي - 1

وِسَاريجِ مَ ويڻَ، آھي جوڀن ٻَاٽي ڏِينھَڙَا،
اَصل اَسَارَنِ جَا، سُتي وِئَڙَا سيڻَ،
جيڏِيُون جي مُون وِسَهو، نِنڊ مَ ھيرِئونيڻَ،
لُوٺِيون سَهَنِ لوڪَ جَا، وِھَاڻِيءَ ٿِيوُن ويڻَ،
آڌِيءَ رَاتِ اُٿِي ڪَري، جَهلِ تُون نِنڊَان نيڻ،
رَاتَڙِيُون جَاڳَن جي، سي آئُون ڪَندَڙِي سيَڻَ.

بيت - 2

جِنِ کي دَورُ دَرَدَ جو، سَبَقُ سُورَ پَڙَھَنِ،
فِڪرَ فَرَھِي ھَٿَ ۾، مَاٺِ مُطَالِعُ ڪَنِ،
پَنُو سو پَڙَھَنِ، جِنھِن مَان پَسَنِ پِرينءَ کي.

بيت - 3

وِسَرِئومِ سَبَقُ، پهريِن سِٽَ نَہ سَنبِرَان،
اَڃَا ھِيءُ وَرَقُ، ھَي مُطاَلِعُ نَہ ٿِئي.

بيت - 4

ڪِئو مُطَالِعُ مُون، ھُو جو وَرَقُ وِصَالَ جو،
تَنھِن ۾ تُونھِين تُو، ٻِي لاَتِ نَہ لَحظي جيتَرِي.

بيت - 5

سَا سِٽَ نہَ سَارِينِ اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾،
نَا حَقِ نِھَارِينِ، پَنَا ٻِئَا پِرِينءَ لَيءِ.

بيت - 6

سِٽَ سَائِي سَارِ، اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾،
مِيمَ مَان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وَارِ،
نَاحَقِ ڪِيمَ نِهَارِ، پَنَا ٻِئَا پِريَنِ لَيءِ.

بيت - 7

سَا سِٽَ سَارِئَائُون، اَلِفُ جَنھِن جي اڳَ ۾،
لاَ مَقصُود فِي الدارَينِ، اِنَ پَرِ اُتَائُون،
سَڳَرُ سُوٺَائُون، ٿِئَا رَسَيلاَ رَحمٰنَ سين.

بيت - 8

ٿَئَا رَسِيلاَ رَحمٰنِ سين، سَڳَرَ سُونهِين جي،
آيُون تَنِي کي، وَاڌَايُون وِصَالَ جُون.

بيت - 9

پَني ۾ پيھِي تَان تُون اَلِفُ نَہ اُجِهئو،
ڳَالِهِہ پِريَان جي ڳُجَهہ جِي، جيهِي نہَ تيهِي،
خَبَرَ تو ڪيهِي، قَاضِي ھِنَ ڪِتَابَ جِي.

بيت - 10

اَکَرَ پَڙِھِي اَڀَاڳِئَا، قاضِي ٿِئين ڪِئَان،
ڀيرِيين ۽ ڀَانِئيين، مُلاَن مُٺِيَئِي ماءُ،
اِنَ سُرِڪِيءَ ساءُ، پُڇِجِ عَزَازِيلَ کي.

بيت - 11

عَاشِقُ عَزَازيلُ، ٻِئَا مِڙَئي سَڌَڙِئَا،
مَنجهَان سِڪَ سَبيلَ، لَعنَتِي لاَلُ ٿِئو.

بيت - 12

تُون مُنھِنجو آھِين، توکي تَڙي ڪيرُ،
لِکَ سين وِڌُءِ ويرُ، مَرُ سِکَنِ سُهِاڳِڻِيون.

بيت - 13

جو مُون پَڙِھِئو پَڙِھِئو پَاڻ لَئي، سَبَقُ سَابِقَ جو،
پهرِين سُڃاتُمَ پَانھِنجي، نَفسَ جو نِهو،
جِتِ عِرفَانُ اَصلَ ۾، ٿي رُوحَنَ روزُ ڪِئو،
وَريِ وَرَقُ پِئو، گَڏُيِمِ وَڍُ وِصَال جو.

بيت - 14

پِڙِھِئَا پَڙيجَاھُہ، سَبَقُ انَهِينءَ سُورَ جو،
مِيمُ رَکِجو مَنَ ۾، اَلِفُ تِنهِن اَڳِئَان،
چِتان چوريجَاھُہ، اِھَا لاَتِ لطيفرح چَئي.

بيت - 15

پَڙِھِئو ٿَا پَڙَھَنِ، ڪَڙَھَنِ ڪَينِ قُلوبَ ۾،
تِيئَن تِيئَن ڏوھہَ چَڙَھَنِ، جيئَن وَرقَ وَرائِين وِتَراَ.

بيت - 16

جِيئَن جيئَن وَرَقَ وَارِيين، تِئيَن تِيئَن ڏِٺو ڏوھہُ،
رَھِڻِيءَ رَھِيو نَہ سُپِرِين، ڪَهِڻِيءَ ڪِبو ڪوھُہ.

بيت - 17

اَکَرُ پَڙُھُہ اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀِ وِسَارِ،
اَندَرَ کي اُجَارِ، پَنَا پَڙَھَندين ڪيتِرَا.

بيت - 18

ڪَاتِبَ لِکين جِيئَن، لاَيو لاَمُ اَلِفَ سين،
اَسَان سَڄڻُ تِيئَن، اَچي رَھِئو رُوحَ ۾.

بيت - 19

ڪوھُہ ٿو ڪَاغَذُ ڪورِيين، ويٺو وِڃَائِين مَسُ،
ڏوري تِئَان ڏِسُ، اکَرُ جِئَان، آيو.

بيت - 20

تِهَڙَا چَالِيهَا نَہ چَاليهَہ، جِهَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،
ڪِهَڙِي ڪَاتِبَ تُون ڪَرِيين، مَٿي پَنَنِ پِيهَہ،
جي وَرَقَ وَرَائِيين وِيهہَ، تَہ اَکَرُ اُھوئِي ھيڪِڙو.

بيت - 21

تَنُ کُڏِي مَنُ حُجِرو، ڪِيمِ چَالِيھَا رَکُ،
پُوڄِئو ڪوھہُ نَہ پُوڄِيين، آٺِئي پَهرَ اَلَکُ،
تَان تُون پاڻُ پَرَکُ، ھُو سَڀَڪَنهِن ڏَانُهَن سَامُهُون.

بيت - 22

سَڀڪَنهِن ڏَانهَن سَامُهُون، ڪو ھَنڌ خَالِي نَاھہِ،
جي اَحَدَا اَرَڳ ٿِئَا، سي ڪَانِئرَ ڪبَا ڪَانهَہ،
مُحِبُ مَجهِين مَنَ مَاھَہ، مُون اَڄَاڻندي اُجِهئو.

بيت - 23

ڪَنزَ قُدُورِي ڇَڏِ، سِٽُون پَڙُھہُ سَاڃَاءِ جون،
وَانءُ تَنِي جي سَڏِ ، جَنِي سَانگُ سَاھَہ جو.

بيت - 24

ڪَنزَ قُدُورِي ڪَافِيَا، پَنَا پَڙِھِيَمِ پوڄَ،
جَڏِھِين مِهَراڻَ ڏِنِي مَوجَ، حَرفُ نَہ گَڏِئو حرفُ کي.

بيت - 25

جي ھَراَئِيين ھِيين تي، سَندِي اَلِفَ اوڙِ،
تَہ ڪِتَابَنِ ڪوڙِ، مَنجَهان تو مَعلُومُ ٿِئي.

بيت - 26

مَرَندي سِينءَ مَ مَڃِ، اَکَرُ جو اَلِفَ جو،
سومَ ھِنيين سَڃِ، جو مِيمَ مَان مَعلُومُ ٿِئي.

بيت - 27

جو مِيمَ مَان مَعلُومُ ٿِئي، اَلِفُ اُھو ئِي آھِہ،
لاَڳاپَا لُڙَاءِ، تَہ دَاخِلُ ٿِيين نَہ دَالَ ۾.

بيت - 28

مِيمَ مَان مَعلوُومُ ٿِئو، تَہ اَلِفُ آھِيين تُونُ،
تيلاَنھَن آيَلِ مُون، وَرَقَ وَاري ڍَڪِئَا.

بيت - 29

پوکَ جَا پَڙَھَڻَ جِي، ”لا“سين وِجُھہ لُڻِي،
لَم يَکُنِ الذينَ ڪَفَرُوا مِن اَھُلِ الڪِتَابِ، آگي آيَتَ موڪِلِيِ ڌُرِيَائيِن ڌُڻِي،
اِھَا سِٽَ سُڻِي، مُون وَرَقَ سَڀَ وِسَارِئَا.

بيت - 30

اکَرَ ڇُتي ھيڪَڙي، ٻَهُون جي نَہ ٻُجَهنِ،
ڪوھُہ ڪِبو کي تَنِ ، سَڄِي سُڻائي ڳاَلَهَڙِي.

بيت - 31

جَنِ ھَٿان ھَڏِ نَہ اُڪِلي، چَيو ڪَنِ نَہ چِتِ،
نَئُون کَاپَارو نِتُ، ڪِيرُ ڪَرِيندو اُنِ سين.

بيت - 32

سِسِيءَ ڪَنَ سَڀَڪَنھِن، ھِنيين نہَ جَنِي ڪَنِ،
ٻَہ وَاٽَا لُوڻَ جَا، ٽِيو وَاٽو اَنَ.

بيت - 33

ھِڪُ ھَڻي جو ھَٿُ کَڻِي، ٻِئو جو جَهلي گَهاءُ،
اِنِهِيءَ سُورَ سَماءُ، آھي ٻِنِ ڄَڻَنِ کي.

بيت - 34

اُوڄُون ڪَري عَامَ کي، مُنجَهايو مُلَنِ،
اُوءِ پِريَان ئِي پَاسي ٿِئَا، ٿَا ڳَهہ ڳَهہ ڳَلِهيون ڪَن،
سَاھَئوُن اوڏو سُپِريِن، لوچِئو تَان نَہ لَهَنِ،
دَمُ نَہ سُڃَاڻَنِ، دَانھُونَ ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.

بيت - 35

پِتو ڦِتو پيٽَ ۾، مُلي سَندِيءَ مَاءُ،
ڏِسِي جَنھِن اَللہُ، ٽُٻِي ڏِنِي ڌُوڙِ ۾.

بيت - 36

مُلاَن ڪوھُہ مَارِين، کَارِين کُٿَابِيَنِ کي،
وَرَقَ جي وِصَالَ جَا، پَنَا سي نہَ پَاڙِھِين،
سَا سِٽَ نَہ سکَارِين، جِنِھن ۾ پَسَنِ پِريِنءَ کي.

بيت - 37

اَلُ اَلِيندي ڪيتِرو، ڪَاتِبَ ٿَاَ لِکَنِ،
سَنِهِي ٿُلِھي ڳَلَهَڙِي، جوڙِئو جَمَعُ ڪَنِ،
تُون پَاڙوَسِي تَنِ، جَنِ حَرفُ نَہ وِسِري ھِڪِڙو.

داستان اٺون
بيت - 1

عَاشِقَنِ اَللہُ، ويروتَارَ نَہ وِسَري،
آھَہ ڪَرِيندي سَاھُہ، ڪَڏِھِين ويندُنِ نِڪِرِي.

وائي - 1

ڳَالِھہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيَان جي سَڌَ جِي،
سُپيرِيَان جي سُونهَن جِي،
پُڇِجِ پوءِ پِريَتَڻُون، پِهرِين سِرُ سَڃي،
عَاقِلَ ئِي اوڄُونِ ٿِئَا، ڀورو ڪوھہُ نَہ لَڄِي،
وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، سورِيءَ سِرُھَڄي،
عَاشِقَ اَنگهُنِ چَڙِھِئَا، ٻِئو سَڀَڪو ڀَڄي.

بيت - 2

عَاشِقَنِ آرامُ، ڪَڏِھِين تَان ڪو نَہ ڪِئو،
طَعني ڪِئَا تَمَامُ، حَبيبَاڻي ھيڪَڙي.

بيت - 3

عَاشِقَنِ اَللہَ جِي، مَحبَتَ رَکِي مَنِ،
سَندِي سِڪَ پَريَنِ، تَن ۾ آھي تَنِ کي.

بيت - 4

عَاشِقَنِ اللہَ جِي، سَدَا وَائِي وَاتِ،
فَاذُڪُرونِي اَذڪُرڪُم، تَنَ ۾ اَھَا تَاتِ،
اُنھِيِن کَان ڪِنھن سَاعَتِ، سَڄَڻُ ويلَ نَہ وِسَري.

بيت - 5

عَاشِقَنِ اَللہَ جِي، وَائِي نِتُ وَڻِي،
ھِڪِڙَيِ ڳَالِھِہ سُڻِي، سوگِهي رَکِئَائُون سَاھہَ سين.

بيت - 6

عَاشِقَ اِيئَن نَہ ھُونِ، جيئَن تُون سَڄي اَڱُڙين،
وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، رَتُ ڏِھَاڙِي رُوُنِ،
ٻِيءَ پَرِ ڪِنھِن نَہ پُونِ، مَاڪُرِ مَحبُوبَنِ سين.

بيت - 7

جَان عَاشِقَ مَٿي مَاسُ، تَان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جِي،
سَائو مُنھُن سُونهَن ڳَئِي، لِڱنِ نَاہِ لِبَاسُ،
اُڀو پِريَانِ پَاسِ، مَٿَان سِرَ سودا ڪَري.

بيت - 8

جَان عَاشِقَ مَٿي رَتُ، تَان دعويٰ ڪَري مَ نينھَن جي،
سَائو مُنھُن سُونهَن ڳَئِي، سِڪَڻ اِيءُ شَرَطُ،
نَڪِي گوڏِ گَرَٿُ، مَٿَان سِرَ سودَا ڪَري.

بيت - 9

اَڃَا تو مَنجهَان، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نِڪِري،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَن جَا، ڪِيئَن جَهلِيندين گهَاءَ،
تُون ھَڏِ ڪُڄَاڙِئَان، سِڪَڻَ جُون سَڌوُن ڪَرِين.

بيت - 10

سِڪَڻَ اِيءَ نَہ سَڌَ، جِيئَن لِڪِئو لَيِاڪَا پَائيين،
پَئِي پِريَان جي نہَ ٿِيين، مَٿي اڱَڻَ اَڌ،
اِيءَ پَڻِ ڪُوڙِي سَڌَ، جِيئَن کِلِئوکايو سُمَهين.

بيت - 11

سِڪَڻُ ۽سُورِي، ٻَئِي اکَرِ ھيڪِڙي،
وِھَڻُ وَاٽڙِيُنِ تي، گَهارَڻُ ضَرُورِي،
ٻِنِهي جِي پُورِي، جِيءَ ڏِني ري نَہ جُڙي.

بيت - 12

جيڪي سِڪَڻُ سِکُ، نَان تَہ پَسُ سِڪَندِيوُن،
پَاسي تَنِ مَ لِڪُ نينهُن نَہ سُڃاڻَنِ جي.

بيت - 13

سِڪَ وَڏوئِي سُورُ، محبَتَ وَڏو مَامِرو،
اَٺَئِي پَهرَ مَلُورُ، سَگهو سَاعَتَ نَہ جِندَڙو.

بيت - 14

سِڪَ نَہ آھي سُٿِري، کَڻُ پَرُوڙي پيرُ،
ڪُسَڻَ ڌَارَان ڪيرُ، ڪَري سَڌَ صِراطَ جِي.

بيت - 15

ڪِنھِن چَيُئِي تَہ پَاءِ، پيرُ پريَان جي پيرَ ۾،
سيڻَنِ سُورُ سُهَاءِ، تُون سُکَنِ جُون سَڌوُن ڪَرِين.

بيت - 16

تُون سُکَنِ جُون سُڌوُن ڪَرين، سيڻَن سُورُ سُهَاءِ،
اَنگُهنِ جِيءُ اَڙاءِ، جُ نَالو ڳِيَڙُءِ نِينهَن جو.

بيت - 17

جَنِي کي جِئَائِين، پَريَنِ پَاڻُ پَسَايو،
اُنِهيِين کي اُئَائِين، لِيَاڪَا پَائِڻُ آيا.

بيت - 18

عَاشِقَ مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويهُہ ڳَرِي،
جِمَ وِرچِي ڇَڏيين، سَندِي دوسِتَ دَرِي،
ٻُڪِي ڏيِندَءِ ٻاجَهہ جِي، ويندَءِ ٺَپَ ٺَرِي،
اَسَان تَان نَہ سَرِي، تو ڪِيئَن سَرِي سُپِرِين.

بيت - 19

عَاشِقَ مَعشُوقَن جو، وَٺي وِھِجِ دَرُ،
پِريِن پُڇَندَءِ پَاڻِهيِن، لَهَندين سَرُ سُڀَرُ،
اُنِهيِن جو اَثَرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ رَاھَہ ۾.

بيت - 20

عَاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ سيرُ،
اَچِي پُڇَندَءِ پَاڻِھيِن، پِريِن ڀَري پيرُ،
تَنِ ڀَلَنِ سَندو ڀيرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ رَاھہ ۾.

بيت - 21

عَاشِقَ مَعشوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ گَهٽُ،
جِمَ وِرچِي ڇَڏيِين، ڪَلاڙَ ڪو ھَٽُ،
اُڀِجِ وَڃِي اُتَهِين، جِتِ موکِيءَ سَندو مَٽُ،
ڪَري سِرَ جو سَٽُ، پِيئُجِ ڪي پِيَالِيوُن.

بيت - 22

عَاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ،
پِيَاريندَءِ پَاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ،
سَرو اُنِ جو سَفَرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ،
مَتَان ڪَڍين ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُنِ کي.

بيت - 23

عَاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي ويھُہ دُکَاڻُ،
پَئِج پيشِ پِريَنِ جي، پِٽي وِجِهي پَاڻُ،
تَہ تُون تَنِي ساڻُ، سَدَا ھُئين سُرخُرُو.

داستان نائون
وائي - 1

عشقَ تَمَامُ بِرھَہ تَمَامُ، مَين لُٽِي يَارَ لوڪو،
رَاتِيَان جَاڳَڻُ صَاحِبُ سَنڀَالڻُ، اِيءُ فَقِيران دَا ڪَامُ،
سيڄَ سُتي نُون جَپِ نَہ آوي، نيڻين نِنڊَ حَرَامُ،
رَاھَہ عَقُلِ دِي مُنجِهہ گَئِي آيَا عَشقُ اِمَامَ.

بيت - 1

دَائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي رَنگُ،
ڳورِيءَ ھيٺِ اَيَنگُ، ڪَاھِئو پَاکَرِيين ھَڻي.

بيت - 2

دَائودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي چيتُ،
ڳَورِيءَ ھيٺِ سُچيتُ، ڪَاھِئو پَاکَرِيين ھَڻي.

بيت - 3

اوقَابِيلَ اکِيُنِ ۾، بَارِي توکي بَانَ،
اُڀو اَڳِرَايُون ڪَرِيين، مَاڳِ ھَڻِؤ مَستَانَ،
جَانِبَ تُون زِيَانَ، اَکِينِ سين ايڏَاڪَريين.

بيت - 4

اوقَابِيلَ اَکِيُنِ ۾، تِيرَ تِکَا توکي،
سَاجَنَ اِنَهِيءَ سُورَ جِي، ڪَلَ نَہ آھي ڪَنهِن کي،
مَارِيين ٿو مُون کي، چَاڙِھِئو لوھَہ لَطِيفُرح چئي.

بيت - 5

اوقَابِيلَ اَکِيُن ۾، توکي تِکَا تِيرَ،
سَاجَن اِنَهِيءَ سِينڱ سين، ڦَٽِيَئِي گَهڻَا فَقِيرَ،
ٻِئو مَ مَارِجِ مِيرَ، تُنھِنجو پِهريُون ئِي پُورو ٿِئو.

بيت - 6

اوقَابي اَکيُنِ سين، تِيرَ چَلاَيَا تو،
ٻِئو مَرُ مَاري سو، جِنھِن جو پِهرِيُون پُورو نَہ ٿِئي.

بيت - 7

جي ھُو پَائِينِ ڪَانُ ڪَمَانَ ۾، تَہ سِينُو سِپَرَ رَکُ،
مُنهَن ۾ مَحبُوبَنِ جَا، چَاڪَ چُٽِڪَا چَکُ،
سُورِي ڀَانءِ مَ شَڪُ، عَاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَهين.

بيت - 8

جيُ ھُو پَائِين ڪَانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينُو سِپَرَ ڏيجِ،
مُنهَن ۾ مَحبُوبَنِ جَا، جَهالُو ٿِي جَهليجِ،
پَاھَان پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَهين.

بيت - 9

جي ھُو پَائِين ڪَانُ ڪَمَانَ ۾، تَہ نَئِي ڏِجي سِينُو،
ڪِجي نَہ ڪِينُو، وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي.

بيت - 10

پَائي ڪَانُ ڪَمَانَ ۾، مِيَان مَارِ مَ مُون،
مُون مَنجِهہ آھِيين تُون، مَڇُڻ تُنهِنجو ئِي توکي لَڳي.

بيت - 11

ڪَيو ڇَڏِينِ ڪَانُ، ھَڏِ نَہ ھَڻَائِينِ ٿَا،
ٿَئَا جي نِشَانُ، تَہ پِهرِيين سين پُورَا ھُئَا.

بيت - 12

لورِي جِتِ لَڳومِ، اُتي اُڀو آھِيَان،
سُورِھُہ پِرِين سَندومِ، مَنَ ٻَاجَهائي ٻِئو ھَڻي.

بيت - 13

مَحبَتَ جي مَيدَانَ ۾، عَاشِقَ ٿِيءُ آچَامُ،
سَمُھَان سَلَ سَيِدُرح چَئي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمَامُ،
ڪَهِجِ ڪو مَ ڪَلاَمُ، جِمَ دوسِتَنِئُون دُورِ ٿِيين.

بيت - 14

مَحبَتَ جي مَيدَانَ ۾، اَچي پيرَ پئَانِ،
سِرَ وَڍَڻُ ڌَڙَ ڌَارڌَرَڻُ، اَي سينگَارَ سَندَانِ،
ڏيندَا مُون ڏِٺَانِ، مَٿَا، مَحبُوبَنِ لَءِ.

بيت - 15

مَحبَتَ جي مَيدَانَ ۾، ڪَرِ پَڙَاڏو پَٽُ،
سَرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪُنگِرين، مَڇڻ ڪُڇين ڪَٽُ،
عَشَقُ نَانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کَاڌَنِ کَان پَوي.

بيت - 16

مَحبَتَ جي مَيدَانَ ۾، سِرَ جو ڪَرِ مَ سَانگُ،
سُورِيءَ سُپيرِيَن جي، چَڙُھُہ ٿِيين چَانگُ،
عِشقُ آھي نَانگُ، خَبَرَ کَاڌَنِ کَان پَئي.

بيت - 17

مَحبَتَ جي مَيدَانَ ۾، سِرَ جو سَنگُ مَ ڪَر،
لاھي سِرُ لطيفرح چَئي، دوسِتَنِ اڳِيِان ڌَرِ،
عِشقُ نَانگُ اَپَرِ، خَبَرَ کَاڌَنِ کان پَئي.

بيت - 18

مَحبَتَ جي مَيدَانَ ۾، ڪُڏِي پَؤُ ڪَاھي،
ڇَڏ سَانگو اَرواحَ جو، لاَھوتِي لاَھي،
عِشقُ نَانگُ آھي، خَبَرَ کَاڌَنِ کَان پَئي.

بيت - 19

محَبَتَ جي مَيدَانَ ۾، ڪِي جو آھي رَنگُ،
ڪوڙِيين وِئَا ڪيتِرَا، نِينهَن نِبَاھي نَنگُ،
عِشقُ نَانگُ نِسَنگُ، خَبَر کَاڌَنِ کَان پَئي.

بيت - 20

مَحبَتَ جِي مَيدَان ۾، رَڪَنِ ڪَانِهي رَاندِ،
معشوقَنِ مَهَاندِ، لَکين ليلاَئي مُئَا.

بيت - 21

مَحبَتَ جي مَيدَانَ ۾، رَڪَنِ نَاھي رَاندِ،
حَبيبَنِ ھيڪَاندِ، سَگهَنِ ٿِيي نَہ سَيدُرح چئي.

بيت - 22

عِشقُ نَہ آھي رَاندِ، جِيئَن ڪِي ڪَنِس ڳَڀُرُو،
جِيءَ جُسي ۽ جَانِ جِي، ڀَڃي ٿوھيڪَاندِ،
سِسِي نيزي پَاندِ، اُڇَلِ تَہ اَڌَ ٿِئي.

داستان ڏھون
بيت - 1

ھَرَ ھَرَ ھَرَ رَائِي، وَڃَڻُ دَرِ دوسِتَنِ جي،
پَاڙي ڏَانھَن پِريَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوَائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، وَاٽَاڙُوئَنِ وَائِي،
لاَئِيندِينءَ لطيفرح چَئي، سُورَان سُرَھائِي،
ڳُجهو ڳَالَھَائِي، پِرتِ وَٽِجي پَاڻَ ۾.

بيت - 1

اَچِي سَارَ لَهيجِ، سَاجَن سُورَ تُمَاري آئُون مَارِي،
سُورَ تُمَاري جي مَران، تَان مُون ڏوھہُ مَ ڏيجِ،
ڊَبَنِ ڀَري ھَٿَڙَا، دَارُون دوسِتَ ڪَريجِ.

بيت - 2

جَان جَان نَاہِ ضَرُورُ، تَان تَان نَاھہِ طَبِيبُ ڪو،
جُسي سَرِئو سُورُ، تَہ ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِئو.

بيت - 3

سُورُ جَنِي سَرِئو،سَرِي تَنِ صِحَتَ،
مِٺِي مُصِيبَتَ، آھي عَاشِقَنِ کي.

بيت - 4

سيئِي سُورَ طَبِيبَ، جَنِي سُورَ سَڃَ ڪِي،
جو لِکِئو ھُتِ لطيفرح چَئي، سوئِي ڪَنِ قَرِيبَ،
جي نوازِئَا نَصِيبَ، دَارونءَ سي دُرُستُ ڪِئَا.

بيت - 5

جي پَياري پَاڻَ، ڪَرَھو تي پَاڻِي پيئي،
اَڳي اِنَ نَيَاڻَ، اَڻَ ڪوٺِئو ڪو نَہ گِهڙي.

بيت - 6

اَڻَ ڪِي عَيَان نَہ ٿِئي، ڪِي پَروڙي ڪونَہ،
سَچِي جِھَڙِي سونَ، مُنھِن نَہ پيئيِ مَاڻُهين.

بيت - 7

اَڻَ ڪِي عَيَان نَہ ٿِئي، ڪِي پَروڙي ڪونہ،
اَمُرُ عَطَا جَنھِنجو، جَان سُونهُون ٿِئي سونَہ.

بيت - 8

جيڪِي ڏِنَائُون، سو مَان ڳُڻُ ڳَنڍِ ٿِئو،
مُون کي پُڇِئَائوُن، ٺوڪي اِنَهِيءَ ٺوڪَ سين.

بيت - 9

جيڪِي ڏِنَائُون، سو سِرُ ڏيئِي سَهُہ جِندَڙَا،
مَ چَؤُ ڇِنَائُون، اِيءُ پَڻ ڳَنڍئو سَڄَڻين.

بيت - 10

ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُ، پَاءِ اُميرِي اُنِ سين،
جي اُو اَوڳُڻَ ڳِنَهَنِ اَسُونهِين، تُون ڳُڻانِي ڳِنُ،
پُٺِيءَ لَڳِي پِنُ، ھِنَ سُنهَاري سَنڱ کي.

بيت - 11

سَاھَہ سين سَنڱ سَنڍوريين. اُميرِي ڏيئِي،
اِيندَءِ ڪَمِ سيئِي، جَنِي سَندو آھِيين.

بيت - 12

عِنَاتَا اِتَاھِين، جَانِي جَڙي ٻَڌُ،
آھي گَهڻُو اَھکو، فَقِيريءَ جو فَندُ،
چَکين تَہ چَرئو ٿِيين، مَيخَاَني جو مَندُ،
ڪِينَ ڪَڍَندين ڪَنڌُ، منجهَان سَنڱ سَيِدُرح چَئي.

بيت - 13

نَمِي کَمِي نِهَارِ تُون، ڏَمَرَ پَاسي ڏُکُ،
مَنجَهان صَبُرَ سُکُ، جي سَنوَارِئَا سَمُجهين.

بيت - 14

نَمِي کَمِي نِهَارِ تُون، ڏَمَرُ ڏولاَئو،
ٿِئي سَاڃَائو، جي اُڀيين اِنَهِيءَ پيرَ تي.

بيت - 15

ڏَمَرَ پَاسو ڏُکَ سين، کَانڌِ کَٿورِي ھوءِ،
وَاللہُ مَعَ الصَابِرِين، آگو ايِنهِن چوءِ.

بيت - 16

کَان ڌَرَتِيءَ سِکُ، خَاصَ نُکتو کَانڌِ جو،
کُوھَاڻَا کُوھَہ کَڻِي، مَاسُ ڪَپِينِسِ مِکُ،
تَابُ نَہ آڻي تِکُ، نَارُ آڻي نُورَ جو.

بيت - 17

کَمُ کَمندَنِ کَٽِئو،ھَارَايو ھُوڙَنِ،
چَکِئو نَہ چُوندَنِ، ھو جو سَاءُ صَبُرَ جو.

بيت - 18

چُوندَلَ چَڱَا نَہ ٿِئَا، کَمَندَنِ گهَرِ کيِن،
ھَٿِ نَہ اَچي ڪِي، ويڻَنِئُون ويڌُ پَئي.

بيت - 19

ھُو چونِئِي تُون مَ چَؤُ، مَنُ مَاري ڪَرِ مُوءِ،
ڪَڍُ دَغَائِي دِلِ مَان، ھَاگَا مَان ۽ ھُوءِ،
تَہ آگو سَنجِهہ صُبُوحِ، توھِيکي تَعظِيمَ ڏي.

بيت - 20

ھُو چوِنِئِي تُون مَ چَؤُ، وَاتَان وَرَائي،
اَڳِهين اَڳِرَائِي جو ڪَري، خَطَا سو کَائي،
پَاندَ ۾ پَائي، نِئو ڪِيني وَاري ڪِينَ ڪي.

بيت - 21

ھُوچُونِئِي تُون مَ چَئوُ، وَاتَان وَرَائي ويڻُ،
سَڀِنِ سين سَيِدُرح چَئي، مَنُ مَاري ڪَرِ ميڻُ،
کَانڌِ وَڏوئِي کيڻُ، ڪِيني مَان ڪِي نہَ ٿِئي.

بيت - 22

مَنجهَان ڪِيني ڪِينَ، ڪَڏِھِين ڪَنِ نَہ پِرَايو،
جي ھوءِ سَٽَاڻِي سِينڱ، تَہ زِھَہ ڇِني جوکو ٿِئي.

بيت - 23

سَائِي سيلِهي سينڱ، پَئِي آھي پَٽَ ۾،
ڪِنھِن جِي آھي ڪِينَ، ڇِڪِيندَڙَ ڇڏي وِئَا.

بيت - 24

سُڻِي ويڻُ ڪَنَنِ سِين، وَرَائيجِ مَ وَريِ،
ھَادِيءَ جي ھِدَايَتَ جِي، آھي اِيءَ ڳَرِي،
تَنِ سَڄِي سَاھِہ سَرِي، جَنِي مَارِئو نَفَسُ مَاٺِ سين.

بيت - 25

چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرَائي سَامُهَان،
ڪا مَتِ قيمَتَ جِهَڙِي، روزُ ڏَمَرَکي ڏيجِ،
ويڻُ مَ وَرَائيجِ، تہَ سَڀَ سُھاڳِي ٿيين.

بيت - 26

اَڻَ چُوندَلَنِ مَ چَؤُ، چُوندَلَنِ چَيو وِسَارِ،
پَائي مُنھُن مُونَنِ ۾، غُرَبَتَ سَاڻُ گُذَارِ،
اَٺَئِي پَهرَ اَدَبَ ۾، پَرَ اِھَائِي پَارِ،
مُفتِي مَنجِهہ وِھَار، تہ قَاضِيءَ ڪَاڻِيَارو نَہ ٿِيين.

بيت - 27

صَبرُ گهَڻُو سَفِرو، ٻِي جُڳائي مَاٺِ،
پِئو لَتَاڙجِ لَطِيفرح چَئي، چُرِجِ مَ اڳِيَان چَاٺِ،
ڏُڄَڻَ پُونِ ڪَاٺِ، سَڄَڻَ ٿِينِ سَامُهَان.

بيت - 28

نَوَ ڀَاڱَا نوڻِ کي، ڏَھُون ڏَنِيءَ ڏي،
جي ٿِي وَسَنِ مِينهَڙَا، تَہ ڏَھَئِي ڏَنِيءَ ڏي.

بيت - 29

جَنِي سَندِيءَ جِيءَ ۾، ڀَتُون ڀَتين ٻوڏُ،
ڪِهَڙو ڪَرِيين ڪوڏُ، ھِينئڙَا پَسِي تَنِ کي.

بيت - 30

جَنِي سَنديءَ ٻوڏِ ۾، ڀَتوُن ڀَتين جِيءُ،
تُون تَنِي سَان ٿيءُ، اوڏا اَڏي پکَڙَا.

بيت - 31

جي ھُو تَاڻِينِ تَندُ کي، تَہ تُون تَندُ مَ تَاڻِ،
اَڳي اِنَ اُھڃَاڻِ سَالِمُ تَندُ سَڄِي ٿِئي.

بيت - 32

سَڄِي ڇوڙَڻُ سُٿِريِ، ڇوڙيِين جي اَڌُ ڳَنڍِ،
تَہ ڪَڙو لاَھِيين ڪَنڊِ، سُپيرِيَان جي سَيرَ جو.

بيت - 33

ھَرَ ھَرَ ھَٿُ مَ پَاءِ، اِي ڳَنڍِ چُهِنڊِيءَ نہَ ڇُڙي،
ڪوڙِيين وِڌَا ڪيتِرَا، اِنَ وَرَ مَنجِهہ مُنجَھاءِ،
ھَي ھَي ڪَندَا ھَاءِ، اِتِ حَاذِقَ ھَزَارين وِئَا.

سُر کنڀات

داستان پھريون
بيت - 1

کَڻِي نيڻَ خُمَار مَانَ، جَڏِھِين نَازَ ڪِئَائُون نَظَرُ،
سُورِجَ شَاخُون جَهڪِيوُن، ڪُومَاڻُو قَمَرُ،
تَارا ڪَتِيوُن تَائِبَ ٿِئَا، ديکِيندي دِلبَرُ
جَهڪو ٿِئو جَوَھَرُ، جَانِيءَ جي جَمَالَ سين.

بيت - 2

تَارَا تَراَرِيُون، نيزاَ نيڻَ پِريَنِ جَا،
ھَڻَنِ مُنھَن پَارِيُون، سَانگو ڪَنِ نَہ سَاھَہ جو.

بيت - 3

تَارَا تِرَ تِروڪَڙِيُون، مَٿَنِ ڦُلَڙِيُون،
کوءِ سي رَاتَڙِيُون، جي مَان پييُون پِرِينءَ ري.

بيت - 4

تَارَا تَہ تَارَا، ٻِيُون مِڙيئِي ڪَتِيوُن،
سَڄَڻَ سوڀَارَا، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيَا.

بيت - 5

تَارَا تيلَاھِين، توڏي گهَڻُو نِهَارِيَان،
سَڄَڻُ جيلاھِين، تُون تيلاھِين اُڀِرين.

بيت - 6

تَارَا تيلِيءَ رُوءِ، آئؤُن تو ڏُونھَن گَهڻُو نِهَارِيَان،
سَڄَڻُ جَنهِين جُوءِ، تُون تيڏاھيِين اُڀِرين.

بيت - 7

تَارَا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌَا لاَلَڻَ اُڀِرين،
جِهَڙو تُون صُبُوحِ، تِهَڙِي صَافِي سَڄَڻين.

بيت - 8

ھُنَ تَاري ھُنَ ھيٺِ، ھُتِ مُنهِنجَا سُپِرِين،
سَڄَڻَ مَاکِيءَ ميٺِ، ڪَوڙَا ٿِين نَہ ڪَڏِھِين.

بيت - 9

ھُنَ تَاري ھُنَ ھنڌِ، ھُتِ مُنھِنجَا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ مَندِ، ڪَوڙَا ٿِينِ نَہ ڪَڏِھِين.

بيت - 10

ھُنَ تَاري ھُنَ جَاءِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِريِن،
سَڄَڻَ مَاکِيءَ سَاءِ، ڪَوڙَا ٿِينِ نَہ ڪَڏِھيِن.

بيت - 11

ھُنَ تَاري ھُنَ رُوءِ، ھُتِ مُنھِنجَا سُپِريِن،
سَڄَڻَ کَٿُورِيءَ بُوءِ، مون کي مُورِ نَہ وِسرِئَا.

بيت - 12

ھُنَ تَاري کي سَامُهَان، ھُنَ تَاري جي لاَمَ،
سَڄَڻَ مُون کي موڪِلِئا، سُهڻي کاڄِ سَلاَمَ،
ھوتَ مَ ڀَڃِجِ ھَامَ، ٻَڌِيَئِي جَا ٻولَ ڪري.

بيت - 13

کَنڀَا تَڙِي تَڙَ وَرِي، اُڀي تَڙِ وَاجَهاءِ،
مَان نَہ ڏِينِھُون ڪَا، سُوَاڌَائِي سَڄَڻِين.

بيت - 14

تِرَ تَارَا وَڻَ وَارَ، مِينھَن ڦُڙَا وَارِيءَ ڪَڻَا،
تِهَائِين اَڳِرَا، مُون ۾ عَيبَ اَپَارَ،
پَائي آيَس پَاندَ ۾، بَدِيُون بي شمَارَ،
بَخشِين بَخشَڻَهَارَ، لطِفَ سَاڻُ لَطِيفُرح چَئي.

وائي - 1

ھِي ٻَہ ڳَالَهَڙِيُون، آئُون اورِيندِي پِرينءَ سين،
گوشي پِرِين نَہ گَڏِئَا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيون،
ڳَالِهِيُون پِرِيَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون.

وائي - 2

وَھِلِي وَانءُ مَ وِھَامِي، رَھُہ رَاتِ رَائيِندِيَسِ سپرِين،
شَمعَ ٿيِندِيسَ شَبَ ۾، اِنَ خوشِيءَ کَان کَامِي،
بَابُوئنِ سَندِيءَ بَاھِہ جِيئَن، ٻَرَان شَالَ اُجَهامِي،
پِرتِ جَا پيتَمِ جي، ڪِينَ پَرُوڙي عَامِي،
مُون کي مُون پريَنِ جو، دَردُ آھِہ دَوَامِي،
ھيڪَاندِي ٿيندَيِسِ ھوت سين، آڌيءَ رَاتِ اُڏَامِي،
آھِيَان يَارُ سَيدَصہ جو، ڪَانہَ رَھِي ڪَا خَامِي،
ھُو جو لَنءُ لطيف جو، مُون کي آھِہ مُدَامِي،
روشَن ٿِئَا رُڃنِ ۾، جي ھُئَا ھِنَ لَي جي لاَمِي،
ڪَارِي سَا قِيَامَ سِيئَن، ھوتُ جَنهِين جو حَامِي،
آيمِ تَنھِن لوڪَ سين، جي سيمَا چَوَنِ سَاھِمِي.

داستان ٻئو
بيت - 1

رَاتِ سَهَائِي ڀُون سَنئيِن، ڀَائي گُهرِجي ڀَلُ،
آھُرَ جِيُون ايلاَچيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ،
مُون توھِي سين ڳَالَهَڙِي، ٻي ڪَنهِين مَ سَلُ،
ھَاھَرُ ڪَندو ھَلُ، تَہ کِجَايُون کَرَنِ کي.

بيت - 2

رَاتِ سَهَائِي ڀُون سَنئيِن، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پُورِ،
مَيَا مَحبُوبَن جي، ھَلِي وَانءُ حُضُورِ،
جي چُڻِڪَن چِتَ ۾، سي ڪيئَن سَڄَڻَ ڏُورِ،
اَللہَ لَڳِ اَسُورِ، اتَائِين ٿِي آءُ تُون.

بيت - 3

راتِ سَهَائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پَسُ،
مَيَا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
رَاتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.

بيت - 4

رَاتِ سَهَائِي ڀُون سَنئِين، پَٽِنِ وَڏو پَنڌُ،
ھَلندي حَبيبَنِ ڏي، ڪَرَھَا موڙِ مَ ڪَنڌُ،
ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جو پَهچَائي پِرِينءَ کي.

بيت - 5

ڪَرَھَا ڪُرُ سُڃَاڻ، پِيءَ ڪو ۽ پَانِھِنجو،
اَصلِ آھي آھِنجو، نَاليرو نِڌَانُ،
ڪَرَھَا اَسَان سَاڻُ، چَانگَا ڪِجِ چَڱَايُون.

بيت - 6

مَيَا مَڃِ مِنَٿَ، اَڄُ مُنھِنجِي ڪَرَھَا،
جَهاڳِيندي جَرَ پٽِيوُن، مَتَان ڪَريين ڪَٿَ،
سُپيرِيَان جي سَٿَ، مُون کي نيئي ميڙيين.

بيت - 7

ڪَرَھَا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکُون وِجُهہ وَڌَندِيُون،
ھيڪَرَ حَبِيبَنِ سين، مُون کي نيئِي گَڏِ،
مَڇُڻ پُونَئِي ھَڏِ، آھُون اُڪَنڊِيَنِ جُون.

بيت - 8

ڪَسَرَ ڇَڏِ ڪَنواٽَ، وِکون وِجُهہ وَڌَندِيوُن
سَنئين سُپيرِيَن جِي، وِنگِي ڀَانءِ مَ وَاٽَ،
ڇَڏِ جهورِي ڏي جَهاٽَ، تَہ ھُوندِيءَ رَاتِ ھُتِ مِڙُونُ.

بيت - 9

ڪَرَھَا ڪَسَر ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پَاءِ،
مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَهِين، جِتي جَانِبَ جَاءِ،
توکي چَندنُ چَارِيَان، ٻِئو وَڳُ لاَڻِي کَاءِ،
اِيَهِينَ اُٺَ اُٺَاءَ، تَہ ھُوندِيءَ رَاتِ ھُتِ مِڙُون.

بيت - 10

ڳَلِ ڳَانَا يَاقُوتَ جَا، موتِي مَنجِهين مَالَ
قَطِيفِيءَ جِي ڪَرَھَا، ھَيدِي پَائِيَئِين حَالَ،
چَندنُ چَارِيَئيِن جَالَ، جي موُن رَاتِ رَسَاڻِيين.

بيت - 11

ڳَلِ ڳَانَا يَاقُوتَ جَا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مَهَارَ،
چَانگَا چَندَنُ چَارِيَيئِن، اَٺَئِي پَهرَ اَپَارَ،
سَندِيءَ پِيءَ پَچَارَ، جي موُن رَاتِ رَسَاڻِيين.

بيت - 12

مَيَا تو مَهَارَ، سَڄِي پَايَان سونَ جِي،
چَارِيَئيِن چَندَنَ چوٽِيُون، نَائي ميندِيءَ ڏَارَ،
سَندِيءَ پِيءَ پَچَارَ، جي مُون رَاتِ رَسَاڻِيين.

بيت - 13

سِيني سَنگهَرَ سونَ جِي، ڳِچِيءَ روپِي ڳَٽِ،
ڏَاوَڻَ ڏَانِئِيو نَہ رَھي وِھي نَہ وَڳَنِ وَٽِ،
اَھَڙو ليڙو لَٽِ، جو ڪُجوئِئَان ڪَکَ چَري.

بيت - 14

دُدَسَتِي دُپيرَ، سِيني سَنگهَرَ رُڪَ جِي،
مَاءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، تَازي ڦُلَنِ ھيرَ،
تِنھِن کي ڪَامَڻَ ڪَندِي ڪيرَ، جو مُونھِين وَٽَ مَسَ رَھي.

بيت - 15

ڪَنھِن ڀِنڀُولِيين ڪَرَھَا، ڪَنِي ڪَامَڻ ڪِيَاءِ،
اَکِيُنِ مَٿي اَکِيَا، پِڙَ ۾ پيرَ ڳَٺَاءِ،
وَڳَ ڪِ وِسَرِيَاءِ، ٻَڌو جِيئَن گَهاڻي وَھين.

بيت - 16

نَہ ڪِنھِن ڀِنڀُولِئو ڪَرَھو، نَہ ڪِنھِن ڪَامَڻ ڪِئَاسِ،
اَکِيُنِ مَٿي اَکيَا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺَاسِ،
وَڳَ نَہ وِسَرِيَاسِ، ڪَرَھي لِڌو لوڙِئو.

بيت - 17

وِئَا سِي وَڳَ وَھِي، ڪَرَھي قربُ جَنِ سين،
اُنِهَان پوءِ رَھِي، چَانگي چِنُو ڪِينَ ڪِي.

بيت - 18

مَيو اَڳَ مَيو، چَانگو چِني نَہ ڪِئو،
ڌَاتِ ڌَرَنِئَان سِکِئو، ڪَرَھو رَءِ رَيو،
جو پَرَ مُلاَ پِئو، نَاھِہ نِهَايَتَ تنهِن سين.

بيت - 19

ٿَرَ جَبَلَ رِڻَ روھَہ، مَيي سَڀِ مَنَاڙِئَا،
اڱَڻُ اَسِي ڪوھَہ، ھَاڻي ھِنَ جَمَارَ کي.

بيت - 20

وَڏَپَڻُ ۽ وَاءُ، ڪَرَھي کَاڏو کوڙِئو،
سَاڻُو ٿِيُسِ سَاھُہ، ھَاڻي پَلاَڻُ ئِي نَہ کَڻي.

بيت - 21

وَڏَپَڻ ۽ واءُ، ڪَرَھي کَاڏوکوڙِئو،
کوءِ ٻَنِ پَلاَڻِئَا، اولاَڻِئو نَہ اُٿِيي.

بيت - 22

پَلاَڻِئو پئو، اولاَڻِئو نَہ اُٿِيي،
جَنھِن مَيي ٿي مَڻَ کَنيَا، سو رِڙَھَڻَ کَان رَھِيو،
ليڙي کي لَطِيفَرح چَئي، اڱَڻُ اَوکو ٿِئو،
جيڏاَنھَن وَڳُ وِئو، توءِ تَرَسي اوڏھِين.

بيت - 23

آئون اُڪَنڊِيَائِي نِمَرَان، پِرِينِ ڀَلاَ پَرَ ڏُور،
ٻَاٻَلُ ڏي نہَ ٻُورُ، پَنڌَ نہَ جوڳِي پِيَڙِي.

بيت - 24

ڪَرَھو نَہ ڪَيڪَانُ، پيرين آئوُن نَہ پُڄِڻِي،
جو مُون رَاتِ رَسَاڻي پِرِينءَ کي، نيئِي سَاجَنَ سَاڻُ،
مُون نَہ وَھِيڻُو پَاڻُ، ويٺِي نيڻَ نِچويَان.

بيت - 25

ڪَرَھي کي ڪَئِين، جَان وِڌَمِ پَيندَ پَلَڻَ جَا،
ليڙو لَاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ سَاڻُ نَئِي،
چَانگي سَندي چِتَ ۾، ڪا صَاحِبَ وِجُهہ سَنئيِن،
اوبَاھِيوسِ آھين، لَطفَ سَاڻُ لطيف چئي.

بيت - 26

اُٿِي اَڙَائِينسِ، ڇَڏِئو تِان ڇيڪَ ٿِئي،
کَهَارَيَان کِڙِئو وَڃي، پَلاڻِي پَائِينسِ،
ڏاوَڻِ تَنهِن ڏَانِئينسِ، جِيئَن چَري ۽ چِنگهي ڀُڻُو.

بيت - 27

نَوَ نِيَرَ ڏَھَہ ڏَاوِڻِيُون، پَنِرَھَہ پَئِندَ پَياسِ،
سَڄَڻَ يَادِ پِيَاسِ، ڇرڪِ ڇِنَائِين ھِڪِڙي.

بيت - 28

نَوَ نِيَرَ پَائي، جَان مُون ھِينئَڙو جَهلِئو،
وِئَڙو ڇَنائي، پوئيِنءَ رَاتِ پِريَنِ ڏي.

بيت - 29

ٻُورُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري،
مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو رَاتِ ڪَپُورُ،
مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.

بيت - 30

وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُوريءَ ڏَارَ چَري،
مَاءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِهو جَڳَ، ھِنيين سين ھُتِ چَرِي.

بيت - 31

اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نَہ لاَڻُو،
مَيي کي مَجَازَ جو، ٿُوھي ۾ ٿَاڻُو،
ڀَٽَاري ڀَاڻُو، مَرَندي سِينءَ نَہ مَٽِئو.

بيت - 32

اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سِين، چَريُ نَہ چَانگو،
لَگيَس نَائُڪَ نِينھَن جِي، نِھوڙِئو نَانگو،
ڇَڏِئو سِرَ سَانگو، رِڙھي رَندِ پِريَنِ جي.

بيت - 33

نڪِي چَري ڪَرَھو، نَڪِي اوڳَاري،
سَارِئو سَانبيَڙَنِ کي، رويو جَرُ ھَاري،
مَيي ويچَاري، سُورُ سَدَائِين پَنڌَ جو.

بيت - 34

ڪِي جو ڪيڏَاھِين، چَانگو چَکِي آيو،
تَاڻِئو تيڏاھِين، نيٽَ ڇِنَايو نِڪِري.

بيت - 35

ڪَرَھو ڪَنگُوءَ ريٽَ تي، نيٽَ ڇِنَائي نِتُ،
چَانگي رکِئو چِتُ، پَرَمَلَ جي پَسَاھَہ ڏي.

بيت - 36

ڪَرَھَا ڪَنگُوءَ ريٽَ ۾، لَکين سَئين چَرَنِ،
تِئَان ويسَريَنِ، ھَٿِ نَہ اَچي ھيڪِڙو.

بيت - 37

کَاڻَا لاڻا ڪَرَھَا، چَانگَا ھَڏِ مَ چَرُ،
سُڄي ٿو سَيدُرح چَئي، اڳِئَان بيدِي بَرُ،
ڍَڪِيءَ ھَلِي ڍَرُ، تَہ کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.

بيت - 38

چَري نَہ مِصرِيءَ سَنگَ، چَندَنَ جَا چُوپَا ڪَري،
اَکِيُنِ مَٿي اَنگَ، مَيي کي مَجَازَ جَا.

بيت - 39

کاَءِ نہ کَٽَڻَھَارُ، چَندَنَ جَا چُوپَا ڪَري،
اَگَرَ اوڏو نَہ وَھي، سِر کَنڊَ لَهي نَہ سَارَ،
لاَڻي جِيءَ لَغَارَ، مَيو مَتَارو ڪِئو.

بيت - 40

چَانگَا چَندَنُ نَہ چَرين، مَيَاپِيين نَہ موڪَ،
اگَرَ اوڏو نَہ وَھين، ٿُڪِئو ڇَڏيين ٿوڪَ،
لاَڻِي وِچَان لوڪَ، تو ڪِهَڙي اَکَرِ آھَڙِي.

بيت - 41

اَڄُ نَہ اڳِيئَن ڍَارَ، ڪَرَھو جَنھِن ڪَالَهہ ھو،
اڱَڻِ آيو نَہ ڪَري پَاھوڙي پَچَارَ،
جيڪُسِ مَنجِهہ قَطَارَ، ڪَا وَلِ چِنَائِين وِھَہ جي.

بيت - 42

مِٺيوُن لَهِي مُهَان، جي تو چَانگَا چِنِيوُن،
وَلَڙِيُون وِھَہ سَاءِ،اَڃَا پوءِ مُهَندِيُون.

بيت - 43

پَسِي ڳَاڙھَا گُلِڙَا، ڪَرَھَا ڪِيمَ تَرَسُ،
سي تَان ھَلِي پَسُ، جي اِنَ وَلِ وِھَاٽِئَا.

بيت - 44

چَانگي چَئِي چُڪِيَاسِ، مَٿَان اَڪَ نَہ اُلَهي،
جَنهِن وَلَ گهَڻَا وِھَاٽِئَا، اُنَ سين آرِ لَڳِيَاسِ،
چَوڌَارِي چَندَنَ وَڻَ، پَچِي پوڄ پِيَاسِ،
رُئاڙي رَتُ ڪِيَاسِ، اِنَ ڪُڌا توري ڪَرَھي.

بيت - 45

ڪُڌَا تُورَا ڪَرَھَا، ڇَڏِ لاَڻِيءَ جِي لَغَارَ،
سَعيو ڪَري سَيدُ چَئي، کَائِجِ کَٽَڻهَارَ،
سُرَھَائِيءَ جي سَارَ، مَنَ پِريِن ڪَنِهُون پَانهِنجو.

بيت - 46

آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جَاءِ، مَان نہَ مُکِڙِيُون چَري،
ڪُڌا تُورو ڪَرَھو، لِڪِئو لَڻِي کَاءِ،
اِنَ مَيي سَندي مَاءَ، مُون کي ڳَالَهڙِيُنِ ڳوِڙھَا ڪِئَا.

بيت - 47

مَيي مَاڪَائِي، وِڌو وَاتُ وَلِيُنِ کي،
خَبَرَ ٿِي کيٽَ ڌَڻِيَنِ کي، وِڏُوڙِئَا وَاھِي،
ڪَرَھي ڪَاڪَتَ ڇَڏِي، وَريسِ نَہ وَائِي،
چَانگي چَرِئَائِي، ويئِي ويچَاري وِسَرِي.

بيت - 48

وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پَاءِ پَانهِنجي ڪَرَھي،
وَليُون وَاسَ وَرَنِيُون، پَهرِيُون مَٿي پَٽَ،
چَانگي چَکِي چَٽَ، پوءِ نَہ رَھَندو پَئنِدَ ري.

بيت - 49

ھُونگَرَ ھَلاَيومِ، ڏِئو موڙَ مَهَارَ جِي،
وَسَان جي وِئومِ ڪَرَھو تي ڪَاموُن سَهي.

بيت - 50

ڪَامُون سَهُہ مَ ڪَرَھَا، بَانٺَا سَهُہ مَ بُٺَ،
لِلِہ لَڳِ لَطِيفرح چئي، ھوري ھَلُ مَ اُٺَ،
پِرِين پَرچَايُون، رُٺَ، ڏِٺي جَنِ ڏِينھَن ٿِئَا.

بيت - 51

سَچو پَسِي مُون سَڃِين، ڪَرَھَا توکي ڪَامَ،
مَان نَہ پَرُوڙي مَامَ، سَاڱَاھي سَنئيِنءَ وَھين.

بيت - 52

ڪَرَھو توءِ نَہ مُون، وِئو دَرِيَاھَان پَارِ،
پَنجُوڙِڪِي پيرَنِ ۾، ڪَرھي سِنئَن ڪَپارِ،
نَڪِي لَهرِ لوڙِھِئو، نَڪِي ٻوڙئو تَارِ،
اَکِيُنِ جي آرِ، تَرِي وِيو وَاھڙو.

بيت - 53

اَڃَاَ ٻُورُ ٻِهَاڻُ، ڌَڻِيَنِ ھَٿِ ڪِئو،
سَازُ مِڙوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پَاڪُ پَلاَڻُ،
پِرِين چَڙھَندو پَاڻُ، وَالِي ٿِيندو وڳَ جو.

بيت - 54

جِئَان ڪوڙِ ٻَہ ڪَاٺِيُون، پَنجين لَکين پَنُ،
تِئَان ڇَاڻي ڇَڳيُون، مَيي رَتو مَنُ،
تِنھِن وَلِ سَندو وَڻُ، ڪُومَاڻُو ڪوڙِ لَهي.

بيت - 55

جِئَان ڪوڙِ ٻَہ ڪَاٺِيُون، پَنجين لَکين پِڪَ،
تِئَان ڏيئِي تِڪَ، مَيو مَتَارو ٿِئو.

بيت - 56

جِئَان ڪوڙِ ٻَہ ڪَاٺِيُون، پَنجين لَکين پَاءُ،
مَيو تِنهِن مَاڳَاءُ، ڏيھَاڻِي ڏَارَ چَري.

بيت - 57

لَڪِ لاَکِيڻو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڳِڌومِ،
اڱَڻِ سُونھَن ٿِئومِ، مُلِهہ مَهَانگو مَ چَؤُ.

بيت - 58

لَڪِ لاَکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙِيين ڏيئِي ڇوڙِ،
ايَهِي سِٽَ سَيِدُرح چَئي، جيھَيين تيھَيين جوڙِ،
تُرتُ رَسَاڻي توڙِ، پَلاَڻِئو تَہ پِرِينءَ مِڙي.

بيت - 59

لَڪَ لاَکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڪَاھِہ
آھُرَ ۾ ايلاَچِيُون، پوڄَ مَيي کي پَاءِ،
ڪَٿَ نَہ ڪَندو ڪَاءِ، پَلاَڻِئو تَہ پِريِنءَ مِڙي.

وائي - 1

آھِنِمِ ڳَالهَڙِيُون، مَاءَ مُرَادُونِ پِرِينءَ سِين،
جي مَان پييُون پِرِينءَ ري، کوءِ سي رَاتَڙِيُون،
جي مَان اورِيُون پِرِينءَ سين، وَرُ سي رَاتَڙيُون ،
پَسَڻ ڪَارَڻِ پِرين جيءَ، پَاتِيُمِ جَهاتَڙِيوُن،
آڌِيءَ عَبدُاللطِيفُرح چَئي، ڪُهَنِ ڪَاتَڙِيُون.

وائي - 2

سَڌين سيڻَ نَہ ھُونِ، نينهُن نِيَاپي نَہ ٿِئي،
ڪَارِيءَ رَاتِ رَتَ ڦُڙَا، جَان جَان نيڻَ نَہ رُونِ،
موٽَڻُ جَنِي مِيهڻُو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ،
جَنِ مُسَافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.

وائي - 3

توڙي تَڙِيين تُون، تو دَرُ توءِ نَہ ڇَڏِيَان،
مُون کي سو مُشَاھِدو، جي مُنھُن نَہ ڏِيين مُون،
مُون ٻِئَا دَرَ گَهڻَا نِهَارِئَا، آھِيين تُونهِين تُون.

وائي - 4

آئُون جِيئِندِي ڪِيئَن، يَا اللہَ مُون مُسَافِرَ سُپِريِن،
مُون کي ڇَڏي ھَلِئَا، ھاڻي ڪَرِيَان ڪِيئَن.

داستان ٽئو
بيت - 1

نَاسِيندي نِگَاھَہ، پهرِين ڪِجِ پِريَنِ ڏي،
اَحوَالَ عَاجِزَنِ جَا، آکِجِ لَڳِ اَللہَ،
روزُ نِهَاريِنِ رَاھَہ، اَکِيُون اَوَھَانجي آسَري.

بيت - 2

نَاسِيندي نَظَرُ، پِهرِين ڪِجِ پِريَنِ ڏي،
قَمَرَ ڪَهِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ،
ٻئو ڀَرُوَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھَانجي آسَري.

بيت - 3

نَا سِيندي نِرتِ، پِهرِين ڪِجِ پِريَنِ ڏي،
قَمَرَ ڪَهِجِ قَرِيبَ کي، سَاري سَاڻُ سُرتِ،
ٻِئو ڀَرُوَسو نَہ ڀَتِ، اَکِيُون اَوَھَانجي آسَري.

بيت - 4

نَا سِيندي نِهَارَ، پِهرِين ڪِجِ پِريَنِ ڏي،
آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيهَڙَا، چَئِجِ چَنڊَ اَپَارَ،
سَاجَنَ سَڀَ ڄَمَارَ، اَکِيوُن اَوَھَانجي آسَري.

بيت - 5

آئون جي ڏِيَئِين سَنِيهَڙَا، چَنڊَ پَلَئَہ ٻَڌُ،
چَئِجِ حَالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نُوڙَائي ڪَنڌُ،
تو تيڏَاھِين پَنڌُ، جيڏَاھَن عالَمَ آسَرَو.

بيت - 6

چَڱَا چَنڊَ چَئيجِ، سَنيهَا کي سَڄَڻين،
اڱَڻَ مَٿَان اُڀرِي، پِريَان جي پَئيجِ،
جِهيڻوُ، ڳَالَهَائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙاَ.

بيت - 7

اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو اوڏَا مُون ڏُورِ،
سَڄَڻَ سُتَا وِلَهَہ ۾، چوٽَا ڀَري ڪَپُورَ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻَاٻَل ڏي نَہ ٻُورُ،
جِنھِن تي  چَڙِھي اَسُورِ سَنجهي سَڄَڻَ سَهٽِيَان.

بيت - 8

تُون چَنڊُ اُھو ئِي، جو ھُتي پَسِين پِرينءَ کي،
آڏِتَ چَئِج عَجِيبَ کي، ڏِيَان جي روئِي،
ھيڪَانديءَ ھوئِي، سَانگُ نَہ پوئي سَڄَڻين.

بيت - 9

ھيڪَانداَ ھُونِ پِرِين، سَانگِ مَ وَڃَنِ سيڻَ،
رَھيَا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جَا نيڻَ،
جَنِ وِمَاسِئاَ ويڻَ، تاريءَ تَڳي تَنِ ھِينيوُن.

بيت - 10

سَانگِ مَ وَڃَنِ سُپِريِن، مَرُ ھيڪَاندَا ھُونِ،
اکِيوُن رَتُ نَہ رُونِ، جِهڄَڻ کَان جَهلَ ٿِئي.

بيت - 11

ڪِٿي ھُوندَمِ ھيرَ، ھينئَڙي سَڄَڻَ سَارِئَا،
اَچِي لَالَڻَ نَہ ڏِيين، مَٿي پَلَنگَنِ پيرَ،
ٿِي وِرُونهَڻَ ويرَ، ڳُجهُہ ڳَرَ ھِيَان ڪَنِ سين.

بيت - 12

حَيَاتِيءَ ھيڪَاندِ، ڌَڻِي ڪَرِيندين ڪَڏِھِين،
مَنَ ۾مُشتَاقَنِ جي، ڪِي رَنجَائي رَاندِ،
پِريِن ڏيسَاندَرَ پَاندِ، ڳُجُهہ ڳَرَ ھِيَان ڪَنِ سينَ.

بيت - 13

جَنِي لَاءِ ڪِئَا مُون، چَاڙِھِيڪَا نيڻين،
سَٻاجهي سيڻين، پَائي ڳَڻَ ڳَهِئو ھِنيوُن.

بيت - 14

اَڄُ پَڻ اَڇَائِي، چوڏِھيِنءَ مَاہَ چَنڊَ جي،
مُون ڏُونهَن مُون پِريَنِ جي، اَچَڻَ جِي وَائِي،
مُون گهَرِ وَاڌائِي، پيئِي کَامِ کَرَنِ ۾.

بيت - 15

اَڄُ پَڻ اوڀَارو، چوڏِھِينءَ مَاھَہ چَنڊَ جو،
مُون گهَرِ مُون پِريَنِ جي، اَچَڻَ جو وَارو،
سَڄَڻُ سوڀَارو، ڀيڄَ ڀَنِيءَ گهَرِ آيو.

بيت - 16

اَڄُ جَهمَڪِي مَاءَ، ھِينئَڙو مَان ڪورُ ٿِئو،
جُهوپي ۾ نہَ سَمَاءِ، صَحيُ مَڙَندو سَڄَڻين.

بيت - 17

اَڄُ اَچَڻَ ويرَانِ، جَاڳو نيڻَ مَ سُمهو،
رِڪَابين پيرَانِ، وَاڳُنِ مَٿي ھَٿَڙَا.

بيت - 18

چوڏِينھَن چَنڊن اُڀِري، اُوڻَٽِيهَن پَسي نَہ عَامَ،
مَٿِسِ نَاھِہ  مَلاَمَ، جيڪو پُڇين پُڇُ سو.

بيت - 19

چوڏِينھَن چَنڊن اُڀِرِي، سَهسين ڪَرِين سِينگَارَ،
پَلَڪَ پِريَان جي نَہ پَڙين، حِيلَنِ ڪَرِين ھَزَارَ،
جِهَڙو تُون سَڀَ ڄَمَارَ، تِهَڙو دَمُ دوسِتَ جو.

بيت - 20

سَهسين سِجَنِ اُڀِري، چورَاسِي چَنڊَنِ،
بِاللہِ ري پِريَنِ، سَڀَ اُوندَاھِي ڀَانيان.

بيت - 21

اُوندَاھِيءَ اَڌَ رَاتِ ۾، پِرينءَ پَسَايو پَاڻُ،
چَنڊُ ڪَتِينُ سَاڻُ، پيھِي وِئو پَڙِلاءِ ۾.

بيت - 22

چَنڊَ کي چورَائي جُهڙَ جَهپيئيِ نَہ وَڃيين،
اوُندَاھِي آھي، اَجهو عَاشِقَنِ جو.

بيت - 23

چَنڊَ مَ اُڀرُ سَنجَهہ، تَہ اُوندَاھِي اَجهو ڪَريَان،
ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنجَ، رُٺَا پِريِن پَهَايَانَ.

بيت - 24

چَنڊَ چِٽَائِي تُنھِنجِي، سَهَائِي مُون سُورُ،
لايان لاَلُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُومَاڻُو ڪَپُورُ، مُون وَاجَهائِيندي پِرينءَ کَي.

بيت - 25

چَنڊَ چِٽَائِي تُنھِنجِي، تَارَا بي ڌُڻِي،
ڍَائو ڪو نَہ چُڻِي، جهوتُون ڏيِندي جَهنگَ ۾.

بيت - 26

چَنڊَ لڳنئِي مَنڊَ، سَنجهيئِي ٿو شِيخَ ٿِئين،
ڪَرِ اُنداھِي اَنڌَ، تَہ مِلاَن مَحبُوبَنِ کي.

بيت - 27

چَنڊَ ٿو چُئَئِين حَقُ، وِڙِھين جي وِچِڙين،
ٻَہ اکِيُون ٽِئو نَڪُ، تو ۾ نَاھِہ پيشَانِي پِرَ جِي.

بيت - 28

چَنڊَ ٿو چُئَئِين سَچُ، وِڙِھين جي وِچڙين،
ڪَڏِھِين اُڀِرين سَنِهڙو ڪَڏِھِين اُڀِرين ڳَچُ،
مُنھَن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو نَاھِہ پيشانِي پِرَ جِي.

بيت - 29

چَنڊَ چَواَنءِ سَچُ، جي مَٺِين نَہ ڀَانئِيين،
جو تو ۾ ٻَري مَچُ، سو پَدَمُ پِريَان جي پيرَ ۾.

بيت - 30

چَنڊَ تُنھِنجِي ذَاتِ، پَاڙِيَان تَان نَہ پِرِينءَ سين،
تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهَرا.

بيت - 31

آيو چَنڊُ چَڙِھي، چَارِيءَ جو چَيو ڪَري،
اُڀِيو اُتِ اَڙِي، جِتِ ڏِٺَائِين پِرِينءَ کي.

بيت - 32

قَمَرَ ڪَارو نَانگُ، توکي کَائي ڪَڏِھِين،
وِڇوڙو وِڙوَاندُ، ڏِنُئِي ڏُکويُنِ کي.

بيت - 33

چَنڊَ ميرَائِي سُپِريِن، کَارَا جِهَڙَا کِيرَ،
ڪَڙَا گهَاءِ ڪيوِڙي، آڪَا گهَاءِ عَنبِيرَ،
سَاجَنُ ڀَرِئو ڌِيرَ، مَنَان مُورِ نَہ وِسِري.

بيت - 34

جَا نِشَانِيءَ نُورَ جِي، سَا پِريِنءَ پيشَانِي،
جوڙِيَلُ ڪو نَہ جِهَان ۾، سَندُسِ ڪو ثَانِي،
قَمَرُ قُربَانِي شَمسُ سَڄَڻَ تَان گهورِيَان.

بيت - 35

جَا پيشَانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي، نِشَانِي نيڻَنِ،
شَمسُ نَہ سيڻَنِ، آئُون ڪِيئَن قَمَرُ پَاڙِيَان.

بيت - 36

ڀَلاَئِيَ جَا ڀيرَ، پيشانِيءَ ۾ پِرِينءَ کي،
اڱَڻِ اُڪَنڊِيَنِ جي، ڏي پَاٻوھِيو پيرَ،
قَمَرُ پَاڙي ڪيرَ، شَمسُ سُپيرِيَنِ سين.

بيت - 37

ڀَلاَئِي آھِينِ، پِريِن ڀَلاَئِيءَ پَانھِنجي،
سَٻَاجَها سِرِ چَڙِھي، ڏورَاپو نَہ ڏيِنِ،
جي مُون ڏُونھِن مَدِيُون ٿِينِ، تَہ سَڄَڻَ سَڄَايُنِ ۾.

وائي - 1

جيڏِيُون ھِيءُ ضَرُورُ، آيَلِ ڪِيئَن رَھَندو پِرِينءَ ري،
سَگهو سَاٿَ نَہ جِندَڙو، چَارَئِي پَهرَ چُورُ،
مَنَ ۾ مُشتَاقَنِ جي، سَاجَنَ تُنھِنجو سورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄِڻي، ڏيھُہ پِريَان جو ڏُورِ،
وَڃي ويلَ سَڀَڪَنھِن، ھينئَڙو پِرِيَنءَ حُضورِ.

وائي - 2

اڱَڻِ آيَمِ پيھِي، يَااللہ! مُون سَاريِندي سُپِرِين،
مُشڪَ عَطُرُ مُون پِرِين، سِڪِيَس ڄَمُ سَڀوئِي،
سَاھُہ جَنِي جو سيڪِڙو، روحَ تَنِي سين ريھِي.

سُر سُر راڳ

داستان پھريون
بيت - 1

مَان نَہ پُڇَنَئِي سُپِريِن، چتَان لاَھہ مَ چُرَ،
اُنِهيِن جَا اَمُرَ، کَڻُ تَہ خَالِي نَہ ٿِيين.

بيت - 2

مَان نَہ پُڇَنَئِي سُپريِن، چِتَان چُرَ مَ لاَھِہ،
پِريَنِ اڳِئاَن پَاءِ، پَلئُہ مڱڻَهَارَ جِيئَن.

بيت - 3

مَان نَہ پُڇَنَئِي سُپِريِن، چِتَان لاَھِجِ چورُ،
قَلبَ مَان ڪَڍُ تُون،مَاري ڪُوڙو ڪورُ،
ھُنَ ڀَرِ سَندو ھورُ، مَٿَان تو مَعَافُ ٿِئي.

بيت - 4

مَان نَہ پُڇَنَئِي سُپِريِن، چِتَ ۾ ڪَريجِ چيتُ،
سِڙَھَہ ڌُئَاري صَافُ ڪَري، صَابُڻُ سَاڻُ سُفيتُ،
سَامُونڊِي سُچيتُ، ٿيءُ پَهچين پَارَ کي.

بيت - 5

مَان نَہ پُڇَنَئِي سُپِريِن، چيتَاريجِ چِتُ،
تَہ دَائِمَا دُورِبِيءَ ۾، پَسين ولاَتُنِ وِتُ،
نِيَهُہ نِکَاري نِتُ، مَلاحَ گَڏِ مَعلِمَ سين.

بيت - 6

مَان نَہ پُڇَنَئِي سُپِريِن، چِتَ ۾ چيتَاريجِ،
ڇَڏِجِ ڪَائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمَائيجِ،
وَکَرُ وِھَائيجِ، سَڀِ سودَاگَرَ سَچَ جو.

بيت - 7

ڪَچُ ڪَمَايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳَمِ عَهدَ اللہ جَا،
پِڃِرو جو پَاپَنِ جو، چوٽِيءَ تَائِين چُورُ،
مَعلومُ اَٿيئِي مُورُ ڳُوڙھَا اِنَهِيءَ ڳَالِهِہ جو.

بيت - 8

اُٿِي اورِ اللہ سين، ڪُوڙُ ڪَمَاءِ مَ ڪَچُ،
ڪَڍُ تُون دَغا دِل مَان صَاحِبَ وَڻي سَچُ،
مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، مَاڻڪَ ٻَارِجِ مَچُ،
اِنَ پَرَ اُٿِي اَچُ، تہ سودو ٿِئي سَفِرو.

بيت - 9

سودو اِھو ئِي سَفِرو، سو مُون پَلَئہ پَاءِ،
وَسَ ويچَارِيءِ نَاھِہ ڪو، آگا عَرضُ اونَاءِ،
رِءَ ھَمرَاھِيءَ ھَادِيءَ جي، مُورِ نَہ مِڙي مَاءِ،
لُطفَ سَاڻُ لَنگهَاءِ، لَهرو لَهرِيُنِ وِچَ مَانَ.

بيت - 10

لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ، جِتي اَتُ نَہ آبَ جو،
الاَ اُتِ مَ اولِيين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،
جوکو ٿِئي مَ جَڙَاوَ کي، ڦَرَھي اَچي مَ ڦيٽَ،
لَڳي ڪَامَ لِپيٽَ، شَلَ غَرِيبي غُرَابَ کي.

بيت - 11

اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين،
سُتي لوڪِ لَطِيفرح چَئي، يَادِ نَہ ذَرو ڪِئوءِ،
غَافِلُ ٿِي غُرَابَ کي، اوڙَاھَہ تي آندوءِ،
ڇِتَرُ ڇُھي کَان رَکِين، جو پِئو پُرَاڻُو پوءِ،
جِهَازُ ضَعيفَنِ جو، پَاڻِيءَ ۾ پَرتوءِ،
سَيِدَصہ سَاٿُ سَندوءِ، پُر بَندَرِ پَهچَائِيين.

بيت - 12

سِڙَھَہ سَنوَان لاَڄُو نَواَن، اولاَ جَنِي عَاجَ،
سَاٿِي سَفَرِ ھَلِئَا، ڀَري جُنگَ جِھَازَ،
حَاصُلُ ڪَرِيين حَاجَ، واحِدَ وَڻِجَارَنِ جِي.

بيت - 13

سَڙَھَہ سَنوَان لاَڄُو نَوَان، مَٿَنِ مُهَاڻَا مِير،
سَاٿِي سَفَرِ ھَلِئَا، ٿِئَا سَڻَاوَا سِيرَ،
جي اَچَنِ سَاڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻَاجهہ ۾.

بيت - 14

سِڙَھَہ سَنوَان لاَڄُو نَواَن، مَٿِنِ مُهَاڻَا مَلَ،
جي اَچَن آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻَاجَهہ ۾.

بيت - 15

مَ ڪِي ھيجِ مَ ھوجُ، تَرسُ مَ تَاڻِ جِھَازَ،
چَؤُ ڪَلِمون محمدﷺ تي، تہ اڳيان اچي اوڄَ،
تَہ سَهکِيءَ ڀَتِ سَٻوجَهہ، تُنھِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙِي.

وائي - 1

ڪوڙيِين ڀَالَ ڪَرِيمَ جَا، ڪَرِ سَهسين شُڪراَنَا،
فَاذُکُرُونِي اَذکرُکُم، ڪَهي قُرآنَا،
وَاشکُرُو الِي وَلاَ تَکفُرُونِ ڪَڍُ تُو ڪُفراَنَا،
حَمدُ چَؤُ حَڪِيمَ کي، جور ھَڻِي جَانِئَا،
تَہ تُسِي تو سين توھُہ ڪَري، آگو اِحسانَا،
جَفَا ڏيئِي جَانِ کي، ٿِيءَ فِڪرَ مَنجِهہ فَنَا،
تَہ تو ڏيکَاري تو ڌَڻِي، بَاطِنَ جَا بَانَا،
جي تَسليِمُ ٿِئَا تَحقيقَ سين، اُوءِ ڪيئَن اَمَانَا،
جَاڳِئَا جي جَبارَ لَيءِ، سيئِي سَمَانَا،
سَڀَ سَنوَرِئَا سُپريِن، قَوَالَ تو ڪَنَا،
چَڱِي چَئِجِ چَاھَہ سين، مَدَحَ اَيءَ مَنَا،
مَتَانُ مَڙدَ  وِسَارِيين، صَاحِبَ جو ثَنَا،
دوسِتُ رَکِي دِلَ ۾، پَڙُھُہ لاَلَڻُ لِسَانَا،
ڪَڍُ تُون دَغَا دِلَ مَان، ٻَانَهپَ سين ٻَانهَا،
صَاحِبَ وَڻين سَچَ سين، ٿِيءُ دَانَاءُ ديوَانَا،
تَائِبَ ٿِئو تَڪِڙاَ، جوشَئُون جَوَانَا،
لَهين تُون لَطيفَ کَان، اَمنُ اَمَانَا.

وائي - 2

پُڇَان ٿِي توکي پَانڌِي، ڪِٿي پِريَان جَا پَکَڙاَ،
جِتَان جَتَنِ لَڏِئو، پَکي ڇَڻِئَا پَنَ،
جَرُ موتِين جيئَن ھَارِئو، مُنھِنجي ھِينئَڙي ڀَڳَا ڀَنَ.

داستان ٻئو
بيت - 1

جيڪِي مَنجِهہ جِهَانَ، سو تَارِيءَ تَڳي تُنھِنجي،
لُطِفَ جِي لَطِيفُؒ چَئي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪَانَہ،
عَدُلِ ڇُٽَان آن نَہ، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضلَ جو.

بيت - 2

سَارِي رَاتِ سُبحَانُ، جَاڳِي جَنِ يَادِ ڪِئو،
اُنِ جي عَبدُاللَطِيفُؒ چَئي، مَٽِيءَ لَڌو مَانُ،
ڪوڙيين ڪَنِ سَلاَمُ، آڳَهِہ اَچِئو اُنِ جي.

بيت - 3

سَارِي رَاتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صَاحِبَ سين،
ڀَري ٻَانَهَپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئَا جوپَ جُوَانَ،
پَاڻِي پَهِلوَانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئَا.

بيت - 4

ٻَانَهَپَ جو ٻيڙِيُنِ ۾، وَکَرُ وِڌَائُون،
موتي مَعرِفَتَ جَا، سَچَا سودِيَائون،
اَلتَائِبُ مَنَ الذَنۡبِ ڪَمَن لاذَنب لَه، اِي کَٽَ کَٽِيَائون،
اُنِهِين جِيءَ آئون، بَرِڪَتَ بَارُ لَنگهَائِيَانۡ.

بيت - 5

سيوَا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي،جِتِ جَرُ وَھي ٿو جَالَ،
سَئين وَھَنِ سِيرَ ۾، مَاڻِڪَ موتِي لاَلَ،
جي مَاسو جُڙيئِي مَالَ، تَہ پُوڄَارَا پُرِٿِئين.

بيت - 6

سي پُوڄَارَا پُرِ ٿِئا، سَمُنۡڊُ سيوِئو جَنِ،
آندَائُون عَمِيقَ مَان، جوتِي جَوَاھَرَنِ،
لَڌَائُون لَطِيفُؒ چَئي، لالُون مَان لَهِرِنِ،
ڪَانِهي قِيمَتِ تَنِ، مُلُهہ مَهَانگو اُنِ جو.

بيت - 7

سيوِيو جَنِ سُبحَانُ، ويِر نَہ وِڙِھي تِنِ سين،
ڏيئِي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرِ لَنگهِئَا آسَانُ،
توبَهَہ جِيءَ تحصِيلَ سين، ترِي وِئَا طُوۡفَانُ،
ڪَامِلُ ڪِشتِيبَانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُنِ وَاھَرُو.

بيت - 8

سَمُنڊَ جي سيوِينِ، مَاڻِڪَ تَنِي ميڙِئَا،
چِلُڙَ جي چُوسِينِ، تَنِ سَانگوٽَا ۽ سُتِيُون.

بيت - 9

ڪَرِ سَمُنڊَ سيوَاھَاڻِ، مَاڻِڪَ موتِي تي لَهين،
مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏَاڻُ،
ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏَاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ ۾.

بيت - 10

ويهُہ سي وِسَاري چَڍَا جي چِلُڙَ جَا،
ڪَرِسَاڃَاءِ سَمُنڊَ سين، جو لَکَ لَهِريُون ڏي.

بيت - 11

سَمُنڊَ ڪينَ سُڪَنِ، ڪوڙِيين جي ڪَائو ٿِئي،
پَاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجَارَنِ،
لاَلوُن سي لَهَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.

بيت - 12

جَنِي سودي سَچَ سين، وَکَرُ وِھَايو،
بَخِرو لَهُمُ البُشريٰ جو، اُنِهِين لاَءِ آيو،
تَنِ کي لاَلَڻَ لَنگهايو سَاندَارو سَمُنڊَ جو.

بيت - 13

اِيءَ گَتِ غَوَاصَنِ، سَمُنڊُ سوجِهَيائون،
پيهِي مَنجِهہ پَاتَارَ ۾، مَاڻِڪَ ميڙِيَائُون،
آڻي ڏِنَائُون، ھِيرو لاَلُ ھَٿَنِ سين.

بيت - 14

آڇَاڙَا عَمِيقَ جَا، گَڏِئَا غَوَاصَنِ،
جُهڙِيُون جَهاڳي آيَا، ڪَارونڀَارَ ڪُنَنِ،
سَمُنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِئَا.

بيت - 15

وِئَا جي عَمِيقَ ڏي، مُنھِن ڪَائو ڏيئِي،
تَنِ سَپُون سوجهي ڪَڍِيُون، پَاتَاران پيهِي،
پَسَندَا سيئِي، اَمُلَ اَکَڙِيُنِ سين.

بيت - 16

آڏو چِڪَڻُ چَاڙُھہ، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَهي مَڪُڙِي،
ميڙي مَٺَايُنِ جو، بي حَدَ چَاڙھيُمِ بَارُ،
چَوَڻَ چَارو نَاھِہ ڪو، بَدِيُون بي شُمَارُ،
ڪَپَرُ ڪَارونڀَارُ، اُڪَارِيين اِحسَانَ سين.

بيت - 17

ھِڪَ تُرَاڙي گُنَاھَہ، سَڀيئِي سَنوَارِئَا،
پَاڻِيءَ  پَارِي نَاھِہ ڪا، نَڪَا ويسَاندِ وَاءَ،
کَاڌِي لَرِزَ لَطيفُؒ چَئي،، سَبَبَ اُنَ جي سَاھَہ،
ڪو فَضلُ ڪَرِ فَتَاحَ، ٻي تُرَاڙي ٻَاجهہ جو.

بيت - 18

ويرَ مَ لاَھي ويهُہ، مَٿي آرَ اوڙَاھہَ جي،
پَسِي پَاڙي وَارِيُون، ڪِجِ اَنديشو اي،
ويندو نَہ ڏِسين ڏيھُہ پَتَڻِ ھُنَ پَارِ مَڻي.

بيت - 19

اَٺَئِي پَهِرَ اوڙَاھَہ تي، مَنجِهہ گُهرِءَ گهَاري،
وَسَ نَہ ويچَاري، تَہ ڪِيئَن مَاڳِ ڍُڪَندِي مَڪُڙِي.

بيت - 20

ھيڪِي ٻَانِهي چِتَ ۾، ٻِي صَاحِبُ سَنوَاري،
دَنگِي اِنَ دَرِيَاھَہ ۾، ھَلاَئي ھَاڪَاري،
طَرَازُون تَاري، سُتَڙِ سَڀيئِي ڪَري.

بيت - 21

ھيڪِي ٻَانِهي چِتَ ۾، ٻِي سَنوَاري صَاحِبُ،
ڪَڍي اُونِهي ڪُنَ مَان، اِيءُ آگي جو عَجَبُ،
ايءُ سَائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئَن ٻُڏَا ڪَڍي ٻَارِ مَان.

بيت - 22

ھيڪِي ٻَانِهي چِتَ ۾، ٻِي اللہُ ڪَري،
پَاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پَاڻِهين ڪَنڌِي ني،
سُتَڙِ سي ڍوئي، جي تَڙِ تَواَئِي مَڪُڙَا.

بيت - 23

ھيڪِي ٻَانِهي چِتَ ۾، ٻِي جَا ڪَري اللہُ،
پَاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پَاڻِهين اُڪَاري اوڙَاھُہ،
تِنھِن وَاحِد کي وَاھَہ، جو سُتَڙِ سَڀيئِي ڪَري.

بيت - 24

ھيڪِي ٻَانِهي چَتَ ۾، ٻي ڪَري جوڙَ جَبَارُ،
پَاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پَاڻِهين اُڪَاري آڌَارُ،
جِهَارُ جو جَوَھِريءَ جو، تِنھِن کي ڀؤُ مَ ڏي ڀَتَارُ،
جيڏاھَن مُنھُن مَديِني جو، سُڄي مُحَمَدُصہ موچَارُ،
نَنڍَا وَڏَا مَڪُڙَا، سَڀِ پَسَندَا پَارُ،
سَٻَاجهو سَتَارُ، سُتَڙ سَڀيئي ڪَري.

وائي - 1

ڪَنڌِي سَارِيَان ڪَانَہ، يَا اَمُن اَمَانَ!،
اي اِلاَھِي! يَا اِلاَھِي!، ٻَاجَهہ ٻيلاَٽِي ڀَايَان،
ڳَڻَڻَ ڳَاڻيٽو نَاھِہ ڪو، اَپَرِ ٿِئَا عِصِيانَ،
خَبَرَ نَاھِہ خَبَرَ جِي، نِسورَا نِسِيانَ
وَالِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئَا اِنسَانَ،
سُڻُ سَٻَاجَها سُپِرين، نعرو نِگَهِبَانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنهِنجُون، شَرِمَايَا شَيطَانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حَالَ تي، ھَي ھَي ڪَنِ حَيوَانَ،
سَائِين سُکَاڻِي آھِيين، سَامُونڊِيَنِ سُبحَانَ،
تُرھو ڇِنو تَارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمٰنَ،
ٻيلي جو ٻُڏَنِ جو، مُونتي موٽي مَانَ،
ويٺو پِني پنڻوُ ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀَانَ،
خَالِقَ تَان خُوبُ ڪِئَا، گولَنِ جَا گُذِرَانَ،
آئُون پَڻِ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنَان پَانَ،
سُوَالِي سَمَڪِئَا دَاتا ڏيئِي دَانَ،
وِلِهَا سَڀَ وَنهِيَان ڪِئَا، تُنھِنجي جُودَ جُوَانَ،
مَتَان مُونکي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندَا ٻَانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِيين، دَاڙُو ۾ ديِوَانَ،
لاَءِ ڏوھَارِيَنِ ڏيهَہ کي خيمُو اَڏِئو خَانَ،
اُتي عبدالطيفؒ چَئي، سُڻِجِ ڪَا سُلِطَانَ.

وائي - 2

مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئون اَسُونھِين آھِيَان،
مَاڻُھُنِ جي موٽَڻَ جو، سَائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ،
سيئِي رَسِئَا بُودَ کي، جيلان ٿِئَا نَابُودُ،
اکڙِيُون اَکَڙِيُنِ کي، سِڪِئو ڪَنِ سُجُودُ،
اِنَ دَرِ سيئِي اگهِئَا، جَنِ وِڃَايو وُجُودُ.

داستان ٽئو
بيت - 1

کُوھَا ڪَالَهَہ کَڻِي، اُنِ وِڌَا اُتَرَ آسَري،
اَللہَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي،
وَڻِجَارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وڌو ٻيڙِئين.

بيت - 2

وَکَرُ وَڻِجَارَا، پَاڻَ پَراَئو چَاڙِھِيو،
اَچِي لَهِرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپَارَا،
جَاڳو جي يَارَا، تَہ تَڙِ تَوَائي نَہ ٿِئي.

بيت - 3

ٻيڙِي تُنھِنجِي ٻَاجَهہ، وَکَرُ تَنهِن وِصَالَ جو،
کُوھَا اولاَ تو ڪِئَا، سَڀِ سُونهَارَا سَاڄَ،
اُتِ ڪَا معلِمَنِ مَجَالَ، پُورَڻَ وَارو پَاڻِهَين.

بيت - 4

ٻيڙيِ پُرَاڻِي، وَکَرُ پَاءِ نَہ وِتَرو،
تَري ۾ تُنَ گَهڻان، پَاسَنِ ۾ پَاڻِي،
ھِيءَ ھَڏِ وِھَاڻِي، ڪَڙُھہُ ڪَالهُوُڻي ڏيِنهَن کي.

بيت - 5

تَري تُنَ پَياسِ، پَاسَنِئُون پَاڻِي وَھي،
کُوھو جُهر جُهنُو ٿِئو، لاَڄُو سَڀِ لَڙَياسِ،
جيلاَھِين سَڌَرَ سُکاڻِيَاسِ، وَھي تي وَھَہ سَامُهِين.

بيت - 6

ويٺو تُنَ تُنِيس، مَکِ ڏِھَاڙي مَڪُڙِي
سَنبَاھي سَيَدُرح چَئي، مَٿي نَائُوءَ نِينسِ،
وَٽَائي وَڏَاندَرا لاڄُو لَڳَائِينسِ،
آخَرِ اُھَرَائينسِ، تَہ جوکو ٿِئي نَہ جِھَازَ کي.

بيت - 7

تُنَ تنيدو آءُ، مَکِ ڏِھَاڙِي مَڪُڙِي،
سَانبَاھِي سَمُنڊَ جِي، مَلاَح مُورِ مَ لاَھِہ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ سَندِيَاءِ، اُھُرَندِي اَتَانگهَہ تَڙِ.

بيت - 8

وَکَرُ وِھَايُئِي لُوُڻ، ٿو رُنگَ کَٿورِيءَ گُهرين،
ڀُنگو تُنھِنجو ڀَرِ تي، جِمَ ڳَالَهَائِين ڪُوڙ،
جِمَ وِڃَائِيين مُورُ، کَٽِئو تُنھِنجو تو رَسِئو.

بيت - 9

وَکَرُ سو وِھَاءِ، جو پَئِي پُرَاڻُو نَہ ٿِئي،
ويچِيندي وِلاَ ئِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضَاعِ
سَاڪَا ھَڙَ ھَلاَءِ، آڳِهَہ جِنھِن جي اُبُهين.

بيت - 10

وَکَرُ سو وِھَاءِ، جو ھِتِ کَٽي ھُتِ سَهَانگو،
ويچيندي ولاَئِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضَاعِ،
سَامُونڊِي سندِيَاءِ، شَلَ مَاٽِيءَ پَئي نَہ مَڪُڙِي.

بيت - 11

وَڻَجَارَا وِھَاءِ، وَکَرُ وينَتِنِ جو،
مُعَلِمَ جي مِهَراڻَ جَا، لَنءُ تَنِيِ سين لاَءِ،
تَہ اِجَارو اُتَاءِ، مُورَائِين مَعَاف ٿِئي.

بيت - 12

وڻجارَا وِھَاءِ وَکَرُ وينَتنِ جو،
ھَٽَ پُورِبَاءِ، ھَيَا ھَڻَندين ھَٿَڙَا.

بيت - 13

دَنگِيءَ ۾ دَاڻَا، وَٺِي وِجهہ وَکَرَ جَا،
وِيرِ وِڙَھِندَيِئِي ويسَرَا، ويھُہ مَ ويڳَاڻَا،
ھِيءَ نِنڊَ نِڄاڻَا، ڪَڏِھِين ھَڻَندَيِئِي تَارِ ۾.

بيت - 14

دَنگِي مَنجِهہ دَرِيَاھَہ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي،
ھُو جي وَاڍي وَاڻِئَا، سُونھَڻَ سَڀِ سَڙِئَا،
مَعِلمَ مَاڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهَہ ڦِرئَا،
مَلاَحَ تُنھِنجِيءَ مَڪُڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙِھِئَا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِئَا، تِتي تَارِي تُنھِنجِي.

بيت - 15

ڪَاجَا پيئِي مَڪڙِيين، مَنجَهان پَاڻِيءَ پِڪَ،
وَکَرُ ھَڻِي وَڻِڪَ ڪَٽِجِي ڪَارو ٿِئو.

بيت - 16

ڪَاجَا پيئِي مَڪُڙِيين، مَنجَهان پَاڻِيءَ بُوندَ،
سيئِي ڏِٺَمِ رُوندَ، وَکَرُ جَنِ وِڃَايو.

بيت - 17

وَھَہ تِکَ وَھَڪُرو، جِتَ لَنگَرَ نَہ ٺَهَرَنِ،
وَڏَاندَرِيُون وَھَہ سَامُهُن، ٿِيُون جَهجهي زورِ جُنبَنِ،
نِينڊونءَ ۾ نَاتَارِيُون، ڪي وِڻِجَارَا وِجهَنِ،
مُلاَ معلِمَنِ، مُون ڳَرِي سُئِي ڳَالَهَڙي.

بيت - 18

اورِيَائِينِ آڻِينِ، ميڙِئو مَعلِمَ خَبَرُون،
سَا سُڌِ ڪَهِين نَہ ڏِينِ، جِتي وَھُہ ويڌَ ڪَري.

بيت - 19

دَرَيَاھَہ ڪَندي دَسَ، ڪِهَڙو سُکُ سَري تو،
پَاڙُون پَنَ پَهَسَ، ڪَڏِھِين کَڻِي ھَڻين تَارِ ۾.

بيت - 20

سِسِيءَ ۾ سُرُرَاڳُ، وَاءَ لَڳَندي وَڄِيو،
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنُو روحَ جَوَابُ،
آدَمَ کي آوَازُ، تِهَان پوءِ پَيدَا ٿِئو.

بيت - 21

نَہ آدَمُعہ نَہ حَواعہ ھو، نَڪِي خَلَقِيو،
ڪَاٿي ھو تَڪِيو، تَڏِھِين تُنھِنجي رُوحَ جو.

وائي - 1

سَاٿِيَنِ نَنڌَا بَارَ، تَنِ پَانڌَيِنِ نَنڌَا بارَ،
توکي آرَسُ اکِيُنِ ۾،
پاتا پَاڙي وَارِيينَ پَڳهَہ ۾ پَاتَارَ،
پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي، تُنھِنجَڙِي وَارَ،
سَڄِيُون رَاتِيوُن سُمَهين، کِيو مَنجِهہ خُمَارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڪَپَرَ جِي ڪُوڪَارَ،
سَائِينءَ مُڪين سَچَ کي، تُون ڪُوڙو مَنجهہ قَطَارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ھَلَڻَ جِي ھَاڪَارَ،
تَائِبَ ٿِي تَڪِڙا، پَڙھو، اِيءَ پَچَارَ،
نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سُڻِجِ اَدَا يَارَ،
گهڙَان ٿِي رِءَ گَهڙي، اللہَ توھَارَ،
ھِيءُ جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِهَان رَکُ سَتَارَ،
ڪُلُ نَفسً ذَآئِقتهُ الَموتِ، سَچِي اِيءَ سَنڀَارَ،
شِڪَارُ تُون شَهبَازَ جو، تُونَ تَان مَنجهہ شِڪَارَ،
يَومَ يَفِرُ الَمرءُ مِن اَخِيهِ، جِتِ ڀَڄندَا ڀَارَ،
تُرَھو ڇِنَم تَارِ ۾، اَچِجِ جيئَن اوسَارَ،
لَکَ مَڙيئِي لُٽِئَا، ھُونهِين وِئَڙَا ھَزَارَ،
ڏِنَئِي جي اللہ کي، تَہ ھُوندَ ٿِيين پَريين پَارِ،
جُوٺَنِ مَٿَان جُٽِڪي، دُڻِي تُنھِنجي دَارَ،
جِيفو آھِہ حَدِيثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچَارَ،
وَٽِيُئِي ڪِينَ وِلَهَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَهَارَ،
سَا ڪِيئَن ھَلي توسين، جَا ڀَڳي کَان ڀَتَارَ،
جيئَڻُ جَالَ نَہ نِبَهي، سُڻِجِ اِيءَ سَنڀَارَ،
جِمَ وِسَاريِين ويسَرَا، ڀِتِيُنِ جِي ڀُلِڪَارَ.

داستان چوٿون
بيت - 1

سَڀَيئي سَنئينءَ ڪَرِين، ڪومَ مُنجهَائِين وَاٽَ،
سَهُکِي ڪَرِين سَچَا ڌَڻِي سُڄي جَا صِرَاطَ،
سُپيرِيَان جي سَاٿَ، لَنڱوُ لاَئُون ميڙِيين.

بيت - 2

سَڀيئِي سُبحَانَ جي، ڪَرِ حَوَالي ڪَمَ،
ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاَھي غَمَ وَھَمَ،
قَادِرُ سَاڻُ ڪَرَمَ، حَاصِلُ ڪرَي حَاجَ تو.

بيت - 3

چَڱَنِ سَاڻُ چَڱَايوُن، اِيئَن سَڀَڪو ھوءِ،
تو جِيئَن ڪَري نَہ ڪوءِ، بُڇَنِ سَاڻُ ڀَلاَيوُن.

بيت - 4

چَڱَا ڪَنِ ڇڱَايُون، بُڇَايُون بُڇَنِ،
جو وَڙُ جُڙي جَنِ سِين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ.

بيت - 5

مَدِيُون ڪندي مَانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين نَہ ڪِئَا،
مَٺِيُون جَنِ جي مَنَ ۾، سي ھَڏِ ھِين ٿِئَا حَيراَنُ،
بُرَا ٿِئَا بَيرَانُ، ٻيڙو ڀَڳُنِ ٻَارِ ۾.

بيت - 6

مَدِيُون ڪَندي مَانَ، ڪَنِي ڪَڏِھِين نَہ ڪِئَا،
چَڱِيُون جَنِ جي چِتَ ۾، سي ھَڏِ نَہ ٿِئَا حَيراَنَ،
جي جَنِي جَا گُمَانَ، سيئِي تَنِي سَامُهَان.

بيت - 7

مَيَنِ مَٿي سَمَرَا، کُهِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ،
سَاٿُ نِبَاھِيو نِينِ، ايءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻين.

بيت - 8

وِتُ ويِمي جو جي لَهِين، تہَ ٻِي ڪَارِ نہ ڪَرِين ڪَا،
اِھَا پَرُوڙِجِ ڳَالَهَڙيِ، وَڻِجَارَنِ وَٽَان،
موتِي جَنِ ھَٿَان، آندَءِ گهَڻي اَدَبَ سين.

بيت - 9

اَمُلُ آڇِ مَ اُنِکي، جي نہ پَرُوڙِينِ مَتِ،
جتِ گَڏِجَئِي جَوَھَرِي، مَاڻِڪُ تِتَهِين مَٽِ،
جَنِ سونَ سين سَٽِ، تَنِ ھَڻِي رِيءُ ردِ ڪِئو.

بيت - 10

سونَا وَانءُ صَرَافَ سِينءَ، ڀَڄِي ڇَڏِ بازِي،
چَاندِي ڪِئو چَلاَئِيين، رُپو رَوَازِي،
ٿِيندو رَبُ قَاضِي، تورِيندو تَدبيرَ سَان.

بيت - 11

سونَا وَانءُ صَرَافَ سِينءَ، بَازِي ڀَڄِي ڇَڏِ،
چاندِي ڪِئو چَلائِيين، مَڇُڻُ پوئِي ھَڏِ،
وَٽِ صَرَافِيءَ سَڏِ، تورِيندَا تجِوِيزَ سين.

بيت - 12

سونَا وَانءَ صَرَاف سِينءَ، لَڏو ھَڏِ مَ لاَھِہ،
آھي تَنِ اُوندَاھِہ، جَنِ جَوَاھِرَ ضَاعِ ڪِئَا.

بيت - 13

سونَا وَانءُ صَرَافَ سِينءَ، لَڏو لاَھِہ مَ، لَڏِ،
سودو سوئِيءَ ڇَڏِ، جِتِ جَواھِرُ نَاھِہ ڪو.

بيت - 14

تَہ تُون لَڏِجِ سونَ، جُہ صَرَافَنِ لَڏِئو،
قَدُرُ لَهَندَءِ ڪو نَہ، نيئِي گَڏيِندَءَ گَڏُونءَ سين.

بيت - 15

اَگهِئو ڪَائو ڪُچُ، مَاڻِڪَنِ موٽَ ٿِي،
پَلہءِ پَايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَرَان.

بيت - 16

مَاڻڪَنِ ڀَرِيَا مَٽَ، ڪَٽِجِي ڪَارَا ٿِئَا،
تَان نَہ اُپَٽِئَا ھَٽَ، جَان غِرَاقُ نَہ گَڏِجي.

بيت - 17

وِئَا سي وِينجهَارَ، ھِيرو لاَلُ وِينديِن جي،
تَنِي سَندَا پويَان، سِيهي لَهَنِ نَہ سَارَ،
ڪُٽِينِ ڪَٽُ لُهَارَ، ھَاڻِي اُنِهِين ڀيڻيِين.

بيت - 18

وَڃَنِ مَ وِينجَهارَ، پَاڻِيَٺُ جي پَرِکِڻا،
ڪَنُيرُ پَائي اَکِيين، لَهَنِ سَڀَڪَنھِن سَارَ،
موتِيءَ جي مَجَازَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنَار،
صَرَافَنِئُون ڌَارَ، مَاڻِڪَ مُلاَحِظَو ٿِئي.

بيت - 19

ٿَا صَرَافَ سُڄَنِ، پَاڻ ڪوٺائِين جَوھَرِي،
مَاڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وَانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ،
تَہ سَندَسِ سَيَدُرح چَئي، ڪِهَڙو قَدُرُ ڪَنِ،
ڪِ پَاڻِيَٺُ ئِي پَرِ کَن، ڪِ ڪَئِنچَلُ گَڏُيِنِ ڪَچَ سين.

بيت - 20

جي نَہ سَڃَاڻَنِ سَچَ کي، وَانءُ مَ تَنِي وَٽ،
اَمُلَ کي اَڌَ ڪَري، پَاڻَا ھَڻَندَا پَٽِ،
مُهِرَ تَنِي کَان مَٽِ، جي پَارَکُو پَارِسَ جا.

بيت - 21

سينڌو ھُئين صَرَافَ سين، تَہ ھُوندَ ٿِئين ھِيئَن،
جيڪُسِ جَوھَرِيَنِ سين، ڪِينَ گُذَارِيَئيِ ڏيِنھَن،
جَبَلَ مَنجَهان جِيئَن، سوجهي ڪَڍِيَائُون سونَ کي.

بيت - 22

اَمُلُ اَسَاري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جَان،
ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرَافنِ وَانءَ،
تَان تُون تِئَان، سَڄو ڪَرَائيِن سيگَهہ ۾.

بيت - 23

اَمُلُ اَسَاري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جِيئَن،
وَنءُ صَرَافَن سِينءَ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.

بيت - 24

اَمُلُ اَسَاري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جِتِ،
ڪوھُہ نَہ رُنُئِي تِتِ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.

بيت - 25

مَاڻِڪُ مُنڌَ ھَٿَان، پيتِيءَ ۾ پُرِزَا ٿِئو،
سَڄو جَان سَيَدُرح چَئي، لَهي لَکُ سَوَا،
ڀَڳي پُڄَاڻَا، پَدَمَائِين پَري ٿِئو.

بيت - 26

سَڄو تَان سَؤُ لَکَنِ لَهي، ڀَڳو تَان نِيلُنِ،
مَاڻِڪُ مُلَهَان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ،
سوجهي صَرَافَنِ، بي بَها بَسِ ڪِئو.

بيت - 27

پِيو مَنجهہ ڦُلِهِيَارَ، مَاڻڪُ ميرو نَہ ٿِئي،
لاَلِي تَنِھن نَہ لَهي، سَارِي سَڀِ ڄَمَارَ،
وِلِهَا جي وينجَهارَ، ڪَچُ ڪَمَائِين ڪِينَ ڪِي.

بيت - 28

مَاڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ،
جَوَھَرَ اِنَ يَاقُوتَ جو، اَھُسُ اڳَاھُون پوءِ،
مَاڻِڪُ مُحَمَدُﷺ ھوءِ، اُوندَاھِيءَ ۾ سوجِهرو.

بيت - 29

جِتي مَاڻِڪَ مَاڳُ، تِتي چورَان تَڪِيو،
سَنؤُن تَنِ سَڀَاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوبَاھِيو.

بيت - 30

چورُ اُڀو ايئَن چوءِ، آئون اُھوئِي آھِيَان،
جي اَسِي اَکِيُنِ ھوءِ، تَہ لِڪي کي ڪو نَہ لَهي.

بيت - 31

پَاڻِهين لوڙَائُو ٿِئي، پَاڻھيِن دَانھُون ڏي،
گهَرَ وَارو جَاڳي، چوَرَنِ بَڇَ ڪَري.

وائي - 1

جَاڳِي يَارَا جيڏِيُون پَاڻُ پَرَنِجي،
ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلوَ وِچِ نَہ ڪِجي،
مَٿي اُھسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ،
اَڳِئَان اُوندَاھِيءَ جو، سَمَرُ سَاڻ ڪَجي،
ڪِيجي قُوتُ قبر جي، گهوريون آن گهُرجي،
آگو عَيبَ اَوَاھِنجَا، ڍَڪِئَا ڳُجَهہ ٻُجهي،
جيڪِي وَھي وِجُودَ ۾، صَاحِبُ ٿو سَمُجهي،
آھي موتُ مِڙَنِ تي،گوڙِيُون ڪِئو ٿو گَجي،
اَجَلُ اِيندو اوچتو، سَدا ٿو سُڄي،
ڊِڄِي ڊَاءِ اَللہَ جي، جيڪو ڀَئي ڀَڄي،
اَمُنُ آھي اُنَ کي، مَنجِهہ اللہَ جي اَجهي،
عَرضُ اَحوَالُ اُنِ کي، چَڱيءَ ڀَتِ چَئِجي،
نِيَازُ ڪَرِي نِڪَڻِي، وَاحِدَ ڏي وَرِجي.

داستان پنجون
بيت - 1

مُن ٿي چَيُئِي ڪَانڌَ، ڀُتِي ڀَاڙِ مَ مَڪُڙِي،
سِڙَھَہ پُرَاڻَا پَاندَ، لَهِريُون صحيُ لَڳندِيُون.

بيت - 2

لَهِريُنِ ليکو نَاھہِ ڪو، ڪَپَرَ ڪُنَ ڪَارَا،
آڇَاڙَا عَمِيَقَ جَا، اَچَنِ اوڀَارَا،
اَٿِي اَسَارَا، وِيرِ وَرَندَيئِي ويسَرَا.

بيت - 3

وِيرِ وَرَندِيَئِي ويسَرَا، اُٿِي توھُہ طَلَبِ،
سَائِرَ ڪِنھِنَ سَبَبِ، ڪَالَهَہ نَہ وِڌُءِ ڪُنَ ۾.

بيت - 4

ڪَالَهَہ وَڌَائِين ڪُنَ ۾، جَاڏَا جُنگَ جِھَازَ،
تُنھِنجِي اَڄُ طَرَازَ، آھي آرَ اَکِيُنِ ۾.

بيت - 5

آھين آرَ اَکِيُنِ ۾، نَاکُئَا ڪِجِ نِگَاھَہ،
وَڏَا ٻيڙَا ٻوڙِيَا، سَائِر ڏيئِي سَاھَہ،
مُلاَحِظو مَلاَحَ، ڪِجِ ڪو اِنِهِيءَ ڪُنَ جو.

بيت - 6

مُلاَحِظو مِهِرَاڻَ جو، مُورِ مَ لاَھِہ مَنَان،
سَامُوُنڊِي سَڀَاڳَ کي، سُمَهَڻَ آيوءِ سَاءُ،
جَاڳِي جَرَ مَٿَان، تَاري وَانءُ طَرَازَ کي.

بيت - 7

تَاري وَانءُ طَرَازَ کي، مَنجَهان مَوجَ مَلاَحَ،
دَانهُون ڪَنِ دَرِيَاھَہ جُون، اُونِهي جَا آگاھَہ،
سُونھَنِ جِي صَلاَحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.

بيت - 8

سُونهان سُڌِيُون ڏِيِنِ، اِنَ ديوَاني دَرِيَاھَہ جوُن،
ڪوڙَ اوڏَا ڪِينَڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ،
عِجزَ جو اَڌَ رَاتِ کي، وَڻِجُ وِھَائِين،
سُودُ نِبَاھِيو نِينِ، ثَابِتُ اِنَهِيءَ سِيرَ مَان.

بيت - 9

ثَابِتُ لَنگهِئَا سِيرَ، لَهِرِنِ لوڏِئَا ڪِينَ ڪي،
وَڃِي پَهتَا پَارَ کي، نِرتو مَنجَهان نِيرَ،
مَاء پَهتَا مِيرَ، ٻَارِ لَنگهِئَائُون ٻَاجَهہ سين.

بيت - 10

سَٿِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جِي، تُون ويسَلو ويرَ،
جوڙي جُنگَ جِھَازَ کي، ڪوڏِ ھَڻَائج ڪِيرَ،
وَھي وَڻِجَارَنِ جِي، بَندَرَ ڏونهَن بَهيرَ،
گَهِر تَنِي جي کِيرَ، جَنِ لاَڳَيدَارَ لَنگهَائِيا.

بيت - 11

ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، پاڻِيَٺَ پاتائون،
ڪوٺِيُون قيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تَاڪِيَائُون،
لاَڄُن ۾ لَطِيفُؒ  چَئي، ٻيڙَا ٻَڌَائُون،
نَذُرُ نَبِيَﷺ ڄَامَ جو، چَڙَھندي چَيَائُون،
جي ڇُوھي ڇوڙِيَائُون، سي ٻيڙِيُون رَکين ٻَاجَهہ سين.

بيت - 12

ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽَا پَارِچَا، اوتِيَائُون عَنبِيرَ،
مَهِنديين مُهِري مُصَطفيٰﷺ، اولي ويهُہ اَمِيرَ،
لَنگهَائي لَطِيفؒ  چَئي، اَڳيَان سُڄي سَمُنڊَ سِيرَ،
بَرِڪَتَ مُحَمَدَﷺمِيرَ، جوکو ٿِئي مَ جِھَازَ کي.

وائي - 1

عُمرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃَايَمِ پَاھِنِجَا،
ويرَ وِڃَايَمِ پَانھِنِجي،
ويٺِي لِکِئو لوڙِيَان، جيڪِي ڪِئو مَسُ،
قَلبُ ڪَارو جو ٿِئو، ڪَاتِبَ لاَھِيين ڪَسُ،
حَالُ مُنھِنجو ھِهَڙو، تَان تُون پِرِيَمِ پَسُ،
اَچي اڀَاڳَن کي، رَسِجِ اَچِي رَسُ.

داستان ڇھون
بيت - 1

تَانگهي ۾ تَاڻي، ٻَڌُ پَنھِنجو تُرَھو،
اونِهي ۾ آڻي، ڪونَہ ڏيِندُءِ ڪو ٻِئو.

بيت - 2

تَارُو تَرِيو وَڃَنِ، نَنڍَا وَڏَا وَاھُڙَا،
ھَي ٻَرِ اَتَارُنِ، ڳَراَ مَٿِنِ موِلِهِيَا.

بيت - 3

ڪَائو ڪَمَايومِ، موتِي مُون نَہ وَڻِجِئَا،
سِيهي جوسَيَدُرح چَئي وَکَرُ وِھَايومِ،
ھِهَڙو حَالُ سَندومِ، توھِہ تُنھِنجي اُبهَان.

بيت - 4

بَندَرِ جَان ڀَئِي، سُکَاڻِئا مَ سُمَهِو،
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، مَاٽي مَنجِهہ مَهِي،
ايڏو سُورُ سَهِي، نِنڊَ نَہ ڪِجي نَاکُئَا.

بيت - 5

سُتَا سَڀِ پَئِي، سَندي مَعلَمَ آسرَي،
اَئين پَڻِ سُمَهو نَاکُئَا، بَندَرِ نَاھِہ ڀَئِي،
جَنِ جِي سَيَدَﷺ لَڄَ کَنئِي، سي سَڀِ لَنگهِيندَا لَڪِيُون.

بيت - 6

ڏوري لَهُہ ڏَاتَارُ، جِمَ وِھين ويسَلو،
ھَڪِيو ھوئِجِ ھُوشِيَارُ، کِوَڻِ کِوَندِيَئيِ اوچتِي.

بيت - 7

کِوَڻِ ٿِي کِوَاءِ، تو آئِي نِنڊَ اَڀَاڳَ کي،
ھَڪَلَ ھِنيين لاَءِ، سُڄي جَا سَمُنڊَ جي.

بيت - 8

کِوَڻِ ٿِي کِوي، تو آئِي نِنڊَ اَڀَاڳَ کي،
تو اَسَارَا اِھي، سَڀِ ويندِيُون وِسَرِي.

بيت - 9

کِوَڻِ کوَايو، تو آئِي نِنڊَا اَڀَاڳَ کي،
ڀَؤُ نَہ جَنِ ڀَانيو، ڪَري تَوَائِي تَنِ کي.

بيت - 10

اَڄُ ڪِيئَن اَسَارو، کِوَڻِ ڏِسِئو ٿو کِلين،
سَعيو ڪَرِ سَمُنڊَ جو، ويهُہ مَ ويسَارو،
صُبحِ سَوَارو، اُھَرَندين اوڙَاھَہ ڏي.

بيت - 11

سُتين ڪِهڙي سَارَ، وِڄُ کِوَندَيِئِي ويسَرَا،
تو جيڏَا تو يَارَ، لَهِرِ لَهِوَارَا ڪِئَا.

بيت - 12

سُتين سَنجهيئِي، وِڄُ کِوَندِيَئِي ويسَرَا،
وِيرَ وَرِي ويئِي، اَسَارَنِ، تَان اوچِتِي.

بيت - 13

نِڪو سُکُ نَکَٽين، نہَ ويسَاندِ نَئين،
جيڪَا اَچي سَامهيِن، ڀَانيين سَاسنئِين،
مُوڙِيءَ ڪوھہُ مَئِين، جِئَن سَڄِيُون رَاتِيُون سُمَهين.

بيت - 14

ٻيڙِيَاتَا ٻيئِي، تو نَہ ڦَٻَندِيُون ڳَالِھِيون،
سَڄِيُون رَاتِيُون سُمَھين، ڀَرُ سُکَان ڏيئِي،
سُڀَا سَڀيئيِ، پَارِ پُڇَندَءِ خَبَرُون.

بيت - 15

وَڻِجَارَا ويٺي، تو نَہ سَرَندِي شَاھَہ ري،
مَکَ پَنھِنجي مَڪڙِي، چَڱِي ڪَرِ چيٺي،
پَاسَا پَاکَڙيِنَن جَا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي،
جي لُنڊَا ۾ ليکي، وِيرِ وِڙَھَندِي تَنِ سين.

بيت - 16

اَھُکِي رَاھَہ اللہَ جِي، اَھُکِي اَھُکِيءَ ڀَتِ،
ھُو جي ڏِھَائِي ڏيھَہ جَا، تَڻِ پَڻِ مُنجهي مَتِ،
آڇَاڙَانِ اُبَتِ، گِهڙجِ گهاٽيِ نِينهَن سين.

بيت - 17

جي تُون ٿِيين اَللہَ جو، تَہ عَالَمُ سَڀِ سَندوءِ،
مَن لَهُ الَموليٰ فَلَهُ الکُلُ، پِرِيَنِ پَاڻَ اُتوءِ،
ڪَپَرُ ڪِينَ ڪَندوءِ، وَانءُ لهِرِنِ گَڏِيو.

بيت - 18

لَهِر لَڳيندَيِئِي نِتُ، وِيرِ چِيريِنِدَيِئِي مَڪُڙِي،
جَنِ جيڏاھِين چِتُ، تَنِ تيڏاھيِن ڍُڪَنديُون.

وائي - 1

مُون مَريِندَا لَڪَ يَا وَالِي ڪَيچُ نَہ اوڏِيءَ ڇَڪَ،
ھي جي ھُو جي،
اَنتُ نَہ ڏِجي عَامَ کي، لوڪَان ڪِجي لِڪَ،
پَاڻ ۾ پَارِيُون ڪَري، نِينهَن وَھَائِجي نِڪَ.

داستان ستون
بيت - 1

سودَاگَرَ سَمُنڊَ جَا، لاَڄُو لَالَ وَٽيجِ،
سَڙَھَہ سَنبَاھي سَغُلاَتَ جَا، کُوھَا خُوبُ کَڻيجِ،
اَڇَا اولاَ عَاجَ جَا، چَڱاَ چِٽَائيجِ،
سَتَ سُکَاڻِيوُن سَنبَاھِہ تُون، ڇَهَہ ڇَڄَهِرِيُون اَڏيجِ،
سَٽِ سَاري سَيَدرح چَئي، پورِي پُڄَائيجِ،
مُلاَ مُعَلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پَرُوڙيجِ،
وَسَقھُم رَبُھُم شَرَاباً طَهُورَا، پَاڻِي پَاڪُ پِيئيجِ،
جنھنِکي سڀڪي سَڀُڪو، پِريِن سو پَسيجِ،
لُڙَ ۾ ڪِيمَ لُڏيجِ، سَامُونڊي سُتَڙِ ٿِيين.

بيت - 2

جوڙي جُنگَ جِھَازَکي، ڀورَا تُون بَنَاءِ،
اَٺيتَالِيھَہ عِشقَ جُون، وَاڳُون وِيرَ وَٽَاءِ،
پَنجَ پَڳَهَہ ٽِيھَہ اولاَ، سَتِرَھَن سِڙَھَہ سِبَاءِ،
سَمُنڊَ ۾ سَيَدُرح چَئي، اَپَرِ آھِہ اُوندَاھہ،
جِتِ مَانگَر مَڇَ مِڙِيَا، اُتِ گوشي جَهلِ غُرَاب کي.

بيت - 3

گهَاتُو گهڻيئِي ھُئَا، مَٿي ھِنَ مِهراَڻَ،
تَانگهَہ نَہ لَڌِي تَارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽَاڻَ،
لاَڄُو ڇِنَا لَهِرِيين ڀَڳَا سِڙَھَہ سُکَان،
ڪُنَنِ جِي ڪَشوڪَشَ ۾، جُنبئَا ڪي جُوَانَ،
موڙي چَاڙِھِيَائون مَڪُڙَا، ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ،
سُبحَانَکَ دَانِي اَھلَ الُعُجِزِ مِن مَعرِفَتِڪَ، اِھَڙَا جَنِ پَرِيَاڻَ،
وَڄَائي وَڏَاَڻ، حَيرَتَ ۾ ھَلِي وِئَا.

بيت - 4

سَامُونڊي ٿو سَنبَهين، سَاڄو جَهلِ سُکَانُ،
لَڳي وَاءُ وَڏَاندَرو، مُنجَهائي مَهَرَاڻُ،
جَنِي ڀَانيو پَاڻُ، ڪَري تَوَائِي تَنِ کي.

بيت - 5

وِسَاڻُو سو وَاءُ، جِنھِن ڀَرِ ڊِڄَنِ نَاکُئَا،
پيئِي ڪَرَ ڪُنَنَ ۾، اُجَهاَڻُو اوڙاھُہ،
اُچو اِنَ تَڙَان، تَہ سَامُونڊي سُتَڙِ ٿِئو.

بيت - 6

دُنِيَا سَڀ دَرِيَاھہ، ڪو ڪو تَارُو تِنھِن ۾،
ھِڪِڙِي لَهِرِ لوڀَ جِي، ٻِيو آتَشِي اوڙَاھُہ،
طَالِبَنِ توڙَان، موڙي چَاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.

بيت - 7

جِتي لَهِرِنِ لَکَ، ڪَنِ ڪَرڳَلُ پَاڻَ ۾،
اُتي عَبدُاللطيفُ چَئي، رَبَ تُنھِنجِي رَکَ،
ڪُڄَاڙو ڪَکَ، ڀَرُ جَهليِندَا ڀيڙِ جو.

بيت - 8

جِتي وَنجَهہ نَہ وَاھَہ، چُپا چُرَنِ ڪِينَڪِي،
ڪِشِتِي ڪَاغَذَ ڪَچَ  جِي، چَاڙِھِيَمِ مَنجهَان چَاھَہ،
پَسِي سَخِتِي سَمُنڊَ جي، مَاندَا ٿِئَا مَلاَحَ،
شَرَمُ رَکِين تُون شَاھہَ، لاَئِق لاَڄي جَا ڌَڻِي.

بيت - 9

جُتو وَانءُ جِھَازَ، گَڏِئو غُرَابَنِ سين،
پُورِيندي ھُنَ پَارَ ڏي، سَڌَرَ کَڻِجِ سَازَ،
اَچَنِ ٿَا  آوَازَ، سَٽَاڻي سَمُنڊَ جَا.

بيت - 10

جُهونُو ٿِئو جَھَازُ، سَٽَ نہَ سَهي سِڙَھَہ جِي،
پَڳهَہ پُرَاڻَا ٿَئَا، سَڙِيو سَڀوئِي سَازُ،
مُعلَمُ ٿِئو مُحتَاج، ٻيڙو وَسِ ٻِيَنِ جي.

بيت - 11

جَنِي جي جِھَازَ کي، سَڳو سُلِطَانِي،
سِڙَھَہ اَڇَا ۽ اولِيُون،اُنِ جي کُوھي نَہ خَامِي،
بَندَرُ بَصِرو ڪيچُ قَلاَتُ تَنِ عَرَبُ اِنعَامِي،
ڏِسِ کيڙي ڏَانِي، سُوڀَا سُتَڙِ آيَا.

بيت - 12

اَڳِينءَ جَان آئُون، جَرِ پَلَئُہ ٿِي پَايَان،
تَہ آيَلِ وَڻِجَارَنِ جُون، ٿِيُون ڌَڳَنِ ڌَڄَائُون،
مَنجَهان رُوحَ رَءِ ٿِئَا، مُحَمَدُﷺ مَڃِيَائُون،
پُنِيَنِ مُدَعَائُون، کَنڊ کيڙَائُو آيا.

بيت - 13

وچِينءَ جَان ويهِي، جَرِ پَلَئُہ پايَان،
تَڙِ ٻيڙَا گهَرِ سُپِريِن، اوسَهَہ اِيءَ پيئِي،
وَڻِجَارَا سين وَکَرين، سَرَھَا سَڀيئِي،
حُرِمَتَ سَاڻُ حَبِيبَﷺ جي، سُنگِيَا نَہ سيئِي،
پَاڻِهِين او پيهِي، کَنڊَ کيڙَائُو آيَا.

بيت - 14

نَاکُئو نِگَهِبَانُ، مَعلُمَ مُجي خَبَرون،
جَن سَاري کَنيو سَمُنڊَ ۾، سَفَرَ جو سَامانُ،
لُطِفَ سَاڻُ لَطِيفؒ  چَئي، تَنِ لَنگهِئو طُوفَانُ،
سَنڀَاري سُبحَانُ، وڃِي عَادَنِئُون اُکَتَا.

بيت - 15

تَنَ ۾ طَراَزَ توھَہ جِي، گهَڻو لَهُہ گهوري،
اَدَبَ ۽ اِخلاَصَ جَا، ٻَڌِجِ سِڙَھَہ سوري،
وَکَرُ وينَتِيُن جو،  تَنھِن ۾ پَاءِ توري،
تَہ عَدَنِؤُن اوري، تُنھِنجو تَوائي نَہ ٿِئي.

بيت - 16

توڙي تَوَائِي، توءِ تُنھِنجي آسَري،
جِيئَن وَڻِجَارِي سين وَکَرين، تِيئَن مَان گهَرَ سرھائي،
سَڄَڻُ ڳَرِ لاَئِي، کِيرُون ڏيِندَيِسِ جيڏِيين.

وائي - 1

ڪِئان لَهندِي سي، يَا الاَ ڪِئَان، وَحدُہ جي وَڍِيَا،
جِتي وَحدَہ وَڍَ ٿِئي، جيڪو مُونکي ني،
سِسي ڏِيَان سَاھَہ سين، يَا اَلاَ، آئُون تِنھِن پَانڌيءَ کي،

وائي - 2

ڪيرُ چَوُندو ڪو نَہ چَوندو، تَہ ڪو آھِين اَسَانجو،
پِرِين پَرَتين رَبَ کي، ڪَرَ سَفَرَ جو سَعيو،
جَانِي ھِنَ جِهَان مَان، وَڃُ لاَڳاپَا لاَھِيو،
آگي پَنھِنجي اِحسَانَ سين، ٻَانَهَنِ تي ٻَاجهايو،
بَابي بِيبِيءَ فَاطِمةؑ جي، بَارُ سَڀو بَخِشَايو،
”نَفسِي نَفسِي“ سَڀَڪو، ڪَهِيو اُتِ ڪَهَندو،
”اُمَتِي يَا اُمَتِي“ ڪَهي، رَسُولُ رَبُ سَندو،
نيزي پَاندِ نَمِي، اَلا، سَخِتي شَمسُ ڪَرِيندو،
اُتي عَبداللطيفؒ  تي، حَضَرتﷺ ھَٿَ ڌَرِيندو.

سُر سامونڊي

داستان پھريون
بيت - 1

پَڳَهہ پَاسي گهَارِ، آيَلِ سَمُونڊِيَنِ جي،
وِجهِي جيءُ جَنجَارِ، جِمَ وَڃَنَئِين اوھَرِي.

بيت - 2

پَڳَهَہ پَاسي پَچُ، آيَلِ سَامُونڊِيَنِ جي،
مَنَ ۾ ٻَاري مَچُ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.

بيت - 3

پَڳَهَہ پَاسي ويهُہ، آيَلِ سَامُونڊيَنِ جي،
تُون ويسَلِي وِکَ کَڻين، پُورِيندَءِ پَرَ ڏيهُہ،
سَمُنڊُ جَنِ سَاڻيهُہ، ڪوھُہ نَہ ويئِيَن تَنِ سين.

بيت - 4

پَڳَهَہ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سَمُونڊِيَن جَا،
سَاندَارِو سَمُنڊَ جو، آھي دُورَاَن دُورِ،
ڪي لَنگِهئَا پِهرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَہ ٿِئا.

بيت - 5

ايندين تَان آءُ، ھَڻِي ھَٿُ پَڳَهَہ ۾،
لَڳَي وَاءُ سُوَاءُ، سِڙِھُہ سَانبَاھِي نَہ سَهي.

بيت - 6

وَانءُ وَھِلِي نِڪَرِي، نَنگَرُ جَان نَہ کَڻَنِ،
مَڇُڻُ ڏيهِہ وَڃَنِ، نَارِيُون پوري ناکُئَا.

بيت - 7

نَنگَرَ ۽ نَارِيُون، پَڳَهَہ کَڻَي پَنڌِ ٿِئَا،
بَندَرَ بَازَارِيُون، سُڃَا سَامُونڊيَنِ ري.

بيت - 8

نَنگَرِئو نيڻين، مَنُ اولِيءَ نَہ اوھَري،
سَٻَاجهي سيڻين، پَائي ڳُڻَ ڳَهِيو ھِنيُون.

بيت - 9

سيئِي جوڀَنَ ڏيِنھَن، جَڏِھِين سَڄڻ سَفَرِ ھلئا،
رُئَان رَھَنِ نَہ سُپرِين، آيَلِ ڪَرِيَان ڪِيئَن،
مُونکي چَاڙِھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو اوھَرِي.

بيت - 10

نَہ سي تَڙِ خُرَاڪَ، نَہ وَايُون وَڻِجَارَنِ جُون،
سَرِتِيُون سَامُونڊِيَنِ جَا، اَڄُ پَڻِ چِڪِيَمِ چَاڪَ،
مَارِينِهُون فِرَاقَ، پَاڙيچِيُون پِرِيَنِ جَا.

بيت - 11

وئَا اُھَرِي اوءِ، مُونکي ڇَڏي مَاڳَهِين،
جُڳَنِ جَا جُڳَ ٿِئَا، تِئَان نَہ موٽِئو ڪوءِ،
گوُندَرُ مَارِيندو، ويچَارِي وِئَنِ جو.

بيت - 12

جي اُونِهي وِئَا اُھَرِي، اللہُ سي وَاري،
آئُون اُنِ آسَاري، تَڙَ پُوڄَاري آھِيَان.

بيت - 13

اونِھي ۾ اوھَرِي، جَڏِھِين جي وِئَا،
سَاندَاري سَمُنڊَ جي، نِهوڙي نِئَا،
وَڃِي تِتِ پِئَا، جِتِ نِهَايَتَ نَاھِہ ڪا.

بيت - 14

اونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏِھِين وِئَا جي،
موٽِي مَاڳِ نَہ آيَا، مَاءِ سَامُونڊِي سي،
کَارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَھُہ وَرِي وِئو.

بيت - 15

اوڙَاھِہ وِئَا نَہ وَرِئَا، آئُون تَنھِن مَارِي ويڻَ،
ڪَري سَمُونڊِي سيڻَ، جُسي جَارُ پِرَائِيو.

بيت - 16

جي اُھَرِئَمِ اَڄُ، سي ڪَڏِھِين اِيندَا مَان ڳَري،
پِرِيَان جِي ھُنَ پَارَ ڏي، وَڃِي دَؤُنڪِي ڌَڄُ،
سَامُونڊِيءَ ڪو ڏَنجُهہ، مَاءَ مَارِيندُمِ ڪَڏِھِين.

بيت - 17

اُھَرِئَا جِئَائِين، ڍُڪَنِ تَنِ تَرَائِيين،
سَامُونڊِيَنِ سَائِين، وَاءُ سَڻَائو وَارِيين.

بيت - 18

سَامُونڊِيءَ ڪو سَنڱ، آھي گُوندَرَ گَاڏَئُون،
اَنگهُنِ چَاڙِھي اَنگُ، وِئو وَڻِجَارو اُھَرِي.

بيت - 19

سَامُونڊِي سَاري، مَٿي تَڙَ گُذَارِيَان،
مُونکي ٿِي مَاري، تَنِي سَندِي ڳَالَهَڙِي.

بيت - 20

سَامُونڊِي سَاري، مَاءَ مُنھِنجو جِندَڙو،
بَندَرِ ويچَاري، وڃِي لاَيَا ڏيِنھَڙَا.

بيت - 21

سَامُونڊِي سَاري، مَاءَ مُنھِنجو جِندَڙو،
ڪَارَڻِ وَڻِجَاري، گهَڻُو اُڪَنڊِي آھِيَان.

وائي - 1

پِرِيَنِ جي پَنڌاَڻ، مُونکي جي جَهلِينديُون سي نَہ پُڄَندِيُون،
ڀَلِي ڪَري آيو، ٺَاٺَارو ڏيھان،
ڀَڳي ڪُٽِ سَڄِي ٿِئي، لَٿِي جَاکَ ڳَرَا،
سَرَتِيُنِ سُورَ پِرَايَا، ھَاڻِي ھِنَ ھَنڌَان،
مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، تُون ھَڏِ آڇِ مَ مَاءُ،
تَان ڪِي ڏُونگَرُ ڏورِيَان، جَان ڪُڙِھِہ اَندَرِ سَاھُہ،
تَان ڪِي وَاسُ وِھَائِيَان، ٻَاروچي مُلاَ.

وائي - 2

تَڙَ نِهَارِئَان تي مُنھنِجَا بَندَرِ وِئَڙَا جي،
مَان نَہ سِڙَھَہ سُڃَاڻَان سَڄَڻين،
گهَڻُو اُڪَنڊِي آھِيَان، پرينءَ پَنھِنجي کي،
کَٿُورِي سَمُنڊَ کي، اَکَا ڏِيَان آڻي،
اُڀي اوسَهہَ پَايَان، ڪَارَڻِ وَڻجَاري،
آسَائِتِي آھِيَان، اللہَ ڪَانڌُ اُچي.

داستان ٻئو
بيت - 1

اُلوڙَڻُ نَہ ڏي، وَرُ وِڌَائِين وَنجَهہ کي،
رَھُہ اُڄوڪِي رَاتَڙيِ، لاَلَڻَ مُون لائي،
وَڃُ مَ ڦوڙَائي، ايڏي سَفَرِ سُپِريِن.

بيت - 2

لاَھِيندَائِي ڪَنِ، ڳَالِهِيُون ھَلَڻَ سَندِيُون،
ڏيِندَا مُون ڏُکَنِ، وَھِہ وِجَهندَا جِندَڙو.

بيت - 3

ڳِرِيو جَهلِيو روءِ، مَٿي مُهِري ھَٿَڙَا،
کوءِ سودو سَندوءِ، جو تُون ڍولِئَا سِکِئو.

بيت - 4

وَڃيئِي وِسَرِي شَالَ، جو تُون سودو سِکِئو،
اَڄَا آئِيين ڪَالَهَہ، پُڻِ ٿو سَفَرِ سَنبَهين.

بيت - 5

جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ، مُون اُڀي ھُنِ ٿيلِهيو،
سَعيو سَامُونڊيَنِ سين، اڳي تَان نَہ ڪِئومِ،
وِجَهڻُ مَنجِهہ ھومِ، پَاڻُ وَرَاڪي رَسِ سين.

بيت - 6

مُون جَهليندي نَہ رَھِيَا، جيڪُس نِٻَرُ نِينهُن سَندومِ،
قَادِرُ شَالَ ڪَندومِ، ويجِهي وَڻِجَارَنِ کي.

بيت - 7

ٻيڙِيءَ جي ڀُڻَنِ، نِينھُن نَہ ڪِجي تَنِ سين،
اُڀَا ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُہ ڏيئي سِڙِھُہ سِيرَ ٿِئَا.

بيت - 8

ھِينئَڙو ٻيڙِيءَ جَان، ڏُتَڙِ پي ڏِينھَن ٿِئَا،
پُڇِئو تَان نَہ پِريَان، ڪَرَ لاَھُو ٿِي ڪِڏِيِھن.

بيت - 9

تَڙين تَنوَارِينِ، مَاءَ سَامُونڊِي آيَا،
مُونکي جِيَارِينِ، وَايُو وَڻِجَارَنِ جُون.

بيت - 10

مُونکي جِيَارِيو، پِرِيَنِ جِي ڳَالهِہ ڪَري،
ڊَٺو اَڄُ اَڏيِو، ھِينئَڙو ڪوٽَ بُرِجَ جِيئَن.

بيت - 11

اُڀِيوُن تَڙَ پُوڄِينِ، وَھُون وَڻجَارِنِ جُون،
آڻِيو اَکَا ڏِينِ، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي.

بيت - 12

جَنِي ڪَارَڻِ مُون، تَڙَ پُوڄَارَا پُوڄِئَا،
پُنِيَمِ اُميدُون، سيئِي سَڄَڻَ آيَا.

بيت - 13

ھِي سَڄَڻَ اُھيئِي، جي مُون ڪوڏِ نِهَارئَا،
اِيندَمِ جَان پيهِي، سَڀِ لاَھيندَا ڏُکَڙَا.

بيت - 14

پَتَڻِ پوءِ پَچَارَ، آنِ ڪي سِڙَھَہ ويندَا گَڏِئَا،
اُڪَنڊَ مُون اَپَارَ، شَالَ مُنھِنجَا موٽِئَا.

بيت - 15

سِڙَھَہ سُڃَاڻِيو چوءِ، مَاءَ سَامُونڊِي آيَا،
مَان نَہ مُنھِنجو ھوءِ، جَانِي ھِنَ جِھَازَ ۾.

بيت - 16

لاَڄُو ٿَا لَمَنِ، اَچَنِ سِڙَھَہ اُپَڙِئَا،
ڪَارَڻِ تَنِ پِرِيَنِ، ويٺِي وَاٽَ نِهَارِئَان.

بيت - 17

اَچَنِ سِڙَھَہ اُپَڙِئَا، مَٿِنِ ڪَپَڙَ ڪوٽَ،
سَامُونڊِي مُون گهوٽ، سيڻَ سَلاَمَتَ آيَا.

بيت - 18

اَچَنِ سِڙَھَہ اُپَڙِئَا، مَٿِنِ مُهَاڻا مِيرَ،
جي سَرَڻِ تُنھِنجي سِيرَ، سي پَارِ لَنگهائِين پِهِيڙَا.

بيت - 19

اَچَنِ سِڙَھَہ اُپِڙِئَا، مَٿَنِ مُهَاڻَا مَلَ،
جي اَچَنِ آبَ اُڇَل، سي ٻيڙَا رَکِين بَاجَهہ ۾.

بيت - 20

سَنِهي لَڪِ نَڪ سَنئين، ڪَجَل ڀِنَا نيڻَ،
سَامُونڊِي مُون سيڻ، ڪِ تو ڪَالَهَہ لَنگهاَئِيَا؟

بيت - 21

لاَھِيَان جي نَہ چِتَان، اَلاَ اُنِ مَ وِسِراَن،
مَڙِھِيو مَنجَهارَان، جِيءُ مُنھِنجو جَنِ سين.

بيت - 22

چِتَان جي نَہ چُرَنِ، اَلاَ اُنِ مَ وِسِرَان،
مُون مَنُ آھي تَنِ مَڙِھِيو مَنجَهارَان ھِنيين.

بيت - 23

جَرِ تَڙِ ڏِيَا ڏي، وَڻِ ٽِڻِ ٻَڌي وَانئُٽِيُون،
اَلاَ ڪَانڌُ اَچي، آسَائِتِي آھِيَان.

بيت - 24

جَا جَرِ جَاٽُون نَہ مَئي، ڏِيَا نَہ موھي،
سَڌُون ڪوھُہ ڪَري، سَا پَنھِنجي ڪَانڌَ جُون.

وائي - 1

ڪَرَھَلَ پَائي لَڄُ، ڪوھُہ نہَ ويئِيئَن اُنِ سين،
اُجَارِيَائُون اولِيُون، ڌُئَاريَائُون ڌَڄُ،
مَتَان وِھين ويسَلِي اُٿِي ڀُورَلِ ڀَڄُ،
سيڻَنِ سَاجُهُر لَڏِئو، تُون آئي نِهَارِئين اَڄُ،
ڪَالَهَہ سِبَايُئِي ڪَنجِرو، اَنگين پَاتُئِي اَڄُ،
پِرِيَان جِي ھُنَ پَارَ ڏي، وڃِي دَونڪِي ڌڄُ،
ڪيرُ سُڻَندو تُنھِنجُون، اَدورَانهُون اَڄُ.

وائي - 2

سِڙَھَہ سُڃَاڻِيو چوءِ، ماءَ سَامُونڊي آيَا،
بَرِڪَتَ مُحَمَدؐ مِيرَ جي، اَڱڻ سُرَھو ٿِيو،
سِڪَندي مُون سَالَ ٿِئَا، وَڻِجَارو آيو،
مَاڻُهُو ڏِينِ مُبَارَڪُون، اِھو پَڻِ ڏِينھُن ٿِئو،
اُنِ جو عبداللطيفؒ چَئي، سَفَرُ سَابِ پِئو.

داستان ٽئو
بيت - 1

آئون جَنِ آسَاري، مَٿي تَڙَ گُذَارِيَان،
مُونکي وِسَاري، شَالَ نَہ وَڃَنِ اوھَرِي،

بيت - 2

وِئَڙا ڪَالُ ڪري، ٻارھين مَاھِہ نَہ موٽِئَا،
لَڳي تَنِ ڳَري، ڪِهَڙِيُون ھَنجُون ھَارِيَان.

بيت - 3

آئِي اُتَرَ مُندَ، ھِينئين اُڊَڪو نَہ لَهي،
وَٽِينِ لَاڄُو بَندَ، ٻِيهَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.

بيت - 4

لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سَامُنڊِيَنِ سِڙَھَہ سَنبَاھِيَا،
نَنگَرَ کَڻِي نَاکئَا، ٿِئَا سَڻَاوَا سِيرَ،
ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کَاري کيڙَائُنِ جِي.

بيت - 5

اُتَرَ لَڳي اوھَرِئا، وَاھُوندي وَرَنِ،
آئُون گَهڻُوئِي گهورِيَان، سودو سَامُونڊِيَنِ،
اَڱِڻِ جَنِ اَچَنِ، عِيدَ وَرَتي اُنِ کي.

بيت - 6

اَڱَڻِ آيَا جَان، تَہ سَرَتِيُون مَان سُکَ ٿِئَا،
اَمُلَ پرِينءَ مَٿَان، ٻَڙِڪِئو ٻِيَنِ ڏِيَان.

بيت - 7

چَمَڪِيُون چَوڌَار، ڌَڄِيُون ڌَاڙيچَنِ جُون،
مَاءَ سَامُونڊي آيا، سَهسين ڪَري سِينگَار،
تَنِي جي تَنوَارَ، ڪَالَهُون پوءِ ڪَانگُ ڪَري.

بيت - 8

تَنَ جَنِي جِي تَانگهَہ، سي سَڄَڻَ سَفَر ھَلِئَا،
لَئِجِ لاَتِ لَطِيفُؒ چَئي، ڪَڏِھِين اِيندَمِ ڪَانگَ،
ڪِنھِن سَٽَاڻي سَانگَ، پِرِين ڏيھِي ڪِئَا.

بيت - 9

تَان ڪِي لَئِجِ ڪَانگَ، ڪَڏِھِين ايِندَا مَان ڳَري،
سيڻين ڪَارَڻِ سَانگَ، مُون تَان گهَڻائِي ڪِئَا.

بيت - 10

اَچَنِ اُھيئِي، جَنِ لاَءِ ڪَانگَ اُڏَايَان،
ٻيڙِيَاتَا ٻِيڙيُن ۾، پِئَا ڀُڻَنِ سَڀيئِي،
سَامُونڊِي سيئِي، جَنِ وَاھَڻَ کَٿُورِيءَ وَاسِئَا.

بيت - 11

سَرَ نِسَرئَا پَاندَ، اُتَرَ لَڳَا آءُ پِرِين،
مُون تو ڪَارَڻِ ڪَانڌَ، سَهسين سُکَائُون ڪِيُون.

بيت - 12

سَرَ لوھِيڙَا ڳَڀِئَا، ڪُسَرَ نِسَرِئَا،
سي ڪِ وِسَرِئَا، ڍولَ ھَمَارَا ھَٿَڙَا.

بيت - 13

ڍولو وِئَڙو ڍورِ، آئُون ٿِي سِيءَ گُذَارِيَان،
مَادَرِ مُون مَ چورِ، نَا تَہ پَڌَرِ پُوندِي پِريَڙِي.

بيت - 14

جيڪَرَ اَچي ھَاڻِ، تَہ ڪَرِيَان رُوحَ رُچَندِيُون،
آيَلِ ڍولي سَاڻُ، ھُوندَ ڳَرِ لِڳي ڳَالِهيُون ڪَرِيَان.

بيت - 15

آيَلِ ڍولي سَان، جي اَچي تَہ، جهيڙيَان،
لاَيَئِين ڏيِنھَن گهَڻَا مُون سين ڪِيَئِين ٿورِڙا.

بيت - 16

وَڻِجَاري جِي مَاءِ، وَڻِجَارو نَہ پَلِيين،
آيو ٻَارَھين مَاھَہ، پَڻِ، ٿو سَفَرِ سَنبَهي.

بيت - 17

وَڻِجَاري ڪَانڌَا، مُون وَرُ ويٺي گَهارئو،
لَڳي اُتَرَ وَاءُ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَرَي.

بيت - 18

وَڻِجَاري ڪَانڌَا، ڪورِي ڪَانڌُ نَہ ڪَرئين،
اُٿِئو آڏَاڻِئَا، تو ڳَرِ ڏيِندو ٻَانهَڙِي.

بيت - 19

وَڻَجَاري جِي ويرَ، سَؤُ سين گهوري گهورِيَان،
وَکَرُ وِلاَئِتُنِ مَان، آڻي ڪَندو ڍيرَ،
تو جِهَڙِيُون تَنھِن ويرَ، اُتِ اُڌَارَڻَ اِيندِيُون.

بيت - 20

جَان مُون وَڻِجَارو ڪَانڌُ، تَان ھَڏِ مَ لاَئُونَ لَڌِيُون،
مَٿي پَرَ ڏيهَہ سَانگُ، اَٺَئِي پَهِرَ اُنَ جو.

بيت - 21

وَڻِجَارَنِ وَرِي، پِرِھَہ پَڳَھَہ ڇوڙِئَا،
اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَمِ ڳَچَ ڳَريِ،
ويندِيَسِ مَاءَ مَرِي، سَاري سَامُونڊِيَنِ کي.

بيت - 22

وَڻِجَارَنِ وَاري، پِرِھَہ پَڳَهَہ ڇوڙِئا،
کيڙَائُون کَاري، سَنڀُوڙَا سَيَدُرح چَئي.

بيت - 23

کارو جي کيڙِينِ، سيئِي مُنھِنجَا سُپِرين،
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِريِن، جَهلِيَان جَهلَ نَہ ڏيِنِ،
وِرِھَہ ويڌَ ڪَرِينِ، آيَلِ سَامُونڊِيَنِ جَا.

بيت - 24

کَاري کيڙَائُو، بِرِھَہ بُوبُ بَنَاءِ،
قُل ھُو الرحَمٰن آمَنَابِه، سَاڄَا سَڙَھَہ سبَاءِ،
پَنجَ پَڳَهَہ ٽِيھَہ اولِيُون، لاَڄُو سَڀِ لَڳَاءِ،
وَحدہٌ لاَشَرِيک لَهٌ، کُوھَا خُوبُ کَڻاءِ،
تَہ سَامُونڊي سَندِيَاءِ، سَچِي سَاکَ اُبَهي.

بيت - 25

کيڙَائُنِ کَارو، سَنجهيئِي سَارِئو،
آيَلِ اُمَارو، آھينِ پَرِئين پَارَ جو.

بيت - 26

کَاري کيڙَائُو مِٺي مُورِ نَہ موٽِئَا،
سودو ڪَنِ نَہ سونَ جو، وَڏَا وِھَائُو،
موتِي جي مِهراَڻَ جَا، تَنِ جَا طَامَاعُو،
سَامُونڊِي سَائُو، لَڪَا لُوٽي آيَا.

بيت - 27

لَقَا لَڪَا ڪَنِ، لاءِ لَقَا جي اُھَرِئَا،
پَسِي سونُ لَڪَاءَ جو، سُکُ نَہ سَمُونڊِيَنِ،
پِرِھَہ پَڳَهَہ ڇوڙِيَا، کَاري کيڙَائُنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سَامُونڊِيَن،
وَڏي ڀَاڳِ ڀِرَنِ، جي ڪَهِيَا ڪارونڀَارَ ڏي.

بيت - 28

وَڏو ڀَاڳُ سَندونِ، جِيئَن مَڪو ڀيٽي موٽِيا،
وَڃِي سو ڏِٺونِ، روضو پَاڪَ رَسوُلَصہ جو.

بيت - 29

وَانءُ وَڃِي وَانئُٺِ، ھِينئَڙَا مَاڳُ پِرِيَنِ جو،
چُمِيو چُمُ چَانئُٺِ، ھُوءَ جَا سَندِي سَڄَڻين.

وائي - 1

آيَلِ ڪَرِيَان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سَامُونڊِيءَ جي سَنڱ کي، رُئَان رَاتو ڏِينھَن،
مَادَرِ پَائي مُندِيُون، وَڃَان سَيَدَصہ سِينءَ،
وِئو وَڻِجَارو اوھَرِي، مُونکي چَاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿَان جِندَڙي، وِرَئَا وَلِيُنِ جيِئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙَا، چَاڙِھِئَا چوٽِيءَ سينءَ.

وائي - 2

پَڳَهَہ پَاءِ پَنھِنجي مَڪُڙي، مَتَان ڇُوھي ڇِنَائي،
سَاندَارو سَمُنڊَ جو، اَڙَانگو آھي،
تو پَانھِنجَا نَہ ڪِئَا، وَاري وَرَائي،
ھُوند نَہ پيئِيَنءَ ھيتِري، ڀورِي رَنجَائي،
مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱي چٽَائي.

وائي - 3

اَئِين مُونکي زورِ مَ جَهلِيو وو جيڏيُون وو،
آئؤن ھَلَندِي ھوتَ ڏي ھَاءِ ھَاءِ،
سُورُ تنھِنجو سُپِرين، مَعذورِ کي مَاري،
ھَاڻِ نَہ جِيَان جيڏِيُون، آئُون جَا ڪُٺَڙي ڪوھِيَاري،
اُونِهي وِئَڙَا اوھَرِي طرازُون تَارَي،
مَرِي رَھَندِيَس مَاڳَهِين، سَامُونڊِي سَاري.

داستان چوٿون
بيت - 1

پُراَن مَان نَہ پُڄَان، بَندَرَ مُون دُورِ ٿِئَا،
نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھَان،
تِيَهِين ڪِجِ، پَاتَڻِي، جِنھِن پَرِ پِرِينءَ مِڙاَن،
ڪَارُون تي ڪَرِيَان، تو دَرِ اُڀِي نَاکُئَا.

بيت - 2

ڪَارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نہ ڪِيُون،
ٻِيھَرَ وَڻِجَارَنِ، موٽِي وَرَڻُ نَہ ٿِئي.

بيت - 3

ھَڙَ ۾ ڪِي نَہ ھونِ، ھُونهِين ھُنِ نَہ چَاڙِھِئَا،
سَارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَهِي سِجُ وِئونِ،
سَائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا سَيَدُرح چَئي.

بيت - 4

اَسَان اُڌَارَ، آڻي آوَنگَ چَاڙِھَيا،
مُنھُن ڏيئِي مُون آيا، سَمُهَان سِيَارَا،
اُڀِرَنِ سِيڪَارَا، پَسِئو وَرَ ٻيُنِ جَا.

بيت - 5

مُون اُڀي تَڙَ وَٽ ، پِرِيَنِ پَڳَهَہ ڇوڙِئا،
ڪَا مُونھِين ۾ گهَٽِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجَها گهَڻو.

بيت - 6

مُون اُڀي تَڙَ ھيٺِ، پِرِيَنِ پَڳَهَہ چوڙِئَا،
ڪَا مُونھِين ۾ ڏيٺِ، نَہ تہَ سَڄَڻَ سَٻاجَها گهَڻُو.

بيت - 7

مُون اُڀي تَڙَ جَهلَ، پِرِيَنِ پَڳهَہ ڇوڙِئا،
ڪَا مُونھِين ۾ اَلَ، نَہ تہَ سَڄَڻَ سَٻَاجَها گهَڻُو.

بيت - 8

مُون اُڀي تَڙَ پَاسِ، پِرِيَنِ پَڳَهَہ ڇوڙِئَا،
ٿِئَا سَڻَاوَا، سِيرَ تي، دَمِ دَمِ دُعَا ڪَندِيَاسِ،
آھَہ نَہ لاَھِيندِيَاسِ، موٽِي ايندَا مَان ڳَري.

بيت - 9

اَڄُ پَڻِ وَايُون ڪَنِ، وَڻِجَارَا وَڃَڻَ جُون،
اَٺَئِي پَهِرَ اَٿَنِ، سَعيو ڪنھِن سَفَرَ جو.

بيت - 10

اَڄُ پَڻِ وَايُون ڪَنِ، وَڻِجَارَا وَڃَڻَ جون،
مُون بِيٺيئي ھَلِئا، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ،
سَرَتِيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مَارِيندو ڪَڏِھِين.

بيت - 11

اَڄُ پَڻِ وَايُون ڪَنِ،وَڻِجَارَا وَڃَڻَ جُون،
ھَلَڻَ ھَارَا سُپِرين، رُئَان تَان نَہ رَھَنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊيَنِ،
پَڳَهَہ ڇوڙي جَنِ، وڌَا ٻيڙا ٻَارِ ۾.

بيت - 12

اولاَ کَڻِي اُوءِ، پَڳَهَہ ڇوڙي پَنڌِ ٿِئَا،
آيَلِ سَامُونڊِيَنِ جِي، آھي اَڙَانِگي جُوءِ،
ڪَڏِھِين ڏِسَندَيِسِ رُوءِ، وَرِي ھِنِ اَکيُنِ سين.

بيت - 13

بَندَرَ ديسَان ديسِ، مُلُ نہ مَلي وَارِيين،
فَقِيرَاڻِي ويسِ، اَمُلَ ڏيِنِ اَتورِيَا.

بيت - 14

بَندَرَ بَاروبَارِ، مُلُ نہ مَلي وَارِيين،
فَقيرَاڻي پَارِ، اَمُلَ ڏيِنِ اَتورِيَا.

بيت - 15

سِڙَھَہ ٿي سِبِيَائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي،
سِڙَھہ سِبِي سَاڄَا ڪري، کُوھَا کَنيَائُون،
بيرَقُون بَحرَنِ ۾، چوڙي ڇَڏيَائُون،
لَهَرِيُون لَنگِهيَائُون، لُطِفَ سَاڻُ لطِيفؒ چَئي.

بيت - 16

سِڙَھَہ ٿي سِبِيَائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي،
مُلاَ مُعَلِمَ خَبَروُن، پُڇِي پُوريَائُون،
سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪِنھِن نَہ اولِيَا.

بيت - 17

سِڙَھَہ ٿي سِبِيَائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي،
سَرَتِيُون سَامُونڊِيَنِ جُون، ڌَڳِيُون ڌَڄَائُون،
آيَلِ تَنِ آئُون، موٽِيو ڪِينَ وِسَهَان.

بيت - 18

سِڙَھَہ ٿي سِبِيَائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي،
کُوھَا سِڙَھَہ اولِيُون، قَلِمِيُون ڪِيَائوُن،
پُنِيُون مُدَعَائُون کَنڊَ کيڙائُون آيَا.

بيت - 19

کُوھَا ٿا ڏِسجَنِ، وَڙَڪَنِ اُڀِيون وَانئُيِٽوُن،
سَانبَاھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَالَهُون پوءِ ٿَا ڪَنِ،
تُون نَہ پَڄَنديِنءَ تَنِ، جُہ سِڙِھُہ ڏيئِي سِيرَ ٿِئَا.

بيت - 20

وَانٽِيُون ٿِيُون وَڙِڪَنِ، اَڃَا سِڙَھَہ نَہ پَڌِرَا،
سيئِي ٿِيُون مَرِڪَنِ، جَنِي سَندَا آيَا.

بيت - 21

کُوھِنِ سِرِ وَانئُٽِيوُن، وَانئُٽِيَنِ سِرِ گَهنڊَ،
کيڙي کيڙي کَنڊَ مَاءِ سَامُونڊيِ آيَا.

وائي - 1

ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون وِھُہ وَڻِجَارَنِ سين،
وَايُون وَڻجَارِنِ جُون، اَدِيُون اَڄُ نَہ ھَٽِ،
ڏيئِي سَڙِھُہ سِيرَ ٿِئَا، پيرُ نَہ لاَيَائُون پَٽِ،
پَڳَهُہ کَڻُ مَ پَاتِڻِي، جَانِي مُون وَٽِ جَٽِ،
ڳَرَھِيَان سُورُ سَفَرَ جو، ھَلِي پَنھِنجي ھَٽِ،
پُورِيندِيَسِ پِرِينءَ ڏي، ڪَا نَہ ڪنديِسَ گَهٽِ.

وائي - 2

اَئِين اَچِي پَسو جيڏِيون، ھِي جو حَالُ مُنھِنجي جِندَڙي،
پَائي وِئَڙَا پيرَ ۾، مَنجَهان کَرَسَ کَسو،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، ڏيئِي تَنَ تَسو،
ڏيئِي وِئَڙا ڏَاھَہ کي، سُورَنِ جو سَرَسو،
مَتَان وِھو ويسَلِيُون، رِڙِھو تَان رَسو،
سَاءُ نَہ آيَانوَ سُورَ جو، ھَاڻي ٿِيُون ھَسو،
مُندَائتي مِينھَن جيئَن، ويروتَارَ وَسو.

وائي - 3

ڏُکَ لاَھيندَا ڏُونگرَ وو مَاءَ، پِرِيَنِ جَا مُونکي سَڀيئي،
ڏَاڍِي ذَاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙَا ڏِيلُ ڏَھِي،
جو پَسَان سوڀَايَان، پِرِيَان جو پَهِي،
ڏِٺَا وَڻَ ڪوھِيَارَ جَا، ويئِي اُڃَ لَهِي،
آئُون ڏورِيندِي اُنِ کي، رَائي رَاتِ رھِي.

داستان پنجو
بيت - 1

جي پِهِرِيين پُورِ، آھِيَان گهورِي اُنِ جِي،
سَامُونڊِيَڪو سُورُ، مَاءَ مَارِيندُمِ ڪَڏِھِين.

بيت - 2

سَامُونڊِيءَ جي سُورَ، ڪِيمِ جِيءُ جيڏارِئُون،
پُونِ ڏِھاڙِي پُورَ وِرِھَہ جا وجود ۾.

بيت - 3

آيَلِ سَامُونڊِيَنِ جي، آئُون سُورَنِ سِجَهائِي،
جيڏِيُون جُدَائِي، سَهَان نَہ سُپيريَنِ جي.

بيت - 4

ڏِٺِي ڏِيَارِي، سَامُونڊِيَنِ سِڙَھَہ سَنبَاھِئَا،
اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئي،
وِڻِجَارَنِ وَائِي، آھي پَرِيين پَارَ جِي.

بيت - 5

ڏِٺِي ڏِيَاري، سَامُونڊِيَنِ سِڙَھَہ سَنبَاھِئَا،
وِجِهيو وَرُ وَنجَهہ کي، روئي وِڻِجَارِي،
مَارِيندَءِ مَارِي، پِرِھَہ سُورَ پِرِيَنِ جَا.

بيت - 6

ڏِٺِي ڏِيَارِي، سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئَا،
پَايو پَاندُ ڳِچِي ۾، زورِ ڪَري زَارِي،
ڪَانُ ھَڻِي ڪَارِي، وِئو وَڻِجَارو اوھَرِي.

بيت - 7

ٿِئَا ڏِيَارِيءَ ڏيِنھَن، سَامُونڊِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جي،
مُون سِرِ اُٺَا جيڏِيُون، سَندَا مَحبَتَ مِينھَن،
ڪِيَسِ نِمَاڻِي نِينھَن کَاري کيڙائُنِ جي.

بيت - 8

ٿِي ڏِيَارِيءَ ڏيٺِ، ڍولو ھَلَڻَ جُون ڪَري،
مَکِئو پَنھِنجِي مَڪُڙِي، چيٺي چَڱيءَ چيٺِ،
رُئَان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جَان ڪي جَهِليَان بيٺِ،
مُون سين ڪَري ميٺِ، وِئو وَڻِجَارو اوھرِي.

بيت - 9

وَڻِجَاري وَائِي، سَدَا آھي سَفَرَ جِي،
آيَلِ اُھَائِي، مُونکي مَاري ڳَالَهَڙيِ.

بيت - 10

سَامُونڊِيَنِ سَعيو، سَدَائِين سَفَرَ جو،
ڪو ڏيھُہ چِتَايو، اُونِهي وَڃَنِ اوھرِي

بيت - 11

اَڃَا اَسَارِي، مَٿي تَڙَ گُذارِيين،
تو ڪِيئَن وِسَارِي، سَنگَت سَامُونڊِيَنِ جي.

بيت - 12

پرَڏيھِہ پُورِيَائُون، سَامُونڊِيَنِ سِڙَھَہ سَنبَاھِيَا،
مَان تَنُ مَاريَائُون، پَاڻان وِجهِي گوُندَرين.

بيت - 13

سَامُونڊِيَنِ سَڙَھَہ سَنبَاھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ وَاءُ،
ٻَارَھين مَاھِہ نَہ موٽِئَا، سَمُنڊَ آيُنِ سَاءُ،
جيڪُسِ لَڪَا کانءِ، اوڏاھِين آسودا ٿِئَا.

بيت - 14

سَامُونڊيَنِ سِڙَھَہ سَنبَاھِئَا، اُتَرَ واءُ وَرِيونِ،
ٻَارَھِين مَاھِہ نَہ موٽِئَا، سَمُنڊَ ڪَاڄُ سَرِئونِ،
ٻَرِ ٻَرِسُورُ سَندونِ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيَان.

بيت - 15

سَامُونڊيَنِ سِڙَھَہ سَنبَاھِئَا، وَرِيُنِ وَاءُ اُتَرَ،
ٻَارَھين مَاھِہ موٽِئَا، وِئَا پَروڪِيءَ پَرَ،
سُڃَا سَامُونڊِيَنِ ري، بَازَارِيُون بَندَرَ،
کَڻِيو سُورَ سَمَرَ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيَان.

بيت - 16

سَفَرُ سُکيرونِ، ھُونِ سَلاَمَتَ سُپِريِن،
چَڙِھِئَا جو چِتِ ڪَري، پُنُو سُڪَا ڄونِ،
تِئَان مَ ڀَاڳونِ، جِئَان مُون ڏيئِي ھَلِئَا.

بيت - 17

وِئو ڪَانگُ ڪَهِي وَاڌَايُون وِصَالَ جُون،
اِجهي سَڄَڻَ آيَا، ڏَاڍي ٺَاھِہ ٺَهِي،
وِپَتَ سَڀِ وَئِي، سيڻَ سَلاَمَتَ آيَا.

بيت - 18

مَاءَ وِلاَئِتي آيَا، تَڙبن تَنوَارِينِ،
وَايُون وَڻِحَارَنِ جُون، جِيءَ کي جِيَارِين،
کِلِبو کِيڪَارِينِ، جَنِي سيڻَ سَلاَمَتَ آيَا.

بيت - 19

ڀورِيءَ جَا ڀِري، سيڻَ سَلامَتَ آيَا،
تَني کي ڦِرِي کِلِي تِنھِن کِيڪَارِيو.

بيت - 20

جَنِ لاَءِ جِهڄَنِ نيڻَ، تَنِ پَرَڏيھِہ پُورِيو،
آيَلِ سَامُونڊِيَنِ ري، کَارَا ٿِيَمِ کيڻَ،
وِرِدَ ٿِئڙَم ويڻَ، آيَلِ سَامُونڊِيَنِ جَا.

بيت - 21

جَنِ لَاءِ نيڻَ جِهڄَنِ، تِنِ پَرَڏيھِہ پُورِيِون،
آيَلِ سَارِئو اُنِ کي اوڇنگارُون اَچِنِ،
کَاري کيڙَائُنِ، وَاحِدَ وَاري آڻِيين.

وائي - 1

وِئَا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تِنھِنَ جَڙَ جَڏِي ڪِي،
سَامُونڊِيءَ جي سَنڱَ جي، ھِنيين حُبَ گهڻِي،
سِڙِھہُ ڏيئي سِيرَ ٿِئَا، ڇِنِي تَندُ تَڻِي،
لاَئِيندِيَيسِ لِڱنِ کي، سَندِي پِرِينءَ پڻيِ،
وِڌَائُون اُتَرَ آسَري، کُوھَا ڪَالهہَ کَڻِي،
اللہَ ڀَڃُ مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي،
وَکَرُ چَاڙِھِيو ٻيڙِيين، وِڻجَارَنِ وَڻِي،
اُنِ سين عبداللطيفَؒ چَئي، ميِڙيندُمِ ڌَڻي.

وائي - 2

وَڻِجَارو آيو، مَاءَ مُرَادُون پُنِيُون،
مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھَادِيءَ ھَلاَيو،
سَامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو،
اونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو ڏيهُہ چِتايو،
اُنِ عبدُاللطِيفُؒ چَئي، ٿِئو سَفَرُ سَجايو.

سُر سھڻي

داستان پھريون
بيت - 1

وَھَ تِکَ وَاھُڙَ تِکَ، جِتِ نِينھُن تِکَ نِرَالِي،
جَنِکي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خِلوَتَ خِيَالِي،
وَارِيين سي وَالِي، ھِينئڙو جَنِي ھَٿِ ڪِئو.

بيت - 2

اَنڌِيءَ وَڇُون ڪَنڌِيءَ وَڇُون، تَنگِئَان لَهي نَہ تِکَ،
صُورَتَ جَا سَاھَڙَ جِي، ڏِيلَ مُنهِنجي ڏِکَ،
وَاھُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ سَانڀارَان سُپِريِن.

بيت - 3

وَاھُڙَ وَھَنِ نَوَاھَہ، اَڃَا، وَھُہ اَڳي ٿِئو،
گهَرِ ويٺِيون گهَڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَنڱ سَنواَن،
صُورَتَ جَا سَاھَڙَ جِي، سَا جي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مَان، گِهڙو سَڀِ گهَڙا کَڻِي.

بيت - 4

جيڏِيُون ڏِٺِيَان جي، صُورَتَ سَاھَڙَ ڄَامَ جِي،
سُکِ ٿِي سُتيوُن ڪِينَ ڪِي، ڪَانڌَنِ پَاسي ڪي،
مُونهَان ئِي اَڳي، گِهڙو سَڀِ گهَڙا کَڻِي.

بيت - 5

صُورتَ سَاھڙ جِي، اَئِين جي ڏِسو سَڀيئيِ،
سُمَهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پَاسو ڏيئِي،
مُونهَان اَڳيئيِ گِهڙو سَڀِ گهَڙَا کِڻَي.

بيت - 6

صُورَتَ سَاھَڙَ ڄَامَ جِي، ڏِٺِي جَنِ ھيڪَارَ،
سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي سَاڻُ ڀَتَارَ،
گِهڙِيُون گهَڙَنِئَان ڌَارَ، ڪَاھي پييوُن ڪُنَ ۾.

بيت - 7

جيڪِي ڏٺو مَان، سوجي ڏِٺو جيڏِئين،
گهَر وَرَني سَان، ھُوندَ گهَڻِنِ گهوري ڇَڏِئَا.

بيت - 8

گهَڙَنِ وَارِيُون تَڙَنِ تي، گهِڙَنِ گهَڻيئِي،
سَڀَڪَا چَئي سُوھَڻِي، لَئي پريَان پيئِي،
صُبَاحَ سَڀيئِي، پَسِبِيُون پَاتَارَ ۾.

بيت - 9

ڪَنڌِيءَ اُڀِيُون ڪيتَرِيُون، ٿِيُون سَاھَڙُ سَاھَڙُ ڪَنِ،
ڪَنِي سَانگو سَاھَہ جو، ڪي گهورِيَس ڪِئو گهِڙَنِ،
سَاھَڙُ سَندو تَنِ، گهَاگَهائي گِهڙَنِ جي.

بيت - 10

سَهِسين اُڀِيُون سُوھَڻِيوُن، سَاھَڙُ سَاھَڙُ ڪَنِ،
ڪِنِي پَاڻُ پَري ڪِئو، ڪي ”گهورِيَسِ“ ڪئِو گهِڙَنِ،
سَاهَڙُ مِليو تَنِ، جَنِي سَانگُ نَہ سَاھَہ جو.

بيت - 11

ڪَنڌِيءَ ڀَرِڪِلا، دُونَهَان دوستَ ميهَارَ جا،
لَهِرِنِ ۾ لطيف چئي، دَھِلِجِ ڪِيمَ دِلاَ،
مَتَان ڪَا گِلاَ، سَاھَڙُ سَمُنَ جِي ڪَري.

بيت - 12

سَندَا سَنگهَارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنَامِ،
آسَانگي اَرِوَاحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيَامِ،
وَڏِي ويرَ لَڳِيَامِ، گهِڙاَن گهورِئو جِندَڙو.

بيت - 13

گهِڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَهُون نِهَاري ٻَنگُ،
سِرُ دَرِ قَدَم يَار فِدَا شُدِ چہِ بَجَا شُدِ، وَصُلَ اھوئِي وَنگُ،
رَاتِ جَنِي جو رَنگُ، اللہَ سي اُڪَارِئين.

بيت - 14

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَهُون نِهَاري ٻَنگُ،
وَاَما مَن خَافَ مَقَامَ رَبِه، اِيءُ لَنگِهيائِين لنگهُہ،
سِڪَندِيَنِ کي سَيدُرح چئي، ڪِينَ جَهليِندو جَهنگُ،
رَاتِ جَنِي جو رَنگُ، اللہَ سي اُڪَارِئين،

بيت - 15

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، چيلِهِہ ٻَڌِي چوتو،
مُنهِنجو مَنُ ميهَارَ کي، پَارِ وَڃِي پَهتو،
گهوتي ۾ گهوتو، اَچي ڪو مَ اَڄَاڻِ کي.

بيت - 16

گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻوڙِيَائِين ٻَاھُون،
ويچَارِيء وَڏِيُون ڪِيُون، وِچِ دَرِيَاھَہ دَانهُون،
موٽُ مُحِبَ پَاھُون، تَاڪُنِ تَڪِي آھِيَان.

بيت - 17

گهِڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري سَانگو ڇَڏي سَاھَہ،
ويچَارِيء وڏِيُون ڪِيُون دَانهُون مَنجِهہ دَرِيَاھَہ،
ٻَر ٻَانهُن ڇَڏئو، وييَسِ چُڪِي وَاھَہ،
مَدَدَ رِء ميهَارَ جي، غَرَضَ سَڀِ گُنَاھَہ،
نُورِي ڪَرِ نِگاھَہ، سَاھَڙَ لنگهِيَان سِيَر کي.

بيت - 18

گهِڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري اِلاَھِي تُهَارَ،
ڄَنگهَہ ڄَرڪي وَاتَ ۾، سِسِي کي سيسَارَ،
چُوڙَا ٻِيڙَا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِھِيَسِ وَارَ،
لَکين چُهِٽِيَسِ لوُھَڻِيُون، ٿيلِهِيُون ٿَنِئون ڌَارَ،
مِڙِئَا مَڇَ ھَزَارَ، ڀَاڱاَ ٿِيندِي سُوھَڻِي،

بيت - 19

وَڻن ويٺَا ڪَانگَ، وِچِين ٿِي ويلَا ڪَري،
گهِڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، سُڻِي سَانجهِيءَ ٻَانگَ،
سيئِي ڍُونڍي سَانگَ، جِتي سَاھَڙُ سُپِرِين.

بيت - 20

مِنهِہ جِنھِن جي مُون، ڏٺو مُنهُن ميهَارَ جو،
آھي سَاھَہ سَنئُون، سو ڪِيئَن گهَڙو گهورِيَان.

بيت - 21

گهَڙو ڀَڳو تہ گهورِئو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو،
طَالِبُ الَموليٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
گهورِئو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميهَارُ ئِي مَنَ ۾.

بيت - 22

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ ٻِيڙَ ٿِئي ٻَانهِين،
طَالِب الموليٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ پَرِ اَسَانهِين،
پُئَان مَ پَانهِين، مُون ميهَارُ ئِي مَنَ ۾.

بيت - 23

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورئو، پَاڻَان ھوءِ حِجَابُ،
وَاڄَٽُ وَڄِي وِجُودَ ۾، رَھِيو رُوحَ رَبَابُ،
سَاھَڙَ رِيءَ ثَواَبُ، آئُون گهَڻو ئِي گهورِيَان.

بيت - 24

گهَڙو ڀڳو تہ گهورِئو، تَان ڪِي تَرُ ھِنيَان،
اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏِھَاڙِي ڏِيَان،
مُونکي ميهَارَ مِيَان، سَنئُون سُونهَايو پيچِرو.

بيت - 25

گهَڙو ڀَڳو تہَ گهورِئو، آسَرَ مَ لاَھيجِ،
لاَتَقنَطوُا مِن الرَحمَتهِ اللہِ، تُرَھي اِنَ تَريجِ،
حَبِيبَاڻي ھيجِ، پَسين مُنھُن ميهَارَ جو.

بيت - 26

گهَڙو ڀَڳو تہ گهورئو، ڀَڄي تَان مَ گهَڙي،
اُونُهُوُن ڪُنُ تَارِ وَھي، دَرِيَاھَہ پوء مَ دَڙِي،
چِڪَڻِ مَان چَڙِھِي، مِلاَن مُحِبَ ميهَارَ کي.

بيت - 27

گهَڙو ڀَڳو تہ گهورئو، ويندِيَسِ تَان نَہ وَرِي،
پِيءُ پَسَندِيَسِ پَانهِنجو، تَانگهو تَارِ تَرِي،
ميهَارَ مَرِي، پَلَڪُ پَاسي نَہ ٿِئَان.

بيت - 28

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورئو، تُرَھي نَاھي تَاتِ،
اَچِي پيئِي ڪُنَ ۾، جِتي ڏِينھُن نَہ راتِ،
عَاشِقَاڻِي ذَاتِ، مُئِي مَلَهَائي سُوھَڻِي.

بيت - 29

گهَڙو ڀَڳو منڌ مُئِي، وِئَا وَسِيلا،
سَارَ ڇَڏِيَائِين سِيرَ ۾، ھَي وِئَا حِيلاَ،
سُهِڻِيءَ جا سِيلاَ، وَحدَتَ سَڀِ وِڃَايَا.

بيت - 30

گهَڙو مُنڌَ مُئِي، وَسِيلاَ وِئَا،
تِهَان پوءِ سُئَا سُهڻِيءَ سَڏَ ميهَارَ جا.

بيت - 31

جَڏِھِين وَسِيلَنِ، لوڙِھي ڇِڏِي لُڙَ ۾،
پَارَارَان پِرِيَنِ، تَڏِھِين پُڇِي سُوھَڻِي.

بيت - 32

پَاڻُ ۾َ کَڻِجِ پَاڻ سين، رءَ وَسِيلي وَڌُ،
لاَلَڻُ تَنِي لَڌُ، عِشقُ جَنِي جي اَڳَ ۾.

بيت - 33

پَاڻُ مَ کَڻِجِ پَاڻَ سين، رِءَ وَسِيلي وَانءُ،
مَٿان سَائِرَ سُوھَڻِي، پِرِتِ وِٺجي پَانءُ،
نِينهَن ڳِنَهَندِي نَانءُ، وَانءُ پَرِيَان جي پَارَ ڏي.

بيت - 34

پَاڻُ مَ کَڻِجِ پَاڻَ سين، رِءَ وَسِيلي وَڃُ،
ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.

بيت - 35

پَاڻُ مَ کَڻِجِ پَاڻَ سين، وَسِيلاَ وِڃَاءِ،
عِشق سَاڻُ اُٺاءِ، پيرُ پِرِيَان جي پَارَ ڏي.

بيت - 36

پَاڻُ مَ کَڻِجِ پَاڻَ سين، وَسِيلاَ وِسَارِ،
لُڙُ لَنگهَائي سُوھَڻِي، پِرِتِ وِجَهندِيَئيِ پَارِ،
تُرتُ لنگهِنديُون تَارِ اُڪَنڊَ آڳَهُہ جَنِ جو.

بيت - 37

آڳَهَہ عِشقَ وَارِيين، جَڏِھيِن کَنيَا جَنِ،
تَڏِھِين رَسِئَا تَنِ، مِيهَڻَا مُحِبَ ميهَارَ جا.

بيت - 38

ڪونِهي آڳَهُہ اِھَڙو، جِهَڙي مَحبَتَ مَنِ،
اُڀِيُون اورِيين پَارَ ڏي، ڪوڙيُون ڪَکُ پُحَسِ،
نَدِي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جي رءَ تُرَھي تَرِن،
سَڪَ رَسَاڻي سُوھَڻِي، اَصلِ عَاشِقَنِ،
سي جَهلِيُون ڪِينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جي ميهَار کي.

بيت - 39

پُڇَنِ جي ميهَارَ کي، پُڇي سي ميهَارُ،
فَاذڪُرُوني اَذڪُرڪُم، اي پَرُوڙِجِ پَارُ،
تُرَھو تَنِي بَارُ، عِشقُ جَنِي کي آڪِرو.

بيت - 40

عِشقُ جَنِي کي آڪِرو، تُرَھو مَٿي تَنِ،
جي سَاھَڙَ کي سَڪَنِ، تَنِي جَرُ جَنڊُ ٿِئي.

بيت - 41

تُرَھو آڇِ مَ تِنھِن کي، جنِھِن عِشقَ سين آگَاھَہ،
پُڇي مَسَ مَلاَحَ سَائِرُ مَڻي سُوھَڻِي.

بيت - 42

سُپيرِيَان جي تُرَھي، ٻُڏين ھَٿُ مَ لاَءِ،
صُبَاحَ تَان چُوندَاءِ، تَہ اَسَان تو اُڪَارِئو.

بيت - 43

سُپيرِيَان جي تُرَھي، ٻُڏين توءِ مَ لَڳُ،
جَان ڪو جِيئين ڏِينهَڙو، پُورِ اُبَتي وَڳُ،
پَاءِ تيڏاھِين پَڳُ، نَانهِہ جيڏاھِين نِجِهرو.

بيت - 44

ٻُڏين تَان ٻُڏ، سُڪي جِي سَانبَاھَہ ۾،
ڪَکَ ڪَانڊيراَ ڪَاٺِيُون، ميڙي ٻَڌُ مَ مَڏُ،
نَڪو سَاھَڙَ سَڏُ، نَڪَا سُڄي سُوھَڻِي،

بيت - 45

سو سَاھَڙُ سَا سُوھَڻي، سَائِرُ پَڻِ سوئِي،
آھي نِجوئِي، ڳُجُهہ ڳُجَهاندَرِ ڳالَهَڙِي.

وائي - 1

ڪَھِڙي مَنجهِہ حِسَابَ، ھُوئَڻُ مُنھنجو ھوتَ ري،
گولِي ڀَڄِ گُنَاھَ کَان، ڪونِهي سُودُ ثوابَ،
نَڪِي تَقَاوَتَ ۾، نَڪِي مَنجهِہ رَبَابَ،
خُدِيَائِي خُوبُ ٿِيين، لَائِيين جي لُعَابَ،
پَلِيتوئِي پَاڪُ ٿِيين، جُنُبِئو مَنجهِہ جُنَابَ،
ھَادِيءَ سين ھُنَ پَارَ ڏي، ريڙِھِيين سَاڻُ رِڪَابَ،
چَنبو وِجهِي چورَ جِيئن، آئُون ڇَڙِ عُقَابَ،
دِيدُ وِڃَايُمِ دوستَ جو، ھَلِي مَنجهِہ حِجَابَ،
ڪَسرَتَ آھي قُرِبَ ۾، اِدغَا ۾ اِعرَابَ،
سو نَہ ڪِنھِن شَيءَ ۾، جيڪِي مَنجهِہ تُرابَ،
جي جهَرَڪِئَا جَرَ تي، اِي تَان سَڀِ حُبَابَ،
فَنَا وِجهَندَءِ فَمَ ۾، ڪَارَڻِ ٿِيءُ ڪَبَابَ،
ڏي طَھُورَا تَنِ کي، جي سِڪَنِ لَئي شَرَابَ،
مُٺِيءَ ڪِئَا مَرِضَ ۾، يَاوَھہ سَڀِ جَوابَ.

وائي - 2

سَچا سيدَ مُون کي تُون، وَھِيَان وَاھَرَ،
نيئِي نيئِي اولِ پِرِيَان جي پَار ڏي،
ڪُنَ جي ڪَارونڀَارَ جَا، سي آئُون ڀَايَان ڀُون،
سَندو جِيئَڻَ آسِرو، مَنَان لاَ ٿو مُون.

وائي - 3

دَردَ رَانجَهنِ دي ھِيءَ دِلِ مارِي مَولاَ،
ايڪَ گهَڙِي دي ويکَڻَ ڪِيتي گهِنِ ڳِيَا دِلِ سَارِي،
ڪوئِي حبِيبُ طَبِيبُ بَتَاوي، جو دَارُون دِلِ دَا قَرَارِي.

داستان ٻئو
بيت - 1

ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گهَڻَا، جِتِ جَرَ وَاڳُو جِهَائِين،
پَاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَہ سِرِ وِڌائِين،
لَهرِيُون لَنگهِيَائِين، لُطِفَ سَاڻُ، لطيفُرح چئي.

بيت - 2

ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گهَڻَا، جِتِ دَڙَڪو مَنجِهَہ دَرَياھہَ،
اَچِيو اُتَاھِين گِهڙي، سَانگو ڪَري نَہ سَاھَہ،
سَاھَڙَ جِي صَلاَحَ، ٻَارِ لَنگهَائي ٻَاجَهہ سين.

بيت - 3

دَھشَتَ دَامَ دَرِيَاھَہ ۾، جِتِ ھَيبَتُ ھُلاَچو،
وِرِڄِي وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪَاڏي وِئو ڪَچو،
سَاھَڙُ ڄَامُ سَچو، سَاڻِي ٿِيندُم سِيرَ ۾.

بيت - 4

دَھشَتَ دَامَ دَرِيَاھَہ ۾، جِتِ سَٽَاڻا سيسَارَ،
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھَيبَتَ نَانگَ ھَزَارَ،
سَارِيَان ڪَانَہ سَرِيرَ ۾، طَاقَتَ توھِيَان ڌَارَ،
سَاھَڙَ ڄَامَ سَتَارَ، اُونِهي مَان اُڪَارِيين.

بيت - 5

دَھشَتَ دَامَ دَرِيَاھَہ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھَڪَلَ،
گهَڙو گهَڙيَان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَهَلَ،
ھِنَ تَڙِ تَارُو ڪيِتَرا، ڪَنبَايَا ڪَرِڳَلَ،
تَارِ لَنَگهَايو تَوَڪَلَ، لُطِفَ سَاڻُ لطيفرح چئي.

بيت - 6

دَھشَتَ دَامَ دَرِيَاھَہ ۾، ھُنَ ڀَر ھُوءِ ھُڳَاءُ،
لَٽي وييُون لَهرِيُون، مَوجُون مُون مَٿَا،
سَاھَڙَ ڄَامَ سَواءِ، ڪونِهي تُرھو تَارِ ۾.

بيت - 7

دَھشَتَ دَامَ دَرِيَاھَہ ۾، جِتِ ڪَڙَڪَا ڪُنَ ڪَرِينِ،
ٻِڇَلَ ٻَانڌِي ٻَارِيُون، جِتِ لَهِريُون لوڏا ڏِينِ،
شَنَاوَرَ سَامِهَا، سِيڻَا ھِيَا نَہ سَنڊينِ،
وِيرِيُون وَاٽَ نَہ ڏِينِ، سَاھَڙَ سِيرَ لَنگهَائيين.

بيت - 8

دَھشَتَ دَامَ دَرِيَاھَہ ۾، جِتِ ڪُنَ ڪَڙَڪَا ڪَنِ،
سَوين سِيڻَاھِيَا سِيرَ ۾، لُڙَھَندَا لَکَ وَڃَنِ،
ڪَنڌِي نَہ ڪَپِرو، نَہ ڪي سَڏَ سُڄَنِ،
توڏِي اُتَئِي تَري، جِتِ وَسِيلاَ وَڃَنِ،
اُتي اَتَارُنِ، سَاھَڙَ سِيرَ لَنگَهاءِ تُون.

بيت - 9

دَھشَتَ دَامَ دَرِيَاھہَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪَا ڪُنُ ڪَري،
توڏِي تَاڪُنِ وِچَ ۾، وِيرِنِ مَنجِهہ وَري،
آءُ سَاھَڙَ مُنهِنجَا سُپِرين، پِرتَان پيرَ ڀَري،
ھَادِي ھَٿَ ڌَري اُونِهي مَان اُڪَارِيين.

بيت - 10

دَھشَتَ دَامَ دَرِيَاھَہ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جَا ڪَڙَڪَا،
سَهي ڪِينَ سَمنڊَ جَا، مَاندِي دِلِ ڌَڙَڪَا،
سَاھَڙَ سُڻِجِ ڪَا، فَرِيَادِي فَقِيرِ جِي.

بيت - 11

دَھشَتَ دَامَ دَرِيَاھَہ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙَڪو،
آيُمِ اُنَهِيءَ پَارَ جو، دِلِ اَندَرِ ڌَڙَڪو،
ڀَڃي شَڪَ سَيدُرح چَئي، سِيرَ سَندو سَڙَڪو،
ڪونِهي ڪَاڻِيَارِيُنِ جو، تَاِر بِنَان تَڙُڪو،
وَالِي ڪِجِ وَڙُڪو، تَہ ٻَارِ لنگهِيَان ٻَاجَهہ سين.

بيت - 12

دھشَتَ دَامَ دَرِيَاھَہ ۾، جِتِ لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ،
آڻِيو اوڀَارَنِ ۾، ٻَانڌِي ٻوڙي ٻيٽَ،
جِتِ چِڪَڻَ جِي چَپيٽَ، اُتِ سَيدَصہ سِيرَ لنگهَاءِ تُون.

بيت - 13

دَھشَتَ دَامَ دَرِيَاھَہ ۾ جَتِ تِکِيُون تَنوَارُون،
مُنهِنجُون مَان نَہ ميهَارَ کي، پَهچَنِ پُڪَاروُن،
لَهُہ سَاھَڙَ سَنڀَاروُن، لَهِرِنِ لوڏِي نَہ مَراَن.

بيت - 14

دَھشَتَ دَامَ دَرِيَاھَہ ۾، جِتِ لَهِريُون ڪَنِ لوڙَا،
سَوين اَچِئو سِيرَ ۾، ٿِيَنِ سِيڻاھِيَلَ سوڙِھَا،
جي تَارُو ھُئَا توڙَا، تَنِ ھُرڀُ ڀَانيو ھيڪِڙو.

بيت - 15

دَھشَتَ دَامَ دَرِيَاھَہ ۾، جِتِ جَايون جَانَارَنِ،
نَہ ڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاَحَنِ،
دَرَندَا دَرِيَاھَہ ۾، وَاڪَا ڪِئو وَرَنِ،
وَڏَا ٻيڙَا ٻَارَ ۾، ھَلِئَا ھيٺِ وَڃَن،
پُرِزو پَيدَا نَہ ٿِئي، ڪو تَختو مَنجَهان تَنِ،
ڪو جو قَهِرُ ڪُنَ ۾، وِئَا سي نَہ وَرَنِ،
اُتي اَتَارُنِ، اَچِي سَاھَڙَ سِيرَ لنگِهَائِيين.

بيت - 16

دَھشَتَ دَامَ دَرِيَاھَہ ۾، جِتِ ڀِيڙِ اُبَتِي ڀَتِ،
آڻِئو اُڇَلي آبَ ۾، رَءِ رُئَاڙي رَتُ،
ڏَمُ ڏِھَاڙِي ڪيتِرو، ڪَري خوُبُ کپَتِ،
سَاھَڙَ ڪَري سُپَتِ، اُونِهي مَان اُڪَارِئين.

بيت - 17

اُونِهي مَان اُڪَارِيين، ھَادي ڏيئِي ھَٿَ،
ڏي دِلاَسو دوسَ مُون، ڪَامِل ٿِيئيمِ قُوَتَ،
سَندِي سَاھَڙَ سَٿَ ھَلِي پَسَان حُضُورَ ۾.

وائي - 1

جو تُونَ آھيين توکي مَنڱان، آئُون ٻِيو دَرُ ڪونہ سُڃَاڻَان،
اِلاَھِي عِنَايَتَ سين، نَوَازِيين نَمَاڻا،
اَنڌَا ڪَرِيين اَڳَ ۾، ڪوٺَائِيين ڪَاڻَا،
اُونڌَنِ عَاجِزَنِ کي، پَرووڙَائِيين پَاڻَا،
ڪوٺِيين سي قُربَ سين، جي تون دَرِ وِڪَاڻَا.

داستان ٽئو
بيت - 1

تَڙِ تَڪَڙِ تَارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪَاڻِيَارِنِ ڪَمُ،
ڏَھَہ ڏَھَہ ڀيرَا ڏِينهَن ۾، ڏي ڏورَاپو ڏَمُ،
عَقُلُ مَتِ شَرَمُ، ٽيئِي نِينهَن نِهوڙِئَا،

بيت - 2

گهيڙَان ڪَري نَہ گُهورَ، تَڙُ تَڪَڙِ کَان نَہ لَهي،
جَنھِنکي سِڪَ سَاھَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ،
ڪَارِيءَ رَاتِ ڪُنَنِ ۾، وَھمَنِ ڪِي وَھلُورَ،
جَنھِنکي سَاڻُ پِرِيَان جَا سُورَ، تَنھِن کي نَدِي نَاھِہ نِگاھَہ ۾.

بيت - 3

جِئَان گِهڙي تِئَانِ گهيڙُ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون،
ڏَمَ سين جُسو ظَاھِرَا، مَنَ ميھَارَ سين ميڙُ،
سَا نَدِي ڀَانئي نيڙُ، جَنهِنکي سِڪَ سَاھَڙَ جِي.

بيت - 4

جِئَان وَھي تِئَان وَاٽَ، ڪَپرو پُڇَنِ ڪوڙِيُون،
جَنِ کي سِڪَ سَاھَڙَ جِي، سي گهيڙَ نَہ پُڇَنِ گهَاٽَ،
جَنِ کي عِشقَ جِي اُسَاٽَ، سي وَاھُڙُ ڀَائِينِ وِکڙِي.

بيت - 5

ڪِنھِن جِنھِن گهيڙِ گهِڙِي، جِئَن اَوَتَڙَان تَڙُ ٿِيوسِ،
اُھِسُ اَکَڙِيَنِ ۾، پِرِيَان جو پيوس،
سَالِمُ ويئِي سُوھَڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،
حَقَان حَقُ ٿِيوس، ھُئِي طَالِبِ حَقَ جِي.

بيت - 6

ھُئِي طَالِبِ حَقَ جِي، توڏِي لاَڪُون توڙَ،
نَہ مَلاَحُ نَہ مَڪُڙي، نَڪي ٻَڌي نوڙَ،
پَاڻِي پِنِيءَ ٻوڙَ، سُهِڻِيءَ ليکي سِيرَ جو.

بيت - 7

سُهِڻِيءَ ليکي سِيرَ جو، پَاڻِي پِنييءَ ھيٺِ،
ٻَڌِئو بِرِھَہ بيٺِ وَڃي ڪَپِيندِي ڪُنَنِ کي.

بيت - 8

وَڃي ڪُنَ ڪَپِيندِي، سُهِڻِي مَنجَهان سِڪَ،
ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَسي ھِڪَ، مَحبَتِيءَ ميهَارَ جِي.

بيت - 9

توڏِي توڙَائِين، نِينهَن نَوازِي سوھَڻِي،
ڳِچِيءَ ھَارُ حَبِيبَ جو، لاَئِقُ لَڌَائيِن،
سو تَڙُ سُوٺَائِين، جيڏاھَن عَالَمَ آسَرو.

بيت - 10

توڏِي تُهَائِين جي، سي ھِتَهِين ڇَڏِ حِرِصَ،
سَاھَڙَ ڌَارَان سُوھڻِي، کوٽِيوُن ڪَنِ کِرسَ،
وَڏِي اِيءَ وِرِسَ، جِئَن ڏَمَ وَٽِ ڏِينهَن گُذَارِيين.

بيت - 11

توڏِيءَ کي تَعظِيمَ، ٻِيَنِ سَڀَنِئَان اَڳِرِي،
اوڏِي ٿِي اَلِفَ کي، مَنُ گَڏَيائين سين مِيمَ،
جيلاَن ذاتَ حَلِيمَ، مِلي تي ميهَارَ کي.

بيت - 12

طَالَبَ ڪَرِ توڏِي، جي تُون طَالِبُ توڏِيءَ جو،
عَاشِقَنِ اوڏِي، مَعشُوقَنِ جي مَنَ ۾.

بيت - 13

سَارِي سِکُ سَبَقُ، شَريعَتَ سَندو سُوھَڻِي،
طَرِيقَتَان تَکو وَھي، حَقِيَقتَ جو حَقُ،
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عَاشِقَنِ جِي.

بيت - 14

صَبرُ شَاڪِرَنِ، آھي اوطَاقُنِ ۾،
جي وَصُل ٿِئَا وِصَال سين، سي ذَرو ظَاھِرُ نَہ ڪَنِ،
وييَتَ وَاھڙَ تَرَنِ، ھِينئَڙَا جَنِ ھَڄِي وِئَا.

بيت - 15

پَلِ پَلِ ٿئي پَلِي، ڏَمَ ڏِھَاڙِي ڪيترِو،
پَسِي دَورُ دَرِيَاھَہ جو، وِچَان ڪِينَ وَلِي،
ڪَارِي رَاتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجَهان حُبَ ھَلِي،
نَہ ڪِنھِن جهولَ جَهلِي، سَمُنَ پُورِي سُوھَڻِي.

بيت - 16

جهولَ نَہ جَهلِي سُوھَڻِي، سَاِئرُ سَٽَ سَندِيَاسِ،
جَنهِن اِھَڙِي ڄَائِي عَاجِزَ، سَا مَرُ مَرَڪي مَاسِ،
پَسين جي پِيَاسِ، تَہ ڪِي عِشقُ آڻِيين.

بيت - 17

نَڪَا جهولَ جَهليسِ، نَہ تَانگهو نَہ تَارِ ڪِي،
ڏَمُ ڏِھَاڙِي ڪيتِرو، پَرِ ۾ ٿو پَليس،
تَان تَان جِيءُ جَليسِ، مِلي جَان نَہ ميهَارَ کي.

بيت - 18

سِهَہ سِيَارو پَاڻِي پَارو، جَتِ جُهڙُ جَهڳَهُہ ۽ جهولَ،
مَنَ اَندَرِ ميھَارَ جَا، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ،
جيلاَن ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تي اَڙَانگاَ آرَ تَراَن.

بيت - 19

سِيَاري سِهَہ رَاتِ ۾، جَا گهِڙي وَسَندي مينهَن،
ھَلو تَہ پُڇُون سُوھَڻِي، جَا ڪَرَ ڄَاڻي نِينهَن،
جَنھِن کي رَاتو ڏِينهَن، ميهَارُ ئِي مَنَ ۾.

بيت - 20

سَاوَڻِ گهِڙي سَڀَڪَا، ھِيءِ سَرَھِي سِيَاري،
تَنُ وڌَائيِن تَارِ ۾، اَروَاحَ جي آري،
مَحبَتِي مَاري، ڪونِهي دَادُ دَرِيَاھَہ ۾.

بيت - 21

ٻِيُون سَڀ گِهڙَنِ ڏِينھَن، ھِيءَ روئي ۽ رَاتِيَان گِهڙي،
وَھِہ پَيو وَاھُڙَ تَري، ڪِي نِمَاڻِي نِينھَن،
ميڙَائي جَا مِينهَن، ويچَارِيءَ وَسَايَا.

بيت - 22

ٻِيون گِهڙَنِ ڏِينهَن، ھِن ڀِنيءَ اوڏَاھِين ڀَرُ،
مُندَ ڪَنَ اُڊَڪو نَہ ڪَري، جي ڪيرائي ڪَپَرُ،
جَسَنُ ڀانئي جَرُ، وِيندي مُنڌَ ميهَارَ ڏي.

بيت - 23

وِيندي مُنڌَ ميهَارَ ڏي، ڪَري ڪَانَہ نِهَارَ،
ھِنَ کي چِڻِڪَنِ ٿَا چِتَ ۾، سَاھَڙَ جَا سِينگاَرَ،
سَا ڪِيئَن ھُنَئَان ڌَارَ، گهَرِ گهَارِيندِي سُوھَڻِي.

بيت - 24

گَهرين جي گَهارِينِ، سي ڪَمِيڻِيوُن ڪُوڙِيُون،
وِڃَائي وَرِي آيُون، مَحبَتَ جُون مُوڙِيُون،
جي سَنجهي سَنڀوُڙِيُون، سَاھَڙُ تَنِي سَڏَ ڪَري.

بيت - 25

سَاھَڙُ سَڏَ ڪَري، پَرِينءَ ڀَرِ پِرِيتِ مان،
نَہ گهِڙَان موٽِي وَڃَان، تَان ڪِي سَاھَہ سَري،
مَرُ جَان پَتِ پَري، گِهڙَان گهوريون جِندَڙو.

بيت - 26

گِهڙي ۽ گهوري، مَٿَان پِرِيَنِ جِندَڙو،
مَحبَتَ جي مَيدَان ۾، تِلَ طَسُو توري،
ڏَمَ وِڌِي ڏوري، نَان تَہ ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گهِڙي،

بيت - 27

وَاھُڙَ ڀَرِيُون مَ پَاءِ، تو پَڻِ ليکو ڏِيَڻُو،
سَدَا سَاوَڻَ ڏَيِنھَرَا، ھَڏِھِين نَہ ھُوندَاءِ،
وِھَاڻِيءَ ويندَاءِ، اوڀَرَ اُتَاھَان لَهِي.

بيت - 28

وَاھُڙَ وَھين مَ شَالَ، ڦِٽِي ٻيلاَٽِيوُن ٿِيين،
پَسَان تُنهِنجي پيٽَ ۾، لاَڻَا لُوتَ لِيَارَ،
جِئَن تو سَڀَ ڄَمَارَ، آسَائِتِيوُن ٻوڙِيُون.

بيت - 29

ٻانڌِي جي ٻيلِي ٿِيين، تِہ حِالُ ڳَرَھِيَان ھِيءُ،
سَگهو سَاعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنهِنجو جِيءُ،
سَانوَڻ سِيَارو ڀَانيَان، وَھِہ پِريَان جي وِيءُ،
پَارِ جَنِي جو پِيءُ، وَڃَڻُ وَاجِبُ تَنِ تي.

بيت - 30

اَداَ اي ٻَانڌِي، توکي ڪَڙَھَان ڪِ پَاڻَ کي،
سُوڌِي خَبَرَ سَڄَڻين، تو ڪَا تَڙِ آندِي،
تُون پَاتَارِ پَانڌِي، اَسَان پَنڌ پِرِيَنِ ڏي.

بيت - 31

ڀَلو ڀَلو ٻَانڊَ، لُڙِھين لَهِرِنِ وِچَ ۾،
ڪِٿي تُنهِنجُون پَاڙوُن، ڪِٿي تُنهِنجَا پَاندَ،
ڪَنھِن سَٽَاڻي سَانگَ آڻيِ وِڌُءِ آرَ ۾.

بيت - 32

سُڪي ھُئَڙَا گَڏُ، ٻَانڊَ مِڙيئِي ٻيٽَ ۾،
جَڏِھِين سَاوَڻَ ٿِيُنِ سَڏُ، لُڙِھِيُ لَهِوَارَا ٿِئا.

بيت - 33

ڪَڙِ ڪَڙِ ڪُنَ مَ وَڄُ، ٻَانڌِي ٻوڙِ مَ ٻَارِ جَا،
موُن جَا ميهَارَ جي، ڪِيئَن ڌُئَندِيَسِ ڌَڄُ،
توءِ گهِڙندِيَسِ اَڄُ، جي اُبَتَا آرَ ڪَرِيين.

بيت - 34

ڌَڌِڪَا دَورَ دَرِيَاھَہ ۾، جَڏِھِين ڪَڙَڪَا ڪُنَ ڪِيَاءِ،
سَاوَڻَ ۾ سيدُرح چَئي، وَڏَا مُلِڪَ مَڻِيَاءِ،
ھَاڻي ھيٺاھِينءَ وَھين، جَمِيعَتَ ڪَريو جَاءِ،
ھُو بِہ ڏِينھَن ڏِٺاءِ، ھِي بہ سَائِرَ سَنبِرين.

بيت - 35

ھُو پَڻِ ڏِينهَن ڏِٺَاءِ، ھِي پَڻِ سَائِرَ سَنبِرين،
اَڳَ ٿي ٻوڙِيَئِي ٻَہ ڪَنڌِيُون، ھَانِ جَمِيعَتَ وَھين جَاءِ،
اَچِيو تَڙِ ڍُڪَاءِ، ڀَتو ڀَتين مَڪُڙا.

بيت - 36

ھُو پَڻِ ڏِٺَئِي ڏِينھَن، ھِي پَڻِ سَائِرَ سَنبِرين،
تَڙِ گهِڙَندي اِيءَ، ڀَتو ڀَتين مَڪُڙَا.

بيت - 37

گِهڙَڻُ وَھِيڻُو مُون، مِلَڻُ ھَٿِ ميهَارَ جي،
سَائِر سِڪَندِيَنِ جو، تَرِسُ پَروڙِجِ تُون،
جي ھَلَنِ ھوتَنِ ڏوُنهُن، تَنِ کي مَڇِنِ وَاتَ وَرِ پئَا.

وائي - 1

پَانڌِي پِرِيَنِ جو، اي آئُون مَان نَہ ڪو پَسَان،
ڀينَرُ ڀِريِ اُسَهو، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ اَسَان،
مُندَائِتي مِينھَن جيئَن، ويلو ويلَ ٿِي وَسَان.

وائي - 2

ڪوھہُ ڄَاڻَان ڪيڏَاهِين، منهِنجو تَنُ تَڻِي تيڏَاھِين،
مِيَان سَائِين نيڻين نِينهَڙو لَڳائي وئَڙَا،
دونهِين دوستَ ميهَارَ جِي، ڏيِئي جِيئَن ڏِٺَائِين،
سَاري سُپريَن کي، رَھبَرِ رَتُ رُنَائِين،
دَامَنِ تيڏِيءَ چَنگُلُ ميڏا، روزَ قِيَامَتَ تَائينَ،
پِيرُ اَسَانڏا حضرتُ مِيرَان، جُمِلي دِي آس پُڄَائِين،
جيڏاھَن عَالمَ آسَرو، مُون پَڻِ آھِہ اوڏَاھِين.

داستان چوٿون
بيت - 1

اَدِيُون سَڀِ اَندَامَ، مُنھِنجا چَڙَنِ چورِئَا،
لاَرُنِ جَا لَنءُ لاَئِي، سَا ڪِيئَن آڇِيان عَامَ،
لَڳِيَسِ جَنھِن جي لاَمَ، سو دِلاَسَا دوسُ مُجي.

بيت - 2

چَوڌَارِي چَڙَا، ٻُرَنِ ٻيلاَيَنِ جا،
سُتي سَنڀَارَنِ جو، پِئَڙُمَ ڪَنِ پَڙَاءُ،
وِھَڻُ مُون نَہ وَڙَاءُ، سُڻِئو جَهَانءِ جِهڄي ھِنيُون.

بيت - 3

چوڌَارِي چَڙِيُون، ٻُرَنِ ٻَيلاَيَنِ جُون،
مَحَبَتِيءَ ميھَارَ جُون، جِيءَ اَندَرِ جَڙِيُون،
جي وَڇَارَ وَڻِيوُن، سي لَهرِن پَاڻَ لنگهائي.

بيت - 4

چَڙَنِ چَرِي ڪِي آھِيَان، سُکِ ٿِي سُمَهَان ڪِيئَن،
سَارِيَان سَاھَڙَ ڄَامَ کي، ڏَھَہ ڏَھَہ ڀيرا ڏِينھَن،
ميھَارَ مَرَڻَ سِينءَ، نِيَرَ پَاتَمِ نِينھَن جَا.

بيت - 5

ڪَارَا ڪُنَ ڪَاري تُڳي، ڪَارِيهَرَ ڪَڙَڪَا،
مَئي مَتي مَهَراڻَ جَا، دُپَارَا دَڙَڪَا،
ويندي سَاھَڙَ سَامهُون، ڏِنَسِ جهولَ جَهڙَڪَا،
اَچِي پَئِي اُتَهِين، جِتِ سِيرَ سَندا سَڙَڪا،
کَرَڪَنِ جَا کَڙَڪَا، سُونهَان ٿِئَڙَسِ سِيرَ ۾.

بيت - 6

کَرَ ڪَنِ ڪِئو کَڙو، مُنهِنجو مَنُ ميھَارَ ڏي،
آڏو لُڙُ لطيفرح چَئي، لَهرِيُون لَسَ لَڙو،
چَارِي ٿِيُمِ چَڙو، ٻُرِي ٻيلايَنِ جو.

بيت - 7

کَرَ ڪَنِ کِجَايَاسِ، مَحبَتيءَ ميھَارَ جي،
ڇَڙِڪَنِ جي ڇيڄَ ڪِئَا، تَنِ وَاري وَھِہ وِڌِيَاسِ،
لاَلَڻَ لاَءِ لَطيفرح چَئي، اَچِي آبِ گهِڙِيَاسِ،
سَرَتِيُون ڪِنھِن سَڀَاڳَ کي، سِڪَڻُ آئُون سِکِيَاسِ،
وَسَان تي وييَاسِ، مِلِيَسِ جي نَہ ميھَارَ کي.

بيت - 8

کَرَڪَنِ خُوشِ ڪِئَاسِ، ٻيلي پَارِ ٻُرَنِ جي،
پَسَڻَ ڪَارَڻ پِريِنءَ جي، آڌيءَ تي اُٿِيَاسِ،
سُتِي جَاڳايَاسِ، سَانڀَرَ سُپيرِيَنِ جي.

بيت - 9

جِيَارِيَسِ سَنڀَارَ، ڪُوھُہ ڪَرِيندَمِ گَڏِجِي،
ويرو تَارِ وِجُودِ ۾، پِرِيَنِ جِي پَچَارَ،
سَڄَڻَ ھُونِ نَہ ڌَارَ، ھِيئَڙي ۾ حَلُ ٿِئَا.

بيت - 10

ٻيلي پَارِ ٻُرِي، مُونکي چَڙَنِ چورِئو،
مَحبَتِيءَ ميھَارَ جيِ، سُتِي شَاخَ چُريِ،
مَٿي جهوڪَ جُهرِي، پُوندِيَسِ پَاڙيچَنِ جي.

بيت - 11

ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھُوءِ، سُتي سَنڀَارَنِ جي،
چَڙَنِ چِتُ چورِئو، جُونڪُ ٿِئَڙُمِ جُوءِ،
مَحبَتَ ۽ مَجَازَ جي، بِاللہِ پييَمِ بُوءِ،
وَڃِي رُوبَرُوءِ، ديکِيَان دوستَ ميھَار کي.

بيت - 12

ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھَاڪَ، سُتي سَنڀَارَنِ جِي،
مَحبَتِيءَ ميھَارَ جي، چَڙَنِ چورِئَا چَاڪَ،
تَنِي جِيءَ اوطَاقَ، وَڃَڻُ وَاجِبُ مُون پِئو.

بيت - 13

وَڇُنِ سين ويٺِي، سُورَ وِيَاڇي سُوھَڻِي،
ڪَ اَوَھَان کي ڏيٺِي، مِينھِيَنِ جي ميھَارَ سين.

بيت - 14

ويٺِي روء وَڇُنِ سَان، پُڄِئو پيِنگهَنِ پَاندَ،
ڪوھُہ ڪَرِيندِيَسِ ڪَانڌَ، گهَرُ ڀَڳو تَان گهورِئو.

بيت - 15

پينگهاَ پَسِئو روء، وَڃِيو وَٿَاڻَنِ ۾،
دونھيِنء پَاسي دوست جي، پَاڻُ پَڇَاڙِئو پوء،
سَاھَڙَ سَانگُ سَندوءِ، شَالَ اَچِي اورَاھُون ٿِئي.

بيت - 16

ويٺِي روء وَڇُنِ سَان، ڳچِيء پَايو ٻَانهَن،
لاَيَان لَالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪَانهَہ،
آئُون اَوَھَان جِيءَ وَاھَہ، سَدَا ڀُڻَان سَنِرِي.

بيت - 17

ڪِٿي ٿِئو ميھَارُ، ڪِٿي ٿو گِهنڊُ گُڙي،
ڪِٿي دونهِين دوسَ جِي، ڪِٿي پَرِيُون پَارُ،
جِنھِن مُون سَڀِ ڄَمَارَ، جَرَ ۾ جهوتُون ڏِنيُون.

بيت - 18

ڪيڏَاھَن اُٿِي وييُون، ڪيڏاھَن گَهنڊَ گُڙَنِ،
تيَڏاھَن ٿِيُون چَرَنِ، جيڏاھَن پُٺِ ميھَارَ جِي.

بيت - 19

جَا مُهَاڙِ ميھَارَ، سَا مينهِيَنِ نَہ ٿِي،
ڪَپَرُ ڪَارونڀَارَ، ڪِيئَن لَنگهَندِيُون ڪُنڊِيُون.

بيت - 20

ڀيلِئَان جِتِ ڀَڳِيُون، آيُون اُتِ وَرِي،
ڪَانِهي ٻِي ڳَرِي، مينهِيَنِ کي ميھَارَ ري.

بيت - 21

ميھَارَان مِرِڪَ، پِيتَائِين پِريمَ ڪِي،
تنهِن مُنڌَ مَتِوَالِي ڪِي، سَندي سَاوَ سُرڪَ،
لَڳِيَسِ ڪَامَ ڪِڙِڪَ، لوَھَان تِکِي لطيفرح چَئي.

بيت - 22

ميھَاران مَهِي، پِيتَائِين پِريمَ ڪِي،
اُرِڪَ سُرِڪَ سَيَدُرح چَئي، ڏِنِيَسِ ڏوتَ ڏَھِي،
سَگهي تَان نَہ سَهِي، مِلي جَان نَہ ميھَارَ کي.

بيت - 23

مَري مَ ميھَارُ، وَٿَاڻُ وِلِهو مَ ٿِئي،
وَڇُنِ جي وَڇَارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وَارُ،
سَاھَڙُ مُون سِينگاَرُ، مَاڻُهنِ ليکي ميهَڻُو.

بيت - 24

اَللہَ سَڀِ مَچَنِ، مينهِيُون ھِنَ ميھارَ جُون،
وَڇُون جي ڪِيرَنِ تي، سَدَا ٿِيُون سُونهَنِ،
مُونکي مَاڻِڪِنِ، تَاڻي ھَنيو تَارِ ۾.

بيت - 25

اَللہَ سَڀِ جِيَنِ، مينهِيُون ھِنَ ميھَارَ جُون،
ڪَارِيُون، ڪُنڍِيُون، ڪَڪِيُون، وارَا ڪِئو وِيَنِ،
جُوءِ جَا جَادَارَنِ جي، اُتِ ٻيلاَ ٻَهِہ ٻَهِہ ڪَنِ،
اَچِي ريلَ رَھَنِ، مُون سَانڀَارَا سُپِرِين.

بيت - 26

مينهِيُون ھِنَ ميھَارَ جُون، اللہَ ڪَرِ گهَڻِيون،
ٻِلَهَہ ٽِلَهَہ ڪَامَ ٿِئي، سَڀِ چَالُون چَؤُ ٿَڻِيُون،
ڪُونهُون ڄَڻي ڪَامَ ڪَا، سَڀيئِي وَڇَڙِيُون،
ٻيلاَ ڪِجِ ٻَهُون، تَہ ڪَانڌُ ڪُوڪَاري ڪنڌئين.

بيت - 27

مينهِيُون ھِنَ ميھَارَ جُون، اللہَ ڪِيمَ مَرَنِ،
ڪُڙِمِيُون، چَالُون، مَاڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ،
جي ھِنيين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلاَمَتَ سُپِريِن.

بيت - 28

چَاڪِ چَرِي تَارِ تَرِي، آيُون مَٿي آرَ،
ڪوڙِيين ڪَرَ کَڻندِيُون، سُڻِي سَڏ ڌَراڙَ،
مينهِيون سَاڻُ ميهَارَ، پَرَچِي پَارِ لَنگهَندِيُون.

بيت - 29

چَاھَڪِ چَرِي تَارِ تَرِي، آيُون مَٿي ڪُنَ،
ڪوڙِيين ڪَرَ کَڻَندِيُون، سَاھَڙَ جي سَمُنَ،
مينهِيُون سَاڻُ اَمُنَ، پَرَچِي پَارِ لَنگهَندِيُون.

بيت - 30

چَاھَڪِ چَرِي تَارِ تَرِي، آيُون مَٿي کُوھَہ،
پَسِي مُنهُن محَمَدصہ جو، رَاضِي ٿِيندَنِ روحَ،
اَڄُ ڪِ سَنجِهہ صُبُوحَ، پَرَچِي پَارِ لنگهندِيُون.

بيت - 31

چَاھَڪِ چَرِي تَارِ تَرِي، آيُون لُڙُ لِڱنِ لائي،
آندا ڪَؤُنئرَ ڪُنڊِيين، پُورَنِ ۾ پَائي،
ميھَارُ مَ لاَھي، مِهرَ پنهِنجي مَال تَان.

بيت - 32

چَاڪِ چَري تَارِ تَرِي، آيُون مَٿي ٻيٽَ،
لُڙُ لَنگهِينديُون ليٽَ، ڪَلِمي جي قَرارَ سين.

بيت - 33

چَاھَڪِ چِنَائُون، مينهِيُون مَتَارِيُون ٿِيُون،
ڪَڪورِيَلَ ڪُنَ جو، پَاڻِي پيتَائُون،
ڏُڌُ سو ڏِنائُون، جِنهِن مَان عَالَمُ آسودو ٿِيو.

بيت - 34

مَٿي پُرِسَ پَاڳَ، سُونهَنِ سِرَ سَاھَڙَ جَا،
ڪَانهِين جَا ڪُلابَ جِي، چَريو ڪَنِ ٿِيُون چَاڳَ،
جوڙِيَائُون جَنَتَ ۾، سَندَا مينھِيُنِ مَاڳَ،
سَڀِ لَنگهِيَائون لاَڳَ، ڪَلِمي جي قَرَارَ سين.

وائي - 1

آئوُن جَا ويندَڙيَاس پَارِ پِرِيَنِ جي، مُون کي ڪَامَ جَهلي،
آئُون جَا ويندَڙَيَس پَارِ پِرِيَنِ جي، نينهُن اُڇَلي،
پَسِئو دُونهِي دوستَ جِي، جِيءُ منھنجو جَلي،
تَنُ وَڌَائِين تَارِ ۾، آڌِيء ريَنَ اُڇَلي،
ڏَمُ ڏِھَاڙِي ڪَيتِرو، پَرِ ۾ ٿو پَلي،
مَحبتِيءَ ميھَارَ جو، سُورُ مُونهِين کي سَلي.

داستان پنجون
بيت - 1

سَاندَھِہ سَڀِ دَرِيَاھُہ، پَري ڪَنڌِي پَارَ جِي،
ڇَڪِي ڇولِيءَ ۾ گِهڙي، جِتي جِيءَ وِڻَاھَہ،
ڏِسِئو ڏوھَہ ڏَڪي ھِينُون، آرَ مَٿي اَرِوَاحُ،
جي توھُہ ٿِئي تو ڏَانهَن، تَہ وِيِرِ وِھِيڻُو نَاھِہ ڪِي.

بيت - 2

سَاندَھَہ سَڀِ دَرِيَاھُہ، پَري ڪَنڌِي پَارَ جِي،
ڪَنبي ھِنيُون ڪَمَاحَقهُ، آرُ پَسِئو اَروَاحُ،
دِلاَسي دَاريَنِ جي، سَانچِئو سَانچي سَاھُہ،
جي توھُہ ٿِئي توڏانهَن، تَہ وِيرِ وَھِيڻوُ نَاھِہ ڪِي.

بيت - 3

سِڪَڻَ وَارِنِ سُٿِرو، جي دَھَشتَ سَان دَرِيَاھُہ،
اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنَان اَرِوَاحُ،
وِيندي سَاھَڙَ سَامُهِيُون، صَدَقو ڪَندِيُون سَاھُہ،
جِنِ جي حُب اُنِهِين جِي آھِہ، سَاھَڙُ سَاڻِي تَنِ جو.

بيت - 4

گِهڙِئَا سي چَڙِھِئَا، اِيهِين اَٿيئِي،
مَئي مَتي مَهرَاڻ ۾، پَؤُ ٽَپَو ڏيئِي،
ميهَارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻَاھِہ سين.

بيت - 5

گِهڙِئَا سي چَڙِھِئَا، اِينهين ڄَاڻِجِ ڄَاڻُ،
مَئي مَتي مَهرَاڻَ ۾، وِجُهہ پَلَٽي پَاڻُ،
تَہ سَاھَڙُ سيڻَاھِہ سَاڻُ، سَاڻِي ٿِييئِي سِيرَ ۾.

بيت - 6

اَکِيُون مُنهُن ميھَارَ ڏي، جَنِ رَکِيُون جوڙي،
رِءَ سَنڊَ سَيَدُرح چَئي، تَارِ گِهڙَنِ توڙي،
تَنِي کي ٻوڙي، سَائِرُ سَگهي ڪِينَڪِي.

بيت - 7

آڌِيَءَ اُڌَاڻَا، سَرَتِيُون سُکَ ميھَارَ جَا،
لَنگهي سِيرَ سَنوَان ٿِئا سَاھَڙَ سِيبَاڻَا،
ڀِنِيءَ تي ڀَاڻا، پَسَان شالَ پِرِيَنِ جَا.

بيت - 8

آڌِيءَ اُڏَاڻو، ھِيئَڙو مُون ھَٿَنِ مَان،
لَنگهي سِيرَ سَنئُون ٿِئو، سَاھَڙَ سِيبَاڻُو،
ڀيڄَ ڀِنِيءَ ڀَاڻُو، پِيءَ جو پَسِي آيو.

بيت - 9

آڌيءَ تي اُٿِيَان کَامِيو مَٿَان کَٽَ،
پَسو پَاڻِيءَ جا ڪِي، مُون سين لاَھو لُٽَ،
سيڻَنِ جي سَهَٽَ، پَارُ سُونهَايُمِ پِرِيَن جو.

بيت - 10

جيهَرَ لوڪُ جَهپَ ڪَري، ذَرو جَاڳَ نَہ ھوءِ،
اوھِيَرَ اَچِئو اَدِيُون، پَهُہ پريَان جو پوءِ،
جي ڪَچو چُونِمِ ڪو، تَہ مَرَڪُ ڀَانيَان ميھَڻُو.

بيت - 11

لَهِرِيين لَکَ لِبَاسَ، پَاڻيءَ پَسَڻُ ھيڪِڙو،
اُونِهي ھِنَ عَمِيقَ جِي، وَاري ڇَڏِ وِمَاسَ،
جِتِ نَاھِہ نِهَايَتَ نِينهَنَ جِي، تِتِ کوء پَنھِنجي خَاصَ،
تَرَڻَ جِي تَلاَشَ، لاَھِہ تَہ لاَلَڻَ لَڳِ ٿِيين.

بيت - 12

جيڏَاھَن چِتَ چَاھُہ گهَڻُو، آرُ پِہ اوڏَاھِين،
وَڃي وَھُہ وَڪَا ڪِئو، تِکو تِهَائِين،
ميھَارُ مِلاَئين، لَهِرِنِ ۾ لطيفرح چَئي.

بيت - 13

پَلِيَان پَلِيو نَہ رَھي، نِرتُون نِينهُن نِبَارُ،
گِهڙَان گهورِئُمِ جِنَدِڙو، اُٽَلَ مُون اوڀَارُ،
جَنِي مَنِ ميھَارُ، ھَلَڻُ تَنِي حَقُ ٿِئو.

بيت - 14

پَسُ پَسَڻَان پَري ٿِئا، اوري آرُ سَندونِ،
ڏِسَڻُ گهَڻُو ڏُھلونِ،دَرِيَاھَہ رِءَ سَاھَڙَ کي.

بيت - 15

پسُ پَسَڻَان پَري ٿِئَا، اوري سَندُنِ آرُ،
دَرَيَاھَہ ري سَهَاڙُ، ڏِسَڻُ گهڻُو ڏُھلو.

بيت - 16

ڪَاڏي وَڃَان ووءِ، جِئَن وَھَڻُ وَڇَارَنِ مَٽِئو،
ڏوڌِي پُڇي ڏيهَہ جَا، جَرَ سِرِ اُڀِي جوءِ،
شِڪَستِي سَيَدُرح چئي، چيهُون ڪِئو چوءِ،
سَاھَڙَ سَانگُ سَندوءِ، اَچِي اورَاھُون ٿِئي.

بيت - 17

سَندو ڏَمَ ڏَھڪَار، ھَڏِھِين ڪونِهي ھِنَ کي،
پُسَائي نَہ پَانھِنجو، سُوھَڻِي سِينگَارُ،
ڪَارَڻِ مُنڌَ ميهَارَ، ڪَارِيءَ رَاتِ ڪُنَ تَري.

بيت - 18

ڏَمُ ڏِھَاڙِي ڏي، سَندَا ميھَرَ ميھَڻا،
جَهلِيَان ٿِي جهولِيءَ ۾، پَلَئِي پَايو سي،
مَرُ تَان چَالِيهہ چَئي، سَڱان سُپيرِيَنِ جي.

بيت - 19

ڏَمَ کُٽَنَئِي ڏِينھَن،ويٺو جِيئَن وِلَلِيين،
مَڇِيءَ مَارَڳَ لاَئِيَا، ھَڏَنِ مَٿَان ھِينئَن،
سي قَولَ ڀَڃَندِيَسِ ڪِيئَن، جي ٻَڌَمِ ٻيلاَيَنِ سين.

بيت - 20

تَہ ڪَرَ ڪِيئَن سُئِي، جي سِيرَ نَہ گهِڙِي سُوھَڻِي،
ھِتِ حَيَاتِي ڏيِنھَڙَا، ھَڏِھيِن تَانَ نَہ ھُئِي،
چُڪي تَنھِن چَرِي ڪِي، جو ڏِنُسِ اُنِ ڏُھِي،
سُھِڻِيءَ کي سَيَدُرح چَئي، وِڌو قُربَ ڪُهِي،
ھُونهِين ھُوندَ مُئِي، پَرَ ٻُڏِيءَ جَا ٻِيڻَا ٿِئا.

بيت - 21

ڪَا جَا ڪُنَ ڪَرِينِ، ڀِنِيءَ ڀُڻِ جُهڻِ پَاڻِ ۾،
آڌِي اُنهِينءَ آب کي، اَکِيُون اُڪيرِيِنِ،
توڙي تِڪُون ڏِينِ، تَہ اُڃَ اُن کي نہَ لَهَي.

بيت - 22

جي ٻُڏاَن تَہ ٻَنِ، مَرُ اولِجَان اُنَ يَارَ ڏي،
ڪَنڌِيءَ مَٿَان سُپِريِن، مَان نہ ٻَرِ ٻَرِ ڪَن،
ميَائِي سين تَنِ، جيڪَرَ اُٿِي اورِيَان.

بيت - 23

لَهرِ مِڙوئِي لاَلُ، وِھَڻُ کَٿُورِيَان وِتَرو،
اوٻَارا عَنبيرَ جَا، جَرَ ۾ اَچَنِ جَالَ،
ڪُنَنِ گِهڙِي ڪَالَهہ، سِڪَ پِرِيَان جي سُوھَڻِي.

بيت - 24

ڪَنڌِيءَ جَهلِيو ڪَانهَہ، عَاشِقُ آھون ڪَري،
تو ڪِيئَن ٻوڙِي سُوھَڻِي، ٻيلِي مُنهِنجِي ٻَانهَن،
دَرِيَاھَہ توتي دَانھَن، ڏِيندُسِ ڏِينهَن قِيَامَ جي.

بيت - 25

جيڪِي ڏِٺُئِي تَارِ ۾، ڪَنڌِيءَ سو ڪَهيجِ،
جَرُ وَڏو جَهاجِهہ گهَڻِي، پاندُ مَ پُسَائيجِ،
سَاھَڙُ سَاڱاھيجِ، تَہ ثَابِتُ لنگهين سِيرَ مَان.

بيت - 26

ڳَورَا ٻَئِي پَارَ، ھِنيُون حَيرَتَ ۾ پِئو،
وِھَان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِهَارَ،
وَڃَان تَہ وَاڪو پَئي، پَاڙي پوءِ پَچَارَ،
ھُتِ ٿِي وَعدي وَارَ، ھِتِ سُوٽُون ڏِيِنِ سَرَتِيون.

بيت - 27

جَا ھَڙَ اَندَرِ جِيءَ، سَاھَڙَ ٻَڌِي سَاھَہ کي،
سَاھَڙَ ڇوڙِيَان نَہ ڇُڙي، سَا ھَڙَ سَاھَڙَ رِيءَ،
سَاھَڙَ ٿِيءُ سَمِيعُ، تَہ سَاھَڙَ ڇُڙي سَاھَہ جِي.

بيت - 28

نَڪِي سَاھَڙُ سَارِيَان، نَڪِي ٻيلِي ڏَمُ،
اَچِي پييُمِ اوچِتو، سَاڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ،
ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگَا رَکُ اَتَارِ جو.

وائي - 1

آتَڻَ ۾ سَڀِ وَيهِي، دُعَا ڪَريجَا جيڏِيُون،
ڪَانِهي بَسِ بَهِيرَ کي ، ھَلُ چَلُ وَڃي پيئِي،
رَاھَہ مُسَافِرُ سَڀُڪو، ڪو نَہ ڏِٺو سُون ھِتِ ڏيهِي،
سَارِيندَا صَلاَتَ کي، قَبَرَ سَڀِ پيهِي،
ڪوٺَائُون ڪَرِيمَ جو، ڳَالِهِہ پُڇَندومِ ڪيهِي،
اَللہُ ھيڪُ محَمَدُصہ بَرَ حَق، اِيءَ چُئَان مَان نَہ ايَھِي،
نَوَازِيندو نُورَ سين، نَاقِصِ کي اُتِ نيئِي.

داستان ڇھون
بيت - 1

سَاھَڙَ جَا سِينگَارَ، اُنَ اَڻَ ڏِٺَا اَڳي ھُئَا،
”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪَا نَہ ھئِي، نَڪَا ٻِي پَچَارَ،
مَحبَتَ سَاڻُ ميهَارَ، لاَيَائِين لطيفرح چَئي.

بيت - 2

سُهِڻِيءَ کي سِينگارَ، اَڻَ ڏِٺَا اَڳي ھُئَا،
”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪَا نَہ ھُئِي، نَڪَا ٻِي پَچَارَ،
مَلَڪَنِئَان مَهِندِ ھُئِي، توڏِيءَ جِي تَنوَارَ،
مَرَڪِي سَاڻُ ميھَارَ، لَايائِين لَنءَ لطِيفرح چَئي.

بيت - 3

گهيڙُ لَنگهِئو گَهاري، ميثَاقَا ميهَارَ ڏي،
”اَلَست بِرَبِڪُم قالوا بَليٰ“ پَرِ اِھَائِي پَاري،
ڏِسِئو ڏيکَاري، پِرِتِ پِرِيَان جو پيچرو.

بيت - 4

”اَلستُ بِربِڪُم قَالوا بَليٰ“، جَڏِھِين چَيَائُون،
مِيثَاقَا ميھَارَ سين، لَڌِيُون مُون لَائُون،
سو موٽي ڪِيئَن پَاھُون، جو مَحفُوظَا مَحڪُم ٿِئو.

بيت - 5

”اَلَستُ“ اَرِوَاحَنِ کي، جَڏِھِين چَيَائِين جِيئَن،
”قالُوا بَليٰ“ قَلبَ ۾ ٿِي تَفَالي تِيئَن،
مَحبَتِيءَ ميھَارَ جي، آئُون نِهوڙي نِينهَن،
سَرَتِيُون سَاھَڙَ سينءَ، ھَلَڻُ مُون حَقُ ٿِئو.

بيت - 6

”الستُ“ اَرِوَحَنِ کي، جَڏھِين چَيَائِين،
مَنَ ڪَاڍو ميھَارَ ڏي، سُهِڻِيءَ سَدَائِين،
جيڪي آيُسِ اوڏاھِين، سو پَاري مُنڌَ پَاتَارَ ۾.

بيت - 7

”اَلَستُ“ اَرِوَاحَنِ کي، جَڏِھِين اَمُر ڪِئو اَحَدَ،
مَنَ ڪَاڍو ميهَارَ ڏي، سُهِڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ،
دَلو دُورَ دَرِيَاھَہ جي، ڪِئو ايرَادي اَڌَ،
جيڪِي آيسِ ڏُونهَن عَدَدَ، سو پَاري مُنڌَ پَاتارَ ۾.

بيت - 8

”اَلَستُ“ اَرِوَاحَنِ کي جَڏِھِين فَرِمَايو فَتَاحَ،
ھو مَنَ ڪَاڍو ميھَارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَاھَہ،
دِلو دَورَ دَرِياهَہ جي، ڪِئو ايرَادي اَڌاءَ،
جيڪِي آيُسِ ڏُونهَن اَللہَ، سو پَاري مُنڌَ پَاتَارَ ۾.

بيت - 9

”اَلَستُ“ اَرِوَاحَنِ کي، جَڏھِين فَائِقَ فَرِمَايو،
ھو مَنَ ڪَاڍو ميهَارَ ڏي، سُهِڻِيءَ کي سَعيو،
دلو دَورَ دَرَيَاھَہ جي، اوڏَاھِين آيو،
جيڪي ھَادِيءَ ھَلاَيو، سو پَاري مُنڌَ پَاتَارَ ۾.

بيت - 10

اَلَستُ اَرِوَاحَنِ کي، جَڏِھِين جَاڳَايو جَلِيلَ،
سَنئِين رَاھَہ سَيَدُرح چَئي، سوٺَائُون سَبِيلَ،
وَحدَتَ جي وَادِيءَ ۾، قَدر وِئَا قَلِيلَ،
درِيَاھَہ جي دَلِيلَ، لَکين لَهوَارَا ڪِئَا.

بيت - 11

لهوَارَا تَان لَکَ، ھُونءَ تَان ھُرِڀُ ھيڪِڙو،
اُڀِيُون اوٻَاھَنِ ۾، جُوٺِيون مَارِينِ جَکَ،
لُڻِيو اُتِ لطيفرح چَئِي، ڪُوڙِيُون ٻَڌَنِ ڪَکَ،
وَاھُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ کي نَدِي نَاھِہ نِگَاھَہ ۾.

بيت - 12

اورَاڙِ نَہ پَرَاڙِ، ويچارِي وَھَہ وِچَ ۾،
سُڪِيءَ ڏَنِيءَ سُپرِين، ٻِئو مِڙوئِي تَارِ،
تُون گهِڙُ ڪِيمَ نِهَارِ، ٻُڏندَنِ سين ٻَاجُهون ڪَري.

بيت - 13

ھُنَ ڀَرِ نَہ ھِنَ، ويچَارِي وَھَہ وِچَ ۾،
نيڇُ نِهَاري نہ گِهڙي، تِنھِن ۾ پييَسِ تُنَ،
اللہَ سَاڻُ اَمُنَ، آرَاڪَهہ اُڪَارِيين.

بيت - 14

کَامَان پَچَان پَڄُران، لُڇَان ۽ لوچَان،
تَنَ ۾ تَؤُنسَ پِرِيَنِ جِي، پِيَان نَہ ڍَاپَان،
سَمُنڊُ مُنهِن ڪَرِيَان، توءِ سُرِڪِيَائِي نَہ ٿِئي.

بيت - 15

کَامَان پَچَان پَڄُراَن، سَڙَان سَارِي رَاتِ،
ٻَنِ ٻِيَائِي ڪَري، ڪَرِ پِريَان جِي تَاتِ،
شِيخُون سَندِيُون سَڄَڻين، اُڀَريُون آڌِيءَ رَاتِ،
نَڪِي ھَٿِ نَہ سَاٿِ، ڏِھَاڙِئو چَنگِ چَڙھان.

بيت - 16

ڪَارِي راتِ ڪَچو گهَڙو، اُوڻَٽِهيِن اُوندَاھِي،
چَنڊَ نَالو نَاھِہ ڪو، دَرِيَاھَہ دَڙَ لاَئِي،
سَاھَڙَ ڪَارَڻِ سُوھَڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي،
اِيءُ ڪَمُ اِلاَھِي، نَہ تہَ ڪُنَنِ ۾ ڪِيرَ گهِڙي.

بيت - 17

رَاتِ اُوندَاھِي رِءَ گَهڙي، نَڪَا سِيڻَاھَہ سَاڻُ،
وِجهي ويرَ مَ نَہ ڪَري، پِريَان ڪَارَڻ پَاڻُ،
مَحبَتَ کي مِهرَاڻُ سُڪِي سَڀِ پَٽُ ٿِئي.

بيت - 18

رَاتِ اُوندَاھِي رِءَ گَهڙي، مَٿَان وَسِئو مِينھُن،
ھِڪڙو ڀَؤُ بيرَاھَہ جو، ٻِيو سَانڀَارَان شِينھُن،
شَالَ مَ ڇِڄي نِينھُن، گهِڙَان گهورِئو جِندَڙو.

بيت - 19

رَاتِ اُندَاھِي رِءَ گهَڙي، نَہ ھِينئَڙي آڏِي اَڏَ،
سَاھَڙَ سُڻجِ سَڏَ، تو اَھَارَ تَارِ تَران.

وائي - 1

اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽَان پَاڻِيءَ وَارِيين،
نَالي سُڄي سُوھَڻِي، ذَاتِ نِڄَاڻَان ڪيرَ،
گهَڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ پيرَ،
کُڙيُون کُنِهبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرَ،
سَنڀُوڙو سِيَڻَاھَہ سين ھِتِ گهُرِجين ھيرَ.

وائي - 2

نَهِين نَهِين مَيڏِڙي وَسِ وو بِنَان دِلبَرَ دِل مَاندِي،
مُون کي مَتِ ميھَارَ جِي، ڪَا ٻِي ڪَسِ،
سِڪَان ٿِي سِنگهَارَ کي، بَابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُوھَڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيَان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.

وائي - 3

وَڃي سَا رَاتِ وِھَاڻِي، رِءَ پَسَڻَ پِرِينءَ جي،
ھِهَڙَا اوڏَا سُپِرِين، توکي نِنڊَ رِھَاڻِي.

داستان ستون
بيت - 1

تَڙِ نَہ گهڙي تُورُ، مَنِ ڪَاڍو ميھَارَ ڏي،
ڏَاڍو دَورُ دَرِيَاھَہ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ،
مَنَ ۾ مُوجَ ميھَارَ جي، پَهسَ پِرِيَان جو پُورُ،
ٻيلي ٻِنِهِي ڪَنڌِيين، نِتُ نِهَاري نُورُ،
مَنجَهان جَرَ ضَرُورُ، ڪَچي کي ڪو مَ ٿِئي.

بيت - 2

ٻوڙِين چَاڙِھِين تُون ڌَڻِي، ٻي جو دعويٰ رَسي نَہ دَمُ،
ھِنَ مُنهِنجي حَالَ جو، ميھَرَ تي مَعلُومُ،
رَکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ، جو اَوَتَڙِ پِئو اَجهورَ ۾.

بيت - 3

دَائِمُ جَا دَرِيَاھَہ ۾، سَا مَڇِي ڪِنِي ڪوھہُ،
آھيسِ اِيءُ اَندوھہُ، پَاڻِي ڪِٿي تَہ پِيَان.

بيت - 4

اُڀو تَڙِ ميھَارُ، مَلاَحَنِ سَڏَ ڪَري،
آئُون پَڻِ وِجَهان ھَٿَڙَاَ، اَئِين پَڻِ وِجهو ڄَارَ،
گهورِيُون ڪَارونڀَارُ، مَان نہَ مِڙَنِهَئُون سُپِرِين.

بيت - 5

اُڀوآڇي اَڇَ، ميھَارُ مَلاحَنِ کي،
آئُون پَڻِ وِجَهان ھَٿَڙَا، اَئِين پَڻِ وِجِهو رَڇَ،
ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلاَمتَ سُپِرِين.

بيت - 6

اُڀو ڪَري سَڏَ، ميھَارُ مَلاَحَنِ جي،
اَدَا اِنَهِيءَ پَارَ جا، موڙي اَچو مَڏَ،
وِئَا جي وَھَہ گَڏَ، سي ھلو تَہ ڏورِيُون سُپرِين.

بيت - 7

جِتي ڀيرَ ڀِرَنِ، ڀَرِيُون پَوَنِ ڀَوَاريُون،
تَانگَهہ نَہ لَڌِي تَارُئين، مَپُ نَہ مَاٽِيَڙَنِ،
ڪَنڌِيءَ اُڀَا ڪيتِرَا، سِيَڻاھِيَا سَنڪَنِ،
تُون ڪِيئَن تَنِ تَڙَنِ، اَچِيو اَسَارِي گهِڙين.

بيت - 8

پَرِينءَ ڀَرِ ڀِيرِين، پَسُ جي پَارِ پَوَندِيُون،
آڻِئو وِجهي آرَ ۾، وَڏَا وَڻَ ويڙِھِين،
ميھَارُ مُون ميڙيِن، لَهِرِنِ ۾ لطيفرح چئي.

بيت - 9

ڀَريُون پَرِينءِ ڀَرِ،پَسُ جي پَارِ پَوَندِيُون،
آڻيئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جي پُونِسِ وَرِ،
سَانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنهِن ڀَتِ ڀَڄِي ڪَرِ،
تو ڀَانيو آئُون گهَرِ، آھِيين آرَ اکِيُنِ ۾.

بيت - 10

ڀَرِيُون ڀَرِ دَرِيَاھَہ، پَسُ جي پَارِ پَونَديُون،
ٻَڌُ تَوَڪَلَ جو تُرَھو، آھَرَ سَاڻُ اَللہَ،
جَنِ جَي سَاھَڙَ سَاڻُ صَلاَحَ، سي ڪِينَ ٻُڏَندِيُون ڪَڏِھِين.

بيت - 11

سَانڀَارَ سَڏَ ڪِئو، اُڀَا چُونِمِ آءُ،
ھِڪُ تِکوئِي تَارِ وَھي، ٻِئو لُڙُ لَهِريُون ۽ وَاءُ،
آڳَهُہ جَنِ اَللہُ، ٻُجهَان سي نَہ ٻُڏندِيوُن.

بيت - 12

سَانَڀَارَا سَڏَ ڪِئو، اُڀَا چُونِمِ اَچُ،
ھِڪُ تِکوئِي تَارِ وَھي، ٻِئو ھَٿِ ڪَمِيڻِيءَ ڪَچُ،
سَاڻِي جَنِ سَچُ، ٻُجَهان سي نَہ ٻُڏندِيُون.

بيت - 13

ھَارِي حَقُ رَکيجِ، سَانڀَاراَ سَاھَڙَ جو،
وَھِمَ جي وِجُود جَا، وِچَان سَڀِ وَڍِيجِ،
خوابَ خِيَالَ خَطِرَا، تَنِ جي تَرَڪُ ڏيجِ،
اَندَرِ آئينُو ڪَري، پِرِين سو پَسيجِ،
اِنَهِيءَ رَاھَہ رَميجِ، تَہ مُشَاھِدو مَاڻِيين.

بيت - 14

ھَارِي رَکِجِ حَقُ، سَانڀَارَا سَاھَڙَ جو،
خَوَابَ، خِيَالَ، خَطِرَا، ٽِنِهِي ڏيجِ تَرَڪُ،
ڪَري غَيرُ غَرَقُ، ويجهو ٿِيءُ وِصَالَ کي.

بيت - 15

سَانڀَاراَ سيئِي، تَنُ جَنِي جو طَالِبُو،
مَنُ پِرِيَان نيئِي پَڳَهِيو پَاڻَ ڳَري.

بيت - 16

لَيَا ڏِٺَمِ لاَرَ، سَانبَارَا سَاھَڙَ جَا،
ھِنيُون ھِتِ نَہ وِندُري، ڌَرَاڙَنِئون ڌَارَ،
مُنھِنجو مَنُ ميھَارَ، پَڳَهِيو پَاڻَ ڳَري.

بيت - 17

ھُوءَ جَا ٻَري بَاھِہ، سَانڀَاراَ سَاھَڙَ جِي،
اَکِيُون اُنَ اُھَاءِ وَڃَنِ ڪُنَ ڪَپِينديُون.

بيت - 18

ميھَارَ ھي مَحبَتَ جُون، دِلِ اَندَرِ دونهيُون،
آڻِئو وِجهي آرَ ۾، لُهَارو لُوھِيُون،
جي سَاھَڙَ جُون سُونهِيون، سِيرَ سَرَاڙو تَنِ کي.

بيت - 19

وَاھُڙُ جَنَازو سُوھَڻِي، ڪَانڌِي ڪَنگَ ٿِئَاسِ،
ٻَگهاَ جي ٻيٽَنِ جَا، ڪُلَهَا تَنِ ڏِنَاسِ،
اَکِيين مَلَڪَ ڏِٺِاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميھَارَ ڏي.

وائي - 1

اَکِيُون پيرَ ڪري وَڃِجي پَرَ وَڃِجي،
سُپيريَان جِي ڳَالهَڙِي، ڪَنھِن سَان ڪِينَ ڪِجي،
لِڪَائي لوڪَ کَان، ڳوٺَان ڳُجَهڙِي نِجي،
مَحبَتِيءَ ميھَارَ جو، سُورَ نَہ ڪِنهِن سَلِجي.

داستان اٺون
بيت - 1

ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي ھَاتِڪَ ھَٿَ وِجهَنِ،
پَسو لَڄَ لَطِيفرح چئي، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ،
جيڪي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، نَہ تہَ سَاڻُنِ وَڃَنِ سِيرَ ۾.

بيت - 2

جَا ڪَچِي ڪَانِي ڪَانُهَہ، سَا ٻُڏَ ڪَڍي ٻَارِ مَان،
يَا لنگهَائي لطيفرح چئي، يَا ڌُرِئَا ڪَري دَانھَن،
ڪَمَاحَقُه ڪَکِنَ جِي، آھي ڳَالِهِہ اَڳَانهَن،
جيڪي ڏي ٻُڏَنِ ٻَانهَن، نَہ تَہ سَاڻنِ وَڃي سِيرَ ۾.

بيت - 3

جَانڪي ڪَنڌِيءَ ڪَانهَہ، تَان تَاڻي ٻڌِجِ تُرَھو
ھَٿُ پرِيَان جي ھَٿَ ۾، ٻي کي ڏِجِ مَ ٻَانهَن،
سَندِي ڪَپَرَ دَانهَن، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي.

بيت - 4

ھَاوَاڻَا ھُلَنِ، ڪَپَرَ ڪَارُونڀَارَ جَا،
لَهِرِيُون لُڙَ لَطيفرح چَئي، ڀيلي اتي ڀُلَنِ،
جي ڪَچي سَاڻُ ڪَهَنِ آکو تَنِ اوبَاھيين.

بيت - 5

آھِيين ھِتِ اُمَاڻَ، ٻَڌُ تُرَھو تَارِ جو،
لَهرِيين لُڙ لطيفرح، جَهلِئَا جُنگَ جُوَانَ،
اُونِهي تَڙِآڳَٽِئَا، آڏِي پَائي آڻَ،
جي پِئَا مُنهِن مَهِرَاڻَ، تَنِ ٻَانڌِيَنِ ٻَيٽُ نَہ اُڄَهي.

بيت - 6

ڪَچو کَان ڪُنڀَار، اوڳي کَڻِيئو اُٿِيين،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڀيلي تي ڀُلِڪَارَ،
لوڙِھِئَا لَکَ لَطيفرح چئي، ڪوڙِيين ڪَارونڀَارَ،
اُڪَارِيين آڌَارَ، آرَان آکي وَارِيُون.

بيت - 7

ڪَچي سَاڻُ ڪَهي، پَڪو پُڇي نَہ سُوھَڻِي،
لَنگهِئو لُڙُ لطيفرح چئي، وَڇَارَنِ وَھي،
سَا ڪِيئَن نِينهُن نَهي، جَنهِن کي نِينهَن نَڌو کَڻِي.

بيت - 8

اُونَهي ۾ اوھَرِي، ڪَهِي ڪَچي سَاڻُ،
سُپَڪَ جو سَيَدُرح چئي، پُڇي نَہ پَريَاڻُ،
عَشقَ وَارِيُون عبداللطيفرح چئي، سَڌَ نَہ کَڻَن سَاڻُ،
جَنِي پَاسي پَاڻُ، سي اَوتَڙَان ئِي اُکَتِيُون.

بيت - 9

اَنگُ پَسِي رَنگُ ٿِئو، ڪو جو دَورُ دِلي،
ٻَرِ ٻَرِ ٻيلِي نَہ ٿِئو، ڪَچو مَنجهہ ڪِلي،
جِيئَن تَرَان تِيئَن تَارِ گهَڻوُ، تُنھِنجو بَحرُ بَلي،
سو ميھَارومِ مِلي، آھِيَان جَنهِنجي آسَري.

بيت - 10

ڀَانيُمِ نَہ ڀيلو، مُونکي ڌَاءَ ڌُتَارِئو،
آکي مَٿي اُسِري، ڏِنُو رُوحَ ريلو،
تيلاَھِين ويلو، پِيُمِ وَاھُڙَ وِچَ ۾.

بيت - 11

ڪَڍِئَا جي ڪُلَالَ، سي پَسِي خَالَ خُوشِ ٿِي،
پَاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيَا، ڌَاءَ نَہ جَهِلي ڌَمَالَ،
سُپَڪَ ڀَانيَان سُوھَڻِيءَ، جوڀَنَ جي جَمَالَ،
آکي جَا اَحوَالَ، معلُومُ ٿِئَا مَهرَاڻَ ۾.

بيت - 12

ڪَچو تَہ ڪوھُہ، پَڪو نَظَرُ پرِينءَ جو،
سَاھَڙُ مُنھِنجو سُپِريِن، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوھُہ،
جي ڇَٽو جي ڇوھُہ، تَہ پُورِينديَسِ پَارُ مَڻي.

بيت - 13

جي آکو تَہ ڪوھُہ، ڪَچو آيُمِ ڪَمِ،
جِي جَنِي جَا جَمِ، پَڪَا سي پُڇَندِيُون.

بيت - 14

پَڪَا رَڇَ ڪُنڀَارَ جَا، پَڪِي نِهَائِين،
مُونکي تِئَائيِن، ڀيلو ئِي ڀَاڱي پِئو.

بيت - 15

ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو پِئو ڀُرِي،
سَارَ ڇَڏِئَائُون سِيرَ ۾، ڪَا ٻَانهُنِ کي ٻُرِي،
لَٽي لَهرِيُون وييُون، چَوڌَارِي چُري،
ھِينئَڙي مَنجِهہ ھُرِي، مَاھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي.

بيت - 16

ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو پِئو ڀَڄِي،
مَاھِيَتَ مَلَڪُ الَموتَ جِي، مَنجِهہ وِجودَ وَڄِي،
سَاھَڙَ کي سَڄِي، آکي جي اَحوَالَ جِي.

بيت - 17

ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو سَهي نَہ ڀَرُ،
ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻَانهُنِ ڇَڏِئو ٻَرُ،
سَاھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَهرَاڻ جي.

بيت - 18

ڀيلي ڀُلاَئِي، پَسِي چِٽَ چَرِي ٿِي،
ٻَرِ ٻَرِ ٻُڏِي سُوھَڻِي وِيرِنِ ۾ وَائِي،
ڪَچي ڪيرَائِي، لَالَ لَهرِنِ وِچ ۾.

بيت - 19

پَڪو کَڻِجِ پَاڻَ سين، چَڱوُ چِٽَائي،
ڪَچو ڏيجِ ڪُلاَلَ کي، مَاڳَهِين موٽَائي،
سو سُڻُ ھِنيين سين سُوھَڻِي، جيڪِي فائِقُ فَرِمَائي،
مَوجُون مُنجَهائي، مَڇُڻُ مَارِينَئِي مَهراَڻ جُون.

بيت - 20

ڪو جو وَرِئو وَاءُ، جِيئَن وَاسُ وَڇَارَنِ مَٽِيو،
مَٿَان سَاھَڙَ سَاھُہ، گهورِئو گهورِئان جِندَڙو.

بيت - 21

ڪو جو وَرِئو واءُ، جِيئَن ٻَرُ ٻَانهُنِ ڇَڏِئو،
اَڳي اِنَ تَڙَان، آئون اُونڌاھِيَا اُڪِرانُ.

بيت - 22

اَڳي اِنَ تَڙَانُ، ويندِيَ مُون وَرِھَہ ٿِئا،
قَضَا آندِيَسِ ڪُنَ ۾، گهُرَائي گهَران،
پُنا جَڏِھِين پَرِئَان تَڏِھِين تَانگهوئِي تَارِ ٿئو.

بيت - 23

ھَڻِندي ٿَڪَمِ ھَٿَ، ھِينئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون،
لَڪُ لَهرِنِ گَڏِئو، مَوجُون وَرِيُون مَٿَ،
نِيَمِ ڪُنَ قُوَتَ، ڀِرُ ڀَليرَا سُپِريِن.

بيت - 24

ھِينئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون، قُوَتَ رَھِيَم ڪَانَہ،
مُون تي موٽِجِ مُون پِرِين، سَاھَڙَ ڄَامَ سُڄَاڻ،
آھِيَان گهُڻو اَڄَاڻُ، ڀِرُ ڀَليرَا سُپِريِن.

بيت - 25

ڀِرُ ڀَليرَا سُپِريِن، ڀَلاَ ۾ بي رَاھَہ،
تو ري تَارِي نَاھِہ ڪَا، وَالِي تو ري وَاھَہ،
سَاھَڙَ جِي صَلاَحَ، تَنِ کي ڪَڍي تَارِ مَان.

بيت - 26

تَنَ کي ڪَڍي تَارِ مَان، صُلحُ سَاھَڙَ جو،
اُتِ آڏو اَچي ڪِينَ ڪِي، ٻيلِيَپو ٻي جو،
ميھَارَ ڪِجِ مُنھِنجو، اوڪَرُ ڪَنهِين آرَ تَان.

وائي - 1

ڏَمُ مَ جَاڳي، لو، مَ پَاڙيچِي سَارَ،
آئون جا ويندِي مُلِ ميهَارَ،
آڻي ڪِيرَ کوڙِئَا، سَانڀَارَ سَنگهَارَ،
گهَر گهَرِ گِلا جَا وَھي، پَاڙي پوءِ پَچارَ،
مَولاَ مُون کي ميڙيين، ڪُنڊِييَنِ جِيءَ قَطَارَ،
مُون کي پِرِيَن ميڙيين، سَٻاجهَا سَتَارَ،
ٻُرَنِ ٻيلاَيَنِ جَا سَانڀَارَا سَنڀَارَ،
وِچُ مَ پوءِ وِصَال کي، سَٻَاجهَا سَتَارَ،
تَاڪُنِ تَڪِي آھِيَان، سِگهو رَسُ سَهَاڙَ،
وَڇُنِ جي وَڇَارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وَارُ.

وائي - 2

ويٺِي ڪِينَ وِسَاري، ديوَانِي دِلبَرَ جَانِي،
جِنهِن کي سِڪَ سَاھَڙَ جِي، سَا گهَايَل گهَرِ نَہ گهَاري،
ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ ۾ سونٽَا مَاري،
ٻيلي پَارِ ٻُرِنِ جي، تَنِ کرَڪَنِ وِڌِيَسِ کَاري،
ٻيلي ٻِنِهِي ڪَنڌِيين، مُحِبُ مينهِيُون ٿو چَاري،
ھُوءِ ھُونگَارُون پُون پُڪَارُون، تَڙِ تَڙِ دوسِتُ تنوَاري،
ھُوءَ جَا پِڪَ پِريمَ جِي، آھِيَان تَنھِن آسَاري.

داستان نائون
بيت - 1

جَرَ تَڙَ تِکَ تَنوَارَ، وَڻَ ٽِڻَ وَائِي ھيڪِڙِي،
سَڀيئِي شَيءَ ٿِئَا، سُورِيءَ سَزَاوَارَ،
ھَمَهَ مَنصُورَ ھزَارَ، ڪِهڙَا چَاڙھي چَاڙِھِيَان.

بيت - 2

سَڀَتِ پَچَرَ پِرينءَ جِي، سَڀَتِ ھوتَ حُضُورُ،
مُلڪُ مِڙيئيِ مَنصُورُ، ڪُهِي ڪُهِبَا ڪيتِرَا.

بيت - 3

ھِيءَ ڀَرِ ھِيءُ ھَنڌوسِ، ڪَوڙو ٿِيُسِ قَرِيبَ ري،
روزُ ڏِھَاڙِي رَاتِ کي، مَٿي پَارَ پَنڌوسِ،
عَشقَ جو عبداللطيفرح چئي، نَڪو سِڪَ سَنڌوسِ،
سَاھَڙَ سَاھُہ نِڌوسِ، نِيرُ پَائي نِينھَنِ جو.

بيت - 4

نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ،
عَدَدُ نَاھِہ عِشقَ، پُڄَاڻِي پَاڻَ لَهَي.

بيت - 5

عَدَدُ نَاھِہ عِشقَ جو، سُڻِي ٿِيءُ سَاڻِي،
ڪَانِهي پُڄَاڻِي، مَهِندَان مُنڌَ ميهَارَ جِي.

بيت - 6

سِڪَ تُنھِنجِي سُپِريِن، ڪَپي ۽ ڪوري،
سَگهَان نَہ چوري، ڏَاڍو نِيَرُ نِينهَن جو.

بيت - 7

سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرينِ، اَندَرِ ٿِي اَجَهلَ،
ٻَڙَڪِئو ٻَاھَرِ نِڪِري، کُوري کَانِئي کَلَ،
ري سِيرَاھِيءَ سَلَ، مُون کي ڏِنَا سَڄَڻين.

بيت - 8

سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، اَندَرِ ٿِي اَجَهاڳَ،
مَنجِهہ ڀَرِئَائيِن مَاڳَ، پَلٽِئو پَارِيُون ڪَرِيين.

بيت - 9

سِڪَ تُنھِنجِي سُپِريِن، جِيئَن تَرَان تِيئَن تَارِ،
تُونھِين رَھِيين رُوحَ ۾، تُونھين اَکنِئَا ٻَهَارِ،
پِريِن تُنهِنجي پَارِ، مُون وَاجَهائِنيدي وَرِھَہ ٿِئَا.

بيت - 10

سِڪَ سِڪَندِيَنِ لاَءِ، وِڇوڙِئَا ميڙ پِريِن،
ايڏِي سَگهَہ سَچَا ڌَڻِي، تو ھِي کي جُڳاءِ.
تَنُ جَنِي جو طَالِبُو، مِهرَ تني کي پَاءِ،
ميڙَائي جو مَاءِ، ڪَانگُ لَوَندو ڪَڏِھِين.

بيت - 11

ڏِٺي ٿِئَڙَم ڏِينهَن، ڪوھُہ ڄَاڻَان ڪِهڙا پِرِين،
نيڻَ ڀَرِجِي نِينهَن، پَلٽِئَا پَارِيُون ڪَري.

بيت - 12

ڏِٺي ڏِينھَنُ ٿِئَامِ، ڪوھُہ ڄَاڻَان ڪِهڙا پِرِين،
وَلِيُنِ جِيئَن وَرِيَامِ، ڳَالِهيُون ڳُڻَ پِريَنِ جَا.

بيت - 13

ڏِٺي ڏِينهَن ٿِيَامِ، ڪوھُہ ڄَاڻَان ڪِهڙَا پِرِين،
سهسين سِجَ اُلَهِي، وَاجِهيندي وِئَامِ،
تَنِي سَالَ ٿِيَامِ، جَنِ ري سَري نَہ سَاعَتَڙِي.

بيت - 14

وَڃَان ڪِيئَن وَرِي، ھُوندَ رِءَ چَئي رَھِي رَھَان،
دُونهِينءَ پَاسِ دوسَ جي، مَاڳَهِين پُئَانَ مَرِي،
نَہ صُورَتَ نَہ سُونهَن ڪَا، ڪِيَس چِتَ چَرِي،
وِصَالاَ فِرَاقَ جِي، سُڄي ڳَالِهہ ڳَرِي،
تيلاَھِين تَرِي، آئُون مُنهُن ڳِنِهِئو موٽِيو وَڃَان.

بيت - 15

ڪِي تَزاَن ڪِي تَاريجِ، ڪِي سَگَهان ڪِي سَگهُہ،
آڏو ڏيجِ مَ گهَگهُہ، موُن ھيڪَلِيءَ ولهَا.

بيت - 16

تَرَان تَہ مَرَان، وَران تَہ وَھُہ وِتَرِو،
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جَا، اَچَنِ گهورَ گهَڻَا،
پَسِئو پَاڙي وَارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَہ ڏَران،
وِچَان ڪِيئَن وَرَان، جِيئَن ڪَنڌِيءَ منھِنجو ڪَارَڻِي.

بيت - 17

طَعني لاَءِ تَرَان، مَٿي وَھَہ وَاڪَا ڪِئو،
مُونکي سِڪَ سَيَدُرح چَئي، مَرُ مَحَبَتَ مَنجِهہ مَران،
وِچَان ڪِيئَن وَران، جُہ ڪَنڌِيءَ مُنھنِجو ڪَارَڻِي.

بيت - 18

تَرَان لاَءِ طَعني، مَٿي وَھَہ وَاڪَا ڪِئو،
آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾ دَرِيَاھَہ ديوَاني،
قَلَمَ جي ڪَاني، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.

بيت - 19

تَرَڻَ جَا طَعنَا سُهمَا ڏِينِمِ سَرَتِيُون،
دَرِيَاھَہ ديوَانَا، سُڻُ حَقِيقَتَ حَالَ جِي.

بيت - 20

نَہ ڪَانِيءَ نَہ ڪَانهَہ، نَڪو ڏوھُہ قَلَمَ جو،
اَنگُ اُتيئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻَانهَن،
ڪَنهِن کي ڏِيَان دانهَن، جِيئَن قَضَا قَلَمُ وَھَايو.

بيت - 21

قَضَا قَلَمُ وَھَايو، نَاتَ آئُون سيَاڻِي،
پَاڻَان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھَاڙِي،
اَڳِهِين مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پَاڻِي،
تيلاَھِين ڄَاڻِي، ڪِرَان ڪُنَنِ وِچَ ۾.

بيت - 22

جَرَ گِهڙِيي جوکو ٿِئي، آئُون ڪِہ نَہ ڄَاڻَان اِيئَن،
قَضَا جَا ڪَرِيمَ جِي، تَنھِن کَان ڪَنڌُ ڪَڍيو ڪِيئَن،
ھِڪُ لِکِئي ٻِئو نِينهَن، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.

بيت - 23

ڪيرِ ڪُنَ آئُون ڪيرَ، ڪيرَ ڏَمَرَ سَهي ڏَمَ جَا،
قَضَا رِءَ ڪَانَہ ڏي، مَٿي پَاڻِيءَ پيرَ،
ڀينَرُ ڀِنِيءَويرَ، لِڌو ٿِي لوڙِيَان.

بيت - 24

پَاڻِي سَهي نَہ پيرُ، لَهرِ نِيَاپو نَہ مُئي،
آڻي ڏِيندُمِ ڪيرُ، سُڌِيُون سَانڀَارَنِ جُونُ.

بيت - 25

گهَرُ نَہ وَرُ نَہ وَٿُ ڪَا، آھيمِ مَنِ ميھَارُ،
اِنَ اوسِيڙي اُٿِيَان، سَنجهي ڪَري سينگارُ،
پِرين تُنهِنجو پَارُ، پَسَان مَان پَرِ ڪَنهِين.

بيت - 26

مَرِجِ وَٽِ ميھَارَ، مَتَان موٽين سُوھَڻِي،
سَاھَڙَ جَا سِينگَارَ، مَتَان ڏَمَ ڏيکَارِيين.

بيت - 27

چُونِمِ جي ھيڪَارَ، مَ وَانءُ موٽِي سُهِڻِي،
دُونهِيءَ پَاسي دوسِتَ جي، گهَارِيَان سَڀَ ڄَمَارَ،
ٻَانڌِيَڙَا ٻِيهَارَ، ھُوندَ نَہ لِڱِين لاَئِيَان.

بيت - 28

جي قِيَامَ مِڙَنِ، تَہ ڪَرَ اوڏَا سُپِريِن،
تِهَان پَري سُڄَنِ، وَاڌَايُون وِصَال جُون.

بيت - 29

جي تو بَيتَ ڀَانيَا، سي آيَتُون آھِين،
سَڳَرُ سُونهَائِينِ، پِرِيَان سَندي پَارَ جو.

وائي - 1

آيَلِ اَمَڙ توءِ جِيَان، جي مُون سَارِينِ سُپرِين،
سَنئُون سُونهَائِيين پيچِرو، ميهَارَنِ مِيَان،
گَهڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تَان ڪِي تَرُ ھِينَان،
اَدَبُ اَکَڙِيَنِ کي، ڏيهَاڻِئُون ڏِيَان،
مَٿَان مَاڻِڪَ ھيڪَڙي، اَمُلَ اَٺَ ڏِيَان،
سَاھَڙَ مَٿَان صَدَقو، ڏَھَہ ڏَمَ ڏِيَان.

وائي - 2

ھوئِجِ ھُوشِيَارُ، خَبَرِدَارِ،تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾،
کَڏُون کُوٻَا چڪَ چِڪَندِيُون، تَان ڪِي نَئِي نِهَارِ،
آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ ڪَپَارِ،
مُون سُئو مَلاَحَنِ کَان، تَڙَ اَڙَانگا تَارِ،
پَڪو کَڻِجِ پَاڻَ سين، پِرين تُنھِنجو پَارِ،
کوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏيُون، ڏيراڻِيون ڏُئارِ،
ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئِو، وِھَڻُ مُنڌَ وِسَارِ،
ويندي وَاٽَاڙووئَن کي، پَٽِيءَ ڪِيمَ پَچَارِ،
پُوندِيئَن مُنھِن، مَيھَارَ جي، ڏَمَ وَٽِ ڏينھُن مَ گهَارِ،
سَاھَڙَ کي سُڻُ سُوھَڻِي ٻِڇَلِ آڏِي ٻَارِ،
تَارِ تَرَندِينءَ لُڙُ لَنگهَندينءَ عِشقَ جي آڌاَر،
پَاندُ مَ ڇَڏجِ پِريِنءَ جو، پِهِين جي پَاتَارِ،
ٿِيندُءِ سَڏُ سَاھَڙ جو، توڏِي ٿِيءُ تيَارُ.

وائي - 3

مَدَتَ ٿِيءُ ميھَارَ يَارَ، سَاھَڙَ سَائِرَ سِيرَ ۾،
اُونِهَا ڪُنَ اَتَانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌَارَ،
ڏِينھَن ڏُھِلاَ ڏَمَ سين، آئُون آھِيَان آنهَئُون ڌَارَ،
ٻِڇَلِ ٻَانڌِي ٻَارِ ڪَري اَتِ اُبتَا آرَ،
تَنھِن ۾ گِهڙِي سُوھَڻِي آڳَهَہ رِءَ آڌارَ،
ڪَارِي رَاتِ ڪَچو گَهڙو، توڏِيءَ ڪِي تَنوَارَ،
سَنڀُوڙو سِيَڻاھِہ سين، سِگهو رسُ سَنگهارَ،
اورَاڙَا آھُون ڪَري، پَهچَان شَالَ پَرَاڙ،
سُڻِئو جهَانءِ جِهڄي ھِنيُون، سَانڀَارَا سَنڀَارَ،
آيَمِ ريلي رِءَ سين، اَلاَ تو اَھَارَ،
تَارِ تَرَندِيَسِ پِريِن پَسَندِيَسِ، ويندِيَس وَٽِ وَڇَارَ،
پُورِيندِيَس پَار مَڻِي، سَهسين جي سيسَارَ،
گولِي گهَاگهَائي، جَکَنِ ٿا جَانَارَ.

داستان ڏھون
بيت - 1

سَاھڙ ڌَارَان سُوھَڻِي، اَڌوتِي آھي،
ڪُنڊِيُون جو ڪَاھي، پَاسي تَنهِين پَاڪَ ٿِئي.

بيت - 2

سَاھَڙَ ڌَارَان سُوھَڻِي، نِسورِي نَاپَاڪَ،
نَجَاسَتَ نَاھِہ ڪَري، اُنِي جِي اوطَاقَ،
ھُوءِ جي کِيرَ پِيَاڪَ، پَاسي تَنِي پَاڪَ ٿِئي.

بيت - 3

سَاھَڙَ ڌَارَان سُوھَڻِي، ھِيءَ تَان جُنُبِي جوءِ،
ھِنَ پَاڻِيءَ سين پَانهِنجو، مُورِ نَہ مَٿو ڌوءِ،
جي پِرِينءَ پَاسي ھوءِ، تَہ توڏِيءَ ڪَرَ تَڙُ ڪِئو.

بيت - 4

سَاھَڙَ ڌَارَان سُوھَڻِي، ھِيءَ تَان جَڏِي زَالَ،
توڏِيءَ تَپُ شُرُوعُ ٿِئو، ھَي ھِيڻِيءَ جي حَالَ،
جُکِي رِءَ جَمَالَ، اَگهِي ٿِي آھُون ڪَري.

بيت - 5

سَاھَڙَ ڌَارَان سُوھَڻِي، آھي ۾ آزَارَ،
ڏَمَ پَاسي ۾ ڏُکَندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهَارَ،
توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوَا ۾ ديِدَارَ،
جي پَسي مُنھُن ميھَارَ، تہ سِگهِيَائِي سَگهِي ٿِي.

بيت - 6

مَتَان گِهڙين سُوھَڻِي، اَڄُ دَرِيَاھَہ ۾ دَمُ،
ڪَارِيءَ رَاتِ ڪُنَنِ ۾، ڪِهَڙو اَٿَئِي ڪَمُ،
مَتَان جَاڳِي ڏَمُ، پُڇي پَاڙي وَارِيُون.

بيت - 7

پُڇي پَاڙي وَارِيُون، ڪوھُہ ڪَرِيندو ڏَمُ،
ڪَارِيءَ رَاتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪَانيَارِنِ ڪَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميهَارَ تَان.

بيت - 8

ڏِھَاڙِي ڏَمَرَ ڪَري، مَحبَتَ مَٿي مُون،
تنھِنکي اَچِي تُون، پِرِيَمِ ڪوھُہ نَہ پَلِيين.

بيت - 9

جَان جَان ھُئِي جِيئَرِي، وِرِچِي نَہ ويٺِي،
وَڃِي ڀُونءِ پيٺِي، سِڪَندِي کي سَڄَيُن.

بيت - 10

جَان جَان ھُئِي جِيئَرِي، ويٺِي نَہ ويسَاندِ،
ويئِي لَهِرِيين پَاندِ، مُيَائِي ميهَارَ ڏي.

بيت - 11

وَرُ اُوندَاھِي رَاتَڙِي، چَانڊوڻِي چَانڊا،
اوري ميهَارَا، مُنهُن مَ پَسَان ڪو ٻِئو.

بيت - 12

سَدَا پُڇُ مَ سُوھَڻِي، اُوندَاھِي اَڌَ رَاتِ،
پِرِيَان ڏي پِرِڀَات، وَانءُ ڏيٺَاري ڏيهَہ کي.

بيت - 13

سَاھَڙُ سُڪي ۾ ٿِئو، پَاڻِيءَ ۾ پُنُون،
سَندو ڪَچَ ڪُنُو، تَرِي تَرَندو ڪيترِو.

بيت - 14

جَڏِھِين ٻُڏِيُون جي، سُڪِيءَ جي سَانبَاھَہ ۾،
سَاھَڙُ تَنِي کي، ٻيلِي ٻِنِهِي ڪَنڌيِين.

بيت - 15

سُڪِيءَ ٻُڏَنِ جي، سَاھَڙُ ڏَانِي تَنِ جو،
لَهرِنِ سِرِ لَطيفرح چَئي، ڪُلَهَنِ چَاڙِھِئو ني،
جي پُڇَنِ پَنڌُ پَري، تَنِ اُمَاڻي اوڏو ڪَري.

بيت - 16

نَہ ڍورِيءَ نَہ نَنڍَ، سَائِرَ ٻوڙِي سُوھَڻِي،
اَکِيُنِ ۾ اَڪَنُڊَ، مُئِيءَ کي ميهَارَ جِي.

بيت - 17

سَوين سَائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِئو مَهرَاڻُ،
وَھَہ وِڃَايو پَاڻُ، ھَڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.

بيت - 18

سَوين سَائِرَ گَجَنِ، تَہ سَهجُ نَہ مَٽي سُوھَڻِي،
ڪِ ڪي نِينهَن ڇِڄَنِ، پَرِ تَنهين پِرِيَنِ سين.

بيت - 19

سَڀيئِي سِينگَارَ، مُنڌَ مَرَندي ڇَڏِئَا،
ڳَچِيءَ وَارِئو ٻَانهَڙي، وَھي سَاڻُ وَڇَارَ،
لُطفَ سَاڻُ لطيفرح چئي، سِگهو رَسُ سَهَاڙَ،
عِشقَ جي آڌَارَ، پَارُ سُونھَايُمِ پِريِنءَ جو.

بيت - 20

عِشقَ جي عَمِيقَ مَان، چُڪو چَکِيَائِين،
وِھَڻُ تِنھِن وِھُہ ٿِئو، گهَرُ ٻَارُ گهورِيائِين،
اِلااللہُ آسَڻُ ڪَري، سَريرُ سوجِهَيائِين،
مَن عَرَفَ نَفسَهُ فَقَد عَرَفَ رَبَهُ، ڏيلاَ ڏِٺائِين،
پِرِتَان پِيتَائِين، مَنجَهان سِڪَ سَاھَڙَ کي.

بيت - 21

مَنجَهان سِڪَ سَاھَڙَ کي، پِرِتَان پِيتَائِين،
تُرَھي سَندِي تَارِ ۾، رِٿَ نَہ رَکِيَائِين،
ٻَنڌَڻَ جي ٻَڌَڻَ جَا، سَڀِ ڇِڪِيءَ ڇِنَائِين،
دَرِيَاھُہ سَڄو دَمَ ۾، لَنءُ سين لَنگهِيَائِين،
پِرِتَان پيتَائِين، مَنجَهان سِڪَ سَاھَڙَ کي.

بيت - 22

ڪُ ڀُونءِ مَنجِهہ ڪَسَابَ، جي وَھَڻُ اَچِي ويلو ڪَري،
اَچيسِ نَہ اوصَافَ، رَتِي ريجَ نَہ سِنجِري.

بيت - 23

ڀُونءِ تي ڀورو سِينءَ، جي وَھَڻُ اَچي ويلو ڪَري،
سَنگَ پَچَندي سِينءَ، ڪَانُو ڪَايَا نَہ ڇَڏي.

بيت - 24

نَہ نَانَاڻِيءَ کَٽِئو، نَڪِي ڏَاڏاڻِئَا،
وَڏَائِي وَڙَ ٿِئَا، مُون سين پِرِيَنِ جي پَارَان.

بيت - 25

سَاوَڻَ لَهريُون ريجَ، وَڻَ ٽِڻَ وَارِيءَ وَارَ،
مُون سين ڀَلي ڀَالَ ڪِئَا، اُنِهِئَائِين اَپَارَ.

بيت - 26

اَڄُ پَڻِ اَکَڙِيُون، پييُون پَارِ پِرِيَنِ جي،
مُونکي مَحبُوبَنِ جُون چُڻِڪَنِ مَنجِهہ چَڙِيُون،
جي ميھَارَ کي مِڙِيُون، سي لَهِرِنِ لوڏِيُون ڪينَڪِي.

بيت - 27

ھُيَسِ مَجِهہ اَمُنَ، عِشقَ اُٿَارِيَس اوچِتي،
ڌَرَاڙَڪي ڌُنَ، سَنئُون سُونهَايُمِ پيچِرو.

بيت - 28

ھِهَڙِي تَا نَہ ھُيَاسِ، عِشقَ اُٿِيَارِيَس اوچتِي،
پَڌَرِ پوءِ پييَاسِ، سَتُرُ سِڪَ وِڃَايو.

بيت - 29

سَتِي ٿِيءُ مَ سُوھَڻِي، لَنڊِي ٿِي لُڏيجِ،
چَيو ڪَري چَگهَہ جو، آڌِيءَ رَاتِ اُٿيجِ،
ريھيِن ٻَارِ ٻُڏيجِ، ڍَڪَڻَ ۾ ڍُڪُ ڀَري.

وائي - 1

آيَلِ پُنِيُون، مَاءَ، مُون مُرَادُون پُنِيوُن،
جِهَڙِي پِريَان ڳَالَهڙِي، تِهَڙِي ٻِي نَہ ڪَا،
ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيبَاءِ،
ويهُہ دَاتَا جي دَرَ تي، شُڪُرُ جِنهِن سُهَاءِ،
ڪَانِهي حَدَ حَمدَ جِي، تَہ ڪَرِيَان لاَلَنَ لاءِ،
ڳَڻِيو گَڻيَان ڪيتِرِيُون، وڏِيُون وَڏَايَاءِ،
سو مونهَان مُورِ نَہ سپَجَي، جيڪِي تو جُڳاَءِ،
تو سَڃِيُون تو سَندِيُون، سِڪَنِ توھِين سَاءِ،
اُڃَ تُنھِنجِيءَ اُڃِيُون، لُڇَنِ توئِي لاَءِ،
دِلِ دَانهُنِ ري نَہ رَھي، مُونکي مَاٺِ جُڳاءِ.

وائي - 2

لَڙَڪي لَنءُ نَہ سُڃَاتو، رَاندِ ڀَانيَائِين رَازَ کي،
اَنڌو اُلُوھِيَتَ کَان، آھي اِيءُ اُمَاتو،
صَبَاحَ سو نَہ شُمَارَ ۾، جو ليکِئَا اَڄُ لاَٿو،
پييَسِ سَهِوَ سَيَدصہ سين، ٿيُسء نمرُودَ سين نَاتو.

وائي - 3

ڏَاتَرَ ڏَاتَرَ ويندِي مُنڌَ ميھَارِ ڏي، مَٿي لَهرِنِ ڳاٽُ،
نَہ گهَڙي نَہ سُوھَڻِيءَ، نَڪو ڏوھُہ ڪُنُڀَارَ،
گُهرِءَ تُنھِنجي گهيڙيِ، آڻي مَٿي آرَ.

وائي - 4

اَدَا اي ٻَانڌِي ٻيٽَنِ وَارَا، اي ريٽَن وَارَا ڪِٿي پِرِيَنِ پَارُ،
ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪَارَڻِي، سَاھَڙ ڄَامُ سَتَارُ،
ساڻِي ٿيندو سِيرَ ۾، مَدَتَ مُون ميهارُ،
ڏَاتَرَ مُون ڏيکَارِيين، دوسِتَنِ جو دِيدَارُ،
مَاڻُهُنِ ليکي ميهَڻُو، سَاھَڙُ مُون سِينگَارُ.

سُر سارنگ

داستان پھريون
بيت - 1

لَڳَھَہ پَس لَطيفُؒ چَئي آگَمِئو آھي،
اُٺو مِينھُن وَڏَڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪَاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھي،
وِھو مَ لَاھي، آسِرو اَللهَ مَان.

بيت - 2

لَڳَهَہ پَسُ لَطِيفُؒ چَئي، آگمَ ڪِئَا اَللہَ،
وَڏَائِي وَاحِدَ ڪِئَا، مَٿي گَسَنِ گَاھَہ،
پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جَهَلِئا پَاھَہ،
سَانگِيَنِ وَرِئَا سَاھَہ، اُٺُنِ آبُ اَگوندِرو.

بيت - 3

آگَمَ اِي نَہ اَنگَ، جِهَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،
سيڻَنِ رِءَ سَيَدُ رح چَئي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
سَهِسين ٿِئا سَارِنگَ، جَانِي آيو جُوءِ ۾.

بيت - 4

جَانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيُمِ قَلبُ قَرَارِ،
وِچَائِين وَھِلو وِئو، لَٿو غَمُ گُسَارُ،
نِظَارو نِرِوَارُ، پِيَ پَسَايُمِ پَانهِنجو.

بيت - 5

پِيءَ پَسَايو پَانھِنجو، نِظَارو نَاگَاھہ،
لَٿِي ڪَٽُ قُلُوبَ تَان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھَہ،
اُميدُون اَرِوَاحَ، پِيَ پَسَندي پُنِيُون.

بيت - 6

اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَنڍَرُون، اُتَرَ ڏي آھِينِ،
جُہ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽَائِينِ،
مَٿَان لوڪَ لَطيفُؒ چَئي، گُوندَرَ گَمَائِين،
پَٽين پِيَارِينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگُوندِرو.

بيت - 7

اَڄُ پَڻِ اُتَرَ پَارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِئَائِين،
روضو پَاڪَ رَسُولؐ جو، رِيجِهي رَانيَائِين،
آڻي ڏِنَائِين، عَالَمَ آبُ اَگُوندِرو.

بيت - 8

اَڄُ پَڻِ اُتَرَ پَارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،
وَاحِدُ وَاٽَڙِيُنِ تي، خَالِقُ کَنڊَ ڀَري،
پيکَارِئَان پَري، شالَ مَ وَڃَنِ سُپِرِين.

بيت - 9

اَڄُ پَڻِ اُتَرَ پَارَ ڏي، ڪَڪَر ٿو ڪَري،
وَسِئو سي ڀَري، جي ڏَڙَھَہ ڏيِنهَنِ کانيَا.

بيت - 10

اَڄُ پَڻِ اُتَرَ پَارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِي چوٽِي،
پِرِيَان سَندي پَارَ جي، کِوَڻِ نَہ کوٽِي،
آءُ لاَلَڻَ موٽِي، گهوريا رُسَڻَ ڏينهَڙَا.

بيت - 11

ڪَارَ ڪَڪَرَ ڪيسَ، اَڄُ پَڻِ اُتَرَ پَارَ ڏي،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪَري لاَلَ لِبيسَ،
پِرِين جي پَرَديسِ، مُون کي مِينھَن ميڙئا.

بيت - 12

ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ، اُتَرَان ٿِي آيُون،
ڀَري تَڙَ تَرَايُون، جوڙي ھَلِيو جُوءِ،
پَسو جَا پَٽَنِ ۾، کٿُورِيءَ خُوشبوءِ،
وَڃِي رُوُبَرُوُءِ، اُٺِيُون روضي تَان رَسولَؐ جي.

بيت - 13

روضي تَان رَسُولَؐ جي، ڪِئو وِڄَڙِيُنِ وَارو،
ھَادِي ڀرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تَا سَارو،
ڀَرِيَائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نَارو،
نَبِيءَ نِظَارو، پِيَ پَسَايو پَانھِنجو.

بيت - 14

مَڪي کَان ٿِي موٽِيُون، اُٺيُون تي عَرَفَاتِ،
روضي پَاسِ رَسُولؐ جي، ريجَهہ ڪِيَائُون راتِ،
وِڄَڙِيُون پِرِڀَاتِ، موٽِي مِصرِ آيُون.

بيت - 15

جَهرَڪِيُون ۾ جِيلاَنَ، ڪِيَائُون مِيرَان جو مُجِرو،
جِتي غَوثُ بَهَاؤُالديِنِ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتَانَ،
اَچي اَڄُ اُکَتِيُون، ڪِيَائُون پُرِ پُرَاڻِ،
وِڄَڙِيُنِ مُنھَنِ ڪَاڻ لاٿِي سِنڌُ وَڻنِ کي.

بيت - 16

اَڄُ پَڻِ اُميدُون، آگَمَ سَندِيُون اُڀَ ۾،
سَاوَڻُ پَسِي سَرَتِيُون، سَڄَڻُ سَارِيو مُون،
آئُون آسَائِتي آھِيَان، مَان نَہ ڀِڄائي ڀُون،
گهَرِ تَہ گُهرِجين تُون، مُندَ مِڙِيَائِي مِينھَن جِي.

بيت - 17

وَسي تَڏِھِين وَسَ، مُندَ مِڙيَائِي مِينھَن جِي،
کيٽَا کَٽَرُنِ ڇَڏِئَا، جي ٿي مِڙِيُون مَسَ،
گَابَا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندَا ڏُٻِرَا.

بيت - 18

اَبُرَ ۾ اُھَاءُ ٿِئو، گَامَ گُهرَندي گَنجَ،
پَسِي پَرِ پِريَان جِي، ٿِئَا رَقيبَان رَنجَ،
شَالَ وَسَندو سَنجَهہ، مَٿي عَاشِقَ اوھِيرَا ڪَري.

بيت - 19

اُٺو اوھِيرَا ڪَري، مَٿي عَاشِقَ اَڄُ،
ڏُورِ ڏَکَندَا ڀَڄُ، مِينھَنِ مُنھُن ڏيکَارِئو.

وائي - 1

منھِنجِي سَيَدُؐ سَارَ لَھَندو، مُونکي آھي،
اُميدَ اللہَ ۾،
جَڏِھِين صُورَ ڌَڪَاءُ ٿِيندو، سَڀِ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، اُتِ مُحَمَدُ مِيرُ مِيرُ مَلَهَندو،
سَجِدي پَئي سُپِريِن، زَارِي زور ڪَرِيندو،
اَحمدُرح ڪَارَڻِ عَاصِيينِ، اُتِ پَرِمَلُ پَاڪُ پِنَنَدو،
نَفسَا نفسِي سَڀُڪو ڪَري، اُتِ داتَا ڏُونهَن ڊوڙندو،
صِرَاطَ مَٿَان سُپِرِين، اُتِ لاَلَڻُ لَنگهائِيندو،
مُهتُ ڏِيندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخشَائيندو.

وائي - 2

کَرُ مَرُ کَامي پَچي، آئُون ويندَڙِي دَرِ،
دوسِتَنِ جي، يَااللہَ،
جِئَان ڏُڄَڻَ تَڪِيو، سَڄَڻُ تِئَان اَچي،
نُورَا پَايو نِينهَن جَا، دَرِ ڀَلي جي نَچي،
وَسِئو مِينُھَن وَڏَ ڦُڙو، ڪِي سَرَاھي سَچي.

داستان ٻئو
بيت - 1

ڀِرِي ڀِٽَ تي آيو، سَارِنگُ سَهِجَ مَنجهَان،
کِڙِيُون کٽَڻَهَارَ جِيئَنِ، وِڄُون اُتَرَ وَاءِ،
سَرَ سَاوَا سَبزَ ٿِئا، ڊَامَڻَ ڊِٻَ ڪِئَا،
پهرِي پَٽَنِ تَان، ڀَرِيَائِين ڪُنَ ڪِرَاڙِ جَا.

بيت - 2

جِهَڙِي لاَلِي لاَکَ جِي، تِهَڙِي سَارِنگَ سِٽَ،
اِيئَن سي اُٻُنِ اَنگِئَا، جِيئَن سي چُنِيءَ چِٽَ،
بَرَسِئو پَاسي ڀِٽَ، ڀَرِيَائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جَا.

بيت - 3

ڀَرِيَائِين ڪُنَ ڪِرَاڙِ جا، وَٺو وَارِيَاسو،
مَاکَرِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پَاسو،
کُوري تي کِوَڻِينِ جو، ٿِئو چَڱوُ چَومَاسو،
خَالِقَ ڪِئو خَاصو، چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌِيين.

بيت - 4

چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌيين، ڪِئَائِين گَڙنگَ تي گُلَ،
ھَڏَا ڪُٽِئان ھَليو، ڀَري تَرَايُون تَلَ،
آسدِي آبَ اُڇَلَ، مَٿي بَاغَ بَهَارُ ڪَري.

بيت - 5

اَڄُ رَسِيلاَ رَنگَ، بَادَلَ ڪَڍِئَا بُرِجَن سين،
سَارَ سَارِنگِيُون سُرِندَڙَا، وَڄَايَائِيينَ بَرِجَنگَ،
سَرَاھِيُون سَؤرَنگَ، پَلٽِيُون رَاتِ بَدَامَ تي.

بيت - 6

سَارِنگَ سَارَ لَهيجِ، اَللہَ لَڳِ اُڃِيَنِ جي،
پَاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزَان اَنُ ڪَرايجِ،
وَطَنُ وَسَائِيجِ، تہ سَنگهَارَنِ سُکُ ٿِئي.

بيت - 7

سَارِنگُ سِينگَاري، وِڄُون وَسَڻَ آيُون،
کِوَڻِيُنِ مُون خُوشِ ڪِئو، جي ڪَڪَرَ ۾ ڪَاري،
جُهڙَنِ جُهونگَاري، لاَٿو ڪَٽُ قلوبَ تَان.

بيت - 8

سَارِنگُ سِينگَاري، وِڄُون وَٺِي آيُون،
اُڃِيَا لَکَ لطيفؒ چئي، پَلُرُ پِيَاري،
وِڄَڙِيُنِ وَاري، ڪَعبي تي ڪَرَ نَايَا.

بيت - 9

مَاڻُهُو مِرگهَہ مينھِيُون، سَارِنگَ کي سَارِينِ،
آرُون اَبُرَ آسَري، تَاڙَا تَنوَارِينِ،
سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِهَارِين،
پَلُرُ پِيَارينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگوُندِروَ.

بيت - 10

سَارِنگَ کي سَعيو، توکي سَعيو نَہ ٿِئي،
گُڙي ٿو گَنبَاٽَ ۾، آيو ڪِي آيو،
مَتَان اِيئَن ڀَانيو، تَہ بَادَلَ وَسِي بَسِ ڪِي.

بيت - 11

وَسِي سَارِي رَاتِ، صُبوحَ جو سَاھُہ کَڻي،
مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جي تَنَ ۾ ھوئي تَاتِ،
وِھَاڻِيءَ پِرڀَاتِ، بَادَلُ بَسِ نَہ ڪَري.

بيت - 12

وَسَڻُ اَکڙِيُنِ جَان، جي تُون سِکِيين مِينھَن،
تَہ ھُوندَ رَاتو ڏِينھَن، بَسِ بُوندَنِ کان نَہ ڪَرِين.

بيت - 13

مِينهَان ۽ نِينھَان، ٻَئِي اَکَرِ ھيڪِڙي،
جي تُون وَسَڻَ جَا ويسَ ڪَرِينَ، تَہ ڪَڪَرَ ڪَنَ ڪِيهَان،
بَادَلُ ٿِي بيھَان، جي تُون آگَمَ اَچَڻ جَا ڪَرِين.

بيت - 14

بَادَلِيَا تُم بِين ڪَرُون، سُورِجَ لي ڇَپَاءِ،
پِيءُ مورَا پَنڌَ ۾، مَتَان ڌُوپُ لَڳي ڪَوَلاَ.

بيت - 15

اَري بَادَلِيَا تُم اُتِ بَرسَ ڪَرو، ڪَٽَڪَ جِتِ مِڙَن،
تَنَگَ ڀَڄَنِ تَرڪَشَ پُسَنِ، تِئَا سَڄَڻُ چِتِ پَوَنِ.

بيت - 16

آءُ بَادَلِيَا ڪِجِ بينِتِي، ڪَونُ تَمَارَ ديسُ،
سُکِي تَان گهَرِ اَپِڻي، دُکِي تَان پَرديسُ،

بيت - 17

مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وِڄِئا، تَاڙي ڪِي تَنوَارَ،
ھَارِيُنِ ھَرَ سَنبَاھِيَا، سَرَھَا ٿِئَا سَنگهَارَ،
اَڄُ مُنھِنجي يَارَ، وَسَڻَ جَا ويسَ ڪِئَا.

بيت - 18

مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، آيو جُهڙُ جَهاٽي،
ھيڪُ اَرزَان اَنُ ٿِئو، ٻيو مَکَڻُ مَنجهہ مَٽي،
ڪَلِمي سين ڪَاٽي، لاَٿَمِ ڪَسُ قُلوُبَ تَان.

بيت - 19

مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي پِيُ سَاري،
وَڏَ ڦُڙو وَاڪَا ڪَري، اُٺو اوتَاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇَڏِئو، مينهِڙِيَنِ مَاري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪَاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.

بيت - 20

ڏَڙَھَہ رِيَا ريجَ ٿِئَا، ڪِي اوھِيرَنِ اوتَ،
ميھَا چِڀِڙَ ڦُنگهِيُون، جِتِ ٿِيَنِ سَڀيئِي ٿوڪَ،
ڇَاڇَرِ ٿِي ڇَنُنِ ۾، جِتِ مينهِيُون چَرَنِ موڪَ،
سَرَھِيُون سَنگهَارِيُون ٿِيون، جي تُوسِيون پَائِين طوقَ،
لاَھي مَٿَان لوڪَ، ڏولائي جَا ڏِينهَڙَا.

بيت - 21

اَڱَڻِ تَازِي ٻَهَرِ ڪُنڊِيُون، پَکا پَٽِ سُونهَنِ،
سُرَھِي سيجَ پَاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينهَن وَسَنِ،
اللہَ اُنِ ڏيِنهَنِ، ويٺِي سَارِنگُ سَارِيَان،
ڪَانڌَ تُنھِنجي پَاندَ ري، سِيءَ مَرَان سَڀَ رَاتِ،
ڪَامِلَ ڪَپَاھَنِ ۾، جَهپَ نَہ اَچي جَهاتِ،
اَچين جي پِرِڀَاتِ، تَہ آئُون سِيءُ نَہ سَارِيَان.

بيت - 23

ڪَانڌَ تُنهِنجي پَاندَ ري، سَنجهي سِيءَ مَراَن،
ڪوڙِيين ڪَپَاھَنِ ۾،پيئِي ٺَارَ ٺَرانَ،
تَارِيءَ تِنھِن تَرَان، جِنھِن وَرَ وِھَاڻِيءَ ووڙِئو.

بيت - 24

ڪُڻِڪَنِ ڪَانڌُ چِتِ ڪِئو، جُهڙُ پَسِئو جِهڄَنِ،
وَرَ ري وَانڊِنِ اَڏِئَا، پَکَا سي مَ پُسَنِ،
اُتَرُ ڊَاھي اُنِ جَا، ڪِنهِنکي ڪَارُون ڪَنِ،
ڪَلِهيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، ويچَارِيُون وَرَن ري.

بيت - 25

ڪُڻِڪَنِ ڪَانڌُ چِتِ ڪِئو، پَسِئو جُهڙُ جُهڻِڪَنِ،
سُڻِئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَلهِيُون ٿِيُون ڪَنبَنِ،
وَارِثُ وَرِي تَنِ، اَچي شَالَ اولو ڪَري.

وائي - 1

گهَڻُو گهُرِجَنِ مَاءِ، اَڄُ گهُرجَنِ مَاءِ،
سَڄَڻَ سَانوَڻ مِينهَن جِيئَن،
اُوچِيءَ مَاڙِيءَ ڏِيو ٻَري، ٻَاھَرِ ڦُڙِيءَ ٺَڪَاءُ،
آئون پَنھِنجي پرينءَ کي، لوڪَان لِڪِي رانِئن،
ڪُونجَ ڪُڻِڪي مورُ جُڻڪي، پَپيھَلَ پِيءُ پِيءُ ڳاءِ،
سَڄَڻُ آيو مَان ڳَري، جِيئَڻ مُون جُڳاءِ،
ڪيرَ موھِيندي وَلَهو، ڏيئِي ٻَانَهَن ڳَرَا،
ٽِمَنِ نيڻَ رَتُ وَھي، سَوِزَ ھَٿَ سَندَاءِ،
اُڀِي اَلِيمِ ايتِرو، ھِتِ ٻَہ شَاھِدَ گُذِرِئا.

داستان ٽئو
بيت - 1

موٽِي مَانڊَاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئَائِين وَارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چَوڌَارَ،
ڪي اُٺِيون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَنِ مَڻِئو مَغرَبَ پَارُ،
ڪي چَمڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھَنِ سَمَرقَندِيَنِ سَارَ،
ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪَابُل ڪي قَنڌارِ،
ڪي دِلِي ۽ دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِڙنَارَ،
ڪَنِي جُنبِي جيسَلميرَ تَان، ڏِنَا بيڪانِيرَ بُڪَارَ،
ڪَنِ اَچِي عُمَرَڪوٽ جَا، وَسَايَا وَلَھَارَ،
ڪِنِ ڀُڄُ ڀِڄَائِيو، ڪَنِ ڍَٽَ تي ڍَارَ،
ڪي لَڙِيُون لَاھورَ تي، ڪي ھَلَنِ مَٿي ھالارَ،
ڪي پُرِيُون پَنجَابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪَارَ،
سَانيَمِ سَدَائِين ڪَرِين، سِنڌُڙِيءَ ۾ سُڪَارُ،
دوسِتَ تُون دِلدَارَ، عَالَمُ سَڀِ آبَادُ ڪَرِيين.

بيت - 2

موٽِي مَانڊَاڻَنِ جي، ڀَري ڪِئَائِين ڀَرَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪِوڏاَن کَڻي ڪَرَ،
مينهِيُون پَاڻمُرادِيُون، ٿَڌَا چَرَنِ ٿَرَ،
وَڏيءَ ويلَ آيُون، پُٺِيءَ لاَئي ڦَرَ،
سَاڙِھي اَچَنِ سَامُهِيُون، ڏِينِ کيرَ سُٻَرَ،
سَاڻُ وَانڊِنِ وَرَ، پِرِين پَرَچَنِ ڪَڏِھِين.

بيت - 3

موٽِي مَانڊَاڻَنِ جِي، ڀِري ڪِئَائِين ڀيڄَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، سَارِنگُ چَاڙِھي سيجَ،
تِنھِن نُورِيءَ نَوَازي، ڏيئِي ڏِنَڙَا ڏيجَ،
ٻِجُ کَڻِي پَٽِ ھَلِئَا، ھَاري مَنجَهان ھيجَ،
رَاضِي مَنجهَان ريجَ، عَالَمُ سَڀِ آبادِ ٿِئو.

بيت - 4

موٽِي مَانڊَاڻَنِ جِي، جُڙِي ڪِئَائِين جوڙَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٻَهَہ ٻَهَہ ڀِرَنِ ڀَؤنرَ،
اَنَنِ جَا عَالَمَ ۾، کَرَ لَڳي ٿِئَا کوڙَ،
سَارِنگ لاَٿِي، سوڙَھَہ، سَڀُ ڏيهُہ سَهَائو ٿِئو.

بيت - 5

حُڪمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿَا سَارِنگَ سَاٺَ ڪِجَنِ،
وِڄُون وَسَڻَ آيوُن، ٽَاٽَا مَينهَن ٽِمَنِ،
جَنِ مَهِنگو ميڙِئو، سي ٿَا ھَٿَ ھَڻَنِ،
پَنجَنِ مَان پَنِرَھِہ ٿِئَا، اِيئَن ٿَا وَرَقَ وَرَنِ،
ڏُڪَارِيَا ڏيهَنِ ۾، مُوذِي سَڀِ مَرَنِ،
مينهِيُون پَاڻَمُرَادِيُون، ٿَڌَا ٿَرَ چَرَنِ،
وَرِي وَڏِيءَ وَسَ جُون، ڪي ڳَالِهيون ڳَائِجَنِ،
سَيَدُؐ چَئي سَڀِن، آھي تُنھِنجو آسَرو.

بيت - 6

بَرَ اَٺَا ٿَرَ وُٺَا، وَٺِيُون تَرَايُون،
پِرِھَہ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وَايون،
مَکَڻَ ڀَريَنِ ھَٿَڙَا، ٿِيون سَنگهارِيُون سَايُون،
سَاري ڏُھَنِ سَامُهِيون، ٻولَاھِيُون ۽ رَايُون،
ٻَايُون ۽ دَايُون، پَکي سُونهَنِ پَانھِنجي.

بيت - 7

بَرَ وُٺَا ٿَرَ وُٺَا، وُٺو جيسَلميرَ،
آگَمَ ڪَري آيو، پَائُرَان ڀَري پيرَ،
لاَٿَائِين لطيفؒ چئي، مَٿَان وَانڊِنِ ويرَ،
سُرھَا ڪِيَائِين سيرَ، سَرَھِيُون ٿِيوُن سَنگهَارِيُون.

بيت - 8

بَرَ وُٺَا ٿَرَ، وُٺِي ڪَڇَ ڪِنَارَ،
پوڃَاڙِيءَ جو پَٽَنِ تي، ڏِسُ نَايَائِين نَارَ،
سَٻَاجهي سَتَارَ، لاَٿو ڏُڙِتُ ڏيهَہ تَان.

بيت - 9

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، پَاسي پَارِ ڪَرَ،
سَڀيئِي ڀَرِيَائُون سَرَ، پَلُرَ جي پَالوٽَ سين.

بيت - 10

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييوُن، آيُون عُمَرَ ڪوٽَ،
پُسَايَائُون پَلُرَ سين، سُڪَا پَٽَ جي سوٽَ،
چَئِنچَلَ ڏيئِي ڇوٽَ، سَامَارو سَرِ ڪِئو.

بيت - 11

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، آيُون ڪاھي ڪَامَاري،
وُٺَا پَٽَ پُرَاڻِ جَا، اُٺِيوُن سَامَاري،
ڪَڪَرَ ۾ ڪَاري، پَسو وِڄَڙِيَنِ ويَس ڪِئَا.

بيت - 12

ڍَٽِ ڍُرِي پَتِ پييُون، وِڄُون ويسَ ڪَري،
مينھَن وَسِي مُلِڪَ جَا، ڇَڏِئا تَلَ ڀَري،
قَادِرَ ڪَرِمُ ڪَري، سُڪَا پَٽَ سَاوَا ڪِئَا.

بيت - 13

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئَا وِڄَڙِيَنِ وَارَا،
اُٺَا گهَڻِيءَ اُورِ سين، ڪَڪَرَ جي ڪَارَا،
وَاحِدَ وَسِڪَارَا، چَوڌَارِي چَڱَا ڪِئَا.

بيت - 14

ڍَٽِ ڍُري پَٽِ پييُون، ڪِئَا وِڄَڙِيَنِ وَرَنَ،
وَاحِدَ وَڏَائِي ڪِئَا، ڪُنڊِيُنِ سَاڻَ ڪَرَمَ،
سَنگَهارَنِ شَرَمَ، رَکُ مُنھِنجَا سُپِرِين.

بيت - 15

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پِييُون، وِڄُن ڪِئو وَاڄو،
پَکو پَنھِنجي پِريِنءَ لاَءِ، سِبِي ڪَرِ سَاڄو،
سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گَهرِ آيو.

بيت - 16

ڍَٽِ ڍُري پَٽِ پييُون، ٿِئَا وَلَهَارِيءَ وِيءَ،
شَمسُ سُورِجُ نَہ پَاڙيَان، سيَڻنِ جي شَبِيھَہ،
جي جَانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين پيهِي گهَرِ آيا.

بيت - 17

ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ٿِئَا وَلَهرِيين وَرَنَ،
اُٺي ٿِي اُتَهِين، ڇَاڇِ سَڀَڪَا ڇَنَ،
جي مُحِبَ اَندَرِ مَنَ، سي پِرِين پيهِي گهَرِ آيا.

بيت - 18

اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي، ٻَهَرِ ڪَڪَرُ نَہ ڪو،
وَسَائِيندِي وِڄُڙي، حُبَ جَهِين کي ھوءِ،
لاَلَڻُ جَنِي لوءِ، تَنِ اوڪَاڻِيُون نَہ اکِيون.

بيت - 19

اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي، ٻَهَرِ بَرَسي اَپَارَ،
وَرَ جَنِ جَا پَارَ، تَنِ جُون اوڪَاڻِيون نَہ اَکِيون.

بيت - 20

ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپَارَ، جُهڙُ نيڻين نَہ لَهي،
جِهڙَا مُنھِنجَا سُپِرِين، تِهَڙا مينگهہ مَلاَرَ،
کَڻُ اَکِيُون کِلُ يَارَ، تَہ وَڃَنِ سُورَ سَنڌو ڪِئو.

بيت - 21

ڪَڪَرَ ھُونِ نَہ ھُونِ مينھُن منجَهائِين نِڪِري،
سَاريو سُپيرِيَنِ کي، لُڙڪَ لَڙِيو پُونِ،
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسَافِرَ سُپِريِن.

وائي - 1

آئِي مُندَ مَلاَرَ، اي آئُون کُهِنبَا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙَا،
وَسَڻَ جَا ويسَ ڪِئَا، اَڄُ مُنھِنجي يَارَ،
لاَرَ لَئِيندي وَڇَڙَا، ڀِنَسِ ڀَنڀَا وَارَ،
لَئِي ڪَسُ قُلُوبَ تَان، تَاڙي ڪِي تَنوارَ،
سَرَھِيون سَنگهارِيُون ٿِيُون، پُويو پَائِينِ ھَارَ،
پَکي ۽ پِرِيَنِ جِي، لَهِجِ سَيدَؐ سَارَ.

داستان چوٿون
بيت - 1

اوڇَڻُ گهُرِجي آجِڪو، پَکو نَہ، پِيتَمُ،
دوسِتَ پُڄَاڻَان دَمُ، جَا رَھي سَا رَنَ ٿِئي.

بيت - 2

اوڇَڻُ گهُرِجي آجِڪو، جُهوپو سَهي نَہ سِيءُ،
سُڻَائيجِ سُوَڙَ کي، حَالُ مُھِنُجو ھِيءُ،
اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، تَہ ڍولَا ڪنھِن ڍَنگِ ٿِيَان.

بيت - 3

ٿَاوَرَ اُٿِي پَسُ، ڏيهِہ کِوَندِي وِڄُڙِي،
مَنُ کُلِي بَاغُ ٿِئو، ھِينئَڙي لَٿِي ڪَسُ،
تَنِي ڪَارَڻِ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽَائي ڀَائُرَ ڪِئَا.

بيت - 4

وَسُ بَادَلَ وَسُ، تو وَسَندي وَسَ ٿِئي،
تو پيڪَا مُون سَاھُرَا، کِوَڻِ پَلاَيو رَسُ،
تَنِي ڀَاڳينَ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽَائي ڀَائُرَ ڪِئِا.

بيت - 5

اُتَران جو آيو، تِنھِن ڪَڪَرَ لاَٿَمِ ڪَسُ،
وُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪِيو جورَاڻِي جَسُ،
ڪَيسَرَ جي قَلاَتَ ۾، رَاتِ تَنِي کي رَسُ،
نيڻَ ٽِمَندَا پَسُ، وَسُ تَہ وَرَنِ سُپِرِين.

بيت - 6

سَڄَڻَ سَانوَڻَ مِينهَن جِيئَن، جُهڻِڪَنِ پاسي جهوڪَ،
ڏِيِندَا پَاھُہ پَٽَنِ کي، مَنجهَان مينَھنِ موڪَ،
لَسَ پِيَاري لوڪَ، آگَمَ ڪِئو اَکِيُنِ سين.

بيت - 7

آگم ڪيو اچن، سَڄڻَ سَانوَڻ مِينھَن جِيئَن،
پَاسي تَنِ وَسَنِ، جي سَڀِ ڄَمَاندَرِ سِڪِيُوَن.

بيت - 8

آگَمِجِي آيُون، اُتَرَانِ ڪَري اُورِ،
جي پِرِين ھُئَڙَا ڏُورِ، سي مونکي مِينھَنِ ميڙئَا.

بيت - 9

جَنِي گهَرِ گهَٽَ مَٽَ، سَرلي سُونهَنِ سي،
جي ھُيون وَانڊِيُون وَرَنِ ري، تَنِکي مِينهَنِ سَڄَڻَ ميڙِئَا.

بيت - 10

سَڄو صَافُ نَہ اُڀِري، سَرِ لي وِچَانِ سِجُ،
مُنهِن چَڙِھِئو مَاڻهنِ کي، ڏي وَاڌَايُون وِڄُ،
ھينئَڙَا کَپُ مَ کِجُ، سِگهَا مِلَندَءِ سُپِرِين.

بيت - 11

ٿَرُ گَجِئو بَرُ گَجِئو، گَجِئو ديسَانِ ديسِ،
وَاھَہ تَنِي جي ويسِ، جي وِڄُون وَسَڻ آيُو.

بيت - 12

وَاھُوندِئَان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونهَن گَنبَاٽَ،
ڪُنڊِيُون ڪَاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو وَاٽَ،
سَنگَهَارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃ اُسَاٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جَهاٽَ، پُسَائِيندو پَٽِيون.

بيت - 13

گَنيَرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي چَاءِ پَئِي،
ھِندُو حَيرَتَ ۾ پئَا، لاَلِي ڪِي لَبَنِ،
چَمَڪَنِ چَوڏِسِ چَنڊَ جيئَن، وِڄَڙِيُوِنَ وِھَسن،
لوچَنِ ٿَا لَطِيفَؒ چَئي، پَسَڻَ لاَءِ پِرِيَنِ،
ڪَيسَرَ قَرِيبَنِ، سَنبَاھي سَاڻُ کَنيَا.

بيت - 14

گَنگُو جِئَان گوڙِ ٿِي، ڪَهِيو ڪَاھُوجِيءَ ڏَانھَن،
وَسِئو مِينهُن وَڏَ ڦُڙو، چُرِي ڀَريَائَيِن چَاھَہ،
ڏيئِي پَٽَنِ پَاھَہ، ڀَرِيَائِين ڪُنَ ڪِرَاڙِ جَا.

بيت - 15

ڏيئِي ريجُ رَائُڪَ کي، ڪَيَائِين لُوتِڙيءَ تي لَلُ،
ڏَلهي ڇَڏِيَائِين ڏَڙَھَہ کي، پَئي ڀَريَائِين پَلَ،
آندِي آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي مِينهَنِ کي.

بيت - 16

مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾، ڍولاَ لَڏَ مَ لاَھِہ،
اَچَنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُتَرَ وَاءِ،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَاءِ، اَڏِ اُتَاھِينءَ پَکَڙو.

بيت - 17

ڇَنَ ڇَڏي پَؤُ ٻَنَ، نَئين ڀَرِ اَڏِ مَ نِجِهرو،
ڪَانڌَ سَويري نَہ ڪِيئِي، پَکي جِي پَرَنَ،
مُون جُهُڙ ڏِٺي اُڀَ ۾، وِڄُون ڪَنِ وَرَنَ،
سَانوَڻَ جي سَمُنَ، مَتَان ڍولَ ڍِلو وَھين.

بيت - 18

مُحِبَ مُنھِنجَا سُپِرِين، آڻيئِي اَللہُ،
توکي سَاري سَاھُہ، اُڪَنڊِيو آھُون ڪَري.

بيت - 19

پَاڇَاٽِئَان پَئِي، ٿِئو آڳَاٽِئَان اَڳِرو،
چُڪَسِ سَڀِ چَئِي، تَڏِھِين مُولي مِينهَن وَسَايَا.

بيت - 20

مِينڍو مِينھَن پُسَايو، سَڙِي ٿِيو سيلو،
پَکي پيهِي آيو، رَحمَتَ جو ريلو،
سَاجَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيو.

وائي - 1

اَکِئَان ميگهُہ مَلاَرُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀِ جَڳُ موھِيَا،
سَجِدو فِيلَ فِي الحَالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ،
ڄَاپَڻَ وَقتِ وَرِيَامَ جي، ڀَڳَا ڪوٽَ ڪُفَارَ،
اُڪَنڊِئَا جي اَبُرَ کي، سي سَرَھَا ٿِئَا سَنگهَارَ،
موڪَلَ ٿِي مِينھَن کي، دوسِتَ ھَٿَان دِلدَارَ،
قَادِرَ پَاڻِ قَسَمُ ڪِئو، خَاڪِ قَدَمَنِ جي ڪَلتَارَ،
آھِين ڪَرَمَ ڪَرِيُمَ جَا، اَحمَدَؐ سَاڻُ اَپَارَ،
آگي آسِمَانَ جو، ڪَارِئو سَيرُ سَتَارَ،
وَلَسَوفَ يُعطِيکَ رَبُکَ فَتَرضيٰ، توسين قَادِرَ ڪِئَا قَرَارَ.

وائي - 2

مِلجَان مِلجَان مِلجَان، سَڄَڻَ سَانُون چورِي چورِي،
بَادَلُ بَرَسي وِڄُڙِي جَا چَمڪي، بُوندَ پَڙِي ٿوڙِي ٿوڙِي،
صَاحِبُ دَانَا بي نِشَانا، مَين تو تَان گهورِي گهورِي،
ويکَڻُ تيڏَا ھَٿِ نَہ آوي، مِين تَيڏَڙِي گهورِي گهورِي.

سُر ڪيڏارو

داستان پھريون
بيت - 1

ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، ٿِئو سَنڪو شَھزادَنِ ۾،
ڄاڻي ھيڪ اَللهُ، پاڻَ وَڻَندِيون جو ڪَري.

بيت - 2

ڏِٺو مُحَرَمُ مَاھُہ، سَنڪو شَهزَادَنِ ٿِئو،
مَڪي مَديِني مَاڻُهين، رُنو مَٿي رَاھَہ،
تِنھِن وَاحِدَ کي وَاھَہ، جو حُڪمَ ھِهَڙَائِي ڪَري.

بيت - 3

آيو مُحَرَمُ مَاھُہ، عِزَتَ ٿِي اَمِيرَنِ کي،
توشو ڪِيَائُون تَوڻِ جو، ڪَاٺِيُون پَاڻِي گَاھُہ،
ڄَاڻي ھيڪُ اَللہُ، مَڃِيَائُون رَضَا رَبَ جِي.

بيت - 4

مُحَرَمُ موٽِي آيو، آيَا تَان نَہ اِمَامَ،
مَدِيني جَا ڄَامَ، مَولاَ مُونکي ميڙِيين.

بيت - 5

مُحَرَمُ موٽِي آيو، موٽِيَا تَان نَہ اَمِيرَ،
مَدِيني جَا مِيرَ، ڏَاتَرَ مُون ڏيکَارِيين.

بيت - 6

مِيرَ مَدِينِئَان نِڪرِي، ديرا ڏِنائُون،
ڪَاٺِيءَ پَاڻِيءَ، گَاھَہ کي، مَاڻُهُو مُڪَائُون،
چَڙَھَندي چَيَائُون، ٿِيندِي ويڙِھِہ وَڏَاندَرِي.

بيت - 7

مِيرَ مَدِينِئَان نِڪرِي، رِڙِھِئَا مَٿي رَندَ،
گهوڙَا تَنِ گهوٽَنِ جَا، پُرِئَا مَٿي پَنڌَ،
جِتِ رَھَندَا رَاتَڙي، سي سُونهَارَا ھَنڌَ،
ڪُلَهَا ڪَرنگَهرَ ڪَنڌَ، جُهرَنِ جُهونجَارَنِ جَا.

بيت - 8

مِيرَ مَدِينِئَان نِڪرِي، آيَا نَہ موٽِي،
ڪَارَا رَڱِجِ ڪَپِڙَا، اَدَا نِيروٽِي،
آئُون تَنِي لَئِہ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسَافِرَ رَانئئَا.

بيت - 9

سَختِي شَهَادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلاَرُ،
ذَرونَاھِہ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثَارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمَامَنِ سين.

بيت - 10

سَختِي شَهَادَتَ جِي، مَلاَرُ مِڙوئِي،
ذَرو نَاھِہ يَزيِدَ جو، آثَارُ اُھوئِي،
ڪُسَڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمَامَنِ سين.

بيت - 11

سَختِي سِيَادَتَ جِي، سُڻُ شَادِيءَ جو ڏِينھُن،
ذَرو نَاھِہ يَزِيدَ جو، نِسورو ئِي نيِنھُن،
مَرَگِ اُٺو مِينھُن، عَلِيءَ جي اولاَدَ کي.

بيت - 12

سَختِي سِيَادَتَ کي، نِسورو ئِي نَازُ،
ڪي رِندَ پَروڙِينِ رازُ، قَضِيو ڪَرِبَلاَ جو.

بيت - 13

ڪَربَلاَ جو قَضِيو جَڏِھِين پَوي مَنجِهہ جِيءَ،
وَسَنِ ٿَا وِجُودَ تي، سَندَا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺَا ڏُکڙَا، نَاني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فَاطمَتهَؑ، پَاڪَ پِيَارَا پِيءَ،
وَالِي وَرِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھَائِيا.

بيت - 14

قَضِيو ڪَربَلاَ جو، مِڙوئِي مَلاَرُ،
ڳالِهہ سَڄِيَائِي ڳُجَهہ جِي، اِلاَھِي اِسرَارُ،
مَولو ٿِئو مُختِيَارُ، پَنھِنجَنِ جُون پَرَکُون لَهي.

وائي - 1

داغُ سِيني پَرِ غَم ڪَا، ھَي مَاتَمِ ڪَا،
يَا حُسَينُؑ ،
جَهنڊَا جو آيَا خَبَرَ لي آيَا،
سوزُ ڪَرِيو شَهَہ قَاسِمِ ڪَا.

داستان ٻئو
بيت - 1

جهيڙو لاَھِہ يَزِيدَ، عَليءَ جي اولاَدَ سين،
ڪَانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَؑ مِيرَ حُسَينَؑ ري.

بيت - 2

جَنِي جهيڙئو ڪَالَهہ، عَليءَ جي اولاَدَ سين،
ھَاءِ تَنِي جي حَالَ، جي جَمَاعِتِي يَزِيدَ جَا.

بيت - 3

جَنِي جهيڙئو اَڄُ، عَلِيءَ جي اولاَدَ سين،
ڀَاءَ تنِي کَان ڀَڄُ، جي جَمَاعِتِي يَزِيدَ جَا.

بيت - 4

جَنِي جهيڙِئو ھَاڻِ، عَلِيءَ جي اولاَدَ سين،
مَهِندَان پييَنِ ڪَاڻِ، ٿِئَا جَماعِتِي يَزيدَ جَا.

بيت - 5

پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻي ھَزَارِي ھولُ،
ھِيري لاَلَ يَاقُوتَ جو، ڪَامِلَ سِرِ ڪَنگولُ،
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسَينَؑ جو.

بيت - 6

ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، سَائُو سَڀِ نَہ ھُونِ،
پِڙَ تي سيئِي پُونِ، موٽَڻُ جَنِي مِيھَڻون.

بيت - 7

ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، پَاکَرَ جو پَائي،
اَڃَا اُنَکي جِيئَڻَ جو، آسَانگو آھي،
سُورِھُہ سوچَائي، جو رُڳو ئِي رِڻِ گهِڙي.

بيت - 8

ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، ھَي جي حُسَينُؑ ھو،
پِهرِيين ڀيري ڀَاءُ تي، پتنگَ جِيئَن پِئو،
آھي ڪيرُ ٻِئو، جو ھَلاَن ڪَري حُسَينَؑ تي.

بيت - 9

حَسَنُؑ نَاھِہ حُسَينَؑ وَٽِ، ٻيلِي نَہ ٻَاھُون،
سَاڻِيهُہ شَهزَادَنِ جو، آھي آڳَاھُون،
يَزِيدَ جُلاَھُون، تيلاَن ڪَرِيين تَڪِڙِيُون.

بيت - 10

حَسَنَ مِيرَ حُسَينَؑ جِي، سُئِي جَنگِ جَهَانَ،
اُڏَاڻَا اُورِ ڪَري، ڪَارين پَکين ڪَانَ،
پِيءُ ڏَاڏَاڻَا پَاڻ، سَيَدَؑ سَڀِ مَلهاَئِيَا.

بيت - 11

حَسَنَؑ مِيرَ حُسَينَؑ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ،
گهَرِ مَاڻُهئين جَهنَگِ مِروئين، اَڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ،
پَکِيُنِ پَاڻُ پَڇَاڙِئو، لَڏِئو ھوتَ وَڃَنِ،
گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، رِڻَ ۾ لاَئُون لَڌِيُون.

بيت - 12

حَسَنَؑ مِيرَ حُسَينَؑ جو، جَنِ نَہ ھِينئَڙي جَارُ،
خَالِقُ رَبُ جَبَارُ، ڪِينَ مَرھِيندو تَنِ کي.

وائي - 1

ميندِي لاَوڻُ ڏي، جِيوين شَاھَہ ميندِي لاوَڻ ڏي،
قَاسِمَ شَاھَہ سيجَ وِڇَاوَڻُ ڏي،
ميندِي تَيڏِي رَنگُلِي، چوَٽا لاَلُ گُلاَبُ،
مَاءُ پِيءُ ڏِتَڙَئِي سِهرَا، خَبَرَ نَہ مَاڻِيندي نَالِ.

داستان ٽئو
بيت - 1

ڪُوپَا ڪِلي ڪوڏِئَا، رَاوَتَ ڪِينَ رَھَنِ،
سَائُنِ سِرَ فِدَا ڪِئَا، اَڳِئَان اِمَامَنِ،
يُجَاھِدُونَ فِي سَبِيلِ اللہِ، ٿَا ڪَمُ اِھو ئِي ڪَنِ،
حُورُون ھَارَ ٻَڌَنِ، سهِرَا شَهِيدَنِ کي.

بيت - 2

ڪُوپَا ڪِلي ڪوڏِئَا، سَائُو صُلحَدَارَ،
آرَڙَ ۾ اِحسَانَ سين، سُوڀَا ٿِئَا سَردَارَ،
ھِڪُ ڀَائُرَ، ٻِئَا ڀَائِٽِئِا، ٽِئَا جَانِي جِگرَ يَارَ،
حُورُنِ ٻَڌَا ھَارَ، سهِرَا شَهِيدَنِ کي.

بيت - 3

دوسِتَ ڪُهَائي دَادُلاَ، مُحِبَ مَارَائي،
خَاصَنِ خَلِيلَنِ کي، سَخِتِيُون سَهَائي،
اَللہُ الصَمَدُ بي نِيَازُ، جَا ڪَري سَا چَاھي،
اِنَهِيءَ ۾ آھي، اُونِهِي ڳَالِهِہ اِسرَارَ جِي.

بيت - 4

ڪُوفِيُنِ قَهرُ ڪِئو، ٿِئَا جَمَاعِتِي يَزِيدَ جَا،
پَرِ ۾ پَلِيتَنِ کي، وَرَنَهُہ وَرِ پِئو،
سَڌَرُ ھونِ سِهو، شيرُ شَهَادَتَ رَسِئو.

بيت - 5

ڪُوفِيُنِ خَطُ لِکِئو، وِچِ وِجِهي اللہُ،
اَسِين تَائِبُ تُنھِنجَا، تُون اَسَانجو شَاھُہ،
ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، تَہ تَختُ تَابِيني تُنھِنجي.

بيت - 6

ڪُوفِي ڪَربَلاَ ۾، پَاڻِي نَہ پِيَارِينِ،
اُتي عَلِيءَؑ شَاھَہ کي، شهزَادَا سَارِينِ،
نِڪِرِئو نِهَارِينِ، چَڙھہ مِيرَ مُحمَدَؑ عَرَبِي.

بيت - 7

ڪَا جَا ڍَرِي ڍُنگَرِي، ڪو جو وَرِئو وَاءُ،
اَڀَنِ ۾ اوسُ پِئو، ڇَپَر چَڙِھئو شَاھُہ،
عَلِيءَ شيرَ وِيَاءَ، رِڻُ ۾، پييَنِ رَاتَڙِي.

بيت - 8

گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، جِيئَڻَ ٿورا ڏِينهَڙَا،
ڪَڏِھِين مَنجِهہ ڪوٽَنِ، ڪَڏِھِين وَاھِي رِڻَ جَا.

بيت - 9

گهوڙو گهوٽَ پَلاَڻِئو، مَٿِسِ زِينَ ڌَري،
عَلِيؑ شيرُ پُٽَنِ کي، اُڀو سَڏ ڪَري،
حَسَنَؑ مِيرَ حُسَينَؑ تُون، اَچِي لَڳُ ڳَري،
ھَاڻي ڪِيئَن ڪَري، جِيئَن اَمُرُ اِلاَھِي آيو.

بيت - 10

ڪَانڌَ ڪَلاَڙين ڪَپَڙين، وَرَ وَنَاھِيو آءُ،
جِتِ سَانگُنِ جِي سَٽِ وَھي، وِکَ وَڌندِي پاءِ،
جَان جَان نُوڌين نَہ چَڙِھين، تَان تَان ڀَؤُ مَ لَاھِہ،
مَڇُڻُ تو پُئَان، ڪَچو ڪَنِم جيڏِيُون.

بيت - 11

ڪَاري ڪَڪَرَ ھيٺِ، مُون جهيڙيندا ڇَڏِئَا،
ڪَارَا ڪُندَ ھَٿَنِ ۾، اَڙِ وَلَ وَڇيرا ھيٺِ،
ٿِيَمِ تَنِي سين ڏيٺِ موٽَڻُ جَنِي مِيهَڻوُن.

بيت - 12

ڏِٺو ڪَالَهہ ڪَهِين، جُهونجَارَ ڪو جَهڳڙو،
ھَاٿِينِ ھَڏَ مُڇَائِيَا، ريلو رَتَ نَئين،
ڀَائِينِ سَا سَنئِين، جِئَان جِيءَ جوکو ٿئي.

بيت - 13

ھوڏَانهَن ھُن ھُلُ ڪِئو، ھيڏَانهَن ھِي ھَڻَنِ،
شرِنَايُون ۽ سُرندَا، ٻِنِهِي پَارِ ٻُرَنِ،
اَللہَ شهِزَادَنِ، سوڀُون ڏِيين سَچَا ڌَڻِي.

بيت - 14

بَهَادُرَ گِڏئَا بَهَادُرِين، کَڙڳَ کِلوِلِ ڪَنِ،
وِجَهنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، ھَاڪَارينِ ھَڻَنِ،
ڪِرَنِ ڪُونڌَ نَچَنِ، رِڻُ گَجِئو رَاڙو ٿِئو.

وائي - 1

چَلو يَارو مُسَلمَانو، شَهِيدَا ڪَافَر مَارِئَا ھَي،
حُسَينَؑ ڪُون،
نُورُ ڪَا پِيَالاَ خُدَا دي، ڀَرِ پِلاَيَا ھَي،
جِنَان دي گهوڙي ٻيڙي، تِنَا مَالِ تي جهيڙي،
وَڃِي ٿِئَا خَاڪِ سين ڀيڙي،
جِنَان دي لَکِ ڪي ھِيري، تِنَا مُکِ پَانِ ڪي ٻيڙي،
ھي اُنُهَان ڪُون کَاڳَئي ڪِيڙي،
زُليخَا مِصرِ کيڙي، يُوسُفُ ھُئَا مَغِربِ ڪَاشَاني،
ھِي ڏُونهِين وَڃِي ٿِئَا خَاڪِ ۾ فَانِي.

داستان چوٿون
بيت - 1

ھُئِي ھِدَايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُرَان،
چَڙِھي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پَارَان،
اِيندي چَيَائِين اِمَامِ کي، تَہ گهورِيُس آن مَٿَان،
لاَيُڪَلِفُ اللہُ نَفَساً اِلاَ وُسعَهَا، ڪَندُسِ وَسَ وَڏَا،
گهوٽَ پَہ لَڳَا گهَاءَ، اِي پَڻِ شيرُ شَهِيدُ ٿِئو.

بيت - 2

حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پَاران، مَانجِهي مَردانُو،
آڳِيان اَچِي اِمَامَ جي، زور ڀَريَائِين جَانُو،
آھي عَاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروَانُو،
ڀَاءَ پُٽَ سِرُ صدَقو، ٻِئو پَڻِ ڏِيَان ٻَانُهون،
مَان نَہ رَاضِي ٿِئي رَسُولؐ رَبَ جو، نَبِيُ تو نَانُو،
ھِيءُ سِرُ سَمَانُو، گهوٽَ مَٿَانئِي گهورِيَان.

بيت - 3

سُلطَانِي سُلطَانُ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپَارَ ۾،
ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَہ تُنھِنجو شَانُ،
ڪوٺي ڪَرَبَلاَ ۾، مَارِيَائُون مِزمَانَ،
مُنھَن ڪَاري مَروَانَ، لعنَتَ لِکِي لَعِينَ کي.

بيت - 4

آيو عَلِيؑ شيرُ، مَرڪِئو مَديِني ڌَڻِي،
سُونهَاري سَيَدَؑ ري، ڪوٽَ ڀَڃَندو ڪيرُ،
شيرَ وَٺِتو ويرُ، پِڙَ ۾ پَوَارَا ڪَري.

بيت - 5

ڪَامِلَ ڪَربلاَ ۾، آيَا جُنگَ جُوَانَ،
بَهَادُرَ گَڏِئَا بَهَادُرين، شيرَ وَڏي سَان شَانَ،
ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئَا آسِمَانَ،
ڪَرَھَہ ھُئِي ڪَا نَہ، ھو نِظَارو نينھَن جو.

بيت - 6

ڪَامِلَ ڪَربَلاَ ۾، آيَا سَيَدَ شيرَ،
سِجُ اُلَهِي سَانجِهي ٿِي، مُنھَن اُوندَاھِيءَ ميرَ،
ھَڻَنِ ھَاتِڪَنِ کي، پَانَوَ ڀَري پيرَ،
مَاري مِصرِيُنِ سين، ڍُنڍَ ڪِئَائُون ڍيرَ،
دَھلِئَا اُتِ دِليرَ، پَسِي حَملو مِيرَ حُسَينَؑ جو.

بيت - 7

ڪَامِلَ ڪَربَلاَ ۾، اَھلِبَيتَ آيَا،
مَاري مِصرِيُنِ سين، اُنِ ڪَافَرَ ڪَنبَايَا،
سَچُ ڪِ بِيبِيءَؑ ڄَايَا، اِھَڙَا سُورِھَہ سُپِرِين.

بيت - 8

ڪَامِلَ ڪَربَلاَ ۾، سُورِھَہ سَامَاڻَا،
ڪَندَا رَامَاڻَا، ڪَونئُرَ ڪِلي جَا ڪوڏِيا.

بيت - 9

جَنَتَ سَندِيَنِ جُوءِ، فَائِقَ ھَلِئَا فِردَوسَ ڏي،
فَانِي ٿِئَا ”فِي اللہِ“ ۾، ھُوءِ ۾ پِئَا ھوءِ،
يَا رَبَ ڏيکَارِيين رُوءِ، اُنِهِين جِي اِحسَانَ سين.

بيت - 10

ھَڻَڻُ ھَڪلَڻُ ٻِيلِي سَارَڻُ، مَانجِهيَان اِيءُ مَرَڪُ،
وِجَهن تَان نَہ فَرقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ رَاندِ ۾.

بيت - 11

ڍَالَ ڍَڙَڪو ڦَاڳَ ڦَڙَڪو ڪُندَ ڪَڙَڪو، مَانجِهيَان اِي مَرَڪُ،
وِجَهنِ ڪونَہ فَرَقُ، رُڪَ وَھَندِيءَ رَاندِ ۾.

بيت - 12

ڍَالَ ڍَڙَڪو ڦَاڳَ ڦَڙَڪو ڪُندَ ڪَڙَڪو، مَنجِهي جِتِ مَرَنِ،
مِصرِيُنِ مُنھن ڪَڍِئَا، ھَڏَ ڪُر ڪِراڪَنِ،
اَللہَ شَهزَادَنِ، سوڀُون ڏِيين سَچَا ڏَڻِي.

بيت - 13

جِهمندِيُون اَچَنِ، جهولِيُون جُهونجَهارَنِ جُون،
پَايو ٻُڪَ ٻُهَارَ جَا، تَنِ جُون وَھون وَاڪَا ڪَنِ،
پِٽِينِ پَارِ کَڻَنِ، رِڻُ گَجِئو رَاڙو ٿِئو.

بيت - 14

مَرُ مَرين آئون رُئين، موٽِي ڪَانڌَ مَ آءُ،
مَڇُڻُ تو پُئَان، ڪَچو چُونِمِ جيڏِيون.

بيت - 15

مَرُ مَرين آئُون رُئين، موٽِي آءُ مَ ڪَانڌَ،
ڪَچَن وَڏَا پَاندَ، جِيئَڻ ٿورَا ڏيِنهڙَا.

بيت - 16

ڀَڳو آئُون نَہ چوَان، مَارِيو تَہ وِسَهَان،
ڪَانڌُ مُنهَنِ ۾ ڌَڪَڙَا، سيڪِيندِي سُونهَان،
تَہ مَرُ لَڄَ مَرَان، جي ھُونِسِ پُٺِ ۾.

بيت - 17

ڀَڄِي آئين ڀَڄِڻَا، لَڄَايَئِي مُون سيڻَ،
ويٺِيون وِجَهنِ ويڻَ، مُنهَن مَٿَاھَان جَنِ جَا.

بيت - 18

ڀَڄِي آئين ڀَڄِڻَا، تو لَڄَايَا يَارَ،
ويٺَيُون ڪَنِ ڪُوَارَ، مُنهَن مَٿَاھَان جَنِ جا.

بيت - 19

مُنھَن مَٿَاھَان جَن جَا، سي پِٽِيو ڪَڍَن پَارَ،
جيڏِيُون ھِنَ جُهونجهَارَ، اُجَاري اَڇَا ڪِئَا.

وائي - 1

مومِنو مَاتَامُ وَاويلاَ، اَڄُ نَہ آيو اِمَامُ، ھَي واويلاَ،
دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لاَلَ پَلاَڻِي،
شيرَ شَهزَادي لَڏِئو،سَيَدَ سيجَ نَہ مَاڻي،
اَنُ نَہ پَاڻِي اُنِ کي، نَڪو وَٺَڙُنِ مِينهُن،
ھُئَا سَٽَاڻِيءَ جَنگِ ۾، ڏَھَہ رَاتِيُون ڏَھَہ ڏينھِن.

داستان پنجون
بيت - 1

ڏَاڙِھِي رَتَ رَتِيَاسِ، ڏَندَ تَہ موتِيُنِ ڳُتِيَا،
چوڏَھِينءَ مَاھَہ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پيشَانِيَاسِ،
سِيمَاھُم في وُجُوھِهِم، مُنھَن ۾ مَڻِ ڳُتيَاسِ،
اللہُ نُورُ السَمٰوَاتِ وَالاَرضِ جَلوو زَمِينَاسِ،
ڪَڪِرَا ڪَربَلاَ جَا، مَادَرِ ٿي ميڙِيَاسِ،
ڦَٽَنِ تَان رَتَ ڦُڙَا، عَلِيءَ ٿي اُگهٽِيَاسِ،
اُمَتَ تي اِحسَانَ سين، ٿيندِي شَفَاعَتَ سَندِيَاسِ،
مِڙَئِي مَعَافُ ڪِئَاسِ، خَالِقَ بَدِلي خُونَ جي.

بيت - 2

ڏَڙِھِي رَتَ رَتِيَاسِ، ڏَندَ تَہ ڏَاڙھُونءَ گُلَ جيئَن،
چوڏِھِينءَ مَاھَہ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پَاڳَڙِيَاسِ،
ميڙي ۾ مُحَمَدَؐ جي، مَرُ مَرَڪي مَاسِ،
تِنھِن سورِھَہ کي شَابَاسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرِزَا ٿئي.

بيت - 3

سُورِھَہ مَرين سوڀَ کي دِلِ جَا وَھَمَ وسَارِ،
ھَڻُ ڀَالاَ پَؤُ ڀَاڪُرين، آڏِي ڍَالَ مَ ڍَارِ،
مَ ٿيڪِ تَرَارِ، مَارِ تَہ مَتَارو ٿِئين.

بيت - 4

سُورِھَہ مريَن سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جَامي سين جوڙِ،
آرَڻِ تيغَ عِشَقَ جِي، تِنھِن کَان مُنھُن مَ موڙِ،
وَھمَ حِيلاَ پَنھِنجَا، مَنجهَان مَنَ وَاڍوڙِ،
نَا جي نَفسُ نِهوڙِ، تَہ رازُ پَسين اِنَ رِڻَ جو.

بيت - 5

ڪَربَلاَ جي پِڙَ ۾، خِيمَان کوڙِيَائُون،
جهيڙو يَزِيدَ سَامُهُون، جُنبِي جوڙِيَائُون،
مُنھُن نَہ موڙِيَائُون ، پَسِي تَاءُ تَرَارِ جو.

بيت - 6

ڪَربَلاَ جي پِڙَ ۾، مَرَڪِي اُڀَا مِيرَ،
وِڙِھِي ويرِنِ سَامُهَان، تِکَا ھَنيَائُون تِيرَ،
ھُئِي اِيءَ تَقدِيرَ، اَصلِ اِمَامَنِ سين.

بيت - 7

ڪَربَلاَ جي پِڙَ ۾، آيَا پَاڻَ پيهِي،
پَهُہ ڪِيَائُون پَاڻَ ۾، مُقَابِلِ ويهِي،
قَضَا ھِيءَ ڪيهِي، ھَي ھَي ٿِي حُسَينَؑ سين.

بيت - 8

چَارِ تَرَارِيُون چيلِهہ تي، ٻَڌي ٻَہ پَاڳُون،
اَڳِيَنِ جُون آڳُون ڪَونئُرَ ڪِلي ۾ موکيوُن.

بيت - 9

آيَا اُجَارِينِ، تَنگَ تَرَارِيين تِئُرَا،
سَاڻِڪِيُون سَائُنِ ھَٿَ ۾، ڪُلَهِنِئُون نَہ لاَھِينِ،
اُڀَائِي آھِينِ، مَهَائِي مَڙَڻ تي.

بيت - 10

ڪَربَلاَ ۾ ڪُوڪَ، آھي شَهزَادَنِ جِي،
مَاري مِيرَ مَلُوڪَ، جَهلي رُڪَ رَھَايَا.

بيت - 11

ڪَربَلاَ ۾ ڪُوڪَ، سَاجُهِر شَهزَادَنِ جِي،
عَالَمَ جَا مَلُوڪَ، رُڪَ روھي جَهلِئَا.

بيت - 12

ڪَربَلاَ ڪَڪَورِي، دُلدُل رَتَا پيرَ،
سَٽُون ڏِيندي شيرَ، مَٿَان سِجُ مُرڪِئو.

بيت - 13

پِرِھَہ پَکِي آيو، ڪَربَلاَن ڪَهِي،
روضي پَاسِ رَسُولَؐ جي، تِنھِن ھَلِي ھَاڪَ ھَنئي،
ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙھُہ مِيرَ مُحَمَدَؐ عَرَبِي.

بيت - 14

پِرِھَہ پَکِي آيو، صُبحِ سَوَارو،
روضي پَاسِ رَسُولَؐ جي، جَنھِن ھَنيو ھَاڪَارو،
مَانجِهيُنِ ڪِئو مَارو، چَڙُھُہ مِيرَ مُحَمَدؐ عَرَبِي.

بيت - 15

پِرھَہ پَکِي آيو، لُڇِئو لِيلاَئي،
ڪَربَلاَ جي پِڙَ ۾، ايرَادو آھي،
اَچِي رَسُ ڪَاھي، چَڙھُہ مِيرَ مُحَمَدَؐ عَرَبِي.

بيت - 16

پِرھَہ پَکِي آيو، ڪَربَلاَ مَان ڪَالَهَہ،
آيو آلُودو رَتَ ۾، ھَي ھَي مَنجَهان حَالَ،
گهوٽَ وَنَاھِيَا ڪَالَهَہ، ٻيلِي مِيرَ حُسَينَؑ جَا.

وائي - 1

ھَي مَاتَامُ ٻَرِ مَاتَامُ،
اَمَامَنِ جو ڪَريو مَاتَامُ، شَهِيدَنِ جو ڪَرِيو مَاتَامُ،
روئِي روئِي اَکِيُون، رَتِ ڇو نَہ ڀَرِيو،
جيڪِي اِمَامِنِ سين ٿِئو، سو پَاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدَا ڪِئو.

داستان ڇھون
بيت - 1

پَاڪَ جَنِي جَا پيرَ، کَٽَان ھيٺِ نَہ ھيرُئَان،
ٿَنڇَ تَرَارِيُنِ تِڇِئَا، ڇَڻِئو پُونِ ڇُڳيرَ،
ڌَڙَ تَنِي جَا ڍيرَ، ڳِجَهڙِيُنِ ڳَرِ لاَيَا.

بيت - 2

ڳِجُهنِ ويٺي ڳَرَ ھِئَا، ڏَنجهَا ڏُکَ گهَڻَا،
تَنگِي لَٿِيَنِ توڻِ جي، سورِھَہ سَامَاڻَا،
ڪَندَا رَامَاڻَا، ڪَونئُرَ ڪِلي جَا ڪوڏِئَا.

بيت - 3

ڪَونئُرَ ڪِلي جَا ڪوڏِئَا، جانڪِيتَان ٿو جيءُ،
مَٿي اَڙِنِ اُسِرِي، رُڪَ پيالو پيءُ،
ڳَاھُہ ڳِجُهِن جو ٿِيءُ، ويٺي جَنِ وَرِھَہ ٿِئَا.

بيت - 4

ڳِجهُون ڳَاڙھي وَاتِ، اَڄُ اُڏَامِي آيُون،
پُڇَنِ ٿيُون پِرڀَاتِ، ڪِٿي رَاوَتَ رَانِئيَا.

بيت - 5

ڇَپَرِ جِيئَنِ پَهُون، تِيئَن رِڻِ ڳِجُهون پييُون،
وَڪَا وَڪَنِ گَڏِئَا، ڊوڙِئو ڏِين ڊَھُون،
مَهَايَنِ وَھُون، نِيرُ مَهَانگو ڪَندِيُون.

بيت - 6

ڳِجُهون ڳوٺِ نَہ ھُونِ، وَتَن ڪِلي ڪوڏِيُون،
حَسَنَ مِيرَ حُسينَؑ کي، لَمِئو لاَئون ڏِينِ،
ڳُتَا اُکولِينِ، چوٽَا چُوڙِيرِنِ جَا.

بيت - 7

ڳِجَهڙِيَنِ ڳارو، رَاتو ڏيِنهَان رِڻَ ۾،
پَييون پُڇَنِ پَاڻ ۾، ڪِنھِن مُنھِن ڪيڏَارو،
کينِ کَڳَ مَارو، ڪَانِئرُ پِئو ڪِنُو ٿِئي.

بيت - 8

ڳَائو ڳِجَهہ نَہ کَاءِ، ميهي مَاسَ نَہ ھيرُئِين،
ويٺِي تَنِ وَاجَهاءِ ڪَنلگِيُون جَنِ ڪَپَارَ ۾.

بيت - 9

اَکِيُون ڪَڍُ مَ ڳَجَهڙِي، تَارَا تَڻِ مَ کَاءُ،
پِيو نَہ ڏِسين پَٽَ ۾، رِيڳَڙِيَارو رَاءُ،
جيري تِنھِن جُوَانَ جي، لَڳَا نَوَ سَوَ نَوَ گهَاءَ،
رَاتِ تَنھِن جِيءَ مَاءَ،روئِي پَرِنِئو رَبَ کي.

بيت - 10

ڦَکَ کُسَنَئِي ڳِجَهڙِي، لِڱين پوئِي وَاءُ،
اَمِيرَنِ مَٿَان، تو ڦُلين ڇَائُون نَہ ڪِيون.

بيت - 11

چَنڊَ وِھَاڻَيءَ چَڙِھِئَا، مَلَ مَدِينَا مِيرَ،
تَنِ سين طَبَلَ بَازَ تَبَرُون، ڪندَ ڪَٽارَا ڪِيرَ،
عَليءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندَا رَاڙو رُڪَ جو.

بيت - 12

چَنڊَ وِھَاڻِيءَ چَڙِھِئَا، مَلَ مَدِينَا گهوٽَ،
تَنِ سين طَبَلَ بَازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽَارَا ڪوٽق،
عَلِيءَ پُٽَ اَموٽَ، ڪَندَا رَاڙو رُڪَ سين.

بيت - 13

چَنڊَ وِھَاڻِيءَ چَڙِھِئَا، مَلَ مَدِينَا ڄَامَ،
اُنِ سين طَبَلَ بَازَ تَبَروُن، نيزَا ۽ نِيشَان،
عَلِيءَ پُٽَ اِمَامَ، ڪَندَا رَاڙو رُڪ سين.

وائي - 1

وَاويلاَ وايلاَ، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ مَاتَامُ،
ھَي ھَي شَاھَہ حُسينَؑ سِڌَارِئو،
ڪَربَلاَ جي پِڙَ ۾، آيَا اَڄُ اَمِيرَ،
جُهڙَ وَرائي جهورِيءَ جَهلِئا، طَرف سَندي تَقدِيُرَ،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيمَا کوڙِيَائُون،
جيڪَا تقدِيرَ رَبَ جِي لِکئو لوڙِيَائُون،
فَرزَندَ عَلِيءَ جَا دَادُلاَ، مُون ٿي ڪوڏِ نِپَايَا،
بِيبيءَ بَتُولَتهَ جَنَتَ خَاتُونَ، پَارَ ڪَڍِي ڳِرَ لاَيَا،
فَرزَندَ عَلِيؑ جَا دَادُلَا، چَيو بِيبِيءَ بَتُولَتَا،
خُونُ ڇِڪِيندِيَسِ اَوَھَان جو، جَانِي ڏِينهِن قِيَامَتَا،
پَسِي سَختِي مِيرَ حُسينِؑ جِي، رُنُو نَبِيَنِ زَارو زَارِ،
مَلَکَ فَلَکَ ڌَرَتِي ڌُٻِي، آئِي عَرشَ مَٿَان اُڇِنگَارَ.

سُر آبڙي

داستان پھريون
بيت - 1

اَولِ آخر آھِہ، ھَلَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ڏي،
پورِهئو سَندو پورِھَيتين، والِي ڪِيمَ وِڃاءِ،
سو مُون ٿورَو لاءِ، جِيئَري مِلان جَتَ کَي.

بيت - 2

سَتِ سُورَنِ جي سَسُئِي، ڏري ۽ ڏَاري،
پييَائِي پُنُوھَہ ڏي، نِرمَلُ نهَارِيِ،
لَالَڻَ جِي لَطِيفُؒ چَئي، سُونهَنِ سُتِيَائي سَاري،
پِريتَڻو پَاري، مَارَڳَ ۾ مُنڌَ مُئِي.

بيت - 3

جي سِجَهائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي،
پِيتَائِين پُنوھَہ کي، ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ،
اِنَ تَڙَ مَنجهَان تِڪَ، ڏِني پَاڻَ اُڃَ ٿِئي.

بيت - 4

سَسُئي سَڄِيَائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي،
سَڄُئِي پيتَائِين پُنوھَہ کي، ھَي نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ،
اِنَ تَڙَ مَنجَهان تِڪَ، ڏِني اُڃَ نَہ لهَي.

بيت - 5

پَسِي جَهاجِهہ جَمَالَ جِي، جَنِي پِيتِي پِڪَ،
اَپَرِ اَڳَانجهو ٿِئو، سُورُ اُنِهيِين کي سِڪَ،
ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَنِ ھِڪَ، سَدَا سَائِرَ سِيرَ ۾.

بيت - 6

مَحبَتَ جَن جي مَنَ ۾، تَنِ تُشنِگي تَارِ،
پِي پيَالو اُڃَ جو، اُڃَ سين اُڃَ اُٿِيَارِ،
پُنهُون پَاڻُ پِيَارِ، تَہ اُڃَ سين اُڃَ اُجَهائِيَان.

بيت - 7

مَحَبَتَ سَندو مَنَ ۾، پُر پيالو جَنِ،
پِيَنِ پَرَچَا نَاھِہ ڪو، ڪِنھِن جِنھِن ڏَاھَہ ڏَڀَنِ،
جَنهِن نِهَايَتَ نَاھِہ ڪا، تَنهِن سُڃَا سُڃَ وَڃَنِ،
تيلاھَن اُڃَ مَرَنِ، سَدَا سَائِرَ سِيرَ ۾.

بيت - 8

سَدَا سَائِرَ سِيرَ ۾ اُنِ کي اَندَرِ لَهي نَہ اُڃَ،
پَسَڻُ جو پِرِينءَ جو، سو سَڀَائي سُڃَ،
تيلاھَن مَرَنِ اُڃَ، سَدَا سَائِرَ سِيرَ ۾.

بيت - 9

سَاڄَنَ ڪَارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئِي،
اَندَرِ جَنِي اُڃَ، پَاڻِي اُڃِئو اُنِ کي.

بيت - 10

پَاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙَا، مُورِکَ اُڃَ مَرَنِ،
سَاھَان اوڏو سُپِرين، لوچِئو تان نَہ لَهَنِ،
دَمُ نَہ سُڃَاڻَنِ، دَانهُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.

بيت - 11

سَسُئِيءَ ڪِينَ سَمُجِهئو، اوري آرِيءَ سَاڻُ،
ڪَري پيکُ پُنوھَہ سين، پَاڌَارِئَائِين پَاڻُ،
ڄَٽِ وِڃايو ڄَاڻُ، ٻَانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.

بيت - 12

لَڳِي ڪوسو وَاءُ، لوڪُ مِڙوئِي لهسِئو،
اَڀَنِ مَنجَهان آيو، ھَي ھَي جو ھُڳَاءُ،
طَيُورَنِ تَنوَارِئو، پُنهونءَ پُڄَاڻَا،
رَسِئو سُورُ شَبانَ کي، وُحوشَنِ وَٽَان،
مِروئَنِ موتُ قَبُولِئو، اَپَرِ اَفسوسَا،
بَرَ پُڻِ ڪِن بُڪَاءُ، اُڪَنڊِئَا آرِيءَ لَيء گهَڻو.

بيت - 13

مَهِندِ مُحتَاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي ھَلُ،
عُذرِخواھِيُون عَاجِزيُون، سَسُئِي ڪَنهِن مَ سَلُ،
ڏوُنگَرُ ڏورَڻُ ڏَاکَڙو، لَنءُ ري ڪونهي لَلُ،
اِيءُ ڀَلاَئِيءَ جو ڀَلُ، جِيئَن پَاسي ٿِيَڻُ پَاڻَ کان.

بيت - 14

مَهِندِ مُحتَاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻِيجِ،
ڪُٻيلِيَاڻِي ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ ھَلاَئيجِ،
پَاڻَ ڌَارَان پِريَتَڻو، سَسُئِي سَاڻ کَڻيجِ،
اوڏِي عَزَازِيلَ کي، ويجِهي تَان مَ وَڃيجِ،
نَا اُميدِي نيجِ، تہ اوڏِي ٿِيين اُميدَ کي.

بيت - 15

نَااُميديءَ جي نِجُهري، پيهِي پُڇُ اَللہُ،
چِٽو رَبِي رَاھُہ، پَرَ مُرَادُنِ مَخفِي ڪِئو.

بيت - 16

نَا اُميدِي نُورُ، اُميدَ اوندَھِہ اُنِ کي،
سَندو سَاجَنَ سُورُ، جَنِ سَرِئو تَنِ سُکُ ٿِئو.

بيت - 17

ويُهہ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ھَاڙِھي ھَڏ مَ ھَلُ،
ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪِڏِھِين، سَچِي ڳَالِهِہ مَ سَلُ،
جَانِبَ لاَءِ مَ جَلُ، سُورُ وِسَارِ مَ سَسُئِي.

بيت - 18

ويهُہ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو وَاڪو وَسُ،
ليڙَنِ جو لَطيفؒ چَئي، ڏُونگَرِ اَٿَئِي ڏَسُ،
پُنُهُون ڄَامَ پَسُ، سِرَ ڀَرِ ھَلِي سَسُئِي.

بيت - 19

ويهُہ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو وَاڪو وسُ،
چَڙِھِي ڏَاڍين ڏُونگَرَين، پيرُ پِريَان جو پَسُ،
ڏوٿِي ڏيندَا ڏَسُ، توکي ٻَاروچَنِ جو.

بيت - 20

ڪَرِ ڪو وَاڪو وَسُ، ويهُہ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾،
چَڙھِي ڏَاڍين ڏُونگَريَن، پيرُ پِريَان جو پَسُ،
ڏورَڻَ منجهَان ڏَسُ، پُوندُءِ ھوتَ پُنُهُونءَ جو.

بيت - 21

ويھُہ مَ مُنڌَ ڀَنڀُورَ ۾، ڪَرِ ڪو وَاڪو وَسُ،
جِمَ وِرچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگنِ گَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهَان ڏَسَ، پُوندُءِ ھوتَ پُنُهونءَ جو.

بيت - 22

ويهُہ مَ مُنڌَ ڀَنڀُورَ ۾، اُٿِي رَائو ريلِ،
ھيڪَرَ اُٿِي ھوتَ لاَءِ، ٻَڌُ چِتَائي چيلِهہ،
ٿَڪِيَائِي تُون ٿِيلِهِہ، تَہ پَهچين ڄَامَ پُنُهُونءَ کي.

بيت - 23

ويهُہ مَ مُنڌَ مَاٺِ ڪَري، اُٿي وِجُهہ وَڙولَ،
سُتِيُنِ تَان سَيدُؒ چَئي، ھَمَ غَمَ اَچَنِ ھولَ،
ٻَهُون پَاري ٻولَ، ڪَامِلُ ڌَڻِي ڪيچَ جو.

بيت - 24

ويهُہ مَ مُنڌَ مَاٺِ ڪَري، کَڻُ پِريِنءَ پيرُ،
سُورَ تو سَان سَسُئِي، وَاري ويٺا ويرُ،
ڪَرَ لَهَندو ڪيرُ، ھيڪَلِيءَ جِي حَبَ ۾.

بيت - 25

وَڃَڻَ ڪجي وَسُ، سيڻَنِ ڪَارَڻِ سَسُئِي،
جِمَ وِرچِي ڇَڏيِين، سَندو گُنگن گَسُ،
ڏوٿِي ڏِيندَا ڏَسُ، توکي ٻَاروچَنِ جو.

بيت - 26

سُکين ٿِيءُ مَ سَنِرِي، پَسِي ڏُکُ مَ ڏَرُ،
پَٽِي ڪَرِ مَ پانھِنجو، گهورِئو اَڏِ مَ گهَرُ،
مَاري ھَڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻ جِيءُ جِيَارِيين.

بيت - 27

سُکين ٿِئي نَہ سَنِري، ڏُکين ڪِينَ ڏَري،
اوري تَان نَہ اُڀِيي، پَهچي تَان نَہ پَري،
سَرَتِيُون ٿو سَري، ٻِنِهِي رِءَ ٻَانڀَڻِ کي.

وائي - 1

ھيجي ھَلِئَا ھوتَ سُونهَارا،
مُون نَہ وَھِيَڻَا، پُنهُونءَ سَڱِيڻَا،
سَسُئِي پُڇي سَاٿَ جَا، اُطَاقُون اوتَارَا،
ٽَلِيُون ٽُونئُرَ حَلَويُون، مَيَنِ سِرِ موچَارَا،
آن ڪي ويندَا گَڏِئَا، آريَاڻِي اِھپَارا،
مُونکي نِيندَا پَاڻَ سين، ڪَامِلَ ڪُرَ اُجَارا.

وائي - 2

ھَمسُون سَاٿُ گِيَا ھي، ھَمسُون سَيلُ گِيَا ھي،
ھَمسُون يَارُ گِيَا ھي، جو ڪُجُهہ ڪَرِنَا ڪَرِ رَھِيَا ھي،
ڪَهِي ڪَهِيو قَافِلو، زَنڪِ زُودُ بِيَا ھي،
مَردُ زَنُ مَاتِ ڪِئَا، لَکِڻا لوڪُ لِيَا ھي.

داستان ٻئو
بيت - 1

پَسِي ڏُونِگَرَ ڏَاھَہ، جِمَ ھَلَڻَ ۾ ھيڻِي وَھين،
لاَنچي لَڪُ لَطِيفُؒ چئي، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَاھِہ،
پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي، بَلوچَاڻِي بَاھِہ،
اِنَ وَڙَائِتي وَرَ جِي، آسَرَ ھَڏِ مَ لاَھِہ،
جواَکِينُون اوڏو آھہِ، سو پِريِن پَرَاھُون مَ چَؤُ.

بيت - 2

ھِتَان کَڻِي ھُتِ، جَنِ رَکِئو سي رَسِيُون،
سَاجَنُ سُونهَن سُرِتِ، وِکَان ئِي ويجهو گَهڻُو.

بيت - 3

جيڪُسِ يَادِ ڪِئَاسِ، وَرَ وَڃِي وَڻِڪَارِ ۾،
جَلِدُ جَرِيدِي پَنڌَ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِئَاسِ،
وَڃِي ڪيچِ پُنِيَاسِ، ٻَاروچَاڻِيءَ ٻَاجَهہ سين.

بيت - 4

وَاقُفَ نَہ وَڻِڪَارَ جِي، اَڳَ نَہ ڏيهُہ ڏٺومِ،
ڏُونگَرُ ڏورَاپَنِ سين، ڪَاتِيءَ رِءَ ڪُٺومِ،
جيلاَن مُحِبُ مِٺومِ، ڇُلون ڪَرِيَان تي ڇَپَرين.

بيت - 5

وَاقُفَ نَہ وَڻِڪَارَ جِي، پَاڻِيءَ کَنيمُ نَہ پَاءُ،
جَبَلُ جَلِدَايُونُ ڪَري، تِکَ ڏيکاري تَاءُ،
لَڳي لُڪَ لطيفؒ چئي، مَعُذُورِنِ مَٿَانءُ،
اُتي آڏو آءُ، جِتِ ھُوندِيَسِ ھوتَ ھيڪَلِي،

بيت - 6

وَاقُفَ نَہ وَڻِڪَارَ جِي، نَہ مُون سَاڻُ سَمَرُ،
سَفَرَ جو سَيَدُؒ چَئي، ڏَاڍو سُڄي ڏَرُ،
جَانِبَ ڌَارَان جيڏيُون، ڀَرَوَسو نَہ ڀَرُ،
وِلِهِيءَ ڪَري وَرُ، رَسجِ رَھبَرَ رَاھَہ ۾.

بيت - 7

وَاقُفَ نَہ وَڻِڪَارَ جِي، اَڳِئَان سَفَرُ سَٽَاڻُو،
آڏَا لَڪَ لَطيفؒ چئي، جَبَلُ جورَاڻُو،
پِهرو اُتِ پَاڻُو، سَوَلو ڪِجِ سَاٿَ جو.

بيت - 8

وَقُفَ نَہ وَڻِڪَارَ جِي، بَارِي پُڇي بَرَ،
وَرُ وَسِيلاَ سُپِرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
لَهِجِ لاَلَ لطيفؒ چئي، ڪَانڌَ مُئِيءَ جِي ڪَرَ،
وِلِهِي ڪَري وَرَ، مَڇُڻ مَارَڳِ ڇَڏِيين.

بيت - 9

وَاقُفَ جي وَڻِڪَارَ جَا، وَانءُ تَنِي جي سَڏِ،
نيئِي نِمَاڻِي نِجُهرو، اوٺِيَنِ پَاسي اَڏِ،
سَاٿِيَنِ سين سَيدُؒ چئي، لَڏو لَڏي گَڏِ،
سُکَ ڀَنڀورَ جَا ڇَڏِ، تَہ ڪاھي رَسين ڪيچَ کي.

بيت - 10

ويچَارِيءَ وَڻِڪَارُ، اَڳَ نَہ ڏِٺو ڪَڏِھِين،
مِهرَ نَہ ھُئِي مَاڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪَارُ،
جَتُ ڪِيَائِين يَارُ، سُورَنِ ڪَارَڻِ سَرَتِيُون.

بيت - 11

وَڏَا وَڻَ وَڻِڪَارَ جَا، جتِ جَهائُو جهمَرُ جَهرَ،
ڪوسَا تَپَنِ ڪَڪِرَا، ٻِي ڌَمڌَمِ تَپي ڌَرَ،
ويچارِي ڏي وَرَ، پيرُ نَہ لَهي پِرِينءَ جو.

بيت - 12

وَڏَا وَڻَ وَڻِڪَارَ جَا، جِتِ نَانگَ سُڄَنِ نِيلاَ،
اُتي عَبداللطيفؒ چئي، ڪِئَا ھيڪَلِيُن حِيلاَ،
جِتِ ڪُڙمُ نَہ قَبِيلاَ، تِتِ رَسجِ رَھَبَر رَاھَہ ۾.

بيت - 13

وَڏَا وَڻَ وڻِڪَارَ جَا، جِتِ مِينھَن پَوَنِ مَاڪُون،
سُڄَنِ ٿِيُون سَيَدُؒ چَئي، ھاڙِھي جُون ھَاڪُون،
جِتِ اينڌِيُون اوطَاقُون، اُتِ ٻَاتَاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.

بيت - 14

وَڏَا وَڻَ وَڻڪَارَ جَا، جِتِ چَتُون ۽ چِيهَا،
مَنزَلَ دُور مَنُ تَنَهَا، ڪَنِ ٻوليون ٻَاٻِيهَا،
سَاٿِي سَنيهَا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.

بيت - 15

وَڏَا وَڻَ وَڻِڪَارَ جَا، جِتِ چَتُون چَانگَارِينِ،
شِيشَا لاَلَ گُلاَبَ جَا، ڇَپَرِ ڇَاٽَارِينِ،
مَنزَلُون مَيَنِ جُون، مَعذُورِ کي مَارِينِ،
جيڏِيُون جِيَارِينِ، رَھَنِ رَاتِ ڀَنڀورَ ۾.

وائي - 1

ڪَرَھَا مَ ڪَاھِيو مِيَان ڪيچِي، آئُون آرِيَاڻِيءَ عَرَضُ چَوَندِي،
ڪَري ھوتَ ھَلَڻَ جِي، لُوٺِيءَ کي مَ لَڄايو،
وَسِيلو وِلِهِيءَ جو، آڳَانڍو اَئِينِ آھِيو،
پَاسي ۾ پَرِٽِ جي، جهيڪي اُٺَ جُهڪَايو،
وِلَهِيءَ جي وِھَانءَ ۾، وَاڄَٽَ سَڀِ وَڄَايو،
اُگَهَاڙِي آتَڻ ۾، پَنھِنجِي پَاڻَ پَرَاھِيو،
سَائِينءَ ڪَارَڻِ سُپِرِين، صُورَتَ کي مَ سَڪَايو،
سَاڪِنَ ٿِي شَهرَ جَا، مَعذُورِ کي مَرڪَايو،
پُنهُونءَ ڄَامَ پَرِيَٽِ سين، ويهِي سُورَ وِرَھَايو،
لاَھي بَارُ ڀَنڀورَ ۾، ويندي گهوٽَ وَنَاھِيو،
پُنهُونءَ ڄَاڃِيَڙَنِ کي، رَڌي کيڻَ کَارَايو،
پَرَڻَائي پُنهُونءَ کي، نيکيٽيءَ نِکَڙَايو،
ٻيلِي ٿِي ٻَانڀَڻِ سين، ڏِکي ڏيجُ ڏيکَاريو.

داستان ٽئو
بيت - 1

پُنهُون ڇَڏِئو پوءِ، جَانِبُ جَبَلَ گهورِيين،
تِيلاَھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاَھِين تُون جوءِ،
سَاڄنُ سُڃَ نِهَارِيين، ڏُکِي ڏوھُہ ڪِئوءِ،
ھَاڙِھي ھوتُ نَہ ھوءِ، وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي.

بيت - 2

وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي، سَندَا پُنهُونءَ پَارَ،
سَاڄَنُ سَڀِ ڄَمَارَ، ڏُکِي ڏورِجِ ڏِيلَ ۾.

بيت - 3

ڏُکِي ڏورِجِ ڏِيلَ ۾، پُنهُون پَاڻَ ڳَري،
وَڃِجِ ڪِيمَ پَري، حُبَ ۾ ڳولجِ ھوتَ کي.

بيت - 4

ڪونِهي اُتِ ڪوھِيَار، جِتِ تو ڀورِي ڀَانيو،
پَنڌُ مَ ڪَرِ پَاھَڙَ ڏي، وِجُودُ ئِي وَڻِڪَارَ،
ڌَارِئَان ڀَانِئجِ ڌَارَ، پُڇُ پِرِيَان ڪَرَ پَاڻَ تُون.

بيت - 5

سَڀيئِي سَارِي سَسُئِي، گَهَر ڪُنڊوُن تُون گهورِ،
وَڃِي ڏورِ مَ ڏورِ، دَرَان مَنجِهہ دوسِتُ ٿِئو.

بيت - 6

دَرَان مَنجِهہ دوسُ ٿِئو، موٽِي پُڇُ پَانِهِين،
عَبَثُ اَڳَاھِين، وَڃِئو ڪُوڪِين ڪَانڌَ کي.

بيت - 7

پَرَ گهَران پَاسو ڪري، پُڇُ پِرِيَان ڪَرَ پَاڻُ،
سو تَان توھِين سَاڻُ، جنھِن لَئي جَفَائُون ڪَرِيين.

بيت - 8

سوئِي کَڻِئو سَاڻُ، سوئِي ڏورِيين سَسُئِي،
ڪَڏِھِين ڪَنِي نَہ ڪِئو، ڄُلَڻَ مَنجَهان ڄَاڻُ،
پُڇُ پِرِيَان ڪَرَ پَاڻَ، تَہ تُون تِئَائِين لَهين.

بيت - 9

جو تُون ڏوريين ڏُورِ، سو سَدَا آھي سَاڻُ تو،
لَالَڻَ لَءِ لطيفؒ چَئي، مُنجِهين ٿِي معذُورِ،
مَنجَهان پَئَن پَرُوڙِ، تو مَنجهہ آھِسِ تَڪِيو.

بيت - 10

وَڃين ڇو وَڻِڪَارِ، ھوتُ نَہ گهورِيين ھِتَهِين،
لِڪو ڪِينَ لطيفؒ چئي، ٻَاروچو ٻي پَارِ،
ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهُونءَ سين پَارِ،
نَائي نيڻَ نِهَارِ، تو مَنجِهہ ديرو دوسَ جو.

بيت - 11

ڀُلِيُون ڪوھُہ پُڇَنِ، پَرَ پُٺِ پِيرُ پُنهُونءَ جو،
لَهسِيُون ٿِيوُن لُڇَنِ، ڏٺو جَنِ اَکِينِ سين.

بيت - 12

ڪوڙِيين پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ پُڇي ڪَا ھِڪِڙي،
جَنِ جو پُنهُونءَ سين پيچُ، سي پَاڻِين ٿِيندِيُون پَڌِرِيُون.

بيت - 13

ڪُوڙِيُون پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ نَہ ڏورِينِ ھِتَهِين،
جَنِي پُنهونءَ سين پيچُ، تَنِ پيرين پَنڌُ وِسَارِئو.

بيت - 14

ھَلُ ھِينيين سين ھوتَ ڏي، پيرين پَنڌُ وِسَارِ،
قَاصِدَاڻِي ڪَارِ، ڪِينَ رَسَاڻي ڪيچ کي.

بيت - 15

ھَلُ ھِنيين سين ھوتَ ڏي، پيرين ڪَرِ مَ پَڌُ،
رَائي پُڇُ مَ رَندُ، رِڙِھُہ رُوحَانِي سَسُئِي.

بيت - 16

ھَلُ ھِنيين سين ھوتَ ڏي، ڇَپَرِ ھَڏِ مَ ڇُلُ،
آرِيَاڻِي اَمُلُ، ڪَايا ۾ ڪَانڌُ ٿِئو.

بيت - 17

ھَلُ ھِنيينِ سين ھوتَ ڏي، ڇَپَر ڇُلُ مَ تُون،
مَنجهَان لَڌو مُون، ڪوھِيَارو ڪيچَ ڌَڻي.

بيت - 18

ھَلُ ھِنيين سين ھوتَ ڏي، سِسِي کَڻُ مَ سَاڻُ،
جَنِي ڀَانيو پَاڻُ سي آرِيَاڻِيَان اوري رَھِيون.

بيت - 19

ڪِجي جِيئَن ڪيچنِ لَءِ، تِيئَن تَان ڪِينَ ڪِيوءِ،
وِيجَهائي وِڌوءِ، وِکَ نَہ کَنيَئِي ھيڪَڙِي.

بيت - 20

ڪِجي پَنڌُ پُڇَان تو، ڪيچِنِ ڪَارَڻِ ڪِيئَن،
بي خُودِ ھَلِجِ بَرَ ۾، آئون ٿو چَوَان ايِئَن،
سِڪَڻُ سَاڄَنَ سِينءَ مَتَان مُٺِي ڇَڏيِين.

بيت - 21

مَتَان مُٺِي ڇَڏِيين پِريَتَڻُون پَاڻَان،
ڄَاپَنِ جِيئَن جَاڙَا، تُون پَڻِ ھوئِجِ تَنِ جيئَن.

بيت - 22

مَتَان مُٺِي ڇَڏِيين، پَاڙَان پِريَتَڻُون،
کَٿُورِيءَ ڪَڻُو، مَڙھي مَرِجِ مُنهَن ۾.

وائي - 1

غَفلَتَ يَارُ گَنوَايو، ٻَڙِي جيڏِيُون،
ڪِيئَن ڪَرِيَان ڪوھُہ ٿِئو،
سُتِيَسِ تَان سَاٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تَان ڏُکُ آيو،
پُڇَان ٿِي پُنهُونءَ کي، عَبَثُ تَان اُنَ کَايو،
ھوتَ ھَلَندي جَا ڪَئِي، سَا مُون ڳَالِهہ سُڻَايو.

داستان چوٿون
بيت - 1

ھيجُ نَہ ھُوندو جَنِ، سي ڪِيئَن وِندُرِ ويندِيُون،
وِھو وِچِ رَھَنِ، سَهسين سَڌُنِ وَارِيُون.

بيت - 2

سَڌَائِتِي سَڀَڪَا، بُکَ نَہ بَاسي ڪَا،
جيهِيءَ تيهِيءَ ذَاتِ جِي، جُنبَشِ ڪَانِهي جَاءِ،
مُون سين ھَلي سَا، جَا جِيءَ مِٺو نَہ ڪَري.

بيت - 3

ڪيچِ نَہ جُنبَڻَ جَاءِ ، تَہ ڪا ھَلَندِي ھوتَ ڏي،
مُون سين ھَلي سَا، جَا جِيءُ مِٺو نَہ ڪَري.

بيت - 4

ڏُونگَرُ نَہ ڏوري، سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَري،
ويٺِي گهَرِ گهوري، مَٿَان پِرِيَنِ جِندَڙو.

بيت - 5

سُکَنِ وَارِي سَڌَ، مَتَان ڪَا مُون سَان ڪَري،
اَندَرُ جَنِي اَڌَ، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.

بيت - 6

ڪوھُہ ٿِيُون ڪوڙُ ڪَرِيو، ڪَانَہ ھَلَندِي ڪيچ ڏي،
سَرَتِيُون ۽ سَاھيڙِيُون، مُون سين ٻَہ ٽي پيرَ ڀَرِيو،
جَنِي چِتُ چَرِيو، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.

بيت - 7

اَئِيين جِي وَرَنِ وَارِيُون، سَرَتِيُون سَڌَڙِيُون،
آرِيَاڻِيءَ پُنهونءَ جي، ٻولَ نَہ ٻَڌَڙِيُون،
جي لِکِئي لَڌَڙِيُون، ڏُونگَرُ سي ڏورِينديُون.

بيت - 8

وَڃو سَڀِ وَرِي، اَئِين جي وَرَنِ وَارِيُون،
ڦوڙَائي فِرَاقَ جِي، سُڄي ڳَالهِہ ڳَرِي،
ٻُنڀَان جَنِ ٻَريِ، ڏُونگَرُ سي ڏورِينديون.

بيت - 9

اَئِين وَريتِيوُن وَرو، آئُون نَہ وَرَندِي وَرَ ري،
جَاڏي ھِنَ جَبَلَ جو، تَانگهِيندَيسِ تَرو،
جَتَنِ سَاڻُ ذَرو، نِينهُن نِبيرَڻُ نہَ ٿِئي.

بيت - 10

وَڃو سَڀِ موٽِي، اَئِين جي وَرَنِ وَارِيُون،
ڪَانَہ ھَلَندِي ڪيچَ ڏي، مُونکي ڪَرِيو مَ کوٽِي،
ڪَڍِيَم ڪَا ڇوٽي، وِڌُمِ جوڳُ جَتَنِ لَءِ.

بيت - 11

اَڄُ مَلِيندِيَسِ مَاءُ، ڌَاڄَا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙَا،
جِيجَان جوڳِيَاڻِي ٿِيَان، مُونکي جَهل مَ پَاءِ،
ھوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنِرَ پَايَان.

بيت - 12

ڪُنِرَ ڪَڪَا ڪَپِڙا، مُنڌَ لُڇيِ ڀَرِ لَڪَنِ،
يَادِ نَہ پيئِي جَتَنِ، ڇَڏي وِيَسِ ڇَپَرين.

بيت - 13

مُون کي ڀَانئين ڀَاڄَ، ڏيرَ ڏورَاڻَا ھَلِئَا،
اَڳِيَان اُٿِي اُنَ جي، خُوبُ نَہ پَڪَمِ کَاڄَ،
ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪي ڳَايَمِ ڳَاڄَ،
سَامُون ھَٿَان نَہ ٿِي، جيڪَا رَسمَ رَاڄَ،
آيَلِ آئُون اَڪَاڄَ، ٻولُ ٻَروچي وِتَرو.

بيت - 14

تو جو ٻولُ ٻَروچَ، ويهِي ڪِئو وَڻِڪَارِ ۾،
سوئِي پَارِجِ ھوتَ، وِلِهِيءَ مُون مَعذُورِ سين.

بيت - 15

پِهرِين تُون پَاريجِ، پَارَڻ پوءِ پُنهُونءَ تي،
ٻولُ وِسَاريجِ، ھُو جو ڪِيئِي ھوتَ سين.

بيت - 16

تو سين ٻولَ ٻَهوُن، سَهسين سَاڄَنُ جي ڪَري،
ڪَندِينءَ توءِ ڪَهُون، جي نَالو ڳِيَڙءِ نِينهَن جو.

بيت - 17

سُڻِي ٻول سَندَانِ، جِمَ سُمَهين سَسُئِي،
ڪَندِينءَ ڪوھُہ ڪيڻانِ، جُہ سي اُنِ اورانگهِئا.

بيت - 18

ڇُلاَن مَنجِهمِ نَہ ڇَاڪَ، پُران پُونِمِ پُرڪَڻَا،
مَڇُڻُ ڪَا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مَذَاقَ،
چِتُ سَندو مُون چَاڪَ، ھَاڙِھي ھَڏِ ھَڻِي ڪِئو.

بيت - 19

پيرين پئا پُرڪَڻَا، رَھَہ ۾ گهَڻُو رُنومِ،
پارَاتو پِرِينءَ کي، تَپِي تَان نَہ ڏِنومِ،
چُڪِي ٿي چِيومِ، سُوَاھيرو سين سَڄَڻين.

بيت - 20

چُڪِيءَ کي چَئِي، ڪَا جَاڳَائي جيڏِيُون،
وِئَڙو سَاٿ وَھِي، تو نِنڊَ ائِين نَہ لهَي.

بيت - 21

چُڪَسِ سَڀِ چَئِي، مَاڻهُو شَهرَ ڀَنڀورَ جَا،
سَا موٽي ڪِيئَن مُئِي، جِنهِن جو جَانِبُ جَتَ وَٺِي وِئَا.

بيت - 22

موٽَڻَ جَا مَذڪُورَ، جَان ڪي چَيَسِ جيڏِيين،
پَرِٽِ پِهرِين پُورَ، نِيئِي پَهچَائِي پِرِينءَ کي.

بيت - 23

سَڳَرُ جو سَنئُون، سو مُون آڇيو جيڏِيُون،
پَئِي پُرَاڻُو نَہ ٿِئي، اَڃَا نِينهُن نَئُونَ،
تہ مُون ڏِينهُن سَنئُون، جي ٻِيهَرَ ٻَاروچي مِڙَان.

بيت - 24

موٽَڻَ جِي مَصلِحَتَ، مُون کي ڏِيو مَ جيڏيُون،
نِهارِينديَس نِڪَڻِي، آرِيَاڻِي اَلبَتَ،
ڪِندِيَسِ اوٽ اُنِ جي، لَڪَن ڏيئي لَتَ،
سَرَتِيون شَريِڪَتَ، آئُون ڪيئنءَ آگَنِ سين ڪَرِيَان.

بيت - 25

مُون کي ڏيو ڪِينَڪِي، موٽَڻَ جِي ڪَا مَتِ،
ڪَندِيَسِ ڪَانَہ ڪُپَتِ، سَاھُہ اُنِ تَان صَدَقو.

بيت - 26

موٽَڻَ کَان اَڳي مَرَان، موٽِي مَرَان مَ مَاءِ،
لُڇَي لاَلَڻَ لاَءِ، شَالَ پُوندِيَسِ پيرَ تي.

وائي - 1

مَعلُومُ حَالُ حَبِيبَ، مُونکي دَردُ قَدِيِمي وو،
دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو،
آلُودِي آزَارَ کَان، تو رِءَ ٿِيَسَ طَبِيبَ،
شَاَدِي ڏِيين صِحَت جِي، غَمِي لَاھِہ غَريِبَ،
ڪَاھِلِ آھِيَان ڪُوَڙِي، رَسِي لاَھِہ رَقِيبَ،
حَاذِقُ آھِيين ھِنَ جو، اَچين شَالَ عَجِيبَ،
اَگهِي ٿِي آھوُن ڪَرِيَان، نَعرو مَنجِهہ نَصيبَ،
دَوَا آھِيين دِلِ جِي، پُڇ پُڇ رَھيَسِ طَبيبَ،
الاَ عَبدُالطيفؒ کي، ڪوڙي لاَءِ قَرِيبَ.

داستان پنجون
بيت - 1

ڀَڄِي جَان ڀَنڀورَ کَان، ڏُونگَرُ ڏورِئو مُون،
ڪَاھي رَسِيَسِ ڪيچَ کي، جِتي پَاڻَ پُنهون،
سَڀَتِ آھِيين تُون، قَضَا ڪَندين ڪَنِ سين.

بيت - 2

پيهِي جَان پَاڻَ ۾، ڪِيَمِ رُوحَ رِھَاڻِ،
نَڪو ڏُونگَرُ ڏيهَہ ۾، نَڪَا ڪيچِنِ ڪَاڻِ،
پُنهُون ٿِيَسِ پَاڻِ، جَان سَسُئِي تَان سُورَ ھُئَا.

بيت - 3

ڏِنَا جِيئَڻَ لاَءِ جيڏِيُون، ڏيرَنِ مُونکي ڏُکَ،
ڀَڳِيَسِ جَان ڀَنڀورَ کَان، سُورَ مِڙيئِي سُکَ،
لَٿِي مُون تَان لُکَ، پُنهُون ٿِيَسِ پَاڻَهين.

بيت - 4

پُنهُون ٿِيَسِ پَاڻَهِين، وِئو سَسُئِيءَ جو شَرَمُ،
ھيڪَلِيُون ھَلَنِ جي، ڀَڄي تَنِ ڀَرَمُ،
جو وِندُرَ مَنجِهہ وَرَمُ، سو سودو سَرِئُسِ ھِتَهِين.

بيت - 5

پُنهُون ٿِيَسِ پَاڻَهِين، وِئو سَسُئِيءَ جو سِينگَارُ،
مَن عَرَفَ نَفسَهٌ فَقَد عَرَفَ رَبَّهٌ، اِھوئِي آچَارُ،
وِندُرَ منجِهہ وَاپَارُ، سو سودو سَرِئُسِ ھِتَهِين.

بيت - 5

ويئِي سُونهَن سَسُئِيءَ جِي، پُنهُون ٿِيَسِ پَاڻَ،
سَڀَنِي جِي سَيَدُؒ چَئي، آھي اِتِ اُمَاڻَ،
ڀَنڀورَ جَا ڀَاڻَ، آڏَا عَجِيبَنِ کي.

بيت - 6

پُنهُون ٿِيَسِ پَاڻَهِين، ويئِي سَسُئِيءَ جِي سُونهَن،
خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُورَتِه، وَڻَنِ مَنجِهہ ورُونهَن،
چَرِيءَ مَنجهَان چُونهَہ، کَڻِي ھوتُ ھَنجَ ڪِئو.

بيت - 8

وَھَمَ وِرسَايَاسِ، نَہ تَہ پُنهُون آئُون پَاڻَ ھُئِي،
پَاڻُ وِڃَايُمِ پَانھِنجو، پَئِي پرِيَان جي پَاسِ،
رَتِي عِلمَ نَہ رَاسِ، پَسَڻَ ڌَارَان پرِينءَ جي.

بيت - 9

ڪَافُون ڪَاھِيندِيَاسِ، موٽَان تَہ ڪُرَ مِيهَڻون،
ٻَانِهِي ٻَاروچَنِ سين، سَنڱ نَہ سَاھِيندِيَاسِ،
اَلفرَاقُ اَشَدُ مِنَ الَموتِ، ھِتي نَہ ھُوندِيَاسِ،
آھَہ نَہ لاَھِيندِيَاسِ، جِيئَري جَتُ ڏِسِي مَرَان.

بيت - 10

ڏُکَنِ پُٺِيَان سُکَ، سِگهَا ٿِيندَءِ سَسُئِي،
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ،
ڏورِجِ پَاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻَاجَهہ ٻَروچَ کي.

بيت - 11

ھيڪَرَ ھُئَڻُ وِڃَاءِ، تَہ ويجِهي ٿِيين وِصَالَ کي،
وَاذڪُر رَبَک فِي نَفسِک، پَهِي اِيءَ پِڃَاءِ،
لاَلَڻَ کي لِيلاَءِ، تَہ پَئي ٻَاجَهہ ٻَروچ کي.

بيت - 12

ھيڪَرُ ھُئَڻُ ڇَڏِ، تَہ اوڏِي ٿِيين عَجِيبَ کي،
مَارَاَيتُ شَيئاً اِلاَ وَرَاَيتُ اللہَ فِيهِ، نيئِي اَجَها اوڏَاھِين اَڏِ،
تَہ ھوتُ توھِين کَان ھَڏِ، پِريِن پَاسي نَہ ٿِئي.

بيت - 13

ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُہ پَهِي،
وَفِي اَنفُسِڪُم اَفَلاَ تُبصِرُونَ، سوجهي ڪَر سَهِي،
ڪَڏِھِين ڪَا نَہ وَھِي، ڪَا ھوتُ ڳولَڻَ ھَٽَ تي.

بيت - 14

ھوتُ تُنھِنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھُہ پَرِيَاڻُ،
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيہِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ، تُنھنجو توئي سَاڻُ،
پِنھِنجو آھي پَاڻُ، آڏو عَجِيبَنِ کي.

بيت - 15

ووڙِيَمِ سَڀِ وَٿَاڻَ، يَارَ ڪَارَڻِ جَتَ جي،
وَاللہُ بِکُلِ شَيءِ مُحِيطُ، اِي آرِيَاڻِيءَ اُھڃَاڻَ،
سَڀَ ۾ پُنهُون پَاڻَ، ڪِينِهي ٻِئو ٻَروچَ ري.

بيت - 16

سَرَتِيُون سَڀوئِي ٿِئو، اَندَرِ آرِيَاڻِي،
ويٺِي پَسَان پَاڻَ ۾، ڏُونگَرُ ڏِھَاڻِي،
ھُيَسِ جَنِ ھَاڻِي، سي ڪيچِي گَڏِيَمِ ڪَهَہ ۾.

بيت - 17

ڪَڍَ پُنهُونءَ جي ڪَاھي، چَاٽِيءَ رُوحُ چَرِيو ڪِئو،
اُٿِي ويٺي اوڏَھِين، سُتي پَڻِ سَاھي،
اَلعِشقُ حِجَاب بَينَ العَاشِقِ وَالَمعشُوقِ، لاَ شَڪُ ٿِيءُ لاھي،
آرِيَاڻي آھي، ٻئو سَرتِيُون سُڄي ڪِينَڪِي.

بيت - 18

ڄَاڻِي سُڃَاڻِي، وِھَان ڪِيئَن مَاٺِ ڪَري،
اَندَرِ آڳِ عِشقَ جِي، اَپَر اُڌَاڻِي،
العشقُ نَارُ يحرِقُ مَاسِوَي الَمعشُوقِ، کُوري ۾ کَاڻِي،
آھي آرِيَاڻِي، ٻِئو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَڪِي.

بيت - 19

ڄَاڻِي سُڃَاڻِي، مُون کي ڇَڏي ھَلِئَا،
اَدِيُون آرِيچَنِ لاءِ، آئُون کُوري ۾ کاڻِي،
ڀَرِيُمِ جو پَاڻِي، سو ڪيچِنِ ڪَمِ نَہ آيو.

بيت - 20

ڄَاتُمِ نَہ ڄَاڻِي، تَہ ڪِ سَانگِ ھَلَندَا سُپِرين،
آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيَان پَانِھنِجو اَدِيُون آرِيَاڻِي،
پَاھَڻَ ۾ پَاڻِي، ھَاريُون ھَارَڻُ آيو.

بيت - 21

ڄَاڻِي جي ڄَاتومِ، تَہ ڪِ پُوندو فَلَقُ فِرَاقَ سين،
اَکَرُ اِرَادَتَ جو، ڌُرِيَائِين ڌوتومِ،
پوءِ تَان ڪو نَہ ڪِيومِ، ڪَشَالو ڪيچَ ڏي.

بيت - 22

پَاڻُ نَہ ٿِئي پَاڻَ کَان، پَاڻَان ٿِيين پَاڻُ،
ڄَاڻِي ڏِسِجِ ڄَاڻَ کي، ڄَاڻِي مَنجهَان ڄَاڻَ،
جِمَ سُمَهين سَسُئِي، ٿِيجِ پَنڌِ پَرِيَاڻَ،
ٿِي ھيڪَاندِي ھَاڻِ، لاَلَڻَ سَان لطيفؒ چَئي.

وائي - 1

اوکِيءَ آڳَهُہ آھي، وو آھي،
مُونکي تَان نَہ ڇَڏيندو ڇَپَرين،
آرِي اُگهاڙِنِ کي، پُنهُون ڄَامُ پَرَاھي،
پُڇي پوءِ پِئَنِ کي، لَڪَنِ ۾ لَڏَ لاَھي.

داستان ڇھون
بيت - 1

آءُ اورَھُون سُپِرِين، وَڃُ مَ اَڳَاھُون،
ٿَڪِي کَڻي ٿَرَنِ ۾، ٻَاڪَارِئو ٻَاھُون،
دَرَدَ جُون دَانهُون، مُون مَارِيندِيُون موٽُ تُون.

بيت - 2

آءُ اورَاھُون سُپِريِن، وَڃُ مَ پِيءَ پَري،
مُون ڏِٺي مُون وِسَهو، وِرچِي تَانِ نَہ وري،
ڌَارَان مُنهَن مَري، ڏُکِيءَ جي ڏيکارِيين.

بيت - 3

آءُ اورَاھون سُپِرِين، پَري وَڃُ مَ پِيَ،
موٽُ مَرَندِيَسِ ڇَپَرين تُون جِيَارو جِيءَ،
ھوتَ مَ ڇَڏِج ھِيءَ، پُنهُون پِيَادِي پَنڌَ ۾.

بيت - 4

آءُ اورَھُون سُپِريِن، ڏُکِيءَ ڏيجِ مَ ڏَاگهُہ،
وَٽِ ڇَڏي مُون وَاگهُہ، آرِي وِئين عِشقَ جو.

بيت - 5

آءُ اورَاھُون سُپِرين، ڏُکِيءَ ڏَاگُهہ مَ ڏيجِ،
پيهِي گهَرِ پُڇيجِ، ھوتَ ھَلاَوَتَ نَہ ٿِئي.

بيت - 6

آءُ اورَاھُون سُپِرين، آرِي لَڳِ اَللہَ،
توکي سَارِئو سَاھُہ اُڪَنڊِئو آھُون ڪَري.

بيت - 7

آءُ اورَاھُون سُپِرِين، اَللہَ لَڳ آرِي،
ڀُڻَان بيڪَارِي، تُون پَارِسَ رَسِجِ پَٻِ ۾.

بيت - 8

مَڇُڻِ وَرَ وِسَارِئين، صَبُرُ نَہ سَارِيَان،
توکي نِهَارِيَان، آءُ منھِنجا سُپِرين.

بيت - 9

ھَٿَان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيَان، صَبُر شُڪرَانُو،
ذوقَ زَمَانُو، مُون وَرَ وِئَڙو وِسَري.

بيت - 10

صَبُرَ ۽ شُڪِرَکي، ڪَاڏي آئُون ڪَندِي،
آھِيَان جَنھِن سَندِي، سوئِي گهُرِجي سَاڻُ مُون.

بيت - 11

صَبُرَ ۽ شُڪِرَ کي، وَٺِي آئون ويٺِي،
ڏُکِيءَ سين ڏيٺِي، ڪَا ڪِجِ اَچِي ڪَڏِھِين.

بيت - 12

صَبُرَ ۽ شُڪِرَ کي، ھَٿِ ڪِئو مُون ھَاڻِ،
پِريَمِ اَچي پَاڻِ، پَٽِيءَ کي پُڇيجِ تُون.

بيت - 13

نَاھِہ جَميعَتَ جَان کي، ھوتَ پُڄَاڻَا ھَاڻِ،
اَللہَ سيئِي آڻِ، جَنِ سَاءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.

بيت - 14

نَاھَہ جَمِيعَتَ جَانِ کي، ھوتَ پُڃَاڻَا ھِتِ،
پُنهُونءَ جِيءَ پِرتِ، سَاءُ چَکَايُمِ سِڪَ جو.

بيت - 15

نَاھِہ جَميعَتَ جَانِ کي، پُنهُونءَ پُڃَاڻَا،
سي مُون سِيبَاڻَا، جَنِ سَاءُ چَکَايُمِ سَڪِ جو.

وائي - 1

دَردَ مُنھِنجي جَا دَارُون، يَارَ موٽُ سَٻَاجَها سُپِريِن،
مُون لَڳِيُون مُون وِسَهو، مَحبَتَ جِيُون مَارُون،
سُکَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئو، سُورَنِ لَڌَڙِيَم سَاروُن،
مَائِٽَنِئُون گهَڻا ڪِئَا، ڪُسَنَ مُون سين ڪَارون.

وائي - 2

ڪِهَڙي ويلي جو لَنگهِي آئُون،
ڇو ڄَاڻَان وي لوڪَ مُٺِي آھِيَان،
گهاءُ مِٺَاندا ڇُٽَندَا نَهِين، ظَاھِرَ ڪِيتَا تَنِ اَکِيَان.

داستان ستون
بيت - 1

ڏُورِ مَ ڏيهِہ وِئو، پيرُ تُنھِنجي پِريِنءَ جو،
وِھَڻُ وَاٽَڙِيُنِ تي، ڪيچِيَنِ ري ڪِهو،
وِندُرِ جو وِئو، اَلاَ وَاري آڻِيين.

بيت - 2

وِندُرِ جي وَڃَنِ، سي مَرُ ٻَڌَنِ سَندِرَا،
ٻِيُون ڪوھُہ ٻڌَنِ، ڇوڙي جي ڇَڏِيندِيُون.

بيت - 3

ڀِيڙي ڀِيڙي ٻَڌُ، سُورَائِتِي سَندِرو،
ڪيچُ پَرَاھُون پَنڌُ، مَتَان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرين.

بيت - 4

موٽِي ٻَڌُ ٻِهَارَ، سُورَائِتِي سَندِرو،
ڇَپَرُ تُهَان ڌَارَ، ڪَانَہ ڏورِيندِي ڏُکَ سين.

بيت - 5

وِندُرِ وَرَ ڏِنَامِ، ڪيچِيَنِ ڪَارَڻِ ڪيتِرَا،
ٻَاروچَا ٻَاجَهہ ڀَرِيَا، گوشي ھُوندَ گَڏِيَامِ،
چيتَاري چَيَامِ عَرضَ پَنھِنجَا اُنِ کي.

بيت - 6

ھيڪَانديءَ ھوئِي اُٿِي رَاتِ رَوَان ٿِئَا،
سَاھُہ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهُون وِئو پوئِي،
چيڏِيُون جي مَان وَسِ جَتَ ھُئَا، تَہ رَھَايَم روئي،
رَھُہ قَضَا دَمُ ڪوئِي، ھيڪَرَ ھيڪَاندِي ٿئَان.

بيت - 7

ھيڪَاندِيءَ ھوئِي، پِريِن پَاڻورِيءَ ھَلِئَا،
ڪَندِينءَ ڪوھُہ روئِي، پُوندو سَانگُ سَڀَ ڪَنهِن.

بيت - 8

ڏيهُہ ڏِيهَائِين ڏُورِ، پَرَ ڏيهَان پَري ٿِئو،
سيڻَنِ ڪَارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَرَاھين پُورِ،
تُون ٿو وَڃين ھوتَ حُضورِ،مُنھِنجو جِيئَڻُ جيلَاھِين ٿِئي.

بيت - 9

جِيئَڻُ جَتَ ڌَارَان، مَعذُورِ جو مَسَ ٿِئي،
چَانگَنِ سِرِ چَڙِھي وِئَا، سَاٿِي سَوَارَا،
اَکِيون اوتَارَا، پَسِئو رُونِ پُنهُونءَ جَا.

بيت - 10

پَسئِو رُونِ پُنهُونءَ جَا، اَکِيُون اوتَارَا،
مُون ڀَانيو مون وَٽِ، ھُوندَا ڄَمَارَا،
سَاٿِيَنِ سَوَارَا، ڪِئو ڪيچُ اَکِيُنِ ۾.

بيت - 11

ھَڏِ نَہ سَاھُہ سُڌيِرُ، دِلِ دَرمَاندِي دوسَ ري،
پَائي وِئَا پِرتِ جو، زورَاوَرُ زَنجِيرُ،
جِيءُ جُسو جَاڳِيرُ، ھَاڻي مَلڪَ ھوتَ جِي.

بيت - 12

عُمِرِ سَڀِ عِشقَ سين، پُنهُون جي پُڇَنِ،
رِيسَ ريزَالِيُون تَنِ سين، ڪُڄَاڙي کي ڪَنِ،
مَارَڳِ جي مَرَنِ، وَڏَا طَالِعَ تَنِ جَا.

بيت - 13

وڏو طَالِعُ تو، لَڳِينءَ پيرِ پُنهُونءَ جي،
سَسُئِي اِنَ سُتُونَ کي، رويو رويو رو،
ويٺِي ھِتِ مَ ھو، ھَلين تَہ ھوتُ لهَين.

بيت - 14

ويٺِن ڪو نَہ وَرَاڪو، سُتِيَن ڪونِهي سَنڱ،
ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئو، اَنگهُنِ چَاڙِھي اَنگُ،
بَاسي ڀئِي ڀَنگُ، رِڙِھِي ڄَامَ رَسِيُون.

بيت - 15

ويٺي وَرِ نَہ پُونِ، سُتي مِلَنِ نَہ سُپِرين،
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسَافِرَ سُپِريِن.

وائي - 1

لوچِ دَا وي بَلوچَ دَا، ميرَا مَنُ،
پِيرَان نوُن سَڏيِندِيَان، سَڳَرَ پَٽِيدِيَان،
اَلاَ ھو آڻِ مِلاَئِيين پُنهُون ڪيچ دَا.

وائي - 2

ھوتَ سي ھَلَڻَ ھَارَا، جيڏِيُون ڪِيئَن ڪَرِيَان آئُون اُنِ سين،
کوءِ پَلَنگَ ٻَنِ مَاڙِيُون، کِيَڻَ ٿِيَڙَمِ کَارَا،
سُونهَنِ سُپيرِين جَا، آتَڻَ وَٽِ اوتَارَا،
آھِيَان پَٿِ پُنهُونءَ جي، ڪَندِيَس ڪُنِرَ ڪَارا،
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِريِنءَ جو، ھَي ھَي ھَٺَ اَسَارَا،
ڪيچِيَنِ ڪَرَھَہ پَلاَڻِئَا، مَيَا سي ٿِئَڙَمِ مَارَا،
سَاري سُپيرِيَنِ کي، رُوندَا سي نيڻَ ويچَارا،
اَنڌِيَنِ آسَرَ آھِيين، موٽِجِ مُحِبَ موچَارا،
ويٺو ڏي ڏُکِيءَ کي، پُنهَلُ ڄَامُ پُوڄَارَا.

داستان اٺون
بيت - 1

ڏوري ڏوري ڏيهُہ، ٿَڪِيَسِ ٿورو لاَءِ مُون،
اُوچَا پَاھَڻَ پَٻَ جَا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيهُہ،
ھِڪُ پَاھَڻُ ٻِيو پَرَ ڏيهُہ، موٽُ سَٻَاجَها سُپِرِين.

بيت - 2

ڀَايَاڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪِرَا،
لاَنچي لَڪُ لطيفؒ چَئي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ،
رَائو مِڙوئِي رَتَ سين، ڪَارَڻِ ڪَانڌَ ڪَڪورِ،
جَتُ وَڃي ٿو جورِ اُپُڙُ تَہ اوڏِي ٿِيين.

بيت - 3

جُٽَ پِٽي پِهُہ جَهنگِ، ھَاڙِھي پُڇَ مَ ھوتَ کي،
سُورُ سُٻيلِي سَسُئِي، لَڪُ تَهيِن سين لَنگهِہ،
سُپيرِيَان جي سَنگِ، مُنڌَ ميڙَائو تو ٿِئي.

بيت - 4

جُٽَ پِٽي پِهُہ جَاٽَ، ھَاڙِھي پُڇُ مَ ھوت کي،
لَڪَنِ ۾ لَطيفؒ چَئي، ٿِيندَءِ پيرَ پَيمَاٽَ،
ڇَڏِ مَ گَسُ گُنگُنِ جو، وَٺُ اُھَائِي وَاٽَ،
ڳوڌَنِ وَرَايَا ڳَاٽَ، تُون پَڻِ ھَلِجِ تَڪِڙِي.

بيت - 5

اَڃَا تُون اَوَاٽَ، وَاٽَان پَاسي ويسرَي،
سُونهِين ٿِيءُ سُوَاٽَ، تَہ مَنجَهان دِلِ دُکُ لهَي.

بيت - 6

سُونهَان چَائِين سُڌِ نَہ ڏيِنِ، سَسُئِي پُڇُ مَ سي،
مَتَان توھِين کي، وَاٽَان وِرسَائِينِ ڪِي.

بيت - 7

سُونهَان چَائِين سُڌِ نَہ ڏِينِ، ڪو نَہ سُڄي سونهوُن،
دُکَائي دُونهُون، وَٽَان مُون وَاٽَ ٿِئَا.

بيت - 8

اوجَهڙِ اَسُونهِنِ، ڏيهُہ گهَڻوئِي ڏورِئو،
سَڳَرِ رِءَ سُونهَنِ، پَهتِي ڪَانَہ پَنڌُ ڪَري.

بيت - 9

ويهُہ مَ وِسَاري پُڇَا ڪَرِ مَ پَنڌَ جِي،
نِرمَلُ نِهَاري، ھَلَندِنِ تَان نَہ ھَٿِ ڪِئو.

بيت - 10

پُڇِين جَان ٻَروچُ، تَان پَاسي ڪَرِ پَرھيزَ کي،
جَنِ ڏٺو ھوتُ، تَنِ ديِنَ سَڀيئي دُورِ ڪِئَا.

بيت - 11

پُڇِيوءِ تَہ پُورِ، نَان تَہ پُڇَڻُ ھوءِ نَہ پرِينءَ کي،
ڏورَڻَ وَارِيُون ڏُورِ ھَڏِ نَہ آھِينِ ھوتَ کي.

بيت - 12

پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏِھِين تَڏِھِين پِرِينءُ کي،
ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جَا.

بيت - 13

ڏُورِ مَ تُون ڏورِجِ، صَبُرُ ڪَرِ مَ سَسُئِي،
پُرَڻُ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِھَڻُ وِسَاريجِ،
سَڌُنِ جَا سَيَدُؒ چئي، لاَڳَاپَا لاَھيجِ،
ھِنيين سَاڻُ ھَليجِ، پَنڌُ پَاسي ڀَرِ نِبِري.

بيت - 14

سَؤُ ڪوھَنِ سَڀَڪَا ڪَري، تُون کُهِي کَڻِجِ وِکَ،
تَاڻِجِ مَ مَنجَهان تِکَ، پَنڌُ پَاسي ڀَرِ نِبِري.

بيت - 15

کُهِي جَا کَنيَائِين، تَنهيِن وِکَ ويجِهي ڪِي،
ڇِڪي ڇِنَائِين، پَنڌُ مِڙوئِي پَٻَ جو.

بيت - 16

کُهِجُ مَ اُڄَان کيهَہ، گردَ پَسُ گُنگَنِ جِي،
ڏُکِي مَنجهَان ڏيهَہ، نِڪِرُ نَانهِہ ڪُلِهي ڪَري.

بيت - 17

اِيءُ ڪَمُ ڪوھِيَارَنِ، جِيئَن کُهِيُون کَڻَنِ پَاڻ سين،
اَڌَرَ نِڌَرَ پَانهِنجِي، سَڀِ نِبَاھِيو نِيَنِ،
ڇَڏيِو وَڃو ڇَپَرين، ھِيئَن تَان ھوتَ نَہ ڪَنِ،
ڏُونگَرَ مَنجِهہ ڏِيَنِ، دِلاَسَا دَرَمَاندِيين.

بيت - 18

ڪِ ڪِي ڪَڙِيَان پيرَ، ڪِ ڪَڙَھَان ڪيچَ ڌَڻِينِ کي،
اِيءُ ڏَنءُ ڏيئي ڏيرَ، پَاڻَان پَرَاھَان وِئَا.

بيت - 19

ڪَڙُھہ پَڻِ ڪيچَ ڌِڻِيَنِ کي، ڪَڙِ پُڻِ پيرَ سَندَانِ،
اِنِهيءَ پَرِ اُتَانِ، پُوندِينءَ مُنڌَ پَهَاڙَ ۾.

بيت - 20

ڪَڙِھي ۽ ڪَڙي ، پَرِ ۾ پيرُ پنهُونءَ جو،
سِڪَ ٻَڌائِين سَندرو، جَانِب لاءِ جَڙي،
لَڪَنِ سِرِ لطيفؒ چئي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جَهڙي،
پَڻِيءَ تَان نَہ پَڙي، جي عُمرِ سَڀَ اِيئَن ڪَري.

بيت - 21

لُڇي ڪِينَ ڪُڇي، آٽي مُنڌَ اَندوھَہ ۾،
پَرِ ۾ پيرُ پُڇي، لاَلَڻَ جو لطيفَؒ چَئي.

بيت - 22

اُجهي مُنڌَ اَويرَ، اَٺَ ئِي پَهِرَ آٽَ ۾،
وِيَسِ ويرِيَپو ڪَري، ڏُونگَر ڇَڏي ڏيرَ،
لَڙِئي سِجِ لطيفؒ چَئي، پَٻِ نِهَاري، پيرَ،
ڪَهِي جَا ڪُويرَ، سَا ھَادِي ميڙِيين ھوتَ کي.

بيت - 23

ٻَلَرِ لَڳو ٻَاڻُ، پَسو جوءِ ذَرَا ٿِي،
سَا مُنڌَ مَري نَہ جِيئي، پيئِي پَڇَاڙي پَاڻُ،
سَسُئِي سُورَنِ سَاڻُ، سَنڀُوڙِي سَيَدُ چَئي.

بيت - 24

ٿَڪُ تَہ ٿِيين ٿَانءِ، پَهتِي ڪَانَہ پَنڌُ ڪَري،
سي لَالَڻَ ھَنيُون لاَءِ، مَنجَهان حُجَ ھَلَنِ جي.

بيت - 25

ٿَڪِيَائِي ٿَرُ ٿيلِهہ،چَڙُھہ چُڪِيَائِي چوٽِيين،
ھَلَندي ھوتَ پُنهون ڏي، ڀَؤَ مِڙيئِي ڀيلِ،
اُٿِي رَائو ريلِ، ويٺِيَنِ تَان وَارِي وَري.

بيت - 26

پَسو پَرَاوَنِ، سورَنِ آڏِي سَسُئِي،
پُراَڀَا پَنهِنجَنِ، وِجَهنِ ويچَارِيءَ تي.

بيت - 27

سُورَ ڪِنهِن مَ سَلُ، مَڇُڻُ ڄِڀَ ڄَرَاٽِئين،
ھَڏُ ڪَرِنگهَرُ مِکُ، مَنجهِئِي مَحَوُ ٿِيي.

بيت - 28

ڪُـڄَاڙو ڏيئِي، آئون مَڙندِي پرِينءَ کي،
سِرُ ٿِي سُنَتَ ڀَانيَان، سَڃِينديَس سوئِي،
اوڙَڪِ اُھوئِي، وِجَهندِيَسِ پيشِ پُنهُونءَ جي.

بيت - 29

جَان سَامَاڻِينءَ سَسُئِي، تَہ ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ،
لاَئي لُنگُ لطيفؒ چَئي، ٿِيءُ بيکَارِيَاڻِي بَرِ،
تہ ويندي پَوي وَرِ، اڳِيَان ھوتُ حُضُورَ ۾.

بيت - 30

سَسُئِيءَ کي سَڏ ٿِئو، اَسَان اولاَڻُو،
پَنڌُ نَہ پِڃَاڻُو، اَڻَ ڪوٺِي ڪَانَ ڪَري.

بيت - 31

سُڻُ تو سَنگ نَہ وَاٽَ ٻَانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين،
ليڙَنِ ڌَڻِي لَڄَايا، ڪَاھِيَائُون ڪَنوَاٽَ،
جُهوٽي ڏيئِي جَهاٽَ، سَبَبِ اِنَ سُتي وِئَا.

وائي - 1

وَڃِي وڃِي ٿِيندِيَاسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪَارَڻِ پِرينءَ جي وو،
آڏَا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجي وو مِجيجِي،
پُڇَان وَاٽَ پَنِهَوارَ تو، ٻَيَڙَ آھِيَان ٻيجِي وو ٻيجِي،
جَا نَہ ھَلَندِي ھوتَ ڏي، پيءُ تَهِين جو پَازِي وو پَازِي،
نِمُ گهُرجي نِينهَن جو، آھِيَان آئون اَروجِي،
ڪَرَھَا ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جَا، جوڙي مَنجِهہ جَمَازِي،
ويندِيَسِ تَهِين وَرَ ڏي، آھِيَان زَالَ جَهِين جِي،
جَا نَہ پُرَندِي پِرِينءَ ڏي، سَا تَان مِلڪَ مي جِي.

وائي - 2

مُون کي جَهلَ مَ پَايو، جيڏيُون آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي،
ھِيءُ جو بَارُ ڀَنڀورَ جو، لوٺِيءَ تَان سَڀِ لاَھِيو،
آھي عَاجِزِنِ تي، سُپيرِيَان جو سَايو،
ڪِينَ وِھِندِيَسِ ڪُنڊَ ۾، نَہ مُون پَيءِ نَہ پَايو،
ڪُٺَلِ ڪَجَائَنِ ۾، چَاڙِھي ھِيءَ ھَلاَيو،
وِھَاري وَطَنِ ۾، شُهدِيءَ کي مَ سِڪَايو،
مُنھِنجو پَنڌُ پِرينءَ ڏي، ريبي تَان مَ رَھَايو.

وائي - 3

ھوتَ ٻَاروچي سَاڻُ،جيڏِيُون جيڏِيُون مُنھِنجِي جيءَ جُون ڳَالِهيُون،
چَڙِھي ڏُونگَرَ چوٽِيين، پُرزا ڪِندِيَسِ پَاڻُ،
ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، يَارَ سَنگ تُنھِنجي سَاڻُ،
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، يَارَ وِڃَايُمِ ڄَاڻُ،
ھَٿَان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيَانِ، سَندو نِينهَن نِڌَاڻُ،
نَصِيبُ ڪَرِ نَہ سُئِيءَ کي، پُنهُونءَ اُٺَ وَٿَاڻُ.

وائي - 4

پَلَڪُ نَہ رَھي دِلِ تو ري، وَرُ مِيَان صَاحِبَ خَانَ بلوچَا،
اُٺَ چَارِيندِيَسِ اُنِ جَا، مَٿَان سي ٽَڪَرَ ٽوري،
ڏُک لاَھِيندِيَسِ ڏيِلَ جَا، سَاڻُ عَجِيبَنِ اوري،
ڪَانگَ کِيندَمِ ڪيچَ جَا، مَاسُ چنجِنِ سَان چورِي،
ڏِيندِيَسِ مَاھُہ مِرُنِ کي، مَٿَان ڪُلَهَنِ ڪوري،
آرِيَاڻِي عَبدُالطيفُؒ چَئي، سَارَ لَهَندُمِ سوري.

وائي - 5

مُون اَنڌِيءَ ڏي اَڄُ ايندَا، ھوتَ سَلاَمَتَ سُپِريِن،
سَنڱ نَہ ڪَندَا سُکَ سين، سُورَ سَڱِيڻَا ٿِيندَا،
پَرِٽِ نِيندَا پَاڻَ سين، ڇورِي تَان نَہ ڇَڏيِندَا،
پَلَئي لَائي پَانهِنجي، نِيَ کي اُتِ نِيندَا،
رَکِي ڳَلُ ڳِلَنِ تي، نِينهَن نيَاپو ڏِيندَا.

وائي - 6

ڪِهَڙو سَنڱ سِيَاڪو، ھَاري تَنِ ھوتَنِ سين،
آئون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪَاڪو،
مُنڌَ پِيَادِي پَنڌُ گهَڻُو، نَہ مُون اُٺُ نَہ نَاقو،
ھُوءَ جَا پِڪَ پُنهُونءَ جِي، چَٽِيَان تِنھِن چُئَاڪو،
پَسَڻَ ڌَارَان پِرِينءَ جي، فَقِيرِ پوءِ مَ فَاقو،
چَڙھِي نَہ سَگهَان چوٽيين، ڏُونگَر ڪونِهي ڏَاڪو،
پرِين پُڇَندِيَسِ پَٻَ ۾، وَڻِ وَڻِ وجِهندِيَسِ وَاڪو،
وِچُ مَ پوءِ وِصَالَ ۾، لَکَ مَ پوءِ لِيَاڪو،
آرِيءَ جو آتَڻ ۾، پُڇَندِيَسِ پَاڻَ پَهَاڪو.

وائي - 7

ڪَا جَا ڳَالِهہ ھُئِي، ٻَاروچي جي مَنَ ۾،
سِرُ سَنگهَرِ پُر پَٽِيين، تُون جَا لوڪَ سُئِي،
سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، ڪيرُ چَوَندو مُئِي،
پَنڌُ ڪَرِيندي پِرِينءَ ڏي، ڪَڏِھِين ڪَا نَہ کُهِي،
آن ڪَا ڏِنِي اوٺِيَا کيرِنِ پَاسِ کُهِي.

وائي - 8

جيڏِيُون آئُون تَان نَہ چَوَندِي لو، ڏُکُ ڏورَاپو سيڻنِ جي صَريِحُ،
سَنڱَا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مَان نَہ،
ڀينَر ڀِيڻِي حُجَ جِي، ڪوھِيَاري سين ڪَا نَہ،
سو تُون صَاحِبُ آھِيين، جو نَہ ڀيرَائِيين ڀَانَ،
سُوالِي سَمَگِئَا، دَاتَا ڏيئِي دَانَ.

وائي - 9

اَدَا ڙي ڏوٿِي پُڇَان تو ٿِي، ڪيچ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن،
ڪو ڏَسُ مُون ڏي،
نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومِري، نَہ آئُون جَتِ نَہ اوٺِي،
اُنِهِين مَنجَهان آھِيَان، جي ٻَانڀَڻَ پَڙَھَنِ پوٿِي،
سَنجهي وِئَڙو سُپِرِين، سَاجَنُ پُڇَان سو ٿي،
رويو چُئَان رُڃُنِ ۾، ھَي ھَي ھَٺَ ڪوھُہ ٿِي،
ھَلِجِ ھوتَ پنهوُنءَ ڏي، مَنجَهان نِينهَن نِڪو ٿِي،
آتَڻُ وِجِهي آڳِ ۾، مَنجهَان جوئِنِ جوءِ ٿِي،
پَرِيَٽِ ٿِينديَسِ پُنهُون پُڇندِيَس، پَڇَاڙيندِيَسِ پوتي،
ھِتَان ٿي ھوتُ وِئو، جَتُ پُڇين جو ٿِي،
سَنجهي سَاٿَ پَلاَڻِئو، تو پَلاَڻِئو پوءِ ٿي.

وائي - 10

اوڏِي آيَس جَان پريَان جي پيچِري، ويجِهي وِندُرَ جَنِ وَرَنِ،
مَدِي نَہ ھُيَنِ مَنَ ۾، ڪيچَان ڪوھُہ اَچَنِ،
جي تو اوڏَا ڀَانيَا، ڏُونگَرَ ڏُورِ ڏِسَنِ،
آڻي ٻَڌَا اوٺِيين، موتِي کي مَيَن،
آڻي لاَٿِيُون اوٺِيين، لَڏوُن ڀَر لَڪَنِ،
وِندُرِ وَائِي جَا وَھي، مُون کي سَا نَہ سَلَنِ،
سُونهَنِ سَنگهَر پَٽِيين، مَنَهَہ مَعذُورِيَنِ،
مَرَڻ مُنھِنجي کي ڪِئو، ھيءُ پَهَہ ٻَاروچَنِ.

سُر معذور

داستان پھريون
بيت - 1

ھَلَندي ھوتَ پُنُهونءَ ڏي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون،
پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جي لَئِہ لالَڻَ لوٺِيُون،
سَڀ سُھَيلِيُون سِڪ کي، چُنجِهيُون ۽ چوٽِيُون،
ٻَانڀَڻِ ٿِي ٻوٽِيُون، تَہ ڪُتَا کينَئِي ڪيچَ جَا.

بيت - 2

ڪُتَا کينَئِي ڪيچَ جَا، سَندَا جي پُنُهُونءَ،
اَگهين ھُوندَ اَسُونهَن، جي جَانَارَنِ يَادِ پئين.

بيت - 3

تَنِ پيئِي جَانَارَنِ يَادِ، جي پَارِئَلَ پُنُوھُہ ڄَامَ جَا،
سَندِي لاَلَڻَ لاَڌِ، مُيَان پوءِ مُنڌَ ٿِي.

بيت - 4

سَسُئِي پُڇَنِ سي، پَارِئَلَ پُنُوھَہ ڄَامَ جَا،
وَڍِئو ويٺِي ڏي، ڪَايَا ڪيچَ ڪُتَنِ کي.

بيت - 5

جَاڳَايَاسِ زَنبُورَ، ڪُتي قَريبَن جي،
بَهِي بَهُڪِي اُٿِئو، گِهڏِي مَنجَهان گهُورَ،
سَڀِ لاَھِيندو سُورَ گِرِي ھِنَ غَرِيبِ تَان.

بيت - 6

ڪُتو چَئي قَرِيبَ جَا، آھِيُون سَاڌَ صَحِي،
پِهريِن بَاتِ بَهِي، پُڇَان پوءِ پَانڌِن کي.

بيت - 7

نَڪِي آھِيون چُوھَڙَا، نَڪِي آھِيُون چورَ،
ھَاگَامَا ۽ ھورَ، ڪُتَا ڪَرِيين ڪَنِ تي.

بيت - 8

ڪُهين تَہ آپ ڪُهُہ، ڏَسِ مَ چُوھَڙِيَان،
سَندَا آھيڙِيَان، آئُون نَہ سَهَندِي ھَٿَڙَا.

بيت - 9

ڪُتو طَالِبُ ڍُونڍَ جو، اَسِين ڪُتي ڪِيڙَ،
چَهُٽِي آھي چِيڙَ، ڪَارَائِي جي ڪَنَ ۾.

بيت - 10

ڪُتو ڪُرٽي ھَڏِيُون، جَوَا نَمردُ جِگرَ کاءِ،
اَلدُنيَا جِيفتهُ وَطَالِبُهَا ڪِلاَبُ، اِيءَ ھِنيين سين لاءِ.

بيت - 11

مَاٺِ ڪِئو مَارِينسِ، ڪُڇَ ڪُتي سين ڪِينَڪِي،
پَائي ڳَٽُ ڳِچيءَ ۾، دَرِ دوسِتَنِ گَهارِينس،
سَا پَرِ سيکَارِينسِ، جِيئَن بَهَڻَ کان بَسِ ڪَري.

بيت - 12

جَنِي سَندو آھِيين، سي جي چُونَئِي ھَڙِ،
ڪُتَا قَرِيبنِ سين، دعويٰ وِجِهي مَ دَڙ،
وِڌُءِ جَنِي وَڙ، تُون ڪيئَن ڏَندَ ڏيکَارين تَن کي.

بيت - 13

جَنِي سَندو ڪُتو، سي جي چُونِسِ آءُ،
لُڙُ لُهرِيُون وَاءُ، ڪُتي سَڀِ قَبُولِئَا.

بيت - 14

ڪُتو ڪوٺائِين، ڪَرِين نَہ ڪَارِ ڪُتَنِ جِي،
ٽُڪُرُ کائِين سَائِينءَ جو، بَهُڪين ڪُسَائِين،
سَائِينءَ ڪِيئَن سِيبَائِين، اُليڙَ اِنِ عَادَتين.

بيت - 15

ويٺو آھي وَاٽَ تي، ڪُتو ڪُتِيءَ وَٽِ،
پَلَئَہ پَانڌِيئَڙَنِ جَا، چِيرِيو ڪَري چَٽُ،
جَا گُلِرَ ۾ گهَٽِ، سَا پونچِي ٿِي پورِي ڪَري.

بيت - 16

جُہ يَارُ ڏٺَائُون يَارَ جو، تَہ پُٺِيءَ پيرُ ڪَڙِينِ،
ڦِرِئَا نَہ فَرمَانَ کان، اُنِهِي ۾ آھِينِ،
ڏِسِئو نَہ ڏَاڙِھِينِ، شَبَانَ جي سَڳَ کي.

بيت - 17

سَڳِبَانَ سِينڍَارِئَا، بَڇِئَا تي بَهَنِ،
ڦِرِئَا نَہ فَرمَان کَان، تَنِ مُلُهہ نَہ موتِيَڙَنِ،
ڪونِهي ڏوُھہ ڪُتَنِ، ڏَاڪَارِئَا ڏَاڙِھِينِ ٿا.

بيت - 18

ڏَکَا ڏُونگَرَ جَا مِرُون، مَرُ ٿَا مُون تي ڪَنِ،
پُوندَا ڪِينَ پَرِيَٽِ تي، سَڌَرَ ٿَا سُڄَنِ،
سَڳَائِيءَ جِي سَيَدُ چئي، آھي سُڌِ سَڀَنِ،
ھُوندَ نَہ ھِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرَابَتَ ڪَمُ ڪِئو.

بيت - 19

ڪَمِ قَرَابَتَ جَنِ جِي، ھِتي آيَمِ ھِيئَن،
رِفَاقَتَ رَاڱَنِ جي، پَهتِيَسِ پَهرَ سِيئَن،
مَاڻُهو مَلاَحِظو تَنهِن جو، ڪيچ نَہ ڪَندَا ڪِيئَن،
ذَاتِ نِسورِي نِيَ، پَرَ سَڌَرَ سين سَڱُ ٿِئو.

بيت - 20

سَڌَ رَسين سَڱُ ڪَري، پَرکَنڊينَ پييَاسِ،
ڪيرَ بِرَھَمَڻِ ڪَنِ جي، ڪيرَ ڄَاڻي ڪيڻاَسِ؟
ھُوند نَہ سِنڌُ سُيَاسِ، پُرِيي ڪِيَسِ پَڌِرِي.

بيت - 21

ڇَپَرِ وِجَهندِيَسِ پَاڻُ، اَڃاَ ڀيرو ھِڪِڙو،
مَرُ جَان جَانِ جُدَا ٿِئي، لَڳِي لَڪَنِ سَاڻُ،
ڪيچِيَنِ تَان قُربَانُ، مَاءِ مُنھِنجو جِندَڙو.

بيت - 22

ڇَپَرُ ڏيئِي ٻَنِ، وِھَان ڪِيئَن مَاٺِ ڪَري،
جِتِ ڪوھِيَرا ڪَافَ جَا، ٻَهَہ ٻَهَہ ٻَاڦُون ڪَنِ،
موٽُ مَرَندِيئَن سَسُئِي، تون نَہ پُڄَندِينءَ تَنِ،
ھِيءُ سَڱُ ٻَاروچَنِ، مَرَڻَ مُنھِنجي لاءِ ڪِئو.

بيت - 23

ڇَپَرِ اوتَارا ڪَري، مَاڻِيَائِين مَزَا،
پَرِيَٽِ کي پَٻَ ۾، ڪَارِئو پَنڌُ قَضَا،
وَسِ نَہ ويچَارِيءَ جي، سَندِي رَبَ رَضَا،
مَٿَان جَانِ جَزَا، لاَٿَائِين لطيفرح چئي.

بيت - 24

ڇَپَرِ اوتَارَا ڪَري، سينڌِي ٿِي مِرُنِ،
ڪَامُون ھَڻئو ڪَرَھا، ڪَاھِيو ڪيچ وَڃَنِ،
مُون سين ڪيرَ ھَلَنِ، مَدِي رَکَنِ مَنَ ۾.

بيت - 25

ڇَپَرِ اوتَارَا ڪَري، سينڌِي ٿِي مِرُنِ،
جيڪِي چَيُس جيڏيين، سو نَہ ڪِئائِين ڪَنِ،
مَعذُورِ مَرَڻُ مَنِ، ڪيچِنِ لاَءِ قَبُولِئو.

بيت - 26

ڪِئَائِين ڪيچِينِ لاَءِ، جُسو جَلاَوَتَ،
ڇَڏي پيٺِي ڇَپَرِين، ھَارِي سَڀِ حُجَتَ،
ھُئِي نِمَاڻِي نِسَتَ، پَنڌُ وِڌَائِين پَاڻَ تي.

بيت - 27

پَنڌُ مِڙوئِي پَاڻَ تي، ويچَارِيءَ وِڌو،
ڏيِلُ تَنهِن جُو ڏکَ سين، سَڀوئِي سِڌو،
ھُئَڙُسِ اَڳَ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَنڌَڙَا.

بيت - 28

پَنڌُ نَہ پَنڌَنِ جيتِرو،ڪِيئَن سُڄَندِي ڪِيهَہ،
جيڪَرَ ڪَرِيَان رِيهَہ، پَرَ چُوندَا مُنڌَ چَرِي ٿِي.

بيت - 29

چُونِمِ مَرُ چَرِي ٿِي، پَرَ جي سَڏُ سُڻِينِ،
مَرُ مُونهِين کي ڏِينِ، مَاڻُهو اَچِئو ميهَڻَا.

بيت - 30

مَاڻُهُو ڏيئِي مِيهَڻَا، مُون کي ڪَندَا ڪوھُہ،
جي ڇورِيءَ ۾ ڇوھُہ، پِٿوُن ٿِيندِي پيرَ تي.

وائي - 1

خُوبِي مَنجهہ خِفَتَ، اِي دوسِتَ دِقتَ، آھي عبداللطيف کي،
مَدَحَ مُنهَان نَہ ٿِئي، سَندَڙِي سُورَ صِفَتَ،
حُزُنُ ھوتَ پُنُوھَہ جو، رَڳِيَائِي رَاحَتَ،
ھِجي ڪَرِيَان ھيجَ سين، مُطَالِعَ مَحَبَتَ،
پِريَان جي پِستَانَ جو، فَاقو ئِي فَرَحَتَ.

داستان ٻئو
بيت - 1

ڏُکِيءَ ڏَمَرُ نَاھِہ، بُکِيءَ کِلَ نَہ اُڄَهي،
اُگهَاڙِيءَ وِھَانءُ، وِئو وِروھَڻُ وِسِرِي.

بيت - 2

اَدِيُون وَرُ اُگهَاڙَ، وِھَانءُ جَنھن وِسَارِئو،
جيڏِيُون ڇِڏي جَاڙَ، سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو.

بيت - 3

سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، لاَلَچِ ڇَڏي لوڀَ،
سُپيرِيَان سين صوبَ، نِنڊوُن ڪَندي نَہ ٿِئي.

بيت - 4

سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪِرو، پَرَھَڻَ ڇَڏي پوءِ،
سَا مَهِندِ مِڙَنِئَان ھوءِ، ڪَهِي جَا ڪِينَ کَڻِي.

بيت - 5

ڪَهِي جَا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ پَهتِي سَا،
وِھي ويڙِھِجِي جَا، وَصُلُ تَنھِن وِڃَايو.

بيت - 6

وَصُلُ تَنهِن وِڃَايو، سِينڌِ سُرِمي سِيئَن،
لُوٺِي لِيلاَن جِيئَن، مَڻِيُو جَنھِن مِٽُ ڪِئو.

بيت - 7

ھُوندِئَان ھوتُ پَري، اوڏو آھِہ اَڻَ ھُوندِ کي،
سَاڄَنُ تَنِ سَري، ”لا“ سين لَڏِينِ جي.

بيت - 8

لائي خَنجَرُ ”لا“ جو ”ھَي“ خَچَرَ کي ھَڻُ،
سَڌُنِ جُون سَيدُ چئي، وَٿُون سَڀِ وِڪِڻُ،
پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، تَہ ھَلَڻَ ۾ ھَورِي وَھين.

بيت - 9

ھَورِنِ ھَاڙِھو لَنگهِئو، مُٺِي موسَٽُ ڇَڏِ،
”لا“ سين اُٿِي لَڏِ ”ڪِينَ“ رَسَاڻي ڪيچَ کي.

بيت - 10

ھَورِنِ ھَاڙِھو لَنگهِئو، ٿِيءُ جَرِيدِي جوءِ،
ھُوندِ جَنِ کي ھوءِ، ھوتُ نَہ ھُوندو تَنِ سين.

بيت - 11

ھَورِنِ ھَاڙِھو لَنگهِئو، ڳَورِيُون پَاسي ڳوٺَ،
ڪيچِ تَنِي کي ڪوٺَ، ڪِينَ جَنِ جِيءَ ڪَڇَ ۾.

بيت - 12

ھَورِنِ ھَاڙھو لَنگِهئو، ڳَورِيُون ٿِيون ڳَمَنِ،
ھَاڃي تَان نَہ ھَڄَنِ، ڌَارَان سِڪَ سَيَدُ چئي.

بيت - 13

نَہ ڪَا ھِتي نَہ ھُتِ ڪَا، ڳورِيءَ سَندِي ڳَالِهہ،
ڪِينَ پَهتِي مَالِ، حَالِ پَهتِي ھوتَ کي.

بيت - 14

رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪووَلَ جِي ڪُوڪَ،
وَلوَلو ۽ وُوڪَ، اِيءَ تَان آھَہ عَشقَ جي.

بيت - 15

رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪَرَڪي ڪُونجَ،
نَعرو مَنجهہ نِڪُونجَ، اِيءَ تَان آھَہ عَشقَ جِي.

بيت - 16

رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ چَتُونءَ جِي چَانگَارَ،
اِي عَشقَ جَا اُٻَڪَارَ، نَعرو آھي نِينهَن جو.

بيت - 17

رِڃُنِ ۾ رِڙَ ٿِي، ڪَرَ سَارَنگِيءَ سَازُ،
اِيءَ عَشقَ جو آوَازُ، مَاڻُهو رَکَنِ مُنڌَ تي.

بيت - 18

رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، جِهَڙِي ڪَري جوءِ،
اِيءَ نَہ عَورَتَ ھوءِ، آھُون عَشقَ سَندِيُون.

وائي - 1

اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪَارڻِ حَالَ، شَالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ سَاٿ جي،
پيرَ پَانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتَائِين ڪَالهَہ،
چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين، لَڪَنِ ڪِئَڙُسِ لاَلَ،
ڪيچَان آيو قَافِلو، مَيَنِ مَٿي مَالَ،
اِيندِيَئِي بُوءِ بوتَنِ جِي، جَهلِجِ پَٻَ پِيَالَ،
جِتي جَمَازَنِ کي، جَبَلَ ٿِيَنِ جَنجَالَ،
پُڇي پيَادَنِ کي، آرِيَاڻِي اَحوَالَ،
جي ڀَانيين جَتَنِ جي، ويجِهي ٿِيَان وِصَالَ،
پُرِي پَٻَ وَرَنِ ۾، وِجِهِجِ ڪَا وَڙَالَ.

داستان ٽئو
بيت - 1

ھَلَندي ھَاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَہ پِئَامِ،
اَرڏَا آرِيءَ ڄَامَ ري گوُندَرَ گُذَرِئامِ،
لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چئي، اپرَانگهَڻُ آيَامِ،
پُرڻُ پُنهونءَ پُٺِ ۾، ايءَ سَعَادَتَ سَندِيامِ،
مَٿِسِ ڪَمَ وِڌَامِ، وِھَان تَان نَہ وَسِ پِئو.

بيت - 2

ھَلَندي ھَاڙھو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنھِنجَا ڏوھَہ،
ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَہ،
ليڙَنِ رِءَ لطيف چئي، ڪِيئَن ڪَرِيندِيَسِ ڪوھَہ،
اَڳِئَان رَائو سُڄي روھَہ، وِھَان تَان نَہ وَسِ پِئو.

بيت - 3

ھَلَندِي ھَاڙھو مَڻِي، سِسِي ڏيِندِيَسِ سَاھُہ،
لِڱَنِ تَان لطِيف چئي، پَاري نِئُمِ پَاھُہ،
ڪَندو ٻَاجَهہ اَللہُ، وِھَان تَان نَہ وَسِ پئو.

بيت - 4

ھَلَندي ھَاڙھو مَڻي، گَسَنِ تَان مَ گُسَانِ،
لَڪَنِ تَان لطيف چئي، رِڙِھِي مَان نَہ رَسَان،
پُنهُون شَالَ پَسَان، وِھَان تَان نَہ وَسِ پِئو.

بيت - 5

ھَلَندي ھَاڙھو مَڻِي، ڇَپَرَ ۾ ڇُلاَن،
پَاٻوھَہ پُنُوھَہ ڄَامَ جِي، سَرَتِيُون ڪِيئَن سَلَان،
سَارِئو تَنهِن سَردَارَ کي، اَندَرِ روھَہ رُلاَن،
ڄَامَنِ ڏَانھَن ڄُلاَن، وِھَان تَان نَہ وَسِ پِئو.

بيت - 6

ڀَائِي حَالَ ھَلِي وِئَا، ڪَنھِن کي سُورَ سَلَانُ،
کَڻِئو لَڄَ لَطِيف چئي، لَڪَنِ ۾ لُڇَان،
پَانڌِي ڪِيرِ پَڇَان، وِھَان تَان نَہ وَسِ پِئو.

بيت - 7

وَڌو ڪِينَ وَڻَا، اُوچَا ڏُونگَرَ نَہ ٿِئو،
ٽِمو مَ نيڻَان، تہَ پيرُ نَهَارِئَان پِرِينءَ جو.

بيت - 8

وَارو مُون وَڻَاھُہ، ڪَا سُڌِ سُونهَپَ جِي نَہ ڏِئو،
اِيءَ اِھَائِي ڳَالَهَڙِي، شَجَرَ سُڻيجَاھُہ،
چوٽِيين چَاڙھيجَاھُہ، تَہ مُوڙھِيءَ ڪو مُنهُن ٿِئي.

بيت - 9

وَارو مُون وَڻَرَاھِہ، ڪَا سُڌِ سُونهَپَ جِي نَہ ڏيو،
وِجِهي وَرَاڪَنِ ۾، مَعذُورِ کي مَ مُنجَهاءِ،
مَنجَهان پَهَڻَ پِيَادِيُون، ھَادِي ئي ھَلاءِ،
پِريَان کي پَهچَاءِ، تہ لَڳِي لُوٺو تَہ ٿِيين.

بيت - 10

وَارو مُون وَڻِڪَارِ، ڪَا سُڌِ سُونهَپَ جِي نَہ ڏيِين،
آھي اَسُونهِنِ جِي، مَٿي تو مَيارَ،
وِڙِھِئَا ويرَاڳَڻِ سين، لَڪَنِ جَا لِيَارَ،
ڪَرِيَان ٿِي ڪُوَارَ، ڪَنڊَنِ ڪَانڊيرَنِ جَا.

بيت - 11

ڪَنڊَا مُون پيرَنِ ۾، توڙي لَکَ لَڳَنِ،
آڱُرِ آڱُوٺي نَہ مَڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِننِ،
ويندي ڏُونهَن پِريَنِ، جُتِيءَ ذَاتِ نَہ پَايَان.

بيت - 12

جُتِي سي پَائِيندِيُون، جَنِي پيرَ پِرِين،
لاَٿِيُون سَڀِ پَرِيِن، سَسُئِيءَ سُپرِينِ کي.

بيت - 13

کيرِيين ٻيرِيين ٻَائرِيين، لَنگهِئَائِين لِيَارَ،
سَسُئِي کي سَيدُ چئي، سَندِي پِرتِ پَچَارَ،
آرِيءَ جِي اِختِيَارِ، ڪيچِ پَهتو قَافِلو.

بيت - 14

ڏَکَا ڏُونگَرَ ڄَامَ، مَ ڪَرِ مَعزُورِنِ تي،
توتي لَڄَ لَطِيف چَئي، آھي سَندِي عَامَ،
مَارِ مَ چَئِي مَعذُورِ کي، وَنهِيَان ڪَانڌَ ڪَلاَمَ،
پَرچِي پُڇُ پِيَادِيُون، اللہَ لَڳِ عَلاَمَ،
جَا نَوازِي آن جي نَامَ، سَا ھوتَ نَہ ڇَڏِجِ ھيڪَلِي.

بيت - 15

ڏَمَرُ ڏُونگَرَ ڄَامَ، سَکَرَ پَاڻَ شَرِيڪِ سينِ،
ڪيهِي ڪُلفَتَ تَنهِن سين، جَا گولِي آن جي گاَمَ،
وَرِجِ تُون وِرِيَامَ، مُنھِنجو اَچَڻُ آن ڳَري.

بيت - 16

ڏکَا ڏُونگَرَ لاَھِہ، اَڳَ مُئِي سَسُئي،
آرِيَاڻِيءَ سين آھِہ، ذَاتِي سَڱُ ضَعِيفِ جو.

وائي - 1

جيڏيُون جَاجَڙَ لاَئِي، جِيءَ جَتَنِ سين،
سَا سَرَتِيُون سِيبَاڻِئَامِ، تِنهِن جيئَڻُ جَالَ ڪِئومِ،
مَهَرَ جَا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيَامِ،
صُبحِ سُتي سُکَ ۾، ويسَلي وِئَامِ،
ڪِيهُون ڪوھَنِ پَٽِيين، ڪُوڪُون جَمَازَانِ،
ھوتَاڻِي ھَٿُ کَڻي مَنَ پُنهُون پِيَادِيَانِ،
ھَڪَل ھوتَ پنهونءَ جِي، سَڳَرَ ۾ سُيَامِ،
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ٿَاھَرَ ٿوڀَ ٿِئَام،
ڪوڙِيين ڀَالَ پُنهُونءَ جَا، گَنجي مَنجِهہ گُهرِيَامِ،
سُتي سَنگهَر پَٽِيين،جَنھِن سِگهَڙِي سَارَ لَڌِيَام،
وِلِهُون ويلَا ڇَپَرين، ڪَارَڻِ جَنِ ڪِئَامِ،
موٽِي مَاءُ ڀَنڀورَ ۾ اَڱَڻِ سي آيَامِ.

داستان چوٿون
بيت - 1

مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين، جَانِبَ جو جَمَالُ،
ٿِيين ھُوندَ حَلالُ، جي پَندِ اِھَائِي پَارِيين.

بيت - 2

مَرُ تَہ موچَارِي ٿِيين، ويهِي جِيءُ مَ جوءِ،
مُنڌَ مَرَڻَان پوءِ، پَهچَاندِينءَ پُنُوھَہ کي.

بيت - 3

مَرُ تَہ موچَارِي ٿيين، ويهِي وِجُهہ مَ ويرُ،
دِلِ ۾ آڻِ مَ دَورُ تُون، سَندو ڦِرَڻ ڦيرُ،
توڙي لِهين نَہ پيرُ، رَاحَتَ آھي رِڻَ ۾.

بيت - 4

مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، جِيئَڻُ آڏو جَتَ،
ھَارِي ڪَرِ ھِمَتَ، تَہ ڏيئِي دَمُ دوسُ لَهين.

بيت - 5

مَرُ تَہ موچَارِي ٿِيين، اَجَلاَن اَڳي اَڄُ،
ھُئين جَان ڪِي تَان جِيئَري، مُنڌَ ڀَنڀورَان ڀَڄُ،
پُنُوھَہ سين پَهَڄُ، تہ مَلَکُ الموتُ مَارِيين.

بيت - 6

اَجَلاَن اڳي سَسُئِي، مُنڌَ جِيئَريَائِي مَرُ،
ٽولِئَان تَنهِن مَ ٽَرُ، جِنهِن رُوحُ وِڃَايو رَاھَہ ۾.

بيت - 7

تو سَامَائي سَسُئِي، مَرَڻُ ڪِئو مُرَدارُ،
ڪُپَرِ سين ڪوھِيَارُ، لُوٺِي تو لَڄَايو.

بيت - 8

تو سَڱُ سَاھَہ کَڻڻَ سين، جيئَڻَ گوشي جَاءُ،
مَرَڻ مُون سين آءُ، تَہ پُٺِيءَ تو پنڌُ ڪَرِيَان

بيت - 9

اُوَچو اُتَاھُون گَهڻُو، جِيئَڻَ کي جَبَلُ،
مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيَان.

بيت - 10

مَرَڻَان اَڳي جي مُئَا، سي مَري ٿِينِ نَہ مَاتُ،
ھُوندَا سي حَيَاتُ، جِيئَڻَان اَڳي جي جِيَا.

بيت - 11

جِيئَڻَان اَڳي جي جِيَا، جُڳُ جُڳُ سي جِينِ،
موٽِي ڪِينَ مَرَنِ، مَرَڻَان اڳي جي مُئا.

بيت - 12

پَرِ ۾ پَچِي پِرِينءَ کي، مَرِي نَہ ڄَاتوءِ،
”مُو تُوا“ مُنڌَ نَہ سئو، ڪَنڌُ ڪُڄَاڙِئَان ڪَاٽِيين.

بيت - 13

ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرَ مَ نَہ سَهي،
ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگرين، جَتَنِ ڪَارَڻِ جِيءُ،
ھَڏِ نَہ ھُوندو ھِيءُ، سَاھُہ پِرِيَان تَان صَدقو.

بيت - 14

ھَٿِين پيرين مُونَڙِيين، ھَلِج سَاڻُ ھِنيين،
عَشقُ آرِيءَ ڄَامَ جو، نِبَاھي نِيين،
جَان سينءَ ٿِي جِيين، تَہ پَاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَہ سين.

بيت - 15

ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، سِرِجِ سَاھِہ پَسَاھَہ،
ھوتُ گَڏُبِئِي حَبِ ۾، رَھبَرُ مَٿي رَاھَہ،
جَان جَان سَاڻُئِي سَاھُہ، تَہ پَاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَہ سين.

بيت - 16

ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَهِجِ ڀَرِ قُدَامَ،
وِچِ وَسِيلو نَاھِہ ڪو، اوري آرِيءَ ڄَامَ،
ھِنيين لاَھي ھَامَ، پَاڙِجِ ڪومَ پُنُهونءَ سين.

بيت - 17

ھَٿِيين پيرين مُونَڙِيين، ڪَهِجِ ڀَرِ ڪَپَارَ،
مَتَا ن ڇورِي ڇَڏِيين،پِريَتَڻِي پَچَارَ،
توکي سَنَدَ سَسُئِي، سَندِي لَنءُ لَغَارَ،
جي ھُونِئِي ھوتَ ھَزَارَ، تَہ پَاڙِجِ ڪومَ پُنهُونءَ سين.

بيت - 18

ھَٿِين پيرِين مُونَڙِيين پُري پَنڌُ پَرَکُ،
قَدَمُ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ ڏي، وِجُهہ وَڌَندِي وِکَ،
جي ھُونَئِي ھوتَنِ لَکَ، تَہ پَڙِجِ ڪومَ پُنُهُونءَ سين.

وائي - 1

توڏَنِ تَان نَہ تَنَوارِئو، مُنھِنجو لاَلَڻُ وَارِئو،
اللہَ مِيَان ڪَارَڻِ اَئِين اوٺِيَا،
ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جَا، چَانگَنِ کي سَڀِ چَارِئو،
شَرَفُ لَهي سَسُئِي، ڪُٺِل کي ڪَمُ ڪَارِئو.

وائي - 2

وِھُہ مَ وَاٽَ وِرچِي، ھو اَلاَ مِيَان جي ڪَهَندِينءَ تي لَهَندِينءَ وو،
پيرَ پَٽَائِين ڪُونئَرَا، رَائِي ڪِيَسِ رَچِي،
مُنھُن ڪَرِ مَعذُورِنِ ڏي، پُنھُن ڄَامَ پَرَچي،
مُونکي تَهِين مَارِئو، جَتَنِ مُون کي جَا چَئِي،
وِندُرَ وَاٽَڙِيُنِ تي، ڪَانڌِي ٿِيندَمِ ڪيچِي،
ڪَنِي اَچِي ڪَا ڪَهِي، ڪَني اَچِي ڪَا چَئِي،
اَمُلَ ڀَايَان اُنَ کي، سَاجَنَ مُون کي جَا چَئِي.

وائي - 3

ڇَڏي ڙي ھوتَ مَ وَڃُ، اي مِيَان يَارَ جَتَ،
آئُون اَوَھَان جِي آھِيَان،
پَاڻَان پَراھَان وِئَا، سُڻِي مُئِيءَ جَا سَڏَ،
سگهو موٽِجِ سُپِريِن، اوڏِي لاَھِي لَڏَ،
آڏَا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، ھَاڙِھي ھَنيَان ھَڏَ،
لَڪَنِ ۾ لَطيف چئي، ڇوَرِي ھَڏِ مَ ڇَڏِ.

داستان پنجون
بيت - 1

جَڏَائِيءَ جو جَامُ، ڏِنَائُون ڏُکِيءَ کي،
مَنگَلُ مُنھِنجي مَنَ ۾، ٻَارِئو ھوتَ حُمَامُ،
اَرَڳِ ٿِئو آرَامُ، ڪَاڪُلُ پَسِي ڪَانڌَ جو.

بيت - 2

ڪَاڪُلَ ڪُٺِي جَا، ڪَفَنُ تَنھِن ڪون ٿِئو،
سَا دُرستُ ٿِي دَفَنَ ري، تِنھِن تي ٻِي نَہ ڪَا،
مَنجِهہ شَهَادَتَ سَا، لُڏي ۽ لاَڏَ ڪَري.

بيت - 3

پِريِندي پَاڻُ وِئو، زُلفَ زورُ ڏِنومِ،
ڪَاڪُلُ ڪَالَهَہ ڏِٺومِ، رُخسَاريتي رُوپَ سين.

بيت - 4

دَردُ نَہ لَهي دَارُوئين، زُلفَ ڪِيَسِ زَافُ،
سَندو ڪَاڪُلَ ڪَافُ، مَاري مَعذُورِنِ کي.

بيت - 5

ھَاڻِ جِيَان جيڏِيُون، زُلفَ زَافُ ڪِيَاسِ،
ڪَاڪُلَ آئُون ڪُٺِيَاسِ، ڀَنڀورَ جو.

بيت - 6

ڀَنڀو جو ڀِنڀورَ ۾، ڪَا ڪُل ڏِٺُمِ ڪَالَهَہ،
ھَاءِ تَنِي جي حَالَ، زُلفَ جي زَافُ ڪِيُون.

بيت - 7

ڏِيهَان ڏَارِيءَ ويسِ، رَاتِيين روءِ رَتَ ڦُڙَا،
لَنڊِنِ جي لِبيسِ، ھَلِجِ ھوتَ پُنُهونءَ ڏي.

بيت - 8

ڏِينهَان ڏَارِيءَ روءِ، رَاتِيَان روءِ رَتَ ڦُڙَا،
مَنجِهہ ويچَاريءَ ووءَ، ٻَهَران ٻِي ٻِيَنِ سين.

بيت - 9

ٻَهرَان ٻِي ٻِيَن سين، مَنجِهہ ڪَالِهوڻِي ڳَالِهہ،
سَا تَان تُون سَنڀَالِ، ھُوءَ جَا ڪِيَئِي ھوتَ سين.

بيت - 10

رَاتِيين روءِ رَتَ ڦُڙَا، مُنڌَ مُرڪي ڏِينهَن،
اَندَرِ نَعرو نِينھَن، ٻَهَران وَاھَہ وِڙَنِ سين.

بيت - 11

ٻَهرَان وَاھَہ وڙَنِ سين، اَندَرِ مُنڌَ مَاتَامُ،
سَسُئِيءَ سُوٽي ڪَڍِئَا، تَعَلُقَ سَڀِ تَمَامُ،
نِئُسِ نِينھَن نِيَامُ، ڏِسَنِ ڏَارِيءَ ويسَ ۾.

بيت - 12

ڏِسَڻَ ڪَرَ ڏَارِي، اَندَرِ سَتِي سَسُئِي،
لوڪَ نَہ لَکِي ڪَڏِھِين، پُنهُوءَ پِيَارِي،
مَاڻُهُو ڏِينِسِ مِيَهَڻا، ھِيءَ وِھسي ويچَارِي،
اِنَهين پَرِ آرِي، ڪَانڌُ ڪَمِيڻيءَ کَٽِئو.

بيت - 13

جيڪي لَنڊِي ٿِيءُ، نَہ تَہ ٿِيءُ وَاڻِيندَلَ وِچَ ۾،
جَتَنِ ڪَارَڻِ جِيء، ڏيئِي مَرجِ ڏُونگَرين.

بيت - 14

لَنڊِيُون لَکَ جِيَنِ، جي ڏِينِ ڏِھَاڙِي ڏيهَہ کي،
ڪِبو ڪوھُہ سَتِنِ، جي ڍَڪِئو ڍَڪِين پَاڻَ کي.

بيت - 15

لَنڊِيُون لَکَ جِيَنِ، جي ڏيِنِ سِرُ سَڀَڪَنهِن،
سَتِيُون سَڀِ مَرَنِ، جي وَرَنِ سَاڻُ وِنگِيُون.

بيت - 16

لَنڊِيُون ھِنَ لوڪَ ۾، مَرُ ھَزَارين ھُونِ،
اَٺئِي پَهرَا اڱڙَا، ڌويو ڌويو ڌُونِ،
پيرَ پَٽِ نَہ پُونِ، اُنِ جَا عَبدُاللطيف چئِي.

بيت - 17

سَتِي سِيڏائي، لَنڊِي ٿِي لاَڏَ ڪَري،
آسَرو آھي، لَنڊِيءَ کي لِبيسَ جو.

بيت - 18

لَکَڻَ جي لَنڊنِ جَا، لوڪُ نَہ چَڱَا چوءِ،
پَرو تَنِ کَان پوءِ، جي اِيندَنِ ويندَنِ سَندِيُون.

بيت - 19

تَنِ جيسرَ ميرِيَاڻِنِ جَسُ، جي للہِ ڪَارَڻِ لَنڊِيُون،
تَنِي لَڳي مَ ڪَسُ، جي اِيندَنِ ويندَنِ سَندِيُون.

بيت - 20

تَنِ جيسَرَ ميريَاڻِنِ جَسُ، جي للہِ ڪَارَڻِ لَنڊِيُون،
لاَلاَئِيءَ جِي لطيف چئي، ڪَا نَہ رَھِيَنِ ڪَسُ،
ھِتِ بِہ رَھِيُنِ رَسُ، ھُتِ بِہ گَڏِيُون ھوتَ کي.

بيت - 21

اَڃَا ڪي آھِينِ، جيسَرَ ميريَاڻِيُون جَڳَ ۾،
نِئو لِڱ لاَئِينِ، للہِ لَڳِ لطيف چئي.

بيت - 22

جيسَرَ ميرِيَاڻِيون جَڳَ مَان، لَڏي ويُون لوءِ،
ھَاڻي ھِنهَان پوءِ، لَنڊِيُون رَھَنِ لَبَ ۾.

وائي - 1

اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄَامُ، جيڏِيُون ڪيِنَ ڇَڏيِندو ڪَڏھيِن،
وِھَان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدَامُ،
ڪَاھي رَسندِيَسِ ڪيچَ کي، جِتِ سَندو گوھَرَ گَامُ،
مَرَان تَان مَانُ لَهَان، ٿِيَان ڪيچِنِ تَان قُربَانُ،
پيرَاندِيءَ پُنُهونءَ جي، مُنھِنجو ٿِئي مُقَامُ،
ويجهو وَرَاڪَنِ ۾، اِيندو سو اِمَامُ.

داستان ڇھون
بيت - 1

پَسَڻَ ڌَارَان پِرينءَ جي، جَهِلي تَان نَہ رَھَان،
اَپَرِ عَاجِزُ آھِيَان، لاَلَڻُ جَان نَہ لَهَان،
فَردَا مُون ڦِٽِي ڪِي، وَاعِدي نَہ وَھَان،
صَابَاح سِينءَ نَہ سَهَان، خَواھِہ مَارِيين.

بيت - 2

فردَا مُنڌَ ڦِٽِي ڪِي، نَقدُ کَنيو نَارِ،
ھِيءَ جَا وَاڳَ وِلِهِيءَ جِي، ويرَ ڏي مَ وَارِ،
جيڪي مُٺِيءَ مَارِ، جيڪي ميڙِ مُٺِي کي.

بيت - 3

مُٺِي ٿِي مُدَعَا گهُري، مَوتُ ٿِئو مَوجُودُ،
اَچين تَہ اَڄُ ڪَرِيَان، صَبَاحَ جو سُجُودُ،
جيڪي ني وِجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي.

بيت - 4

جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي، نَان تَہ مُٺِي مَارِ،
ڏُکِيءَ کي ڏيکاَرِ، ھيڪَرَ ھوتُ اکِيُنِ سين.

بيت - 5

ڏُکِي ٿِي ڏَڌورَ، لهسِي لَنءُ پُنُوھَہ جي،
ڏيئِي آڳِ اَتورَ، سَڀَ نَہ کَاڻِي سَسُئِي.

بيت - 6

ڏُکِي ڏِکَ وِسَارِ، سيڄَ ڦِٽِي ڪَرِ سَسُئِي،
پَٽِيِين پيرُ نِهارِ، تَہ آرِيَاڻِي اُتَان لَهين.

بيت - 7

ڏُکِي ڏُکُ مَٿي ڪَري، وَانءُ ڇَپَرِ پيهِي،
گَڏِبِئِي ڏيهِي، سُوڌِيُون ڏِيندَءِ خَبَرُون.

بيت - 8

ڏُکِيءَ ڏِھَاڻِيءَ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙَا،
تِنهِن پَرِ نَہ کَاڻِي، جِنهِن پَرِ جِيئي جيڏِيُون.

بيت - 9

ڏِسِڻُ ڏِکَان اَڳِرو، سَسُئِي آڻ مَ شَڪ،
ٿِي ٻَانِهِي ڀَرِ اويُونِ، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ،
وَرُ پُنهُونءَ سين پَلَڪُ، ٻَنِ ٻَارِھِن وَرِھَہ ٻِئَنِ سين.

بيت - 10

ھَر دَمُ ھوتَ پُنهُونءَ جو، ڏِسَڻُ ڀَانِئجِ ڏِکَ،
وَرُ ٻَاروچَاڻِي لِکَ، کوءِ ٻَارَھن مَاھِہ ٻِئَنِ سين.

بيت - 11

ڪَنهِن جَنھِن ڏُکَان ڏي، پَارَانڀَا کي پَانڌِيين،
سُورِ ڀَرِيَائِين سي، ڳَالِهہ ڪِئَائِين جَنِ سين.

بيت - 12

ڏُکِيءَ سَندِيُون ڌُونگَرِين، پَسو پِٽُون پُونِ،
ڏَاري جو ڏُونگَرَ کي، سو ڪِي چَيو چُونِ،
آرِيءَ جي اَفسوسَ ۾، مَاڻُهو مِرُون رُونِ،
اِنَ پَرِ سيئِي ھونِ، ھِينئَڙَا جَنِ ھَڄِي وِئَا.

بيت - 13

ڏُکِيءَ سَنِدِيُون ڏُونگَرين، آڌي آھُون پُونِ،
مُئي پُڃَاڻا مُنڌَ کي، روجَهہ رِڃُنِ ۾ رُونِ،
ڀُڻَان اِيئَن چُونِ، تَہ مُئِيءَ اَسَان کي مَارِئو.

بيت - 14

ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرِين، اوڇِنگَارون اَچَنِ،
ھَڻِي سَانگِ سَسُئِيءَ کي، ڪِلو ڪِئو ڪيچِنِ،
جي ھَٿَان ھوتَ مَرَنِ، ھوتُ تَنِي جي ھنجَ ۾.

بيت - 15

ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرِين، وَڻَ ٽِڻَ وَايُون ڪَنِ،
وَٽَان ويئِي جَنِ، وَڍِيءَ سي وَاڍوڙِئَا.

بيت - 16

وَڍِيءَ سي وَاڍوڙِئَا رَتُ نَہ ڏِٺو جَنِ،
موتُ قَبُولِئو تَنِ، ڏِٺو جَنِ ڏُکِيءَ کي.

بيت - 17

ڪو جو وَڍِيءَ وَڍُ، جِيئَن وِڙَ وَڍِيَائِين وَڍَ سين،
ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِنِي سي ڏُکِئَا ٿِئَا.

بيت - 18

وَڍي ٿِي وَايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪَاري،
ھُنَ پَنَ پَانھِنجَا سَارِئَا، ھُوءَ ھَنجُهون ھَڏَنِ لَئي ھَاري.

بيت - 19

ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪَارُ، توڙي وَسَنِ مِينهَڙَا،
صَاحِبَ ھَٿِ سُڪَارُ، ھِنَ وَسِ آھِينِ ھَٿَڙَا.

بيت - 20

ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪَارُ، سيڻَنِ ڏيهُہ سُڪَارِئو،
ٻَاروچَاڻُو پَارُ، سَڀوئِي سُوَاءَ سين.

وائي - 1

ھِيءَ گَهايَلِ ھَڏِ گهورِي، وو مِيَان،
ڪيچِي مُون نَہ سَڱِيڻَا،
عَشقَ آرِيءَ ڄَامَ جي، ھِيءَ جهورِيءَ ھَڏِ جهورِي،
رَھِي جَا رِڃُنِ ۾، سَا ڇَپَر ڇَڏِ مَ ڇوري،
اَدِيُون آرِيچَنِ لَئي، ڏُونگَرِ ٿِيندِيَس ڏورِي.

وائي - 2

سَاٿِي پَانڌِي اي ڪِبَڙِي ڪيچِ پَچَارَ،
ڪَا مُنھِنجَڙِي،
اِي ھوتَنِ سَان اي دوسَنِ سَان ھيڪَارَ،
ڪِبَڙِي ڪيچ پَچَارَ،
اُڀِي پُڇي پَهِيَرا، مُنڌَ سَندَا جي ڪوھِيَارَ.

داستان ستون
بيت - 1

آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ٿورَا ڏِينهَن ٿِئَا،
رَاتِين روزَ وِئَا، عَبَثُ آرِيءَ ڄَامَ ري.

بيت - 2

آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، سَهسين سِجَ وِئَا،
ھَلَڻَ ويرَ ھِئَان، ديکي شَالَ دَمُ ڏِيَان.

بيت - 3

آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، تُون ٿو لَهين سِڄَ،
آئُون جي ڏِيئيِن سَنيهَڙَا، نيئِي پِريَان ڏِجِ،
وَڃِي ڪيچِ چِئِجِ، تَہ ويچَارِي وَاٽَ مُئِي.

بيت - 4

آئُون نہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ھِيءُ پَڻِ ڏِينھُن وِئو،
نِهوڙي نَاڀُنِ سين، مُون کي نِينھِن نِئو،
مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، پِيءُ پِيءُ ڪَندي پَنڌَ ۾.

بيت - 5

آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِئَڙُمِ جَاڙَ،
آڏِا آرِيچن کي، چَاڙِھِيڪَا ۽ چَاڙَھَہ،
مُون مُٺِيءَ کَان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاَڙَ،
عُمِرِ سَڀِ اَوَاڙَ، ويَمِ تي وَاڪَا ڪَرِيَان.

بيت - 6

آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، عُمِرِ تَان ويئِي،
وِلِهِيءَ ڏِينھَن وِڃَائِيَا، سَرِتِيُون سَڀيئِي،
پيرِيءَ ۾ پيئِي، اَکِيُون آرِيءَ ڏي کَڻي،

بيت - 7

آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، پويُون ٿِئُمِ پَسَاھُہ،
سِڪَان ٿِي سَڪِرَاتَ ۾، رويو پُڇَان رَاھُہ،
شَالَ مَ وَڃيمِ سَاھُہ، پَسَڻَ ڌَارَان پِرِينءَ جي.

بيت - 8

آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، آيو عِزرَائِيلُ،
جورَاڻِي سين جيڏِيُون، نَہ ڪو قَالُ نَہ قِيلُ،
آيو مَوتَ دَلِيلُ، مَارِيندو مُرَادَ کَان.

بيت - 9

آئُون نَہ گَڏِي پِريِنءَ کي، مَٿَان آيو مَوتُ،
مُون وَاجهائِيندي وَرِھَہ پِئَا، ھَي نَہ گَڏُيِمِ ھوتُ،
جيڪُسِ ٿِيندِيَسِ فوتُ، فَنَا ھِنَ فِرَاقَ ۾.

بيت - 10

آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ڪَاري ٿِي قِيَامَ،
ھَٿَنِ حَاجُون ڇَڏِيُون، نيڻين نِنڊَ حَرامُ،
مَارِيسِ تَنھِين مَامَ، ھوتَ ھَلَندي جَا چَئِي.

بيت - 11

اَچِي عِزرائِيلَ، سُتِي جَاڳَائِي سَسُئِي،
ٿِي ڊوڙَائي دَلِيل، تَہ پُنهُونءَ مَاڻهو موڪَلِئو.

بيت - 12

وِلاڙِئو وَڻين چَڙِھي، ڪِي جو ڏِٺَائِين،
موتُ مَارِيَائِين، پَاڻُ تَنھِنجِيءَ پُٺِ ۾.

بيت - 13

وِلاَڙِئو وَڻي چَڙِھي، ڪِي جو ڏِٺَائِين،
مَوتُ مَارِيَائِين، پَاڻُ تَنھِنجِيءَ پُٺَ ۾.

بيت - 14

وِلاَڙِو وَڻين چَڙِھي، رَئِي پَسِئو ٿِي روءِ،
وِچَان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھِن پَرِ ڪَهِي لاَھِيَان.

بيت - 15

وِلاَڙِئو وَڻِين چَڙِھي، اُوچَنِ مَٿي اَڄُ،
لاَلَڻَ ڪَارَڻِ لَڄُ، بَاسِئَائِين بَردَارِ جِي.

بيت - 16

وِلاَڙِئو وَڻين چَڙِھي، ڏِئو پَٽولي لاَنگَ،
سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جِيئَن، ٽَارِيءَ ٽَارِيءَ ڇَانگَ،
ڪَانڌِي ٿِيندَسِ ڪَانگَ، ھُو جي روڏَ رِڃُنِ جَا.

بيت - 17

وِلاَڙِئو وَڻين چَڙِھي، ڳِجُهنِ ٿِيندِي ڳَاھُہ،
سَسُئِيءَ سورِيءَ چَاڙِھِئو، پِريَان لَئي پَاسَاھُہ،
ھُوءِ مِرون ھِيءُ مَاھُہ، ڪِينَ ڪَمِيڻِيءَ رَکئِو.

بيت - 18

وِلاَڙِئو وَڻين چَڙِھي، ڳِجُهون ڳَارَا ڏِينِ،
مَاري اُڃَ مَاندِي ڪِي، جهولَا جَهڙَپِينِ،
ڦِرئو ڦيرا ڏِينِ، بُکِئَا پَکِي بَرَ جَا.

بيت - 19

وِلاَڙِئو وَڻين چَڙھي، ڳِجُهنِ ڪِئو ڳارو،
مَٿَان اُلَهِي مُنڌَ جي، ڏيِنِ لَمِي لاَمَارو،
مُٺِيَسِ مُون مَارو، ڪَندَا بُکِئَا پَکِي بَرَ جَا.

بيت - 20

وِلاَڙِئو وَڻِين چَڙِھي، ڏُسڪِئو جَهلي ڏَارَ،
ٻَهَہ ٻَهَہ ٻيلاَيَنِ جي، ڪَانڀُوءَ ۾ قَطارَ،
لَڪَنِ مَان لطِيف چئي، نُوڙِئو ڪَري نِهَارَ،
سي شِينهَن پَسِئو شُڪَرانَا ڪَري، ڀَانئي ڪَرَھَنِ جَا ڪَپَارَ،
ھُو گُهمَنِ ۾ گِنوَارَ، ھِيءَ ڀَانئي اُٺَ بَلوچَ جَا.

بيت - 21

وِلاَڙِئو وَڻِين چَرِھي، ڏُسڪي مَنجِهہ ڏَارَنِ،
ڏِئو لَتُون لاَمُنِ تي، چَڙِھي سِرِ چوٽِنِ،
ويچَارِيءَ ويسَاھِين نَہ ڏي، پَاڻِي کَان پِنبِڻَنِ،
لَسَ کَان لُڙِڪَنِ، آڏو ڌُنڌُ اَچِي وِئو.

بيت - 22

وِلاَڙئو وَڻِين چَڙِھي، وِئو سِينگَارُ سَندوسِ،
مُنھن ڪُومَاڻُو مُنڌَ جو، روئِي رُوپُ وِئوسِ،
کُنهِنبو بُتُ کَامِي وِئو، حُسُنُ ڪُلُ ھَپِيوسِ،
ويسَ لاَلاَئِي لِڱَنِ جِي، جهولي جِيءُ جَهڙپِيوسِ،
قُربَانِي قَبُولِيوس، بَاسي مُنڌَ موتُ ھَلي.

بيت - 23

وِلاَڙِئو وَڻِين چَڙِھي، پَسو سَگَهہ سَندِيَاسِ،
آڌِيءَ وَڃِيو آکُڙي، نَڪو پَيءُ نَہ مَاسِ،
سوئِي سو سيڻَاسِ، پَري پَڙاڏَا ڪَري.

بيت - 24

وِلاَڙِئو وَڻين چَڙِھي، ڏَاڍو ڏوري ڏورِ،
سُپيرِيَان جي سُورِ، پَري پَڙَاڏَا ڪَري.

بيت - 25

پَري پَڙاڏا ڪَري، اوري نَہ آھي،
ڪَمتَرِ ڪَا ڪَاھي، پَهچي اِنَ پَٽِيءَ کي.

بيت - 26

اُو ڪَمتَر ڏِسجَنِ ڪَٿهِين، جي پُنهُونءَ پِيَارِيُون،
اڳئَان اُڀو اُنِ کي، جَتَ ڪَري زَارِيُون.
ڏِنگِيُون جي ڏَارِيُون، آرِي عَاجِرُ اُنِ جو.

وائي - 1

تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوَارَ، ھو يَارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو،
تِيئَن چُڻڪَنِ چِتَ ۾، جِيئَن سَا گَهنڊِيءَ لاَرَ،
لَڳِي اُڃَ اَکِيُنِ کي، سِگهو موٽُ سَتَارَ،
پَسَان ڪِينَ پِريَتَڻُو، ڪَاڏي پِرِتِ پَچَارَ،
بَندِيَاڻِي ڀَنڀورَ ۾، آھِيَان آنهَان ڌَارَ،
مُونکي ڇَڏِ مَ ڇَپَرِين، آرِيَاڻِي آڌَارَ،
ڏِيَان خيزَ خِزَان ۾ بي تو مَنجِهہ بَهارَ،
مُضَرَتَان مُونکي ڪِئَا، حَڪِيمَنِ ھَزَارَ،
دَوَا آھِيين دِلِ جِي، وَارو وَاقفِڪَارَ،
آڻي ڏي عَلِيل کي، معجونُون موچَارَ،
آھي عَبدُاللطيف کي ، تُنھِنجِي پيءَ پَچَارَ.

داستان اٺون
بيت - 1

اَڌرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونهِين آھِيَان،
لُڙِڪَ لاَلَ لطيف چَئي، وَرَ لَئي وَھَايَان،
ھيجَان ھَنجُون حَبِ ۾، ھوتَنِ لَئي ھَارِيَان،
جَانِبُ ضَعِيفِيءَ سين، پُنُهُون پَهَايَان،
پِيهَان پَچَايَان، جِي مُون نِئو پَاڻ سين.

بيت - 2

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آھِيَان اَسُونهِين،
پَرَڏيهِي پِرِين ڪِئَا، مَرَڻَ لَئي مُونهِين،
سَسُئِي سَاڻُ سَيدُ چَئي، تَنگُنِ ۾ تونهِين،
ھَارِي ڪِيئَن ھُونهِين، رِءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَري.

بيت - 3

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اَسُونهِين آئُون،
چِيٽَا چورَ چُنجِهنِ ۾، بَرَ ۾ بَلاَئُون،
موٽِجِ پُنهُون پَاھُون، مَڇُڻِ مَحِبَ مَرِي رَھَان.

بيت - 4

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اوڳِي اَوَائِي،
لاَڳَاپَنِ لطيف چئي، مُنڌَ رَائِي رَھَائِي،
ڪَانَہ ٽُهَارِي ٽَڪَرين سَاڻُسِ سَڳَائِي،
جَلَڻُ جَڏَائِي، آرِي لاَھِہ اَصِيلِ کي.

بيت - 5

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ويچَارِي وَري،
لاَلَڻَ لَئي لطيف چَئي، پُرِي پيرَ ڀَري،
ڪَمِيڻِي ڪَري، ڪَارُون ڪيچ ڌَڻِيَنِ کي.

بيت - 6

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنمَاٽِي،
سَا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جَا گهَائِي گُهنمَاٽِي،
پيئِي پيشِ پُنهُونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،
جَا لُڪُنِ لُوسَاٽِي، سَا سيڄَ چَڙَھَندِي سَسُئِي.

بيت - 7

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، سَڌَرَ ھُئِي سَچِي،
سُپَڪُ ٿِي سَيَدُ چَئي، پَهڻَنِ مَنجِهہ پَچِي،
مَعذُورِ تي مَارو ڪِئو، اولاَڪَنِ اَچي،
مَٿي رَاھَہ رَچِي، ٿِي لاَلَ لَطِيف چئي.

بيت - 8

اولاَڪَنِ اَچي، مَعذُورِ کي مَارو ڪِئو،
وِسَاريج مَ وَرَ کي، مَنجَهان ڪُڙِھِہ ڪَچِي،
لاَھي لاَڳَاپَا لَنِگهہ تُون، سيڻَنِ ڏُونهُن سَچِي،
سُپَڪَ ٿِي سُورَنِ سين، پَهچَندِينءَ پَچِي،
مَنجهَان رَاھَہ رَچِي، ٿِينديِنءَ لاَلَ لطيف چئي.

بيت - 9

پيئِي ٿِيي پِيمَالُ، سَا مُنڌَ مَري نَہ جِيئي،
ڀورِي ھِنَ ڀَنڀورَ سين، ھَڏِ نَہ ڳَرَھي حَالُ،
لاَلَڻَ جو لطيف چئي، وِسَاري نَہ وِصَالُ،
ڀِرِي ڪِجَاھُہ ڀَالُ، ھِيءَ ڏَاھِہ ڏورِيندِي ڪيتِرو.

بيت - 10

دوسِتُ ڏِٺَائِين دِلِ سين، وِرچِي تَان نَہ وِھي،
لاَنچِئو لَڪُ لطيف چئي، پَهَڻنِ مَنجِهہ پِهَي،
سَندي نِينهَن نِهي، ڪِي سَرفِرَازَ سَسُئِي.

بيت - 11

جَفَا وَارِيَنِ جَسُ، جَسُ جَفَا رِيَ نَہ ٿِئي،
سُتينِ سَاٿُ وِڃَائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،
ليڙَنِ جو لطيف چئي، ڏُونگَرِ آھي ڏَسُ،
پُنهُون وَڃِي پَسُ، سِر ڀَرِ ھَلِي سَسُئِي.

بيت - 12

ڏُھِلاَ مُون ڏِيهَن ٿِئَا، پييَمِ ڄَامَ ڄَيُون،
ڪَندي پَنڌُ پَهَاڙَ ۾، ٿِئَڙُم رُوحُ رَيُون،
لُڇِئو ٿِئَام لطيف چئي، ڪَارَڻِ دوسِتَ دَيُون،
ڀَايَان لَڪَ لَيُون، جي سُورَ پِريَان جَا سَاڻ مُون.

بيت - 13

ھِيڪَلِيَائِي ھَاڻِ پُورِيندِيَسِ پُنهُونءَ ڏي،
ليڙَنِ سين لَطيف چئي، پُوندِيَسِ پَنڌِ پَريَاڻِ،
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، ڪِنھِن پَرِ لاَھِيَان ڪَاڻِ،
ڪَندِيَسِ ڪوھِيَارَلِ سين، رُچِي رُوحَ رِھَاڻِ،
آھِيَان گَهڻُو اَڄَاڻِ، پَرَ سُورَ پِريَان جا سَاڻُ مُون.

بيت - 14

ھيڪَلِيَائِي ھيلَ، پُورِيندِيَسِ پُنهُون ڏي،
آڏَا لَڪَ لَطيف چئي، سُورِيُون سُڄَنِ سيلَهہ،
تَہ ڪَرَ ٻِيلِيَنِ ٻِيلَهہ، جي سُورَ پِريَان جَا سَاڻُ مُون.

بيت - 15

جي سُورَنِ سِجَهائِي، توءِ چيلِهہ ٻَڌئِو چوٽِيين چَڙھي،
لَڌَائِين لَطيف چئي، لاَلَڻُ لِيلاَئي،
سَنڱُ پُنوھَہ جي سَسُئي، ميڙي مِلاَئِي،
ٻَانڀَڻِ ٻَاڏَائِي، حَبِئَان وَارِئو ھوتَ کي.

بيت - 16

جي رَائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽَاڪِئو چَڙھي،
لاَنچِئو لَڪُ لطيف چئي، ھَلي ڏَانھَن حُضُورَ،
رَھِئَا سَڀِ رِڃُنِ ۾، سَسُئيءَ جَا سَالُورَ،
سَاڄَنُ ميڙِئُسِ سُورَ، سُکَ نہ ميڙِئُسِ سُپِرين.

بيت - 17

رَائي رَھَائي، ھَلي مُنڌَ ھَٿَنِ سين،
تَرِيُون تَنگَ وَرَنِ ۾، ڇُلِي ڇِنَائين،
اُتي عَبدُالطيف چئي، رَھَہ ۾ رُنَائِين،
سٻَاجَها سَائِين، وِجهين ٻَاجَهہ ٻَروچَ کي.

بيت - 18

رَنجَلَ پِئَڙَسِ رَافَ، ڪَندي پَنڌُ پَهَاڙَ ۾،
رَڪَبَ کوڙِئو روھَہ تي، ڪَري ڪَاھُون مَٿي ڪَافَ،
آھيسَ عَبدُالطيف چئي، سِڪَ پِريَان ڏي صَافَ،
آرِيَاڻِيءَ اِنصَافَ، وَٺِتَا ويچَارِيءَ جَا.
وائي_

وائي - 1

ھَلِبو وو ھَلِبو، پُنهونءَ ڪَارَڻَ پَٻَ ۾،
ڀُڻِي ڏوونگَرَ ڏورِيَان جِيءَ اَندَرِ جَلِبو،
پِريَان سَندي پَارَ جو، سُورُ تَان نَہ سَلِبو،
پَکي پُنهُون ڄَامَ جي، رُوحُ وَڃِي رَلِبو.

وائي - 2

ٿِئَڙَم سُورَ سَمَرَ، اي دِلبَرَ،
موٽُ سَٻَاجها سُپِرِين،
مَتَان مُونکي ڇَڏِيين، آرِيَاڻِي اَنوَرَ،
آھي عَبدالطيف کي، پِيرَاڻِي پَاکَرَ.

داستان نائون
بيت - 1

ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ٿَا ڪُڇَنِ،
اِشَارَتُون اُنِ جُون، سُڪُوتَا سُڄَنِ،
وَٽَان ويهِي تَنِ، سُڻُ تَہ سوزُ پِرَائِيين.

بيت - 2

سُڻَ تَہ سوزُ پِرَائِيين، آءُ چَيَائُون اَڄُ،
ٻولِي ٻِي نَہ سِکِئَا، ”پَاڻَان“ چُوندَءِ ڀَڄُ،
وَاڄي وَٽُ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تَہ ٻئائِي لهَي.

بيت - 3

ٻُڌُ تَہ ٻِئَائِي لَهي، آئُون اِتِ نَہ آھِہ،
ڪُڇَڻُ ڪَڍِي لاَھِہ، ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچيَنِ ڪُڇِئو.

بيت - 4

ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو، ڪُڇُ مَ، ڪُڇِئَائُون،
رَھِي نَہ رَتِيءَ جيتِرو، اُنِهيِن وَٽِ ”آئُون“،
وَڍي وِڌَائُون، ھُو جو وَڻُ ”ھُوئَڻَ“ جو.

بيت - 5

ڪَڏِھِين پَئِجي ڪَنُ تِي، ڪَڏِھِين ٿِيجي وَاتُ،
ڪَڏِھِين ٿِيجي ٻَڪِرو، ڪَڏِھِين ٿِيجي ڪَاتُ.

بيت - 6

ڪَٽَارو ۽ ڪوسُ، اَڱَڻِ آرِيءَ ڄَامَ جي،
دِيَتَ آھي دوسُ، مَارَڳَ ۾ مُيُنِ جِي.

بيت - 7

ڪَا مُون مُڇيجَاھُہ، گهَڻِيُون گهُربِيَان اوٺِيَا،
ھِي وَڻَ نَہ لَهَندَاھُہ ھُو وَڻَ اوڏَاھِين گهَڻا.

بيت - 8

چِيٽَا چورَ چُنجِهنِ ۾، جِتِ سيڙِھِيُون شِينھَن سُڄَنِ،
اُتي عَبدُالطيف چئي، ڪي ھيڪَلِيُون ھَلَنِ،
سڪَ رَسَاڻي تَنِ، مَرَڻُ جَنِ موجُودُ ٿِئو.

بيت - 9

ڪو مُنھُن ڪُٺَلِ آيو، نَاھِہ ويچَارِي وَسِ،
ھوتَ تُنھِنجي ھَٿَ ري گولِي ٿِئي نَہ گَسِ،
ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ، مُوڙِھِيءَ ڪو مُنھُن ٿِيي.

بيت - 10

ڪو مُنھُن ڪُٺَلِ آيو، وَسِ نَہ ويچَارِي،
ھوتَ تُنھِنجِي ھَٿَ ري، پَهچي نَہ پَارِي،
اَچين جي آرِي، پَاندُ، جَهلي لَڪُ لَنگهِيَان.

بيت - 11

اَکِيُون آرِيءَ ڄَامَ جُون، اَنڌِيءَ سين آھِينِ،
ھُو جي وَڻَ وِندُرَ جَا، سي مُون سُونهَائِينِ،
ڏِسِئو ڏيکَارِينِ، پيشَانِي پُنهُونءَ جي.

بيت - 12

اَکِيُون آرِيءَ ڄَامَ جُون، آھِينِ اَنڌِيءَ سَاڻُ،
پَسِي ڪَندِيُون پَاڻُ، پيشَانِي پُنهُونءَ جِي.

بيت - 13

آرِي ڏي نَہ اِيئَن، اَکڙِيُون اَنڌِنِ کي،
وَنِيُون جي وِڇَايَان، سَاڻُ نَہ ھُوندِيُون سِينءَ،
سي ڪُوڙِيُون پَسَنِ ڪِيئَنِ، پيشَانِي پُنهُونءَ جِي.

بيت - 14

اَکِيُون لَٽَ اورَاٽِيُون، ڪِنھِن پَرِ ڪَڙِيَان پيرُ،
لَٺِ لاَئِيندو ڪيرُ، مُون جيھِيءَ مَعذُورِ کي.

بيت - 15

تَتِيءَ ڪَري تَاڻَ، ٿَڌِيءَ ٿَڪِي نَہ وِھي،
وِڌَائِين وَڻِڪَارَ ۾، سَسُئِيءَ پَاڻُ سُڪَاڻَ،
پُڇي پَهَہ پَکِيَنِ کي، پيئِي مُنڌَ پَريَاڻَ،
ڏِنَسِ ڏيهَہ وَڻن جا، تَنِ اللہَ لَڳِ اُھڃَاڻ،
مَان نَہ پَرچِي پَاڻَ، اَچِي آرِيَاڻِي وَري.

بيت - 16

ٿُڙُ وَٺِي ٿَاھَرَ ڪَرِ، نَاحَقُ ڏَارَ مَ ڏورِ،
لَڳِي لَڙَھَہ لاَمُنِ جي، ڀورِي مَنَ مَڀورِ،
صَاحِبُ سوئِي سورِ، سَڀَنِي جو سَيدُ چئي،

بيت - 17

مَنجَهان پَنءَ پَرُوڙِ، سَڀِ مَ پُڇِجِ سَسُئِي،
ويهِي وَڏي ڍِڳَ مَان، ڌُڻِي وِجِهجِ ڌُوڙِ،
تَہ تُون مَاڻِيين مُوڙِ، جي پَندِ اِھَائِي پَارِيين.

بيت - 18

پيرَ پَٽَائِين ڪُونئَرَا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،
پَاڻُ پَسي ڦٽِئو، ٿِي ڪَڙِھي ڪيچِينِ کي،
ھَاڙِھو ھوتَ پَري، ڪوھُہ ڄَاڻان ڪِيئَن لنگهِئا.

بيت - 19

پيرَ پَٽَايِئن ڪُونئَرَا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،
ڦَٽِئَا ڦَڻَ فَقِيرِ جَا، سِيروُن ٿِئَا سي،
جِهَڙي تِهَڙي حَالَ سين، پُري پُنهُونءَ ڏي،
وَڃِي مَان نَہ وَري، ٻَانِهِيءَ ٻَانڌَڻُ جَنھِن سين.

بيت - 20

اَصلِ اَنگُ سَندونِ، وَھِي جيڏاھِين وِئو،
ڪِهَڙو ڏوُھہ ڏِبونِ، سو مُنھُن آيو سَاٿِيين.

بيت - 21

لِکِئو جو نِرَاڙِ، سو اَنگُ ڪِيَاڙِي نَہ ٿِيي،
پَرِو ويٺِي پَارِ، جيڪِي لاَلَڻَ لِکِئو لوحَ ۾.

بيت - 22

جِتي جيتَرِيُون، لِکِيُون لوحَ قَلَمَ ۾،
تِتي تيتَرِيُون، گهَڙِيُون گهَارَڻَ مُون آيُون.

بيت - 23

توڙي وِلاَڙُون ڪَرِيين، توڙي ھَلين وِکَ،
لِکِئي مَنجهَان لِکَ، ذَرو ضَايعَ نَہ ٿِيي.

بيت - 24

جي سُئَا نَہ ٻُڌَا، سي ڪِيئَن پِرِين پَسجَنِ،
قَلَمُ جَنِي جي ھَٿَ ۾، سي جي ڪَرمُ ڪَنِ،
اَنگُ مَٽَائِي اڳِيُون، مَاڳَهين ٻِئو لِکَنِ.

وائي - 1

جيڏِيُون جَهلَ مَ پَايو، آئُون ويندَڙِي پَار پِريَن جي،
اَدِيُون روزَ اَلَستَ جي، ڏُونگَرُ ڏيجُ مُون آيِو،
مُون کي ڏِينھَن مِيثَاقَ جي، دوسِتَ دَرسَنُ ڪارئو،
لَڪَنِ ۾ لَطيف چئي، پِريَنِ پَاڻُ پَسَايو.

سُر ديسي

داستان پھريون
بيت - 1

مُٺِيَسِ جَهلِ مَهَار، ڪُٺِيَسِ ڪاھِ مَ ڪَرَھو،
مُون نِمَاڻِيءَ جي نِجُهري، ڀيرَو ڪَرِ مَ ڀَتَارَ،
ساجَنَ تُهان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينهُن قِيامَ جو.

بيت - 2

اَللہَ ڪَارَڻِ اوٺِيَا، ڪَرَھَا مَ ڪَاھِيو،
جَانِبَ جَڏي جِيَ جو، آڳَاندِو آھِيو،
لاَڳاپو لاَھِيو، مَتَان مُنھِنُجَا سُپِريِن.

بيت - 3

اَللہَ ڪَارَڻِ اوٺِيَا، ليڙَا نِيو مَ لُرَ،
نِيو نِمَاڻِي پَاڻَ سين، ٻَانِهِي جَهلي ٻُرَ،
مُون کي مَاري مَنجهہ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ،
ڪَچو لاَيَان ڪُرَ، ڪيچَان اوري جي وَرَان.

بيت - 4

ڪيچَان اوري ڪِٿَهِين. وَڻُ نَہ ويسَاھِين،
ڪَمِيڻِي ڪيچِيَنِ لاَءِ، پُورِجِ پَرَاھِين،
تَاڻِجِ تيڏَاھِين، وَارِجِ ڪَا مَ وَرَڻَ جِي.

بيت - 5

ڪيچَان اوري ڪيتَرِيُون، مَعذُورِيُون مُيون،
وَاٽُون ويَهہ ٿِيُون، ڪوھُہ ڄَاڻَان ڪيهيءَ وِئَا.

بيت - 6

وَاٽُنِ صَحيُ وِئَا، وَڻَ مَنجَهانِ وَاسِئَا،
ھِهَڙَا ھوتَ ھُئَا، سُڃَ ڪِئَائُون سُرَھِي،

بيت - 7

سُرَھِي مَنجهَان سَاٿَ، آئِي بُوءِ ڀَنڀورَ کي،
بِيٺَا بَازَارِنِ ۾، لاَئي جَتَ زَبَاتَ،
سَنديءَ ھوتَ حِمَاتَ، ڪيچِ پَهتو قَافِلو.

بيت - 8

لَڏِيندي لِبَاسُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو،
آيُمِ آرِيءَ ڄَامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجَهان وَاسُ،
مِرُون کينِمِ مَاسُ، ھَڏَ ھَلَندَا ھوتَ ڏي.

بيت - 9

ڇَپَرِ ھوتَ پُنهُونءَ جِي، جَڏِھِين پيئِي ڇَا،
رَاڻَنِ ۾ رُڻِڪو ٿِئو، دَر دَر پيئِي دَانھَن،
سَاٿَ آيو سَروَاڻُ، اَدِيُون اَڄُ ڀَنڀورَ ۾.

بيت - 10

جَڏِھِين پيئِي ڇَٽَ، ڇَپَرِ ھوتَ پنهونءَ جِي،
پَرَھي ويٺِيُون پَتَ، گُوندَرَ لَٿَا گولِيين.

بيت - 11

ڇَپَرِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، جَڏِھِين پيئِي بُوءِ،
رَاڻَنِ وَرِي روُءِ، گُوندَرَ لَٿَا گولِيين.

بيت - 12

بَرَ مِڙَئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون،
اَچِي آرِيءَ ڄَامَ جو، لَڙِيو سَاٿُ صُبُوحِ،
ٻَهُہ ٻَهُہ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي ھُوءِ،
رَاڻِنِ وَرِي روءِ، گُوندَرَ لَٿَا گولِيين.

بيت - 13

بَرَ مِڙَئِي بَاسَ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون،
اَدِيُون آرِيچَنِ جي، وَڻَن مُڪَا وَاسَ،
آيَلِ پُنِي آسَ، پُنهُون آيو ڪيچَ مَان.

بيت - 14

اَللہَ اَچَنِ اُوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَھو ٿِئي،
پَسَان مَانَ پَرِ ڪَهِين، تَنِ جِتَنِ سَندِي جُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيف چئي، سُڻِيَان ھوتَنِ ھوءِ،
گولِي ٿِئَان گُلَبوءِ، جي مُون نِئو پَاڻَ سين.

بيت - 15

ڪيچَان آيو قَافِلو، رَاتِ موچارِيءَ رُوءِ،
بوتي ۽ بلوچ جي، رِڙَھان پَسئو رُوءِ،
لنگهي لَڪَ لطِيف چئي، تَنَ سُڻِيَان ھوتَنِ ھُوءِ،
گولِي ٿِيَان گُلَبُوءِ، جي مُون نِئو پَاڻ سين.

بيت - 16

ڪيچَان ايو قافِلو، رَاتِ موچَاري رَنگِ،
ٿِيَان سَاٿِيَنِ جي سَنگِ، جي مُون نِيئنِ پَاڻ سين.

بيت - 17

ڪيچَان آيو قافِلو، ڀَليرو ڀَايَان،
پَڻِي جا پيرَنِ جِي، لِڱَنِ کي، لاَيَان،
چَنبيلِي چَايَان، جي مُون نِئو پَاڻَ سين.

بيت - 18

ڪيچَان آيو قَافِلو، ڄَامَنِ سَندو ڄَامُ،
پَسَندي پُنُوھَہ کي، اَکِيُنِ ڪِئو آرَامُ،
نَاتَرِ چَايَان نَامُ، جي مُون نِئو پَاڻَ سين.

بيت - 19

ڪيچَان آيو قَافلو، جُنگُ سُونهَارِيءَ جوڙَ،
تَر يَارَا توڏَنِ کي، ڳِچِيءَ سُونهَن موڙَ،
دَولَتَ چَايَان دوڙَ، جي مُون نِئو پَاڻ سين.

بيت - 20

ڪيچَان آيو قَافِلو، طَرَحَ موچَاريءَ توڏَ،
سينگَارِيَائُون سَيَدُؒ چئي، ڪَرَھَا مَنجَهان ڪوَڏَ،
لَکُ لَهي ٿِي لوڏَ، جِيجَان تَنِ جَتَنِ جِي.

بيت - 21

ڪيچَان آيو قَافِلو، سَڀَنِي جو سَروَاڻُ،
وَارَ وَڍي وَڳُون ڪَريَان، پُوئَاھَانِ پَلاَڻَ،
جِهَڙو پُنهُون پَاڻَ، تِهَڙِي سِٽَا سَاٿَ جِي.

بيت - 22

جُهوڙَا جَنِ جُهلُنِ ۾، ھيري لَکَ ھَزَارَ،
وِڙِھِئَا وَاٽَ وَڻَنِ جَا، پُنهُونءَ کي پَالَارَ،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، ايهِيءَ سِٽَ سُوارَ،
ويئِي ڪَالَهَہ قَطَارَ، تُون آئِي اَڄُ نِهَارِيين.

وائي - 1

ھوتَ نَہ ڀَانيُمِ ھِيئَن، مَارِي سَڄَڻَ تُنهِنجي نِينهَن،
ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين،
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏَاڍَا تَپَنِ ڏينهَن،
جُهونگَارِيندي جَهنگَ ۾ ڏوٿِيَنِ ڏِٺَڙي ڏينهَن،
عَشقَ آرِيءَ ڄَامَ جِي، ڪِيَسِ نِمَاڻِي نِينهَن،
وَلِهِيءَ ھِتِ وَسَائِيَا، ميڙَائي جَا مِينھَن،
آنُ جَا ڇَڏِي ڇَپَرين، ڪيچِ رَسَندِي ڪِيئَن.

داستان ٻئو
بيت - 1

آڏَ تِرَا ڇَا آھُڙَا، ڏُونگَرَ کي ڏَاڪَا،
ڪِيَمِ آھَہ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهَان سَا ڪَا،
پيئِي ھِيڻِيءَ جِي ھوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَنِ ڪَا،
مُنھِنجو وَسُ وَاڪَا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچ جو.

بيت - 2

آڏَ تِرَاڇَا آھُڙَا، ڏُونگَرَ کي ڏَاڪَا،
وَٺِي وَرُ وَاٽَ ٿِئَا، بَرِ چَڙِھي بَانڪَا،
ڦَٽِئَا ڦَڻَ فَقير جَا، چَڙَھَندي چَڙَھَندي چَڙَاھَاڪَا،
ھُيَنِ جِيءَ اَندَرِ جَا ڪَا، وِئَا پُڄَائي پَانھِنجِي.

بيت - 3

آڏَ تِرَا ڇَا آھُڙَا، ڏَاڪَا ڏُونگَرَ کي،
ھُو جي وَڻَ وِندُرَ جَا، مَارِيندَا مُون کي،
ھَاڙھو ھِيڻِيءَ کي، لَنگهَائيجِ لطيفؒ چَئي،

بيت - 4

آڏَ تِرَا ڇَا آھُڙَا، ڏُونگَرَ کي ڏَارُون،
ھِينئَڙو ھيرَڻَ پَنَ جِيئَنِ، ڦُٽِي ٿِئو ڦَارُون،
ڪِنھِن کي ڏيکارِيُون، ڪونِهي سوداگَرُ سُورَ جو.

بيت - 5

آڏَ تِرَاڇَا آھُڙَا، وِندُرَ وَرَاڪَا وَرَ،
حُبُ جَنھِن کي ھوتَ جو، سَا ڏورِيندِي ڏُونگَرَ،
پَهچَائِيين پَرَوَرَ، لُطفَ سَاڻُ لطيفؒ چئي.

بيت - 6

آڏَ تِرَاڇَا آھُڙَا، وِندُرِ وَارَاڪَا وَاڪَ،
اُجَهايَسِ اُٺنِ جن، ڦوڙَائي فِرَاقَ،
پُنهُون پَرَمَلَ پَاڪَ، وَاحِدَ لڳِ وريجِ تُون.

بيت - 7

آڏَ تِرَاڇَا آھُڙَا، وِنگاَ وَرَ وَاٽُنِ،
جيرَا جِگرَ بُڪِيُون، آرِيءَ لَيءِ آٽَنِ،
ڪِسي ڪَنوَاٽَنِ، سَنڀوڙَا سَيَدُؒ چئي.

بيت - 8

ڪوڏَرِ نَہ ڪَاتِي، جَنھِن سين ٽَڪَرُ ٽَاڪِئَان،
جيڪو جَبلُ لَنگهِيَان، سو ھَيبَتَ جو ھَاٿِي،
پِريَن جَا پَاتِي، سَا جَڙَ جِيئَري نَہ لَهي.

بيت - 9

جَڙَ جِيئَري جَنِ سين، مُئي سين تَنِ،
جي ھِتِ نَہ ھوتُ پَسَنِ، سي ڪَنھِن پَرِ ڪَيچِ پَسَندِيُون.

بيت - 10

جِيءَ جَڙَ جَنِ سين، سي ٿِئَا ھوتَ قَرارُ،
رُوئَان زَاروزَارِ، ھَاڻي تَنِ پِريَنِ کي.

بيت - 11

جَبَلُ مَاري جَکَ، جو آڏو آرِيچَنِ کي،
توڻي لَڪَنِ لَکَ، تَہ سَڀِ لَنگَهندِيَسِ سِڪَ سين.

بيت - 12

جَبَلُ جيڏو ئِي آڏو آرِيچَنِ کي،
وَٺِي وَرُ وَاٽَ ٿِئَا، بُرفَتَ بِروھِي،
رِڃُنِ ۾ روئِي، پَسَان شَالَ پُنهُونءَ کي.

بيت - 13

جَبَلُ سُڄَنِ جَالَ، آڏَا آريچَنِ کي،
ھَاڙِھي ڏُونھَن ھَٿُ کَڻِئو، ڇَپَرِ مِڙَاَن ڇَالَ،
ڪيچِي وِئَڙمِ ڪَالَهہ، تي ٿِي ڏُونگَرَ ڏورِيَان.

بيت - 14

پَهَڻَ پُريَاڌي پَٻَ جَا، جَاڏَا جَبَلَ جِتِ،
لُڇي مُنڌَ لطيف چَئي، تَاڪُو، پسِئو تِتِ،
ھوتَ پَهچِجِ ھِتِ، آءُ تَہ اوَجَهڙِ نَہ پَوَان.

بيت - 15

پَهَڻَ پُريَاڌي پَٻَ جَا، جَبَلَ جِتِ جَاڏَا،
توڏَنِ جَا تَڙَ ڀِيڙَ ۾، کُپَنِ مَ کَاڏَا،
اچَنِ جي آڏَا، لَڪَ سَوَلاَ لَنگهِيَان.

بيت - 16

ھِڪُ پَاھَڻُ، ٻِيُون پَٽِيُون، ٽِئَا جَبَلَ اُتِ جَاڏَا،
اَڳِئَان اَڻَ سُونھِن کي، تَنگَ پُڇَنِ تَاڏَا،
جي مُٺِيءَ مُنھَن آڏا، سي ٽَارِجِ لَڪَ لطيفؒ چئي.

بيت - 17

پَهَڻَنِ ڪِينَ پَروُڙِئو، پِٿُون پيرَ ٿِئَامِ،
ثُمَ لاَ يَمُوتُ فيهَا وَلاَيَحيٰ، ھِهَڙَا حَالَ سَندَامِ،
ڪوجَها ڪِرتَ ڪِئَامِ، جِيئَن ھوتَنِ ڇَڏيَسِ حَبِ ۾.

وائي - 1

ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَهِي، سيڻَنِ سَاڻُ صَحِي،
ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تَان نَہ جَتَنِ ري،
وِھَان ڪِيئَن مَاٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَهِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، سَارِيَان ڪو نَہ صَحِي،
اَڳئَان آرِيءَ ڄَامَ جو، سُڄي سَاٿُ صَحِي،
صُبحِ ڏُونگَرَ ڏورِئَان، ڪِنهِن پَرِ رَاتِ رَھِي.

داستان ٽئو
بيت - 1

ڪَرِڙَا ڏُونگَرَ ڪَهَہ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ گهُونَا گهُونِ،
ليڙَنِ جُون لطيفؒ چَئي، تَنگِ تَنوَارُون پُونِ،
جَنِ ڏِٺو پيرُ پِرِينءَ جو، سي نَڪِي رُونِ نَہ چُونِ،
ھُوندَنِ مَٿي ھُونِ، لاَڳَاپَا ھِنَ لوڪَ جَا.

بيت - 2

ڪَرِڙَا ڏُونگَرَ ڪَهَہ گهَڻِي، جَبَلَ جِتِ جَهجَها،
موٽُ مُحَمدَ ڪَارَڻِي، عَالَمَ جَا اَجَها،
پُنهُونءَ ري سَنجهَا، مُون ووڙِيندِيءَ وَرُ مِلي،

بيت - 3

ڪَرِڙَا ڏُونگَرَ ڪَهَہ گَهڻِي، جَبَل جَامو جَامَ،
سَمَرَ بِنَان سَرَتِيُون، ڪَهَہ ۾ گهِڙي ڪَامَ،
بِنَان مُحَمدُؐ ڄَامَ، ڪونِهي وَسِيلو وِچَ تي.

بيت - 4

ڪَرِڙَا ڏُنگَرَ ڪَهَہ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ جَالاَراَ،
ڏِنَمِ ڏَاڍين ڏُونگَريب، لَيءِ آرِي، اُلاَرَا،
ڪَهَہ ۾ ڪوھِيَارَا، اَچِجِ تَہ اوڏِي ٿِئَان.

بيت - 5

ڪَرِڙَا ڏُونگَرَ ڪَهَہ گهَڻِي، روھَہ جَبَلَ روڏَا،
وَڃئو چَڙِھي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏَا،
آھِينِ اَڻَ سُونهِن کي، ڀَر لَڪَنِ لوڏَا،
ڪوھِيَاري ڪوڏَا، مَعذُورِ مَرَڻُ مَڃِئو.

بيت - 6

ڪَرِڙَا ڏُونگَرَ ڪَهَہ گَهڻِي، وِئَا روڏا رنگَائي،
رَھِيَسِ رَسُ لطيف چئي، تَنهِن ڪَمِيڻيءَ ڪَاھي،
سَاڱَاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ وَاجهَائي،
آرِيَاڻِي آھي، مَنھُن مَعذُورِنِ جو.

بيت - 7

ڪَرِڙَا ڏُونگَرَ ڪَهَہ گَهڻِي، جِتِ مَاٿَرِ مَٿَاھِين،
سُڄَن ٿَا سَيَدُؒ چئي، مِرون مَهَائِين،
آرِيَاڻِي آھِين، مَنَھُن مَعذُورِنِ جو.

بيت - 8

ڪَرِڙَا ڏُونگَرَ ڪَهَہ گهَڻِي، جِتِ بَرَ پَٽَ بَيَابَانَ،
ڏَاھَنِ ڏَاھَپَ وِسَري، ٿِئَا حَرِيفَ حَيرَانُ،
سَسُئيءَ لَنگهِئو سَيَدُؒ چئي، مَحَبَتَ سين مَيدَانُ،
جَنھِن جو آرِيَاڻِي اَڳِوَاڻُ، تِنهِن کي ڪَانِهي بَاڪَ بَهِيرَ ۾.

بيت - 9

ڪَرِڙَا ڏُونگَرَ ڪَهَہ گهَڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رَائو،
تِتِرُ لَئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏَائو،
جَڏِھيِن ڄَامُ پُنهُون ڄَائو، ٿِئو سَوَلو طَالِعُ سَاٿِيين.

بيت - 10

ڪَرِڙَا ڏُونگَرَ ڪَهَہ گهَڻِيِ، جِتِ ھَيبَتَ ھُوءِ ھَڳَاءُ،
رَھِئَا رَاتِ لَطيفؒ چئي، لَڪَنِ ۾ تو لاَءِ،
پَروَرَ ڄَامَ پُڇَا ڪِي، سَڳَرَ مَنجهہ سَندِيَاءِ،
ھَادِي ھوتُ مِلاَءِ، آسَرَوَندِي آھِيَان.

بيت - 11

ڪَرِڙَا ڏُونگَرَ ڪَهَہ گهَڻِي، لَڳِي اُڃَ اُسَاٽُ،
مَولاَ اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇَاٽَ،
ھَلَن سَنگِ سَيدُؒ چئي، ڪيچيَنِ جَا ڪَنواَٽَ،
وِنگي جِتي وَاٽَ، تِتِي ٻَاتَاڙَنِ ٻِيلي تِيين.

بيت - 12

ڪَرِڙَا ڏُونگَرَ ڪَهَہ گهڻِي، جِتي ڪوھَنِ ۾ ڪَارِي،
سُڄي ٿِي سَيَدُؒ چئي، اڳِئَان اَنڌَارِي،
روزِ تَپي وَارِي، ڪَارونڀَارَ ڪَافَنِ جِي.

بيت - 13

ڪَرِڙَا ڏُونگَرَ ڪَهَہ گهَڻِي، جِتِ وَاٽُنِ تي وَارِي،
پُنهُون نِيندَئِي پَاڻَ سين، ڪَندَءِ ويچاري،
ھوتَنِ لاَءِ ھَارِي، ڇَا کي ڏُونگَرُ، ڏورِيين.

بيت - 14

ڪَرِڙَا ڏُونگَرَ ڪَهَہ گهَڻِي، جِتِ وَاٽُنِ تي وَارِي،
آڏَا لَڪَ لَطيفؒ چئي، بَرَ سُڄَن بَاري،
جَا مَنزَلُنِ مَارِي سَا قَادِر ڪيچِ رَسَاڻِين.

بيت - 15

مَنزَلَ دورِ مَن تَنهَا، جِتِ ٻيلي نَاھِہ ٻِئو،
ھَي ھيڪلو جِندَڙو، پَهڻَنِ مَنجِهہ پِئو،
اِيءُ قَضَا ڪَمُ ڪِئو، رَسِجِ رَھبَرَ رَاھَہ ۾.

بيت - 16

مَنزَلَ دُورِ مَن تَنهَا، جِتِ سَاٿِي نَہ پَانڌِي،
لَٽي لوڙُھہ فَقِير جو، ڪَالهہ وَھِئَا ڪَانڌِي،
جَا دِلِئُون دَرَمَاندِي، تَنھِن کي رسجِ رَھبَرَ راھَہ ۾.

بيت - 17

مَنزَلَ دُورِ مَ مَٽِ، ڇَڏِ مَ سَيرُ سِڪَڻُ جو،
لَنءُ جِي وَاٽَ مَ لَٽِ، لَنءُ رِءَ حيفُ ھُوئَڻَ کي.

وائي - 1

ھِيئَڙو ٿو ھُنِ سَاري مُنھِنجو سَاھُہ سَيَدَ کي ٿو سَاري،
جيڏيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي،
جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو ٻَاروچو ٻَاري،
سَچو سُخُنُ سُپِرِين، قَولُ پُنَهَلُ پَنھِنجو پَاري،
پَنڌَ اَڙَانگا پَٽِيين، مُونکي ڪوھِيَارو ٿو ڪَاري،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙِي ھِتِ گهَاري،
آسَرَ ڀَري آھِيَان، وَاحِدُ آڻينِ وَاري،
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي ھِنَ ويچَارِيءَ وَاري.

داستان چوٿون
بيت - 1

مُون ڀَانيو مِهمَانَ، ھَميشَه ھُوندَا پِرِين،
ڪُهِي ڪَمِيڻِي ھَلِئَا، ڪَهِلَ ڪِيَائُون ڪَانَ،
ڏيئِي وِئَڙَا ڏَاھِہ کي، سُورَنِ جَا سَامَانَ،
جورو رَاتِ جُوَانَ، جيڏو جَتَ ڪَري وِئَا.

بيت - 2

مُون ڀانيو مُون وَٽِ ھَميشَهہ ھُوندَا پِرِين،
ويڙِھو ڏيئِي ويڪِرو، پَهرِي وِئَا پَٽِ،
سَاھُہ جَنِي جِيءَ سَٽِ، وِڪِيُمِ ٿي وَڻِڪَارَ ۾.

بيت - 3

مُون ڀَانيو مُون گهَرِ، ھَميشه ھُوندَا پِرِين،
سَاڄَنَ سيڄَ وِڇَايَان، جوڙي جِيءَ اَندَرَ،
ڪوھُہ ڄَاڻَان ڪِنھِن پَرِ، ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا.

بيت - 4

ڏيرَ ڏَمَرِ جِي ھَلِئَا، بَرِ ڪَاھي بوتَا،
نِئو نِمَاڻِي پَاڻَ سين، ھيڪَرَ اَئِين ھوتَا،
مَارِينِ ٿَا معذُورِ کي، گُنگنِ جَا گوتَا،
ايهِيءَ پَرِ پَهتَا، رَاتِ نَہ رَھِئَا ھيڪَڙِي.

بيت - 5

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئَا، بَاڪَا چَڙِھي بَرِ،
جَتَنِ ڌَارَان جيڏِيُون، ھِينيُون جَرِ نَہ ٿَرِ،
ڪَا نَہ ٻُڌيِسُون ڪَڏِھِين، اِھَڙِي پَرِ ڪُپَرِ،
ٻَاروچَا ٻَرِ ٻَرِ، رَاتِ نَہ رَھِئَا ھَيڪَڙِي.

بيت - 6

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئَا، پَائي پَاکوڙَا،
اُٿِي ھَلِئَا اُسَ ۾، ٻپَهرِيءَ ٻوڙَا،
ڏِيهُن تَتو ڏَءُ متو، کَامِي ٿيسَ کورَا.
ڳَاڙِيَم ٿي ڳوڙھَا، رَات نَہ رَھِئَا ھيڪَڙِي.

بيت - 7

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئَا، پَائي اينڊَ پَلاَڻَ،
وِجِهي گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ڏيئِي تَنگنِ تَاڻَ،
ڪَارون ڪِيَم ڪيتِرَا، سَنجهي وِئَا سَروَاڻَ،
پُنهُون نَاھِہ پَلَنگَ تي، سيڄَ سُڃِي ٿِي ھَاڻِ،
مُون وَٽِ ٿِي مِهمَانَ، رَاتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.

بيت - 8

ڏيرَ ڏَمَرِ جِي ھَلِئَا، چَانگَنِ تي چَڙِھِي،
ڪِئَان ٿِي ڪوھِيَارَلَ سين، اَدِيُون دِلِ اَڙِي،
وَڃِي وَرُ وَڻِڪَارَ ۾، گهَاري مَان نَہ گهڙَي،
ٻَاروچَا ٻَڙِي، رَاتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.

بيت - 9

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئَا، اُٺَنِ چَڙِھِي اُوءِ،
وَڃَنِ ويچَارِيءَ سين، ھَاڃُو ڪِئو ھُوءِ.
پُنهُونءَ ڪَارَڻِ پَٻَ ۾، ڇُلِئو ڇَپَرِ پوءِ،
رَندَ نِهَارِئو روءِ، رَاتِ نَہ رَھَئِا ھيڪَڙِي.

بيت - 10

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئَا، گَسِ ڪَري گورَا،
وَڃَنِ ويچَارِي جَا، جَتَ ھَڻِئو جَورَا،
ٻَانڀَڻِ ٻَروچَنِ ري، ڀَڄِي ٿِي ڀورَا،
ھَي ھِنيين ھورَا رَاتِ نَہ رَھِئَا ھيڪَڙِي.

بيت - 11

ڏيرَ ڏَمَرِ جي ھَلِئَا، ڪَرَھَلَ قَطَاري،
چَڙِھِئَا لَڪَ لَطيفؒ چئي، توڏَا تَنوَاري،
ٻَانڀَڻِ ٻَروچَنِ لَئي، رويو جَرُ ھَاري،
اَدِيُون اوتَاري رَاتِ نَہ رَھِئَا ھيڪَڙِي.

بيت - 12

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئَا، جَهلي ميَنِ مَهَارون،
وِجِهئو ھَٿَ وَاڳَنِ م، ڪَري ٻَانڀَڻِ ٻَاڪَارون،
وَڃِي ڪِيُون وَڻِڪَارَ ۾، چَانگَنِ چَانگاَرُون،
ڪِئَمِ وَسَ ڪَارُون رَاتِ نَہ رَھِئَا ھيڪَڙِي.

بيت - 13

ڏيرَ ڏَمَرِ جِي ھَلِئَا، ڪَاھي ڪيچ ڪَنوَاٽَ،
لَنگهِيَائُون لطيفؒ چئي، گهيڙَ گهِٽِيُون ۽ گهَاٽَ،
وَٺِي وِئَا وِصَال ۾، وَحدَہ جي وَاٽَ،
جَٽي ڏيئِي جَهاٽَ، رَاتِ نَہ رَھِئَا ھيڪَڙِي.

بيت - 14

ڏيرَ ڏَمَرِ جِي ھَلِئَا، ڏيئِي ڏُورَاڻَا ڏَسَ،
وَڃِي ٿِئَا وَڻِڪَارَ ۾، ليڙا ڪَاھي لَسَ،
اوڳِي تَنَ اوٺِيَنِ جَا، پوءِ ٿِي پُڇي گَسَ،
وَڏَا ڪئَمِ وَسَ، رَاتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.

بيت - 15

ڏيرَ ڏَمَرِ جِي ھَلِئَا، رَمِي وِئَڙَا رَاتِ،
بي تَرَسُ بَلوچَنِ جِي، جِيجَان گهَڻِي ذَاتِ،
آئُون پيرَ کَڻَان پِرڀَاتِ نَہ رَھِئَا ھيڪَڙِي.

بيت - 16

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئَا، وَارِيَان تَان نَہ وَرَنِ،
حَيفُ پُڄَاڻَان ھوتَ جي، گهَارَڻُ مَنجِهہ گهَرَنِ،
لُڇَان لَئي ليڙَنِ، رَاتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.

بيت - 17

ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئِا، مُٺِي آئُون مَعذُورِ،
رَڙَان رُوئَان جيڏيُون، سَڙَان اِنَهِيءَ سُورِ،
ڏيهُہ جَنِي جو ڏُورِ، سي رَاتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.

بيت - 18

جي نَہ رَھِئَا رَاتِ، تَہ ڪِهَڙو سُکُ سَرَتِيُون،
ٻَانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاَقَاتِ،
مَتَان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريَان جِي تَاتِ،
آئُون تَان جوٺِي ذَاتِ، تُون پَاڻ سُڃَاڻِجِ سُپِرِين.

وائي - 1

ڇاَ کي ٿَا ڪَرَھَہ قَطَارِئو، وَاڳَ وَٺِي وَرُ وَارِئو،
مُون نِمَاڻيءَ تَان ڪِينَ چَئو،
سَائِينءَ ڪَارَڻِ سُپِريِن، دوستَ دَرسَنُ ڪَارِئو،
رَھو رَاتِ ڀَنڀورَ ۾، تَا ڪَا گهَڙِي ھِتِ گِهاَرِئو،
سِڪِي جَنهِن سَنڱُ ڪِئو، تَنھِن مَعذورِ کي اَئِين مَ چَارَئو،
موڙي مَڃَرَ ڏَارِيُون، چَانگَنِ کي اَئيِن چَارِئو،
جَانِبَ مُنھِنجي جِيءَ جو، آڳَاندِو ڏَڍُ آھِيو،
آرِيَاڻِي عبدالطيفؒ چئي، لَڪِيُون لَڪَ لنگهَايو.

داستان پنجون
بيت - 1

مُون ڀَانيو مِهمَانَ، جيڪَسِ پَهرَ پنهُونءَ جِيِ،
بي غَرضَا بَلوچَ ٿِئَا، سَسُئِيءَ سين سَروَاڻَ،
ڪَاھي رَسِئَا ڪيچَ کي، ڏَاگهَنِ لاَھي ڏَاڻَ،
وِلهَا ٿِئَا وَٿَاڻ، سَاٿِيَنِ ري سَيدُؒ چئي.

بيت - 2

سَاٿِيَنِ سَويرَ، آڻي اُٺَ اَويٽِئَا،
اِيئِن نَہ ڀَانيُمِ جيڏيُون، تَہ ڪَا ڏَاڍِي ڪَندَا ڏيرَ،
اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ، وِئَا سُڃَ سَنجهي ڪَري.

بيت - 3

وِئَا سُڃَ سَنجهي ڪَري، ڀينَرُ رَاتِ ڀِنِي،
سُڌِ لَڏِيندي سَاٿَ جِي، ڏيرَنِ ڪَانَہ ڏِنِي،
وِئَڙَا سَڱُ ڇِنِي، ڏُکِي ڏولي ڏُونگريَن.

بيت - 4

ڏُکِي ڏولي ڏُونگريَن، وِئَا ڇَپَرَ ۾ ڇورِي،
جِهڄَڻُ ۽ جهورِي، سَسُئِيءَ سَرِوَاڻَنِ جو.

بيت - 5

ڪَري سُڃَ سَنجهي وِئَا، اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ،
لَڙِيي سِڄ لطيف چئي، پيئي کَڻَان پيرَ،
ڀَلي ڏَمَرِئَا ڏيرَ، جِنِ وَاري نِينهَن نَئُون ڪِئو.

بيت - 6

آڻي جهوڪِئَا جهوڪَ ۾، مِزمَانَن مَهِرِي،
چَاٽِي چَنبَنِ ۾ وِئَا، جِيئَن بَازُ سٽي بَحِرِي،
ڪوھِيَارو قَهرِي، وِئو نِهوڙي نِنڊَ ۾.

بيت - 7

گَجئَا ڪِينَ گَڙَنگَ، ٻَڌي مُنھِن پَلاَڻِئَا،
اوٺِيَڙَا اَڙٻِنگَ، وِئَا لَتَاڙي لَڪِيُون.

بيت - 8

ھُونگاَري ھَلِئا، پَاتَائُون پَلاَڻَ،
ليڙَنِ جُهُلون لاَکَ جُون، سِينگَارِئَا سَرواڻَ،
جِهَڙو پُنهُون پَاڻَ، تِهَڙِي سِٽَا سَاٿَ جِي.

بيت - 9

اُٺَ پُٽَ اُٺَنِ جَا، مَرَنِ مَ موڏَا،
پُويو پُويو پَايَان، ڪَرَھَنِ کي ڪوڏا،
اَچَنِ جي اوڏَا، تَہ لَڪَ سَوَلاَ لَنگهِيَان.

بيت - 10

جَارَان جَتُ ڏِٺومِ، عَينَنِ سين آمِينَ اَلاَ،
سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريَان جو پِيومِ،
اُوندَاھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ،
سَرَھو سَاھُہ ٿِيومِ، اَچَڻَ ويلَ عَجِيبَ جي.

بيت - 11

اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسَان جُوءِ ۾،
اوطَاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀيئي،
اَکڙِيُون روئِي، مَاڳَ نِهَاري موٽِيُون.

بيت - 12

کوءِ پَلَنگَ ٻَنِ مَاڙِيُون، پَکَا سَندَنِ ٻَنِ،
اُستُ جو اُٺِنِ جو، مُون کي رَھِيو مَنِ،
جِيءَ ۾ جَتَ رَھَنِ، ٻِي پِرٿِڻِي پَاسي ٿِي.

بيت - 13

ڌُرِيَان ئِي ڌَارِيَان، مِٽَ مُئِيءَ جَا نَہ ٿِئَا،
ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِئو کِيڪَارِيَان،
صُبحِ ٿِي سَارِيَان، اُٺَ نَہ اوطَاقُنِ ۾.

بيت - 14

اَدِيُون وِئَا اُڪِرِي، ڏيئِي تَنگَنِ تَاڻَ،
جيڏو جَتَ جُوَانَ، ڪِئو روزُ ضَعيفِ سين.

بيت - 15

مُون توکي پَرنِئَا، اَللہَ اوٺِي ۽ اُٺَ،
ڏيرَنِ ڪِينَ ڏُکوئِي، مُنڌَ مَيَنِ جِي مُٺَ،
توڻي وَڃَنِ رُٺَ، توءِ تَرَٽَ مَ اَچي تَنِ کي.

بيت - 16

اَديُون اُٺَ وِئَا، مُنھِنجَا نِيَرَنِ سُوڌَا نِڪرِي،
ڪُنجُون ڪُلفَ اُنِ جَا، سَانڍَڻُ سُورُ ٿِئَا،
سَنجهي ھوتَ وِئَا، صُبحِ ٻَڌُمِ سَندِرو.

بيت - 17

ٻَڌِي سُورَنِ سَندِرو، صُبُوحِ ڏُونگَرِ ڏورِئَامِ،
ڪَندي ڪَشَالاَ ڪيچَ ڏي، ويلاَ وِچِ پِئَامِ،
سَوين سَاٿَ گَڏِئَامِ، پُنهُونءَ پَارُ نَہ ھِڪِڙو.

بيت - 18

سَاھي ٻَڌي سَندِرو مَٿي بَرَ بَندِي،
آھُون لاءِ آريَاڻيءَ، وَڃي ڪيچِ ڪَندِي.
مَولاَ ڪَا مَ مَدِي، سُڻِيَان ھوتَ بَلوچَ جِي.

بيت - 19

ڏُونگرَ ۾ ڏَھڪَارُ، موٽَڻُ مَيَنَ جو مَسَ ٿِئي،
وِندُرَ ۾ وَاڪو سُڻِي، ڀِري مَان نَہ ڀَتَارُ،
ھوتَ نَہ وِنگو وَارُ، آئُون دُعَا ڳِڻِ دوستَ جِي.

بيت - 20

لَڪَ مَٿي لٽِڪي، ڪَريو سَٻَاجَها سَڏَڙَا،
ويدِيَسِ ھوتَ پُنهونءَ سين، پَاندُ جَهلِئو پَٽِڪي،
مَرَان تَہ مَانُ لَهَان، سَاھُہ پِريَان تَان صَدَقي،
سَا اوري ڪِيئَن اَٽِڪي، جَنھِنَ جو جَانِبُ جَتَ وَٺِي وِئَا.

بيت - 21

لَڪِ چَڙِھِيو رڻِ روءِ، ڪَري سَٻَاجَها سَڏَڙَا،
ھِيئَڙو ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڇِڄِئو ڇَپر پوءِ،
ڪو ڳَنڍيندَڙُ ھوءِ، تَہ پَرِتِ پُرَاڻِي نَہ ٿِئي.

بيت - 22

لَڪِ چڙھئو رِڻِ روءِ، ڪَري سَٻَاجَها سَڏِڙَا،
اِيندَنِ پُڇي خَبَرُون، وِيندَنِ پيرين پوءِ،
اُٺَنِ ۽ اوٺِيَڙَنِ جو، مُون کي ڏَسُ ڏِيو،
مُونهَان ھوتُ وِئو، ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِئَان.

بيت - 23

ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِئان، ڪِيچِيَنِ لَئي ڪَڙھِيو،
پَهَاڙَنِ تي پَٻَ جي، وَڃَان چوٽِيَنِ سينءَ چَڙِھيو،
ڪَري سَاجَنَ سوگهو، سَندُمِ جيءُ جَڙِيو،
لَڪَنِ تَان لَڙِيو، پيرُ نِهَارِئَان پِرينءَ جو.

وائي - 1

دَردَ فِرَاقَ مِيَان پُنهُون سَائِين، عَشقَ فِراَقَ،
پُنهُون سَائِين جيڏِيُون اَلو اَلو مَارِي آھِيَان،
اَدِيُون آرِيچَنِ جي، نِهوڙِيَسِ نَفَاقَ،
ڏُونگَرُ ڏورِئو نَہ ٿِئي، مُون وِلِهِيءَ کَان وَاڪَ.

داستان ڇھون
بيت - 1

جَڏَھَا نڪَرَ جَانِي، سَڄَڻُ سَانگِ سِڌَارِئو،
رَاتِيَان رَاحَتَ نَاھَہ ڪَا، ڏِينھَان حَيرَانِي،
آئُون پَنهِنجي پِرِينءَ تَان، ٿِئَان ڪوڙِيين قُربَانِي،
ھِيءَ رَضَا رَبَانِي، نَہ تَہ ڪَرِيَان وَسُ وِصَالَ سين.

بيت - 2

جَڏَھَا نڪَرَ ٿَئَامِ، سَاڃَهِہ سُپيرِيَنِ سين،
تَڏَھَانڪُون تِرَ جيتِرو، ويلَ نَہ وِسرِئَامِ،
اَندَرِ روحَ رَھِئَامِ، سَڄَڻَ اوطَاقُون ڪَري.

بيت - 3

آيَلِ اوطَاقُون، ڪَري ڪَري ڪيچِي ھَلِئَا،
سُڪِيُون نَہ سيڻَنِ جي، مَاڳَنِ تَان مَاڪوُنُ،
نِسورِيُون نَائُڪُون، سَڃي ھَلِئَا سُورَ جُون.

بيت - 4

اَڄُ پَڻِ وَسَائِي اوٺِيين، مَٿي مَارَڳَ مَاڪَ،
پُنهون نِيَائُون پَاڻَ سين، تَاڙِيُون ڀَڃي تَاڪَ،
ھَيهَاتَ ھَيهَاتَ لِمَاتُوعَدُونَ سُڃِي ٿِي اوطَاقَ،
چُڪِيءَ چوري چَاڪَ، ھَاڙِھي ھوتَ ھَلِي وِئَا.

بيت - 5

ڏَاجَنِ تي ڏَاجَا، ڏُکِيءَ جي ڏُکَنِ جَا،
لَڳِيَسِ نَائُڪَ نِينهَن جِي، ڪُڙھِہ اَندَرِ ڪَا جَا،
ٿَرَنِ مَنجِهہ ٿَاجَا، ڪَري مُنڌَ مِرُوئَنِ سين.

بيت - 6

مُسَافِرَ نَئُون مُاءُ، وِرھُہ وِھَايُمِ وِتَرو،
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سَانگِيَنِ سين سَاڃَاءِ،
جِيجَان جَهلَ مَ پَاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئَا.

بيت - 7

ديسِي سيڻَ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪِهَڙَا پِرِين،
لَڏِئِو لاَڏُوڻَا ڪَرِئو، موٽِئو ڏيهَہ وَڃَنِ،
پَڃَاڻَان پِريَنِ، ڪِجي بَسِ ڀَنڀورَ کَان.

بيت - 8

ڪِيئَن اَڙَايُئِي پَاندُ، پَلَئُہ پَرَڏيهِيَنِ سين،
مَتِيُون مُوڙِھِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوھِيَارو ڪَانڌُ،
رُلِي ڀَانيُئِي رَاندِ، ٻَانڀَڻِ عَشقُ ٻَروچَ جو.

بيت - 9

ديسِ وِجهي جَتُ دَامُ، سَاھُہ ٻَجَهائي سَاڻُ وِئو،
تَنهِن ڪَڍَ ويندِيَسِ ڪيچَ ڏي، آھي اِيءُ اَنجَامُ،
ڇَالَ ڇَپَرَ جو ڄَامُ، ھوتُ ڌَرِيندو ھَٿَڙَا.

بيت - 10

مَاڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُوندَاھِيءَ ۾ سوجهِرو،
حَشَرَ ويل حِسَابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ،
سَاري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيَارو ڪيچَ ڌَڻِي.

بيت - 11

ڪَڏِھِين ڪو ٻَاجَهہ پَئِي، سَاڄَنَ مُجِ سَلاَمُ،
سِڪَ تُنھِنجِيءَ سُپرِين، ڪِئَڙو تَنُ تَمَامُ،
ھَٿَنِ حَاجَ وِھُہ ٿِي، نيڻين نِنڊَ حَرَامُ،
دوسَ نَہ سَهَان دَامُ، تُون وِندُرِ ٿي ويلاَ ڪَرِين.

بيت - 12

اُڀِرَئو آفِتَابُ، بِرَھمَڻِ کي بَرَ ۾،
پَلَڪَ ڪِرِئَا پَلڪَنِ تي، پَسِي تَنهِن جو تَابُ،
اِيءُ پَڻِ غَيرَ حِسَابُ، جِيئَن چورِيءَ ڄَامُ چَڙِھِي وِئو.

بيت - 13

جهولي جُهڻِڪَ جُهِني ڪِي، ويٺِي ٻُڪي ٻَاڦَ،
آيَمِ تَنِ اُٺَنِ سين، جَنِ جَا پيرَ ڌُڌَا ڌَڙَ دَافَ،
لَنگهِئَا لَڪَ لَطيفؒ چئي، توڏَا تَڙٻنگَ تَافَ،
ٻِي ڪيرَ لَنگهِيندِي ڪَافَ، ھِيءُ بَرُ بِرَھمَڻِ بَاسِئو.

بيت - 14

بِرھَہ مَڻَايُسِ بَرُ، نَہ تَہ سُکِي ڪيرَ سَڌوُن ڪَري،
گَهَڻُو ڏورِيَائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ،
وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ مُئِيءَ جَا سَابِ پِئَا.

بيت - 15

وَرَ ۾ ڪونِهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪِئو،
نِهَارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، بوتَنِ ڪَارَڻِ بَرُ،
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتَان روھَہ رَتِيُون ٿِيين.

بيت - 16

وَرَ وَرَاڪَا وِچَ ۾، لَکينِ آڏَا لَڪَ،
ھي جي آڏَا حَقَ، ڪَندَا ڪوھُہ ڪَندِينِ کي.

بيت - 17

ڀينَر آئُون ڀورِي جِنهِن مُون سَڱُ سُڃَاڻِي نَہ ڪِئو،
ڏيندَا مُون ڏيرَ وِئَا، جِهڄَڻَ ۽ جهورِي.
لَڳِي جَنِ لورِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.

بيت - 18

اَدِيُون آئُون اَڄَاڻِ، جِنهِن سَگُ سُڃَاڻِي نَہ ڪِئو،
ھُوندَ نَہ ڪَڍِيَمِ ھيتِريِ، ڪوھِيَاري جِي ڪَاڻِ،
رَتِيءَ جي رِھَاڻِ، جِيءُ اَڙَايُمِ جَتَ سين.

بيت - 19

اَدِيُون ڪَا اِيندي، ڇَپَرُ مُون سَڱُ ٿِئو،
لاَئِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيرَان ميندِي،
وِندُرِ آئُو ويندِي، آرِي ڄَامُ اَجهو ڪَري.

بيت - 20

وِندُرَ جَنِ وَڻَنِ سين، ڪِيَمِ سَهسين سُکَائُون،
پُنهُون وَٺِي پَاڻَ سين، اَچَان جي آئُونُ،
وَرَندي وَچَائُون، ڏِيَان شَاخ سَڀَ ڪنهِن.

وائي - 1

جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏِيُون، مُنهِنجو لاَلَڻُ آيو پيهِي،
مُنھِنجَا وِئَڙَا سُورَ سَڀَيئِي،
ھُئِي شِڪَستِي سَسُئِي، رَازَ پُنهُونءَ جي ريهِي،
ڳَالِهِيُون ڪَنديَس ڳُجِهيُون، مُنھِن مُقابِلَ ويهِي،
کَٿُورِي بَارُ کَڻِي، آيَا ڏُونگَرَ ڏيهِي،
سَرڪَشِي سَردَارَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيهِي.

داستان ستون
بيت - 1

جَتَا شَالَ جِيو، جِيو ٿَا جَاڙُون ڪَرِيو،
ٻَانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٻيلِي نَاھِہ ٻِئو،
ڇِنَڻُ تَان نَہ پِئو، ھِيءُ سَڱُ نَہ ڇِنَڻَ جهڙو.

بيت - 2

جَتَنِ وِڌِيَسِ جَارَ، نَا تَہ ھُيَسِ نِمَاڻِي نِڪَڻِي،
ٿِئَا پَاڻَ قَرَارِ، مُون مَنُ گَڏِيَائُون گوُندَرِين.

بيت - 3

جَتَنِ يَارَانُو، ڪِيچِيَنِ مُون سين ڪونَہ ڪِئو،
نَالي سُيَسِ ھوت جي، مَٿِنِ بَارَانُو،
تيلاَھِين طَعنُو ڏِيندَا مُون ڏيرَ وِئَا.

بيت - 4

جَتَنِ جَا جيڏِيُون، ھُئَڙَمِ سُکَ سَرَتِيُون،
پيرُ نَہ ڇَڏِيَان پِرينءَ جو، جي ھوتُ ڪَري ھيڏِيُون،
مُون ڪَمِيڻيءَ ڪيڏِيُون، آھِينِ اُمِيدُون اصِيلَ سين.

بيت - 5

جَتَ ھَڏِھِين ھُتِ، مُون ھِينئَڙي ۾ حَلُ ٿِئَا،
چَنگَلَ جَنِ جَا چَوڦَرَا، رَاحَتَ اُنِ جِي رُتِ،
گُنگَنِ جي گُفَتِ، ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين.

بيت - 6

جي ڄَاڻَان جَتَنِ، تَہ پوءِ پَٽَاندَرُ ھيتِرو،
آئُون ڪِيئَن مُلاَ تَنِ، سَرَتِيُون سُور پِرَايَان.

بيت - 7

جَتَنِ سين جَوَابُ، ڪِهَڙو ڪَندِيَسِ جيڏيُون،
ڪُهِي ڪَمِيڻِي ھَلِئَا، ڪَري ڏيرَ ڪَبَابُ،
آرِيَاڻِي آبُ، رَکُ ڪَمِيڻِيءَ جو ڪيچَ ۾.

بيت - 8

جَتَنُ ڪِجِ جَتَنِ جو، آيَا ڪِہ اِيندَا،
پُنُهُون تُنھِنجو پَاڻَ سين، وَٺِي سي ويندَا،
دَمُ نَہ دَمِيندَا، سِڌَارِيندَا سَاڻيهَہ ڏي.

بيت - 9

جَتَنِ سَانُ جَانڪُون، ٿَانڪُون مُون سَگُ ٿِئو،
ڪَري ڪوھِيَارو وِئو، تَنُ ڇِڏِي تَاڪُون،
آئُون پَڻِ تَڏَھَانڪُون، اَڌَ ڏُکوئِي آھِيَان.

بيت - 10

جَتَنِ جَا جيلَان، ٿِي سَاٿَ پُڇَائي سَسُئِي،
آيَسِ آرِيءَ ڄَامَ جَا، تَڙِ توڏَا تيلان،
اُنِ کي ناڪيلِيُون نَڪَن ۾، دُھرِيُون دَليلاَ،
سِرِھَڻِئو سيلاَ، لاَيو نِينهُن نِنڊُون ڪَري.

بيت - 11

جَتَ نَہ ڀَائي رَتَ، ڌَارِئَان ڌَارِئين ڏيهَہ جَا،
مُنڌ نَہ ھُئِي مَائِٽي، جَنِي سَاڻُ جِهَتَ،
ڪيچِيَنِ مُون سين ڪينَ ڪِئَا، پَرِيُون ۽ پَهِتَ،
ھُنِ جَا مَٿي وَاڳُنِ ھَٿَ، آئُون پَاڳَوڙَانِ پُڄِئو رُوئَان.

بيت - 12

جَتَ نَہ ڀَائِي رَتَ، ڌَارِيَان ڌَارِئِين ڏيهَہ جا،
وَٺِي وَرُ وَاٽَ ٿِئَا، بِروھِي بُرفَتَ،
اُنِ جَا مَٿي وَاڳُنِ ھَٿَ، آئُون پَاڳوڙَانِ پُڄِئو رُوئَان.

بيت - 13

نَاڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئَا سَاڻُ ھِمَٿَ،
جِيءُ مُنھِنجو جيڏِيُون، وَڃَنِ جهورِيءَ وِجهئو جَتَ،
ھُنِ جَا وَاڳُنِ مَٿي ھَٿَ، آئُون پَاڳوڙَانِ پُڄِئو رُئَان.

بيت - 14

اُنِ کي نَاڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئَا ھُوءِ ڪَري،
آرِي ڄَامُ اُٺَنِ تي، وَاڪِئَان تَان نَہ وَري،
ھُنِ تَان پُنڌُ پَري، آئُون پَاڳوڙَانِ پُڄِئو رُئَان.

بيت - 15

نَاڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ پَاتَائُون پَلاَڻَ،
لاَٿَائُون لطيفؒ چئي، سَندَا ڏَاگهَنِ ڏَاڻَ،
سَنجهي وِئَا سَروَاڻَ، آئُون پَاڳوڙَانِ پُڄِئو رُئَان.

بيت - 16

نَاڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ جَڙِيَائُون جُهوڙَا،
مِنَٿَ مُون مَعذُورِ جِي، مَڃِئَائُون نَہ مُورَان،
سَاٿِي سَنڀوڙَا، آئُون پَاڳوڙَانِ پُڄِئو رُئَان.

بيت - 17

نَڪَ نَاڪِيلِيُون سونَ جُون، موتِيُنِ مَهَارُون،
لَنگهِيُون رَاتِ لَطيفؒ چئي، ڪَرَھَنِ قَطَارُون،
ٻَانڀَڻِ ٻَاڪَارُون، ڪَرِ تَہ رَسين ڪيچَ کي.

وائي - 1

آئُون تي ڇُلاَن مَٿي ڇَپَرِين، جي ٻَاروچي ٻَاجَهہ گَهڻِي،
آئُون پَنھِنجي پرِينءَ سين، ويندِيَسِ وَاڳَ وَڻِي،
مَرُجَان پوئِيمِ مُنھَن ۾، سَندِي پِرِينءَ پَڻِي،
ڪَانِهي مُون ڀَنڀورَ ۾، ڌَارَان تو تَڻِي،
ڪَندِيَسِ وَسَ وِندُرَ ۾، ميڙِيندومِ ڌَڻِي،
ھَٿَان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيَان، آريءَ جِي اَڻِي،
آھي ھوتَنِ ھَٿَ ۾، سَندِي جِيءَ جَڙِي،
ڪِينَ وِرمِئَا وِچَ ۾، ھَلِئَا ھِيءَ ھَڻِي،
مُونکي ڪوٺِيو پَانَ ڏي، ھَادِيءَ ھَٿُ کَڻِي،
پُنهُونءَ ڌَارَان پَٻَ ۾، ٻيلِي نَاھِہ ٻَڙِي،
توري تيلُ نَہ لاَيَان، نَڪَا سِينڌِ ڦَڻِي.

داستان اٺون
بيت - 1

وَارو وَرُ وَٺِي وِئَا، آرِيچَا اَظلاَمَ،
آندَائُون آرِيءَ جَا، پُنُهُونءَ ڏي پَيغَامَ،
پَهَہ ڪِئَائُون پَاڻ ۾، مُونهَان مَخِفي مَامَ،
سَنڀُوڙَا سَاٿُ کَڻِي، ويسَاھي وَرِيَامَ،
ڪَاڪِيُون رَاتِ قِيَامَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِئَا.

بيت - 2

وَارو وَرُ وَٺِي وِئَا، جَابِرَ ڪَري زورُ،
بيدِي ٿِئو ڀِنڀورُ، حَشَرُ ڪَري ھَلِئَا.

بيت - 3

وارو وَرُ وَٺِي وِئَا، جوري سين جَابِرَ،
صَبُرُ ڪِيئَن صَابِرَ، اَچي عَجِيبَنِ ري.

بيت - 4

وَارو وَرُ وَٺِي وِئَا، ڪَري ڏيرَ ڏَمَرُ،
ھَاڻي ٿِئو حَشَرُ، پُنَا، قَولَ قِيَامَ جَا.

بيت - 5

وَارو وَرُ وَٺِي وِئَا، ڪَري ڏيرَ ڏورو،
سَاڄَنَ رِءَ سَرَتِيُون، ٿِئو آتَڻُ اَڌورو،
نِيَ سين نِسورو، سَرَتِيُون جو سِتمُ ٿِئو.

بيت - 6

وَارو وَرُ وَٺِي وِئَا، ڏَاڙِھِيءَ ڀَنڀَا ڏيرَ،
ڏيندِيَسِ ڏَاڍين ڏُونگَرِينَ، اُنِين لَيءِ اُليرَ،
ڪيچِ پُڄَندِي ڪيرَ، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيَان.

بيت - 7

پُڄَان جي نَہ پُڄَان، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَرِيَان،
سَڳَرَ ۾ سُڄَان، تَہ رَائي ۾ رَڙِي مُئِي.

بيت - 8

جَڏِيءَ وَٽِ جَالي، مَان نَہ للہِ ڪَارڻِ لِکَ سيِنءَ،
آھِيَان آرِيءَ ڄَامَ جي، ھِتِ ھُتِ حَوَالِي،
عَيبَ مُون ۾ اَڳِراَ، مَان نَہ نِرمَلُ نِڪَالي،
پَرٽِيَاڻِي پَالي، ڪَامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي.

بيت - 9

پَرٽَنِ پَاليياسِ، ٻَانڀَڻَ ٻيٽِي آھِيَان،
حُسنِ ھوتَ پُنهُونءَ جِي، مَاري موتِ وِڌِيَاسِ،
جَانڪِي تَان جِيئَندِيَاسِ، پييَسِ وَرِ وِصَالَ جي.

بيت - 10

پَرٽَنِ جي پَاڙي، جَاڙَ گُذَارِيُمِ جيڏِيُون،
جَنِي مُون کي مَارِئو، سُورَنِ سين سَاڙي،
ايرَادي آڻي، سَانگِيَنِ سين سَڱُ ڪِئو.

بيت - 11

اَسِين ذَاتِ پَرٽَ، پورھِيَتَ پُنهُونءَ ڄَامَ جَا،
ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئُون، مُون ۾ صَابُڻَ ڇَٽَ،
آتَڻَ ۾ اُکَٽَ، ڪَمِيڻيءَ جِي ڪَامَ ٿِئي.

بيت - 12

گَڏِئو ڌوٻِيَنِ ڌوءِ، پُنُهُونءَ پَارِچو ھَٿَ ۾،
اُتي آرِيءَ ڄَامَ جو، قَاصِدُ آيُسِ ڪو،
اِيءُ ڪَامِلَ ڪَمُ نَہ سَندوءِ، پَهَسَ پَڇَاڙِيين پوتِيَا.

بيت - 13

پَروَانُو پُنهُونءَ ڏي، لِکِئو آرِيءَ ھوتَ،
اِيءَ پَرِ نَہ پَانھِنجِي، جِيئَن پَهَسَ پَڇَاڙِين پوتَ،
ھَاڙِھي جَا بَلوچَ، ڪِہ لَڳُئِي نِينهُن نِيَڻِ سين.

بيت - 14

لَڳُمِ نِينهُن نِيَڻِ سين، آئُون ڪِہ نَہ ڄَاڻَان اِيئَن،
مُون ھِنيين سين ھِيئَنِ، اَئِين آرِيچَا اُسَهو.

بيت - 15

آرِيچَا اُٺَنِ جِي، ڪَنِمِ جي ڪَاھِي،
وَارِي جَا وَاٽُنِ جِي، جَهاڳِيَان سَڀَائِي،
چُونِمِ تَہ آئِي، پورھِيَتِ ڄَامَ پُنُهُونءَ جِي.

بيت - 16

جَان جَان اِيئَن ھُيَاسِ، پُنُهُونءَ ڌوتَمِ ڪَپِڙَا،
ھَاڻِي اِيئَن ٿِيَاسِ، جِيئَن ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين.

بيت - 17

آئون تَان اِھَڙِيَائِي، جَا ٻَانِهِيءَ کي ٻَائِي چَوَان،
مُون ڪَمِيڻيءَ لاَءِ، پُنُهُون ٿي پَرٽُ ٿِئو.

بيت - 18

آئُون ھَڏِ نِمَاڻِي، جَا ٻَانهِيُنِ کي ٻَائِي چَواَن،
نِئو مُونکي پَاڻ سين، پُنُهُون آرِيَاڻِي،
پورِھِيَتِ ٿِي پَاڻِي، ٻِيَنِ کُون ٻِيڻُون ڀَرِيَان.

بيت - 19

نَالي نِمَاڻِي، ٻَاجهارِي ٻَروچَ ري،
ڪِئَائِين سَڱُ سَيَدُؒ چَئي، ڄَامَنِ سَان ڄَاڻِي،
پَاڻِ تَہ پَرٽِيَاڻِي، ٿِيَسِ حِمَايَتَ ھوتَ جِي.

بيت - 20

پَرٽِيَاڻِيءَ پَارَ، ڪِڍِيَا ھوتَ پُنُهُونءَ لَئي،
آھِہ اَسَان جِي مَيَنِ تي، موڪَلَ جِي مَيَارَ،
ٿِي وِرُونهي وَڻَنِ سين، جَهلِئو لاَمَ لِيَارَ،
ڪَنڊَنِ ۽ ڪَرِيڙَنِ کَان، پُڇي سيڻَ سُوَارَ،
ويجهِي ٿِي وَڻِڪَارَ، آرِيَاڻِي اِيندُسِ وَرِي.

بيت - 21

مُونکي نيئِي ويچِ، ٻَاروچَاڻِي سَاٿَ ۾،
آئُون پَڻِ وَڃَي ڪيچِ، ٻُڏَا ٻَانِهِيَنِ جِيئَن ڪَرِيَان.

بيت - 22

نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مَائِٽُ مُنڌَ جو،
ھُورُ مِڙوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونهِي ھورُ،
زَارِيءَ ڌَارَان زورُ، ھَلي ڪونَہ حَبِيبَ سين.

بيت - 23

ڇورِي نِدورِي، نَڪو مَائِٽُ مُنڌَ جو،
سَوين ھَلَنِ سَاٿَ م، ڪَمِي ۽ ڪورِي،
آئُون اُنَهَنِ ۾ آھِيَان، لَنگهِي ۽ لورِي،
لَنگهَائِيين لَطيفؒ چئي، ٿَرَنِ جَا ٿورِي،
آھِيَان اَزورِي، تُنھِنجي زوريِ جَبَلُ لَنگهِئَان.

بيت - 24

اَڃَا ڪيچُ اَڳي ٿِئو، پيرَ نَہ لَهي پَارِي،
روئي ٿِي رِڃُنِ ۾، جَهلِئو وَڻَ ٽَارِي،
نَڪو جَانِبُ جوءِ ۾، نَڪَا دِلدَارِي،
ھِينئَڙو ھيرَڻ پَنَ جِيئَن، ڦُٽِي ٿِئو ڦَارِي،
ھِيءَ وَھِہ ويچَارِي، تولاءِ توکي لِکِئو.

بيت - 25

اَڃَا پَنڌُ اَڳي ٿِئو، مُڙِئو سِڄُ مَٿَان،
ڏَڍُ مُنھِنجي ڏيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿَان،
ٻَڌِي ٻَاروچو وِئو، جَمَعُ جَانِ جَتَا،
ڪَارَڻِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، ڪِيَمِ ڪَانَہ ڪَٿَا،
مُونکي نِينِ نَٿَا، پِرِين مُلِڪِ پَانهِنجي.

بيت - 26

مُونکي نَٿَا نِينِ، پِرِينِ مُلِڪِ پَانھِنجي،
ڌوٻِڻِ جِي ڌِيءُ ڪِئو، تَڏِھِين ٿَا تَڙِينِ،
جي گهَگهيرِنِ گَڏِينِ، تَہ ٻُڏَا ٻَانهِيَنِ جِيئَنِ ڪَرِيَان.

بيت - 27

مُونکي نَٿَا نِينِ، جَتَ مُلِڪِ پَانهِنجي،
جي گهَگهيرِنِ گَڏِينِ، تَہ گولِي ٿِي گُذَارِئَان.

بيت - 28

گولِي ٿِي گُذَارِئَان، تَہ مُون وَڏو ڀَاڳُ،
رَتو روئِي پِرِينءَ کي، وِڌُمِ ٿي ويرَاڳُ،
جَنِ ھِتي ھوتُ وِسَارِئو، سي مَهِندِ نَہ لَهندِيُون مَاڳُ،
جِيءَ جَڙَ ھُيَمِ جَنِ سين، سي لاَھي چَڙھِئا لاڳُ،
ڀينرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڪِنهِن سين ڪَندِيَسِ چَاڳُ،
اَندَرِ ٿِئو اَجَهاڳُ سَڌَرُ سُورُ پِرِينءَ جو.

وائي - 1

لَڪَ لَنگهِيَائُون، وَڃِي ڏيرَ قَرَارِئَا ڏيهَہ ۾،
تَنِ پِرِيَنِ کي اُڪَنڊِي آئُون، وَڃِي ڏِيرَ قَرارِئَا ڏيهَہ ۾،
چَڙِھِي ڏُونگَرَ چوٽِيين ٻَانڀڻِ اُڇَلي ٻَاھُون،
پَاسي ھُيَسِ پَريَٽِ جي، ڏوٻِڻِ ڌِيءَ نَہ آئُون.

داستان نائون
بيت - 1

جِيئَن سي ھَرَڻُ ھُمَاءُ، سَرگَردَان سَنسَارَ ۾،
ھُو پَڳُ نَہ ڌَري پَٽِيين، ھِيءُ ڌَرِ سِر ڌَري نَہ سَاھُہ،
جيڪُسِ تَنِ مُلاَ، سَسُئِيءَ سُورُ پِرَايو.

بيت - 2

رَاتِ ڏِٺائِين روجَهہ، ڀَانءِ ڪِہ اوٺِي آيَا،
پِريَتَڻي پِريَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ،
ھُئِي گهَڻُو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونهَائِي سَسُئِي.

بيت - 3

روجَهہ ڏِٺَائِين رَاتِ، ڀَانءِ ڪِہ اوٺِي آيَا،
ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تَاتِ،
ٻَاروچَاڻِي ذَاتِ، مَنَان مُئي نَہ وِسَري.

بيت - 4

جَبَلَ ۾ جَانَارَ، سَرَھَہ گَڏِبَئِي سَسُئِي،
ڀِنِيءَ پَئِي ڀَوَارَئِين، ٻَانڀَڻِ جِي ٻَاڪَارَ،
ھوتَاڻِي ھيڪَارَ، مَوليٰ مُونکي ميڙِيين.

بيت - 5

سَمُرِ نَہ جَنِي سَاڻُ، ھوتُ حِمَائِتِي تَنِ جو،
ڇَنَا اَڏِبَا ڇَپَرين، اِيندو پُنُهُون پَاڻِ،
ٿِيندِي رُوحَ رِھَاڻِ، لَحظي ۾ لطيفؒ چئي.

بيت - 6

ھي جي آيَا ھيرَ، سي جَتَ نَہ پَسَان جُوءِ ۾،
آئُون تَرسَان ھُو تَڪِڙَا، پَٽِ نَہ کوڙِينِ پيرَ،
ڀَنڀُولِيَسِ بَرَنِ ۾، پَسِي ڀِينڊِيَنِ ڀيرَ،
آءُ آرِيَاڻِي اُسِرِي، ٿِي وَاھَرَ جِي ويرَ،
ھِيءَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ، تُون پَارِس رَسِجِ پَٻَ ۾.

بيت - 7

اُٺَ ويرِي اوٺَارَ ويرِي، ٽِئَا ويري ڏيرَ
چوٿُون ويرِي وَاءُ ٿِئو، جَنھِن لَٽِئَا پُنوھَہ پيرَ،
پَنجُون ويرِي سِڄُ ٿِئو، جَنھِن اُلَهِي ڪِي اَويرَ،
ڇَهُون ويرِي چَنڊُ ٿِئو، جو کِڙِئو نَہ وَڏِيءَ ويرَ،
سَتُون ويرِي ڇَپَرُ ٿِئو، جَنھِن سَنوَان ڪِئَا نَہ سيرَ،
وَاھيري جي ويرَ، ٿِي ڇُلوُن ڪَرِيَان ڇَپريَن.

بيت - 8

اُٺَ ويرِي اوٺَارَ ويرِي، اُٺَنِ ويري ڏَاڻَ،
آئُون سُتِي ھُوُ ھَلِئَا، پَاتَائُون پَلاَڻَ،
مُون ڀَانيو مِهمَانَ، پَرَ ھُو پُنهُون وَٺَڻَ آيَا.

بيت - 9

ڪيچِي ڪَالَهَہ ڪَهِي وِئَا، اَدِيُون آڌِيءَ رَاتِ،
جَاڳَان تَان جيڪِي ٿِئو، وِھَاڻِيءَ پِرڀَاتِ،
ڦوڙَائو فَقِير کي، ڏِنُو جَتَنِ سَندِيءَ ذَاتِ،
رَفِيعُ الدَرَجَاتِ، پَرمَلُ پُنهُون ميڙِيين.

بيت - 10

ھَي ھَي ڪِئو ھَاءِ، ٿِي پَاڻُ ھَڻي سِرِ پَاھَڻين،
لَڌَائِين لطيف چَئي، جُوءِ جَتَنِ سَندِي جَاءِ،
شُڪرُ بَارَ سَدَاءِ، جِيئَن سُتِيَارِي سَاٿِ مِڙي.

بيت - 11

تَان جي ھوتَ نَہ ڪَنِ، جو تُون پَسِي سَڱُ سَرَھِي ٿِي،
ڪوڙِيين ڪِٺِيُون ڪَيتِريُون ٻَانِهيُون ٻَاروچَنِ،
سَنديِ ذَاتِ جَتَنِ، آھي اَٻَاجِهي گهَڻُو.

بيت - 12

پَسِي سي سَرَھِي ٿِي، جي مَيَنِ لَنگهِئا مَسَ،
تِٿُ تَنِ کي نَاہِ ڪو، لَڪَ مِڙيئي لَسَ،
حُبُ جَنهِين کي ھوتَ جو، وِندُرِ تَنهِين کي وَسَ،
سَندِيءَ چَانگَنِ چَسَ، پيرَ ٺَرَندَءِ پَٻَ ۾.

بيت - 13

ڪَارَا ڏِٺَمِ ڪَانگَ، لَمَندَا لَڪَنِ ۾،
چَانڪِ پَکَا پُنُهُونءَ ڄَامَ جَا، تَان وَتَنِ ٿَا ويڙَانگَ،
نَڪَا وَسِي وِچَ ۾، نَہ آنگَ نَہ چَانگَ،
سُپيرِيَان جي سَانگَ، مَادَرِ مَارِي آھِيَان.

بيت - 14

مُنڌَ مَ مَنَهِہ ويهُہ، اُڀِي اوسِڙُ اُسَ ۾،
تو سِسِئِي سيڻَ ڪِئَا، ڏُورِ جَنِي جو ڏيهُہ،
پَاڙِي پَاڙِي پيهُہ، پُڇُ وَتندِي پِرِينءَ کي.

بيت - 15

مُنڌَ نَہ مَنجَهان تَنِ، پَسِي لَڪُ لُڏَنِ جي،
جَا پَرِ کَاھوڙيَنِ، سَا پَرِ سِکِي سَسُئِي.

بيت - 16

مَتَان ڪَا مُنڌَ ڏئين، پَاھِي پَسِي پَٻُ،
اَڳِئَان ڪَؤُ مَ ڪَٻُ، اِي قَالِي آڏو ڪيچَ کي.

بيت - 17

مَردَ جَنھِن مَاتُ ڪِئَا، سَسُئِي لَنگهِئو سو،
جَبَلُ وَڏو جو، نوڻِ مِڙوئِي نِينهَن کي.

بيت - 18

ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀَانيَان، ڪَانڀُو ۽ ڪَارو،
پَٻُ وِجَهدِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوَارو،
وَڃَڻُ مُون وَارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.

بيت - 19

ڇَپَرُ ۽ ڇَمَرُ، ٿَا لَڳَهَہ لَڳَنِ پَاڻَ ۾،
آئُونِ پِيَادي پَٽِيين، نِمَاڻِي نِڌَرَ،
اَرڏَا ڏُونگَرَ ڪَر ڪِرَا، ويڌَ وِنگَايُون وَرَ،
سوڙِھَا جِتِ سَڳَرَ، تِتِ ٻَاتَاڙِنِ ٻيلِي ٿِيين.

بيت - 20

ٻيلِي نَاھِہ ڀَنڀورَ ۾، تَنھِن سَسُئِيءَ جو صَحِي،
ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، ڪَندَا مُنڌَ ڪُهِي،
لَنگهَائي لطيف چَئي، کَڻِجِ ڄَامَ کُهِي،
ھِيءَ مَعذُورِ ھَڏِ نَہ مُئِي، تُون ڪَانڌَ مَ وَڃِجِ ڪِيڏَھِين.

بيت - 21

ٻيلِي ٿِئو مِرُوئَا، تَہ ڏُونگَرُ ڏورِيَان پِرِينءَ لاَءِ،
ھَڏُ وِجَهندِيَسِ ڇَپَرين مَاھُہ آن جو ڳاھُہ،
اَکِيُون ڇَڏيجَا، جَنِ سَان پَسَان پِرِينءَ کي.

بيت - 22

وَاءَ وِڃَاءِ مَ سو، پُٺِيءَ جَنھِن پَنڌُ ڪَرِيَان،
ڇَٽَا ڇپَرِ پِرِينءَ جو، پيرُ پَرنِئَان تو،
بَرِ بُورَائُو جو، سو لَڳِي مَتَان لَٽِيين.

بيت - 23

وَاءَ وڃَايُمِ ڪَالَهَہ، پُٺِي جَنھِن پَنڌُ ڪَريَان،
وَڃَڻُ مُون وَاٽي پِئو، ھوتَنِ ڪَارَڻِ حَالَ،
جَبَلَ ڏورِيَان جَالَ، ڪَارَڻِ پيرَ پُنُوھَہ جي.

بيت - 24

لَڳي لَڳي وَاءُ، لَٽي وِئو اَڱُڙَا،
پيئِي کَڻِي پَسَاھُہ، پَسَڻَ ڪَارَڻِ پرِينءَ جي.

وائي - 1

سَڳَرَ مَجِهہ سُڻِينِ، اي يَا اللہ،
سَڏَ مُنھِنجَا سُپِرِين،
ڪَا جَا اُرڪَ اوٺِيين، ڪَرَھَلَ ڪوڏِ ڪَشِينِ،
ڪَامِلَ ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڳَالهَائِينِ ۽ ڳَنڍِينِ.

داستان ڏھون
بيت - 1

ڇَا جي ڏِنگَا ڏيرَ، مُنھِنجَو ڏِينھُن ڏِنگو مَ ٿِئي،
اُٺَنِ ۽ اوٺِيَڙَيَنِ جِي، ڇَا وَھِيڻُو ويرَ،
ھِيءَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ، جَا اَمُرَ کي آڏِي ڦِري.

بيت - 2

ڏَاگهَا ڪِيمَ ڏَرو، اَڃَا آرِيَاڻِي اَڳي ٿِئو،
موڙي مَڃَرَ ٽَارِيُون، چَانگَا اَئِين چَرو،
آن تَان حَرَفُ ھَرو، مُورَائِين مَعَافُ ٿِئو.

بيت - 3

اَڳي اُٺَ رَڙَنِ، مُون ڀِيري مَاٺِ ٿِيِ،
پَلاَڻِيندي پَاڻَ ۾، ڪُڇِئو ڪِينَ ڪُٺَنِ،
ڪَا جَا مَامَ مُٺَنِ، ھِنِ پُڻِ ھُئِي ھُنِ سين.

بيت - 4

اُٺَ مَ اوري، آڻِ، ڏَاگهَنِ ڏَڌِي آھِيَان،
موٽائي مُٺَنِ کي، پَري نيئِي پَلاَڻِ،
ھوتُ مُئِيءَ جو ھَاڻِ، پُنُهُون نِيَائُون پَاڻَ سين.

بيت - 5

ڏَاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرَنِ، ڏُکَنِ آئُون ڏَڌِي،
پُڇَان پيرُ پُنُهُونءَ جو، وِجَهان وِکَ وَڌِي،
لِکِئي آئُون لَڌِي، نَہ تَہ پَٽَنِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري.

بيت - 6

ڏَگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ٽِنهِي ڏِنَمِ ڏُکَ،
سي سَڀِ ڀَانيَمِ سُکَ، ھيڪَاندِ ڪَارَڻِ ھوتَ جي.

بيت - 7

ڏَانگهَنِئُون ڏيرَنِ، جي ھُوندَ آندَا ٻَڙِدَ ڀَنڀورَ ۾،
کُڙِيءَ کُڙِڪو اُنِ جو، سُتي سُئو سَڀَنِ،
ھَڻِي چِيلَ چَرَا ڪِئَا، وَھِہ پَئِي وَھُڙَنِ،
ڏَاندين سَاٿِ سَيَدُ چئي، پِيَادِيُون پَهچَنِ،
جَنِ جو پيرُ نَہ لَڳو پَٽِيين، تَنِ آيُم سَاڻُ اُٺَن،
گُنگنِ ۽ جُنگَنِ، مُنڌَ اَسُونهِين ميڙِيينَ.

بيت - 8

ڏَاگهَنِ ۽ ڏيرَنِ، وَڃِي تَنگِ تَنوَارِئو،
نِئَائُون نَہ نِمَاڻِي پَاڻَ سين، جيڏِي ڪِي جَتَنِ،
اَدِيُون اوٺِيَڙَنِ، آئُون نِتُ نِهَارِي آھيَان.

بيت - 9

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرَا، جَڏِھِين ڏَاگهَا ڏِينھَن ڏِٺَاءِ،
ڪُونجُون جي ڪُلفَنِ جُون، تَان ڪَنھِن لَلِ لِڪَاءِ،
سُڀَاڻي سَندِيَاءِ، ھُوندَ ٿِي سَارُوڻِي سَسُئِي.

بيت - 10

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏِھِين ڏَاگهَا ڏِٺَئِي ڏِينھَن،
وَٺِي سَڙَڪَ سَسُئِي، ويھُہ وِھَاڻِيءَ سِينءَ،
چوٽِي سين چَانگَن کي، جَڙِ زنجِيرَنِ جِيئَن،
تَہ ھوتُ تُنھِنجو ھِيئَنِ، پُنُهُون نِيَائُون نَہ پَاڻَ سين.

بيت - 11

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرَا، ڏِٺَئِي جي توڏَا،
وَنگِيَئِي نَہ وَارَنِ سين، تَن گورَنِ جَا گوڏَا،
لَڪَنِ جَا لوڏَا، ھُوندَ نَہ سَٺَئِي سَسُئِي.

بيت - 12

اَڱَڻَ مَٿي اوپَرا، جَڏِھِين اوڳِي ڏِٺَئِہ اُٺَ،
ڏَانيُئِي نَہ ڏَاگهَنِ کي، اورِي سَاڻُ اَڳَٺَ،
ھُوندَ نَہ تُنھِنجي ھَٺَ، سورَ پِرَايَا سَسُئِي.

بيت - 13

جَڏِھِين ڀيڄ ڀِني، تَڏِھِين اوٺِيَن اُٺَ پَلاَڻِئَا،
مَهَارُون مَيَنِ جُون، وِئَا ڇوڙَائِي ڇِني،
اَدِيُون ڳَالِهہ اِنِهِي، مُون کي چُر ڦُر لائِي چِتَ ۾.

بيت - 14

ڀِنِيءَ ٿَا ڀَرِينِ، سَاٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنِ ۾،
ليڙَنِ جو لَطيفؒ چئي، مُونکي مَنجُهہ نَہ ڏِينِ،
ھوتُ پُنهُوُن ٿَا نِينِ، ٻَاروچِي ٻولِي ڪِئو.

بيت - 15

ڀِنِيءَ ٿِئَا ڀيڙَا، سَاٿِيَنِ سَنڊَ ھَٿَنَ ۾،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئَا، کَنيَائُون کيڙاَ،
لَڪَنِ تَان لَطيفؒ چئي، لَنگهي وِئَا ليڙَا،
وِلِهِيءَ جَا ويڙِھَا، سُڃَا سَرَواڻَنِ ري.

بيت - 16

ڀَانيُمِ جِي سَروَاَڻِ، تَہ ڪِ ڇُلاَئِيندَا ڇَپَرين،
کَانيَمِ ھُوند پَلاَڻ، اُٺَ گُڏَايَمِ اُنِ جَا.

بيت - 17

ڪِيَمِ نَہ سيڻَ سَهِي، تَہ ڪِ چُلاَئِيندَا ڇَپرين،
ٽِلِي ٽَڪَرِ چَڙِھِئَا، روڏَا ڪَري رَئِي،
وِئَڙو سَاٿُ وِھِي، تو نِنڊَائِي نَہ لَهي.

بيت - 18

ڪُڄَاڙِئَان ڪَاھي، شُتِرَ اُنِ سِينگَارِئَا،
ٽَلِيُون ٽَونئُرَ حَلَوِيُون، وِئَا ڇيرِيُون ڇَمڪَائي،
ڇَڙِھِئَا لَڪَ لَطيفؒ چَئي، وِئَا ڪَرَھَلَ ڪُڏَائي،
ٻَانڀَڻِ کي ٻَروچَ جو، اَڃَا آسَرو آھي،
وَاڳُون وَرَائي، ڦيرِينِ مَان نَہ فَقِيرِ تي.

بيت - 19

مُون تَہ ڪِينَ چَيونِ، ڪُڄَاڙئَان ڪيچِ وِئَا،
پُرِي پَٻَ نَہ جَهلِئَا، ھَاڙِھي ڪِينَ اُتونِ،
سَٻَرُ سَاٿُ سَندونِ، وِئو لَتَاڙي لَڪِيُون.

وائي - 1

مُون کي لَڳَڙِي آھِہ لَغَارَ، وو يَارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لاَلَڻَ جِي،
ميخُون مَحَبَتَ سَندِيُون، ھينئَڙي مَنجِہ ھَزَارَ،
جَڙَ جَنِي جِي جَانِ ۾، لَڳِي رءَ لُهَارَ،
لَڳِي آھي نَہ لَهي، سَندِي پِيءَ پَچَارَ،
کوَءِ سي جِيئَڻَ ڏِينهَڙَا، جي نِي پِرِينَئُون ڌَارَ،
ڪَانگَنِ قَطَارُون ڪِيُون، چُڪِيءَ کي چَوڌَارَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئَا، سَنجهي ٿِئَڙا سُوَارَ،
گهَڻوُن اُڪَنڊي آھِيَان، تَنِ جَتَنِ جي جِنسَارَ،
جيڪي اورَڻُ پِرِينءَ سين، جيڪي پِرينءَ پَچَارَ،
گَڏِي ويندِيَسِ گَسَ ۾، ڪَاڪِيُون سَاڻُ قَطَارَ،
آئُون نِمَاڻِي نِڪَڻِي، دَمِج تُون دِلدَارَ.

داستان يارھون
بيت - 1

جَڏِھِين ”ڪُن فَيَڪُونُ“، نِئو آرِيَاڻِيءَ اَروَاحُ،
اَنگُ اَڳَهِين لَکئِو، مُنھِنجو مِيثَاقَا،
مَن طَلَبَ شيئَا جَدَوجَدَ، اُتو عَلِيءَ شَاھَہ،
اَڃَا ھِنَ حَدِيثَ جو، مُونکي آسَرو آھِہ،
پُنُهُونءَ جي پيغَامَ تَان، مُنھِنجو موتُ مُبَاحُ،
سَرَتِيُون دُعَا ڪِجَا، مَنَ ميڙَائو مُون ٿِئي.

بيت - 2

مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، سَرَتِيُون سَڀيئِي،
وَتَوَاصو بِالحَقِ وَتَوَاصَو بالصَبر، ھوءِ تُون ھِتيئِي،
نَہ تو سَڱَ نَہ سَڱِيڻَا، نَہ ڏَاڏَاڻَا ڏيهِي،
تَنِي کي روئِي، جَڏو ڪِيُئِي جَمَالَ کي.

بيت - 3

مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، سَاھيڙِيُون سَهَجَا،
اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النَارِ، ھَارِي موٽُ ھِئَا،
سَڱُ صِرَاطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو نَہ اڳئَان،
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِئَا، جِيئَن تُنھِنجو نِينھُن نِفَاقَ سين.

بيت - 4

مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، جيڏِيُون ڪَري جوڙُ،
سَرِئو سُورُ سَرِيَرِ ۾، گُهمِيو لاَھي گهورُ،
لُنءَ لُنءَ ۾ لَطِيفؒ چئي، لڳو پُنهُون پورُ،
آرِيَاڻِي اَتورُ، وِسَاري ڪِيئَن ويهِي رَھَان.

بيت - 5

مِنَٿَ ڪَرَڻَ مُنڌَ کي، آيُون سَرَتِيُون سَڀيئِي،
رَھُہ اَڄوڪِي رَاتَڙِي، ھَارِي ھِيتيئِي،
صُبَاحَ سَڀيئِي، تو سين ھَلَندِيُون سَسُئِي.

بيت - 6

صُبُوحَ تَائِين سُورَ، ڪيرَ سَهَندِي سَرَتِيُون،
گهُٽِيَان رَھَنِ نَہ گهَٽَ ۾، پيغَامَنِ جَا پُورَ،
آئُون مُيَائِي مَنظُورِ، ھِينئَر ھَلَندِي ھوتَ ڏي.

بيت - 7

سَڀَا سِيَاھِي آھي آرِيءَ ڄَامَ ري،
ڪڏِھِين پَسي ڪَانَہ ڪَا، رِءَ لاَلَڻِ لاَلاَئِي،
دُودُ دِلِ تَانِ دُورِ ڪَري، سَاڄَنَ صَفَائِي،
مَن لاَ شَيخُ لَهُ فَشَيخُهُ الشيطَانُ، اِنَ رِءَ اُوندَاھِي،
ھُوءَ جَا ھَلِي ھيڪَلِي، گَيَرَ گَنوَائِي،
بِلاَ شَيخِ مَن يَمشِي فِي الطرِيقِ ڪَمَن يَمشِي فِي البَحرِ،
بِلاَ سَفِينَهِ، اِھَڙِي اَوَائِي،
تِنھِن رِيءَ تَوَائِي، ڪوڙِيين ٿِيَنِ ڪيتَرِيُون..

بيت - 8

بَرو وَڏو بَارِ گَهڻي، ويجهو نَہ وَڻِڪَارُ،
ليڙَنِ جو لطيف چئي، کَنيو مُنڌَ مَدَارُ،
وَڻَندُنِ تَہ وَرِ ڪَندَا، تَہ اَڳِيَنِ جي اِختِيَارِ،
ڪيٿي ٿِئو ڪوھِيَارُ، ڪيٿي ٿِي ھَٿَ کَڻي.

بيت - 9

ڪَاڏي مُنھُن مَڪُرَانَ جو، ڪيڏَانهَن ڪيچُ ٿِئو،
ھِهَڙو سَاٿُ ڀَنڀور تَان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو،
ڪوھِيَارو ڪَامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،
جَنِي جَتُ نِئو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آھِيَان.

بيت - 10

ڪَاڏي مُنھُن مَڪُرَانَ جو، ڪَاڏي پَرِيُون پَنڌُ،
ليڙَنِ جو لطيفؒ چئي، رِڙِھِي لَڌُمِ رَندُ،
آيَلِ آسَابَندُ، ڪِنھِن پَرِ ڪيچِيَنِ سَان ٿِئي.

بيت - 11

ڪيڙي ڪيچَايَنِ، گورَا گَسِ ھَلاَيَا،
لَڙئو چَڙِھِئو چوٽِيين، ڪَرِئو ڪوھَہ ڪِرنِ،
لَتَاڙي لطيفؒ چئي، لَنگهِئو بَرُ بوتَنِ،
تَنِ ڪِهَڙِي چُڪَ چَانگَنِ، ھوتُ حِمَايَتِي جَنِ جو.

بيت - 12

جَاڳَائي جَتَنِ، گورَا گَسِ ھَلاَيَا،
پَهتِي رِءَ پَهَاڙَ ۾، اُٺَ مَ آڳِٽِجَنِ،
سُونهَان جي سَردَارَ سين، توڏَ مَ تَرٽِجَنِ،
لُطِفَ سَاڻُ لطيفؒ چئي، لَنگهِئو بَرُ بوتَنِ،
تَنِ ڪِهَڙو غَمُ گُنگَنِ، ھوتُ حِمَايَتِي جَنِ جو.

بيت - 13

گورَا وَڃَنِ گَامَ، ڏيرَنِ سَندي ڏيهہ تي،
توڏَنِ جُون تَڙَ ڀِيڙَ ۾، تَرِيُون تَرٽِجَنِ تَان مَ،
اوٺِيئَڙَا آرَامَ، لَنگهي پَٻُ پَريَ ٿِئَا.

بيت - 14

دَوڪَ دَھلِئَا جِتِ، گورَا ھَلَنِ نَہ گَسَ ۾،
چَؤُ سَالَ ئِي نَہ چَلِڻَا، تَنگِ نَهَاري تِتِ،
سُوڌِي نِي سَيَدُؒ چَئي، پَانجَارَنِ پِرتِ،
اِنَ اَڙَانگي پَنڌَ جي، ڪَا نيشَنِ پوءِ نِرتِ،
سَسُئِي وَڏي سَتِ، جَان ايهِيءِ پَرِ پَنڌَ ڪَري.

بيت - 15

اوڳَارِينِ نَہ اَنَراَ، ٻَڌَا چَرَنِ نَہ ٻُورُ،
ليڙَنِ کي لطيفؒ چَئي، ھَلَڻَ جو مَذڪُورُ،
مَيَنِ کي مَعمُورُ، آھي اُڻِ تُڻِ اڳِيين پَنڌَ جِي.

بيت - 16

گَوسَرِ ٿِئي مَ گُسَ، شَلَ پَڻِي پوءِ نَہ پِرِينءِ تي،
جَنھِن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تَنھِن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ،
پُنُهُون پَاڪَ پُرِسَ، ھوتَ نَہ ڪِجَنِ ھِهَڙِيُون.

بيت - 17

اُسَ مَ لَڳي اوٺِيين، ليڙَان لَڳُ مَ لُڪَ،
اَللہَ آريچَنِ جي، ڪوسو وَاءُ مَ وَڳَ،
جَتَ جَهجَها ۾ جَڳَ، مُنھِنجِي پِرتِ پُنُوھَہ سين.

بيت - 18

تَان مُون ڀينَرُ ڀَئي نَاھِہ ڪَا، جَان آرِيَاڻِي اَڳَ،
ڪوسو ڪوھِيَارَلَ جي، وَاءُ مَ لَڳي وَڳَ،
ٻِئَا پُڻِ جَتَنِ جَڳَ، مُنھِنجِي پِرتِ پُنُوھَہ سين.

بيت - 19

اوٺِي پَڻِ ڌورَا، ڌورَا مَٿِنِ ڪَپِڙَا،
ڪوھُہ ڄَاڻَان ڪيڻِ وِئَا، ايھِيءَ پَرِ اورَا،
گوندَرَ جَا گورَا، وَڃَنِ جَانِ جُدَا ڪِئو.

بيت - 20

اوٺِي اَڌورَا، ڌورَا مَٿِنِ ڪَپِڙَا،
ڪوھُہ ڄَاڻَان ڪيڻِ وِئَا، اِھَڙِيءَ ڀَتِ اورَا،
کَاڻِيءَ کي کورَا، جَبَلَ پَسِي جَاڳِئا.

بيت - 21

آيَا اوٺِي اُٻَهَرَا، ليڙَن تَان لَهِي،
اُنِ رَاتِ ڪَمُ رَوَان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي،
سَاھُہ ئِي ڪَمُ رَوَان ڪِئو، روھِيلَن رَھِي،
سَاھُہ سِجَهائي ھَلِئَا، ھُنِ جِي ھَاجَ ھُئِي،
ڪَهِي سَا رَھِي، ٻولِي ٻَاروچَنِ جِي.

بيت - 22

پُڻِ ٿَا پَلاَڻِينِ، اوٺِي اَڄُ اُٻَاھَرَا،
ھُو جي ھَلَڻَ سَندِيُون، ڳَاھُون ڳَالَهَائِينِ،
ھوتُ پُنُهُون ٿَا نِينِ، اَسُونهِينءَ جو آجڪو.

بيت - 23

پُڻِ ٿَا پَلاَڻِينِ، اوٺِي اَڄُ اُٻَکَڙَا،
پَهَہ پَاريسِيُون پَاڻَ ۾، ڏيرَ ڏِھَاڙِي ڏِينِ،
مُون کي ٿا مَرِينِ، سَڄَڻَ سَانبَاھِي ڪِئو.

وائي - 1

ڏَاگهَنِ ڏيرَنِ سَاڻُ، ڪَرَھَنِ ڪيچيَنِ سَاڻُ،
مَتَان ڪَا ڀُلِي لَنءُ لاَئي،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئَا، وِيَڙَا ڪَرَھَلَ ڪَاھي،
آسَڻَ مَهِندَان اُنِ جي، ٻَر ٻَر ڪِئو ٻَاڏَائي،
چَتُرُ ڏيئِي چِتَ کي، وِئَڙَا ھوتَ ڇَپَائي،
جيڪَا ھُيَنِ مَنَ ۾، وِئَڙَا پَنھِنجِي پُڄَائي.

داستان ٻارھون
بيت - 1

گُنگَا گَجِي ھَلِئَا، مَيَا مَاٺِ نَہ ڪَنِ،
اِنَ اوسِيڙي پَنڌَ جي، چِنُو نَہ چَانگَنَ،
ھُو ٿَا ھوتَ ھَلَنِ، توکي ڳَهَرَ ڳَرو ڪِئو.

بيت - 2

توکي ڳَهَرَ ڪِئو، ھُو ٿَا ھوتَ ھَلَنِ،
ڳوڙِھَا سِرِ ڳَلَنِ، جِمَ وِھَاڻِيءَ وَھَائِيين.

بيت - 3

توڏَنِ موڏَنِ تَڪِڙِي، ويچَارِيءَ وَائِي،
جَتَنِ پَانهِنجِيءَ جُوءِ جِي، سُڌِ نَہ سُڻَائِي،
جِيئَري جُدَائِي، ڪيچِيَنِ سين ڪَا مَ ٿِئي.

بيت - 4

لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئَا، لَڪِ نَہ لاَٿَئُون،
پُنهُون مُنھِنجو پَاڻَ سين، نوعَ سين نِيَائُون،
جِيئَن مُون سين ڪِئَائُون، تِيئَن ڪيچِيَنِ سين ڪِيمَ ٿِئي.

بيت - 5

ڪَالهُون پوءِ پِرِينءَ کي، رُئَان مَٿي رَندَ،
وِئو ٻَاروچو نِڪِرِي، ڇِنِي بَازُو بَندَ،
ھَاڻي پُڇَان ھَنڌَ، ھَاڙِھي ۾ ھوتَنِ جَا.

بيت - 6

ڪَالهُون پوءِ پِرِينءَ کي، روئي مَٿي رَاھَہ،
وِيُسِ ٻَاروچو نِڪِري، سُورَ چَکَائي سَاءُ،
گهَٽَ ۾ لَڳُسِ گهَاءُ، لاَلَڻ جو لطيفؒ چَئي.

بيت - 7

وَرِئو وَاءُ وِصَالَ جو، ڏيرَنِ ڏِھَائِي،
مُون کي مُڪِي سَڄَڻين، سيڻَنِ سَرَھَائِي،
اوڏِي آئُون آئِي، لَنگهي لَڪَ لَطيفؒ چَئي.

بيت - 8

سَرَتِيُون سَرَھَائِي، ڪَڏِھِين مُون ڪَا نَہ سُئِي،
ڏِھَاڙِي ڏيرَنِ ۾، وَڃَڻَ جِي وَائِي،
آئُون ھَڏِ نَہ ڄَائِي، تَہ عِيبُ نَہ لَڳو اوٺِيين.

بيت - 9

ڏيرَنِ کي ڏَائو، ھيرَ ھَلَندي مَ ٿِئي
مَان نَہ وِرمَنِ وِچَ ۾، پوئينِ پَارَائو،
رِڃُنِ جو رَائو، ڪَپي پيرَ پِيَادِيين.

بيت - 10

سَا جي ٿِئَان ڀُون، وَارِي جَا وَاٽُنِ جِي،
مَٿَان وَڃَنِ مُون، ڪيچِي ڪَرَھَہ قِطَارِئو.

بيت - 11

ڪِيچِيَنِ ڪَرَھَہ پَلاَڻِئَا، جَا تِيرَا جَتَنِ،
ڪَاجَاوَا ڪَرَھَنِ تي، جَڙِئَا جَالَ جَتَنِ،
گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ٽَلِيُون سين ٽَؤُنرَنِ،
ٻَڌَا ڏورِيءَ وَڃَنِ چورِيءَ، اُنِ جَا کُرَ نَہ کُڙِڪو ڪَنِ ،
تَنِ جو پيرُ نَہ لَڳو پَٽِيين، توڻي ڪَامُنِ سَان ڪُٽِجَنِ،
ٽوري ٽَڪَرِ چَاڙِھِئَا، سَاجُهرِ سَروَاڻَنِ،
اَللہ اُٺَ اَچَنِ، جَنِ پُنهُون نِئو پَاڻ سين.

بيت - 12

جيڪُسِ آئُون نَہ تِيئَن، جِيئَنِ پِرِيتَڻُو پِريَنِ سين،
سُتِيَسِ ٻَڌِي سوگهو ڪَري ڇَلِوَرُ ڇَاتِيء سِينءَ،
ڪيچِي ڪَاھي ڪَرَھَا، مُونهَان وَڃَنِ ڪِيئَن،
ڏوھُہ مُنھِنجي ڏِينهَن، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻَاجَها گهَڻُو.

بيت - 13

ڏوھُہ مُنھِنجي ڏينھَن کي، جَتَ ڀَليري ذَاتِ،
اوچِي وِٺِيَڙَنِ جِي، بِهتَرِ آھي بَاتِ،
تيَلاَھِين پِرڀَاتِ، پُنُهُون نِيَائُون پَاڻ سين.

بيت - 14

ڏيرَنِ ڏوُھہ نَہ جيڏِيُون، مَاءُ مِڙُوئِي مُون،
آئُون اَسُونهِين اُو سُونهَان، پِرِين ڀَلاَ پَرڀُون،
اَصلِ آرِيءَ ڄَامَ جو، پَاندُ نَہ پُڄتو سُون،
جَنِ جو تُونھِين تُون، سي پِيَادِيُون پهچَائِين.

بيت - 15

نَڪو ڏوھُہ ڏيرَنِ جو نَڪو پُنُهُون پَنگُ،
ايرَادي اَللہَ جي، اَڳُ وَھَايو اَنگُ،
تيلَاھِين ٻَڌِي تَنگُ، ڇُلي پيٺِيَسِ ڇَپَرين.

بيت - 16

سَڄي ھَٿَ سَاٿِيَنِ جي، مَ وانءُ مَالَارِي،
ڏَائي جَا ڏيرَنِ جي، مَڻِجِ سَا ٽَارِي،
مَان نَہ وِرمَنِ وِچَ ۾، اولاَڻي آرِي،
اَسونهَن ويچَارِي، اِنَ پَرِ مِڙي ھوتَ کي.

بيت - 17

ويٺِي پُوڄِي پِيرَ، سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين،
اُسَ مَ لَڳي اُوٺِيين، ھَاڙِھي لَڳي نَہ ھِيرَ،
ڪَارِيءَ رَاتِ قَندِيلَ ٻَرِيَمِ ٻَاروچَن جَا.

بيت - 18

ڍَرَنِ تِتِ ٻَرَنِ، ڪوڙِيين قَندِيلَنِ جُون،
رَھَنِ ڪَٽي ڪَنڌِيين، بوتَا مَنجهہ بَرَنِ،
وَڻَ ٽِڻَ ڦُلَنِ ڇَانيَا، چَانگَا جِتِ چَرَنِ،
وَڃِي مَان نَہ وَرَنِ، ٻَانِهِيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سين.

بيت - 19

ٻَانِهِيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سَان، اَللہَ سيئِي آڻِ،
پِييَمِ جَا پِرِيَنِ سين ، سَا ڪَنھِن پَرِ لاَھِيَان ڪَاڻِ،
آھِيَان گهَڻُو اَڄَاڻِ، موٽُ مُنھِنجَا سُپِرين.

بيت - 20

مَتَان ڪَا ٻَڙِي، ٻولِ ٻَاروچي وِسَهي
سَندِي جِيءَ جَڙِي، ڪَپي ڪوھِيَارو وِئو.

بيت - 21

مَتَان ڪَا ٻَڙِي، ٻولِ ٻَاروچي وِسَهي،
ھُوندَ نَہ سُتِيَسِ سَرَتِيُون، ويهِي رَھِيَس وَڻِي،
جَتَ پَانھِنجِيءَ جُوءِ ۾، گهَارِينِ مَان نَہ گهَڙِي،
ڪيچِيَنِ آئُون نَہ ڪَڙِي، ڪَنھِن ڏُڄَڻِ ڏَاوَڻُ ڏَانِئيو.

بيت - 22

ڪِي وَارِي ڪِي وَاٽَ، ڪِي پَاھَڻُ ڪِي پيچرو،
ھَلِي ھَاڙِھي سَامُهِين، لَڳِيَسِ اُڃَ اُسَاٽَ،
ڳوڙَھَنِ ڀَري ڳَاٽَ، اَپَرِ آلاَپُون ڪَري.

بيت - 23

پَسِي اُڃَ اُسَاٽَ، ڏُونگَرَ کي ڏَارُ پِئو،
سَسُئيءَ جي سُورَنِ جِي، لَڪَ مَٿي لاَٽَ،
ڇَپَرُ مِڙوئِي ڇَاٽَ، مُنڌَ پَارَ ڪَڍي پَاڻِي ڪِئو.

بيت - 24

ڪُو ڪِئو پُڇي ڪوھُہ، ھَي ڪِئو ھَڻي ھَٿَڙَا،
سَا ڏُکَان ئِي نَہ ڏي، مَٿي ڏيرَنِ ڏوھُہ،
رَائو روئِي روھُہ، مُنڌَ ڳوڙَھَنِ سين ڳَچَ ڪِئو.

بيت - 25

ھِيءَ گِسِي ھِيءُ گَسُ، ھِيءُ پَهَڻُ ھِيءُ پيچرو،
ليڙَنِ جو لَطيفؒ چَئي، ڏُونگَرَ آھي ڏَسُ،
ويچَارِيءَ وَڏو ڪِئو، ويندَنِ پُٺِيَان وَسُ،
جَڳَ ۾ رَھِيُسِ جَسُ، سَڳَرِ ٿِي سَردَارَ جي.

بيت - 26

پُنُهُونءَ سين پِرتِ جو، ڪو جو پيچُ پِئومِ،
ڀَنِڀي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِھَڻُ وِھُہ ٿِئومِ،
مَتِيون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪَاڪِيُون ڪِيمَ ڏِئومِ،
سَرَتِيُون سَاھُہ سَندومِ، ٿِئوحَوالي ھوتَ جي.

بيت - 27

سَسُئِي سَروَاڻَنِ سين، ڪِهَڙو لَهُہ لَڳوءِ،
جَتَنِ جَڙَ ھَنيَئِي، ڪِي پَاڻَهِين نِينهُن لڳوءِ،
ڏَاڏي پوٽو ڏيهَہ ۾ ڏُکِي ڪو نَہ ڏِٺوءِ،
کِلي جو کَنيوءِ، سو مَتَان وَرُ وِسَارِيين.

وائي - 1

ڪيچِ ڪَميڻيءَ کي نِجَا وو ٻَاروچَا،
سَانگُ سَسُئِيءَ جو ڪِجَا وو ٻَاروچَا،
ڏُکيءَ جَا ڏيرَا وو پَانڌِيَا،
ڪَمِيڻِيءَ جَا ڪيچَ ۾، اَگِهئَا اوجَاڳا،
پَرَ ڏيهِي سَا پِرِيَرِي، ڪَڏِھِين ڪَامَ ڪِجَا،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، مَعذُورِ مَارِيندَا.

داستان تيرھون
بيت - 1

وَائِي وَاري وِنگُڙِي، ٻولِي ٻِي نَہ ڪَهَنِ،
اَللہَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پَئي نَہ مَامِرو.

بيت - 2

پِييَمِ پَٺَاڻَنِ سين ٻولِي جي نَہ ٻُجَهِن،
آئُون سِنڌِيَائِي نَڳ سَمُجَهان، اُوءِ پَارِسي پُڇَنِ،
اَللہَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پوي نَہ مَامِرو.

بيت - 3

ڪَا جَا ڪِيَائُون، وَائِي وَاري وِنگُڙي،
آيَلِ تَنهِن آئُون، ٻولِيءَ ٻَاتَڙِي ڪِي.

بيت - 4

وَڻِڪَارَان وَائِي، ڪَا جَا آندِي ڪيچِيين،
سُڻِي مُون سَائِي، نيڻين نِنڊَ وِھُہ ٿِي.

بيت - 5

بُرو فَازَا بَات جَنِي، سِيروُزي شِيشِي،
ڏِينِ پَاريسيُون پَاڻَ ۾، اِزًا اَبليسِي،
ليڙَا رَاتِ لطيفؒ چئي، نَڌَائُون نيشِي،
پُنُهُون پَرويشِي، ڪِجِ پِيَادِنِ جِي پَنڌَ ۾.

بيت - 6

بُرو بِگيرَدِ بي رَوَان، شَنگِ رَوَان شيزاَ،
ٿِي جَاڳَائي جَتَڙو، ويئِي ھنيين دِلِ دَروغَا،
ٿَو بَٿَغي اُو ربِتَغَان، لاَلَ مَنجَهان لوغَا،
نَاحَقُ سي نوزَان، ڏِينِ پَارَانڀَا پُنُهُونءَ کي.

بيت - 7

بُرو بِگِيرَدِ بي، ٿَا ڏِينِ پَاريسيُون پَاڻَ ۾،
مُون لوڏَان ئِي لَکِيَا، تَہ ھَاڃُو ڪَندَا ھي،
مَارِيندا مُون کي، پُنُهُون نِيندا پَاڻَ سين.

بيت - 8

بُرو بِگِيرَدِ بَامَ بَليخَا، مَان نَہ پَرُوڙِي مَامَ،
ٿَئو دَئِي ٿَئو مَان، ڪِٿَان ڇُلِي ڇَپَرَ جي لَامَ،
اَچي تَنِ جِي سَامَ، دُرَھَا دُرَھَا ڪَنِ جي.

بيت - 9

دُرَھَا دُرَھَا ڪَنِ، فَازَا فَتَحَ سيڻَ وِئَا،
بي غَرضَا بَلوچَا، رَسُ نَہ رَھَايو تَنِ،
سَسُئِي لاَءِ سيڻنِ، ڇيرُون ٿِيندِي ڇَپَرين.

بيت - 10

دَاسَا دَاڪَا دَارِي، ھَندَارِي ھئَا مِ،
ھَرِدَاسَا ھِنَ حَالَ جَا، ھِتي ھوتَ ڏِٺَامِ،
پِذيرِي ايذِحَامِ، پَائِي پيچُ پِرِيتِ جو.

بيت - 11

جيڪَرَ رَوَان روشَ، مَروشِي مَحبُوبَ ڏي،
مُنَا گُشِي مَولِدي، ديوَا پُنُهُون دوسَ،
چَڙِھِي ڏَاڍين ڏُونگَرين، پُر ڪَرِيندِي پوشَ،
ٿَئي گُوَاکَا مَني گوشَ، سُڻِي مَان نَہ سَگهِي ٿِيَان.

بيت - 12

بِيَا مَنِ تَہ گِردِ نِنڌُون، ٿِئي گُفِتَا مَني گوشَ،
مَنِ اوزي بَرَامَ سين، ھُو ھَاڙِھي جَا بَلوچَ،
اُشتِر اُنَهِيءَ پَارَ جَا، آندَائُون اَرموشَ،
ٿَئي گُواَکَا مَني گوشَ، سُڻِي مَان نَہ سَگهِي ٿِيَان.

بيت - 13

گُئَاخ نَہ پيڙُءِ گوشِ، سَسُئِي سَروَاڻَن جو،
آيَئِي نِنڊَ اَڀَاڳَ جِي، مُنڌَ موڳِي بي ھوشُ،
لَالَڻُ لِيل رَوَان ٿِئو، ٿي رَند نِهَارِين روشُ،
سَاجَنُ ٿِئو سِرَ پوشُ، پَنڌَ ۾ پِيَادِنِ جو.

بيت - 14

شَمَا وَاوَ شَموسَ، سِگهِي مِڙَندِينءَ سَسُئِي،
ليڙَنِ جو لَطِيفؒچئي، گُئَاخُ نَہ ڪِيڙُءِ گوَشِ،
رَوَا مَروشِي روشُ، ڪَاھِہ تَہ ڪيچِيَنِ کي رَسين.

بيت - 15

ڏَاگهَنِ لاَھِين ڏَاڻَ، اُٺَنِ ڏِين کَر کَرَا،
مُنَا شِيشِي ڦُڙتَگَا، پُستَ جَنِ پَلاڻَ،
سَنجهي وِئَا سَروَاڻَ، مَين پَڻِ ڀَاڳو رَفتَگَان.

بيت - 16

ڦَازَا ڏيرَ ڦَگهين وِئَا، اُٿِي اُٺَ نِيَاڻَ،
بَکُ نَدِي ٿَي نِستِيَا، پَاتَائُون پَلاَڻَ،
سَنجهي وِئَا سَروَاڻَ، مَين پَڻِ ڀَاڳو رَفتَگَان.

بيت - 17

ڦَازَا ڏيرَ ڦَگهين وِئَا، ھُئَا جورَاڻَا جَتَ،
ايڌَا نِڌَوَ ايگَوَان، پَلاَڻِئَا پَربَتَ،
مَاڻُهُو ڏِيِنِمِ مَتِ، آئُون لَڄَ بَلوچِي نِشتَگَانَ.

بيت - 18

لَڄَ بَلوچِي نِشتَگَان، ھُنِ ٻولِي ٻُڌَائِي،
سُڻِي مَان نَہ سَگهِي ٿِئَان، ٻَاروچِي وَائِي،
جَڏِھِين نَزدِيڪ نِنڊَ آئِي، ڦَازَا ڏيرَ ڦَنگهين وِئَا.

بيت - 19

ڦَازَا ڦيريَائُون، مَهَاروُن مَيَن جُون،
مَروشِي جَبَلِ رَوَان، وَاڳُون وَارِيَائُون،
مُون کي مَارِيَائُون، پُنُهُون نِيَائُون پَاڻَ سين.

بيت - 20

لاَلَڻَ لوغَ وِئَا، ھَلَڪَ رَوَان ڙِي جيڏِيُون.
پيرَ پَستَا پَهِڻين، ڪَڏِھِين ڪينَ پِئَا،
لالَڻَ لَاءِ لَطيفؒ چئي، اوزَان اوزَ ٿِئَان،
وَرنَهَہ وَرِ پِئَا، ٻَاروچَا ٻَاجَهہ ڀَرِئَا.

بيت - 21

گِندَا گُشِي پَاڻَ ۾، ڪَنِ گِرُھَہ بَاتِ،
اِھَا وَائِي وَاتِ، عَيشَ ڪِلُون بِرھَہ بُرُون.

بيت - 22

گِندَا گُشِي پَاڻَ ۾، سِرِ چَپَنِ چولي،
پِريَٽِ پَروجِي ڪِينَ ڪِي، ٻَاروچي ٻولِي،
گَسُ وَٺي گولِي، پَهتِي ڄَامَ پُنُهُونءَ کي.

بيت - 23

زَڙِتو بَڙِئو روزِ، پُنُهُون نِيَائُون پَاڻَ سين،
ٿَشِ ٿَڙَشِ ڪِينَ ڪِي، بُرو ڏُونگَرُ ڏورِ،
مَنَان ٿَڙِشَا نَہ ڪَرِ، بَرَابَر اُٿِي ڊوُڙ،
ھَارِي لاَھِہ مَ ھُورُ، ايشِي مَنَاغي سُپِرِين.

بيت - 24

ٿَڙي تَان ٿَڙَا پَڙي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَوَان،
مَمُولَدُ ٿِئو مُون پِرِين، وَٺِي شَالَ وَرَان،
زَيدَنِ مُحِبَ مِڙَان، ٿَڙِ بِيَا ٿوڙِڪو ٿَئي.

بيت - 25

شَمَا بُروَا زِيرِ ڪَنِي، سَڄَڻَ لَڳِ خُدَا،
چَشِمَا تي ڪُش مَرَان، تيري نيڻين ڪِئَا گهَاءَ،
آئُون ڪِيئَن مَٽِيَان سَاءُ، سيڻَنِ کَان سَيَدُؒ چَئي.

بيت - 26

بُرو ڪَشِي بَر چَڙِھِئَا، نِڌِ نَئُون نيئِي،
بَارِي اُٺَ بَلوچَ سين، مَهري مِڙيئِي.
ڏُکِيءَ کي ڏيئي، وِئَا ڏَاڍين ڏُونگَرَين.

بيت - 27

نِڪِرُ ڏُکِي ڏيهَہ مَان، غَافِلُ ڪِيمَ گُذَارِ،
مَحبُوبُ تَغَان شَهرَابُ تَغَان، اُٿِي جَذو نِهَارِ،
ليڙو دَزو بُختَگَا، تَانگهو تِنگهَا تَاڻِ،
بُرغَا پُنُهُونءَ ڪَاڻِ، ڏُونگَرُ ڪُلِي ڏورِ سَفَان.

بيت - 28

نِڪِرُ ڏُکِي ڏيهَہ مَان، ھَاڻي ڇَڏِ ھِيءُ ھَنڌُ،
ڪَارَڻِ ھوتَ پُنُهُونءَ جي، رَاھَہ پُڇَائِجِ رَندُ،
سَفَرُ طَوِيلُ وَزَادَھَا قَلِيلُ، پَٽِيين اَڙَانگو پَنڌُ،
ڪِيچِيَنِ ڪَارَڻِ ڪَنڌُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.

بيت - 29

نِڪِرُ نِمَاڻِي، پَرَتِيئَن پُنُهُونءَ ڄَامَ کي،
سِڳَرَ ۾ سَيَدُؒ چَئي، ھوتَنِ ٿِيءُ ھَاڻِي،
توکي سُڃَاڻِي، پَاڻَهِين ڪَندَا پَانھنجو.

وائي - 1

ٻَڙِي مَادَرِ مَاءُ، مُون ۾ بِرھُہ بَلوچَ جو،
مُونکي لَڳَڙو ڪَانُ شِتَابَا،
ٻَرِيَمِ ٻَاروچَنِ جَا، ڏُونگَرَ مَنجِهہ ڏِيَا،
ڏُکوُن بُکُون ڏَاکِڙَا، ڪَارَڻِ جَنِ مُون ڪِئَا،
سُورَ نَہ سَانڍَڻُ سُٿِرَا، جيهَا جي تيهَا،
پُنُهُون مُنھِنجو پَاڻَ سين، وَٺِيءَ وَرُ وِئَا،
پَاتَمِ ھوتَ پُنهُونءَ لاَءِ، لَڪَنِ مَنجِهہ لِيَا،
اُنِ جَا عبدالطِيفؒ چَئي، اَچي پُورَ پِئَا.

داستان چوڏھون
بيت - 1

ڪَهَان تَان ڪيچَان پَري، وِھَان تَان وٽِ مُون،
ڀُلِي ڏورِيَمِ ڀُون، عَبَٽُ آرِيءَ ڄَامَ کي.

بيت - 2

ڪَهَان تَان ڪيچَان پَري، سُمَهَان تَان سِرَ ھيٺِ،
ٻَاروچي سين ڏيٺِ، جيڏِيُون جيهِي پَرِ ٿِي.

بيت - 3

ڇُلاَن تَہ ڇِڄَنِ پيرَ، وِھَان تَہ وَڃَنِ نِڱِئو،
مُون جِيئِن ڪَندِي ڪيرَ، جَتَنِ پُٺِيءَ جُلهُون.

بيت - 4

جَتَنِ ڪَارَڻِ جوٽَ، پِٽيندي پِرِھَہ ٿِي،
مَٿي مُئِيءَ موٽَ، ڪَانڌَ نَہ ڪِي ڪَڏِھِين.

بيت - 5

جي ھَاڙِھي ھيٺِ چَرَنِ، تَنِ مَيَنِ مَارِي آھِيَان،
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگرِين، پَچَارُون پَوَنِ،
ڏِٺِي ڏوٿِيَڙَنِ، پَارَ ڪَڍَندي پَٻَ ۾.

بيت - 6

ڏوٿِي ڏَسُ ڏِينِ، آيَلِ ٻَاروچَنِ جو،
اُتي ڇَڏي ھَلِئَا، جِتي مِرُون ٿَا مَارِينِ،
اَچِئو ٿِيَنِ اوڏِڙَا، ڏَمَرَ ڏيکَارِينِ،
وَڃَان وَاٽَ نَہ ڏِينِ، جو پيرُ نِهَارِئان پِرِينءَ جو.

بيت - 7

جَبَلُ ڏي نَہ جَوَابُ، اَڳِئَان آرِيچَنِ جو،
سَندو اَکِيُنِ آبُ، پَهَڻَ ٿو پُرزَا ڪَري.

بيت - 8

جَڏِھِين سَاٿِيَنِ ٿي سَڏَ ڪِئَا، ٻُڌَئِي نَہ ٻُوڙِي،
ھَمَرَاھِي ھوتَنِ سين، تو جُودَان نَہ جوڙِي،
پَلَئُہ پُنُهُونءَ ڄَامَ جو، جَهلِيُئِي نَہ ڊوڙِي،
نَاحَقُ نِدورِي، مَٿي رَاھَہ رَڙِيُون ڪَرِيين.

بيت - 9

توکي پُڇِيُمِ تي، مَنَ ڪو اوٺِيَنِ جو اُھِڄُ ڏِيين،
لورِي لَنءُ ڀَري، پَاڻَان وَانِيئِي وَمَ جو.

بيت - 10

بِلڪُل ڪَري نَہ بَسِ، ھِنيُون مُنھِنجو ھوتَ ري،
پِرِين جَنھِن پَارِ وِئو، ڏُونگَرَ مُون کي ڏَسِ،
ٿِئو ٻَاروچي وَسِ، جِيئَڻُ مُنھِنجو جيڏِيُون.

بيت - 11

جَاڳي جَاڳي سَسُئِي، جَان ھيجَان ھَٿَ وِڌَاءِ،
سيڄَ سُڃِي پِرِينءَ رِءَ، پُنُهُون پَٿَرِ نَاھِہ،
اُٿِيندي چَيَاءِ، گهوڙَا گهَرِ نَہ سُپِرِين.

بيت - 12

سِڪِي جَان سُتِيَاسِ، تَان سِڪَ سُمَهڻ نَہ ڏي،
جَاڳِي سُتِيسَ جَنِ لاَءِ، سي آيَا تَان نَہ اُٿِيَاسِ،
ڀينَرُ آئُون ڀُلِيَاسِ، نَہ تَہ سِڪَ سُمَهَڻُ ڇَا لَڳي.

بيت - 13

رَائو سَڄِائِي رَاتِ، اوٺِيَنِ گهَڻُو اُڇَلِئو،
بِرَھمَڻِ کي بَرَ ۾، سَندِي بوتَنِ بَاتِ،
وِڌَائِين وَڻِڪَارَ ۾، تَنُ پِريَان جيءَ تَاتِ،
وِھَاڻِيءَ پِرڀَاتِ، سَڳَرِ ٿِيندِي سَاٿَ جي.

بيت - 14

ٻَاروچي سَان ٻَڙِي جيڏيُون، ھيڪَر ٿيَان ھيڪَاندِي،
چَڙِھِي نَہ سَگهَان چوٽِيين، يَارَ بِنَان دِلِ مَاندِي،
پورِھيَتَ پُنُهُونءَ ڄَامَ جِي، بَاندِيَنِ جِي آئُون بَاندِي،
پَهچَائِجِ پُنُهُونءَ کي، ھِيءَ پِيَادِي پَانڌي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، آئُون ايرادي آندِي،
ڪَرَمَ سَاڻُ ڪَرِيمَ جي، ڪيچِي ٿِيندَمِ ڪَانڌِي.

سُر ڪوھياري

داستان پھريون
بيت - 1

لَيلَ نَہ جَاڳِيئَن لِکَ سِينءَ، نَفسُ اَکَلُ نَومُ،
صَبَاحَ رَجُلُ يَخرُجُ، ويئِي ذَاتِ جَتَاڻِي قَومَ،
لاَ اُبَالِي اليَومَ، ھـٰذَا ھُوَ فِيهَا يُنکَرُ.

بيت - 2

لَيلَ نَہ جَاڳِيئَن لِکَ سِينءَ، ڪُلِي نَومُ ڪِئَاءِ،
قُم ٿِي پَهچُ قَريِبَ کي، اِجلِس تو نَہ جُڳَاءِ،
مُٺِي مِهمَانَنِ سين، روئِي رَات وِھَاءِ،
جيلَا نِنڊَ ڪِيَاءِ، تي روزُ رَھين ٿِي رَاھَہ ۾.

بيت - 3

لَيلَ جَاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، شَامَ سُتِيئَن سَڀَ رَاتِ،
اوڳي اوٺِيَڙَنِ جَا، پَهَہ پُڇِين پِرڀَاتِ،
ٿِيءُ سَڳَرِ تَنِ جي سَاٿِ، تَہ ڀورِي ڪَنهِن ڀَالِ مِڙين.

بيت - 4

لَيلَ نَہ جَاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، سُتِيئَن رَاتِ سَڄِي،
ھِتَان ھوتَاڻِينِ جُون، وَھِيُون کُرجِينُون کَڄِي،
ڀورِي تُون ڀَڄِي، سَبَبِ ڪَنھِن سَاٿِ مِڙَين.

بيت - 5

اِجلِس ڪَري اُٿِئَا، تَنوَارِئو توڏَنِ،
نَومَ نَوَازي تَنِ کي، مَرحَبَا موڏَنِ،
رِڙِھِي رَسُ روڏَنِ، اَليَومَ سِيرُو سَسُئِي.

بيت - 6

شَبَانُ شَب سَاٿَ پَلاَڻِئو، لِکَ نَہ جَاڳِيئَن لَيلَ،
نِمَاڻِيءَ کي نَومَ جَا، نيڻين پِيَڙَا نيلَ،
ھَي ھَي ھَبسَايُون ڪَرِيين، اَزدَرِ نَہ اِيندَءِ ايلَ،
سَاجُهرِ وَقتِ صُبُوحَ جي، پَلٽِئو پُونِ پَيلَ،
ٿِي وَاويلا جِي ويلَ، ٿِي سَسُئِيءَ سَاڻُ سَيدؒ چَئي.

بيت - 7

غَافِل غَفلَتَ ڇوڙِ، تُون ڪِيئَن اَڻَاسِي اوجِهرين،
چُپَاتَا چَڙِھِي وِئَا، وَڃِي پَهتَا توڙِ،
نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ وَاڪَا ڪَرِيين

بيت - 8

سَنجهي رَھن سُمَهِي، غَافِلِ مَنجِهہ گَهرَنِ
ليڙَنِ جو لطيفؒ چَئي، ڪَر ڳَلُ سوءِ نَہ ڪَنِ،
سي ڪوھُہ پِرِين پَسَنِ، جي سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي.

بيت - 9

آلوڙو اَکِيَنِ، آيَمِ نِنڊَ اَڀَاڳُ کي،
ھَاڻي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهَارِيَان ڪَارَڻِ ڪَنِ،
اَدِيُون اوٺِيَڙِنِ، مُون ھِنيين سين ھَاڃُو ڪِئو.

بيت - 10

پَٿَرِ پيرَ ڊِگهَا ڪَري، جَڏِھِين سُتِيُون جي،
تَڏِھِين تَنِي کي، سَاَٿَ سُتيئي ڇَڏيِو.

بيت - 11

وَڏِي جَاڙَ ڪِيَاءِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگهَا ڪَري،
دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسِتَ جي، سُڻُ ڀُڻُ توءِ سُيَاءِ،
اَصلِ آرِيءَ ڄَامَ جِي، سَڳِي تُون نَہ سِيَاءِ،
پُنُهونءَ سين پييَاءِ، تُون نِڀَاڳِي نِنڊُون ڪَريين.

بيت - 12

اِيءُ ڪَمُ نَہ ڪَمِيڻِينِ، جِيئَن سُتِيئَن پير ڊِگهَا ڪَري،
نِنڊَان نِمَاڻِينُ کي، اوڀَالاَ اَچَنِ،
ليٽين ڪِيئَن لَطيفؒ چئي، ھَارِي رِءَ ھوتَنِ،
سي ڪوھُہ پُنُهُون پُڇَنِ جي سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي.

بيت - 13

سُتِيئَن سَوَارِي، مُنهُن ويڙھي مُينُ جِيئَن،
ڏِٺَئِي نَہ ڏيرَنِ جَا، چَوڌَارِي چَارِي،
تيلاَھَہ ويچَارِي، پُنُهُون نِيَائُون پَاڻَ سين.

بيت - 14

سُتِيئَن سَنجهيئِي، مُنهُن ويڙِھي مُينُ جِيئَن،
اوجَاڳو اَکِيُنِ کي، ڄَاتُئِي نَہ ڏيئِي،
ھَٿَان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيَنِ کي ڪَرِيين.

بيت - 15

اوجَاڳو اَڄَاڻِ، ڪِيئِي نَہ ڪَمِيڻِينِ جِيئَن،
آسَارِي ايهِيءَ پَرِ، پَوي ڪيچِيَنِ سين ڪَاڻِ،
ٻَانِهِي چَائِيين پَاڻِ، ٿِي سَڄِيُون رَاتِيُون سُمَهين.

بيت - 16

جيڏِيُون جِمَ سُمَهو، نِنڊَ ويرِيَاڻِي ھوءِ،
مَتَان مُنجِهي رَھو، وَاڪَا ڪَري ويڙِھِہ ۾.

وائي - 1

گِلاَ ڪَا مَ ڪَري، مُنھِنجِي شَهِرَ ڀَنڀورَ ۾،
جَنھِن وَڻَ ھيٺَان ھَلِئَا، سَڄَڻَ سَانگُ ڪَري،
لاَمُون تَنهِين وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيَان لاَيَان ڳَري،
جو سِينگَارُ سَرَتِيين، سو مُون نَاھِہ ڳَري،
جِهَڙي تِهَڙي حَالَ سين، وَڃَان پيرَ ڀَري،
قَضَا جَا ڪَرِيمَ جِي، ڪَنهِن کي ڪِينَ ٽَري،
جيڪِي لِکئو لوحَ قَلَمَ ۾، پَارِيَان سو پَري.

داستان ٻئو
بيت - 1

ڏُونگَرَ تُون ڏَاڍو، ڏَاڍو ڏاڍَايُون ڪَرِين،
مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَھين، جِيئَن وَڻُ وَڍي وَاڍو،
ڪَرَمَ جو ڪَاڍو، نَہ تَہ پَٿَرِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري.

بيت - 2

ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪَافَ نَہ ڏِيين ڪو،
قَطَارِئَا ڪَالَهَہ وِئَا، توڏَا وَٽَان تو،
ھوتُ مُئِيءَ جو ھو، سَاڄَنُ اُنَهيِن سَاٿَ ۾.

بيت - 3

ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪَافَ نَہ ڏِيين ڪَلَ،
قَطَارِئَا ڪَالَهَہ وِئَا، توڏَا توھِينِ جَهلَ،
سُڻِي ھوتُ ھَڪَلَ، مَنَ ٻُڌِي ٻَاروچو وَري.

بيت - 4

ڏُونگَرَ ڏُکَ سَندَاءِ، پِرِينءَ گَڏِجَانِ نَہ چُئَان،
ڀِنِيءَ ٿيين ڀَوَارَئُون، ٻِئَا وِنگَا وَرَ ڏِنَاءِ،
چَڱِي ڪَانَہ ڪِيَاءِ، جِيئَن پيرُ وِڃَايُئِي پِرِينءَ جو.

بيت - 5

ڏُونگَرَ توتي ڏُکُ، اَڃَا آھيمِ ھِڪِڙو،
سُورَنِ ڀَڳُمِ سُکُ، وِئَا تي ٿِي ووڙِيَان.

بيت - 6

ڏونگَرَ ڏورَاپو، پِهرِين چُندِيَسِ پِرِينءَ کي،
پَهڻَنِ پيرَ ڏُکويَا، تَرِيُون ڇِنِيُون تو،
رَحمُ نَہ پِيُئِي رُوحَ ۾، قَدُرُ مُنھنجو ڪو،
جَبَلُ ٿو جَاڙوُن ڪَري، واڪو ڪَندِيَسِ وو،
لَٿو لاَڳَاپو، ڇِنُو سَڱُ ڀَنڀورَ سين.

بيت - 7

ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، تَپِي ڪَندين ڪوھُہ،
تُون جي پَهَڻَ پَٻَ جَا، لِڱَ مُنھِنجَا لوھُہ،
ڪَنھِن جو ڪونِهي ڏوھُہ، اَمُرَ مُون سين اِيئَن ڪِئو.

بيت - 8

ڏُونگَرَ تو ڏکَان، پَهَڻُ ٿِيَان پَٻَ جو،
وَڃَنِ مُون مَٿَان، ڪيچِي قَطَارُون ڪِئو.

بيت - 9

ڏُونگَرَ مُون مَ ڏُکوءِ، اَڳَ ڏُکوئِي آھِيَان،
سَاريَان ڪو نَہ سُکوءِ، سُورَ گَهَڻائِي سَنبِرَان.

بيت - 10

ڏُونگَرَ ڏُکويُون، تو ۾ اورَڻَ آيُون،
اَچَنِ ڦوڙَايُون، ڏِجِ دِلاَسو تَنِ کي.

بيت - 11

ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، دِلاَسَا ڏِجَنِ،
گهَڻُو پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽَان ھوتَ وَڃَنِ،
تُون ڪِيئَنِ سَندَا تَنِ، پَهَڻَ پيرَ ڏُکوئِيين.

بيت - 12

ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جو، توکي نَاھِہ تَرَسُ،
پَهَڻَ پَرَڏيهِنِ سين، ڪو اَڳي ھوءِ عَڪَسُ،
پيرَ مُئِيءَ جَا پَسُ، جي چِنجُهنِ چِيهَاڙِيُون ڪِئَا.

بيت - 13

ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جي، ڳَلِ سُڪَا ڳوڙھَا،
ھُو جي پَهَڻَ پَٻَ جَا، ڀَڄِي ٿِئَا ڀورا،
گُوندَرَ جَا گهوڙَا، وَڃَنِ جَانِ جُدَا ڪِئو.

بيت - 14

ڏُونگَرَ ڏُکِ پَئِي، مُون تو سين ڳَالِهہ ڪِي،
پَاڻَان آئُون مُئِي، سُورُ سَلاَئي پِرِينءَ جو.

بيت - 15

ڏُونگَرَ تو ڪَارُون، ڪِئَا نَہ ٻَاروچن سين،
ڪَندَا تَنوَارُون، پَاسَان تو پِرِين وِئَا.

بيت - 16

ڏُونگَرَ مُنھِجي ڏُکَ جو، تَان تُون وَاقِفُ ٿِيءُ،
وَٽَان وَٺِي وِئَا، پَهَسُ مُنھِنجو پِيءُ،
ڀَڄِي پَرَاھُون ٿِيءُ، مَاتَان سَڙين پِريَان جي سُورَ ۾.

بيت - 17

ڏُونگَرَ مَان سين روءُ، ڪَڍِي پَارَ پُنُهُونءَ جَا،
سَڄَڻ ھومِ ھِيڪَڙو، وِئو ڦوڙَائي سو،
ڪِنھِن جو ڪونِهي ڏوھُہ، مُون سين اِرَادي اِيئَن ڪِئو.

بيت - 18

ڏُونگَرَ ڏِھَاڻِي، پَاڻُ مٿَانئِي گهورِيَان،
تو ۾ رِھَاڻِي، سَدَا ٻَاروچَنِ جِي.

بيت - 19

ڪِيجي ڪَڍئَا پَارَ، ڏُکِيءَ ڏُونگَرَ پَاڻَ ۾،
سُڻِي تَنوَارَ، مِرُون پِئَا مَامِري.

بيت - 20

ڏُکِي ڏُونگَرُ پَاڻ ۾، ٻَئِي ويٺَا رُونِ،
ڪَنھِن کي سو نَہ چُونِ، مَنجِهنِ جو پِريتَڻُو.

بيت - 21

اَڄُ پَڻِ ويٺو روءِ، ڏُکِي ڏُونگَرُ پَاڻَ ۾،
ڪوھِيَاري جو ڪوءِ، سُورُ اُڌَمِئو.

بيت - 22

سَڄَڻَ ميخُون ڏُونگَرين، ڏُونگَرَ ڀُونيُنِ ڪِيرَ،
اِھَڙَا سيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَهَندِينءَ ڪي ٻِئا.

بيت - 23

جِهَڙَا ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِهَڙِي ڏُونگَرَ ڏيٺِ،
آئُون تَنھِن ھيٺِ، پيرُ نِهَارِئَان پِرِينءَ جو.

وائي - 1

آھِيَان جَنِ سَندِي، مُون کي سي نَہ ڇَڏِيندَا ھوتَا،
ويٺِي آھِيَان وَاٽَ تي، آئُون آسَرَوَندِي،
پَهَائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي، ڳِچِيءَ پَائِي گَندِي،
پِرِينءَ پُڄَاڻَان جيڏيُون، آئُون رَتِي تَان نَہ رھندي،
ڪَرَمَ سَاڻُ ڪَرِيمَ جي، لُطِفَ سَاڻُ لطيف جي، آئُون پِرِينءَ مِڙَندي.

داستان ٽئو
بيت - 1

رَھِيو ويٺِي رَاڳِ، اَمَڙِ اورِئَان نِجِهرو،
لاَٿو ڏيھَہ وَڻَنِ سين، مُون لاَڳَاپو ۽ لاَڳِ،
ڏُونگَرُ سي ڏورِينديُون، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي آڳِ،
ھوتَاڻِي ھِنَ مَاڳِ، مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.

بيت - 2

مُون کي چَڏِ مَ ڇَپَرين، ھِتِ ھوتَاڻِي ھَاڻِ،
اوڏِ مُنڌَ اُٺَنِ کي، اَللہَ ڪَارَڻِ آڻِ،
پورِھيو ڪَندِيَسِ پَاڻِ، اڳِئَان آريچنِ جي.

بيت - 3

مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، حَاذِقَ ھوتَاڻِي،
توھِين لَيءِ کَاڻِي، ڏُکِي ڀُڻِي ڏُونگَرين.

بيت - 4

مُونکي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ھِنَ ھَنڌِ ھوتَاڻِي،
نيجِ نِمَاڻِي پَاڻَ سين، پُنُهُون آرِيَاڻِي،
توھِين لَيءَ کَاڻِي ڀُڻِي ڏونگَرَ ڏورِيَان.

بيت - 5

مُونکي ڇڏ مَ ڇَپَرين، ھوتَاڻِي ھِنَ ھَنڌِ،
توسين پُوندِيَسِ پَنڌِ، ڏِيندِيَسِ بَاھِہ ڀَنڀورَ کي.

بيت - 6

مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، پوءِ رَھَايَسِ پَاڻَ،
جي ڀُلاَيُون ڀَاڻَ، رَسُ رَسِيلاَ تَنِ کي.

بيت - 7

سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻَاروچَنِ جَا،
وَمَ وِھَاٽِي ووڙي، ڪوھِيَاري ڪِڙڪَ،
ڌَڙَ ڌُوڻِئو تَنهِن ڌَڪَ، جَڏِي جِيئَڻُ نَہ ٿِيي.

بيت - 8

سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻَاروچَنِ جَا،
پُنُهُونءَ جي پيڪَانَ جُون، رَاسِيُون مَنجهان رُڪَ،
ھَنيَمِ ھوتَ ڪِڙڪَ، لوچَان لوھُہ نَہ نِڪِري.

بيت - 9

جيهي جي تيهِي، ٻَانِهِي ٻَاروچَنِ جِي،
حُجَتَ ھوتَ پُنُهُونءَ سين، مُون ڪَمِيڻيءَ ڪيهِي،
اَصَلِ آرِيءَ ڄَامَ جي، پَليءِ آئُون پيئِي،
ھُوءَ جَا پَائِينِ پيرَ ۾، تَنهِن جُتِيءَ نَہ جيهِي،
وِسَاري ويهِي، تَني ڪيچِيَنِ کي ڪِيئَن رَھَان.

بيت - 10

ھُئِي جي نَہ ھُئِي، تَہ ٻَانِهِي ٻَاروچَنِ جي،
اُنَ سَڱَ مُقَابِلِ سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي،
ھُنِ تَان لَڄَ لُئِي، ھِنَ جو ھَلَڻُ ھوتَ ڏي.

بيت - 11

گولِي بَندِي آھِہ، زَرِخَرِيدَ جَتَنِ جِي،
آجِپَڻُ آرِيچَنِ جو، سَسُئِيءَ تَان نَہ سُهَاءِ،
اِنَ طَعني کي توڙَائِين، ويٺِي مُنڌَ وَاجهَاءِ،
دَائي دَرَ مَنجَهان، شَالَ مَ ڪَڍَنِ ڪَڏِھِين.

بيت - 12

ٻَانِهِي ٻَانِهوٽِي، ڪَنِيزَ ڪَ ڪيچِيَنِ جِي،
ٻَئي ٻَاروچي ھَٿَ ۾، چَڳُنِ سِر چوٽِي،
مَعذُورِ کي موٽِي، شَالُ پُڇَندو پَٻَ ڌَڻِي.

بيت - 13

ٻَانِهوٽِي ٻَانِهِي، زرِ خَرِيدَ جَتَنِ جي،
سي ڪِيئَنِ وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ سَندَا جَانِي،
اَڱَڻِ اَمَانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪَامَ ٿِيي.

بيت - 14

ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻَاروچي ٻَانِهِي،
سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ اَندَرِ جَانِي،
اَڱَڻِ اَمَانِي،شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪَا مَ ٿِيي.

وائي - 1

ٻَاروچَا ٻَاجهَہ پَئِي، مَان کي نِيندَا سَاڻُ،
ڏِيندَا مُون ڏُکِي کي، اَلَهہ لَڳِ اُھڃَاڻَ،
لاَتَقنَطُوا مِن رَحمَتهِ اللہِ، پِريَنِ چَيو پَاڻ،
اِنَ اللہَ يَغفِرُ الذُنُوبَ جَميعاً، اِي پُنُهُونءَ جَا پَريَاڻَ.

داستان چوٿون
بيت - 1

رِءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، آئُون ويٺِي وِرھَہ چَرَان،
اِنَ عَذَابَان اڳَهِين، مَادَرِ ڇو نَہ مَرَان،
اَدِيُون جو نَہ اَوَھَان، سو مَان سُورُ سَرَتِيُون.

بيت - 2

رِءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرھَہ چَرَان ويٺِي،
ٻَانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي،
تو پُڄَاڻَان سُپِرِينِ آئُون سُورَنِ سَانڀيٽِي،
جَا مَرضَنِ مَروٽِي، سَا سَرَتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي.

بيت - 3

سَرتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي، ويڙِھِي جَا وِرَھَنِ،
چَتُ جَنهِن جو چُورِ ڪِئو ڪِئو، ڏُکوئِي ڏُکَنِ،
پُڃَاڻَان پِريَنِ، اَدِيُون اَگهِي آھِيَان.

بيت - 4

اَدِيُون اَگهِي آھِيَان، پِريَنِ پُڃَاڻَانِ،
سي ڪوھِيَارَا ڪِيڻَ وِئَا، سَاڄَن سِيَاڻَا،
جي سَسُئِيءَ سِيبَاڻَا، سي وَڃِي ڪيچِ قَرَارِئَا.

بيت - 5

حَقِيقَتَ ھِنَ حَالَ جِي، جي ظَاھِرُ ڪَرِيَان زَبَانَ،
لَڳي مَاٺِ مِرُنِ کي، جيڪَرَ سُورُ سَلاَنِ،
ٻِي ٽَاڪَرِ ٽِڪي ڪَانَہ، جَبَلُ سَڀِ جَلِي وَڃي.

بيت - 6

حَقِيقَتَ ھِنَ حَالَ جِي، ظَاھِرُ ڪَرِيَان ذَرِي،
لَڳي مَاٺِ مِرُنِ کي، ڏُونگَرَ پُونِ ڏَرِي،
وَڃَنِ وَڻَ ٻَرِي، اوڀَرُ اُڀِري ڪو نَہ ڪو.

بيت - 7

جَڏَا ميڙِ جَلِيلَ، جي حَبِ نَہ ھَلَڻُ سِکِئَا،
لَنگهَائي لَطيفؒ چَئي، نِجَنِ ڪيچِ قَلِيلَ،
وِسَاري وَسِيلَ، مَڇُڻِ مَارَڳِ ڇَڏِيين.

بيت - 8

جَڏَائيءَ جَا جَلِيلَ، ٻَڌَا موڙَ ھَٿَنِ سين،
مَادَرِ مُونکي مَارِئو دَردَ جي دَلِيلَ،
وَرِجِ وِيرَ وَسِيلَ، سُورَنِ سَاڙِي آھِيَان.

بيت - 9

سَارِيَان ٿِي سَبِيلَ، پُر تَقصِيرُون پَاڻَ ڏي،
مَتَان مُونکي ڇَڏِيين، آرِي ڄَامَ اَصِيل،
وَرُ وِلَهَنِ جَا وَسِيلَ، رَسِجِ رَھبَرَ رَاھَہ ۾.

بيت - 10

اِيئين رَھِيَسِ رَاھَہ ۾، ھُونهين ھَٿَ ھَڻِي،
وِئَا خِيَالَ کَڻِي، مَاءُ مُنھِنجو جِندَڙو.

بيت - 11

مَاءُ مُنھِنجو جِندَڙو، کَنيو خِيَالَنِ،
ڪُوڙَنِ ڪَذَابَنِ، پوءِ رَھَايَسِ پِرِينءَ ري.

وائي - 1

توڻي نِينِ نَہ نِينِ، آئُون اُنِين جِي آھِيَان،
زورو ھِنَ صَعِيفِ سين، ڪَامِلَ ڪوھُہ ڪَرِينِ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ڪَرَھَلَ ھُوءِ نَہ جهِلينِ،
جَتَ پَانهِنجِيءَ جُوءِ ۾، جَانِبَ مَان نَہ جَٽيِنِ،
ٻَانِهِي ٻَاروچَا پَانھِنجِي، سَڳَرِ مَان نَہ سَڏِينِ،
پِڪَ پَدَمَنِئَا اَڳَرِي، سُرڪِي مَان نَہ سَڃِينِ.

داستان پنجون
بيت - 1

ڪِنھِنَ پَرِ رُئَان پِرِينءَ کي، روئِي نَہ ڄَاڻَان،
مَٿي ڪِئو ڀُڻَان، ھَنجُنِ ھَاَڻَا ھَٿَڙاَ.

بيت - 2

ڪِنھِن پَرِ رُئَان پِرِينءَ کي، اَندَرَ نَاھِہ اُسَاٽَ،
لوھُوڪَا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي وَاٽَ،
ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇَاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.

بيت - 3

ڪِنھِن پَرِ رُئَان پِرِينءَ کي، پَچَڻَ نَاھِہ پَچَارَ،
اَندَرِ ٿِي آھُوُن ڪَري، کاَڻِي مَنجِهہ خُمَارَ،
گِرِيي جِي گُفتَارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻَاروچَنِ ۾.

بيت - 4

ڪِنھِن پَرِ رُئَان پِرِينءَ کي، رُئَڻُ مُون رِيَاءُ،
بَرَنِ مَنجِهہ بُڪَاءُ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻُڌُمِ جيڏِيُون.

بيت - 5

ڪِنھِن پَرِ رُئَان پِرِينءَ پَارَ نَہ ڄَاڻَان پيرُ،
ڀَنَڻُ مُون ڀيڙو ٿِئو، سُورَنِ لاَيو سيرُ،
آرِيءَ لَيءِ اُليرُ، رَقصُ ڀَاڱي رَنَ جي.

بيت - 6

ڪَنھِن پَرِرُئَان پِرِينءَ کي، پَارَ نَہ ڄَاڻَانَ پَنڌُ،
ڪيچِيَنِ ڪَارڻِ ڪَنڌُ، نَايو ٿِي نَعرو ھَڻَان.

بيت - 7

سُڃَ وَسَندِي تَنِ کي، جوشَ جَلاَيَا جي،
طَالِبَ جي تَحقِيقَ جَا، نِينھُن تَنِي وَٽِ ني،
تيڏِي پَسي ٽي، ھُو تَان آھي ھيڪَڙو.

بيت - 8

ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، ھَلجِ پَاسي ھيڪَ،
وَرُ نَہ سَهي ويڪ، تيڏِي ٽِيَايُون ڪَرِيين.

بيت - 9

سَنجهي مُون نَہ سَنڀَالئِو، تَہ ڪِي اوٺِي ڪَندَا اِيئَن،
ڪُهِي ڪَمِپڻِي ڪيئَن، جَتَنِ رَاتِ جَڏِي ڪِي.

بيت - 10

سَنجهي مُون نَہ سَنڀَالِئو، صُبحَ سَارِئُمِ سُورَ،
اَچِئو اوٺِيَڙَنِ جَا، پَلپَل پَوَنِ پُورَ،
جَتَنِ لَيءِ ضَرُورَ، گهَڻَا گهَارِئَمِ ڏينهَڙَا.

بيت - 11

سَنجهي مُون نَہ سَنڀَالِئو، صُبحَ مَارِيَسِ سُورَ،
آڌِيءَ رَاتِ اُڌَمِئو، ڏينِ پَلِٽَا پُورَ،
جَتَنِ جي ضَرُورَ، مَادَرِ مَارِي آھِيَان.

بيت - 12

سَنجهي مُون نَہ سَنڀَالِيو، مَارِيَسِ سُورَ صُبُوحِ،
نيڻَ ھيرَائي نِنڊَ سين جَتَنِ لَنگهِي جُوءِ،
ھَاڃو ڪَري ھُوءِ، آڌِيءَ اُوءِ اُٿِي وِئَا.

بيت - 13

آڌِيءِ اُو اُٿِي وِئَا، ڪَرُ رَکِئَائُون ڪيچَ،
ٻَاروچَاڻي پيچَ، مُنھِنجو مَنُ مُنجهَايو.

بيت - 14

مُنھِنجو مَنُ مُنجهَايو، جَتَنِ جي جَمَالَ،
ڪو جو سُورُ سَرِيرَ ۾، ڪِئو ڪيچِيَنِ جي ڪَمَالَ،
ھوتَ نَہ ڀَائِي حَالَ، موٽِي ٿِيَا مَعذُورِ جَا.

بيت - 15

موٽِي ٿِئَا مَعذُورِ جَا، حَالَ نَہ ڀَائِي ھوتَ،
لَڳَندي لَڪَنِ سين، پَاڻَان ٿِيَسِ پوتَ،
مَٿي تَائِين موتَ، سِڪَ ٻَاروچي نَہ لهَي.

بيت - 16

ڪيچِي وِئَڙَا ڪَالَهَہ، تُون اوڳِي اَڄُ نِهَارِيين،
سيڻَنِ تو نَہ سَنڀَال، تُون ٿِي سَارِين تَنِ کي.

بيت - 17

توڻي مُون نَہ سَنڀَالَ، توءِ سَارِيَان تَنِ کي،
ڪَا جَا ڪِيَائُون ڳَالِهِہ، جَنھِن مُنھِنجو چِتُ چَرِئو ڪِئو.

بيت - 18

مُنھِنجو چِتُ چَرِئو ڪِئو، وِڌَائُون وَھلُورَ،
سَرَتِيُون مُونکي سُورَ، ھِي ھُو ٿِئَڙَا سَامُهَان.

بيت - 19

سَرَتِيُون سُورُ پِريَنِ جو، سُڃُنِ ۾ شَامِلُ،
ڪوھِيَارو ڪَامِلُ، مُونکي ڏُکَ ڏيکَارئو.

وائي - 1

زَارِي سَا زَارِي، اَلولَ ٻَاروچي سَان ڪَندِيَس زَارِي،
ڪَري ڪوھِيَارو وِئو، مُون سَان قِيَامَتَ ڪَارِي،
ڪِينَ جِيئَندِيَسِ جيڏِيُون، سُورَ پِريَان جي آئُون مَاري،
ھِندُوئَنِ جِيئَنِ ھولِي ڪَري، ڌُوڙِ مَٿي تَان مُون وَارِي،
مُون کي ڳَهَر ڳرو ڪِئو، نِنڊَ نِندورِيءَ آئُون کَارِي،
چُڪِيءَ کي چَاڙِھي نِئو، بوتَا ھُئَڙَا بَارِي،
مَان نَہ وِرمَنِ وِچَ ۾، اولاَڻي آرِي.

داستان ڇھون
بيت - 1

ڳاَئو نَہ وَائو، اَدِيُو آرِيچَنِ جو،
لَنگهي پَٻُ پَري ٿِئَا، رِڻُ ڇَڏي رَائو،
ڏيئِي ڦوڙَائو، وِئَا ويچَارِيءَ سُپِرِين.

بيت - 2

ڳَائِي نَہ وَائِي،اَدِيُون آرِيچَنِ جِي،
ڪَنھِن پَرِ ڪَهِي لَنگهِيَان، جَبَلُ جَاجَهائي،
جيڪُسِ وَاجَهائِي، ھَاڻِ مَرَندِي ھوتَ لَيءِ.

بيت - 3

ھَلَڻُ سَهَان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ آئُون گهورِيَان،
ھُونِ ھَميشَهَ ھِتَهِين، تَہ ڏُونگَرُ ڪوھُہ ڏورِيَان،
اَکِيُنِ سين اورِيَان، پَسَان شَالَ پُنُهُونءَ کي.

بيت - 4

ھَلَڻُ سَهَان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مُون نَہ وَسِ،
اَللہَ آرِيچَنِ جِي، گولِي ميڙِيين گَسِ،
پِرِين پَنوَھَارَ پُڇَان تو، ڏُونگِريا مُون ڏَسِ،
اَکِيُنِ جي آرَسِ، مُنڌَ جيهِيَائِي جوڙَ ڪِي.

بيت - 5

ھَلَڻُ سَهَان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مَ وَارِئو،
رَھو رَاتِ ڀَنڀورَ ۾، تَان گهَڙِي ھِتِ گهَارِئو،
مَعذُورِ مَ مَارِئو، سِڪِي جَنھِن سَڱُ ڪِئو.

بيت - 6

مُون کي جَنِي مَارِئو، آن ڪي گَڏِئَا سي،
تَنَ ۾ طَاقَتَ نَاھِہ ڪَا، اَدَا اُنِين ري،
سُورُ سَلِتُمِ تي، جيلاَھہ ڳَالِهِہ ڳَرِي ٿِي.

بيت - 8

مُون کي جَنِي مَارِئو، سُڃَاتَمِ سيئِي،
پُنُهونءَ پيڪَانَ پَڇَنڊِئَا، ٻِلَنِ تَان ٻيئِي،
ويڄَنَئُون ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.

بيت - 8

مُونکي جَنِي مَارِئو، سُڃَاتَمِ پَاڻَان،
لوھُو لِڱَنِ نَاھِہ ڪِي، سَنڌَ مِڙيئِي سَاڻَا،
دارونءَ جَا دَاڻَا، ڏِنَمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.

بيت - 9

پَرتَوو پُنُهونءَ جو، جُهڙَ جِيئَن جَهالا ڏي،
آئُون تَنھِن آرِيءَ کي، وَٺِئو رَاھَہ رُئَان گهَڻُو.

بيت - 10

پَر تَوو پُنُهُونءَ جو ڪِي ڇَانئِين ڪِي اُسَ،
قَريبَاڻِي ڪُسَ، آھي ڪَرِٻَ ڪَرِڙِي.

بيت - 11

پَرِ تَوو پُنُهُونءَ جو، سَهَائِي سِيَاھُہ،
مُنھُن ڏيئِي مُون آيو، رَنگَا رَنگِي رَاھُہ،
پِهرِين ڏيندَا پَاھُہ، پوءِ رَڱِيندَا رَنڱَ ۾.

بيت - 12

پَرِ تَوو پُنُهُونءَ جو، رُڳِيَائِي رَاحتَ،
ڀَانيان ڏِينهُن ڀَوَارَئُون، سَاجَنَ لاَءِ صِحَتَ،
مِٺِي مُصيبَتَ، آھي آرِيءَ ڄَامَ جِي.

وائي - 1

آڻي لِکِئي لَنءُ لاَئِي، آئُون ڪَا جوڙَ جَتَنِ جو،
ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪَا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو،
ڪُهِي ڪَمِيڻِي ھَلِئَا، ڪَهِلَ نَہ ڪِئَائُون ڪَائِي،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئَا، ڏيرَ ڪَري وِئَا ڏَاڍَائِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڪونهي سُورَن ڀَائِي،
پَسِي پنھِنجا ڪَمَڙَا، لاَلَڻَ آئُون لَڄَائِي،
پورِھِيَتِ پُنُهُونءَ ڄَامَ جِي، ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آئِي،
اُتي عبداللطيفؒ چئي، ھوت ڪَرِيو ھَمراھِي.

سُر حسيني

داستان پھريون
بيت - 1

لَڙُ مَ لاڙَائُو ٿِئو، ھَلِي ڪَرِ ھِمَتَ،
سِڄُ سَامُهُون مُنھُن ۾، ڪَھَہ ۾ ڪِجِ مَ ڪَٿَ،
سُپيرِيَان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِجِ ڳَالِهہ مِڙِين.

بيت - 2

لَڙُ مَ لاَڙَائُو ٿِئو، گُهتُون گوھِيُون ڇَڏِ،
لَڏو لاَھِہ مَ لَڏِ، تَہ ڳَاڙھي سِجِ ڳَالِهِہ مِڙين.

بيت - 3

لَڙُ مَ لاَڙَائُو ٿِئو، لاَھِہ مَ لَڏو لَڏِ،
سَاٿَ پِريَان جي سَڏِ، تَہ مُنڌَ ميڙَائو تو ٿِئي.

بيت - 4

لَڙُ مَ لاَڙَائُو ٿِئو، وَرَ چُونڊِيندِي وَڃُ،
آھي اِي اُھڃُ، ھَاڙھي ھَلَندِيُنِ جو.

بيت - 5

لَڙُ مَ لاَڙَائُو ٿِئو، موڙي مَرُ مَ پيرُ،
آرِيءَ لَيءِ اُليرُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.

بيت - 6

مُڙِئو سِڄُ مَٿَان، پوڃَاڙِي پيدَا ٿِي،
سِڄُ مَٽَائي سَاءُ، اُلَهَڻَ کي اوڏو ٿِئو.

بيت - 7

اُلَهِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺَائِين ڏُونگَرُ،
سَسُئِيءَ کي سَيد چئي، سُورنِ جو سَمَرُ،
ڪُٺَلِ رَکِئو ڪَرُ، ويچَارِيءَ وَڻِڪَارَ تي.

بيت - 8

اُلَهِي سِڄَ اَويرَ، مَ ڪَرِ مَعذورنِ تي،
پَسِي مَرَان پيرَ، ڏُونگَرِ ٻَاروچَنِ جَا.

بيت - 9

وِئو ٻَاروچو نِڪِرِي، ھَاڻي ڪَرِيَان ڪِيئَن،
سِڄَ اُلَٿي سِيئَن، سَٽُون ڏيِندِيَسِ سُڃَ ۾.

بيت - 10

سِڄَ اُلَٿي سَسُئِي، رَتَ وَرَنو روءِ،
نَہ پَهِي نَہ پَانڌِي ڪو، جِنھِن ڪَرَ پُڇي لوءِ،
مُوڙِھِي وَڃي توءِ، موٽَڻَ جِي ڪَا نَہ ڪَري.

بيت - 11

ويٺي مُون وِئو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تَان،
آئُون ڏورِيندِي ڪيتِرو، پَهَڻَنِ پيرُ پئو،
سُورَنِ سَاڻُ سِهو، اَچِي ٿِيُمِ جيڏِيُون.

بيت - 12

سَسُئِي سِڄُ وِئو، ڏِجِ وَرَاڪو ويڙھِہ ۾،
آرِيَاڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرِ ڏَسُ پِئو،
آرَسُ جَنِ ڪِئو، اُٺَ نَہ ٻَيلي اُنِ جَا.

بيت - 13

ڏِجِ وَرَاڪو ويڙِھِہ ۾، سَسُئِي وَڏي سُورِ،
آرَسُ جَنِ اَسُورِ، اُٺَ نَہ ٻيلي اُنِ جا.

بيت - 14

ڏِجِ وَرَاڪو ويڙھِہ ۾، سَسُئِي وَڏي سَتِ،
جَنِي مُوڙِھِي مَتِ، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جَا.

بيت - 15

سَرَتِيُون سُڄي سُڃَ، مَتَان ڪَا مُون سين ھَلي،
پَاڻِي نَاھي پَنڌُ گَهڻُو، اڳِئَان رائو رُڳي رُڃَ،
مَتَان مَرِي اُڃَ، ڪَا ڏي پَارَاتو پِرِين کي.

بيت - 16

وِئو سِڄُ وَڻَنِ تَان، رَاسِيُنِ ڏيئِي رَنڱُ،
مُون جَنھِن سَان سَڱُ، سو ڪوھِيَارو ڪيچِ وِئو.

بيت - 17

وِئو سڄُ وَڻَنِ تَان، راسِيين رَتَائِين،
مُون کي مَارِيَائِين، آيَلِ اُوندَاھِي ڪَري.

بيت - 18

تَان تَان ڪَرَھَلُ ڪَاھِہ، جَان جَان آھي سوجهرو،
مَتَان ٿِئي اوندَاھِہ، پيرُ نَہ لهَين پِرِينءَ جو.

بيت - 19

جَان جِيئين تَان جَلُ، ڪَانهي جَاءِ جَلَڻَ ري،
ٿَڌِي تَتِيءَ ھَلُ، ڪَانِهي ويلَ وِھَڻَ جِي.

بيت - 20

جِيئَن جِيئَن ڀِڄي رَاتِ، تِيئَن تِيئَن تَاڻي پَنڌَ ۾،
ڀورِيءَ ٻِي نَہ تَاتِ، جيڪَا سَا جَتَنِ جِي.

بيت - 21

جِيئَن جِيئَن تَپِي ڏِينهُن، تِيئَن تِيئَن تَاڻي پَنڌَ ۾،
ڪو اَڳَانجهو نِينهُن، ٻَانِهِيءَ ٻَاروچَنِ سين.

بيت - 22

نَڪو تَتو ڏِينهُن، نَڪو ليکوئِي ٿِئو،
تِهَان اوري نِينهُن، ڇِنُو آتَڻَ وَارِيين.

بيت - 23

آتَڻُ اورَانگهي وئَا، پَارِي ڇَڏي پوءِ،
آرِيچَا اُٺَنِ تي، ھِيءَ تَان جَڏِي جوءِ،
ڪِي ھَلِي ڪِي ھَٿَ کَڻِي، ڪِي رِڙھي ڪِي روءِ،
اَوِھِين ڇَڏي وَڃو ڇَپَرين، ڏُکِي ڪِهَڙي ڏوُھِہ،
ڪو پُرِي پِرينءَ چوءِ، تَہ مُٺِيءَ مَاتَمُ آيو.

بيت - 24

آتَڻُ اورَانگهي وِئَا، اَڱَڻِ مُون افسوسُ،
ديوَانِيءَ سين دوسُ، سَاٿِي آھي سُڃَ ۾.

بيت - 25

آتَڻُ اورَانگهي وِئَا، آئُون ٿِي مَرَان مَاءُ،
پِٿُون ٿِيندِيَسِ پيرَ تي، ھَي ھَي ڪَري ھَاءِ،
جِيئَڻُ مُون نَہ جُڳاءِ، پِريَنِ تَان پَاسو ڪِئو.

بيت - 26

آتَڻُ اورَانگهي وِئَا، ڪَري ڪَمِيڻِي ڪِيئَن،
ھَاڻي گهُرِجي ھيئَن، جِيئَن ڏِجي بَاھِہ ڀَنڀورَ کي.

بيت - 27

آتَڻُ اورَانگهي وِئَا، پُٺِيءَ توڏَنِ تَاڻِ،
ويهُہ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ھُنِ پُڄَندي ھَاڻِ،
رَائي ۾ رھَاڻِ، ھَلُ تَہ ٿِئي ھوتَ سين.

وائي - 1

جي ھُوندَ ڏِٺَائُون وو جيڏِيُون، حَالُ مِنھِنجو ھِهَڙو جِهَڙو،
سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَهُہ جو ڪِئَائُون،
ٻَانهُون ٻيلَ نَہ لاَھِيَان، پُنَهَلِ کي آئُون،
چَڙِھي نَہ سَگهَان چوٽِيين، مَارَڳُ مَٿَاھُون،
ھُو جي پَهَڻ پٻَ جَا، مَڻيَا مُڪَائُون،
مُون مُٺِيءَ تي مَنڊئَا گوُندَرَ گِلاَئُون،
ھِينئَڙو ڏَندَڻَ پَاڙَ جِيئَن، ڇِڪِيءَ ڇِنَائُون،
ھِينئَڙو ڌَاڙُھُونءَ گُلَ جِيئَن، ريهي رَتَائُون،
ڏُکِيءَ سَندي ڏيجَ ۾، ڏُونگَرُ ڏِنَائُون،
ھُونِ سَلاَمَتَ سُپرِين، تَان گهورِي مَرُ آئُون،
ويندي ڪِيُون وَڻَنِ سين، سَسُئِيءَ سُکاَئُون،
پُنُهُون وَٺِي پَاڻَ سين، موٽِيَسِ جي آئون،
ڏِيندِيَسِ شاَخَ سَڀَڪَنھِن، وَڻِ وَڻِ وَاچَائُون.

داستان ٻئو
بيت - 1

ڪِي ڌَرَ تَتِي مَاءُ ڪَا ڄَرَ سَندِي سَڄَڻين،
ھَلي ۽ وَاجَهاءِ، ٻِنهِي ڄيرَنِ وِچَ ۾.

بيت - 2

مَٿِئَان مَٿي مَچُ، ٻَرِئُمِ ٻَاروچَنِ جو،
مُون کي طَعنَا تي ڏِئو، جي نَہ پَروڙِئو سَچُ،
اَمَڙِ اورِي اَچُ، تَہ سِٽَ سُڻَائِيين سُورَ جِي.

بيت - 3

مَٿي مَنجَهان مِينهُن پَسو، جِيئَن پَاڻِي وَھي،
مُون ڀَانيو نِينهُن، ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون.

بيت - 4

جي مُون مَنجهَان رُوحَ، وَڃي سَاڄَنُ وِسَرِي،
تَہ مَرُ لَڳي لُوھَہ، ٿَرَ ٻَاٻِيهو ٿِي مَرَان.

بيت - 5

لَڳِي مُون کي لُوھَہ، وِرھَہ لاَٽُون لاَيُون،
رَازُ جَنھِن سين رُوحَ، سو ڪوھِيَارو ڪيچِ وِئو.

بيت - 6

ٽِمَنِ نيڻَ رَتُ وَھي، چُئَاڪَا ڪِئو،
مُون کي ڏَءُ ڏِئو، اَئِين ٿَا وَڃو اوٺِيَا.

بيت - 7

اَمَڙِ کَڻُ وِچَان، چَرَخو چِيهَاڙِيُون ڪَري،
مَڇَڻُ ھوتُ ھِنيَان، مُون ڀيرِيندِيءَ وِسِري.

بيت - 8

اَمَڙِ وَڃِي آڻِ، چَرَخو آتَڻَ وِچَ مَان،
ڪِتُمِ جَنھِن ڪَاڻِ، سو ڪوھِيَارو ڪيچِ وِئو.

بيت - 9

پَهِي ڪَامَ پِڃَاءِ، اَمَڙِ مُنھِنجي آسَري،
ڏيئِي لَتَ چَرَخي، پُوڻِيُون پَاڻِيءَ پَاءِ،
ڪِتُمِ جَنھِن لاَءِ، سو ڪوھِيَارو ڪيچِ وِئو.

بيت - 10

پَهِي ڪَامَ پِڃَاءِ، اَمَڙِ مُنھِنجي آسَري،
ڏيئِي گَرِٿُ ڪَتَاءِ، مُون کي نِينھَن نِهوڙِئو.

بيت - 11

ڪَتَڻُ ٻَنِ ڪَپَاھُہ، کوءِ آتَڻُ ٻَنِ جيڏِيُون،
سَاڄَنُ مُنھِنجو سَاھُہ، ھَاڃي ۾ ھَڻِي وِئو.

بيت - 12

آتَڻِ چُونِمِ ڪَتُ، تَاڻِيَان تَندُ نَہ نڪري،
پَاڻَان روئِي رَتُ، چَرَخو مُون چِڪ ڪِئو.

بيت - 13

چَرخو چَندَنَ عَاجَ جو، روئِي ڪِئَڙُمِ رَتُ،
آيَلِ کَڻُ اَرٽُ، ڪُٺِيون ڪِينَ ڪَتندِيُون.

بيت - 14

اَمَڙِ جي ڏِٺوءِ مُون جِيئَن ھوتُ اَکِيُن سين،
چَرَخو چِيهَاڙِيُون ڪَري، ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ،
آتَڻِ رَتُ رُنوءِ تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي ھِڪڙِي.

بيت - 15

نَئُون نِينهُن لَڳوسِ، ڳَري ۽ ڳالِهيُون ڪَري،
اورِيندي اَرِٽَ سين، پُنُهُون يَادِ پِيوسِ،
پَهو پَٽِ ڪِريوسِ، ھُو ھَٿُ اوڏَاھِين رَھِيو.

بيت - 16

ڪَتَان نَہ پُوڻِي، تَاڻِيَان تَندُ نَہ نِڪري،
ويڇِي پييَنِ وِچَ ۾، ڪَاڪِيُون ڪالُهوڻِي،
مُون سين ڇِنُوڻِي، جيڏِي جَتَ ڪَري وِئَا.

بيت - 17

کوءِ ھَاڙھو ٻَنِ ھوتُ، کوءِ پُنهُون ٻَنِ پِرَيتَڻُو،
مَادَرِ مُون مَوتُ، پَسَڻَان پِرَايو.

بيت - 18

کوءِ ٻولِي ٻَنِ ٻَروچُ، گهورِي ذَاتِ جَتنِ جِي،
مُون کي چَئِي لوچ، پيهِي وِئَڙَا ڇَپَرين.

بيت - 19

آتَڻَ ۾ پَريَاڻُ، ھو سَڀني جيڏِيين،
مُون سَڀَاڳِيءَ سَاڻُ، ڪيرَ ڇُلَندِي ڇَپرين.

بيت - 20

گهُومَاٽِيُون گهُمَنِ، اَندَرَ سَندَنِ اَنِراَ،
آتَڻِ ڪِينَ ڪَتَنِ، سَڄَڻُ آھيِن سَارِئو.

وائي - 1

شَادِيءَ جو سِينگَارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين،
آھي ڳَهُہ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھَالُورَا ھَارُ،
آھي اُگهَاڙَنِ کي، جَانِبَ جو جِنسَارُ،
آھِيين کاَڄُ بُکِينَ جو، تَان تُون طَعَامُ تيَارُ،
اَعليٰ اَڇو عِيَدَ ۾، دوسَان جو ديدَارُ،
حُسنَ ھوتَ پُنهونءَ جي ڪَڪورِئو ڪوھِيَارُ،
سُڃَ ڪِئَائِين سُرَھِي، وَاسِئَائِين وَڻِڪَارُ،
ڇَپَر ڇَٽُون مُڪِيُون، عَطُرُ ٿِئو آوَارُ،
گهورِئَان گهَرُ گهَٽِيءَ تَان، اَچي جِئَا آڌَارُ،
ڪوڙِيين ٿِئَا ڪيتِرَا نَالي تَان نِثَارُ،
سَدَا صَلاَبَتَ جِي، گولِي گِرُفِتَارُ.

داستان ٽئو
بيت - 1

لَڄَايَا مُنهَان، سَاجُهرِ ٿي سيڻَ وِئَا،
پييَنِ ڀَنڀورَان، سُڌِ مُنھِنجِيءَ ذَاتِ جِي.

بيت - 2

ڪو گهُمَندي گهورُ، آيُمِ ٻَاروچَنِ جو،
ڇَڏِيندِيَسِ ڀَنڀورُ، ھِنيُون ھِتِ نَہ وِندُري.

بيت - 3

ڇَڏِئو جَنِ ڀَنڀورُ، ڇَپَرُ تَنِ کي ڇَاڙِڪِي،
ھَمَ غَمَ لَٿَنِ ھور، وَڃِي ڪيچِ قَرارِئَا.

بيت - 4

ڀَنڀورَان ٻَاھَرِ ٿِي، مُون جي ڪِئَا سَڏَ،
ٻَاروچَاڻِيءَ لَڏَ، لَڪَ سويرَا لَنگهِئَا.

بيت - 5

ڀَنڀورَان ٻَاھَرِ ٿِي، اَمَڙِ مُون اَمَاڻِ،
اَسَان تو رِھَاڻِ، موٽِي ڪَا مَسَ ٿِئي.

بيت - 6

ڀَنڀورَ جَنِ سُکَنِ، مُون کي سَاٿَان کَارِئو،
ھَاڻي سَاڻُ ڏُکَنِ، تَان ڪِي ڏُونگَرُ ڏورِئَان.

بيت - 7

ڀَنڀورَان اُجَاڙَ، سَرَتِيُون سَکَرُ ڀَانيَان،
مُون سين تَنِهين پَاڻَ، ڏُکَان ھَڏِ نَہ اورِئو.

بيت - 8

اُجَاڙَان ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون سَکرُ ڀَانيَان،
آرِيَاڻِي اَتورُ، ڏِٺُمِ جِتِ اَکِيُنِ سين.

بيت - 9

ڀينَرُ ڀَنڀورَان، ڀَڄو تَان اُبَهو،
اَڳي ھِنَ مَاڳَان، سَرَتِيُنِ سُورَ پِرَايَا.

بيت - 10

ڪُلِهين ڦَاٽو ڪَنجِرو، مَٿو اُگهَاڙو،
مُنھِنجو ڪُڄَاڙو، ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾.

بيت - 11

ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونهُون،
سَوَارو سُونهُون، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي.

بيت - 12

ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهَايَلِ ٿِي گهَارِيَان،
سَڄَڻَ جي سَانگِ وِئَا، سيئِي ٿِي سَارِيَان،
سي ڪِيئَن وِسَارِئَان، جي وَٽَان مُون واٽَ ٿِئَا.

بيت - 13

گهورِئو ھِيءُ ڀَنڀورُ، مُون سَگُ ٻَاروچَن سين،
آھي آريچَنِ جو، ديوَانِيءَ کي دورُ،
سَندو ھوتَنِ ھورُ، مَرڪُ ٿِئو مَعذُورِ کي.

بيت - 14

وَرُ لَڪَنِ جِي لوڏَ، گهورِيَا سُکَ ڀَنڀورَ جَا،
جي تُون اَمَڙِ آڇِيين، سي مُون ڪَمِ نَہ اَچَنِ ڪوڏَ،
ھِنيين مُنھِنجي ھوڏَ، ٻَڌِي ٻَاروچَنِ سين.

بيت - 15

بُرو ھو ڀَنڀورُ، آرِيَاڻِيءَ اُجَارِئو،
لاَٿو سَڀَ ڪَنھِن لوڪَ تَان، ھَاڙِي ڌَڻِيءَ ھورُ،
ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکِيُون، پُنُهون مُنھِنجو پورُ،
آيو سو اَتورُ، جَنھِن ڏُکِيُون ڏِکَ وِھَارِيُون.

بيت - 16

ڀُلِئو سَڀِ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ ھوتَ نَہ ھَلِئو،
شَهرَ سُڃَاتو ڪِينَڪِي، آرِيَاڻِي اَتورُ،
مَارِئو تَنِي مورُ، جَنِي، ديکِئو دِلِ سين.

بيت - 17

جَنِي ديکِئو دِلِ سين، پُٺِيءَ سي پييُون،
تَہ پُڻِ ٿي وييُون، جي پُنُهُونءَ پَاڻُ لِڪَايو.

وائي - 1

لَڳو مَنجِهہ لَڪَنِ آيَلِ تَازو پيرُ پُنُهُونءَ جو،
نَڪي وَاؤ وِڃَايو، جهورِئو تَان نَہ جَهڪُنِ،
بورَائُو بَرَنِ جو، ريڙِھي مَنجِهہ رِڃُنِ،
کِهَہ کَٿُورِئَان اَڳَرِي، ھَاڻِي جَا ھوتَنِ.

داستان چوٿون
بيت - 1

ليڙَن لَنگهِي لَسَ، مَانبَاڻِئَان مَٿي ٿِئَا،
وَٺِي وَرُ وَاٽَ ٿِئَا، پُنُهُون ڄَامُ پَهَسَ،
ھُئَا وَڏِي وَسَ، ٻَاروچَا ڀَنڀورَ ۾.

بيت - 2

وَڏِي وَسَ ھُئَا، ٻَاروچَا ڀَنڀورَ ۾،
وَڃِي ڏُورِ پِئَا، سَانگَنِ لَڳِي سُپِرِين.

بيت - 3

سَانڍِ پَنهِنجِي سَاھِہ، نَہ تَہ ٻَانهِين ٿِي ٻُراَ ڪَرِيَان،
وَاڳِيُون جي وَرَنِ، تَنِ سَرَتِيُنِ سيڄَ سُهَاءِ،
تيلاَھِين طَعنَا ڏِيين، جي مُون جِيئَن مُٺِيئَن نَہ مَاءِ،
آرِيءَ جي آڪَاھِہ، رُلاَيَسِ روھَنِ ۾.

بيت - 4

مَاءُ وِھَاڻُو وَارِ، کَڻُ پَٿِرَاڻِي پَانھِنجِي،
جيڪِي ڏِنُئِي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سَارِ،
وَڃَان ٿِي وَڻِڪَارِ، ڏِٺُمِ پيرُ پُنُهونءَ جو.

بيت - 5

ڇِپُون ڇِپَرَ کَٽَ، پَهَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀَايَان،
جِتي رَھَان رَاتَڙِي، مِرُون مُون مَئِٽَ،
سيڻَنِ جِيءَ سَهَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئلِيِ ٿِئو.

بيت - 6

ٻيلِيَاڻِي ٻَروچَ، ڏِنِي سِڪَ سَسُئيءَ کي،
لوڪَ وِچَان ئِي لوچَ، پَهچَائي پُنُهونءَ کي.

بيت - 7

مُنھِنجو پَاڙيچيَنِ، ڪَچو ڪو نَہ ڍَڪِئو،
پَاسي چَڙِھِي پُنُهونءَ جي، ذَاتِ سَلَتِي جَنِ،
تيلاَھَہ ٻَاروچَنِ، نِڌَرَ ڇَڏِي نِنڊَ ۾.

بيت - 8

پَاڙِيچِيءَ روئِي، چَاڪَ مُنھِنجَا چورِئَا،
پَگهَرُ وِجهَندِيَسِ پِرِينءَ جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي،
سَاجَنِ سَڀوئِي، سَاھُہ اَوَھَان تَان صَدَقي.

بيت - 9

پَاڙي نَاھَہ پَروڙَ، تَہ ڪَا رَاتِ رَنجَائي گُذِرِي،
ٻَانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، گهَائي وِڌِي گهُورَ،
ھِڪَ سَسُئِي ٻِئَا سُورَ، وِئَا پِٽِيندَا پَاڻَ ۾.

بيت - 10

ھُيَسِ جي آئُون، ٻَانِهِي ٻَاروچَنِ جِي،
ھُوندَ نَہ ڇَڏِيَائُون، ڏُکِيءَ کي ڏُکَنِ ۾.

بيت - 11

آئُون جي ھُيَسِ ھَڏُ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو،
سَاٿِ لَڏيِندي سَڏُ، مَان نَہ ڪوھِيَارَا ڪَرِينِ مُون.

بيت - 12

ھُيَسِ جي سِيَاءُ، تَہ ڪِئَمِ ڏُکَ ڏيرَنِ تي،
اَدَبَ وِچَان اُنِ سين، ڳَالِهِہ نَہ ڪِئَمِ ڪَا،
ذَاتِ مُنھِنجِي مَاءُ، ڪچو ٿِي ڪيچِيَنِ کي.

بيت - 13

جي ڏُونگَر مُون مَنجِهہ ڏُکَ، سي پَڌَرِ پُونِ مَ پِرِينءَ ري،
وِھَڻُ مُون وِھُہ ٿِئو، ڪيرَسَانڍيندِي سُکَ،
ھُيمَ ھوتَنِ سين چُکَ، سَڄو سَڱُ نَہ سَارِئَان.

بيت - 14

ٻيُون سَڀِ سَڱِيڻِيُون سَرَتِيُون، مُون چُکَ سين چَاءُ،
اَندَرِ آھي ڳَالَهَڙِي، ڪوھِيَاري جِي ڪَا،
لَڳُمِ ذَرو وَاءَ، سَڄوسَڱُ نَہ سَارِيَان.

بيت - 15

نَڪِي ٿِئَان سَڱُ ۾، نَڪِي سَڱِيڻِي،
آھِيَان ڪَميڻِي، ذَاتِ ٻَاروچِيءَ نَہ جُڙَانِ.

بيت - 16

مُون سَڱُ ھُئَڙو جَنِ سين، سي وَڃِي ٿِئَا ڪيچِ قَرَارِ،
رُئَان زَارورزَارِ، ھَاڻي تَنِ پِريَنِ کي.

بيت - 17

آن جي ڏِٺَا ھُونِ، اَللہَ ڪَارَڻِ ڳَالِهہ ڪَرِيو،
نيڻَ مُنھِنجَا رُونِ، رَاتو ڏِينهَان اُنِ کي.

بيت - 18

حُسَينِي حُسَينَ عہ لَئِي، بِيبِيءَ پَاڻَ چَئِي،
تِهَانپوءِ پَئِي، خَيَرَ ٻِيءَ خَلَقَ کي.

بيت - 19

حُسَينِيءَ جي ھَاڪَ، مَادَرِ مَارِي آھِيَان،
ڏيهَان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، رَاتِيَان چِڻِڪَنِ چَاڪَ،
ڊِڄَان ڀَرِ فِرَاقَ، جِمَ پوئيمِ پِرِينءَ سين.

بيت - 20

جيڪي فِرَاقَان، سو وِصَالاَن نَہ ٿِئي،
اَچي اوطَاقَان، مُون کي پِرِينءَ پَاسي ڪِئو.

بيت - 21

وِصَالاَن وِچُ پِئو، ڦِرِي آءُ فِرَاقَ،
جي ٿي چِڪئَمِ چَاڪَ، پِرِينءَ گَڏِجِي پُورِئَا.

وائي - 1

ڏِيندِيَسِ مَاھُہ مِرُنِ کي، آئُون ذَرَا جِيءُ ڪَري، اي ھوتَا،
ڏيئِي بَاھِہ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري،
آرِيَاڻِيءَ پُنُهُونءَ ري، ھَڏِ نَہ سَاھَہ سَري،
جَنڊِي پَايو جَانِ ۾، ڏُکرِي ڏُکَ ڏَرِي،
آءُ اورَاھُون سُپرِين وَڃُ مَ پِيءَ پَري،
مُون ڏِٺِي مُون وِسَهو، وِرچِي تَان نَہ وَري،
ڏُکِيءَ جي ڏيکارِيين، ڌَرَان مُنھَن مَري،
پِيَالي پِريَنِ جي، موھِيَسِ ميٺَ کَري،
آرِيءَ جِي عَشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري،
توکي توءِ نَہ ڇَڏيَان، جي وَڃَان ڀُون تَري،
ڌَڙُ وِجَهندِيَسِ ڌُوڙِ ۾، مَٿو ڌَارَ ڌَري،
ھَلَڻُ سُڻِي ھوتَ جو، ڏُکِي پَسُ ڏَري،
پِرِين کَڻِجِ پَانھِنجُون، اکِيُون ٻَاجَهہ ڀَري.

وائي - 2

ڪوھِيَاري جِي ڪَا مَاريندِيَمِ مَاءَ، جَا مَنَ اَندَرِ ڳَالَهَڙِي،
چَڙھَان ڏَاڍِين ڏُونگَرين، سُپيرِيَان جي سَاءِ،
ھوتَ ھَلَنِ آئُون وِھَان، تَان ڪَا اِيءَ جُڳَاءِ،
نِهَارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، ھَاڙھو ھوتَنِ لاَءِ،
پَانڌِيئَڙَا پيرَ ڀَري، پِريَان کي پَهچَاءِ،
مَوليٰ مُون کي ميڙيين، سَندِيءَ جَانِبَ جَاءِ،
سَسُئِيءَ جي سِڙيءَ کي، اوڏاھِين اُٺَاءِ،
پيرَاندِيءَ پُنُهُونءَ جي، مُنھِنجو لوڙُھُہ لَٽَاءِ.

داستان پنجون
بيت - 1

وِئو جَاڳَائِي جَتُ، ويري ڪَنھِن وِلاَتَ جو،
سَندو سُورَنِ خَطُ، ڏِنُمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.

بيت - 2

سِرِ جِي تَان سورَ، سَامَائِي تَان سَامَائِي تَان سُکَ وِئَا،
اِھي ٻَئِي پُورَ، مُون نِمَاڻِيءَ نِصيبُ ٿِئَا.

بيت - 3

ھُو جي سُورَ سُڄَنِ، مُون پِينگهي ۾ پِرَايَا،
سَانڍِيَاسِ سُکَنِ، سُورَنِ ڪَارَڻِ سَرَتِيُون.

بيت - 4

سُورَنِ سَانڍِييَاسِ، ڏُکَن نِپَايَاسِ،
سُکَنِ جي سَيدُ چَئي، پُکي نَہ پييَاسِ،
جيڪُسِ آئُون ھُيَاس، گُرِي گُوندَرَ وَلِ جِي.

بيت - 5

ڏُکَ رُئَان سُورَ، آيَلِ ٻَاروچَنِ جَا،
اَڌَمِئو آڌِيءَ رَاتِ جو، پُومِ پَلَٽِئو پُورَ،
ھِڪَ آئُونُ مَعذُورِ، ٻِئو ھَٿَان مُون ھوتُ وئو.

بيت - 6

سُورَ مَ وَڃيِجَا، سَڄَڻُ جِيئَنِ سَانگِ وِئو،
پِرِينءَ پُڃَاڻَا، آئُون اَوَھَان سين اورِيَان.

بيت - 7

سُورَ مَ مَٽِجِ سَاءُ، آئُون نِوَڪِڻِي آھيان،
وَڃُ مَ ويلَ ڪَنھِن، وِرَھَہ مُون وَٽَان،
تُون پَڻِ تَڏِھِين جَا، جَڏِھِين ٿِئَان ھيڪَاندِي ھوتَ سين.

بيت - 8

سُپيريَان جي سُورَ جي، ڪَنھِنکي دُڪِي دُکَ،
ڏُکِيءَ وَٽَان ڏُکَ، وَڃَنِ نَہ ويرَ ڪَهِين.

بيت - 9

سُورَائِتِي سَڏَ، ڪَري سَڏَ سُورَنِ کي،
سُورَنِ ڀَڳَسِ ھَڏَ، سي پَڻِ سيڪي سُورَ سين.

بيت - 10

سُورَ مَ ڏي ڌُوڻَ آئُون اَڳيئِي ڪَانهِري،
ڦَٽَ اَڳيئِي ڦَٽِيَا، تُون لَپُون آڇِ مَ لُوڻَ،
جَا پَرِ پَروڻَ، سَا پَرِ مُنھِنجي جِندَڙي.

بيت - 11

چَاڪَ اُڀرِئَا، ڪُو مَاڻَا ڪَڙِيُون ڪَري،
لَڳي ڌَڪَ لَڪَنِ سين، چُرِي چَاڪَ پِئَا،
ڏَيرَنِ ٻِئَا ڏِنَا، ڏَنڀَ ڏُکَندي سَامُهَان.

بيت - 12

تَنِ سُورَنِ کي شَابَاسِ، جَنِي مُونسين گهَارِئو،
ھُئَا ھَمَاري پَاسِ، ٻيلِي ٿِئَڙَمِ ڇَپَرين.

بيت - 13

سُورَنِ لَڌو سَنجُهہ، پَاڻَهِين پيهي آيَا،
ڪَنهِن کي ڏِيَان مَنجُهہ، مَرُ ٿَا چِڻِڪَنِ چِتَ ۾.

بيت - 14

سُورَنِ سَانگهَارو، ڏُکِيءَ ڏِنُو ڪو نَہ ڪو،
آيَلِ اوڀَارو، ٻَاڙ وڌو ٻوڙَ وَھي.

بيت - 15

سَانگهَارو سُورَنِ، ڪَڏِھِينِ تَان ڪو نَہ ڏِنُو،
ٻَائِڙَ ٻوڙَ وَھَنِ، ڪَالُهُوڻِئَا اَڄُ گهڻُون.

بيت - 16

لُڇُڻُ نَہ لاَھِينِ، گُوندَرَ ھِنَ غَرِيبِ تَان،
پَرِ ۾ پَچَائِين، جِيجَان جوشَ جَتَنِ جَا.

بيت - 17

سُورَ نَہ سَاڱَاھِين، ڏِينِ اُڌَمَا اوچِتَا،
مُون کي مُون پِريَنِ جَا، اَمَيَا آھِينِ،
لَڄُون جي لاَھِينِ، سيئِي ٿِيَمِ سَامُهَان.

بيت - 18

مِڙِي سُورَنِ وَارِيُون، ڪَرِئو سُورَ پَچَارَ،
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَڪَنھِن، ڪَانِهي سُورَان ڌَارَ،
ڪَرَمِ لِکِئَا ڪَاپَارِ، سي مُورَان موٽَنِ ڪِينَڪِي.

بيت - 19

مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَڪَنھِن، مُون وَٽِ وَٿَاڻَانِ،
ڀَرِيُون ڪِئو ڀُڻَانِ، وِئَا وِھَائُو نِڪِري.

بيت - 20

وِئَا وَرَائي جيڏيُون، مُون ڏُکِيءَ کي ڏُکَ،
ويٺِي سَارِئَان سُکَ، ھيڪَاندِيءَ ھُئَامِ جي.

بيت - 21

سُورَ پِہ ڀَتو ڀَتِ، ھِي چِڻِڪِئو ڪِي ٻِئو،
پِريَتَڻِي پِريَنِ جي، مَاءُ مُنجهَايَمِ مَتِ،
ڀينَرُ ڀَلِيءَ ڀَتِ لَڳُمِ ٻَاڻُ ٻَروچَ جو.

بيت - 22

لَڳُمِ ٻَاڻُ ٻروچَ جو، ڪَرَھَا ٿِئَا قَزاقَ،
اَھُکِي جَا اُٺَنِ کي، سَامَيَنِ پَوي مَ مَاڪَ،
اَکِيُنِ خورَاڪَ پَسَڻُ پَرَڏيهنِ جو.

بيت - 23

لَڳُمِ ٻَاڻُ ٻَروچَ جو ، وَسَان ٿي وييَاسِ،
پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پييَاسِ،
توڻي مَاءَ مُيَاسِ، تَہ پُڻِ ڪَاڍو ڪيچَ ڏي.

بيت - 24

لَڳُمِ ٻَاڻُ ٻَروچَ جو، اَمَڙِ جَهلِ مَ مُون،
روئِي رَڱِندِيَسِ رَتَ سين، ڪيچَان اوري ڀُون،
مَادَرِ مَٿَان مُون، ڪَانگَ لَوَندَا ڪيچَ جَا.

بيت - 25

ڏُکُ لَڳو ڏُونگَرُ ٻَرِئو، ڀينَرُ کَاڻِي ڀُون،
مَنَان لاَٿو مُون، سَندو جِيئَڻ آسَرو.

بيت - 26

ڏُکويُون ڏيهَان، جيڪَسِ لَڏي وييُون،
ھَاڻي ڪَنِ مُلاَ، پُڇَان پِريَنِ خَبَروُن.

بيت - 27

ڏُکويِنِ اُھڃَاڻُ، ڪُلِهين ڦَاٽو ڪَنجرو،
وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪَ نَہ آڇينِ پَاڻُ،
سُورَنِ تَنِي سَاڻُ، نَنڍَاڪُون نِينهُن ڪِئو.

بيت - 28

ڏُکويُون ڏُسڪَنِ،ڪَانَہ ڏُسڪي ڏُکَ ري،
جَنِ وَٽَان ھوتَ وَڃَنِ، سُڌِ سَڀَڪَا اُنِ کي.

بيت - 29

نَڪَا ڏُکوِئي، نَڪَا پَسَان ڏُکَ سين،
جَنهِن سين روئِي، لاَھِيَان سُورَ سَرَتِيُون.