
عنوان | شاھ جو رسالو - 1269 ۽ 1270 ۾ لکيل |
---|---|
شارح / محقق | ڊاڪٽر بلوچ (1269-1270 ھ) |
ڇپائيندڙ | ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ |
ڇپجڻ جي تاريخ | 2014-01-01 |
ايڊيشن | 2 |
سرود ڪلياڻ
فصل اول
بيت - 1
اولِ اللهُ عليمُ، اَعليٰ عالمُ جو ڌڻِي
قادرُ پنهنجِيَ قدرتَ سين، قائمُ آهِ قديمُ
والي، واحدُ، وحدهٗ، رازقُ ربُ رحيمُ
سو ساراه سچو ڌڻي، چئي حمدُ حڪيمُ
ڪري پاڻَ ڪريمُ، جوڙون جوڙَ جهانَ جيون.
بيت - 2
وحدهٗ لاشريڪ لہٗ، جان ٿو چَئين ايئَن
تان مڃ محمّدُ ڪارڻي نِرتُون منجهان نِيهَن
تان تون وڃئو ڪيئَن، نائين سرُ ٻئنِ کي.
بيت - 3
وحدهٗ لاشريڪَ لہٗ، جڏهن چَيو جَنِ
تَنِ مڃئو محمّدُ ڪارڻي، هيجان ساڻُ هِنئَنِ
تڏهن منجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَه اولِئو.
بيت - 4
وحدهٗ لاشريڪ لَہ، جَنِ اُتو سين ايمانَ
تَنِ مڃئو محمّدُ ڪارڻِي، قلبَ ساڻُ لِسانَ
اُوءِ فائقَ ۾ فرمانَ، اَوَتڙِ ڪَنہ نه اولِئا.
بيت - 5
اَوتڙِ ڪَنہ نه اولئا، سُتڙِ وِئا سالِمَ
هيڪائِي هيڪُ ٿئا، اَحدَ سين عالِمَ
بي بَها بالِمَ، آگي ڪِئا اڳهين.
بيت - 6
آڳي ڪئا اڳهين، نسورو ئِي نُورُ
لاَ خَوفٌ عَلَيهِم وَلاهُم يَحزَنُونَ، سَچن ڪونهي سورُ
مولي ڪِئو معمورُ، انگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جي.
بيت - 7
وحدهٗ جي وَڍِئا، اِلااللهِ سين اورِينِ
هِنيون حقيقت گڏئو، طريقتَ تورِينِ
معرفتَ جي ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِينِ
سُکُ نه سُتا ڪَڏهِين، ويهِي نه وَوڙِينِ
ڪُلهنِئون ڪورِينِ، عاشقَ عبداللطيفُ چَي.
بيت - 8
وحدهٗ جي وڍئا، اِلا اللهِ اَڌَ ڪِئا
مُحَمّدُ رسُولُ چَئِي، مسلمانَ ٿِئا
عاشقُ عبداللطيفُ چَي، اِنِهين پَہ پئا
جيلاه ڌڻيَ ڌُئا، تيلاه وِئا وحدتَ گڏجي.
بيت - 9
وحدهٗ جي وڍئا، اِلا اللهِ ڪِئا اَڌَ
سي ڌڙَ پَسي سَڌَ، ڪَنہ اَڀاڳي نه ٿِيي.
بيت - 10
وحدهٗ لاشريڪَ لَہٗ، ٻُڌوئِي نه ٻوڙا
ڪِ تو ڪنين نه سُئا، جي گهَٽِ اندرِ گهوڙا
ڳاڙِيندين ڳوڙها، جِتِ شاهِدَ ٿيندئِي سامُها.
بيت - 11
وحدهٗ لاشريڪ لہٗ، اِيُ وِهائِجُ وِيُ
کَٽين جي هارائيين، هَنڌُ تُهنجو هيُ
پاڻا چُوندا پيُ، ڀري جامُ جنتَ جو.
بيت - 12
سِرُ ڍُونڍيان، ڌڙُ نه لها، ڌڙُ ڍونڍيان سِرُ ناهِه
هَٿَ، ڪَرايُون، آڱِريُون، وِئا ڪپجِي ڪاهِ
وحدتَ جي وِيهاءِ، جي وِئا سي وَڍِئا.
بيت - 14
عاشقُ چؤ مَ اُن کي، مَ ڪِين چؤ معشوقُ
خالقُ چؤ مَ خامَ تون، مَ ڪِين چؤ مخلوقُ
سَلِجُ تِنہ سُلوڪُ، جو ناقِصِيَا نِڱِئو.
بيت - 15
وحدتان ڪثرتَ ٿي، ڪثرتَ وحدتَ ڪُلُ
حقُ حقيقي هيڪڙو، ٻوليَ ٻِيَ مَ ڀُلُ
هو هُلاچو هُلُ، سڀوئي سندو سڄڻين.
بيت - 17
پاڻِہ جَلَ جَلالہٗ، پاڻِہ جانِ جَمالُ
پاڻِہ صورت پِريَ جي، پاڻِہ حسنُ ڪمالُ
پاڻِہ پيرُ مريدُ ٿِيي، پاڻهين پاڻَ خيالُ
سَڀُ سَڀوئِي حالُ، منجهائِي معلومُ ٿيي.
بيت - 19
پاڻهين پَسي پاڻَ کي، پاڻهين هِيُ محبوبُ
پاڻهين خلقي خوبُ، پاڻِہ طالبُ تَنِ جو.
بيت - 20
سو هِيُ، سو هُو، سو اَجلُ، سو اَللهُ
سو پرين، سو پَساهُه، سو ويرِي، سو واهرُو.
بيت - 23
پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيَ جو جي لَهين
هُئا اَڳَهيُن گڏُ، ٻُڌڻَ ۾ ٻه ٿئا.
بيت - 24
ايڪُ قَصَرُ دَرَ لکَ، ڪوڙين سَهسِ ڳِڙِکِيُون
جيڏانہ ڪريان پَرَکَ، تيڏانہ صاحبُ سامُهون.
بيت - 25
ڪوڙين ڪايائون تُنهنجون لکَنِ لَکَ هزارُ
جِيُ سَڀَڪنہِ جِيَ سين، درِ سن ڌارو ڌارَ
پِريَمِ! تنهنجا پارَ، ڪِهِڙا چَئِي ڪيئن چُئَان.
وائي - 1
سَڀَڪا پِريان ڪُون پوڄي،
نينہ نيڻين ڳُڻُ ڳالِ وو!
جا چِتايَمِ چِت ۾، سَڄڻُ سا ٿو ٻُجهي
لات جا لطيفَ جِي، سَڏِ تَنهِن جي سُڄي
فصل دويم
بيت - 1
اگهي اُگهائِي، رنجُ پِريان کي رسِئو
چَکيَمِ چڱائي، سورانگهي سورِيَ تان.
بيت - 2
اَندا اُونڌا ويڄَ، کَلَ ڪُڄاڙِئا کائِيين
اسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تون پِياريين پيڄَ
سورِي جَنين سيڄَ، مَرڻُ تَنِ مُشاهِدو.
بيت - 3
سورِيَ سَڏُ ٿِئو، ڪا هلندِي جيڏيون!
وڃڻُ تَنِ پِئو، نالو نينہَ ڳِنَهنِ جي.
بيت - 4
سوري سڏَ ڪري، اُڀِي عاشقنِ کي
جي اَٿيئِي سُڌَ سِڪڻَ ۾ ته ڪَؤ م پيرُ پَري
سِسي ڌارَ ڌري، پڇج پوءِ پِريَتَڻون.
بيت - 5
سورِي آهي سينگارُ، اصلُ عاشقنِ جو
مرڻُ موٽڻُ مِيهَڻون، ٿئا نظاري نروارُ
ڪُسڻَ جو قرارُ، اصلُ عاشقنِ کي.
بيت - 6
سورِي سينگاري، اصلُ عاشقن کي
لُڏئا ڪينَ، لطيفُ چَي، ٿئا نيزي نظاري
ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙهي اُنِ کي.
بيت - 7
سوريَ مٿي سيڻَ، ڪِهَڙي ليکي سَنَرا
جيلَہِ لڳا نيڻَ، ته سُورِيائي سيڄَ ٿي.
بيت - 8
سوريَ چڙهڻُ، سيڄَ پَسڻُ، اِيُ ڪمُ عاشقنِ
پاهُون ڪِينَ پَسنِ، سائُو هَلَنِ سامُهان.
بيت - 9
سوريَ جي سَئو وارَ، ڏِيهاڻِئو چَنگَ چَڙهي
جِمَ ورچي ڇَڏِيين سِڪَڻَ جي پَچارَ
پِرتِ نه پَسِين پارَ، نينہُ جئائين نِڱئو.
بيت - 10
پِهرين ڪاتِي پاءِ، پڇيجُ پوءِ پِريَتڻو
ڏکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄٽ جئن وَڄاءِ
شِيخُنِ ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِنُئِي نينہَ جو.
بيت - 11
ڪاتيَ ڪونهي ڏوهُه، ڳَنُ وَڍيندڙَ هٿَ ۾
پَسِئو پَرِ عظيمَ جي لُڇئو وڃي لوهُه
عاشقنِ اندوهُ، سدا معشوقنِ جو.
بيت - 12
ڪاتي تِکي مَ ٿيي، مَرُ منِيَائِي هوءِ
مانَ ورمَنِ توءِ، مون پِريان جا هَٿَڙا.
بيت - 13
ڪاتي جا قريبَ جي، سا هَڏُ چيري چَمُ
عاشقن پنهنجو اَڱُ، للهِ ڪارَڻِ وَڍِئو.
بيت - 14
جي تون سِڪڻُ، سِکِئو، ته ڪاتيَ پَئيَ مَ ڪَنجهُه
سُپيريان جي سورَ جو، ماڻهنِ ڏجي نه مَنجهُه
اندرِ اِيُ اهنجُ، سانڍجِ سُکائون ڪَري.
بيت - 15
جان وَڍيين تان ويهَه، ناتَه وٺئو واٽَ وانءُ تون
هِيُ تَنِ جو ڏيهُه، ڪاتي جَنين هٿَ ۾.
بيت - 16
ڪاتِي جَنِ ڳَري، مان! لنءُ لڳِي تَنِ سين
محبتَ جي ميدانَ ۾، وڃان پيرَ ڀَري
اَڏيَ سِرُ ڌري، مانَ ڪُهَنِهُون سپرين.
بيت - 17
اَڳئان اَڏَنِ وَٽُ، پويَنِ سِرَ سنڀائِيا
ڪاٽِ ته پُوئين قبولَ ۾، مُڇُڻ ڀائيين گهَٽِ
مٿا مَهايَنِ جا، پِئا نه ڏِسين پَٽِ
ڪَلاڙَڪي هَٽِ، ڪُسڻَ جو ڪُوپُ وَهي.
بيت - 18
جي اٿيئي سَڌَ سُرڪَ ۾، وَنءُ ڪلاڙنِ ڪاٽي
لاهي رکُ، لطيف چَي، مٿو وٽِ ماٽي
تِڪَ ڏيئِي، پِڪ پيُ تون، منجها گهوٽ! گهاٽي
جو وَرَنَہَ وِهاٽي، سو سِرَ وٽِ سَرو سانگهو.
بيت - 19
جي اٿيئي سڌ سرڪَ ۾، وَنءُ ڪلاڙَڪي هَٽِ
لاهي رک، لطيفُ چَي، مٿو ماٽي وٽِ
سِرُ ڏيئي ۾ سَٽِ، پِيجِ ڪي پِيالِيُون.
بيت - 20
جي اٿيئِي سڌَ سرڪَ ۾، وَنءُ ڪلاڙڪِي ڪُوءِ
مَهيسَرَ جي مَنڌَ جي، هُت هَڏِهِين هُوءِ
جا رَمزَ پَروڙيَمِ رُوءِ، تان سر وَٽِ سُرڪِي سَڳُڻِي.
بيت - 21
جي اٿيئي سڌَ سرڪَ ۾، وَنءُ ڪلاڙڪي گهرِ
وڍڻُ، چيرڻُ، چِچرَڻُ، پَهَتِ اُنِي جي پَرِّ
جي وَٽِي پوئِي وَرِّ، ته سَهنُگِي آهي، سيّد چَي.
بيت - 22
ناڻي ناهِه ڪَڪُوهُ ڪِين مُلِ مَهنگو مَنڌُ
سَنباهيجُ، سيّدُ چَي، ڪاٽَڻِ ڪارَڻِ ڪنڌُ
هيُ جَنين جو هنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
بيت - 23
عاشقَ زهرَ پِياڪَ، وِهُ پَسئو وِهسَنِ گهڻو
ڪَڙي ۽ قاتلَ جا، هميشہ هيراڪَ
لَڳيَنِ لَنءُ، لطيف چَي، فنا ڪِئا فراق
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، ته په آه نه سَلَنِ عامِ کي.
بيت - 24
مَ ڪَرِ سَڌَ شراب جي، جو تون ٽاريين ٽُوهُ
پِيتي جِنہ پاسي ٿِيي، منجها رَڳُنِ روحُ
ڪاٽي چَکُ ڪَڪوهُ، لاهي سرُ، لطيف چَي.
بيت - 25
سَڌِڙِيا شرابَ جُون، ڪُہ پَچارُون ڪَنِّ
جُہ ڪاتَ ڪلالَنِ ڪڍِئا، ته موٽئو پوءِ وڃَنِ
پِڪُون سي پيَّنِ، سِرَ جَنِ جا سَٽِ ۾.
بيت - 26
سِرَ جُدا، ڌڙ ڌارَ، دوڳَ جَنِ جا ديڳ ۾
سي مَر ڪَنِ پچارَ، حاضُرُ جَنين هٿَ ۾.
بيت - 27
ديڳين دوڳَ ڪَڙُهنِ، جِتِ ڪَڙهَي ڪَڙڪو نه لَهي
تِتي طبيبَنِّ، چاڪَ چِڪَندا ڇَڏئا.
بيت - 28
سِسِي سي گهرنِ، جي وارِيندڙَ وِچ ۾
او ڪِئن ٻِئو پُڇنِ، سَرو جَنِ سَنڀائيو.
بيت - 29
اصلُ عاشقَ پاهِنجِي، سِسِي نه سانڍينِ
لاهيو سِرُ، لطيفُ چَي، ساهَ سَلهاڙِئو ڏينِ
ڪُلَهنِئون ڪاٽينِ، عاشقَ عبداللطيفُ چَي.
بيت - 30
اصلُ عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻُ ڪَمُ
سَؤ سِسِنئان اَڳَرو، سندو دوسان دَمُ
هِيُ هَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِيَ نه پَڙي.
بيت - 31
جي مٿي وَٽِ مِڙَنِ، ته سَڀَڪَنہِ سَڌَ ٿِي
سِرَ ڏني سَٽِ جُڙي، ته عاشقَ ايئن اچَنِ
لِڌا تي لَڀَنِ، مُلِ مَهنگا سُپُرين.
بيت - 32
مُلِ مَهَنگو قَطَرو، سِڪَڻُ شهادَتَ
اَسان عبادتَ، نَظَرُ نازُ پِرينِ جو.
فصل سيوم
بيت - 1
اُٿِيَاري اُٿِي وِئا، منجها مون آزارُ
حبيبَ ئِي هڻِي وئا، پِيڙا جي پچارَ
طبيبَنِ تَنوارَ، هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون.
بيت - 2
هڏِ نه وڻي هاڻِ ٿو ويڄنِ جو وصالُ،
هِنَ مُهِنجي حالَ، حبيبُ ئِي هادِي ٿِئو.
بيت - 3
حبيبُ ئي هادِي ٿِئو، رَهنما راحَتَ
پِيڙا نِئائِين پاڻَ سين، لائي ڏيئِي لَتَ
سُپيريان صحتَّ، ڏِنِيَمِ منجها ڏُکَندي.
بيت - 4
اَورِ ڏُکندو اُو ٿِيي، هادي جِنہِ حبيبُ
تِرُ تفاوَتُ نه ڪري، تِنہِ کي ڪو طبيبُ
رهنُما رقيبُ، ساٿَرِ آهي سُپِرين.
بيت - 5
ساٿَرِ صِحَتُ سُپِرين، آهي نه آزارُ
مَجلسِ ويرُ مِٺو ٿِيي، ڪوٺِيندي قهارُ
خنجرُ تِنہِ خوبُ هڻي، جنہ سين ٿيي يارُ
صاحِبُ ربُ ستارُ، سوجهي رَڳُون ساهَه جيون.
بيت - 6
رڳون ٿِيون ربابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪنهِين
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿيي، جانب ري جوابُ
سوئِي سَنڌيندُمُ سپرين، ڪِيَسِ جِنہِ ڪبابُ
سوئِي عينُ عذابُ، سوئِي راحت روح جِي.
بيت - 7
سوئِي راهَ رَد ڪري، سوئِي رهنُما
وَ تُعِزُّ مَن تَشَاءُ وَ تُذِلُّ مَن تَشَاءُ.
بيت - 8
پَرِ ۾ پڇئائُون، عشقَ جي اسباب کي
دارُونُ هِنَ دردَ جو، ڏاڍو ڏَسئائون
آخِرُ ”وَالعَصرِ“ جو، اِيَهِين اُتائون
تِهان پوءِ آئون، سِڪان ٿِي سلامَ کي.
بيت - 9
سِڪين ڪُہُ سلامَ کي، ڪريين ڪُہُ نه سلامُ
ٻِئا دَرَ تَنِ حرامُ، هِيُ دَرُ جَنين ديکِئو.
بيت - 10
مِٺايان مِٺو گهڻو، ڪَڙو ناهِه ڪلامُ
سُڪُوتَ ئي سلامُ، پريان سَندي پارَ جو.
بيت - 11
پريان سندي پارَ جِي، مِڙَئي مِٺائي
ڪانهي ڪَڙائِي، چکِين جي چيتُ ڪري.
بيت - 12
ڄاڻِي ٻُجهي جَنِّ، توسين سُورَ سَنڃَ ڪِي
تون ڪِئن سندِيون تَنِّ، پَرَ سين پچارون ڪَرين.
بيت - 13
تو جَنِي جي تاتِ، تَنِ پُڻ آهي تُهِنجِي
’فَاذڪُرُونِي اَذڪُرڪُم‘، اِيَ پروڙج باتِ
هَٿِ ڪاتِي ڳُڙُ واتِ، پڇڻُ پَرِ پرينِ جِي.
بيت - 14
حبيبنِ هيڪارَ، منجها مِهرَ سڏُ ڪِئو
سو مون سڀُ ڄمارَ، اورڻُ اُهو ئِي ٿِئو.
بيت - 15
پاٻوهي هيڪارَ، مونکي پُڇئو سڄڻين
اَلَستُ بِرَبِّڪُمُ، چيائون جِنہِ وارَ
سندِي سُورَ ڪِنارَ، تَنَ تڏاڪُون نه لهي.
بيت - 16
پاٻوهِيو پڇنِّ، ڪٿي هٽُ حبيبَ جو
نيزي هيٺان نينہَ جي، پاسي پاڻُ نه ڪَنِّ
عاشقَ اَجلَ سَامُها اُونچِي ڳاٽِ اچنِّ
ڪُسڻُ قُربُ جَنِّ، مرڻُ تَنِ مُشاهِدو.
بيت - 17
ڪوٺي ڪُهي سُپرين، ڪوٺي ڪُهَڻَ ساڻُ
نيزي هيٺان نينہَ جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ
ڄُلُ وڃائي ڄاڻُ، عاشق اَجلَ سامُهُون.
بيت - 18
ڪوٺڻُ قريبنِ جو، عَينُ تَڙڻُ آهِه
اِيَ اُلٽِي ڳالَهڙِي، سِکُ وَرَندِي ساهِ
آسَرَ هَڏِ مَ لاهِ، ڇِنَڻُ ڳنڍڻُ اُنِ جو.
بيت - 19
ڪُهَنِ تان ڪَرَ گهُرنِ، جان ڪَر لَهَنِ تان ڪُهَنِ
سيئِي ماءِ مُهَنِّ، سيئِي راحتَ روحَ جي.
بيت - 20
ڪُهي سو ڪَرَ لَهي، ڪوٺي سو قريبُ
اِها عادتَ سِکئو، هر زمان حبيبُ.
تڇي سو طبيبُ، سو ئِي راحتَ روحَ جِي.
بيت - 21
ڪُهَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيَ پَرِ سندِي سڄڻين
سورِيَ چاڙهِئو سُپرين، ڏَنڀَ ڏِيهاڻِئو ڏِينِ
ويٺا وِرهُه وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئا! وِهَاءِ تون.
سرود جمن
فصل اول
بيت - 1
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دردَ جي دوا
جانب! منهنجي جيَ ۾، آزَرَ جا انواع
صاحب! ڏي شفاعَ، ميان! مريضن کي.
بيت - 2
تون حبيب، تون طبيب، تون درد جو دارُون
دوا آهِينِ دِلَ کي، تهنجيون تَوارُون
ڪَريان تي ڪارُون، جئن ٻُڪِي ٻِئَنُؤن نه ٿِيي.
بيت - 3
تون حبيب، تون طبيب، تون هِين ڊَٺَنِ ڊَڀُّ
تون ڏيين، تون لاهيين، تون هِين هادِي رَبُّ
آهِمِ اِيُ عجبُ، جئن وارِئو ويڄَ وِهاريين.
بيت - 4
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دارُون کي دَردَنِّ
تون ڏيين، تون لاهِيين، ڏاترَ! کي ڏُکندنِ
تَڏِنہ ڦَڪيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏِنہ اَمرُ ڪَرِهو اُنِ کي.
بيت - 5
جان ڪِي ڪَري طبيبُ، دارُون هِنَ دردَ جا
هَڻِؤ سي حبيبُ، اُکوڙِئو اَڌَ ڪري.
بيت - 6
هَڻُ حبيبَ هٿُ کڻِي، ٿيڪَ مَ، ٿورو لاءِ
پِريِن تُھنجي گهاءِ، جي مران ته مانُ لَھان.
بيت - 7
هَڻُ حبيبَ هٿُ کڻِي، دل ۾ ڌيرِي دانھَ
ڪُڇان تان ڪُوڪَ ٿِيي، صبرُ آءٌ نہ سَھان
ڪِھِن کي ايئن چُوان، تہ مونکي مارِئو سَڄڻين.
بيت - 8
ھڻ حبيبَ ھٿُ کڻي، ٻَنگا لَھِي ٻاڻُ
ماڳِھِن مون مِہُ ٿِيي، جهولِيَ وجهان پاڻُ
اِنَ پر ساڄَنَ ساڻُ، مانَ مقابلو مون ٿِيي.
بيت - 9
جِتِ حبيبَ هڻنِ، نائُڪَ ڀري نينہَ جي
تِتي طبيبنِ، وِڄا وڃي وِسَرِي.
بيت - 10
هَڻي جي حبيبُ، محبتي مَيا ڪَري
پُڇان ڪينَ طبيبُ، هُوندَ گهائَنِ سين ٿي گهاريان.
بيت - 11
چوري چنگُ، ٻَنگُ لهي، حبيبنِ هَنيوسِ
ٻُجهان پاڻَ لڳوسِ، ڪانارِئو ڪَرهُ کڻي.
بيت - 12
ڪانارِئا ڪُڻِڪَنِ، جَنين لوڇَ لِڳنِ ۾
محبت جي ميدان ۾، ٻِئا لال لُڇنِ
پاڻهي ٻَڌَنِ پَٽيون، پاڻهي چڱا ڪَنِ
وَٽان واڍوڙِئَنِ، رهِي اچجي راتَڙِي.
بيت - 13
رهي اچجي راتَڙِي، تَن واڍوڙِئَنِ وٽا
جَنِ کي سُورُ سرِيرَ ۾، گهَٽَ منجهارا گها
لِڪائي لوڪا، پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽيون.
بيت - 14
اڄ پُڻ ڪَنجهو ڪَنجهه، واڍوڙَڪِيَ مَنَهِيَ
جُہ پُڻ پِييَنِ سَنجهَه، هو پِنِيون هو پَٽِيون.
بيت - 15
اڄ پڻ ڪهڙِي دانہَ، واڍوڙَڪِي مَنَهِيَ
ويڄَ ورائي ٻانہَ، چوري چاڪَ نهارِئا.
بيت - 16
ويچارا واڍوڙَ، سدا شاڪِرَ سورَ سين
تاڻِينِ مَٿي توڙَ، اوري ڪنِ نه آسَرو.
بيت - 17
سدا آهي سورَ جِي، واڍوڙِئَنِ وائِي
جيڪا اٿنِ مَنَ ۾، سَلِن نه سائِي
اوڙڪِ اُهائِي، ڳولئو ڏِسَنِ ڳالَڙي.
بيت - 18
سَگهَنِ سُڌِ نه سورَ جي ته گهايَلِ ِڪئن گهارِينِ
پِئل پاسو پَٽَ تان، واڍوڙئَلَ نه وارِينِ
پَرِ ۾ پُڇي پِريَ لَئي، هَئي! هنجهون ٿا هارينِ
سَڄَڻُ جي سارِينِ، تَنِ رويو وهامي راتَڙي.
بيت - 19
سَگهنِ سُڌِ نه سورَ جي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُوري
پيا آهِين پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي
لَڳِيَنِ لَنؤ، لطيفُ چَي، سدا جِي سورِي
پِرتِ جَنِ پورِي، تَنِ رويو وهامي راتڙي.
بيت - 20
آيل! اُنِ نه وِسَهان، هَنجهون جي هارينِ
آڻئو آبُ اَکِنِ ۾، ڏيہَ کي ڏيکارينِ
سَڄڻُ جي سارينِ، سي نڪين رُونِ نه چُونِ ڪين.
فصل دويم
وائي - 1
اچي سار لهيجُ، ساڄن! سورُ تَماري آءٌ ماري
سور تماري جي مَران، تان مون ڏوهُه مَ ڏيجُ
ڊَڀنِ ڀري هٿڙا، دارون دوستَ! ڪريجُ
بيت - 1
تَنَ طبيبُ نه تون، سُڌِ نه لَهِين سورَ جِي
سانڍِ پهنجا ڊَڀڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون
ڪانَه گهرجي مُون، حياتِي هوتَنِ ري.
بيت - 2
ويڄنِ سين وائِي پِئا، ڪِرِي نه ڪِئائُون
جي پَتِ پارِئائُون، ته سِگها ئي سَگها ٿئا.
بيت - 3
ويڄن سين وائي پئا، ڪِرِي ڪَنِ نه پاڻِ
اَگها اِن اُهڃاڻِ، پَسو سور سِجهائيا.
بيت - 4
آهي اَگهن جو، تَرَسُ طبيبنِ
ڪِئو وَسُ ويڄنِ، تان ڪِريَ ري ڪِينَ ٿِيي.
بيت - 5
اَگهائِي سَگها ٿِيا، جي ويٺا وَٽِ ويڄَنِّ
ترسِي طبيبنِّ، چيٺي هوندَ چَڱا ڪِئا.
بيت - 6
پاڙي ويڄَ هُئا، تان مون مورُ نه پُڇِئا
تيلاهِين پئا، مورِيسَرَ اَکِيَنِ ۾.
بيت - 7
هارِئا تو هِرِي، ڪُپَڇُ ڪايا سين ڪِئو
ڪَرِيين جي ڪِرِي، ته تون توانو ٿِين.
بيت - 8
جي ڀانئيين پِرِيَ مِڙان، سِکُ چوران ڪِي لاتِ
جاڳَڻُ جَشَنُّ جَن کي، سُک نه سَڄيائي راتِ
اُجهِي ٻُجهِي آئيا، وائِي ڪَنِ نه واتِ
سَلي سوريَ چاڙهئا، بيان ڪَنِ نه باتِ
توڙي ڪُسَنِ ڪاتِ، ساڳي سَلِنِ ڪِينَ ڪِين.
بيت - 9
تَڙي طبيبَنِ، گهايلُ گهران ڪَڍئو
تِنہ جا چِڪئا چاڪَ چِيهُون ڪري، ڪَڙيُون مُورِ نه ڪنِ
دوستَ! درسَنَ تُهنجي، وڌو ٺارُ ٺَپَنُ
وِرِچئو ويڄَ وڃن، آءُ ته پِريَم اُبَهان.
بيت - 10
ويڄنِ ويٺي ئِي، دوستُ پيهِي دَرِ آئِيو
صحتَ جي سَريرَ ۾، ڪَلَ ڪَڙِيين پيئِي
پِيڙَ پَري ويئِي، اَچڻَ ساڻُ عجيبَ جِي.
بيت - 11
وڍي جَن وڌياسِ، ورِي ويڄَ ئي سي ٿِئا
تُرتُ ٻَڌائون پَٽيون، روزَ ڪئائون راسِ
هِنئڙا تَنِ پاس، گهار ته گهايَلُ نه ٿِيين.
بيت - 12
هارِئا ويڄَ مُياسِ، سُڌ نه لهين سورَ جي
پِريان کي چُوندياسِ، ته ترسُ طبيبن ڇڏئو.
بيت - 13
وِيڄَ مَ ٻُڪِي ڏي، الا! چڱي مَ ٿيان
سَڄَڻُ مانَ اچي، ڪَرَ لاهُو ٿي ڪڏهين.
بيت - 14
وِهَڻُ ويڄنِ وٽِ، جي سِکِين ته سَگهو ٿيين
اڳِين عادتَ مٽِ، ته اَگها! عاجزُ نه ٿيين.
بيت - 15
هُئين ته ويڄنِ وٽِ، تون ڪِئن جِيَّ جَڏو ٿئين
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، ڪُہُ نه ڪِئَئِي ڊَڀڙا.
بيت - 16
ڪُٺيَسِ ڪُ ويڄنِ، تَنَ طبيبَ نه گڏِئا
ڏيئِي ڏنڀَ ڏڏنِ، پاڻا ڏيلُ ڏکوئِيو.
بيت - 17
ترسُ طبيبنِ جو، جڏَنِ ڪِيو نه يادِ
جو ويڄن جي واتِ، داروءَ تِنہ دُرستُ ڪِئا.
بيت - 18
دارُون ۽ ڪارُون، جانڪِي ڪِئا ويڄ لاءِ
ٻُڪِي ڏيندا ٻاجهَه جي، نهاري نارُون
جَن جون سيڻَ لهنِ سارُون، تَنِ تان ڏکندو ڏورِ ٿيي.
بيت - 19
اَگهن مڙِي اڄُ، ڪِئو سَڏُ صحتَ کي
ڏور ڏکندا ڀَڄُ، مِهِر مُنہُ ڏيکارئو.
فصل سيوم
بيت - 1
هَئي هَئي وَهي هاءِ، مَنَ ۾ محبوبَنِ جِي
جيرا جوشَ جلائِيا، بُڪِنِ ٻرِي باهِه
پَسو مچُ مَٿاءِ، جي ويساهِه نه وَسِهو.
وائي - 1
جِيُ جِيارئو، جِيُ جيارئو، ڪينَ مُهِينجڙو هارِئو،
پريَنِ جي پچارَ، سيڻَنِ جي سنڀالَ،
جَڏَڙو جِيُّ جِيارئو
اُڃئو تَنُ عميق مان مهنجو، مونکي پرين پوڄ پيارئو
مرضُ مريضن تان، اِشاري ساڻُ اُٿارئو
ڪرمَ ڪريمَنِ جي، مونکي اُهکيَ مان اُڪارئو
سَمُهُون ڪري سُپرين آئِين نرمل! نورَ نهارئو
سائِلَنِ جئن سڏ ڪَرِي، اَئِين طالحن کي تنوارئو
بيت - 2
هَئي هَئي وَهي هُوءِ، مَن ۾ محبوبَن جي
جيرا جوشَ جلائِيا، بُڪِنِ مُڪِي بُوءِ
اچِي پَسو رُوءِ، جي ويساهِه نه وِسَهو.
بيت - 3
ڪانڊين، ٽانڊين، ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئِي
جيرا، جگرَ، بُڪيُون، شيخُنِ ۾ ٽيئي
ويڄنِئون ويئِي، ٿِي وَهيڻِي سڄڻين.
بيت - 4
سَرُ جو سَنڌؤ سڄڻين، ڀَرُ ڀيڏيَ ڏيئِي
ڪانَ ڪَرَنگهَرُ ڪَپئو، پَکَنِ سِرِ پيهِي
جيرا، جگرَ، بُڪيُون، پاساڙا ٻيئِي
ويڄنِنُون ويئِي، ٿي وهيڻِي سڄڻين.
بيت - 5
سَرُ جو سَنڌِؤ سَڄَڻين، ٻَنگا ٻاڻُ ڀَري
وِئو وجُودان نِڪَرِي، ڪَڙِ ڪَڙِ ڪانُ ڪَري
پُڇو پيرُ ڀري، ته ڪِين ٺَرِؤ هٿُ حبيبَ جو.
بيت - 6
سر جو سنڌؤ سڄڻين، ٻِيهَرَ ٻاڻُ ڀَري
ڇَمَڪِئو ڇوهَه مان، ڪَڙَ ڪَڙ ڪانُ ڪري
جيرا، جگرَ، بُڪيُون، لنگهي پِئو پَري
لڳو جِيَّ جَري، تاڻِيان تيرُ نه نِڪِري.
بيت - 7
سر جو سنڌؤ سڄڻين، سِيڱَ منجها سِيلو
ٽِينگَرُ ٽِڪئو ڪينَ ڪِين، پارِ لنگهئو پِيلو
هَڻڻَ سين حِيلو، جانبَ جيڏو ئِي ڪِئو.
بيت - 8
ڌَڳايومِ ڌَڻِين، ڄيرو اندرِ جندڙي
لَڳِي شِيخَ وجودَ ۾، سندِي نينہَ نِئين
مُشاهدي تَهِين، مونکي وڌو مَچَ ۾.
بيت - 9
پُڇُ پَتنگنِ کي، سنديُون کامَڻَ خَبرون
آڻِئو وِجهنِ آڳِ ۾، جِيُ پهنجو جي
جِيَري جَنِين جي، لڳا نيزا نِيہَ جا.
بيت - 10
پتنگُ چائِيين پاڻَ کي، ته اَچِي آڳ اُجهاءِ
پَچَڻَ گهڻا پچائِيا، تون پچڻَ کي پَچاءِ
واقفُ ٿِي وِساءِ، آڳِ نه ڏجي عامَ کي.
بيت - 11
پتنگ چائيين پاڻ کي، ته ڄيري پؤ ڄاڻِي
تان تان تاڻِجُ تاءَ ڏي، جان آڳِ نه اُجهاڻِي
وِسَہُ وِهاڻِي، آڳ نه ڏجي عام کي.
بيت - 12
پتنگ چائيين پاڻ کي، پَسِي مَچُ مَ موٽُ
سَهائِي سُپيريَنِ جي، گهِڙُ ته ٿِين گهوٽُ
اَڃان تون اَروٽُ، کُوري خَبر نه لَهين.
بيت - 13
پتنگَنِ پَهُه ڪِئو، مِڙِئا مَٿي مَچَ
پَسِي لَهسَ نه لِچئا، سَڙِئا مٿي سچَ
سندا ڳِچيَنِ ڳَچَ، ويچارَنِ وڃائِيا.
بيت - 14
چڙهِئو چَڪاسِينِ چاءِ، آڳِ ٻَرَندِيَ آئِيا
وِهُسَنِ واڙِيَ ڦُلَ جئن، محبتِي مَچَ لاءِ
آڻي پاڻُ اَڙاءِ، کَڻِي کوري وچَ ۾.
بيت - 15
جي تَتو تَنُ تَنُورَ جئن، ته ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ
آڻي آڳِ ادب سين، ٻاري جانِ جلاءِ
بُرقعان اندرِ بازيُون، پاهنجيون سڀُ پَچاءِ
لُڇڻ لئي، لطيف چَي، پَڌرِ هَڏِ مَ پاءِ
متان لوڪُ لَکاءِ، وصالان وِچُ پَئِي.
بيت - 16
اَڃان تَنُورا، ڪالَ ڪڍِئاسُون سَڄڻين
پُڻ تايائُون تَڪِڙو، وحدَتَ جي وَڌا
مَحبتيَنِ مَٿا، مَچُ موراهِين نه لَهي.
بيت - 17
پچائي پَهاڻُ، جَنِ رَسانڻِئو رُڪَ کي
تَنِين سندو ڄاڻُ، آهي آڳِڙيَنِ کي.
بيت - 18
ڌَنءُ ڌَنءُ ڌَمَڻِ وارَ، اڄ پڻ آڳِڙيَنِ جِي
ٻاري مَچُ مجازَ جو، اوتئاؤن اَڱارَ
ڌُوڌان ٿِي مَ ڌارَ، جِمَ ڪَچو رُڪُ ڪَڻِيون ٿيي.
بيت - 19
ڌوڌا تون نه ڌَئين، آڳِ اوڏو نه وڃين
اُلا جي عشقَ جا، سي تان تون نه سَهين
اُڀو ايئن چَئين، ته آءٌ آڳڙيو آهِيان.
بيت - 20
سِرُ سانداڻِ ڪري، پُڇجِ گهرُ لهارَ جو
ڌڪنِ هيٺ ڌَري، مانَ گڏِينئِي رُڪَ سين.
بيت - 21
ڌڪين ڌاتِ پئو، هينئڙو لُهَه سانداڻِ جِئن
وِرِچي تان نه وِئو، سنڀاري کي سڄڻين.
بيت - 22
سهي جئن سانداڻِ، ڌَڪنِ مٿي ڌَڪَڙا
وَهُ وڃايو پاڻِ، ڏي ڏَٻائُون ڏوڱِرين.
بيت - 23
آٻَرِ اَڱَارَنِ، ٻِه-ڏائِين ٻَرِنِ جي
هِڪِي کورِي کانُئيا، ٻِئو ڌوڌي منجهه ڌَڳَن
پاڻان لُهارَنِ، ميڙي رکِئا مَچ تي.
بيت - 24
ٻارِئو اُجهائِينِ پِرين، اُجهايو ٻارِينِ
مونکي ٿا مارِينِ، لُنها لُهَارنِ جا.
بيت - 25
اڄُ آڳڙيا آئِيا، سوڌا سِراڻِي
پياري پاڻِي، تيغون ڪندا تِکيون.
بيت - 26
اَڄ آڳڙيا آئيا، سائُو ڪي سُڄاڻَ
لاهِيندا مورِياڻَ، رُڪُ ڪندا پَڌَرو.
بيت - 27
ڪَٽُ ڪَڙهي، لوهُ ٻَري، ڌوڌا جتِ ڌَڳَنِ
مَتَرڪَنِ مُنہَ ڪَڍئا، سانداڻِيُون ڪَنبنِ
اڄُ پڻ آڳڙينِ، ميڙو آهي مچَ تي.
بيت - 28
سَرها ڏٺَمِ سي، جنِ جِي ساڃاءِ سِراڻِنِ سين
تيغَ تِني جي کي، ڪَٽُ نه لَڳي ڪَڏِهين.
فصل چھارم
بيت - 1
ايڪُ پِيالو، ٻه ڄَڻا، عِشقُ نه ڪَري ايئَن
لِکِيا جي لِکَڻَ ۾، سي قرب رسندا ڪيئن
هُئَڻَ ڪِئا هيئن، وانجِئا پَسُ وصال کان.
وائي - 1
لايا عشقَ پَلِيتا،
نيڻان يارُ وي! اَکيان دي پَرچي
1. اُٿَڻِ ٻَهَڻِ آرامُ نه آوي، مَنُ نهين، دِل کَسِي لَيتا
2. آکي احمد، نال نماڻي دي، ڪِئا کَسِي ڪيتا
وائي - 2
ڀلو ميان! محبتي مٺا ماڻهو، الا، پرين اچن،
جيُ جيارئو جَنِ
رِي سُرمي سُهِڻا، ڪجلُ ڪوهُ وِجهَنِ
ميرائِي مارِينِ مون، پرين مَ پَگهَرِجَنِ
وائي - 3
حمد بيحد مَر خدائي پاڪ را
آنڪِ ايمان داد مُشتِ خاڪ را
آنڪ دَر آدمُ دميده روح را
داده از طوفان نجات نوح را
آنڪ فرمان ڪرد قهرش باد را
تا سزاي داد قومِ عاد را
بيت - 2
ايڪ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نه ايئَن ڪري
آٽي سي هيڪُ ٿئا، ڳَتا نِيہَ ڳَري
دوئِي ڌارَ ڌري، خُلَّتَ خنجرُ آئيو.
بيت - 3
ايڪ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نه ڪري اَڌَ
اِيَ ته ساعِرَ سَڌَ، ڪئِي جا قوالَ سين.
بيت - 4
جيڏانہ قاتلَ ڪوڙَ، اکيون اوڏاهين کڻي
وِهُ تَنِ جي ووڙَ، جَنِي سانگُ نه ساهَ جو.
بيت - 5
جيڏانہ قاتلَ ڪُلِّ، اکيون اوڏاهين کڻنِ
مٿو ڪَنِ نه مُلِّ، پِڪَ برابر پاهنجي.
بيت - 6
قاتلُ ڪمائِي ڪري، وِهُ ماکِي جي ڪَنِّ
وٽان ويهِي تَنِّ، پِيجِ ڪي پِياليون.
بيت - 7
هُوندو هَڏِ مَ رکُ، لاءِ پِياڪَنِ پاهنجو
وٺِي واٽاڙوئَنِ کي، تان پياري پَرَکُ
سا لِکَ لَهي ٿِي لَکُّ، جا تو ايندي اُنِ سين.
بيت - 8
هوندو هڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پياڪن پاهنجو
پوڄَ پِياري پَهيَڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ
ته هَٽِ تنهنجي هنڌِ، مونکِي ڪو مانُ لَهِي.
بيت - 9
ڳَٽَنِ ۽ ڳُٽِڪَنِ، وَٽِيُون پِيَنِ وِهَه سر گاڏُيون
بِدِه ساقِي بَر خيزُ، پِيار کي پِريَنِ
پِڪين نه پَرچَنِ، مَٽَ تڪيائون منجهِيان.
بيت - 10
آڻي اُتَرَ واءِ، موکِيَ مَٽَ اُپَٽِئا
متارا تنہ ساءِ، اَچَنِ سِرَ سَنڀائيو.
بيت - 11
آڻي اُتر هيٺِ، موکيَ مٽَ اُپٽئا
متارا تنہ ميٺِ، اَچنِ سِرَ سنڀائيو.
بيت - 12
وِجهُجُ واٽاڙوئنِ تي، ميخاني جي ماڪَ
ٿيندي سُڌِ سڀڪهين، هَنڌِ هَنڌِ پُوندِي هاڪَ
پِرهَ جا پِياڪ، جُہ سي اَڱڻِ آئيا.
بيت - 13
جُہ سي اڱڻِ آئِيا، ته سَرو ڪندا سُڃَ
سائِي ٿينديَنِ اُڃَ، هِيُ پيتو، هو آڻِ ڪين.
بيت - 14
موکِي چوکي نه ٿِيي، اَصلُ اوڇِي ذاتِ
وَٽِيُون ڏيئِي واتِ، متارا تِنہ مارِئا.
بيت - 15
متارا مَري وِئا، موکِي تون نه مَرين
ڪيهِيَ پَرِ پَرين، ڏُکِي ڏاتارَنِ رِيءَ.
بيت - 16
متارا مَرِي وِئا، موکِي پَئِي مَرُّ
تهنجو ڏُکُ ڏَمَرُّ، ڪونه سَهَندو اُنِ رِيءَ.
بيت - 17
سَري ڪِينَ ڪِئونِ، ويڻَ موکِي جي مارِئا
ڪو ڪو ويڻُ ڪلاڙِ جو، پِتي تي پِئونِ
تِهان پوءِ ٿِئونِ، مَرَڻُ متارنِ کي.
بيت - 18
اڃان کوري ماڳِ، مَٽَ ڪُٽِڪا ڪَٽَ گهڻا
لاهي وِهُ مَ لاڳِ، موکِي متارن جا.
بيت - 19
ڪَنڌِ ڪٽارو، مُنہُ وَٽِي، عادت سنديَنِ اِيَ
تَنِي تِڪُون ڏِنيُون، جُنبِي منجها جِيَ
سَروتَنِ سَبِيَّ، جَنِ حاصُلُ ڪِئو حالَ کي.
بيت - 20
موکِي مَٺو نه گهرين، وِهَ نه وِهاٽِئا
سُرڪيَ ڪاڻ، سيّد چَي، اُتي ٿي آٽيا
هوجي ڳالِهين ڳنڱاٽِيا، تن جيون بَٺَن پاسِ بُٺِيُون.
بيت - 21
سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙِ، ڪِنہ پَرِ ڪلاڙنِ سين
ڪاتِي ڪَرٽُ ڪپارَ ۾، خنجرُ آڻي کوڙِ
مَڻا مُنہُ مَ موڙِ، وٽِي ٿِي وَڌِ لَهي.
بيت - 22
وَٽِ وَٽِ وَٽيَ ۾، مَٽِ مَٽِ مَنڌُ ٻِئو
قدرُ ڪيفَ ڪمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو
اَچنِ درستُ دڪانَ تي، ڪنڌَ قبولُ ڪِئو
سُرها سِرَ ڏِئو، چَکنِ سُرڪَ، سيّدُ چَي.
بيت - 23
اَٽِي ٿِيُ اَڱارَ، کامي خريدارنِ سين
پسي سي ڀتارَ، پر پيتو ئي جَنِ سين.
بيت - 24
ڪلاڙنئون ڪاءِ، مَتِ نه سکين مون هِنيان
رُوندي رات وهاءِ، چڪائيندي بَٺيون.
فصل پنجم
بيت - 1
قربُ ڪِبرِياءُ، ماءُ! مُلاقِي نه ٿِيي
پورو اِيُ پَرياءُ، صوفيَ جي صُلح ۾.
بيت - 1
سيئِي وَٺِڙيو هوتَ وڃنِ،
وو جهليان پَلِيان، وو هينئڙو نه رهي
آءٌ جَنِي جي آهيان، ڪڙِي مَ ٿِيان تَنِ
گهوريان گهڻين ڀتيين ڙي، سندڙي ٻاجهَه ٻِئنِ
مَر مران مارِينِ مون، پُرزا پُرزا ڪَنِ
آءٌ مُيائِي گهوري، جي مان محبَ ملنِ
بيت - 1
وِساريج مَ ويڻَ، جوڀَنُ ٻه ٽي ڏينهڙا
1. لوٺيون سَهنِ لوڪَ جا، وِهاڻيَ ٿِيون ويڻَ
2. اصلُ اَسارِنِ جا سُتي وِئَڙا سيڻَ
3. جيڏيون! جي مان وِسَهو ننڊَ مَ هيرئو نيڻَ
4. راتيون جاڳنِ جي، سي آءٌ ڪندڙِي سيڻ
5. آڌيَ راتِ اُٿِي ڪري جهَلِ تون نِنڊان نيڻ
بيت - 2
صوفي سالِمَ سي وِئا، جي اڪثر سين اَڏِيار
بازِي بازِيدَنِ کي، آهي اَوِيسَارَ
پِريان سين پَهَڪارَ، رِندِيَ رَساڻي ڪِئا.
بيت - 3
صوفي سيرُ سَڀَنِ ۾، جِئن رَڳُنَ ۾ ساهُ
سا نه ڪري ڳالَهڙِي، جئن پريون پروڙي پَساهُ
آهِسُ اِيُ گناهُ، جي ڪا ڪري پَڌَري.
بيت - 4
ڏني ڏُکويا، اَڻ ڏني راضِي ٿِئا
صوفي تي ٿِئا، جئن ڪينَ کيائون پاڻَ سين.
بيت - 5
صوفي لا ڪوفِي، ڪونه ڀانئِسِ ڪيرُ
منجهئائي مَنجهه وڙهي، پڌرِ ناهِسِ پيرُ
جَنِي ساڻُسِ ويرُ، ٿيي تَنِي جو واهَرُو.
بيت - 6
صوفيَ صافُ ڪِئو، ڌوئي وَرَقُ وجودَ جو
تِهان پوءِ ٿِئو، جِيَري پَسَڻُ پِريَ سين.
بيت - 7
صوفِي چايين سَڌَ ڪرين، صوفيَ اِيَ نه صلاحَ
ڪاٽي رکُ ڪُلاهَه، اُڇلي وجهُه آڳِ ۾.
بيت - 8
جي ڪُلاهَه رکين ڪنڌَ تي، ته صوفي سالمُ ٿِيُّ
وِهَ وٽِي هٿِ ڪري، پُرُ پيالو پِيُّ
هَنڌُ تني هيُّ، جَني حاصلُ ڪئو حالَ کي.
بيت - 9
جُسي ۾ جبارَ جو، خَفي خِيمو کوڙِ
جهَلي تون زبانَ سين، چار ئي پَهرَ چورِ
فڪرَ سين فُرقانَ ۾، اسمُ اعظمُ ڏورِ
ٻئا دَر وڃي مَ وؤڙِ، اِيُ اَمُلُ اِهائِين سَپَجي.
بيت - 10
عالَمُ آءٌ ساڻ، ڀَرِئو ٿو ڀيرَ ڪري
پاڻ ناهي ڄاڻُ، مانڊيَ مَنڊُ پکيڙِئو.
بيت - 11
طالبُ قَصَرُ سُونہَ سَرُ، اندرِ رومي راءِ
ماڻهو اِتِ ڪئاءِ، مَنڊُ نه پَسين مَنڊِئو.
بيت - 12
طالبُ قصر سونہَ سَرُ، اِيَ روميَ جي رُوءِ
جَنِي ڏٺِي جُوءِ، تَنِي ڪُڇِئو ڪينَ ڪين.
بيت - 13
طالب قصر سونہَ سرُ، رومي جو آهي
تاڙِي جي لاهي، ته منجهِهين مشاهدو ٿِيي.
بيت - 14
طالب قصر سونہ سر، اِيَ رومي جي رهاڻَ
پهرين وِڃائڻُ پاڻَ، پوءِ پَسَڻُ پِريَ کي.
بيت - 15
طالب قصر سونہ سر، اي رومي جي راحتَ
جَني ڌڻي سٿَ، تَني ڪڇئو ڪينَ ڪين.
بيت - 16
طالب قصر سونہ سر، اي روميَ جِي اوطاقَ
جي ڀڃنِ درِ فراقَ، ته منجهِهين مشاهدو ٿيي.
بيت - 17
ظاهرَ ۾ زانِي، فڪرَ ۾ فنا ٿِئا
تَني کي تعليمَ جِي، ڪُڙهه اندرِ ڪاني
حرفُ حقانِي، دَورَ ڪِئائون دِلِ ۾.
بيت - 18
جَنِ کي دَورُ دردَ جو، سبقُ سُورَ پڙهنِ
فڪرَ فَرَهِي هٿَ ۾، ماٺِ مطالِعِ ڪنِ
پَنو سو پڙهَنِ، جنہ ۾ پَسنِ پِريَ کي.
بيت - 19
وِسَرِؤمِ، سَبقُ، پهرين سِٽَ نه سَنڀران
اڃان هيءُ وَرَقُ، هَي مطالِعِ نه ٿئو.
بيت - 20
ڪِئو مطالِعِ مون، هِيُ جو وَرَقُ وصالَ جو
تِنہ ۾ تونهِين تون، ٻِي لاتِ نه لحظي جيتَرِي.
بيت - 21
سا سِٽَ نه سارينِ، اَلفُ جنہ جي اڳ ۾
ناحقُ نهارِينِ، پَنا پِئا پِريَ لَئي.
بيت - 22
سٽَ سا ئِي سارِ، الف جنہ جي اڳُ ۾
مِيمَ مان معلومِ ٿِئو، وَرَقُ اُهوئِي وارِ
ناحقِ ڪِيمَ نهارِ، پَنان ٻئا پِريَ لئي.
بيت - 23
سا سٽَ سارِئائون، الفُ جنهن جي اڳُ ۾
لاَ مَقصُودُ فِي الدّارَينِ، اِنَ پَرِ اُتائون
سَڳَرُ سوٺائون، ٿِئا رسيلا رحمٰن سين.
بيت - 24
ٿِئا رسيلا رحمانَ سين، سَڳَرَ سونهين جي
آيون تَنِي کي، واڌايون وصالَ جِيون.
بيت - 25
اَکَرَ پَڙهِي اَڀاڳِئا، قاضي ٿئين ڪِئاء
ڀيريين ۽ ڀائيين، ايڏان اِيّ نه آهِ
اِن سُرڪِيَ ساءُ، پُڇُجِ عزازيلَ کان.
بيت - 26
عاشقُ عزازيلُ، ٻِئا مِڙيئِي سَڌَڙِئا
منجها سڪَ سبيلُ، لعنتي لالُ ٿئو.
بيت - 27
جو مون پڙهيو پاڻ لَئي، سبقُ سابقُ جو
پهرين سُڃاتُمُ پاهنجو، نفسَ جو نِهو
جئن عرفانُ اَصلَ ۾، ٿي روحَنِ روزُ ڪئو
ورِي وَرقُ پئو، گڏِئُمِ وَڍُ وصال جو.
بيت - 28
جي مون پڙهئا پاڻَ لَئي، سيئِي سيلَ ٿئامِ
واڳو ٿِي ورئامِ، اَکَرَ اُهي اَڳيان.
بيت - 29
اَکَرَ ڇُتي هيڪَڙي، ٻَهُون جي نه ٻُجهَنِ
ڪوهُ ڪبو کي تَنِ، سڄي سڻائي ڳالَڙي.
بيت - 30
پَڙهئو ٿا پَڙهَنِ، ڪَڙهَنِ ڪينَ قلوبَ ۾
پاڻا ڏوهَه چَڙهَنِ، جئن ورقَ وارِينِ وتَرا.
بيت - 31
پَڙهئو پَڙهيجا، سبقُ انهِين سورَ جو
مِيمُ رکُ مَنَ ۾، الفُ تنہ اَڳئا
چِتان چوريجاهَ، اِها لاتِ، لطيفُ چَي.
بيت - 32
اَکَرُ پڙهه الف جو، ورقَ سڀ وسارِ
اندرِ کڻي اُجارِ، پَنا پڙهندين ڪيترا.
بيت - 33
لوڪان نحوُ صَرَفُ، مون مطالِعِ سپرين
پڙهئو سو پڙهان، سو ئِي سو حَرَفُ.
بيت - 34
جئن جئن ورقَ وارِيين، تئن تئن ڏِٺو ڏوهُ
رَهڻِيَ رَهيو نه سُپرين، تِہ ڪَهڻِيَ ڪبو ڪوهُ.
بيت - 35
ڪاتِبُ لِکي جيئن، لايو لامُ الفَ سين
اسان سڄڻُ تيئن، رهيو آهي روحَ ۾.
بيت - 36
ڪُہُ ٿو ڪاغَذَ ڪورِيين، ويٺو وڃائيين مَسُ
ڏوري تِئان ڏِسُ، اَکَرُ جِئان آئيو.
بيت - 37
جهڙا چالِيها نه چالِيهَه، تِهڙو پَسَڻُ پِريَن جو
ڪهڙِي ڪاتِبَ ڪرين، مٿي پَنَنِ پِيہَ
جي وَرقَ واريين وِيہَ، تان اکرُ اُهوئي هيڪَڙو.
بيت - 38
هِڪُ جئن اکرُ وِنگڙا، جي گُرُ تسِي ڏي
ته اَنڌاري گهَرَ ڏِيوِڻا، ڦِرِ ڦِرِ جوتِ ڪَري.
بيت - 39
تنُ کُڏِي، مَنُ حُجرو، ڪِيمَ چالِيها رَکُ
ڪُهُه نه پُوڄئو پوڄِئِين، اَٺئِي پهرَ الکُ
تان تون پاڻُ پَرَکُ، سڀڪيڏاهين سامُهون.
بيت - 40
سڀڪيڏاهين سامهون، ڪو هَنڌُ خالِي ناهِه
جي اَحَدان اَرَڳُ ٿئا، سي ڪائِرَ ڪِبا ڪانہَ
محبُ منجهَهِين مَنَ مانہَ، مون اَڄاڻندي ٻجهئو.
بيت - 41
ڪَنز قُدورِي ڪافِيا، پنا پڙهئم پوڄَ
جڏنہَ مهراڻَ ڏنِي موجَ، تڏنہ حرفُ نه گڏِئو حرفَ کي.
بيت - 42
ڪنزُ قدوري ڪافيا، جي پڙهي پروڙيين سڀُ
مَنڊِي ماڪوڙِي کوهَه ۾، پيئي ڪَڇي اَڀُ.
بيت - 43
ڪنز قدوري ڪافيا، ڪِي ڪونَ پَڙهئومِ
اُو پاڙو ئي ٻِئو، جِئان پرين ڏٺومِ.
بيت - 44
ڪنز قدوري ڇڏِ، سِٽون پڙُهه ساڃاءِ جيون
وَنؤن تَني جي سڏِ، جَنِ آهَ نه آهي ساهه جي.
فصل ششم
بيت - 1
داؤدِي دَيُون ڪري، رَڪَنِ ڪونهي رَنگُ
کورِيَ هيٺُ آينگُ، ڪاهيو پاکرين هڻي.
وائي - 1
عشقُ تمامُ، بِرهُ تمامُ، وو تمامُ لو!
مُون لُٽِي يارُ لوڪو!
1. سيڄَ سُتي جهپَ نه آوي، نيڻين ننڊَ حرامُ
2. راتيان جاڳَڻُ، صاحبُ سنڀالَڻُ، اِيو فقيران دا ڪامُ
بيت - 2
داؤدِي ديُون ڪري، رڪن ڪونهي چيتُ
کورِيَ هيٺ سُچيتُ، ڪاهيو پاکرين هڻي.
بيت - 3
اوقابيلَ اکينِ ۾، توکي بارِي بانَ
اُڀو اَڳَرايون ڪريين، ماڳِ هَڻِئو مستانَ
جانبَ! تون زيانَ، اکين سان ايڏا ڪرين.
بيت - 4
اوقابيلَ اکين ۾، تو کي تِکا تيرَ
ساڄَنَ! اِنهيَ سِيڱَ سان، ڦَٽِيَئي گهڻا فقيرَ
ٻئو مَ مارِجُ مِيرَ، تهنجو پِهرو ئي پورو ٿئو.
بيت - 5
اوقابيل اکين ۾، تيرَ تِکا تو کي
ساڄَن! انهيَ سورَ جِي، ڪلَ نه آهِ ڪنہ کي
مارِين ٿو مونکي، چاڙهِئو لوهَ، لطيفُ چَي.
بيت - 6
اوقابيل اکين سين، تيرَ چلايا تو
ٻئو مَر ماري سو، جنہ جو پِهرو پورو نه ٿئي.
بيت - 7
جي هو پائينِ ڪانُ ڪمانَ ۾، سِينون سِپَرَ رکُ
مُنہَ ۾ معشوقَنِ جا، چاڪَ چُٽِڪا چَکُ
سورِي ڀانءِ مَ شڪُّ، عاشقُ ٿِيُ ته اُبَهِين.
بيت - 8
جي هو پائينِ ڪانُ ڪمانَ ۾، سينون سپر ڏيجُ
مُنہ ۾ معشوقن جا، جهالُو ٿِي جهَليجُ
پَهان پَڳَ مَ ڏيجُ، عاشق ٿيُ ته اُبهِين.
بيت - 9
جي هو پائينِ ڪانُ ڪمانَ ۾، ته نَئِي ڏجي سينون
ڪِجي نه ڪِينون، وڃِي درِ دوستَنِ جي.
بيت - 10
پائي ڪان ڪمان ۾، ميان! مارِ مَ مون
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي تو کي لڳي.
بيت - 11
ڪَيو ڇڏِينِ ڪانَ، هَڏِ نه هَڻائِينِ تان
ٿِيا جي نِيشانَ، ته پهرين سان پورا هُئا.
بيت - 12
لورِي جِتِ لڳومِ، اُتي اُڀو آهيان
سورِهُ پرين سندومِ، مانَ ٻاجهائي ٻِئو هَڻي.
بيت - 13
محبتَ جي ميدانَ ۾، عاشقُ ٿِيُ آچامُ
سَمُهان سَلَ، سيّد چَي، ڪندئِي تيرَ تمامُ
ڪَهِجُ ڪو مَ ڪلامُ، جِمَ دوستؤن دورِ ٿِين.
بيت - 14
محبت جي ميدان ۾، اچِي پير پِئانِ
سرُ وڍڻُ، ڌڙُ ڌارَ ڌرڻُ، اِي سينگارَ سندانِ
ڏيندا مون ڏِٺانِ، مٿا محبوبَنِ لئي.
بيت - 15
محبت جي ميدان ۾، ڪَرِ پڙاڏو پَٽُ
سِر سورِيَ، ڌڙُ ڪُنگري، متان ڪُڇين ڪَٽُ
عشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌنِ کؤن پوي.
بيت - 16
محبت جي ميدان ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪَرِ
لاهي سِرُ، لطيف چَي، اڳيان دوستنِ ڌَرِ
عشقُ نانگُ اَپَرِ، خبر کاڌن کؤن پوي.
بيت - 17
محبت جي ميدان ۾، سر جو ڪَرِ مَ سانگُ
سورِي سُپيرِيَنِ جي، چَڙهه ته ٿِيين چانگُ
عشق آهي نانگُ، خبر کاڌن کؤن پوي.
بيت - 18
محبت جي ميدان ۾، ڪُڏِي پؤ ڪاهي
ڇڏِ آسانگا اَرواح جا، لاهُوتِي لاهي
عشق نانگ آهي، خبر کاڌن کان پوي.
بيت - 19
عشق نه آهي راندِ، ته ڪي ڪَنِسِ ڳَڀُروُ
جِيَ جُسي ۽ جانِ جي، ڀڃي جو هيڪاندِ
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ ته اَڌَ ٿيي.
فصل ھفتم
بيت - 1
عاشِقَنِ اللهُ، ويروتارَ نه وِسَري
آهَ ڪريندي ساهُ، ڪڏهن وِيندو ئي نڪري.
وائي - 1
سُپيريان جي سُونہَ جِي، ڳالِ ڪِينَ وڃي
1. وڃي درِ دوستنِ جي، سورِيَ سِرُ هَڄي
2. عاشقَ اَنگهُنِ چاڙهئا، ٻِئو سَڀُڪو ڀَڄي
3. پُڇِجُ پوءِ پريتڻون، پِهرِين سِرُ سَڃي
4. عاقِلَ ئي اوڇُون ٿِئا، ڀورو ڪينَ ڀَڄي
بيت - 2
عاشق آرامُ، ڪَڏنہ تان ڪونَه ڪِئو
طعني ڪِئا تمام، حبيباڻي هيڪڙي.
بيت - 3
عاشقَ ايئَن نه هُونِ ، جِئن تون سَڄين اڱڙِين
وڃئو درِ دوستنِ جي، رت ڏيهاڻِي رُونِ
ٻِيَ پَرِ ڪِنہ نه پُونِ، مَاڪُرِ محبوبَنِ سين.
بيت - 4
جان عاشقَ مَٿي رتُ، تان دعوا ڪري مَ نيہَ جِي
ساؤ مُنہ سونهن ڳَئِي، سڪڻُ اِيُ شرَطُ
نه ڪِين گوڏِ گَرَٿُ، مٿان سِرَ سودا ڪريين!
بيت - 5
اڃان تو منجهاء، ڪَکَ ڇُتي رتُ نڪري
مُنہَ ۾ معشوقَنِ جا، ڪيئن جهَلِيندُون گهاءَ
سو تون ڪڄاڙِئا، سڪڻَ جيون سڌون ڪَرين.
بيت - 6
سڪڻَ اِيَ نه سَڌ، جئن لِڪِئو لِياڪا پائيين
پَئي پِريان جي ته ٿيين، مَٿي اَڱڻَ اَڌَ
اِيَ پُڻ ڪوڙِي سَڌَ، جئن کِلئو کايو سُمَهين.
بيت - 7
سِڪَڻُ ۽ سورِي، ٻئي اکرَ هيڪَڙي
ويهڻُ واٽَڙِيَنِ تي، گهارَڻُ ضرورِي
ٻِنِهين جي پورِي، جِيَ ڏني رِيءَ نه ٿِيي.
بيت - 8
جي ڪِين سڪڻُ سِکُ، نا تَه پَسُ سڪندِيون
پاسي تَنِي مَ لِڪُ، نيہُ سُڃاڻنِ جي.
بيت - 9
جان جان سي نه لِتاءِ، جي لِياڪا لوڪَ جا
تان تان ٿِيي نه ماءِ! پورو پَسڻُ پِرينِ سين.
بيت - 10
عاشقَ! معشوقَنِ جي، وٺِي ويہُ ڳَرِي
جِمَ ورچِي ڇڏيين، سندِي دوستَ دَرِي
ڏيندا ٻُڪِي ٻاجهَه جي، ويندءِ ٺَپَ ٺَرِي
اسان تان نه سَرِي، تو ڪيئن سَرِي سُپرين!
بيت - 11
عاشقَ! معشوقن جو، وٺِي ويهِجُ سيرُ
اچِي پڇندَئِي سُپرِين، پِرتان ڀَري پيرُ
ڀَلان سندو ڀيرُ، رهبرُ ٿِيندُئِي راهَه ۾.
بيت - 12
عاشقَ! معشوقن جو، وٺي ويهجُ دَرُ
اَچِي پُڇندئي سُپرين، لَهندين سَرُ سَڀرُ
ڀلائِيَ جو ڀَرُ، رهبر ٿيندُئي راهَه ۾.
بيت - 13
عاشق! معشوقن جو، وٺِي ويہُ دڪاڻُ
پَئِجِ پيشِ پريَنِ جي، پُٺيَ وِجهِي پاڻُ
ته تون تَنِي ساڻُ، سدا رهِين سُرخُرو.
بيت - 14
عاشق! معشوقن جو وٺي ويهِجُ گهَٽُ
جِمَ ورچِي ڇڏيين، موکِي سندو مَٽُ
ڪَري سِرَ جي سَٽِ، پِيجِ ڪي پيالِيون.
بيت - 15
عاشق! معشوقن جو، وٺي ويهِجُ رَندُ
پياريندءِ پاڻِهين، ميخاني جو مَنڌُ
ڪينَ ڪڍندين ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُنَ کي.
فصل ھشتم
بيت - 1
هَرَ هَرَ هَرڙائي، وڃڻُ درِ دوستنِ جي
پاڙي ڏانہَ پِريَنِ جي، اُجهُه مَ اَوائِي
اَلَڙِ ٿِي آڇِ مَ تون، واٽاڙوئَنِ وائِي
لائيندُئي، لطيف چَي، سُوران سَرهائِي
ڳُجهو ڳالهائي، پِرتِ وٽِجي پاڻَ ۾.
وائي - 1
بي حجابانہ در آ از درِ کاشانهء ما
ڪ کسي نيست بَجُز درد تو در خانهء ما
فتنہ انگيز مشو کاکل مشکين مَڪُشا
تاب زنجير نه دارد دلِ ديوانهء ما
شکر لِلهِ کہ نمرديم و رسيديم بہ دوست
آفرين باد برين همّتِ مردانهء ما
گر نَکير آيد و پُرسد کہ بگو ربِّ تو کيست
گويمش کَس کہ رَبُوده دل ديوانهء ما
محي از شمعِ تجلّيِ جلالش مي سوخت
دوست مي گفت زهي مستيِ پروانهء ما
بيت - 2
جان جان ناهه ضرورُ، تان تان طبيبُ ناهِ ڪو
جُہُ سو سَرِئو سورُ، ته ڪَرِ ويڄُ وَرِ پِئو.
بيت - 3
سور جَني کي سَرِئو، سَرِي تَنِ صحتَ
مِٺِي مصيبتَ، آهي عاشقنِ کي.
بيت - 4
سيئِي سورَ طبيبَ، جَني سُورَن سَڃ ڪِي
جو لِکئو هُتِ، لطيف چَي، سوئِي ڪَنِ قريبَ
جي نوازئا نصيبَ، دارُونءَ سي دُرستُ ڪِئا.
بيت - 5
جِنہ سَرَ سَندو نُورُ، تيلان سو سُونهون ٿِيي
جيلان لَڀَنِ سُپُرين، ڳالِ لَهجي مُورُ.
بيت - 6
جي پِياري پاڻِ، ڪَرهو تي پاڻي پيي
اَڳي اِنَ نِياڻِ، اَڻ-ڪوٺِئو ڪونه گهڙِي.
بيت - 7
اَڻَ-ڪِي عيان نه ٿِيي، ڪِي پروڙي ڪونَه
سَچِي جيهِي سونَ، مُنہ نه پيئِي ماڻُهين.
بيت - 8
اَڻَ-ڪِي عيان نه ٿيي، ڪِي پروڙي ڪونَه
اَمُرُ عطا جنہ جو، جان سُونهون ٿيي سونَه.
بيت - 9
جيڪين ڏنائون، سو مان ڳُڻُ ڳَنڍِ ٿِئو
مونکي پُڇئائُون، ٺوڪي انهيَ ٺوڪَ سان.
بيت - 10
جيڪين ڏنائون، سو سِرُ ڏيئي سَہُ جندڙا!
مَ چئو ڇِنائون، اِيُ پُڻ ڳنڍئو سڄڻين.
بيت - 11
ڇَنَڻِ توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ اُميرِي اُنِ سين
جي هو اَو ڳُڻَ ڪَنيئِي اَسونهِين! ته تون ڳُڻان ئِي ڳِنُ
پاندُ جهلِئو ٿو پِنُ، هِنَ سونهاري سڱَ ۾.
بيت - 12
نَمِي کَمِي نِهارِ تون، ڏمَرُ وڏو ڏُکُ
منجها صبر سُکُ، جي سَنوارِيا سَمُجهين.
بيت - 13
نمي کمي نهار تون، ڏمَر ڏولائو
ٿِييئي ساڃائو، جي اُبِهِين انهَي پيرَ تي.
بيت - 14
ڏمر پاسو ڏُکَ سين، کانڌ کٿورِي هوءِ
وَاللهُ مَعَ الصَّابِرِينَ، آگو اِيهين چوءِ.
بيت - 15
کَمُ کمندَنِ کَٽِئو، هارايو هُورَنِ
چکئو نه چُوندَنِ، هو جو ساءُ صَبُر جو.
بيت - 16
هو چُونيئي، تون مَ چَئو واتان ورائي
اَڳِ اڳرائي جو ڪَري، خطا سو کائي
پاند ۾ پائي، وِئو ڪيني وارو ڪينَ ڪِين.
بيت - 17
هو چُونيئي، تون مَ چئو، واتان ورائي ويڻُ
سَڀَنِ سين، سيّد چَي، مَنُ ماري ڪَرِ ميڻَ
کانڌِ وڏيائِي کيڻُ، ڪيني منجها ڪينَ ٿِيي.
بيت - 18
ڪَنِين ڪِينَ پِرانئيو، منجها ڪِيني ڪِينَ
جي هوءِ سَٽائي سِيڱَ، ته زِهَ ڇِني جوکو ٿِيي.
بيت - 19
سُڻِي ويڻَ ڪَننِ سين، ورائِجُ مَ وَرِي
هاديَ جي هدايتَ جي، آهي اِيَ ڳَرِي
جَنِين ساهَ سَرِي، تَنِ مارِئو نفسُ ماٺِ سين.
بيت - 20
چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجُ، ويڻُ ورائي سامُهُون
ڪا مَتِ قيمتَ جهڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجُ
ويڻُ مَ ورائيجُ، ته سَڀَ دَرِ سُهاڳِي ٿِيين.
بيت - 21
چوندن چيو مَ ڪَرِ، آڻَ-چُوندڙَنِ چيو وسارِ
اَٺَ ئِي پَهرَ ادبَ سين، پَرِ اِهائي پارِ
پايو مُنہُ مُونَنِ ۾، غربتَ ساڻُ گذارِ
مفتي منجهه وِهارِ، ته قاضي ڪانيارو نه ٿِيين.
بيت - 22
ٿُندُ مَ ٿاءِ ڪُٿاءِ، ٻوڏِ چُونيئي، جيُ چَؤ
جي ڀايين پِري مِڙان، ته ڏوهَنِؤن ڳُڻِ ڀانءِ.
بيت - 23
جَنين سندِي جِيُ ۾، ڀَتو ڀَتين ٻوڏُ
ڪَهڙو ڪريين ڪوڏُ، هِنيَڙا! پَسِي تَن کي.
بيت - 24
جَني سندي ٻوڏ ۾، ڀَتو ڀتين جِيءُ
تون تَني سين پِيءُ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
بيت - 25
ويٺي جَني وٽِ، ڏُکَندو ڏاڍو ٿِيي
سا مجلس ئي مَٽِ، جي حاصلُ هوئي هزارَ جو.
بيت - 26
ويٺي جَني وٽِ، ڏُکندو ڏُورِ ٿِيي
تون تني سين ڪٽِ، اوڏا اَڏي پکڙا.
سرود کنڀات
فصل اول
بيت - 1
ڀلائِي آهِينِ، پرين ڀلائيَ پاهِنجيَ
سٻاجها سِرِ چَڙِهئو، ڏوراپو نه ڏينِ
مان ڏي مَديون ٿينِ، سَڄڻَ سَڄائِيَ ۾.
وائي - 1
جيڏيُون! هِيُ ضرورُ،
آيَلَ! ڪيئن رهندو پِريَ ري
سَگهو ساعتَ نه جندڙو، اَٺَئِي پهرَ مَلُورُ
مَنَ ۾ مُشتاقنِ جي، ساڄَنَ! تُهنجو سورُ
پيرين آءٌ نه پُڄڻِي، ڏيہُ پِريان جو ڏورُ
وَڃي ويلَ سڀڪَهِين، هِنيَڙو پِرِيَ حضُورُّ
وائي - 2
اَڱڻِ آيامِ پيهِي، يا اللهَ! مون سارِيندي سُپرين
مُشڪ عطرُ مون پرين، سِڪِيَسِ ڄَمُ سڀوئي
تَنُ جَنِي جو طالبو، روحُ تَني ساڻُ ريهي
وائي - 3
وَهِلي وَن مَ وِهامِي،
رَهُ راتِ، رائيندِيس پِريَ کي
شَمعُ ٿيندِيس شبَ ۾، اِنَ خوشِيَ کان کامِي
بابُوئَنِ سندِي باهِ جِئن، ٻَران شالَ اُجهامِي
پريتِ جا پِيتَمِ جي، ڪينَ پروڙِي عامِي
مونکي مُون پِريَنِ جو، آهي دردُ دوامِي
آهيان يارُ سيّدَ جو، ڪانَه رهِي ڪا خامِي
روشنُ ٿِئا رڃَ ۾، جي هئا لَئي اِنهين لامِي
ڪارِي سا قِيامِ سين، هوتِ جِنہِ جو حامِي
آيَمِ تَهِين لوڪَ سان، جي مان چَوَنِ سامِي.
بيت - 2
پيشانيَ ۾ پِريَ جي، ڀَلائِنِ جا ڀيرَ
اڱڻِ اُڪنڊِيَنِ جي، ڏي پاٻوهي پيرَ
قمرُ پاڙي ڪير، شمسُ سُپيريَنِ سين.
بيت - 3
هيُ چَنڊُ اُهوئِي، جو هُتِ پَسي ٿو پِرِين کي
اَڏِتُ چئجُ اُن کي، ڏِيان جو روئِي
هيڪاندِيَ هوئِي، سانگُ مَ پوي سڄڻين.
بيت - 4
مَرُ هيڪاندا هُونِ پرين، سانگِ مَ وڃنِ سيڻَ
رهئا آهينِ روحَ ۾، نِتُ جَني جا نيڻَ
وِماسِئا جَنِ ويڻَ، ٿو تاريَ تَڳي تَنِ هِنيون.
بيت - 5
راتِ سَهائِي ڀُونِ سَنئِين، پَٽِيُون، وڏو پنڌُ
هلندي حبيبن ڏي، ڪرها! موڙِ مَ ڪَنڌُ
ٻَنڌُڻُ سوئِي ٻَنڌُ، جو پَهُچائي پرينِ کي.
بيت - 6
رات سهائي، ڀون سنئين، ڀائِي گهُرجي ڀَلُ
آهُرَ ۾ ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرِي چَلُ
مون توهِين سين ڳالڙِي، ٻي ڪَهِين مَ سَلُ
هَاهُرَ ڪندو هَلُ، ته کِجائِيون کَرَنِ کي.
بيت - 7
رات سهائي، ڀون سنئين، پِرتِ نِئين، پنڌ پُورِ
مَيا! محبوبنِ جي، هلِي وانءُ حضُورِ
جي چُڻڪَنِ چِتَ ۾، سي ڪئن سڄڻَ ڏُورِ
اللهَ لڳِ اَسُورِ، اُهائين ٿِي آءُ تون.
بيت - 8
اَڄُ پُڻ اَڇائِي، چوڏَهِيَ ماهَ چنڊَ جي
مون گهرِ مون پرينِ جي، اچڻَ جِي وائِي
مون گهرِ واڌائِي، پَئِي کامِ کَرَنِ ۾.
بيت - 9
اڄ پڻ اُمارو، چوڏهيَ ماهَ چنڊَ جو
مون گهر مون پرين جو، اچڻ جو وارو
سڄڻُ سوڀارو، ڀيڄَ – ڀِنِيَ گهرِ آئيو.
بيت - 10
چوڏَهِيَ چَنڊُ نه اُڀري، اوڻٽيهَن پَسيسِ عامُ
مَٿِسِ ناهِه ملامُّ، جيڪِين پُڃين پُڇُ سو.
بيت - 11
چوڏهي چنڊَ نه اُڀرِين، سَهسين ڪري سينگارَ
پَلَڪَ پِريان جي نه پَڙِين، جي حيلا ڪرين هزارَ
جِهڙو تون سڀُ ڄمارَ، تِهِڙو دمُ دوستَنِ جو.
بيت - 12
سهسين سِڄَنِ اُڀري، چوراسِي چنڊَنِ
باللهِ! ري پرينِ، سَڀَ اونداهِي ڀائِيان.
بيت - 13
چنڊ تُهنجِي ذاتِ، پاڙِيان تان نه پِرينِ سين
جِئن تون اڇو منجهِه راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجهرا.
بيت - 14
چنڊَ چِٽائي تُهنجي، سَهائِي مون سُورُ
لايان لالَ لِڱنِ کي، چندنُ ڀَري ٻُورُ
ڪوماڻو ڪَپُورُ، مون واجهائيندي پِريَ کي.
بيت - 15
چنڊَ لڳنِئي مَنڊَ، سنجهيئِي شِيخَ ٿِين
ڪَرِ اُونداهِي اَنڌَ، ته مِلان محبوبنِ کي.
بيت - 16
چَنڊَ چَئِين حقُ، جي وِڙهين جي وِچڙِين
ٻه اکيون ٽئو نڪُ، تو ۾ ناهِه پيشانِي پِريَ جي.
بيت - 17
چنڊ چئين سَچُ، جي مَٺِي نه ڀائيين
ڪڏهن اُڀرِين سنهڙو، ڪڏهن اُڀرِين ڳَچُ
مُنہَ ۾ ٻرِيئِي مَچُ، تو ۾ ناهه پيشاني پريَ جي.
بيت - 18
کڻِي نيڻَ خمارَ مان، جان نازُ ڪِئائون نَظَرُ
سورجَ شاخُون جهَڪِيون، ڪوماڻون قَمَرُ
تارا، ڪَتيُون تائِبُ ٿِئا، ديکيندي دِلبَرُ
جهَڪو ٿئو جَهنوَرُ، جانبَ جي جمالَ سين.
بيت - 19
اُونداهِي اَڌِ راتِ ۾، پِرِيَ پَسايو پاڻِ
چنڊُ ڪَتِنِ ساڻِ، پيهِي وِئو پَڙلاوَ ۾.
بيت - 20
تارا تيلِيَ رُوءِ، لِڌا لالڻَ اُڀِرِين
جِهِڙو تون صُبوحُ، تِهڙِي صافِي سڄڻين.
بيت - 21
توڏانہَ گهڻو نِهارِيان، تارا تيلاهِين
سَڄَڻُ جيلاهِينُ، تون تيلاهِين اُڀرين.
بيت - 22
هُنَ تاري، هُنَ هنڌِ، هُتِ منهنجا سُپُرين
سڄڻَ ماکِيَ مَنڌِ، ڪَوڙا ٿِينِ نه ڪَڏِهين.
بيت - 23
هن تاري، هن هيٺِ، هت مهنجا سپرين
سڄڻ ماکيَ ميٺِ، ڪوڙا ٿين نه ڪڏهين.
بيت - 24
هن تاري، هن جاءِ، هت مهنجا سپرين
سڄڻ ماکيَ ساءِ، ڪوڙا ٿينِ نه ڪڏهين.
بيت - 25
تارا تِرَ تِرو کِڙيون، مَٿِنِ ڦُلَڙِيُون
کوءِ سي راتَڙيُون، جي مون پِريَ پُڄاڻا پيئِيُون.
فصل دويم
وائي - 1
آهِينَمِ ڳالهَڙِيون، ماءُ! مرادون پِريَ سين
جي مان پيئيون پريَ ري، کوءِ سي راتَڙيون
جي مان اوريون پريَ سين، وَرُ سي راتَڙيون
پَسڻ ڪارڻِ پرينِ جي، پاتيَمِ جهاتَڙيون
آڌيَ، عبداللطيف چَي، ڪُهَنِ ڪاتَڙيون
وائي - 2
سَڌين سيڻَ نه هُونِ، نيہُ نياپي نه ٿيي
موٽَڻِ جَني مِيهَڻو، پِڙَ تي سيئي پُونِ
ڪارِيَ راتِ رت ڦُڙا، جان جان نيڻَ نه رُونِ
جَنِ مسافِرَ سپرين، سي مَرُ رويو رُونِ
وائي - 3
توڙين تَڙِيين تون، ياالله! تو در توءِ نه ڇَڏِيان
مونکي سو مشاهدو، جئن مُنہ نه ڏيين مون
مون ٻِئا دَرَ گهڻا نهارِئا، آهِين تونهِين تون
بيت - 1
ناسِيندي نِگاهَ، پهرِين ڪِجُ پرين ڏي
احوالَ عاجِزَنِ جا، آکِجُ لَڳِ الله
روزُ نِهارِينِ راهَ، اَکيُون اوهان جي آسَري.
بيت - 2
ناسيندي نَظَرُ، پهرين ڪج پرين ڏي
قمرَ چئيجُ قريبَ کي، نِسَتُ ۽ نَٻَرُ
ٻِئو ڀَروَسو نه ڀَرُ، اکيون اوهان جي آسري.
بيت - 3
ناسيندي نِرِتِ، پهرين ڪج پرين ڏي
قمر چئيجُ قريبَ کي، ساري ساڻُ سُرِت
ٻئو ڀروسو نه ڀِتِ، اکيون اوهان جي آسري.
بيت - 4
ناسيندي نِهارَ، پهرين ڪج پرين ڏي
آءٌ جي ڏيَئِين سَنِيها، سي چئج چنڊَ اَپارَ
ساڄنَ! سڀَ ڄمارَ، اکيون اوهان جي آسري.
بيت - 5
چڱا چنڊَ چئيجُ، سَنيها کي سڄڻين
مٿان اڱڻَ اُڀرِي، پِرينِ جي پئيجُ
جهيڻو ڳالهائيجُ، پيرين جهي هَٿَڙا.
بيت - 6
آءٌ جي ڏيئين سنيها، سي تون چنڊَ! پَلَئي ٻَنڌُ
چئجُ حالُ حبيبَ کي، نيئِي نُوڙائي ڪَنڌُ
تو تيڏاهِين پَنڌُ، جيڏانہَ عالَمَ آسَرو.
بيت - 7
اُڀِرُ چنڊ، پسُ پرِين، تو اوڏا، مون ڏورِ
سڄڻَ سُتا وِلهَه ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورِ
پيرين آءٌ نه پڄڻِي، ٻاٻَلُ ڏي نه ٻُورِ
جِنہِ تي چَڙهي اَسُورِ، سنجهي سڄڻُ ساٽيان.
بيت - 8
آءٌ اُڪنڊِيائِي مَران، پِرين ڀلا پَرَ ڏُورِ
ٻاٻَلَ ڏي نه ٻُورُ، پنڌَ نه جوڳِي پِيَڙي.
بيت - 9
ڌڻِي! ڪَريندين ڪَڏهِين، حياتيَ هيڪاندِ
مَنَ ۾ مشتاقن جي، ڪئي رَنجائي راندِ
پرين ڏيساندرَ پاندِ، ڳُجهه ڳَرَهِيان ڪَنِ سين.
بيت - 10
هِنيَڙي سڄڻَ سارِئا، ڪٿي هوندَ مِ هيرَ
اچِي لالڻَ نه ڏيين، مٿي پلنگَنِ پيرَ
ٿِي وِروهَڻَ ويرَ، ڳُجهه ڳَرَهِيان ڪن سين.
بيت - 11
وَڏُپَڻَ ۽ واءُ، ڪَرَهي کاڏو کوڙِئو
کوءِ ٻَنِ پَلاڻاءُ، اولاڻِئو نه اُٿِيي.
بيت - 12
پلانڻِئا ٻِئو، اولاڻِئو نه اُٿِيي
جيڏانہ وَڳُ وِئو، توءِ تَرَسي اوڏهِين.
بيت - 13
ڪرَهو نه ڪَيڪاڻُ، پيرين آءٌ نه پُڄڻِي
جي مون راتِ رساڻيين، نيئي ساڄنَ ساڻُ
مون نه وَهِيڻو پاڻُ، ويٺي نيڻَ نِچوئِيان.
بيت - 14
ڪَرها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وکون وجهُه وَڌنديُون
هيڪَرَ حبيبنِ سان، مونکي نيئِي گَڏِ
مَڇُڻ پُونيئِي هَڏِ، آهُون اُڪنڊِيَنِ جِيون.
بيت - 15
ڪرها! ڪَسر ڇڏِ، وِکَ وڌندِي پاءِ
مُهنجو هَلَڻُ اِتَهِين، جِتي جانبَ جاءِ
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻئو وڳُ لاڻِي کاءِ
اِيَهين اُٺَ اُٺاءِ، جئن هوندي راتِ هُتِ مِڙُون.
بيت - 16
ڪسر ڇڏِ ڪنواٽَ، وِکُون وجهُه وَڌنديون
سَنئِين سُپيرينِ جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ
ڇڏِ جهورِي ڏي جهاٽَ، ته هُوندي رات هتِ مِڙون.
بيت - 17
ڪَرها! ڪُرُ سڃاڻُ، پِئُڪو ۽ پاهنجو
اصل آهي اَهِنجو، ناليرو نِڌاڻُ
ڪرها! اسان ساڻُ، ڪي چانگا! ڪِجُ چڱائيون.
بيت - 18
آڻي ٻَڌمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکڙِيون چَري
ڪُڌاتُورو ڪَرَهو، لِڪئو لاڻِي کاءِ
ان مَيي سَندين ماءِ، مونکي ڳالهِينِ ڳوڙها ڪِئا.
بيت - 19
مَيا! مڃ منٿَ، اڄُ مهنجِي ڪَرَها!
جهاڳِيندي جَر-پَٽِيُون، متان ڪريين ڪَٿَ
سُپيريان جي سَٿَ، مونکي نيئِي ميڙيين.
بيت - 20
ڳَلِ ڳانا ياقوتَ جا، موتِيَنِ ڳُتِيَسِ مالَ
ڪَدِيفِي جي ڪرَها! هَيدِي پائيين حالَ
چَندنُ چاريين جالَ، جي مون راتِ رَساڻيين.
بيت - 21
ڳَلِ ڳانا ياقوتَ جا، موتي منجهه مهارَ
چانگا چندن چاريين، اَٺئِي پهر اَپارَ
سندِيَ پِيَّ پچارَ، جي مون رات رساڻيين.
بيت - 22
ميا! تو مهارَ، سڄِي پايان سونَ جي
چاريان چندنَ چوٽيون، نايون ميندِيَ ڏارَ
سنديَ پيَ پچارَ، جي مون رات رساڻيين.
بيت - 23
اُٺُ نه وڃي وڳَ سين، چَري نه لاڻون
مِي کي مَجازَ جو، ٿوهي ۾ ٿاڻون
ڀَٽاري ڀاڻون، مَرندي سينئن نه مَٽِئو.
بيت - 24
اُٺ نه وڃي وڳَ سين، چري نه چانگو
لڳِيَسِ نائُڪَ نيہَ جي، نِهوڙئو نانگو
ڇڏي سِرَ سانگو، رِڙهي رَندِ پِرينِ جي.
بيت - 25
وِهي منجهِهين وڳَ، کٿورِيَ ڏارَ چَري
ماءَ! مهنجي ڪرهي، پڌَرِ پَڳَ نه لڳَ
جَڳَ سين جِهو جَڳَ، هِيين ساڻُ هُتِ چَري.
بيت - 26
ڀورُ نه چَري ٻُورُ، ڇڏئو تورُ تَڪُون ڪري
مونين هڻي موٽئو، ڪرهو راتِ ڪَپورُ
ميو ٿئو معمورُ، چندنُ چکِي آئِيو.
بيت - 27
چندنُ چکي آئيو، ٻي ولِ نه وجهي واتِ
ڪَرَهي ڪؤنرَ لتاڙئا، رَئي پَئِي رات
توڏي تنہ وَڻَ تاتِ، جنہ ۾ بوءِ بادام جي.
بيت - 28
اَڄُ نه اَڳِين ڍارَ، ڪرهو جئن ڪالَ هو
اڱڻِ آئيو نه ڪَري، پاهوري پچارَ
جيڪُس منجهه قطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين وِهَ جي.
بيت - 29
مَيي ماڳائِي، وِڌو واتُ وَلِينِ کي
خبرَ ٿي کيٽَ ڌَڻِينِ، وِڏوڻا واهِي
ڪَرَهي ڪاڪَتَ ڇڏي، وَرِيسِ نه وائِي
چانگي چرئائِي، ويئِي ويچاري وِسَري.
بيت - 30
مِٺيون لَهِي مُهاءِ، جي تو چانگا! چِنِيُون
وَلَڙِيُون وِهَه ساءِ، اَڃان تو مُهَندِيُون.
بيت - 31
وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پهنجي ڪَرَهي
وَلِيون جي واسَ وَرِنيُون، پَهرِيون مٿي پَٽَ
چانگي چَکِي چَٽَ، ته پوءِ نه رهندو پنڌَ ري.
بيت - 32
لکين سَئين چَرَنِ، ڪرها ڪَنگُوءَ ريٽَ تي
تِئان ويسَرِيَنِ، هٿِ نه آئيو هيڪَڙو.
بيت - 33
ڪِين جو ڪيڏاهِين، چانگو چَکِي آئِيو
تاڻِئو تيڏاهِين، نيٽَ ڇِنايو نِڪَري.
بيت - 34
ڪرهي کي ڪئِين، وِجهُه ڪي پَينڌَ پَلَڻَ جا
ليڙو لاڻِيَنِ کي چَري، نِيَرَ ساڻُ نئين
چانگي سندي چِتَ ۾، صاحبَ! وجهُه سئين
اوباهيوسِ اَئين، لطفُ ساڻُ، لطيف چَي.
بيت - 35
ڪرها توکي ڪامَ، مون سَچو پَسي سَڃِي
مانَ پروڙي مامَ، ساڱاهي سَئِين وِهِين.
بيت - 36
کنڀاتَڙِي، تَڙ وَرِي، اُڀِي تَڙِ واجهاءِ
مانَ اَچِهُون ڪاءِ، سُواڌائِي سَڄَڻين.
بيت - 37
چانگي چئي چُڪياسِ، مٿان اَڪَ نه اُلَهي
جِنہ وَلِ گهڻا وِهاٽِئا، اُنَ سين آرِ لڳياسِ
چوڌاريَ چندنَ وڻ، پَچِي پوڄِ پِياسِ
رئاڙي رتُ ڪِياسِ، هِنَ ڪُڌاتُوري ڪَرهي.
بيت - 38
آڻي اَڙائينسِ، ڇَڏِئو ته ڇيڪَ ٿئو
کارايان کِڙِئو وڃي، پَلاڻِي پائينسِ
ڏاوَڻُ تنہ ڏائينسِ، جئن چَري ۽ چِنگهي ڀُڻو.
بيت - 39
دو دشفستِي دو پيرَ، سِيني سنگهَرَ رُڪَ جِي
ماءِ! مهنجي ڪرهي، تازي ڦُلَنِ هيرَ
تِنہ کي ڪامَڻَ ڪندِي ڪيرَ، جو مُونهِين وٽِ مَسَ رهي.
بيت - 40
ڪَنِين ڪامَڻَ ڪِياءِ، ڪِين ڀَنڀُولين ڪرها!
اڱڻَ مٿي اکِئا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاءِ
وَڳَ ڪِ وِسِرِئاءِ، ٻَڌو جئن گهاڻي وَهِين.
بيت - 41
نَوَ نِيَرَ پائي، جان مُون هينئڙو جهلئو
وِئڙو ڇِنائي، پوئينءَ رات پِرينِ ڏي.
بيت - 42
نو نيرَ، ڏهَه ڏاوِڻيُون، پنڌرهن پينڌ پِياسِ
جڏنہ سڄڻَ يادِ پياسِ، ڇِرڪَ ڇِنايَئِين هيڪَڙي.
بيت - 43
کائي نه کٽڻهارَ، چندنَ جا چُوپا ڪَري
اَگَرَ اوڏو نه وڃي، سَر کنڊَ لهي نه سارَ
لاڻي جِيَ لغارَ، ميو متارو ڪِئو.
بيت - 44
چانگا چندنُ نه چَرِين، مَيا پِئينِ نه موڪَ
اگَ اوڏو نه وڃين ٿُڪئو ڇڏيين ٿوڪَ
لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪِهڙي اَکَرَ آئڙي.
بيت - 45
جئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺيون، پنجين لکين پاءِ
ميو تنہ ماڳاءِ، ڏِيهاڻِي ڏارَ چَري.
بيت - 46
جئان ڪوڙ ٻه ڪاٺيون، پنجين لکين پَنُ
تِئان ڇاڻي ڇُڳِيُون، مَيي رَتو مَنُ
تنہ وَلِ سندو پَنُ، ڪُماڻو ڪوڙيون لَهي.
بيت - 47
لکِ لاکيڻو ڪَرَهو، ڪوڙيون ڏيئي ڳڌومِ
اَڱڻِ سونہَ ٿِئومِ، مُلِ مهانگو مَ چَئو.
بيت - 48
لک لاکيڻو ڪرهو، ڪوڙيون ڏيئي ڇوڙِ
اِيها سِٽَ، سيّدُ چَي، جِيَهِين تِيَهِين جوڙِ
ترتُ رساڻي توڙِ، جُہ پلاڻِئو ته پريَ مِڙي.
بيت - 49
لک لاکيڻو ڪرهو، ڪوڙيون ڏيئِي ڪاهِه
ايلاچِيُون آهُرَ ۾، پوڄَ ميي کي پاءِ
ڪٿَ نه ڪندو ڪاءِ، جُہ پلاڻئو ته پِريَ مڙي.
سرود سر راڳ
فصل اول
بيت - 1
مانَ پُڇنيئِي سُپرِين، چِتان لاهي مَ چُرَ
اُنِي جا اَمُرَ، کڻُ ته خالِي نه ٿيين.
وائي - 1
سَهَسين شڪرانا، ڪوڙين ڀالَ ڪريمَ جا
ڪَر....
1. حمدُ چئيجُ حڪيمَ کي، ظاهرِ زبانا
تو ڏيکاري، تو ڌڻي، مانَ باطن جا بانا
2. متان مرد وساريين، صاحبَ جو ثنا
دوستُ رکي دِل ۾، پَڙهه لالَڻُ لِسانا
جفا ڏيئي جِيَ کي، ٿِيُ فِڪرَ منجهه فنا
تُسِي توسين توهُ ڪري، مانَ آگو احسانا
4. ڪڍُ تون دغا دِل مان، ٻانهپَ سين ٻانها
صاحبَ وڻي سچ سين، ٿيُ دانَہَ ديوانا
5. جي تسليمَ سين تحقيق هئا، سي ڪئن اَمانا
جاڳيا جي جبارَ لئي، سيئِي سَمانا
6. فَاذڪُرُونِي اَذڪُرڪُم، ڪَهيو قرآنا
وَاشُڪُرُولِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪڍ تون ڪفرانا
سڀ سَنوارئا سُپرين، قوالَ تو ڪَنا
چڱي چئِجُ چاءَ سين، مَدَحَ اِي مَنا
8. تائبِ ٿئو تَڪِڙا، جوشا جُؤانا
لهين تون لطيفَ کان، اَمنُ ايمانا
وائي - 2
پڇان ٿي تو کي هادي ميان!
پڇان ٿي توکي ....
والِي سائين، ڪٿي پِريانُ جا پکڙا
جِتان جتن لَڏِئو، لا! ڇَڻِئا پَکي پَنَ
جر موتي جئن هارئو، مهنجي هِينَڙي ڀڳا ڀَنَ
بيت - 2
مان پڇنيئي سپرين، چتان چُرَ مَ لاهِه
پرينِ اڳئان پاءِ، پَلَؤ مڱڻهارَ جئن.
بيت - 3
مان پڇنيئي سپرين، چِتُ ۾ رکِجُ چيتُ
سِڙُهه ڌُئاري صافُ ڪر، صابُڻَ ساڻُ سُپيتُ
سامونڊِي سُچيتُ، ٿِيُ ته پَهُچِين پارَ کي.
بيت - 4
مان پڇنيئي سپرين، چِتَ ۾ چيتاريجُ
ڪڍجِ ڪائي ڪچَ کي، ڪوڙُ مَ ڪمائيجُ
وَڻِيجُ وِهائيجُ، سَڀِ سوداگرَ سچَ جا.
بيت - 5
مان پڇنيئي سپرين، چتان لاهِه مَ چورُ
ڪڍُ تون قَلبَ مان، ماري ڪوڙو ڪورُ
هُنَ ڀَرِ سندو هورُ، مٿان تو معاف ٿِيي.
بيت - 6
مان پڇنيئي سپرين، چيتاريجُ چِتُ
دائمان دُربِيَ ۾، پَسِين وِلاتُنِ وِتُ
نِيہُ نِکاري نِتُ، ملاحَ گڏُ معلمَ سين.
بيت - 7
ڪچُ ڪَمايم ڪُوڙُ، ڀَڳَمِ عهدَ اللهَ جا
پڃرو جو پاپَنِ جو، چوٽِيَ تائين چُورُ
مَعلومُ اٿيئي مُورُ، ڳُوڙها! اِنِهين ڳالهه جو.
بيت - 8
ڪوڙُ ڪماءِ مَ ڪچُ، اُٿِي اورِ اللهَ سين
ڪڍِ تون دغا دلِ مان، صاحبَ وڻي سچُ
محبت سندو منَ ۾، ماڻِڪَ ٻارجُ مَچُ
اِنَ پَرِ اُٿي اچُ، ته سودو ٿيئي سَفرو.
بيت - 9
سودو اِهوئِي سڦرو، سو مون پَلئِه پاءِ
وَسُ ويچاري ناهِ ڪو، تون آگا! عَرَضُ اوناءِ
رِيَ همراهيَ هاديَ جي، مورِ نه مِڙي ماءِ
لُطفَ ساڻُ لنگهاءِ، لَهرو لَهرِنِ وِچَ مان.
بيت - 10
لُڙُ، لَهرِيُون، لَسَ، ليٽَ، جتي اَتُ نه آبَ جو
جوکو ٿِيي مَ جهازَ کي، ڦَرهي اچي مَ ڦيٽَ
لڳي ڪامَ لپيٽَ، هِنَ غاريبي غورابَ کي.
بيت - 11
سِڙَهه سَنوان، لاڄُو نوان، اولا جَنِ عاجَ
ساٿي سفرِ هلِئا، ڀري جُنگَ جهازَ
حاصل ڪرين هاجَ، واحدَ! وڻجارنِ جي.
بيت - 12
سڙهه سنوان، لاڄو نوان، مُهاڻا سندنِ مِيرَ
ساٿي سفر هلئا، ٿِئا سڻاوا سِيرَ
جي اچنِ ساڻُ اڪيرَ، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين.
وائي - 3
مون ۾ تون موجودُ، آءٌ اڳاهِين آهِيان،
آءٌ اسُونهين آهِيان
١. اکيون اکين کي، سِڪئو ڪَنِ سُجُودُ
٢. جيلاه رسيون ’بود‘ کي، تيلاه ٿيون ’نابُودُ‘
٣. ماڻهوئَنِ جي موٽڻَ جو، صاحبَ هٿِ سجُودُ
٤. اُنَ درَ سيئي اَگهِئا، جَنِ وڃايو وجود
فصل دويم
بيت - 1
جيڪِين منجهِه جهانَ، سو تارِي تَڳي تُهنجي
لُطفَ جي، لطيفُ چَي، تو وٽ ڪَمِي ڪانَه
عدلُ ڇُٽان آءٌ نه، ڪو ڦيرو ڪِجِ فضلَ جو.
وائي - 1
ڪنڌِيَ سارِيان ڪانَ، يا اَمَنُ امانُ
يا الاهي! اي الاهي! ٻاجهَه ٻيلاٽِي ڀائيان
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناهِه ڪو، اَپَرِ ٿئا عصيانَ
خبر ناهه خبر جي، نسورا نسيان
2. والِي! رسجُ وَهلو، اَرَکِ ٿِئا انسانَ
سُڻُ سٻاجها سپرين، نعرو نگهبانَ
مَدِيون پَسِي مُهنجيون، شرمايا شيطانَ
هن مهنجي حال تي، هَي هَي ڪن حيوانَ
4. سائين! سُکاڻي آهيين، سامونڊي سُبحانَ
تُرَهو ڇِنُ مَ تارِ ۾، رَسِجُ تون رحمانَ
5. ٻيلِي جو ٻُڏنِ جو، مون تي موٽي مانَ
ويٺو پِني پِنِڻو، ڪو ڀيرو مَٿي ڀانَ
6. خالقَ تان خوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گذرانَ
آءٌ پُڻ اَندوه انِ ۾، ويٺو پِنان پانَ
7. سوالِي سَمَگِئا، داتا ڏيئي دانَ
وِلها سڀ وَنهيان ڪِئا، تُهنجِي جُودَ جوانَ
8. متان مونکي ڇڏيين، ٻيلي سندا ٻانَ!
وِيرَ وسيلو آهِيين، داڙُو ۾ ديوانَ
9. لاءِ ڏوهارينِ ڏيہَ کي، خيمو اَڏِئون خانَ
اُتي، عبداللطيفُ چَي، سُڻِجُ ڪا سلطانَ
وائي - 2
آئيو هو اَلله! لالڻ آئيو
چُئا، چَندنُ، اڳر، کٿورِي، لالڻَ لڱَنِ لايو
ٻُڍو چَي، ٻاجهَه ٿِي، پِريَمِ تنِي گهَرِ پايو
ڳاهُون ڏيئي ڳُجهيون، مون پاڻِہِ پَرچايو
لوڪائي لڪَ ڪري، مون راتِ سَڄيائي رانيو
بيت - 2
سارِي راتِ سبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِئو
اُنِي جِي عبداللطيف چَي، مِٽيَ لڌو مانُ
ڪوڙين ڪَنِ سلامُ، آڳَہِ اچئو اُنِ جي.
بيت - 3
سيوا ڪَرِ سُبحانَ جِي، جِتِ جَرُ وَهي ٿو جالَ
سَئين وَهَنِ سمنڊَ ۾، ماڻِڪَ موتي لالَ
جي ماسو جُڙيئِي مالَ، ته پوڄارا پُر ٿيين.
بيت - 4
سي پوڄارا پر ٿِئا، سَمُنڊُ سِيوِؤ جَنِ
آندائون عميقَ مان، جوتِي جَواهِرَنِ
لَڌائون لطيفُ چَي، لعلون مان لَهرِيَنِ
ڪانهي قيمتَ تَنِ، مُلُ مهانگو انِ جو.
بيت - 5
سيوِؤ جَنِ سبحانُ، وِيرِ نه وِڙهي تَنِ سين
توبهه جي تاثيرَ سان، ترِي وئا طوفانُ
ڏيئي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرِ لنگهِئا آسانُ
ڪاملُ ڪِشِتِيبانُ، وچَ ۾ گڏِئِنُ واهَرو.
بيت - 6
ساِري رات سُڄاڻَ، سودو ڪنِ صاحبَ سين
ٻانهپَ ڀَري ٻيڙيُون، هلئا جوپَ جواڻَ
پاڻي پَهلواڻَ، لحظي ۾ لَنگهي وئا.
بيت - 7
ٻانهپ جو ٻيڙينِ ۾، وَکرُ وڌائُون
موتِي جي مهراڻَ جا، سچا سودِئائون
اَلتائبُ مِنَ الذَّنبَ ڪَمَن لاَّ ذَنبَ لَہُ، اِيَ کَٽِ کٽئائون
اُني جي آئون، برڪتَ بارُ لنگهائِيان.
بيت - 8
جَني سودو سچَ سين، وکرُ وِهايو
بُخُرو ’لَهُمُ البُشريٰ‘ جو، اُنِي لَئي آيو
اُن کي لالڻَ لنگهائيو، ساندارو سمنڊَ جو.
بيت - 9
اِيَ گَتِ غواصَنِ، جئن سمنڊَ سوجهئائون
پيهي منجهه پاتارَ ۾، ماڻِڪَ ميڙئائون
آڻي ڏنائون، هيرو لالُ هٿنِ سين.
بيت - 10
آڇاڙا عميقَ جا، گڏئا غَواصَنِ
جُهڙيُون جهاڳي آئِيا، ڪارونڀارَ ڪُنَنِ
سمنڊَ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِيَا.
بيت - 11
وِئا جي عميق ڏي، مُنہُ ڪائو ڏيئِي
تَنِ سِپُون سوجهي ڪڍِيُون، پاتاران پيهِي
پَسندِيُون سيئِي، اَمُلَ اکَڙِيَنِ سين.
بيت - 12
آڏو چِڪَڻِ چاڙُهه، مهنجِي موجَ نه سَهي مَڪُرِي
ميڙي مَٺايَنِ جو، بيحد چاڙِهئمُ بارُ
چوَڻَ چارو ناهِه ڪو، بديون بي شمارُ
ڪَپَرَ ڪارونڀارُ، اُڪاريين احسانَ سين.
بيت - 13
ويرَ مَ لاهي ويهُه، مٿي آرَ اوڙاهه جي
پَسِي پاڙي واريين، ڪِجُ انديشو ايهُه
ويندو نه پَسين ڏيہُ، پَتَڻُ هنَ پارَ مَڻي.
بيت - 14
اٺَئِي پهرَ اوڙاهَه تي، منجهه گهرِءَ گهاري
وَسُ نه ويچاري، ته ڪاماڳِ ڍُ ڪَندِي مَڪُرِي.
بيت - 15
هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي صاحبُ سَنواري
دَنگي هنَ درياه تان، هَلائي هاڪاري
تَرازُون تاري، سُتڙ سڀيئي ڪَري.
بيت - 16
هڪي ٻانهي چت ۾، ٻي سنواري صاحبُ
ڪڍي اونهي عميق مان، اِيُ آڳي جو عجبُ
اِيُ سائينءَ جو سبب، جئن ٻُڏا ڪڍي ٻارِ مان.
بيت - 17
هڪي ٻانهي چت ۾، ٻي جا ڪري اللهُ
پاڻِہِ وجهي ڪُن ۾، پاڻِہِ اُڪاري اوڙاهُ
تِنہ واحد کي واهُ، جو سُتڙ سڀيئي ڪري.
بيت - 18
هِڪي ٻانهي چت ۾، ٻي جا اللهُ ڪري
پاڻِہِ وجهي ڪن ۾، پاڻِہِ ڪنڌيَ ني
ستڙِ سي ڍوئي، جي تڙِ تَوائي مَڪُرا.
بيت - 19
هِڪي ٻانهي چت ۾، ٻي ڪري جوڙَ جبارُ
ڪڍي اونهي ڪُنَ مان، اِيُ آگي جو آڌارُ
جهازُ جوهَرِيَنِ جو، تنہ کي ڀَؤ نه ڏي ڀتارُ
ننڍا وڏا مَڪُرا، سَڀِ پَسندا پارُ
جيڏانہ مُنہُ مديني جو، سُڄي محمّدُ موچارُ
سٻاجهو ستارُ، سُتڙ سڀيئي ڪري.
فصل سيوم
بيت - 1
کُوها ڪالهه کڻِي، اُنِ وڌا اُترَ آسَري
اللهَ! جهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي
وڻجارنِ وَڻِي، وکرُ وڌو ٻيڙيين.
وائي - 1
ٻاجهَه ئِي مَڱان، مِهرَ ئِي مَڱان
اللهَ! يا اللهَ! هو! آءٌ ٿو ٻاجهه ئي مڱان
تون ئي ماريين تون جيِاريين، لطفِ اُٿاريين لَنڱان
ڌڻَي جا، ڌوٻي چَي، ڪَمَ مڙيئِي چَڱان
هِتِ پُڻ تونهِين، هُتِ پڻ تونهِين، ٻي در ڪاڏي آءٌ وڃان
کٽندين، کٽِي چوي، سُڻ صاحِبَ جي سڱان
وائي - 2
ساٿينِ نَنڌا بارَ وو! تَنِ پانڌينِ ننڌا بارَ،
توکي آرس اکين ۾
1. پاتا پاڙي وارِيين، پَڳهه منجهه پاتارَ
پتڻُ ٿو پُورَ ڪري، آئِي تهنجي وارَ
2. سَڄيون راتيون سُمَهِين، کِيو منجهه خمارَ
ڪر تو ڪَنين نه سُئِي، هلڻَ جِي هاڪارَ
3. تائبَ ٿيو تَڪِڙا، پَڙهو اِيَ پچارَ
ننڊَ نه ڪِجي ايترِي، سُڻيجُ ادا يارَ
4. سائين مُڪِهين سچَ کي، تون ڪوڙو منجهه قطارَ
ڪر تو ڪنين نه سُئِي، ڪپرَ جي ڪوڪارَ
5. گهِڙان ٿِي رِيَ گهَڙي، اَلاهِي تُهارَ
هو شڪُ شارِڪَ جو، تِئان رَکُ ستارَ
’ڪُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُالمَوتِ‘، سَچِي اِيَ سنڀارَ
شِڪارُ تون شهبازَ جو، تون تان منجهه شڪارُ
7. ’يَومَ يَفِرُّ المَرءُ مِن اَخِيہِ‘، جِت ڀڄندا ڀارَ
تُرهو ڇِنو تارِ ۾، اچِجُ تون اوسارَ
8. لَکَ مِڙيئي لُٽيا، هُنهين وِئا هزارَ
ڏِنَئِي جي اللهَ کي، هُوندَ ٿيين پرئين پارَ
9. جوٽَنِ مٿان جُٽِ ڪِي، دُنِيَ تُهنجي دارَ
جِيفو آهِه حديثَ ۾، اَنڌِيَ اِي آچارَ
وٽُيُئي ڪينَ وِلهنِ سين، ڪَنبي ڀَرِ قهارَ
سا ڪئن هَلي توسين، جا ڀَڳِي کان ڀتارَ
جِيَڻُ جالَ نه نِبَهي، سُڻِجُ اِيَ سنڀارَ
جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتينِ جِي ڀُلڪارَ
بيت - 2
وَکرُ سو وِهاءِ، جو پئي پُراڻو نه ٿِيي
ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذرو ٿِيي نه ضاعِ
سا ڪا هَڙَ هلاءِ، آڳَہِ جِنہ جي اُبَهِين.
بيت - 3
اورِئائين آڻينِ، ميڙِئو مُعلمَ خَبَرون
سا سُڌِ ڪانَه ڏِينِ، جتي وَهُ وِيڌُ ڪري.
بيت - 4
ٻيڙِي تُهنجِي ٻاجهَه، وکرُ تنہ وصالَ جو
کوها اولا تو ڪِئا، سَڀَ سونهارا ساڄَ
اُتِ ڪا مُعلمنِ مجالَ، جِت پُورَڻَ وارو پاڻهين.
بيت - 5
ٻيڙي پراڻِي، وکرُ پاءِ مَ وِتَرو
تَري ۾ تُنَ پِئا، پاسَنِئون پاڻِي
هِيَ هَڏِ وِهاڻِي، ڪَڙُهه ڪالهوڻي ڏينہَ کي.
بيت - 6
تَري تُنِ پئِاسِ، پاسَنئون پاڻي وَهي
کوهو جهُر جهُنو ٿِئو، لاڄو سَڀَ لَڙِئاسِ
جيلاه سَڌرُ سُکاڻِياسِ، وَهي تي وِهَ سامهون.
بيت - 7
ويٺو تُنَ تُنِيسِ، مَکِ ويهاڻي مَڪُرِي
سنباهي، سيّدُ چَي، مَٿي ناؤَ نِئِينسِ
وَٽائي وَڏاندِرا، لاڄُو لڳائينسِ
آخَرِ اُهرائينسِ، ته جوکو ٿِيي نه جهازَ کي.
بيت - 8
تُنَ تُنِيدو آءُ، مَکِ ڏيهاڻِي مَڪُرِي
سانباهي سمنڊَ جي، مَنان مُورِ مَ لاهِ
اَڄُ ڪِ سَنجهِه سَندِياءِ، اُهُرَندِي اَتانگهَه تَڙِ.
بيت - 9
اَچِي سو ڏِٺوءِ، ڪَپَرُ سوءِ ڪَنَنِ سين
سُتي لوڪِ، لطيف چَي، يادِ نه ذرو ڪِئوءِ
غافِلُ ٿِي غورابَ کي، اوڙاهَه تي آندوءِ
سو ڇِتَرُ ڇُهي کان رکيين، جو پِئو پراڻو پوءِ
جهازُ ضعيفن جو، پاڻيَ ۾ پرتوءِ
سيّدُ ساٿُ سندوءِ، پُربندرِ پَهچائيين.
بيت - 10
جُتو وَنءُ جهازَ، گڏِئو غُرابَنِ سين
پُوريندي هن پارِ ڏي، سَڌَرَ کَڻيجُ سازَ
اچنِ ٿا آوازَ، سَٽَاڻي سَمُنڊَ جا.
بيت - 11
دَنگِي وِچِ درياهَ، ڪِين ٻڏي ڪِين اُپِڙي
هو جي واڍي واڻِيا، سي سُونهَڻَ سڀِ سَڙِئا
مَعلمَ ماڳِ نه آڳِئين، ڦِلِنگي مُنجهِه ڦِرِئا
ملاحَ! تهنجي مَڪُرِيَ، اچي چورَ چڙِهئا
جِتي ڍِنگَ ڍَرِئا، تِتي تارِي تُهِنجِي.
بيت - 12
دنگيَ ۾ داڻا، وٺي وجهُه وَکرَ جا
وِيرَ وِڙهنديئي ويسرا! وِهُه مَ ويڳاڻا
اِيَ ننڊ نه ڄاڻا، ڪڏهن هڻندي تارِ ۾.
بيت - 13
وکرُ وڻجارا، پاڻُ پَرائو چاڙهِئو
اَچِي لهريون لڳيون، ٻيڙيَ ٻِه-پارا
جاڳو جي يارا، ته تَڙِ توائِي نه ٿِيي.
بيت - 14
ٻيڙياتا ٻيئِي، ڳالهيون تو نه ڦَٻَندِيون
سڄيون راتيون سُمَهين، ڀَرُ سُکاڻَ ڏيئِي
صباحَ سڀيئِي، پارِ پُڇندَئي خَبَرُون.
بيت - 15
وَهَ تِکَ وَهَڪُرا، جِت ننگرَ نه ٺَهَرَنِ
وَڏاندِريُون وَهَ سامُهيون، جهَجِهي جورِ جُنبنِ
نِينڊوءَ ۾ ناتارِيون، وڻجارا وِجهَنِ
مُلا مُعلمنِ، مون ڳَرِي سُئِي ڳالهڙي.
بيت - 16
وڻجارا ويٺي، تو نه سَرندِي شاهَ ري
مَکِ پهنجِي مَڪُرِي، چڱِي ڪَرِ چيٺي
پاسا پاکَڙِيَنِ جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي
جي لُنڊا ۾ ليکي، وِيرَ وِڙهندِي تَنِ سين.
بيت - 17
ناکئو نگهبانُ، مُعلمُ مُنجي خَبَرُون
تَنِ ساري کَنيو سمنڊَ ۾، سفرَ جو سامانُ
لُطفَ ساڻُ، لطيفُ چَي، تَنِ لنگهِئو طوفانُ
سنڀاري سبحانُ، وڃِي عادنِئون اُکَتا.
بيت - 18
سُتا سڀَ پَئِي، سندي مُعلمَ آسَري
آئِين پڻ سُمَهو ناکئا، بَندرِ ناهِ ڀَئِي
جَنِ جِي سيّد لڄَ کَنئِي، سي سڀِ لنگهندا لڪيون.
فصل چھارم
بيت - 1
سَڀيئِي سَنئِين ڪريين، ڪومَ مُنجهائين واٽَ
سُپيريان جي ساٿَ، لائون لَڱون ميڙيين.
وائي - 1
جاڳو يارا جيڏيون، پاڻُ پَرَنِ جي،
جاڳو جوشا جيڏيون!
1. هلندي حَبيبَن ڏي، ويلو وِچُ نه ڪِجي
مٿان اَوسَ اُسرِي، پتنگ جئن پئجي
2. عرضُ احوالُ اُن کي، چڱيَ ڀَتِ چئجي
ڪري نازُ نِڪَڻِين، واحدَ ڏي وَرجي
3. آهي موتُ مِڙَنِ تي، گوڙيون ڪِئو گجي
اَجَلُ اِيندُئي اوچتو، جو سدا ٿو سُڄي
4. اڳئان اونداهيَ جو، ثَمر ساڻ کڻجي
تان ڪِين قُوتُ قبر جو، ڳوڙِهيون آن ڳَرِجي
5. آگو عيبَ اَهَنجا، ڍَڪِئا ڳُجهه ٻُجهي
جيڪين وَهي وجودَ ۾، صاحبُ سو سمجهي
6. ڊڄي ڊاءِ ڌڻيَ جي، جيڪو ڀَئِي ڀڄي
اَمن آهي اُنَ کي، جو منجهه اللهَ جي اَجهي
بيت - 2
سڀيئي سبحانَ جي، ڪَرِ حوالي ڪَم
ٿِيُ تحقيقَ تسليم ۾، لاهي غم وهمَ
قادرُ ساڻ ڪرمَ، حاصل ڪريين هاجَ تون.
بيت - 3
چڱنِ ساڻ چڱائِيون، اِيئَن سَڀُڪو هوءِ
تو جِئن ڪري نه ڪوءِ، بُڇنِ ساڻُ ڀلائِيون.
بيت - 4
چڱا ڪَنِ چڱائيون، مَٺايون مَٺنِ
جو وَڙُ جُڙي جنِ سان سو وَڙُ سيئي ڪَنِ.
بيت - 5
مَيَنِ مَٿي ثَمرا، کُهِيَنِ سڏَ ڪَرِينِ
ساٿُ نڀايو نِينِ، اِيَ پَرِ سندِي سڄڻين.
بيت - 6
وِتُ وِيمي جو جي لهين، ته ٻِي ڪارِ نه ڪريين ڪا
سا پروڙجِ ڳالهڙِي، وڻجارنِ وٽا
موتِي جنِ هٿا، آندَئِي گهڻي ادبَ سين.
بيت - 7
اَمُلُ آڇِ مَ اُن کي، جي نه پروڙينِ مَتِ
جِت گڏجيئِي جوهَرِي، ماڻڪُ تِتِهين مَٽِ
جَني سونَ سين سَٽ، تَنِ هڻي رِيُّ ردِ ڪِئو.
بيت - 8
سونا وَنءُ صرافَ سين، لَڏو لاهه مَ لَڏِ
سودو سوئِي ڇَڏِ، جنہ ۾ جواهِرُ ناه ڪِين.
بيت - 9
سونا وَنءُ صرافَ سين، لڏو هَڏِ مَ لاهِه
آهي تَنِ اونداهِ، جَنِ جواهرَ ضاعِ ڪِئا.
بيت - 10
جُہ صرافنِ لڏِئو، ته تون لڏجِ سوَن
قدرُ لهندُئِي ڪونه، نيئِي گڏِيندَئِي گَڏوءَ سين.
بيت - 11
اَگهئو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي
پَلئه پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
بيت - 12
وِئا سي وِينجهارَ، هيرو لعلُ وِنڌِينِ جي
تنِي سندا پوئيان، سِيهي لَهنِ نه سارَ
ڪُٽِينِ ڪَٽُ لُهارَ، هاڻي اُنِي ڀيڻيِين.
بيت - 13
وڃنِ مَ وينجهارَ، پاڻِيَٺُ جي پرکِڻا
عينڪ پايو اَکيين، لَهَنِ سَڀَڪَنہِ سارَ
موتِيَ جي مزاجَ جو، قدرُ منجهه ڪِنارَ
صرافنؤن ڌارَ، ماڻِڪُ ملاحظو ٿِيي.
بيت - 14
ٿا صرافَ سُڄَنِ، پاڻ ڪوٺائينِ جواهِرِي
ماڻڪُ ڪري مُٺِ ۾، وانءُ وٺِي وٽِ تَنِ
سندسُ ئِي، سيّدُ چَي، ڪِهڙو قدرُ ڪَنِ
پاڻِيَٺُ ئِي پَرَکَنِ، ڪِر ڪَنچَلُ گڏِينِ ڪَچَ سين.
بيت - 15
اَمُلُ اَساري پَئي ڀورِي! ڀَڳُئي جِتِ
ڪُہُ نه رُنئين تِتِ، ٻَئي اَڌَ هٿِ ڪَري.
بيت - 16
اَمل اَساري پئي، ڀورِي! ڀڳوءِ جيئن
وَنءُ صرافن سيئن، ٻئي اَڌ هٿ ڪري.
بيت - 17
ماڻِڪُ مُنڌَ هَٿا، پيتيَ ۾ پُرزا ٿِئو
سڄو تان، سيّد چَي، لهي لکُ سوا
ڀَڳي پڄاڻا، پَدَمان ئِي پَري ٿِئو.
بيت - 18
جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتُ چوران تَڪِيو
سَنؤن تني سڀاڳُ، اَملُ جَنِ اوڀائيين.
بيت - 19
چورُ اُڀوئِي چوءِ، ته آءٌ اُهوئِي آهِيان
جي آسِي اَکيُنِ هوءِ، ته لِڪي کي ڪونه لَهي.
بيت - 20
چورِيَ پَهَتُ ڳجهَه سين، پڌرِ ناهِه آرَٿُ
پهرين پاڻ لڪائي، پوءِ لڪائجُ وٿُ.
بيت - 21
پاڻِہِ لوڙائو ٿِينِ، پاڻہ دانهون ڏِينِ
گهر واري ڄاڻ ڪَنِ، چورن سَڏَ ڪَرينِ.
فصل پنجم
بيت - 1
مون ٿي چيو ڪانڌَ، ڀُتِي ڀاڙِ مَ مَڪُرِي
سِڙهَه پُراڻا پاندَ، لهريون صحي لڳندِيُون.
وائي - 1
عُمِرِ سڀُ عبثُ، ويلَ وڃايَمِ،
وقتَ وڃايَمِ پاهنجا
1. ويٺِي لِکئو لوڙيان، جيڪِين ڪِئو مَسُ
2. اَچي اڀاڳَنِ کي، رَسِجُ اَچِي رَسُ
3. حالُ مهنجو ههڙو جهڙو، تان تون پِريَم اچِي پَسُ
4. قلبُ ڪارو جو ٿئو، سو تون ڪاتِبَ لاهيين ڪَسُ
وائي - 2
اي يا الله! ڪِئان لهندِيين سي، وحدهٗ جي وَڍئا
جتي وَحدهٗ وَڍُ ٿِيي، لا، جيڪو مونکي ني
سِسِي ڏِيان ساهَه سين، يا الا! آءٌ پانڌِيَ کي
بيت - 2
لهرنِ ليو ناهِ ڪو، جِتِ ڪَپرَ ڪُنَ ڪارا
آڇاڙا عميقُ جا، اچنِ اوڀارا
اُٿي آسارا، وِيرَ وَرَندِئي ويسَرا.
بيت - 3
وِيرَ وَرَندئِي ويسرا، اُٿِي توهُ طلَبُ
سائِرَ ڪِنہ سببُ، ڪالَ نه وِڌِه ڪُنَ ۾.
بيت - 4
ڪالَ وِڌائين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جهازَ
تهنجي اَڄُ ترازَ، آهي آرَ اکين ۾.
بيت - 5
آهي آرَ اکين ۾، ناکئا! ڪِجُ نگاهَ
وڏا ٻيڙا ٻوڙئا، سائرَ ڏيئي ساهَ
ملاحِظو ملاحَ، ڪِجُ ڪو اِنهين ڪُنَ جو.
بيت - 6
ملاحظو مهراڻَ جو، مُورِ مَ لاهِه مَناء
سامونڊِي سڀاڳَ کي، سُمَهڻُ آيو ئي ساء
جهاڳي جَرَ مٿاء، تاري ونءُ ترازَ کي.
بيت - 7
تاري ونءُ ترازَ کي، منجها موجَ مَلاحَ
دانهون ڪَنِ درياهَ جيون، اونهي جا آگاهَ
سُونهنِ جي صلاحَ، وٺ ته وِيرَ لنگهي وڃين.
بيت - 8
سُونها سُڌِيُون ڏِينِ، هِنَ ديواني درياهَ جيون
ڪُوڙَ اوڏائِي ڪينَ ڪِين، رڳو سچُ سودِينِ
عِجزَ جو اڌَ راتِ کي، وَکَرُ وِهائِينِ
ساٿُ نباهِيو نِينِ، ثابتُ اِنَهِين سِيرَ مان.
بيت - 9
ثابتُ لَنگهئا سيرَ، لَهرنِ لوڏئا ڪينَ ڪين
وڃي پَهُتا پارَ کي، نرتؤن منجهان نِيرَ
ماءِ! پَهُتا مِيرَ، پارِ لنگهئائون ٻاجهَه سين.
بيت - 10
تون ويسَرو وِيرَ، ساٿين سَنبَتِ پنڌ جي
جهوني جُنگ جهازَ کي، ڪوڏِ هڻائِجُ ڪِيرَ
وَهي وڻجارن جي، بندرَ ڏانہ بَهِيرَ
گهَرِ تَني جي کيرَ، جَنِ لاڳيدار لنگهائيا.
بيت - 11
ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، عَطُر ۽ عَنبيرَ
هِهَڙو وَڻِجُ وٺي ڪري، وِجهُه وڻجارا وِيرَ
ڀُتِي ڀاڙِ مَ مَڪُرِي، اڳئا سائِرَ سُڄي سِيرَ
گهَرِ تَني جي کيرَ، ساٿِ جَني جي سَڃيُون.
بيت - 12
ڪرڦل ڦوٽا پارچا، پاڻِيَٺَ پاتائون
ڪوٺيون قيمتَ سنديون، تَرَ ۾ تاڪِئائون
لاڄُنِ منجهه، لطيفُ چَي، ٻيڙا ٻَڌائون
نذرُ نبيَ ڄامَ جو، چَڙهندي چَيائون
جي ڇُهِي ڇوڙِئائون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهَه سين.
بيت - 13
ڪرڦل ڦوٽا پارچا، پاتائون پُڙيون
اُنِي کي، عناتُ چَي، ڦيرُ نه ڪَنِ ڦُڙيون
جي ڇهي منجهه ڇُڙيون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهَه سين.
بيت - 14
وِچينءَ جان ويهي، جَرِ پَلئُه، پائيان
تَڙِ ٻيڙا، گهرِ سُپرين، اَوسَہ اِيَ پيئي
جئن وڻجارو سين وَکرين، سَرها سڀيئِي
حُرمتَ ساڻُ حبيبَ جي، سُونگِيا نه سيئي
پاڻهي او پيهِي، کنڊَ کيڙاؤ آئِيا.
بيت - 15
تڙَ پوڄِئا، گهرَ سورِئا، جَني واسِئا وارَ
پَڙَ لڪا کان پَري هُئا، اُنِي جا ڀَتارَ
آيا سڀ، عناتُ چَي، اُنِ جِي پَٽَنِ پوءِ پچارَ
سَمنڊُ ساهُوڪارَ، سِيلُ رکي سَنجهَه آئيا.
بيت - 16
ويٺِي جَرُ جهارِيان، پاڻِي لَئي پِريَنِ
خضرِ پيرُ خداءَ جو، مانَ موٽائي تَنِ
وڃي ولاتُنُ ۾، جُڳَ لَڳا کي جَنِ
جَنِ ڏٺا، تَنِ چيا، ته اِجهي ٿا اچَنِ
سَئسين سُرهايُون لائيان، تَنَ کي خاطرِ تَنِ
الاهي، عنات چَي، محبَ مانَ مِڙنِ
واڌايُون ورتَنِ، کنڊَ- کيڙائون آئِيا.
فصل ششم
بيت - 1
تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌِ پهنجو تُرَهو
اونهي ۾ آڻي، ڪونه ڏيندوئِي ڪو ٻِئو.
وائي - 1
هِي جي، هو جي، مون ماريندا لَڪَ
مون ماريندا لڪَ، يا والي! ڪيچُ نه اوڏڙِيَ ڇِڪَ
اَتُ نه ڏج عامَ کي، لوڪان ڪجي لِڪَ
پاڻَ ۾ پاريون ڪري، نيہ وِهائِجي نِڪَ
بيت
سامونڊي ٿو سَنبَهي، ساڄو جهَلِ سکاڻُ
لڳي واءُ وڏاندرو، مُنجهائي مهراڻُ
جَني ڀانئيو پاڻُ، ڪري توائي تَنِ کي.
بيت
سوداگر سمونڊَ جا، لاڄُو لالَ وٽيجُ
اَڇا اولا عاجَ جا، چڱا چٽائيجُ
سِڙهه سِبي سغلاتَ جا، کوها خوبُ کڻيجُ
ست سکاڻَ سَرِ ڪَري، ڇهه ڇڄهريون اَڏيجُ
ٻارهن، تيرهن، پنڌرهن، سترهن سينگاريجُ
ساري سَٺِ، سيّد چَي، پورِي پڄائيجُ
ملا مُعلمَ خبرون، پُڇي پروڙيجُ
’وَ سَقٰهُم ربُّهُم شراباً طهورا‘، پاڻي پاڪُ پئيجُ
جنہ کي سڪي سَڀُڪو، پِرين سو پَسيجُ
لُڙ ۾ ڪيم لُڏيجُ، ته سُتَڙِ سامونڊي ٿيين.
بيت - 2
تارُو تَرِئو وَڃنِ، ننڍا وڏا واهُڙا
هَي ٻَرِ اَتارُنِ، جئن ڳَرا مٿنِ مولهِيَا.
بيت - 3
ڪائو ڪمايومِ، موتِي مون نه وَڻجِئو
سِيهي جو، سيّد چَي، وَکَرُ وِهايومِ
ههڙو حالُ سندومِ، توهَ تهنجي اُبَهَان.
بيت - 4
بندَر جان ڀَئِي، ته سُکاڻِئا! مَ سُمَهو
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جئن ماٽِي منجهه مَهِي
هيڏو سُورُ سهي، ننڊ نه ڪِجي ناکئا.
بيت - 5
ڏوري لَهُه ڏاتارَ، جِمَ وِهِين ويسَرو
هَڪِئو هوئجُ هشيارُ، کِوڻِ کِوَندئِي اوچتي.
بيت - 6
سُتين ڪِهڙيَ سارَ، وِڄُ کِوَندِئي ويسَرا
تو جيڏا تو يارَ، لَهرِ لَهوارا ڪِئا.
بيت - 7
سُتين سنجهيئي ئي، وِڄُ کوندئي ويسرا
وِيرَ وَرِي ويئِي، اَسارَنِ تان اوچتي.
بيت - 8
کِوڻنِ کِوايو، آئِي ننڊَ اَڀاڳَ کي
جَني ڀَئو نه ڀانئِيو، ڪري توائِي تَنِ کي.
بيت - 9
نڪو سکُ نَکَٽين، نه ويساندِ نَئِين
جيڪا اچي ئي سامُهِين، ڀايين سا سَئِين
موڙِهيين ڪُہ مَئِين، جئن سڄيون راتيون سمَهين.
بيت - 10
اَهُکِي راهَ اللهَ جي، اَهُکِي اَهُکِيَ ڀَتِ
هو جي ڏيهائِي ڏيهَه جا، تَنِ پڻ مُنجهي مَتِ
آڇاڙان اُبَتِ، گهِڙِج گهاٽي نيہَ سان.
بيت - 11
مَ ڪِين هيجُ، مَ هوجَ، تَرَسُ تاڻِ جهازَ کي
چئو ڪلمون محمّد تي، ته اڳئان اچئي اوڄُ
سَهُکِيَ ڀَتِ سَٻوجهَه، تهنجي مَڪي ڍُڪي مَڪري.
بيت - 12
توهَ جي وَٺُ تَرازَ، تِنہ ۾ پاءِ اَسبابُ اِخلاصَ جو
متان ڪِين مَنُ لوڏيين، پَسِي جُنگَ جهازَ
عادَنئون، عناتُ چَي، تُهنجي حاصلُ ٿئي حاجَ
ناکُئا ٿيُ نوازَ، ته اَگهُه مِڙَنِي هيڪَڙو.
بيت - 13
تَنَ ۾ ترازو توهَ جي، گهڻو لَهُه گهوري
ادبَ ۽ اخلاصَ جا، سِڙهه ٻَڌجُ سوري
وَکرُ وينتِينِ جو، تنہ ۾ پاءِ توري
ته عادنِئون اوري، تهنجو توائِي نه ٿِيي.
بيت - 14
توڙي توائي، توءِ تهنجو آسَرو
سَڄَڻَ ڳَرِ لائي، کِيرون ڏينديس جيڏيين.
بيت - 15
وِهُ تون وِساري، چَڏا جي چِلُر جا
ڪَرِ ساڃاءِ سمنڊَ سين، جو لکَ لهريون ڏي.
سرود سامونڊي
فصل اول
بيت - 1
پَڳَہَ پاسي گهارِ، آيلِ! سامونڊيَنِ جِي
وِجهِي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وڃَنيئِي اوهَرِي.
وائي - 1
پرِيَنِ جي پنڌان، مونکي جي جهَلِيندِيون سي نه پُڄنديون
ڀَلِي ڪَري آئِيو، ٺاٺارو ڏيها
ڀَڳي ڪُٽِ سَڄِي ٿِي، لَٿِي جهاڳ گهرا
سرتِيَنِ سور پرائيا، هاڻي هِن هنڌا
تان ڪين واسُ وِهائِيو، ٻاروچي مُلا
تان ڪين ڏونگرُ ڏورِيان، جان ڪُرِ اندرِ سا
مَتيون موٽَڻَ سنديون، تون هَڏِ آڇِ مَ ما
وائي - 2
تَڙ نِهارِيان تي، مُهنجا بندَرِ وِئَڙا جي،
مان سِڙهه سُڃاڻان سَڄڻين
اُڀِي اوسَہِ پائِيان، ڪارَڻِ وڻجاري
گهڻو اُڪنڊي آهيان، پِريَ پهنجي کي
کٿورِي سمُنڊَ کي، آڻي آکا ڏي
آسائِتي آهِيان، الله! ڪانڌُ اچي
وائي - 3
آيَلَ ڪريان ڪيئَن، مهنجو نِيہُ اَپَلِئو نه رَهي
وِئو وڻجارو اوهري، مونکي چاڙهي چِيئَن
سامونڊِيَنِ جي سڱَ کي، روئان راتو ڏِينهَن
اُڏوهِيَ جِئن ڏُکڙا، چَڙِهئا چوٽيَ سِيئَن
گوندرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِنِ جِيئَن
مادَرِ! پائي مُنڊيون، وڃان هاديَ سِيئَن
بيت - 2
پڳہ پاسي پَچُ، آيلِ! سامونڊين جي
وِجهِي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وڃَنيئِي اوهَرِي.
بيت - 3
پڳہ پاسي ويهُه، آيلِ! سامونڊين جي
تون ويسَرِي وِکَ کڻي، هو پوريندَءِ پرڏيهُه
سمُنڊُ جَنِ ساڻيهُه، ڪُہ نه وِئين اُنِ سين.
بيت - 4
جان ايندين تان آءُ، هَڻِي هَٿُ پڳهَه ۾
لَڳي واءُ سواءُ، سِڙُهه سانباهِي نه سَهي.
بيت - 5
نَنُگَرَ جان نه کَڻنِ، وَنءُ وهَلِي نِڪَرِي
مَڇُڻ ڏيہِ وڃنِ، ناريُون پوري ناکُئا.
بيت - 6
ننگر ۽ نارِيون، پڳهه کڻي پَنڌِ ٿِئا
بندرَ بازرِيون، سُڃا سامونڊيَنِ ري.
بيت - 7
ننگرِئو نيڻين، مَنُ اوليَ نه اوهري
سَٻاجهي سيڻين، پائي ڳُڻَ ڳَهِيو هِنيون.
بيت - 8
سيئِي جوڀَنَ ڏِينهَن، جَڏهن سَڄَڻ سفرَ هَلِئا
روئان رَهَنِ نه سُپرين، آيلِ! ڪريان ڪِيئَن
مونکي چاڙهي چِيئَن، وِئو وَڻجارو اوهري.
بيت - 9
نه سي تَڙَ خوراڪَ، نه وايُون وڻجارنِ جِيون
سَرتيون! سامونڊين جا، اَڄُ پڻ چِڪِئَمِ چاڪَ
مارِينِهُون فراقَ، پاڙيچِيُون پِريَنِ جا.
بيت - 10
وِئا اوهرِي اوءِ، مونکي ڇَڏي ماڳَهِين
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿِئا، تِئان نه موٽِئو ڪوءِ
گُوندَرُ مارِيندوءِ، ويچارِي وِئَنِ جو.
بيت - 11
اونهي ۾ اوهَرِي، جڏهن جي وِئا
سانداري سمُونڊَ جي، نهوڙي نِئا
وڃي تِتِ پِئا، جِتِ نِهايَتَ ناهِه ڪا.
بيت - 12
اونهي ۾ اوهري، جڏهن وِئَڙا جي
موٽِي ماڳِ نه آئِيا، ماءِ! سامونڊِي سي
کارو تَنِي کي، جيڪُسِ وَهُ ورِي وِئو.
بيت - 13
اوڙاهَه وِئا نه وَرِئا، آءٌ تنہ مارِي ويڻَ
ڪَري سامونڊِي سيڻَ، جُس جارُ پرانئِيو.
بيت - 14
جي وِئَڙَمِ اَڄُ، سي ڪڏهن اِيندا مان ڳَري
پِريان جِي هُنَ پارَ ڏي، وَڃي ڌَنڪِي ڌَڄُ
سامونڊيَڪو ڏَنڃُ، ماءِ! مارِيندُمِ ڪڏهين.
بيت - 15
اوهريا جِئائين، ڍُڪَنِ تَنِ ترائيين
سامونڊِيَنِ سائين، واءُ سَڻاؤ وارِيين.
بيت - 16
سامونڊي ساري، مٿي تَڙَ گُذارِيان
مونکي ٿِي ماري، اُنِي سندِي ڳالهَڙِي.
بيت - 17
سامونڊي ساري، ماءِ! مهنجو جِندڙو
بندرِ ويچاري، وڃي لايا ڏِينهَڙا.
بيت - 18
سامونڊيَڪو سَڱُ، آهي گوندرَ گاڏُئون
اَنگهُنِ چاڙهي اَڱُ، وِئو وڻجارو اوهَرِي.
بيت - 19
وڃِئي وِسَرِي شالَ، جو تو سودو سِکِئو
اَڃان آيُون ڪالَ، پُڻ ٿو سفرِ سَنبَهِين.
بيت - 20
ڳِرِيو جهَلئو روءِ، مَٿي مُهُري هٿَڙا
کوءِ سودو سَندوءِ، جو تون ڍولا سِکِئو.
بيت - 21
اُلوڻَڻُ نه ڏي، وَرُ وِڌائِين ونجهَه کي
رَهُه اڄوڪِي راتَڙِي، لالڻَ مون لائي
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفرِ سُپرين.
بيت - 22
جيڪُسِ نِٻَرُ نِيہُ سندومِ، جئن مون اُڀي، هُنِ ٿيلِئو
سَعيو سامونڊيَنِ سين، اڳِهن تان نه ڪِئومِ
وِجهَڻُ منجهِه هُئومِ، پاڻَ وراڪي رَسِ سين.
بيت - 23
ٻيڙِيَ جي ڀُوڻَنِ، نيہُ نه ڪِجي اُنِ سين
اُڀا ڏنڀَ ڏِسَنِ، جُہ سِڙُهه ڏيئِي سِيرَ ٿئا.
بيت - 24
هِنيَڙو ٻيڙِيَ جان، ڏُتَڙِ پي ڏينہَ ٿئا
پڇئو تان نه پِريان، ڪَرَ-لاهُو ٿِي ڪڏهِين.
بيت - 25
تَنِ جَني جي تانگَ، سي سَڄَڻَ سفرِ هَلِئا
لَئِجُ لاتِ، لطيفَ چَي، ڪڏهن ايندَمِ ڪانگَ
ڪِنہ سِٽاڻي سانگَ، پِرين پرڏيهي ڪِئا.
بيت - 26
تان ڪِين لَئجُ ڪانگَ، ڪڏهن ايندا مان ڳَري
سيڻَنِ ڪارَڻ سانگَ، مون تان گهڻيئِي ڪِئا.
بيت - 27
سَرَ نِسَرِئا پاندَ، اُتَرَ لڳا، آءُ پرين!
مون تو ڪارَڻِ ڪانڌَ! سَئسين سُکائون ڪِيون.
بيت - 28
سَرَ لوهِيڙا ڳَڀِئا، ڪُسَرَ نِسِرئا
سي ڪِ وِسَرِئا، ڍول! همارا هَٿڙا.
بيت - 29
جيڪرَ اَچي هاڻ، ته ڪريان روحَ رُچَندِيون
آيلِ! ڍولي ساڻِ، هوندَ ڳَرِ لڳي ڳالهيون ڪَرِيان.
بيت - 30
آيلِ! ڍولي ساڻُ، اَچي ته جهيڙِيان
لايَئِين ڏِينہَ گهڻا، مون سين ڪَيَئِين ٿورڙا.
بيت - 31
ڍولو وِئَڙو ڏُورِ، تي ٿِي سِيَّ گذارِيان
مادرِ! مون مَ چورِ، نا ته پَڌَرِ پُوندِي پَريَ ري.
بيت - 32
لانهيين دانهيين ڪَنِ، ڳالهيون هَلَڻَ سَنديون
ڏيندا مون ڏکنِ، وَهِ وجهندا جندڙو.
بيت - 33
مونکي جِيارِئوءِ، پِريَنِ جي ڳالهِه ڪَري
ڊَٺو اَڄُ اَڏِئوءِ، هِنيَڙو ڪوٽَ بُرجَ جئن.
بيت - 34
وَنءُ وَڃي واٽِ، هِنيَڙا ماڳُ پِريَنِ جو
چُمئو چُمُ چاٽِ، هوءَ جا سَندِي سڄڻين.
بيت - 35
آءٌ جَنِ آساري، مَٿي تَڙِ گُذارِيان
مونکي وِساري، شالَ مَ وڃَنِ اوهَري.
بيت - 36
سَنهين لَڪِ، نَڪِ سَئين، ڪَجَلَ ڀِنَنِ نيڻَ
سامونڊِي مون سيڻَ، ڪِ تو ڪالهه لنگهائيا.
بيت - 37
هِي: سَڄَڻَ سيئِي، جي مون ڪوڏِ نِهارِئا
ايندَمِ جان پيهِي، ته سڀِ لاهيندَمِ ڏُکَڙا.
بيت - 38
چَمَڪيون چوڌارَ، ڌَڄُون ڌاڙيچَنِ جيون
ماءِ! سامونڊي آئيا، سَئَسين ڪري سينگارَ
اُنِي جِي پچارَ، ڪالهونڪَرَ ڪانگُ ڪَري.
فصل دويم
بيت - 1
اَڄُ پڻُ وايُون ڪَنِ، وڻجارا وَڃڻَ جِيون
اَٺَئِي پَهرَ اَٿَن، سعيو ڪِنہ سَفرَ جو.
وائي - 1
آئِين مونکي زورِ مَ جهلئو جيڏيون وو!
آءٌ هلندِي هوتَ ڏي
اونهي وِئڙا اوهري، تَرازُون تاري
مرِي رهندِيسِ ماڳِهين، سامونڊِي ساري
سورُ تهنجو سُپرين! مون معذورِ کي ماري
هاڻِ نه جِيان جيڏِيون! آءٌ جا ڪُٺِيَسِ ڪوهياري.
وائي - 2
ڪَرهَلَ پائي لَڄُّ، ڪُہُ نه وِئيينَ اُنِ سين
اُجارِئائون اولِيون، ڌُئارئائون ڌَڄُ
متان وِهِين ويسَرِي، اُٿِي ڀورلَ ڀَڄُ
سيڻَنِ ساجهُرُ لڏِئو، تون آئِي نِهاريين اَڄُ
ڪالهه سِبايُئِي ڪَنجَرو، اَنگين پاتئي اَڄُ
ڪيرُ سُڻِيندو تهنجيون، اَدوراهُون اَڄ
وائي - 3
ويندِي آءٌ هوتنِ وٽِ،
مون وَهُ وڻجارنِ سين
پڳهه کڻِ مَ پاتَڻِي، جانِي! مون لَئي جهٽِ
وايون وڻجارن جيون، اديون! اَڄُ نه هَٽِ
ڳَرهِيان سورُ سفر جو، هَلِي پهنجي هَٽِ
پُورينديَسِ پرِيَ ڏي، ڪانه ڪَريندِيَسِ گهٽِ
ڏيئي سِرُ سِيرَ ٿئا، پيرُ نه لايَئُون پٽِ
بيت - 2
اَڄُ پڻ وايون ڪنِ، وَڻجارا وڃڻ جيون
مون اُڀي ئِي هلِئا، بندرَ جَنِ تَڙنِ
سرتيون سورُ سندُنِ، مون مارِيندو جندڙي.
بيت - 3
اَڄُ پڻ وايون ڪنِ، وڻجارا وڃڻ جيون
هَلَڻهارا سُپرِين، رُئان تان نه رَهنِ
آءٌ جهَليندِي ڪيتَرو، آيلِ! سامونڊيَنِ
پڳہَ ڇوڙي جنِ، وڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.
بيت - 4
لاهِيان جي نه چِتا، اَلا! اُنِ مَ وِسران
مَڙِهِئو منجهان را، جيُ مهنجو جَنِ سان.
بيت - 5
چِتا جي نه چُرَنِ، اَلا! اُنِ مَ وِسران
مون مَنُ آهي تَنِ، مِڙِهئو منجهارا هِيين.
بيت - 6
تَڙين تَنوارِينِ، ماءِ! سامونڊِي آئِيا
مونکي جِيارِينِ، وائيون وڻجارَنِ جِيون.
بيت - 7
اولا کَڻي اُوءِ، پَڳَہَ ڇوڙي پَنڌِ ٿِئا
آيلِ! سامونڊِيَنِ جِي، آهي اَڙانگِي جُوءِ
ڪڏهن ڏِسندِيَسِ رُوءِ، ورِي هِنِ اَکينِ سين.
بيت - 8
لڳِي اُتَرَ هِيرَ، سامونڊيَنِ سِڙهه سَنڀائيا
ننگَرَ کڻي ناکُئا، ٿئا سَڻاوا سِيرَ
هِنيَڙي نِتُ اُڪيرَ، آهي کاري کيڙائُنِ جي.
بيت - 9
لَڳي اُتَرَ اوهرِئا، واهوندَنِ وَرَنِ
آءٌ گهڻو ئِي گهورِيان، سودو سامونڊيَنِ
اَڱَڻِ جَنِ اَچنِ، عيدَ ورَتي اُنِ کي.
بيت - 10
اَڱڻِ آئيا جان، سَرتيون! مون سُکُ ٿِئو
اَمُلُ پِريَ مَٿان، ٻَرَ ڪِئو ٻِئَنِ ڏِيان.
بيت - 11
آئِي اُترَ مُندَ، هِنيين اُڊَڪو نه لَهي
وَٽِينِ لاڄُو، بَندَ، ٻِيهرَ مَکِينِ ٻيڙيُون.
بيت - 12
لاڄُو ٿا لَوَنِ، اَچنِ سِڙهه اُڀَنِئان
ڪارڻِ تَنِ پِريَنِ، ويٺِي واٽَ نِهارِيان.
بيت - 13
سِڙهه سُڃاڻِئو چوءِ، ماءِ! سامونڊِي آئيا
مانَ مهنجو هوءِ، جانِي هِنَ جهازَ ۾.
بيت - 14
سِڙهه ٿي سِبئائون، بندرَ جَنِ تَڙَنِ تي
سِڙهه سِبِي ساڄا ڪري، کوها کنيائون
بيرَڪُون بحرَنِ ۾، ڇوڙي ڇڏِئائون
لهرِيون لنگهئائون، لُطفَ ساڻُ، لطيفُ چَي.
بيت - 15
سِڙهه ٿي سبئائون، بندر جن تڙن تي
مُلا مُعلم خَبَرون، پُڇي پورئائون
سُتڙُ سونٺائون، اَوَتَڙ ڪنہ نه اولِئا.
بيت - 16
بندرُ ديسان ديسُ، مُلُ نه مَلِيوارِيين
فقيراڻي ويس، اَمُلَ ڏينِ اَتورِئا.
بيت - 17
پَتَڻِ پوءِ پچارَ، آن ڪي سِڙهه وِيندا گڏِئا
اُڪنڊَ مون اَپارَ، شالَ مهنجا موٽِئا.
بيت - 18
اُڀِيون تَڙَ پوڄِينِ، وَهُون وڻجارَن جِيون
آڻِئو اَکا ڏِينِ، کٿورِي سَمُنڊَ کي.
بيت - 19
جَني ڪارڻِ مون، تَڙَ پوڄارا پُوڄِئا
پُنِيُمِ اُميدون، سيئِي سڄڻ آئِيا.
بيت - 20
وانئٽِيُون ٿيون وَرَتَنِ، اَڃان سِڙهه نه پَڌَرا
اُڀِيُون سي مَرڪَنِ، جَني سندا آئِيا.
بيت - 21
کُوهَنِ سِرِ وانئٽيُون، وانئُٽِينِ سِرِ گهَنڊَ
کيڙي کيڙي کنڊَ، ماءِ! سامونڊِي آئِيا.
بيت - 22
جَر تڙِ ڏِيا ڏي، وَڻِ ٽڻِ ٻَڌي وانئُٽيون
الله! ڪانڌُ اچي، آءٌ آسائِتي آهِيان.
بيت - 23
جا جَرِ جاٽُون نه ڏئي، ڏِيا نه موهي
سَڌون ڪُہ ڪري، سا پهنجي ڪانڌَ جيون.
فصل سيوم
بيت - 1
پُران مانَ پُڄان، بندَرَ مون ڏورِ ٿِئا
نه مون هَڙَ نه هَنجَ ڪِين، جو آءٌ چَئِي چڙهان
اِيهين ڪِجُ پاتڻِي! جنہَ پَرِ پِريَ مِڙان
ڪارُون تي ڪريان، تو دَرِ اُڀِي ناکُئا.
وائي - 1
آئين اچِي پَسو، جيڏيون وو!
هيءُ جو وَهُه مُهنجي جندڙي
1. پائي وِئڙا پيرَ ۾، منجها ڪَرَسَ ڪَسو
2. ڏيئِي وِئڙا ڏاهَ کي، سورن جو سَرسو
3. آءٌ ڏورِيندي اُنِ کي، ڏيئي تَنّ تَسو
4. ساءُ نه آيان سورُ جو، هاريون ٿيون هَسو
5. متان وِهو ويسَريون، رِڙهو تي رَسو
6. مُندائتي مِينہ جئن ويروتارَ وَسو
وائي - 2
ڏکَ لاهِيندَمِ ڏونگرَ، وو ماءِ! پريَن جا
مُهنجا ئِي مونکي سڀيئي وو
جو پَسان، سو ڀانئِيان پِرِيان جو پَهِي
ڏاڍي ذاتِ جَتنِ جي، ويئِي ڏِيلُ ڏَهِي
آءٌ ڏوريندِي اُنِ کي، رائي راتِ رَهِي
ڏِٺا وڻَ ڪوهِيارَ جا، ويئِي اُڃَ لَهِي
بيت - 2
هَڙَ ۾ ڪِينَ هُئونِ، هُنهِين هُنِ نه چاڙهئا
سارو ڏِينہُ سمنڊَ تي، لهي سجُ وئونِ
جڏهن سائين سببُ ڪِئونِ، تڏهن سُتَڙِ ٿِئا، سيّدُ چَي.
بيت - 3
اسان اُڌارا، آڻي آوَنگَ چاڙِهئا
مُنہ ڏيئِي مون آئِيا، سَمُهان سِيَارا
اُڀِرَنِ سِيڪارا، پَسئو وَرَ ٻئنِ جا.
بيت - 4
مون اُڀي تڙَ وٽِ، پرينِ پڳهه ڇوڙيا
ڪا مون ۾ گهٽِ، نا ته سڄڻَ سٻاجها گهڻو.
بيت - 5
مون اُڀي تَڙَ هيٺِ، پِرينِ پڳهه ڇوڙِئا
ڪا مونهِين ۾ ڏيٺِ، نا ته سڄڻَ سٻاجها گهڻو.
بيت - 6
مون اُڀي تَڙَ جهَلَ، پرين پڳهه ڇوڙئا
ڪا مونهين ۾ اَلَ، نا ته سڄڻ سٻاجها گهڻو.
بيت - 7
مون اُڀي تڙ پاسِ، پرين پڳهه ڇوڙئا
هو اللهُ-هارَ اوهرِئا، آءٌ دَمُ دَمُ دُعا ڪندياسِ
آهَ نه لاهيندِياسِ، موٽِي ايندا مان ڳَري.
بيت - 8
کيڙائُنِ کارو، سنجهيئِي سارئو
آيلِ! اُمارو، آهِنِ پَريين پارَ جو.
بيت - 9
کاري کيڙائُو، مٿي مِٺي موٽِئا
سودو ڪَنِ نه سونَ جو، وڏا وِهائُو
موتِي جي مِهراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو
سامونڊي سائُو، لَڪا لوپي آئِيا.
بيت - 10
لڪا لڪا ڪَنِ، لئي لَڪا جي اوهرِئا
سُڻِي سونُ لڪاءَ جو، سُکُ نه سامونڊينِ
پِرهَه پڳهه ڇوڙِئا، کاري کيڙائُنِ
وڏي ڀاڳِ ڀِرنِ، جي ڪَهيا ڪارونڀارَ ڏي.
بيت - 11
وڻجاري وَرِي، پِرِهَ پڳهه ڇوڙِئا
اوليون پَسِي اُنِ جيون، پِئڙَمِ ڳَچَ ڳرِي
وينديسِ ماءِ! مَرِي، ساري سامونڊين کي.
بيت - 12
وڻجاري واري، پرهَه پڳهَه ڇوڙِئا
کيڙائو کاري، سَنڀُوڙا، سيّدُ چَي.
بيت - 13
وڻجاري جي ماءِ، وڻجارو نه پَلِيين
آيو ٻارَهين ماهِ، پُڻ ٿو سفرِ سَنبهي.
بيت - 14
وڻجاري ڪانڌاءُ، مون وَرُ ويٺي گهارِئو
لڳي اُترَ واءُ، ڍولو هلڻُ جيون ڪري.
بيت - 15
جي تون وڻجارو ڪانڌُ، ته مون هَڏِ مَ لائُون لڌِيون
پَرَڏيهَه مٿي سانگُ، اٺئِي پهرَ جِنہ ڪِئو.
بيت - 16
پرڏيهِه پُورئائون، سامونڊينِ سڙهَه سنڀائِيا
ما تَنُ مارِئائون، پاڻان وجهِي گوندَرين.
بيت - 17
ڏٺِي ڏيارِي، سامونڊينِ سڙھ سنڀائيا
وِجهو وَرُ وَنجهَہ کي، روئي وَڻجارِي
ماريندُئِي مارِي، پرھَ سورُ پِرينِ جو.
بيت - 18
ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سَنڀائيا
اُنِ کي مندَ اُترَ جِي، اوچتي آئي
وڻجارنِ وائي، آهي پَريين پارَ جي.
سرود سونهڻي
فصل اول
بيت - 1
وَهَ تِکَ، واهُڙَ تِکَ، جِتِ نِيہَ تِکَ نرالِي
جَنِ کي عِشقُ عميقُ جو، سي خِلوَت خِيالِي
وارِيين سي والِي، هِنيون جَنِ هٿِ ڪِئو.
وائي - 1
ڪهڙي منجهه حسابَ، هُئڻُ مهنجو هوت ري،
لا....
گولِي ڀڄُ گناهَ کان، ڪونهي سُولُ ثوابَ
نه ڪِين تَقَاوَتَ ۾، نه ڪين منجهه ربابَ
خُديائِي خوبُ ٿيين، لايين جي لُعابَ
پَلِيتُ ئِي پاڪُ ٿيي، جُنبِئو منجهه جنابَ
سو نه ڪَهين شيءِ ۾، جيڪِي منجهه تُرابَ
جي جَرَڪِئا جَرَ تي، سي تان سَڀِ حبابَ
هاديَ سين هُنَ پارَ ڏي، ريڙهيو ساڻُ رڪابَ
چَنبو وجهي چورَ کي، آءٌ ڇَرِ عقابَ
دِيدُ وِڃايُم دوست جو، هَلِي منجهه حجابَ
ڪثرتَ آهي قربَ ۾، اِدغامين اعرابَ
فَنا وجهِي فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيُ ڪبابَ
ڏي طهورا تَنِ کي، جي سِڪَنِ لاءِ شرابَ
هُئڻ مهنجو هوتَ رِي، ڪهڙي مَنجهه حسابَ
مُٺِيَ ڪِئا مرضَ ۾، جاوا سڀِ جوابَ
وائي - 2
سچا ساهڙَ مونکي تون ئي،
وِهِيان راهَڙَ مونکي تون ئي
نيئي نيئي اولِ پريان جي ئي پارَ ڏي
ڪُنَ جي ڪارونڀارَ جا وو! سي آءٌ ڀانيان ڀُون ئِي
سندو جِيَڻَ آسَرو وو! مَنان لاٿو مُون ئي
بيت - 2
اَنڌيَ وَڇُون، ڪَنڌِيَ وَڇُون، تَنگِئا لَهي نه تِکَ
صورتَ جا ساهَڙَ جِي، ڏِيلَ پهنجي ڏِکَ
واهُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ سانڀارا سُپرِين.
بيت - 3
واهُڙَ وَهَنِ واهَ، وَهُ اڳي ٿئو اَڃان
گهرَ ويٺيون گهڻا ڪَرِهو، سرتيون! سڱَ سَنوان
صورت جا ساهڙ جي، سا جي ڏِٺِي آن
هوندَ نه پَلِهو مان، گهِڙو سڀِ گهَڙا کڻي.
بيت - 4
جيڏيون! ڏِٺِيان جي، صورتَ ساهڙَ ڄامَ جي
سُک ٿي ستيون ڪينَ ڪين، ڪانڌَنِ پاسي ڪي
مُونهان تي اَڳي، گهِڙو سڀِ گهڙا کڻِي.
بيت - 5
ڏٺِي جنِ هيڪارَ، صورتَ ساهڙَ جِي
سُکِ ٿي سُتِيون ڪينَ ڪين، ڀِرِي ساڻ ڀتارَ
گهِڙيُون گهَڙنَئون ڌارَ، ڪاهي پيوُن ڪُنَ ۾.
بيت - 6
ساهڙُ مون جئن سرتيون! جي ڏسو سڀيئِي
سُمَهو ڪينَ سُکِ ٿي، وَرَ پاسو ڏيئِي
مُونهان اڳي ئي، گهِڙو سڀ گهڙا کڻي.
بيت - 7
جيڪين ڏِٺو مان، سو جي ڏٺو جيڏيين
گهَرَ وَرَني سان، هوندَ گهَڻِنِ گهوري ڇڏئا.
بيت - 8
گهَڙنِ واريون تَڙَن تي، گهِڙَنِ گهڻيئي
سَڀڪا چَي آءٌ ’سوهڻي‘، لَئي پِريان پيئِي
صُباحَ سَڀيئِي، پَسِيُون پاتارِ ۾.
بيت - 9
ڪنڌِيَ اُڀيون ڪيتريون، ’ساهڙُ ساهڙُ‘ ڪَنِ
ڪنِي سانگو ساهَ جو، ڪي ’گهورِيَسِ‘ ڪِئو گهِڙنِ
ساهڙُ سندو تَنِ، گهاگهائي گهِڙنِ جي.
بيت - 10
گهِڙِي گهَڙو هٿِ ڪري، ٻَهُون نهاري ٻَنگُ
’دل در قدمِ يار فدا شُد، چہ بجا شد‘، وَصلِ ايهوئي وَنگُ
راتِ جَنِي جو رنگُ، الا! سي اُڪاريين.
بيت - 11
گهِڙي گهَڙو هٿ ڪري، ٻهون نهاري ٻنگُ
’وَ اَمَّا مَن خَاف مَقَامَ رَبِّہِ‘، اِيُ لنگهائيين لَنگهُه
سِڪندينِ کي، سيّد چَي، ڪينَ جهليندو جهنگُ
رات جني جو رنگُ، اَلا! سي اُڪاريين.
بيت - 12
گهڙِي گهَڙو هٿ ڪري، چيلهِه ٻَڌِي چوتو
مهنجو مَنُ مِهارَ کي، پارِ وڃي پَهتو
گوتي ۾ گوتو، مونکي محبَ مِهارَ جو.
بيت - 13
گهڙي گهڙو هٿ ڪري، ٻوڙِئائِين ٻانهَون
ويچاريَ وڏيون ڪِيون، وِچَ درياهَ دانهُون
موٽُ محبَ پانهُون، تاڪُنِ تَڪِي آهِيان.
بيت - 14
گهڙي گهڙو هٿ ڪري، اَلاهِي تُهارَ
ڄنگهَه ڄَرُڪي واتَ ۾، سِسِي کي سيسارَ
چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِهيَسِ وارَ
لَکين چُهِٽِيَسِ لوهُڻيون، ٿيلهِيون ٿَڙَنِؤن ڌارَ
مِڙئا مَڇ هزارَ، ڀاڱا ٿيندِي سوهڻي.
بيت - 15
وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪري
گهڙِي گهڙو هٿِ ڪري، سُڻِي سانجهِيَ ٻانگَ
سيئِي ڍؤنڍي سانگَ، جتي ساهَڙُ سُپرين.
بيت - 16
مِہِ جَهِين جي مون، ڏٺو مُنہُ مِهارَ جو
آهِمِ ساهَ سَنئون، سو ڪِئن گهَڙو گهورِيان.
بيت - 17
گهڙو ڀڳو ته گهورئو، مَرُ چورُ ٿِيي چُوڙو
طالب الموليٰ مُذَڪَّرُ، اِيُ ٻُڏندَنِ ٻُوڙو
ڪوڙِهئو ڏَمُ ڪُوڙو، مون مِهارُ ئِي مَنَ ۾.
بيت - 18
گهڙو ڀڳو ته گهورئو، مر ٻِيڙَ ٿِيي ٻانِهين
’طالِبُ الموليٰ مُذَڪرُ‘، اِيَ پَرِ اَسانهِين
پُئان مَ پانهِين، مون مِهار من ۾.
بيت - 19
گهڙو ڀڳو ته گهورئو، پاڻان هو حِجابُ
واڄَٽَ وَڄي وجُودَ ۾، رَهيو رُوحَ رَبابُ
ساهَڙَ رِيَ ثوابُ، آءٌ گهڙو ئي گهوريان.
بيت - 20
گهڙو ڀڳو ته گهورئو، تان ڪِين تَرهِيان
اَدبُ اَکَڙِيَنِ کي، ڏينهاڻِئو ڏِيان
مهارَنِ مِيان! مونکي سَنؤن سُنهايو پيچرو.
بيت - 21
گهڙو ڀڳو ته گهورئو، آسَرو مَ لاهيجُ
’لا تَقنَطُو مِن رَّحمَةِ الله‘، تُرهي اِنَ تَريجُ
حبيباڻي هيجُ، پَسِين مُنہُ مِهارَ جو.
بيت - 22
گهڙو ڀڳو، مُنڌَ مُئِي، وِئا وسِيلا
سارَ ڇڏِئائون سِيرَ ۾، هَي رَهِئا حِيلا
سُهڻِي جا سِيلا، وحدتَ سڀِ وڃائِيا.
بيت - 23
گهڙو ڀڳو، منڌ مِئي، وسيلا وِئا
تِهان پوءِ سُئا، سُهڻِيَ سَڏِ مِهارَ جا.
بيت - 24
جڏهن وسِيلَنِ، لوڙهي ڇڏِي لُڙَ ۾
پراڙان پِريَنِ، تڏهن پُڇِي سُهڻِي.
بيت - 25
پاڻُ مَ کَڻِجُ پاڻَ سين، وسيلا وِسارِ
لُڙُ لنگهائي سهڻي، پِرتِ وجهَندئِي پارِ
سي تُرت لنگهنديون تارِ، اُڪنڊَ آڳَہُ جَنِ سين.
بيت - 26
پاڻ مَ کڻيجُ پاڻَ سين، رِيَ وسيلي وانءُ
مَٿا سائِرَ سوهڻي، پرتِ وَٺِجي پانءُ
نِيہَ ڳَنندي نانءُ، وانءُ پِريان جي پارَ ڏي.
بيت - 27
پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، وَسِيلا وڃاءِ
عشقَ ساڻ اُٺاءِ، پيرُ پِريان جي پارَ ڏي.
بيت - 28
پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، رِيَ وسيلي وَڌُ
لالڻ تَنِي لَڌُ، عشقُ جَنِي جي آڳُ ۾.
بيت - 29
پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، ري وسيلي وَڃُ
ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪنڊَ کَڻُ عميقَ ڏي.
بيت - 30
ڪونهي آڳَہُ اِهڙو، جهڙِي محبتَ مَنِ
اُڀيون اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙيون ڪَکَ پُڇنِ
نَدِي تَن نيڙُ ٿيي، جي رِيَ تُرهي تَرنِ
سِڪَ رساڻي سوهڻي، اَصلُ عاشقَنِ
سي جهَليون ڪينَ ڪُنَنِ، پُڇن مَرُ مِهار کي.
بيت - 31
پُڇنِ جي مِهارَ کي، پُڇي سي مِهارَ
تُرَهو تَنِي بارُ، عشقُ جَنِي کي آڪَرو.
بيت - 32
عشقُ جَنِي کي آڪرو، ترهو مَٿي تَنِ
جي ساهڙَ کي سِڪَنِ، تَنِي جرُ جنڊُ ٿيي.
بيت - 33
ترهو آڇِ مَ تَنِ کي، جَن عشقَ سين آگاهَ
پُڇي مَسَ ملاحَ، ساهَڙُ مِڙي سُهڻِي.
بيت - 34
ساهڙُ، سا سهڻِي، سائِرُ پُڻ سوئِي
آهي نجو ئِي، ڳُجهُه ڳجهاندَرَ ڳالهڙِي.
فصل دويم
بيت - 1
ڪَرَ ڳَلَ ڪُوچَ ڪُنَ گهڻا، جِتِ جَرَ واڳُو جِئائِين
پاڻُ اڇَلي آبَ ۾، وَهَ سِرِ وِڌائِين
لَهريُون لنگهائِين، لطفَ ساڻُ، لطيفُ چَي.
وائي - 1
ادا ڙي ڏوٿِي! آءٌ پڇان تو ٿي،
ڪيچِ رسنديَسِ ڪيئن،
ڏَسُ مُون ڏِين.
نه سَمِي، نه سومرِي، نه آءٌ جَتِ نه اوٺِي
آءٌ اُنِي مان آهيان، جي ٻانڀڻَ پڙهنِ پوٿِي
پَرِٽِ ٿيندِيَس، پرين پڇندِيَس، پَڇاڙِيندِيَس پوتِي
سَنجهي وِئڙو سپرين، ساڄَنُ پُڇان سو ٿِي
سنجهي ساٿَ پلاڻِئو، تو پلاڻِئو پوءِ ٿي
هِتان ٿي هوتُ وِئو، جَتُ پُڇِين جو ٿِي
هلجِ هوتَ پُنوهَه ڏي، منجها نِيہَ نِڪُو ٿِي
آتڻُ وِجهِي آڳِ ۾، منجها جوئنِ جوءِ ٿي
سنجهي ساٿَ پلاڻِئو، پنوهُ پڇان پوءِ ٿِي
رويو رُئان رُڃُنِ ۾، هَي هَي آءٌ هِتِ ڪُہُ ٿِي
وائي - 2
ڪهڙو سڱُ سِياڪو، هارِي! مون هوتَنِ سين
آءٌ هيڪَلِي هَب ۾، نه مون مِٽُ نه ڪاڪو
مُنڌَ پيادِي، پَنڌُ گهڻو، نه مون اُٺُ نه ناقو
چڙهي سگهان نه چوٽِيين، ڏونگرَ ڪونهي ڏاڪو
پرين پڇنديسِ پَٻِ ۾، وڻِ وڻِ وجهندِيَسِ واڪو
هوءَ جا پِڪَ پنوهَ جي، چَٽِيان تِنہ چُئاڪو
پَسڻَ ڌاران پِريَن جي، فقيرِ پوءِ مَ فاقو
وِچُ مَ پوءِ وِصالَ کي، لِکَ مَ پوءِ لِياڪو
8. آتڻِ وجهي آڳِ ۾، پڇندِيسِ پوءِ پَهاڪو
بيت - 2
ڪر ڳل ڪوچ ڪن گهڻا، جِتِ دَڙڪو منجهه درياهَ
اچئو اُتاهِين گهڙي، جت سانگو ڪري نه ساهَ
ساهَڙَ جيَ صلاحَ، پارِ لنگهايَسِ ٻاجهه سين.
بيت - 3
دهشتَ ڌُمَ درياهَ ۾، جت هَيبتَ هُلاچو
ورِچي وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪاڏي وِئو ڪَچو
ساهڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿيندُمِ سِيرَ ۾.
بيت - 4
دهشت ڌم درياه ۾، جت سَٽاڻا سَينسَارَ
بيحد باڳُو بحرَ ۾، هيبتناڪَ هزارَ
سارِيان ڪانه سريرَ ۾، طاقت تُهان ڌارَ
ساهڙَ ڄامَ ستارَ، سِگهو رَسجُ سِيرَ ۾.
بيت - 5
دهشت ڌم درياه ۾، جت ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪَرِينِ
ٻِڇَلِ ٻانڊِي ٻارِ ۾، اُتِ لهرِيون لوڏا ڏِينِ
سَنَاوَرَ سامِيَان، اُتِ سِيڻايا نه سَنڊِينِ
جتِ ويرون واٽَ نه ڏِينِ، اُتِ ساهَڙَ سِيرَ لنگهاءِ تون.
بيت - 6
دهشت ڌم درياهه ۾، جت ڪُنَ ڪڙڪا ڪَنِ
سَئسين سِيڻايا سيرَ ۾، لُڙَهندا لکَ وَڃنِ
نه ڪَنڌِي، نه ڪَپَرو، نڪِي سَڏَ سُڄَنِ
توڏِي اُتي ئِي تَري، جِتِ وسِيلا وَڃَنِ
اُتي اَڻَ- تارُنِ، ساهڙَ! سيرَ لنگهائيين.
بيت - 7
دهشت ڌم درياهه ۾، جت ڪَڙڪو ڪُنَ ڪري
توڏِي تاڪُنُ وچَ ۾، مٿان وِيرَ وري
آءُ ساهڙَ مهنجا سپرِين، پِرتان پيرَ ڀَري
هادِي هٿُ ڌَري، اونهين مان اُڪارِيين.
بيت - 8
دهشت ڌم درياهه ۾، جت ڪُننِ جا ڪڙڪا
سَهي ڪينَ سمونڊَ ۾، ماندِي دِلِ دڙَڪا
ساهڙَ! سڻجُ ڪا، فريادِي فقيرَ جي.
بيت - 9
دهشت ڌم درياهه ۾، جت ڪُننِ جو ڪڙڪو
آيُمِ اُنهِين پارَ جو، دلِ اندرِ دڙڪو
ڀڃِي شڪَ، سيّد چَي، سيرَ سَندو سَڙڪو
والي! ڪِجُ وَڙُڪو، ته ٻارِ لنگهِيَان ٻاجهَه سين.
بيت - 10
دهشت ڌم درياهه ۾، جت لُڙُ لَهريون، لَسَ ليٽَ
آڻئو اوڀارَنِ ۾، ٻانڊِي ٻوڙي ٻيٽَ
جِتِ چِڪَڻَ جِي چَپيٽَ، اُتِ سيّدَ! سِيرَ لنگهاءِ تون.
بيت - 11
دهشت ڌم درياهه ۾، جِت تِکيون توارون
مهنجيون مانَ مِهارَ کي، پَهُچَنِ پڪارُون
ساهڙَ سَنڀارُون، لهرِنِ لوڏي نه مَران.
بيت - 12
دهشت ڌم درياهه ۾، جت جايُون جانارنِ
نه ڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نه مَلاحَنِ
دَرِندا درياهه ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ
سَڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، هلِئا هيٺِ وَڃنِ
پُرزو پيدا نه ٿِيي، تختو منجها تَنِ
ڪو جو قهرُ ڪُنَ ۾، وِئا ڪينَ وَرَنِ
اُتي اَڻ- تارُنِ، ساهَڙَ سِيرَ لنگهاءِ تون.
بيت - 13
دهشت ڌم درياهه ۾، جت هُن ڀر هُلِ هُڳان
وِيرون وَرِي ويئيون، موجون مَٿي تان
سهڻيَ ساهڙ کان، ناه تڪيو تار ۾.
بيت - 14
دهشت ڌم درياه ۾، جت لهريون ڪن لوڙا
سوين اچي سمنڊ تي، ٿيا سيڻاهيل سوڙا
جي تارو هئا توڙا، تَنِ حرفُ ڀانئيو هِڪَڙو.
فصل سيوم
وائي - 1
پانڌي پِريَنِ جو اِي آءٌ مانَ ڪو پَسان
ڀينرُ! ڀِنِيَ اُسَهو، ڏونگرُ ڏورڻُ اسان
مُندائتي مِينہَ جئن، ويلو ويلَ ٿي وَسان
پَهِي پريَنِ جو، اي يا اللهَ! مانَ ڪو پسان
وائي - 2
ڪُہ ڄاڻان ڪيڏاهِين، مهنجو تَنُ تَڻي تيڏاهين،
وو سائين! نيڻين نِيهَڙو لڳائي وِئڙا
جيڏانہَ عالَم آسَرو، مون پڻ آهِ اوڏاهين
دُونهِين دوست ميهارَ جي، ڏِيي جئن ڏٺائين
ساري سُپيريَنِ کي، رهبرُ رتُ رُنائين
دامنِ تيڏِي، چَنگُلُ مَيڏا، روز قيامت تائين
پيرُ اَسان ڏا حضرتُ ميران، جملي جي آسَ پڄائين
بيت - 1
تَڙُ تَڪَڻُ، تارِ گهڙڻُ، اِيُ ڪاڻيارِنِ ڪَمُ
ڏَهَه ڏَهَه ڀيراڏِينہَ ۾، ڏي ڏوراپا ڏَمُ
عقلُ مَتِ شَرمُ، ٽيئِي نِيہَ نِهوڙِئا.
بيت - 2
گهيڙان ڪري نه گهُورَ، تَڙُ تڪڻَ ڪانه لَهي
جنہ کي سِڪَ ساهڙَ جي، پورَنِ مٿي پُورَ
ڪاري راتِ ڪننِ ۾، وَهمنِ ڪِي وَهلُورَ
جِنہ کي ساڻُ پريان جا سورَ، تَنہ کي نَدِي ناهِه نگاهَ ۾.
بيت - 3
جِئان گهِڙي تِئان گهيڙُ، ڪپرُ پُڇنِ ڪوڙِيُون
ڏمَ سين جُسو ظاهرا، مَنُ مِهارَ سين ميڙُ
سا ندِي ڀانئي نيڙُ، جنہ کي سِڪَ ساهَڙَ جي.
بيت - 4
جئان وَهي تِئان واٽَ، ڪَپرو پڇن ڪوڙيون
جنہ کي سِڪ ساهَڙ جِي، سي گهيڙُ نه پڇنِ گهاٽَ
جنہ کي عشقَ جي اُساٽَ، سي واهُڙُ ڀائينِ وِ کڙِي.
بيت - 5
ڪِنہ جِنہ گهيڙَ گهِڙِي، جئن اَوتَڙان تَڙُ ٽئوسِ
سالِمِ ويئِي سونهَڻي، ڪُنَنِ ڪينَ ڪِئوسِ
اُهُسُ اکڙِيَنِ ۾، پِريان جو پِئوسِ
حَقان حَقُ ٿِئوسِ، هُئِي طالبِ حقَ جي.
بيت - 6
توڏِي توڙائِين، نِيہَ نوازِي سونهَڻِي
ڳچيَ هارُ حبيبَ جو، لائقُ لَڌائِين
سو تَڙُ سوٺائِين، جيڏاهن عالَمَ آسَرو.
بيت - 7
هُئِي طالبِ حَقَ جي، توڏِي لاڪُون توڙَ
نه مَلاحُ، نه مَڪُرِي، نڪِي ٻڌي نوڙَ
پاڻِي پِنِيَ ٻوڙَ، سُهڻِيَ ليکي سِيرَ ۾.
بيت - 8
توڏِي ٻِي نه تاتِ، مِهارُ ئي مَنَّ ۾
جُہ پُڻ پييَس راتِ، هو ساهڙُ هِيَ سُهڻِي.
بيت - 9
توڏِي مِيٺا راڳُ هي، مجلسَ مِيٺِي تالِ
گهَرَ ڪِي مِيٺِي ڪامِڻِي، اُورُون ڪِي ميٺِي لاڄُ.
بيت - 10
توڏي تُهائِينِ جي، سي هِتهِين ڇڏِ حِرصَ
ساهڙ ڌاران سهڻِي، کوٽيون ڪَنِ کِرسَ
وڏِي اِيَ وِرسَ، جئن ڏمَ وٽ ڏينہَ گذاريين.
بيت - 11
توڏيَ کي تعظيمَ، ٻِئَنِ سُرنِئون اَڳَرِي
اوڏِي ٿي ’الفَ‘ کي، مَنُ گڏِئائين سين ’ميمَ‘
جيلان ذاتِ حليمَ، مِلِي تي مِهارَ کي.
بيت - 12
ساري سِکُ سبقُ، شريعتَ سندو سهڻي
طَريقتان تِکو وَهي، حقيقتَ جو حقُ
معرفتَ مَرَڪُ، اصلُ عاشِقنِ جو.
بيت - 13
صبرُ شاڪِرَنِ، آهي اوطاقُنِ ۾
جي وصلُ ٿِئا وصالَ ۾، سي ذرو ظاهرُ نه ڪنِ
وِييَتَ واهُڙَ ترنِ، هينئڙا جن هَڄِي وِئا.
بيت - 14
پَل پَل ٿي پَلِي، ڏمَ ڏيهاڻِي ڪيتَرو
پَسِي دَورُ درياهَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي
ڪارِي راتِ قريبَ ڏي، منجها حُبَ هَلِي
نه ڪِنہ جهولَ جهَلِي، هُئي سَمُنَ پورِي سُهڻي.
بيت - 15
جهولَ نه جهلِي سُهڻي، سائِرَ سَٽَ سندِياسِ
جِنہ اهڙي ڄائِي عاجزان، سامَرُ مَرڪي ماسِ
پَسين جي پِئاسِ، ته ڪِين عشقُ آڻيين.
بيت - 16
نڪا جهولَ جهَليسِ، نه تانگهو نه تارِ ڪِين
ڏمُ ڏيهاڻِي ڪيتَرو، پَريا ۾ ٿو پليسِ
تان تان جِيُ جَليسِ، مِلي جان نه مِهارَ کي.
بيت - 17
سِيَ سيارو، پاڻِي پارو، جت جهُڙ ۽ جهَڳ جهولَ
مَنَ اندرِ مهارَ جا، هنيَڙي اچنِ هولَ
جيلان ٻَڌِيَسِ ٻولَ، ٿِي اَڙانگا آرَ تَري.
بيت - 18
سِياري سِيَ راتِ ۾، جا گهڙِي وسندي مِينہَ
هلو ته پُڇون سهڻي، جا ڪَرَ ڄاڻي نِينہَ
جِنہ کي راتو ڏِينہَ، مِهار ئي مَنَ ۾.
بيت - 19
سانوَڻَ گهِڙي سَڀڪا، هِيَ سَرهي سِياري
تَنُ وڌائِين تارِ ۾، ارواحَ جي آري
جو محبتي ماري، تِنہ ڪونهي داد درياهَ ۾.
بيت - 20
ٻانڌِي جي ٻيلِي ٿيين، ته حالُ ڳَرهيان هِيُ
سَگهو ساعتَ نه جِندَڙو، جَرَ ريَ مهنجو جِيُ
سانوڻُ سِيارو ڀائِيان، وَهَ پِريان جي وِيُ
پارِ جَنِي جو پِيُ، وڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي.
بيت - 21
واهَڙَ ڀَرِيون نه پاءِ، تو پُڻ ليکو ڏيڻو
سندا سانوڻَ ڏِينهڙا، اِيهين نه هونداءِ
وِهاڻِيَ وِينداءِ، اوڀَرَ اُتاهان لَهِي.
بيت - 22
واهڙ وَهِين نه ڇالَ، سُڪِي ٻيلاٽِيون ٿيين
پَسان تُهنجِي پيٽَ ۾، لاڻا لُوتَ لِيارَ
جِنہ تو سَڀَ ڄمارَ، آسائِتيون ٻوڙِيُون.
بيت - 23
ڪَڙِ ڪَڙِ ڪُنَ مَ وڄُ، ٻانڌِي ٻوڙِ مَ ٻارِ ۾
مون تي جا مِهارَ جِي، سا ڪيئن ڌُئان ڌَڄُ
توءِ گهِڙندِيَسِ اَڄُ، جي اُبَتا آرَ ڪَرِيين.
بيت - 24
ادا ڙي ٻانڌي، توکي ڪَڙهان ڪِ پاڻَ کي
سوڌِي خَبرَ سڄڻين، تو ڪا تَڙِ آندِي
تون پاتارِ پانڌِي، اسان پنڌُ پِريَنِ ڏي.
بيت - 25
محبتِي مِهارَ جيون، دل اندرِ دُونهيون
آڻِئو وِجهي آرَ ۾، لوهاڻو لُوهُيون
جي ساهڙَ جيون سونهيون، سِيرَ سِراڙو تَنِ کي.
فصل چھارم
بيت - 1
اَديون! سڀِ اَندامَ، مهنجا چَڙنِ چورِئا
لارُنُ جا لَنءُ لائِي، سا ڪيئن آڇيان عامَ
لڳِيَسِ جنہ جِي لامَ، سو دِلاسا دوستُ مَڻي.
وائي - 1
مونکي ڪا مَ جهلي، پاڻُ سَڀَڪا پَلي
آءٌ ويندڙِي نِيہُ اُڇلي
ويندي آءٌ پارِ پريان ڏي
مونکي ڪا مَ جهلي
تَنِ وڌائين تارِ ۾، آڌيَ راتِ اُڇلي
پَسِي دونهيون دوست جيون، جِيُ مهنجو جلي
ڏمُ ڏيهاڻِي ڪيتَرو، پَرِ ۾ ٿو پَلي
وائي - 2
توکي مڱان جو تون آهِيين، ٻئو دَرُ ڪونه سڃاڻان،
جو تون آهيين....
اِلاهي! عنايتَ سين، نوازيين نماڻا
اَنڌا ڪَرِيين اَڳُ ۾، ڪوٺائيين ڪاڻا
وائي - 3
نهين نهين ميڏي وسِ وو!
بنا دلبر هي دل ماندي
سڪان ٿي سنگهارَ کي، بابِ نه مهنجي وس وو ...
مونکي مَتِ مهارَ جي، ڪانه اچي ٻِي ڪَسِ وو ...
دَردَ دَسي آهِيان، دردُ مهنجو دَسِ وو ...
سُکُ نه پڇي سهڻي، ڏکُ ڏکيَ کي ڏَسِ وو ...
بيت - 2
چوڌارِيَ چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا
سُتي سَنڀارَن جو، پِئم ڪَنِ پَڙا
وِهَڻُ مون نه وَڙا، سُڻِؤ جهانءِ جهِڄي هِنيون.
بيت - 3
چَڙَنِ چورِي آهيان، سُکِ ٿي سمهان ڪِيئَن
سارِيان ساهَڙَ ڄامَ کي، ڏهَه ڏَهَه ڀيرا ڏينهَن
مِهارَ مَرَڻَ سِيئَن، نِيَرُ پاتُمِ نِيہَ جو.
بيت - 4
ڪارا ڪُنَ، ڪارِي تُڳِي، ڪارِيهرَ ڪَڙَڪا
مَئي مَتي مِهراڻَ ۾، اَچنِ دوپارا دَڙَڪا
ويندي ساهڙَ سامهان، ڏِنَسِ جهولَ جهَڙَڪا
کَرَڪَنِ جا کَڙَڪا، سُونها ٿئمِ سِيرَ ۾.
بيت - 5
کَرَڪَنِ کِجاياسِ، ٻيلي پاسِ ٻُرنِ جي
ڇِڻِڪَنِ جي ڇيڄَ ڪِئا، تنِ واري وَهِ وِڌياسِ
لاکو لطف الله چَي، اَچِي آبُ گهِڙياسِ
سرتيون! ڪِنہَ سڀاڳَ کي، سِڪڻَ سِکِياسِ
وَسان ٿي ويياسِ، مِلِيَسِ تي مِهارَ کي.
بيت - 6
کرڪن خوش ڪياسِ، محبتي مِهارَ جي
پَسَڻَ ڪارڻِ پِريَن جي، آڌيَ اُٿيياسِ
سُتي جاڳاياسِ، سانڀَر سُپيريَنِ جي.
بيت - 7
جِياريَسِ سنڀارَ، ڪُہُ ڪَرِيندَمِ گڏجِي
ويروتار وُجودَ ۾، پِريَنِ جِي پچارَ
سي سڄڻَ هون نه ڌارَ، جي هينئڙي ۾ حَلُ ٿئا.
بيت - 8
ٻيلي پارِ ٻُرِي، مونکي چڙنِ چورِئو
محبتي مِهارَ جِي، سُتي شاخَ چُرِي
مَٿي جهوڪَ جهُرِي، پُوندِيَس پاريچنِ تي.
بيت - 9
هُنَ ڀَرِ سُيَمِ هُوءِ، سُتي سَنڀارنِ جي
چِتُ چڙنِ چورئو، جَونڪُ ٿئڙمُ جُوءِ
محبتيَ مهار جي، باللهِ پييَمِ بوءِ
وڃي روبروءِ، ديکِيان دوستَ مهارَ کي.
بيت - 10
هُنَ ڀَرِ سُيَمِ هاڪَ، سُتي سَنڀارَنِ جِي
محبتي مِهارَ جي، چڙنِ چورِئا چاڪَ
اُنِي جي اوطاقَ، وڃڻُ واجبُ مون پِئو.
بيت - 11
ڪيڏاه گهَنڊَ گُڙَنِ، ڪيڏاه اُٿِي ويئيون
تيڏاه ٿِيون چَرَنِ، جيڏاه پُٺِ مِهارَ جِي.
بيت - 12
ڪِٿي ٿِئو مِهارُ، ڪِٿي ٿو گهَنڊُ گُڙي
ڪٿي دونهِي دوستَ جِي، ڪٿي پَريون پارُ
جِہ مون سَڀَ ڄمارُ، جَرَ ۾ جهوتون ڏِنِيون.
بيت - 13
وَڇُنِ سين ويٺِي، سورَ وِياڇي سُوهڻي
آن ڪا ٿي ڏيٺِي، مينهِن جي مهارَ سين.
بيت - 14
پُڄئو پِينگهَنِ پاندَ، ويٺِي روءِ وَڇُنِ سان
ڪُہُ ڪرِينديس ڪاندَ، گهَرُ ڀڳو ته گهورِئو.
بيت - 15
ڳِچِيَ پايو ٻانہَ، ويٺي روءِ وڇن سان
لايان لالَ لڱنِ کي، اَئين جي چَرو ڪانہَ
آءٌ اَوهان جي دانہَ، سدا ڀوڻا سَنِرِي.
بيت - 16
ڀيلِئا جِتِ ڀڳيُون، آئيون اُتِ ورِي
ڪانهي ٻِي ڳَرِي، ميهِنِ کي مهارَ رِي.
بيت - 17
مِهاران مِرِڪَ، پيتائِين پِريمَ جِي
تِنہ مُنڌَ متوالِي کي، سندِي ساوَ سُرِڪَ
لڳيَسِ ڪامَ ڪِرَڪَ، لوهان تِکِي، لطيف چَي.
بيت - 18
مهاران مَهِي، پيتائِين پِريم جي
اُرَڪَ سُرَڪَ، سيّدُ چَي، لڳُسِ ڏوتُ ڏُهِي
سگهي تان نه سَهِي، مِلي جان نه مِهارَ کي.
بيت - 19
مري مَ مهارُ، وٿاڻُ وِلهومَ ٿِيي
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِيي مَ وارُ
ساهڙُ مون سينگارُ، ماڻهن ليکي ميهڻو.
بيت - 20
ميهيُون هِنَ مِهار جون، الا! سڀِ بَچَنِ
وَڇون جي ڪِيرَنِ سين، سدا ٿيون سُونهَنِ
مونکي ماڻِڪِيَنِ، تاڻي هَنيو تارِ ۾.
بيت - 21
ميهيُون هنَ مهار جون، الا! سڀ جِيَنِ
ڪاريون، ڪُنڍيون، ڪَڪڙِيون وارا ڪِئو ويَنِ
جُوءِ جا جاندارِيَنِ جِي، ٻيلا ٻَهِه ٻَهِه ڪَنِ
اچي ريلَ رهَنِ، مون سانڀارا سُپرين.
بيت - 22
چانهَڪِ چَرِي، تارِ تَرِي، آيون مَٿي آرَ
ڪوڙيين ڪَرَ کڻنديون، سُڻي سَڏَ ڌرارَ
ميهيُون ساڻُ مهارَ، پرچِي پارِ لنگهنديُون.
بيت - 23
چانهڪ چري، تار تري، آيون مٿي ٻيٽَ
لُڙُ لنگهنديون ليٽَ، ڪلمي جي قرارَ سين.
بيت - 24
چانهڪ چري، تار تري، آيون مٿي ڪُنَ
ڪوڙيين ڪَرَ کڻنديون، ساهڙَ جيَ سَمُنَ
ميهيون ساڻُ اَمُنَ، پرچي پارِ لنگهنديون.
بيت - 25
چانهڪ چري، تار تري، آيون مٿي کوهُ
سُڻي سَڏُ محمّد جو، راضي ٿيندو روحُ
ميهيون ساڻ صبوحُ، پرچي پار لنگهنديُون.
فصل پنجم
بيت - 1
ساندَهِ سڀُ درياهُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي
ڇِڪي ڇولِيَ ۾ گهِڙِي، جِتي جِيَّ وِڻاهُ
پَسئو ڏوهَ ڏَڪي هِنيون، آرَ مٿي اَرواحُ
جي توهُ ٿِيي توڏانہُ، تو وِيرَ وهِيڻو ناهِه ڪِين.
وائي - 1
دردَ رانجهنُ دِي هَي مارِي،
الا ائا! دردُ رانجهن دي
هيڪُ گهڙي دي ويکڻ ڪِيتي، گهِنُ گَيا دِل ساري
ڪوئِي حبيبُ طبيبُ بتاوي، جو دارون ڏي دل دا قراري
وائي - 2
آتَڻَ ۾ سڀِ ويهِي، دعا ڪريجا جيڏيون!
ڪانهي بَسِ بَهيرَ کي، هَلُ چَلُ پَئي پيئِي
راهَ مسافرُ سَڀُڪو، ڪونه ڏٺوسون هِتِ ڏيهِي
ساريندا صلواتَ کي، منجهه قبر سڀ پيهِي
ڪوٺاؤ ڪريمَ جو، ڳالهه پڇندو ڪيهِي
نوازيندو نورَ سين، ناقصِ اُتِ نيئِي
الله هيڪُ، محمّد برحقُ، شالَ چوائينِ مان ايهِي
بيت - 2
سانده سڀ درياهَ، پري ڪنڌي پارَ جي
ڪنبي هِنيون ڪماحَقُون، آرَ مٿي ارواحَ
دِلاسي دارينَ جي، سانچئو سانچي ساهَ
جي توهُ ٿيي توڏانہَ، ته وير وهيڻو ناهِه ڪين.
بيت - 3
سِڪَڻَ وارنِ سُٿِرو، جي دهشت ساڻُ درياهُ
اوڙڪِ اُني جو نه رهي، اورَ بنا ارواحَ
ويندي ساهڙَ سامُهُيون، صدقو ڪنديون ساهُ
جَنِ کي حُبَ اُنِهين جي آهِ، ساهڙُ ساڻِي تَنِ جو.
بيت - 4
گهڙئا سي چَڙِ هئا، اِينهين اٿيئِي
مَئي مَتي مهراڻَ ۾، پئو ٽپو ڏيئِي
ته مِهارُ مليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاهَه سين.
بيت - 5
آڌِيَ اُڌاڻا، سَرتيون! سُکَ مِهارَ جا
لنگهي سِيرَ سَنوان ٿئا، ساهڙَ سِيباڻا
ڀِنيَ تي ڀاڻا، پَسان مانَ پِريَنِ جا.
بيت - 6
آڌيَ اُڌاڻو، هِنيون مون هَٿنِ مان
وَهَ پِيو واهُڙُ تَري، ساهڙ سِيباڻو
ڀيڄَ ڀِنيَ ڀاڻو، پِيَ جو پَسِي آئيو.
بيت - 7
لَهرِنِ لَکَ لباسَ، پاڻِيَ پَسَڻُ هيڪَڙو
اونهي تنہ عميقَ جي، واري ڇڏِ وِماسَ
جِتِ ناهِ نهايتَ نيہَ جِي، اُتِ کوءِ پهنجي خاصَ
ترڻَ جي تلاسَ، لاهِ ته لالَڻَ لِکِ ٿيين.
بيت - 8
جيڏاه چِتَ چاءُ گهڻو، آرُ پِه اوڏاهِين
وڃي وَهُ واڪا ڪِئو، تِکو تِئائين
مِهارُ مِلائِيين، لهرِنِ منجهه لطيفُ چَي.
بيت - 9
اکيون مُنہُ مهارَ ڏي، جَنِ رکيون جوڙي
رِيَ سَنڊَ، سيّدُ چَي، تارَ گهِڙنِ توڙي
تني کي ٻوڙي، سائرُ سگهي ڪينَ ڪين.
بيت - 10
پَلِيان پلئو نه رَهي، نِرتون نِيہُ نِبارُ
گهِڙان گهورِئو جِندَڙو، اُٽَلَ مون اوڀارُ
جَني مَنُ مِهارُ، هلَڻُ تَني حَقُ ٿِئو.
بيت - 11
پَسڻُ پَسَڻا پَري ٿِئا، اوري سندُنِ آرُ
درياهَ رِيَ سَهاڙُ، ڏسڻُ گهڻو ڏُهَلو.
بيت - 12
پَسڻ پسڻا پري ٿئا، اوري آرُ سندونِ
ڏسڻ گهڻو ڏُهلونِ، درياهَ ريَ سهاڙَ کي.
بيت - 13
ڪاڏي وڃان ووءِ، جئن وَهَڻُ وڇارَنِ مَٽئو
ڏوڌِي پڇي ڏيہَ جا، جَرَ سِرَ اُڀِي جوءِ
شِڪَستِي، سيّدُ چَي، چِيهان ڪَرِئو چوءِ
ساهڙَ سانگُ سندوءِ، اَچي اوراهون ٿِيي.
بيت - 14
سندو ڏَمُ ڏُڪارُ، هَڏِهن ڪونهي هِنَ کي
پُسائي نه پاهنجو سونهَڻِي سينگارُ
ڪارڻ مُنڌَ مِهارُ، ڪارِي رات ڪُنَ تري.
بيت - 15
ڏَمُ ڏيهاڻِي ڏي، سندا ميهَرَ ميهَڻا
جهَليم ٿي جهوليَ ۾، پَلئه پايو سي
مَرجان چالِيهَه چَئي، سَڱان سُپيريَنِ جي.
بيت - 16
جيهَرَ لوڪُ جهُپَ ڪَري، ذرو جاڳَ نه هوءِ
اوهِيَرَ اُٿِئو اَديون! پَہُ پِريان ڏي پوءِ
ڪَچو چُونِمِ ڪوءِ، ته مَرَڪُ ڀانئيان مِيهڻو.
بيت - 17
ته ڪَرَ ڪينَ سُئِي، جي سِيرَ نِڱِي سهڻي
هِتِ حياتيَ ڏينهڙا، هَڏهَن تان نه هُئِي
چُڪِي تنہ چَهرِي ڪِئي، جو ڏنُسِ اُن ڏهِي
سهڻَي کي، سيّدُ چَي، وڌو قربَ ڪُهي
هونهِين هوندَ مُئِي، پر ٻُڏيَ جا ٻِيڻا ٿئا.
بيت - 18
ڪاجا ڪُنَ ڪَرينِ، ڀِنيَ ڀُڻ جهُڻِ پاڻَ ۾
اکيون تنہ آب کي، آڌِيَ اُڪيرِينِ
توڙي تِڪون ڏِينِ، ته اُڃ نه لَهي اُنِ کي.
بيت - 19
ڪيرَ ڪُنَ، آءٌ ڪيرَ، ڏَمَرَ سَهي ڏَمَ جا
قضا ريَ ڪيرَ ڌري، مَٿي پاڻيَ پيرَ
ڀينرُ! ڀِنيَ ويرَ، لِڌو ٿي لوڙيان.
بيت - 20
جي ٻُڏان نه پُڻ ٻَنِ، مَرُ اولجان اُنِ پارَ ڏي
ڪنڌِيَ اچِي سُپرين، مانَ ٻَرِ ٻَرِ ڪنِ
مُيائِي سين تَنِ، جيڪَرَ اُٿِي نِڪران.
بيت - 21
لهرَ مِڙوئي لالُ، وَهَڙُ کٿورِيان وِتَرو
اوٻارا عَنبيرَ جا، جَرَ مان اچنِ جالَ
ڪُننِ گهِڙِي ڪالَ، سِڪَ پريان جي سهڻي.
بيت - 22
ڪنڌيَ جهلئو ڪانہَ، عاشقُ اُڀو آهُون ڪري
تو ڪِئن ٻوڙِي سهڻي، ٻيلي! مهنجي ٻانہَ
درياهَ توتي دانہَ، ڏيندُيس ڏينہ قيامَ جي.
بيت - 23
جيڪِين ڏِٺئي تارِ ۾، ڪنڌيَ سو ڪهيجُ
جَر وڏو، جهاجهه گهَڻِي، پاندُ مَ پُسائيجُ
ساهڙُ ساڱاهيجُ، ته ثابت لنگهِين سِير مان.
بيت - 24
ڳورا ٻَئِي پارَ، هِنيون حيرتَ ۾ پِئو
وِهان ويرَمِ ٿئي، نيہَ ۾ پوءِ نهارَ
وڃان ته واڪو ٿيي، پاڻي پوءِ پچارَ
هُتِ ٿي وعدي وارَ، هِت سوٽون ڏِينمِ سرتيون.
بيت - 25
جا هَڙَ اندرِ جِيَ، ساهڙَ ڏني ساهه کي
سا هَڙَ ڇُڙي نه ساهَ جي، ’ساهڙَ ساهڙَ‘ ريَ
ساهڙُ ميڙ سَميعَ، ته سا هَڙ ڇُڙي ساهَ جي.
فصل ششم
بيت - 1
ساهڙَ جا سينگارَ، مون اَڻَ-لِکِئا اَڳي هئا
نڪا ’ڪُن فَيَڪُونُ‘ هئي، نڪا ٻِيَ پچارَ
مَلڪَنِئان مَهند هئي، توڏيَ جي توارَ
محبتَ ساڻُ مهارَ، لايائين، لطيفُ چَي.
وائي - 1
جيڏيون آءٌ نه چَوَندِي، لو! ڏکُ ڏوراپو،
سيڻن کي صريحُ، لو! ڏکُ ڏوراپو
سَڱَ نه وَرنِ سُپرين، منٿَ موٽَنِ مانَ
ڀينرُ! ڀيڻِي حُجَ جي، ڪوهياري سين ڪانَ
سو تون صاحبُ آهِيين، جو نه ڀيرايين ڀانَ
سوالِي سَمَگِئا، داتا! ڏيئِي دانَ
وائي - 2
ڪا جا ڳالِ هُئي، سا جي لوڪَ سُئي لا!
ٻاروچي جي مَنَ ۾ لا!
سِرُ سَنگهر پُرُ پيچري، تون جا لوڪَ سُئي لو
سسئي سنگهَرَ پَٽيين ميان! ڪيرُ چَوندو مُئي لو
3. پَنڌُ ڪَرِيندي پِريَ ڏي، ميان! ڪڏهن ڪان کُهِي لو
آن ڪا ڏِٺِي ڏوٿيا ميان! کِيرَنِ پاسِ کُهِي لو
بيت - 2
سهڻيَ کي سينگارَ، مون اَڻ-لکئا اڳي هُئا
’ڪُن فيڪون‘ ڪانه هئي، نڪي پِيَ پچارَ
مَرڪي ساڻو مهارَ، لايائين، لطيفُ چَي.
بيت - 3
گهيڙَ لنگهئو گهاري، ميثاقان مِهارَ ڏي
’اَلستُ بِرَبِّڪُم قَالُوا بَليٰ‘، پَرِ اِها پاري
ڏِسئو ڏيکاري، پرت پِريان جو پيچَرو.
بيت - 4
اَلَستُ اَرواحَنِ کي، جڏهن چيائون
ميثاقان مهارَ سين، لَڌيون مون لائُون
سو موٽي ڪئن پاهُون، جو محفوظان معافُ ٿئو.
بيت - 5
اَلستُ ارواحن کي، جڏهن چيائين جيئن
قالوابليٰ قلبَ ۾، ٿِئو تَفالُ تيئن
محبتي مهارَ جي، آءٌ نهوڙِي نِينهن
سرتيون! ساهڙَ سِيئن، هلڻ مون حقُ ٿئو.
بيت - 6
اَلست ارواحن کي، جڏهن امرُ ڪئو اَحدَ
هو مَنَ ڪاڍو مهارَ ڏي، سهڻيَ سِڪَڻَ سَڌَ
دِلو دورَ درياهَ جي، ڪِئو ايرادي اَڌَ
جيڪِين آيُسِ ڏانہَ عددَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
بيت - 7
اَلست ارواحن کي، جڏهن فرمايو فتاحَ
هو منَ ڪاڍو مهارَ ڏي، سهڻيَ سڪڻَ ساهَ
دلو دورَ درياهَ جي، ڪئو ايرادي اَداهَ
جيڪين آيُسِ ڏانہ اللهَ، سو پاري منڌَ پاتارَ ۾.
بيت - 8
اَلست ارواحن کي، جڏهن فائقَ فرمايو
هو منَ ڪاڍو مهارَ ڏي، سهڻيَ کي سعيو
دِلو دورَ درياهَ جو، اوڏاهين آيو
جيڪين هاديَ هلايو، سو پاري منڌ پاتارَ ۾.
بيت - 9
اَلست ارواحن کي، جڏهن چيائين
هو منَ ڪاڍو مهار ڏي، سهڻيَ سدائين
جيڪين آيس اوڏاهين، سو پاري منڌ پاتارَ ۾.
بيت - 10
اَلست ارواحن کي، جڏهن جاڳايو جليلَ
سَئين راهَ سيّد چَي، سونٺائون سبيلَ
وحدتَ جي واديَ ۾، ڪوڙينِ ڪي قليلَ
درياهَ جي دليلَ، لوڙهي لاوارا ڪئا.
بيت - 11
کامان، پَچان، پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان
تَنَ ۾ تَونسَ پريَنِ جِي، پِيان نه ڍاپان
جي سمنڊُ مُنہُ ڪريان، ته سُرڪِيائي نه ٿيي.
بيت - 12
کامان، پچان نه مَران، سَڙان سارِي راتِ
ٻَنِ ٻِئائِي وجهِي، ڪَرِ پِريان جي تاتِ
شِيخُون سنديون سَڄَڻين، اُڀرنِ آڌيَ راتِ
نَڪِين هٿِ نه ساٿِ، ڏيهاڻئو چَنگِ چَڙهان.
بيت - 13
ڪارِي راتِ، ڪَچو گهَڙو، اوڻٽِهِين اونداهِي
چَنڊَ نالو ناهِ ڪو، درياهَ دَڙَ لائِي
ساهڙَ ڪارڻِ سهڻي، آڌِيَ ٿي آئِي
اِي ڪُمَ الاهِي، نا ته ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گهڙي.
بيت - 14
ڪاري رات ڪچو گهڙو، نه ڪا سِيڻَهَه ساڻُ
وجهي ويرمَ نه ڪَري، پِريان ڪارڻِ پاڻُ
محبتَ کي مهراڻُ، سُڪِي سڀُ پَٽُ ٿئو.
بيت - 15
ڪاري رات ڪچو گهڙو، مٿان وَسي مِيہُ
هِڪو ڀَؤ بيراهَ جو، ٻئو سانڀارا سِيہُ
شالَ مَ ڇِڄي نيہُ، گهِڙان گهورِئو جندڙو.
بيت - 16
اوراڙِ نه پَراڙِ، ويچارِي وَهَه وِچَ ۾
سُڪِيَ ڏِنَئِي سپرين، ٻِئو مِڙوئي تارِ
گهِڙُ! ڪيمَ نهارِ، ٻُڏنِ سين ٻاجهَه ڪري.
بيت - 17
هِنَ پارِ نه هُنَ، ويچارِي وَهَه وچَ ۾
نِيَڇُ نهاري نه گهڙِي، تِنہ ۾ پئَسِ تُنَ
اَللهَ! ساڻُ اَمُنَ، آران ڪِہ اُڪارِيين.
بيت - 18
سَهسين سائِرَ ٻوڙيون، مُنڌَ ٻوڙئو مهراڻُ
وَهَ وڃايو پاڻُ، هَڻِي ڪَنڌُ ڪَپنِ سين.
بيت - 19
سهسين سائرَ گَجَنِ، توءِ سَهَجُ نه مَٽي سوهڻي
ته ڪي نيہَ ڇِڄَنِ، پَرِتَهي پريَنِ جي.
بيت - 20
سُپيريان جي تُرَهي، ٻُڏِي! هٿِ مَ لاءِ
صُباحَ تان چُونداءِ، ’اَسان تو اُڪارِئو‘
بيت - 21
سپيريان جي ترهي، ٻڏِي! توءِ مَ لَڳُ
جي ڀائين پِريَ مِڙان، ته پُورِ اُبَتِي وَڳُ
پاءِ تيڏاهِين پَڳُ، ناهِ جيڏاهِين نِجهُرو.
بيت - 22
سُڪِي جي سانباهَه ۾، جڏهن ٻُڏِيون جي
ساهڙُ تَني کي، ٻيلِي ٻِنهين ڪَنڌيين.
بيت - 23
سڪي جي سانباهَه ۾، ٻوڏِين، توءِ ٻُڏُ
ڪَکَ، ڪانڊيرا، ڪاٺيُون، ميڙي ٻَڌُ مَ مَڏُ
نڪو ساهَڙَ سَڏُ، نڪا سُڄي سوهڻي.
بيت - 24
سُڪيءَ ٻوڏنِ جي، ساهڙَ ساڻِي تَنِ جو
لهرنِ سِرِ، لطيف چَي، ڪُلَهنِ چاڙِهئو ني
جي پڇنِ پنڌُ پري، تَنِ کي اُماڻي اورَهون.
فصل ھفتم
بيت - 1
تَڙِ نه گهِڙي تورُ، توءِ مَنَ ڪاڍو مِهارَ ڏي
ڏاڍو دورُ درياهَه جو، سِڪَڻُ وڏو سورُ
مَنَ ۾ موجَ مهارَ جي، پَهسُ پِريان جو پورُ
ٻيلي ٻنهي ڪنڌيين، نِتُ نهاري نُورُ
منجها جَرَ ضرورُ، ڪَچي کي ڪو مَ ٿِيي.
وائي - 1
ويجهي وِندُرَ جَنِ وڻانِ اي،
اوڏي آيَسِ جان پريان جي پيچَري
تو جي اوڏا ڀانئِيا، سي ڏونگرَ ڏورِ ڏِسانِ
مَندِي نه هُينِ مَنَ ۾، ڪيچان ڪوهُ اَچانِ
مَرڻُ مهنجي کي ڪِئو، هِيُ پَهُه ٻاروچانِ
سُونهَنِ سنگهَرَ پَٽين، مَنَهَه معذوريانِ
وِندُرِ وائِي جا وَهي، مونکي سا نه سَلانِ
آڻي ٻَڌا اوٺيين، موتِي کي مَيَانِ
آڻي لاٿائون اوٺيين، لَڏُون ڀَرِ لَڪانِ
وائي - 2
اکيون پيرَ ڪَري وڃِجي، وو! وڃجي،
اکيون پيرَ ڪري
سُپيران جي ڳالهڙِي، ڪِنہِ سان ڪِينَ ڪِجي
لِڪائجي لوڪَ کان، ڳوٺِ ڳُجهَڙِي نِجي
محبتيَ مِهارَ جو، سورُ تان نه سَلِجي
وائي - 3
لُڙُڪِي لَنءُ نه سُڄاتو
راندِ ڀانيائِين رازَ کي
اَنڌو اُلُوهِيَتَ کان، آهي اِيُ اُماٿو
صَباحَ سو نه شمارُ ۾، ليکِئا جُہ لاٿو
پييَسِ ڪاڻِ ڪَريمَ سين، ٿئو نمرودا ناتو
بيت - 2
ٻوڙيين چاڙهيين تون ڌڻي، ٻي جو دعويٰ رَسي نه دَمُ
هِنَ مهنجي حالَ جِي، ميهَرَ تي معلومُ
رکُ ڀيلي جو ڀرمُ، جو اچِي پئو اَجهُورَ ۾.
بيت - 3
دائمُ جا درياهَ ۾، سا مَڇِي ڪِنِي ڪوهُ
آهِسِ اِيُ اَندوهُ، پاڻِي ڪِٿي ته پِيان.
بيت - 4
ڪانڌي ڪَنگَ ٿِئاسِ، وَهَڻُ جنازو سهڻي
ٻَگا جي ٻيٽَنِ جا، ڪُلها تَنِ ڏِناسِ
اکيين مَلَڪَ ڏٺاسِ، توءِ مَنُ ڪاڍو مهارَ ڏي.
بيت - 5
اُڀو تَڙِ مِهارُ، ملاحَنِ سَڏَ ڪري
آءٌ پُڻ وِجهان هَٿَڙا، آئين پُڻ وِجهو ڄارُ
گهورِيُون ڪارونڀارُ، مانَ مِڙنهُون سُپرين.
بيت - 6
مهارُ ملاحنِ کي، اُڀو اَڇي اَڇَ
آءٌ پڻ وجهان هَٿَڙا، اَئين پُڻ وِجهو رَڇَ
سندِي ڪُنَ ڪُڻِڇَ، مانَ هونِ سلامَتِ سپرين.
بيت - 7
مهارُ ملاحن کي، اُڀو ڪَري سَڏَ
اَدا! اُنَهِين پارَ جا، موڙئو اَچو مَڏَ
وِئا جي وَهَ گَڏَ، هلو ته ڏوريون اُنِ کي.
بيت - 8
جِتي ڀيرَ ڀَرَنِ، اُتِ ڀَريُون پوُنِ ڀوارِيُون
تانگهَه نه لڌِي تاروئين، مَپُ نه ماٽيئڙَنِ
ڪَنڌيَ اُڀا ڪيترا، سِيڻايا سَنڪَنِ
تون ڪئن تَنِ تَڙنِ، اَچئو اَسارِي! گهڙين.
بيت - 9
ڀَريون ڀَرِ درياهَ، پَسُ جي پارِ پَوَنديون
ٻَڌِ تَوَڪَلَ جو تُرَهو، آهَرُ ساڻُ اللهَ
جَن جي ساهڙَ ساڻُ صلاحَ، سي ڪينَ ٻڏنديون ڪڏهِين.
بيت - 10
ڀَريون پَريين ڀَرِ، پَسُ جي پارِ پونديون
آڻِئو وجهي آرَ ۾، وَڻَ جي پُونِسِ وَرِ
سانباهي سَمُنڊَ جي، قطب چَي، ڪا ڪَرِ
تو ڀانيو آءٌ گهَرِ، تان آهيين آرَ اکين ۾.
بيت - 11
سانڀارا سڏُ ڪِئو، اُڀا چُونِمِ آءُ
هِڪُ تکوئِي تارِ وهي، ٻئو لُڙُ لهريون ۽ واءُ
ساڻِي جَنِ اللهُ، ٻُجهان سي نه ٻُڏنديون.
بيت - 12
سنڀارا سَڏَ ڪِئو، اُڀا چُونمِ اَچُ
هڪ تکوئي تار وهي، ٻئو هٿِ ڪمينيَ ڪَچُ
ساڻي جَني سَچُ، ٻجهان سي نه ٻڏنديون.
بيت - 13
هارِي! حقُ رکيجِ، سانڀارا ساهڙَ جو
خوابَ خيالَ خطرا، تَنِ کي تَرڪُ ڏيجِ
اَندرِ آئينو ڪَري، پَرِ ۾ تون پسيجِ
اِنَهِين راهَ رسيجِ، ته مشاهدو ماڻيين
بيت - 14
هارِي! رکجُ حقُ، سانڀارا ساهڙَ جو
خوابُ خيال خطرا، تني ڏيجُ ترڪُ
ڪرِيين غيرُ غَرَقُ، ته مشاهدو ماڻيين.
بيت - 15
سانڀارا سيئِي، تَنُ جَنِي جو طالبو
مَنُ پِريان نيئِي، پَڳَهِيو پاڻَ ڳَري.
بيت - 16
سانڀارا سَندانِ، وَڻَ پَسِئو وِهُسِي هِنيُون
ڇَنا، مَنَهُه، ميهِيُون، وَهِيان وَٿاڻانِ
اکڙيَنِ، عناتُ چَي، لايو لَنءُ سيڻانِ
ڪَڙهان تي ڪيڻانِ، جي گهڻو اُڪنڊِي آهِيان.
بيت - 17
لَيا ڏِٺَمِ لارَ، سانڀارا ساهَڙَ جا
هِنيُون هِتُ نه وِندُرِي، ڌراڙنِئون ڌارَ
مُهنجو مَنُ مهارَ، پڳهيو پاڻَ ڳَري.
فصل ھشتم
بيت - 1
ٻڏندي ٻُوڙنِ کي، ڪي هاتِڪَ هٿَ وجهنِ
پَسو لَڄَ، لطيفُ چَي، ڪيڏي کي ڪَکَنِ
توڻي ڪنڌِيَ ڪَنِ، نات ساڻُنِ وڃن سيرَ ۾.
وائي - 1
مون پاڙيچِي سارَ، آءٌ جا ويندَڙِي وٽِ وڇارِ
ڏَمُ مَ جاڳي، لو! مون پاڙيچيَ سارَ
مونکي تِتي ميڙِيين، جِتِ ڪُنڍينِ جي قطارَ
ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا، سانڀارا سَنڀارَ
وِچُ مَ پوءِ وصالَ کي، سٻاجها! ستارَ
گهَرِ گهَرِ گِلا جا وَهي، پاڻِي پنڌَ پچارَ
تاڪُنِ تَڪِي آهيان، سِگهو رسُ سَهارَ
وائي - 2
ويٺي ڪينَ وساري، سا محبتَ وِڌَڙِي ماري
ديواني يار وو! مستاني، دلبر جاني وو!
جنہ کي سڪَ ساهڙ جي، سا گهايل گهرِ نه گهاري
ڏَمُ ڏُهيلو ڏُکئو، سِرَ ۾ ٿو سؤنٽا ماري
ٻيلي پاسِ ٻُرنِ جي، تَنِ کَرڪنِ وڌيَسِ کاري
ٻيلي ٻنهي ڪنڌيين، محبُ ميهيون ٿو چاري
هُوءِ هُونگارون، پَوَنِ پُڪارون، تَڙِ تَڙِ دوستُ تواري
هوءِ جا پِڪَ پِريَمَ جِي، آهيان تنہ اَساري
بيت - 2
ڪَچِي ڪانِي ڪانہَ، جا ٻُڏا ڪڍي ٻارِ مان
يا لنگهائي، لطيفُ چَي، يا ڌُرئان ڪري دانہَ
ڪَمَاحَقُہُ ڪکنِ جِي، آهي ڳالهه آڳانہَ
جي ڪِي ڏي ٻُڏنِ کي ٻانہَ، نات ساڻن وڃي سير ۾.
بيت - 3
جانڪِي ڪنڌِيَ ڪانہَ، تان تاڻي ٻَڌُجُ تُرَهو
هٿُ پِريان جي هٿَ ۾، ٻي کي ڏِجِ مَ ٻانہَ
سندِي ڪَپرَ دانہَ، ڪر تو ڪَنين نه سُئِي.
بيت - 4
هاواڻا هُلَنِ، ڪَپَرَ ڪارُونڀارَ جا
لَهريون لُڙَ، لطيفُ چَي، ڀيلي تي ڀُلنِ
جي ڪَچي ساڻُ ڪَهنِ، آنڪو تن اوباهيين.
بيت - 5
آهيين هِتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرهو تارِ جو
لهريين لڙَ، لطيفُ چَي، جهَلئا جُنگ جواڻَ
اونهي تَڙَ آگهِٽِئا، آڏِي پائي آڻَ
جي پِئا مُنہُ مهراڻَ، تَن پانڌينِ ٻيٽُ نه اُڄَهي.
بيت - 6
ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳِي! کَڻِئو اُٿيين
ڪِ تو ڪَنين نه سُئي، ڀيلي تي ڀُلڪارَ
لوڙِهئا لکَ، لطيف چَي، ڪوڙئين ڪارونڀارَ
اُڪاريين آڌارَ، آران آنڪي واريون.
بيت - 7
ڪَچي ساڻُ ڪَهي، پَڪو پُڇي نه سهڻي
لَنگهِئو لُڙُ، لطيفُ چَي، وڇارَنِ وَهي
سا ڪئن نِيہُ نَهي، جنہ کي نيہ نَنڌو کَڻِي.
بيت - 8
اونهي ۾ اوهَرِي، ڪَهي ڪچي ساڻُ
سُپَڪَ جو، سيّد چَي، پُڇي نه پَرياڻُ
عشقَ واريون، عبداللطيف چَي، سَڌَ نه کڻنِ ساڻُ
جَني پاسي پاڻُ، سي اَوَتَڙان اُکَتِيُون.
بيت - 9
اَنگُ پَسِي رنگ ڪِئو، ڪو جو دورُ دِلي
ٻَرٻَر ٻيلِي نه ٿئو، ڪَچو منجهه ڪِلي
تران تي تارِ گهڻو، تهنجو بَحرُ بِلي
سو مِهارومِ مِلي، آهيان جنہ جي آسَري.
بيت - 10
ڀانيمِ نه ڀيلو، مونکي ڌاءَ ڌُتارِئو
آنڪي مٿي اُسَرِي، ڏِنو روحَ ريلو
تيلاهِين ويلو، پِئمِ واهَڙَ وِچَ ۾.
بيت - 11
ڪڍئا جي ڪِلالَ، سي پَسِي خالَ خوشي ٿي
پاڻيَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نه جهَلِي ڌَمالَ
سُپَڪَ ڀانيا سهڻِي، جوڀَنَ جي جَمالَ
آنڪي جا احوالَ، مَعلُمُ ٿِئا مهراڻَ ۾.
بيت - 12
ڪچو تان ڪوهُ، پَڪو نَظَرُ پِرين جو
ساهَڙُ مُهنجو سُپرين، ڏم ڏٺي ئِي ڏوهُ
ڇُٽو جي ڇوهُ، ته پوريندِيَسِ پارَ مَڻِي.
بيت - 13
آنڪو تان ڪوهُ، ڪَچو آيُمِ ڪَمِ
جِيَ جَني جا جَمِ، پَڪا سي پڇندِيون.
بيت - 14
پَڪا رَڇَ ڪنڀارَ جا، پَڪِي نِهائِين
مونکي تِئائين، ڀيلو ڀاڳين پِئو.
بيت - 15
ڪَچي ڪَٽُ نه جهَلئو، ڀيلو ٻِئو ڀُرِي
سارَ ڇڏِئائون سِيرَ ۾، ڪا ٻاهُنِ کي ٻُرِي
لَٽي لهريون ويئيون، چوڌاري چُرِي
هِينئڙي مجهه هُرِي، ماهِيتَ ملڪ الموتَ جي.
بيت - 16
ڪَچي ڪٽ نه جهلئو، ڀيلو پِئو ڀَڄِي
ماهيت ملڪ الموت جي، منجهه وجودَ وَڄِي
ساهڙِ کي سڄِي، آهي آنڪي جي احوالَ جي.
بيت - 17
ڪچي ڪٽ نه جهلئو، ڀيلو سَهي نه ڀَرُ
هٿين، پيرين، آڱرين، ٻاهُنِ ڇَڏئو ٻَرُ
ساهڙ! سِگهو ورُ، پييَسِ مُنہ مهراڻَ جي.
بيت - 18
ڀيلي ڀُلائِي، پَسِي چِٽَ چَرِي ٿِي
ٻَرِ ٻَرِ ٻُڏِي سونهڻي، وِيرُنِ ۾ وائِي
ڪَچي ڪيرائِي، لالَ لهرِنِ وچَ ۾.
بيت - 19
پَڪو کڻِجُ پاڻَ سين، چڱو چِتائي
ڪچو ڏيجِ ڪِلالَ کي، مُنہَ تي موٽائي
سو سُڻ هيين سين سونهڻي! جيڪِين فائقُ فرمائي
موجُون مُنجهائي، مارينَئِي مهراڻَ جيون.
بيت - 20
ڪو جو وَرِئو واءُ، جئن ٻَرُ ٻاهُنِ ڇڏيو
اڳِي اِنَ تڙاءُ، اونڌائِيائي اُڪران.
بيت - 21
هَڻندي ٿَڪَمِ هٿَ، هِنيڙي حُجون ڇَڏيون
لَڪُ لَهرِنِ گَڏِئو، موجون وَريون مَٿَ
نِيَمِ ڪُنَ قُوَتَ، ڀِرُ ڀَليرا سُپرين.
بيت - 22
هِنيَڙي حُجون ڇڏيون، قُوَتَ رهيَمِ ڪانَ
مون تي موٽجِ مون پرين، ساهڙَ ڄامَ سڄاڻَ!
آهِيان گهڻو اَڄاڻَ، ڀِر ڀليرا سپرين.
بيت - 23
ڀِرُ ڀليرا سپرين، ڀلا ۾ بيراهَ
تو ريَ تارِي ناهِه ڪا، والي! تو ريَ واهَ
ساهڙَ جي صلاحَ، تَنِ کي ڪڍي تارِ مان.
بيت - 24
تَنِ کي ڪڍي تارِ مان، صلحُ ساهڙَ جو
اُتِ آڏو اچي ڪينَ ڪِين، ٻيلِيَپو ڪنہ ٻي جو
مهارَ ڪِجُ مهنجو، ڪو اوڪَرُ ڪهين آرَ تان.
فصل نھم
بيت - 1
جَرِ تَڙِ تِکَ تنوارَ، وڻِ ٽِڻِ وائِي هيڪَڙِي
سڀيئِي شَيء ٿئا، سورِيَ سزاوارَ
هَمَہ منصورَ هزارَ، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهيان.
وائي - 1
آيَلِ! اَمَڙِ تي جِيان، مون سارِينِمِ سُپرين اَلا
گهڙو ڀڳو ته گهورِئو، تان ڪِينَ ترُ هِيان
اَدبُ اَکِيَنِ کي، ڏيهاڻِئو ڏِيان
سَئون سُونهايُمِ پيچرو، مِهارَنِ ميان
ساهڙَ مٿان صدقو، ڏَهين ڏَمَ ڏيان
ماڻِڪَ مٿان هيڪڙي، اَمُلَ اَٺ ڏِيان
وائي - 2
وڃي سا راتِ وِهاڻِي، ريَ پَسَڻَ پريَنِ جي
ههڙا اوڏا سُپرين، تون ڪئن ننڊ هاڻِي
وائي - 3
هوئِجُ هُشيارُ، خبردارُ، تِرڪَڻِ آهي تڙَ ۾
کڏُون کوٻا، چِڪَ چِڪندِيُون، تان ڪين نَئِي نِهارِ
آڌيَ سي اُکُڙندِيون، اکيون جَنِ ڪپارِ
مون سو ملاحَنِ کان، تَڙَ اَڙانگا تارِ
هوتُ هَلندِيَنِ کَٽِئو، وِهَڻُ مُنڌَ! وسارِ
کوءِ آتَڻِ، ٻَنِ جيڏيون، ڏيراڻِيون ڏُئارِ
پَڪو کڻجُ پاڻ سين، پرين تهنجو پارِ
ويندي واٽاڙوئَنِ کي، پَٽِيَ ڪِيمَ پچارِ
پُوندينءَ مُنہ مِهارَ جي، ڏمَ وٽِ ڏينہَ مَ گهارِ
ساهڙَ کي سهڻي، ٻِڇَلَ آڏِي ٻارِ
تارِ ترندينءَ، لُڙ لنگهندينءَ، عشقَ جي آڌارِ
پاندُ مَ ڇڏجُ پريَنِ جو، پِهين جي پاتارِ
ٿيندوءِ سڏُ ساهڙَ جو، توڏِي ٿِيُّ تَيارِ
وائي - 4
مدتَ ٿِيُ مهارَ يارَ! ساهڙَ سائِرَ سِيرَ ۾
اونهان ڪُنَّ، اَتانگهَه تَڙَ، اولي هَڻُ آڌارَ
ڏِينہَ ڏُهلا ڏَمَ سين، آهيان اَنهيان ڌارَ
ٻِڇَلِ ٻانڌِي ٻارِ ڪَري، اَتِ اُبَتا آرَ
تِتي گهِڙي سهڻي، آڳَہَ ريَ آڌارَ
ڪارِي راتِ، ڪچو گهڙو، توڏيَ کي تنوارَ
سَنڀوڙو سِيڻاهَه سين، سِگهو رَسُ سَنگهارَ
اوراڙان آهُون ڪريان، پَهُچان شالَ پرارَ
سُڻِئو جهانءِ، جهِڄي هِنيُون، سانڀارا سَنڀارَ
آيَمِ ريلي ريَ سين، اللهَ تو اَهارَ
تارِ ترندِيَسِ، پرين پَسنديَسِ، ويندِيَسِ وَٽِ وَڇارَ
پُوريندِيَسِ پارَ مَڻي، سهسين جي سينسارَ
گولي گهاگهائي گهِڙِي، جَکَنِ ٿا جانارَ
بيت - 2
سَڀَتِ پچارَ پريَنِ جي، سڀتِ هوتُ حضورُ
مُلڪُ مِڙو منصورُ، ڪُهِي ڪُهندين ڪيترا.
بيت - 3
چُونِمِ جي هيڪارَ، مَ وَنءُ موٽِي سهڻي
دوهينءَ پاسي دوستَ جي، گهاريان سڀِ ڄمارَ
پانڌيئڙا ٻيهارَ، هوندَ نه لِڱين لائيين.
بيت - 4
جيڪِي گهَران مَ وڃُ، جيڪِي موٽُ مَ سهڻِي
هيڪڙائي هٿِ ڪَري، ٻيون ڀيري ڀڃُ.
بيت - 5
مَرِجُ وٽِ مهارَ، متان موٽِين سهڻِي
ساهَڙَ جا سِينگارَ، متان ڏَمَ ڏيکاريين.
بيت - 6
جي تو بيتَ ڀانئيا، سي آيتون آهِينِ
نِئو مَنُ لائينِ، پِريان سندي پارَ ڏي.
بيت - 7
جي قيامَ مِڙنِ، ته ڪَرَ اوڏا سپرين
تِهان پري سُڄَنِ، واڌايون وصالَ جيون.
بيت - 8
وڃان ڪينَ وَرِي، هوندَ رِيَ چَئي رَهِي رَهان
دُونهيَ پاسي دوستَ جي، ماڳَهِين پُئان مَرِي
صورت نه سُونهن ڪا، ڪِيَسِ چِتَ چَرِي
وصالان فراقَ جِي، سُڄي ڳالهه ڳَرِي
تيلاهِين تَرِي، مُنہ کَڻِئو موٽِئو وڃان
بيت - 9
آءٌ ڪِ نه ڄاڻان ايئن، ته جَرَ گهِڙي جوکو ٿِيي
قضا جا ڪريمَ جِي، تنہ کان ڪنڌُ ڪڍبو ڪيئن
هِڪَ لَڳِي، ٻئو نيهُن، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
بيت - 10
ڪاني نه ڪانہَ، نڪو ڏوهُه قلمَ جو
اَنگُ اُتيئِي لِکِئو، جِت نه رَسي ٻانہَ
ڪنہ کي ڏِيان دانہَ، جئن قضا قلمُ وهائيو.
بيت - 11
تَڙنِ جا طعنا، سانڱا ڏِينِمِ سرتيون
درياهَ ديوانا، سڻ حقيقتَ حالَ جِي.
بيت - 12
تران لَئي طعني، مٿي وَهَ واڪا ڪِئو
آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾، درياهَ ديواني
قلمَ جي ڪاني، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
بيت - 13
طعني لئي تران، مٿي وهه واڪا ڪئو
مونکي سِڪَ، محمود چَي، مَرُ محبت منجهه مَران
وچان ڪيئن وران، ڪنڌيَ مهنجو ڪارڻِي.
بيت - 14
تران تان مَران، وران تان وَهُ وِتَرو
هينئڙي ۾ هوتَنِ جا، اچَنِ گهُورَ گهڻا
پَسِئو پاڙي واريون، ڏِسئو ڏوهَ ڏَران
وِچان ڪيئن وران، ڪنڌيَ مهنجو ڪارڻي.
بيت - 15
نڪو سَنڌو سورَ جو، نڪو سَنڌو سِڪَ
عَدَدُ ناهِ عِشقَ، پڄاڻِي پاڻَ لَهي.
بيت - 16
عدد ناهِ عشقَ جو، سُڻِي ٿي ساڻي
ڪانهي پڄاڻِي، مَهندا مُنڌَ مِهارَ جي.
بيت - 17
سِڪَ تهنجِي سپرين، جئن تران تئن تارِ
تونهِين رهِئو روحَ ۾، تونهين اَکِينِ پارِ
پرين تهنجو پارُ، واجهائيندي وَرَهَه ٿِئا.
بيت - 18
سِڪَ تهنجي سپرين، ڪَپي ۽ ڪوري
سَگهان نه چوري، ڏاڍو نِيَرُ نِيہَ جو.
بيت - 19
سِڪ تهنجي سپرين، اندرِ ٿِي اَجهَلَ
ٻَرِڪئو ٻاهَرِ نڪري، کوري کانئِي کَلَ
ريَ سِيراهِيَ سَلَ، مونکي ڏنا سڄڻين.
بيت - 20
سِڪَ تنهنجي سپرين، اندرِ ٿِي اَجهاڳَ
منجههِين ڀَرِئا ماڳَ، پَلِٽِئا پارِيُون ڪَري.
بيت - 21
سڪ تهنجي سپرين، جئن سَگهان ٿئي سَگهَه
آڏو ڏيجُ مَ لَکَ، مون هيڪَلِيَ وَلَها.
بيت - 22
سِڪَ سڪندِيَنِ لاءِ، وڇوڙِئا ميڙِ پرين
ايڏِي سڪَ سچا ڌڻِي! توهِين کي جُڳاءِ
تَنُ جَنِي جو طالبو، مِهَرَ تَنِي کي پاءِ
ميڙائي جو ماءِ! ڪانگُ لَوَندو ڪڏهِين.
بيت - 23
ڏِٺي ٿِئَمِ ڏِينہَ، ڪُہُ ڄاڻان ڪِهڙا پِرِين
نيڻَ ڀَرجِي نِينہَ، پَلُٽِئا پاريُون ڪري.
بيت - 24
ڏٺي ڏينہ ٿِئامِ، ڪُہ ڄاڻان ڪهڙا پرين
وَلِين جئن وَرِيامِ، گوندرَ غم پِريَنِ جا.
بيت - 25
ڏِٺي ڏِينہَ ٿِئامِ، ڪہ ڄاڻان ڪهڙا پرين
سَهسين سِڄَ اُلَهِي، واجهائيندي وِئامِ
تَنِي سالَ ٿِئامِ، جَنِي ساعتَ نه سَهان.
بيت - 26
نه گهرُ، نه وَرُ، نه وَٿُ ڪا، آهِمِ مَنُ مِهارُ
اِن اوسيئڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪري سينگارُ
پرين تهنجو پارُ، پَسان مانَ پَرِ ڪَهِين.
ابيات متفرقہ
بيت - 1
ساهَڙ ڌاران سهڻِي، اَڌوتِي آهي
ڪُنڍيون جو ڪاهي، پاسي تنہ پاڪَ ٿِيي.
وائي - 1
مهنجون سڀيئِي، آيلَ! پُنيون ماءَ مرادون
جهڙِي پِريان ڳالهَڙِي، تهڙِي ٻِي نه ڪاءِ
ڪِجي تان ڪوڏُ ٿِيي، سُڄي تان سِيباءِ
ونءُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُر جِنہ جڳاءِ
ڪانهي حدَ حمدَ جي، ته ڪريان لالڻ لاءِ
ڳڻِئو ڳَڻِيان ڪيتريون، وڏِيون وَڏاياءِ
سو مون هٿان نه ٿِيي، جيڪين تو جڳاءِ
تو سَڄيون، تو سنديون، سِڪَنِ توهِين ساءِ
اُڃ تهنجيَ اُڃِيُون، لوچَنِ توهين لاءِ
دِلِ دانهُنِ ريَ نه رهي، مونکي ماٺِ جڳاءِ
وائي - 2
مون سين ڀَلي ڀالَ ڪِئا، اِنِهائي اَپار
نه مون ناناڻِئا کَٽِئو، نه ڪين ڏاڏاڻئا
وڏائي وَڻَ ٿئا، مون سين پِريَنِ جي پار
وائي - 3
جان جاڳان تان نَهِين وو! نالِ ڍولَڻَ دي
اِس جاڳڻ ڪَنُون سُمَهڻُ چڱيرا، جِس جاڳَڻَ مان ڪُٺِي وي
2. خواب خلوَت ڀائيان، اِس بيداري مان مُٺي وي
3. جان جاڳان تان جانِي ڳَيو، اِس ڪاتِيَ مان ڪُٺِي وي
بيت - 2
ساهڙ ڌاران سهڻي، نسوري ناپاڪَ
نَجاسَتَ ناهِ ڪَري، اُنِي جي اوطاقَ
هوءِ جي کيرَ پياڪَ، پاسي تِنہ پاڪُ ٿيي.
بيت - 3
ساهڙ ڌاران سهڻي، هِيَ جُنُبِي جوءِ
هِنَ پاڻِيَ سين پاهِنجو، مور نه مَٿو ڌوءِ
جي پِريَ پاسي هوءِ، ته ڪَرَ توڏِيَ تَڙُ ڪِئو.
بيت - 4
ساهڙ ڌاران سهڻي، هِيَ تان چُڪِي زالَ
توڏِيَ تَپُ شروع ٿئو، هَي هِيڻِي جي حالَ
جَڏِي ريَ جمالَ، اَگهِي ٿي آهُون ڪري.
بيت - 5
ساهڙ ڌاران سهڻي، آهي ۾ آزارَ
ڏَمَ پاسي ۾ ڏکندو، صحتَ وٽِ سَنگهارَ
توڏيَ سندي تَنَ جي، دوا ۾ ديدارَ
جي پَسي مُنہُ مهارَ، ته سِگهيائي سَگهِي ٿيي.
بيت - 6
مَتان گهڙين سُهڻي، اَڄُ درياهَه ۾ دَمُ
ڪارِي راتِ ڪُنَنِ ۾، ڪِهڙو اَٿيئِي ڪَمُ
متان جاڳِي ڏَمُ، پُڇي پاڙيواريين.
بيت - 7
پڇي پاڙيواريون، ڪُہُ ڪَرِيندو ڏَمُ
ڪارِي راتِ ڪُنن ۾، آهي ڪانيارِنِ جو ڪَمُ
هيءُ هَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو محبَ مهارَ تان.
بيت - 8
جان جان هُئي جِيَرِي، وِرچِي نه ويٺِي
وڃِي ڀُون پيٺِي، سڪندِي کي سڄڻين.
بيت - 9
جان جان هئي جِيَرِي، ويٺِي نه ويساندِ
لُڙهي لهرِنِ پاندِ، مُيائي مهارَ ڏي.
بيت - 10
ورَ اونداهي راتَڙِي، چانڊوڻِي چانڊا
اوري مِهارا، مُنہُ نه پَسان ڪو ٻِئو.
بيت - 11
سدا پُڇُ مَ سهڻِي، اونداهِي اَڌَ راتِ
پِريان ڏي پرڀاتِ، وَنءُ ڏيٺاري ڏينہَ کي.
بيت - 12
سائرَ ٻوڙِي سهڻي، نه ڍوري نه ڍنڍَ
اَکِينِ منجهه اُڪنڊَ، مُيائِي مهارَ ڏي.
بيت - 13
ڏيهاڻِي ڏمرَ ڪري، مَٿي محبتَ مون
تِنہ کي اچي تون، پِريَمِ! ڪُہُ نه پَلِيين.
بيت - 14
ساهڙُ سُڪيَ ۾ ٿئو، پاڻيَ منجهه پنوهُ
سندو ڪچَ ڪُنو، تارِ ترندو ڪيترو.
سرود سارنگ
فصل اول
بيت - 1
آگَمِئو آهي، لَڳهَه پَسُ، لطيفُ چَي
وٺو مِينہُ وڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاهي
ڇَنَ ڇڏي پَٽَ پَهو، سَمَرَ سَنباهي
وِهو مَ لاهي، آسرو اللهَ مان.
وائي - 1
مهنجِي سيّد سارَ لهندو،
مونکي آهِ اُميدَ اللهَ ۾
سجدي پئي سُپرين، زاري زار ڪندو
اُمتَ ڪارَڻِ اَحمدا، اُتِ پرمَلُ پاڪُ پِنَندو
صُورَ ڌڪاءُ ٿيندو، اَکيون سڀِ سڄُ ڪڍندو
ميڙو ٿيندو مومنين، اُتِ محمّدُ ميرُ ملندو
نفسا نفسِي سڀِڪو ڪري، داتا ڏي ڊوڙندو
مُهُتُ ڏيندُسِ مولو، اُتِ بَدِيون بخشائيندو
بيت - 2
آگَمَ ڪِئا الله، لڳهه پس، لطيفُ چَي
پَلُرَ جي پالوٽِ سان، پَٽَنِ جهلِئا پاهَ
واحدَ وڏائِي ڪئا، مَٿي گَسَن گاهَ
سانگِيَنِ ورِئا ساهَ، اُٺَنِ آبُ اَگُوندِرو.
بيت - 3
آگَمَ اِي نه اَنگَ، جِهڙو پَسڻُ پريَن جو
سيڻَنِ ريَ، سيّد چَي، روحَ نه رُچَنِ رنگَ
سَئَسين ٿِئا سارنگَ، جاني آيو جُوءِ ۾.
بيت - 4
جاني آيو جوءِ ۾، ٿِئو قلبُ قرارُ
وَهلو وچان ئي وِئو، ڪري غمُ گُذارُ
نظارو نروارُ، پِيَ پَسايو پاهنجو.
بيت - 5
اُٻُون، ڪَڪَرَ، ڪَنڍَرُون، اُترَ ڏي آهِينِ
ڪري آگمَ آئيون، ته مُندَ نه مَٽائِينِ
مٿان لوڪَ، لطيف چَي، گوندرَ گنوائينِ
پَلرُ پيارين، اُٺُنُ آبُ اگوندرو.
بيت - 6
اَڄُ پِه اُترَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪري
وَسِئو واٽِڙِيَنِ تي، خالقُ کنڊَ ڀَري
پاساڙِئا پَري، سانگِ مَ وڃنِ سُپرين.
بيت - 7
اَڄ په اتر پار ڏي، ڪارا ڪڪرَ ڪيسَ
وِڄُون وَسڻَ آئيون، ڪري لالَ لَبيسَ
پِرين جي پرديسَ، مونکي مِينهَنِ ميڙِئا.
بيت - 8
اَڄ په اُتر پار ڏي، ڪڪر ڪِي چوٽِي
مُندائتي مِينہ جِي، کِوڻِ نه کوٽِي
آءُ لالڻَ موٽِي، گهورئا رُسڻَ ڏينهڙا.
بيت - 9
اُتران ٿِي آئِيون، ڪري هڪلَ هُوءِ
ڀَري تَلَ ترائِيون، جوڙي هليون جُوءِ
پَسو جا پَٽَنِ ۾، کٿورِي خوشبوءِ
اچِي روبروءِ، اُٺيون روضي تان رسولَ جي.
بيت - 10
روضي تان رسولؐ جي، ڪِئو وِڄُڙيَنِ وارو
ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نظرُ سين نارو
هادي! ڀَرِ حڪمَ سين، هيُ تڙُ تاسِيارو
نبيَّ نظارو، پِيَ پَسايو پاهنجو.
بيت - 11
پيَ پسايو پاهنجو، نظارو ناگاهَ
لٿو ڪٽُ قلوبَ تان، ٿِي وِروهَڻَ واهَ
اُميدون ارواحَ، پيَّ پَسندي، پُنيون.
بيت - 12
سارنگَ! سارَ لهيجُ، اللهَ لڳِ اُڃاينِ جِي
پاڻي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، ارزانُ اَنُ ڪريجُ
وطنُ وسائيجُ، ته سنگهارَنِ سُکُ ٿِيي.
بيت - 13
سارنگَ سائِي سِٽَ، جهڙِي لالِي لاکَ جِي
اِيئن سي اُٻُنُ اَنگِئا، جئن سي چُنيَ چَٽَ
بَرسِئو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِئائين ڪُنَ ڪِراڙَ جا.
بيت - 14
سارنگ کي سارِينِ، ماڻهو مِرگهَه ميهِيُون
آرُون آبر آسري، تاڙا تَنوارِينِ
سِپون جي سمونڊَ ۾، نئين سِڄِ نِهارِينِ
پَلُرُ پيارِينِ، ته سنگهارَنِ سُکُ ٿِيي.
بيت - 15
سارنگُ سِينگاري، وِڄُون وَسَڻَ آئيون
مونکي کِوڻِ خوش ڪئو، جا ڪڪرَ ۾ ڪاري
جهُڙَنِ جهونگاري، لاٿُم ڪَٽُ قلوبَ تان.
فصل دويم
بيت - 1
ڀِرِي ڀِٽَ تي آئيو، سارنگُ سهڄَ منجها
کِڙيون کٽڻَهارَ جئن، وِڄُون اُترَ واءِ
سَرَها سر سَبَزِ ٿئا، ڊامَڻِ ڊِٻَّ ڪِئا
پهرِي پَٽَنِ تان، ڀَريائين ڪُنَ ڪِراڙ جا.
وائي - 1
کَرُ مَرُ کامي پَچي،
آءٌ ويندِي درِ دوستَنِ جي، يا الا
جِئائين ڏُڄَڻُ اَنکِئو، سَڄڻُ تئائين اَچي
نورا پايو نِيہَ جا، دَرِ ڀَلي جي نَچي
بيت - 2
ڀرئائين ڪُنَ ڪِراڙ جا، وَٺو وارياسو
کوڻيتي کِهِڻِنِ جو، چڱو چؤماسو
ماڪاڻِيَ تان موٽئو، ڏيئِي پِيَّ کي پاسو
خالقَ ڪِئو خاصو، چِيهو چُکيَ ڪنڌيين.
بيت - 3
چِيهو چُکيَ ڪنڌيين، ڪئائين گَڙَنگَ تي گُلَ
هَڏا ڪُٽان هلئو، ڀَري ترايون تَل
آندائون آبُ اُڇَلَ، مٿي باغَ بهارَ ڪري.
بيت - 4
اَڄُ رسِيلا رنگَ، بادلَ ڪڍئا بُرجَنِ سين
سازُ سارنگيُون سُرندا، وڄائِينَ بِر جَنگَ
سراهِيُون سارنگَ، پَلُٽِيون راتِ بَڊامَ تي.
بيت - 5
مِينهان ۽ نِينهان، ٻَئِي اکرَ هيڪڙي
جي وسڻَ جا ويسَ ڪري، ته ڪڪرَ ڪن ڪِيهان
بادلُ ٿي بِيهان، جي آگمَ اچڻ جا ڪريين.
بيت - 6
بادلَ تُم پِيُّ ڪَرَن، ڪَٽَڪَ جِتِ مِڙَن
تَنگَ ڀِنُنِ تَرسنگَ پُسنِ، ته پِه سڄڻَ چِتِ پَونِ.
بيت - 7
ڪُڻِڪَنِ ڪانڌُ چِتُ، ڪِئو، جهُڙُ پَسئو جهِڄَنِ
وَرَ رِءَ وانڍِيَنِ، اَڏِئا، پَکا سي مَ پُسَنِ
اُتَرُ ڊاهي اُنِ جا، ته ڪِنہ کي ڪارُون ڪَنِ
وارثُ ورِي تَنِ، اچِي شالَ اولو ڪَري.
بيت - 8
ڪُڻڪنِ ڪانڌُ چِتِ ڪئو، جهڙُ پسئو جهُڻڪنِ
سُڻئو رَڙِ رَعدَ جِي، ڪَليون ٿيون ڪَنبنِ
ڪَلهِيُون ڪِنَ ڪُڇنِ، ويچاريون وَرن رِي.
فصل سيوم
بيت - 1
گَنيَرَ گَتِ سِکنِ، چَلڻَ جِي چاءِ پَئِي
هِندُو حيرتَ ۾ پِئا، لالِي کي لَبَنِ
چَمڪنِ چوڏِس چنڊ جئن، وڄُڙِيون وِهُسَنِ
لوچَنِ ٿا، لطيفُ چَي، پَسڻ لَئي پِريَنِ
ڪَيسرِ قريبنِ، سچُ ڪِر سَنڀائي ساڻُ کنيا.
وائي - 1
اکِئان ميگهُه ملارَ
صورتَ تهنجيَ سڀ جَڳُ موهئو
سجدو فِيلَ في الحالُ ڪِئو، پَسِي ’مُطِلبَ‘ نورَ نراڙَ
ڄاپَڻَ وقتَ ڄامَ جي، ڪِرِئا ڪُنگُرا ڪوٽَ ڪفارَ
آڳي آسمانَنِ جو، توکي ڪارِئو سَيرُ ستارَ
’وَلَسَوفَ يُعطِيڪَ رَبُّڪَ‘، توسين قادرَ ڪئا قرارَ
قادرَ پاڻَ قسمُ ڪِئو، خاڪِ قَدمنِ جو ڪلتارَ
آهِينِ ڪرمَ ڪريمَ جا، اَحمد ساڻُ اَپارَ
اُڪنڊئا جي آبرَ کي، سَرها ٿِئا سنگهارَ
موڪلَ ٿي مِينهَنِ کي، دوستَ هٿان دلدارَ
بيت - 2
مُند ٿي، مَنڊلَ وَڄئا، ڪِي اوهِيرنِ اوتَ
ڇاڇَرَ ٿي ڇَنن ۾، ميهِيُون چَرنِ موڪَ
سَرهِيون ٿيون سنگهارِيون، پويون پائِينِ طوقَ
مِيها، چِڀِڙَ ڦُنگِيون، جِت ٿينِ سڀيئي ٿوڪَ
لاهيين مٿان لوڪَ، ڏولاهي جا ڏِينهڙا.
بيت - 3
مُند ٿي، منڊلَ وڄئا، تاڙي ڪِي تَنوارَ
هارِنِ هَرَ سَنڀائيا، سَرها ٿئا سنگهارَ
اَڄُ مهنجي يارَ، وَسڻَ جا ويسَ ڪئا.
بيت - 4
مند ٿي، منڊل وڄئا، آيو جهُڙ جهاٽي
هڪُ ارزان اَنُ ٿئو، ٻئو مکڻُ منجهه ماٽي
ڪلمي سين ڪاٽي، لاٿُمُ ڪَسُ قلوب تان.
بيت - 5
مند ٿي، منڊل وڄئا، موٽِي آيو مِينہُ
لالُ پرين، لکمير چَي، سارِئُم سڄو ڏِينہُ
جنِ سين نيڻنِ لايو نينہُ، سي پرين پيهِي گهر آئيا.
بيت - 6
گَنگُوءَ جيان گوڙِ ڪري، ڪاهِيئين ڪاهو جِي ڏانہَ
وٺو مِينہُ وڏ-ڦُڙو سِرِي ڀَرئائِين ساهَ
ڏيئي پَٽَنِ پاهَ، ڀرئائين ڪُنَ ڪِراڙ جا.
بيت - 7
ڏيئي ريجُ رانئُڪَ کي، ڪئائين لوتَڙِيَ تي لَلُ
ڏَلهي ڇڏئائين ڏَڙَهه کي، پائي ڀَرئائين پَلُ
آندائون آبُ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿي مِينهَنِ کي.
بيت - 8
مون جهُڙُ ڏٺو اُڀَ ۾، ڍولا! لَڏَ مَ لاهِ
اَچنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُترَ واءِ
ڇَنِ ڇڏي پَٽِ پاءِ، اَڏِ اُتانهِيَ پَکَڙا.
بيت - 9
محبَ مهنجا سپرين، آڻِينئِي اَللهُ
توکي سارِئو ساهُ، اُڪنڊئو آهون ڪَري.
بيت - 10
وَسُ بادلَ وَسُ، تو وسندي وَسَ ٿِيي
اُڃائيون، شاه عناتُ چَي، راتِ تَنِي کي رَسُ
نيڻَ ٽِمندا پَسُ، وَسُ ته ورَنِ سپرين.
بيت - 11
اوڇڻُ گهرجي آجِڪو، جهوپو پَسي نه سِيُّ
سُڻائيجُ سورَ کي، حالُ مهنجو هِيُّ
اَڱڻ آيو ٿِيُّ، ته ڍولا! ڪنہ ڍَنگِ ٿيان.
بيت - 12
ڪانڌَ تهنجي پاند ري، سَنجهي سِيءَ مران
ڪامِلَ! ڪپاهَنِ ۾، پيئِي ٺارِ ٺران
تارِيَ تنہ تران، جئن وَرَ وِهاڻِيَ ووڙئو.
بيت - 13
ڪانڌ تهنجي پاند ري، سِيَ مران سڀِ راتِ
ڪاملَ! ڪپاهَنِ ۾، جهپَ نه اَچي جهاتِ
اچِين جي پرڀاتِ، ته آءٌ سِيُ نه ساريان.
بيت - 14
پاڇاٽِئان پَئِي، ٿِئو آڳاٽِئان اَڳَرو
چُڪَسِ سڀِ چئِي، تڏهن مولي مينہ وسائيا.
بيت - 15
آگَمَ ڪِئو اَچنِ، سڄڻَ سانوڻَ مِينہَ جئن
پاسي تَنِ وَسَنِ، جي سڀُ ڄَماندرَ سِڪئا.
فصل چھارم
وائي - 1
آئِي مُندَ ملارَ، اي آءٌ کُهنبا ڪنديَسِ ڪپڙا لا
وَسَڻَ جا ويسَ ڪئا، اَڄُ مُهنجي يارَ
لارَ لَئِيندي وَڇَڙا، ڀِنَسِ ڀَنڀَا وارَ
پَکي آءٌ پِريَنِ جي، لَهُه تون سيّدَ سارَ
وائي - 2
مِل جا، مِل جا، مل جا چورِي چوري،
سڄڻَ سانون مِل جا
بادلُ بَرسي، وڄُڙِي چمڪي، بُوندَ پَڙِي ٿوري ٿوري
صاحبُ ديوانا، بي نشانا، گهورِي گهورِي سڄڻ سانون مِل جا
بيت
وَسُ بادلَ وَسُ، تو وسندي وسَ ٿِئي
تو پِئُڪا، مون ساهُرا، کِوڻِ پِلايو رَسُ
تَني ڀاڳين وسُ، جَن وَرَ مَٽائي ڀائُرَ ڪِئا.
بيت - 1
اوڇَڻُ گهرجي آجِڪو، پَکو نه پِيتَمُ
دوستَ پُڄاڻا دمُ، جا رَهي سا رَن ٿِيي.
بيت - 2
سڄڻَ سانوڻَ مينہَ جئن، جهُڻڪنِ پاسي جهوڪَ
ڏيندا پاهَ پَٽنِ کي، منجها مِينهَنِ موڪَ
لَسَ پيارينِ لوڪَ، آگَمَ ڪئو اکين سين.
بيت - 3
اَڄُ پِه اُتر پارَ ڏي، ڪڪرَ ٿو ڪَري
وسئو سي ڀَري، جي ڏَڙهه ڏينهَنِ کانئِيا.
بيت - 4
اُتران ٿِي آئيو، تِنہ ڪڪرَ لاٿُمُ ڪَسُ
وَٺو مِينہُ وڏ-ڦُڙو، ڪِئو جوراڻي جَسُ
ڪَيسَرِ چَي، ڪلاتَ ۾، رات تَنِي کي رَسُ
نيڻَ ٽِمندا پَسُ، وَسُ ته ورن سُپرين.
بيت - 5
واهوندِئا وِڄُ ٿِي، گُـڙِئو ڏُونہُ کنڀاٽَ
ڪُنڍيون ڪاهي ڪَسِ ڪَرِهو، وَڇُون ڪَرهو واٽَ
سنگهارنِ سُکُ ٿئو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ
جهُڙ ڦُڙِ ڏيئي جهاٽَ، پُسائيندو پَٽيُون.
بيت - 6
ڪانڌ مَ ڪُهڙِ کوڙِ، مون جهُڙُ ڏٺو اَڀَ ۾
سِٽائون سانوڻَ جِيون، جوڻيجو چَي، جوڙِ
لاٿَم گوندرَ گوڙِ، مونکي کِوِڻِن خوش ڪِئو.
بيت - 7
سڄو صافُ نه اُڀري، سَرلي وچان سِڄُ
مُنہ چَڙهئو مارُن کي، ڏي واڌائِي وِڄُ
هِنيڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها ملندئِي سپرين.
بيت - 8
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پيئيون، ٿئا وَلَهارينُ ويَّ
شمسُ سورجُ نه پاڙِيان، سيڻَن جِي شبيہ
جي جانِي اندرَ جِيَ، سي پرين پيهِي گهَرِ آئيا.
بيت - 9
ڍٽ ڍري پٽ پيئيون، وِڄُنِ ڪئو واڄو
پَکو پهنجي پرينَ لئي، سِبي ڪَرِ ساڄو
سَڄَڻُ سَٻاجهو، ڀيڄَ-ڀِنِيَ گهرِ آئيو.
بيت - 10
ڍٽ ڍري پٽ پيئيون، وڄن ڪئا وَرَنَ
اونهيون ٿيون، عيسو چَي، ڇاڇَرَ سَڀُڪا ڇَنَ
جي محبَ اندرِ مَنَ، سي پرين پيهي گهر آئيا.
بيت - 11
ڍٽ ڍري پٽ پيئيون، وڄن ڪئا ورنَ
قادرَ وڏائِي ڪِئا، ڪُڍنِ ساڻُ ڪرمَ
سنگهارنِ شرمَ، رک مهنجا سپرين.
بيت - 12
وسِي سارِي راتِ، صبحَ جو ساهُ کَڻي
منجههِين مِينہُ پِريَن جو، جي تَنَ ۾ هوئي تاتِ
ته وِهاڻِي پرڀاتِ، هوندَ بادلُ بَسِ نه ڪَري.
بيت - 13
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، واري ڪِئائين وارَ
وِڄون وَسڻَ آئيون، چوڏِسِ چوڌارَ
ڪي اُٿِي ويئيون اِستنبولَ ڏي، ڪِنِ مَڻِئا مغربَ پارَ
ڪي چمڪَنِ چِينَ تي، ڪي سمرقندين سارَ
ڪي رَمِي ويئيون رومَ تي، ڪي ڪابل ڪي ڪي قنڌارَ
ڪي دِليَ دکَنِ، ڪي پوربِ پَشَمِ، ڪي گُڙنِ مٿي گرنارِ
ڪن جُنبي جيسَرميرَ تان، ڏنا بيڪانيرَ بُڪارَ
ڪَنِي ڀُڄِ ڀڄِائيو، ڪَنِي ڍٽَ تي ڍارَ
ڪني اچي عمرڪوٽَ تان، وسايا وَلهار
سانيَمِ سدائين ڪرِيين، مٿي سنڌُ سڪارَ
دوستَ تون دلدارَ، عالَمُ سڀِ آبادُ ڪريين.
بيت - 14
موٽي مانڊاڻن جِي، ڀَري ڪئائين ڀيڄَ
وِڄون وسڻَ آئيون، سارنگُ چڙهئو سيڄَ
تنہ نوريُون نوازيون، ڏيئِي ڏوڻا ڏيجَ
ٻِجُ کڻي پَٽِ هلئا، هارِي منجهه هيجَ
راضِي منجها ريجَ، عالمُ سڀ آبادُ ٿئو.
بيت - 15
موٽي مانڊاڻن جي، جُڙِي ڪئائين جوڙَ
وِڄُون وَسڻ آئيون، ٻَهَه ٻَهَه ٻَڌيَنِ ٻوڙَ
اَنَنَ جا عالمَ ۾، لَڳِي ٿئا کوڙَ
سارنگَ لاٿِي سوڙَ، ساندهِ سَهاؤ ٿئو.
بيت - 16
موٽي مانڊاڻن جي، ڀري ڪئائين ڀَرَ
وڄون وسڻَ آئيون، ڪوڏان کڻي ڪَرَ
مينهُون پاڻَ مُراديون، ٿڌا چَرنِ ٿرَ
وَڏي اوهَ آئيون، پٺيَ لائي ڦرَ
ساڙهي اَچئو سامُهِيون، ڏِينِ سَنجهي کيرُ سڄرُ
ساڻُ وانڍيَنِ وَرَ، پريون پَرچڻَ جيون ڪيون.
بيت - 17
حڪمُ ٿيو بادلَ کي، ٿا سارنگَ ساٺَ ڪِجَنِ
وِڄُون وسڻَ آئيون، ٽان ٽان مِينہَ ٽِمَنِ
جَنِ مَهنگو لَهِي ميڙِئو، سي ٿا هٿَ هَڻنِ
پنجنِ مان پندرهن، ايئن ٿا ورقَ وَرنِ
ڏُڪارئا ڏيهَنِ مان، شال! موذِي سڀِ مَرنِ
ورِي وڏي وسَ جيون، ڪيون ڳالهيون ڳَنوارنِ
سيّدُ چَي، سَڀنِ، آهِ توهَ تهنجو آسَرو.
بيت - 18
اندرِ جهُڙُ جهورَ وَهي، ٻَهرِ ڪڪرُ نه ڪو
وسائيندي وِڄُڙِي، حُبَ جنہ کي هوءِ
لالڻُ جَنِي لوءِ، سي اوڪاڻِينِ نه اکيون.
بيت - 19
اندر جهڙُ جهور وهي، ٻهر بَرسي بُوندَ اَپارَ
وٽِ جَنِ جي يارَ، تن جيون اوڪاڻيون نه اکيون.
بيت - 20
آگَمِجِي آئيون، اُتَرَ ڪري اُورِ
جي پرين هُئڙا ڏورِ، سي مونکي مينهَنِ ميڙئا.
بيت - 21
سَرلي سونهنِ سي، جي کَهر کَهٽِ سڄڻَ سپرين
جي وانڍيون ورنِ ري، تَن کي مِينهنِ سڄڻَ ميڙئا.
بيت - 22
مندَ ٿِي، مَنڊلَ وڄئا، ڪوڙيين سڄڻُ ساري
وڏَ-ڦڙي واڪو ڪِئو، اُٺو اوتاري
ڪَرَ ڪَرو ڪُنڌِيون، مِهريَنِ ماري
گهَنگهَر اَڄُ گهاري، وارو ڏيندِي وِڄُڙِي.
سرود ڪيڏارو
فصل اول
وائي - 1
ميندِي لاوَڻُ ڏي، جِيوي شاهَ ميندِي لاوڻُ ڏي
حُسينا! سيڄَ وڇاوَڻ ڏي
ميندِي تَيڏِي رَنگُلِي، چوٽا لالُ گلالُ
ماءُ پِئو ڏِنُڙا سِهُرا، خبرُ نماڻِي دي نالُ
بيت - 1
ڏِٺو محرَمَ ماهُ، سَنڪو شَهزادَنِ ٿئو
ڄاڻي هيڪُ اللهُ، پاڻَ وڻنديون جو ڪَري.
بيت - 2
ڏٺو محرم ماهَ، سنڪو شهزادنِ ٿئو
مَڪي مديني ماڻُهئين، رُنو مَٿي راهَ
تِنہ واحدَ کي واهَ، جو حڪمَ هِهڙائِي ڪَري.
بيت - 3
محرمُ موٽِي آئيو، آيا تان نه امِيرَ
مديني جا ميرَ، ڏاتَرَ! مون ڏيکارِيين.
بيت - 4
محرم موٽي آئيو، آيا تان نه اِمامَ
مديني جا ڄامَ، موليٰ مونکي ميڙِيين.
بيت - 5
ميرَ مدينئان نڪرِي، ڏيرا ڏِنائُون
ڪاٺيَ، پاڻيَ گاهَ کي، ماڻهو مُڪائون
چَڙهندي چيائون، ته ٿيندِي ويڙهِه وڏاندَرِي.
بيت - 6
مير مدينئان نڪري، رِڙهئا مَٿي رَندَ
گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرئا مَٿي پَنڌَ
جِتي رَهنِ راتڙِي، سي سُونهارا هنڌَ
ڪُلها ڪَرنگهَرَ ڪنڌَ، جهُرنِ جهُونجهارِن جا.
بيت - 7
مير مدينئا نڪري، آيا نه موٽِي
ڪارا رَڱِجُ ڪپڙا، ادا! نيروٽِي
آءٌ تَنِي لئي لوٺِي، جي ميرَ مسافرَ رانئيا.
بيت - 8
سَختِي شهادتَ جي، ملارُ مڙوئي
ذرو ناه يزيد جو، آثار اُهوئي
ڪُسَڻُ هو ڪوئِي، اَصلُ اِمامَنِ سين.
بيت - 9
سَختِي شهادت جي، مڙوئي ملارُ
ذرو ناه يزيد کي، اُهوئِي آثارُ
ڪسڻَ جو قرارُ، اصل امامن سين.
بيت - 10
سختي شهادت جي، سُڻ شادي جو ڏِينہُ
ذرو ناه يزيد کي، نسورو ئي نِينہُ
مَرَڪَ آُٺو مِينہُ، عليَ جي اولادَ تان.
بيت - 11
سختِي شهادت جِي، نسورو ئِي نازُ
رِندَ پروڙِينِ رازُ، قضيو ڪربلا جو.
فصل دويم
بيت - 1
جهيڙو لاهِ يزيدَ، عليَ جي اولادَ سان
سا نه پَسندين عيدَ، جا هوندِي ميرَ حُسينَ سين.
وائي - 1
داغ سِيني پَر غَم ڪا هَي، ماتمُ ڪا يا علي
جهَنڊا جي آئِيا، خبر لي آئِيا
سوزُ ڪرو شاهَ حسن ڪا
بيت - 2
جَني جهيڙِئو ڪالَ، عليَ جي اولادَ سين
هَي تَني جي حالَ، جي ٿِئا جماعَتِي يزيدَ جا.
بيت - 3
جني جهيڙئو اَڄُ، عليَ جي اولادَ سين
ڀَئِي تَن کان ڀَڄُ، جي جماعتي يزيدَ جا.
بيت - 4
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، هَي جي حَسَنُ هو
ڀيرو ڀيرو ڀاءُ تي، پتنگَ جئن پِئو
آهي ڪيرُ ٻِئو، جو ڪَري هَلائون ميرَ حسين تان.
بيت - 5
ڪلي ويرَ ڪٽڪَ ۾، سائُو سڀِ نه هُونِ
پِڙَ تي سيئِي پُونِ، موٽَڻُ جَنِي ميهڻو.
بيت - 6
ڪلي وير ڪٽَڪَ ۾، پاکَرَ جو پائي
اڃان اُن کي جيڻ جو آسانگو آهي
سورِهُ سو چائي، جو رڳوئِي رڻِ گهڙي.
بيت - 7
حَسنُ ناهِ حُسينَ وَٽِ، ٻيلِي نه ٻانهُون
ساڻيہُ شهزادَنِ جو، آهي آڳاهون
يزيدَ! جُلاهون، تيلان ڪرِيين تَڪڙِيون.
بيت - 8
حسنَ ميرَ حسينَ جِي، سُئِي جَنگ جَهانَ
اُڏاڻا اورِ ڪَري، ڪارين پَکين ڪانَ
پِيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سيّدَ سڀَ ملهائِيا.
بيت - 9
حسنَ ميرَ حسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ
گهرِ ماڻهئين، جهنگِ مِروئين، اَڀَنِ ۾ مَلڪنِ
پَکيُنِ پاڻَ پڇاڙِئو، ته لَڏِئو هوتَ وڃنِ
الا! شهزادَنِ، سوڀون ڏيين سچا ڌڻي!
بيت - 10
حسنَ ميرَ حسينَ جو، جَنِ نه هِنيَڙي جارُ
خالقُ ربُ جبارُ، ڪينَ مَرهِيندو تَنِ کي.
بيت - 11
پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، هَڻي هزارِي هولُ
جَهَنورَ ۽ جَڙاءَ سين، ڪاملَ سِرِ ڪنگولُ
رتو رتُ رَتولُ، مولِهيو مير حسينَ جو.
فصل سيوم
بيت - 1
ڪوپا ڪِلي ڪوڏِيا، راوتَ ڪينَ رهنِ
سائوئَنِ سِرَ فِدا ڪئا، اَڳئان اِمامَنِ
’يُجَاهِدُونَ فِي سَبيلِ اللهِ‘، ڪمُ اِهوئي ڪَنِ
حورُون هارَ ٻَڌنِ، سِهُرا شهيدنِ کي.
وائي - 1
اَڄُ نه آيو امامُ واويلا، مومنان! ماتامُ واويلا
اَنُ نه پاڻِي اُنِ کي، نڪو وَٺڙُنِ مِينہُ
هُئا سَٽاڻِيَ جنگِ ۾، نوَ راتيون، ڏهه ڏِينہَ
دُلدُل گهوڙو شاه جو، مَٿُسِ لالُ پلاڻِي
گهَرِ شهزادي لَڏِئو، سيّدُ سيڄَ نَه ماڻِي
بيت - 2
ڪوپا ڪلي ڪوڏيا، سائو صُلحَدارَ
هڪُ ڀائرَ، ٻئا ڀائِٽيا، ٽِئان جاني جگرَ يارَ
آرَڻَنِ ۾، احسانَ سين، صوبا ٿِئا سردارَ
حورُنُ ٻَڌا هارَ، سِهرا شهيدنِ کي.
بيت - 3
ڪاملَ ڪربلا ۾، اَهلبيتَ آيا
ماري مِصرِيَنِ سين، ڪافرَ ڪَنبايا
سَچُ ڪِ بِيبِيَ ڄايا، ههڙا سورِهَ سُپرين.
بيت - 4
ڪاملَ ڪربلا ۾، آيا سيّدَ شيرَ
ماري مصرين سين، ڍُونڍَ ڪِئائون ڍيرَ
دَهِلئا اُتِ دليرَ، پَسِي حملو مير حسينَ جو.
بيت - 5
ڪامل ڪربلا ۾، آيا جُنگَ جوانَ
ڌرتي ڌُٻِي لرزِي، ٿَرٿِلِئا آسمانَ
ڪَرَهِ هئِي ڪانَه، هو نظارو نيہَ جو.
بيت - 6
ڪاملَ ڪربلا ۾، آيا اَڄُ اَميرَ
ويهي ويريَنِ سامهان، تِکا هنيائون تيرَ
هُئِي اِيَ تقديرَ، امامَنِ سين اڳهِين.
بيت - 7
ڪامل ڪربلا ۾، آيا پاڻَ پيهِي
پَهُه ڪِئائون پاڻَ ۾، مقابِلِ ويهِي
قضا اِيَ ڪيهِي، هَي هَي ٿي مير حسينَ سين.
بيت - 8
دوستَ ڪُهائي دادلا، مُحِبَ مارائي
خاصَنِ خَللنِ کي، سَخِتيُون سَهائي
اِنَهِين منجهه آهي، ڪا اونهِي ڳالهه اسرارَ جي.
بيت - 9
ڪانڌَ! ڪَلاڙين ڪَپڙين، وَرَ! وَناهيو آءُ
جِتِ سانگِينِ جي سَٽِ وَهي، اُتِ وِکَ وڌندِي پاءِ
تان تان ڀَئو مَ لاهِ، جان جان نوڌين نه چَڙهين.
بيت - 10
جهِمندِيون اَچنِ، جهوليون جهُونجهارنِ جيون
پائيو ٻُڪَ ٻُهارَ جا، اُنِ جيون وَهُون واڪا ڪَنِ
پِٽِينِ پارَ ڪَڍنِ، رِڻُ گَجِئو راڙو ٿِئو.
بيت - 11
ڏِٺو ڪالهه ڪَهِين، جهونجهارَڪو جهَڳِڙو
هاٿِينِ هڏَ مُڇائِيا، ريلو رتَّ نَئِين
ڀائِينِ سا سَئِين، جِئان جِيَ جوکو ٿِيي.
بيت - 12
ڀڳو آءٌ نه چُئان، مارِئو ته وِسَهان
ڪانڌَ! مُنہَ ۾ ڌَڪڙا، سيڪيندي سُونهان
ته پُڻ لَڄَ مران، جي هُونِسِ پُٺِ ۾.
فصل چھارم
بيت - 1
ڪا جا ڍَرِي ڍَنگرِي، ڪو جو وَرِئو واءُ
علي شيرَ وِياءُ، ڪِ رِڻَ ۾ پييَنِ راتڙي.
وائي - 1
واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻُ ماتامُ
هَي هَي! وو! شاهَ حُسينَ سِڌارِئو
1. ڪربلا جي پِڙَ ۾، خيما کوڙِئائُون
جيڪا تقدير ربَ جِي، لِکئو لوڙئائون
2. ڪربلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اميرَ
جهڙُ وَرائي جهورِيَ جهَلِئا، طرفَ سندي تقديرَ
3. پَسِي سختِي ميرَ حسينَ جِي، رنو نبيَّنِ زارو زارِ
مَلڪَ فلڪَ، ڌرتي ڌُٻي، آئِي عرشَ مٿان اوڇنگار
فرزندَ عليَ جا دادلا، چيو بِيبيَ فاطمةَ
خُون ڇِڪينديسِ، ڪين ڇڏينديَسِ، جانِي! اَهنجو ڏِينہِ قيامت
5. فرزندَ عليَ جا دادلا، مون تان ڪوڏِ نِپائِيا
بيبي بتُولَةَ جنتَ خاتونءَ، پارَ ڪڍِي سِرَ ڳَري لائِيا
بيت - 2
مَر مَرين، آءٌ روئين، موٽِي ڪانڌَ مَ آءُ
ڪَچَنِ وڏا پاندَ، جِيَڻَ ٿورا ڏِينهڙا.
بيت - 3
مر مرين، آءٌ روئين، موٽِي ڪانڌَ مَ آءُ
مَڇُڻ تو پُئاءُ، ڪَچا ڪَنِمِ جيڏيون.
بيت - 4
گهوڙنِ ۽ گهوٽَنِ، جِيَڻَ ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن منجهه ڪوٽَنِ، ڪڏهن واهِي رڻِ جا.
بيت - 5
جنتَ سنديَنِ جُوءِ، فائقَ هَلئا فِردوسَ ڏي
فانِي ٿئا في اللهِ سين، هوءِ ۾ پِئا هُوءِ
ربَّ! ڏيکاريين رُوءِ، اُنِي جِي احسانَ سين.
بيت - 6
ڪاري ڪڪرَ هيٺِ، مون جهيڙيندي ڇَڏِئا
ڪارا ڪُندَ هٿنِ ۾، اَڙَلَ وَڇيرا هيٺِ
ٿي تَنِي سين ڏيٺِ، موٽَڻُ جَنِي ميهِڻو.
بيت - 7
بهادُرَ گڏئا بهادرين، کَڙَڳَ کِلِولِ ڪَنِ
وِجهَنِ ڌَڙَ ڌَڙَن تي، هاڪارئو هڻنِ
ڪِرَنِ ڪُنڌَ نچنِ، رِڻ گجئو راڙو ٿئو.
بيت - 8
هُئي هدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمرا
چڙهِي آيو جنگِ تي، هَلِي هُن پارا
اِيندِهين چَيئِين امام کي، ’گهورئُسِ آن مٿا‘
’لايُڪَلِفُ اللهُ نَفساَ اِلاَّ وَسعَهَا‘، جيڪا پُڄندِيَمِ سا
گهوٽَ پِه لڳو گها، هِيُ پِه شيرُ شهيد ٿئو.
بيت - 9
حُرُ هَلِي آئيو، هُن پارا مانجهِي مَردانو
آهي عاشقُ آڳِ جو، پَتنگُ پَروانو
مانَ راضي ٿِيي رسولُ ربَ جو، نبيُ تو نانو
هيُ سِرُ سَمانو، گهوٽَ مٿان ئِي گهورِيان.
فصل پنجم
بيت - 1
ڏاڙهِي رتَ رَتياسِ، ڏندَ ته ڏاڙهونءَ گُلَ جئن
چوڏهينءَ ماهَه چنڊَ جئن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ
ميڙي ۾ محمّد جي، مَر مَرڪي ماسِ
تِنہ سورهَ کي شاباسِ، جو مٿي پِڙَ پُرزا ٿِيي.
وائي - 1
چلو يارو مسلمانو شهيدو، ڪافرُ مارِئا هَي
هَي حَسن ڪُون، هَي حسين ڪُون وو
نورُ ڪا پيالا خدا دي بَر پلايا هَي
جِنان دي گهوڙي ٻيڙي، تِنان دي مالُ دي جهيڙي
هَي وڃي ٿِئا خاڪِ سين ڀيڙي، جِنان دي لَک تي هِيري
سدا مُک پاڻ دي ٻيڙي، هَي اُتان ڪُون کا ڳئي ڪِيڙي.
بيت - 2
ڏاڙهي رت رتياسِ، ڏندَ ته موتِينِ ڳُتِئا
چوڏهينءَ ماهَه چنڊُ جئن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ
’اللهُ نورُالسَمَواتِ والارضِ‘، جلوو زميناسِ
’سِيمَاهُم في وُجُوهِهِم‘، مُنہَ ۾ مَڻِ ڳتياسِ
ڪربلا جا ڪَڪِرا، مادرِ ٿي ميڙِئاسِ
ڦَٽَنِ تان رتَ ڦُڙُڪِڻا، عليَ ٿي اُگهَٺاسِ
مِڙئِي معافُ ڪِئاسِ، خالقَ بدلي خونَ جي.
بيت - 3
ڪوفِيَنِ قهرُ ڪِئو، ٿئا جماعتي يزيدَ جا
پليتَنِ کي پِڙَ ۾، وَرنَهُه وَرُ پئو
سَڌرُ هُونِ سِهو، شيرُ شهادتَ رسِئو.
بيت - 4
ڪوفِي ڪربلا ۾، پاڻِي نه پِيارينِ
اُتِ عليَ شاهَ کي، شهزادا سارِينِ
نِڪرِئو نِهارينِ، چَڙُهه ميرَ محمّدؐ عربي.
بيت - 5
ڪوفينِ خط لِکئو، وِچُ وجهِي اللهُ
اسين تابِعَ تُهنجا، تون اسان جو شاهُ
هيڪَرَ هيڏي آءُ، تختُ تابِيني تُهنجي.
بيت - 6
پِرهَ پَکِي آئِيو، ڪربلا مان ڪَهِي
روضي پاسِ رسولﷺ جي، اَچِي هاڪَ هَئِي
ڏِٺيَمِ رُڪَ رَئِي، چڙهه ميرَ محمّدَ عربي.
بيت - 7
پره پکي آئيو، صُبحُ سَوارو
روضي پاسي رسولَ جي، هنيائين هاڪارو
مانجهِينِ ڪِئو مارو، چڙهه مير محمّد عربي.
بيت - 8
پره پکي آئيو، ڪربلا مان ڪالَ
آهِ آلُودو رتَ ۾، هَي مَنجها حالَ
گهوٽَ وَناهِيا ڪالَ، ٻيلِي مير حسينَ جا.
بيت - 9
ڪربلا ۾ ڪُوڪَ، ساجهُرُ شهزادنِ جِي
عالَمَ جا مَلُوڪَ، رُڪَّ رُوحي جهلِئا.
بيت - 10
ڪربلا ڪَڪورِي، دُلدُل رَتا پيرَ
سَٽُون ڏيندي شيرَ، مٿان سِڄُ مُرڪِئو.
بيت - 11
چارِ تراريون چيلهِه سين، ٻَڌي ٻه پاڳُون
اَڳَينِ جون آڳُون، ڪونر ڪِلي ۾ موکِيون.
فصل ششم
بيت - 1
ڪونرَ ڪِلي جا ڪوڏِيا، جانڪيتائين جِيُّ
مٿان آرِڻِ اُسَرِي، رُڪُ پيالو پِيُّ
ڳاهُ ڳِجهُنِ جو ٿِيُّ، ويٺي جَنِ وَرهَه ٿئا.
وائي - 1
ماتامُ اِمامَنِ جو ڪَرِ هو، ماتامُ شهيدن جو ڪَرِهو
ماتام...
1. روئي روئي اکيون، رتِ ڇو نه ڀرِئو
ماتام ...
2. جيڪين امامنِ سين ٿئو، سو پاڻَ ڌڻي پيدا ڪِئو
ماتام ...
بيت - 2
پاڪَ جَني جا پيرَ، کٽان هيٺِ نه کوڙِئا
تَنگَ ترارنِ تِڇِئا، ڇَڻئو پُونِ ڇُڳيرَ
ڍُونڍَ تَني جا ڍيرَ، ڳِجهڙِيَنِ ڳُرِ لائِيا.
بيت - 3
ڇَپرِ جئن پَهُون، تئن رِڻِ ڳِجهُنِ ڇانئيو
وَکا وَکنِ گَڏِئا، ڊوڙئو ڏِينِ ڊَهُون
مَهايَنِ وَهُون، نِيرُ مَهنگو ڪَنديون.
بيت - 4
ڳِجهون ڳوٺِ نه هُونِ، وَتنِ ڪِلِي ڪوڏِيون
حسنَ ميرَ حسينَ کي، لَمِئو لائُون ڏِينِ
ڳُتا اُکولِينِ، چوٽا چوڙيرِيَنِ جا.
بيت - 5
ڳجهڙين ڳارو، راتو ڏِينهان رِڻِ ۾
ڀُوڻِيُون پُڇَنِ پاڻَ ۾، ڪِنہ مُنہ ڪيڏارو
کائي کَڳَ- مارو، ڪانئِرُ پِئو ڪِنو ٿِيي.
بيت - 6
ڳائو ڳِجهَه نه کاءِ، مَهي ماسَ نه هيرئِين
تني لئي واجهاءِ، ڪَلنگِيون جَنِ ڪپارَ ۾.
بيت - 7
اکيون ڪڍُ مَ ڳِجهڙِي! تارا تان مَ کاءُ
پِئو نه پَسِين پَٽَ ۾، ريڳَڙِيارو راءُ
جهيڙا تَنِ جوانَنِ جا، جَن ۾ نوَ سؤ نوَ گهاءَ
راتِ جَني جِي ماءَ، رويو پَرَنِئا ربّ کي.
بيت - 8
کنڀَ کُسَنئِي ڳِجهَڙِي، لِڱين پوئِي واءُ
اميرن مٿاءُ، جِنہ تو ڦُلين ڇانئوُن نه نِڱُيون.
بيت - 9
ڳجهُنِ ويٺي ڳاڙِئا، ڏَجها ڏُکَ گهڻا
تَنگِي لَٿِيَنِ توڻِ جي، سورِهَ ساماڻا
ڪندا راماڻا، ڪَونرَڪلي جا ڪوڏِيا.
بيت - 10
سورهَ مَرِين سوڀَ کي، دِلِ جا وهمَ وسارِ
هَڻِ ڀالا، وڙهُه ڀاڪرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ
مٿان تيغَ ترارِ، مار ته متارو ٿِيين.
بيت - 11
هَڻڻُ، هَڪلڻُ، ٻيلِي سارڻُ، مانجهيان اِيُ مَرڪُ
وِجهنِ تان نَه فَرقُ، رُڪَ وهندِيَ راندِ ۾.
بيت - 12
گهوڙو گهوٽَ پَلاڻئو، مَٿِسِ زِينَ ڌري
علي شيرَ پُٽنِ کي، اُڀو سَڏَ ڪَري
اڃان ڪين ڪَري، جئن امرُ الاهِي آئيو.
بيت - 13
آيا اُجارِينِ، تَنگَ تراريون تِئُرا
سانگِيُون سائُونِ هٿَ ۾، ڪُلهنئون نه لاهِينِ
اُڀا ئِي آهِينِ، مَهائِي مَرَڻَ تي.
بيت - 14
ڀَڄِي آئين ڀَڄڻا، تون لَڄائي ڀائُرَ
ويٺيون ڪَنِ ڪُوارَ، مُنہَ مٿاهان جَنِ جا.
بيت - 15
مُنہَ مٿاهان جَنِ جا، سي پِٽئو ڪڍنِ پارَ
جيڏيون! هِنَ جهونجهارَ، اُجاري اَڇا ڪِئا.
بيت - 16
ڀڄِي آئين ڀڄڻا، لڄائي مون سيڻَ
ويٺيون وِجهنِ ويڻَ، مُنہ مٿاهان جن جا.
بيت - 17
چنڊَ وِهاڻيَ چَڙهِئا، مَلَ مدينئان مِيرَ
اُنِ سين طبلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪٽارا ڪِيرَ
عليَ پٽَ اَميرَ، ڪندا راڙو رُڪَ سين.
بيت - 18
چنڊ وهاڻيَ چڙهئا، مل مدينئان گهوٽَ
اُن سين طبل باز تبرون، ڪُند ڪٽارا ڪوٽَ
عليَ پٽَ اَموٽَ، ڪندا راڙو رُڪَ سين.
بيت - 19
چنڊ وهاڻيَ چڙهئا، مل مدينئان ڄامَ
اُن سين طبل باز تبرون، نيزا ۽ نِيشانَ
عليَ پٽَ اَڀامَ، ڪندا راڙو رڪ سين.
سرود آبري
فصل اول
وائي - 1
هَم سُون ساٿُ گَيا هَي، هَم سُون سَيلُ ڪِيا هَي
جو ڪُجهه ڪَرِنا ڪَرِ رَهيا
ڪَهِي ڪَهِيو قافلو، زَنِ ڪُون زودُ بِياهي
مردُ زنِ ماتُ ڪِيا، لَگَنا لوڪُ لِياهي
بيت - 1
اوَّلِ آخِرِ، آهِ، هَلڻُ مهنجو هوتَ ڏي
پورِهئو سندو پورِ هتين، والِي! ڪيمَ وڃاءِ
سو مون ٿورو لاءِ، جئن جِيَري مِلان جَتَ
بيت - 2
ڏري ۽ ڏاري، سَٿِ سُورنِ جِي سَسئي
پييائِي پُنوهَ ڏي، نِرمَلُ نِهاري
لالَڻَ جو، لطيف چَي، سوُنهَن سَتِيائِي ساري
پِريَتَڻو پاري، مارڳَ ۾ مُنڌَ مُئي.
بيت - 3
جي سَڄائِي سِڪَ، ته پُڻ سِڪِي سسئي
پيتائين پنوهَ سين، هَڏِ نه ڀَڳِيَسِ هِڪَ
اِنَ تَڙَ منجها تِڪَ، ڏني پاڻان اُڃَ ٿيي.
بيت - 4
پَسِي جهاجهِه جمالَ جي، جَني پِيتِي پِڪَ
آپَر اَڳانجهو ٿئو، سورُ اُنِي کي سِڪَ
هَڏِ نه ڀَڳِيَنِ هِڪَ، سدا سائرَ سِيرَ ۾.
بيت - 5
محبتَ جَني مَنَ ۾، تَنِ تشَنگِي تارِ
پِيُ پيالو اُڃَ جو، اُڃَ سين اُڃَ اُٿيارِ
پنوهَ پاڻِ پيارِ، ته اُڃَ سين اُڃَ اُجهائيان.
بيت - 6
محبتَ سندو من ۾، پُر پيالو جَنِ
پِيَڻِ پَرچا ناهِه ڪو، ڪِنہ جِنہ ڏاهِ ڏَڀَنِ
جِنہ نهايتَ ناهِ ڪا، تنہ سُڃا سُڃَ وڃنِ
تيلان اُڃ مَرنِ، سدا سائرَ سِيرَ ۾.
بيت - 7
سدا سائِر سيرَ ۾، اُنِ کي اندرِ لهي نه اُڃَ
پَسڻُ جو پِريَن جو، سا سَنڀائي سُڃَ
تيلان مرنِ اُڃَ، سدا سائر سير ۾.
بيت - 8
ساڄَنَ ڪارڻِ سُڃَ، مَرُ قبولِي سسئي
اندرِ جَني اُڃَ، پاڻِي اُڃئو اُنِ کي.
بيت - 9
پاڻيَ مٿي جهُوپَڙا، مورِکَ اُڃَ مرنِ
ساهَ اوڏا سُپرين، لوچي تان نه لهنِ
دَمُ نه سُڃاڻَنِ، دانهون ڪنِ مُٺَنِ جئن.
بيت - 10
سسئيَ ڪينَ سمجهِئو، اوري آريَ ساڻُ
ڪَري پيکُ پنوهَ سان، پاڌارِئائِين پاڻُ
ڄَٽِ وڃايو ڄاڻُ، ٻانڀڻِ ٻَروچنِ سين.
بيت - 11
لڳي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙوئِي لَهسِئو
اَڀَنِ مان آئيو، هَي هَي جو هُڳاءُ
طَيرَنِ گهَڻو تنوارِئو، پُنوهَ پڄاڻا
رسِئو سُورُ شَبانَ کي، وحوشنِ وٽاءِ
مِروئنِ موتُ قبولِئو، اَپَرِ افسوساءِ
بَرَ پڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪنڊِئا آريَ لئي گهڻو.
بيت - 12
مهدِ مُحتاجي ڪَري، پُٺيَ پيرُ کڻيجِ
ڪُٻيلِياڻي ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ هلائيجِ
پاڻان ڌار پِريَتڻو، سسئي ساڻُ کڻيج
اوڏِي عزازيل کي، ويجهِي تان مَ وڃيجِ
نااُميدي نيجِ، ته اوڏِي ٿِيين اُميدَ کي.
بيت - 13
مهد محتاجي ڪري، حُجَ وڃائي هَلُ
عذر خواهيون، عاجزيون، سسئي ڪِنہ مَ سَلُ
ڏونگرُ ڏورڻُ ڏاکڙو، لنءُ ريَ ڪونهي لَلُ
اِيُ ڀلائِيَ جو ڀَلُ، جئن پاسي ٿينُ پاڻ کان.
بيت - 14
وِهُ مَ مُنڌَ ڀنڀورَ ۾، هارِي! هَڏِ مَ هَلُ
ڪُوڙِي ڪِجُ مَ ڪڏهين، سچِي ڳالهه م سَلُ
جانبَ ريَ مَ جَلُ، سورُ وسارِ مَ سسئي.
بيت - 15
سُکين ٿِيُ مَ سَنِرِي، پَسِي ڏُکَ مَ ڏَرُ
پَٽِي ڪرِ مَ پاهنجو، گهورِي هَڏِ مَ گهَرُ
هارِي! هَڏِي مَ مَرُ، مَڇُڻ جِيُ جِياريين.
بيت - 16
سُکين ٿيي نه سنري، ڏُکين تان نه ڏَري
اوري هڏِ نه اُڀِيي، پَهُچي تان نه پَري
سرتيون! ٿو سَري، ٻِنهي رِيَ ٻانڀڻِ کي.
فصل دويم
بيت - 1
پَسِي ڏونگرَ ڏارِ، جِمَ هَلڻَ ۾ هِيڻِي ٿيين
مِجازياڻيون موٽيون، سُڻِي پَنڌَ پچارَ
پوئي پائِجُ پِريَ لئي، حقيقتَ جا هارَ
سِگهِي لهندئي سارَ، آرِيچا، عناتُ چَي.
وائي - 1
هو جي هلئا هوتَ سونهارا
مون نه وَهيڻا، پنوهَ سڱيڻا
سسئي پڇي ساٿَ جا، لا، اوطاقون اوتارا
اَن ڪي ويندا گڏئا آرياڻِي اِهه پارا
تَليُون مَؤنرَ هَلَوِيون، مَيَنِ سِرَ موچارا
مونکي نِيندا پاڻَ سين، ڪاملَ ڪُرَ اُجارا
بيت - 2
پَسي ڏونگرَ ڏاهِ، جِمَ هلڻَ ۾ هيڻي وَهِين
لانچي لڪَ، لطيف چَي، پُٺيَ ڪيچِيَنِ ڪاهِ
پُڇِي پورِجُ سسئي، بلوچاڻِي باهِ
اِنَ وَڙائِتيَ وَرَ جو، آسَرو هَڏِ مَ لاهِ
جو اَکِينؤن اوڏو آهِ، سو پرين پَراهون مَ چَهو.
بيت - 3
هِتان کڻِي هُتِ، جَنِ رکئو سي رسِيُون
ساڄَنَ سُونہَ سُرتِ، وِکان ئِي ويجهو گهڻو.
بيت - 4
جيڪُسِ يادِ ڪِياسِ، وَرَ وڃي وڻڪارَ ۾
جَلدَ جَريدِي پَنڌَ ۾، اديون! اَڄُ ٿِياسِ
وڃي ڪيچِ پُنياسِ، ٻاروچي جِي ٻاجهَه سين.
بيت - 5
واقفِ نه وڻڪارَ جِي، بارِي سُڄن بَرَّ
ورُ وسيلا سُپرين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَّ
لَهِج لالَ، لطيف چَي، ڪانڌَ! مُييَ جي ڪَرَّ
وِلهي ڪَري ورَّ، متان مارَڳِ ڇَڏِيين.
بيت - 6
واقف نه وڻڪار جي، اَڳ نه ڏيہُ ڏِٺومِ
ڏونگرَ ڏوراپَنِ سين، ريَ ڪاتيَ ڪُٺومِ
جيلان محبُ مِٺومِ، تي ڇُلون ڪريان ڇَپَرين.
بيت - 7
واقف نه وڻڪار جي، پاڻِي کَنئِمُ نه پاءُ
جبلُ جلدايون ڪري، تِکَ ڏيکاري تاءُ
لَڳي لُڪَّ، لطيف چَي، معذورِينِ مٿاءُ
اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ! هيڪَلِي آهيان.
بيت - 8
وڏا وڻَ وڻڪارَ جا، جِتِ جائو جَمَرَ جهَرَ
ڪوسا تَپَنِ ڪَڪِرا، ٻِي دَم دَم تَپي ڌَرَ
ويچارِي ڏي وَرَ، پيرُ نه لهي پريَن جو.
بيت - 9
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگَ سُڄَنِ نِيلا
اُتي، عبداللطيف چَي، ڪِئا هيڪَلِينِ حِيلا
جِتِ ڪُڙمُ نه قبيلا، اُتِ رسجُ رهبرَ! راهَ ۾.
بيت - 10
ويچارِي وڻڪارُ، اڳُ نه ڏِٺو ڪڏهين
مِهرَ نه هُئِي ماڻهين، هو سڀِ هِندوڪارُ
جَتُ ڪئائين يارُ، سورنِ ڪارڻِ سرتيون!
فصل سيوم
بيت - 1
پنوهُ ڇڏئو پوءِ، جانبُ جبلِ ڳوليين
تيلاهِين تَنگُون ڪريين، جيلاهِين تون جوءِ
ساڄَنُ سُڃَ نهاريين، ڏکِي! ڏوهُ ڪِئوءِ
هاڙهي هوتُ نه هوءِ، ورِي پڇ ويٺِنِ کي.
وائي - 1
غفلتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙِي جيڏيون!
ڪيئن ڪريان آءٌ ڪُہُ ٿئو
سُتِيَسِ تان ساٿُ وِئو، اُٿِيَسِ تان ڏکُ آيو
پُڇِي پوءِ پنوهَ کي، عَبَثُ تان اَنُ کايو
هوتَ هلندي جا ڪِي، سا مون ڳالهه سُڻايو
بيت - 2
ڪونهي اُتِ ڪوهيارُ، جِتِ تو ڀورِي ڀانئيو
پنڌُ مَ ڪَرِ پهاڙَ ڏي، وجودُ ئي وڻڪارُ
ڌاريان ڀائنجُ ڌارَ، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻو تون.
بيت - 3
سڀيئي ساري سسئي! گهَرَ ڪُنڊون تون گهُورِ
وڃي ڏورِ مَ ڏُورِ، درا منجهه دوستُ ٿِئو.
بيت - 4
درا منجهه دوستُ ٿئو، موٽِي پُڇُ پاهِين
عبثُ اَڳاهِين، وڃئو ڪُوڪِين ڪانڌَ کي.
بيت - 5
پَرَ گهَران پاسو ڪري، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ
سو تان توهِين ساڻَ، جنہ لَئي جفائون ڪريين.
بيت - 6
سوئِي کَڻِئو ساڻُ، سوئِي ڏوريين سسئي
ڪڏهِن ڪَنبِي نه ڪِئو، ڄُلڻَ منجها ڄاڻُ
پُڇُ پِريان ڪرَ پاڻُ، ته تون تِئائين لَهِين.
بيت - 7
جو تون ڏوريين ڏُورِ، سو سدا آهي ساڻُ تو
لالڻَ لَئي، لطيف چَي، مُنجهِي ٿِيُ معذورِ
منجها پَئي پروڙِ، تو منجهِه آهِس تَڪِيو.
بيت - 8
وڃين ڇو وڻڪارِ، هِتِ نه ڏوريين هوتَ کي
لِڪو ڪونه لطيف چَي، ٻاروچو ٻي پارِ
نائي نيڻَ نهارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو.
بيت - 9
ڪُوڙيون پُڇن ڪيچُ، هوتُ نه ڏورِينِ هتهِين
جَنِ پنوهُ سين پيچُ، تَنِ پيرين پنڌُ وسارئو.
بيت - 10
هَلُ هِنيين سين هوتَ ڏي، پيرين پنڌُ وسارِ
قاصِيداڻِي ڪارِ، ڪِينَ رَساڻي ڪيچَ کي.
بيت - 11
هل هنيين سين هوت ڏي، پيرين ڪرِ مَ پنڌُ
رائي پُڇُ مَ رندُ، رِڙُهه روحانِي سسئي.
بيت - 12
هل هنيين سين هوت ڏي، ڇَپَرِ هَڏِ مَ ڇُلُ
آرياڻِي اَمُلُ، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿِئو.
بيت - 13
هل هنيين سين هوت ڏي، ڇپرِ ڇُلُ مَ تون
منجها لَڌو مون، ڪوهيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
بيت - 14
هل هنيين سين هوت ڏي، سِسِي کڻُ مَ ساڻُ
جَني ڀانيو پاڻُ، سي آرياڻِيان اوري رهيون.
بيت - 15
ڪِجي پنڌُ پُڇان تو، ڪيچِينِ ڪارڻ ڪيئن
بيخود هلجِ بَرَ ۾، آءٌ ٿِي چَوان ايئن
سِڪَڻُ ساڄَنَ سيئن، متان مُٺِي ڇڏيين.
بيت - 16
متان مُٺِي ڇڏيين، پِريَتڻون پاڻا
ڄاپَڻِ جئن ڄاڻا، تون پڻ هوئِجُ تَنِ جئن.
بيت - 17
متان مٺي ڇڏيين، پاڻان ٻريَتڻون
کٿورِيَ ڪَڻون، مَڙهي مَڙهِجُ مُنہَ ۾.
فصل چھارم
بيت - 1
هيجُ نه هوندو جَنِ، سي ڪيئن وِندُرِ وينديون
وِهو وِچِ رَهَنِ، سَئَسين سَڌُنِ واريون.
وائي - 1
معلومُ حالُ حبيبَ، مونکي دردُ قديمي وو
آلودِي آزارَ کان، تو ريَ ٿِيَسِ طبيبَ
شادي ڏِيين صحتَ جِي، غمِي لاهِ غريبَ
آهيان ٿِي آهون ڪريان، نعري منجهه نصيب
ڪاهِلِ آهيان ڪُوَڙِي، رسِي لاهِ رقيبَ
حاذقُ آهيين هن جو، اچِين شالَ عجيب
دوا آهيين دِلِ جِي، پُڇُ پُڇُ رَهيان طبيبَ
الا! عبداللطيف کي، ڪوڙي لاءِ قريبَ
بيت - 2
سَڌائِتِي سَڀڪا، بُکَ نه باسي ڪاءِ
جيهِي تيهي ذاتِ جِي، جُنبِشَ ڪانهي جاءِ
مون سين هلي ساءِ، جا جِيُ مِٺو نه ڪَري.
بيت - 3
ڪيچ نه جُنبڻَ جاءِ، ته ڪا هَلي هوتَ ڏي
مون سين هَلي ساءِ، جا جيُ مِٺو نه ڪري.
بيت - 4
آتَڻَ منجهه پِرياڻُ، هو سَڀنِي جيڏيين
مون سَڀاڳيَ ساڻُ، ڪيرُ ڇُلندِيون ڇَپرين.
بيت - 5
سُکنِ وارِي سَڌَ، متان ڪا مون سين ڪري
اندرِ جني اَڌَ، ڏونگرَ سي ڏورينديون.
بيت - 6
ڏونگرُ نه ڏوري، سِڪَڻَ جيون سَڌون ڪري
ويٺِي گهرِ گهوري، مٿان پِريَنِ جِندَڙو.
بيت - 7
وَريتيون! وَرو، آءٌ نه وَرندِيَسِ وَرَ رِي
جاڏي هِنَ جبلَ جو، تانگهِيندِيَسِ تَرو
جتنِ ساڻُ ذرو، نِيہُ نِبيرَڻُ نه ٿِيي.
بيت - 8
وڃو سڀِ ورِي، آئِين جي وَرَنِ واريون
ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳالهه ڳَرِي
ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي، ڏونگرُ سي ڏورِينديون.
بيت - 9
وڃو سڀ موٽِي، آئين جي ورن واريون
ڪانه هلندِي ڪيچَ ڏي، ڪَرِ هو مَ کوٽِي
ڪڍِيَم، ڪاڇوٽِي، وِڌمُ جوڳُ جَتنِ لَئي.
بيت - 10
اَڄُ مَلندِيَسِ ماءِ، ڌاڄا ڪنديَسِ ڪپڙا
جيجان! جوڳياڻِي ٿيان، مونکي جهَلَ مَ پاءِ
هوتَ ٻاروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنِرَ پائِيان.
بيت - 11
عناتا! اُتاهِين، جانِي جَڙي ٻَنڌُ
آهي گهڻو اُهَکو، فقيريَ جو فَندُ
چَکِين ته چَرِئو ٿِيين، ميخاني جو مَنڌُ
ڪِينَ ڪڍبو ڪنڌُ، منجها سَڱَ، سيّدُ چَي.
بيت - 12
مونکي ڀانئي ڀاڄَ، ڏيرَ ڏوراڻا هلِئا
اَڳئان اُٿِي اُنِ جي، خوبُ نه پَڪَمِ کاڄَ
ميڙي آپُ سرتيون! نَڪِي ڳايَمِ ڳاڄَ
سا مون هٿان نه ٿِيي، جيڪا رسمَ راڄَ
آيلَ! آءٌ اَکاڄَ، ٻول ٻاروچي وِتَرو.
بيت - 13
تو جو ٻولُ ٻروچَ، ويهِي ڪئو وَڻڪارِ ۾
سوئِي پارجِ هوتَ، وِلهَي مون معذورِ سين.
بيت - 14
پِهرين تون پاريجُ، پارڻُ پوءِ پنوهَ تي
ٻولُ مَ وساريجُ، هُو جو ڪِئوءِ هوتَ سين.
بيت - 15
توسين ٻولَ ٻَهُون، سَئسين ساڄَنُ جي ڪري
ڪندِيَ توءِ ڪَهُون، جي نالو ڳِيڙوءِ نيہَ جو.
بيت - 16
سُڻِي ٻولَ سندانِ، جِمَ سُمَهِين سسئي
ڪندي ڪُہ ڪيڻانِ، جُہ سي اُن اورانگهئا.
بيت - 17
سِڄَ اُلَٿي سسئي، رتَ وَرَنو روءِ
نه پَهِي، نه پانڌِي ڪو، جنہ ڪَرَ پُڇي لوءِ
موڙهِي وڃي توءِ، موٽڻَ جِي ڪانه ڪري.
بيت - 18
ڇُلان منجههِين ڇاڪَ، پُران پُونِمِ پُرڪَڻا
متان ڪا مُنڌَ ڪري، موٽڻَ جي مذاقَ
چِتُ سندون مون چاڪَ، هاڙهي هَڏَ هَڻِي ڪِئو.
بيت - 19
پيرين پَئِي پُرڪڻا، رَهَه ۾ گهڻو رُنومِ
پاراتو پِريَنِ کي، تَپِي تان نه ڏِنومِ
چُڪِيَ تي چيومِ، ته واهَرو سَڄڻين.
بيت - 20
چُڪيَ کي چَئِي، ڪا جاڳائي جيڏيون!
وِئَڙو ساٿُ وَهِي، تو ننڊا ئي نه لَهي.
بيت - 21
چُڪَيس سڀَ چئي، ماڻهو شهرَ ڀنڀورَ جا
ساموٽي ڪئن مُئِي، جنہ جو جانبُ جتَ وٺي وئا.
بيت - 22
موٽڻَ جا مذڪورَ، جان ڪي چَيَسِ جيڏيين
پَريٽِ پهرين پورَ، نيئِي پَهچائِي پِرينَ کي.
بيت - 23
موٽڻَ جِي مصلحتَ، مونکي ڏِهو مَ جيڏيون!
نهارينديَسِ نڪَڻِين، آرياڻي البتَ
ڪنديَس اوٽَ، عَيبُ چَي، لَڪَنِ ڏيئي لتَ
سَرتيون! شريڪَتَ، آءٌ ڪئن آگَنِ سين ڪريان.
بيت - 24
موٽِي مران مَ ماءِ! موٽَڻَ کان اڳي مَران
لُڇِي لالَڻ لاءِ، شالَ پُوندِيَسِ پيرَ تي.
فصل پنجم
بيت - 1
ڀَڄِي جان ڀنڀورَ کان، ڏونگرُ ڏورِئو مون
ڪاهي رسِيَسِ ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهون
سَڀَتِ آهيين تون، قضا ڪندين ڪَنِ سين.
وائي - 1
آهُکِيَ آڳَہُ آهي، وو آهي
مونکي تان نه ڇڏيندو تِکَ ۾
پُڇي پوءِ پِئَنِ کي، لڪَنِ ۾ لڏَ لاهي
آرِي اُگهاڙِن کي، پنوهُ ڄامُ پَراهي
بيت - 2
ڏِنا جِيڻَ لَئي جيڏيون! ڏيرن مونکي ڏُکَ
ڀَڳِيَسِ جان ڀنڀورَ کان، تان سورَ مڙيئي سُکَ
لَٿِي مون تان لُکَ، پنوهُ ٿِيَسِ پاڻَهين.
بيت - 3
پنوهُ ٿيس پاڻهين، وِئو سسئيَ جو شرمُّ
هيڪَلِيُون هَلنِ جي، ڀَڄِي تَنِ ڀرمُ
جو وِندُرَ ۾ ورنُ، سو سودو سَرئُس هِتهِين.
بيت - 4
پنوهُ ٿيس پاڻهين، وئو سَسئيَ جو سينگارُ
’مَن عَرَفَ نَفسَہٗ فَقَد عَرَفَ رَبَّہٗ‘، اِهوئي آچارُ
جو وندرُ ۾ واپارُ، سو سودو سرئس هتهين.
بيت - 5
پنوه ٿيس پاڻهين، ويئي سسئيَ جي سونہَ
’خَلَقَ آدَمُ عَليٰ صُورَتِہٖ، اِيَ وَڻَنِ منجهه وِرُونہَ.
چريَ منجها چُونہَ، کڻي هوتُ هنجَ ڪِئو.
بيت - 6
ويئي سونہَ سسئيَ جِي، پنوهُ ٿِيسِ پاڻَ
سَڀَنِ جِي، سيّدُ چَي، آهي اِتِ اُماڻَ
ڀنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عجيبنِ کي.
بيت - 7
وَهَمَ وِرساياسِ، نا ته پنوهُ آءٌ پاڻَ هُئِي
پاڻُ وڃايُمِ پانهجو، پَئِي پِريان جي پاسِ
رُتِي عِلمَ نه راسِ، ڌاران پَسڻَ پِريَ جي.
بيت - 8
ڪافَئون ڪاهِيندياسِ، موٽان تان ڪُرَ ميهڻو
ٻانهِي ٻاروچَنِ سين، سَڱُ نه ساهِيندياسِ
’اَلفِراقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ‘، هِتي نه هوندياسِ
آهَ نه لاهيندياسِ، جِيَري جَتُ ڏسِي مران.
بيت - 9
جِيَڻُ جَتَ ڌارا، معذورِ جو مَسَ ٿِيي
چانگنِ سِرَ چَڙهِي وئا، ساٿِي سُوارا
اَکيون اوتارا، پَسِئو رُونِ پنوهَ جا.
بيت - 10
هيڪرَ هُئڻُ ڇڏِ، ته اوڏِي ٿيين عجيبَ کي
’مَا رَاَيتَ شَيئاً اِلاَّ وَقَد رَاَيتَ الله‘، نيئِي اَجها اوڏهين اَڏِ
ته هوتُ تو کان هڏِ، پِرين پاسي نه ٿِيي.
بيت - 11
هوتُ تهنجي هنجَ ۾، پڇين ڪوهُ پَهِي
’وَ فِي اَنفُسِڪُم اَفَلاَ تُبصِرُونَ‘، سوجهي ڪرِ سَهِي
ڪڏهن ڪانه وَهِي، هوتُ ڳولَڻُ هٽَ تان.
بيت - 12
هوتُ تهنجي هنج ۾، پڇين ڪوه پَرياڻُ
’وَ نَحنُ اَقرَبُ اِلَيہِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ‘، تهنجو توهِين ساڻُ
پاهنجو آهي پاڻُ، آڏو عجيبَنِ کي.
بيت - 13
وَوڙِئَمِ سڀ وٿاڻَ، يار ڪارڻِ جَتَ جي
’وَهُوَ عَلى ڪُلُّ شَيءٍ مُحِيطُ‘، اِيُ آرياڻيَ اُهڃاڻَ
سَڀَنِ ۾ پنوهُ پاڻَ، ڪينهي ٻِئو ٻَروچَ ري.
بيت - 14
ڄاڻِي سُڃاڻِي، وِهان ڪئن ماٺِ ڪري
اندرِ آڳِ عشقَ جِي، اَپَرِ اُڌاڻِي
’اَلعِشقُ نارٌ اِذا وَقَعَ فِي القَلبِ يَحتَرِقُ
مَا سِوا المحبوبِ‘، کُوري جئن کاڻِي
آهي آرياڻِي، ٻِئو سرتيون! سُڄي ڪِينَ ڪِين.
بيت - 15
ڪَڍُ پنوهَ ڏي ڪاهي، چاٽيَ روحُ چَرِئو ڪِئو
اُٿي ويٺي اوڏهِين، سُتي پڻ ساهي
’اَلعِشقُ حِجابٌ بَينَ العَاشِقِ وَ المعشُوقِ‘، لاشڪُ ٿيُّ لاهي
آرياڻي آهي، ٻئو سرتيون! سُڄي ڪينَ ڪين.
بيت - 16
ڀينرَ! آءٌ ڀورِي، مون سڱُ سڃاڻي نه ڪِئو
ڏيندا مون ڏيرَ وِئا، جهڄَڻُ ۽ جهورِي
لڳِي جَنِ لورِي، ڏونگرُ سي ڏورينديون.
بيت - 17
اَديون! آءٌ اَڄاڻِ، مون سڱ سڃاڻي نه ڪَئو
هوندَ نه سَٺيَمِ هيترِي، ڪوهياري جي ڪاڻِ
رَتِيَ جِي رهاڻِ، جِيُ اَڙائِمُ جتَ سين.
فصل ششم
بيت - 1
جڏائيَ جو جامُ، ڏِنائون ڏُکِيَ کي
مَنگلُ مهنجي مَنَ ۾، ٻارِئو هوتَ حَمامُ
آرَڳِ ٿئو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسِي ڪانڌَ جو.
وائي - 1
مون اَنڌيَ ڏي، اَڄُ ايندا هوتَ سلامت سپرين
پَلئه لائي پاهنجي، نِيئَه کي اُتِ نيندا
سڱُ نه ڪندا سُکَ سين، سورَ سَڱِيڻا ٿيندا
رَکِي ڳَلُ ڳَلَنِ تي، نِيہَ نياپو ڏيندا
پَريٽِ نيندا پاڻُ سين، ڇورِي تان نه ڇڏيندا
بيت - 2
دردُ نه لَهي دارُئين، زُلفَ زورُ ڏنومِ
ڪاڪُلُ ڪالهه ڏٺومِ، رُخساري تي رُوپَ سين.
بيت - 3
ڀَنڀو جو ڀنڀورَ ۾، ڪاڪُلُ ڏٺمَ ڪالَ
هَي تَني جي حالَ، زلفَ جي زافُ ڪِيون.
بيت - 4
پَرَ بندهين پاڻُ وِئو، زلفَ ڪَيِسَ زافُ
سندو ڪاڪلُ ڪافُ، ماري معذورِيَنِ کي.
بيت - 5
هاڻِ نَه جِيان جيڏيون! زلفُ زافُ ڪِياسِ
ڪاڪلَ آءٌ ڪُٺِياسِ، ڀَنڀو جو ڀنڀورَ ۾.
بيت - 6
ڪاڪلَ ڪُٺِي جا، ڪَفَنُ تِنہ ڪينَ ٿِيي
منجهه شهادَتَ سا، لُڏي ۽ لاڏَ ڪري.
بيت - 7
ڏَکا ڏونگرَ ڄامَ، مَ ڪَرُ معذورِيَنِ تي
توتي لڄَ، لطيف چَي، آهي سندِي عامَ
مارِمَ چَئِي معذورِ کي، وَهِيان ڪانڌَ! ڪلامَ
پرچِجُ پيادِيَنِ سين، اللهَ لڳِ عَلامَ
جانوازِي اَهنجي نامَ، ساهوتَ مَ ڇڏجِ هيڪلِي.
بيت - 8
ڏَمرُ ڏونگرَ ڄامَ، سَڳرُ پاڻَ شريڪَ سين
ڪيهِي ڪُلفتَ تِنہ سين، جا گولِي اَهنجي گامَ
ورجُ تون وريامَ، مهنجو اَچَڻُ آن ڳَري.
بيت - 9
ڏک ڏونگرَ لاهِ، اَڳَ مُئي سسئي
آرياڻيَ سين آهِ، ذاتي سَڱُ ضعيفِ جو.
بيت - 10
پيرَ پَٽان ئي ڪُنئَرا، ڏونگرَ مٿي ڏي
ڦَٽِئا پيرَ فقيرِ جا، سِيرون ٿئا سي
جهڙي تهڙي حالَ سين، پُري پنوهَ ڏي
وڃي مانَ وَري، ٻانهيَ ٻَنڌڻُ جَنِ سين.
بيت - 11
پير پَٽان ئي ڪُنئرا، ڏونگر مٿي ڏي
پاڻُ نه پَسِي ڦَٽِئو، ڪَڙهي ڪيچِيَنِ کي
هاڙهو هوتَ پَري، ڪُہ ڄاڻان ڪئن لَنگهئا.
فصل ھفتم
بيت - 1
ڏورِ مَ ڏيهُه ٻِئو، پيرُ تهنجي پريَن جو
ويهَڻُ واٽَڙِيَنِ تي، ڪيچينِ ريَ ڪِهو
وِندُرِ جو وِئو، سو اللهَ! واري آڻيين.
وائي - 1
لوچِدا وي لوچِدا وي بلوچ دا
ميرا مَنُ لوچِدا
1. پِيران نُون، سَڏينديان، سَڳَرُ پَٽِيندِيان
الله هو! مِلاوي پنوهُ ڪيچُ دا
بيت - 2
وندرِ جي وڃنِ، سي مرُ ٻَڌنِ سَندَرا
ٻِيون ڪوهُ ٻَڌنِ، ڇوڙي جي ڇڏينديون.
بيت - 3
ڏيهُه ڏيهائِين ڏُورِ، پَرَ ڏيهان پَري ٿِئا
سيڻَنِ ڪارڻِ سسئِي، پيئِي پرانهين پُورِ
تون ٿو وڃين هوتَ حضُورِ، مهنجو جِيَڻُ جيلاهِين ٿِيي.
بيت - 4
هيڪاندِيَ هوئِي، اُٿِي راتِ روان ٿِئا
ساهُ سَڳي ۾ سورَ جي، پنوهُ وِئو پُوئِي
رَه قضا دَمُ ڪوئِي، ته هيڪَرَ هيڪاندِي ٿِيان.
بيت - 5
هَڏِ نه ساهُ سُڌِيرُ، دِلِ درماندِي دوستَ ري
پائي وِئا پِرتِ جو، زوراوَرُ زنجيرُ
جِيُ جُسو جاگيرُ، هاڻي مِلڪَ هوتَ جِي.
بيت - 6
عُمرِ سڀِ عشقَ سين، پنوهُ جي پُڇنِ
رِيسَ ريزاليون تَن سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ
مارڳَ جي مَرنِ، وڏو طالِعُ تَنِ جو.
بيت - 7
وڏو طالع تو، جئن لڳِين پيرِ پنوهَ جي
سسئِي اِنَ سُتونَ کي، رويو رويو رو
ويٺِي هِتِ مَ هو، هَلِين ته هوتُ لَهين.
بيت - 8
ويٺيينِ ناهِ وراڪو، سُتيَنِ ڪونهي سَڱُ
هوتُ هلندِيَنِ کٽِئو، جَنِ اَنگهُنِ چاڙهئو اَڱُ
باسي ڀَئِي ڀَڱُ، رڙهي ڄامَ رَسِيُون.
بيت - 9
ويٺي وَرِ نه پُونِ، سُتي مِلَنِ ته سُپرين
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مسافِرُ سپرين.
بيت - 10
ڪَڙهي ۽ ڪَڙي، پَرِ ۾ پيرُ پنوهَ جو
سِڪَ ٻڌائِين سَندرو، جانبَ لَئي جَڙي
لَڪَنِ سِرِ، لطيف چَي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جهڙي
پَڻِي تان نه پَڙي، جي عمرِ سڀِ اِيئن ڪري.
بيت - 11
ڪِ ڪي ڪَڙِيان پيرَ، ڪِ ڪَڙهان ڪيچ ڌڻينِ لئي
اِيُ ڏَنءُ، ڏيئِي ڏيرَ، پاڻان پراهان وِئا.
بيت - 12
ڪَڙ پڻ پيرَ سندانِ، ڪَڙُهه پڻ ڪيچَ ڌڻينِ لَئي
اِنَهِين پَرِ اُتانِ، پُوندهِن منڌَ پهاڙَ تان.
بيت - 13
سورنِ سِجهائي، چيلهِه ٻڌِئو چوٽِيين چَڙهي
سَڱَ پريان جي سسئي، ميڙي مِلائي
لڌائين، لطيفُ چَي، لالڻُ لِيلائي
ٻانڀڻِ ٻاڏائي، هَبَئان وارِئو هوتَ کي.
بيت - 14
رائي ڪِي رنجُور، ٽَڪَرَ توءِ ٽاڪِئو چَڙهي
لانچي لڪَ، لطيف چَي، هَلِي ڏانهن حضورَ
رهِئا سڀِ رِڃُنُ ۾، سسئيَ جا سالورَ
ساڄَنُ ميڙِئُسِ سُورَ، سُکَ نه ميڙئُسِ سپرين.
بيت - 15
منجها پَئِي پَروڙِ، سڀِ مَ پڇجِ سسئي
ويهِي وڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي وِجهُجِ ڌوڙِ
ته تون ماڻِيين مُوڙِ، جي پَندِ اِهائِي پاريين.
بيت - 16
لُڇي ڪينَ ڪُڇي، آٽي مُنڌَ اَندوهَ ۾
پَرِ ۾ پيرُ پڇي، لالَڻَ جو، لطيف چَي.
بيت - 17
ٻَرئائِي ته ٻارِ، ڦوڪِ ته لڳي اَنبَرِين
هِتي جي هُئڻِ جون، وَٿُون سڀِ وِسارِ
سمورِي سرڪارِ، نيئي رَکِجِ ناهِه ۾.
بيت - 18
قَدُ ٻَڌِي تون ڪينَ، پَهچندِيينَ پنوهَ سين
جي سِينون ساهِينِ سسئي، ٿِينِ تَهوارون تِينَ
مُٺِي! ٿيُ مسڪينَ، همتَ هوتُ وڃائيو.
فصل ھشتم
بيت - 1
اَڌرَ، نِنڌرَ، اَڀَرِي، اَسُونهِين آهيان
لُڙڪَ لالَ، لطيف چَي، وَرَ لَئي وَهايان
هيجان هَنجهُون هَبَ ۾، هوتَنِ لَئي هاريان
جانبُ ضعيفيَ سين، پنوهُ پَهايان
پِيهان پَچايان، جي مان نِهو پاڻَ سين.
وائي - 1
هوتَ سي هَلَڻَهارا، ڪيئن ڪريان آءٌ اُنِ سين
1. کوءِ پلنگَ، ٻَنِ ماڙِيون، کِيَڻَ ٿِئَڙمِ کارا
2. سُونهنِ سپرين جا، آتَڻَ وٽِ اوتارا
3. آهيان پَتِ پنوهَ جِي، ڪنديَسِ ڪُنرَ ڪارا
4. پيرُ مَ ڇڏجُ پريَنِ جو، هَي هَي هَٽَ اَسارا
5. ڪيچيَنِ ڪَرَهَ پَلاڻِئا، مَيا ٿئَڙَمِ مارا
بيت - 2
اڌر، ننڌر، اَڀري، آهيان اَسونهِين
پرڏيهِي پرين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مونهِين
سسئيَ کي، سيّد چَي، تَنگُنِ ۾ تونهِين
هارِي ڪئن هُونهِين، ريَ ثَمَرَ سَڌون ڪَرين.
بيت - 3
اڌر، ننڌر، اڀري، اَسونهين آءٌ
چِيتا چُورَ چُنجُنُ ۾، بَرَ ۾ بَلائون
موٽُ پنوهُ پاهُون، متان محبَ مَرِي رهان.
بيت - 4
اڌر، ننڌر، اڀري، اوڳِي اَرائِي
ڪينَ ٽُهارِي ٽَڪَرين، ساڻِسُ سَڳائِي
لاڳاپَنِ، لطيف چَي، منڌَ رائي رَهائِي
جُلڻُ جَڏائِي، آرِي! لاهِ اصِيلَ تان.
بيت - 5
اڌر، ننڌر، اڀري، ڪَمِ نه ڪُنماٽِي
سا ڪئن وهي ويسَرِي، جا گهائَنِ گهُنماٽِي
پيئِي پيشِ پنوهَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي
جا لُڪنِ لوساٽِي، سا سيڄَ چڙهندِي سسئي.
بيت - 6
اچِي عَزازِيلَ، سُتِي جاڳائِي سسئي
ٿِي ڊوڙائي دليلَ، ته پنوهَ ماڻهو موڪلِئو.
بيت - 7
مُنَڪرَ ۽ نَڪِيرَ کي، جڏهن ڏِٺائِين
اَڳئان اُٿِي اُنِ کي، پنوهُ پُڇئائين
ادا! اِهائِين، ڪو وِئو ساٿُ سَڄَڻَ جو.
بيت - 8
ڀاياڻِي ٿي ڀورِ، پُٺيَ ڪيچَينِ ڪَڪِرا
رائو مِڙوئي رتُ سان، ڪارڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ
لانچي لڪَ، لطيف چَي، اُٿِي ڏونگرَ ڏورِ
جَتُ وڃي ٿو زورِ، اُپُڙُ ته اوڏِي ٿيين.
بيت - 9
پَئي ٿِيي پَيمالُ، سا منڌَ مَري نه جِيي
بُري هن ڀنڀورَ سين، هَڏِ نه ڳَرَهي حالُ
لالڻَ جو، لطيفُ چَي، وِساري نه وِصالُ
ڀِرِي ڪِجاه ڀالُ، هيَ ڏاهَ ڏوريندِي ڪيترا.
بيت - 10
جهُٽِ پِٽي پِہُ جهنگِ، هاڙهي پُڇُ مَ هوتَ کي
سورَ سُٻيلِي سسئي، لَڪُ تَهِين سين لنگهِه
سُپيريان جي سَنگِ، منڌَ ميڙائو تو ٿِيي.
بيت - 11
ٿَڪِيائِي ٿَرِ ٿيلِ، چَڙُهه چُڪِيائِي چوٽيين
هلندي هوتَ پنوهَ ڏي، ڀَئي مِڙَئِي ڀيلِ
اُٿِي رائو ريلِ، ويٺيَنِ تان وارِي وَرِي.
بيت - 12
هِيَ گِسِي، هِيُ گَسُ، هِيُ پَهڻُ، هِيُ پيچِرو
ويچارِيَ وڏو ڪِئو، ويندَنِ پُٺيَ وَسُ
ليڙنِ جو، لطيف چَي، ڏونگرَ اٿيئِي ڏَسُ
جَڳَ ۾ رهيُسِ، جَسُ، سَڳَرِ ٿِي سردارَ سين.
فصل نھم
بيت - 1
وِهُ مَ وساري، پُڇا ڪرِ مَ پَنڌَ جِي
نِرمَلُ نهاري، هلندِيَنِ تان نه هَٿِ ڪِئو.
وائي - 1
وڃي وڃي ٿيندِيَسِ ويجهِي
پَسَڻَ ڪارڻِ پِريَنِ جي
آڏا ڏونگرَ لَڪِيون، موٽِجُ محبَ مِجيجِي
پرين پَهنوارَ تو چوان، آهيان ٻَيَڙَ ٻي جي
نَمُ گهُرجي نيہَ جو، آهيان آءٌ اَروجِي
جا نه هلندِي هوتَ ڏي، پيُ تِنہ جو پاجي
بيت - 2
اوجهَڙِ اَسُونهيَنِ، ڏيهُه گهڻو ئِي ڏورِئو
سَڳَرِ ريَ سُونهينِ، پَهُتِي ڪانه پنڌِ ڪري.
بيت - 3
واءَ! وڃايُمِ سو، پُٺيَ جنہ پنڌُ ڪَرِيان
ڇَٽا ڇَپَرَ پريَن جو، پيرُ پَرَنِيا تو
بَرَ بورائو جو، سو لَڳِي متان لَٽِيين.
بيت - 4
واءَ وڃايم ڪالَ، پٺيَ جنہ پنڌ ڪريان
وڃڻُ مون واٽين پِئو، هوتن ڪارڻِ حالَ
جبلُ ڏوريان جالَ، ڪارڻِ پيرَ پنوهَ جي.
بيت - 5
کُهِجُ مَ اِجها کِيہَ، گَردِ پَسِ گُنگَنِ جي
ڏکِي! منجها ڏيہَ، نِڪرُ ناهِ ڪُلهي ڪري.
بيت - 6
ڏورِ مَ تون ڏوريجِ، صبر ڪرِ مَ سسئي
پُرَڻُ ڇڏِ پيرنِ سين، وِهَڻُ وِساريجِ
سُکَنِ جا، سيّدُ چَي، لاڳاپا لاهيجِ
هِيين ساڻُ هَليجِ، ته پنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
بيت - 7
ويٺِيَسِ وِکَ نه اُپڙي، تون آرياڻِي آءُ
چُڪِيَسِ توسين چاءُ، پاسي ڀَرِ پيئِي رِڙهي.
بيت - 8
کُهِي جا کَنيائِين، وِکَ تنہ ويجهِي ڪِي
ڇِڪِيَ ڇِنائين، پنڌُ مِڙوئِي پَٻَ جو.
بيت - 9
سؤ ڪوهَ ڪري سڀڪا، تون کُهِي کڻجِ وِکَ
تاڻِجِ منجها تِکَ، ته پنڌ پاسي ڀَرِ نبري.
بيت - 10
وِئو جاڳائي جَتُ، ويرِي ڪِنہ وِلاتِ جو
سندو سورَنِ خَطُ، ڏنم هوتَ هٿن سين.
بيت - 11
ڏُهلا مون ڏِينہَ ٿئا، پييَمِ ڄامَ ڄَيُون
پَسِئو پنڌُ پهاڙ جو، ٿِئَڙِمُ روحُ رَيُون
لُڇِئو ٿِيان، لطيف چَي، ڪارڻِ دوستَ دَيُون
ڀانيان لَڪَ لَيُون، جي سورَ پِريان جا ساڻُ مون.
بيت - 12
هيڪِلِيائِي هاڻِ، پوريندِيَسِ پنوهَ ڏي
ڪنديَسِ ڪوهيارَل سين، رُچِي روحَ رهاڻِ
رُلِي ڇُلِي ڇپرين، ڪنہ پرِ لاهيان ڪاڻِ
آهيان گهڻو اَڄاڻِ، سورَ پريان جا ساڻُ مون.
بيت - 13
هيڪليائي هيلَ، پورينديسِ پنوهَ ڏي
آڏا ڏونگرَ لَڪِيون، سورِيون سُڄنِ سيلَ
ته ڪرَ ٻيلِيان ٻيلَ، جي سورَ پريان جا ساڻُ مون.
بيت - 14
دوستُ ڏٺائين دِلِ سين، وِرِچِي تان نه وِهي
لانچي لَڪَ، لطيف چَي، پَهڻنِ منجهِه پَهي
سندي نِيہَ نَهي، ڪِي سرفرازُ سسئي.
فصل دھم
بيت - 1
آءُ اورانهون سُپرين، وَڃُ مَ اَڳانهون
ٿَڪِي گهڻِي ٿَرَنِ ۾، ٻاڪارِئو ٻانهُون
دردَ جون دانهُون، مون مارينديون، موٽُ تون.
وائي - 1
ڪهڙي ويلي اَڄُ لَڳِيان، آءٌ ڇو ڄاڻان لوڪَ
گهاءُ مِٽان دا ڇٽدا جو نهين، ظاهِرُ ڪِيتا تَنِ اڳيان
بيت - 2
آءُ اورانهون سپرين، وڃ مَ پِيَّ پَري
مون ڏِٺِي، مون وِسَهو، وِرِچي تان نه وَري
ڌاران مُنہَ مَري، ڏکِيَ جي ڏيکاريين.
بيت - 3
آءُ اورانهون سپرين، پَري وڃُ مَ پيَّ
موٽُ مَرندِيَسِ ڇَپرين، تون جيارو جيَّ
هوتَ مَ ڇڏجِ هيَّ، پنوهُ پيادِي پنڌَ ۾.
بيت - 4
آءُ اورانهون سپرين، ڏکيَ ڏيجُ مَ ڏاگهُه
وٽِ ڇڏي مون واگهُه، آرِي وَهين عشقَ جو.
بيت - 5
آءُ اورانهون سپرين، ڏکيَ ڏاگهُه مَ ڏيجُ
پيهِي گهرِ پُڇيجُ، ته هوتَ حَلاوَتَ نه ٿيي.
بيت - 6
مَڇُڻ وَرِ وِسارِيين، آري لڳِ اللهُ
توکي سارِئو ساهُ، اُڪنڊئو آهون ڪري.
بيت - 7
مڇڻ وَرَ وِساريين، صبرُ نه ساريان
توکي نهاريان، آءُ مهنجا سُپرين.
بيت - 8
هٿان هَڏِ نه ڇڏيان، صبرُ شڪرانو
ذوقُ زمانو، مون وَرَ وِئڙو وِسَري.
بيت - 9
صبرَ ۽ شڪرَ کي، ڪاڏي آءٌ ڪندِي
آهيان جنہ سندِي، سو ته گهُرجي ساڻُ مون.
بيت - 10
صبر ۽ شڪر کي، وٺي آءٌ ويٺِي
ڏکيَ سين ڏيٺِي، ڪا ڪِجُ اَچِي ڪڏهين.
بيت - 11
صبر ۽ شڪر کي، هٿِ ڪِئو مون هاڻِ
پِريَمِ اچِي پاڻِ، ڦَٽِيَ کي پُڇيجِ تون.
بيت - 12
ناهِ جَميعَتَ جانِ کي، هوتَ پڄاڻا هاڻِ
اللهَ! سيئِي آڻِ، جن ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
بيت - 13
ناه جميعت جان کي، هوتَ پڄاڻا هِتِ
پنوهَ جِي پِرتِ، جن ساءُ چکايمِ سڪَ جو.
بيت - 14
ناهه جميعت جان کي، پنوهَ پڄاڻان
سي مون سِيباڻان، جَنِ ساءُ چکايم سڪ جو.
فصل يازدھم
بيت - 1
ڪَنُ ٿِي، ڪيچينِ ڪُڇئو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ
اِشارَتُون اُنِ جيون، سُڪُوتا سُڄنِ
وٽان ويهِي تَنِ، سُڻ ته سوزُ پِرائيين.
وائي - 1
دردَ مُئِيَ جي جا دارُون،
اي دوست! موٽُ سٻاجها سپرين
مون لَڳِيون، مون وِسَهو، محبتَ جون مارُون
مائِٽَنِئان مون سين گهڻا، ڪُسڻَ ڪِئا ڪارُون
بيت - 2
سڻ ته سوزُ پرائيين، آءٌ چيائون اَڄُ
ٻولِي ٻِي نه سِکئا، ڀُوڻا چوُنِمُ ڀَڄُ
واڄي وٽِ مَ وَڄُ، ٻُڌُ ته ٻِئائِي لَهي.
بيت - 3
ٻُڌ ته ٻئائِي لَهي، آءٌ اِتِ نه آهِ
ڪُڇَڻُ ڪڍي لاهِ، ڪَنُ ٿِي، ڪيچينِ ڪُڇئو.
بيت - 4
ڪَنُ ٿِي، ڪيچينِ ڪُڇئو، ڪُڇُ مَ ڪُڇئائون
رَهِي نه رتِيَ جيتَري، اُنِي وٽِ آئون
وڍي وڌائون، هُو جو وَڻُ هئڻَ جو.
بيت - 5
ڪڏهن پئجي ڪَنُ ٿِي، ڪڏهن ٿِيجي واتُ
ڪڏهن ٿيجي ٻَڪِرو، ڪڏهن ٿيجي ڪاتُ.
بيت - 6
ڪٽارو ۽ ڪوسُ، اڱَڻِ آريَ ڄامَ جي
دِيَتَ آهي دوسُ، مارڳَ ۾ مَيَن جي.
بيت - 7
ڪامُون مُڇيجاهُ، گهڻيون گهُرجَنِئان اوٺيا!
هِي وڻَ نه لَهنداءُ، هُو وڻَ اوڏاهين گهڻا.
بيت - 8
اَکيون لَٽَ اوراٽيون، ڪِنہ پَرِ ڪڙيان پيرُ
لَٽِ لائيندو ڪيرُ، مون جيهَي معذورِ کي.
بيت - 9
اَکيون آريَ ڄامَ جيون، انڌيَ سين آهِينِ
هو جي وڻَ وِندُرَ جا، سي مون سُونهائينِ
ڏِسئو ڏيکارِينِ، پيشاني پنوهَ جِي.
بيت - 10
اَکيون آريَ ڄامَ جيون، آهينِ انڌيَ ساڻُ
پَسِي ڪنديون پاڻُ، پيشانيَ پنوه جي.
بيت - 11
سڏَ مَ ڪرِ سڏڻ ري، هلڻ ريَ مَ هَلُّ
جلڻَ ريَ مَ جَلُّ، روئڻَ ريَ متان رُئين.
ابيات متفرقات من ڪلام آبري
وائي - 1
مونکي تان جهَلَ مَ پايو
وو جيڏيون! آءٌ هلندي هوتَ ڏي
هِيُ جو بارُ ڀنڀورَ جو، لوٺِيَ تان سڀِ لاهيو
آهي عاجزيَنِ تي، پَسڻَ سندو سايو
ڪينَ وِهنديَسِ ڪُنڊَ ۾، نه مون پَئي نه پايو
وِهاري وطنَ ۾، شُهِديَ کي مَ سِڪايو
ڪُٺلِ ڪَجائَنِ ۾، چاڙهي هيئن هلايو
مهنجو پنڌُ پنوهَ ڏي، ريبي تان مَ رهايو
وائي - 2
ڳالهيون هوتَ ٻاروچي ساڻُ
وو مهنجي جِيَ جيون جيڏيون جيڏيون!
ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇپرين، سَڱَ تهنجي ساڻُ
چَڙهي ڏاڍين ڏونگرين، پرزا ڪنديسِ پاڻُ
رُلِي ڇُلِي ڇپرين، يارُ وڃايُمِ ڄاڻُ
هٿان هڏِ نه ڇڏيان، سندو نِيہَ نڌاڻُ
نصيبُ ڪَرِ نه سسئيَ کي، پنوهَ اُٺَ وٿاڻُ
وائي - 3
ٻاروچا ٻاجهائي، ميان لا! مونکي نيندا پاڻَ سين
ساٿُ سلامَتُ آئيو، وَرَ تِي اِيَ واڌائي
پيرُ لڌائين پريَن جو، لڪنَ سِرِ ليلائي
مِڙي سا، محمودُ چَي، ورَ کي هيَ واجهائي
وائي - 4
پَلَڪَ نه رَهي دل تو ري
وَرُ ميان! صاحبَ خانَ بلوچا وو!
اُٺ چاريندِيَسِ اُنَ جا، مٿان ٽڪرَ ٽوري
2. ڏينديسِ ماهُ مِروئنِ کي، مٿان ڪُلهنِ ڪوري
3. ڪانگَ کِينمِ ڪيچ جا، ماسُ چُنجُن ساڻُ چوري
4. آرياڻِي، عبداللطيف چَي، سارَ لهندمِ سوري.
وائي - 5
ڪرها مَ ڪاهيو،
ميان ڪيچي! آءٌ آرياڻِي عرض چَوَندي
ڪري هوتَ هلڻَ جِي، لوٺِيَ کي مَ لُڇايو
وسِيلو وِلهِيَ جو، آڳانڍو اَئين آهيو
پاسي ۾ پَريٽِ جي، جهيڪي اُٺَ جهُڪايو
وِلهيَ جي وهانءَ ۾، واڄَٽُ سڀِ وَڄاهيو
اُگهاڙِي آتَڻَ ۾، پهنجي پاڻِ پراهِيو
سائين ڪارڻِ سپرين، صورت کي مَ سِڪايو
ساڪِنِ ٿِي شهرَ جا، معذورِ کي مرڪاهِيو
پنوهَ ڄامَ پَرٽِ سين، ويهي سورَ وراهيو
لاهي بارُ ڀنڀورَ ۾، ويندي گهوٽُ وناهِيو
پنوهَ ڄاڃيئڙنِ کي، رڌي کيڻَ کاراهيو
پرڻائي پنوهَ کي، نيکيٽيَ نِڱاهِيو
ٻيلي ٿي ٻانڀڻِ سين، ڏکيءَ ڏيجُ ڏيکاريو.
بيت - 1
اُٿيو اَئين اُٿِياڪُ، ڪالهونُڪو ڪاڏي ڳَيو
وِئو جاڳائي جيڏيون! هِيُ بِرِهُ بيباڪُ
چُرِ ڦُرِ ڪاري چاڪُ، سورُ سُمَهاري ڪِينَ ڪِين.
بيت - 2
سَنڌِيون سورَ ڪرِينِ، هَڏُ پڻ ڏکي هوتَ لَئي
پريَنِ جي پاڻَ ڏنا، سي سُتي سُکُ نه ڏِينِ
جي ماڻهن کي مارينِ، تَنِ سورنِ کي سڏَ ڪريان.
بيت - 3
صدا وِڌِيَمِ سورَ جِي، اَڳئان ڪوهياري
جو نِجَسَ نِڪالي، سو پُنوهَه وجهو پاندَ ۾.
بيت - 4
جان ساماڻيين سسئي، تان ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ
لاهي لَڄَ، لطيف چَي، ٿِي بيکارياڻِي بَرِ
ته وِيندِهين پُوئين وَرِ، اڳئا هوتُ حضورَ ۾.
بيت - 5
سسئيَ کي سڏُ ٿئو، اسان اولاڻون
پنڌُ نه پُڄاڻون، اَڻَ-ڪوٺِي ڪانَه ڪَري.
بيت - 6
پَسو پَرائَنِ، سورنِ آڏِي سسئي
پُرايا پَهجَنِ، وِجهَنِ ويچاريَ تي.
بيت - 7
منڌِ نه منجها تنِ، پَسِي لَڪُ لُڏنِ جي
جا پَرِ کاهوڙيَنِ، سا پَرِ سِکِي سسئي.
بيت - 8
منڌَ! مَ مَنَہِ ويهُه، اُڀِي اوسَڙُ اُسَ ۾
تو سيئِي سيڻَ ڪئا، ڏورِ جَني جو ڏيهُه
پاڙي پاڙي پيهُه، وتُ پڇندِي پِريَ کي.
بيت - 9
ٻيلي ناهِ ڀنڀورَ ۾، تنہ سسئيَ جو سَهِي
ڏَمرُ ڏيرنِ مَنَ ۾، ڪندا ايئن ڪُهِي
لنگهائي، لطيف چَي، کَڻِجُ ڄامَ کُهِي
هيَ معذورِ هڏِ مُئي، تون ڪاملَ! وڃُ مَ ڪيڏهين.
بيت - 10
اولاڪَنِ اچِي، معذورِ کي مارو ڪِئو
متان وَرُ وِساريين، منجها ڪُرَ ڪَچِي
سُپَڪَ ٿِي سورنِ سين، پَهُچنديَن پَچِي
منجها راهَ رَچِي، ٿينديَن لالَ، لطيف چَي.
سرود معذور
فصل اول
وائي - 1
خوبِي: منجهِه خِفتُ، اي دوستَ! دِقَتَ
آهي عبداللطيفَ کي، وو
مَدحَ مون کان نه ٿِيي، سندِي سورَ صفتَ
هِجي ڪريان هيجَ سين، مطالعَ محبتَ
حُزنُ هوتَ پنوهَ جو، رُڳيائي راحتَ
پريان جي پِسِتانَ جو، فاقو ئِي فرحتَ
بيت - 1
هلندي هوتَ پنوهَ ڏي، کُهِجنِ ڪي کوٽِيون
پَهَڻُ تَني پَٽُ ٿيي، جي لَئي لالڻَ لوٺِيون
سڀِ سهيليون سِڪَ کي، چُنُجُون ۽ چوٽِيون
ٻانڀڻِ ٿيون ٻوٽِيون، ته ڪُتا کِينَئِي ڪيچ جا.
بيت - 2
ڪتا کينئِي ڪيچَ جا، سندا جي پنوهَ
اَڳهين هوندَ اَسُونہَ، جي جانارَنِ يادِ پُئين.
بيت - 3
سسئي پُڇنِ سي، جي پارئَلَ پنوهَ ڄامَ جا
وڍيو ويٺِي ڏي، ڪايا ڪيچَ ڪُتنِ کي.
بيت - 4
تنِ پيئِي جانارنِ يادِ، جي پارِئَلَ پنوهَ ڄام جا
سندِي لالڻَ لاڌِ، مُيان پوءِ مُنڌَ ٿِي.
بيت - 5
جاڳايَسِ جنبُورَ، ڪُتي قريبَنِ جي
بَهِي بَهُڪِي اُٿئو، گهِڏِي منجها گهُورَ
سڀَ لاهيندو سورَ، گِرِي هنِ غريبَ تان.
بيت - 6
نَڪِين آهيون چُوهڙا، نَڪِين آهيون چورَ
هاگامان ۽ هورَ، ڪُتا ڪريين ڪَنِ تي.
بيت - 7
ڪتو چَي قريبَ جا، آهيون ساڌَ سَهِي
پهرين باتِ بَهِي، پُڇون پوءِ پانڌيَنِ کي.
بيت - 8
ڪُهِين ته آپُ ڪُہ، ڏَسِ مَ چوهَڙِيان
سندا آهيڙِيان، آءٌ نه سَهَندِي هٿَڙا.
بيت - 9
ڪتو طالبُ ڍونڍَ جو، اسين ڪتي ڪِيڙَ
چُهٽِي آهي چِيڙَ، ڪارائِيَ جي ڪَنَ ۾.
بيت - 10
ڪتو ڪُرٽي هَڏِيون، جُوان مَردُ جگرَ کاءِ
’اَلدُّنيَا جِيفَةٌ وَّ طَالِبُهَا ڪِلاَبٌ‘، اِي هِيين سين لاءِ.
بيت - 11
يارُ ڏِٺائون يارَ جو، پُٺِيَ پيرُ ڪَڙِينِ
ڦِرِئا نه فرمانَ کان، اِنَهِين منجهه آهينِ
ڏِسِي نه ڏاڙهِين، شَبانُ جي سَگَ کي.
بيت - 12
سَگبانَ سِينڍارِئا، بَڇئا تي بَهَنِ
ڦِرئا نه فرمان کان، مُلُ نه موتِيَڙَنِ
ڪونهي ڏوهُ ڪُتَنِ، ڏاڪارِئا ڏاڙهِينِ ٿا.
بيت - 13
ويٺو آهي واٽَ تي، ڪُتو ڪُتي وٽِ
پوتِيُون پانڌيڙَنِ جون، جهيڙيو ڪَري جَهٽِ
جا گُلرَنِ ۾ گهٽِ، سا پَونچِي ٿي پُوريون ڪري.
بيت - 14
ڏَکا ڏُونگرَ جا مِرُون، مَر ٿا مون تي ڪَنِ
پُوندا ڪينَ پَريٽِ تي، هن جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ
سَڳائِيَ جِي، سيّد چَي، آهي سُڌِ سَڀنِ
هوند نه هِتِ ٽَرنِ، پر قرابَتَ ڪمُ ڪِئو.
بيت - 15
ڪَمِ قرابتَ جَنِ جِي، هِتي آيَمِ هِيئَن
رِفاقتَ راڱنِ جي، پَهتِيَسِ پاهَڙَ سِيئَن
ماڻهو ملاحِظو تِنہ جو، ڪيچِ نه ڪندا ڪيئَن
ذاتِ نسوريائِي نِيَّ، پَر سَڌرَ سين سڱُ ٿئو.
بيت - 16
ڇَپَرَ اوتارا ڪري، سَينڌِي ٿِي مِرُنِ
جيڪِين چَيُسِ جيڏيين، سو نه ڪِئائين ڪَنِ
معذورِ مَرڻُ مَنِ، ڪيچيَ لاءِ قبولِيو.
بيت - 17
ڇپر اوتارا ڪري، ماڻِيائِين مَزا
پرٽِ کي پٻَ ۾، ڪارِئو پنڌُ قَضا
وَسُ نه ويچارِيَ جو، جيڪا ربَ رَضا
مَٿان جانِ جَزا، لاٿائين لطيفُ چَي.
بيت - 18
سَڌَرَ سين سڱُ ڪري، پَرِ کنڊين پيياسِ
ڪيرِ برهمڻِ ڪَنِ جِي، ڪيرُ ڄاڻي ڪيڻاسِ
هوند نه سِنڌُ سُياسِ، هنَ پُريي ڪَيَسِ پڌرِي.
فصل دويم
بيت - 1
ڏُکِيَ ڏَمَرُ ناهِ، بُکِيَ کِلَ نه اُڄَهِي
اُگهاڙِيَ وِيهاءُ، وِئو ويچارِيَ وسَري.
وائي - 1
هَلُ هوتنِ ڪارڻِ حالَ
شال! سَڳَرِ ٿينديَنِ ساٿَ جِي
پيرَ پهنجي پريَن لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَ
چَڙهندي سِرِ چوٽيين، لَڪنِ ڪِئڙسِ لالَ
2. جي ڀائيين جتن جي، ويجهِي ٿِيان وصالَ
پُرِي پَٻَ وَرَنِ ۾، وجهُجِ ڪا وَڙالَ
3. ڪيچان آئِيو قافلو، مَيَنِ مَٿي مالَ
ايندءِ بُوءِ بوتَنِ جِي، جهَلِجِ پَٻَ پَهالَ
5. جِتي جَماجَنِ کي، جبلَ ٿِينِ جنجالَ
پُڇجِ پياديِنِ کي، اُتِ آرياڻي احوالَ
بيت - 2
اَديون! وَرُ اُگهاڙَ، ويهان جِنہ وِسارئو
جيڏيون! ڇڏي جاڙَ، سڀ ننگيون ٿِي نڪرو.
بيت - 3
سڀِ ننگيون ٿِي نڪرو، پَرَ هَڻَ ڇڏي پوءِ
مَهندِ مِڙِنِئان هوءِ، ڪفهي جا ڪينَ کَڻِي.
بيت - 4
سڀِ ننگيون ٿِي نڪرو، لالچِ ڇڏيَ لوڀُ
سپيريان سين سوڀَ، ننڊون ڪندي نه ٿِئي.
بيت - 5
ڪَهي جا ڪينَ کڻِي، پِريَ پَهتِي سا
وِهي ويڙهجِي جا، وَصلُ تنہ وڃائيو.
بيت - 6
وصلُ تنہ وڃائيو، سِينڌِ سُرمي سِيئن
سا لوٺِي ليلان جيئن، مَڻِيون جنہ مُٺِ ڪِئو.
بيت - 7
پاڻُ نه ٿِيي پاڻَ کان، اِيُ پاڻان ٿِيي نه پاڻُ
’وَالقَدرِ خَيرِهِ، وَشَرِّهِ مِنَ اللهِ تَعاليٰ‘، ڄولي ڏِسجُ ڄاڻُ
ڄاڻي ڏسج ڄاڻَ کي، ڄاڻي منجها ڄاڻَ
جيَ ۾ سُمَهِين سسئِي، پَئجُ پنڌَ پرياڻَ
ٿيين هيڪاندِي هاڻِ، لالڻَ ساڻُ، لطيفُ چَي.
بيت - 8
هوندِئا هوتُ پَري، اوڏو آهِ اَڻَ-هوندِ کي
ساڄَنُ تَنِ سَري، ’لا‘ سين لَڏِينِ جي.
بيت - 9
لائي خنجرُ ’لاءِ‘ جو، هَي خَچَرَ کي هَڻُ
سَڌُ نِ جيون، سيّدُ چَي، وَٿُون سڀِ وِڪڻُ
پيرُ پروڙي کڻُ، ته هَلڻَ ۾ هورِي وَهِين.
بيت - 10
هورِيَنِ هاڙهو لنگهِئو، ٿِيُ جَرِيدِي جوءِ
هوندِ جَنهِين سين هوءِ، هوتُ نه هوندو تَنِ سين.
بيت - 11
هورِيَنِ هاڙهو لنگهئو، مُٺي! مُوسٽُ ڇڏِ
لَئَه سين اُٿِي لَڏِ، ڪينَ رَساڻي ڪيچَ کي.
بيت - 12
هورين هاڙهو لنگهئو، ڳورِيُون پاسي ڳوٺَ
ڪيچَ تَنِي کي ڪوٺَ، ڪينَ جَنِ جي ڪَڇَ ۾.
بيت - 13
هورين هاڙهو لنگهئو، ڳورِيون ٿيون ڳَمَنِ
هاڃي تِنہ هَڄَنِ، ڌاران سِڪَ، سيّد چَي.
بيت - 14
نڪا هِتِ نه هُتِ ڪا، ڳورِيَ سندِي ڳالِ
ڪينَ پَهتي مالِ، حالِ پَهتي هوتَ کي.
بيت - 15
ڏِينهان ڏاريَ ويسَ، راتيان روئي رَتَ-ڦُڙا
لَنڊِنِ جي لبيسَ، ڪانڌُ ڪميڻيَ کٽِئو.
بيت - 16
ڏينها ڏاريَ روءِ، راتيان روئي رت-ڦڙا
منجهه ويچارِيَ ووءِ، ٻَهرا وا وَرنِ سين.
بيت - 17
ٻهرا وا وَرنِ سين، اندرِ ڪالوڻِي ڪالِ
سا تا تون سنڀالِ، هُوءِ جا ڪِيَئِي هوتَ سين.
بيت - 18
ٻَهرا وا ورن سين، اندرِ مُنڌَ ماتامُ
سسئيَ سوجهي ڪڍئا، تعلقَ سڀِ تمامُ
نِئُسِ نِيہَ نِيامُ، ڏسڻِ ڏارِيَ ويسَ ۾.
بيت - 19
ڏسڻَ ۾ ڏارِي، اندرِ سُتِي سسئِي
اِنهِين پَرِ آرِي، ڪانڌُ ڪميڻيَ کٽئو.
فصل سيوم
بيت - 1
هلندي هاڙهو مَڻي، ڪَرَڻُ ڪوهَ پئامِ
اَرَڏا آريَ ڄامَ ري، گوندرَ گُذَرِئامِ
لَڪِيون لَڪَ، چَي، اورانگهڻُ آيامِ
پُرڻُ پنوهَ پُٺِ ۾، اِيَ سعادت سَندِيامِ
مَٿِسِ ڪمَّ وِڌامِ، وِهان تان نه وَسُ پِئو.
وائي - 1
جيڏيون! جا جَڙَ لائِي جِيَ جَتَنِ،
سا مون سرتيون! سِيباڻِيامِ
تَنہ جيئَڻِ جالَ ڪِئومِ
1. مَهرَ جا مَيَنِ جِي، سنجهي هَٿِ هيامِ
صُبحِ سُتِي سکَّ ۾، ويسَلِي وييامِ
2. هڪلَ هوتَ پنوهَ جِي، سَڳَرَ منجهه سُيامِ
ڏوريندي ۾ ڏونگرين، ٿَهَرَ ٿوڀَ ٿِيامِ
3. ڪوڙين ڀالَ پنوهَ جا، گنجي منجهه گُڙئامِ
سُتِي سَنگهرَ پَٽِيين، سِگهَڙِي سارَ لڌيامِ
4. ڪيهون ڪَهَنِ پَٽِين، ڪُوڪُون جَماجانِ
هوتاڻي هٿَ کَڻي، پُنوهُ پِياديان
5. ڏکُون، بکُون، ڏاکڙا، ڪارڻِ جَنِ ڪِئامِ
موٽِي ماءِ ڀنڀور ۾، اڱڻِ سي آيامِ
بيت - 2
هلندي هاڙهو مڻي، ڏَڪنِ منهجا ڏوهَ
هو اوڇڻَ سِرِ اُٺنِ تي، هَي پنڌَ پڇاڙِي پوءِ
ليڙنِ رِيَ، لطيف چَي، ڪئن ڪَريندِيَسِ ڪوهَ
اڳئان رائو سُڄي روهَ، وهان تان نه وس پئو.
بيت - 3
هلندي هاڙهو مڻي، سِسِي ڏينديَسِ ساهُ
لِڱَنِ تان، لطيف چَي، پاري نِئُمِ پاهُ
ڪندو ٻاجهَه اَللهُ، وهان تان نه وس پئو.
بيت - 4
هلندي هاڙهو مڻي، گُسان تان مَ گَسان
لَڪَنِ تان، لطيف چَي، رِڙِهي مانَ رَسان
پنوهُ شالَ پَسان، وهان تان نه وس پئو.
بيت - 5
ڀائِي-حالَ هَلِي وِئا، ڪِنہ کي سورُ سَلان
کَڻِئو لَڄَّ، لطيف چَي، لَڪَنِ منجهه لُڇان
پانڌِي ڪيرُ پُڇان، وهان تان نه وس ٿئو.
بيت - 6
وَڌو ڪِيمَ وَڻان، اونچا ڏونگرَ مَ ٿيو
ٽِمو مَ نيڻان! ته پيرُ نِهاريان پِريَن جو.
بيت - 7
وارُو مون وَڻاهُ، ڪا سُڌِ سُونهَپَ نه ڏِهو
اِيَ اِهائِي ڳالهڙي، شَجَرَ سُڻيجاهُ
چوٽيين چاڙهيجاهُ، ته موڙهِيَ ڪو مُنہ ٿِيي.
بيت - 8
وارو مون وَڻَراهِ، ڪا سڌ سونهپ جي نه ڏهو
وجهي وَراڪنِ ۾، معذورِ کي مَ منجهاءِ
منجها پاڻِ پِياديون، هادي ٿِي هلاءِ
پِريان کي پَهُچاءِ، ته لڳِي لوٺو نه ٿيين.
بيت - 9
وارو مون وڻڪارِ، ڪا سڌ سونهپَ جي نه ڏِهو
آهي اَسونهِينَ جِي، مَٿي تو مَيارَ
وِڙِهئا ويراڳِنِ سين، لَڪَنِ جا لِيارَ
ڪريان ٿِي ڪُوارَ، ڪَنڊنِ ڪانڊيرنِ جِي.
بيت - 10
ڪنڊا مون پيرَنِ ۾، توڻي لکَ لَڳَنِ
آڱُرِ آڱوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ
ويندي ڏانہُ پِريَنِ، جُتِي ذاتِ نه پائيان.
بيت - 11
جُتِي سي پائينديون، جَنِي پيرَ پِرِين
لاٿيون سَڀِ پَرين، سسئي ٻاروچَنِ کي.
فصل چھارم
وائي - 1
توڏَنِ تان نه تَنوارِئو، مهنجو لالڻُ وارِئو
الا ميان! اللهَ ڪارڻِ اوٺيا
شَرفُ لَهي سسئي، ڪُٺَلِ کي ڪَمُ ڪارِهو
ميندِيَ مورَ مليرَ جا، چانگَنِ کي سڀ چارِهو
بيت - 1
مَرِي جِيُ ته ماڻيين، جانبَ جو جمالُ
ٿِيين هوندَ حلالُ، جي پندِ اِهائِي پاريين.
بيت - 2
مَرُ ته موچارِي ٿيين، آجَلان اڳي اَڄُ
جانڪِين هئين جِيَرِي، ته مُنڌَ ڀنڀوران ڀَڄُ
پنوهَ ساڻُ پَهَڄُ، ته ملڪ الموتُ ماڻيين.
بيت - 3
مَرُ ته موچاري ٿيين، جِيَڻُ آڏو جَتَ
هارِي! ڪَرِ همتَ، ته ڏيئِي دَمُ دوستُ لَهِين.
بيت - 4
مر ته موچاري ٿيين، ويهِي وِجهُه مَ ويرُ
دِلِ ۾ آڻِ مَ دورُ تون، ڦِرَڻَ سندو ڦيرُ
توڻي لَهِين نه پيرُ، توءِ راحت آهي رڙهڻ ۾.
بيت - 5
مر ته موچاري ٿيين، ويهِي جِيُ مَ جوءِ
مُنڌَ! مَرَڻا پوءِ، پَهچنديَن پنوهَ کي.
بيت - 6
اَجلان اڳي سسئي، مُنڌَ جِيَرِيائِي مَرُّ
ٽولِيان تِنہ مَ ٽَرُ، جنہ روحُ وڃايو راهَ ۾.
بيت - 7
مَرَڻا اڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِينِ نه ماتُ
هوندا سي حياتُ، جِيَڻا اڳي جي جِيا.
بيت - 8
جيڻا اڳي جي جيا، جُڳُ جُڳُ سي جِيَنِ
او موٽِي ڪِينَ مَرنِ، مَرڻا اڳي جي مُئا.
بيت - 9
اونچو اُتانهون گهڻو، جِيَڻَ کي جَبَلُ
مَرڻَ مون سين هَلُ، ته پُٺِيَ تو پَنڌُ ڪريان.
بيت - 10
تو سَڱُ ساهَ کَڻڻَ سين، جِيَڻَ گوشي جاءُ
مَرڻَ! مون سين آءُ، ته پٺيَ تو پنڌ ڪريان.
بيت - 11
تو سامائي سسئي، مَرَڻُ ڪِئو مُردارُ
ڪُپَرِ سين ڪوهيارُ، لوٺِي! تو لَڄائِيو.
بيت - 12
پَرِ ۾ پَچِين پِريَ کي، مَرِي نه ڄاتوءِ
مُوتُو منڌَ نه سوءِ، ڪنڌُ ڪُڄاڙئا ڪاٽيين.
فصل پنجم
بيت - 1
هٿين، پيرين، مُونڙِيين، هلجُ ساڻُ هنيين
عشقُ آرِيَ ڄامَ جو، نِباهي نيين
جان جان ٿِي جِيين، تان پاڙِجِ ڪو مَ پنوهُ سين.
وائي - 1
ويهُه مَ واٽَ وِرچِي،
هو الله ميان! جي ڪهنديين تي لهنديين
1. ڪَنِي اچِي ڪا ڪَهِي، ڪَنِي اچِي ڪا چَئِي
اَمُلُ ڀانيان اُنَ کي، ساڄَنَ مونکي جا چَئِي
2. پيرَ پَٽائِين ڪُنئرا، رائي ڪِئڙسِ رَچي
مُنہُ ڪَرِ معذورينِ ڏي، پنوهَ ڄامَ پَرَچِي
3. مونکي تِنہ مارِئو، جتنِ مونکي جا چَئِي
وندُرَ واٽِڙِيَنِ تي، ڪانڌِي ٿيندَمِ ڪيچِي
بيت - 2
هٿين، پيرين، مونڙيين، ڪَهِجُ ڀَرِ ڪپارَ
متان ڇوري ڇڏيين، پِريَتَڻي پچارَ
توکي سَنَدَ سسئي، سندي لنءُ لغارَ
جي هُونيئِي هوتَ هزارَ، ته پاڙِجِ ڪو مَ پنوهَ سين.
بيت - 3
هٿين، پيرين، مونڙين، ڪهِجُ ڀَرِ قُدامَ
وچِ وسيلو ناهِه ڪو، اوري آريَ ڄامَ
هِيين لائي هامَ، پاڙج ڪو مَ، پنوه سين.
بيت - 4
هٿين، پيرين، مونڙيين، پُرِي ڪِجُ پَرَکَ
قدمَ ڪيچَ ڌڻينِ ڏي، پاءِ وڌندِي وِکَ
جي هونيئِي هوتنِ لَکَ، ته پاڙجِ ڪو مَ پنوه سين.
بيت - 5
هٿين، پيرين، مونڙيين، سِرِجُ ساهَ پَساهَ
هوتُ گڏِبُئِي هَبَ ۾، رهبرُ مٿي راهَ
جان جان ساڻيئِي ساهَ، ته پاڙجِ ڪو مَ پنوه سين.
بيت - 6
ٿَڌِيَ ٿَڪِي نه وِهي، تَتِيَ ڪري تاڻَ
وڌائين وڻڪارَ ۾، سسئي پاڻُ سُڪاڻَ
پُڇي پَہَ پکيَنِ کي، پيئِي مُنڌَ پَرياڻَ
تَنِ ڏِنسِ ڏيهَه وڻن جا، اللهَ لڳِ اُهڃاڻَ
مانَ پرچَنِ پاڻَ، اَچي آرياڻِي وَرِي.
بيت - 7
اَڳهين انگُ سندونِ، وَهِي جيلاهين وِئو
ڪهڙو ڏوهُ ڏِبونِ، سو مُنہُ آئيو ساٿيين.
بيت - 8
توڻي وَلاڙون ڪريين، توڻي هليين وِکَ
لِکي منجها لِکَ، ذرو ضايَع نه ٿِيي.
بيت - 9
لِکِئو جو نراڙَ، سو اَنگُ ڪِياڙِيَ نه ٿِيي
پارِئو ويٺِي پارِ، جيڪِين لالڻَ لِکِئو لوح ۾.
بيت - 10
جِتي جيتريُون، لکيون لوحَ قلمَ ۾
تِتي تيتريُون، گهَڙيون گهارَڻَ آئِيون.
بيت - 11
ڪِئائين ڪيچَينِ لَئي، جُسو جَلاوَتَ
ڇڏي پيٺِي ڇَپرين، هارِي سڀِ حُجتَ
هُئِي نماڻِي نِسَتَ، پنڌُ وڌائين پاڻَ تي.
بيت - 12
ڏکيَ ڏورڻُ پاڻَ تي، ويچاريَ وڌو
ڏِيلُ جِنہ جو ڏُکَ سين، سَڀوئِي سِڌو
هُئَڙُسِ اَڳَ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪري پَنڌڙا.
بيت - 13
پنڌُ ته پنڌنِ جيترو، ڪِيَّ سُجهَندِي ڪِيهَه
جيڪرَ ڪريان رِيهَه، پَرَ چُوندا ’منڌَ چرِي ٿِي‘.
بيت - 14
چُونِمِ مَرُ چَري ٿِي، پر جي سَڏُ سُڻِينِ
مَرُ مونهِين کي ڏِينِ، ماڻهو اَچئو ميهَڻا.
بيت - 15
ماڻهو ڏيئِي مِيهڻا، مونکي ڪندا ڪوهُ
جو ڇورِيَ ۾ ڇوهُ، سا پِٿُون ٿيندِي پيرَ تي.
فصل ششم
بيت - 1
جهَلِي تان نه رهان، ڌاران پَسَڻَ پِريَن جي
اَپَرِ عاجِزُ آهيان، لالڻَ جان نه لَهان
فردا مون ڦِٽِي ڪِي، وعدي ڏي نه وَهان
صباحَ سِيئن نه سَهان، خواه مِڙيِن خواه ماريين.
وائي - 1
هوتَ هاڙهي ڌاري هوندا، ونءُ وَهيلِي ساٿَ ڏي
جتي پنڌ نه پيچرو، سونها وڃن رُوندا
اَسونهِين، عناتُ چَي، پيرَ پَهڻين پُوندا
بيت - 2
فردا مون ڦٽي ڪي، نَقَدُ کنيو نارِ
هيَ جا واڳَ وِلهيَ جي، ويرَمَ ڏي مَ وارِ
جيڪِي مُٺيَ مارِ، جيڪِي ميڙِ مُٺيَ کي.
بيت - 3
مُٺِي ٿِي مُدعا گهُري، موتُ ٿِئو موجودُ
اَچين تان اَڄُ ڪريان، صُباحَ جو سُجودُ
جيڪِي ني وجود، جيڪي ميڙِ مُٺيَ کي.
بيت - 4
جيڪي ميڙِ مُٺيَ کي، جيڪي مُٺيَ مارِ
ڏکيَ کي ڏيکارِ، هيڪَرِ هوتُ اکينِ سين.
بيت - 5
ڏکِي ٿِي ڏڌورَ، لَهسي لَئي پنوهَ جي
ڏيئِي آڳِ اَتورَ، سَڀَ نه کاڻِي سسئي.
بيت - 6
ڏکي ڏکَ وِسارِ، سيڄَ ڦِٽِي ڪَرِ سسئي
پَٽِيَ پيرُ نهارِ، ته آرياڻي اُتان لَهين.
بيت - 7
ڏکي ڏکُ مَٿي ڪري، ونءُ ڇَپرَ پيهي
گَڏِبَئِي ڏيهِي، سوڌيون ڏيندَئِي خَبرون.
بيت - 8
ڏکيَ ڏيهاڻِي، مُٺِيَ مٿي هَٿڙا
تِنہ پَرِ نه کاڻِي، جنہ پَرِ جِيي جيڏيون.
بيت - 9
ڏسڻُ ڏِکان اڳَرو، سسئي آڻِ مَ شڪُ
ٿِي ٻانهي ڀَرِ اوئِيُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ
وَرُ پنوهَ سين پَلَڪُ، کوءِ ٻارنهن ماهَ ٻِئنِ سين.
بيت - 10
هردمُ هوتَ پنوهَ جو، ڏِسڻُ ڀانئِجِ ڏِکَ
ورُ پنوهَ ساڻُ پلڪ، ٻَنِ ٻارنهن وَرهه ٻئن سان.
بيت - 11
ٿورَ-ويرَ مِي ٿيُّ، وَڃڻُ ويرمَ نه سَهي
ڏيئِي مرجُ ڏونگرين، جَتنِ ڪارڻِ جيُّ
هَڏِ نه هوندو هيُّ، ساهُ پِريان تان صدقو.
بيت - 12
ڏکيَ سنديون ڏونگرين، آڌيَ آهُون پُونِ
ڏاري جو ڏونگرَ کي، سو ڪِين چيو چُونِ
آريَ جي افسوسَ ۾، ماڻهو مِرُون رُونِ
اِنَ پَرِ سيئِي هُونِ، هِينيَڙا جنِ هَڄِي وئا.
بيت - 13
ڏکيَ سنديون ڏونگرين، پَسو پِٽُون پُونِ
مُئي پڄاڻا منڌَ کي، روجهه رِڃُنِ ۾ رُونِ
ڀُوڻا اِيَهين چُونِ، ته مُئيَ اسان کي مارئو.
بيت - 14
ڏکيَ سنديون ڏونگرين، اوڇنگارون اچنِ
هڻي سانگِ سسئيَ کي، ڪِلو ڪِئو ڪيچيَنِ
جي هٿان هوتَ مَرنِ، هوتُ تَنِي جي هنجَ ۾.
بيت - 15
ڏکي سنديون ڏونگرين، وڻ ٽڻ وايون ڪَنِ
وٽان ويهِي جَنِ، وَڍيَ سي واڍوڙِئا.
بيت - 16
وڍيَ سي واڍوڙئا، رَتُ نه ڏٺو جَنِ
موتُ قبولئو تَنِ، ڏٺو جَنِ ڏکيَ کي.
بيت - 17
ڪنہ جنہ ڏُکان ڏي، پارانڀا کي پانڌِيين
سورِ ڀَرئائين سي، ڳلِ ڪِئائين جَنِ سين.
بيت - 18
ڪو جو وڍيَ وڍُ، وَڻَ وَڍئائين وَڍَ سين
ڏکُ ڏکيَ ڏڍُ، جَنِ ڏٺِي سي ڏُکئا ٿئا.
بيت - 19
وڍئَلَ ٿِي وايون ڪري، ڪُٺلِ ڪوڪاري
هُنَ پَنَ پهنجا سارئا، هِيَ هَنجهون هَڏنِ لَئي هاري.
بيت - 20
ڏکيَ توءِ ڏُڪارُ، توڙي وَسنِ مِينهَڙا
صاحبَ هٿِ سڪارُ، هِنَ وَسِ آهِينِ هٿڙا.
بيت - 21
ڏکيَ توءِ ڏڪارُ، سيڻَنِ ڏيہُ سُڪارِئو
ٻاروچاڻو پارُ، سڀوئِي سَواءَ سين.
فصل ھفتم
بيت - 1
آءٌ نه گَڏِي پِريَ کي، ٿورا ڏِينہَ ٿئا
راتين روزُ وِئا، عبثُ آريَ ڄامَ ري.
وائي - 1
تَنَ مَنَ منجهه توارَ، هو يارَ
سدا آهي سِڪَ جِي، وو تَن من....
تئن چُڻڪَنِ چِتَ ۾، جئن سا گهَنڊِيَ لارَ
لَڳِي اُڃَ اَکينِ کي، سِگهو موٽُ ستارَ
پَسان ڪينَ پِريَتڻو، ڪا ڏي پِرتِ پچارَ
بندياڻِي ڀنڀورَ ۾، آهيان اَهَئان ڌارَ
مونکي ڇَڏِ مَ ڇپرين، آرياڻي آڌارَ
ڏِيان خيزُ خِزانَ ۾، بي تو منجهه بهارَ
مُضِرَ تان مونکي ٿِئا، حڪيمنِ هزارَ
دوا آهِيين دل جِي، وارو واقفڪارَ
آڻي ڏي عليلَ کي، معجونون موچارَ
آهي، عبداللطيف کي، تهنجِي پيَّ پچارَ
وائي - 2
هيَ گهايلَ هڏِ گهورِي،
او الا! وو ميان! ڪيچِي مون نه سڱيڻا
عشقَ آريَ ڄامَ جي، هِيَ جهُونَڙِي هَڏِ جهورِي
رَهي جا رِڃنِ ۾، سا ڇَپَرِ ڇَڏِهو مَ ڇورِي
اَديون! آريچنِ لئي، ڏونگرِ ٿينديَسِ ڏوري
وائي - 3
هاڙهي هَلِي روءِ، هَني پيرَ هٿائَنِ سان
مُٺيَ ماتَمُ آئيو، ڪو پوري پنهلَ کي چوءِ، هَلي...
وِندُرَ جي وَڻائَنِ ۾ ٿي، جَربُون هَڻي جوءِ، هَلي...
آريَ جي اولادَ مان، شلَ ڪيچِ مَ وڃي ڪوءِ، هَلي...
طالِبِ کي، تمرُ چوءِ، ڪو ڏَسُ ڏيرَنِ جو پوءِ، هَلي...
بيت - 2
آءٌ نه گڏي پريَ کي، سَئسين سِڄَ وِئا
هَلَڻَ ويرَ هِئا، ديکِي شالَ دمُ ڏيان.
بيت - 3
آءٌ نه گڏي پري کي، تون ٿو لَهين سڄَ
آءٌ جي ڏِيين سَنِيها، نيئِي پِريان کي ڏجُ
وڃي ڪيچِ چئجُ، ته ’ويچارِي واٽَ مُئِي‘.
بيت - 4
آءٌ نه گڏي پري کي، پويون ٿي پَساهُ
سِڪان ٿِي سڪراتَ ۾، رويو پڇان راهُ
شالَ مَ وڃيمِ ساهُه، ڌاران پسڻَ پريَ جي
بيت - 5
آءٌ نه گڏي پري کي، عمر تان ويئِي
وِلهيَ ڏينہَ وڃائيا، سرتيون! سڀيئي
پِيرِيَ ۾ پيئِي، اَکيون آريَ ڏي کڻي.
بيت - 6
آءٌ نه گڏي پري کي، جوڀَنُ وِئو جاڙَ
آڏا آريچَنِ کي، چاڙهيڪا ۽ چاڙَ
مون مُٺيَ کان نه ٿِيي، وَڏَپَڻَ منجهه وِلاڙَ
عُمرِ سڀ اَواڙَ، وييَمِ ٿِي واڪا ڪريان.
بيت - 7
آءٌ نه گڏي پري کي، هيُ پڻ ڏِينہُ وِئو
نهوڙي ناڀُنُ سين، مونکي نِيہَ نِئو
مُٺيَ موتُ ٿِئو، ’پِيُ پِيُ‘ ڪندي پنڌَ ۾.
بيت - 8
آءٌ نه گڏي پريَ کي، آيو عزرائِيلُ
جوراڻي سين جيڏيون، نڪو قالُ نه قِيلُ
آيو موتُ دليلُ، ماريندُئِي مُرادَ کان.
بيت - 9
آءٌ نه گڏي پريَ کي، مٿان آيو موتُ
واجهائيندي وَرِهَ ٿِئا، هَڏِ نه گَڏِئُمِ هوتُ
جيڪُسِ ٿينديَسِ فوتُ، فنا هِنَ فراق ۾.
بيت - 10
وِلاڙِئو وَڻين چَڙهي، ڳِجهُنِ ٿندِي ڳاهُ
سسئيَ سوريَ چاڙهئو، پِريان لَئي پَساهُ
هو مِرُون، هِيُ ماهُ، ڪينَ ڪميڻيَ رکئو.
بيت - 11
ولاڙئو وڻين چڙهي، رَئِي پَسِئو روءِ
وچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪِنہ پَرِ ڪَهِي لاهيان.
بيت - 12
ولاڙئو وڻين چڙهي، اُونچَنِ مَٿي اَڄُ
لالڻَ ڪارڻِ لڄَ، باسِئائين بردارِ جِي.
بيت - 13
ولاڙئو وڻين چڙهي، ڏِئو پَٽولي لانگَ
ٽاريَ ٽاريَ ڇانگَ، سسئيَ مورَ ٻَچَنِ جئن.
بيت - 14
ولاڙئو وڻين چڙهي، پَسو سگهَه سندياسِ
آڌيَ وڃئو آکُڙي، نڪو پيُ نه ماسِ
سو ئِي سو سيڻاسِ، پَري پڙاڏا ڪري.
بيت - 15
ولاڙئو وڻين چڙهي، ڏاڍو ڏوري ڏُورِ
سُپيريان جي سُورِ، پري پڙاڏا ڪري.
بيت - 16
پَري پڙاڏا ڪَري، اوري نه آهي
ڪمتَرِ ڪا ڪاهي، پَهچِي هِنَ پَٽيَ کي.
بيت - 17
رُڃنُ ۾ رڙِ ٿي، ڪَرَ ڪووَلَ جِي ڪوڪَ
وَلوَلو ۽ وُوڪَ، اِيَ تان آهَ عشقَ جي.
بيت - 18
رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪَرَ چَتونءَ جِي چانگارَ
اِيَ عشقَ جي اُٻڪارَ، نعرو آهي نيہَ جو.
بيت - 19
رڃن ۾ رڙ ٿي، جهڙي ڪري جوءِ
اِيَ نه عورتَ هوءِ، اِيَ تان آهَ عشقَ جِي.
بيت - 20
رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪَرَ ڪَرَڪي ڪُونجَ
نعرو منجهه نِڪُونجَ، اِيَ تان آهَ عشق جي.
بيت - 21
رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر سارنگي سازُ
اِيُ عشقَ جو آوازُ، ماڻهو رَکَنِ مُنڌَ تي.
سرود ديسي
فصل اول
وائي - 1
ڏاگهنِ ڏيرنِ ساڻُ، ڪَرهنِ ڪيچينِ ساڻ
متان ڪا ٻِي لَنءُ لائي
آءٌ سُتِي، هوءِ هَلئا، وِئڙا ڪَرَهَلَ ڪاهي
آسَڻَ اَڳئان اُن جي، ٻَرِ ٻَرِ ڪِئو ٻاڏائي
چَتُرَ ڏيئي چِتَ کي، وِئڙا هوتُ ڇَپائي
هُيَنِ جيڪا مَنَ ۾، وِئڙا پهنجي پُڄائي
بيت - 1
مُٺِيَسِ جهَلِ مَهارَ، ڪُٺيَسِ ڪاهِ مَ ڪرهو
مون نماڻي نِجهُرِي، ڀيرو ڪِجُ ڀتارَ
ساڄَنَ توهان ڌارَ، ڏٺِمِ ڏِينہُ قيام جو.
بيت - 2
ڏاگهنِ، ڏيرنِ، ڏونگرنِ، ٽنهي ڏِنَمِ ڏُکَ
سي سڀِ ڀانيمِ سُکَ، هيڪاندَ ڪارڻِ هوت جي.
بيت - 3
ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن، ڏُکنِ آءٌ ڏَڍِي
پُڇان پيرُ پنوهَ جو، وِجهان وِکَ وَڌِي
لِکي آءٌ لَڌِي، نا ته پَٽَنِ ڪيرُ پنڌَ ڪري.
بيت - 4
ڏاگها ڪِيمَ ڏَرو، اَڃا آرياڻِي اڳي ٿئو
موڙي مَڃَرَ ٽاريون، چانگا! ٿا چَرو
آن تان حرفُ هَرو، مورائين معافُ ٿئو.
بيت - 5
اَڱڻَ مٿي اوپرا، جڏهن ڏاگها ڏِٺَئِي ڏِينهَن
وٺِي سَرَڪَ سسئي، وِهُ وِهاڻيَ سِيئن
چوٽِي سين چانگنِ کي، جَڙِ زنجيرنِ جيئن
ته هوتُ تهنجو هيئن، پنوهُ نِئائون پاڻَ نه سين.
بيت - 6
اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهن ڏاگها ڏِينہَ ڏٺاءِ
ڪُنجيون جي قُلفَنِ جيون، ڪنہ جنہ لَلِ لڪاءِ
صُڀاڻِي سندِياءِ، ٿِيي ساروڻِي سسئي.
بيت - 7
اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهن ڏِٺَئِي اُٺَ
ڏايُئِي نه ڏاگهَنِ کي، اوڳِي! ساڻُ اَڳَٺَ
ته هوند نه تهنجي هَٺَ، سورَ پِرايا سسئي.
بيت - 8
اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهن ڏٺئي توڏا
وَنگِئئِي نه وارَنِ سين، تَنِ گورنِ جا گوڏا
لَڪَنِ جا لوڏا، هوندَ نه سَٺَئِي سسئي.
بيت - 9
ڏاگهَنِئون ڏيرنِ، جي هوندَ آندا ٻَڙدَ ڀنڀورَ ۾
چِيري چِيلِ چَرا ڪِئا، وَهِ پَئي وَهُڻَنِ
کُڙيَ کَڙِڪو اُنِ جو، سُتي سو سَڀَنِ
ڏاندنِ ساٿَ، سيّد چَي، پياديون پَهُچَن
جَنِ جو پيرُ نه لڳو پٽيين،تَنِ آيَمِ ساڻُ اُٺنِ
گنگنِ ۽ جُنگنِ، مُنڌَ اَسونهِين ميڙيين.
بيت - 10
اڳي اُٺَ رڙنِ، مون ڀيري ماٺِ ٿِي
پلاڻيندي پاڻَ ۾، ڪُڇِئو ڪينَ ڪُٺنِ
ڪا جا مامَ مُٺنِ، هِنِ پڻ آهي هُنِ سين.
بيت - 11
ڇا جي ڏنگا ڏيرَ، مهنجو ڏينہُ ڏنگو مَ ٿيي
اُٺَنِ ۽ اوٺيَنِ جي، ڇا وَهِيڻون ويرَ
هيَ ڪميڻِي ڪيرَ، جا اَمرَ کي آڏِي ڦِري.
بيت - 12
ديسي سيڻَ ڪِجَنِ، پرديسي ڪهڙا پرين
لَڏِئو لاڏوڻا ڪَرِهو، پهنجي ديسِ وڃنِ
پڄاڻا پِريَنِ، ڪِجي بَسِ ڀنڀورَ کان.
بيت - 13
ڌُريان ئِي ڌاريان، مِٽَ مُئيَ نه ٿِئا
مَدِي ڏيرنِ مَنَ ۾، کِلئو کِينڪارِيان
صبوحِ ٿِي ساريان، ته اُٺَ نه اوطاقُنِ ۾.
بيت - 14
اُٺَ مَ اوري آڻِ، ڏاگهَنِ ڏَڌي آهيان
هَڻِي هٿُ هَيَنِ کي، پَري نيئي پلاڻِ
هوتُ مهنجو هاڻِ، پُنوهُ نِئائون پاڻَ سين.
بيت - 15
جَتا! شالَ جِيو، جِيو ٿا جاڙون ڪَرهو
ٻانڀڻِ کي ٻروچَ ري، ٻيلي ناه ٻئو
ڇِنَڻُ تان پِئو، هيُ سَڱُ نه ڇِنڻَ جهڙو.
بيت - 16
جتنِ جا جيلا، ٿي ساٿَ پڇائي سسئي
آيَسِ آريَ ڄام جا، تَڙِ توڏا تيلا
اُنِ کي ناڪيليُون نَڪَنِ ۾، دُهُريُون دَليلا
سِرِهَنَئُون سيلا، لايو نِيہَ ننڊون ڪرين.
بيت - 17
جتنُ ڪِجُ جَتَنِ جو، آيا ڪِ ايندا
وٺِي پُنوهُ پاڻَ سين، وٽان تو ويندا
دَمُ نه دَميندا، سِڌاريندا ساڻيهَه ڏي.
بيت - 18
جَتَ هَڏهِين هُتِ، مون هِت هِنيَڙي ۾ هُلَ ٿئا
چَنگُلَ جَني چوڦَرا، راحتَ تني جِي رُتِ
گُنگَن جِي گُفتِ، ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇپرين.
بيت - 19
جتنِ وِڌيَسِ جارِ، نا ته هُيسِ نماڻي نِڪَڻي
ٿِئڙا پاڻِ قرار، مون مَنُ گَڏي گُوندرين.
بيت - 20
جي ڄاڻا جَتنِ، پوءِ پٽاندرُ هيترو
آءُ ڪيئن مُلا تَنِ، سرتيون! سورَ پِرائيان.
بيت - 21
هي جي آيا هيرَ، سي مون اڳِ نه ڏٺا ڪڏهين
آءٌ ترسان، هو تڪڙا، پٽِ نه ائينِ پيرَ
ڀنڀُولِيَسِ بَرنِ ۾، پَسِي ڀِنڊِيَنِ ڀيرَ
آءُ آرياڻي اُسَرِي، ٿِي واهَرَ جي ويرَ
هيَ ڪميڻي ڪيرَ، تون پارسَ! رسجُ پَٻَ ۾.
بيت - 22
جَتنِ يارانو، ڪيچينِ مون سين ڪونه ڪِئو
نالي سُيَسِ هوتَ جي، مَٿِمِ بارانو
تيلاهين طعنو، ڏيندا مون ڏيرَ وئا.
بيت - 23
گونرا وڃَنِ گامَ، ڏيرنِ سندا ڏيهَه تي
توڏن جيون تَڙَڀِيڙَ ۾، تَريون تِرڪَنِ تامَ
اوٺيَڙا آرامَ، لنگهي پَٻُ پَري ٿئا.
بيت - 24
گؤسَرِ ٿِيي مَ گُسَ، پَڻِي پوءِ مَ پريَن تي
جِنہ سِرِ ساڄَنُ سُپرين، تنہ اُٺَ مَ لڳي اُسَ
پنوهُ پاڪَ پُرِسَ، هوت! نه ڪِجن هيڏيون.
بيت - 25
اُسَ مَ لڳي اوٺيين، ليڙان لُکَ مَ لڳُ
اللهَ! آريچنِ جي، ڪوسو واءُ مَ وڳُ
جتَ جهجها ۾ جَڳُ، مهنجي پرتِ پنوهَ سين.
بيت - 26
لَڏِيندي لباسُ، جتنِ جيڏو ئي ڪئو
اچي آريَ ڄام جو، وڻَ وڻَ منجها واسُ
مِرون کِينمِ ماسُ، هَڏا هلندا هوتَ ڏي.
بيت - 27
اُٺَ ويرِي، اوٺارَ، ويرِي ٿِئڙَمِ ڏيرَ
چوٿون ويري واءُ ٿئو، جنہ لَٽئا پنوهَ پيرَ
پنجون ويري سِڄُ ٿئو، جنہ اُلَهِي ڪِي اَويرَ
ڇهون ويري ڇَپَرُ ٿئو، جنہ سَنوان ڪِئا نه سيرَ
سَتون ويري چنڊُ ٿئو، جو کِڙئو نه وڏيَ ويرَ
واهيري جِي ويرَ، ڇُلون ڪريان ڇَپرين.
فصل دويم
بيت - 1
اَڄُ پِه وَسائِي اوٺيين، مَٿي مارڳَ ماڪَ
پنوهُ نِئائون پاڻَ سين، تاڙِيون ڀَڃِي طاقَ
’هَيهَاتَ هَيهَاتَ لَمَا تُوعَدُونَ‘، سُڃِي ٿِي اوطاقَ
چُڪِي چوري چاڪَ، هاڙهي هوتَ هَلِي وِئا.
بيت - 1
تنہ ريَ توائِي، ڪوڙين ٿِينِ ڪيتريون.
وائي - 1
لالڻُ آيَڙو پيهِي، وِئڙا سورَ سڀيئي
جِيَس جِيَسِ وو جيڏيون! مهنجو لالڻ آيو پيهي
ڳالهيون ڪنديَسِ ڳُجهيون، مُنہَ مقابلِ ويهِي
کٿورِيَ بارُ ڀري، آيو ڏونگرَ ڏيهِي
سرڪشي سردارَ سين، مون ڪميڻيَ ڪيهِي
هُئي شِڪَستِي سسئي، راضَ پنوهَ جي ريهِي
بيت - 2
مِڙِي مُنڌ ڏي آئيون، ساهيڙيون سَهڄان
’اَلسَّفرُ قِطعةٌ مِنَ النَّارِ‘، هاري! موٽُ هِتان
سَڱُ ’صِراطَ المُستَقِيمَ‘ جو، اَٿيئِي تان نه اَڳئان
سي ڪيچِي نيندَئِي ڪِئان، جو تهنجو نيہُ نفاقَ سين.
بيت - 3
جڏاه ’ڪُن فَيڪُون‘ چئي، نِئو آرياڻيَ اَرواحَ
اَنگُ اڳهين لِکِئو، مهنجو ميثاقا
’مَن طَلَبَ شَيئاً جَدَّ و جَدَ‘، اُتو عليَّ شاه
اڃان اِنَ حديثَ جو، مون آسَرو آهِ
پنوهَ جي پيغامَ تان،مهنجو موتُ مباحُ
سرتيون! دعا ڪِجاهُ، مانَ ميڙائو مون ٿيي.
بيت - 4
سَبَہَ سِياهِي، آهي آريَ ڄامَ ري
ڪڏهن پَسي ڪانه ڪا، ريَ لالڻَ لالائِي
دُودُ دل تان دورِ ڪري، ڪر ساڄَنَ! صفائي
’مَن لاَّ شَيخَ لَہُ فَشَيخُہُ الشَّيطَانُ‘، اِن ريَ اونداهِي
هوءَ جا هَلِي هيڪَلِي، سا گيربَ گَمائِي
’بِلا شَيخِ مَن يَمشِي فِي الطَّرِيَقِ ڪَمَن
يَّمشِي فِي البَحرِ بِلا سَفِينَةِ‘، اهڙي اَ
بيت - 5
بَرُ وڏو، بارُ گهڻو، ويجهو نه وَڻِڪارُ
ليڙَنِ جو، لطيف چَي، کَنيو مُنڌَ مدارُ
وڻندُنِ ته وَرِ ڪندا، نا ته اَڳيَنِ جي اختيارُ
ڪاڏي ٿيو ڪوهيارُ، ڪٿي ٿِي هَٿَ کَڻي.
بيت - 6
ڪيڙي ڪيچايَنِ، گؤنرا گَسِ هلائِيا
لَڙِئو چَڙِهئو چوٽيين، ڪَڙِئو ڪوهَ ڪَرَنِ
سُونهنِ جي سردارَ سين، سي توڏَ مَ تَرِٽِجَنِ
لطفَ ساڻُ، لطيف چَي، لنگهئو بَرُ بوتَنِ
تَنِ ڪهڙو غمُ گنگنِ، هوتُ حماتي جَنِ جو.
بيت - 7
جاڳائي جتنِ، گؤنرا گَسِ هلائِيا
پَهُتي ريَ پهاڙَ ۾، اُٺَ مَ آڳِٽِجَنِ
لتاڙي، لطيف چَي، لنگهئو بَرُ بوتَنِ
ڪهڙِي چُکَ چانگنِ، هوتُ حماتي جن جو.
بيت - 8
ڀِنِيَ ٿا ڀَرِينِ، ساٿيَنِ سَنڊَ هٿنِ ۾
ليڙنِ جو، لطيف چَي، مونکي مَنجهُه نه ڏِينِ
هوتُ پنوهُ ٿا نينِ، اَڻ-سونهيَ جو آجِڪو.
بيت - 9
اوڳارِينِ نه آنِرا، ٻَڌا چَرنِ نه ٻُورُ
ليڙن جو، لطيف چَي، هلڻ جو مذڪورُ
مَينِ کي معمورُ، آهي اُڻِ-تُڻِ اَڳيين پنڌَ جِي.
بيت - 10
ويٺِي ٻُڪي ٻافَ، جهولي جهَڻڪ جهُنِي ڪِي
آيمِ تنِ اَٺنِ سين، جَنِ جا پيرَ دُڌا، ڌَڙَ دافَ
لنگهئا لَڪَ، لطيف چَي، توڏا تَڙَ ٻَنگَ طافَ
ڪيرَ لنگهيندِي ڪافَ، اِيُ بَرُ برهمڻِ باسيو.
بيت - 11
هَي هَي ڪِئو هاءِ، ٿِي پاڻَ هڻي سِرِ پاهڻيين
لڌائين، لطيف چَي، جُوءِ جتنِ سندي جاءِ
شڪرُ بارَ سَنداءِ، جئن سُٿاڻي ساٿَ مِڙي.
بيت - 12
دَئوڪَ دَهلِئا جِتِ، گؤنرا هلنِ نه گسَ ۾
چؤسالَ ئِي نه چَلڻا، ٿِي تنگَ نهاري تِتِ
سُوڌِي اُنين، سيد چَي، پوءِ پانچارِئَنِ پِرِتِ
اِنِ اَڙانگي پنڌَ جِي، ڪا نيشنِ پوءِ نِرتِ
سسئي وڏي سَتِ، جا اهڙيَ پَرِ پنڌَ ڪري.
بيت - 13
پڻ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي اَڄُ اُٻَکِرا
پَہَ پاريسِيون پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏهاڻِي ڏِينِ
هوتُ پنوهُ ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪِئو.
بيت - 14
پڻ ٿا پلاڻينِ، اوٺِي گهڻو اُٻاهِرا
هُو جي هَلڻَ سنديون، ڳاهُون ڳالهائينِ
مونکي ٿا مارينِ، سڄڻَ سانڀاهِي ڪِئو
فصل سيوم
بيت - 1
اللهَ ڪارڻِ اوٺِيا! ڪَرها مَ ڪاهِيو
جانبَ! جَڏي جيَّ جو، آڳانڍو آهِيو
لاڳاپو لاهيو، متان مهنجو سپرين.
وائي - 1
هوتَ نه ڀانيمُ هيئن، آءٌ جا مارِي تهنجي نيہَ
وو! ڇڏي تون ڪو ڇَپَرَ ويندين
لُڪون لڳنِ ڪوسِيون، ڏاڍا تَپنِ ڏينہَ
عشقَ آريَ ڄامَ جي، ڪَيسِ نماڻِي نينہَ
جهونگاريندي جهنگَ ۾، ڏوٿيَنِ ڏٺڙِي ڏِينہَ
آن جا ڇڏِي ڇَپرين، سا ڪيچَ رسندَڙِي ڪيئن
وِلهيَ هِتِ وَسائِيا، سندا محبتَ مِينہَ
بيت - 2
اللهَ ڪارڻ اوٺيا! ليڙا نِهو مَ لُرَ
نِهو نماڻِي پاڻَ سين، ٻانهي جهَلِي ٻُرَ
مونکي ماري مَنجهِه ٿي، سندِي هوتنِ هُرَ
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جي وران.
بيت - 3
ڪيچان اوري ڪيتريون، معذورِيون مُيون
واٽُون وِيهَه ٿيون، ڪُہُ ڄاڻا ڪيهيَ وِئا.
بيت - 4
ڪيچان اوري ڪٿهِين، وَڻِ نه ويسانهِين
ڪميڻي! ڪيچينِ لَئي، پُورِجِ پرانهِين
تاڻِجِ تيڏانِهين، وارِجِ ڪا مَ وَرڻَ جِي.
بيت - 5
اللهَ! اَچنِ اوءِ، جَنِ آئي مَن سرهو ٿِئي
پَسان مانَ پَرِ ڪَهِين، جَتنِ سندِي جُوءِ
لنگهي لَڪَّ، لطيف چَي، سُڻِيان هوتنِ هوءِ
گولِي ٿِيان گُلبوءِ، جي سڃاڻان ساٿَ ڏڻِي.
بيت - 6
ڪيچان آيو قافلو، رات موچارِي رُوءِ
لنگهي لَڪَ، لطيف چَي، سُڻيان هوتنِ هُوءِ
بوتي ۽ بلوچ جِي، رِڙِهي پَسان رُوءِ
گولِي ٿيان گُلبوءِ، جي مون نِهو پاڻَ سين.
بيت - 7
ڪيچان آيو قافلو، ڀَليرو ڀانئيان
پَڻِي جا پيرنِ جِي، لڱنِ کي لائيان
چَنبيلِي چائيان، جي مون نِهو پاڻ سين.
بيت - 8
ڪيچان آئيو قافلو، طَرَحَ موچارِي توڏَ
سينگارئا، سيّد چَي، ڪَرَهَ منجها ڪوڏَ
لَکُ لهي ٿِي لوڏَ، جيجان! تَنِ جتن جي.
بيت - 9
ڪيچان آيو قافلو، ڄامَنِ سندو ڄامُ
پَسندِهين پنوهَ کي، اکين ڪِئو آرامُ
ناتَرِ چايان نامُ، جي مون نِهو پاڻ سين.
بيت - 10
ڪيچان آيو قافلو، جُنگُ سُونهارِيَ جوڙَ
تِرِيارا توڏنِ کي، ڳِچِيَ سُونهنِ موڙَ
دولتَ چائيان دوڙَ، جي مون نِهو پاڻ سين.
بيت - 11
ڪيچان آيو قافلو، ساٿَ-ڌڻي سرواڻَ
وارَ وَڍي واڳون ڪريان، پُوئان هوندَ پلاڻَ
جهڙو پنوهُ پاڻَ، تهڙي سِٽا ساٿَ جِي.
بيت - 12
ڪيچان آيو قافلو، رات موچارِي رنگِ
ٿيان ساٿين سَنگِ، جي مون نينِ پاڻَ سين.
بيت - 13
جهُوڙا جَنِ جهُلُنُ ۾، هِيري لَکَ هزارَ
لڳا واٽَ وَڻَنِ جا، پنوهَ کي پالارَ
آن ڪي ويندا گڏِئا، اِهڙيَ سِٽَ سُوارَ
لنگهِي ڪالهه قطارَ، تون آئِي اَڄُ نهاريين.
بيت - 14
مِزمانَنِ مَهرِي، آڻي جهوڪِئا جهَوڪَ ۾
چاٽي چَنبنِ ۾ وِئا، جئن بازُ سَٽي بَهرِي
ڪوهيارو قهري، وئو نهوڙي ننڊَ ۾.
بيت - 15
ڪيچي ڪالهه ڪَهِي، وئا، اَديون! آڌيَ راتِ
جاڳان تان جيڪِي ٿئو، وِهاڻيَ پرڀاتِ
ڦوڙائو فقيرَ کي، ڏنو جَتنِ ذاتِ
’رَفيعُ الدَّرَجاتِ‘، پَرمَلُ پنوهُ ميڙيين.
بيت - 16
مون ڀانيو، مون وٽِ، هميشہ هوندا پرين
ويڙهو ڏيئِي ويڪِرو، پَهرِي وِئا پَٽِ
ساهُ جَنِي جِيَ سَٽِ، وِڪُمُ ٿي وَڻڪارِ ۾.
بيت - 17
مون ڀانيو مِزمانَ، هميشہ هوندا پرين
ڪُهِي ڪميڻي هلئا، ڪهلَ ڪئائون ڪانَه
ڏيئِي وِئا ڏاهَه کي، سورنِ جا سامانَ
جورو راتِ جوانَ، جيڏيون! جَتَ ڪري وئا.
بيت - 18
ڀانيمِ جي سرواڻَ، ڇُلائيندَمِ ڇَپَرين
کانيَمِ هوندَ پلاڻَ، اُٺَ ڪُڏايَمِ اُنِ جا.
بيت - 19
ڪاڏي مُنہ مڪرانَ جو، ڪاڏي ڪيچُ ٿِئو
ههڙو ساٿُ ڀنڀورَ تان، ڪڏهن ڪونه پِئو
ڪوهيارو ڪامَ هَڻِي، چوري چِتِ وِئو
جني جَتُ نِئو، تَنِ اُٺنِ گهورِي آهيان.
بيت - 20
ڪاڏي مُنہ مڪرانَ جو، ڪاڏي پَريون پارِ
ليڙنِ جو، لطيف چَي، سُونهون آهِ سردارِ
جو مِڙنِي جو مهندارِ، سو موليٰ مونکي مڙيين.
بيت - 21
بِرِهَ مَڙايُسِ بَرُ، نا ته سُکِي ڪيرَ سَڌون ڪري
گهڻو ڏورِئين ڏکَ سين، ڏيرنِ لَئي ڏونگرُ
ورِي آيُسِ وَرُ، تڏهن سَفَرَ مُييَ جا صابِ پئا.
بيت - 22
وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرنِ وَرُ وڏو ڪئو
نِهاريندِيَسِ نِڪَڻي، بوتنِ ڪارڻِ بَرُ
آڏو ٽَڪرَ ٽَرُ، متان روهَه رَتِيون ٿيين.
بيت - 23
وَرَ وَراڪا وچَ ۾، لکين آڏا لَڪَ
هو جي آڏا حَقَ، سي ڪندا ڪوهُ ڪنديَنِ کي.
فصل چھارم
بيت - 1
وارو وَرُ وٺِي وِئا، آرِيچا اَظلامَ
آندائون آريَ جا، پنوهَ ڏي پيغامَ
پَهَه ڪِئائون پاڻَ ۾، مُونها مخفِي مامَ
سِنڀُوڻا ساٿُ کَڻِي، ويساهي وريامَ
ڪاڪِيُون! راتِ قيامَ، جيڏيون! جَتَ ڪري وِئا.
وائي - 1
ڇا کي ٿا ڪَرَهَ قطارهو، واڳَ وٺِي وَرُ وارهو
مون نماڻيَ تان ڪين چيو
رهو راتِ ڀنڀورَ ۾، تان ڪا گهڙِي هِتِ گهارِهو
2. سِڪِي جنہ سَڱُ ڪِئو، تنہ معذورِ کي اَئِين مَ مارِهو
سائينءَ ڪارڻِ سُپُرين، دوستَ! درسَنُ ڪارِهو
موڙي مَڃَرَ ٽاريون، چانگنِ کي اَئين چارِهو
بيت - 2
وارو ورُ وٺي وئا، جابِرَ ڪَري زورُ
بيدِي ٿئو ڀنڀورُ، حشرُ ڪري هَلِئا.
بيت - 3
وارو ور وٺي وئا، ڪري ڏيرَ ڏَمرُ
هاڻي ٿئو حشرُ، پُنان قولَ قِيامَ جا.
بيت - 4
وارو ور وٺي وئا، ڪَري ڏيرَ ڏورو
ساڄَنِ ريَ سرتيون! آتڻُ اَدورو
نِيہَ سين نسورو، حشرُ ڪري هلئا.
بيت - 5
وارو ور وٺي وئا، جوري سين جابرَ
صبرُ ڪِئن صابرَ، اچي عجيبنِ رِيَ.
بيت - 6
وارو ور وٺي وئا، ڏاڙهيَ ڀَنڀا ڏيرَ
ڏينديَسِ ڏاڍين ڏونگرين، اُنِي لَئي اُليرَ
ڪيچِ پَهُچي ڪيرَ، وڃڻَ سين وَسَ ڪريان.
بيت - 7
سَنجهي مون سنڀالئو، ته ڪي اوٺِي ڪندا اِيئَن
ڪُهِي ڪميڻي ڪِيئَن، جيڏِي راتِ جَتنِ ڪِي.
بيت - 8
سَنجهي مون نه سنڀالئو، صبحِ سارِئِمُ سورُ
جَتنِ لَئي ضرورُ، گهَڻا گهارِئِمِ ڏِينهڙا.
بيت - 9
سنجهي مون نه سنڀالئو، صبحِ مارِيَسِ سورَ
آڌيَ راتِ اُڌَمِئو، ڏِينِ پَلٽِئو پُورَ
جَتنِ جي ضرورَ، مادرِ! مارِي آهيان.
بيت - 10
سنجهي مون نه سنڀالئو، ماريَسِ سورَ صُبوحِ
نيڻَ هيرائي ننڊَ سين، جتنِ لنگهِي جُوءِ
هاڃو ڪَري هوءِ، آڌيَ اُوءِ اُٿِي وِئا.
بيت - 11
آڌيَ اوءِ اُٿِي وئا، ڪَرُ رکئائون ڪيچِ
ٻاروچاڻي پيچِ، مهنجو مَنُ مُنجهائيو.
بيت - 12
جَڏِيَ وٽ جالي، مانَ لِلهِ ڪارڻ لِکَ سينءَ
آهي آريَ آسَري، هِتِ هُتِ حوالي
عيبَ مون ۾ اَڳَرا، مانَ نِرمَلُ نِڪالي
پَرٽِياڻِي پالي، ڪامِلُ نِيندو ڪيچَ ڏي.
بيت - 13
پَرِٽَنِ پالِياسِ، ٻانڀڻِ ٻيٽِي آهيان
حُسنَ هوتَ پنوهَ جي، ماري موتَ وِڌياسِ
جانڪِيتان جِيَندِياسِ، پييَسِ وَرِ وصالَ جي.
بيت - 14
پرٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گذارُئم جيڏيون!
جَنِي مونکي مارِئو، سورَنِ سين ساڙي
ايرادي آڻي، سانگِيَنِ سين سَڱُ ڪِئو.
بيت - 15
اَسين پاڻَ پَرِٽَ، پورِهَتِ پنوهَ ڄامَ جا
هوتُ کٿورِيَ هيرَئون، مون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ
آتڻَ مــــنجهه اُگهٽَ، ڪانڌُ ڪِنہ جي مَ ڪري.
بيت - 16
گڏِئو ڌوٻينِ ڌوءِ، پنوهَ پارِچو هَٿَ ۾
اُتي آريَ ڄامَ جو، آيُسِ قاصدُ ڪوءِ
اِيُ ڪاملَ! ڪَمُ نه سندوءِ، جئن پَهسُ پَڇاڙيين پوتِيا.
بيت - 17
آءٌ تان اِهَڙِي جا، ٻانڀڻِ کي ٻائي چَوان
مون ڪميڻيَ لاءِ، پنوهُ ٿي پرٽُ ٿئو.
بيت - 18
پَروانو پنوهَ ڏي، لکِئو آريَ هوتَ
اِيَ نه پَرِ پاهنجِي، جئن پَهسِ پڇاڙيين پوتَ
هاڙهي جا بلوچَ، لَڳُئِي نيہُ نِيهَنِ سين.
بيت - 19
لَڳُمِ نِيہُ نِيهنِ سين، آءٌ ڪِ نه ڄاڻا اِيئَن
مون هِيڻَي سان هِيئَن، اَئين ٿا آريچا! اُسَهو.
بيت - 20
نه ڪو ڪيچُ ڀنڀورُ، نڪو مائٽُ مُنڌَ جو
هورُ مِڙوئِي هِنَ کي، هوتَنِ ڪونهي هورُ
زاريَ ڌاران زورُ، هَلي ڪونه حبيبَ سان.
بيت - 21
ڇورِي نِدورِي، نڪو مائٽُ مُنڌ جو
سَوين هَلَنِ ساٿَ ۾، ڪمي ۽ ڪورِي
آءٌ آهيان اُنِ ۾، لَنگهِي ۽ لورِي
لنگهائيين، لطيف چَي، ٿَرنِ جا ٿورِي
آهيان اَجورِي، تهنجي جوري جَبلُ لنگهيان.
بيت - 22
آيلِ! ٻاروچَنِ جو، رويو پُڇان راهُ
وارِي وَسي، واٽَ ويئِي، مٿان مورِئو گاهُ
مِروئَنِ ڪريان مِنٿُون، کِينِ نه مهنجو ماهُ
هيڪَلِيَنِ، حبيبُ چَي، ٻيلِي آهِ اللهُ
سرتيون! وڃي ساهُ، ته ٿيان حوالي هوتَ جي.
فصل پنجم
بيت - 1
جئن سو هَرڻُ هُماءُ، سرگردان سَنسارَ ۾
هو پَڳُ نه ڌَري پٽيين، هِيُ ڌڙِ ڌَري نه ساهُ
هاڻي تَنِ مُلا، سسئيَ سورَ پِرائيا.
وائي - 1
هينئڙو ٿو هُنَ ساري، مهنجو ساهُ سيّد کي ٿو ساري
جيڏيون! آءٌ هلندِي ويندِي هوت ڏي
هوتنِ هلڻُ مَنَ ۾، ڪيرُ گهَڙِي هِتِ گهاري
آسَرَ ڀَرِي آهيان، مانَ واحدُ آڻينِ واري
پنڌَ اَڙانگا پَٽيون، مونکي ڪوهيارو ٿو ڪاري
سچو سخنُ سپرين، پنهل پهنجو پاري
ڄيرو اندرِ جندڙي، وئو ٻاروچو ٻاري
وِڌا ڪمَ ڪريمَ تي، هِنَ ويچاريَ واري
بيت - 2
راتِ ڏٺائين روجهَه، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آئيا
پِريَتَڻِي پريَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سٻوجهَه
هُئِي گهڻو اَٻوجهَه، سورَنِ سونهائِي سسئي.
بيت - 3
روجهَنِ ڏٺِي راتِ، هوتُ ڳوليندي هَبَ ۾
ڪيچينِ جي ڪَڙي ٿي، توءِ تنِي جي تاتِ
ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئيَ نه وِسَري.
بيت - 4
جبلَ ۾ جانارَ، سَرَهَ گَڏِبَئِي سسئي
ڀِنِيَ پُونءِ ڀَنوارُون، ٻانڀڻِ جيون ٻاڪارِ
هوتاڻِي هيڪارَ، موليٰ! مونکي ميڙيين.
بيت - 5
سرهَ گَڏِبَئِي سسئي، سوريَ منجهه سَهِي
تَرَهَ پُڇندئِي تَڪِڙي، ٻاروچا ٻَئِي
آڻي ڏيندءِ هٿَ ۾، ڪتابتَ ڪَهِي
پهنجي پاڻَ هٿنِ سين، واچِيندي وَهِي
سَمَر جنِ سَهِي، تنِ ڪونهي اَهکُ، عناتُ چَي.
بيت - 6
سمرُ جَنِي ساڻُ، هوتُ حماتِي تَنِ جو
ڪري ڇيڄَ ڇپرَ ۾، پنوهُ اِيندو پاڻِ
ٿيندي ريجهَه رهاڻِ، لحظي منجهه، لطيف چَي.
بيت - 7
پَسِي سي سرهِي ٿِي، جي مَيَنِ لنگهِئا مَسَ
تِٿُ تِنہ کي ناهِه ڪو، لَڪَ مِڙيئِي لَسَ
حُبُ جنہ کي هوتَ جو، وندُرِ تنہ کي وَسَ
سندِي چانگنِ چَسَ، پيرَ ٺرندَئِي پَٻَ ۾.
بيت - 8
سسئي لنگهئو سو، مردَ جنہ ماتُ ڪِئا
جبلُ وڏو جو، نُوڻِ مِڙوئِي نيہَ کي.
بيت - 9
جبل ماري جَکَ، جو آڏو آريچَنِ کي
توڙي لَڪَنِ لَکَ، سڀ لنگهنديَسِ سِڪَ سين.
بيت - 10
جبلُ جيڏوئي، جو آڏو آرِيچنِ کي
وٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بُرفَتَ بِروئِي
رڃُن ۾ روئِي، پَسان مانَ پنوهَ کي.
بيت - 11
جبلَ سُڄنِ جالَ، آڏا آريچنِ کي
هاڙهي ڏانہَ هَٿُ کنيو، ڇپرِ مِڙان شالَ
ڪيچي وِئڙمِ ڪالَ، تي ٿِي ڏونگرُ ڏوريان.
بيت - 12
ڇپرُ ڇَمَرُ ڀائيان، ڪانڀُو ۽ ڪارو
پَٻُ وِجهَندِيَسِ پُٺِ تي، صبوحِ سَوارو
وڃڻُ مون وارو، ڪينَ وِهندِيَسِ وِچَ ۾.
بيت - 13
ڇپرَ ۽ ڇمرَ، ٿا لَڳَہَ لَڳنِ پاڻَ ۾
آڏا ڏونگرَ ڪَرڪَرا، ويڌَ وِنگايُون وَرَ
آءٌ پيادِي پَٽِيين، نماڻِي نِڌَرَ
سوڙهِي جِتِ سَڳرَ، اُتِ ٻاتاڙِيَنِ ٻيلي ٿِيين.
فصل ششم
وائي - 1
وينديَسِ ڪيچِ ڪَهِي، سيڻَنِ ساڻُ سَهِي
وو ڀينرُ! آءٌ جِيَنديَسِ تان نه جَتنِ ري
وِهان ڪيئن ماٺِ ڪري، هيڏو سورُ سَهِي
هيڏي شهرُ ڀنڀورَ ۾، ساريان ڪونه سَهِي
اَڳئان آريَ ڄامَ جو، سُڄي ساٿُ سَهِي
صبحِ ڏونگرُ ڏورِيان، ڪِنہ پَرِ راتِ رَهِي
بيت - 1
آڏَ-تَراڇا آهُڙا، ڏونگرَ کي ڏاڪا
ڪَيَمِ آهَ عجيبَ کي، سِڪَ منجها سا ڪا
پَئي هَٿِيڪِي هوتَ کي، ڪوڪَ وڃي ڪَنِ ڪا
مهنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻروچَ جو.
بيت - 2
آڏ-تراڇا آهڙا، ڏونگر کي ڏاڪا
وٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بَرِ چَڙِهي بانڪا
ڦَٽِئا پيرَ فقيرِ جا، چَڙهندي چَڙهاڪا
هُيَنِ جِيَ اندرِ جا ڪا، وِئا پُڄائي پاهنجي.
بيت - 3
آڏ-تراڇا آهڙا، ڏاڪا ڏونگر کي
هو جي وَڻَ وِندُرَ جا، مارِيندا مونکي
هاڙهو هِيڻِيَن کي، لنگهائجُ، لطيف چَي.
بيت - 4
آڏ- تراڇا آهڙا، وندُرَ وراڪا وَرَّ
حُبُ جنہ کي هوتَ، جو سا ڏوريندِي ڏونگرَ
پَهُچائيين پروَرَ، لطفَ ساڻ، لطيف چَي.
بيت - 5
آڏ- تراڇا آهڙا، وندرِ وراڪا واڪَ
اُجهايَسِ اُٺَنِ جي، ڦوڙائي فراقَ
پنوهُ پرملَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وَريجُ تون.
بيت - 6
آڏ-تراڇا آهڙا، وِنگا وَرَ واٽُنِ
جَونرا، جگرَ، بُڪِيُون، آريَ لَئي آٽَنِ
ڪَسي ڪَنواٽَنِ، سَنڀوڙا، سيّد چَي.
بيت - 7
ڪوڏَرِ نه ڪاتِي، جنہ سين ٽَڪرُ ٽانڪيان
جيڪو جبلُ لنگهيان، سو هيبتَ جو هاٿِي
پِريَنِ جا پاتِي، سا جَڙِ جِيَري نه لَهي.
بيت - 8
ڪَرڙا ڏونگرَ ڪَهَه گهڻي، جِتِ بَرُ پَٽُ بَيرانُ
ڏاهنِ ڏاهپَ وِسرِي، ٿِئا حريفَ ئي حيرانُ
سسئيَ لنگهئو، سيّدُ چَي، محبتَ سين ميدانُ
جنہ جو آرياڻِي اَڳوانُ، تنہ جِي ڪانهي باڪَ بهيرَ ۾.
بيت - 9
ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي، جِتِ واٽُنِ تي وارِي
آڏا لڪَ، لطيف چَي، بَرَ سُڄَنِ بارِي
جا منزَلُنِ مارِي، سا قادرَ ڪيچ رسائِيين.
بيت - 10
ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي، جِتِ جبلَ گهونا گهونِ
ليڙنِ جيون، لطيف چَي، تنگَ تنوارون پُونِ
جَنِ ڏٺو پيرُ پنوهَ جو، سي نڪِين رُونِ نه چُونِ
هوندَنِ مٿي هُونِ، لاڳاپا هِنَ لوڪَ جا.
بيت - 11
ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي، جِتِ ماٿَرِ مَٿاهِين
اُتي، عبداللطيفُ چَي، ٿا سُڄَنِ مِرُون مَهائِين
آرياڻِي آهِين، مَنَہَ معذورِيَنِ جي.
بيت - 12
ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي، جت روڏا رِنگائي
رَهِيَسِ، رَسُ، لطيف چي، تنہ ڪميڻيَ ڪاهي
آرياڻي آهي، مَنَہِ معذورِيَنِ جي
بيت - 13
ڪرڙا ڏونگر ڪهه گهڻي، جت رِڻُ تَتو رائو
تِتِرُ ٿِيي مَ تَنِ کي، ڏونگر ۾ ڏائو
جڏهن ڄامُ پنوهُ ڄائو، تڏهن ٿئو سَوَلو طالِعُ ساٿَ جو.
بيت - 14
جاڳِي جاڳِي سسئي، جان هيجان هٿُ وِڌاءِ
سُڃِي سيجَ پريَنِ ريَ، پنوهُ پَٿَرِ ناهِ
اُٿِي اِيئن چياءِ، ته گهوڙا! گهرِ نه سپرين.
بيت - 15
سِڪِي جان سُتياسِ، تان سِڪَ سُمَهڻُ ئي نه ڏي
جاڳِي سُتيَسِ جَنِ لَئي، سي آيا تان اُٿِياسِ
ڀينرُ! آءٌ ڀلياسِ، نا ته سِڪَ سمهڻَ ڇا لڳي.
بيت - 16
ماڻِڪُ مِٽُ سندومِ، اونداهيَ ۾ سوجهَرو
حشرَ ويلَ حسابَ ۾، ڇڏي نه وِيندومِ
ساري سَڏُ ڪندومِ، ڪوهيارو ڪيچَ ڌڻي.
فصل ھفتم
بيت - 1
بُرو ڦادا باتِ جَنِ جِي، ٿانگِ رَوا شِيشِي
ڏِينِ پاريسِيُون پاڻَ ۾، اِزَّان بِليشِي
ليڙا رات، لطيف چَي، نِڌائون نيشِي
پنوهُ پَرويشِي، ڪِجِ پيادِنِ جِي پنڌَ ۾.
بيت - 1
لَڳڙِي آهِ لغارَ، وو يارَ!لُنءَلُنءَ ۾لالڻَ جِي
مونکي لڳڙي آهِ لغارَ
آءٌ سُتِي، هوءِ هَلِئا، سَنجهي ٿِئڙا سوارَ
جيڪي اورڻَ پِريَ سين، جيڪي پِريَ پچارَ
کوءِ سي جِيَڻَ ڏينهڙا، جي پِرِيَنَئون ڌارَ
لڳِي آهي، نه لَهي، سندِي عشقَ پچارَ
گهڻو اُڪنڊي آهيان، تَنِ جَتنِ جي جنسارَ
گَڏِي ويندِيَسِ گَسَ ۾، ڪاڪِيون! منجهه قطارَ
ميخون محبتَ سنديون، هِينَڙي منجهه هزارَ
ڪانگنِ قطارون ڪِيون، چُڪِيَ کي چوڌارَ
آءٌ نماڻِي نِڪَڻِي، دَمِجُ تون دلدارَ
بيت - 1
هوتَنِ بِنئون ڙي ميان! جيڏيون اَلو اَلو!
ماري آهيان درد فراقَ ڙي ميان! پنوهُ سائين
اديون آريچن جي، آءٌ نهوڙِيَسِ نفاقَ
ڏونگرُ ڏورِئو نه ٿيي، مون وِلهيَ کان واڪَ
بيت - 1
تن پريَنِ کي اُڪنڊِي آءٌ، لَڪَ لنگهِئائون،
ڏيرَ قَرارئا ڏيهِه ۾
چڙهي ڏاڍي ڏونگرين، ٻانڀڻِ اُڇلي ٻانهون
آهيان پاسِ پَريٽِ جي، ٻانڀڻِ ڌيءَ آئون
---
بيت - 2
بُرو بِگِيرَد بامِ بَلِيخان، مانَ پَرُوڙي مامَ
ٿَئو دَئِي ٿَئو مان خُستَگان، ڪِ ٿَئو ڇُلِي ڇَپَرَ جي لامَ
اَجهي جَنِي سامَ، ’دُرَها دُرَها‘ ڪَنِ جي.
بيت - 3
جيڪَرَ روان روشُ، مَروشِي محبوبَ ڏي
مَنا ڪُشِي مَولِدي، دِيوان پنوهُ دوسُ
ٿَئو گَئوخا مَڻِي گوشُ، سُڻِي مانَ سگهِي ٿيان.
بيت - 4
ڦادا ڦيرِئائون، مهارُون مَيَنِ جِيون
مَروشِي جَبَلُ رُون، واري وارِئائون
مونکي مارِئائون، ٻاروچِي ٻولِي ڪَري.
بيت - 5
بُرو بِگِبرَد بي، ٿا ڏِينِ پاريسِيُون پاڻَ ۾
مون لوڏائين لَکِئا، ته هاڃو ڪندا هي
ماريندا مونکي، پنوهُ نيندا پاڻَ سين.
بيت - 6
پنوهَ سين پريتِ جو، ڪو جو پيچُ پئومِ
ڀَنڀي هِنَ ڀَنڀورَ ۾ وِهَڻُ وِهُ ٿِئومِ
مَتيون موٽَڻَ سنديون، ڪاڪِيون ڪِيمَ ڏِهومِ
سرتيون! ساهُ سندومِ، ٿئو حوالي هوتَ جي.
بيت - 7
ڏاجَنِ تي ڏاجا، ڏِنائون ڏُکَنِ جا
لَڳِيَسِ نائُڪَ نيہَ جِي، ڪُڙِهه اندرِ ڪا جا
ٿَرَنِ ۾ ٿا جا، ڪندِي مُنڌَ مِروئَنِ سين.
بيت - 8
ڪو مُنہ ڪُٺَلِ آئِيو، وَسِ نه ويچارِي
هوتَ تهنجي هَٿَ رِي، پَهُچي نه پارِي
اَچِين جي آرِي، ته پاندُ پُڄِي لَڪُ لنگهيان.
بيت - 9
ڪو مُنہ ڪُٺلِ آئيو، ناهِ ويچارِيَ وسُ
هوتَ! تهنجي هٿَ رِي، گولِي ٿِيي نه گَسُ
ڏکُ ڏکيَ کي ڏَسُ، ته موڙِهيَ ڪو مُنہُ ٿِيي.
بيت - 10
ڪڏهَن تان ٻاجهَه پَئي، ساڄَنَ مُنجُ سلامُ
سِڪَ تُهنجي سپرين، ڪِئو تَنُ تمامُ
هٿين هاجَ وِهُه ٿِي، نيڻين ننڊَ حرامُ
دوستَ نه سَهان دامُ، تون وِندُرِ ٿو ويلا ڪرين.
بيت - 11
سُرهي منجها ساٿَ، آئِي بوءِ ڀنڀورَ کي
پيٺا بازارِنِ ۾، لائي جَتَ جَباتَ
سندي هوتَ حَماتَ، ڪيچ پهتو قافلو.
بيت - 12
بَرِ مڙوئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيون
ٻَهِه ٻَهِه ٿِي ڀنڀورَ ۾، هوندَ مِڙيئِي هُوءِ
راڻِنِ وَرِي رُوءِ، گوندرَ لَٿا گولِيين.
بيت - 13
جڏهن پيئِي ڇَٽَ، ڇَپَرِ هوتَ پنوهَ جِي
پَرَ هي ويٺيون پَٽَ، گوندر لٿا گوليين.
بيت - 14
جڏهن پيئي پاسَ، ڇپرِ هوتَ پنوهَ جي
اَديون! آريچنِ جا، وَڻنِ مُڪا واسَ
آيلِ! پُني آسَ، پنوهُ آيو ڪيچَ ۾.
بيت - 15
آيلِ! اوطاقون، ڪَري ڪيچِي هَلِئا
سُڪِيون نه سيڻَنِ جيون، ماڳنِ تان ماڪُون
نِسوريون ناڪُون، سَڃي هَلِئا سورَ جيون.
بيت - 16
جَتنِ سان جان ڪُون، تان ڪُون مون سَڱُ ٿئو
ڪَري ڪوهِيارو وِئو، تَنُ ڇِنِي طاقُون
آءٌ تَڏان ڪُون، اَڌَ ڏکوئِي آهِيان.
بيت - 17
متان ڪا ٻَڙِي ٻولِ ٻاروچِي وِسَهي
هوندَ نه سُتِيَسِ سرتيون! ويهِي رهيَسِ وَڙِي
جَتَ تهنجي جُوءِ ۾، گهارِينِ مانَ گهَڙِي
ڪيچِين آءٌ نه ڪَڙِي، ڪنہ ڏُکيَ ڏاوَڻ ڏانئِيو.
بيت - 18
ڏيرنِ ڏوهُ نه جيڏيون! ماءِ! مِڙوئِي مون
آءٌ اَسونهِين، اوءِ سُونهان، پرين ڀَلا پَرَڀُون
اصلُ آرِيَ ڄامَ جو، پاندُ نه پُڄِتوسُون
جنہ جو تونهِين تون، سي پيادِيون پَهُچائِيين.
بيت - 19
اَديون! آءٌ نه تِيئَن، جئن پِريَتَڻون پِريَنِ سين
ٻَڌِي سُتِيَسِ سوگهو، ڇَلوَرُ ڇاتِيَ سِيئَن
ڪرها ڪاهي ڪيچِي، مُونهان وڃنِ ڪيئَن
ڏوهُ مهنجي ڏِيهَن، پنوهَ کي ڪا مَ چَئي.
بيت - 20
هوتَ پَهُچان هوڏَ، آءٌ پيادِي، پنڌُ گهڻو
لَڪَنِ تان، لطيف چَي، تِکا وڃنِ توڏَ
اوڏِي ڪَري اوڏَ، نيئي پَهُچائِجُ پنوهَ کي.
سرود ڪوهياري
فصل اول
بيت - 1
لَيلَ نه جاڳِيين لِکَ سِيئن، ڪُلي نَومَ ڪِياءِ
قُم ٿِي پَهچُ قريبَ کي، اِجلِسِ تو نه جُڳاءِ
مُٺِي! مِزمانَنِ سين، ويهِي راتِ وِهاءِ
جيلان ننڊَ ڪياءِ، تي روزُ رَهين ٿِي راهَ ۾.
وائي - 1
گِلا ڪا مَ ڪَري، لِکئو تان نه ٽَري
ٻڙي! جيڏيون! مهنجي شهرَ ڀنڀورَ ۾
1. جو سينگارُ سرتيين، سو مون ناهِ ڳَري
جهڙي تَهڙي حالَ سين، وڃان پيرَ ڀري
2. جنہ وڻَ هيٺان ويهِي هلئا، سڄڻَ سانگُ ڪَري
لامُون تنہ وَڻَ سنديون، لوڏيان لايان ڳري
3. قضا جا ڪريمَ جِي، ڪِنہ کي ڪينَ ٽَري
جيڪِين لِکئو لوحَ قلمَ ۾، پاريان سو پَري
بيت - 2
ليلَ نه جاڳيين لک سِيئن، شامَ سُتِين سڀَ راتِ
اوڳي اوٺيَڙَنِ جا، ٿِي پَهَه پُڇين پرڀاتِ
ٿيُ تني جي ساٿِ، ته ڀورِي! ڪِنہ ڀالِ مِڙين.
بيت - 3
ليل نه جاڳيين لک سِيئن، سُتِينءَ راتِ سَڄِي
هِتان هوتاڻِيَنِ جيون، وِيون خُرزينُون کَڄِي
ڀوري! تون ڀَڄِي، سبب ڪنہ ساٿِ مِڙين.
بيت - 4
اِجلِس ڪري اُٿئا، توارِئو توڏَنِ
نومَ نوازي اُنِ جي، مَرحَبا موڏَنِ
رِڙِهي رَسُ روڏَنِ، ’اَليَومَ سَيرُو‘ سسئي.
غافِلَ غفلتَ ڇوڙِ، تون ڪئن اَڻاسِي اوجهرين
چُپاتان چُرِي وِئا، وڃي پَهُتا توڙِ
نيڻين ننڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا ڪريين.
بيت - 6
سَنجهي رهِين سُمُهي، غافلِ منجهه گهرنِ
ليڙنِ جو، لطيف چَي، ڪَرَ ڳَلُ سوءِ نه ڪَنِ
سي ڪئن محبَ مِڙنِ، جي سَنجهي رهنِ سُمَهِي.
بيت - 7
آلوڙو اکيَنِ، آيَمِ ننڊَ اَڀاڳَ کي
هاڻي هِنَ ڀنڀورَ ۾، گهاريان ڪارڻِ ڪَنِ
اَديون! اوٺيَڙَنِ، هِنيين ساڻُ هاڃو ڪِئو.
بيت - 8
جڏهن سُتيون جي، پَٿرِ پيرَ ڊگها ڪَري
تڏهن تني کي، ساٿَ سُتي ئِي ڇڏئو.
بيت - 9
سُتينءَ پيرَ ڊِگها ڪري، اِي وڏِي جاڙَ ڪِياءِ
دَرِ ڀَرِ اُڀِين دوستَ جي، ته سُرِ ڀُر توءِ سُياءِ
اَصلُ آرِيَ ڄامَ جِي، سَڪِي تون نه سِياءِ
پنوه سين پياءِ، ٿِي نڀاڳِي! ننڊون ڪريين.
بيت - 10
اِيُ ڪمُ نه ڪمِيڻِيَنِ، جئن سُمَهَنِ پيرَ ڊگها ڪَري
لوچيين ڇونه، لطيف چَي، هارِي! لَئي هوتَنِ
نِنڊان نڀاڳِيَنِ کي، اوڀالا اچَنِ
سي پنوهُ ڪوهُ پُڇنِ، جي سَنجهي رهن سُمهِي.
بيت - 11
سُتِيين سَوارِي، مُنہُ ويڙهي مُيَنِ جئن
ڏٺئِي نه ڏيرنِ جا، چوڌارِي چارِي
ماريندُئِي مارِي، بِرِهَ سورُ پريَنِ جو.
بيت - 12
سُتيين سَنجهي ئي، مُنہُ ويڙهي مُينِ جئن
اوجاڳو اکيَنِ کي، ڄاتوءِ نه ڏيئِي
هٿان تو پيئِي، ٿِي ڪچو ڪيچينِ کي ڪريين.
بيت - 13
اوجاڳو اَڄاڻِ، ڪِئوئِي نه ڪميڻِيَنِ جئن
اَسارِي! اهڙيَ پَرِ پَئِي، ڪيچيَنِ سين ڪاڻِ
ٻانهي چايو پاڻِ، ٿِي سڄيون راتيون سُمهِين.
بيت - 14
نِنڊون ڪِئن ڪجنِ، هاري! منڌَ، محمود چَي
تو سيئِي سيڻَ ڪِئا، پَهَه اوچتا جَنِ
ڪڏهن ڪينَ سُڄنِ، ويسَريون وَرَنِ سين.
فصل دويم
بيت - 1
ڏونگرَ تون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايون ڪرِيين
مون تَنَ اندرِ تئن وَهي، جئن وَڻُ وَڍي واڍو
ڪرمَ جو ڪاڍو، نا ته پَٿَرِ ڪيرَ پنڌُ ڪري.
وائي - 1
آهِيان جَنِ سَندِي ڙي،
اَڙي ميان! مونکي سي نه ڇڏيندا هوت
آءٌ آهيان .....
پَهائينديَسِ پنوهَ کي، آءٌ ڳِچيَ پايو گَندِي ڙي
ويٺِي آهيان واٽَ تي، آهيان آسَروندِي ڙي
پِريَ پُڄاڻا هِتَهِين، آءٌ رَتِي تان نه رهندي ڙي
ڪرمَ ساڻُ ڪريمَ جي، لطفُ ساڻُ لطيفُ چي،
آءٌ پرين ملندِي ڙي
بيت - 2
ڏونگرَ ڏکَ سنداءِ، پِريَ گَڏِجان ته چُئان
ڀِنِيَ ٿِينِ ڀَنوارُون، ٻِئا وِنگا وَرَ سنداءِ
چَڱِي ڪانه ڪِياءِ، پيرُ وڃائي پِريَن جو.
بيت - 3
ڏونگرَ ڏَسُ پرينِ جو، ڪافَ نه ڏِيين ڪو
قطارِئا ڪالهَه وِئا، توڏا وٽان تو
هوتُ مُئِيَ جو هو، ڪو ساڄنُ اِنهِين ساٿَ سين.
بيت - 4
ڏونگرَ ڏس پرينِ جو، ڪافَ نه ڏيين ڪَلَّ
قطارئا ڪالَ وِئا، توڏا توهِين جهَلَّ
سُڻِي هوتُ هڪلَّ، مانَ ٻُڌي ٻاروچو وَرِي.
بيت - 5
ڏونگرَ ڏوراپو، پِهرو چُوندِيَسِ پِريَ کي
پَهَڻَ پيرَ پِٿُون ڪِئا، تَريون ڇِنيون تو
رحمُ نه پِئوئِي روحَ ۾، قدرُ مهنجو ڪو
واڪو ڪندِيَسِ وو، مون سين جَبَلُ ٿو جاڙون ڪري.
بيت - 6
ڏونگرَ مون نه ڏُکوءِ، اَڳَ ڏُکوئِي آهيان
سارِيان ڪونه سُکوءِ، سورَ گهڻائِي سنڀران.
بيت - 7
ڏونگرَ ڏکويَنِ کي، دِلاسا ڏِجَنِ
گهڻو پُڇِجِي تَنِ کي، جَنِ وٽان هوتَ وڃنِ
تون ڪئن سدا تَنِ، پَهَڻَ پير ڏکوئِيين.
بيت - 8
ڏونگرَ ڏکِ پئِي، مون توسين ڳالهه ڪِي
پاڻا آءٌ مُئِي، سُورُ سُڻائي پِريِن جو.
بيت - 9
ڏونگرَ مون سين رو، ڪڍِي پارَ پنوهَ جا
سڄڻُ هومِ هيڪَڙو، وِئو ڦوڙائي سو
ڪنہ کي ڏيان ڏوهُ، مون سين اِرادي ايئن ڪِئو.
بيت - 10
ڏونگر ڏُکويُون، تو ۾ اورَڻَ آئيون
هو جي اچنِ ڦوڙايُون، ڏجنِ دلاسا تَنِ کي.
بيت - 11
ڏونگر ڏکويَنِ کي، ڳَلِ سُڪا ڳوڙها
هو جي پَهَڻَ پَٻُ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا
گوندَرَ جا گهوڙا، وڃنِ جانِ جدا ڪِئو.
بيت - 12
ڏونگر ڏيهاڻِي، پاڻُ مٿائِين گهورِيان
تو منجهه رِهاڻِي، سدا ٻاروچَنِ جِي.
بيت - 13
ڪِي جي ڪڍِئا پارَ، ڏکيَ ڏونگرَ پاڻَ ۾
سُڻِي سا تَوارَ، مِرُون پِئا مامَري.
بيت - 14
ڏونگرَ ڀُويَنِ ڪِيرَ، سڄڻَ ميخون ڏونگرين
هَهِڙا سيڻَ سُڌِيرَ، ڪينَ لهندينءَ ڪي ٻِئا.
بيت - 15
ٻَئِي ويٺا رُونِ، ڏُکي ڏونگرُ پاڻَ ۾
ڪنہ کي ڪِينَ چُونِ، مَنجهنِ جو پريَتَڻو.
بيت - 16
اَڄُ پڻ ويٺو روءِ، ڏکي ڏونگرُ پاڻَ ۾
ڪوهياري جو ڪو، اَچِي سورُ اُڌَمِئو.
فصل سيوم
بيت - 1
رويو ويٺِي راڳِ، اَمَڙِ اورئان نِجهُرو
لاٿو مون ڏيهَه وڻنِ تان، لاڳاپو ۽ لاڳِ
ڏونگرِ سي ڏورينديون، جَنِ اندرِ ٻَري آڳِ
هوتاڻِي! هِنِ ماڳِ، مونکي ڇَڏِ مَ ڇَپرين.
وائي - 1
مونکي نِيندا ساڻُ، ٻاروچا ٻاجهَه پئي، اَلو اَلو!
ڏيندا مون ڏکيَ کي، اللهَ لَڳِ اُهڃاڻَ
’لاَ تَقنَطُوا مِن رَّحمَتِ اللهِ‘، پريَنِ چيو پاڻِ
’اِنَّ اللهَ يَغفِرُ وَالذّنُوبَ جَمِيعاً‘، سچو اِيُ پرياڻ
بيت - 2
مونکي ڇڏِ مَ ڇپرين، هِتِ هوتاڻِي! هاڻِ
اوڏِي مُنڌَ اُٺَنِ کي، اللهُ ڪارڻِ آڻِ
پورهِيو ڪنديَسِ پاڻِ، اَڳئان آرِيچَنِ جي.
بيت - 3
مونکي ڇڏ مَ ڇپرين، هوتاڻِي! هِنَ هنڌِ
توسين پُوندِيَسِ پَنڌِ، ڏيندِيَسِ باهِ ڀنڀورَ کي.
بيت - 4
مونکي ڇڏ مَ ڇپرين، هاتِڪَ هوتاڻي!
توهِين لَئي کاڻِي، ڏکي ڏوري ڏونگرين.
بيت - 5
مونکي ڇڏ مَ ڇپرين، پوءِ رَهايَسِ پاڻَ
جي ڀُلايُون ڀاڻَ، تَنِ کي رَسُ رَسِيلا راهَ ۾.
بيت - 6
سُتي پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ! ٻاروچَنِ جا
وَمُ وِهاٽِي ووڙي، تِنہ ڪوهياري ڪِرِڪَ
ڌَڙُ ڌُڻِئو تنہ ڌَڪَ، جَڏِيَ جِيَڻُ نه ٿِيي.
بيت - 7
ستي پون ڇرڪَ، آيلِ! ٻاروچنِ جا
پنوهَ جي پَيڪانَ جيون، راسِيون منجها رُڪَ
هَنيَمِ هوتَ ڪِرڪَ، لوچان لوهُ نه نِڪري.
بيت - 8
جيهِي جي تيهِي، ته ٻانهي ٻاروچَنِ جِي
حجتَ هوتَ پنوهَ سين، مون ڪميڻيَ ڪيهِي
اَصلُ آريَ ڄامَ جي، پَلئه آءٌ پيئِي
هوءَ جا پائينِ پيرَ ۾، تنہ جُتيَ نه جيهِي
وِساري ويهِي، تَنِ ڪيچِيَنِ کي ڪئن رهان.
بيت - 9
هُئِي جي نه هُئِي، ته ٻانهي ٻاروچَنِ جِي
اُنَ سَڱَ مقابِلِ سسئي، سندِيَنِ ٿِي سُئِي
هُنِ تان لَڄَ لُئِي، هِنَ جو هلڻُ هوتَ ڏي.
بيت - 10
گولِي بَندِي ڏاهِ، زرخريدِ جَتنِ جِي
آجُپُڻُ، عناتُ چَي، هِتِ آرياڻيَ جي آهِ
سو مون سڏُ سُهاءِ، جي ٻانهِين ڪوٺِينِ ٻاجهه سين.
بيت - 11
ڪَنِيزڪِ ڪيچيَنِ جِي، ٻانهي ٻانهوٽِي
ٻَئِي ٻاروچي هٿَ ۾، چَڳہنِ سِرِ چوٽِي
ٻانڀڻِ کي موٽِي، پُڇندو پَٻَ- ڌڻِي.
بيت - 12
ڪنيزڪ ڪيچين جِي، ٻانهوٽِي ٻانهي
سي ڪئن وڃن وِسَرِي، جي جِيَ اندرِ جاني
اَڱَڻِ اَمانِي، شالَ ڪيچينِ جِي ڪامَ ٿِيي.
فصل چھارم
بيت - 1
ڳائو نه وائو، اَديون! آريچنِ جو
لنگهي پَٻُ پَري ٿئا، ڇڏي رِڻُ رائو
ڏيئي ڦوڙائو، وِئا ويچاريَ سُپرين.
وائي - 1
ٻاروچي ساڻُ ٻڙي! اي جيڏيون! هيڪرَ ٿيان هيڪاندِي
چڙهي نه سگهان چوٽيين، يارَ بِنا دِل ماندِي
پَهُچائجُ پنوهَ کي، هِيَ پيادَڙي پانڌِي
ڀينرَ! هن ڀنڀورَ ۾، آءٌ اِرادي آندِي
پورهَتِ پنوهَ ڄامَ جي، باندَنِ جِي باندِي
ڪرمَ ساڻُ ڪريمَ جي، ڪيچِي ٿيندمِ ڪانڌي
بيت - 2
ڳائِي نه وائِي، اَديون! آريچنِ جِي
ڪنہ پَرِ ڪَهِي، لَنگهِيان، جبلُ جا ڄائي
جيڪُسِ واجهائي، هاڻي مرندِيَسِ هوتَ لَئي.
بيت - 3
هَلَڻُ سَهان نه هوتَ جو، کوءِ وڃڻَ وائِي
کَڙِيا، پَينڌَ، خُر زِينُون، ڪَشِينِ ڪيچائِي
اَسبابَ، عنات چَي، اُنِ جا سُونهنِ رَکيائِي
ڏِسڻُ ڏونگريَنِ جو، تَنِ کي تَسلائِي
مارِ مَ تون مائِي، ته روئِي هوتُ رهائِيان.
بيت - 4
هلڻ سهان نه هوت جو، وڃڻُ آءٌ گهوريان
هونِ هميشه هِتَهِين، ته ڏونگرُ ڪُہ ڏوريان
اکينِ ساڻُ اوريان، پَسان شالَ پنوهَ کي.
بيت - 5
هلڻ سهان نه هوت جو، وڃڻُ مون نه وَسِ
اللهُ آريچنِ جِي، گولِي ميڙيين گَسِ
پرين پهنوارَ تو چُئان، ڏونگريا مون ڏَسِ
اَکينِ جي آرسِ، مُنڌَ جيهائِي جوڙَ ڪِي.
بيت - 6
هلڻ سهان نه هوت جو، وڃڻُ مَ وارِهو
رَهو راتِ ڀنڀورَ ۾، ته ڪا گهَڙِي گهَرِ گهارِهو
معذورِ کي مَ مارِ هو، سِڪِي جنہ سڱُ ڪِئو.
بيت - 7
مونکي جَنِي مارِئو، آن ڪي گَڏِئا سي
تَنَ ۾ طاقتَ ناهِه ڪا، ادا! اُني ري
سورُ سِلِتُنمِتي، جيلان ڳالهِه ڳَرِي ٿِي.
بيت - 8
مونکي جني مارِئو، سُڃاتَمِ سيئِي
پنوهَ پيڪانَ پَڇَنڊِئا، ٻَلَنِ تان ٻيئِي
ويڄَنِئون ويئِي، ٿِي وَهِيڻي سڄڻين.
بيت - 9
مونکي جني مارِئو، سُڃاتَمِ پاڻا
لوهُو لِڳَنِ ناهِ ڪِين، سنڌَ مڙيئي ساڻا
دارُونءَ جا داڻا، ڏِنِمِ هوتَ هٿنِ سين.
بيت - 10
پَرتَوو پنوهَ جو، ڪِين ڇائِين ڪِين اُسَ
قرِيباڻِي ڪُسَ، آهي ڪَرَ ٻَڪرَ ري.
بيت - 11
پرتوو پنوه جو، سَهائِي سِياهُ
مُنہ ڏيئِي مون آئيو، رنگارنگِي راهُ
پهرين ڏيندءِ پاهُ، پوءِ رڱيندَئي رَڱَ ۾.
بيت - 12
پرتوو پنوه جو، جهُڙَ جئن جهالا ڏي
آءٌ تنہ آريَ کي، وٺئو راهَ رُئان گهڻو.
بيت - 13
پرتوو پنوه جو، رُڳِيائِي راحتَ
ڀائيان ڏيهُه ڀَنوارَئون، ساڄَنَ لَئي صحتَ
مِٺي مصيبتَ، آهي آريَ ڄامَ جي.
فصل پنجم
بيت - 1
ريَ قريبَنِ قُوتُ ڪِئو، آءٌ ويٺي وِرهَه چَران
اِنِ عذابان اڳهِين، مادرِ! ڇو نه مَران
اديون! جو نه اَوان، سو مون سورُ سَرَتيون!
وائي - 1
توڙي نِينِ نه ڏِينِ، اَلو ميان!
آءٌ اُنِي جي آهيان، اَلو ميان!
زورِ هِنَ ضعيفِ سين، ڪاملَ ڪوهُ ڪَرِينِ
جَتَ پهنجي جُوءِ ۾، جانبَ مانَ جَٽِينِ
پِڪُ پَدَمَنِئان آڳَرِي، سُرڪِي مانَ سُڃِينِ
ٻانهي ٻاروچا پهنجِي، سڳِ مانُ سَڏينِ
پيرين آءٌ نه پڄڻِي، ڪَرهَلَ هو نه جهَلِينِ
بيت - 2
ريَ قريبنِ قوتُ ڪئو، ورهَ چران ويٺِي
ٻانڀڻِ کي ٻروچَ ري، ٿي ڏکنِ سين ڏيٺِي
تو پڄاڻا سپرين، آءٌ سورَنِ سانڀيٽِي
جا مَرضنِ مروٽِي، سا سرتيون! ڪيئن سَگهِي ٿيي.
بيت - 3
سرتيون! ڪيئن سگهِي ٿيي، ويڙهي جا وِرَهَنِ
چِتُ جنہ جو چُورُ ڪِئو، ڏکويو ڏکنِ
پڄاڻا پريَنِ، اَديون! اَگهِي آهيان.
بيت - 4
اَديون! اگهي آهيان، پِريَنِ پُڄاڻا
سي ڪوهيارا ڪِينَ وِئا، ساڄنَ سِياڻا
جي سسئيَ سِيباڻا، سي وڃي ڪيچِ قرارِئا.
بيت - 5
حقيقتَ هنَ حالَ جِي، جي ظاهرُ ڪريان ذَرِي
لڳِي ماٺِ مروئَنِ کي، ڏونگرَ پُونِ ڏَرِي
وڃن وَڻَ ٻَرِي، اوڀڙُ اُڀڙي ڪينَ ڪين.
بيت - 6
حقيقتَ هن حال جِي، جي ظاهر ڪيان زُبانَ
لڳي ماٺ مروئنِ کي، رسي سورُ شبانَ
ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَه، جبلُ سڀِ جَلِي وڃي.
بيت - 7
جي هَبِ نه هلڻُ سِکئا، سي جڏا ميڙِ جليلَ
لنگهائي، لطيف چَي، نِجَنِ ڪيچِ قليلَ
وساري وَسِيلَ، متان مارَڳِ ڇڏيين.
بيت - 8
ساريان ٿِي سبيلَ، پُرِ تقصِيرُون پاڻَ ۾
متان مونکي ڇڏيين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ
وَرُ وِلهِيَنِ جا وَسِيلَ، رَسُ رهبرَ راهَ ۾.
بيت - 9
اَچِئو اَچِئو چُونِ، وِهُ، وِئا ته گهورئا
سرتيُنِ سانگُ سُکَنِ سين، مون جئن رَتُ نه رُونِ
اُو مَرُ ويٺِيون هُونِ، مون سانگائِتُو سورَ ٿِئا.
بيت - 10
سرتيون سوراتِيَنِ جي، ڪُہُ ٿيون پَٿَرِ پُونِ
گهاءُ نه لَڳنِ گهَٽَ جو، رِيا مان ٿيون رُونِ
چيتارِئو نه چُونِ، پارَ مُهنجي پِريَ تان.
فصل ششم
بيت - 1
ڪنہ پَرِ رُئان پِريَ کي، روئِي نه ڄاڻان
مَٿي ڪِئو ڀُڻان، هَنجهُنِ هاڻا هٿَڙا.
وائي - 1
زارِي سا زارِي سا زارِي، اَلو ڀَلو،
ڪوهياري ساڻُ، آءٌ جا ڪنديَسِ زارِي
1. ڪينَ جِيان ٿِي جيڏيون! سورَ پِريان جي آءٌ مارِي
اُٺَ گُنگا ئي هَلِئا، بوتا هُئَڙَنِ بارِي
ڪَري ڪوهيارو هَلِئو، مون سين قيامت ڪارِي
مانَ وِرِمَنِ وِچَ ۾، اولاڻي سڀِ آرِي
هِندوئَنِ جئن هولِي ڪَري، مون ڌُوڻِ مَٿي تان وارِي
وائي - 2
آهيان ڏونگرَ ڏورِي، ماڻهو چُونِمِ ڀورِي
تنہ ڪوهياري کي ڪَهلَ پوي، جنہ جي ڏونگرَ
آهيان ڏورِي
نِهو نماڻِي پاڻَ سين، ڇپرِ ڇَڏِ هو مَ ڇورِي
روئِي رَڱينديَسِ رَتَ سين، ساڻُ چُواڪنِ چورِي
اديون! آرِيچَنِ جو، لالُ لڳوسون لورِي
ڪَسي ڪانُ ڪمانَ ۾، لائي وِئڙا لورِي
بيت - 2
ڪنہ پرِ رئان پريَ کي، اَندرِ ناهِ اُساٽَ
لُوهُوڪا لَڪَنِ تي، ويرِي مٿي واٽَ
ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏٺَمِ ڏکويَنِ جا.
بيت - 3
ڪنہ پر رئان پريَ کي، پَچَڻِ ناهِ پچارَ
اَندرِ ٿِي آهُون ڪَري، کاڻِي منجهه خمارَ
گِريي جِي گُفتارَ، ٻي ڀَتِ ٻاروچنِ ۾.
بيت - 4
ڪنہ پر رئان پريَ کي، پارُ نه ڄاڻان پَنڌُ
ڪيچينِ ڪارڻِ ڪنڌُ، نايو ٿِي نعرو هَڻان.
بيت - 5
ڪنہ پر رئان پريَ کي، پارُ نه ڄاڻان پيرُ
ڀَنَڻُ مون ڀيڙو ٿِئو، سورَنِ لايو سيرُ
آريَ لَئي اُليرُ، رقصُ ڀاڱي رَنَ جي.
بيت - 6
ڪنہ پر رئان پريَ کي، روئڻُ مون رياءُ
بَرَنِ ۾ بُڪاءُ، ٻِيَ ڀَتِ ٻُڌُمِ جيڏيون.
بيت - 7
سُڃَ وَسندِي تَنِ کي، جوشَ جلايا جي
طالبَ جي تحقيقَ جا، نِيہُ تَنِي وٽِ ني
ٽيڏِي پَسي ٽي، هو تان آهي هيڪَڙو.
بيت - 8
ٻيون ڏيئِي ٻَنِ کي، هَلِجِ پاسي هيڪَ
وَرُ نه سَهي ويڪَ، ٽيڏِي! ٽِيائون ڪَرين.
بيت - 9
اَڃا تون اَواٽَ، واٽان پاسي ويسَرِي
سونهِين ٿِي سُواٽَ، ته منجها دِل دُکُ لَهين.
بيت - 10
پانهِين پَسِي پَٻُ، متان ڪا مُڻڌَ ڏيين
اَڳِئان ڪَئي مَ ڪَٻُ، اِيُ قالِي آڏو ڪيچَ کي.
بيت - 11
ڏاڍي لُڪَ لَڪنِ جِي، پَٽَنِ پوءِ پَچاءُ
ڇَپرِ ڪوسو واءُ، هَرِئا تو نيڻَ ڪِئا.
سرود حسيني
فصل اول
بيت - 1
تان ڪِين ڳورِي ڇُلُ، جان لاڙائو سِڄُ ٿِئو
هاڙهي ڌاري هُلُ، وڃي ڪيچِيَنِ جو ٿئو.
وائي - 1
جي هوندَ ڏٺائون، وو جيڏيون! حالُ مهنجو
هِهڙو جِهڙو
1. چَڙهي نه سگهان چوٽِيين، مارَڳُ مٿاهُون
ڏُکيَ سندي ڏيجَ ۾، ڏونگرُ ڏنائون
ويندي ڪِيون وَڻَنِ سين، سسئيَ سُکائون
پنوهُ وٺِي پاڻَ سين، اچان جي آئون
ڏينديسِ شاخَ سڀڪهين، وَڻِ وَڻِ واچائون
هِينئڙو ڏندڻَ پاڙَ جئن، ڇڪي ڇِنائون
هينئڙو ڏاڙهونءَ گلَ جئن، ڇڪي ڇِنائون
هو جي پَهڻَ پَٻَ جا، مَڻِيا مُڪائون
هونِ سلامتَ سپرين، گهورَڙِي سا آئون
سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَہُ جو ڪِئائون
ٻانهُون ٻيلَ نه لايان، پنهلَ کي آئون
بيت - 2
لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿئو گهُتُون گوهيُون ڇَڏِ
لاهِه مَ لَڏو، لَڏِ، ته ڳاڙهي سِڄِ ڳالهه مِڙين.
بيت - 3
لڙُ مَ، لاڙائو ٿئو، هَلِي ڪرِ همتَ
سِڄُ سامُهُون مُنہَ ۾، متان ڪريين ڪَٿَ
سُپيريان جي سٿَ، ڳاڙهي سڄ ڳالهه مِڙين.
بيت - 4
لڙ مَ، لاڙائو ٿئو، وَرَ چُونڊيندِي وڃُ
آهي اِيُ اُهُڃُ، هاڙهي هلندِيَنِ جو.
بيت - 5
اُلَهِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏٺائين ڏونگرُ
سسئيَ کي، سيّد چَي، هو سُورن جو ثمرُ
ڪُٺَلِ رَکِئو ڪَرُ، ويچاريَ وڻڪارِ تي.
بيت - 6
اُلهي سڄَ اَويرَ، مَ ڪَرِ معذورِيَنِ کي
پَسِي مران پيرَ، ڏونگرِ ٻاروچَنِ جا.
بيت - 7
وِئو سِڄُ وَڻَنِ تان، راسِيُون رَتائِين
مونکي مارِئائين، اديون! اونداهي ڪري.
بيت - 8
وِئو سِجُ وَڻن تان، راسِن ڏيئي رڱُ
جنهه سان منهنجو سَڱُ، سو ڪوهيارو ڪيچ وِئو.
بيت - 9
پَٽي نه پيرونِ، اوڏِيَ ڇَڪَ نه ڇَمِئا
پوئِيون هِيُ ڀيرونِ، نيہُ نِڀائي هَلِئا.
بيت - 10
مرِي ٿينديَسِ مُڃَ، جتنِ ڪارَڻِ جيڏيون
ڪري ڪوهيارو سُڃَ، وئو ڇُلائي ڇَپَرين.
بيت - 11
ڏِٺَمِ ڏونگَرِيا، گهورِي هُيَسِ جَنِ جِي
مون لوڏائِين لنگهِئا، هِهڙا ٻاروچا
آيلِ ڪوهيارا، مون ڪَرَ-لاهُو آئِيا.
بيت - 12
وِئو ٻاروچو نِڪَري، هاڻي ڪريان ڪِيئَن
سِڄَ اُٿي سِيئَن، سَٽون ڏِيندِيَسِ سُڃَ ۾.
بيت - 13
ويٺي مون وِئو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تان
آءٌ ڏورِيندِي ڪيتَرو، پَهَڻِ پيرُ پِئو
سورَنِ ساڻُ سِهو، اچِي ٿِئُمِ جيڏيون.
بيت - 14
سرتيون! سُڄي سُڃَ، متان ڪا مون سين هَلي
پاڻي ناهِ، پنڌُ گهڻو، اَڳئان راؤ سُڄي رُڃَ
متان مَرِي اُڃَ، ڪا ڏي پاراتو پِريَ کي.
فصل دويم
بيت - 1
ڪِين ڌَرَتَتِي ماءِ، ڪين ڄَرَ سندي سَڄڻين
هَلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرَنِ وِچَ ۾.
وائي - 1
شاديَ جو سينگارُ،
آيلِ! آيلِ! مَرَڪُ مهنجو مون پرين
آهيين ڳَهُه ڳچيَ جو، ڏي هالورا هارُ
آهي اُگهاڙنِ کي، جانِبَ جو جنسارُ
آهيين کاڄُ بُکِئَنِ جو، تان تون طعامُ تيارُ
اعليٰ اڇو عيدَ ۾، دوسِتاڻون ديدارُ
حُسنَ هوتَ پنوهَ جي، ڪڪورِئو ڪوهيارُ
سُڃَ ڪِئائين سُرَهِي، واسئائين وَڻِڪارُ
ڇپرَ ڇَٽون مُڪِيون، عطرُ ٿئو اَوارُ
ڪوڙين ٿئا ڪيترا، نالي تان نثارُ
صدا صَلابَتَ ۾، گولِي گِرِفتارُ
گهوريان گَهرُ گهٽيءَ تان، اچي جي هيڪارُ
بيت - 2
مَٿِئان مَٿي مَچُ، ٻَرِنُمِ ٻاروچَنِ جو
مونکي طعنا تي ڏِهو، جي نه پَروڙهو سچُ
اَمَڙِ! اوري اَچُ، ته سِٽَ سُڻايَئِين سورَ جِي.
بيت - 3
مَٿي منجها مِيہُ، پَسو جئن پاڻِي وَهي
مون ڀانيو هِيُ نِيہُ، ڄِڀِيُون ڄيري سنديون.
بيت - 4
منجها مهنجي روحَ، جي وڃي ساڄنُ وِسَرِي
ته مَرُ لَڳي لُوهَ، ٿَرَ ٻاٻِيهو ٿِي مَران.
بيت - 5
لَڳِي مونکي لوهَ، وِرِهَ واٽُون لائِيُون
راضُ جنہ سان روحَ، سو ڪوهِيارو ڪيچُ وِئو.
بيت - 6
ٽِمَنِ نيڻَ، رَتُ وَهي، چُئاڪا ڪِئو
مونکي ڏَنءُ ڏِهو، اَئِين ٿا وڃو اوٺِيا.
بيت - 7
امڙِ! کوءِ گهَروءِ، مُونهان وَڃي ساٿَڙو
مون جئن تان نه ٻَروءِ، هِنيَڙو ڏِيي وَٽِ جئن.
بيت - 8
اَمڙ! وڃي آڻِ، چَرَکو آتَڻَ وِچَ مان
ڪِتُمِ جَهِين ڪاڻِ، سو ڪوهيارو ڪيچِ وِئو.
بيت - 9
پَهِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمڙ! مهنجي آسَري
ڏيئِي لَتَ چرکي، پُوڻِيُون پاڻِيَ پاءِ
ڪتم جهين لاءِ، سو ڪوهيارو ڪيچ وئو.
بيت - 10
پهي ڪا م پڃاءِ، اَمڙ! مهنجي آسري
ڏيئي ڪِين ڪَتاءِ، مونکي نيہَ نِهوڙِئو.
بيت - 11
ڪتَڻُ ٻَنِ ڪَپاهُ، کوءِ آتڻُ، ٻَنِ جيڏيون
ساڄنَ مهنجو ساهُ، هاڃي منجهِه هَڄِي وِئو.
بيت - 12
آتڻِ چُونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان تَندُ نه نڪري
پاڻا رئِي: رَتُ، چرکو مون چِڪَ ڪِئو.
بيت - 13
کوءِ هاڙهو، ٻَنِ هوتُ، کوءِ پنوهُ ٻَنِ پِريَتڻو
مادرِ! مون موتُ، پَسَڻا پِرائيو.
بيت - 14
کوءِ ٻولِي، ٻَنِ ٻروچُ، گهورِي ذاتِ جَتنِ جِي
مونکي چَئِي لوچُ، پيهِي وِئا ڇَپرين.
بيت - 15
جئن جئن تَپي ڏِينہُ، تئن تئن تاڻي پنڌَ ۾
هو اَڳانجهو نِيہُ، ٻانهيَ ٻاروچَنِ سين.
بيت - 16
جئن جئن ڀِڄي راتِ، تئن تئن تاڻي پنڌ ۾
ڀورِيَ ٻي نه تاتِ، جيڪا سا جَتنِ جِي.
بيت - 17
نه ليکو ئِي ٿئو، نڪو تَتو ڏِينہُ
تِهان اوري نِيہُ، ڇِنو آتَڻَ وارِيين.
بيت - 18
جان جِيين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ رِي
تَتي ٿَڌيَ هَلُ، ڪانهي ويلَ وِهڻَ جي.
بيت - 19
تتيَ ٿڌيَ ڪاهِ، ڪانهي ويلَ وِهڻَ جِي
متان ٿِيي اونداهِ، پيرُ نه لَهين پريَن جو.
فصل سيوم
بيت - 1
ڪو گهمندي گهورُ، آيُمِ ٻاروچَنِ جو
ڇَڏينديَسِ ڀنڀورُ، هِنيُون هِتِ نه وِندُري.
وائي - 1
لڳو منجهه لَڪَنِ،
آيلِ! آيلِ! تازو پيرُ پنوهَ جو
نه ڪِنہ واءَ وِڃائِيو، جهورِئو تان نه جهَڪُنِ
کِہَ کَٿورِيان اَڳَرِي، هاڻِي جا هوتَنِ
بورائو بَرَنِ جو، رڙهِئو منجهِه رَندَنِ
بيت - 2
مون جي ڪِئا سَڏَ، ڀنڀورا ٻَهَرِ ٿِي
ٻاروچاڻِي لَڏَ، لَڪَ سوارا لَنگهِئا.
بيت - 3
ڇَڏِئو جنِ ڀنڀورُ، ڇَپرُ تَنِ کي ڇاڙِڪِي
هَمَ غَمُ لَٿُنِ هورُ، وَڃي ڪيچِ قرارئا.
بيت - 4
ڀنڀورا ٻَهَرِ ٿِي، مون جي سَڏَ ڪِئا
سي جي هوت سُئا، ته هوند نه وِئَڙو نِڪري.
بيت - 5
ڀنڀورُ جَنِ سُکنِ، مونکي سا ٿا گهارِئو
هاڻي ساڻُ ڏُکنِ، تان ڪِين ڏونگرُ ڏوريان.
بيت - 6
ڀينرُ! ڀنڀورا، ڀڄو تَه اُبَهو
اڳي هن ماڳا، سَرَتِيَنِ سورَ پِرائيا.
بيت - 7
ڀينر! هن ڀنڀورَ ۾، دوزخَ جو دُونهون
سَوارو سُونهون، پُڇِي پورِجُ سسئي.
بيت - 8
ڀينر! هن ڀنڀورَ ۾، گهايَلِ ٿِي گهارِيان
سَڄَڻَ جي سانگِ وِئا، سي ئِي ٿِي سارِيان
سي ڪئن وِسارِيان، جي وَٽان مون واٽَ ٿِئا.
بيت - 9
ڀنڀورا اُجاڙُ، سرتيون! سَڳرُ ڀانئيان
مون سين تنہ پهاڙُ، ڏُکان هَڏِ نه ڏورِئو.
بيت - 10
اُجاڙا ڀنڀور“، سرتيون! سڳرُ ڀانئيان
آرياڻي اَتورُ، ڏِٺُمِ جَتُ اَکينِ سين.
بيت - 11
لَڳينءَ لاڳاپي، ڀورِي مُنڌَ ڀنڀورَ جي
پِرين وِڃايو تي، ڏکي ڏوريين ڏونگرين.
بيت - 12
ڪُلهنِ ڦاٽو ڪَنجِرو، مٿو اُگهاڙو
مهنجو ڪڄاڙو، ڀينرُ! هن ڀنڀورَ ۾.
بيت - 13
ڀُلِئو سڀُ ڀنڀورُ، جو پُٺِيَ هوتَ نه هَلِئو
شهرَ سُڃاتو ڪينَ ڪِين، آرياڻي اتورُ
ماڻِئو تَنِي مورُ، جَنِي ديکِئو دِل سين.
بيت - 14
جَنِي ديکيو دِل سين، پُٺِيَ سي پيئيُون
ته پڻ ٿي ويئيون، جي پنوهَ پاڻُ لِڪائيو.
بيت - 15
برو هو ڀنڀورُ، جو آرياڻِيَ اُجارِئو
لاٿو سَڀُ لوڪَ تان، هاڙهي-ڌڻِي هورُ
ڇوريُون ڇُرَڻُ سِکِيون، پرين ڪِئائون پورُ
آيو سو اَتورُ، جنہ ڏُکيون ڏِکَ وِهارِيون.
فصل چھارم
بيت - 1
لَڄايا مُونهان، ساجهُرِ ٿي سيڻَ وِئا
پييَنِ ڀنڀورا، سُڌِ مهنجِي ذاتِ جِي.
وائي - 1
هوتَ هوتَ! اي هوتا! ڏِينديَسِ ماهُ مِروئنِ کي
آءٌ جَرا جِيُّ ڪَري
ڏيئِي باهِ ڀنڀورَ کي، آءٌ آيَسِ تو ڳَري
آرياڻيَ پنوهَ ري، مونکي سرتيون! تان نه سَري
جَنڊي پايو جانِ ۾، ڏکي ڏکَ ڏَري
آءُ اورانهون سپرين، وڃُ مَ پِيَّ پَري
مون ڏٺي، مون وِسَهو، وِرچِي تان نه وَري
ڏکيَ جي ڏيکاريين، ڌارا مُنہَ مَري
پِيالي پريَنِ جي، موهِيَسِ ميٺَ ڪَري
آريءَ جي عشق جي، مونکي اندرِ آڳِ ٻَري
توکي توءِ نه ڇڏيان، جي وڃان پڻ پَري
ڌَڙُ وجهنديَسِ ڌُوڙِ ۾، مٿو ڌارَ ڌَري
هَلَڻُ سُڻِي هوتَ جو، ڏکِي پَسُ ڏَري
پِرين کڻجُ پاهِنجيُون، اکيون ٻاجهَه ڀَري
بيت - 2
هُيَسِ جي آئون، ٻانهي ٻاروچَنِ جِي
هوندَ نه ڇَڏِئائون، ڏُکيَ کي ڏکنِ ۾.
بيت - 3
آءٌ جي هُيَسِ هَڏُ، اَديون! آريچَنِ جو
ساٿَ لڏِيندي سڏُ، مانَ ڪوهيارا ڪَرينِ مون.
بيت - 4
هُيَسِ جي سِياءَ، ته ڪِئُمُ ڏکُ ڏيرنِ تي
ادبَ وچانِ اُنِ سين، ڳالهِه نه ڪِيَمِ ڪا
ذاتِ مهنجِي ماءَ، ڪَچو ٿِي ڪيچينِ کي.
بيت - 5
اوٺِيَنِ اُمارو، مون جهَليندي نه رهِئا
ساٿِيَنِ سَوارو، ڪِئو ڪيچُ اَکينِ ۾.
بيت - 6
ساٿِي توءِ هَلَنِ، پَٿَرُ جِي واڙَ ڪريان
جيڪسِ ٻاروچَنِ، ڪو ڏِٺو عيب اَکين سين.
بيت - 7
ساٿينِ سَئِين نه جاڳِي، پوءِ ڪُڄاڙِئا روءِ
اِيَ پَرِ ڪُپَرِ هوءِ، جئن هو سانگِي تون سُمَهِين.
بيت - 8
ساٿِي نه پَسان سي، جي هُيَمِ هِنينِ ٿوڻِيون
هاڻي ڪَنِي جي، وِڃئو اَڱڻِ اُڀِيان.
بيت - 9
آنڪي ساٿِي ڏِٺَ، جي مون ويڙهِه وڃائيا
رُئان رَتُ مَڃُٺَ، هاڻي تَنِ هوتنِ کي.
بيت - 10
مون سَڏيندي سَڏڙا، ساٿِي سڏُ نه ڏِينِ
وِلهِي جي وٿاڻَ تي، توڏَ نه تنوارِينِ
هيڏا هاڃا ٿينِ، بُري هِنَ ڀنڀورَ ۾.
بيت - 11
ڪَهان تان ڪيچان پري، وِهان تان وَٽِ مون
ڀُلِي ڏوريَمِ ڀُون، عبثُ آريَ ڄامَ ري.
بيت - 12
ڪَهان تان ڪِيچان پَري، سُمَهان تان سِرَ هيٺِ
ٻاروچي سين ڏيٺ، جيڏيون! جيهَي پَرِ ٿِي.
فصل پنجم
بيت - 1
ليڙَنِ لنگهِي لَسَ، مانباڻان مَٿي ٿِئا
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿئا، پنوهُ ڄامُ پَهُسَ
هئا وَڏي وَسَ، ٻاروچا ڀنڀورَ ۾.
وائي - 1
پنوهُ پريشانُ، ٻَرِ ٻَرِ، نڪو خانُ نه مانُ
هَي هَي! حال مهنجو، پنوه پريشانُ
مونکي بُکَ بوتَنِ جِي، نڪِي ڀانيان نانُ
صحرا شهرُ ڀائيان، مون ليکي ميدانُ
رُئان ٿِي رِڃُنِ ۾، آريَ لَئي عُريانُ
پِٽِيان مُنہُ پَسَڻَ لئي، هتي ٿِي حيرانُ
آهي آريَ ڄامَ جو، مونکي ڪارِي ڪانُ
ديوانِيَ کي دِلِ ۾، سورَنِ جو سامانُ
وِجهُجِ پِڪَ پَينارَ تي، پريَمِ! کائِي پانُ
ڪڏهن ٿيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيَ جو مڪانُ
آهِيين عبداللطيف کي، اڳئان تون اڳوانُ
بيت - 2
وڏي وَسَ هئا، ٻاروچا ڀنڀورَ ۾
وڃي ڏورِ پئا، سانگنِ پُٺِيَ سُپرين.
بيت - 3
سانڍِ پهنجي ساهِ، ٻانهِين ٿِي ڀورا ڪريان
واڳيون جي وَرَنِ سين، تَنِ سرتينِ سيڄَ سُهاءِ
مونکي طعنا تي ڏيين، مون جئن مُٺِيَن نه ماءِ
آريَ جِي آڪاهِ، رُلايَسِ رَهَنِ ۾.
بيت - 4
ماءِ! وِهاڻون وارِ، کڻُ پَٿَراڻِي پاهنجي
جيڪي ڏنئي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سارِ
وڃان ٿِي وڻڪارِ، ڏِٺِمُ پيرُ پنوهَ جو.
بيت - 5
ڇِپُون ڇَپَرَ- کَٽَ، پَهَڻَ پَٿِراڻِيون ڀائِيان
سيڻنِ جِي سَهَٽَ، ڏونگرُ ڏوئِلِي مون ٿئو.
بيت - 6
ڏِني سِڪَ سسئيَ کي، ٻيلِياڻي ٻَروچَ
لوڪُ وِچائِين لوچَ، نيئي پَهچائي پنوهَ کي.
بيت - 7
مسافِرَنئون ماءِ، وِرهُه وِهايُمِ وِتَرو
اچي ٿِيَمِ اوچتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين سانڃاءِ
جِيجان! جهَلَ مَ پاءِ، هِنيون هوتَ هَڻِي وِئا.
بيت - 8
ڪئن اَڙايُئِي پاندُ، پَلئي پرڏيهِيَنِ سين
مَتيُون مُوڙهيئِي سسئي، ڪِئوئي ڪوهيارو ڪاندُ
رُلَڻُ ڀانيُئِي راندُ، ٻانڀڻِ! عشقُ ٻروچَ جو.
بيت - 9
مهنجو پاڙيچَنِ، ڪَچو ڪونه ڍَڪِئو
پاسي جَنِي پنوهَ جي، ذاتِ سَلِتِي جَنِ
تيلان ٻاروچَنِ، نِڌَرِ ڇَڏِي ننڊَ ۾.
بيت - 10
حسينيَ جِي هاڪَ، مادرِ! مارِي آهِيان
ڏِينهان ڏورڻُ ڏُکَ سين، راتيان چِڪَنِ چاڪَ
ڊِڄان ڀَرِ فراقَ، متان پوئِمِ پِريَ سين.
بيت - 11
جيڪي فراقان، سو وِصالان نه ٿِيي
اَچِي اوطاقان، مونکي پِريَنِ پاڻَ پَري ڪِئو.
بيت - 12
ڦِرِي آءُ فِراقَ، مونکي وِصالان وِچُ پئو
جي ٿي چِڪِئَمَ چاڪَ، سي پِريَن گڏجي پورِئا.
فصل ششم
بيت - 1
آيا آسَ ٿِئامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾
پَسِي پَهرَ پنوهَ جِي، نُہ سِيئَن نيڻَ ٺَرِئامِ
گوندرَ وِسِرِئامِ، سُکَنِ شاخون مُڪيون.
وائي - 1
ڪوهياري جي ڪا، مارينديَمِ ماءِ،
جا مَنَ اندرِ ڳالهڙِي
چڙهان ڏونگرَ چوٽِيين، سُپيريان جي ساءِ
نهارِينديَسِ نِڪَڻِي، هاڙهو هوتَنِ لاءِ
پانڌيئڙا پيرُ ڀري، پِريان کي پَهُچاءِ
موليٰ! مونکي ميڙيين، سندِي جانبَ جاءِ
هوتَ هَلنِ، آءٌ وِهان ته ڪا ايئن جُڳاءِ
سسئيَ جي سِرِيَ کي، اوڏاهِين اُٺاءِ
پيراندِيَ پنوهَ جي، مهنجو لوڙُه لَٽاءِ
بيت - 2
ڏيکارِئُسِ ڏکَنِ، گوندرَ گَسُ پَريَنِ جو
سونهائي سورَنِ، ڪِي هيڪاندِي هوتَ سين.
بيت - 3
ڪَنِي ڪَنِي ماڻهئين، گوندرُ وَڏِي وَٿُ
ٻَڌِي گوڏِ گَرَٿُ، ساٽو ڪِجي سورَ جو.
بيت - 4
سورَ مَ ڏي ڌُوڻَ، آءٌ اڳهِين ڪانهَرِي
جا پَرِ پاڻيَ لُوڻَ، سا پَرِ مهنجي جندِڙي.
بيت - 5
سورَ مَ وڃيجاهُ، سڄڻَ جئن سانگِ وِئا
پِريَ پُڄاڻا، آءٌ اَوان سين اوريان.
بيت - 6
سورَنِ سانگهارو، ڪڏهن تان ڪونه ڪِئو
آيلِ! اوڀارو، ٻاڙوڌو ٻوڙَ وَهي.
بيت - 7
سانگهارو سورَنِ، ڪڏهن تان ڪونه ڏِنو
ٻائِڙَ ٻُوڙَ وَهَنِ، ڪالهوڻا اَڄُ گهڻا.
بيت - 8
سورَ نه ساڱاهِينِ، ڏِينِ اُڌمان اوچتا
مونکي مون پِريَنِ جا، اَمَيا آهِينِ
لَڄُون جي لاهِينِ، سيئِي ٿِئَمِ سامُهان.
بيت - 9
سورنِ لَڌو سَجهُه، پاڻهي پيهِي آئيا
ڪَنہِ کي ڏيان منجهه، مَرُ ٿا چُڻِڪَنِ چِتِ ۾.
بيت - 10
سورَ مَٽجُ ساءُ، آءٌ نه وِڪَڻِي آهيان
وڃو مَ ويلَ ڪَهِين، وِرِهَ مون وَٽا
تون پڻ تڏهن جاءُ، جڏهن ٿيان هيڪاندِي هوتَ سين.
بيت - 11
سورَ پِه ڀَتوڀَتِ، هِيُ چُڻِڪو ڪِين ٻئو
پِريَتَڻِي پِريَنِ جي، ماءِ! مُنجهايَمِ مَتِ
ڀينرِ! ڀَليَ ڀَتِ، لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
بيت - 12
لڳمِ ٻاڻُ ٻروچَ جو، ڪرها ٿيا قَضاڪَ
اُهکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پوءِ مَ ماڪَ
اَکَڙِيَنِ خوراڪَ، پَسَڻُ پرڏيهِيَنِ جو.
بيت - 13
لڳمِ ٻاڻ ٻروچَ جو، اَمڙِ! پَلِ مَ مون
سڀِ رڱينديَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون
مادرِ! مٿان مون، لَڪَنِ لوڏُون لائِيون.
بيت - 14
ڏُکُ لڳو، ڏونگرُ ٻَرِئو، ڀينرُ کاڻِي ڀُون
مَنان لاٿو مون، سَندو جِيَڻَ آسرو.
بيت - 15
ڏُکويُون ڏيهان، جيڪسِ لڏي ويئيون
هاڻي ڪَنِ مُلا، پُڇان پَريَنِ خَبرون.
بيت - 16
ڏُکيون جان نه مِڙنِ، تان تان ڀَنڻُ نه ٿِيي
ٻِيون هُهِين هٿَ هڻنِ، رُونديون روئڻَ واريون.
بيت - 17
سورَ وِرهايان سَرتيون! جي وِرهايا وڃنِ
ٻِيون ڪوهُ ٻُجهنِ، جَنِ سندا، تَنِ سامُهان.
بيت - 18
ڀيري ڀيري ٻَڌُ، سورائِتِي سَندِرو
ڪيچُ اَڳاهون پنڌُ، متان لَڪنِ سين لڳِي مرين.
بيت - 19
ڀيري ٻنڌُ ٻِهارَ، سورائتي سندرو
ڏونگَر تُهان ڌارَ، ڪانه ڏوريندي ڏُکَ سين.
فصل ھفتم
بيت - 1
پُڇنِ سي پَسنِ، جڏهن تڏهن پِريَن کي
ڏورِيندِيون ڏِسنِ، اَڱَڻَ عجيبنِ جا.
وائي - 1
مهنجي حُجتَ ناهي واٽَ، ڪانهي واٽَ،
جِيجان! تَنِ جَتنِ سين
تازو پيرُ پنوهَ جو، لُڙئو مَنجهِه لُڙاٽَ
مارِئو ڪِيَمَ مُٺيَ کي، ڪيچِي ڪاهي ڪنواٽَ
نهارِينديَسِ نِڪَڻِي، ڳوڙهَنِ ڀَرئو ڳاٽَ
ڏِٺَمِ ڏکويَنِ جا، ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ
بيت - 2
پُڇِئو ئي تان پُورِ، نا ته پُڇڻُ هوءِ مَ پرين کي
ڏورڻَ وارِيون ڏُور، هَڏِ نه آهِينِ هوتَ کي.
بيت - 3
ڏوريان ڏوريان، مَ لَهان، شالَ مَ مِلان هوتَ
مَنَ اندرِ جا لوچَ، مَڇُڻ سا ماٺِي ٿِيي.
بيت - 4
ڏوريان ڏوريان، مَ لهان، ساٿِي ڪالهوڻا
لاهي لاڏوڻا، سَرِ ڪَنہِ سانگِ وِئا.
بيت - 5
آءٌ ڏورِيين، شالَ مَ لَهين، پرين هُئين پَري
هَڏِ نه ساهَ سَري، تَنَ تَسلِي نه ٿيي.
بيت - 6
آءٌ ڏوريين، شالَ مَ لهين، تَنَ مَ مِلين تون
لُنءُ لُنءُ منجها مون، لوچَ تهنجِي نه لَهي.
بيت - 7
آءٌ ڏوريين، شالَ مَ لهين، ساڄَنَ! مَڃِ سوالُ
سُکُ نه اچي ساهَ کي، ٿِيي جانِ زوالُ
وِهاڻِيَ وصالُ، اُٿِيان آرامِي ڪَري.
بيت - 8
ڇَڏِيَمِ حُجَ هَلَڻَ جي، چَکِئمِ چاڙِهيڪا
اَديون! آڙِيڪا، هِنئڙي پِئَمِ هوتَ سين.
بيت - 9
ڇڏيَمِ حُجَ هلڻَ جي، چاڙهيڪَنِ چَڙهي
آڙيڪَنِ اَڙِي، پييَسِ هوتَ پنوهَ سين.
بيت - 10
ڇڏيم حجَ هلڻ جِي، چاڙهيڪا چکئامِ
آرياڻيَ جي آسري، ڏونگرَ ڏِينہَ لڳامِ
پُڇِجُ پرين سندامِ، ويٺِيَسِ وِکَ نه اُپِڙي.
بيت - 11
ويٺيَسِ وک نه اُپڙي، اَڄُ آرياڻِي آءُ
چُڪيَ توسين چاءُ، پاسي ڀَرِ پيئِي رڙهي.
بيت - 12
جيڪا ڪندِي نِيہُ، مون جئن ٻاروچَنِ سين
سِڪَڻُ سارو ڏِينہُ، چڙهڻُ چاڙهيڪنِ تي.
بيت - 13
جيڪا ڪندِي سَڱُ، مون جئن ٻاروچن سين
اَنگهُنِ چاڙهي اَڱُ، رُوندِي سا رتَ-ڦُڙا.
بيت - 14
جيڪا ڏيندِي منجهُه، مون جئن ٻاروچَنِ کي
مَٿان ڳَلَنِ هَنجهُه، ڪين لاهيندِي ڪڏهين.
فصل ھشتم
بيت - 1
آتَڻُ اورانگهي وِئا، آءٌ ٿي مران ماءِ
پِٿُون ٿينديَسِ پيرَ تي، هَي هَي ڪري هاءِ
جِيَڻُ مون نه جُڳاءِ، پَريَنِ تان پاسو ڪِئو.
وائي - 1
مونکي ڇَپَرِ تان مَ ڇَڏيجا
ٻاروچا! پَلئه لڳِي آهيان
ڇورِي ڇِنِي آهيان، نِيہُ نِباهي نيجا
ڇورِي ڇني آهيان، لَکَڻُ ڇوڙائيجا
پنوهُ مهنجو آن سين، ساٿُ سلامَتَ نيجا
مون تان وَڙُ وڃائِيو، اَئِين پهنجو وَڙُ ڪريجا
جوڳِيَ ڪو ويسُ ڪري، سِگهَڙِي سارَ لهيجا
آرياڻي، عبداللطيف چَي، مون تي وَهلِي وَرِ ڪريجا
بيت - 2
آتڻُ اورانگهي وئا، اَڱَڻِ مون افسوسُ
ديوانِيَ سين دوسُ، ساٿِي آهي سُڃَ ۾.
بيت - 3
آتڻ اورانگهي وئا، پُٺيَ توڏَنِ تاڻِ
وِهُ مَ مُنڌَ ڀنڀورَ ۾، هُنِ پَهُچنديَن هاڻِ
رائي منجهِه رهاڻِ، هَلُ ته ٿِييئِي هوتَ سين.
بيت - 4
آتڻ اورانگهي وئا، ڪَري ڪميڻي ڪِيئن
هاڻِ گهرجي هِيئن، ته ڏِجي باهِ ڀنڀورَ کي.
بيت - 5
آتڻ اورانگهي وئا، پارِي ڇڏي پوءِ
آريچا اُٺَنِ تي، هِيَ تان جَڏِي جوءِ
ڪِين هَلي، ڪِين هٿُ کڻي، ڪِين رِڙهي ڪِين روءِ
ڪو پنوهَ کي چوءِ، ته مُٺيَ ماتمُ آئيو.
بيت - 6
ڄاڻِي سُڃاڻِي، مونکي ڇڏي هَلِئا
اديون! آريچنِ لَئي، آءٌ کُوري جئن کاڻِي
پاهَڻَ ۾ پاڻِي، هارِيون! هارَڻُ آئيو.
بيت - 7
ڄاڻي سڃاڻي، مونکي ڇڏي هلئا
آءٌ ڪِئن ڇڏيان پاهنجو، اديون! آرياڻِي
ڀَرِمُ جو پاڻِي، سو ڪيچَينِ ڪمِ نه آئيو.
بيت - 8
ڄاڻِي جو ڄاتومِ، ته ڪو پُوندو فَلَقُ فراقَ سين
اَکَرُ اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتومِ
پوءِ تان ڪونه ڪِئومِ، هوندَ ڪشالو ڪيچَ ڏي.
بيت - 9
وارو وڃنِ ٿا، سيڻَ تهنجا سسئِي
هِهِڙا ٻاروچا، ڪينَ لهنديَن ڪي ٻِئا.
بيت - 10
واري ورائي، تو پهنجا نه ڪِئا
ڀورِي! رنجائي، هوندَ نه پِيين هيتَري.
بيت - 11
جِئائِين واري وَڳَ، اوٺِي ٿِئا ڇُلَنگِيُون
مَٿي تِنہ مارَڳَ، پَئِي پُرزا نه ٿيين.
بيت - 12
دُکائيندي دُونهڙا، مُنڌَ سِيراڻِي وڃُ
اِيُ پَرياڻون مَ ڀَڃُ، ساٿُ چڙهندو لَڪِيين.
بيت - 13
ڇِڄُ مَ قطارا، ساٿُ چَڙهندو لَڪِيين
مَڇُڻ ٿيين پُئا، وَڳَ وائوٽِي نه لَهين.
بيت - 14
ڪا جا ڪِئائون، وائي واري وِنگُڙِي
آيلِ! تِنہ آئون، ٻوليَ ٻاتاڙِي ڪِئِي.
بيت - 15
وائي واري ونگُڙِي، ٻولِي ٻِي نه ڪنِ
الا! ڪيچَ- ڌڻينِ، مون سين پوءِ مَ مامِرو.
بيت - 16
ڪا جا آندِي، ڪيچيين، وَڻِڪاران وائي
سُڻِي مون سائِي، نيڻين ننڊَ وِهُ ٿِي.
بيت - 17
پُڇِئوئِي جان ٻروچُ، تان پاسي ڪَرِ پرهيزَ کي
گَڏئُئِي جي هوتُ، ته دَينَ سڀِ دورِ ٿئا.
بيت - 18
هَلو ۽ مَلو، ڏُکُ مَ پَسو ڏوٿِيا
سُونهون جو ساٿَنِ جو، سو مون هوتُ سَلو
آن پڻ ٿِيي ڀَلو، آءٌ پِه گَڏِجان پِريَ کي.
فصل نھم
وائي - 1
شالَ هاڙهي پوءِ پچارَ، پيئِي تَوارَ،
ڪميڻيَ جِي ڪيچَ ۾
اُٺَ چارِينديَسِ اُنِ جا، مَيا جهلِ مَهارَ
اَڙِئا آهِينِ اَنگُ ۾، هن ويچارِيَ جا وارَ
سسئي ميڙِيين ساٿَ کي، شرمَ ساڻُ ستارَ
ڪميڻيَ جو ڪيچَ ۾، ڪونهي ڌَڻِيان ڌارَ
مَيَنِ جِي، مِيان مَنڱِئُلِ چَي، ڪاڏي ويئي قطارَ
بيت - 1
ڪاتِيَ تان نه ڪَنهِين، مَنُ وِجهُلَڻَ وَڍِئو
ماريَسِ سورَ تَهِين، جو نه جِياري جيڏيون.
بيت - 2
ڪاتيَ تان نه ڪُٺو، ماءِ! مهنجو جِندَڙو
جَنِي ماءِ مُٺو، سي جَتَ نه پَسان جُوءِ ۾.
بيت - 3
جِيُ مهنجو جَنِ، اَنگڙِيارِئو وَڍِئو
پڄاڻا پريَنِ، سِبان سَڄو نه ٿِيي.
بيت - 4
اَچِئو مَر اَچنِ، ٻاروچا ڀنڀورَ ۾
پُٺِيَ لَڳِي جَنِ، ڪميڻي ماڻهو ٿِي.
بيت - 5
رو وِسانئِي راندِ، پَهَه پَروڙجِ ساٿَ جا
هوتَنِ سين هيڪاندِ، هُيَمِ ٻَٽي ڏِينهڙا.
بيت - 6
روئَڻُ ۽ راڙهو، مون نِماڻِيَ نِجهُري
ڪُٺَلِ کي قلبَ ۾، قربَ جو ڪاڙهو
هوتَن لَئي هاڙهو، رِجائيندِيَسِ رَتَ سين.
بيت - 7
روئِي ڪنديَن ڪوهُ، هاڻي ڪو هوتُ وري
جيڏيون! جيڏوئِي ڪِئو، ساڻُسِ سيڻُ سِتوهُ
ڊوهِي اَٿِئان ڊوهُ، متان ڪا مون سين ڪري.
بيت - 8
رُئان تان راندِ، کِلان تان کامي هِنيون
اَکڙيون ويساندِ، پِريَ گَڏِجِي ڪنديون.
بيت - 9
اَکيَنِ ڪِينَ ڪِئو، رَتُ نه رُنائون
اُڀِي ڏِٺائون، ڦوڙائبا سُپرين.
بيت - 10
کاڻِيون لوٺِيون اَکيون، ڪُٺِيون ڪينَ ڪُڇَنِ
مُٺِيون ماٺِ نه ڪَنِ، هَيون رَهنِ نه هوتَ ري.
بيت - 11
وَسِي وِساڻِيون، رَتو روئي پِريَ کي
پييُون کڻَنِ پَٻَ ڏي، نَظَرَ نِماڻِيون
سي ڪيئن ٻيلِياڻيون، جَنِ ويندو هوتُ نه وارِئو.
بيت - 12
کاڻِي مَ کايو، مُٺيَ مَڱَرُ مَ ڏِهو
هيڪَرُ اُجهايو، ڏيئِي ٻُرَ لُهارَ جِئن.
بيت - 13
کاڻي کيرِنِ هيٺِ، ويٺِي روءِ رَتَ ڦُڙا
ڪا مَ ٿيندي ڏيٺِ، ٻيهرَ ٻاروچَنِ سين.
بيت - 14
پنوهَ پيرَڙِيُون، گهَرِ گهمندي جي ڏِنيون
سي مون سيرَڙِيُون، نِتُ نهارَنُ پيئيون.
بيت - 15
مُيَسِ مَرِ مَران، سُيَسِ وِچِ سَرِتيين
پورهَتِ ٿِي پَران، پاڙي پنوهَ ڄامَ جي.
بيت - 16
مارِهو جي معذورِ، ته هيڪاري هورُ لَهي
ساڄَنَ! اَهنجي سورِ، ڪين جِيان ٿِي ڪيچِيا.
بيت - 17
نَڪِين ٿِي جِيان، نَڪين مُئِي آهِيان
ساڄنَ! ساهُ ڏِيان، توکي سارِئو سُپرين.
بيت - 18
تون جي ڪالَ مُئِي، ته ڪالَ ئِي گَڏِي پِريَ کي
ڪڏهن ڪانه سُئِي، ته سَگهِي گَڏِي سَڄڻين.
بيت - 19
اڳي پوءِ مَران، مَرُ مران مارَڳَ ۾
مَٿي پوءِ پِريان، خونُ مهنجو جيڏيون.
بيت - 20
مَرُ مَٿا ڏيئِي، پنوهَ ڪارڻِ پَٻَ ۾
سَرتيون سڀيئِي، واکاڻِينِئِي ويٺيون.
بيت - 21
سُتيَ تان نه سِياءُ، جي ڪوهيارا ڪيچَ جا
اَنگهُنِ چَڙِهئو آءُ، جي نالو ڳِيڙُءِ نيہَ جو.
بيت - 22
مٿان جِيُ جَتنِ، گهورِئو گهوري سسئي
پازِي جي پنوهَ جا، ڪارُون ڪري تَنِ
ڪيچِ متان ڪاڪَنِ، بي شُڪرِي ڀنڀورِ جِي.
فصل دھم
بيت - 1
واڪِئو واڪِئو وِکَ، پاٻوهِيو پيرُ کڻي
سي نه چَڙهنديون ڏِکَ، موڙي پيرُ مَرنِ جي.
وائي - 1
وڃِي وڃِي ويٺڙِي تِتي، جتي پيرُ نه سُڃاتائين پريَن جو
پيرُ نه سڃاتائين پريَن جو، منجها نِيہَ نِرَتي
هو وِئا وَڻڪار ڏي، هِنَ ڀورِيَ ڀانيان هِتي
جنہ ڇيري وِڌِيَسِ ڇَپرين، سو پَسان ڪوهيارو ڪِٿي
آما، ليما، ڦُلَ ڦارُوها، ڳانڱا رانڱا جِتي
مَرِي رهندِيَسِ ماڳهِين، نا ته هادِي اَچِجُ هِتي
مونکي ڇڏي هَلِئا، ڪا پييَنِ مٿي پِتي
بيت - 2
وِجهُه وَڌندِي وکَ، مَڇُڻ لِکَ لَکائِيين
ڏُکُ تَنِي کي ڏِکَ، حُبُ جَنِي کي هوتَ جو.
بيت - 3
واڪو هَڏِ مَ لاهِ، سَڏَنِ مٿي سَڏَڙا
مانَ تهنجِي ڪا، سَڳَرَ ۾ سارَ ٿِيي.
بيت - 4
سَڏَنِ پُٺِيَ سَڏَڙا، واڪو منجهه وَڻين
سڄڻُ پنڌِ گهڻين، مانَ ڪوهيارو ڪُوڪَ سُڻي.
بيت - 5
ڪوهيارو ٿِي ڪاتُ، مُيون مارڻَ آئِيو
هوءِ مَرُ هوتُ حياتُ، آءٌ مُيائِي گهورِي.
بيت - 6
وِهِين ۽ ويلا ڪَريين، پُڇِين ٿي پانڌِي
هارِي هيڪاندِي، ڪِنہ پَرِ ٿينديَن هوتَ سين.
بيت - 7
وِهين ۽ ويلا ڪريين، اِيَ نه اُڪَنڊَ آهِ
سي لاڳاپا لاهِ، اورِئان اُڀِيارينِ جي.
بيت - 8
وِهين ۽ ويلا ڪريين، سَڏِيين سانگاتُو
هارِي آپاتُو، توسين سُونهَنِ سسئي.
بيت - 9
پاڙي ناهِ پَرورَ، ته ڪا راتِ رنجائِي گُذَرِي
ٻانڀڻِ ٻروچنِ جي، گهائي وِڌِي گهُورَ
هِڪَ سسئي ٻِئا سُورَ، وِئا پِٽيندا پاڻَ ۾.
بيت - 10
پاڙيچيَ روئِي، چاڪَ مهنجا چورِئا
پَگهرُ وجهنديَسِ پريَن جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي
ساڄنَ! سڀوئِي، ساهُ آن تان صَدَقو.
بيت - 11
اَڄُ نه مون قرارُ، ڏٺُمِ سچو ساٿَ ۾
نَهِي ويٺا بارُ، مٿي ساڻيهَه سُپرين.
بيت - 12
ڪِئا ويچارِيَ وَسَ، ڪارڻِ ڪوهياري گهڻا
گهڻو پُڇي پانڌِيين، سندا ڏيرَنِ ڏَسَ
لَمون ڏوري لَسَ، سَتِي سَنگهرِ پَٽيين.
بيت - 13
تان ڪا ڪِجاهُ وَرِ، ڪميڻيَ تي ڪيچيا
آءٌ اوهان جِي آهيان، بَندي بي ثمر
اچِي ڪوهيارا ڪرِ، دلاسو دلگيرِ کي.
بيت - 14
تانڪا وَرِ ڪِجاهُ، ڪميڻيَ تي ڪيچيا
آءٌ اوهان جِي آهيان، ٻانهي ٻاروچا
دِلاسي دوسا، متان مونکي ڇڏِهو.
بيت - 15
هو جي سورَ سُڄنِ، سي مون پينگهي ۾ پِرائيا
سانڍِياسِ سُکنِ، سورنِ ڪارڻِ سرتيون.
بيت - 16
سِرجِي تان سورَ، ساماڻِي تان سُک وِئا
اِهي ٻَئِي پُورَ، نماڻيَ نصيبُ ٿِئا.
بيت - 17
مُونها مَهندِ ٿِئا، سورنِ ٻڌا سندِرا
هَلو ته ڏورِيون اُنِ کي، وِندُرِ جي وِئا
ڪنديَسِ ڪينَ ٻِئا، هوتَ مَٽائي اَڳِيان.
بيت - 18
نه ڪا تاتِ نه تُوتِ ڪا، نه ڪا تاتِ تَوارَ
ڪانهي پرتِ پچارَ، لَنءُ ويچارِيَ لَڏِئو.
بيت - 19
ڪِينهي طالبَ تاتِ جا، نا ته آهي تاتِ تيارُ
ڏورِيان پوءِ ڏُڪارُ، گهوريندَڙِ کڻي وِئا.
بيت - 20
جيڪي طالبَ تاتِ جا، تاتِ پِه تني وَٽِ
هڏهِين ڪانهي هَٽِ، گهورِ ته گهَرائِين لَهين.
بيت - 21
ڪنہ جنہ نِيہَ لِڌا، جي مون واجهائيندي نه وَرو
جيڪي مُئيَ ڪندا، سو جانبَ! ڪَرِهو جِيَري.
بيت - 22
متان ٿِين مَلُورُ، ڪِينَ اَڳاهون آهِيان
ڏِسَڻَ ۾ ڪَرَ ڏورُ، حدَ ٻنهِي جِي هيڪڙِي.
بيت - 23
آن جي ڏِٺاهونِ، اللهَ ڪارڻِ ڳالهه ڪرِهو
نيڻَ مهنجا رُونِ، راتو ڏينها اُنِ کي.
بيت - 24
اَڃان راتِ رَتومِ، ڪوڏِ ڪوهياري ڪَنجَرو
ڀينرُ! ڀِڄايومِ، صُڀاڻِي سورَنِ سين.
بيت - 25
سَرتيَنِ سَهَڄَ منجهاءِ، ٿي ڪوڏَ وِراهيا ڪپڙا
تڏهن مهنجِي ماءِ، ٿي پَهڻَ آڇِئا پَٻَ جا.
بيت - 26
ڪڏهن ڪڏهن جيڏيون، ڪو پَهُه اَچِئو پوءِ
سو پڻ ساڙو هوءِ، هِيُ جو ساهُ سريرَ ۾.
بيت - 27
ڪِجي جئن ڪيچَينِ لَئي، تو تان ڪينَ ڪِئوءِ
وِيجهائي وِڌوءِ، وِکَ نه کَنيئِي هيڪڙِي.
فصل يازدھم
بيت - 1
سُپيريان جِي ڳالهڙِي، رُڳو رَنجائو
ڏونگرُ ڏولاهو، ڏيندا مون ڏيرَ وِئا.
وائي - 1
مهنجو ساهُ وِئو سيڻانِ،
آيلِ! آيلِ! وهان ڪئن ڀنڀورَ ۾
مونکي وِئا نه وِسرِي، نِيہَ ڀَرِئا نيڻانِ
سو ڪئن هِنئڙو جهَلِيان، جهِڄي وَرُ ڪيڻانِ
مادرِ! پايو مُنڊيون، ڪُوڪي وَرُ ڪيڻانِ
وائي - 2
وَسان ٿي ويياسِ،
آيلِ! آيلِ! لڳُمِ ٻاڻُ ٻروچَ جو
پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿون ٿِي پيياسِ
ته پڻ ڪاڍو ڪيچَ ڏي، توڻي ماءِ! مُياسِ
پاڻُ وڃايُمِ پيرَ تي، ڇُٽي آءٌ ڇُٽِياسِ
آيَمِ آنڌي لوڪَ سان، مُٺِي آءٌ مُٺياسِ
هيڏي شهرَ ڀنڀورَ ۾، نه ڪو پيءُ نه ماسِ
پيئُمِ وِچُ وصالَ سين، سَنجهي آءٌ سُتِياسِ
وائي - 3
ڪَلَ نه پييَمِ ڪا، ته ڪو هوتُ سَڄڻُ نِيندا هو ڏيرا
ڪُهِي ڪمِيڻي هلئا، ٻانڀڻِ ڪري ٻيرا
پَسان شالَ اکينِ سين، دوستَ سندا ديرا
سيڻَنِ ساجهُرُ لَڏِئو، پوءِ ٿِي پُڇِين پيرا
ڏاڻَ وِجهِي ڏاگهَنِ کي، وَنگِئُئِي نه تِنہ ويرا
بيت - 2
آريَ اُتُنُ جئن، اُئَن تان اوٺِينِ نه ڪِئو
ڪيچِ پَهُچِبو ڪيئن، اِهڙَنِ اَٻاجهَنِ سين.
بيت - 3
جيئن اُتنُ آريَ ڄامَ، اُئن تان اوٺينِ نه ڪِئو
ٻَرَڪِي ٻَهرِ نِکَتِي، گاذَرِ منجها گامَ
ساهُ ڏنائين سامَ، سُتِي سَنگهَرَ پَٽِيين.
بيت - 4
لَڪِيُون آن ڀَرِ لِڪَ، ڪِين ڪوهيارا وِرمِئا
جَني سنديَ سِڪَ، رُنُمِ راتِ رتَ-ڦُڙا.
بيت - 5
لڪيون آن لَڳا، پَلئِي ڪي پانڌيَنِ جا
آنها گهَڻيرو ما، روندا اوءِ رتُ وِئا.
بيت - 6
ڪو جو لڳُسِ ڪانُ، ڪيچيَنِ جي قربَ جو
ٿِي نماڻي نِيشانُ، ڇڏي سانگو ساهَ جو.
بيت - 7
ڏوٿيَنِ چيُسِ ڏُورِ، ڪيچُ اَڳاهون پنڌُ ٿئو
پاڻان چَڙِهي پُورِ، وِکَ وِڌائين وِتَرِي.
بيت - 8
ڏوٿِيا! ڪو اوٺيَنِ جو، مونکي اُهُڃُ ڏِهو
سَچُ ڪِ ساٿَ نِئو، پنوهُ مهنجو پاڻَ سين.
بيت - 9
سسئيَ جي سِرِيہَ سان، ڪيچَ-ڌڻِي ڪانڌي
پَسڻَ ڪارڻِ پريَن جي، مُنڌَ هُئي ماندِي
لَڪنِ تان، لطيف چَي، آرياڻيَ آندِي
پنوهَ پيراندِي، نماڻيَ نصيبُ ٿيي.
بيت - 10
گهوڙنِ هَنئِي سڀَ ڪا، اُٺنِ هَنئِي آنءُ
جا نِيہَ ڳنَندِي نانءُ، سا مون جئن پُوندِي مامَري.
بيت - 11
لَڪَڙِيارِيُون آڱُرِيُون، ٻاروچاڻو ڀيرُ
اَچِي پَسو جيڏيون، تازو پنوهَ پيرُ
ويچارِيَ سين ويرُ، جَتنِ جيڏو ئِي ڪِئو.
بيت - 12
لُڇڻُ نه لاهِينِ، گُوندرُ هِنَ غريبِ تان
پَرِ ۾ پَچائينِ، جِيجان! جوشَ جَتنِ جا.
بيت - 13
هِي ٿو وڃي هوتُ، آءٌ ڪِين اَڳَڀرِي ٿيان
متان چوءِ بلوچُ، ڪميڻيَ مان ڪِينَ ٿئو.
بيت - 14
ڪمِيڻينِ هَٿاءُ، ٿينِ مورائِين مَدِيُون
تون ڪَرِ پاڻَ وراءُ، موٽُ سَٻاجها سُپرين.
بيت - 15
نڪِين ٿِيان سَڱَ ۾، نڪِين سَڱِيڻِي
آهيان ڪميڻي، ذاتِ ٻاروچي نه جُڙان.
بيت - 16
ڪيچِ مَ خَبرَ هوءِ، هِنَ مهنجيَ ذاتِ جِي
متان پنوهُ پوءِ، لَڄَ مهنجيَ لوءَ ۾.
بيت - 17
لٿو ڪَمُ ڪيچيَنِ جو، ڇڏي هلئا مون
اللهُ آهيين تون، هوتَنِ تان هيڏِي ڪِي.
بيت - 18
سَؤ سکنِ ساٽي ڏِيان، سِرُ پڻ ڏِيان سَٽِ
جي مان مِڙي مَٽِ، ته وِرِهُه وِهايان هيڪڙو.
بيت - 19
ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونهَه، گهورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري
جَني جِيَ وِرونهَه، سَڄڻُ آيو مان ڳَري.
بيت - 20
سؤ سُکنِ ڏيئِي، وِرَهُ وِهايُمِ هيڪڙو
مونکي تِنہَ نيئِي، پيرُ ڏيکارِئو پريَن جو.
بيت - 21
حُسينِي حسينَ لئي، بيبيَ پاڻِ چَئِي
تِنهان پوءِ ٿِئِي، خَبرَ ٻِيَ خَلقَ کي.
فصل دوازدھم
بيت - 1
ڏِٺان جي ٻروچُ، مون جئن هوتُ اَکيَنِ سين
مونکي چَيان لوچُ، پاڻان پيٺيون ڇَپَرين.
وائي - 1
رَهو راتِ ڀنڀورَ ۾، وَهيان.....
1. ڏکيَ ڏونگرَ وَٽَ ۾، چُکِي چاڙهه آيا
2. الله ڪارڻِ .... .... ..... .....
وائي - 2
کڻيو پيرَ پنهل جا، رَتُ وَهايو مون رائي
هَي هَي! رَتُ رنو رائي، کڻيو پيرَ پنهل جا
هوتَ مَ ڇڏجُ هيڪلي، هِي لَڙهه لڳِي تهنجي آهي
اُتي، عبداللطيف چي، مهنجو آرِي وَسيلو آهي
کڻيو پير پنهل جا، رت وَهايو مون رائي
کڻيو پير پنهل جا
بيت - 2
هوتُ نه ڏِٺائون، ڏوهُ نه ڏِيان جيڏيين
مون جِئن رُنائون، مَٿي ڪِئو هَٿڙا.
بيت - 3
ٻاروچو ٻِيَ ڀَتِ، جيڪُسِ ڏٺو جيڏيين
مون جئن موڙِيَنِ مَتِ، پسنديهِين پنوهَ کي.
بيت - 4
ٻاروچو ٻِيَ رُوءِ، جيڪُسِ ڏٺو جيڏيين
سَنجهي ۽ صبوحِ، هوندَ نه وِئڙَنِ وِسَرِي.
بيت - 5
آن جي ڏٺِي جيڏيون، پنوهَ جِي پاٻوهَ
سنجهي ۽ صبوحَ، سورَنِ ٿيون سَجهَڪِيون.
بيت - 6
جي هُيان هوتَ پنوهَ سين، مون جئن ملاقاتَ
ٻانهُنِ وِجهِي واتَ، هوندَ رِيهُون ڪِيان رڃُ ۾.
بيت - 7
جي تو ڳالهائي، ماءِ! ٻاروچا پُڇِئا
اُنِين جِي وائِي، هوندَ نه وِييان وِسَرِي.
بيت - 8
اَڄُ معذورِ هُئان، اَلا! چَڱِي مَ ٿِيان
رِڙهان ۽ روئان، پُٺيَ سَڳَرَ ساٿَ جي.
بيت - 9
جي ڏونگرَ! مون ۾ ڏُکَ، سي پَڌَرِ پُونِ مَ پِريَ ري
وِهَڻُ مون وِهُ ٿِئو، ڪيرَ سانڍيندِي سُکَ
هُيَمِ هوتَنِ سين چُکَ، سَڄو سَڱُ نه ساريان.
بيت - 10
ٻيون سڀِ سَڱِيتِيون، سرتيون! مون چُڪَهِن سين چاءُ
اندرِ آهِمِ ڳالهڙِي، ڪوهياري جِي ڪاءُ
لَڳُمُ ذرو واءُ، سَڄو سَڱُ نه سارِيان.
بيت - 11
ووءِ ووءِ ڪندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين
پاڻِي هارِ مَ پَڌَرو، رو منجهائِي رَتُ
صبرُ وڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپرين.
بيت - 12
ووءِ ووءِ وِڏوڙا، ووءِ ووءِ وڃنِ نِڱِئا
مون سانگِياڻِي جا سپرين، سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا
لاٿُمُ نه توڙا، ماءِ! اوسِيئڙو اُنِ جو.
بيت - 13
ووءِ ووءِ پڻ ويئي، رَنُنِ ڪارَڻِ جا هُئِي
پنوهَ کي پيئِي، رُوندِي ڪيرَ رتَ-ڦُڙا.
بيت - 14
گهوڙا گهَڻيَ ڀُونءِ، ووءِ ووءِ وڃَنِ نِڱِئا
مادرِ! مٿان مون، ڪانگَ لَوَندا ڪڏهين.
بيت - 15
ماٺِ مارِيندَئِي پريَن جي، مَڇُڻ روئين رَتُ
ڇورِي ڇڏِ مَ سَتُ، همتَ هوتُ وڃائِيو.
بيت - 16
سرتيون! سڀوئِي، ٿِئو اَندرِ آرياڻِي
ويٺِي پَسان پاڻَ ۾، ڏونگرُ ڏِيهاڻِي
هُيَسِ هوتَنِ هاڻي، ڪيچِي گڏيَمِ ڪَهَه ۾.
بيت - 17
جَڙَ جِيَري جَنِ سين، مُئي پڻ سين تَنِ
جي هِتِ نه هوتُ پَسنِ، سي ڪنہ پَرِ ڪيچِ پَسنديون.
بيت - 18
جئن جئن جهَلي جَڳُ، تئن تئن مون تاڪيدُ ٿِيي
ڳَهَرِئو ٿو ڳالهيون ڪري، وَهسي پُرِئو وَڳُ
لوڪُ لتاڙي ننڊَ ۾، پُٺيَ لالڻَ لَڳُ
آرياڻي اَوڙَڳُ، ڀنڀوران ٻَهرِ ٿِي.
بيت - 19
اَوجهَڙِ وَتان آنءُ، ٻيون سڀِ سَڳَرَ ساٿَ جي
جا نِيہَ ڳِنَندِي نانءُ، سا مون جئن پُوندِي مامِري.
بيت - 20
ماڳِهِن جي مُئِي، ته هوندَ نه پيئِي مامري
ڇَڏِهو جي ڪُهِي، ته هيڪارِين هورُ لهي.
بيت - 21
نه ڪِي روئڻَ واريون، نه ڪِي اوسارِينِ
مُونهِين کي مارينِ، مُونهِين سندا ڏُکَڙا.
بيت - 22
ٻَڌو ڪِنہ ٻَڌاڻِ، هِنيَڙو هوتاڻيَنِ سين
ڪا جا پييَسِ ڪاڻِ، نِبيرِياسِ نه نِبري.
بيت - 23
ڪوهُ ڄاڻان ڪوهُ ٿئو، ڪيڏاهن ٿِي وَڃان
هٿَ ڪَرايُون آڱُرِيون، مورِئو سڀِ ڀَڃان
ٻيَنِ گهَرِ ڳَڃان، مون هارِيَ هوتُ وِڃائيو.
بيت - 24
چان ڪِ آيَسِ اَڳاهِين، تان اُتَهِين اُڀِي آهيان
پِرتِ پَراهِين، هاڻي مَران مَ جِيان.
بيت - 25
سرتيون! سورُ پِريَنِ، جو سُڃُنُ ۾ شاملُ
ڪوهيارو ڪامِلُ، مونکي ڏُکَ ڏيکارِئو.
بيت - 26
ڏونگرُ، ڏَنا، نُوڻِ، مون پارِ کو پُڇِئا
هيڪليون هَلنِ جي، سي تاڪُنِ سندِي توڻِ
اِيَ اُهُکِي ڀُوڻِ، سونهَنِ رِيَ نه سُٿِرِي.
بيت - 27
لکين لوڙائُو، سَئَسين آهِينِ سُڃَ ۾
بَرَ ۾ بورائُو، کَڻُ پيادِي پاڻَ سين.
بيت - 28
ٻاروچا ٻِئا گهڻا، مهنجو پنوهُ سِرُ سَڀَنِ
چانگي تي چڙِهي ڪري، ڪندو وَڙِ وِلهيَنِ
مَٿي معذوريَنِ، دوستُ ڌَرِيندو هٿڙا.
بيت - 29
ٻاروچا ٻئا گهڻا، مهنجو اَجهو آرياڻِي
چُونڊِي رَکِئُمِ چِتَ ۾، ساڄنُ سڃاڻِي
جا وِندُرِ وِڪاڻِي، تنہ جو موٽڻُ ڪو مَسَ ٿِيي.
بيت - 30
هوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تنہ کي چَرِي چُونِ
اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ
پَرا تنِي پُونِ، ڏِٺو جَنِ اَکينِ سين.
بيت - 31
ڏٺَمِ اُٺَ اَکيَنِ سين، مانَ ٻاروچا هُونِ
جَنِي ڌارا پُونِ، موريسَرَ اَکينِ ۾.
بيت - 32
سڄڻُ ڏٺو جنِ، موٽڻُ تنِ ميهِڻو
اِيُ مَرڪُ معذوريَنِ، جئن مَرنِ پِريان جي پيرَ تي.
بيت - 33
وَرُ لَڪنِ جِي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀنڀورَ جا
اَمڙِ! جي تون آڇِيين، سي ڪَمِ نه آيَمِ ڪوڏَ
هِنيَڙي مهنجي هوڏَ، ٻَڌِي ٻاروچنِ سين.
بيت - 34
ڪو جو آهِسِ ڪوڏُ، ٻاروچاڻِيَ ذاتِ سين
جي هو چُونِسِ ٻوڏُ، ته جِيُ سُڻائي جَڳَ ۾.
بيت - 35
ڀَلِي ڪري ٿِئومِ، هيُ سڱُ ٻاروچنِ سين
وڃي ڪيچُ ڏٺومِ، پُٺِيَ لڳِي جَن جي.
بيت - 36
اديون! ڪا اِيندِي، ڇَپَرَ مون سڱُ ٿِئو
لائيندِيَسِ لِڱنِ کي، مَليران ميندِي
وندُرِ آءٌ ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪري.
بيت - 37
وڃڻُ تو واري، پُرڻُ پنوهَ پُٺِ ۾
ڪَرَهَ ڪوهياري، سُتي تو سڀِ وِئا.
بيت - 38
هارِي! هِنيون مَ لوڏِ، سُکنِ پُونديَن سسئي
ڪوهيارو تو ڪوڏِ، اَچي ڪَرهَ قطارِئو.
بيت - 39
ٻيلِي ناهِ ڀنڀورَ ۾، تنہ سسئيَ جو سَهِي
ڏمَرُ ڏيرنِ مَنَ ۾، ڪندا اِيئن ڪُهِي
لنگهائي لطيف چَي، کڻِجُ ڄامَ! کُهِي
هيَ معذور هَڏِ مُئِي، تون ڪانڌَ مَ وڃجُ ڪيڏهين.
بيت - 40
ڪوهيارو ڪيڻانِ ڪِينَ وڃي، ڪاڏي وڃان
مون ڀانيو سيڻانِ، ڇَپَرِ ڪنديَسِ پَنڌَڙا.
بيت - 41
ڪوهيارو ڪاري، پنڌَ اَڙانگا پٽِيُون
سي ڏيهَه ڏيکاري، جي اڳِ نه ڏِٺا ڪڏهين.
بيت - 42
نيہَ مَ نالو ڳِنُ، پِريَتڻي پير ٻِئا
سورَنِ ساڻُ مَ ڇِنُ، وِرهُ وِهائِجُ وِتَرو.
بيت - 43
کُٽِيَ لَئي کاڻِي، رَکِيَئِي پِرتِ پنوهَ سين
سُهِيو سُکِيو جِندَڙو، وِڌُئِي ڄيري ۾ ڄاڻِي
هاڃو هوتاڻِي، توسين صُباحَ ڪندا سسئي.
بيت - 44
ڇِپُنِ ڇِنا پيرَ، هَلِي هَلِي ماءَ
ڪوهياري جي ڪاءَ، ڳِنِئو گهُمان ڳالهڙِي.
بيت - 45
سڄڻُ ڏٺو جَنِ، تَنِ ڳچيَ سِرِ ڳَهُه ڪِئو
ٻِيِون ڪوهُ ٻُجهَنِ، قدُرُ اِنَ ڪِيميا جو.
بيت - 46
ڏکويَنِ اُهڃاڻُ، ڪُلهَنِ ڦاٽو ڪَنجرو
وڃنِ گُوندرَ گڏِيون، لوڪُ نه آڇينِ پاڻُ
سورَنِ اَسان ساڻُ، نَنڍيئِي نِيہُ ڪِئو.
سرود سورٺ
فصل اول
بيت - 1
اللهَ جِي آسَ ڪري، هَلِئو هِئائِين
چارَڻَ ٻَڌا چَنگَ کي، جهُوڙا ۽ جهائِين
ڏُهلِي راءَ ڏياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائين
وينتِيون واحِدَ دَرِ، تنہ ويرَ ڪِئائين
سَٻاجها سائين، راءُ ريجهايين راڳَ سين.
وائي - 1
الوداع وو الوداع وو الوداع
جانِي ڪِئو جدا، سورَٺيا ساري
هڻُ تون تندُ طريقَ جِي، وو، واڄَٽُ سڀِ واري
سورٺِ سَرتيَنِ وچ ۾، اُڀِي اوساري
هيءُ جو آيو مڱڻو، سو متارا ماري
ميان دوستَ دوستان دور ڪِئو، ٿو ڏَيا ڏيکاري
بيت - 2
پرديسان پَنڌُ ڪري، هَلِي آيو هِتِ
جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَ جون صدائون هَڻي.
بيت - 3
پرديسان پنڌ ڪري، هَلِي آيو هُون
اُونچو تون عرشَ تي، آءٌ ڀورو مَٿي ڀُون
ڪئن تُسَندين تون، سِرَ سُوالي مَڱَڻا.
بيت - 4
پرديسان پنڌ ڪري، آئِسُ اَڳاهِيَ ماءِ
جي وِهاڻِيَ ويرَ مَ ٿِيي، ته مون هِينئرَ ئي هلاءِ
سونهارا سورٺِ-وَرَ، ڳالهه هِيين سين لاءِ
سو مڱڻهارُ مِلاءِ، جو وِچان ويرِنِ آئيو.
بيت - 5
پرديسان پنڌُ ڪري، هلِي آيو هِيُ
مالُ نه مَڱي مڱڻو، جاجڪُ مَڱي جيُ
وَڍِ وَهلو ٿِيُّ، ساعَتَ صبرُ نه سَهان.
بيت - 6
پرديسان پنڌ ڪري، سُڻي آيُسِ شانُ
مَڱان ڪهڙِيَ مَتِ سين، نسورو نادانُ
سو ڪو ڏِياريُون ڏانُ، جو طمعَ کي تَرَڪُ ڪري.
بيت - 7
تو درِ آيُسِ راڄيا، هِهَڙو وَٺِي حالُ
اونائيجُ عليلَ جو، سَٻاجها! سوالُ
اَڱڻَ مٿي اَهِنجي، ڪَهِي ڪِين قَوالُ
ڀَلا ڪري ڀالُ، اَمنُ ڏِهو اِنَ کي.
بيت - 8
تو درِ آئِسُ راڄيا! ٻِئا درَ ڪري دورِ
سائلَ ٿو سَينَ هڻي، هر دمُ آن حُضورِ
ٻِئو نه مَڱي مورِ، اَمنُ ڏِهو اِن کي.
بيت - 9
تو درِ آيُسِ راڄيا، جاجڪُ وٺِي جِيُّ
ڪَنا ’نارٌ حامِيَة‘، هاڻي بَچائجُ هيُّ
والي ڏِئاريُون ويُّ، جِتِ آهي جَنَّاتُ عَدِنِ.
بيت - 10
تو در آيس راڄيا، ٻِئا ڏيئِي ٻَنِ
ڪَهان جو ڪُماچَ سين، سو مون سٻاجهي ڪَنِ
جا مَڱَ مهنجي مَنِ، سا توتي مَعُلمُ سَڀڪا.
بيت - 11
ٻئا دَرَ ڏيئِي ٻَنَّ کي، آئسُ تهنجي دَرِّ
سُونهارا سورٺِ-وَرَ، ڪا مُهنجي ڪَرِّ
ڀَلا ڀيري ڀَرِّ، پالهو پاندُ پينارَ جو.
بيت - 12
آءُ مٿانهون مَڱڻا، چَڙِهي ۾ چَوڏولَ
توکي گهوٽَ گهُرائيو، راڄا منجهه رَتولَ
ٻِيجَل! توسين ٻولَ، وِهاڻِيَ وَڍَڻَ جي.
بيت - 13
ڪِين جو ٻِيجلَ ٻولئو، ڀِنيَ ويهِي ڀانَ
راڄا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سلطانَ
آءُ مٿانهون مڱڻا، مقابلِ ميدانَ
گهورِيا لکَ، لطيف چَي، تهنجي قَدمَ تان قربانَ
مَٿو هِيُ مِزمانَ، هَلِي آءُ ته هِتِ ڏيئين.
بيت - 14
ريَ مصلحتَ مڱڻا، قَصَر ڪينَ اَچنِ
نورُ تجلو نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسنِ
خِيمي ۾ کنگهارَ جي، چانڊوڻا چمڪنِ
لڌائين، لطيف چَي، سندا ڏانَ ڏِسِيَنِ
تيلان مُلڪَ- ڌَڻَينِ، مڃئو مڱڻهارَ کي.
بيت - 15
نِرِ تِي تندُ نبازُ سين، ٻيجلَ ٻُرائِي
راڄا رَتولَنِ ۾، وَرَنائي وائِي
ڪوٺايائين ڪوٽَ ۾، ٻارٽُ ٻاجهائِي
راڄا راڳائِي، هردوئِي هيڪُ ٿِئا.
بيت - 16
نرتي تندُ نيازَ سين، ٻُرائِي ٻيجلَ
راڄا رتولنِ ۾، اونائِي اَمُلَ
رازُ ڪِئائين راوَ سين، ڪنہ موچارِيَ مَهلَ
’اَنَا اَحمَدُ بِلاَ مِيمِ‘، چئي سَينَ هنئي سائِلَ
ڪِنہ ڪِنہ پيئِي ڪَلَ، ته هردوئي هيڪُ ٿئا.
بيت - 17
ڪَنِين ڪَنِين ماڻُهين، پيئي ڪلَ ڪائِي
رَسئا جي رمزَ کي، تَنِ پارِسي ڀانئِي
’اَلانسَان سِرِي وَ اَنَا سِرُّهُ‘، وَرِتي اِيَ وائِي
راجا راڳائِي، هر دوئي هيڪُ ٿئا.
بيت - 18
راجا رنگَ مَحلَ ۾، جاجڪُ سِرِ زمينَ
جا هَنيائين هٿنِ سين، سا سُئي بالا بِينَ
جِتِ اَچن نه اُڙدا بيگيون، اُتِ ڪوٺايو اَمينَ
تازِي ڏِهوسِ تَڪڙو، جَهنوَرِ پائي زينَ
ٻِئو مڱي ڪينَ، ڌاران سِرَ، سيّدُ چَي.
بيت - 19
راڄا رنگ محلَ ۾، ٻَهرِ ٻارٽُ ٻاڪاري
تَندُ تهنجِي مَڱڻا، مهنجو چِتُ وِڌو چاري
اَڳِيون بيتُ، عنات چَي، وَهلو ڏي واري
هِيُ سِرُ سينگاري، پاٺَ! پَلئه تو پائيان.
فصل دويم
بيت - 1
پاٺَ پِهلِي راتِ جو، ڳَڙهَه پاسي ڳايو
ٿِئو غُلغُلو گِرنارَ ۾، ته ڪو عطائِي آيو
سالِڪَ ساز سرودَ سان، ڪِين جو ڪمايو
ٻيجلَ ٻولايو، ته سِرَ سوالِي آهيان.
وائي - 1
گهونگهٽُ کولِ ڪُڙيين يارَ، هو بَڻِڇِي والا يارَ
هو سيلي والا يارَ، سانُون طلبَ ملڻ جِي يارَ!
گهونگهٽُ کولِ
ڦلين ڀَرِي جهَجهڙِي، تاريين ڀَرِي راتِ
شاه حسين فقيرُ الله دا، فُقُرُ الله دي ڏاتِ
دستُ تَيڏي وچ سُونهنديان ڪَنگِڻِيان، چُوڙِ
لپيٽي والِ
بيت - 2
ٻيجلَ کي ٻي راتِ ۾، سڏايو سلطانَ
اڳي ڪونه آئيو، ڀيرِ تهنجي ڀانَ
جانِئان جيُّ جدا ڪئو، طرحَ تُنبي جي تانَ
مون وٽِ مالَ متاع جي، ڪَمِي آهي ڪانَ
تو دَسِ ڏيان مڱڻا، روحَ رُچندا دانَ
ميان مهربانَ، چوري چنگُ چئيجُ ڪِين.
بيت - 3
راڄا کي ٽِيَ راتِ ۾، ٻُڌايو ٻيجلَ
سَهَسين هئا سنسارَ ۾، ٻِئا په داتا دَلَ
آيُسِ مَنَ اُڇَلَ، تيلاهين تو ڳَري.
بيت - 4
چارڻَ چوٿينءَ راتِ ۾، آ نِچُ آيُون جِيُّ
تهنجو قدمُ پَدمِ نه پاڙيان، جي تون ٿين جَميعُ
دانَ دَلُوچا دلِ وَڻِئا، وٺي راضِي ٿيُّ
هينئر اَٿيئِي هيُّ، صبحَ سَوايو ڏِيين.
بيت - 5
پَلٽِئو پنجينءَ رات ۾، رُپو سونُ سَبيلُ
پلنگَ پَٿِراڻِيون، پالِڪيون، نَوَ لکَ ناڻي نيلُ
داتا وَٺان نه دانَ ۾، وَنءُ ڦيرائي فيلُ
آکِمُ جو اَصيلُ، سو سِرُ ڏي ته سُرهو ٿين.
بيت - 6
ڇهينءَ راتِ ڇَڪائِيو، سالِڪَ سوري سازُ
ڳايائين ڳَڙهه گِرنارَ ۾، ڪري آڳَہَ سان آوازُ
صلحَ جو، سيّدُ چَي، راڄا توسين رازُ
سڀاڻي سرفرازُ، مِيون ڪندو مَڱڻي.
بيت - 7
پائي پَٽِ ڪَڻان، مون تان مُورِ نه مَڱئا
تازي طَبيلَنِ ۾، گهوڙا گهرِ گهڻان
هاٿيَ ڪارڻِ هيڪڙي، آءٌ ڪا تندُ هڻان
جا مٿي تو مَڻان، تِنہ سِرَ جو آهيان سيڪڙُو.
بيت - 8
سِرُ مَڱي، سِرُ گهُري، سِرَ ريَ ٿِيي نه صلاحَ
غَريبِنئُون نه گُذري، ٿو ماري ميرَ مَلاحَ
نايو نَبابَنِ جا، سورِيو ڪڍي ساهَ
خالقُ سَنجهه صُباحَ، ڪونه ڇڏيندو ڪِٿَهِين.
بيت - 9
موٽِي مَڱَڻهارَ، شالَ مَ اچين ڪڏهين
اَٺِئِي پهرَ عَظِيمَ جو، ڪُنڍو مَنجهه ڪپارَ
جِنہ تو سڀَ ڄمارَ، هَنيا ڇَٽَ پَٽنِ سين.
بيت - 10
سؤ سِرَنِ پائي، جي تندُ برابَرِ تورِيان
اُٽَلَ اوڏاهين ٿِئي، جيڏاهن ٻيجلُ ٻُرائي
سَکِڻو هَڏُ آهي، هِنَ سِرَ ۾ سَڃڻُ ناهِ ڪِين.
بيت - 11
پاسنگُ جنہ پيشُ ڪِئو، تنہ ڏِنو ڪينَ ڏِئاچَ
مَٿو نيئِي مَ آڇِ، وڃڻُ ڏُورو، ڏکُ ٿئو.
بيت - 12
ڏِنو ڪينَ ڏِئاچَ، ٿو سائِلُ سِڪائي
مُنہَ تي موٽائي، مٿو َهنيُسِ مَڱڻي.
بيت - 13
محلين آيو مڱڻو، سازُ کَڻِي سُرَندو
سِرَ جِي صدا سُرَ ۾، گهورَ هڻي گهُرندو
مٿي ريَ ملوڪَ جي، چارڻُ نه چُرندو
جهونا ڳڙهه جهُرندو، پُوندِي جهانءِ جهَروڪَ ۾.
بيت - 14
محلين آيو مڱڻو، سازُ کڻي سِرِي
لڳِي تندُ تُنبيرَ ۾، پئا ڪوٽَ ڪِرِي
هنڌين ماڳين هوءِ ٿي، تنہ جي ٻيجل دانہَ ٻُرِي
سِسِي تنہ سلطان کان، اَچي گهوٽَ گهُرِي
جهونا ڳڙه جهُرِي، پُوندِي جهانءِ جهَروڪَ ۾.
بيت - 15
سوجيُ مڱڻهارَ مَ هوءِ، جو تو مَٿي سِرَ سَٺو ڪِئو
جو مُلِ مون مورِ نه سَپَجِي، تان جي سو گهُروءِ
جُڳان جُڳِ ڏِنوءِ، ڏُنگهو ڏاتارَنِ کي.
بيت - 16
مَٿو مٿان ئي گهورِيان، مَٿو تومٿان
سو مون ٿِيي نه هٿان، جِہ تون لائقُ مڱڻا.
بيت - 17
مَٿو مٿان ئي گهوريان، مَٿو تو مٿاءِ
هَڏو هِيُ هَٿِ ڪري، جاجڪَ وَهلو جاءِ
توسين اَنيرا، جِمَ واچا ۾ وِلهو وَهين.
بيت - 18
ڪا جا ڳالهه ڳَري، ٻِيجَلِئا ٻُڌاءِ مون
پيٺيين جئن گرنارَ ۾، تندُنِ تانُ ڪَري
ڪِ تو پَنڌُ پري، ڪِ مَڱَ جهَلندين مڱڻا.
بيت - 19
مَڱَ نه جهَليان مُورِهين، نه مون پنڌُ پَري
کڻي آيُسِ ڳالهڙِي، ڳجهِي تو ڳَري
سا سَمُجهِجُ سورٺ-ورَ، ويندسُ ڪينَ وري
پَرئان پيرَ ڀَري، تو لَئي آيو آهيان.
بيت - 20
مڱَ نه تُسي مڱڻو، نه مِلڪَ نه مالُ
ڏانَئِئُون ڏورِ ٿيي، ڪا جا ڳِنِسِ ڳالِ
آهي اِنَ خيالِ، ته ڏيٺِي ٿِيان ڏاتارَ سين.
بيت - 21
ڏاتارَ ۽ مڱڻي، ڪو نه وسِيلو وِچِّ
سا ئِي تالَ تندُنِ جي، سا ئِي چارڻَ چِتِّ
هِتي جي هُتِّ، ته ڳالِ مِڙائِي هيڪَڙِي.
بيت - 22
ڳُجهُه پهنجي ڳُجهَه سين، رندَ رَساڻِي لاءِ
اَجلُ اُڀو آهِ، پُٺيَ تو پَلاڻِئو.
بيت - 23
چارڻَ ٻولجُ ڪِين ٻِئو، گهُرِئُئِي سو گهورِيان
کَڻُ سورٺِ نه پَڙي، جي تندُنُ سان توريان
ڳُجهي آهِمِ ڳالهڙِي، آءُ اوري ته اورِيان
ڪُلَهنِئون ڪورِيان، ڪِ جاجڪُ جُسي سين ڏيان.
بيت - 24
چارڻَ چنگُ ٻنگُ لَهِي، وڄايو وڏاڻُ
سِرَ جو هَڏِ احسانُ، پَرَ مڱڻهارُ مٿي وَهي.
فصل سيوم
بيت - 1
سردِيَ سالِمُ نه رَهان، گَرميَ ٿِيان گُذارُ
اَمنُ ڏيجُ اَمانَ تون، سائلَ هَڻِي سازُ
ربابِيَ کي رازُ، خالصُ ڏيجُ خليلَ جو.
وائي - 1
مٿو ۾ کِينڪارَ يارَ، ڏانَ ڏِيندوسين مڱڻا
جاجڪَ! جهوناڳَڙه ۾، هَلُ ته ٿِيون يارَ
متان ڪا مهنجِي ڪريين، گِلا جي گُفتارَ
لَڄيندي ٿو لاهيان، ڪِينهي مَنجهِه ڪپارَ
هَر هَر وَڍيان هيڪڙو، تهجِيَ ساڻُ تَوارَ
بيت - 2
سرديَ سالم نه رهان، ڪوسِي سَهان ڪانَ
مُن ڏيجُ امانَ تون، دورِ ڪَري ٻئا دانَ
پانڊَپَ کائِي پانَ، وِجهِجُ پِڪَ پينارَ تي.
بيت - 3
ٽيئي پَرچِئا پاڻَ ۾، تَندُ ڪٽارو ڪنڌُ
تِنہ جِهوئي ناهِه ڪين، جو تو چارَڻَ ڪِئو پنڌُ
اِيُ شڪرُ الحمدُ، جئن مَٿو گهُرئوءِ مڱڻا.
بيت - 4
مَرتَ آهِيين مڱڻا، مامَ پَروڙِي مون
جيڪا ڳاهَ ڳالهايَئِي، سا سڀِ سمجهِيسون
تِنہ ۾ تُسِجُ تون، جيڪين پوئي پَٽَ ۾.
بيت - 5
چارڻُ چنگُ ڪُلهي ڪَري، رَمِي رَهيو راتِ
سدا جِي، سيّد چَي، وائِ: ڪِئائينِ واتِ
ڏيہَ ڏِنا تنہ ڏاتِ، مِيين مڱڻهارَ کي.
بيت - 6
چارڻَ چنگُ ڪُلهي ڪري، پيرَ پُرِي پاتا
سدا جي، سيّد چَي، وائِي ڪئائين واتا
تِنہ تي راوَ راضي ٿئو، دِلِ وڏيَ داتا
مَرَڪي مَرُ ماتا، رُوڙِي راوَ ڏِئاچَ جي.
بيت - 7
چارڻَ تُهنجي چنگَ جو، عجبُ آهِمِ اِيُ
هَڻِين اُڀو هَٿنِ سين، جِيَرو رکِئو جِيُ
راتِ مهنجو رِيُ، ڪاٽِئو تو ڪُماچَ سين.
بيت - 8
جاجڪُ جهوناڳڙهه ۾، ڪو عطائِي آيو
تنہ ڪاملَ ڪَڍِي ڪِينَرو، ويهي وڄايو
شهرُ سَڄو ئِي سُرَ سان، تندُنِ تَپايو
دايُون درماندِيون ٿيون، ٻائِنِ ٻاڏايو
چارَڻَ ٿي چايو، ته مارِي آهي مڱڻو.
بيت - 9
جاجڪَ! تو جُهارُ، ڏَهَ ڀيرا ڏِئاچُ چي
جنہ ۾ مالُ نه مِرِيَ جيتِرو، تِنہ تون طمعدارُ
جي اَچيئِي ڪَمُ ڪپارُ، ته وِيهَه ڀيرا وڍي ڏيين.
بيت - 10
مَٿي اُتي مهنجي، جي ڪوڙين هُونِ ڪپارَ
ته وارِئو وارِئو وَڍِيان، سِسِيَ کي سَؤ وارَ
ته پُڻ تندُ تنوارَ، مونهان مَٿاهون مڱڻا.
بيت - 11
ٻيلِي ٻَئِي پارَ، جان مون نيڻين هڻي نِهارِئا
چوري رکِئمِ چِتَ ۾، ڏِسنِ جا ڏاتارَ
هِيُ سِرُ تُهان ڌارَ، ٻيِجي ڪِنہِ نه ٻولئو.
بيت - 12
پَسِي پاٺَ پُر ٿِئو، سندو جادمَ جُودُ
مَڱَ وِيهاڻِيَ مڱڻا، مٿو هينئر موجُودُ
بلڪِ آهي بُودُ، ناقِصِي نابُودَ ۾.
بيت - 13
ڪَنجهي ڪيرتَ ڪِينرو، واڄو وِلاتِي
هَنئِي تَندُ حضورَ ۾، تنہ پارِسَ پيراتِي
ڏِسندِهِ ڏِئاچَ کي، ظاهرُ ٿيو ذاتِي
ڪڍِي تنہ ڪاتِي، وِڌو ڪَرَٽُ ڪپارَ ۾.
فصل چھارم
بيت - 1
تاڻُ نه آهي تندُ جو، رُون رُون ڪَري رازُ
هَڻندَنِ سندا هٿڙا، سَڀُڪو چَئي سازُ
سَٽَ ڏيئِي شهبازُ، ٿِيُ ته ٿوڪُ پِرائِيين.
وائي - 1
ڪينُون ٻِي آکان ٻول ڪي، اَڙي اَڙي اي الله هو!
الله هُو، ڪينون ٻي آ کان ٻول ڪي
چَنڊُ جو چَڙهئا ڪُلُ عالَمُ ويکي، رانجهو
لَڌڙُمُ کولِ ڪي
مئن رانجهنُ دِي، رانجهنُ ميڏا، کيڙا گهَتَنُمُ
گهولِ ڪي
وائي - 2
ڪينُون آکان ڪوئِي نه بَتاوي هِيُ واٽاڙو
لوڪو نِي مين ڪَينون آکان، اَپني صاحب دي
چارڻ آيا سِرُ ڪاٽِ لي جايا، کوءِ وي چارڻُ ڪِي ذات
باتيرِي مئين ڪينُون آکان اَپني صاحب دي
بيت - 2
تندُ تمارِيَ تاڻُ، ڪَهِيو سو قبولُ پئو
سِرُ ته آهي سَٽِ ۾، پر ٻِئو ڪِين مڱجُ دانُ
خاڪِ مِٽِي ڪا بانُ، ڪاٽِيان پوءِ ڪُجهه نَهِين.
بيت - 3
گُلُ ڇِنو گرنارَ جو، پَٽَڻِ ٿيون پِٽِينِ
سَئسين سورٺِ جهڙيون، اُڀيون اوسارِينِ
چوٽا چارڻَ هٿ ۾، سِرُ سينگارِئو ڏينِ
ناريون نازَ ڪَرينِ، ته راڄا راتِ رَم ڳِيو.
بيت - 4
سارِي راتِ صاحبَ کي، ڳَڙَهه ڀَرِ ڳايائين
اُٺَسِ ماڻڪَ مِينہَ جئن، هٿِ نه ڇُتائين
تي لائقُ لڌائين، جي هو ميراثي مَڱڻو.
بيت - 5
جي ميراثي مڱڻا، آءٌ پڻ منجها تَنِ
ڪِين ڪَہُ مهنجي ڪَنِ، حِرصَ منجهارا اُنِ جي.
بيت - 6
جو تو ڏِيَڻُ ڏِئاچَ لائيو، اِيُ سِرُ سَڀُڪو ڏي
ڪين ناهِ جِهِڙو ني، جو سَنَدَ ٿيي سوالِيين.
بيت - 7
سورٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خيما کنيا کنگهارَ
نه ڪو راڳُ نه روپُ ڪو، نه ڪا تندُ توارَ
تِهان پوءِ مڱڻهارَ، ڏِنو سِرُ ڏِئاچَ کي.
بيت - 8
سورٺ مئي سکُ ٿئو، خيما هَنيا کنگهارَ
ٿِئو راڳُ رُوپُ سو، لَڳِ: تندُ تَوارَ
سو ڍٽين پَٽين پارَ، پَسو راڄا راضِي ٿئو.
بيت - 9
راڄا راضِي ٿئو، تِنہ ڏنا وڏا ڏاڻَ
موٽي ڪارِئا مڱڻي، تَرَهَ تُنبِي کي تاڻُ
مون وٽِ مالَ متاعَ جِي، ڪمي آهي ڪانَ
ڪارڻَ ربَ رحمٰنَ، سِرُ وَڍي سلطانَ ڏي.
بيت - 10
وَڍِ سِرُ، ٿِيُ سُرهو، مَ ڪين آءُ مَ ڳاءُ
جاجڪَ! تو مٿاءُ، مُلڪُ مِڙوئي گهورِيان.
بيت - 11
مَٿي اُتي مهنجي، جي هئا سِرَنِ سَوَّ هزارَ
ته تهنجي ساڻُ توارَ، هر دَمُ وَڍِيَمِ هيڪَڙي.
بيت - 12
جو تعلق رکي تندُ سين، سو ڪِين پَلئِه پاءِ
مُون کي مَ موٽاءِ، آءٌ اَڳاهون آيو آهيان.
سرود بيراڳ هندي
فصل اول
بيت - 1
پَک نَهِين، پاوَر نهين، پهنچ نهين، پِي دور
اُڏُرُ نه سَگهان سَکيان، مَران سورِ بَسُور.
وائي - 1
آن مِلاوي ڪو، ما ڪُو پِيا
جيوين جانِي دائم قائم، دوست آساڏا موري جِيا
بيت - 2
پَر هووَن ته اُڏُرِ مِلان، مُجهه نِت نِت ماري پِيڙ
جئن جئن ساجنُ سَنڀران، تئن تئن لَڳنِ تِير.
بيت - 3
سجن بِڇڙِئا دِن هوا، رَين پَڙِي ظلمات
ڪَهت قيامت دور هي، جا ڀَئِي آئي ساٿ.
بيت - 4
سجن بِڇڙڻ، ڦِر مِلڻ، ڪِيا جانُون ڪَب هوءِ
لوڪ مرنا اِيڪ هَي، مُجهه نت نت مرنا هوءِ.
بيت - 5
ساجن گَئي دو دِن ڀَئي، مين جانُون برس پچاس
ڀولِي پُڇي پِنڊتا، دِن ۾ ڪِتِني ماس.
بيت - 6
ساجن ساجن ڪَر رَهِي، چَلِي نه ساجن ساٿ
دکان ڪارَن هو رهي، مَرگ نه ميري هاٿُ.
بيت - 7
ساجن آيا هَم سُڻِيا، ڪِيا لي چَلون ساٿ
سِيس اُتار پائون ڌَرون، مُجهه اِيَهِي بسرات.
بيت - 8
ساجن آيا هم سُڻيا، ڪَيسِي ڀڳَت ڪَرون
ٿال ڀَري سَچ موتيان، اُوپَر نين ڌَرُون.
بيت - 9
سَجَن تُم مَتِ بساريي، هم لاگِي تيري بانہ
هم جَيسِي تم بَهوت هي، تم جيسي هم ڪانہ.
بيت - 10
سُول بِهاڻا دُکُ ڍوليا، بِره همارا ليک
آ ساجن تم ويک، هَي همارا جِيوِنا.
بيت - 11
گُرو گوبند دونون کڙي، مين ڪِسڪُون لاگُون پاءِ
هَم بَلهارِي اُس گرو ڪِي، جس نون گوبند بَتايا ناءُ.
بيت - 12
گرو گوبند دونون کڙي، پاڳين لڳان ڪانہ
هم گهوري اس گُر ڪِي جس گوبند مِلايا مانہ.
بيت - 13
لِيدِي پَرَ لاگِي نهين، ڦوڪُ باسلِي مانہ
گُرو بچارا ڪِيا ڪَري، چوڪُ چاڪَرِي مانہ.
بيت - 14
ڪانِي لاگي ڪَرم ڪِي، ڪِسُ ڪُون ڪَهِي نه جاءِ
جئن گُنگي تُون سپنا ڀَيا، تئن پَچَت پَچَت تَنِ ماءِ.
بيت - 15
ڪالُو ڪالَ تَب مِٽِيي، جَب سِگلِي ڪي گهَرِ جاءِ
اَنجن ڪا منجن ڪَري، ڪَل ۾ ڪُرنڊ لڳاءِ
مانجهي اِس تَنِ ڪُون، متان مورچا پڙ جاءِ.
بيت - 16
آه ڪَرُون تان جَر جَلي، مُشڪُ ڪَرُون تان جِيُّ
ڪو هووي سَخِي دَيُّ ڪا، جو مُجهه آن مِلاوي پِيُّ.
بيت - 17
پِي پِي ڪَرِ نه پَپِيا، پِي ڪا نام نه لي
مجهه کو ڍاڍي هووي بِره ڪا، جو پِي سُڻي جِي ني.
بيت - 18
بِره بُرا مَت ڪو ڪَهي، بِره هي سلطان
جِس گهَٽ بِره نه سَپَجي، اُو گهَٽ هي مَسان.
فصل دويم
بيت - 1
اِس مَرڻي نُون ڪِيا روئيي، جو گهَرِ اَپُني جاءِ
رووي بَندي تو آپ ڪُون، جو هاٽ هاٽ بِڪاءِ.
وائي - 1
راهَ مسافِرا وي! واٽَ مسافِرا وي! لُٽيان وو مِيان
دور ڳيان دي خبرَ نه ڪائِي، پُڇ پُڇ جو
وِيندَنُون مين هٽِيان
وائي - 2
آئي نهين رَهندي، يار نهين رَهندي
سڄڻُ نال اَٽِڪي وو، ]نَين[ نهين رهندي
1. لُٽ چُٽي نون تيري اڱڻ هوئي، ڳَل وِچ پاوَڻ پَٽِڪي
ميڪون معشوقان دي، ميڪون محبوبان دي هو لَٽِڪي
وائي - 3
جوڳي ڪِس ڪانه مِيت ري،
سامِي ڪِس ڪا نه مِيت ري،
جانتي ري جانتي ري
نا ڪا هوسِي ماتا گوپي، نا ڪا هوسِي پريت ري
بِره لائي ري گيا، اس منڊل ۾ ڪوئي نيت ري
بيت - 2
مَرنا تان آسان هي، مُجهه ڪون انديشا اور
پِي سين پَهُنا جو نهين، ڪِئا بَيٺِي ٽورُ.
بيت - 3
جِس مَرني نُون جَڳ ڏَري، (وه) مَرن ميرا آنند
ڪَب مَرِيي، ڪَب ديکيي، پُورَن پَرمانند.
بيت - 4
مرنا مرنا سَڀڪو ڪَهي، مَرن نه جاني ڪوءِ
هڪ وارَ اَيسا مَريي، جو ڦِر نه مَرنا هوءِ.
بيت - 5
نينا تو نينين پَسُون، دور تَهِيَرِي ماهِ
ساجن بِڇڙئا جو ڪَهي، پِريت جانِت ناهِ.
بيت - 6
ساجن ميرا ايڪ هي، دوجا ڪَرون نه ڪوءِ
دوجا ساجن تب ڪَرُون، جب ڪَل بِي دوجِي هوءِ.
بيت - 7
اي ڪاهو ڪِي ريت، جئن ساجن بِڇڙئا نه مِلئا
ويکو ڪاٺ ڪي پريت، جُگُ ڦُٽا سارِي مُئا.
بيت - 8
حَد حَد چَلي سَڀڪو، بيحد چَلئا نه ڪو
بيحد ڪي ميدان ۾، کَڙا ڪبيرا رو.
بيت - 9
سڀ جڳ ٻاڌا ڪاچي ڌاڳي، ڪوئِي وِرلا ڇُوٽا
اوجهَڙ چَلِئا سو گام پهتا، راهَ چَلئا سو لُوٽا.
بيت - 10
پِيتَم پِريت لائيي، ديسان دُور نه جاءِ
رَه همارِي ننگَرِي، مَين مانگُون تم کاءِ.
بيت - 11
ساڌو ڪِي سَنگت ڀَلِي، کوءِ مورک ڪا اِخلاص
ساڌو ماري گُن ڪَري، دِل ۾ ڪري تَپاس.
بيت - 12
ساچي جَڳ راچي نهين، جهوٽا مَني نه رامُ
ڪهو ڪَبيرا ڪيسي بَنون، جو دونون ڀارِي ڪامُ.
بيت - 13
ڪَبيرا هِيُ جَڳ جاتا هي، جان سُون گيوار
هَر سِي پوجا آرسُون، ڪاج سُون هُشيار.
بيت - 14
ڪبيرُ ڪبيرُ ڪِئا ڪَرو، سوجهي آپ سَرير
آسا ٽَسِنا وَس ڪَرو، تُم هِي داس ڪَبير.
بيت - 15
ڪَبي ڪَنُون ڪينَ رهي، گَل سجن ڪي بانہ
ڍلتِي ڍلتِي ڍل رَهِي، جون اوتَرَ وَن ڪِي ڇان.
بيت - 16
جِس مَنڊل ۾ ساڌو نَهين، هَرِ ڪِي ڀڳَت ناه
او منڊل مَسوان هَي، ڀُوت وَسي اُس ماه.
بيت - 17
ساڌو چَلئا، ٺڳ رُهِئا، ٺگ پِه چَلَنِ هار
آئي اُسي ڪِي وار، جو ساچي ڪُون جهوٽا ڪَهي.
بيت - 18
سپنا تم جهوٽا هَي، جهوٽا سارا اَنيڪ
جَب سوئون تب دو جَني، جب اُٺون تب ايڪ.
بيت - 19
سپنا تم سلطان هَي، اُتَم تيرِي ذات
سَؤ ڪوهين ساجَن بَسي، مُجهه آن مِلايي رات.
بيت - 20
گَيا جوڀن مان، جس ني سڀ جڳُ موهِيا
سوئِي تير ڪمان، مارُون پَر لاڳي نَهين.
بيت - 21
آٺِ پَهَر، چَوسَٺ گهَڙِي، لوهُو بَر سَت نَين
سَمن بَرڇِي پريم ڪِي، جبَ لاگي تب چين.
بيت - 22
ڪاغذ نَهين، ڪِ مَس نَهين، ڪِ ديس تُماري رِيت
لِکڻ واري آرس ڪِئا، ڪِ گهَٽ مان گَئِي پِريت.
بيت - 23
ڌرتِي سڀ ڪاغذ ڪَرون، ليکَڻ ڪَرُون بنراه
سارا سمنڊ مَس ڪرون، ته هڪُ گن لِکِيا نه جاءِ.
فصل سيوم
بيت - 1
دادو دعويٰ ڇوڙ دي، بِن دعويٰ دِن ڪَٽ
ڪتني سودي ڪَر گئي، اِس پاساري ڪي هَٽ.
وائي - 1
مَلِڪا ذِڪر تو گويم ڪه تو پاڪِي و خدائي
نه روَ م مَن بَجُز آن ره، ڪہ تو آن راه نمائي
1. تو خداوندِ يَمِيني، تو خداوندِ يَسارِي
تو خداوندِ زمِينِي، تو خداوندِ سَمائِي
2. همه درڪارِ تو پُويَم، همہ از فضلِ تو جُويَم
همه توحيدِ تو گويَم، ڪه به توحيد سَزائِي
3. تو زَن و جُفت نه جُوئي، تو خُور و خُفت نخواهِي
اَحدا بي زن و جُفتي، مَلِڪا کام ر
وائي - 2
4. نه نيازت به ولادت، نه بَرزند تو حاجَت
تو جَلِيلُ الجبرُوتِي، تو اميرُ الاُمرائِي
5. تو حليمِي تو ڪريمِي، تو سَميعِي تو بَصيرِي
تو مُغِزّي تو مُذِلِّي، مَلڪُ العرشُ عُملائِي
6. تو ڪَبيرِي تو خَبيرِي، تو لَطيفِي تو رحيمِي
تو غَفُورِي تو ڪريمِي، تو بشايانِ ثنائِي
7. همه عِزّي و جلالي، همه ذَوقِي و ڪَمالِي
همه نُورِيُّ و سُرُورِي، نه تُرا چُون و چَرائِي
نه زِ خاڪِي نه ز بادِي، نه زِ آبِي نه زِ آتَشِ
نه مَڪانِي نه مَنازِل، نه نِيشيني نه بَپائِي
9. نه سِپَهرِي نه ڪَواڪبُ، نه بروجي نه دَقائِق
ڪه مَنَم باهمه پُرعَيب، تو اَز عيبُ جُدائِي
نه تُرا خُوردن و خفتن، نه تُرا شِرڪَت شاهِي
نه ترا صورتِ رنگِين، نه ترا عيب و خَطائِي
همه را عيب تو دانِي، همه را عيب تو پوشِي
همه را رِزق رسانِي، ڪه تو با جُود و عَطائِي
اَحدُ لَيسَ ڪه بمثلِ، صَمدُ لَيسَ بَفضلِ
لِمَنِ المُلڪُ تو گُفتِي، ڪہ سزاوارِ خدائِي
نه بُدَه خلقُ تو بودي، نَبُودَ خلق تو باشِي
نَتوان وصفُ تو گُفتن، ڪِه تو دَر وصفُ نَيائِي
نَتوان شَرح تو گُفتنِ، ڪِه تو در فهم نه گُنجِي
نه خوري نيز نه خُسپ،ي نه گاهِي نه فَزائِي
لَبُ و دندانِ ’سنائي‘، همه توحيدَ تو گويد
همه را زِ آتَشِ دوزخ، زِ ڪرم باد رَهائِي
بيت - 2
ساڌو مِلئا، ته هَر مِلئا، اَنتَر رَهي تَرِيڪ
رامُ دُهائي سَچُ ڪَهُون، ساڌو آپ اَنيڪُ.
بيت - 3
ڪَٺَن ڪَسوٽِي پِي ڪُون، جوٺا رَهي نه ڪو
جو جِيتا هِي مَر رَهي، سَنَمَک پاوي سو.
بيت - 4
ساڌ سَڏاوَڻ ڪٺن هي، مَت ڪو ساڌ سَڏاءِ
ساڌ تڏاه سَڏائيي، جڏاه جِيتا ئِي مرجاءِ.
بيت - 5
بُلبُل رو وي رين دِن، ڪَهان پي گُلزارَ
اُن ڪُون قيامتَ آج هي، جن ڪُون بِڇِڙي يار.
بيت - 6
ڪون سُني، ڪِس سُون ڪَهُون، موري تَن ڪِي بات
موري تَن اندر بِڇُون اِڪ، ڪَروَت آوَت جات.
مثنوي
’ڪَيفَ مَدّ الظِّلِ‘ نقشِ اوليا است
گو دليلِ نورِ خورشيدِ خدا است
اندرِين وادي مَرَو بي اين دليل
’لا اُحِبُّ الاَفلين‘ گو چون خليل
رَو ز سايَه آفتابِ را بِياب
دامنِ شَه شمس تبريزي به تاب
هِين ڪہ اِسرافيلُ وقتند اوليا
مُرده را زِ اِيشان حياتست و نُما
اوليا را در دَرُونِ نغمها است
طالِبان را زان حياتِ بي بها است
نغمهايء اندرونِ اوليا
اَولاً گويَد ڪِہ اِي اَجزاي لا
اوليا را خوابِ مُلڪَ ست اي فلان
هم چون آن اصحاب ڪَهفند در جهان
اوليا اصحابُ ڪَهفَند اَي غُنود
در قيام و در تَقلُّب هم رقُود
اوليا را هست قدرت اَز اِلٰہ
تير جسته باز گردانند زِ راه
دستُ را مَسُپارِ جُز در دستِ پير
حق شد ست آن دست اُو را دستگير
دستُ تو از اهلِ آن بيعت شودَ
ڪه ’يَدُ اللهَ فوق اَيدِيهِم‘ بُود
مثنوي ما دُڪانِ وحدتَست
غير واحد هرچه بيني آن بُتست
مثنويِ ما دُڪانِ وحدت است
وحدت اندر وحدت اندر وحدت است
مثنويِ مولويِ معنوي
هست قرآن در زَبانِ پهلوي
خود غَرضُ رِين آبُ جانِ اولياست
گو غُسُولِ تِير گِيهاي شماست
آبِ خضر از جُوي نُطقِ اولِيا
مِي خُوريم اَي تشنهُ غافِل بِيا
اَي فَلان ما را بَهِمَّت ياد دار
تا شَويم اَز اوليا پايانِ ڪار
آن خيالاتي ڪالمِ اولياست
عڪس مَهرُ ويانِ بُستانِ خداست
اَبلَهان تعظيم مسجِد مِيڪُند
در جفايُ اهلِ دل جِدِّ ميڪُنَد
مسجدِ کِہ اندر درونِ اولياست
سجده گاه جمله آنجايُ خدا ست
اوليا اطفالُ حقُ اَند اَي پِسر
در حضور و غيب آگَہ با خبر
گفت اَطفالِ مَن اَند اين اوليا
دَر غريبِي فرد اَز ڪار و ڪِيا
جانها اِين دَلق پوشانِ مَن اَند
صد هزار اَندر هزار و يَڪ تَنَ آند
مرتبہُ اِنسان بَدَستِ اوليا
سُفيَہ خُون حيوان شناسش اَي ڪِيا
عقلُ عقلَ اَند اولياء عقلها
بر مِثالِ اُشتران تا اِنتها
آن ڪِہ گويند اوليا دَر ڪُہ بُوَند
تَازِ چشمِ مرد ما غائبُ شَوَند
اوليا اهلِ دعا خود ديگرند
گه هَمِي دُوزَندِ گاهِي مِيدَرند
قوم ديگر مي شناسم ز اوليا
ڪِه دهنِ شان بَستہ باشد از دعا
تيغ در زَرّادُ خانَہ اوليا
دِيد آن ايشان شما را ڪِيميا
هرڪه خواهد هم نشيني با خدا
گہ نِشِينَد در حضورِ اوليا
چون شَوِي دُور از حضورِ اوليا
در حقيقت گشتهءِ دور از خدا
يڪ زمانهء صحبتِ با اوليا
بهتر از صد سال بودن در تُقيٰ
از حديثِ اَوليا نرم و دُرشت
تن مَپوشان زانڪِہ دِينَت راست پُشت
نار خندان باغ را خندان ڪُند
صحبت مردانَت از مردان ڪند
گر تو سنگِ صَخرهء مرمر شوي
چون بصاحب دل رسي، گوهرُ شوي
مهر پاڪان درميانِ جانشان
دل مده اِلاّ بَمِهرِ دِل خُوشيان
رَو غِذايُ دل بَده از همدلي
رَو بَجُو اقبال را اَز مُقبِلِي
دست زن در ذَيلُ صاحب دولتي
تا ز انعامش بيابي رفعتي
اَن وَلي حق چو پيدا شد ز دور
از سَرو پايَش همي مي ريخت نور
نورِ حق ظاهر بُوَد اندر ولِي
نيڪ بين باشي، اَگر اهل ولِي
گر ولي زَهري خورد، نوشي شَوَد
ور خورد طالب، سِيَه هوشي شود
ناقہُ چسمِ ولي را بنده باش
تا شويِ با رُوح صالح خواجہ تاش
همسري با انبيا بَر داشتند
اوليا را همچون خود پِنداشتند
اوليا را داشتي در انتظار
انتظارِ رُستخيزَت گشتِ يار
چونکہ بيرنگي اَسيرِ رنگ شد
مُوسيي با مُوسيٰ اندر جنگ شد
چون به بيرنگي رسِي ڪان داشتي
موسيٰ و فرعون دارد آشتي
علمِ اهلِ دل نه از مڪتب بود
بلکہ از تلقين خاصہء رب بود
بي ڪتاب و بي حساب و بي اديب
اوليا را حق ڪند علمي نصيب
گر شڪال آرد ڪَسي بر گفت ما
از برايُ انبيا و اوليا
اين نمي بيني کہ قربِ اوليا
صد ڪرامت دارد و ڪار و ڪَيا
--
بِنالد بلبلِ مسڪين که از گلزار دور اُفتد
قيامت آن زمان باشد که يار از يار دُور اُفتد
--
دل بدست آور که حجّ اکبر ست
از هزاران کعبهُ يڪ دل بهتر ست
کعبه بُنگاهِ خليل آزر ست
دل گذر گاهِ جليلِ اکبر ست
--
دادُ و دَعويٰ ڇوڙ وي، تو هو وي خير ڪا خير
نا ڪِسِي ڪِي دوستي، نا ڪِسِي ڪا وير.
--
گُرُو مَري ته هم مَران، نا ته ميري مَري بَلا
هم اُسي ڪا ٻالِڪا، جو مَري نه مَرڻان جاءِ.
سرود هير
no_section
بيت - 1
رانجهنُ والا زهرُ پيالا، ڳجهڙِي آيَمِ ڀاڄِي
ماءُ پِئُو ڪَنون چورِي پِيتُم، ڪِيتُمُ رُوحُ راضي
دل جي قضا دل ٿي ڄاڻي، تون ڪِئا ڄاڻِي قاضي.
وائي - 1
سَمَجهه نه لايان نِيہُ، ماهِي ني، مين سَمجهه نه لايا
سمجهه نه لايا
راتِ آنڌارِي، حاڪم ڏاڍا جهرِمِرِ وَسندا مِيہُ
هَلان ته ڀِڄي چولِڙو، وَلان ته ٽُٽي نِيہُ
وائي - 2
وو رانجها هيرَ بيراڳَڻِ هوئِي
رانجهنُ مَٿي جو لالُ بوڇَڻُ، هيرَ مَٿي جا لوئِي
جِنہ تَنِ رانجهنُ مَنجهيان چاري، ڪو تَنُ ڏيکاريَمِ سوئي
بيت - 2
سُڻ وي سَگُ مَين سَگُ تيڏا، تون سَگُ ميڏي دلبرُ دي در دا
کائيندي طعامُ سَٽيندي لُقما، تيڪُون پاڪُ نظر دا
اِنِهين لقمان وِچُون هِڪُ لقما، ڏيوين ته ٿِيوي قُوتُ قبر دا.
بيت - 3
دروَندان جي در تي مين ڪَکُ ڳَلِي دا ٿِيوان
لڳي واءُ ته مين اُڏُرُ، چُلهه وِچِ چاءَ سَٽيوان
سِري محبوبُ ڪَرِينِ آرانڀي، هو ڦوڪِينِ ته مين جِيوان.
بيت - 4
چولِي مَيلِي صابنُ ٿولا، ڪِتلِي مَلمَلِ ڌووان
سيني اندرِ داغُ ياران دا، جي ويکان تي رووان.
بيت - 5
مَردِيان رانجهنُ مَر ويسان، هِير سڏي سين ڪَہَ نُون
تيرا شوقُ نالُ مَنجهيندي، چيٽَڪُ لايا مينون
ڳَلِي اسان ڏي آءُ ميان، سَڄڻا وَلِ وَلِ تاءِ نه مينون
تو جيها مينون اور نه ڪوئي، مين جيها لَکِ تينون.
بيت - 6
تَنُ ڀِي ٽُڪڙا، مَنُ ڀِي ٽُڪڙا، جئن دَرزِيان دا لِيڙان
اِنِهين لِيڙان وِچُون ڪَفن سِبائي، ڄُلسان نالِ فقيران
تو جيها رانجها اور نه ڪوئي، مين جيهيان لَکَ هيران.
بيت - 7
رانجهن ميڏا هوءِ بَحري دا شِڪرا، ته مين پَنِ پَنِ طعاما ٿِيوان
ڪَڙي ڪُلاٺا ليجاوي، مينون کاوي ته مين جِيوان.
بيت - 8
داغُ دَ رونِي سوزُ ماهِي دا، گهِنُ قبرَ وِچُ ويسان
کيڙي دِي مين هوءِ نه هوسان، ڪِئا جي دوزخُ سَرِ سان
مُنڪرُ تي نَڪِيرُ اَڳَئون، حَرفُ اِهوئي گهِنُ پَڙهسان
جي شہ رانجهو مَيڪون آنِ ميلو، جو شاهَ آکِئا سو ڪَرسان.
بيت - 9
چوٽِي ڇوڙي مَکِ نه دلبرُ، ڇوڙِ ته هو وَنِ ساڌي
ڏُون نيڻان دي ويکَڻُ ڪِيتي، وَسِيهَرُ نانگُ وِراڌي
جي ڀَني سي ڀَنُ ڇُٽي، جي کڙي سي کاڌي.
بيت - 10
ڪِٿِ اَسين، ڪِٿِ يارُ اَساڏا، ڪِٿِ ياران دِي وَستِي
رانجها کَسَنِ، کيڙا ڏَسَنِ، ويکُ ڄَٽان دِي مَستي
ساري جَڳُ وچون هِڪُ دوستُ ڪيتوسِي لوڪُ تَنان نُون کستي.
بيت - 11
اَسان لوڪان دِي ڪاڻِ نهين، لوڪُ اسان نُون وَڳي
ٻڪِري وانکي آپُ ڪُهايوسي، بيقدران دي اَڳي
ڪَڍُ ڪِتابَتَ قاضي کولِ مسئلا، عشقُ شرعَ ڪِئا لَڳي.
بيت - 12
قاضِي ڪَڍُ نه ڪاتِي، ڏي نه دڙڪا، مين ڪُسڻُ قبولُ ڪَريسان
ماهِي ڪيتي موتُ قبولِيان، کِيڙِيان مُولِ نه ويسان
جي رانجهو مينون سَڏُ ڪريسين، ته مين ڪُٺيائِي سَڏُ ڏيسان.
بيت - 13
چنڊُ مبارڪُ تَنا ڪُون ڪيهِي، يارُ جَنان دا رُٺي
ڳَلِي ڪوچي ڦِرَنِ نماڻان، ڏُون نيڻان دي ڪُٺي
سڄڻَ ساوڻَ مِينہ جئن، ڪُہِ ڄاڻان ڪِٿِ اُٺي.
بيت - 14
لَکُ ڪِتابتَ تيڪُون ڏيوان، جي دلبرُ نُون پَهُچائيين
جِيوين آکان تِيوين آکِين، ويندي پَلُ نه لائيين
ڳَلِ وِچِ ڪَپڙا، شِير زُبانان، دستُ پيران تي پائيين
ته مين سِرُ صحيحُ غلامُ تُساڏا، دِلِ دِي مِهرَ نه لائيين.
بيت - 15
الفُ اللهَ تي مِيمُ محمّد، عين علي ڪَرِ ڄاڻا
عَرشان اُلِٿا چارِ ڪِتابان، پَڙِهئان مسلمانا
وِچِ تَنا دي زيران زبران، مين ڪهڙا حرفُ سُڃاڻا
پَرَ قلمُ رباني لِکئا، ڪوئِي ميٺي مين تَهڏِي مَردِي ڄاڻا.
بيت - 16
هڪ جئن سهڻا، ٻِئو دِلِ دا ڏاڍا، ٽِيجهِي بيپرواهي
آهَ ڪَريان تان جَڳُ مِلي، ڪُوڪان دادُ نه پائي.
بيت - 17
ڪالي والِ لطيفان والي، اَکِيان ٻَرَنِ مَشعلان
نَڪُ دِيان نوڪان ڏيوَنِ چوڪان، وَلِ وَلِ ڪُهَنِ ڪنگالان.
بيت - 18
عشقَ ڪَنُون ٽي ٽولَ پِرايَمِ، سِڪَڻُ سورُ سُهمان
وَٽَڻَ ڪَنون ٻاٻَلُ پَلي، ڪَتڻَ ڪَنون اَمان
جي مين ڄاڻا عشقُ ڏُهيلا، ته ننڍِڙِيائي مَرِ وڃان.
بيت - 19
حاڪمُ ٿِيوان، حڪمُ چَلاوان، عشقُ اُجاري پاوان
جيڪوئِي عشقُ نه ڄاڻُندا، سو سَڀ قَتلُ ڪراوان.
سرود بروو سنڌي
فصل اول
وائي - 1
هوتُ نيڻان، دوستُ نيڻان، دِلبندُ لو، ڀَلو جيڏيون
هيڏان هوڏانهن سُپرين، ڪاڏي ورايان ڪَنڌُ، لو
چڙهي ڏاڍي ڏونگرين، راهَ پُڇايان رَندُ، لو
ساڄَنُ سَڀَنِان سهڻو، سائين جو سوڳنڌُ، لو
بيت - 1
ڇا کي وڃئو ڇو، ٻيلِي رَهِين ٻِئنِ جو
وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪريمَ جِي، جَڳَ ۾ آهي جو
سَهُکو هُوندو سو، جِنہ جو عشق اللهَ سين.
بيت - 2
پَرَوَسِ ٿِئَمِ پَرياڻُ، پرين وَسِ نه پاهنجي
لَڳُئِي ڪينَ، لطيف چَي، ڇَپرُ ڇاتِيَ ساڻُ
پرين ڏيکاري پاڻُ، خوشُ ڪري وِئا خوابَ ۾.
بيت - 3
ڪَري جي ڪوڙنِ سين، ريَ سَعيي ساڃاءِ
ته سيڪِئو سيڪي هٿڙا، ڪَرَ اُجهاڻِيَ باهِ.
بيت - 4
ڌَڙَ تي دُونہَ جئن، سِرَ ڀَرِ سپيريَنِ ڏي
لَڳو آهِ، لطيف چَي، تَنُ پريان ڏي تئن
حاصلُ ٿِيي هئن، قرِينو قريبَ جو.
بيت - 5
لَڳِيَ جو لطيف چَي، نڪو قالُ نه قِيلُ
لَڳِي لامُون کوڙِيُون، نيڻين وَهي نيرُ
هِنيَڙا ٿِيُ سُڌيرُ، ڪال قريبن لڏئو.
بيت - 6
ڀَلِي ڪِئئِي ڀَلا پرين، اِيَ نه مناسِبُ هوءِ
لائي چِتُ چَرِئو ڪري، پاڻُ ڪڍِي وِهين پوءِ
توڻي حُبُ نه هوءِ، ته هوتَ نه ڪِجنِ هيڏيون.
بيت - 7
ڀلي ڪِئِي ڀَلا پرين، مون نه ڄاتو ايئن
هِنيون هيرائي هَٿِ ڪري، توکي ڏِيان ڪئن
سا سِڪَ سَلان ڪئن، جنہ اندرِ آهيرا ڪئا.
بيت - 8
اَڄُ پڻ اَکڙيَنِ، سڄڻَ پهنجا ساريا
ڳِلَنِ تان ڳوڙهن جيون، بوندون بَسِ نه ڪَنِ
سَندِي سِڪَ پريَنِ، لوڪَ ڏِٺِئي نه لَهي.
بيت - 9
ڪي اوڏائِي ڏُورِ، ڪي ڏورِ ئي اوڏا سُپرين
ڪي سَنڀرِ جَنِ نه ڪڏهِين، ڪي نه وِسرنِ مُورِ
جئن مينہِ ڪُنڍيَ پورِ، تئن دوستَ وراڪو دِلِ سين.
بيت - 10
ماڻهو گهُرنِ مالِ، آءٌ سڀَ ڏِينہَ گهُران سپرين
دنيا تنہ دوستَ تان، فدا ڪريان في الحالِ
ڪِئو نامَ نهال، مونکي محبوبَنِ جي.
بيت - 11
هيرائي هٿِ ڪِئو، هِنئڙو حَبيبَنِ
ٻَڌِي ڪَچِيَ تندُ ۾، سَلَهاڙِئو سيڻَنِ
جُہ وِڌا پيچَ پِريَنِ، ته هِنئڙو هَٿِيڪو ٿئو.
بيت - 12
صورتَ گهڻو سهڻا، ٽاڻا سندنِ ٽُوهَ
ريلو ڏيئي روحَ، جو کائي سو کامِي مَري.
بيت - 13
صورتَ سندِيَنِ سالَ، پاڻَ مُصاحبَ سُپرين
مولي ڏِنَنِ مُنہَ ۾، نورِي نيڻَ نِهالَ
سَندي خوابَ خيالَ، مون مَنُ مَستانو ڪِئو.
بيت - 14
هوڏَ ڇڏي هوڏي، جي مانَ گهَرِ اچين سُپرين
ڳالهيون ڳُجهه اندرِ جيون، آهِينِ تَنَ گهُريون توڏي
جي وِهِين گَڏِ گوڏي، ته دَورُ سُڻايين دِلِ جو.
بيت - 15
ڪڏهن طاقِيون ڏِينِ، ڪڏهن کُلَنِ درَ دوستَنِ جا
ڪڏهن اَچان اچڻ نه لَهان، ڪڏهن ڪوٺِئو نِينِ
ڪڏهن سِڪان سَڏَ کي، ڪڏهن ڳُجهاندَرُ ڳَرَهِينِ
اِهڙا ئِي آهينِ، صاحبَ مهنجا سُپرين.
بيت - 16
ڪڏهن تان ڪونه ٿِئومِ، آثارو تِنہ عشقَ جو
محبوبَنِ منٿون ڪري، سِڪَڻُ سيکارِئومِ
تِنهان پوءِ ٿِئومِ، پاڻِي پَسڻُ پِريَنِ جو.
بيت - 17
تون صاحبزادو سُپرين، آءٌ نِسورو نوڪَرُ
بيحد ڪريان بندگِي، هَٿَ ٻَڌِي حاضُرُ
ڇَنِ ڇَڏيندُسُ ڪينَ ڪِين، دوستَ اَهنجو دَرُ
مون تان مِهرَ نظرُ، پرين لاهِ مَ پاهنجو.
فصل دويم
بيت - 1
جانبَ! تون جيڏو، آهِيين شانَ شعورَ سين
مون تي ڪَرِ مهنجا پرين، توهُ پَسِي تيڏو
اِيُ ڪامِلُ ڪمُ ڪيڏو، جئن نوازِييمِ نگاهَ سين.
وائي - 1
مولو ڪندو ماڙِ، مهنجِي اَللهُ ڪندو
هادِي ڏيئِي هَٿڙا، اَچِي چِڪَڻ مان چاڙِهه
ڪِشتِي ڪمينَنِ جِي، اَللهَ لَڳِ اُڪارِ
هو جو ويرِي واٽَ جو، سائين نيئِي ساڙِ
ڪلمي ساڻُ ڪريمَ جي، سڀِ لنگهندا پارِ
وائي - 2
هاڻي ايندو، هاڻي ايندو، لا! مهنجو سڄڻُ
آڱُرِ لائي اَنڌيون، نيئِي وَسِينءَ ۾ وجهندو
نِماڻِيَ جو نِجهُرو، پاسي پاڻِ اَڏيندو
مٿان لَڪنِ ساٿڙو، صحي سلامتَ نِيندو
مَهندِ ٿيندو مصطفيٰ، پُٺيَ لوڪُ لَڳندو
بيت - 2
جانبَ! مهنجي جِيَّ ۾، تو جِي طَمعَ پوءِ
وَٺُ ڪاتِي، وَڍِ آنگڙو، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪوءِ
ڀانيان ڀالُ سَندوءِ، جي ساڄنَ! سَنئون نِهاريين.
بيت - 3
جانبَ! اِيُ نه جُڳاءِ، جي مارِئو موٽِئو نه پُڇيين
رَتِي رَتُ نه سِنجُري، سِڪَ تهنجي ساءِ
اَسان توهين لاءِ، ٿي پَرِ ۾ پوڄائون ڪِيون.
بيت - 4
جڏهن پَويهُون يادِ، صحبتَ سُپيريَنِ جِي
فريادِيون فريادِ، ناگَہ وَڃنِ نِڱِئو.
بيت - 5
ڪَڙو منجهه ڪَڙي، پائي لُهارَ لپيٽِئو
مهنجو جِيُ جَڙي، سُپيريان سوگهو ڪِئو.
بيت - 6
نازَ منجهان را نڪرِي، جڏهن پرين ڪري ٿو پَنڌُ
ڀُون پڻ بـسمِ اللهِ چوي، راهَ چُمي ٿو رَندُ
اُڀِيُون گهڻي اَدبَ سين، وَٺِي حورون حيرتَ هَنڌُ
سائينءَ جو سوڳنڌُ، ساڄَنَ سَڀنئان سهڻو.
بيت - 7
ساڄنَ! سپاهِي، آءٌ اَوان جو آهِيان
اَچان ويلَ سڀڪَنهين، وڃان واجهائي
لالڻَ! تو لائي، کينڪارِئمِ گهَڻنِ کي.
بيت - 8
بَرُئي جِي بانِي، ڪِنہ کان سکئين سپرين
آڻي ڏيندَئِي هَٿَ ۾، مَسُ قلمُ ڪانِي
تَنِ اَڳئان جانِي، ڪيهِي ڪندين ڳالهڙِي.
بيت - 9
فانِي ڙي فانِي، دنيا دَمُ نه هيڪڙي
لَٽي لوڙَه گهَڻنِ سين، جوڙيندَئِي جاني
حَرفُ پُڇندَئِي هيڪڙو، ظاهِرُ زباني
ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آهي سِرِ سَڀڪَهِين.
بيت - 10
نيڻَ شَڪِيلا سپرين، ڀَؤنرَ ڀِرُون ڀالا
چِڪِئا ڦَٽَ فراقَ جا، اندرَ ۾ آلا
يارُ ميڙِيين يا اَلا، جنہ جِي صحبتَ ڪاڻِ سِڪي هِنيون.
بيت - 11
اَڄُ پڻ اَنگِيَمِ اَنگَ، هَٿان حَبيبنِ جي
جا پَرِ ساٽي سَنگَ، سا پَرِ سورَنِ سين ٿِيي.
بيت - 12
اَڄُ پڻ جُڙيَمِ جوڙَ، دوستُ پيهِي درِ آئيو
سُکنِ وٺِي ڏُکنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ
جا پَرِ کوٽَنِ کوڙَ، سا پَرِ سورنِ سان ٿِيي.
فصل سيوم
بيت - 1
عشقُ اِهڙِي ذاتِ، جو مانجهِي مُنجهائي مَيَنِ کي
ڏِيهان ڏورَڻُ ڏونگَرين، رُونِ سَڄائِي راتِ
اُٿي ويٺي تاتِ، ميان محبوبَنِ جِي.
وائي - 1
سڄڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ، دلبرَ ٻاروچي جِي ذاتِ
اُٺَ گُنگائي هَلئا، وائِي ڪَنِ نه واتِ
جانِي جَتَ وٺِي وِئا، رَهَه ۾ پييَنِ راتِ
2. ڪُهِي ڪمينِي هلئا، اَديون! آڌيَ راتِ
مِلان محبوبَنِ کي، وِهاڻِيَ پِرڀاتِ
بيت - 2
جِنہ جِي دنيا ڌارَ، ڀيڻِي ناهِ ڀنڀورَ ۾
ڪمينِيَ جي ڪانَه ڪِي، ساٿَ لڏيندي سارَ
آءُ عالمَ جا سردارَ، وارِجُ واڳَ وِلِهيَ تي.
بيت - 3
يارُ سڏائي سَڀُڪو، جانِي زبانِي
آهي آسانِي، ڪَمُ پَوي تي ڪَلَ پَوي.
بيت - 4
آدِميَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو
ڪونه کائِي ڪِنہ جو، سندو ماڻهوءَ ماسُ
دلبرَ! هِنَ دنياءَ ۾، وڃي رهندو واسُ
ٻِئو سڀُ لوڪُ لباسُ، هڪُ دِلِ هوندو هِڪڙو.
بيت - 5
شڪرُ گَڏِئاسون سپرين، جِيَري جانِي يارَ
ويٺي جَنِي وٽ ۾، ڪوڙين ٿِئا قرارَ
ڌَڻِيُمِ! ڪَرِ مَ ڌارَ، پاڙو تَنِ پريَنِ سين.
بيت - 6
کوڙي کَڻُ مَ سپرين، کَنيئِي تان کوڙِ
اَهلَ اَکڙيَنِ جِي، نيئِي نِڀائجُ توڙِ
مون ۾ عيبنَ ڪوڙِ، تون پاڻُ سُڃاڻجُ سپرين.
بيت - 7
جڏاه ڪَرَ جانِي، سڄڻَ سانگِ سِڌارِئو
راتين راحتَ ناهِه ڪا، ڏيهان حيرانِي
آءٌ پهنجي پريَن تان، ڪوڙيين ٿيان قربانِي
رضا ربانِي، نا ته ڪريان وَسُ وِصالَ کي.
بيت - 8
دِلِ جو دلبرُ هيڪڙو، گهڻا تان نه ڪَجنِ
دِلِ ڏجي تِنہ هيڪڙي، توڻي سَوَ سِڪَنِ
چِلوِ لا چئجَنِ، جي دَرِ دَرِ لائينِ دوستي.
بيت - 9
مهنجينِ مدائينِ جِي، ڪَلَ پِريان پيئِي
ڪڏهن ڪوسا نه ٿِيا، ڏوراپو ڏيئِي
ساڄَنَ سڀيئِي، ڍَڪئَمِ ڍولَ ڍِلائِيون.
بيت - 10
ڏاتَرَ مون ڏيکارِئو، هوتَنِ جو حضورُ
پِريَنِ پرچَڻَ جو ڪِئو، موٽائي مذڪورُ
اِيُ دوستن جو دستورُ، ڇِنان ڇِنَنِ ڪينَ ڪين.
بيت - 11
ڪِئان سِکين سپرين، ڪاسايَڪِي ڪارِ
تِکِي ڪاتِي هٿِ ڪري، مُنِيَ سين مَ مارِ
چوريَ چاڪَ نهارِ، سورَنِ سانگيڙا ڪِئا.
بيت - 12
جيڪِي لَڳي سو لاءِ، وڃي پِرڀاءِ پريَ کي
مهنجي پاران محبوب کي، وڃي پاند ڳچيَ ۾ پاءِ
ڳاٽُ کڻي ڳالهاءِ، ته سورَنِ کي سَنڌو پُوئي.
سرود مومل راڻو
فصل اول
بيت - 1
شَمعَ ٻاريندي شبَ، پِرهَ شاخُون ڪَڍِيون
موٽُ مران ٿِي مينڌَرا، راڻا ڪارڻِ ربَ
تُهجِي تاتِ طلبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ تان.
وائي - 1
مَيو تون موٽاءِ، مون رُوندي راتِ وِهاءِ
سائين ڪارڻِ سپرين، مَيو تون موٽاءِ
گهَرَ مَهاران گهورِئا، سُرَهو مون نه سُهاءِ
ڪاڪِئان وڃڻُ ڪيڏاهِين، راڻا! تو نه رِهاءِ
سَٿَ ۾ ساهيڙِيَنِ جا، طعنا توهِين لاءِ
سوڍا! سُکياڻِي ٿيان، پيرُ پَرچِي پاءِ
بيت - 2
اُڀي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سڀِ نَئِي وِئا
هڪُ مَيو، ٻئو مينڌرو، سڄِي راتِ سارِئامِ
ڳوڙها ڳَلِ ڳاڙِئامِ، سُورجَ شاخون ڪَڍيون.
بيت - 3
ڏيا تيلَ ڦليلَ جا، ٻارِئَمِ تائين ٻانگَ
ڍولو ڍَٽِ رَهائِيو، ڪنہ سَٽاڻي سانگَ
چانگي چڙهي آءُ تون، لالَ ورائي لانگَ
ڪوڙيين ڀَتين ڪانگَ، اُڏايام اَچيجُ تون.
بيت - 4
وَٽِ سوريندي وَلَها، وِئو تيلُ ٻَرِي
موٽُ مسافرَ سُپرين، چانگي تي چڙِهي،
راڻي لَئي رڙِي، ويئي وِهامِي راتَڙِي.
بيت - 5
ڪَتِنِ ڪَرَ موڙِئا، ٽيڙو اُڀا ٽيئِي
راڻو راتِ نه آئيو، ويلَ ٽَرِي ويئِي
کوءِ سا کاڻِي راتَڙِي، جا پِريَنِ ري پيئِي
مونکي ڏَنءُ ڏيئِي، وڃي ڍولو ڍَٽِ قرارِئو.
بيت - 6
سوڍي ڌاران سَرتيون، ٿِيي ڀِتنِ ۾ ڀَنگُ
اُٻاٽِجِي اَڄُ وِئو، راڻا! تو لَئي رَنگُ
هِنيين سين هاڃو ڪَري، پئو اوسيڙي اَنگُ
مون توهِين سين سَنگُ، پُڇايو پُڇان پئو.
بيت - 7
ڍاٽِي گهَڻا اَچَنِ مون سوڍي وِنگسِئو
ڪا جا لائِي مينڌَري، لالِي کي لِڱَنِ
راڻو اَکڙِيَنِ، وِسارِيان نه وِسَري.
بيت - 8
ڪَرها ڪاڪِ چَرِي، وَنءُ وَڻائو نِڪَرِي
لُڊُوڻِئا، لطيف چَي، آيو ڪونه وَرِي
گهڻا اِتِ گهَڙِي، وَڳَ وِساري هَلئا.
بيت - 9
راڻو ڪا راتِ وِئو، ڳُجهِي ڳالهه ڪَري
سوڍي رِيَ سَرتِيون، هَڏِ نه ساهَ سَري
وڃِي مانَ وَرِي، آسائِتِي آهيان.
بيت - 10
سوڍي سُتي لوءِ، ڪا جا مون سين ڳالهه ڪِي
سا جي پَڌَرِ پوءِ، ته سَرِتِي ڪانه سُمَهِي.
بيت - 11
راڻا تهنجِيَ راهَ تي، ڏيهاڻِي ڏيکان
راڻي جي رهاڻِ جيون، روحَ اندرِ ريکان
محبتَ جون ميخان، توسين لالَ لپيٽِيون.
بيت - 12
آءُ راڻا راحَتَ، ڌاڃَ ڌرتيَ جا ڌَڻي
سِڪنِ ٿيون سُهاڳڻيون، سوڍا! تهنجيَ سَٿَ
مون تان لاهِه مَ هٿَ، ڪاملَ ڌڻي ڪاڪِ جا.
بيت - 13
راڻي ريٻارو، توڏان مُڪو تَڪڙو
لُڊوڻِئا، لطيف چَي، ماڻِجُ موچارو
صُبحِ سَوارو، ڪاڪِ گهِڙندو ڪَرهو.
بيت - 14
راڻو ربُ راضي ڪري، مانَ ورائي واڳَ
چَندنَ سين چِڪَ ڪِئو، موملَ لِنبي ماڳَ
سوڍي جي سهاڳَ، ڍَٽُ مِڙوئي ڍَڪِئو.
فصل دويم
بيت - 1
جِهڙا گُلَ گلابَ جا، تِهڙا مَٿنِ ويسَ
چوٽا تيلَ چَنبيلِئا، ها ها هو هَٻيسَ
پَسئو سُونہَ، سيّد چَي، نِيہَ اَچنِ نيشَ
لالڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکرُ نه اُڄَهي.
وائي - 1
نيئِي نيئِي ڏيجُ، اي ادا! ادا! پانڌِي پِرِيَ سَنيهو
ڪالَ ڪوماڻا گُلڙا، سُڪا مَٿي سيجَ
تو لَئي هَنجهون هاريان، هِي جي منجها هيجَ
جان آن ڀيرو نه ڪِئو، تئن مان مُئِي سڻيجُ
بيت - 2
جِهڙا پاننِ پَنَ، تِهڙِيون سالُون مٿنِ سائيون
عَطرَ ۽ عَنِبِيرَ سين، تازا ڪِئائون تَنَ
مَڙِهئائون گهڻِي مشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چندنَ
سُونهَنِ رُپي سونَ سين، سندا ڪامَڻِ ڪَنَ
ڪِئائون لالَ، لطيف چَي، وڏا ويسَ وَرَنَ
مَنجهِه مَرَڪِئُس مَنَ، سوڍي سين سَڱُ ٿئو.
بيت - 3
سونَ ورنيون سوڍِيُون، رُپي رانديون ڪَنِ
اَگَرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿورِي کَٽَنِ
اوتِئائون عَنبيرَ جا، مَٿي طاقَ تَڙنِ
ٻاٽَنِ ٻيلُون ٻَڌيون، پَسئو سُونہَ سَڙَنِ
ٿِئا لاهوتِي، لطيف چَي، پَسڻَ لاءِ پريَنِ
اِجهي ٿا اَچنِ، ڪاڪِ ڪڪورِئا ڪاپَڙِي.
بيت - 4
هو جي ڪاڪ ڪڪورئا ڪاپڙي، تَنِ لَهي نه لالِي
ڪَڙي ڪيفَ خُمارِئا، مَي پِي مَوالِي
ڪري حاصلُ هَلِئا، ڪينِيَتَ ڪَمالِي
وَطَنِ وِصالِي، لُڊوڻِئا لوڊِي ٿئا.
بيت - 5
لڊوڻئا لوڊي ٿئا، وَطنِ منجهه وِصالَ
اَڄُ اَرَتو اکيين، ڪاڪِ پيتائون ڪالَ
ويئي ويچارنِ وِسري، صَباحَ جي سنڀالَ
پريَنِ کان پاسي ٿئا، مامُويَنِ مثالَ
جانبَ جي جمالَ، رَنگي پَسُ ريٽو ڪِئا.
بيت - 6
رچِي جي ريٽو ٿئا، ڪِينَ اُٻاٽِجَنِ اوءِ
کُنڀُ نه کاري تنہ کي، جو هالارِي هوءِ
توڻي ڌوٻي ڌوءِ، ته لالِي تهين نه لَهي.
بيت - 7
جنہ تَڙِ ڌُوڙون ڌُونِ، چُئا چندنَ چِڪُ ڪِئو
اَچن ڀَؤنرَ ڀَنڀولِئا، پاڻِي تَهِين پُونِ
راوَلُ رَتو رُونِ، ڪو وَهُ لڳو واسئين.
بيت - 8
چندنَ سين چِڪَ ڪري، رايائين راڻِينِ کي
هاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرُهُ وَراڪا ڏي
سوڍو سُڃَ ڪري، موملَ ماري هَلِئو.
بيت - 9
رُوءِ راڻي جي ناهِه ڪو، سوڍو سَوائِي
لَڊوڻئا، لطيف چَي، لالِي تنہ لائِي
ڪانهي ٻي وائِي، ٿِئو مِڙوئي مينڌرو.
بيت - 10
روءِ راڻي ناهه ڪو، سوڍو مِڙنِي سُونہَ
لاٿائين، لطيف چَي، مٿان دِلِينِ دُونہَ
ڪانهي ٻي وِرُونہَ، ٿئو مڙوئي مينڌرو.
بيت - 11
روءِ راڻي جي ناهه ڪو، سوڍا ٻِئا سُڄانَ
نِسورِيائِي نيہ جِي، ڪَسِئائون ڪَمانَ
ڇَڏي وِئا ڇوهَه ۾، دعوائون دِيوانَ
ٻي رَهيائِي ڪانَه، ٿيو مِڙوئي مينڌرو..
بيت - 12
ڪاڪِ ڇڏِئائون ڪُنڊَ تي، پاڻا وَئا پَئِي
لوڌِيَڙَنِ، لطيف چَي، سوڍو ڪِئو سَهِي
موملَ ماڳِ رَهِي، ٿئو مڙوئي مينڌرو.
بيت - 13
ڪاڪ ڇڏئائون ڪنڊَ تي، پاڻا وِئا پَري
تَنِ کي تاتَرِ ڪوهُ ڪري، جي لڊوڻئا لنگهي وِئا.
بيت - 14
جان جان ناهِه نصيبَ ۾، موملَ مَينڌَرو
پُوندُئي جِمَ پانهين وَرين، منجها پِرتِ پَرو
راڻي لَئي مَ رو، وِهُ طعني سين واڳِجِي.
بيت - 15
موملَ ناهه مينڌرو، جان جان منجهه نصيبَ
مونکي مون حبيبَ، طعنو ئي تهنجو.
بيت - 16
آءٌ طعني سوڌِي تهنجِي، تون طعنو ئي مون
سو ڪِين سَرِئوسُون، جو سَرَ تِيَ ڪِنہ نه سَرِئو.
بيت - 17
سُڻِي طعنو تهنجو، حالُ وِڃايُمِ حَقُّ
لکين لوڊِي آئيا، سوڍي لاٿُمُ شڪُّ
ڏِنُمِ ڪاڪِ ڪَهَڪُّ، سِگهو موٽِجُ سُپرين.
فصل سيوم
بيت - 1
راڻي جِي رهاڻَ مان، ڪو آديسِي آيو
چوڏهينءَ مانَ چنڊُ جئن، ڪِئو سامِيَ سَهائو
لَٿو اونداهو، جوڳيَ سَندِي جوتِ ساڻُ.
وائي - 1
راڻا جي رجِبُوتَ، موملَ صَحِيُ پَسندا
پَڙِهئا پَنَٿَ پِيرَ، توڻي ميرَ هَمِيرَ
مومل صحيُ پَسندا
1. مَڃِي رَضا ربَ جِي، هِئان سڀِ هلندا
ڪَلمي ساڻُ لَڏائيين، هادِي هِنَ هَنڌا
2. سَهُکِي سَڪِراتَ ڪريين، والِي وِيرَ وِداع
متان ڇڏيين مَڱڻو، مِهرِي مُرشدا
3. ’ڪُل نَفسِ ذائِقَةِ المَوتِ‘، سَچي ايَ صدا
اصل لِکئو اَنگَ ۾ ٿيندو تا پِه ادا
بيت - 2
راڻي جي رهاڻَ مان، ڪو آيو آديسِي
کٿورِيَ خوشبوءِ سين، وِلاتِ سڀِ واسِي
سُوڌو سَناسِي، اُتاهِين ٿِي آئيو.
بيت - 3
ڪالَهه گَڏِئوسون ڪاپَڙِي، جهڙو ماهُ مُنيرُ
فيضُ فراقُ فقيرُ، جوڳِي جاڳائي وِئو.
بيت - 4
ڪالهه گڏئوسون ڪاپڙي، بابو بيکارِي
سامِيَ سِيلو سِرَ تي، مالها موچارِي
ڏيئِي ڏيکارِي، ڦَٽي دِل فقيرُ وِئو.
بيت - 5
ڪالهه گڏئوسون ڪاپڙي، پَهَرَ سِڄَ کان پوءِ
پَسو سُونہَ سامِيَ جِي، رَتَ وَرَنون روءِ
جو مُنہ موملَ جي پوءِ، موٽڻُ تَني مَسَّ ٿِيي.
بيت - 6
ڪالهه گڏئوسون ڪاپڙي، بابو پاڻَ بَرِي
سائِي سالَ ڪُلهَنِ ۾، سامِيَ سونَ سَرِي
خبرَ ڏيون کَرِي، ڪا موملَ جي مجازَ جِي.
بيت - 7
ڪالَ گڏئوسون ڪاپڙي، بابو رَنگِ ڀَڀُوتُ
سَرِئون سُڪُوتُ، جوڳيَ سندِي ذات کان.
بيت - 8
بيکارِيَ کي بَرَ ۾، وِئو ڪيفُ چَڙهِي
ڳالهيون ڪندي ڪاڪِ جيون، ڳوڙها پِئَسِ ڳڙِي
ڪا جا اَنگُ اَڙِي، جئن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پئا.
بيت - 9
سِڄُ صڀاڻي جا ڪَري، سامِيَ سائِي رُوءِ
اَچي ٿِي عَطرُ جِي، منجها مُگهِٽَ بُوءِ
سا ڏيکاري جُوءِ، جِئان لاهوتِي لالُ ٿئو.
بيت - 10
سڄُ صڀاڻي جا ڪري، ساميَ سا وَڻِڪَ
سَهِي نه سگهان ساٿَ سيئَن، تهنجي راسِنِ جِي رونقَ
ڪِ رتِيَئي لاکَ ۾، ڪِ ڏِنئِي پانَنِ پِڪَ
سوڍَلَ جِي سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جهَليون.
بيت - 11
جوڳي جاڳائي، ماري وِڌو مامَري
لَنءُ لَڊوڻي ڪَنڌيين، اَمَيو آهي
وڃو جي ڪاهي، ته نِڪُون پَسو نِيہَ جيون.
بيت - 12
جوڳيَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِيہَ جو
پتنگَ جئن پيدا ٿئو، سامي سِڄَ وَڙاءُ
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُونئارِيَنِ ڪڪورِئو.
بيت - 13
آءُ لانگوٽِيا لالَ، ڪنہَ پَرِ ڏيئِي گُجَرِيُون
آبُ اَرَتو اکيين، لُڙڪَ وَهائِينِ لالَ
ڏٺَئِي جي جمالَ، سامي! ڪُهُه نه سَلائيين.
بيت - 14
گُجرِ کي گَجِميلَ جيون، آهينِ تارَنِ ۾ تَبَرون
هَڻي حاڪِيمَنِ کي، زورَ ڀَرِيون جَبَرون
ڪاڪِ ڪنڌيَ قَبرون، پَسو پَرَڏيهِيَنِ جيون.
بيت - 15
گُجرِ گاروڙِيَنِ، اَچئو اَڏِي اُڀِيي
مَٿان پيئِي تَنِ، ٻَڌا ٻاڻَ هَڻنِ جي.
بيت - 16
گجرِ گهڻا گهائِيا، پاڻان لَڳُسُ گهاءُ
مَينڌَري مُلاءُ، لَڳُسِ ڪانُ ڪپارَ ۾.
بيت - 17
موملَ کي مَجازَ جا، اکينِ ۾ اَلماسَ
نه ڪا عامَ نه خاصَ، جي وِئا سي وَڍِئا.
بيت - 18
مومل کي مجاز جا، اکينِ ۾ انبُورَ
هَڻي حاڪِيمَنِ کي، پَٽِ نِهاري پُورَ
گهوٽَ پِهرِي گهُورَ، جي وئا سي وڍئا.
بيت - 19
موملَ ماري مِيرَ، آهيڙِيَنِ کي اَڳَرِي
سوڍِيَ گهڻا سِڪائِيا، پَڙهئا پَنَٿَ پِيرَ
هَڻي تَنِ کي تِيرَ، مَڻيون جنِ مَٿنِ ۾.
بيت - 20
اَڃان ڀيرو هڪڙو، پَسِبِي موملَ
وٺِي ويندِيئِي پاڻَ سين، ڏيندَئِي نه موڪلَ
ويهُنِ ٿي وڃائيا، طَرحُنِ ساڻُ طَبَلَ
جَن کِي هُيون ڪَلنگِيُون ۾ ڪَلَّ، سي
وِئا ڪَنبندا ڪاڪِ ڏي.
بيت - 21
چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڌا شِڪارِي
فِڪَر ساڻُو ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي
وئا ڪاهيندا ڪاڪِ ڏي، جِتِ مومل موچارِي
موٽِئا نه مارِي، ڪَؤنرَ لَتاڙي ڪاڪ جا.
فصل چھارم
بيت - 1
سَڱُ ڪري سين سِينہَ، ڪنڌُ مَ ڦيرجِ ڪڏهِينِ
رَمِجُ راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجها نِينہَ
اِيَ مَ وَسِجُ عامَ تي، جئن مومل وَسنِ مينہَ
سندي حشرَ ڏِينہَ، سوڍو سارِيندِيين گهڻو.
وائي - 1
تان تون ويهُه سَنبَهِي، ساٿي: ميان، پانڌي ميان
ڪاڪِ هَلبو ڪَڏهِين
لَکين لَڊُوڻئا مَڻي، مَٿي واٽَ وئا ٿي ميان
جنہ کي پُڇان سو چَئي آيو ڪونه اُئا ٿي ميان
ڪوٺائو ڪريمَ جو، آيو پَهِي پَرِئا ٿي ميان
بيت - 2
وٺِئو وڃجُ واٽَ، ڪنڌُ مَ ڦيرج ڪيڏهين
لوڻي ڦير لَپاٽَ، لڳندئي، لطيف چَي.
بيت - 3
وَٺِئو وڃجُ راهَ، ڪنڌُ مَ ڦيرج ڪيڏهين
اڄِ ڪِ سَنجهه صُباحَ، نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾.
بيت - 4
جا ڀُون پيرين مون، سا ڀُون مَٿي سَڄڻين
ڌِڱَ لٽِبا ڌوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺاسون
ڏِينہ مڙيئِي: ڏون، اُٿِي لوچِ، لطيف چَي.
بيت - 5
لَڏِئو لطيفَنِ، پَلاڻي پَنڌِ ٿِئا
هَٿان حبيبنِ، ڪڏهن ڪونه ڏُکوئيو.
بيت - 6
رُسُ مَ رُسَڻُ گهورئو، اُٺُ اورانهون آڻِ
ليڙَنِ جو، لطيف چَي، تنگُ سَوارو تاڻِ
شرمندِيون سَڀيين پَرين، پُٺيَ لائجُ پاڻِ
اچي مُشڪُ ماڻِ، ته سوڍا سُکِياڻِي ٿيان.
بيت - 7
رس مَ رسڻُ گهورئو، اُٺِ اورانهون ڇوڙِ
تو رِيَ ڪاڪِ ڪَڙِي ٿِي، ساڻُ سِر کَنڊَ سوڙِ
اچي چندنُ چوڙِ، ته سوڍا سُکياڻِي ٿيان.
بيت - 8
رس مَ رسڻُ گهورئو، پَرَچُ مَ وَنءُ پَري
مارِيَسِ ڦَٽَ فراق جي، جِهتَ جي ذَري
لالڻَ جو، لطيف چَي، سُونهائِين سَري
آيَسِ تو ڳَري، سوڍا سُکياڻي ٿيان.
بيت - 9
رس مَ رسڻُ گهورئو، راڻا ڇَڏِ رِياءُ
ميٽِ مَدايون، موٽُ تون، ڪَري نِرتِ نِياءُ
لالَڻَ جو، لطيف چَي، ڪونهي سُونہَ سِياءُ
اَوَڳَڻَ ڍَڪي آءُ، ته سوڍا سُکياڻي ٿيان.
بيت - 10
رُس مَ رُسڻ گهورئو، ڇَڏِ راڻا ريڏائِي
مهنجِي ميٽِ مَينڌَرا، عاقِلَ! اَگَلائِي
لِپيٽجُ، لطيف چَي، ڪاملَ ڪَچائِي
ڪَرِ معافي مَدائِي، ته سوڍا سُکياڻي ٿيان.
بيت - 11
ڪاڪِ ڪَڙهي، وڻَ وِئا، جَلي مهنجي جانِ
رکِي ڪامَ ڪِڻِڪِئو، ماريَسِ تِنہ گُمانَ
هَڏِ نه جِيان هاڻِ، سِگهو موٽِجُ سُپرين.
بيت - 12
ڪاڪِ ڪَڙهي، وَڻَ وِئا، ٻَرئا محلَ ماڳَ
سوڍي جي سَرتيون، وِڌِيَسِ وَهَ ويراڳَ
سُورنِ لايا سانگَ، سگهو موٽجُ سُپرين.
بيت - 13
ڪاڪ ڪڙهي وڻ وئا، ٻَرِئا رنگَ رتولَ
تو پُڄاڻا سُپرين، هِنيَڙي اَچنِ هولَ
جي مون سين ڪِئَئِي قولَ، سي سگها پارجُ سُپرين.
بيت - 14
ڪاڪ ڪڙهي، وڻ وئا، لوٺو لُڊاڻو
تو پُڄاڻا سُپرين، آتَڻُ اُجهاڻو
مُيَنِ سين ماڻو، مناسِبُ نه مَينڌَرا.
بيت - 15
ڪاڪِ وَڻنِ ئِي ساڻُ، اُوٺِيَنِ گهڻو اوڙَ کِي
هُئنِ ڳُڻَ گهڻا، راڻا رُوندا وِئا.
بيت - 16
ڪاڪِ نه جهَلِئا ڪاپَڙِي، موهِيا نه مَحلَنِ
ٻائِنِ ۽ ٻانِهنِ جِين، ٻَڌُنِ ڪِينَ ڀَڄَنِ
لَکين لاهوتِيَنِ، اِهڙيون اورئان ڇَڏِيون.
بيت - 17
اِهڙيون اورئان ڇَڏي، ڪِئا لاهوتِي لَکَّ
پايو پِٽِينِ ويٺيون، ڪاڪِ ڏڃاڻيون ڪَکَّ
پيئِي اِيَ پَرَکَّ، ته سوڍِيُ سِجهائي وِئا.
بيت - 18
ڪاڪ نه جهلئا ڪاپَڙي، موهِيا ڪِنہ نه مالَ
جي ڇورِيُنِ ڏنا ڇالَ، ته په لاهوتِي لنگهي وئا.
فصل پنجم
بيت - 1
نه وارثُ نه وَلَهو، نه سَڱُ نه سِياڪو
تو پڄاڻا سُپرين، آيُمِ اولاڪو
پانڌِيا! پاراڀو، ڏجان ڍاٽِي ڍوَل کي.
وائي - 1
ڪِين جو ڪاڪ تَڙاءُ، چانگي چَرَهو چَکِئو
1. ڪَرهو سَرهو ڏيہَ ۾، نه تنہ ڊپُ نه ڊاءُ
پاهُ پِرائي آئِيو، لالي لَڊوڻِئاءُ
ڪَرهي ڪاڻيٽا رَتا، نائي ناگيلاءُ
وَڳُ واسِئائين پاهنجو، سَڀيئِي سُراهِياءُ
تون ڍاٽِي ڍَٽَ-ڌڻي، راڻو تون راءُ
موملَ محتاجيون ڪَري، عاجزيون اَڳئاءُ
بيت - 2
ڏجان ڍاٽِي ڍولَ کي، سَنيهو ساري
مونکي ڦَٽُ فراقَ جو، مَينڌَرا ماري
اچِين جي واري، ڪَرهو ڪَمِيڻيَ تي.
بيت - 3
ڪرهو ڪميڻيَ تي، سوڍا وارِ سُڄاڻَ
ڪُہ ڪريان ڪاڪ کي، تَنَ توهِي ڏي تاڻَ
لاهي غيرَ گُماڻَ، اَڱڻِ آءُ اُڪَنڊيين.
بيت - 4
اَڱڻِ آءُ اُڪنڊيين، پَرچِي پيارا
پَلَڪُ پراهون نه سَهيين، جِيَ جا جِيارا
نِيهان نِظارا، سَڃِ ته مانَ سورُ لَهي.
بيت - 5
سَڃِ ته مان سورُ لَهي، اَکيون ڀَري ٻاجهَه
راڻي جي رهاڻِ کي، ويٺِي وجهان واجهَه
سوڍا لَهِي ساجهَه، پَسُ توشَڪون تَڪيا.
بيت - 6
پَسُ توشڪُون تَڪيا، سيئِي وِهاڻا
پَسئو پَرِ پَچي هِيُون، جي حبيبنِ هاڻا
هِڪُ ڏُنگا ڏاڏاڻا، ٻِئو موٽِئو تان نه مينڌرو.
بيت - 7
ڪَري موٽَ مينڌرو، جي لُڊوڻِئا لالُ
گهَرُ مِڙوئِي گهوريان، هوندَ پهنجو حالُ
راڻي ڌاران راڄَ ۾، مون نه گهُرجي مالُ
سوڍي کي سوالُ، ڪريان ٿِي قربَ جو.
بيت - 8
سوڍا! سُورَ سِڪائِيون، اَکيون آبُ نه ڪَنِ
راڻي جِي رهاڻِ کي، وِرڻِيُون وَڃنِ
سي ڪئن مَينڌرا مَچنِ، جي تو سوڍا سوريَ چاڙِهيون.
بيت - 9
موملَ ويٺِي مينڌرو، سدائين ساري
وَلِيون جي واسَ وَرنيون، چانگي کي چاري
جڏهن تڏهن سُپرين، اِيندَمِ اوتاري
سوڍي سين ساري، ڳالهيون ڪنديَسِ ڳُجهه جيون.
بيت - 10
سوڍا تهنجي سُورَ، اندرِ آڳِيُون لائِيون
راڻا! رِهاڻِنِ جا، مارينِهُون مَذڪُورَ
طعنا ڏينِهُون تُورَ، آ ته پَرِچون پاڻَ ۾.
بيت - 11
مون گهَرُ اچِي جي ٿِيي، مينڌرو مهماڻُ
آڻي جهوڪِيان آڳِ ۾، ڄيري وجهي ڄاڻُ
تائي تَنورَنِ سين، ڀيري هَڻان ڀاڻُ
پِئُڪَنِ سوڌو پاڻُ، گهَرُ تَڙُ گهورِيان پِريَ تان.
بيت - 12
اَڄُ نه ڳالهائونِ، هونِ ڏيهاڻِي نِجهُري
پَسو پَهُه پئونِ، آتَڻُ سُڃو اُنِ ري.
بيت - 13
اَڄُ نه پَسان سِي، آتَڻُ ڪِتِمُ جَنِ سين
هاڻي تَنِي کي، ڪَنڌيَ ڪاڪِ نِهاريان.
بيت - 14
تون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌڻِي، ڍولا تهنجو ڍَٽُ
پائي تُراڙي توريان، مُلڪُ نه تهنجو مَٽُ
لاهي ڪَسرَ ڪَٽُ، اَچِي کوڙِ قَناطُون ڪاڪِ ۾.
بيت - 15
کوڙِ قناطُون ڪاڪِ ۾، راڻا وِهُ رَهِي
ماڻهو جي محلاتَ جا، سوڍا ڪِجُ سَهِي
وِينديَئِي ڳالهه وَهِي، وِڪَرِ پُونده وَلها.
بيت - 16
آکَون ڊاکون سِرَ کَنڊَ شاخون، جِتِ چوکا چندَنَ ڪَونرَ
مَيي سي ماڻِيا، جِتِ نه ڀِرَنِ ڀَونرَ
ڪُنئاريون ۽ ڪَونرَ، ڪاهِتَ پَسُ ڪاڪ جا.
بيت - 17
هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙين، جِتي نِيہَ اُڇَلَّ
نه ڪا جهَلَ نه پَلَّ، سَڀُڪو پِسي پِريَ کي.
بيت - 18
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي گهَڙِجي نِينہُ
نه ڪا رات نه ڏِينہُ، سڀڪو پَسي پريَ کي.
بيت - 19
هلو هلو ڪاڪ تڙين، چَرُو جِتِ چَرَنِ
ڪوڙيين رنگَ رَچَنِ، پانُورِيَ پِڪَ سين.
فصل ششم
بيت - 1
ڪِينُ ساڱاهِيمُ سُپرين، جاڙُون ڪِيَمِ جي
سوڍا! مونکي سي، موٽِي مُنہَ ۾ آئيون.
وائي - 1
مينڌرا مونکي راڻا! جِمَ وِساري ڇَڏِيين
مونکي طعنا تهنجا، ڏيهُه مِڙوئِي ڏي
راڻي ٿي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين کِلِئُمِ ٿي.
بيت - 2
ڪِينَ ساڱايُمِ سُپرين، جاڙُون ڪِيَمِ جِتِ
سوڍا! مونکي تِتِ، موٽِي مُنہَ ۾ آئيون.
بيت - 3
ڪين ساڱاهيمُ سُپرين، جاڙُون ڪَيمِ جالَ
سوڍا! مونکي ڪالَ، موٽي مُنہَ ۾ آئيون.
بيت - 4
خاموشِي خبرَ جِي، موملَ مون مَتِ
صبرُ ٿئو سُپتِ، مهنجي حقِ مينڌرا.
بيت - 5
سوڍا! صبرُ تهنجو، موملَ مَتِ ٿِئو
تو جو ڪالُ ڪِئو، تِنہ مَدِيون ميٽي ڇڏيون.
بيت - 6
تو ۾ ٻَڌِيَسِ تي، جي مُنہَ ۾ مَديون نه ڏِيين
ڍولا! جي ڍَڪِيين، سي متان عيبَ اُپَٽِيين.
بيت - 7
جي مُنہ ۾ مديون نه ڏيين، تو ۾ تي ٻَڌِياسِ
سوڍا! اِن سُهاڳَ کي، ويٺي واجهاياسِ
ڍولي ڍَڪِيياسِ، ڏيئي پاندُ پناهَه جو.
بيت - 8
ڍولي ڍَڪِي آهيان، هُيَسِ اُگهاڙِي آنءُ
رکي پهنجو نانءُ، ڪَڪَرُ ڪِئائين ڪاڪ جو.
بيت - 9
ڍولي ڍڪي آهيان، هُيس اُگهاڙِي آنءُ
رکي پهنجو نانءُ، ڪَڪرُ ڪِئائمِ ڪاڪ جو.
بيت - 10
ڪَڪرُ ڪِئائمِ ڪاڪِ جو، ڏيئِي لاڻِيَ لِکَّ
هاڻي مَٿي ڏِکَّ، چَڙِهئو ٿِي چاڳَ ڪريان.
بيت - 11
سوڍا صبرُ تُهنجو، مَرَڪُ لَڄايَنِ
چُپَ سين جي چَونِ، اَدبُ ڪِجي اُنِ جو.
بيت - 12
سوڍا صبر تهنجو، لَڄايَنِ مَرَڪُ
نه ڪُڇڻَ سين نَڪُ، ريَ رُڪَ راڻي وَڍئو.
بيت - 13
سوڍا صبر تهنجو، سَڀَنِ سيکاري
مومل جي واري، ڪُہُ ڄاڻا ڪُہُ ٿئو.
بيت - 14
سوڍا صبر تهنجو، سيکاري سَهَسَ
پُڇِي منجها پَهسَ، مونکي نصيبَ نيئِي جهلئو.
بيت - 15
سوڍا صبر تهنجو، ماڻهو ڪِي موملَ
ڪُپَرِ منجها ڪَلَ، پييَمِ پرين تُهنجِي.
بيت - 16
سوڍا صبر تهنجو، مونکي نصيحتَ
ريلو ڪنديَسِ رَتَ، مينڌَرا تو مهندا.
بيت - 17
سوڍا صبر تهنجو، بي عقلنِ عَقُلُ
آهي اَنگُ اَمُلُ، ماٺِ تهنجي مينڌرا.
بيت - 18
سوڍا صبر تهنجو، بي عقلَنِ آڻي بازِ
سندي صبرَ سازِ، توبَہَ ڪارِيَمِ تَڪَڙِي.
بيت - 19
سوڍا شَرمائِيون، پَسئو عيبَ اَڳيان
نَڪَ نِرجايون، هُيون مهنجي حقَ ۾.
بيت - 20
موٽِي آيو مُنہَ ۾، سوڍا! شرم جَنِ
سي لَڄايُون لُڇنِ، پسئو عيب اَڳيان.
بيت - 21
اَديون! آتَڻَ واريون، نِرجا نَڪَ ٿِئا
وَڍِئا تان نه وِئا، پاڻان مورِئا مُنہَ ۾.
بيت - 22
موري مُنہَ وڏا ٿِئا، وَڍئان تان نه وَڃنِ
اَديون! اَناسن، تن ڪوجهن کي ڪئن ڪريان.
بيت - 23
جَني سندي مُنہَ ۾، نِيائون نَڪَنِ
تِئان وَڍئو هيڪَڙو، ته ڪهڙو ٿورو تَنِ.
فصل ھفتم
بيت - 1
ڍَٽِ مَ وڃجُ ڍولَ، ڪانيارِي ڪاڪ ڪري
آءٌ اڳهِين آهيان، ٻَڌِي تهنجي ٻولَ
توکي ساري سُپرين، رُنُمُ منجهه رَتولَ
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، وِسَہ مون وِهُ ٿِئا.
وائي - 1
ڪئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، مونکي سوڍو سَجهُه نه ڏي
اَچِئو آتَڻَ واريون، مونکي طعنا ڏِينَمِ تي
پَٿرِ وارَ وِڇائيان، آءٌ رِيجهِي راڻي کي
کارايان کِيروليُون، آءٌ چارِيان چانگَنِ کي
راڻو تئن رُسِي وِئو، جئن کَرَ سين کِلئُمُ ٿي
وائي - 2
جِتي راڄَ رَهَنِ، سي تَڙَ سُکَ وَسَنِ
آءٌ تنہ جَبلَ مَٿَڙان گهورِي، لا، جتي راڄَ رَهنِ
1. آمان، لِيمان ڦلَ ڦاروها، جِتِ کٽڻهارَ کِڙَنِ
2. ٻاروچاڻيون ٻانِهيُون، ڪهڙيَ چالَ چَلَنِ
3. جِئان ويهِي اُٿئا، هِينَڙو تَنِ هنڌنِ
4. مَٿي پوتا پَٽَ جا، گهَگها ساڻُ گُلَنِ
5. سُونهنِ سُپيرينِ جا، پَکا سين موتِيَنِ
6. جردالو، جُبير چَي، شفتالو سُونهنِ
بيت - 2
لَڊوڻِئون، لطيف چَي، کَٽُون کنيائون
ڇَڏي حيلا هَلِئا، موملَ مارِئائون
ڀيرو ڀَڳائون، آسَڻَ آرامِي ٿِئا.
بيت - 3
ڀيرو ڀَڃُ مَ ڪاپڙِي، لاهي وِهُه مَ لاڳُ
تان مون هينئڙو ماڳُ، جان توکي جُوءِ ۾.
بيت - 4
سوڍي سِرُ نِئو، هِتِ ڪَرَ ڳَلُ سَکِڻو
راڻي جِي رهاڻِ کي، سِڪي ساهُ پِئو
پَسان ڪِينَ ٻئو، تو رِيَ اکڙِيَنِ سين.
بيت - 5
سوڍي مهنجي ساهَ سين، جيڏيون! جئن ڪِئو
ڪَڙِي مون ڪاڪ ٿِي، آتَڻُ وِسَرِئو
پَسان ڪينَ ٻئو، تو ريَ اکڙين سين.
بيت - 6
جيڏيون! مهنجي جِيَ سين، راڻي رِڻُ ڪِئو
قلبُ ڪاڪ ڪَنڌِنِ ۾، پُرزا ٿي پِئو
ٻُجهان ٻَهرِ وِئو، هِيُون هنڌِ نه اَڳِيين.
بيت - 7
راڻي رِڻ ڪئو، جيڏيون! مهنجي جِيَّ سين
مَنُ مينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو
ٻُجهان ٻهرِ وئو، هِيون هنڌِ نه هيڪڙي.
بيت - 8
راڻو ڪا راتِ وِئو، ڳُجهِي ڳالهه ڪَري
سوڍي ري سَرتيون، هَڏِ نه ساهَ سَري
وڃي مانَ وَري، آسائتِي آهيان.
بيت - 9
راڻا! نه ڄاڻان، ڪِئن وِڏوڻين وَلَها
پيئي کِهَه کَٽُنِ تي، ٿِئا پَلنگَ پُراڻا
جايُون، گُلَ، جَباتَ، وڻَ، تو ريَ ڪُوماڻا
ڌُريان ئِي ڌونرا ٿِئا، وَرَ ريَ وِهاڻا
مينڌرا ماڻا، تو رِيَ ڪنديَسِ ڪَنِ سين.
بيت - 10
ميان مينڌرا موٽُ، بَخشُ ڪَري بُڇائيون
تون گهَڻِنِي گهوٽُ، مون وَرَ آئي نه سَري.
بيت - 11
ڪرها ڪارڻَ ڪاهَ، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِئو
ساري ڏيجُ، سيّد چَي، لُڊاڻي کان لاهَ
مقابلو موملَ سين، ٿيندو سَنجهُه صُباحَ
سوڍي جي صلاحَ، ڪَونرَ چَرندين ڪاڪ جا.
بيت - 12
ننڍو تان ڪوهُ، پَر وکين آهي وِترو
وڃئو ڪاڪ ڪَنڌِنِ ۾، پَهَسُ پکيَ جئن پوءِ
اِن ڪُرَ سندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نه ٿِيي.
بيت - 13
راڻو ڀانيو راندِ، وڃئو ڪئن وِڙَرائيين
وَرُ وِڏوڻو اِيهين، جئن پَرِ پُڄِتوءِ پاندِ
هي ڀَڳِي هيڪاندِ، سوڍو ساريندِيين گهڻو.
بيت - 14
ڪيڏَهن ڪاهيان ڪَرَهو، چوڏِسِ چِٽاڻو
منجههِين ڪاڪ ڪَڪورِي، منجههِين لُڊاڻو
راڻو ۽ راڻو، ريَ راڻي ٻِئو ناهِه ڪِين.
بيت - 15
ڪيڏَهن ڪاهيان ڪرهو، چِٽاڻو چوڌارَ
منجههِين ڪاڪ ڪڪوري، منجههِين باغُ بهارَ
ڪانهي ٻِي تَوارَ، ٿِئو مِڙوئِي مينڌَرو.
بيت - 16
لوٺِيَسِ لُڊاڻي، پَسو سو پِريَنِ ري
جيڏيون! جيهائِي ڪِي، راتِ رُسِي راڻي
هَلِيو هاڻي، وِيرا ڪاڪِ وِهُه ٿِي.
بيت - 17
لوڌِي لکَ اچنِ، رُوءِ راڻي جي ناهِ ڪو
هِڪُ اَکيون ٻئا انگڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ
سي ڪئن مينڌرا مَچَنِ، جي تو سوڍا! سوريَ چاڙِهيا.
بيت - 18
حالُ قربانُ، مالُ قربانُ، جانِ قربانُ گهوريان لُڊاڻو
فِدا تِيَ فقيرِ جو، رُسي جو مَ راڻو
مُيَنِ سين ماڻو، مناسبُ نه مينڌرا.
بيت - 19
جي هُئا ڪوڏِيا ڪاڪ جا، سُتا سي سُونهَنِ
لڊوڻِئا، لطيف چَي، لڏِئو لوڌِيَڙَنِ
سي موٽِي مَسَ اَچَنِ، جي آتڻ آرامِي ٿئا.
بيت - 20
راڻي سندو روحَ ۾، پَسو پَڳَهُه پِئومِ
ٻيڙِيَ جئن ٻَڌيِ وِئو، سوڍو ساهُ سَندومِ
وِهَڻُ وِهُ ٿِئومِ، جاڳئو ٿِي جَرُ هاريان.
بيت - 21
تَنِ باغَنِئون بَسِ، جي ڪَنڌيَ ڪاڪ ڪڪورئا
سوڍي ريَ سرتيون! ڪاڪِ نه اَچي ڪَسِ
راڻي پائي رَسِ، تَنُ ٻيڙيَ جئن تاڻِئو.
بيت - 22
سهسين جئان سِڪنِ، تِئان موملَ موٽڻُ لِکِئو
سي هُنهين جاڙَ جِيَنِ، جي ڪوري ڪاغذَ آئيون.
بيت - 23
ويٺِي نِتُ نِهاريان، راڻا! تهنجو راهُ
موٽائي ماڳَنِ ۾، آڻيندُئِي اَللهُ
سوڍا! تو گهَرَ ساهُ، نا ته راڻا گهڻا راڄَ ۾.
بيت - 24
جَڳُ جِيَهِين چوءِ، سوڍو تِئين نه سِکِئو
راڻو تِئين نه روءِ، ڳوڙهو جئن ڳَلِ ڪِري.
بيت - 25
جي اِيندِهين موٽِي مينڌرا، وڏي جاڙَ ڪِياءِ
وَرڻُ نه هوءِ وَلَها، هوندَ جَٽِي مون جاڳاءِ
سُتي جِي ساڃاءِ، سوڍا! سِگهيائِي ٿِيي.
بيت - 26
نئون نِياپو آئيو، راڻي مُلا راتِ
لڌِيسُون لطيف چَي، ڪَنان ڏاترَ ڏاتِ
ڪَهڙِي پُڇِين ذاتِ، آيا سي اَگهِئا.
بيت - 27
ڪَڪورِي ڪاڪ وَهي، راڻا! ڀانءِ مَ رَتُ
سوڍا! اِيُ شربَتُ، نسورو ئِي نيہَ جو.
بيت - 28
مومل ماري ميرَ، آهيڙِيَنِ کي اُڪَرِي
سوڍيَ گهڻا سِڪائيا، پڙهئا، پَنڊَّنِ پيرَ
هَڻي تَن کي تيرَ، مَڻِيون جَنِ مَٿنِ ۾.
بيت - 29
مَڻيون جَن مٿنِ ۾، تَنِ تاڪي هَنيسِ تيرَ
گهايائون گُجرِ کي، مَرَڪِي اُڀا مِيرَ
مومل جِي اُڪيرَ، پاڻا پڇي اُن کي.
بيت - 30
سوڍا سُرتِ سُجانَ، وَرِ ڪَرِهو ڪاڪِ تي
نسورِيائي نِيہَ جي، ڪَسيئِي ڪمانَ
ڇيهَه ۾ ڇڏي هَلِئا، دعوائون ديوانَ
ڪنہ جِي چَلي ڪانَ، ٿئو مِڙوئِي مينڌرو.
سرود کاهوڙي
فصل اول
بيت - 1
مون سي ڏٺا ماءَ، جَني ڏِٺو پِريَ کي
ڪري نه سَگهان ڪاءَ، اُنِي سندِي ڳالهڙِي.
وائي - 1
وسائيندَڙي مِينہَ، مانَ مِلان کي سَڄڻين
آءٌ مِڙندي پِريَ کي، راتيون ڏوري ڏِينہَ
مونکي پِريَنِ ميڙيين، روجهَڙيون ميڙيين مِينہَ
اَکينِ آگَمَ لائِيا، ڪَرَ مُندائتا مِينہَ
مادرِ! موٽِي نه وِهان، مون پِريان سين نِينہَ
بيت - 2
مون سي ڏٺا ماءِ، جَني ڏِٺو پريَ کي
رَهِي اچجي راتَڙِي، تَنِ جُنگَنِ سندي جاءِ
جَنِي جي ساڃاءِ، تُرهو ٿِيي تارِ ۾.
بيت - 3
ويئيون پَٽِ پَئِي، کِيرون کاهوڙيَنِ جيون
آءٌ تَنِ ڏوٿِيَڙَنِ جو، پُڇان ڪيرُ پَهِي
رِڃُنِ راتِ رَهِي، جَنِي ڏونگرَ ڏورِئا.
بيت - 4
پاڙِئان پُڇِي آءُ، خبرَ کاهوڙيَنِ جي
جوشَ ڏنائون جِيَ کي، لڪائي لوڪا
ڏوٿِينِ ڪنہ ڏُکا، سُمَهِي سُکُ نه ماڻئو.
بيت - 5
تون هَڏِ ڪُڄاڙئا، سَنجهي سعيو نه ڪَرين
سَوارا سَنڊَ کڻِي، کاهوڙِي وِئا
آڻِيندِه ڪِئا، ڏُٿُ ڏوراڻي ڏيهَه جو
بيت - 6
ڏوٿِي هو ڏِينہَ، ڏونگر هو لَڪِيُون
ڪِنہ جِنہ لڌا نِيہَ، جي ڀُڻا لُوسَنِ لُڪَ ۾.
بيت - 7
ڏوٿي سا ڏورينِ، جا جُوءِ سُئِي نه ٻُڌِي
پاسا مَٿي پَهڻين، کاهوڙِي کوڙِينِ
وِئا اُتِ وؤڙِينِ، جِت نهايَتَ ناهِه ڪا.
بيت - 8
کاهوڙِي کِجَنِ، پَسئو پورِهَتَ ويسَرا
سي ڏوٿيئڙا ڏورِ ٿِئا، رِڃُنِ جي رَهنِ
ڪاملُ آهي تَنِ، مون پريان جي ڳالهڙِي.
بيت - 9
ڀُڪِلئا ڀُوڻَنِ، دَلَقَ گڏئو ڌُوڙِ ۾
ڳالهيون ڳَهلي لوڪَ سان، پَڌرِ پَئِي نه ڪَنِ
ڪاملُ آهي تن، مون پِريان جي ڳالهڙِي.
بيت - 10
تان ونءُ ويهِي آءُ، اَڱڻَ کاهوڙيَنِ جي
جوشَ ڏِنائون جِيَ کي، لڪائي لوڪا
ڏوٿينِ ڪِنہ ڏُکا، سُمَهِي سُکُ نه ماڻِئو.
بيت - 11
ڪِ ڪي کاهوڙِي، ڇَپرَ ۾ سَڏُ ٿئو
اَڳي ٿي سُئِي، اُني سَندي ڳالهڙِي.
بيت - 12
ڏُٿُ گهڻائِي ڪَنِ، اِنَ اورانهين ڏيہَ جو
سندا کاهوڙيَنِ، پَري سُڄنِ پيچرا.
بيت - 13
جيڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏونگرُ ڏورَڻُ ڏاکڙو
ڇَپرُ ڪِنہ نه ڏي، سُوکڙِيُون سُتن کي.
بيت - 14
مون کاهوڙِي لنگهئا، گهرين نه گهارِينِ
واحِدَ لَڳِ وِلُهنِ ۾، رويو جَرُ هارينِ
گَوندرِ گُذارينِ، جُہ ڏوٿِي ڏُٿُ گَڏُ ٿئا.
بيت - 15
مون کاهوڙي لنگهئا، ويهِي نه ويرمَ ڪَنِ
ڏِينہَ تَتي ۾ ڏونگرين، ڪارڻِ قوتَ ڪَهنِ
جهَنگلَ ۾ جُهڻڪَنِ، جُہ ڏوٿِي ڏٿُ گڏُ ٿئا.
بيت - 16
مون کاهوڙي لنگهئا، سُمَهڻِ ڪِينَ پَئِي
ثَمرُ ڪِئائون سُڃَ جو، ڏوري ڏُٿُ لَهِي
وِئا اُتِ وَهِي، جِتِ نهايتَ ناهه ڪا.
بيت - 17
رائو رُڃَ رهُون، جتي نِيهان نِڪَڻِي
لَڳئو پيرَ لَڪنِ سين، ڇِڄئو ٿِينِ ڇِهُون
تان ڪا سارَ لَهُون، هوتَ ڪميڻيَ سُپرين.
بيت - 18
کاهوڙينِ کڻي، ساجهُرُ ٻَڌا سَندِرا
ڏورِيندي ۾ ڏونگرين، ڪِئَئون پاڻُ پَڻِي
ڏُکنِ ڏِيلُ هَڻِي، ڇِهُون لَڌائون ڇَپرين.
بيت - 19
کَڻنِ نه کَرَ ڪاڻَ، پَنڌِ پرانهين هَلئا
ڏوٿِيَڙا ڪِنہ ڏُٿَ کي، جُنبئا ڏُونہُ جانباڻَ
کاهوڙيَنِ اُهڃاڻَ، اَنگِ نه سَڄِي اَڳَڙِي.
بيت - 20
کَرَڪَڻا لاهي، سُکُ نه سُتا ڪَڏِهين
اوسِيئَڙو آهي، کاهوڙيَنِ اِنَ پَنڌَ جو.
بيت - 21
سُڪا مُنہَ سَنڊَنِ، پيرِ پُراڻا کيَترا
سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونها جِتِ مُنجهَنِ
ڳُجهان ڳُجهيون ڪَنِ، تِهان پرانهين پنڌَ جيون.
بيت - 22
سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنُ ۾، کَرَ ڪِڻا پيرين
ٽِمندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙِي گَڏِئا.
فصل دويم
بيت - 1
پِئو جَنِ پَرو، گَنجي ڏونگرَ گامَ جو
ڇڏي کيپُ کَرو، لوچي لاهوتِي ٿِئا.
وائي - 1
آءٌ جيهائِي ذاتِ، تون هو! پاڻُ سُڃاڻجُ سُپرين
اويون آريَ ڄامَ جيون، ڀَرِئان سَڄيائِي راتِ
ٻانهي ڪوٺِينِ ٻاجهَه سين، ته ڪَر لَڌِيَمِ ڏاتِ
تان ڪِين ڏونگرَ ڏورِيين، جان نه وِهامِي راتِ
بيت - 2
پيئِي جَنِّ پَرَکَ، گَنجي ڏونگرَ گامَ جي
واري سڀِ وَرَقَ، لوچي لاهوتي ٿئا.
بيت - 3
پيئي جن پَڻِي، گنجي ڏونگر گامَ جي
ڇڏي ننڊَ گهڻِي، لوچي لاهوتي ٿِئا.
بيت - 4
پيئي جنِي بُوءِ، گنجي ڏونگرَ گامَ جي
ڏوري سا جُوءِ، لوچي لاهُوتي ٿئا.
بيت - 5
پيئي جَني باسَ، گنجي ڏونگرَ گام جي
ڇڏي سڀِ لباسَ، لوچي لاهوتي ٿئا.
بيت - 6
پيئي جنِ پروڙَ، گنجي ڏونگر گام جي
ڇڏي سي ضرورَ، لوچي لاهوتي ٿئا.
بيت - 7
گنجو ڏُونگرُ گامُ، پيهِي جَنِ پَروڙِئو
ڪَري تَنُ تمامُ، لوچي لاهوتي ٿئا.
بيت - 8
ڪهڙو اَٿيئِي ڪامُ، گنجي ڏونگر گامَ ۾
متان ڏونگرَ ڏورِيين، اُبَهِين ڪُہ عوامُ
پَسِي تِنہ پهاڙَ کي، اَچي نه آرامُ
هَرا ڪَرِ حرامُ، کامُ ته کاهوڙِي ٿيين.
بيت - 9
پيرُ پَروڙي پاءِ، گنجي ۾ گُڻَ گهڻا
کاهوڙِي کَرا وِئا، ته ڪا اوڏي ماءِ
جَنِي ڏٺِي جاءِ، تَنِي موٽَڻِ ميهڻو.
بيت - 10
ڏيہُ ڏيهائِي ناهِ، جِتي پيرُ نه پَکِيان
تِتي کاهوڙِيان، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چُونڊِئا.
بيت - 11
جِتِ نه پکيَ پيرُ، تِتِ ٽَمَڪي باهڙِي
ٻِئو ٻاريندو ڪيرُ، کاهوڙَڪِي کِيرَ ڙِي.
فصل سيوم
بيت - 1
اَچِي پِئا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ
اوءِ بَصِيرَ بَرُنِ ۾، اَنڌا ٿِئو اُڀيَنِ
ڪَننِ آڏِيون تاڙِيون، گُنگَنِ جئن گهُمنِ
فراقِيَ فرمانَ جو، آهي ڀَرُ ڀورنِ
لنگها ٿِئا لاهوتَ کي، سُتا پِئا سِڪَنِ
کَپَتِ کاهوڙِيَنِ، آهَ اُتي جِي نه لَهي.
وائي - 1
سِياڪو سيڻانِ، ڀوري! تو پاڻُ سُڃاڻي نه ڪِئو
موٽِئو ماڳَ نِهارِيين، ڪهڙي مُنہِ ڪيڻانِ
هوندَ نه پِيئين هيترِي، وِيين جي سيڻانِ
وارِيَ جئن وِر جي هِئون، ڪِرڪي لاءِ ڪيڻانِ
آٽَڻِ مهنجا اَنگَڙا، ڪالُون پوءِ ڪيڻانِ
ڇَپرِ ڪندِيَسِ پَنڌَڙا، مون ڀانيو سيڻانِ
وائي - 2
جاڳي اَکڙيَنِ، تو اوجاڳو نه ڪِئو
اَکڙيون پِريَنِ کي، ٽان ٽان ڪِئو ٽِمَنِ
جي سَنجهي ئي سُتيون، سي مَر سورَ سَهنِ
تون اَڻاسِي اوجهري، هو ٿا هوتَ هَلنِ
بيت - 2
ڏِسي ڏوري ڏونگرين، واٽَ وِڃائِي جَنِ
ڪُ-رَندا ڪِين پروڙئو، رَندِ نه سي رڙَهنِ
پيئِي دارَ دَيُون ڪِئو، پيرتِ تان نه پُڇنِ
ڌوڙِ پِريان لَئي ڌارَ ڪِئو، ويچارا وِجهَنِ
خبرَ کاهوڙيَنِ، آهي لِکَ لاهوتَ جِي.
بيت - 3
ويجهو وڃُ مَ واٽَ کي، ڪَهِجُ ڏونہُ ڪُواٽَ
اُجهِي منجها آٽَ، اُويسي ٿِي آءُ تون.
بيت - 4
ڪُپيريَ ۾ پيرُ، ڪَنِي پاتو پيرِيين
جِئان مُنجهڻِ ماڻُهئين، سڄڻَ تِئائين سيرُ
اِنَ ڀُون سندو ڀيرُ، ڪوڙِنِ منجها ڪو لَهي.
بيت - 5
ڪُپيريان پَري ٿِئا، اَ ٻُڌِي ٻُڌائُون
اُنِي کي آئُون، هِينيَر ڏِسِي آئِيو.
بيت - 6
سُونهپَ ۾ سَپَ گهڻا، مُنجهڻُ ماکِي هوءِ
پَرو تَهِين پوءِ، جو اُجهي پَئِي اُنَ تان.
بيت - 7
ڏوري ڏوري ڏيهَه، ماءِ! کاهوڙِي آئيا
مَيَنِ پيرين کيهَه، ڪُہ ڄاڻان ڪِہ نارَ جِي.
بيت - 8
جهَنگلِ هَلئا سي نه ڀُلئا، راهَ هلئا ڦرجَنِ
اوجهڙِ سي نه پَوَنِ، ٻيئِي جَنِي ڇڏيون.
بيت - 9
جهنگُ کامِي پَٽُ ٿئو، ڀَڳِي چوراڻِي لِڪَ
سيڪڙُو ۽ سِڪَ، ٻئِي گَڏِئا پاڻَ ۾.
بيت - 10
جهَنگلُ آهيڙيَنِ کي، ڀَنڻُ ڪِئو روءِ
نه ڪُتا نه ڪوڙِڪُون، چَڙِهئو اُڀو چوءِ
هاڻي هِنَهان پوءِ، لڳِي لوٺو نه ٿيين.
بيت - 11
جهنگلُ آهيڙيَنِ کي، ڀنڻُ ڪِئو رُوندو
نه ڪُتا نه ڪوڙڪُون، چڙهئو اُڀو چُوندو
هَڏهِيين نه هُوندو، اِنِهان پوءِ عالمَ ۾.
بيت - 12
ڪُتا نه ڪُوڪارَ، نه سي سَڏَ شِڪارِيين
پِٽِئو کَڻي پارَ، جهنگلُ آهيڙينِ کي.
بيت - 13
وَرُ جا سُڃِي ويرِ، جنہ ۾ سَڄڻُ هيڪڙو
سو ماڳوئِي ڦيرِ، جِتي ڪُوڙِ ڪُماڙُئين.
بيت - 14
وَرُ سا ڪارِي راتِ، جِنہَ مَنجهِه راهَ گُم ٿيي
نه ڪاهُنِهين جِي تاتِ، هو پڻُ وڃي وِسرِي.
بيت - 15
ڪارِي راتِ اَڇو ڏِينہُ، اِيُ صِفَتان نُورُ
جِتي پِريَ حُضُورُ، تِتي رنگُ نه روپُ ڪو.
بيت - 16
تحقيقَ جِي تون ڀَري، مٿي رِيَ کڻيجُ
ٻانهون ٻئِي لاهي ڏيئي ڪُشِتِي ڪمائيجُ
جا حاجَ هٿنِ ري نه ٿيي، سا ٽُنڊو ٿِي ڪريجُ
ٽَنگُنِ تان ٽاري، سَنڌَنِئان ساري، ڄنگهُنِ رِيَ ڄُليجُ
هَڪلَ حقيقتَ جِي، ٻوڙو ٿِي ٻڌيجُ
اَنڌو ٿِي پَسيجُ، مشاهدو محبوبَ جو.
بيت - 17
وائِي وَڃيمِ شالَ، ڪَننِ سين ڪِيمَ سُڻيان
ڀَلو ڪري ڀالَ، ته اَکينِ سين اَنڌو ٿيان.
بيت - 18
ڏونگرين ڏِسجنِ، اَڄُ پِه رَيُون اُنَ جيون
ڏوٿيئڙا ڏُٿَ کي، آڙهاڙِ اَچنِ
خيما کاهوڙِيَنِ، اَڄُ نه اُنِي ڀيڻِيين.
بيت - 19
ڏونگرُ نه ڏوٿِي، ڏونگرُ سُڃو ڏوٿيان ري
پُڇان پَرو ٿِي، ڪِ ڏوٿِي ڏُٿِ اَچڻان.
بيت - 20
کاهوڙِي کَرا، سُوڌِي خبرَ پکِيان
سوجهي جَنِ ڪِئا، مٿي اَنگهُنِ آنهِرا.
سرود رامڪلي
فصل اول
وائي - 1
سَندِڙِيان سِڱَڙِي، ڳالهه ڳُجهَڙِي،
مون ماريندي ڪڏهِين
جا وَڄائِين جَتَڙا، نه تِنہ نَڙَ جِهڙِي
مُرليَ کي جنہ ماتِ ڪِئو، نه تنہ تُلِ تُنبَڙِي
توڏِي نارِي تِنہ ٿي، نه سا گهُنڊُ گهَنڊَڙِي
ڏارِئو جِنہ ڏِئاچَ کي، تندُ آ سا تِکَڙِي
نه سِري نه سِنڌ ڪا، نه ڪا هِندَ هِهڙِي
ڪوڙيين واڄَٽَ ڪيترا، لکين لاءِ هَڻندڙِي
ڪَڙِي ڪُلاٽَنِ کي، محبت وارنِ مِٺڙِي
مِٺايان مِٺِي گهڻو، چُوندا جِنِ چَکَڙِي
وَنءُ اونائي اُنِ کي، وِهُه مَ، کڻُ وِکَڙِي
بيخود بابو سي ٿِئا، ٻُرندي جَنِ ٻُڌَڙِي
جا ساراهيلَ سُبحانَ جِي، تِنہ واکاڻَ ڪِهڙِي
سَهَسين سُرودَنِ کي، پاڻان پوءِ وِجهَندَڙِي
گهانڊارِ مِروُ موهِيا، هِيَ ماڻهو موهِيندَڙِي
آهي، عبداللطيف چَي، هِيَ مُئا جِيارڻَ جِهڙِي
بيت - 1
نُورِي ۽ نارِي، جوڳيئڙا جَهانَ ۾
ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آءٌ نه جِيَندِي اُنِ ري.
بيت - 2
جوڳيئڙا جهانَ ۾، هُئا منجهه حَمامَ
آراما اَرڳِ ٿِئا، اوڏا نه آرامَ
ڪِئائون قِيامَ، آءٌ نه جيندي اُنِ ري.
بيت - 3
لَکين ڪِئا لِسانَ سين، لاهوتِيَنِ لوڙا
گهوڙا ڙي گهوڙا، آءٌ نه جيندي اُنِ ري.
بيت - 4
ڳولِيان ۽ ڳُنڌِيانِ، وِئا ويراڳي نِڪرِي
صحبتَ جا سَندِيانِ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 5
مَران مَٿو پِٽِيانِ، نِهارِيان نيڻانِ
سُخنَ جي سندانِ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 6
وارو ويراڳيَنِ کي، ويلَ مَ وِساريجُ
قدمَ ڪاپِڙيَنِ جا، ليلائي لهيجُ
پيرَتِ پَسئو پَٽَ جي، وڃڻَ کي وڃيجُ
راتو ڏِينہُ رِڙهيجُ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 7
قدمَ ڪاپڙِيَنِ جا، لڳا ۾ لاهُوتَ
جَنِي سين ياقُوتَ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 8
واڄَٽَ ويراڳيَنِ جا، مون وَٽِ وڏِي وَٿُ
سونُ سڀوئِي سِڱِيُون، پَسي ڪينَ مَ ڪَٿُ
ويساهي ويلَ ڪهين، پورڀَ ويندو پَٿُ
حَلُ ڪيائون هَٿُ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 9
واڄٽَ ويراڳين جا، مون وٽِ وڏو مالُ
مقالا مَهندِ ٿِئا، ڪِينهي وَٽِنِ قالُ
حاصل جَنِي حالُ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 10
سُتِي سيڄَ هُياسِ، مونکي آهَ اُٿِيارئو
جَنِي جاڳاياسِ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 11
جيڪِي مونکي ني، پَڳَهُه پائي پاڻَ ڏي
پَهَه پَروڙِجُ پَٿَ جا، منجها ڪِينَرَ ڪي
هاڻي جي هِي ئي، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 12
جيڪي مونکي تاڻِ، پَڳَهُه پائي پاڻَ ڏي
هو جي هَيا هاڻِ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 13
جيڪي مون نِهو، پَڳهَه پائي پاڻَ سين
قُوتُ مهنجو ڪاپڙِي، سِڱڙِيَنِ سِهو
ڪا ڦِرِي ڦوڪَ ڏِهو، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 14
سُوڌو سِڱڙِيَنِ سين، ڪِين جو ڪَهِيائُون
هو جي هَيائُون، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 15
صُبحِ سِڱڙِيون کڻِي، وئا دُکائي دُورِ
ٿِئا ڏيٺارِئا ڏُورِ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 16
صُبحِ سِڱڙِيون کڻِي، وِئا وَڄائي وِيرَ
ڏوريان ڏوريان نه لَهان، تَنِ بيراڳِيَنِ بَهِيرَ
جَنِ جي آسَڻَ منجهه عنبيرَ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 17
ميڙِئو ڀاڻَ ڀَريُون ڪِئو، جوڳي جَلائينِ
سامي سڱڙِيَنِ سين، خودِيَ کي کائينِ
هو جي تارَ نه تَڳائينِ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 18
پَسئو آسڻَ اُنَ جا، اَچي نه آرامُ
ڪِينَرَ ڪُٺِي آهيان، تَنِي جي تمامُ
مونکي ٿِئو ماتامُ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 19
پَسئو آسَڻَ اُنَ جا، اُدُوها اَچَنِ
ڪِينَرَ ڪاپڙيَنِ جا، صبحِ تان نه سُڄَنِ
جي رائي منجهه رَهنِ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 20
آسڻَ وَٽِ آهُون ڪريان، وَسِ نه مهنجي واتُ
لَڳُمِ لاهوتيَنِ جو، منجها ڪينَرَ ڪاتُ
هَلڻَ کي هَيهاتُ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 21
پَسئو آسَڻَ اُنِ جا، ٻانهُنِ وِجهان واتَ
هو جي ڪَهِيا ڏونہُ قلاتَ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 22
وَٽِنِ ويٺِي آهيان، ڏِسئو ڪِينَ ڏِسانِ
تِنہ جِهو ئِي ناهِه ڪِين، سا جا سُونہَ سَنديانِ
پَسئو ڪينَ پَسانِ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 23
بابو بيکارِي ٿِئا، اَڄُ نه آسڻَ وَٽِ
خودِي کائِي هَلئا، پيرُ نه لايَئُون پَٽِ
هَي هَي جَني هَٽِ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 24
بابو بيکارِي ٿِئا، ڀَڃي ڇَڏِئائون پاڻُ
نِسورو ئي نِيہَ جو، نانگَنِ وٽِ نڌاڻُ
سِر کَنڊُ جَنِي ساڻُ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 25
بابو بيکاري ٿئا، آسَڻَ وَٽِ نه اَڄُ
نِسورو ئي نِيہَ جو، سامي ڪَنِ سَهَڄُ
هِنيَڙا تني سين هَڄُ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 26
نانگا نانِيَ هَلئا، سامِي سَڀيئي
وِهَڪَ مون ويئِي، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 27
نانگا نانيَ هَلئا، ويچارا وِئا
ڪِينَرَ ڪاپڙيَنِ جا، صُبحِ تان نه سُئا
هو جي هِتِ هُئا، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 28
نانگا نانيَ هلئا، چيلا چيلهه ٻَڌَنِ
هو جي هُتِ هَلَنِ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 29
نانگا ناني هَلئا، هِنگلاچان هَلِي
ديکِي جَنِ دُئارَ ڪِي، مَهيسِيَنِ مَلِي
آڳَہُ جَنِ عَلِي، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 30
جُسي سندو جو ڪَري، مون نه گهُرجي ماهُ
سامِي مهنجو ساهُ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 31
ڪالهوڪو ڪاڏي ڳَيو، سندو جوشَنِ جوشُ
پَسِي تَهِين پَٿِ کي، هَڏِ نه رهئو هوشُ
آسَڻَ منجهه اَفسوسُ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 32
نه ڪِين کَڻنِ پاڻُ سين، نه ڪو ساڻُنُ پاڻُ
اِهڙو جَنِ اُهڃاڻُ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 33
پاڻهي ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ ڪَنِ پَرياڻُ
اِهڙو جَنِ اُهڃاڻُ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 34
پاڻهي ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ پَرِياڻِينِ
سامِي سَفرَ هَلِئا، آسَڻَ اُجهائِينِ
رُخصتَ رُئارِينِ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 35
پاڻهي ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ پَرِياڻِينِ
هُو جي هَلَڻَ سنديون، ڳاهُون ڳالهائِينِ
وَڃڻَ وِڃائِينِ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 36
ويراڳِيَنِ وَرَنُّ، ڏِسَڻُ گهڻو ڏُهلو
ٻولَڻُ ٻوڙُنِ سين، ٻِئو سَندو فانِيَنِ فَنُّ
ڪِين گهرجَنِ ڪَنَّ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 37
نانگا نانيَ هَلئا، هاءِ مهنجي حالَ
هو جي ڪَهئا ڪالَ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 38
نانگا نانيَ هلئا، لوڪان ڪَرِي لِڪَ
ويئي مون وِهَڪَ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 39
جُزُ وڃائيو جوڳين، ڪُلَّ سين آهِنِ ڪَمُ
آسَڻَ منجهه عدمُ، آءٌ نه جيندي اُن ري.
بيت - 40
وِڃائي واٽَ ٿِئا، جوڳِي جُڳاڻي
هُئا جي هاڻي، آءٌ نه جيندي اُن ري.
فصل دويم
بيت - 1
ڪِيَمِ ڪاپڙينِ جِي، پهرين ڏِينہ پَرُورَ
سَگها ساعتَ نه هيڪڙِي، چاريئِي پَهرَ چُورَ
سدائين، سيّد چَي، هُونِ سَناسِي ۾ سورَ
جوڳِيَ ساڻُ ضرورَ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
وائي - 1
ڪَلَپَتِي آيا، هو ماءِ، آءٌ هَلندِي اُنِ سين
اُنَ سين حِرصَ هوا جئن، سُکين تان نه سَڌايا
تَنَ تَڪِيا تاڪي ڇڏئا، جي اِنهَيَ وِرهَ وَڌايا
توشڪُون ۽ تڪِيا، وِهاڻا جَنِ وِراهِيا
هَلو ته پَسون اُنِ کي، جَنِ لُنگَ لاهوتيَنِ لايا
بيت - 2
ويهِي ويراڳيَنِ جو، ٻي ڏينہِ ٻُڌُمِ حالُ
اُنِ جا ڌاڳا ڌوڙِ ڀَڪُلِئا، جاڳوٽانِ زوالُ
اُنِ ڄاڻِي ڄَٽائُون ڇڏيون، چوکا چڱِي چالَ
ويچارا وجودَ جي، ڪِنہ سان ڪَنِ نه ڳالِ
نانگا ٿِئا نِهالُ، لِڪا ڀُوڻنِ لوڪَ ۾.
بيت - 3
ٽي ڏِينہِ ٽِمڪائِينِ، دُونهيون دائِرَنِ ۾
ميڙِئو کَڻِجِ ڪاٺيون، جوڳِي جَلائِينِ
سَنديون کامَڻَ خَبرون، آديسِيَنِ آهينِ
ڳُجهه نه ڳالهائِينِ، لِڪا ڀُوڻن لوڪ ۾.
بيت - 4
چوٿي ڏِينہ چوگانَ ۾، ڪِنہ جنہ پَهِه پِئا
وَهَمَ پريان جي وَڍِئا، تَنِ ۾ ڪوڙُ ڪِئا
اَندرِ آديسيَنِ کي، اَچَنِ جوشَ جِها
سامِي سونُ ٿِئا، لڪا ڀوڻن لوڪ ۾.
بيت - 5
ڪِنہ جِنہ پورَ پَچايا، پنجئين ڏِينہَ پَئِي
اَندرِ آديسِينِ کي، سورَنِ شاخَ ڪَئِي
محبتَ جي ميدانَ ۾، لاشڪُ ٿِئا لَهِي
اُنِ کي سارِي راتِ، سيّد چَي، گوندرَ ساڻُ گَئِي
ڪَرِئو سيڻَ سَهِي، لڪا ڀوڻن لوڪ ۾.
بيت - 6
پِئا ڪِنہ پَرِياڻَ ۾، ڇَهين ڏِينہِ ڇَڻِي
اَندرِ آديسِيَنِ کي، ڌُرِئائين ڌَڻِي
ٻَري ٻاجهارا ڪِئا، کانئِي خاڪِ کَڻِي
پِنئو پَنجَ-ڪَڻِي، لڪا ڀوڻن لوڪ ۾.
بيت - 7
سَتين ڏِينہِ، سيّد چَي، ڌاڳا ڌوتائون
اُڀِي اَلَکَ سامِهُيون، ٻانهون ٻَڌائون
روحُ پهنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پوتائون
وڏِي ڪِنہ وِلاتَ جا، اُهڃَ آندائون
کَڻِئو کِدائون، لڪا ڀُوڻن لوڪَ ۾.
بيت - 8
اَٺين ڏِينہِ اُڀِي وِئا، جوڳي جاءِ بجاءِ
سا پَرِ سامِي سِکئا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ
ويرو تارِ وجودَ ۾، اُنِ کي رامَ رَهيوئِي آهِ
ڪِنہ ڪمائِيَ لاءِ، لڪا ڀوڻن لوڪ ۾.
بيت - 9
نوئين ڏِينہِ نيڻانِ، اوجاڳي اُجارِئا
سَٻاجهي ٻاجهَه ڪِي، سُڃاڻي سيڻانِ
جِتي نَظَرُ ناٿَ جو، اُتي اوتارانِ
آهي اُهڃاڻانِ، لِڪا ڀُوڻن لوڪ ۾.
بيت - 10
ڏَهين ڏِينہِ ڏِکَ ٿِئا، پِرين پاٻوهِيا پَسُ
وَرقَ جي وصالَ جا، سي واري ڪِئائون وَسُ
لَڌائون لطيف چَي، سَندو گُروءَ گَسُ
جوڳيَنِ کَٽِئو جَسُ، لڪا ڀوڻن لوڪ ۾.
بيت - 11
ڪارِهين ڏينہِ ڪَرمُ، وَرِئو ويراڳيَنِ جو
جوڳَنِ جاٽائون پُنِيون، هَلِي وِئا حَرمُ
دائِمُ جهَلِئو دَمُ، لڪا ڀوڻن لوڪ ۾.
بيت - 12
ٻارهين ڏينہِ ٻَئِي، مَنَ مُرادُون پُنِيون
جوڳي اِنَ جاٽاءَ کي، ٿي سِڪِئا سَڀيئِي
سَمانا سيئِي، جي گُرَ گَڏِجِي آئِيا.
فصل سيوم
بيت - 1
ڪِنہ جنہ سناسِي سورَ، جي منجهه وَهلورَ وَتنِ
اَٺَئِي پَهرَ اَلَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳيَنِ
سدائين صاحبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي ڪَنبَنِ
جي راتو ڏِينہ رَمَنِ، هَلو ته تَڪِيا پَسون تَنِ جا.
وائي - 1
جِنہ جي مَنَ ۾ مالا، جوڳِي سو ئِي
جنہ جي مُنہَ ۾ مُنڊا، سامِي سو ئِي
پيٺاسون مَڙهيَ ۾، اِلااللهَ سيتَ گُروءَ جي سَڱا
بيت - 2
ڪنہ جنہ سامي سورَ، جي وَتَنَ ۾ وَهلورَ
ٻَهرِ ٻوليَ ٻِيَ ڦِري، گهَٽَ ۾ گهايلَ گهُورَ
چِتَ جَنِي جا چُورَ، هَلو تَڪِيا پَسون تَن جا.
بيت - 3
سدائين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مَٿي راهَ
پُرَنِ پوربَ پَنڌَ ڏي، منجهه موالِي ماهَ
جَنِ جِي اَلَکَ سين آگاهَ، هَلو تڪيا پسون تن جا.
بيت - 4
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنوٽِيا ڪَنَ-چِيرَ
سدا وِهَنِ سامُهان، عاشقَ اُترَ-هِيرَ
تَسا ڏيئِي تَنَ کي، سارِئائون سَريرَ
هو جي فنا ٿِئا فقيرَ، هلو تڪيا پسون تن جا.
بيت - 5
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ جي ڪَٽائِينِ
لاهوتِي، لطيف چَي، ماڳَ نه مَٽائِينِ
هو جي خودِيَ کي کائينِ، هلو تڪيا پسون تن جا.
بيت - 6
ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، ڪَنوٽِيا ڪَنَ ڪَٽَ
دُونهان جَنِ دُکائِيا، هَلِي مٿي هَٽَ
خاڪِ جَنِي جِي کَٽَ، هلو تڪيا پسون تن جا.
بيت - 7
ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، لانگوٽِيا لالَ
لاهوتِي، لطيف چَي، ڪِنہ نه موهِيا مالَ
هِهڙا جَنِي حالَ، هلو تڪيا پسون تن جا.
بيت - 8
ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، ڪَنوٽِيا ڪَنَ چِينَ
پَهرَ نه پِنَنِ ڪاپڙي، سُڃَ ۾ هڻنِ سَينَ
جي قيمتَ ڀائينِ ڪينَ، هلو تڪيا پسون تن جا.
بيت - 9
ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، ڪنوٽِيا ڪَنَ-ڍارَ
هو هَلَنِ هِنگلاچَ ڏي، بابو ڇڏي بارَ
جي ڪينَ قبولَڻَهارَ، هلو تڪيا پسون تن جا.
بيت - 10
تَڪيا پَسون تَنِ جا، هَلِي منجها حالَ
ڪوڙين ڪَنوٽِيَنِ جا، ڀينرَ! ڀانيان ڀالَ
سامينِ جي سنڀالَ، مهنجو چِتُ چڱو ڪِئو.
بيت - 11
تَڪِيا تاڪِئائُون، وِئا رَمندا رامَ ڏي
کِجان خبرَ نه لَهان، تَنِ آديسِيَنِ آئون
ڪِنہ کُوڻِ کنيائُون، ڪيڏانهن وِئا ڪاپَڙِي.
بيت - 12
سامِي کامِي پريَ لَئي، ڪُسِي ٿِئا ڪبابُ
جِهڙو ڏِسَڻِ ڏوهَه کي، تِهِڙو ڪَنِ ثوابُ
اوتِينِ اَر تِي گاڏُئون، منجهان اکِيَنِ آبُ
سَندو ذاتِ، جوابُ، تون ڪِئن پُڇين تَن کي.
بيت - 13
سامِيَنِ سَمَرُ سُورُ، گُوندرَ گَبَريَنِ ۾
جَڙي ٻَڌائون جانِ ۾، پيغامَنِ جا پُورَ
آديسِي اَسورَ، وِڃائي واٽَ ٿِئا.
بيت - 14
سامِي مَڙهِي سَندِياءِ، سامُهِين مون سَبِيلَ ٿِي
تان ڪُہ اَڏِيياءِ، جان نانگا وَڃِين نِڪَرِي.
فصل چھارم
بيت - 1
جي ڀانيين جوڳِي ٿيان، ته سَڱَ سڀيئي ڇِنُّ
وڃي دَرِ دوستنِ جي، نانگا ڪِيمَ نِنُّ
پَٽِ تَنِي جي پِنُّ، جَنِ ٻُجهِي نه ٻُجهئو.
وائي - 1
وِهُه مَ ويسَرِي ئِي، تان ڪِين جاڳِي اورِ اللهَ سين
محبتَ جي ميدانَ جِي، سُڄي ڳالهه ڳَرِي
سي پڻ رُوندا رَتُ وِئا، مِلِئا جي مَرِي
سُتي سَڄڻُ نه مِڙي، آهي اِيَ گهَڙِي
ٻيون اِنَ اوسِيڙي آڌيَ اُٿِينِ، تون ڊانگِ ڍَرِيئي
وائي - 2
راولُ رَهي نه راتِ، جيڏيون! مهنجو راولُ رَهي نه راتِ
ڪوهُ ڪَريندِيَسِ ڪانڌَ ري، وهاڻِيَ پرڀاتِ
مِٽَ نه معذوريَنِ جا، ڪا جا جوڳي ذاتِ
لَڳُمُ لاهوتِيَنِ جو، مَنجها ڪِينَرَ ڪاتِ
بيت - 2
جي ڀانيين جوڳِي ٿيان، ته هُوندَنِ جئن مَ هو
توکي ويسَ وڃائِيو، ويسُ وڃايو تو
سامِي آهي سو، جِنہ پاڻُ وِڃائي پورِئو.
بيت - 3
جي ڀانيين جوڳي ٿيان، ته پَرِ ڪلمي جِي پارِ
پنجن سان پُورو رَهُ، آيا ٽِيهَه مَ ٽارِ
تڏهن ڌاڳا ڌارِ، جڏهن راهَ سُڃاڻِين ربَ جي.
بيت - 4
جي ڀانيين جوڳي ٿيان، ته دِلِ ۾ دِيڳِ چاڙِ
جيرا جِگرَ بُڪيُون، ڦِڦڙَ ڦوڙي ٻارِ
ته قادرُ تهنجِي ڪارِ، خالق خالِي نه ڪَري.
بيت - 5
جي ڀانيين جوڳي ٿيان، وٺي وحدَتَ ويهُه
اونهو ملڪُ اللهَ جو، ڪِنہ ڇُلِي ڏِٺو نه ڇيہُ
ماٺِ مَڙِهِي جي پيهُه، ته ويٺي ويرِ ناٿُ ٿِيين.
بيت - 6
جي ڀانيين جوڳي ٿيان، ته سِڱِي سالَ وَڄاءِ
مالها ڦيرجِ مَنَ ۾، ڌَڙَ کي ڌوڙِ مَ لاءِ
غُلامَ تون گودڙِي، صبرَ جِي ساءِ
ته سامِيَڙا سَندِياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نه ٿِيي.
بيت - 7
جي ڀانيين جوڳي ٿيان، ته سَڱَ سَڀيئِي ٽوڙِ
جي ڄايا نه ڄاپِئا، جِيُ تَنِي سين جوڙِ
نه تون پَهُچين توڙِ، محبتَ جي ميدانَ ۾.
بيت - 8
جي ڀانيين جوڳي ٿيان، پَرِ گُروءَ جِي پارِ
هَوائُون هِنگلاچَ ڏي، ويندي سَڀِ وسارِ
نانگا ناٿُ نهارِ، سامِي وڏيَ سِڪَ سين.
بيت - 9
جي ڀانيين جوڳي ٿيان، ته طمعَ ڇَڏِ تمامُ
گولا جي گولَنِ جا، تَنِ جو ٿِيُ غلامُ
صبرَ جِي شمشيرِ سين، ڪَرِ ڪِيني کي قَتلامُ
نانگا تهنجو نامُ، لِکِجي لاهُوتَ ۾.
بيت - 10
جي ڀانيين جوڳي ٿيان، ته تَرَڪُ طَمعَ کي ڪَرِ
وَڍي وَهَمَ وجودَ جا، خاصي ڌيانَ ڌَرِ
ته ڪِنہ پهنجي پَرِ، لِکِجِين لاهوتَ ۾.
بيت - 11
جي ڀانيين جوڳي ٿيان، ته ٿِيُ گُروءَ جي گَسِ
ڏُکَ پاڻَ کي ڏَسِ، سامِي وڏيَ سِڪَ سين.
بيت - 12
جي ڀانيين جوڳي ٿيان، ته مَڙُهه پُوري منَجهِه مارِ
دائِما دُونهِي دِلِ ۾، مَنَ سين مالا وارِ
سَهُه سَڀَڪا آرِ، آگي جي ادبَ سين.
بيت - 13
جي ڀانيين جوڳي ٿيان، ته ڪِيمَ پِيالو پِيُّ
ناهِ نِهاري هَٿِ ڪَري، آءٌ اُتِ نه ٿِيُّ
سَندو وَحدَةُ ويُّ، طالبَ توڙان ماڻِيين.
بيت - 14
جي ڀانيين جوڳي ٿيان، ته مُنہَ ۾ مُنڊائون پاءِ
ڪَنين ڪِينَ وِڃائِيو، جَنِ ۾ ڪوري ڪَڪَرَ وِڌاءِ
ڇَڏِ چادرِ، ٻَڌُ چَمِڙا، جُتِي تو نه جُڳاءِ
سامِيَڙا سَندِياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نه ٿِيي.
بيت - 15
جوڳيَنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پڻ سُونهي جوڳيين
جوڳِيان سندِي جانِ ۾، ڳُجهُه ڳجهاندرُ آهِ
هاءِ مُنهِين کي واءِ، جا آءٌ جوڳُ نه سِکِي.
بيت - 16
جوڳَ نه جوڳو تون، ڪريين پَچارون جوڳَ جيون!
هِڪو پَنڌُ پِريَنِ جو، ٻِي تُهنجِي ڀُون
سامِي سيڻَنِ ڏُونہُ، رُوندا ئِي رَتُ وِئا.
بيت - 17
جوڳِي هُونِ نه جِيَرا، پائي جوڳُ مَ جِيُّ
هارِئا هِنِ ڪَنَنِ سين، سُڻِ سَنِيهو اِيُّ
وِڃائي وجودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيُّ
هَڏهِين ڪونهي هِيُّ، اَسارو آءٌ چُئين.
بيت - 18
جا جِياري جوڳَ کي، سا ماڻهنِ مصيبتَ
سامِي سورَ صحتَ، جي پُورَبِيا پَروڙيين.
بيت - 19
جوڳي تهنجي جوڳَ ۾، ڳالهه گهُرجي ڳَچُ
وَڍئو، چِيرئو، چِچرِئو، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ
سو ئِي ٻارِجُ مَچُ، جو آتَشا آبُ ٿِيي.
بيت - 20
جيڪِي جوڳي ٿِيُّ، نا ته نِرجا وَنءُ نِڪري
تنا ڪُہ ڪَنَ ڪَپائيين، جان نه سَهين سِيُّ
ڀَڄُ پَرانهون ٿِيُّ، مَتان ٻِئا لَڄائيين.
بيت - 21
جوڳِي ٿِينِ نه يارَ، ڪِنہ سان قَريبَ ٿِي
مون مُلاقات اُنِ سين، جَنِ کي پورڀ جي پچارَ
اَٺَئِي پَهَرَ اُنَ جِي، آهي نانِيَ هَي ڏانہ نِهارَ
لائي وِئا، لطيفُ چَي، اَندَرَ مان اَپارَ
سامِيَنِ ساڻُ سَتارَ، لاهوتي لالُ ٿِئا.
بيت - 22
گولا جي گِراهَ جا، جوٺا سي جوڳي
ڦِٽَلَ سي ڦوڳي، جَنِي شِڪَمَ سانڍِئا.
بيت - 23
جِندا هو مَ جوڳَ ري، جِندا جوڳِ مَ پاءِ
ڪُوڙِي ڪِجُ مَ ڪڏهِين، سَچِي ڪا مَ سَلاءِ
پَهَڄَڻُ پارِينداءِ، متان رامُ رُسائيين.
بيت - 24
ڪَنَ ڪُوڙائي ڪاپَڙِي، جِندا ٿِيُّ مَ جوءِ
سِرَ سِپاهِنِ وِڪِئا، سو ڪِ نه سامي سوءِ
جيڪِين پُڇين پُڇُ سو، گُنگا نِينِ نه گوءِ
وَڃُ لاهوتي لوءِ، عِجزُ ڪِين آڏو ڪَري.
بيت - 25
ڪَنَ ڪُوڙائي ڪاپڙِي، جِندا ٿِيُّ جُوانُ
ڪاهِه ته لڳيئِي ڪانُ، نانگنِ هَٿان نِيہَ جو.
بيت - 26
نِسورو ئِي ناهِ جي، دِل ۾ دُونهِي دُکاءِ
آڻي آڳِ عِشقَ جِي، لاهوتِي تون لاءِ
جِندا تي جاڳاءِ، جئن آتَشا آبُ ٿِيي.
بيت - 27
ڪَنَ ڪُوڙائيين ڪاپَڙِي، اِيُ زنانون جوڳُ
سامِي سُڃاڻَڻُ تو پئو، هِڪُ دَئِي ٻئو دوڳُ
جنہ وَڻَ ڀانيو ڦوڳُ، رامَ تَنہ کي ريبِئو.
بيت - 28
هُو جي ڪَنَّ ڪَپارَ جا، سُوڌو سي نه سُڻِينِ
اَندرِ جي آهِينِ، سُڻِ سَنِيهو اُنِ سين.
بيت - 29
هِي ڪَنَ گاڏُهان وِڪڻِي، ڪَنَ ڪي ٻئا کَڻيجُ
تَنِي ساڻُ سُڻيجُ، سُپيريان جِي ڳالهَڙي.
فصل پنجم
بيت - 1
مُونا طُورِ سِينا، سَندا سَناسِيَنِ
سجدا، سيّد چَي، گوڏا گودَڙِيَنِ
’فَڪانَ قَابَ قَوسَينِ اَو اَدنيٰ‘، ٿا نانگا اِيئن نَمَنِ
’ڪُلُّ مَن عَلَيهَا فانِ‘، باقي ڪينَ بَچنِ
’اَللهُ وَلِيُّ الَّذِينَ آمَنُوا يُخرِجُهُم مِّنَ الظُّلُماتِ اِلَي النُّورِ‘،
ٿا اِهڙِيَ پَرِ پُرَنِ
’خَرَّ مُوسيٰ صَعِقاً‘ ٿا جوڳي جُنگُ جَلنِ
’فَلَّمَا زاغَ البَصَرُ وَ ما طَغَيٰ‘، ٿا اِهڙي رَوِشَ رَوَنِ
مشاهِدو محبوبَ جو، اُتي آديسِيَنِ
’بِي يَبصُرُ بِي يَسمَعُ‘، بِي وِصالِ‘ وِهنِ
’بي يَمشِي بي يَنطِقُ‘ ٿا اِهڙي چالِ چَلنِ
سيّد چَي، سندِيَنِ، ڪَلَ پُڇِين ٿو ڪِهڙِي.
وائي - 1
تَنِ ڳُڻنِ ڳَهرَ وِڃائِي، هو مائِي!
جوڳينِ مون سين جي ڪئا.
ڪري مَرِجُ ڪاپڙِي، گُرَ وَٽِ گَدائِي
اِشارُتون اُنِ جيون، وَنءُ کَپِي کائِي
ننڊَ تنہ کي ناهِه ڪا، جا آديسيَنِ اُٺائِي
آهي اِنَهِين ڳالِ جِي، راوَل اِيَ رُباعِي
هيڪا ئِي هيڪ ٿِئا، ٻُڌنِ ڪان ٻِئائِي
اَکيَنِ آرَسُ ڇَڏِئو، دِل ۾ ناه دغائِي
’اِنّ اللهَ وِترٌ يُحِبُ الوِترَ‘، اِيَ اُني لَئي آئِي
رِيجهائي رَموزَ سين، کاهوڙِيَنِ آءٌ کانئِي
بيت - 2
مونا طور سينا، سندا سناسِينِ
پورَڀَ کَنيو نه پاڻَ سين، بُعدُ بيراڳيَنِ
رِدا آهي رازَ جِي، اوڇَڻُ آديسِيَنِ
قُربُ ڪاپَڙينِ، نُنہ چِوٽيَ سِيئَن ڍَڪِئو.
بيت - 3
مونا طورِ سينا، سندا سناسِينِ
’طالبُ الموليٰ مُذَڪر‘، اِي ڪلامُ ڪِئائون ڪَنِ
سُکنِ کي سَڀين پَرين، ٻُجهِي ڏنائون ٻَنِ
اَلفُ آديسيَنِ، چوري رَکئو چِتَ ۾.
بيت - 4
مونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ تَنِ جو
قِبلِ الگاهَ قلبُ ڪري، تنَ کي ڪِئَئُون توابُ
تحقيق جِي تڪبيرَ هڻِي، جِسمائون ڪِئائون جوابُ
تَنِ ڪهڙو ڏوهُ حسابُ، جُسي هِنيڙو هاديَ حالُ ٿئو.
بيت - 5
مُنہُ محرابُ پريَنِ جو، جامِعُ سڀِ جهانُ
فَرَحِيَ تان فُرقانَ جي، ڪاٽِئائُون قُرآنُ
اُڏامِي اِتِ وِئو، عَقلُ ۽ عرفانُ
سَڀوئِي سُبحانُ، ڪيڏانہ ڪري نِيَتيان.
بيت - 6
پايو مُنہُ موَنَن ۾، ويٺا ئِي وِهُسَنِ
جوڳي جاٽا ڪَنِ، آيا اُلُوهِيَتَ ۾.
بيت - 7
آيا اُوهِيَتَ ۾، لاهُوتُ لنگهئو جَنِ
منجها تَنِ جُسنِ، حَرفُ نه سُڄي هيڪڙو.
بيت - 8
راهَ شريعتَ هَلِئا، فَقرُ طريقَ ٿِئونِ
حالُ حقيقتَ رَسِئا، معرفتَ مڪانونِ
ناسُوتُ، مَلڪوتُ، جَبروتُ، اِيو اِنعامُ ڍَيُونِ
پَسُ لاهوتُ لنگهئونِ، هاهوتَ مٿي هَلِئا.
بيت - 9
منجهه محبتَ نچَ، ٻَهرِ دونرا دوڙِ سين
ڇڏئائون ڇرُ لهي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻَ ڪَچُ
اوڳَڻ اوڏا نه ٿئا، ڳُڻَ ڪِئائون ڳَچُ
جئن سَڙنِ تئن سچُ، جئن سِڪن تئن سَنرا.
بيت - 10
ڇَڏِ جاڳوٽا جوڳِي، دُونهِي ڪِيمَ دُکاءِ
’وَاذڪُر رَبَّڪَ فِي نَفسِڪَ‘، اَندرِ آڳِ جَلاءِ
جَنِ کي سڄڻَ جِي ساڃاءِ، تَنِ کي ڪِينَئان مِٺو ڪِينَ ٻِئو.
بيت - 11
جوڳي ڪنڌُ ڪَپاءِ، ڪَنَ ڪَپائڻُ خيرُ ڪين
صحبتَ تهنجي، سيّد چَي، سامين وَٽِ سَماءِ
’يُهدِي اللهُ لِنُورِهِ مَن يَّشاءُ‘، اِيَ اُنِي لَئي آهِ
هِيَ تنِي جي جاءِ، جنِ ٻئي جَڳَّ ڇڏئا.
بيت - 12
ڪيهيَ گامَ ڪاپڙي، اهڙيَ رَوش رَوَنِ
نه ڪا دِلِ دوزخَ ڏي، نه ڪِين بِهشتُ گهُرَنِ
نه ڪو ڪمُ ڪُفارَ سين، نه ڪا مسلماني مَنِ
اُڀا اِيئن چَوَنِ، ته پرين ڪِجاهُون پاهنجو.
بيت - 13
سامِي چئجي اُنَ کي، جو ڪُهي سَڳو ڀاءُ
ڏيئي طلاقَ جوءِ کي، سمهي وَٽِ ماءُ
اِنَ پَرِ اُٿِي آءُ، ته سَچو سامي تون ٿِين.
بيت - 14
جوڳِيَڙا پاڙي، ڪَرَ نه هئا ڪڏهِين
وِئا مون تاڙي، ڪالهه وَڄائي سِڱِيُون.
بيت - 15
نِڱئا ناسُوتان، مَڻِئائون مَلڪُوتَ ڏي
جوڳي جَبرُوتان، وِڃائي واٽَ ٿِئا.
بيت - 16
جَنِ اُجهِئو تَنِ نه ٻُجهئو، ويٺي گَڏِئُنِ وِيرُ
ڏوري ڏِٺائون ڏُکَ سين، پاڻَ منجهيئِي پِيرُ
لَٿو تَنِ، لطيف چَي، جُسي جو زنجيرُ
ڪِينَ ڏِٺو هو ڪاپڙِيين، ڪابِل ۽ ڪشميرُ
سَچُ جَنِي جو سِيرُ، تَنِ گُرُ ويٺي گَڏِئو.
بيت - 17
نااُميدي آجِڪو اوڇَڻُ آديسِيَنِ
سدا سُکِ وَسَنِ، طالبَ تقديرَ تي.
بيت - 18
نااُميدي آجڪو، اوڇڻ آديسيَنِ
ڪڏهن تازيِ پُٺِ تي، ڪڏهن هيٺِ هَلَنِ
ساميئڙا سَمُونڊَ ۾، تُنبي جئن تَرَنِ
جي واڳوءَ واتِ وڃن، ته ڪُسَنِ ڪُڇَنِ ڪينَ ڪين.
بيت - 19
لالَ ڪي لالُ ٿِيا، لالُ لَنگهئو جَنِ
عدمَ جي اوڙاهَه تي، ڪِئا آسَڻَ آڌوتِيَنِ
گِردانئو گُنگنِ، گِردا وِجهِي گِيانَ سين.
بيت - 20
نااُميدِي نِجهُرو، عَدمُ اوتارونِ
رضا راڄُ سندونِ، مورِ نه مَڱنِ ڪِين ٻئو.
بيت - 21
ڪِهڙِي پُڇِين ڪالَ ڪَرَ، نه ڪا اَڄُ صُباحَ
وَنءُ تِنہ سين واڳِئو، جيڪِين پَسين مَنجهِه پَساهَ
رَمُ ربانِيَ راهَ، مٿي حالَ هوشيارُ ٿِي.
بيت - 22
کَڻِئو تَڪبُرَّ تَڪِيا، حِيلا ڪِئو هَلنِ
مُوران تان نه لَهنِ، لَمِي راهَ، لطيف چَي.
بيت - 23
وِلهون ويلا واءَ، جوڳيَنِ جهَلِئا جانِ ۾
اَجهو ري اللهَ، ڪونهي ڪاپڙين جو.
فصل ششم
بيت - 1
ڪِنہ جِنہ ڪُٺا ڪاتَ، جئن سامِي مورِ نه سَنِرا
ڏيها ڏُکِي ڏِيلَ ۾، سُورُ سَڄيائي راتِ
سندِي جوڳيان ذاتِ، جيجان! آهِ جَڏارُئين.
وائي - 1
تَنِ اَکيَنِ آءٌ اَڙائِي، ٻَڙي جيڏيون!
ڪِنہ دَرِ ڏيان دانهڙِي
ڦِڪيون ڏيئي ڦَڪيُون، ويڄَنِ آءٌ وِرِچائِي
حُسنَ هوتَ پنوهَه جي، تِنہ لالِيَ آءٌ لَڄائِي
اُلفتَ ڪَرِ مَ اُنِ سين، قُربَ جا ڪَڙائِي
صُحبتَ سُپيريَنِ جي، مِٺِي آهِ مِٺائِي
بيت - 2
رُوحَ ۾ رَهِيُنِ رامُ، ٻَهرِ ٻولِينِ ڪِين ٻئو
پِيالو پُر ڪَري، جُوپُ پيتائون جامُ
تِنهان پوءِ تمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏيا.
بيت - 3
رامُ رَهِيُنِ ۾ روحَ، ٻَهرِ ٻولِينِ ڪِين ٻِئو
سدائين سَفَرَ ۾، مَٿا ٿِيَنِ مُوءَ
سامِيئڙا صُبوحَ، سارِيان گهَڻو، سيّد چَي.
بيت - 4
مَٿا مُوءَ ٿِيانِ، سدا سُوئاتا ڪاپَڙِي
ڪوٺي ڪِنہ نه پُڇِئا، ته ڪي اَندرِ اَندوهِيانِ
جيڪا ڄَمارانِ، سا مَنجهِه گُوندَرَ گُذرِي.
بيت - 5
ويٺي جَنِ وَرِهَه ٿئا، مَٿي سين ميري
اکيون جنہ جيون اَلَکَ ڏي، ڀُون ڏي نه ڀيري
ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا ڄيري
لڙڪُ، لالُ لطيف چَي، ڪَنبي ۽ ڪيري
نِيہ نه نِبيري، سُورَ چَرَندي سَنَرا.
بيت - 6
ناٿِ جتي ئي نِنڌِ، تِتِ نه نِهارئو جوڳيين
هُئا ڪُويساها ڪاپڙي، پُرئا پرانهين پنڌِ
هُو هِنَهِين هَنڌِ، هو هُنهِين هنگلاچِ وِئا.
بيت - 7
ناٿَ جتي ئي ننڌِ، تت پِه نهارِئو جوڳيين
هُئا سُويساها ڪاپڙي، پُرئا پرانهين پنڌِ
هو هِنَهين هنڌِ، پر هُنَ هنگلاچان هٿِ ڪِئو.
بيت - 8
ويٺي جَنِ وَرِهَه ٿئا، مٿي ميري ساڻُ
ڪارَنِئون ڪَڪا ٿئا، ڄيري وِجهِي ڄاڻُ
خوديَ کان خلاصُ ٿِئا، پُٺتي وِجهي پاڻُ
سي ڪِئن ٻَهرِ هَڻنِ ٻاڻُ، جَنِ کي گَڏِئو گُرُ گِردانَ ۾.
بيت - 9
نانگَنِ ڪينَ نَمائيو، ناٿُ نِمايو نِينہَ
مِڙَنِ اُٺا مِينہَ، جوڳيان سَندِي ذاتِ سين.
بيت - 10
نه ڪين نَمنِ ناٿَ کي، ناٿُ نه نَمائِينِ
جاٽا ڪَنِ نه جوڳَ کي، جوڳُ نه جُهارينِ
آديسِي آڻِينِ، اُهڃاڻِيون اِلماسَ جيون.
بيت - 11
هَر هَر ڪَنِ هرنامُ، ڌُونِ ڏِيهاڻِي ڌوتِيا
جَنِ نه ريجهائِيو رامُ، ناٿُ نه نَمي تَنِ سِن.
بيت - 12
هر هر ڪن اُميسَ، ڌونِ ڏِيهاڻي ڌوتيا
جَنِ نه مارِي ميسَ، ناٿُ نه نمي تن سين.
بيت - 13
گهنِڊَنِ پاسي گهِنڊَ، گَڏُ گُذارِينِ گودَڙيا
پاڻُ پَليتيَ کان پاهنجو، پاڪُ رکئائون پِنڊُ
نانا ڪَنِ نه نِنڊَ، وِئا رُوندا رامَ ڏي.
بيت - 14
جِهڙا ڪَنجَ ڪَڪرا، تِهڙا جايَنِ ڦُلَ
تَنِ سامِيَنِ جي سَڌَ مَران، اُن جي گودِڙيَنِ ۾ گُلَ
اَندرِ مُلُّ اَمُلَ، ٻَهرِ ڪوجها ڪاپڙِي.
بيت - 15
يادِ گُرو ڪَنِ گودَڙيا، ڀَرِ بازَرِ بِيٺا
پَڙَهنِ سُورَ سُبحانَ جِي، پِيڙَ تِنہ پِيٺا
جيلان مُنہُ مِيٺا، تيلان نَشا چاڙِهئَئُون نيہَ جا.
بيت - 16
ريڳَڙِيارا رَمِئا، لوٺِيَسِ لانگوٽِيَنِ
مهنجو جِيُّ جَلائيو، اَندرِ آديسِيَنِ
هَي هَي منجهه هَٿنِ، وِڃائي واٽَ ٿِئا.
فصل ھفتم
بيت - 1
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپڙي، طعامَ نه طاماعُو
سَينَ هَنيائون سُڃَ ۾، پَهَرَ نه پينائُو
اَوسَرِ آسائُو، اُٺي گُوندَرِ، گڏِئا.
وائي - 1
مِڙِنِيون موڪلَ، ڪالهه ڪندا ويا ڪاپڙِي
ڪڏهن اُترَ سامُهان، ڪڏهن دُونهِيَنِ جَلَّ
هُنَ سيڪيندي هَٿڙا، مون ڳاڙيندي ڳَلَّ
چِيري چَندنَ ڪاٺَ جئن، سُورَ ڏِنائُمِ سَلَّ
بابُو ڪَنِ نه بکِيا، نه ڪا وَلَهنِ وَلَّ
بيت - 2
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپڙي، طعامَ نه طمعدارَ
سَينَ هنيائون سُڃ ۾، جوڳي ڪِنہ نه يارَ
اوسَرَ جي آڌارَ، اُٺي گوندرِ گڏئا.
بيت - 3
قُوت ڪَڙايا ڪاپڙي، بُکَ چَکيائُون بُوءِ
وِئا نيرانا نِڪرِي، جوڳي مَنجها جُوءِ
اوسرَ آجاؤءِ، اُٺي گوندرِ گڏئا.
بيت - 4
پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گهُرَنِ ڪِينَ گهَرا
مَهيسِي مخلوقَ جي، اُڀِيَنِ دُورِ دَرا
پُڇَنِ توءِ شَرعا، جئن اَندرِ عدالتَ اُنِ جي.
بيت - 5
پِنَنِ جو پَٽُ کَڻِي، سو جي سُڃاڻَنِ
ته بَرَ ۾ بِيکَ لَهنِ، پَهرَ نه پِنَنِ ڪاپڙي.
بيت - 6
آسُکُ جَنِ اَويرَ، سي سانجهي رَهَنِ سُمَهِي
لاهُوتي، لطيف چَي، آڌيَ ڏِينِ اُليرَ
اُٿِئو لوڪُ پَسي پِئا، سامِي مَٿي سيرَ
ڪيڏانہ ڪندا پيرَ، مِڙوئِي مَٿو ٿِئو.
بيت - 7
وِچِين ويٺا رَهنِ، سانجهيَ رَهنِ سُمَهِي
بُکَ مَرندي بکِيا، ڪِنہ کان ڪِينَ گهُرنِ
پيٽَ نه هيرئَئُون پاهنجا، تَسا ڏيئي تَنِ
ڦَڪِي فَقيرَنِ، ماڳِئان پِنِي ماٺِ جِي.
بيت - 8
سانجهيَ رَهنِ سُمهي، وچينءَ ويٺا هُونِ
مَهيسي مُنہُ پاهنجو، ڌاران ڌوڙِ نه ڌُونِ
ويهاڻِيَ واٽُنِ تي، پاسا کوڙِئو پُونِ
ڪِنہ کي اِيئن نه چُونِ، ته اَسين آديسِي آهيون.
بيت - 9
ڪَسي ساڻُ ڪَسَنِ، ڏِيلَ ڪِئائون ڏُٻَرا
پيٽَ نه هيرَئَئُون پاهنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ
اِهِڙِيَ راهَ رَسَنِ، ڪاپڙِي ڪابُولَ ڏي.
بيت - 10
ڪَسي چيلهِه ڪَسا، ڏِيلَ ڪِئائون ڏُٻَرا
لاهُوتِي، لطيف چَي، تَنَ کي ڏِينِ تَسا
گُروءَ جي گَسا، پاسي ڪَنِ نه پاڻَ کي.
بيت - 11
آديسِي آديسُ، هِئا ڪري هَلئا
ڪاپڙيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ
ويراڳِي نئون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.
بيت - 12
آديسِيَنِ ادبُ، آهي اکڙِيَنِ ۾
تَنِ جو حَسبُ نَسبُ ناهه ڪِين، نه اَبا نه اَبُ
سامِيَ کي سَڀين پَرين، روحَ ۾ رَهِئو رَبُ
رِيَ لانگوٽِيَ لَبُ، پاڇِي ڪَنِ نه پاڻَ کي.
بيت - 13
لانگوٽِي لاهي، وَنءُ ويراڳيَنِ سامُهُون
ٻَڌُ سورَنِ جو سَندَرو، منجها سِڪ ساهي
اُنِي وَٽِ آهي، اوڇَڻُ ڳالهه اُگهاڙَ جِي.
بيت - 14
لُنگَ ڪَڍئائون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نه مَسَحو
اِسلامان اَڳي هُئي، سا سُئائون ٻانگَ
سامِي ڇڏي سانگَ، گڏِئا گورَکِ ناٿَ کي.
بيت - 15
ويراڳِي واڳي، ڏِينِ ڏِيهاڻِي ڏِيلَ کي
راوَلَ رَتي مولِهين، سامِي سُهاڳي
لنءُ جَنِي سين لاڳي، سي جوڳي پَسان ته جِيان.
بيت - 16
ويراڳِي واري، اَللهَ! اَڱڻِ آڻِيين
ڏکَ لاهِيندا ڏِيلَ مان، تُهَنِ جئن تاري
اِيندَمِ اوتاري، کِيئَن جون ڏِيندَم خَبرون.
بيت - 17
اَرَتو اَکيَنِ مان وَهي، مٿان ڳَلَنِ ڳاڙَ
ڪوري ڪَنَنِ وِچَ ۾، ڦَچَ ڏِنائون ڦاڙَ
هَڻِي توبهه تاڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.
بيت - 18
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، کوءِ راوَلَ، ٻَنِ رُجاتُ
لِباسان، لطيف چَي، پَلِ ويراڳي واتُ
مَنُ ماري ڪَرِ ماتُ، ته تيرٿِ پَسين تَڪيو.
بيت - 19
پوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، پَلِ پوڄا کان پاڻُ
ڄاڻِي ڇَڏي ڄاڻُ، پُرِئا پُورڀَ پَنڌَ ڏي.
بيت - 20
پوڄا ڪارِ مَ پاڻ کي، جوڳي رکِجُ جوڳُ
خَلقَ خادِمَ جئن ڪرِين، ايُ راولَ وڏو روڳُ
ڀَڳَنِ ڪونهي ڀوڳُ، نانگا وَڃنِ نِڱِئا.
فصل ھشتم
بيت - 1
رَهيا اَٿيئِي راتِ، صبوحَ وِيندَئي صابَرِي
لُنءَ لُنءَ منجهه، لطيف چَي، ڪَرِ تَني جي تاتِ
سَندِي جوڳيان ذاتِ، ٻي ڀيري ڀاڳِ مِڙي.
وائي - 1
ڪاپَڙِي ڪَنَ-چِيرا، وِئا ويراڳي نِڪَرِي
دِل هَڻي وِئا دلقَ سان، ڦورو هُئڙا فقيرا
هَڻي وِئڙا حِلمَ سان، سِڱيون منجهه سريرا
بيت - 2
اَڱڻِ آهِينِ اَڄُ، صبوحِ ويندئي صابرِي
ڪِجُ ڪو ڪاپڙيَنِ مان، روحَ رُچندو رَڄُ
پيرَ اُنِين جا پُڄُ، متان سِڪين سَناسيَنِ کي.
بيت - 3
تان ڪِين ساڻِنُ اورِ، جان آهينِ اوطاقُنُ ۾
ڏَهَ ڏَهَ ڀيرا ڏِينہَ ۾، پاڻُ مٿان ئي گهورِ
وِئا جي هِنگُلورِ، ته ڪَرمي مِلَندَءِ ڪاپڙِي.
بيت - 4
تان ڪين وَٽِنِ ويهُه، جان آهينِ اوطاقُن ۾
سامِي سَفرِ هَلئا، ڏورِ چِتائي ڏيهُه
ڇَڏي سُکُ ساڻيهُه، مٿي گَنگا گَجِئا.
بيت - 5
تان ڪين وَٽنِ وَڃُ، جان آهينِ اوطاقُن ۾
سامي سَفرِ هَلئا، رائو چِتائي رُڃُ
اِهَڙو جَنِ اُهُڃُ، سي ڪرَ مي ملندا ڪاپڙِي.
بيت - 6
تان ڪين وَٽنِ آءُ، جان آهينِ اوطاقُن ۾
وِئو تَنِ نه وِسَرِي، لاهوتيَ-ڪو لاءُ
فنا ۽ فراقَ جو، سامينِ چَکِئو ساءُ
وَٽان تو ويندا، ڪاپڙِي ڪابولَ ڏي.
بيت - 7
اَڄُ نه اوطاقن ۾، جاڳَرُ جوڳيَنِ جو
ساري سَناسيَنِ کي، رُوندهين تان رو
پَسُ پاڻِئا تو، لاهوتِي لڏي وِئا.
بيت - 8
اَڄُ نه اوطاقُنُ ۾، طالبَ تَنوارِينِ
آديسِي اُٿِي وِئا، مَڙهِئون مون مارِينِ
هو جي جِيَ کي جِيارِينِ، سي لاهوتِي لَڏي وِئا.
بيت - 9
اَڄُ نه اوطاقُن ۾، سندِي جوڳيَنِ جوڙَ
ساري سَناسيَنِ کي، کامِي ٿِيُ کوڙَ
مَنَ جَني سان موڙَ، سي لاهوتي لَڏي وِئا.
بيت - 10
اَڄُ نه اوطاقُن ۾، سندي جوڳيَنِ ذاتِ
ساري سَناسَينِ کي، رُنُمِ سارِي راتِ
مون تَنِ جَنِي جِي تاتِ، سي لاهوتِي لڏي وِئا.
بيت - 11
اَڄ نه اوطاقُن ۾، تازا پَٿرَ ڪَکَ
آديسِي اُٿِي وِئا، پيئِي اُڏامي رَکَ
سامِي کَڻِي سَنکَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
بيت - 12
جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳي ڏِٺوسون
مُلا تَنهِين مون، حاصُلُ ڪِين حالُ ڪِئو.
بيت - 13
جياسون جوڙ ٿِي، جوڳي لاٿو جارُ
سندو پوربَ پارُ، آڇِئائين اِيندَنِ کي.
بيت - 14
جِياسون جوڙ ٿي، جوڳي ڏٺوسون جان
سَڱُ جنهين سان، سو سامِي ته سانڀِٽؤ.
بيت - 15
جياسون جوڙَ ٿِي، نانگو ڏٺوسون نِتُ
چُونچو هوسُون چِتُ، کُلِي سو باغَ ٿئو.
بيت - 16
هِي جي هُئا هِتِ، ته مَٿِنِ هوندَ حقُ ٿِئو
مَڙِهيُون مورَتِ مِتِ، مانَ وِسَرِؤنِ ڪينَ لَهان.
بيت - 17
هي جي هئا هاڻِ، ته مٿنِ هوندَ حق ٿئو
پيهِي وِئا پاڻِ، اَڏِئا مَنِ مارِينِ مون.
فصل نھم
بيت - 1
بُکَ وِڌائون بَگرِيين، جوڳي ڪندا جُڃَ
طلبَ نه رَکنِ طعامَ جِي، اوتِيو پِيَنِ اُڃَ
لاهوتِيَنِ، لطيف چَي، مَنُ ماري ڪِئو مُڃَ
سامي جهاڳي سُڃَ، وَسُونءَ کي ويجها ٿِئا.
وائي - 1
دِلِئان دورِ نه ڪِجي، پياري والَڙِي، سا ڳالهڙِي
رانجهن والا زهر پيالا، شربَتُ ڪَڙِي ڪَري پِيجي
وائي - 2
پانڌِي! ڪاپَڙِيانِ جي ڪَرِ ڳالهڙِي
ڏيئِي باهِ ڀنڀورَ کي، جَتنِ سين آءٌ جاندِي
حِڪايَتَ هوتَنِ جِي، ادا! تو ڪا آندِي
مونکي پِيتمَ پارِئو، خُمرَ جِي آءٌ کاندِي
سا پَرِ ٿِيي سُپرين، اَلستَ جا آندِي
ڪڏهن ٿينديَسِ ڪيچَ ۾، هوتَنِ سين هيڪاندِي
پَسڻَ ڌاران پِريَنِ جي، مُٺِي هِيَ پَسُ ماندِي
وائي - 3
گلِي ڪَر ڦيري، غَم لاءِ ڪَبِي ميري
ڪِيون نَهين آئُندا، ڪِيون نَهين چُئندا،
عاجز بندي نماڻي تيري
شاه حسين فقير اللهَ دا، هو رهيا خاڪ ڪِي ڍيري
وائي - 4
ڪوئي ڏونگرُ ڏورِيان، ڪوئِي جبلُ جهاڳِيان،
پَهُچان، وو ميان!
پهچان شالَ پريَنِ کي، اَلو اَلو اَلو!
لڳڙي پير پِريَنِ جي، آءٌ جا ڏونگر ڏوريان
1. ڀَڳو ڀيرِيان نه ڀِري، چَرخي لڳڙِي ڪا
واڍي وِنگو واڻِئو، ڪو ماءِ! مهنجي لا
2. ڀڳو ڀيريان نه ڀري، چرخو ڏي نه چَسَّ
ماءُ ڪَتائيندي ڪيترو، ماري مونکي مَسَّ
بيت - 2
نه گِندا نه گَبَرِي، نه لانگوٽِي لِکَّ
جيڏانہ پريَنِ وِکَّ، تيڏانہ صاحبُ سامهون.
بيت - 3
نه گِندا نه گبري، نه لانگوٽي ليرَ
جيڏانہ ڪَرِينِ پيرَ، تيڏانہ صاحب سامهون.
بيت - 4
نه گندا نه گَبري، نه لانگوٽي لينگَ
ڀُنگا جَني ڀينگَ، صاحب تيڏانہ سامهون.
بيت - 5
جئن ٿا پُڇَنِ اَنَّ کي، تئن جي پڇنِ پَنڌُ
رِڙِهي لَڌائون رَندُ، لَٿيُنِ لُکَ، لطيف چَي.
بيت - 6
نه گندا نه گبري، نه ڪَڇينِ ڪاڇوٽي
ساميَ ٻارِي سُڃَ ۾، بابوءَ باهوٽي
جوڳي جَبَروتي، وَڄائي واٽَ ٿئا.
بيت - 7
ڪَڇي ڪاڇوٽي، نانگَنِ ٻَڌي نيہَ جي
جهڙا آيا جَڳَ ۾، تهڙا وِئا موٽِي
اُني جي چوٽي، پوربَ ٿيندي پَڌِرِي.
بيت - 8
سَٻيرِيَ، سيّد چَي، جئن ٿا پُڇنِ اَنُ
تَنِ ڪاپڙيَنِ ڪونهي ڪَنُ، جوڳي چائينِ جاڙَئا.
بيت - 9
جا بُرادَ بُتَنِ جي، سا اُڃَ بُکَ آديسينِ
روزا رندَ رَکُنِ، عيدَ نه اوڏا ڪاپَڙِي.
بيت - 10
ويٺو پُڇِين پَرُ، ڪَرِ هِئارَ هَلَڻَ جي
اَڄُ آديسي مَرُ، صُباحَ مَرندو سَڀُڪو.
بيت - 11
رامَڪَلِي دُکِئا ڪَهي، سُکئا ڪَهي نه ڪو
ڪو مِٽيَ ڪو مائٽيَ، ڪو روچيَ کي روءِ
رامَڪِلي سو ڪَهي، جِنہ جي ڀاڳَ وِچِ دُکُ هوءِ.
بيت - 12
پَرِيندِهين پَنڌِ ٿِئا، ڇَڏي گنجو گامُ
ويهِي ڪِئو نه وِچِ ۾، تَنِ آديسيَنِ آرامُ
رَهَه ۾ گَڏِئُنِ رامُ، پَنڌان ڇُٽا ڪاپڙي.
بيت - 13
اَکيون آلو ماهُ، سَدا سَناسيَنِ جِيون
واري نيڻَ ننڊا، جانڪي جهَلئا جوڳيين.
بيت - 14
اَڌَ لَکِيون آهِينِ، آيَلِ آديسيَنِ جيون
ويهِي وِهائِين، ڪا قَضاني راتَڙِي.
بيت - 15
اَڃان سي آهِينِ، جي سَزاوارَ سِڱِيَنِ جا
ويٺا وَڄائينِ، جي سَناسِي سُڻِيين.
بيت - 16
مَرَڻُ مُسلمُ جَنِ، واحِدُ تَنِ نه وِسَري
مٿي سَڳرَ ڪاپڙِي، نانگا ننڊَ نه ڪَنِ
نيڻَ سَندائِي تَنِ، اوجاڳي اُجارِئا.
بيت - 17
جو ڪُهُندِ سُهُندِ سامهون، پِرتِ تَهين سين پارِ
نِيہُ جنہ سين نِبَهي، تَنہِ سين تون مَ تَوارِ
هَڏِ مَ واٽَ وِسارِ، ٿِيُ نِرالو نِبرِي.
بيت - 18
پوري پَئِي رَهُه، اُپَٽي اُجهُه مَ ڪاپڙِي
اُلان جي عشقَ جا، سي تون سَهِئو سَهُه
پُڇُ پاڻَ کي پَهُه، هِنگلاچِ هَلَڻَ جو.
بيت - 19
نسورو ئِي ناهِ، جئن دِلِ ۾ دُونهِي دُکاءِ
آڻي آڳِ عشقَ جي، لاهوتي تون لاءِ
جِندا تئن جاڳاءِ، جئن آتَشا آبُ ٿيي.
بيت - 20
ڏورَڻُ گهڻو ڏاکَڙو، ڏورِجُ رِيَ مَ ڏِيي
تان تان هوئِجُ حُجري، جان سين يارُ جِيي
جڏهن پاسي پاڻُ ٿِيي، تڏهن ڇَڏِجُ تَڪيو.
بيت - 21
ڏورِ مَ ڏِيان ڌارَ، ڏورڻُ گهڻو ڏاکڙو
ڪوڙين لکَ هزارَ، اِنَ اونداهيَ اَنڌا ڪِئا.
بيت - 22
سامي تون سُلوڪَ کي، هَٿان هَڏِ مَ ڇَڏِ
لَڏيندَنِ سين لَڏِ، ته رَهين تون راڄَ ڪريين.
بيت - 23
وِيندَنِ کي وِيڪَ ٿي، هُوندَنِ ڪونهي هنڌُ
’مَن لَّہُ المَوليٰ فَلَہُ الڪُلُّ‘، اِيُ پروڙِجُ پنڌُ.
عاشقَ شهرَ فقيرَ، در در هَڻنِ سَينُ
’مَن عَرَفَ اَللهُ ڪُلَّ لِسَانُہ‘، اِهڙائِي اَمينَ
جِتي پَسنِ ڪِين، تِتي ڪَنِ تَڪيو.
بيت - 24
گُذَرُ گَئِي گُذرانُ، ڪيمَ قَبُولِجُ ڪاپڙِي
عليَ جو ميدانُ، سَڳَرُ سَناسيَنِ کي.
بيت - 25
ويٺا ڌُوڙِ ڌُڻِي، عَلِيَ جي ميدانَ ۾
تَرڪُ ڪِئائون تَڪيا، پَرِيون پنڌُ سُڻِي
ڪَندي ڪوهُ دُڻِي، طعنا ڏيئِي تَنِ کي.
بيت - 26
لَنگهِه لاهوتيان ڪاپڙِي، دُونهِي ڪا مَ دُکاءِ
اوري ڪَرِ مَ آسَرو، پَري پيرُ مَ پاءِ
جِنہ جِي جاءِ نه ماءِ، وَنءُ تِنہ سين واڳِئو.
بيت - 27
ڀِنيَ ڀَڙَڳَ ڪَنِ، باهيُون بيراڳيَنِ جيون
هَلو سيڪيُون هَٿڙا، مٿي تَنِ مَچنِ
مُلا سَناسيَنِ، مون جَڙَ لڳِي جانِ ۾.
بيت - 28
هو جي ٿئا هَر ڪيسِ، تَنِ لڳي ڪينَ لباسَ سين
وَتنِ وِلهي ويسِ، لاهوتي، لطيف چَي.
بيت - 29
بُکَ اُنِي جي بِکيا، ڌوڙِ انِي جو ڌُوپُ
ڪِئائون سو رُوپُ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿيي.
بيت - 30
سِڱيُون، سيلهيون، گَبريون، ٽيئِي ٽولَ ٽَڳو
پَٽُ هَڻي پَٽَ سين، ڀيري تَنِ ڀَڳو
لاهُوتُ جَنِ لڳو، سي مَڙِهيان مورِ نه نِڱئا.
بيت - 31
گَندِي ۽ گراهُ، جَنِ سَناسيَنِ سانڍِئو
اُنهنِ کان اللهُ، اڃا اَڳاهون ٿِئو.
بيت - 32
کوءِ گودَڙَ، ٻَنِ گَبريون، نيئِي کِدائون کانءِ
جيڏاهين جوڳِ وِئو، نيڻَ تيڏاهين ناءِ
ڀورا اِيهين ڀاءِ، ته سِڱيون شومَتَ هَٽَ جيون.
بيت - 33
کڻُ گودَڙَ، ٻَنِ گبريون، کانءِ مَ کِدائون
جِندان وڃي جوڳَ سين، لَهِجُ ڪي لائون
ايئن ڪُہ اُتائون، ته سڱيون شومتَ هٽَ جيون.
بيت - 34
جا گُرَ ڏِني گودڙي، سا مونکي ٿِي مَرَڪُ
چيلا ماري چَرَکُ، اوڍي وِهُ اَدبَ سين.
بيت - 35
جا گُرَ ڏنِي گودڙي، سا ٿِيي لاهيندي لَڄَ
سندا تنہ سَهڄَ، چيلو چُوندو ڪيترا.
بيت - 36
جا گُرَ ڏِني گودڙي، سا مون گهڻو سُهاءِ
نيئِي رَساڻِي ماءِ، اوڍينِ جي اَدبَ سين.
بيت - 37
اندرِ رَلا رَليُون، ٻَهرِ پَٽولا
اِنِهين پَرِ ڪاپڙِي، خُدا جا گهورا.
بيت - 38
اَندرِ رَلا رليون، ٻهر پٽولا
اِنهين پر ڪاپڙي، گڏهَه جا گهورا.
بيت - 39
گُلُ گُلُ پَسِي گودڙِيا، گهڻا مَ ڀانئيجُ
سو ئِي سُڃاڻيجُ، هِي هُو آهي هيڪڙو.
بيت - 40
پَٽَ ڇَڏِئائون پَٽَ ۾، ڏَنڊَ ڇڏئائون ڏِسُ
اَلاَئِشا اَڳي ٿِئا، موٽِي ٿِئا نه مِسُ
هِيُ ڇڏِئائون هِسُ، وڃي ڪالَ ڪُلُ ٿِئا.
بيت - 41
ٻوِلي ٻُجهارتَ، جوڳيان سنديَ ذاتِ جي
ڏورَڻُ گهڻو ڏاکَڙو، هَلڻَ ۾ حيرتَ
عجبُ عبادتَ، پَهُه پَروڙڻ اُنِ جو.
بيت - 42
جنہ ڪارَڻِ جوڳي ٿِيان، جان جان سو نه پَسَنِ
تان تان سَناسيَنِ، وِرهُه وِهامي راتَڙِي.
بيت - 43
نه کِلَنِ نه کِينِ ڪِين، نه ڪين ڳالهائينِ
ڪِنہ جِنہ ۾ آهينِ، سا پَروڙڻُ ڏاکَڙو.
بيت - 44
پُڇڻُ پَرڏيهيَنِ جو، آسَڻَ وَٽِ آهي
لَڳَڻُ جي لاهي، ته هُنِي تان حَقُ لَهي.
بيت - 45
محبتَ جي ميدانَ ۾، کامِي خاڪِ ٿِئا
تمامُ ٿِي، طالبُ چَي، وحدتَ منجهه وِئا
جَنَب موچارو جوڳِيين، ڏِکِئا مَهندِ ڏِيها
سارِيان ڪونه سِيا، سندنِ هِنَ سَنسارَ ۾.
بيت - 46
راتِيان رُڻِ جهُڻِ رامَ سين، ڏِينهان ڪَنِ سَنانُ
جوڳي سي اَنانُ، وَٽُون جَنِ وِراهيُون.
بيت - 47
ڪِين جو ڏِٺائون، ڏَهِڪِجِي ڏورِ ٿِيا
وِهَڪَ نه ڪِئائون، اُڀِيَڪِ عيبُ اُنِ جو.
بيت - 48
نه ڪين طعامُ تُنبِيَنِ ۾، نه ڪين گَبَرِيَنِ
مون پُڻ مُلا تَنِ، حاصلُ ڪين حالُ ڪِئو.
بيت - 49
دَلقَ ڍڪائِجُ دِل کي، لائِجُ ڪو مَ لباسُ
پُوري کائجُ پاهنجو، مَڙِهيان اندرِ ماسُ
ته ويراڳي تو واسُ، بَرَ ۾ بُويُون موڪَلي.
بيت - 50
جِتي عرشُ نه اَڀُ ڪو، زمينَ ناهِ ذرو
نه ڪو چاڙهائو چنڊَ جو، نڪو سِڄَ شَرو
اُتي آديسِينِ جو، لڳو دَڳَ دَرو
پَري پِئُنِ پَرو، ناٿِ ڏِٺائِين ناهِه ۾.
بيت - 51
ساريو سناسيَنِ کي، ٿي نيڻَ ٽِمايان نِت
آيلِ! آديسين لاءِ، ڏي چاڙهيڪا چِت
تَنِ سامين جي سنگت، ساريو ٿِي سورَ چَران.
بيت - 52
جوڳي جَڳُ ڇڏي، پُرئا پورڀَ پنڌَ ڏي
لاهوتي، لطيف چَي، هَلِئا لعلَ لَڏي
’وَاللهُ يَدعُوا اِليٰ دارِالسَّلامِ‘، صاحبُ سَڀَنِ سَڏي
هَي هَي هِنَ هَڏي، هَمَه کي حيرانُ ڪِئو.
سرود رپ
فصل اول
بيت - 1
گوندَرَ ڪِئو غَرَقُ، ماءُ! مهنجو جِندڙو
ڏُکويَنِ مَرڪُ، مٿي سَڳَرَ پَنڌڙو.
وائي - 1
جو نَوازي ڏَڏَّ، آسرَ لاهِه مَ اُنَ جِي
وِهُ داتا جي درَ تي، لَنگها لاهي لڏِّ
اوڏايان اوڏو گهڻو، ڪهڙا ڪَريين سَڏَّ
اَگَلنِ کي اوڏِي وِهِين، گَندا ڪري گڏَّ
ڪهڙا جَڏَّ جَڏوئِيين، جُودَ مَهندا جَڏَّ
اڳِئان عجيبنِ جي، مشڪلُ ٻَڌَڻُ مَڏَّ
آدَمُ تِئان خلقِئو، هوءَ جا کَڄِي منجها کَڏَّ
بيت - 2
گوندرَ گڏِيياسِ، صحتَ نِيَمِ سَڄڻين
مادرِ! مارِيياسِ، ڦوڙائي پِريَنِ جي.
بيت - 3
گوندرَ هٿُ نه پيرُ، وِرهُ مَنجههِين وِهَڻو
ڪُڙهه ۾ قطارون ڪري، سورَنِ لايا سيرَ
مون جئن گهاري ڪيرَ، هيڪلي ريَ سڄڻين.
بيت - 4
اُٺي جئن مورَنِ، اوڀَڙَ وَلهارنِ ۾
سا پَرِ گوندرَ ڪَنِ، جُہ ڦوڙائو سَڄڻين.
بيت - 5
لائي جو وِئا، سو مَنجههِين ٿو مَچُ ٻَري
سو اُجهامي ڪِئا، جِنہ سوريندڙُ سُپرين.
بيت - 6
ڪَهَنُ ته ڪَچائِي، سورَ نه سانڍڻُ سُٿِرا
اَڃان تان آئِي، ڏِيلَ مُهنجي ڏُکَ سين.
بيت - 7
جئن تَئِيَّ تَرو، کامي کوري وِچَ ۾
مونکي ڏنو سَڄڻين، منجها سِڪَ سَرو
وَرِ جهيڻو ٻَرو، مَ ڦوڙائو سَڄَڻين.
بيت - 8
اُڀَرِئامِ اَنگورَ، سُتي سُپيرِيَنِ جا
کايو کايو سورَ، لُڇِئو لوچِئو اُٿِيان.
بيت - 9
ڳَرِنِ مَ ڳَرَهيجُ، روئِي ڪجُ مَ پَڌرا
تان سوراڻِي سَهيجُ، جان لاهيندڙُ ڪو لَهِين.
بيت - 10
ڳَرَهِه مَ، ڳُجهو رو، پڌرِ وِجهُه مَ پِريَ ري
سورَنِ سُڀَرُ هو، هِنيَڙا! ڪُمَ ڪَڙنِ جئن.
بيت - 11
لاهِه مَ پَچارانِ، سُکِ مَ سُمهِه جِندَڙا
ڪَرِ جهورِي ڪيڻانِ، ڪالهوڻا اَڄُ گهَڻِي.
بيت - 12
جهورِيَ جهِڄڻُ جهانءِ، مون جَنِي جو نه لَهي
آيلِ! اِيئَن مَ ڀانءِ، ته ڪا آءٌ اَجِيَنديِ اُنِ ري.
بيت - 13
جهِڄِي جهانءِ ڪَري، ماٺِ نه اَچي مون هِنيين
سَڄڻَ سي ساري، هو جنِي جو هيرَئون.
بيت - 14
جاءِ نه سڄو ڏِينہُ، هينئڙو اوٺِي وَڳَ جئن
مون پِريان سين نِينہُ، ڇِنڻَ ڪارَڻِ نه ڪِئو.
بيت - 15
ڪَڪرُ منجهه ڪپارَ، جهُڙُ نيڻَنئُون نه لهي
اَڄُ مهنجي چِتَ ۾، اُٺا پِرين اَپارَ
آءُ ساڄنَ! لَهُه سارَ، وِرهَ ويڙِهي آهيان.
بيت - 16
مون مَنجههِين مِينہُ، ڪُهه ڪَرِينديَسِ ڪَڪَرين
سَرلو سارو ڏِنيہُ، مون پِريان جو نه لهي.
بيت - 17
سُتي سَنڀرِئومِ، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو
ڪنڌِ وِهاڻو ڀِنون، هَرِئو هٿُ ٿئومِ
سَڄڻُ يادِ پِئومِ، جاڙَ جِيان ٿِي جيڏيون.
بيت - 18
سَڄڻَ سَنڀرِئامِ، پييَمِ ڪَرَ ڪپارَ ۾
جِهڙي تِهڙي حالَ سين، پرين نه وِسرئامِ
هَرِئا هٿَ ٿِئامِ، نيڻنئون نِيرُ وَهي.
بيت - 19
سَنڀرِئو جِيان، ڳالهيون پِريَمِ! تهنجيون
ڳُڻَ ڪيترا ڳَڻيان، ٿورَنِ مَٿو ناهِه ڪو.
بيت - 20
جُہ سي سَنڀرِجَنِ، سَهُه جَنِي سين اوريان
لَنءُ لَنءُ هيٺِ وَڄنِ، رَڳُون ربابنِ جئن.
بيت - 21
چَتُرَ رَهي نه چِتُ، ويڻنِ واڳِئو نه رَهي
رَئِيَّ لَٽِجِي نِتُ، هِنيڙو واٽَ وِرکَ جئن.
بيت - 22
چوري چوري چِتُ، جان نَيَّ وِهاڻيَ نڪران
نِيہ گهُرائي نِتُ، پِريان سَندي پيرَ ۾!.
بيت - 23
چيتارِئان چُڻڪَنِّ، سَنڀارِيان سَهِي
اَندرِ روحَ رهِي، مونکي صورتَ سُپيرينِ جِي.
بيت - 24
چيتارئان چڻڪنِّ، وساريان نه وِسري
ويروتارَ ڏُکَنِّ، سڄڻَ ڀَڳي هَڏَ جئن.
فصل دويم
وائي - 1
جي سيڻاڻِي سَڱُ، تي ٿِي ڏونگرُ ڏورِيان
وِئو ٻاروچو نڪري، اَنگهُنِ چاڙهي اَڱُ
اُٺَ مَ پَلاڻِئو اوٺِيا، تان ڪو دَمِهو دَمُ
ميڙي ميندِيَ گُلَڙا، راتِ رَتائُون رَڱُ
ٻانهي ٻاروچَنِ جي، جئن پٺيَ لَڳڙِي وَڃُ
مون اَنهِن سين نه ڪِئو، ڇِنڻَ ڪارڻِ سَڱُ
جان ڪوهِيارو ڪيچَ ۾، تان مون ڀَئي نه ڀَڱُ
وائي - 2
سرتيون سُکَڙِيون، ساريان پيرُ پاهنجو
جاڳو اَکَڙِيون، ساريان پيرُ
لَلاڻِيَ جِي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيُون
حُسنُ راهُومَنِ جو، مهنجو آهِ مِيُون
توبَهَه آهي تَنِ کان، هَٿان جي ٿِيُون
گوشي پِرين نه گَڏِئا، کَرَ سين مون نه ڪِيون
مونکي ڏي نه مُنہَ ۾، جي مون ڪالَ ڪِيون
ڪُهُه ڪِبو تَنِ کي، جَنِي مَنجهِه ڪِيون
آرَتو اوتَڻُ سِکيون، عادَتَ اَکَڙِيُون
ڳالهيون پِريَم! تُهنجيون، وَڌِي وَڻَ ٿيون
هنڌِ نه آهي هڪڙي، مَي مَنَ جو هِنيون
مون پهنجي پِريَ سين، ڳُجهيون ڳالَهڙيون
مهنجا ڪَمَ ڪريمَ تي، ٻِئا ڪَنِ ٻِيُون
وائي - 3
هاڙهو کاڻو هوتَ، ڪيچِي ڪالَ لنگهي وِئا
لَنگهندي لَڪَنِ ۾، پاڻان ٿِيَسِ پوتَ
متان مونکي ڇڏيين، هِتِ هُتي جا هوتَ
ڏيندِيَسِ ڏاڍاين ڏونگرين، توهِين ڪارَڻِ جهوتَ
وائي - 4
جِيَري زِيارَت، جي مان هوءِ پِريَنِ سين
سَڌَرَ مهنجا سُپرين، مون تان لاهِه مَ هَٿَ
موليٰ مونکي ميڙِيين، سُپيرِيان جي سَٿَ
چُونڊيان کِيهَه اکينِ سين، پيرين وِجهان هَٿَ
ڏوران ڏِٺُمِ سُپرين، هُيَمِ جِنہ جي سِڪَ
بيت - 1
نيڻَ نه نِنڊُون ڪَنِّ، ڀَڳو آرسُ اَکيين
اُجهامِئو ٻَرنِّ، توکي سارِئو سُپرِين.
بيت - 2
سَئِين نه سيڻانِ، ناهِ اُبَتِي اُنَ سين
وَنءُ سَهِي ويڻانِ، تو نه سَرندِي تَنِ ري.
بيت - 3
گِوَنيين گُونِين، پِرين پَٽائين گَجُّ جئن
جي من اندرِ مَنجُونِين، سي ڪِئن وڃن وِسرِي.
بيت - 4
اَندرِ اَندريُون، جئن ني وانجهِيَ لَٺِ ۾
مون تَنَ تيتريون، ته ڪِيَن مِلبو کي سَڄڻين.
بيت - 5
جئن سي کُوهِيَ نارَ، وَهنِ وارِيَ گاڏُئان
هِنيَڙو پِريان ڌارَ، نِبيريانسِ نه نِبري.
بيت - 6
سَڀرُ سِيُّ پِئو، نه مون سوڙِ نه گَبَرو
نه مون ڪانڌُ، نه قُوتُ ڪِين، جوڀَنُ وَهِي وِئو
تَنِي حالُ ڪِئو، نِنڌَّرَ جَنِي نِجهُرا.
بيت - 7
اُترَ اوتُون ڏي، نه مون سوڙِ نه گبرو
سِيُ سارينديون سي، جَني نِنڌرَ نِجهرا.
بيت - 8
اُترَ ڏِنِي اوتَ، نه مون سوڙَ نه گبرو
چارَئِي چُنِيَ پوتَ، مون ريڙهِيندي راتِ گَئِي.
بيت - 9
نِيہُ نِيهائِيَ جان، ڍڪِئو ڪُهُه نه ڍڪِيين
ڄَرَ ڄيري ڇڏِي، ته ڪِئن پَچندا ٿان
سندِيَ ڪُنڀاران، ڪَنِّ ڪريجا ڳالَڙِي.
بيت - 10
نِيہُ نِيهائيَ جئن، ڍَڪئو ڪُہ نه ڍڪيين
ڄرَ ڄيري ڇڏِي، ته رَڇَّ پَچندا ڪِئن
تون پُڻ ڪَرِجُ تئن، جِين ڪُنڀارَ ڪَرينِ ڪَمَّ سين.
بيت - 11
نِيهائِيَ کان نيہُ، سِکُ مهنجا سُپرين
سڙي سارو ڏينہُ، ٻهرِ ٻاڦَ نه نِڪري.
بيت - 12
نيڻَ نِيهائيَ جان، سُتي لوڪِ دَنڪِئا
اُجهامِئو ٻَران، توکي سارِئو سُپُرين.
بيت - 13
ڪِين جو ڪُنڀارنِّ، مِٽِي پائي مَنِئو
تِنہ مان تِرَ جيتري، جي پئِي خبرَ کَرَنِّ
هي تان هوندَ مَرَنِّ، هُنِ اَڱڻِ اورازو ٿي.
سرود ليلا
باب در ڪلام سرود ليلا
بيت - 1
داغُ تُهنجو داسِڙا، مٿي جِنري جَنِ
تون ڪِئن مٿان تَنِ، چَنيسرَ چِتُ کڻين.
وائي - 1
آءُ پرِين گهَرِ پيهِي، ميان چَنيسرَ!
هارُ هَٿان مون ڇَڏِئو
پُڇنِ ليلا، هو ڪَنِ حيلا، ٻَهران اَچِئو: پيئِي
دوستُ نِئائُون داسَڙو، ويساهي وَرَ ويهِي
اوڳڻَ عيبَ مَٺائِيون، مهنجيون ڍولا! ڍڪِ سَڀيئِي
تو دَرِ اَچِي داسَڙا، آرِ ڪَرِينديَسِ ڪيهِي
وائي - 2
مون تي وَهرَ وَرِي، وارو ڏِيندُمِ وَلَهو
توکي ساري سُپرين، آءٌ پُونديَسِ ماڳِ مَرِي
2. توکي سَرِي سُپرين، اَسان تان نه سَرِي
اسان تو رِيَ ناهِه ڪا، ڳُجهاندَرَ ڳَرِي
بيت - 2
داغ تهنجو دائما، ماري معذورين
سائينءَ ڪارڻِ سُپرين، وڃجُ مَ ڏُورين
آءٌ تو حُضورين، مَڻِئو وِجهان مَچَ ۾.
بيت - 3
مَڻئو وجهان مچَ ۾، هائِيَ هَڻان هارُ
ڀِري جي ڀتارُ، ته ميريائِي مانُ لَهان.
بيت - 4
مڻئو وجهان مِٽِيَ ۾، هائيَ هَڻِي هارُ
صُحبِي سُکُ، سيّدُ چَي، ڪرِيين ڪوهُ قرارُ
راجا رِيساڻو گهڻو، سَٽاڻو سردارُ
چوڏِسِ چَنيسر ڄامَ جو، ڏيهان ڏيهِه ڏهڪارُ
ٺاڪُرُ اَکيين ٺارُ، مڻيي تي ٿِي مَٽِيين.
بيت - 5
مڻيي تي موهجِي، مُوڙِهي! ڪِئُئِي مَرَڪُ
چَئي چنيسرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ
ورِي وئو وَرَقُ، تي آئُئِي ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
بيت - 6
مَڻيي مٿي جي هُئا، تَنِ چِٽَنِ ڦيرِئُمِ چِتُ
هارُ کٽينديَسِ هوڏَ سين، ڪِين نيبَهُه ٿيندم نِتُ
ڪَؤنروءَ جو ڪِرِتُ، مُونهان مٿانهون ٿِئو.
بيت - 7
مَڻيون ناه مڻيون، جو تون پَسِي هارُ هِر کِيين
اَصلُ آهي اَڳهين، سندو ڪوڙَ ڪَڻِيون
اِنَ گهوڙَنِ هَنئي گهڻيون، اِنَ دوستُنِئُون دورِ ڪِيون.
بيت - 8
مَڻِيي تي موهجِي، هارِي! ڳِيُڙَ ئِي هارُ
ڪوڙين ڪِئا ڪيترا، اِنَهِين خرَ خُوار
ڀِرِي وِئو ڀتارُ، تي آئُئِي ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
بيت - 9
تان ڪا وائِي وارِ، دِلاسي جي داسَڙا
تون مهنجو وَلَهو، آءٌ تو۾ طمعدارِ
ڍڪي ڍولَ گُذارِ، لَڄَ مهنجي لوڪَ ۾.
بيت - 10
ڍولا ڍولِ مَ مون، ڪانڌَ ڪميڻِي آهيان
سِڪ تهنجِي سپرين، ڀيري وِڌيَسِ ڀُون
مون وَر تونهِين تون، تو وَرَ وَهُون ڪيتريون.
بيت - 11
تو وَرَ وَهون ڪيتريون، مون وَرَ تون وَريجُ
صُحبِي اِنَ سهاڳَ کي، ڀورِي ڀَرُ مَ ڏيجُ
پِرِتان پيرُ ڀَريجُ، مَلائِجُ مسڪينِ کي.
بيت - 12
ڍولا! ڪُڄاڙِئا، ٻولايو ٻوڏُ چُئين
آءٌ تو پيراندِيا، ڪَرَ موڙِئو وَرَ اُٿِيان.
بيت - 13
لِيلا! حِيلا ڇڏِ، جي تون صُحبِي سِکيين
پائي پاندُ ڳِچيَ ۾، پاڻُ غريبيَ گَڏِ
هَڏِ نه چُوندَئِي لَڏِ، جي ڪارون آڻيين ڪانڌَ کي.
بيت - 14
جي ڪارُون آڻِيين ڪانڌ کي، روئِي رِيجهائيجُ
ليلا! ليلائيجُ، اَٿيئِي ماڳُ مِنٿَ جو.
بيت - 15
جي ليلائي نه لَهين، ته پڻ ليلائيجُ
آسرُ مَ لاهيجُ، سَڄڻَ ٻاجهارا گهڻو.
بيت - 16
لَکَڻَ ڪِيمَ ڳڻيجُ، جي مورائِين ناهِ مون
مونکي مِلائيجُ، وارو ڏيئِي وَلها.
بيت - 17
چنيسرَ سين چاڳُ، متان ڪا مُنڌَ ڪري
تان مون پَهُه پَروڙئو، هِيُ نِماڻِيَنِ ماڳُ
ڏَمَرِئو ڏُهاڳُ، سِگهو ڏي سُهاڳڻِيين.
بيت - 18
چنيسر سين چاءُ، متان ڪا منڌَ ڪري
ڪانڌَ ڪِنہ جو نه وَڻي، گيربُ ۽ گاءُ
جي ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، ته دوسُ دَسائي داسَڙو.
بيت - 19
ڏُهاڳان سُهاڳَڻِيُون، ڪهڙي ڏوهِ ڪَنبَنِ
وَرُ وِڏوڻو اِيهِيين، جئن جئن پاڻُ پَسنِ.
بيت - 20
گهورِئو سو سُهاڳُ، جنہ ۾ پَسي پاڻَ کي
ڏوري لَهُه ڏُهاڳُ، جِنہ ڪَرَ لاهُو داسَڙو.
بيت - 21
اَوَڳُڻَ ڪَري اَپارَ، تو درِ آيَسِ داسڙا
جي تو رُسَڻَ سَنديون روحَ ۾، تي مون ڀيڻِي ناهِ ڀَتارَ
سائينءَ لَڳِ ستارَ، ميٽِ مَدايُون مهنجيون.
بيت - 22
نه ڪِين ٻانهِڙِيَنِ ۾، نه ڪِين گهَرِ هُئومِ
نه مون سِينڌِ نه سُرمون، نه سينگارُ ڪِئومِ
تيلانہ ڪانڌُ سندومِ، رُڳوئِي رَءِ ڪري.
بيت - 23
سونا ڪُرَ ڪَنَنِ ۾، ڳِچيَ ڳانا هارَ
ٻانهوٽا ٻانهُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ
تيلانہ پِيَ پچارَ، ڪانڌَ مهنجِي ڇَڏي.
بيت - 24
پُوچا ڏٺَمِ پيرَ، ڍَڪڻَ مٿي ڍولَ جا
مون ڀانيو تنہ ويرَ، ڪوجهِي ڪندو پِريَ ري.
بيت - 25
ٿِڙِڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي تَڪبرَ ۾ پيئِي
اَچِئو اَچِـئو ’اَگَلِي‘، ليلا کي چَئي لوڪُ
اَندرُ اوڀالنِ سين، ساڙي ڪِئَئُونسِ سوڪُ
ٻالا-پَڻَ جو ٻوڪُ، وِئو ويچارِيَ وِسَري.
بيت - 26
وَرَ وِسَرِي ته ڪوهُ، وَرُ نه وِسَرِئوسِ
ڪونه چُوندو ڪڏهين، ته ڪو اَڱڻُ اونداهوسِ.
بيت - 27
جيڪسِ ڪَمَ سَندامِ، جوٺا ڏِٺا جيڏيين
کِلَنِ سڀِ مَٿامِ، ساهيڙيون ۽ سَرَتيون.
بيت - 28
هُئي ته گهڻو هُشيارُ، ڪَلَ پِه هُئي ڪانڌ جِي
تو ڀانيو موچارِي ٿِيان، ڳِچيَ پائي هارُ
ڪانڌُ ڪُوڙِيَ جو نه وَڻي، سَئين ڀَتين سينگارُ
وَهمَ لَهي وِينجهارُ، دِليون پَرکي داسَڙو.
بيت - 29
چانڪِ چڙهندِيَسِ کٽَ تي، رِيجهائينديَسِ راءُ
اِهڙوئِي اَللهُ، جو پورِهَتُون پيشِ ڪَري.
بيت - 30
جو تو ڀانئيو هارُ، سو سورَنِ جو سَنگهرو
چنيسرُ چتُ کَڻي، ٿئو پورِهَتِ جو پارُ
اَوَڻَتَ جو آچارُ، ڪانڌُ ڪِنہ سين نه ڪري.
بيت - 31
ڏاهِي هيَسِ ڏيهَه ۾، سرتيَنِ منجهه سُڄاڻَ
ڪا جا پييَمِ ڪاڻَ، مُنہ مٿانهون نه کڻان.
بيت - 32
جَرُ هارِئو ٿي جَکري، جڏهن رُنون ڏيري ڌارَ
ڍولي تڏهن ڍيلِيين، جڏهن صُحبِي ٿِيئِي نه سارَ
چنيسرَ ڀتارَ، حيلو ڪِئو هارَ جو.
بيت - 33
ڏَمَرِئو ته ڏِسُ، حِيلو ڪِئائين هارَ جو
سُڻِهو سڀَ سَرتيون، وَرُ نه ڪَهِين وَسُ
دعويٰ پَهريين دَسُ، ڀَڃِئو ٿو ڀورا ڪري.
بيت - 34
ڪوڙين تُهنجيون ڪامِڻِيون، تون ڪوڙِنِ سندو ڪانڌُ
مونکي ڇَڏِ مَ داسَڙا، ته وڃان نه وِڙواندِ
مون ڳچِيَ ۾ پاندُ، تو چنيسرَ هٿَ ۾.
بيت - 35
چنيسرُ چَؤ رَنگُ، ٻَه-رَنگو لوڪُ ٻِئو
تِنہ سين ڇِنئو سَنگُ، وڃئو هَٿُ هارَ ڇُهين.
بيت - 36
چنيسرَ جي چِتَ ۾، ڪين جو اڳُ هُئو
تِهان پوءِ ٿئو، مَڻيين مَٿي مامَرو.
بيت - 37
سوڙِيين سُتَڙِيا، پَڪو سَهو وِلاڙِئو
چنيسرَ ڪانڌا، تان مون هِيئن نه ڀانئيو.
بيت - 38
وَڏيرِي هُئياسِ، ميڙو مون گهرَ سرتيين
هٿَ ڇُهَڻَ هارَ جي، ڪَڙِي ڪانڌ ٿِياسِ
ڍولي ڍيلِياسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
بيت - 39
وڏيرِي هُئياسِ، چنيسرَ جي راڄَ ۾
دُهلين دَمامين نِڪَرين، پَرِ ۾ پُڇِياسِ
ڍولي ڍيلِيياسِ، تڏهن ٿِيَسِ ڏُهاڳِڻِ ڏيهَه ۾.
بيت - 40
هُيسِ هِندورَنِ ۾، پييَمِ ڪانه پَروڙَ
مَڻِيين سندي مامري، ڪوجهِي وِڌِيَسِ ڪوڙَ
سامُهان ٿِئَسِ سُورَ، وِئو وَلُٽِي وَلهو.
بيت - 41
سڀيئِي سُهاڳڻيون، سَڀنِي ڳچِيَ هارَ
پَسڻَ ڪارڻِ پريَن جي، سَئسين ڪَنِ سينگارَ
ڍولُ تَنِي جي ڍارَ، هيٺايُون هَلنِ جي.
بيت - 42
سڀيئي سهاڳڻيون، سَڀنِي ڳچِيَ هَسَّ
پسڻ ڪارڻِ پريَنِ جي، وڏا ڪِئائون وَسَّ
ڍولُ تَني جي گَسَّ، هيٺايُون هَلن جي.
بيت - 43
سڀيئي سهاڳڻيون، سَڀنِي مُنہَ جَڙاءُ
سَڀَڪنہ ڀانيو پاڻَ کي، ته ايندو مون گهَرِ راءُ
آيو تَنِ دراءُ، جي پَسِي پاڻَ لَڄائِيون.
بيت - 44
ليلا جِمَ لَکائيين، صُحبِي ساڻُ سُڃاڻِ
آهِيين گهڻو اَڄاڻِ، مَڇُڻ پوري نه پُئيين.
بيت - 45
ليلا جِمَ لکائيين، چَئِي چنيسرَ ساڻُ
وَرَ سين وِڙهئو اُٿِيين، مُوڙهي! مُٺَئِي پاڻُ
پورِي ڪِئُئِي پاڻِ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
بيت - 46
ليلا پورِي نه پُئين، چَئِي چنيسرَ ساڻُو
تو جو ڀانئيو پاهنجو، سو رِيساڻو راڄاڻُ
پاڻان ڌارَ پَرِياڻُ، ڪانڌُ ڪِنہ جو نه وَڻي.
بيت - 47
چَئِي چنيسرَ ڄامَ سين، ليلان تون مَ لَکاءِ
دوسُ تهنجو داسَڙو، کانڌِ وڏِيائِي کاءِ
ته ڍولو ڍَڪَ سندِياءِ، عيبَنِ کي اوڏو ٿِيي.
بيت - 48
چَئي چنيسرَ ڄامَ سين، ليلان لکاءِ مَ تون
اِيُ ڪِنہ جو نه ٿِيي، نه ڪا مُون نه تُون
رُوندِيون ڏٺيون مون، اِنَ دَرَ مٿي دادِليون.
بيت - 49
چَئِي چنيسرَ ڄامَ سين، ليلا لَکايوءِ
تو جو ڀانيو پاهنجو، تِنہ جو پَرو ڪونه پِئوءِ
ڪَؤنروءَ ڪانڌُ سندوءِ، دَستِ ڪِئو داسَڙو.
بيت - 50
سارِجُ سَڀيئِي، ليلا لکَڻَ پاهنجا
وَرَ سين وِڙِهئو اُٿِيين، ڏوراپو ڏيئِي
نه ڄاڻا ڪيهِي، چنيسرَ جي چِتَ ۾.
بيت - 51
ليلان لُڇِ مَ ايتَرو، اُٿِي سورَ ٻُهارِ
ڍولو اَڱَڻَ پارِ، ڪانڌُ ڪميڻيَ آئيو.
بيت - 52
ليلا لُڇِ مَ ايترو، اُٿِي اَڱَڻَ سورِ
اَبو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سوڌو پِريَن تان.
بيت - 53
ڍولا! اولا نه سَهان، آڏا اَڏِئَئِي جي
تو وَرَ وَهُون ڪيتريون، مون وَرُ تون وَري
پِرتان پيرَ ڀَري، مَلهائِجُ مِسڪينَ کي.
بيت - 54
جي مون موڙهِي مَتِّ، ته تون پاڻُ سُڃاڻجُ سُپرين
اصلُ اَوائَنِ جا، عيبَ ڍَڪِين تون اَتِ
اِيَ پرين تهنجي پَتِ، جئن وِلهيُون ڍَڪيين وَلَها.
بيت - 55
نَيو ٻَڌِؤ روءِ، اَڱَڻِ جهوڪِئو ڪَرَهو
ڪو چَنيسرُ چوءِ، ته ليلا وَڃي لَڏِئو.
سرود بلاول
فصل اول
بيت - 1
وسَهُه اِنَهِين ويڻَ کي، جئن دعوتَ کي داتا
مَفمَضَہ واتا، وِجهُه ته ڏِئيئِي وات ۾.
وائي - 1
مون ۾ عيبَ اَپارَ، يارَ سَتارَ،
آءٌ جا طامِعَ آهيان تهنجي
هڪُ وڃايَم ويسَرِي، ڄاڻِي سڀُ ڄمارَ
هِنَ مهنجي حالَ جي، توکي سُڌِ ستارَ
اَمرَ اوڏِي نه ٿِيان، نَهيَ ڪَيَسِ نِڪارُ
جيڪين وَهي وجودَ ۾، سو تون ڄاڻين ڄاڻڻهارَ
جئن سي گُلَ گلابَ جا، کِڙئا کَٽڻهارَ
مونکي سِڪَ، سيّد چَي، آهي مديني موچارَ
بيت - 2
ڪَڍي گهَلِ گهَران، صُلحُ ڪَرِ سلطانَ سين
ته تون تِنہ دران، ڏِهاڻِئو ڏاڻَ لَهين.
بيت - 3
پِيُ مَ طَهورا، وَنءُ اورانگهي اورِيان
وِچان جي وصالَ کي، اِي سَڀِ اُجورا
حاصُلُ حُضورا، سَمي جي سَڀُ ٿِيي.
بيت - 4
سما! تو سِرِ ڇَٽُ، نا ته پاڳارا پُرسَ ٻِئا
ڳَهَڻُ تهنجي ڳَڃَڙي، اَچي جالَ جَڳَٽُ
جَنِ جيهائِي پَٽُ، تَنِ تيهائِي بِکِيا.
بيت - 5
ڀيريُون ڀيري ڀَڃُ، هِي جي منجها پُورِيون
ٻي دَرِ ڪنہ مَ وَڃُ، رِيَ هاشميَ هيڪَڙي.
بيت - 6
سَمو تَنِ سَڏَ ڪَري، جَنِ تي وڏو ويرُ
اُٿِيُ ته آجِي ٿِيان، پائي پاڳوڙي پيرُ
تو رِيَ ٻِئو ڪيرُ، سَرَڻِنِ جا سوٺا سَهي.
بيت - 7
سَرڻنِ جا سوٺا سَهي، وَسِيلو وِلِهيَنِ
لُڏي ڪينَ، لطيف چَي، اڳئان لالُ لَکَنِ
جتِ ڪوڙين ڪِينَ ڪُڇَنِ، اُتِ پاٻوهي پَڌرو.
بيت - 8
جو ڇَلين پَسِي نه ڇَڪِئو، تِنہ واکاڻئو وِکَ
لُڏي ڪينَ، لطيف چَي، لکَنِ اَڳئان لِکَ
پيرُ نه موڙي پاهنجو، تِکِيَ پيئي تِکَ
سَرَڻِنِ ڏي نه سِکَ، هَڪَلَ سين هالارَ-ڌَڻِي.
بيت - 9
تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ، سَرُ نِهارِجُ سُڀَرو
ڏيندئِي لَڪَ، لطيف چَي، راڄِ راهوءَ جي رَسُ
وِلها جِنہ وَهِيان ڪِئا، ڀاڳَ تِنہ جِي پَسُ
ڪوڙين لاهي ڪَسُ، جُہ ڳالهائي ڳاٽُ کَڻِي.
بيت - 10
آروڙِجِي اُٿِئو، ديمِنِ پييَسِ دُکَ
لاٿائِين، لطيف چَي، عالمَ تان اَهُکَ
تَنِ سَرڻِنِ ٿِئا سُکَ، جي اَجهي آئيون اَبِڙي.
بيت - 11
آروڙجِي اُٿِئو، ديمِنِ پييَسِ دانہَ
پاٻوهِيو پيرَ کَڻي، سَمو سَرڻنِ ڏانہَ
مَٿِئا مَٿي ٻانہَ، اُڀو آڇي سلطانَ کي.
بيت - 12
آلابَندِي آئِيو، تِنہ هاٿِيَ هاڪَ هَنئِي
ڀَڳو ڪوٽُ ڪفارَ جو، پيئِي ڀُڄَ ڀَئِي
آرِڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، رَڻَ ۾ رُڪَ رَئِي
تيغين تاءُ، طبيبُ چَي، سَگهي ڪونه سَهِي
’رَبِّ هَبلِي اُمَّتِي‘، چَڙِهئو ڄامُ چَئِي
سَمي سامَ کَنئِي، سَرڻنِ جو سُکُ ٿِئو.
بيت - 13
آلابَندِي آئيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ
ڪَهِين ڪينَ هِمَٿِئو، ڪانَ جهَليندو ڪيرُ
سومِرَنِ سانگِ کَنئِي، اَبڙي ڪِئو اُٺَ پيرُ
هو مَهائِي مِيرُ، پَر مَستوراتِنِ مارِئو.
بيت - 14
سَرڻِنِ جي سُکَ لَئي، سانگ کَنئي سردارَ
جي آئِيُون اَبڙي جي آڌارَ، سي سُنگُ نه ڏِينديون سومرِيون.
بيت - 15
ٻِئنِ مِڙنِي ڏِنيون، ڏي نه ڏونگرُ راءُ
اَڻَ-ڏِٺِينِ آڏو ڦِري، ڏِٺيُون ڏي ڪِئا
لوڙِهيُون لَکَّ مٿا، اِنَ مَٿيري موٽائِيون.
بيت - 16
اَبڙو اَڳاهَنِ ۾، سَٻَرُ جئن ٻيلي
سي پَٽَ ڪِنہ نه ڀُوڻِئا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي
سَڄڻُ سانوَڻَ مِينہَ جئن، رِڃُون ٿو ريلي
اَچَنِ جي ويلي، تَنِ بورَ بخشي پَٽَ-ڌڻي.
بيت - 17
اَبَڙو اَڳاهَنِ ۾، ڀَرَ جهَلو بارِي
سَمي سُوالِيَنِ کي، ويلِهَه وِساري
مَنَهُه مُڙِي جَکرو، طاماعونِ تاري
پُڇِي سي پاري، عاجُزَ اُجورَنِ ۾.
بيت - 18
اَبڙو وَڏَ وَڙو سُوَڙو، سامُون جهَلي، سوٺا
سَهي، سمون سُونهَه سَڀنِ.
تو درِ تُرڪَ اَچنِ، ڪئن ڪَرِيندين ڪڇَ-ڌڻي.
بيت - 19
پِڙَ ۾ اُڀو پاڻِ، ساٿِيَڙَنِ سَڏَ ڪري
ڀَلي جي لاڏاڻِ، سڀِ لَنگهِيندا لَڪِيُون.
فصل دويم
بيت - 1
جَکَرو جوڙي، پاڻِ ڌڻِي پيدا ڪِئو
ڪِهِرَ جئن ڪَرُ کڻِئو، مَلُ مُڇون موڙي
گهوٽُ چَڙهئو گهوڙي، پيچِيَنِ لايا پيچرا.
وائي - 1
آسَرو آهي، يا اَلا مونکي هوتَ دوستَ حبيبَ جو
جان جان اوڏا ڪَرَها، پَهُچان تا ڪاهي
موٽُ مُهنجا سُپرين، واڳُون وَرائي
شَفاعتَ جا شَفِيعَ جي، تِنہ ۾ ڦيرُ هَڏِه نه آهي
مِيرُ مُحّمَّدُ ڪارَڻِي، اَڙِئا ڇُوٽائي
هِي ڪَمَّ ڪريمَ جا، جئن لَڱا لنگهائي
لطفَ ساڻُ، لطيف چَي، مُوڙها مِلائي
بيت - 2
جکرا تون جِيين، تهنجو ڪَنين مَدومَ سُڻِيان
اَکِينِ ۽ هِنيين، ٻِنهِي تارِي تُهنجي.
بيت - 3
جکرا جِيين شالَ، تهنجو ڪَنين مَدو مَ سُڻيان
جِنہ تو اَچي ڪالَ، نالائقَ نوازِئا.
بيت - 4
جکرو جَسَ-کَرو، ٻِئا مِڙيئي مَلَ
سَمي جي سهاڳَ جي، ڪِنہ نه پيئِي ڪَلَ
مِٽي اُنَ مُرسَلَ، اَصل هُئي ايتري.
بيت - 5
جکرو جسَ-کَرو، ٻِئا سڀِ اَنيرا
جِئائين گهِڙي جکرو، تِئائين نه ٻِئا
مِٽي تِنہ ماڳا، اَصل هُئي ايتري.
بيت - 6
ڏٺي جادمَ جکري، چِتِ نه ٻِئا چَڙهنِ
ته ڪي کُوهَه کَڄنِ، سَر نِهارِجُ سَڀرو.
بيت - 7
هَٿان جادم جکري، وَٽِيَ وِچُ مَ پوءِ
ٻِي پِي سو پُر ٿئو، جو حاتِمَ پاسي هوءِ
ڪَيفَ ڌارا ڪوءِ، جِيي ڪو مَ جهانَ ۾.
بيت - 8
هَٿان جادم جکري، وٽيَ پوءِ مَ وِچُ
اَچو، آئيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾.
بيت - 9
راهُوءَ جا رَهِيامِ، سَنيها سَريرَ ۾
ٻِئا دَرَ وِسرئامِ، ڏٺي جادم جَکرِي.
بيت - 10
راهُو تهنجِي رِيتِ، پَرَ کنڊين پَڌرِي
گهڻا گهوڙي چاڙِهئا، مسافِرَ مسيتِ
پُڇنِ ڪان وَڏِيتَ، جي آئيا سي اَگهِئا.
بيت - 11
جکري جِهو جوانُ، ڏسان ڪونه ڏيهنِ ۾
مُهڙُ مِڙنِي مُرسَلين، سرسُ سندسُ شانُ
’فَڪانَ قابَ قَوسَينِ اَو اَدنيٰ‘ اِيُ مُيسَرُ ٿِئُسِ مڪانُ
اَمُر ڪاڻِ خليلَ جي، قادرَ مُڪو قرآنُ
اِيُ آڳي جو اِحسانُ، جِنہ هادِي ميڙئُمِ ههڙو.
بيت - 12
سَمو سَوائِي، ٻَهُون ٻِئَنئا اَڳَرو
دانَهَه جي درٻارِ ۾، وَرَتِي اِيَ وائِي
ڳَهَڻَ ڳالهائِي، مُهڙَ سڀِ مِلائيا.
بيت - 13
جيهُسِ ڪونه جَهانَ ۾، سِنڌُ سورٺِ، هِندُ هاڻِ
درُ داتا منگُ منگَتا، ٻي جي ڪڍُ مَ ڪاڻِ
پاٽُوندَرُ پاڻِ، حالُ پَسِي ڀالُ ڪري.
بيت - 14
ڪري آسَ اَپارَ، ٻارَڻُ جهَلِئو نه رهي
ٻيلي ۽ گِرنارَ، وَٺو گنگا جَرُ جکري.
بيت - 15
پيهِي پِنُّ پاتارَ ۾، جِتِ ڳَهَڻُ گنگا جرُ راءُ
ڇڏي حِيلا هِنَ هنڌَ جا، ٿِيُ جکري پاسي جاءِ
اوڏو ٿِي اَللهَ کي، کاڄُ تِنہ جو کاءِ
سُکنِ اِيندُئِي ساءُ، ويلِہَ وينديي وِسرِي.
بيت - 16
ڏَمَرِئو ته ڏي، پَرچِئو ته پاٽَ ڀَري
جُنگَ جکري کي، ٻَئِي چَڱيُون چِتّ ۾.
فصل سيوم
بيت - 1
جو مُلَنِ کي ميهڻو، سو ئِي مون سردارُ
پُٺِيَ لائي پاهنجا، ساقِي ٿِئو سُوارُ
آهي اَسدُ اللهِ کي، عَطا جو اَڌارُ
ڪِلي ويرَ ڪٽڪَ ۾، حامي هِمَتَ هٿيارُ
جابِرُ ذُالفقارُ، هردمُ آهي هٿَ ۾.
وائي - 1
جان ڏنائُون پيرَ، جان ڏنائون
ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، اَچي عليَ شيرَ
مٿي اڱڻَ آئيا، سُونهَنِ لڳا سيرَ
3. جِئائين نَبيُّ نِڱئو، ڀَري مبارڪَ پيرَ
4. لٿا ڏُکَّ، سُکَ ٿئا، ٿِي وڏائِي ويرَ
بيت - 2
ليبِي لَعنتِيَ کي، اَڙِيَ ۾ آهي
اَنڌو مون عَليلَ تي، سِينون ٿو ساهي
عَلي شاهَ اَچيجُ تون، تنہ ڪافرَ تي ڪاهي
لُڻِي وِجهُه لاهي، مٿو مَجُوسِيَ جو.
بيت - 3
مارِ مَ مُطيعَنِ کي، مَجوسيَ کي مارِ
وڏي جَنگِ مَ وِسارِ، نَنڍِيان نفعُ ناهِه ڪو.
بيت - 4
ننڍيان نَفعُ ناهه ڪو، وڏِي مَ وِساري
مجُوسي ماري، اَڪبرَ ڏي اچيجُ تون.
بيت - 5
اَصغرَ ڏي آهينِ گهَڻا، تون اَڪبرَ ڏي آءُ
متان لوڻو لاهيين، مجوسِيَ مَٿا
حيدَرِ جي هَٿا، وِڙُهه ته ويرِي ماريين.
بيت - 6
پانڊَپَ سين نه پاڙِيان، سَئين ٻئا سردارَ
آهي مِثلِ مِينہَ جي، سَخِي تهنجِي سارَ
حاتِمَ هَزدَه هزارَ، جهُڙَ تُهنجي جهَپِئا.
بيت - 7
جهُڙَ تُهنجي جهَپئا، هزارين حاتِمَ
ڪوجهَنِ سندا ڪَمَ، ڪاملَ رِءَ ڪيرُ ڪري.
بيت - 8
جو تون اَسائُو آئِيو، ته وَنءُ جکري لائي
متان وَڙُ وڃائيين، ڪِنہ ٻي دَرِ لِيلائي
سَمي سامائي، چِتان لاٿي چارَڻين.
بيت - 9
جي تون آسائو آئيو، ته چانئُٺِ ٻي مَ چوڙِ
ڪِيرا ڪُميتَنِ جا، کَٽِي آڻي کوڙِ
اُنِ دَرِ ايراقِي گهڻا، ڇانگُون ڪِئو ڇوڙِ
تِنہ سيّدَ وڏِي سوڙِ، جِنہ ۾ مَٿو هَنيو مَڱِڻي.
بيت - 10
سَمون سخاوتَ جِي، ويٺو پُڇي پَرِّ
ڪوٺئو ڪنگالَنِ کي، ڏي دلاسا دَرِّ
مَٿي وِلَهنِ وَرِّ، ڏِيهاڻِي ڏاتارَ جي.
بيت - 11
ڳَهَڻَ جُهارِي جکري، جِنہ ڏيہَ ڍيا ڏيئي
لُڏِئا ٿي لِينگهُنُ ۾، سالُنُ ۾ سيئِي
سَمي سڀيئِي، طاماعُو تارِ ڪِئا.
بيت - 12
اَلا جُنگَ جِيَنِ، جَني اَجهي گهارِيان
شالَ مَ چُڪي وِيَرِي، جِئائين پَيَّ پِيَنِ
مَرَڪَڻُ اَکڙِيَنِ، تو ڏٺي مون ٿيي.
بيت - 13
اِيندهين لَٿِي اُڃَّ، پيرَ پَرِيندِهين ٺَرِئا
مَنجهِه وِيَرِيَ سُڃَّ، ڪَرَ ڏٺي رُڻَ اُڪاريين.
بيت - 14
تون اوڍَرُ، تون اُڍَڪو، تون اَجهو، تون آڳُ
هِتِ پُڻ تُهنجو تَڪيو، مَهندِ پُڻ تُهنجو ماڳُ
سي لوڙِهيون ڏِينِ نه لاڳُ، جي اَجهي آئيون اَبِڙي.
بيت - 15
اَڱڻِ سوئِي اوڙَ کِئو، جو ڪَنين سومِ ڪَرَنُّ
ماءِ مهنجو مَنُّ، ڄامُ پَسَندِهين پَٽِئو.
بيت - 16
پسندِهين پُرِ ٿِئا، جکرو جاجِڪُ
تِئان ڏِنِي مَڱڻِي، طَهُورا جي تِڪَّ
سَمي ڀَڳِيَسِ سِڪَّ، وَصلُ ٿئا وِصالَ سين.
بيت - 17
جي اُڏَمِئو اَڄُّ، وَسندو سونُ ٻُڙين
جالَ ڍَئِيندو جَڳُّ، جُنگُ ڍَئِيندو جکرو.
فصل چھارم
بيت - 1
وِڳَنڌُ ورِي آئيو، وَسِنِ ڪينَ وِڌوسِ
گَندِي، ماني، ماڳُ موچارو، پاسي پيرُ ٿِئوسِ.
وائي - 1
ڍَڪَ ڍَڪِيندو، مون نه ڇڏيندو، شفيعُ شافعُ سُپرين
اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀِ نِباهي نِيندو
وٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو
جي ڏُهارِيَنِ ڏاکَڙو، لَڪَ سي لنگهائيندو
نُورُ ناڪارو نه ڪري، مُحَمَّدُ مِنَٿَ مڃيندو(1)
هِتِ پُڻ حامي هِنِ جو، اڳئان آڌَرُ ڏيندو
طهُورا تَڙِئَنِ کي، پانڊَپُ پِياريندو
پاڻُ سُڃاڻي پاڻِهين، ڪامِلُ ڪرمُ ڪَرِيندو
طنبُو آڻي تارِ ۾، عاصيَنِ وَٽِ اَڏيندو
داتا دَوزَخِيَنِ کي، لِينگهُون لَهرائيندو
رَسَڻَ ويرَ رَسِي ڪري، مُشڪَ رنگُ مَٽيندو
’رَحمَةٌ الِّلعالَمِينَ‘، اَهُکِي آڳَہُ ٿيندو
اُتي، عبداللطيف کي، هادِي هَٿُ جهَلِيندو
بيت - 2
وِڳنڌُ وري آئيو، پينارَنُون پوءِ
مَحڪُمُ لَڳَسِ موچَڙا، ذرو ڏنُسِ نه جوءِ
ويٺو اِيَهِين چوءِ، ته پيران پاسي نه ٿيان.
بيت - 3
اَسُورَ سندي آسَرِي، ويٺو آهي وِڳنڌُ
هَڏِ نه ڇڏيندو هَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَهارَ جي.
بيت - 4
اَسُورَ سندو آسَرو، وِڳنڌَ کي وڏو
جُسي ۾ جَڏو، پَر کِيَڻ تي کُرا کڻي.
بيت - 5
وِڳنڌُ وري آئيو، بَدُو سين بَدبُوءِ
خاوندَ ڏي خُشبُوءِ، ته سُرهو ٿِيان سُپُرين.
بيت - 6
وِڳنڌُ وري آئيو، ڪِنو ٿي ڪوجهو
ڇڏي نه موزو، لَڳُسِ آرُ عطارَ سين.
بيت - 7
داتا سندي درَ تي، وِڳنڌُ ويٺو پَسُّ
تِنہ روڳِيَ کي رَسُّ، جو آلُودو آزارَ سين.
بيت - 8
دائِمُ آهي درَ تي، وِڳنڌُ ويچارو
عَطُرَ سين آرو، لَڳُسِ تي لِڏِّ کَڻِي.
بيت - 9
داتا سندي درَ تي، وِڳنڌُ ٿي ويٺو
بَصَرَ سين بازارَ ۾، ڪرَ واڻِيو ڄيٺو
دَران تِنہ پيٺو، جِتِ ڪُفرُ تان ڪينَ ٿِيي.
بيت - 10
وڳنڌُ وري آئيو، نِسورو نَرَڳُّ
گَندان گُلابِي ڪري، سيَّدَ جو سَرَڳُّ
عَطُرَ سين اورَڳُ، ته هُئين سدا سُرَهو.
بيت - 11
وِڳنڌُ وري آئِيو، بَدُو بي نِمازُ
جئن تِتِرَ مٿي بازُ، وڳنڌُ تئن خُشبُوءِ تي.
بيت - 12
وڳنڌُ وري آئيو، ڪوٺَڙِيان ڪُلاٺُ
سندو ڪِرڙَ ڪاٺُ، هَڻُ نَرڳِيَ کي نِڪَڻين.
بيت - 13
ٻانڌِيو ٻيلِي نه ٿِئو، وَرُو اَڄُّ وِئو
سُنهاري، سَيَّدَ ڏانہَ، پيٽِرُ پَنڌِ پِئو.
سرود ڏهر
فصل اول
بيت - 1
ڪَرِ ڪي ڳالهڙيون، ڪَنڊا ڍورَ-ڌَڻيَنِ جيون
کِيَن سي راتَڙِيون، ڪِنہ پَرِ ڏينہَ گذارِيين.
وائي - 1
لائِي جا وِڙَنِ کي، سا ڪانڌَ مهنجِي ڪورا
ماءِ! ماريندِمِ ڪڏهِين، هِنَ آرياڻيَ جا هورا
اَچَنِ پرين پَتنگِئا، ڪَرَ پاٻوهِيو جئن ڀورا
سيڻينِ سِر کنڊُ سَپجي، ٻِئو عطرَ پرين اَتورِئا
ڇَپرُ کٿورِي ٿِئو، ٻِي تا جَڙي ڦُلَنِ ڦورا
بيت - 2
ڪر ڪا ويهِي ڳالِ، ڪنڊا ڍورَ-ڌڻيَنِ جي
هِهَڙي اَڄُ حالِ، ڏُکِئا ڏينہَ گذاريان.
بيت - 3
ڪنڊا تو وٽا، سَچُ ڪِ سيڻَنِ لَڏِئو
مَڃَرُ تو منجها، ڇَڻِئو پوءِ ڇُڳا ڪِئو.
بيت - 4
جان تون هُئَڙو وَڍُّ، ڪنڊا ڍورَ-ڌڻينِ جو
پاڻا ڏيئِي ڏَڍُّ، موري مَڃرُ نه ڪَريين.
بيت - 5
جان تو هُئڙو سُورُ، ڪنڊا ڍورَ-ڌڻينِ جو
مَٿي لامُنُ ٻورُ، موري مڃرُ نه ڪريين.
بيت - 6
ڪنڊا تون ڪيڏو، اُڀَرِئو ڍورِ وِهِين
جَسوڌَڻَ جيڏو، نه ڪو گَڏِئو پَيَڙو.
بيت - 7
سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌِيَ اَڪَّ ڦُلارِئا
جُنگَنِ ڇڏئو جهورُ، سَرُ سُڪو، سُنگِي گَيا.
بيت - 8
جڏهِ ڍاڳِي ڍورُ، ٻَئِي وَهنِ ٻَلِيارَ ۾
تڏِه تاجَڙِيون تورُ، جُسو هو ڌَڻَ سين.
بيت - 9
سُڪِي ڍورُ ڍَيُون ٿِئو، ڪنڌِيَ ڏنو ڪائو
پاڻِي پَٽِيهَلَّ ۾، اڳيون نه آئو
ماڻهنُ ميڙائو، ڪَنِي ڪَنِي ڀيڻِيين.
بيت - 10
ڍورُ نه اَڳِين ڍارَ، مَهندِ ملاحَنِ لَکِئو
موڙي چُرِئا مَڪُرا، پَسِي پاڻِيَ پارَ
جَسيڌَڻَ جِهڙا يارَ، پِئڙا وِيرَ وِماسَ ۾.
بيت - 11
جي واهَڙَ ۾ وَهُ، تان تون مَڇَّ نه موٽِئو
ڪائي ۾ ڪُہ ڪرين، پوءِ موٽَڻَ جو پِہُ
سِرَ مٿي ٿو سَہُ، مَهميزُون ملاحَ جيون.
بيت - 12
جان جَرُ هُئِڙو جالَ، تان تون مَڇَ نه موٽئو
اَڄُ ڪِ صُباحَ ڪالَ، پُوندِيي سانڀويُون سانگُنُ ۾.
بيت - 13
جان جرُ هئڙو سِيرَ، تان تون مَڇ نه موٽئو
آڏا اَڏي ڪِيرَ، گهَٽَ پِه جهلئا گهاتُئين.
بيت - 14
مَتو آهيين مَڇَّ، ٿُلهو ٿو ٿُونا هَڻِين
جا تو ڏٺِي اَڇَّ، تِنہ پاڻِيَ پُنا ڏِينهڙا.
بيت - 15
ڏُوران پَسِي ڏورِ، وَهين جي وِهُرو ڪري
هُوندِ نه وِڌين هورِ، ماڪَڙِيارِيَ مَڇَڙا.
بيت - 16
جا تو گهيڙي گهَٽِ، ماڪڙِيارِيَ مَڇڙا
تِنہ ڪُنڍيَ ڪڍي ڪيترا، نيئِي پَڇاڙئا پَٽِ.
بيت - 17
ڪُنڍي ڪَلِنِ وِچَ ۾، جڏهن هئي جَنِ
مونکي مون پريَنِ، ڪَڍڻَ جي ڪانه ڪئي.
بيت - 18
ڪُنڍي ڪَلنِ وِچَ ۾، جڏهن هَنيائون
موتِ نه مارِئائون، ڏورِ ڏيئِي وِئا ڏُکَ جي.
فصل دويم
بيت - 1
مَدِيني جا مِيرَ، سُڻِ مهنجا سَڏڙا
سَرَنِ تهنجي سِيرَ، پارِ لَنگهائيين پَهِيَڙا.
وائي - 1
مهنجي ننڊَ نه نيڻَنِ نيڻَن، ڪالُهون پوءِ لُڪَنِ ۾
موٽُ تون، آيل ماءِ! مهنجَڙِي ٿِي تا تو ڏُکُ نه ڪيڻَنِ
هُوءِ نه نِينَمِ پاڻَ سين، آءٌ جا ويندَڙِي سيڻَنِ
ڪالهوڻا اَڄُ گَهڻِي، ڪَرِ جهورَڙِي ڪيڻَنِ
ٻِيون سڀِ واڳِيون ورنِ سين، آءٌ جا واڳڙِي ويڻَنِ
هِنيئَڙو ڏاڙهونءَ گُلَ جئن، روئِي رَتَڙو ڪيڻَنِ
بيت - 2
مديني جا ڌڻِي، سُڻ مهنجا سڏڙا
تهنجِي آهِ تَڻِي، ٻِي ڪنڌِي ساريان ڪا نه ڪا.
بيت - 3
مديني جا گهوٽَ، سڻ مهنجا سڏڙا
ڪِجُ محمَّدَ موٽ، عاصِي تُهنجي آسَري.
بيت - 4
مديني جا شاهَ، سُڻ مهنجا سڏڙا
ڪارڻِ لڳِ اللهَ، سِگهو رَسِجُ سيگهَه ۾.
بيت - 5
مديني جا شيرَ، سُڻ مهنجا سڏڙا
ڀَرِ مبارڪَ پيرَ، عاصِي تهنجي آسَري.
بيت - 6
ڌَڻِي سو وارِيين واءُ، جنہ ميڙائو سڄڻين
وَهِينءَ واٽَ مَٿا، هِنيين آسَرَ نه لَهي.
بيت - 7
مَٿي واٽَڙِيَنِ، نيڻَ نِهارا مون ڪِئا
ايندا مانَ پَسنِ، مٿان سَڳَرَ سُپرين.
بيت - 8
ڪيچَينِ ڪارڻِ ڪالَ، نيڻَ نِهارا مون ڪِئا
ايندا پَسان شالَ، اوٺِي آرِيَ ڄامَ جا.
بيت - 9
اوٺينِ ڪارڻ اَڄُ، نيڻ نهارا مون ڪِئا
پنوهُ ڄامَ پَهچُ، ته لايُون اُڃَ اکينِ جِي.
بيت - 10
نيڻَ جي نهارِينِ، سي اَڄُ نه اوٺِي آئِيا
هَنجهُون نه وَسائِينِ، پاڻِي پنوهَ ڄامَ ري.
بيت - 11
نيڻَ نِهاري مهنجا، روئِي ٿِئا رَتُ
پنوهُ هو پَهَتُ، پاڙي نِيَنُ پاڻَ سين.
بيت - 12
نيڻ نهاري مهنجا، روئي رت ٿِئا
جي هَٿان هوتَ وِئا، سي اَچن ته آجِي ٿِيان.
بيت - 13
نيڻ نهاري مهنجا، رتُ ٿِئا روئِي
ڏُکَنِ جِي ڏوئِي، آهي هَٿِ اَسُونہَ جي.
بيت - 14
اَڄُ اَڱڻَ ڪيڻانِ، آسَرَ لڳِي سورِيان
ڏونگَرِ ڏِينہَ لَڳانِ، مانَ وَڙِ ڪَنِ سُپرين.
بيت - 15
ڏونگرِ لڳنِ ڏينہَ، مانَ وڙ ڪَنِ سُپرين
ڪَيَسِ نماڻِي نينہَ، آيلِ ٻاروچَنِ جي.
بيت - 16
اللهَ جئن نالو، تئن مون وڏو آسَرو
خالقَ تهنجي کاندِ جو، پَرو پاندُ نه ڪو
نالو ربُ سَندو، رَهِئو آهِمِ روحَ ۾.
بيت - 17
مِٺو جئن نالو، تئن مون وڏو آسرو
تو دَرَ ناهِ جِهو، مون دَرَ گهڻا نِهارِئا.
بيت - 18
جيڏو تهنجو نانءُ، ٻاجهَه پِه اوڏِيائي مَڱان
رِيَ ٿَنڀين رِيَ ٿوڻِيين، تون ڇَپَرَ تون ڇانءُ
ڪُڄاڙو ڪَهان، توکي مَعلُمُ سَڀَڪا.
بيت - 19
مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو، ناتو نِماڻِيُنِ سين
ڪونهي ڪَمِيڻِيَنِ جو، بِگَرِ تو بِلو
تنهنجو نامُ نِلو، وَٺِئو ويٺِي آهِيان.
بيت - 20
سَترُ ڪِجُ ستارَ، آءٌ اُگهاڙِي آهيان
ڍَڪِيين ڍَڪڻهارَ، ڏيئِي پاندُ پناهه جو.
فصل سيوم
بيت - 1
ڪرِ ڪو ڀيرو ڪانڌَ، نِماڻِيَ جي نِجهُري
پِرين تهنجي پاندَ، ڍولا ڍَڪِي آهيان.
وائي - 1
مون سين هوتَ نه ڪندڙا هَي هَي، ماءِ ڄام نه ڪندڙا هيئن،
لا! مون نه ڇڏيندا ڇَپَرين
هوتَنِ جِي هيڪاند کي، آءٌ رُوئان لاتو ڏِينهَن لا
ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپرين، ٻاروچاڻي نينهَن لا
لُڪُون لڳَنِ ڪوسِيون، ڏاڍا تپنِ ڏينَهن لا
مونکي پِريَنِ ميڙِيين، روجهَڙيون ميڙيين مينهَن لا
بيت - 2
جي تون قائِمُ ڪانڌَ، تئن آءٌ وَرَ وِلِهي نه ٿِيان
پَکي ڇِنان پاندَ، ڳنڍُ نه ڄاڻي ڪو ٻِئو.
بيت - 3
ڪانڌَ ٻِئَنِين ڪيترا، مون وَرُ وڏِي وَٿَ
مٿان ڏيئِي هٿُ، عيبَ مهنجا ڍَڪِئا.
بيت - 4
ڪانڌَ ٻِئنين ڪيترا، مون ورُ وڏِي جُوءِ
لوڪَ نه اَچي اُوءِ، جي ڏِسي ڏوهَ اَکيَنِ سين.
بيت - 5
ڪانڌ ٻِئنين ڪيترا، مون وَرَ وڏِي کاندِ
پاڻا ڍَڪي پاندُ، جي ڏسي ڏوهَ اکينِ سين.
بيت - 6
ڪانڌ ٻِئنين ڪيترا، مون وَرُ وڏي ذاتِ
لوڪ نه آڇي واتِ، جي ڏسي ڏوه اکين سين.
بيت - 7
وَرَ سين وِجهِئو ڪاڻِ، کَرَ سين کِلُون پائيين
ڀورِي مُنڌَ اَڄاڻِ، ڪَڻَ ڇَڏِئو تُهَه ميڙِيين.
بيت - 8
سُتا اُٿِي جاڳُ، ننڊَ نه ڪِجي ايترِي
سلطانِي سُهاڳُ، ننڊون ڪندي نه ٿِيي.
بيت - 9
ڪِين سُمَهُه ڪِين جاڳُ، ننڊ نه ڪجي ايتري
اِيُ مانجهاندي جو ماڳُ، جو تو ساڻيهُه ڀانئيو.
بيت - 10
جاڳَڻَ منجها جَسُ، آهي اللهَ جَنِ کي
لاهي جو، لطيف چَي، مٿان قَلبَ ڪَسُ
وَرَنَهُه ڪِجاهُ وَسُ، صبوحَ ساڻُ، سيّد چَي.
بيت - 11
سُتي نه سَرندِياءِ، ڪَرِ پچارَ پِريَن جي
وِهامِي ويندِياءِ، گهڻا هَڻندين هَٿڙا.
بيت - 12
هِي تان ٿورَڙِيُون، جي تون ڀورا پَسِي ڀُلِهُون
راتِيُون ٻيون گهڻيون، جي تو اينديون هيڪليُون.
بيت - 13
سُمَهَڻا ساڙو، جيڏيون! جيڏو ئِي ٿِئو
پِرِيَنِ سان پاڙو، مهنجو ننڊَ نِبيرئو.
بيت - 14
سمهڻا ساڙو، جيڏيون! جيڏو ئِي ٿئو
هوتَ لنگهِئا هاڙهو، تون اَڻاسِي اوجهَرِين.
بيت - 15
پِرهَه ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، جهِيڻان ٿِئا نِکَٽَ
هارِي! ويئِي وَٽِ، گهڻا هَڻندِينءَ هَٿڙا.
بيت - 16
ڍولُ مَ کَڻي ٻانهَڙِي، پِرهَه مَ کڻي پاندُ
آءٌ پهنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪِي رانِئيان.
بيت - 17
مُسَنِ مُنہَ سَنِرا، کَرِئا گهڻو کِلَنِ
سي تان وِسَرِئَنِ، آيا جَنِ ڪَمنِ لَئي.
بيت - 18
ڦِرِئا پَسِي ڦيڻُ، کَرِئنِ کيرُ نه چَکِئو.
دنيا ڪارڻِ دِينُ، وڃائي وِلها ٿئا.
فصل چھارم
بيت - 1
روهَ راماڻا ڪَنِ، اَڄُ پڻ هَلَڻَ هارِيُون
ڪَرَ ڳَلَ ڪُونجِڙِيَنِ، رائي ۾ راتِ ڪِئو.
بيت - 2
وَڳَرُ اُڪيري، سَرُ سارئو سورَ چَري
جهُري جهِڄَندي ڏي، سَنيها کي سَڄڻين.
بيت - 3
وَڳرُ وِساري، ويٺينءَ ڪئن ماٺِ ڪري
ڪِ تو نه ماري، رُڻُ-جهُڻُ سندِي سَڄڻين.
بيت - 4
وڳرَ وِئا وَهِي، ڪالَ تهنجا ڪُونجَڙِي
ڪندينءَ ڪُہ رَهِي، سَرَ ۾ سُپيرِيَنِ رِيَ.
بيت - 5
وڳرَ ڪِئو وَتَنِ، پِرتِ نه ڇِنَنِ پاڻَ ۾
پَسو پکيئڙَنِ، ماڻهُنئون ميٺُ گهڻو.
بيت - 6
وڏي وڳرَ هيرَئِين، چُڻي نه ٻئنِ گَڏِ
ڪُونجَ ڪَريندي سَڏَ، ويئِي وِهامِي راتڙِي.
بيت - 7
وڳرَ وچان ئِي، ڪونجَ جهَٽِي بازُڙِي
ٻَچنِ ائين ڀانئِي، ته آيلِ ايندي وانهَري.
بيت - 8
قسمتَ آنديون ڪونجڙيون، وطنُ سندُنِ روهُه
ڪِنہ جو ڪونهي ڏوهُه، رزقُ رازقُ هٿِ ۾.
بيت - 9
مَ لَنءُ ڪونجڙِي، ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ هِنيين چاڪَ
ڦَٽِيُون جي فراقَ، سي گهَرِ گهارِينديون ڪيترو.
بيت - 10
مَ لَنءُ ڪونجڙي، ماٺِ ڪرِ، چورِ مَ هنيين سَلَ
ڳوڙها مٿي ڳَلَ، جِمَ وِهاڻِيَ وَهائيين.
بيت - 11
ڪونجڙي ڪالَ لَنئِي، سَڄڻَ وِڌَمِ چِتِ
آءٌ جَنِي رِيَ هِتِ، گهَنگهرِ گهارِيان ڏِينهڙا.
بيت - 12
اُترَ ڏي آلاپَ، ڪالُهونڪرَ ڪونجَ ڪَري
پِرين پَسِي منجهِه خوابِ، وِهاڻِيَ وايون ڪري.
بيت - 13
ڪونجون ٿيون ڪُڻِڪَنِ، جِڪُسِ هَلَڻ هارِيُون
ٻَچا پوءِ اَٿَنِ، وڃنِ واندا ڪَنديُون.
بيت - 14
آيُون ڍورِ ڍُرِي، اَصلُ سندي آسَري
ڳَنِيهَرَ ڀُون ڳَرِي، پاڻا پيرَ ڏُکوئِيا پَکَڻين.
بيت - 15
آيون اَڱڻِ هيرَ، اَصل سندي آسري
پِڙَ ۾ پَسان نه پيرَ، سيڻَنِ ساجهُرِ لَڏِئو.
بيت - 16
وڳرَ ۾ وائِي، ڪالهه تهنجي ڪُونجڙي
سَرَ ۾ سارِينيئِي گهڻو، ڀينرُ ۽ ڀائِي
پَسِين نه ڦاهِي، جا مارِيَ سَندي مَنَ ۾.
بيت - 17
ڪونجَ نه پَسِين ڪَکُ، ڍَٻُ جِنہ سين ڍَٻِئو
مارِيَ ماري لَکُ، وڳَرَ هَڻِي ويڇُون ڪِئا.
بيت - 18
مارِي! مَرِين شالَ، ڍَٻَ وَڃنيئِي ڍَٻِيُون
جِنہ تو اچِي ڪالَ، وِڌو وِچُ وَرِهَنِ کي.
بيت - 19
ڪونجَ نه لَکِئو پاڻُ، جو ماريَ سندي مَنَ ۾
اوچتي پَرِياڻَ، وَڳَرَ هڻي ويڇون ڪِئا.
بيت - 20
بَغَلَ منجهِه بندوقَ، مارِيَ ميرا ڪپڙا
مارِئو مِيرَ مَلُوڪَ، لَتاڙِئو لَڪَ چڙهي.
بيت - 21
چيتا ڪِئو چُڻيجُ، بَڊاماڻِي بُٺِ ۾
نيڻين نِنڊَ مَ ڏيجُ، ڇيڙون ڇَپرِ آئِيون.
بيت - 22
سَنگهارَنِ ساري، ساٿِي ڏيجُ سَنِيهَڙا
سا هيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌيين.
بيت - 23
ڪيرَ ڪَريندِي رِيسَ، آيَلِ! سَنگهارَنِ سين
جَنِي جِيَ خَميسَ، واڙِيُون واري ڇڏيون.
بيت - 24
ڪاڇي ڪاهِيائُون، سچُ ڪِ سنگهارَنِ لَڏِئو
ما تَنُ مارِئائون، پاڻان وِجهِي گُوندَرين.
بيت - 25
ڪاڇي پيئِي ڪوڪَ، سچ ڪ سنگهارن لڏئو
مادرِ! اوءِ ملوڪَ، اُٺي وِئا اُڪِرِي.
بيت - 26
ڪاڇو ۽ ڪوهِيارُ، ڏونگرُ سندُنِ ڏِينهڙو
ساجهُرُ نَهِي بارُ، ڪُہُ نه وِيين اُنِ سين.
بيت - 27
جِيَنِ سي سنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان
مانَ لَهنِهُون سارَ، وِچِئن وِلين ڏِيهَڙين.
بيت - 28
ڌَڻُ ڌارَڻُ ڌارَ رَهڻُ، اِيَ نه سنگهارَنِ سِٽَ
ڪاهي اِيندا ڪڏهين، مَٿي وانڍِ وَهِٽَ
جي هائُو هُو نيئِي مِٽَ، ته پِه اُڊو لاهِه مَ اُنِ جو.
بيت - 29
جهِڄان پَسِئو جهوڪَ، آيلِ! سنگهارَنِ جِي
جَنِ ٿي پِيَّ پِيارئا، مَنجها مَٽَنِ موڪَ
لَڏي وِچان لوڪَ، اُٺي وِئا اُڪرِي.
بيت - 30
جهوڪُ نه جهُڻڪَنِ، وَڳَ نه پَسان وَٽِ ۾
آيَلِ سنگهارَنِ، جيڪُسِ چِٽائو چِتِ ڪِئو.
بيت - 31
جي ڀانيين وَسَ چَران، ته سنگهارِنِ سين لَڏِ
ته هاڃي سَندي هڏِ، ڪوڪَ نه سُڻِيين ڪڏهين.
بيت - 32
مَنڌِيَ مَٽَ گُڙَنِ، جهوڪَ نه سُنهَنِّ پَهَيَڙا
سندِي سنگهارنِ، جُوءِ جِياري جَڏَڙي.
بيت - 33
ڀُورِيين پاندَ ٽِمَنِ، جَڳہُ جهاڳي آئيون
ڪاڇو مينهَڙِيَنِ، مُندائتو ماڻِئو.
بيت - 34
راءَ سين رُٺا جي، تَنِ جاڙيجَنِ جاڙَ ڪِي
ڪِئن ماريندا سي، چوڏَهن چارو ڪاڇَڙو.
بيت - 35
جاڳو جاڙيجا، سَمان سُکَ مَ سُمَهو
پَسو آن پارِئا، لاکو ٿو لوڙِهيون ڪَري.
بيت - 36
ڀُڄِئا ڀُلِيَ پيرُ، وڌو راءَ رڪيبَ ۾
ڪَڇِ رهندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُنِ سين.
بيت - 37
ٺاٺو ڪِينَ پَلاڻَ، سدا هَڻنِ کَر کَرا
لاکي لوڙائُنُ جا، اِهڙا ئِي اُهڃاڻَ
ڏيئِي تَنگَنُ تاڻَ، ڪُوڪَ ڪارِيندا ڪَڇڙي.
بيت - 38
لَکِي ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا ٻاجهَه ٿِي
قادرَ لاٿو ڪڇَ تان، اَديون اولاڪو
وانڍِيَنِ ۾ واڪو، ريٻارِي رَهِي وِئا.
بيت - 39
ريٻارَڻِ رِيجهاءِ، لاکو لُولهاٽِيَنِ سين
سائُو مانَ سَندياءِ، ٺَٺِ مَٽائي ٺاڪرو.
بيت - 40
ريٻارَڻِ روئِي، واري وِڌا وڇَڙا
سَمُورا سوئِي، هڻِي هِتان ساٿَ هيڪلي.
بيت - 41
رَڙِي ريٻارَڻِ روءِ، اُڀِي ڍَنگرَ جهَلَّ
ڀَري هِتان بَلَّ، ڪيتريون ڪاهي وِئا.
بيت - 42
رَڙي ريٻارڻ روءِ، اُڀِي ڍَنگرَ ڍارِ
وَڃنِ اَڄُ وَڳُ هَڻِئو، سُئَمِ جي سُوارَ
ڪاڇي ٻِنهي ڪِنارَ، ڌاڪو هِنِ جو دِسِيين.
بيت - 43
رڙي ريٻارڻِ روءِ، واري پايو وَڇَڙا
ڪَڙا ويڻَ کنگهارَ کي، چَنچَلُ اُڀِي چوءِ
واڙي وَڇُ نه ڪو، لاکو لوڙائُنِ سين.
بيت - 44
لاکا لَکَ سُڄنِ، ڦُلاڻِيَ ڦيرُ ٻِئو
جِنہ ڀَرِ راڻا راڄِئا، ڪوٽَنِ ڌڻِي ڪَنبَنِ
جِنہ جو جاڙيجنِ، سُتي سَنچو نه لَهي.
بيت - 45
لاکا لَکَّ هُئا، ڦُلاڻِيَ ڦيرُ ٻِئو
آجا اوڏَ ٿِئا، پَلئِه لڳِي جِنہ جي.
بيت - 46
لاکو لَکِيَ تي چَڙهي، لَکِي لاکي هيٺِ
سونَهارِيُون سَرِ ڪِئو، ڀِيڙِئو ٻَڌَنِ بيٺِ
ڪندو ڏمرِ ڏيٺِ، صُباحَ ساڻُ سَڀِڪهِين.
بيت - 47
اَڏِئو جو اوڏَنِّ، سو ڍَنگهَرُ ڍِلو مَ ٿِيي
جنہ ڀَرِ ويهِي ڪَنِّ، ليکو لاکي ڄامَ سين.
بيت - 48
لاکي لَڄَّ کنئِي، اَسان اوڏَڙِيَنِ جِي
ڪندو ڪانه ٻِئِي، اَڳِ وِسُوڻلَ آهيان.
بيت - 49
لاکا لڄَّ سَندِياءِ، اوڏِ اَگَلِي آهيان
پَکا سي پَرتاءِ، جي اَجهي تُهنجي اَڏِئا.
بيت - 50
اَڏِيندي اوڏَنِّ، لَڏَڻَ جي ڪانه ڪِئِي
لاکو مَٿان تَنِّ، اوچتو ئِي آئِيو.
بيت - 51
اَڏي اَڏي اوڏَ، ڇڏي وِئا ڀيڻِيُون
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، پِئا آهينِ پَٽَ ۾.
بيت - 52
ڇِنَلَ ڇَڄَّ هَٿنِ ۾، ڪُلهنِ ڪوڏارا
پورهي خاطَرِ پاهنجي، اُٿيَنِ سَوارا
اوڏَ پِه ويچارا، لاکا وَڃنِ لَڏِئو.
سرود ڪاپائتي
no_section
وائي - 1
ڪا هِيين سين لاءِ ڀورِي، ڪا هِيين سين لاءِ
تُنبائي تاڪيدَ سين، جَنِ پِڃايو پاءُ
2. لَسِي تَندُ، لطيف چَي، هَلِي تَنِ هَٿا
3. پَهِيُون تُهنجيون جهِرِڪِنِ جهوريُون، ٻِيون اُڏايُون واءَ
4. اَرٽَ پاسي اوجهَرِين، توکي سُمَهَڻَ آيو سا
وائي - 2
آءٌ جا وِيندَڙِي پارِ پِريَنِ جي، مونکي آيَلِ جهَلَ مَ پائِيو
جهَلون پَلُون پائِيو، پاڻان مَتِ نه آڇِئو مائِيو
وِئو ٻاروچو نِڪرِي، مونکي سُورَ چَکائي سائِيو
مهنجا ڪمَ ڪريمَ تي اَئِين تان ريبي تان مَ رهائِيو
بيت
ويئِيُون ڪِنہ وِکَہَ، تَنِ ڀيرا ڀَڃِي ماءَ
آتَڻَ مٿي اُسَرِي، آيَسِ اَنِي لاءِ
تِئان هِتِ نه ڪاءِ، جَني سُورُ سَريرَ ۾.
بيت - 1
توڻي تون ڪاتارِ، جِمَ هيڪَلِي ڀيرِيين
ڏِٺِي ڪا ڏُئارِ، صَرافَ اِنَ سُٽَ ۾.
بيت - 2
جَني هيڪَلو ڀيرِئو، تَني ميڙِئو ماءَ
تَندُ اِهَڙِي ساءَ، مون آتَڻِ هَڏِ نه آئِي.
بيت - 3
جان ڪَتِين تان ڪَتُ، هِيَ هَڏِ، وِهاڻِي
ڪاپائتِي سَڀَڪا، ڪَتي سِيباڻِي
ڄانتو جَنِ ڄاڻِي، تَنِ هَٿان پَهِي نه ڇَڏِي!
بيت - 4
هِيَ هَڏِ وِهاڻِي، جان ڪَتَندِيين تان ڪَتُّ
ڪو پَهنجِي عيدَ کي، ڀيري ڪِجُ ڀَرَتُّ
متان رُئِين رَتُّ، صُباحَ وِچِ سَرتيين.
بيت - 5
ڪَتَڻَ جِي ڪانه ڪرِين، سُتِي ساهِيين هَڏَّ
صُباحَ اِيندِيي اوچتِي، عيدَ اُگهاڙَنِ گَڏُّ
جِتِ سَرتِيون ڪنديي سَڏَّ، اُتِ سِڪندِيين سينگارَ کي.
بيت - 6
پائي ڏورِ اَرِٽَ ۾، ڪَتين نه ڪُوڙِي
وِنهان جي وَڌاڻي، ڀُوڻين سَنڀُوڙِي
مٿي جِنہ مُوڙِي، سا ڪِئن وِهي ويسرِي.
بيت - 7
اَڄُ پُڻ اُجهڻَ کي مَرِين، نَڪين ڪِتوءِ ڪالَ
ڀوري توسين ڀالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيترا.
بيت - 8
سي تو وَهِيَ وڃائيا، جي ڪَتڻَ سندا ڏينہَ
اَرٽَ اوڏي نه ٿِيين، ڀوري ڀورو سينءَ
تَندُ پَسندِيين ڪِينءَ، هاڻي تون وڏِي ٿِي.
بيت - 9
توڻي تون وڏِي ٿي، توءِ اُٿِي آتَڻِ آءُ
ٿِي ڀيڙِي ڀيرَمَ واريين، ٻِي هٿِ ڪَرِمَ ڪاءَ
ته صرافُ تو صُباحَ، ڪوٺي ڪاتارِنِ سين.
بيت - 10
سونَ سارِيکا هَٿڙا، ڪُہُ نه ڪَتين رَڏِّ
ويهِي ڪُنڊَ ڪاپو ڪَرِ، ڳَٽين ڳالهيون ڇَڏِّ
ته صرافاڻي سَڏِّ، مَرِڪئو هُوندَ مَٽائيين.
بيت - 11
ڀَڳو ئِي ڀيرِ، جان سِيَن رَتو راسِ ٿِيي
بُرِي بيڪارنِ سين، هارِي پاڻُ مَ هيرِ
ڪَتُ ڪَتندِي ڪيرِ، نَہ سين نِيجاري ڪري.
بيت - 12
ڀيرِيين ۽ ڀائيين، اِئين وِڏِڻو ڪانڌُ
ويٺِي اورِ اَرٽَ سين، ڳچِيَ پايو پاندُ
ته تُهنجو وِڻواندُ، ڪِتو وِتو نه ٿِيي.
بيت - 13
مَڇُڻ ڀاڳُ ڀَرِ ڏيين، ڪَتُ ڪَنبندِي آءُ
جَڏِه تَڏِه ماءُ، ڀِرَنِ ڀيرَ مَ واريُون.
بيت - 14
چانئُتِ پائي چِتَ ۾، سَنهون ڪِتو جَنِّ
تَنِ جو صرافَنِّ، دُڪو داخلُ نه ڪِئو.
بيت - 15
محبتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا جَنِّ
تَنِ جو صرافَنِّ، اَڻَ-تورِئو اَگهائِيو.
بيت - 16
ڪو جو وَهُ ڪاپاتِيين، ڪَتنِ ۽ ڪَنبنِّ
ڪارَڻِ سُودَ سَواريون، آتڻَ منجهِه اَچنِّ
اُنِ جي سُونہَ، سيّدُ چَي، صرافَ ئِي سِڪَنِّ
اَڳئان سُٽُ سَندُنِّ، پائي ترازِيَ نه تورِئو.
بيت - 17
سُٽُ اُنِين جو سَفَرو، جي پَرِ ۾ پِڃائينِ
آوازُ اَرٽَ جو، ساهَ نه سُڻائينِ
لِڪايو، لطيف چَي، ڪَنبِئو ڪَتائينِ
جي ماڻِڪُ موٽائينِ، توءِ مُلِ مَهنگو اُنِ جو.
بيت - 18
تُنبائي تاڪِيدَ سين، جَنِ پِڃايو پاءُ
لَسِي تَندُ، لطيفُ چَي، هَلِي تَنِ هَٿا
مَلِمل منجها ماءَ، جي سِکِيُون تَنِ سونُ ڪئو.
بيت - 19
ڪي اوبِينِ عربَ ۾، ڪي ڪابُلَ منجهِه ڪَتنِّ
سُٽُ اُنِين جو سَفرو، مَٽِئو ماڻڪَنِّ
قادرَ ڪِيمَ ڪڍَنِّ، ٿيلهي ٿُلهِيَ واريون.
بيت - 20
پَلئِه پايو پُوڻيُون، دَرِ دَرِ ڀيرا ڏي
ڪاپائتِي آهيان، ڪا مون ڪَتائي.
بيت - 21
ٽَڪُ وِنگِي، وَرَ گهڻا، ڪَتان ڪُڄاڙو
ڪاپي مَٿان ڪيترو، آڻِيان اُڌارو
جي وَرُ ڏي وارو، ته سُنهان سرتِيَنِ وچَ ۾.
بيت - 22
اولاڻِئانِ اَرِٽَّ، ڪيڏانہ ڪتڻَ وارِيُون
پَهيُون مٿي پَٽَّ، لُڙِجنِ لاکيڻَنِ جيون.
بيت - 23
ڪَتي ڪَتي ڪالَ، اَڄُ نه آتڻِ آئِيُون
اَرٽَ اُکِلِي مالَ، سوري ويئيُون نِجهُرا.
بيت - 24
نه سي ووڻَ وَڻنِ ۾، نه سي ڪاتارِيُون
پَسِئو بازارِيُون، هِنيَڙو مون لُوڻُ لَهي.
بيت - 25
ڪَتي مٿي آئِيُون، ڪري تَندُ تيارُ
اُٽَلَ اوڏاهين ٿِيي، جيڏانہَ پِريَ پارُ
ڪاپاتِيَ قرارُ، منجها پوڻِيُ آئِيو.
بيت - 26
جي تون سَنهون نه سِکيين، ته مَرُ رَنڍائِي روڙي
سُٽُ اُنِين جو سَفرو، وِئا ترازِيَ توري
ٿُلهي ۽ ٿوري، ويچارِيَ سان وَڙُ ٿئو.
بيت - 27
جَني ڪِتو ڪالَ، سي پاڻان پييُون مامري
جَني ٽَڪُ نه مالَ، سَرهيُون سي صرافَ سين.
بيت - 28
پائي پاندِ ڪَپاهَ، مون آتَڻَ سڀِ نهارِئا
کَڻي ڪانه پَساهَ، سَرتيون وڃي سُتِيُون.
بيت - 29
چَرکو پهنجي چِتَّ ۾، ڀَيَّ ڀيرِئو جَنِّ
توڻي ڪِينَ ڪَتَنِ، ته پِه ڪانڌُ اُنِي جو ڪوڏِيو.
بيت - 30
تاڃِي تورِئائُون، ته عيبَ نِکَتا اَڳيان
ڪوٺي ڪاپاتِنِ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائون
اَگَلڙِي آئُون، مون کان ڀِڙا ڀَڳا نه ٿِئا.
سرود پرڀاتي
no_section
بيت - 1
مُوڙهو ڀُوڻِي مَڱَڻا، ڪيڏانہَ هُنهين ڪالَ
لَنگها ڇڏِ، لطيفُ چَي، اُجهَڻَ جا اَفعالَ
سَپَڙَ دَرِ سُوالَ، ڪَرِ ته قيمتَ آڻِيين.
وائي - 1
ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏاهين، ميان اَلا،
جو تون ڄامَ مَڱندين مڱڻا
ڦيرُ مَ هِنيون، ڪنڌُ ڪِياڙي، ٿيندِيَ هاجَ هِئائين
ماڻڪَ موتِي مالَ خَزِينون، ڏِيندُئِي ٻيلي سائين
وِرِچِي تون وِهاڳَ کان، متان ڏِيين پاهين
دَرُ داتا مَنگُ مَنگتا، اَنڌا هوئِجُ اوڏاهين
مُذَڪَّرَ متان ڇڏِيين، هٿان هيڪڙائي
ٻِيُون ڏيئي ٻَنَ کي، سَمون کَڻُ سَوائِي
’اِنَّ الله وِترَّ يُحِبُّ الوِترَ وَحدَةَ‘، واڳَ وِڌائين
پهنجي طرفَ پاڻِهين، سائِلُ سَڏِئائين
جِتي جُوانَنِ کي، ڪوٺي ڪُٺائين
اُتي عُشاقَنِ کي، اُلفتَ اُهڃَ ڏِنائين
تُنبو کَڻُ مَ تيڏاهين، جِيفو آهِ جيڏاهين
ڪِيرَتِ ڪرين قُربَ سين، خُلتَ کاڄُ ڏِنائين
’اَلانسانُ سِري وَ اَنا سِرَّهُ‘، اِنَ پَرِ اُتائين
ڳُجهه ڳُجهاندَرَ ڳالهيون، رازُ نه رَکئائين
پَسو پينارَنِ جي، پَٽَ ۾ پاڻُّ وِڌائين.
وائي - 2
وَڏُڙا ڏانَ ڏِنائين، کَنيائين رختُ ريزالَنِ جو
ڏالِيُون ڏي ڏَڏَنِ کي، سنديون سونَ ساهِين
اَنڌا منڊا آئِيا، سَخا سَڏُّ وِڌائين
ڪِينَ منجهائِي ڪِين ڪري، سو نه ساراهِيين سائين
’وَ تُعِزُّ مَن تَشاءُ وَ تُذِلُّ مَن تَشاءُ‘ آهي سَڀِ اُتاهين
نَوازِئائين نُطفو، منجها ڪِينَ ڪڍِئائين
حِرفَتَ حريفَنِ جِي، ڀَڃِي سڀِ ڀَڳائين
حاسدَ سڀَ حُزنَ ۾، مُدّعِي پاڻُ مُٺائين
بيت - 2
چارَڻُ لَڱون، پنڌُ گهڻو، ڪِين چوٽاڻِي چَئيجُ
هِتِ ڪِين هَلائيجُ، اُتي نه آءٌ اَچَڻو.
بيت - 3
اُٿِيو اَٻوجها، سَپَڙَ جو سڏُ ٿِئو
جئن اَئِين ڪِيرَتِ ڪَٽُ نه سِکِئا، تئن پاڻان رِيڌو راءُ
مَڱو مون مُلا، آءٌ اَوانهِجو آهيان.
بيت - 4
جيڪِي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجهائِين ڳُجهَه ۾
سو جي سُڻِينِ ڪَڏِهين، ڪِيرَتَ وارا ڪي
ته سازَ مِڙيئِي سي، هوند پِٿُون ڪنِ پَلَڪَ ۾.
بيت - 5
ڏاتِ نه آهي ذاتِ تي، جو وَهي سو لَهي
رِيَ ريجهائي راڄِيي، ٻِئو ڪيرُ ڪَهي
آرِيُون اَٻوجهَنِ جيون، سَپَڙُ ڄامُ سَهي
جو راء وَٽِ راتِ رَهي، تِنہ کي جُکِي جانڪِيتان نه ٿِيي.
بيت - 6
ٻولِي ٻيلي جي ڪري، پاسي ڀَرِ پِئو
سُڻائي سُتَنِ کي، وِهاڻِيَ وِئو
ڄاڻي ڪِينَ ٻِئو، سُرُ سِکِئو هيڪڙو.
بيت - 7
کَڙَهَ اَڳئان کَپُ، ڏِيهاڻِي ڏاتارَ جي
لنگها لاهَ مَ لِکَ سينءَ، مٿان چانئُٺِ چَپُ
مڱڻهارَنِ مَپُ، ڪونهي ٻِئو ڪيرَتِ ري.
بيت - 8
سَپڙُ ساهُ پَساهُ، جاجِڪَ جِمَ وِسارِيين
ريهي رُپي سَنديُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ
لنگها تون لِيلاءِ، اَڳئان اُنِ ڄامَنِ جي.
بيت - 9
ميرا پَسِي مَڱَڻا، سَپڙَ سَڏَ ڪِئا
سَٻوجهَنِ سُئا، اَٻوجهَنِ آسِرو.
بيت - 10
تون سپڙُ، آءٌ سيڪڙُو، تون صاحبُ، آءٌ سَڳُ
پُڇِي تُهنجو پَڳُ، ڪُلهي پاتُمُ ڪِينَرو.
بيت - 11
تون سپڙُ، آءٌ سيڪڙو، تون ڏاتارُ، آءٌ ڏَڏُّ
سُڻِي تهنجو سَڏُّ، ڪُلهي پاتُمِ ڪينرو.
بيت - 12
تون سپڙُ، آءٌ سيڪڙو، تون ڏاتارُ، آءٌ ڏوهُ
تون پارِسُ، آءٌ لوهُ، جي سَڃِيين ته سونُ ٿِيان.
بيت - 13
جئن تون ڏَڏُ ٿِئو، تئن لَنگهِي ٿي لَڄَ مَري
صَباحَ سِياڪو، صَحيُ مِڙَندو سرتيين.
بيت - 14
ڏاتارُ ته تون، ٻِئا مِڙيئِي مڱَڻا
مِينہَ مُندائتا وَسَڻا، سَدا وَسين تون
جي اَچِين گهَرِ مون، ته ميريائِي مانُ لَهان.
بيت - 15
اُڀَرِئو تارو، اُٿِي وَرَ وِهاڳُ ڏي
سپڙُ رِيسارو، چِتَ پَرَکي چارَڻين.
سرود گهاتو
no_section
بيت - 1
مَتو وَهَڙَ ڪُنَّ ڪري، ڀڃَي سَنڀويُون ساجهَه
مون وِجهندي واجهَه، پِرين پِئانَ ڀَنَّ ۾.
بيت - 2
گهَنگهَرِئا گهَڻَ ڄاڻَ، مُوڙِهِي مَتِ مَهائِيين
وِئا گڏجِي وِيرَ ۾، پِئا مُنہ مِهراڻَ
اَڳيان پويان ٽاڻَ، وِئا ويچارَنِ وِسرِي.
بيت - 3
ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مٿان راتِ پَئِي
اوليُون اُجهَڻَ لڳيون، وئا وَنجهَه وَهي
ڪلاچِئا ڪَهِي، ڪڏِهَ ڪونه آئيو.
بيت - 4
ڪو جو قَهرُ ڪَلاچَ ۾، گهِڙي سو ني
خبرَ ڪونه ڏي، ته رَڇَّ ڪُڄاڙي رَنڊِئا.
بيت - 5
ڪالَ ڪَلاچِي وئا، ڇَتِيُون کڻِي ڇُڳيرَ
ڀائُرَنِ ڀيرو نه ڪِئو، اَدَنِ ڪِي اَويرَ
اِهڙِي خاصِي کيرَ، ڪُنَّ وَرائي جهَلِي.
بيت - 6
سڏُ نه سُڄي ساٿيين، ڪُنَ ڪلاچيَ پارِ
گهاتُنُ سندا مَڪُرا، ڪِنہ ٻي تَڙِنهارِ.
بيت - 7
تَرِيون پَسان نه تارِ ۾، جهُڳا جاءِ نه ڪَنِّ
مادَرِ مَلاحنِّ، ماڳِ نه ڍويا مَڪُرا.
بيت - 8
ڏِيهاڻي ڏِٺَمِ ڪيترا، جَني مارِئو موڪَ
گهَرَ ۾ گهاتُوئَڙِن جا، ٿا مارِينِمِ ٿوڪَ
لَڏي وچان لوڪَ، اُونهي وِئا اوهرِي.
بيت - 9
ڪال ڪلاچي وئا، گهاتُو ڪري گهُورَ
مادَرِ ملاحنِ جا، ويٺِي سَهان سُورَ
مونکي ڪري مَلُورَ، اُونهي وِئا اُهُرِي.
بيت - 10
اُڀِي اوسُڙُ اُسَ ۾، جهَلِئو ڪُنَّ ڪِنارَ
گهاتو گهَرِ نه آئيا، وَڏِي لڳيَنِ وارَ
هُيَسِ جَني هارَ، سي موڙي چُرِئا مَڪُرا.
بيت - 11
کِلِي جان کِينڪارِيان، تان ساٿي سَڱُ نه ڪَنِ
وارِئو وَهِٽَ وڃنِ، ڪَنِ سَڀاڳيَنِ سامُهان.
بيت - 12
جِتي گهورِئو گهاتُوئين، تِتي وارِيَ بُٺَّ
سَرُ سُڪو، سُنگِي گَئا، سَئسين وارِيَ مُٺَّ.
بيت - 13
نَڪا بُوءِ بازارِ ۾، نَڪا ڇِلُرَ ڇَٽَّ
جِتي ڏَنڀَرِيَنِ جي، اڳي هُئي اُگهَٽَّ
سي پِڙَ پَسئو پَٽَّ، ماڻهو وڃنِ موٽئا.
بيت - 14
مون اُڌارئا مَڇَڙا، اَلا گهاتُو آڻِ
مِيان مُدارنِ سين، قادرَ وِجهُه مَ ڪاڻِ
هَٽَ مُهنجي هاڻِ، قَدرُ لَڌو جَنِ ري.
بيت - 15
اوري هئا ته آئيا، جيڪُسِ وِئا پَري
ساٿي سَڏَّ ڪري، ماڳَ نهاري موٽئا.
بيت - 16
اَئِين جا لُڏو لوڏَ، اِيَ پَرِ گهاتوئڙنِ جي
ڪُن ڪلاچيَ ڪوڏَ، سُکِ نه سُتا ڪڏِهين.
بيت - 17
گهورِيندي گهُورِ پِئا، اَگهُورِ گهورِئائُون
مَي گهَرُ مارِئائون، ملاحنِ مُنہَ سَنرا.
بيت - 18
جان گهِڙَندا گهاتُوئا، تان رَڇَنِ ڏِجا رَڱَ
سَڳايُون ۽ سَڱَ، ڪلاچيَ ڪيرُ ڪري.
بيت - 19
جئن جهُڳا پايين جهولَ ۾، اِيَن نه مَرَنِ مَڇَّ
سَڀرَ ڌارِ سمنڊَ جا، ڪي رائُون، رَڱيون، رَڇَّ
هي ڇاڙُون ۽ ڇَڇَّ، اَڃا اوڙاهُ اَڳاهون ٿِئو.
سرود شيہ ڪيڏارو
no_section
بيت - 1
مٿي جِنہ مَدارُ، ڪانڌَ تُهنجو تَڪيو
پاڻِ اُنچو، عادتَ نِيچِي، اِيُ سِيهان پَروارُ
ڪرِ ڪَيسَرِ جُهارُ، ڏِٺي جِنہ ڏارَتِ لَهي.
بيت - 2
مُوران ماٺو نه ٿِيي، تازِي جو توڙا
هاٿِي جي هيڻو وَهي، ته گهڻو مُلُ گهوڙا.
بيت - 3
موڪَرِيَ تَرِيَ، ڇوٽِي نَرِيَ، ڇوٽو ڪِهِرِ پاڻِ
گَجي ته گينوَرَ هڻي، ٻِئا مِرُون سڀَ آساڻُ.
بيت - 4
سَئسين مِڙِي سِيارِڙا، جي جَنبؤ جاڳرَ ڪَنِ
ته ڪيهِرِ ڪَنُ نه اُڊَڪي، ڊاءِ نه ڊڄي تَنِ.
بيت - 5
ڪُرَهو ڪَيسرِ آءُ، پَسو واگهُه وِلاڙِئو
ٻيٽو ٻاپُ مُلا، ذرو ضايَع نه ڪري.
بيت - 6
ٻيٽو ٻاٻا وِتَرو، ڪُرهو ڪيسرِ جو پَسُ
آپُ ڇُپائي پَرُ ماري، ذاتِ سِيهان جئن جَسُ
جِتي دَمامنِ دَسُ، مٿي آرِڻِ اُسَري.
بيت - 7
اِيَ ڪيسرِ جي ڪارِ، جئن هاٿِيَ کي هٿُ هَڻي
جي وِيهين وِکين وِتَرو، توءِ لانجهو ڪِيمَ نهارِ
ڪِلي ويرَ قرارِ، ريَ ڪِلي ٿيئي قَهرو.
بيت - 8
اِيُ ڪيسرِ جو ڪَمُ، جئن هاٿيَ کي هٿُ هڻي
نِهوڙي ناڀُنِ سين، دَمائيسِ نه دَمُ
ڪِلي ويرَ قدمُ، کوڙي پَر کَڻِي نَهِين.
بيت - 9
روجهَه نه پَڪُڙِجنِ، مَتا جي ماهَ گهڻي
ڪِجي سَڱُ سِينهَنِ سين، واڪي جي وَرَنِ.
بيت - 10
ڪيهرِ قصدُ ڪبابَ سين، مڇِي مُورِ نه کاءِ
جي سِيهان سَئين لَنگهڻين، توءِ لِکَ نه لَکاءِ
پيرُ تِتَهِين پاءِ، جِتِ ناهِ مجالَ مِروئنِ جِي.
بيت - 11
نِيہُ سِيچاڻي سِينہُ، ٽنهي قصدُ ڪبابَ سين
راتِ کاڌائون ڏِينہُ، ته پُڻ ڀُوڻَنِ بُکِئا.
بيت - 12
کَڻُ بورائو بازَ کي، ڳِجهَه جِي ڪِجُ مَ ڳولَ
ڊوڙَ جِنہ جِي ڍونڍَ ڏي، رُڻَ ۾ وَتي رولَ
جو ٻَهُون پاري ٻولَ، سو هٿان ڇڏِ مَ شڪرو.
بيت - 13
کڻُ بورائو بازَ کي، ڳِجهه مَ ڳَري لاءِ
آهي اِنَ اَنڌِي جِي، جِيفي پاسي جاءِ
کاڄُ اُهوئِي کاءِ، هو جو قُوتُ ڪِلابَ جو.
بيت - 14
کڻ بورائو باز کي، ڳِجهه کي ڏي مَ ڳَلُ
هُماءَ ڏي مَ هَلُ، شِڪرو ساڻُ کڻِي.
بيت - 15
عاشقُ توءِ آزارَ سين، جي مٿي وڃي ڳِيجَ
جي ويٺو مَنجهِه ڪُرِيزَ، توءِ سيچاڻِي شڪارَ سين.
بيت - 16
آهي عاشقن کي، ڪاڙهو مَنجهِه ڪُريزَ
جي مٿي وڃي ڳِيجَ، توءِ نهاري ڍونڍَ ڏي.
سرود آسا
فصل اول
بيت - 1
لوچان ٿِي لاحدَ ۾، هادِيَ لَهان نه حَدَ
سُپيرِيان جي سُونہَ جو، نه ڪو قَدُّ نه مَدُ
هِتِ سِڪڻُ بي عددُ، هُتِ پِريَ پروا ناهه ڪو.
وائي - 1
پِريَنئون پوءِ، موٽِي موٽِي نه وِهامي،
راتِ راهَ نه رَمَندَڙِي ئِي
ڦوڙائو فقيرَ کي، قادِرَ ڪوهُ ڏِنوءِ
چَڙِهئا ڏاڍين ڏونگَرين، سيڻَنِ سانگُ نه ڪوءِ
اَچي اوراهون ٿِيي، سيّدَ سانگُ سَندوءِ
بيت - 2
’آءٌ‘ سين اُنَ پارِ، ڪڏهن تان ڪونه ٿِئو
’اِنَ اللهَ وِترٌ يُحِبُ اِلوِترُ‘، نيئِي ٻِئائِي ٻارِ
هيڪڙائِيَ وٽِ هارِ، هَنجهُون جي هُئڻ جِيون.
بيت - 3
ٻَنِ ٻِئائِي سُپرين، پاڻا مونکي پَلُ
’آءٌ‘ اورِئان جهَلُ، توکي رَسي تون ڌڻِي.
بيت - 4
توکي رَسي تون ڌڻِي، سڀوئِي جَمالُ
ڪونهي ٻئو خيالُ، جي شارڪَ شڪُ وِڃائيين.
بيت - 5
’آءٌ‘ اورئان ئي جهَلُ، تون ڇڏِيَمِ پاڻَ پچارَ
شرِڪَ ساڻُ ستارَ، گهڻا گهارِئَمِ ڏِينهڙا.
بيت - 6
عينُ شِرڪُ اِيُّ، جئن بي شرڪُ ڀائيين پاڻَ کي
وڃائي وجودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيُّ
هَڏهن ڪونهي هِيُّ، هُو پُڻ ڪونهي هِنَ ري.
بيت - 7
هو پڻ ڪونهي هِنَ ري، هِيُ نه هُنِهان ڌارَ
’اَلاِنسَانُ سِري وَ اَنا سِرُّهُ‘، پَروڙِجُ پچارَ
ڪندا وِئا تَوارَ، عالِمَ عارفَ اِهَڙِي.
بيت - 8
نه ڪا ابتدا عبدَ جِي، نه ڪا اِنتها
جَنِ سُڃاتو سُپرين، سي وڃڻَ کي وِئا.
بيت - 9
’اَنَا عَبدُ‘ معبودُ تون، اُتِ نه ڪو شرڪُ نه شَڪُ
پَچارون پِريَنِ جيون، مَحبتيَنِ مَرڪُ
سو سَڀوئِي حَقُ، جنہ ۾ پَسنِ پريَن کي.
بيت - 10
جان جان پَسنِ پاڻَ کي، تان تان ناهِ نمازَ
سڀِ وِڃائي سازَ، تِنهان پوءِ تڪبيرَ چَئو.
بيت - 11
جان جان پَسين پاڻَ کي، تان تان ناهِ سُجُودُ
وڃائي وجُودُ، تِنهان پوءِ تڪبيرَ چَئو.
بيت - 12
نابُودِي نيئِي، عبدَ کي اعليٰ ڪِئو
مُورتَ ۾ مَخفِي ٿِئا، صورتَ پڻ سيئِي
ڪِبِي اِتِ ڪيهِي، ڳالهه پِريان جي ڳُجهَه جِي.
بيت - 13
ڳالهه پِريان جي ڳُجهَه جِي، ڳالهه مِڙيائي ڳُجهُه
هِينئڙا اُجهُه مَ مُنجهُه، ته پِريَنئون پِرين ٿيين.
بيت - 14
صورتَ سُوجهِه مَ تِنہ جي، پِيُّ پُڇِين ٿو جو
سُخنُ آهي سو، جو مُنہَ مقابلِ نه ٿيي.
بيت - 15
سُڃاپي نه صورتَ رِيَ، صورتَ هَڏِ مَ سُوجهِه
ٿِيُ ٻاراڻِي ٻُوجهِه، وڃائي وجودَ کي.
بيت - 16
جَنِ وڃايو وجودُ، فانِي ٿئا فِي اللهَ سين
نه تَنِ قيامَ نه قَعدو، نه ڪو ڪَنِ سُجودُ
تيلان ٿئا نابُودُ، جيلان گَڏِئا بُودَ کي.
فصل دويم
بيت - 1
اُڀرندي ئِي سِجَ، پِرين جي نه پَسندِيُون
ڪڍِي ٻيئِي ڏِجُ، اَکڙِيُون ڪانگَنِ کي.
وائي - 1
اي ميان سڄڻَ! تورِي تورِي ڪِئن رهندانيڻَ مهنجا
جَن جو آڌارُ تون، آءٌ ٿِيَسِ لائقُ ڀُون
جِئان اُلَهي اُڀَري، توڙي تِنهان پَري
توءِ وڃِجي اُنَ ڏي، اکڙيون پيرَ ڪَري.
بيت - 2
اُڀرندي سِڄَ ساڻُ، پِرين جي نه پسنديون
ڪڍِي کي ڪانگانِ، نيوالا نيڻَ ڏِيان.
بيت - 3
مونکي اَکڙيَنِ، وڏا ٿورا لائِيا
ته پڻ پِرين پَسنِ، کَڻان جي کَرَ سامُهِيُون.
بيت - 4
اکڙيون پِريَنِ ري، جيڪِين ٻِئو پَسنِ
ڪڍي کي ڪانگنِ، نيوالا نيڻ ڏِيان.
بيت - 5
نيرانا ئِي نيڻَ، نيئِي آڇِ پِريَنِ کي
سَترِ کاڌا کيڻَ، جُہ ڏِٺو مُنہُ محبوبَ جو.
بيت - 6
تَنِ نيڻَنِ ڪِي نيرانِ، جَنِ ساجهُرِ سيڻَ سانڀيٽِئا
جِيَ جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حضورِيَ حَجُ ڪِئو.
بيت - 7
اَکِيُون عَلي الصُباحَ، دوستَ ديکَڻ آئِيون
اُڀِيندِيُون اَرداسَ ۾، ٻِي نه ڪنديون ڪا
رَچَندِيون رِيَ پاهَ، پَرچَندِيون پِريَنِ سين.
بيت - 8
ڪِين جو ڪيڏاهين، اکيون پَسِي آئيون
تاڻينِ تيڏاهين، پيئِيون پاڻَ مُهاڙِيُون.
بيت - 9
ڪِين جو ڪَهِين پارِ، اکيون پَسي آئيون
هڪُ ديوانيُون دِلِ ۾، ٻِي اَپَرِ لَڳيَنِ آرِ
تِنهان پوءِ قرارِ، سُتيون ڪينَ، سيّد چَي.
بيت - 10
ڪِين جو وڃي اَڄُ، اکيون پسي آئيون
سيڻَنِ ڪِئو سَهڄُ، لالُون ٿِيون، لطيف چَي.
بيت - 11
ڪين جو وڃي ڪالَ، اکيون پسي آئيون
لالُون ڪِيُون، لطيف چَي، جانِبَ جي جمالَ
ٿئا نيڻَ نِهال، جَني دِلبرُ ديکِئو.
بيت - 12
وَسَنِ ۽ وِهُسَنِ، ڏيهاڻي ڏِسَڻَ لَئي
جئن جئن پرين پَسنِ، تئن تئن نَشا نِيہ جا.
بيت - 13
وَسن ۽ وهسنِ، ڏيهاڻي ڏسڻ لَئي
ڏِسِي ڏِسِي آئيون، توءِ تَلاشُون ڪَنِ
ڍايُون نه ڍاپَنِ، پَسَڻَ منجها پِريَنِ جي.
بيت - 14
ڏِسنِ ڏيهاڻِي، توءِ تَرَسَنِ اوڏَهِين
آيا سُڃاڻِي، نيڻَ نهاري پِريَن کي.
بيت - 15
اَکڙيون اَکڙِيَنِ تي، ڏَمَرَ ڏُکَ ڪَرِينِ
جيلان سِڪَڻُ سِکِيُون، دعويٰ منجهِه دَڙِينِ
کِلَنِ ۽ کَڙِينِ، رُسَنِ پَرچَنِ پاڻَ ۾.
بيت - 16
اَکينِ کي آهينِ، عجبَ جِهڙيُون عادتون
سُورَ پَرائي ساٿَ جا، وڃئو وِهائينِ
اُتي لَنءُ لائينِ، جِتِ حاجَتَ ناهِ هٿيارَ جي.
بيت - 17
اَکينِ کي آهينِ، وڏا واجهه وِڙَهڻِ جا
اُڀِيُون مَنڊي مامَرو، جهيڙو نه لاهينِ
جئن سي ڪَڪرَ اُڀَّ ۾، تئن اَگِمِئون آهينِ
جهُڙِ ڦُڙِ نه لاهينِ، وَسَنِ سانوڻَ مِينہَ جئن.
بيت - 18
اَکين کي آءٌ، جان ڪِي جهَلُون پائيان
لوڪُ لَتاڙي ننڊَ ۾، ساڄَنُ سونٺائُون
مونکي مارِئائون، پاڻُ پرچِي آئِيُون.
بيت - 19
اَکين پهنجي مَتِ، پاڻَ سين پاڻهِي ڪِي
اُتي وڃِي لَڳيُون، جِتي جانِ کَپَتِ
نه ڪا ڳالهه نه ڳَتِ، جِيَ ڏني رِيَ نه جُڙي.
بيت - 20
اکڙيَنِ آرو، مُونها پُڇِي نه ڪِئو
اُتي وڃي اَڙِيُون، جِتِ چَوَڻُ نه چارو
هِنئڙو ويچارو، واٽُون جهَلِئو وِندُري.
بيت - 21
اَکِ اُلٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سين
جي لاهواروا لوڪُ وَهي، تون اُونچو وَهُ اوڀارِ
مَنجها سُوچَ نِهارِ، وَنءُ پُٺيرو پِريَن ڏي.
بيت - 22
تان جي ٿِينِ سامُهان، پُٺيرا سُونهَنِ.
سَؤ واري سُپرين، مهنجي مون ڏانہ ڪَنِ
رُڳُون سڀِ رَچَنِ، تَنَ ۾ تازا ئِي ٿِيي.
بيت - 23
اکيون سيئِي ڌارِ، جَنِ سان پَسين پريَن کي
تيڏانہ ڪِيمَ نهارِ، گهڻو رِيسارا سُپرين.
بيت - 24
مونکي ماءِ! مجاز، پِڃاري جئن پِنڃئو
هٿنِ ڇڏِي هاجَ، ويئي سارَ سَنڌَنِ مان.
بيت - 25
مِجازِي مَ مِٽَ ڪَرِ، اکيون ايئن مَ ڦيرِ
هارِي! حقيقتِ جي، پُڇِي ٿِينِ نه پيرِ.
بيت - 26
مارِيندُئِي مجازُ، ٿوريينِ گهڻين ڏِينهَڙي
هَٿان ڇَڏِ مَ بازُ، هارِي حقيقت جو.
بيت - 27
مجازِي موهي، ڪڏهن وِيندَئِي نڪرِي
اَکڙيون توهي، جِمَ وِهين وِسَهي.
بيت - 28
اِي مجازِي ماءِ، جي تو سَڄڻَ ڀانئِيا
ڪَچا ڪوهُ ٿِئاءِ، هاري! حقيقي پرين.
فصل سيوم
بيت - 1
ديکِ مَ تون سين تَنِ، هِ جي مَجازياڻيون مُنہَ ۾
ڪِينَ سُڃاتو سُپرِين، نِهاري نيڻَنِ
پِرين سي پَسنِ، ٻَئِي جَنِي ٻُوٽيُون
وائي - 1
وَجہَ مَنجهِه خليلُ، اَندرِ آزَرُ آهِيين، لا!
سَڌَ مَ ڪَرِ صحتَ جي، اَڃان تون عَليلُ
نالو ناهِ نفاقَ جو، جِتي رَبُ جَليلُ
مُنہَ ۾ مسلمانُ تون، قَلبَ تان قَليلُ
وِترَ جي وِصالَ ۾، دُوئِي ناهِ دَليلُ
وائي - 2
اَلا سائين! پُوئان پِريَنئون مَ پانهِين
جِتي ديرو دوستَ جو، سا ڪئن جُوءِ اَڳانهين
ڀَنڀِيُون ڀِرِي آئيون، آيلِ! مون اُتانهين
قَلَمُ جَنِي جي هٿَ ۾، سيڻَ سَٻاجها سائين
بَندِيَ جي بازارِ ۾، شالَ مَ لِکَڻِ نه لائِين
وائي - 3
جيڏيون! آءٌ ڪا پاڻَ-وَهِيڻِي آهيان،
ڪا مُون سارَ لَهيجا
جيڏانہ وَرائينِمِ سُپرين، پيرَ اوڏاهِين پايان
قلمُ ڪاتبَ هٿَ ۾، آءٌ لِکي مان لِکَ لاهيان
واڳَ ڌَڻِيَنِ جي هٿَ ۾، ڪيڏانہ ڪَرهَلُ ڪاهِيان
وائي - 4
موتَ مُندَ نه آهي، تائِبَ ٿِئو تَڪڙا
1. ’عَجِلُّوا بِالتَّوابَةِ قَبلَ المَوتِ‘، وِهُه تون ويرَمَ لاهي
2. پِريان ڪارڻِ پاڻَ کي، سِگهو وِهُ سَنباهي
3. اَجَلُ اَسارَنِ کي، ڪامَ وَٺِئو ٿو ڪاهي
4. وِڌائِين وَڍَڻَ لَئي، ڳَنُ ڪُهاڙِيَ پاهي
5. عمارَتُون اَنڌَنِ جيون، ڊاهِيو تو ڊاهي
6. نِبا گهوٽَ گهَرَنِ ڏي، ڪِنہ وَڏِي ويرَ وَناهي
7. اُتي، عبداللطيف چَي، بِنا ڪَفنَ پَراهي
بيت - 2
تعظيما تَرَڪُ ٿِئا، واجهاڻا وِئا
وڃي تِتِ پِئا، جِتِ نهايت ناهه ڪا.
بيت - 3
سَنئين سُونهائي سڀَڪا، ڪا مُون مُنجهائي
طلبَ ۽ تَحصيلَ، سڀِ اورئائِين آهي
ما تَنُ تِتِ لائي، جِتي آه نه ناهِه ڪا.
بيت - 4
جتِ آهِ نه ناهه ڪا، اِيُ خاڪيَ جو خيالُ
جانبَ جو جمالُ، پَسَڻائِي پَري ٿئو.
بيت - 5
سوئِي اوڇڻُ اَنگڙين، سوئِي کاڄُ سندونِ
ڪفرَ ۽ اسلامَ کان، پَري پيرُ پِئونِ
اُتي آهيرونِ، جِتي آه نه ناهه ڪا.
بيت - 6
جِتِ آهِ نه ناهه ڪا، اِيُ خيالُ خاڪِي
پريَنِ جِي پاڪِي، پَسڻائِي پَري ٿي.
بيت - 7
نيڻين نَظرُ نِيہَ جَرَ، جِتي جوڙُ جَنِّ
ساهُ اُنِي تان صدقو، اَندرُ سين عُضوَنِ
قلبُ قربانِي ڪريان، مَٿان دِل دوستَنِ
هِنيين ۽ اَکيَنِ، پاهِي کاڌِي پِريَ لئي.
بيت - 8
پِرين نه اَکيَنِ ۾، هِيون نه حاضرُ جَنِّ
سي هُنهِين جاڙ جِيَنِّ، ٺَلها ٺاٺا سَکِڻا.
بيت - 9
مُورِکَ مامَ نه ٻُجهڻا، هيڏان هوڏان ڪَنِّ
سي ڪِئن پِرين پَسنِّ، ڪَٽرَ جَنِ اَکين ۾.
بيت - 10
اَکين ۾ ٿِي ويہُ، ته آءٌ واري ڍَڪِيان
توکي ڏِسي نه ڏيہُ، آءٌ نه پَسان ڪِين ٻِئو.
بيت - 11
تارَنِ ۾ ڪَرِ تَڪيو، وَنِنِ ۾ ٿي ويہُ
پِرين اَکين ۾ پيہُ، ته آءٌ آڇاڙو ٿِيان.
بيت - 12
کران وِجهُه مَ واتِ، ڍولَ همارِي ڳالَڙِي
مَڇُڻ رَتِي راتِ، اورڻَ ۾ اُونهِي ٿيي.
بيت - 13
سِڪَ سِڪائين سِڪُّ، سِڪَ نه آهي سُٿرِي
لِڪَ لِڪوٽي لِڪُّ، ته کَرَنِ خبرَ نه ٿيي.
بيت - 14
خبرَ ٿي کرنِ کي، ته مونکي ڪندا ڪوهُ
صورتَ سُپيرِينِ جي، ڏٺي ڪونهي ڏوهُ
لورِي لڳُمُ لوهُ، جَهِين رَتُ رُئاڙئو.
بيت - 15
کرَ جا کَڏَ کَنئِي، پوئَڻَ ڪارڻِ پِرين جي
تِنہ ۾ پاڻُ پَئِي، غَيبَتِي غارُ ٿئو.
بيت - 16
اَلا کَرَّ جِيَنِ، مَديون جَنِ جي مَنَ ۾
اسان ۽ پِريَنِ جيوِن، اُميدون پَسَنِ
تِهان پوءِ مَرنِ، سَڙِي اِنَهِيَ سُورَ ۾.
بيت - 17
کَرُ کاريندو سي، ماٺو جَنِ پِرِيَتَڻو
جوشَ جلائيا جي، ماري تَنِ ماتُ ڪِئو.
بيت - 18
کَر کي کَپرُ کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نڪرِي
اُڀِي جو اُوناء، سُرِ ڀُرِ سندِي سَڄَڻين.
بيت - 19
کرَ خراب ٿِيين، هَنيا! هَچارا
پُوريين ڳَلِي پِريَن جِي، چوڌاري چارا
مَرِين مُنہَ-ڪارا، سَڙِي اِنَهِين سُورَ ۾.
بيت - 20
سَڄڻَ سَنيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي وِنگِيُون
سندِي سُپيرِيَنِ، پَرِ پروڙَڻُ ڏاکَڙو.
بيت - 21
ڪا جا پَرِ پِريَنِ، نه سا سُئي نه ٻُڌِي
مَتِيُون سڀِ مُنجهنِ، اِهڙي ڏِٺي قَضِيي.
بيت - 22
نه ڪو ڊيگهُه نه ويلُ، نه ڪو مُنہ نه مُهاڙِ ڪا
اِيُ اِهوئِي کيلُ، ڪُورُ پروڙي ڪِينَ ڪين.
بيت - 23
حوصِلو حيرتَ ۾، ڪري ڪينَ دَرڪُ
جو حُسنَ سندو حقُ، سو ڪور پروڙي ڪينَ ڪين.
بيت - 24
حوصلو حيرتَ ۾، وڃِي ٿِئو ويڇُون
محبتَ جون ميڇُون، ڪورَ پَروڙي ڪينَ ڪين.
بيت - 25
حوصلو حيرتَ ۾، وَڃي لَڄاڻون
ويچارو ڪاڻون، ڏِسِي ٿِئو ڏِسَڻَ کي.
بيت - 26
حوصلو حيرت ۾، آهي نه مَٿي عامَ
سندِي محبتَ مامَ، ڪورُ پروڙي ڪينَ ڪين.
بيت - 27
مُئي هاٿِيَ سين مامَرو، اَچِي پئو اَنڌَنِ
مَناڙِينِ هَٿنِ سين، اکيين ڪينَ پَسَنِ
في الحقيقت فِيلَ جِي، سَڄا سُڃاڻَنِ
سندِي سردارنِ، بصارَتَ بِينا ڪري.
فصل چھارم
بيت - 1
ديکِيندي ديدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلَّ
تازِي طَنبيلَنِ ۾، آهي اِحاطو جُلَّ
هُئا جي اَمُلَّ، سي حِسابان هَڄِي وِئا.
وائي - 1
ڪِين اُنِي منجهه آهي، هو جي جهُونا پَسجَنِ جهوپَڙا،
لا...!
اِنَ دَرَ سيئِي اَگهِئا، جَنِ کي ڪونه چِتائي
ڌاريان ڀائِينِ ڌارِيُون، پاڻُ پريان سين کائي
اِنَّ اَولِيائي تحت قَبائِي، پهنجا پاڻَ پَراهي
’لا يَعرِفُهُم غَيرِي‘، پَرَ کي ڪينَ پَسائي
پهنجيون ڇڏي پَٽَ ۾، رِڙُهه اُنِي جي راهي
خذمتَ ڪَرِ خُلَقَ سين، پاندُ ڳچيَ ۾ پائي.
بيت - 2
ديکيندي ديدار کي، ڪُلُ سُڃاتو ڪِين
جانبَ منجها جِين، محرومَ ئِي مَرِي وِئا.
بيت - 3
محرومَ ئِي مرِي وِئا، ماهرَ ٿِي نه مُئا
چڙِيَ جئن چُهنجَ هَڻي، لَڏِئائون لُئا
حُبابَ ئِي هُئا، اِنَهِين وادِيَ وِچَ ۾.
بيت - 4
تَرڪُ ڪَرِ تَرڪَ جو، وڃڻَ ڪَنان وَڃُ
آهي اِيُ اُهُڃُ، سُڻِي سُڻائيجُ تون.
بيت - 5
وڃِي رَسُ وڃڻَ کي، وڃڻُ پڻ وِڃاءِ
لوڪان پاڻِ لِڪاءِ، لِڪِئا پُڻ لڪيجُ تون.
بيت - 6
لوڪان لِڪي سَڀُڪو، لِڪِئا لِڪي ڪونَ
اُٿِي ويئي اونَ، اِنَ اُلَٽِيَ ڳالهه جي.
بيت - 7
هٿنِ سين هاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ سين نِهارِ
اُڀا اَڱڻَ پارِ، پَسُ پهنجا سُپرين.
بيت - 8
اَحَدان اَڳي جا هُئِي، سوڌي سا صفتَ
اَپَرِ اِشارَتَ، سِڌَنِ آهي سُٿِرِي.
بيت - 9
اَحدَ اَحمَدَ پاڻَ ۾، وچان مِيمَ فَرقُ
آهي مُستغَرَقُ، عالَمُ اِنِهين ڳالهه ۾.
بيت - 10
اَسين سِڪَهُون جَنِ کي، سي اَسين پاڻَ
هاڻي وَڃُ گُماڻَ، صحيُ سُڃاتا سُپرين.
بيت - 11
اَسين سِڪهُون جن کي، اسين پُڻ سيئِي
’لَم يَلِد وَلَم يُولَد‘، وَنءُ اوڏاهِين پيهِي.
بيت - 12
ڏِسَڻَ ڏِسِين جي، ته هَمَہ کي حقُ چَوِين
شارڪَ شڪُ مَ ني، اَنڌا اِنهِين ڳالهه ۾.
بيت - 13
منہِ ڪَرِ مَنجهارا، ٻَهرِ ڍونڍِ مَ ڍورَ جئن
جي اُکِڙِئُون آرا، ته ڪَنڌِيَ اَچڻُ ڏاکڙو.
بيت - 14
آڏو جو اِثباتَ کي، سو شِرڪُ لاهي شڪُ
هَي جِنہ ۾ حقُ، تِنہ نَفِيَ جِهڙو ناهِه ڪِين.
بيت - 15
وڏِي تان اِنَ واٽَ ۾، ٻيلِيَپَ ٻِئائِي
آهي اونداهِيَ جو، شِرڪُ سُهائِي
چِٽِي چِٽائِي، الفَ جِي عينڪَ ۾.
بيت - 16
اِنَ پَرِ نه ايمانُ، جئن ڪلمي گو ڪوٺائيين
دغا تُهنجي دِل ۾، شرڪُ ۽ شيطانُ
مُنہَ ۾ مسلمانُ، اندرِ آزَرُ آهيين.
بيت - 17
ڪُوڙو تون ڪُفرَ سين، ڪافَرُ مَ ڪوٺاءِ
هِندو هَڏِ نه آهيين، جَڻِئو تو نه جُڳاءِ
تِلڪُ تَني کي لاءِ، سَچا جي شِرڪَ سين.
بيت - 18
مُنہُ ته موسيٰ جِهڙو، عادَتَ ۾ اِبليسُ
اهڙو خامُ خَبِيثُ، ڪَڍِي ڪُہُ نه ڇڏيين.
بيت - 19
مُنہُ ته اَنهيرِئا اُجَرو، قلبَ ۾ ڪارو
ٻَهران زيبُ زبانَ سين، دِل ۾ هَچارو
ڪُہُ ڪري ويچارو، جئن ويجهو ناهِ وصالَ کي.
بيت - 20
مُنہُ ته موسيٰ جهڙو، صورتَ شيطانِي
بازِي بيرانِي، ڪڍِي ڪُہ نه ڇڏيين.
بيت - 21
تان ڪا ڪانِي پاءِ، وَنِنِ ۾ وصالَ جِي
دوبِينائي دورِ ڪَري، مَعرَفَتَ مَلاءِ
سُپيرِيان جي سُونہَ ۾، رُخنو ڪو مَ رِهاءِ
اَکِ اَشهَدَ چاءِ، ته مُسلماني ماڻيين.
بيت - 22
سُرمُون سِياهِيَ جو، رَنُنِ کي رِهاءِ
ڪانِي ڪارائيَ جي، مُڙُسُ ٿِي مَ پاءِ
اکينِ ۾ اَٽڪاءِ، ڪا لالائِي لالَڻَ جِي.
بيت - 23
سُرمون سرخِيَ جو، جڏهن پاتو جَنِ
تڏهن ڏِٺي تَنِ، رونقَ ريٽي جهڙِي.
بيت - 24
سرمون سفيدِيَ جو، جڏهن وِڌو جنِ
تڏهن ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَمَ جي.
بيت - 25
جي فارِسي سِکئو، گولو توءِ غلامُ
جو ٻَڌو ٻِنِ ڳالهين سين، سو ڪئن چائي ڄامُ
اُڃِئو ته آبُ گهُري، بُکئو تان طعامُ
اِيُ عامَنِ سندو عامُ، خاصَنِ منجها نه ٿيي.
بيت - 26
اَوَڳَڻِ رُسي سَڀُڪو، ڳُڻين پرين رُٺامِ
ليکِئمِ جي لِسانَ سين، سي ڪَرَ ڪينَ ڪِئامِ
پاڻُ وڃائي پاهنجو، ٿورا ٿُڪَ هَنئامِ
شرمندگي اَفگندَگِي، اِها ميڙَ مُڪِئامِ
پِرين تَبِ پَرِچئامِ، آءٌ جَبِ اُٺِ گَئِي.
بيت - 27
اَوَڳُڻِ رُسي سڀڪو، ڳُڻين پرين رُٺامِ
ٻَهُون ٻاروتَڻَ ۾، ڪوڙين ڪِيرَ ڪِئام
سيئِي سي سَرِئامِ، سُکنئون سُورَ گهڻا.
بيت - 28
اَلِتِيَمِ جا هِنيان، سا نه سَلتِيَمِ ساهَه کي
سُپيرِيان جي ڳالهڙي، لِڪايَمِ رُوحان
ويئي مون وَسان، پَڌَرِ پيئي ڳالهڙِي.
بيت - 29
مون تان لِڪائِي گهڻو، روئَڻَ ڪِي روشَنُ
رَسِئو ريزالَنِ کي، منجها زردِيَ ظَنُ
ويرِي مون وَرَنُ، ڳالهه ڪِئائين ڳجهَه جي.
بيت - 30
عاشقُ ڀانئي ايئن، ته آءٌ سِڪ ڪِنہ کي نه سَلان
وَهَنِ اکيون، وِرِچِي هِنيون، وِچِ رهندِي ڪيئن.
بيت - 31
اندرِ رَهِي گهَٽَ، سُپيرِيان جي ڳالهڙِي
ڇا ڳَرِ سَهي نه سَٽَ، جو مَهراڻَ موجَ ڪِي.
بيت - 32
لکين سَئين مِهراڻَ، آٽِي سَڀِ اُڌَمِئا
سَرا مَنجههِين ماڻَ، ٻَهرِ پِڪَ نه نڪري.
بيت - 33
حقيقتُ هَڻِي، مهنجي جانِ جُدا ڪِي
هڪڙو پَساهُ پريَن ري، سَگهان تان نه کَڻِي
ڌَڻِي ۽ ڌَڻِي، اَچِي رهِئو روح ۾.
بيت - 34
پاڻَ پردو پاڻَ کي، سُڻِي ڪَرِ سنڀالَ
وِچان جو وِصالَ، سو تان هُئڻ هِنَ جو.
بيت - 35
پاڻُ پردو پاڻَ کي، طالبُ سُڻجُ توُن
نَڪا هان نه هُون، پردا سَڀِ پاسي ٿِئا.
بيت - 36
مون مُونهِين ۾ پَسِجي، مونکي مون جُڳاءِ
مُونهِين جِي ساڃاءِ، مُونهين منجها مون ٿيي.
بيت - 37
اُنَهِين ايئن جُڳاءِ، آن کي اِيئن نه چُوئَڻون
بُڻُ جِنہ جي جانِ جو، اُتي آهِ اللهُ
گُندِيَ ڌِيڻُ نه سَپَجي، نُهِه نه پچي ماهُ.
بيت - 38
گُنديَ ڌيڻُ نه سَپجي، تُهه نه پچي ماهُ
ڪَچِيَ پَرِ ڪِئا، ٿيي سَماجوڳُ سَڄڻين.
بيت - 39
نَظرُ نزدِيڪونِ، سَهِي نه سَگهان ساٿَ سيئَن
پَسڻُ پَري نه سَندونِ، آءٌ نالي ڳِيَڙِي نِجهُران.
بيت - 40
عَلَتِي آرامُ، پَسِي، عِلَّتَ آئِيو
حُسنُ جو حقَ جو، سو خامِيَ ڀانيو خامُ
اَچِي ٿِئا اِسلامُ، ڪافرَ ڪُفرُ پاڻَ ۾.
بيت - 41
مونکي مون پِريَنِ، ٻَڌِي وِڌو تارِ ۾
اُڀا ايئَن چَوَنِ، مَڇُڻ پاندِ پُسائيين.
بيت - 42
پِئو جو پاتارِ، سو ڪئن پُسڻَ کان پالهو رَهي
سالِڪَ مون سيکارِ، ڪو پَهُه اِنَهِين پاندَ جو.
بيت - 43
ڪَرِ طريقَتَ تَڪِيو، شرِيعتَ سُڃاڻُ
هوئِجُ ثابوتِيَ ساڻُ، ته پُسڻَ کان پالهو رَهِين.
بيت - 44
ڪوڙِي ڪِجُ مَ ڪڏهين، ڦِڪِي ڀانئجُ ڦانگَ
ساري سَناسيَنِ جئن، لائقُ رکجُ لانگَ
ته چارَئِي چُنِيَ پاندِ، اوسا کَڻِي اُڪرِيين.
بيت - 45
تَعظِيما تَرڪُ ٿِئو، واکاڻِئو وِئو
جِتي سَڏُ صاحبَ جو، آهي ڪونه ٻِئو
پاڻيَ تِنہ پِئو، جِنہ ناهِ نِهايتَ نِيہَ جي.
بيت - 46
سُتوئِي سيڄَ گهُرِين، جَفا ڏِيين نه جانِ
صلحَ رِيَ سيڻانِ، متان نُونڌين نه چَڙهين.
بيت - 47
سُتوئي سيڄَ گهرين، جَفا ڏيين نه جِيَّ
پَهڻِيَ ڌارن پِيَّ، متان نونڌين نه چَڙهين.
بيت - 48
صُلحَ جَنِ سَڄڻَ سين، سيڄَ ماڻيندا سي
’اَلَّذِينَ آمَنُوا و ڪانُو يَتَقُونَ‘، اِنَ پَرِ اُڀا جي
نيئِي نُونڌَنِ تي، ڏِکِي چِٽِي چاڙِهئا.
بيت - 49
جي حَلُ ٿئا حبيبَ سين، سُمَهڻُ تَنِ ثوابُ
نيڻَ هيرائي ننڊَ سين، خوش ڪِئائون خوابُ
اوسيئڙو عذابُ، دِلئان تَنِ دورِ ٿِئو.
بيت - 50
رُٺِي جا رِهاڻِ، سا پَهَڻِي نه ٿِيي
ڪِنہ کَرَ وجهِي ڪاڻِ، پاڻان نِيہُ نِڪالِئو.
بيت - 51
رُٺِي نه آهي رِيتِ، پَهَڻِي پاهَتُ ناهه ڪو
پَسو منجهه پِريتِ، جيهائِي جوڙَ وَهي.
سرود مارئي
فصل اول
بيت - 1
’اَلَستُ بِرِبِّڪُم‘، جڏهن ڪَنِ پِئومِ
’قَالُوابَليٰ قَلبَ‘ سين، تڏهن تِتِ چيومِ
تَهِين ويرَ ڪِئومِ، وچنُ ويڙهيچَنِ سين.
وائي - 1
پَرچَنِ شالَ پَهنوارَ، ڍولا مارو مون سان، لا
مون موران ئي مَدِيُون، آهينِ سيڻَ ستارَ
عيبَنِ ڀَرِي آهيان، سَتُرُ ڪِجُ ستارَ
اُٺا مِينہَ مليرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پوءِ تَنوارَ
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عيبَ اَپارَ
بيت - 2
جڏهن ’ڪُن فَيَڪُونُ‘، مَنُ تڏاهڪون مارُئين
تون ڪِئن وِجهين تَن کي، سومرا شَڪُون
حميرَنِ حَقُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيُون.
بيت - 3
چَئِي ’ڪُن فيڪُون‘، جڏهن خلِقئا روحَ خدا
گَڏُ جِتي گذرانُ هو، جَڙَ لَڳِي تِنہ جاءِ
مون تونهِين سين آهِ، اُها ساڃاءِ سُپُرين.
بيت - 4
’فَيَڪُونُ‘ فِدا ڪري، ڪَهِيائِين سين ’ڪُن‘
تَعظيما تمامُ ڪري، پوءِ پَٿَرِئائين ڀُون
مارُو تِئائين مون، ڀينَرُ ڀاڱي آئِيو.
بيت - 5
نَڪا ’ڪُن فيڪونُ‘ هو، نَڪا هُونگَ نه هُون
سڄڻُ تَهِين ساعَتَ ۾، بِيٺي ڏٺوسُون
مون تَنَ تڏاڪُون، مِلِي ملاقات ڪِي.
بيت - 6
نڪا ’ڪُن فيڪونُ‘ هو، نَڪو لِڱَ لَحَمُ
بَڻِئو هو نه بُتَ ۾، اَڃان ڪِين آدَمُ
مون توهِين سين سڱُ، اُها ساڃاءِ سُپُرين.
بيت - 7
نڪا ’ڪُن فيڪونُ‘ هو، نڪا مورتَ ماهُ
نڪا سُڌِ ثوابَ جِي، نڪو غَرَضُ گُناهَ
هيڪائِي هيڪُ هو، وحدانِيَتَ واهَ
لِکئائِين، لطيف چَي، اُتِ ڳُجهاندَرَ جِي ڳاهَ
اَکِيَن ۽ اَرواحَ، اُها ساڃاءِ سُپُرين.
بيت - 8
قسمتَ قيدُ قَوِيُّ، ناته ڪيرَ اَچِي هِنَ ڪوٽَ ۾
آڻي لِکي لوحَ جي، هنڌُ ڏيکارئُسِ هِيُّ
پَرچي ڪينَ پَنوهارَ ري، جانِ جُسو ۽ جِيُّ
راڄا راضي ٿِيُّ، ته مارُنِ مِلي مارُئي.
بيت - 9
قسمتَ قيدِ ڪِياسِ، ناته ڪيرَ اَچي هِنَ ڪوٽَ ۾
’وَ نَحنُ اَقرَبُ اِليہِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ‘، وطنِ آءٌ ويدِياس
مارُنِ کي مِلندياسِ، ڪوٺيُون ڇڏي ڪڏهين.
بيت - 10
’قَيدُ الماءِ‘ ٿِئومِ، هِتِ اَڻانگي گهاريان
’هِناڪِ جِسمِ فَهُوَ لَدَيڪُم‘، هِنيون هُتِ سندومِ
قادِرُ شالَ ڪندومِ، ميڙائو سين مارُئين.
بيت - 11
’قيدُ الماءِ‘ ڪَهَڻِ جو، سو مون پاندِ پئو
’جَفَّ القَلمَ بِمَا هُوَ ڪائِنُّ‘، وَهِي قلمُ وِئو
اِيُ قضا ڪَمُ ڪِئو، جئن ٿَرِ مارو آءٌ ماڙِيين.
بيت - 12
جهڙو ’قيدُ الماءِ‘، تهڙو بَندُ نه ڪو ٻِئو
’جَفَّ القَلَمِ بِمَا هُوَ ڪائِنٌ‘، لَهي نه تِرُ تِئا
عُمَر‘ تو هَٿا، ٿيي آجائي آجَڙِيين.
بيت - 13
رِيَ اِعرابنِ هِتِ، گهَنگهَرُ گهارَڻُ مون ٿِئو
’بِڪَتِ العَينَينِ بِمَا هُوَ قَدَما‘، پُڄان ساڻُ پِرتِ
مَنُ، اَکيون، تَنُ تِتِ، جِتي جَنَبُ جيڏيين.
بيت - 14
هي هَنڌَ ماڙِيُون هاڻِ، ساڙِيان سڀَ ڏيهِيَن رِي
’ڪُلُّ شيءِ يَرجِعُ اِليٰ اَصَلِہِ‘، جهِڄان جهانگيَنِ ڪاڻِ
ڀِري پهنجي ڀاڻِ، پَسان مُلڪُ مليرَ جو.
فصل دويم
بيت - 1
پِيَ سُکَ پيرنِ کيهَه، ڪو نيہَ نياپو مارُئين
اَتِ اُڪَنڊِي آهيان، تئن آتَڻِ تئن ڏيهَه
سَندِي جا ساڻيهَه، سا کِهَه کٿوري ڀانئيان.
وائي - 1
ويڙهيچَنِ ڏي ويندي عمرَ! آءٌ ماروئڙنِ ڏي وِيندِي
ڏيهَه ڏاڏاڻي پَکَڙين
سَڱَرَ ساهيڙِيَنِ سان، ساڻيهَه مَنجهه سَٽيندِي
اُٺا مِينہَ مليرَ ۾، ڌاڳا ڌَٻَرَ ڌُوندِي
عمر! اُنِهين ڏيهَه جا، ڪوڍَرَ قُوتُ ڪَريندِي
گولُون گولاڙَنِ جيون، جهَپِيَ ساڻُ جهَٽيندِي
ڪوڪڙِ ڪُنڍيرَنِ ۾، ڦُوڪِئو ڦَڪَ ڀَريندِي
عيدُنِ برداُنِ تي کِہَ مانڌاڻيون کيندِي
پُسِي کائِي پيٽ ۾، ڏونرا ڏَنُ آءٌ ڏيندِي.
بيت - 2
جو ڏيهَه ڏاڏاڻِئا آئِيو، ڏِنُمِ تِنہ طعنو
پائي وِهُ مَ پَلنگين، ڳچِيَ سِرِ ڳانو
مٿان لَڪَ، لطيف چَي، کاءُ مَ خزانو
سرتيَنِ سِيلُ چَوائِيو، جورِ هَڻِي جانو
ٿِئو سَڏُ سَمانو، حَرفَ لَٿي هيڪڙي.
بيت - 3
جو ڏيهه ڏاڏاڻئا آئيو، پيرين تِنہ پُئان
سانگائِتُوءَ، سيّد چَي، سَنديون چِتَ چُوان
هِتي تان نه هُئان، حرفَ لٿي هيڪڙي.
بيت - 4
نه ڪو ايرُ نه ڀيرُ، نه ڪو اوٺِي آئيو
هُتي جو هِتِ نه آئِيو، پاڻان ڀَري پيرُ
ڪِتابتون ڪيرُ، آڻي ڏيندُمِ اُنِ جيون.
بيت - 5
نه خبرَ نه خوابُ، نه ڪو اوٺِي آئيو
هُتي جو هِتِ ڪَهِين، ڏنو ڪونه جوابُ
حَميرنِ حسابُ، ڪُہُ ڄاڻان ڪِئن ٿئو.
بيت - 6
اُتان اوٺي آئِيو، خبرَ اِيَّ کَرِي
وِساريجُ مَ وَرَ کي، پَئِجُ مَ مُنڌَ مَرِي
ويندِيين اُتِ ورِي، ڪو ڏينہُ آهيين ڪوٽَ ۾.
بيت - 7
ڪو ڏينہ آهيين ڪوٽَ ۾، لوئِي هَڏِ نه لاهِ
ڪامَڻِ اَهنجي ڪُرَ جي، آڏِوَڏائِي آهِ
هِتِ مَ پاڙِجِ هيڪڙو، پائُرَ جو پَساهِ
سَتِي سيلُ نِباهِ، مليرِ وينديين مارُئي.
بيت - 8
اوٺِي ڳوٺِي آڻيين، ڪو هُتي جو هِتِ هيرَ
ته ڪِنان جي ڪوٽَنِ جا، ٿيَنِ سُرَها سيرَ
آءٌ ته اکيين اُگَهان جي پائُرِ ڏِنئي پيرَ
للهِ لَڳِ، لطيف چَي، لاءِ مَ تون اَويرَ
ڪوٺيين گهاري ڪيرَ، محلين مُنجهي مون هِنيُون.
بيت - 9
اَلا، اوٺي آڻيين، جي نياپا نِينِ
آءٌ اُني جي آهيان، توڙي مون نه مَڃينِ
مَسُ مهنجي هٿَ ۾، ڪاغذُ ڪي آڻينِ
لُڙڪَ نه لکڻِ ڏِينِ، ڪِرئو پُونِ قلمَ تي.
بيت - 10
جي اَمرُ هَڻئو اَڌَ ڪَري، سي ڪاغذَ لِکان ڪِيئن
واڳِيُون جي وصالَ سين، تَني چاڙهي چِيئن
روئان راتو ڏينهن، جئن اُنَ جي وائِيَ ۾ وَرَ گهڻا.
بيت - 11
تَنِ وَنهيَنِ ويڙهيچَنِ کي، روئين نه راتو ڏِينَهن
ڪالهَه پَنوارنِ لَڏِئو، مونکي چاڙهي چيئَن
آءٌ جِيَندي ڪيئَن، جُہ اُنِ ٿَرِ وڃي ٿاڻا ڪِئا.
بيت - 12
ٿَر ٿَرِ اَندرِ ٿاڪَ، عُمرَ ماروئڙَنِ جا
لاٿائين، لطيف چَي، مٿان لوئِيَ لاڳُ
عمرُ ڪَرِئو آڳُ، پَهرِئو ٿِي پَنَ چَران.
بيت - 13
ٿر ٿر اندرِ ٿانءُ، تَنِ ونهَيَنِ ويڙهيچَنِ جو
سڀيئي تهنجو سومرا، ويٺا ڳنهَنِ نانءُ
اُتي ويندِيَسِ آنءُ، لوئِي لَڄَ مٿي ڪَري.
بيت - 14
سَئسين سيبا ڪَنجُري، لوئِي ليڙَ ٿيامِ
اَباڻَنِ جي آسَري، ڪَتِي ڪانه ڪِيامِ
جا ڍَٽِ ڍَڪِييامِ، تِهنجو پرورَ پَنُ رَهائيين.
بيت - 15
سَئسين سيبا ڪنجري، لوئِي لِيڙو لِيڙَ
واسي وارَ نه ويڙهيان، مَر چَڳون رهنِ چِيڙَ
مارُوءَ جي مُهاڙِ رِيَ، مونکي اندرِ ناهِ اُڪيرَ
ههڙو حالُ هميرَ، وَٺِي شالَ ويڙهِه وڃان.
بيت - 16
سئسين سيبا ڪنجري، لوئِي سين ليڙُنِ
ههڙو حالُ وَٺِي ڪري، وڃان مَنجهه ٿَرنِ
مارُو مانَ چَونِ، ته هُيينِ اَسانهِين آسَري.
بيت - 17
سِبِي سيبا ڏي، ڀورِيَ نِيہُ نه ڪَچوئِي
کَٿِيَ وَٽِيُون کُٿيُون، سَتِي سِيڻي سي
مَڇُڻ چُونمِ ڪي، ته لَڄائيين ٿَرَ-ڄائيون.
بيت - 18
اَسين تِئان آئِيون، جِتِ کُهنبو ناهِ
جي وَڃون وِنهاءِ، ته پُڻ مَٽِهُون لوئيون.
فصل سيوم
وائي - 1
مهنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِهيچَنِ سان
پاهِي پاکِي پَٽڙِي، پِريَنِ ساڻُ پِيان
پيرُ نه ڇڏيان پِريَن جو، جانسينءَ ٿي جِيان
حرفَ لٿي هيڪڙي، هِتي تان نه هُئان
کِيرُون کٿيرِيَنِ کي، وڃي ڏيہِ ڏِيان
آءٌ ڪِئن لوئي لاهيان، ڪارَڻِ ٻِن ڏِيهان
بيت - 1
مِينڍا ڌوءِ نه مارئي، پييَسِ پنهوارِيُون چِتِ
راڄَ رُئاري، هَنجهُون هاري، هِيَ هُتي جِي هِتِ
آهِسِ پائُرَ پارِ جو، کِجَڻُ ۽ کَپتِ
وِينگَسِ ويڙهيچنِ ري، مَسَ سُڻي ڪا مَتِ
سومرا سُپَتِ، ڪَرِ ته ڪوٺِيان نِڪري.
بيت - 2
مينڍا ڌوءِ نه مارئي، آهِسِ مَنِ مليرُ
ڪَڍِين ته ڪاڻِ لَهي، هِتان هِيَ حميرَ
کائُرُ پِيَنِ کيرُ، جي اَمانتَ اُتِ وڃي.
بيت - 3
مينڍا ڌوءِ نه مارئي، نه کِلي نه کاءِ
عمرَ جي اِنصافَ جا، ويٺِي واساما ڳاءِ
هِيَ جا ڪِيي هاءِ، سا مَهندا اِينديَئِي مُنہَ ۾.
بيت - 4
مينڍا ڌوءِ نه مارئي، ٿئسِ ڳُريُون وارَ
ستِيَ سيئي سارِئا، جي پائرَ جا پنوهارَ
عمرَ اُنِهُون ڌارَ، مورِ نه وِهي ماڙِيين.
بيت - 5
مينڍا ڌوءِ نه مارئي، مَحلين مارُئان ڌارَ
پايو ميٽُ مليرَ ۾، مُنڌَ نه ويڙهي وارَ
جا هُتي جَنِ هارَ، سا ڪينَ وِهندِي ڪوٽَ ۾.
بيت - 6
مينڍا ڌوءِ نه مارئي، ڪونهي اُنَ اوڄاهُ
عمرَ جي اِنصافَ جو، پِئُسِ ڪَنِ پَڙاءُ
ويٺِي چوءِ اَللهُ، مون تي مِٽَ نه موٽِئا.
بيت - 7
مَحلين ماندِي مارئي، ڏِٺيَمِ مُنہَ مَلُورَ
اَڻَڀا سَڻڀا نه ڪري، سُونہَ وڃايَسِ سُورَ
پِئَسِ لوهُ لطيف چَي، لَٿسِ ڪوڏَ ڪَپُورَ
چِتَ جَني جا چُورَ، سي مَکي مَرڪُ نه ڪنديون.
بيت - 8
ڪَرِئو مُهاڙِ مليرَ ڏي، رو اُڀِي چوءِ
سَهجُ سُورِي ڀائِيان، سُومَرا سندوءِ
مِلڪَ ماروءَ جِي آهيان، زورِ نه ٿِيان جوءِ
سو قَلبُ ڪوٽِ نه هوءِ، جو هُتي جَنِ هٿِ ڪِئو.
بيت - 9
ڪرئو مُهاڙِ مليرَ ڏي، اُڀِيائِي آهي
جا مٿي ڏِنيَسِ مارُئين، سا لوئِي مَ لاهي
سومرا ساهي، تِنہ سَتِيَ وِجهُه مَ سنگهَرُون.
بيت - 10
ڪِيَمِ مهاڙِ مليرَ ڏي، مٿي ڪوٽَ چَڙهِي
نِتُ نِهاري ڏيہَ ڏي، ڳوڙها پِئَسِ ڳَڙِي
نِڱِي ڪُوڪَ قلبَ مان، منجها روحَ رَڙِي
ويڙيچَنِ وَري، ڪَرَ نه لَڌِي ڪڏهين.
بيت - 11
جا عمرَ تو مُلِ عيدَ، سا اَسان سُوءَ وَرِتي سومرا
ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ
سِڪڻَ ڪِئا شهيدَ، مارُو جي ملير جا.
بيت - 12
عمرَ اَڇا ڪپڙا، ڪاڻِياريون ڪئِن ڪَنِّ
جَني جا ٿَرنِ ۾، وَرَ ٿا ويڻَ سَهَنِّ
هُو جي حَقَّ ڀَڃنِ، سي ڪِئن سَتِيُون سومرا.
بيت - 13
آءٌ ڪِئن سوڙِيين سُمهان، مون وَرُ گهاري وِلَ
کَٿيرِي تان کِلَّ، عمرَ ڪِجُ مَ اِهڙِي.
بيت - 14
آءٌ ڪئن سوڙيين سُمهان، مون وَرُ گهاري سُڃَّ
وَرُ اَباڻَنِ سين اُڃَّ، کوءِ شربَتُ تهنجو سومرا.
بيت - 15
وَرُ سي وَطَنِ ڄائِيُون، صَحرا سَتُرُ جَنِّ
گولاڙا ۽ گُگِريُون، اوڇَڻُ اَباڻَنِّ
ويڙِهئا گهُمنِ وَليين، جهانگِي منجهه جهَنگَنِّ
مونکي ماروئَڙَنِّ، سُڃَ ڳَڻائِي سيڄَ ۾.
بيت - 16
پائرُ پيَڻُ، اوڇڻُ اُنَ، جَنِ جا پيرَ مٿي پَٽَ پاڪَ
وِهَنِ وَراڪنِ ۾، اُنِ جِي اَجهو ڪِي اوطاقَ
پاڻُ نه پَسنِ پاڻَ کي، ويچارا بيباڪَ
عمرَ اُوءِ نه عاقَ، ڏُکِئا جِمَ ڏُکوئيين.
بيت - 17
کارا کٻَڙَ ڏيہَ ۾، ٻِئا وارِيَ منجهه وٿاڻَ
ساٿيَنِ کي، سيّد چَي، ڀَرئو ڏِينِ ڀاڻَ
عمرَ اِيَ اُماڻَ، ثابتُ رکِجُ سومرا.
بيت - 18
مهنجو تُورُ تَلِنِ ۾، چِيها ٿو چاري
ڊائِي: ڍَٽ ڌاري، آهِمِ اُٺي مِينهَڙي.
فصل چھارم
بيت - 1
سُونہَ وِڃايَمِ سُومرا، مارُو مَسَّ مَڃينِ
ڏُنگها ڏاڏي-پوٽِيُون، ڪَنِ ڏِنا، ڪي ڏِينِ
جي مان لوهَ لاهِينِ، ته ڪوٺَينِ ۾ ڪينَ هُئان.
وائي - 1
منجهه رَهِي مليرَ، هاريُون مون ڪوهُ ڪِئو
مون هَٿان مهنجا ڌڻي، سَئسين ٿِئا صغيرَ
پَکي منجهه پنوهارَ جي، ڪوڙين ڪِئَمِ ڪَبِير
تون ڏِيين، تون ڌڻي، دلاسو دِلگِيرَ
ٻُڙو لاهِه مَ ٻاجهَه جو، مون تان مهنجا پِيرَ
ٿَڌَيُون وَليُون ٿرنِ ۾، ڪوڙين ڪِرڙَ ڪَرِيرَ
بيت - 2
سونہَ وڃايم سومرا، ميرو مُنہُ ٿئومِ
وَڃڻُ تِتِ پئومِ، جِتِ هَلڻُ ناهِ حُسنَ ري.
بيت - 3
سونہ وڃايم سومرا، سِکرَ جِهَڙِي سونہَ
دِلِ ۾ دُکِي دُونہَ، مهنجو مُنہ ميرو ٿِئو.
بيت - 4
سونہ وڃايم سومرا، هِتي اَچِي هاڻِ
ڪِئن لهندِيَمِ ڪاڻِ، حُسنُ مون هِتِ وِئو.
بيت - 5
سونہ وڃايم سومرا، ڪيڏاه وِئُمِ ڪَمالُ
وڃان ڪئن وطنَ ڏي، هِهَڙو وَٺِي حالُ
جي مان ڏِينِ جمالُ، ته پَسان مُنہُ پنوهارَ جو.
بيت - 6
سونہ وڃايم سومرا، وطنِ وڃان ڪِئَن
حُسنَ ڌاران هِئَن، پَسان ڪِئن پنوهارَ کي.
بيت - 7
سونہ وڃايم سومرا، پَسان ڪِئن پنوهارُ
ڌُڻِي جا ڌَرارُ، تِنہ رءَ رُوءِ رَچَڻُ ناهِ ڪو.
بيت - 8
سونہ وڃايم سومرا، عمرَ ٿِيَسِ اَسِير
مارُو منجهه مليرَ، مون سين هِتِ هِئَن ٿئو.
بيت - 9
سونہ وڃايم سومرا، ٿيندِيَسِ ڪئن قبولُ
ڪونهي سُهکُ سُولُ، پُوچي مُنہ پنوهارَ سين.
بيت - 10
تَنِ مُنہَ موچارا مارُئين، مليرُ جَني ماڳُ
ناقصَ نوازي گهَڻا، سندو تَنِ سَڀاڳُ
اَڱڻِ مون اَڀاڳُ، حُسنُ مون هِتِ هِئَن ٿئو.
بيت - 11
ڪونهي قادِرُ ڪو ٻِئو، اُنِي جو اَڀاڳُ
’قُل لُّن يُصِيبَنَا اِلاّ ما ڪَتَبَ اللهُ لَنا
هُوَ مَولٰنَا، اِيُ مَعذِرَتَ ماڳُ
سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئيَ مَساوِي ٿئو.
فصل پنجم
بيت - 1
جِهڙِي آيَسِ جينءَ، جي تِهڙِي وڃان تَنِ ڏي
لالائِيَ جا، لطيف چَي، ڪَرَ مُندُنُ اُٺا مِينہَ
ماڙِيَ لَڳُمُ ميهَڻون، سَڀُ ڄماندَرَ سينءَ
ٿِيَسِ ڪاڻيارِي ڪانڌَ سين، هِتي اَچِي هِينءَ
ڪنڌُ کَڻندِيَسِ ڪِيئن، مَنَہِ مارُوئڙَنِ جي.
وائي - 1
کَٿِيَ منجهه کٽئائِين، مارو ڄامُ مليرَ جو
پَرچِي پنهوارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائِين
سِيلُ نِباهي سومرا! پهنجو پِيُّ پُڇئائين
جهوپو جهانگِيَڙَنِ جو، ماڙِيَ ساڻ نه مَٽئائين
اُتي، عبداللطيف چَي، شرمُ رکين ربَّ سائين
بيت - 2
جهڙِي آيَسِ جئن، جي تهڙِي مِلان تَنِ کي
ڦِران ڦَرَ چارِيان، هِنيون چَئيم هِئَن
وڃان ڪئن وطنَ سامُهِين، ڪاڻِ لَهنديَم ڪئَن
مُندائتي مِينہَ، سُونهان سَرَتيَنِ وِچَ ۾.
بيت - 3
هيڪُ جئن نه ڄاياسِ، ٻِئو ڄاپندي جي مَران
گهَنگهَرُ گهڻو ٿِياسِ، ڄاپِي ماروئڙَنِ کي.
بيت - 4
هِيُ مُنہُ ڏيئي ٻَنِّ، تون وِهُ کائِي نه مَرين
تان جي مليرِ ڄائِيُون، توسين سَڱُ نه ڪَنِّ
تون ڪِئن منجها تَنِّ، پاڻُ ڪوٺايين مارُئي.
بيت - 5
عمرَ ٻَنِّ جِيو، کوءِ مهنجو سومرا
جا پَرِ پنوهارَنِ جي، مون سان تئن ٿِئو
وٺِي مُنہُ ڪِهو، وڃان وطنَ سامُهِين.
بيت - 6
مَ سَپَنِي مارُئي، مُئِي مَ ڄائِي
جِنہ اَچي عمرَ ڪوٽَ ۾، لوئي لَڄائِي
جا سانگيَنِ سَڏائِي، سا ڪينَ مَرَڪي ماڙِيين.
بيت - 7
اَلا اِيئن مَ هوءِ، جئن آءٌ مَران بَندَ ۾
جِيَڙو زِنجيرَنِ ۾، راتو ڏينهان روءِ
پِهرين وڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏِينهَڙا.
بيت - 8
سَکَرَ سيئي ڏِينہَ، جي مون گهارِئا بَندَ ۾
واجهاڻيَسِ وِصالَ کي، ٿيَسِ تِيواڻِي تئن
نِيَرُ مهنجي نيہَ، اُجاري اَڇو ڪِئو.
بيت - 9
بَندِي ٻِئا قَرارِ، اَسين لوچُون لوهَ ۾
مَٿي تَنِ تَرارِ، سَدا سانبِيَڙنِ جي.
بيت - 10
آءٌ بَندِياڻي بَندَ ۾، ڪِ ڪِين پِييَسِ بَندِ
ڪرِ مُنهين لَڳو ميهَڻون، ڪِ مُنهِين ڪَڙو ڪَنڌُ
مران جي هِنَ هَنڌِ، ته نِجا مَيَتَ مليرَ ڏي.
بيت - 11
باللهِ آهيان بَندَ ۾، ڌُئان ٿِي ڌَٻَرُ
ويڻَ وَراڻِي ناهِ ڪا، سومَرو سَڀَرُ
مِيان مهربانُ، ڪريين اِلاهِي اَمَرُ
ويڙِهه پَسان سو وَرُ، جيڏانہ عالَمَ آسَرو.
بيت - 12
حَقاڻو هُتِ ٿئو، آءٌ هِتِ بَندِياڻي
مون ڏاڏاڻي ڏيهَڙي، ڦِرهَ ۽ لاڻي
ڪَندِيَسِ رِهاڻي، مارُوءَ پاسِ مليرَ ۾.
بيت - 13
جي ڪَرَ لَڌائُون، ته بندِيَ بندُ نه سارِئو
مارُوئڙَنِ آئُون، جيڪُسِ وييَسِ وسرِي.
بيت - 14
واجهائي وطنَ کي، ساري ڏِيان ساهُ
بُتُ مهنجو بندَ ۾، قَيدِ مَ ڪَريجاهُ
پَرڏيهِياڻي پِرِيَ ري، ڌارَ مَ ڌريجاهُ
ٿَڌِي وَسائجا ٿَرَنِ جِي، مِٽِي مُيَ مَٿاهُ
جي پويون ٿِيي پَساهُ، ته نِجا مَڙِهه مليرَ ڏي.
بيت - 15
واجهائي وطن کي، ساري ساهُ ڏِيان
هِيُ سِرُ ساڻيہَ سامُهون، مهنجو نِجُ مِيان
مُقامياڻي مارُئين، وڃي ٿَرِ ٿِيان
مُيائي جِيان، جي وڃي مَڙُهه مليرَ ڏي.
بيت - 16
واجهائي وطنَ کي، آءٌ جي هِتِ مُياسِ
گورَ مهنجي سومرا، ڪِجُ پنوهارَنِ پاسِ
ساري ڏِجِ سَرِتيين، منجها وَلِيَنِ واسُ
مُيائي جِياس، جي وڃي مڙُهه مليرَ ڏي.
بيت - 17
ڳِچِيَ ڳانا لوهَه جا، زيرِيُون ۽ زَنجيرَ
پيڪَڙا پيرَنَ ۾، ڪوٺِيَنِ اندرِ ڪِيرَ
چارِي چوگانَنِ ۾، واهِيَتَ ڪَنِ وزِيرَ
ڇَنِ نه ڇِڄِي آهيان، اِهڙي سِٽَ سَرِيرَ
مارو ڄامَ مليرَ، پُڇجُ ڪِين پهنوارَ کي.
بيت - 18
ڇَنِ نه ڇِڄي هيٺِ، ڪُ-ڇَنِ آهيان ڪوٽَ ۾
لوئِيَ سين، لطيف چَي، ڀيرِئو ٻَڌان بيٺِ
اُتِ سَپجي اُنَّ سَسَنِ جِي، هِتِ رِڇائِي ريٺِ
سَرَهِيُون سي سَرَتيُون، وطنِ جَني ويٺِ
ماڻِيان شالَ مَليرَ ۾، مُندائِتي ميٺِ
ڏيهِياهَ ڪِجا ڏيٺِ، ڪا مَدَتَ مون سين ماڙِيين.
بيت - 19
ڇَنِ نه ڇِڄي آهيان، ڪُ-ڇَنِ ۾ ڪوٽَنِ
اِيندهين پِئَمِ اُبَتا، پيڪَڙا پيرنِ
هَٿَڙِيُون هَٿَنِ، ڄنگهُون ٻانهُون ڪاٺَ ۾.
بيت - 20
هَٿين هَٿَ-ڪَڙولَ، هينئڙي پِئَمِ هُنِ جا
سانگِي سارئَمِ سُومرا، ڍاٽِي پاسي ڍولَ
ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِئَمِ نه ڪوٽَ وِهڻَ جا.
بيت - 21
زيرِيين ٻيڙِيين لوهَه ۾، ڳَٽِنِ ڪيَسِ ڳاهَ
سَنڪي سَندي سومري، هَڏِ نه چاڙِ هُئمُ ماهُ
سرتيون! دعا ڪِجاهُ، ته ڀَرمُ ڀاروڙِيَ رَهي.
بيت - 22
ڀَرمُ ڀاروڙيَ رهي، جنہ ۾ اَڇِي اُنَّ
ته پُڻ ويٺي وِنڌِيان، توڻي پُونِسِ تُنَّ
غافِلِ رَکُ غريبَ کي، عمرَ! منجهه اَمُنَّ
سَرتيَنِ ساڻُ سَمُنَّ، آهِمِ اُٺي مِينهڙي.
بيت - 23
آهمِ اُٺي مينهڙي، سَمُنَ سرتيَنِ ساڻُ
ڪِنہ پَرِ لاهيان ڪاڻِ، وڃي ويڙهيچَنِ سان.
فصل ششم
بيت - 1
لِنگَڙِياري لوءَ ۾، جَنِي لَئي ٿِياسِ
تَني تِرَ جيترو، پَلڪُ نه پُڇيياسِ
جهَروڪَنِ جهورِئو هِنيُون، ڪوٺيَنِ آءٌ ڪُٺياسِ
مارُنُ منجهِه مُياسِ، نا ته ماڙِيَنِ مارِيَسِ ڪينَ ڪِين.
وائي - 1
عمرَ ويندڙو پُڇان ڪو، جِتي مارُو تِتي پانڌي اَلو
مٿي ماڙِيَ مارُئي، رُئاڙي ۽ روءِ
پَنڌان کارِئو پَيَڙا، ڪِين جو اُڀَڙِي چوءِ
سارِئو سانبِيَڙِنِ کي، رُوحُ مهنجو روءِ
مِلڪَ ماروءَ جي آهيان، زورِ نه ٿِيان جوءِ
سَهجُ سُورِي ڀائِيان، سومرا سندوءِ
پانڌِي پنوهارَنِ جو، ڪالَ نه آيو ڪوءِ
راڄُ پَرِتو رَبَّ کي، سومرا! سندوءِ
بيت - 2
ماڙينِ ماريسِ ڪينَ ڪين، مُيَسِ مارُنُ لا
ڪَرَ لَهندا ڪڏِهين، مهنجِي اَچي ما
سانبيَڙَنِ سدا، ويٺو واجهَه وِجهي هِنيون.
بيت - 3
ويٺو واجهه وجهي هِنيون، پَرِ ۾ پهنوارَنِ
اَتِ اُڪَنڊِي آهيان، پائُرَ ۾ پِريَنِ
ڪريان ٻِي نه ڪَنِ، وينديَسِ وطنَ سامُهين.
بيت - 4
ويندِيَسِ وطنَ سامُهين، مليرُ مهنجو ماڳُ
ڏُٿُ چونڊِينديَسِ ڏيہَ ۾، ساڻُ سرتينِ ساڳُ
ته مون سَنئون سَڀاڳُ، جي ويجهِي ٿيان وَرَ کي.
بيت - 5
جي ويجهي ٿيان وَرَ کي، ته سڀاڳومِ سَئون
نِتُ نِتُ آهي نئون، مونکي پَسڻُ پهنوارَنِ جو.
بيت - 6
آءٌ ڪِئن ڇڏيان سومرا، تَنِ پهنوارَنِ پچارَ
جَڙَ جَني جِي جانِ ۾، لَڳِي رِيَ لُهارَ
ميخُون محبتَ سَنديون، هِنئَڙي منجهه هزارَ
پَکا ۽ پنهوارَ، ڏِٺي مون ڏِينہَ ٿِئا.
بيت - 7
کَنڊِ لَڳندِي کاڻِ، پييَم پهنوارَنِ سين
اُتي جِي، عبداللطيف چَي، رُنو سڀِ رِهاڻِ
هِنَ هِيڻائِيَ هاڻِ، ڪَنڌُ مٿانهون نه کڻان.
بيت - 8
سيلَ ڀَڃڻَ جي سومرا، مونکي مَتِ مَ آڇِجُ مِيرَ
گهڻين ٿورين ڏِينهڙي، وِينديَسِ هُتِ حَميرَ
مَڇُڻ منجهه مليرَ، ڪنڌُ مٿانهون نه کڻان.
بيت - 9
سيلَ ڀڃڻَ جي سومرا، مونکي متِ مَ آڇج مُورِ
گهڻي ٿوري ڏينهڙي، وينديسِ هُتِ حضورِ
مڇڻ ٿي مَلُورِ، ڪنڌُ مٿانهون نه کڻان.
بيت - 10
سيلَ ڀڃڻ جي سومرا، مونکي مَت مَ آڇج پاڻِ
گهڻي ٿوري ڏينهڙي، هِتان وِينديَسِ هاڻِ
مڇڻ پُوئِمِ ڪاڻِ، مهندا ڪا مليرَ ۾.
بيت - 11
پهنوارَنِ پاٻوهِيو، وَرِئا واهُوندا
سارئَمِ سيڻَ، سيّد چَي، گاڏِيليُون گوندا
ڀِٽُنِ ڀَرِ هوندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا.
بيت - 12
پنهوارَنِ پاٻوهِيو، ڪِي وَسَ واهوندنِ
لَٿو سِيُ، سيّد چَي، ٻَڌو ٿَڻُ ٿَرَنِ
اوءِ ٿا ڪُوڙِينِ ڪُنئرِيون، سرتيون مٿان سَسَنِ
عمرَ! اُنَ اگوندَرِي، پاسي ڪانڌِ ڪَتَنِ
کائُرِ کٿِيُون خاصِيتُون، اوڄي اُتِ اَچَنِ
ڪَڍئو پيڻُ ڪَهَنِّ، مليرِ گهرجي مارُئي.
بيت - 13
پهنوارَنِ پاٻوهِيو، ڪِي واهوندَنِ وَسَّ
عمرَ اُنَ ڏيهَه جو، ڏوٿيَنِ ڏِنُمِ ڏَسَّ
وَلِئون وَڻَ ڦُلارِئا، لُلُرُ نِڱئو لَسَّ
آڻِئو وِجهَنِ آهُرين، سندا ٽُوهَنِ ٽَسَّ
ميوا مَڃَرَ ماکيُون، سَڀڪا چَکَنِ چَسَّ
ماڙِيين وِهي مَسَ، مليرِ ويندي مارئي.
بيت - 14
آڻينِ ڪِين چاڙهِينِ، ڏُٿُ ڏيهاڻي سومرا
سَٿا ڪِئو سومرا، سائُون سُڪائِينِ
منجها لَنبَ، لطيف چَي، چائُرَ ڪِئو چاڙهينِ
پُلا نه پاڙِينِ، عمرَ! آراڙِيَ سين.
بيت - 15
تَنِ وَنهِيَنِ ويڙهيچَنِ ۾، سدائين سُڪارُ
چُونڊئو آڻئو چاڙِهيُون، سندا ڏؤنرَنِ ڏارَ
جَنِ جو ويڙِنِ سان واپارُ، سي ڏوٿِي هُونِ نه ڏُٻَرا.
بيت - 16
مَٿِنِ ٽُٻِڪَ ٽُٻِڪَڙا، چِکَندَڙا اچَنِّ
کُڙِيُون کِيہَ ڀُڪُلِيُون، پَگهرُ سِرِ پيرَنِّ
اِيُ وَڙُ ويڙيچَنِّ، مون لوڏائِين لَکِئا.
بيت - 17
ٿوري قُوتِ قَرارِئا، رهنِ سَڀَرَ سَتِّ
کَٿِيَ ۾ کِيہَ ڀَڪُلِئا، ڀُوڻَنِ اِهَڙِي ڀَتِّ
پَنوهارَ ڪِي پَتِّ، پيهِي پُڇُ مليرَ ۾.
بيت - 18
پاڻِهي پَچِي پيئِيُون، رِءَ واهِيَتَ، رِيءَ واڙِ
جُوءِ ڪُشادِي جيڏِيين، مليرُ موڪُ مُهاڙِ
اُتِ اَباڻا جِنہ جا، سا مانِيَ مورِ مَ چاڙِ
جي اُڪَنڊِيون آراڙِ، لوهُ تَنِي کي لاهِه تون.
بيت - 19
دَرَ دَروازا درِيُون، هاڻي هِتِ مَ هو
ڪوڙين اَڏِئا ڪيترا، طنبُو مٿان تو
جي مُلِ نه آيا مارُئين، تَنِي رَڙُ مَ رو
ڪُوڪَٽُ آهي ڪو، پُسِيَ پنوهارَنِ ۾.
بيت - 20
سَنهِيَ سُوئِيَ سِبِئو، مون مارُوءَ سين ساهُ
ويٺِي سارِيان سومرا، گولاڙا ۽ گاهُ
هِنيون مهنجو هُتِ ٿئو، هِتِ مِٽي ۽ ماهُ
پَکَنِ منجهه پَساهُ، قالبُ آهي ڪوٽَ ۾.
بيت - 21
سنهيَ سوئيَ سِبئو، مون ماروءَ سين مَنُّ
هَڻِي کَڻَ حِلمَ جا، تَهَه وڌائون تَنُّ
ڪِئن ٽوپان ڪَنُ، اَباڻِيَ اِبرَ ري.
بيت - 22
پاڇاهِي نه پاڙِيان، سَرتيون سُوئِي سانُ
ڍَڪي اُگهاڙَنِ کي، ڪينَ ڍَڪئائِين پاڻُ
ٻِيهَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصافَ جِي.
فصل ھفتم
بيت - 1
پَٽولا پنوهارِيُون، مُورِ نه مٿي ڪَنِّ
جُہ لاکَ رَتائون لوئِيُون، ته سالنُئُون سُونهَنِّ
اُنَّ ايلاچان اڳَرِي، بَخمَلَ بافِتَنِّ
سَکرَ ڀانيان سومرا، کَٿِيَ کان کُهَنبَنِّ
جا ڏِنيَمِ ڏاڏاڻَنِّ، سا لاهيندي لَڄَّ مَران.
وائي - 1
شُڪرُ آڻِ بَجاءِ، آهيين اَهلُ اللهِ سين
1. گورو هِنَ گِروءَ ۾، حَمدَ ساڻُ هَلاءِ
سُرَهي هِنَ سِلوڪَ سين، ڀَڄِي کي ڀَڄاءِ
2. ٿِيُ ته ٿوڪُ پِرائيين، لاشڪُ تَنِي لاءِ
تَرڪُ ڪَرِ طلبَ سين، لاهُوتِي مَ لَڄاءِ
3. خُودِي کڻُ مَ پاڻَ سين، جوڳِيَنِ وٽِ جَلاءِ
مهندا مشائخَنِ جي، چوَڻَ سڀِ چَلاءِ
4. ڪامُ تهنجو ڪاپڙي، ساميَنِ وٽِ سماءِ
آسڻَ اَڳِئان اُنِ جي، ٻَر ٻَرِ ڪِئو ٻاڏاءِ
5. سِيهو جا سونُ ڪري، تِنہ صحبتَ کي مَ سِڪاءِ
سُرَهِي سناسِيَنِ جي، سُڻِي ڪا سُڻاءِ
6. آهِمِ آسَ اِسمَ جِي، ڌاڳو تون ڌُلاءِ
اَلا، عبداللطيف کي، اُنِي ساڻُ اَگهاءِ
بيت - 2
اَرَمُ هڏِ نه اوڍِيان، پَٽولا پَٽَ چِيرَ
ٻانڌُوڻا ٻَنِ ڏيان، اَرغچُ ۽ عنبيرَ
ماروءَ سين شالَ ماڻِيان، کَٿِيُون جِهڙيُون کِيرَ
اَندرِ اُڃَ اُڪِيرَ، مونکي پِريَ پنوهار جي.
بيت - 3
سونَ برابر سَڳڙا، مارُوءَ سَندا مون
پٽولا پنوهارِ کي، عمرَ آڇِ مَ تون
وَرُ لوئِيَ جِي لُون، ڏاڏڻُنِ ڏِنِيَمِ جا.
بيت - 4
سونَ برابر سڳڙا، لُون لُون برابرِ لِکَّ
رُپو جِنہ ردِّ ڪِئو، ڪونُ تِنہ کي ڪَکُّ
مون ماروءَ جو مَکُّ، تيلُ نه لايان تُهنجو.
بيت - 5
تيلُ نه لايان تهنجو، مون مارُوءَ جو مَنِّ
ڪريان ٻِي نه ڪَنِّ، آهَرَ اُنَهِين آهِيان.
بيت - 6
مون ماروءَ سين لَڌِيُون، لوئِيَ ۾ لائُون
سونَ برابرِ سَڳڙا، مونکي ٻانهُنِ ٻَڌائُون
عمرَ جو آئون، ڪِئن پَٽُ پَرَهِيان سومرا.
بيت - 7
پَٽُ نه پَرَهِيان سومرا، جان ڪِي تان جِيان
آءٌ ڪِئن لوئي لاهيان، ڪارَڻِ يِنِ ڏِيهان
جان سين ٿي جِيان، ڪانڌُ نه ڪندِيَسِ ڪو ٻِئو.
بيت - 8
سي ساهيڙِيُون سارِينِ تو، سِيلُ جَني جو سَچُّ
مارو رِيَ مَ مَچُّ، سِيهو ڀانئِجُ سونَ کي.
بيت - 9
ساهيڙيون سارينِ تو، سَچُ جَنِي جو سِيلُ
نَڪو قالُ نه قِيلُ، اُنِي جي اَدَبَ ۾.
بيت - 10
جَنِ ڪَرايَنِ ڪَچَّ جا، وَرُ ساهيڙيون سي
اَتِ اُڪنڊِي آهيان، مَنَہِ ماروءَ جي
پَکنِ ساڻُ نه پاڙيان، هنڌَ هِتي جا هي
اَهلَ اَباڻنِ کي، مَرِي شلَ مَ لائِيان.
بيت - 11
ڪَراينِ ڪِروڙَ جا، چُوڙا ڪُوڙا جَنِّ
سو مَرڪُ ماروئڙَنِّ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِيي.
بيت - 12
ڪارا ڪَراينِ ۾، سونُ اسان کي سُوءَ
وَرُ جيڏيَنِ سين جُوعَ، فاقو فرحتَ ڀائِيان.
فصل ھشتم
بيت - 1
هِنَ مُندَ مارو سَنرا، ويڙيين وَڳَ وارِينِ
ڇَڇا ڇيڪارِئو ڇيلِڙا، پَٽين پَهرائينِ
نيڻَ مهنجا اُنِ کي، جهَجهو جَرُ هارِينِ
تاڙا تَوارِينِ، مِينہَ وَسندا موٽُ تون.
وائي - 1
رُوندي راتِ وِهاءِ، مونکي رويو رويو راتِ وهاءِ،
عمرَ ميان سومرا!
مونکي ڏيهان نِڪري، ٻه ٽي ٿوڪَ ٿِئا
عمرَ مَنڊِئا مامَرا، مارو ٿرَ ٿئا
آءٌ بَندِياڻِي بندَ ۾، ڪِ ڪي بندَ ٻِئا
عمرَ بَندِياڻينِ سين، جورو توءِ نه جُڳاءِ
بيت - 2
هِنَ مُند مارو سنرا، کائُڙَ ۾ خُوشحالَ
سائُون سِيارِجُ مَکڻِي، جيڏيُون آڻينِ جالَ
اُتان اوٺِي آئِيو، ڪَهِي مون وَٽِ ڪالَ
لِڱنِ تان، لطيف چَي، لوئِي لاهِ مَ لالَ
سَتِيَ جي، سيّد چَي، ڪا ساڻيہَ منجهِه سنڀالَ
ڀَلو ڪندو ڀالَ، مِينہَ وسندا، موٽُ تون.
بيت - 3
هن مند مارُو سنرا، ڍَنگهَرُ ڍارَ رَهنِّ
پاڻِي پُوڄَ پَٽنِ ۾، پَکِي پاندِ پِيَنِّ
هِنَ کي لوهُه، لطيف چَي، هُو کائُڙَ ۾ کِلنِّ
کاٽُونبا کاڄَنِّ، مِينہَ وسندا، موٽُ تون.
بيت - 4
هن مند مارو سنرا، ساڻيہَ منجهِه سُڌِيرَ
هِن کي لوهُه، لطيف چَي، ڪوٺِيَنِ اَندرِ ڪِيرَ
مِها منجهِه مليرَ، مينہَ وسندا موٽُ تون.
بيت - 5
هِن مندَ مارو سنرا، جِيا ئِي جالِينِ
چارِئو لَنبَ، لطيفُ چَي، واڳِيين وِهارِينِ
گهيٽا هِي ڪاهِينِ، مينہ وسندا، موٽ تون.
بيت - 6
چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري
ڪَنا عهدَ اَلَستَ جي، ڪِ تِهائِين پَري
’لَم يَلِد وَلَم يُولَد‘، مارئي ڪوهُ ڪري
اَڄُ ڪِ ڪالَ مَري، ساري سانبيڙَنِ کي.
بيت - 7
چُرن چڻڪن چِت ۾، وساريان ڪينَ وَري
جَنِ ٿي پَيَّ پياريو، منجها سِڪَ سَري
وَهيَنِ ويڙيچنِ جِي، سِٽائُنِ سَري
ٿَرنِ ٿوڪَ ڌَري، اُٺي وِئَڙا اُڪرِي.
بيت - 8
چُرنِ چڻڪن چت ۾، وساريان ڪينَ وَرَنِ
’لَيسَ ڪَمِثِلہِ شَيءِ‘، پَسڻُ ناهِ پِريَنِ
پَکا پنوهارَنِ، نيئِي اَڏِئا نانہِ ۾.
بيت - 9
چُرن چڻڪن چت ۾، گهارِينِ مٿي گهَٽَّ
کِہُ، مانڌاڻو، مَکڻِي، ڍوئِينِ پاسي ڍَٽَّ
پنوهارڪين پَکڙين، وڃي ڪريان وَٽَّ
ساڻيہَ سامُهِين سَٽَّ، ڪندِيَسِ ڀَڃِي ڪَڙنِ کي.
بيت - 10
چُرن چڻڪن چت ۾، هُرنِ منجهه هِيين
لطفُ ٿئو، لطيفُ چَي، مِهرَ ڪِي مِيين
ڏُکيَ کي نه ڏِيين، سَراهِيون ساڻيہَ جيون.
بيت - 11
چُرن چڻڪن چت ۾، سَدا منجهِه سريرَ
لَڏي ڪِ لوءِ وِئا، مارُو منجهِه مليرَ
ويٺِي پُوڄِيان پِيرَ، مانَ مِلنَمِ ڪڏهين.
بيت - 12
چُرن چڻڪن چت ۾، رَهئا اَندرِ رُوحَ
اُٺي وئڙا اُڪرِي، مارُو مٿي مُوهَ
ويرُون وِلوڙنِ جيون، ساريان گهڻو صُبُوحَ
وَرُ سي کارا کُوهَه، سِنجِئمِ جي ساڻيہَ جا.
بيت - 13
کاروڙِئان کَڻِي، ويڙِهي-جهَپِ وِئا
سيڻَ مهنجا، سيّد چَي، هاڻي هِتِ هُئا
پَسِي پَڊَّ اُنِ جا، مونکي لُڙِهي لُڙڪَ پِئا
ڏيهِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي.
بيت - 14
آڌِيَ اُٿيَنِ تي، جيلان پاڻِي پاتارنِ ۾
وارو ويسرِيَنِ کي، ڏِيهان ڪونه ڏي
مون ڪَمِيڻِيَ کي، مٿان کُوهَه کَڻِي وِئا.
بيت - 15
ٻُري نه ٻَڪر دانہَ، اُنِ جو ڀُوڻَ ڀُڻِڪو نه سُڻيان
مِيان ماروئڙَنِ جا، اُونِهان ڏِٺَمِ آنہَ
جَنِ ساٺِيڪا سِنجِئا، ڌَڻِيَ سي ڪِئَئِي ڪانہَ
پَکا کڻِي پَرانہَ، جيڪُسِ لَڏئو لووَڙِياريين.
بيت - 16
ڀِنيَ جي ڀُوڻَنِّ، ڀيڄَ ڀُڻڪو نه سُڻيان
سِنجڻَ واريُون سُتيون، وڃي ويڙِهه وَڻَنِّ
پِئا سيٽَ سَڙَنِّ، تَڙَهي ٻِنهي ڪَنڌِيين.
بيت - 17
بِيرِ کَنيائون بَرَ ۾، پِيارِينِ پَهُون
اُنِ جو سِنجڻُ ساٺِيڪنِ تي، وڏِيَ ويرِ وَهُون
پايو جَرُ جَنڊَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِ ڪَهُون
ڏِيهان ڏِينہِ نئون، مونکي وِرهُ ويڙهيچن جو.
بيت - 18
بَرَ ۾ بِيرَ سندانِ، اُڀا اَبُرَ آسري
’لاتَقنَطُوا مِن رّحـمةِ الله‘، ٿا ڪن لاتِ لِسانِ
’سُبحانَ الَّذِي اَسريٰ بِعَبدهِ‘، ساره ڪَنِ سُبحانَ
’ڪُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ الموتُ‘، بيحد ڪن بيانُ
قوتُ جَنِ جو ’والڪاظِمِينَ الغيظَ والعافِينَ عَنِ
النَّاسِ والله يُحِبُ المحسنين‘، اَمرُ تَنِ احسانُ
تَنِ کي توڙان طلبَ تهنجي، هيڪَ فڪرَ ۽ فرقانُ
سي موليٰ مڙيين مانَ، اللهُ اَجَڙ وارَ کي.
بيت - 19
سِنجي سِنجي کُوهَڙا، ويڙهي وئا وَرَتَ
مِيان! ماروئَڙَنِ جِي، مونکي هِنئڙي ۾ حيرتَ
چُڻڪِئمِ اَندرِ چِتَ، سانبيئڙا ساڏوهِيُون.
بيت - 20
سڀِ نه وڃي سُتيون، اَڃان ٿيون سِنجَنِ
پِيو سي پَهَرنِ، جي اُڃائجِي آئِيون.
بيت - 21
سَرتينِ سِنجڻ ڇڏِئو، سَتيَنِ ڳالهِه سُئي
ماڙيچِي ماڙيَنِ ۾، اَڳي ڪانه هُئي
عمرَ! آءٌ نه مُئِي، اِنَ اوڀالِئان اَڳَهين.
بيت - 22
عمرَ ٿيَمِ اَپارَ، وِرهُ وَٽيان ڪَنِ سين
سي ڏوٿيئڙا ڏورِ ٿئا، تَڳان جَنِ تَنوارَ
سِٽائُون سَنگهارَ، کُوهنِ تان کڻي وِئا.
بيت - 23
وَرُ اُهائي ويرِ، جئن ڌَڻُ تَسِي تَڙِ آئيو
سرتيَنِ ڏُٿُ سَبيلَ ڪِئو، اَڱڻِ ڍوئي ڍيرِ
هِنيين اُني جِي هيرَ، ٿو جهڄي جهَروڪَنِ ۾.
بيت - 24
کوهرَ ٿُوهرَ ٿرَ، جِتِ ساٺيڪا ۽ سَٺِيون
چارينِ ٿيون چاهِ پِيو، پاسي ڦوڳَنِ ڦَرُ
ڪئن لهندَمِ ڪَرَ، جئن مارُو پاڻ اَپارِئا.
بيت - 25
ڍَٽين پَٽين ڍيرَ، مَهيَنِ ماروئَڙَنِ جا
پائُرُ سڀُ پَچِي پِئو، گهَرِ گهاريندِي ڪيرَ
ڪوٺيين گهاري ڪيرَ، محلين مُنجهي مون هِنيون.
بيت - 26
مٿي ٿرَ رَهِي، وِئا گذاري ڏينهڙا
ڪڏهن ڪونه آئيو، تَنِ پنهوارَنَئون پَهِي
وِئڙا سي وَهِي، جَنَبُ گُذارئُمِ جَنِ سين.
بيت - 27
پاسا پولڙِيَنِ ۾، ٻانهُون سِرِ ٻيئي
اَکيون نَڪُ اَرِيجَ ري، ٽِمايمِ ٽيئي
ڏورِ ٿئا ڏيهي، پِرين پائُرَ وَٽِ ۾.
بيت - 28
مون سين ماروئڙيُون، ڪهڙيَ ريتِ رُسنديون
چوٽِيَ ۾ چيڙُ پِئو، پيَنِ رَتُ ڄَيُون
نيڻين ننڊَ وِهُه ٿي، ساري ساڏوهِيُون
هُتي جي هُيون، ته سُڌِ پييَنِ سِيلَ جي.
بيت - 29
ٿاڄا ٿرَ ڀَرَ جهَلَ، پِپُون پائرَ وَٽِ ۾
سيئي سارِئو سومرا، اَچي آبُ اُڇَلَ
تَنِ سانبيَنِ ڏنمِ سَلَّ، ڏٺي جَنِ ڏينہَ ٿئا.
بيت - 30
سَتِي تُهنجي سَت ۾، ڳالهه گهُرجي ڳَچُ
وَڍِئو چِيرِئو چِچرِئو، پَرِ ۾ اُڀِي پَچُ
ساڻُ اَمانتَ اَچُ، ته ٿيين سَمانِي ساڻيهَه ۾.
بيت - 31
جهُران جهَڄان تي، جئن پَسَڻائِي پَري ٿئا
اَلا! اوٺِي آڻيين، جو کِينءَ جِي خبرَ ڏي
مَنَ مهنجي کي، واڪو لَهي ويڙِهه جو.
بيت - 32
نه ڪا جهَلَ نه پَلَ، نه ڪو رائُرُ ڏيهَه ۾
آڻِئو وِجهنِ آهُرين، روڙِئو رَتا گُلَ
مارو پاڻِ اَمُلَ، مَليرونِ مَرڪَڻو.
بيت - 33
اِيَ نه مارُنِ رِيتِ، جئن سيڻَ مَٽائينِ سونَ تي
اَچِي عمرڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانه ڪُرِيتِ
پَکَنِ جي پِريتِ، ماڙِيَ سين نه مَٽِيان.
فصل نھم
بيت - 1
جيڪِي سَتِيَنِ سِيرُ، ناته ڪينَ وِهنديَسِ ڪوٽَ ۾
سِپَ سَمنڊين سَپجي، نَدِيَ پِيي نه نِيرُ
جئن هُ اَبرَ آسري، تئن مون مَنِ مليرُ
جي کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، ته اَمانتَ اُتِ وڃي.
وائي - 1
مون مَ کَسيجا، مون مَ کڻيجا لوئِي، ميان عمر!
ساڻُ پُلا نه پاريان، سَندِي ڏؤنرَنِ ڏوئي
ڪانڌُ نه ڪَنديَسِ ڪو ٻئو، مون وَرُ مارو سوئِي
کوءِ سي طعام تَني جا، وَرُ سا ڏونرَنِ ڏوئِي
جهانگِي جي جهنگنِ جا، سي نه ڪميڻيَ سيئِي
بيت - 2
جَرَ ۾ سِپُون جئن، آهينِ اَبرَ آسري
جئن ڪونجُون سارينِ روهَه کي، مون تَنَ اندرِ تيئن
هُتِ وعدا وڃڻَ جا، هِتِ نه ڀانيمِ هيئن
ڪوٺيَنِ وِهان ڪئن، جي نظر بندياڻِي نه هُئان.
بيت - 3
سِپَ سَمُنڊِين سَپجي، اَبرُ آساروسِ
ٻاڙو پِيي نه ٻِپُڙِي، مِٺو منہِ لڳوسِ
ماڻڪُ تي مِلئوسِ، جئن تنگَ ڪڍِئائين تارِ ۾.
بيت - 4
سِکو سڀَ سرتيون، سِپنُ مُلا سيلَ
ٻِئو مَٽائي نيلُ، اُڀِيُون اَبرَ آسري.
بيت - 5
سِکو سِپنُ کان، سرتيون رِيتِ سِڪڻَ جي
مَڱنِ جَرَ مٿان، اوري ڪَنِ نه آسرو.
بيت - 6
پَهرِي راتِ پَسِي، مون ماڙِيَ مَنُ ڦِڪو ڪِئو
مُوهَرِ ماروئڙنِ کي، واحدَ ڏيجُ وَسِي
آهَرَ جِنہ اَسين، سو ملندو شالَ مليرَ ۾.
بيت - 7
جهُڙڦُڙِ مٿي مارُئين، جِتِ چِيها چِلُرَ چِڪَ
اندرِ ٿو اُڃَ مَري، ساهَه اُنِي جي سِڪَ
پِيان شالَ پَيُون ڪري، تِئان ڏيئي نِڪَ
وَرءِ پِريان سين پِڪَ، ٻِئا ڀاڻَ ڀَرئائِي گهورئان.
بيت - 8
جهُڙڦُڙُ جِت ٿِيانِ، اُتِ اَڏِئائون پَکڙا
هِنَ مهنجي حالَ جو، قدرُ نه ڪيڻانِ
جيڪُسِ آءٌ وِسريانِ، مارو قُوتَ قرارِئا.
بيت - 9
اُٺي ٿي وَراڻِ، کِيَّن واڌايُون آئِيُون
لَٿِي لووَڙِياريين، مِڙَنِين مُنہَ ڪاڻِ
صُلحُ وارِئو سومري، چَئِي پهنوارنِ پاڻِ
حميرِنِئون پاڻِ، مُهُتُ لهنديين مارُئي.
بيت - 10
سدا جَنِ پَرياڻُ، پانڌِيَ پَکي لَڏَ سين
مارو کُڻَنِ ساڻ، وِئا ٿَرِ اُڪري.
بيت - 11
اُٺَنِ مِينہَ گهڻا، ٿِينِ موڪَ مليرَ ۾
اَکيون آبَ ڀَريُون، اُنَهِين کُوڻِ کَڻا
مارُنِ شالَ مِڙان، ڪوٺِيون ڇڏي ڪڏهين.
بيت - 12
ڪِنہ تَڙ ڏيهائِي، ڪِٿي اُٺَنِ مِينهڙا
مون وٽِ مون پِريَنِ جي، ويهِي ڪَرِ وائِي
آءٌ اڳَ ڍائِي، سَنيهو سُڻِي ڪري.
بيت - 13
سَچِ ڪِ اُٺا مِينہَ، مُونهان پوءِ مليرَ ۾
ڏوٿيَنِ لايا ڏِينہَ، پَهرِئا جي پُسِيَ کي.
بيت - 14
جيڪُسِ اُٺا مِينہَ، مونهان پوءِ مليرَ ۾
ڪالهه سڄو ڏينہُ، مهنجي اکڙيَنِ اُڪيرئو.
بيت - 15
تِنہ پَرِ اُٺَنِ مِينهڙا، جِنہ پَرِ گهُرئائون
رضا جا رحمٰن جِي، پُڇِي پارئائون
مليرُ ماڻئائُون، حُڪمَ ساڻُ حبيبَ جي.
بيت - 16
تَنِ ساڏوهيَنِ سَڌَ مَران، ڏِنگا جَني ڏارَ
ڀُڻِي ساڻُ ڀَتارَ، پائُرَ پيرون چُونڊيان.
بيت - 17
ڌُرئان ئِي ڌارَ، وڍي وَڻَ جُدا ڪِئا
سُڪَنِ ڪهڙِي سارَ، ته ڪي اُٺا مينہَ مليرَ تي.
بيت - 18
مَليران مارُو، پَکِي پيهِي آئِيو
وَرِئا واهارُو، هاڻُون سَڀِ هِيڻا ٿئا.
بيت - 19
آيو ڪيرُ ڏيها، جِنہ ڪَرَ پُڇان خَبرُون
وِڄُون اِنَ وَڻاءِ، راتِ ماروءَ تي وُٺِيُون.
بيت - 20
مون ماڙِيَ جو سومرا، ٻِنهي پارين ڏُکُ
هِتِ عمرَ جو اَهُکُ، هُتِ مارو ڏِينَمِ ميهڻا.
بيت - 21
عمرَ! اَڄُ گَڏِئامِ، ڏوٿِي اُنَهِين ڏيہَ جا
پارانڀا پِريَنِ جا، اُڀِي اُنَ چَيامِ
لَهِي لوهَ پئامِ، لطفَ ساڻُ، لطيف چَي.
فصل دھم
بيت - 1
زُمِرِ زُخرِفِ سومرا، حَمدُ جَنِي جو هنڌُ
’اِهدِنَا الصّرِاطَ المُستَقِيمَ‘، اِيُ پهنوارَنِ پَنڌُ
بارِ: لاهيين بَندُ، ته مِلان ماروئڙَنِ کي.
وائي - 1
مهنجو مَنُ ماروءَ ڏِٺڙي رَچي
الا! مون اِلٰهي! عمر سين سِيلُ نِڀايو سَچي
کنڊون کائِي کيرَ سين، ماروءَ رِيَ ڪئن مَچي
مٿي ماڙيَ مارئي، لَئي پهنوارَنِ پَچي
اَچڻُ وَسِ نه مهنجي، جي آڻايوسِ ته اَچي
ڦوڳَ ڦِڪائِي جا ڪِي، ڪوڙُ ڳالهايو ڪَچي
بيت - 2
زمر زخرف سومرا، قُلُ جَني جو قُوتُ
’فَاذڪُرونِي اَذ ڪُرڪُم‘، سدا تي ثابوتُ
لَنگهِئو جَنِ لاهُوتُ، تَنِ پَکا پائُرِ اَڏِئا.
بيت - 3
زمر زخرف سومرا، سَڀيئِي مهنجا سيڻَ
وَرُ ڏُٿُ ڏاڏاڻي ڏيهَه جو، گوءِ اُنِي جا کيڻَ
وَرَ ويڙهيچا ويڻَ، کوءِ سونُ تهنجو سومرا.
بيت - 4
زمر زخرف سومرا، سڀيئي مهنجا سيڻَ
تَمَرُ بِرُ بِريان اُنِ جا، کاڄَ خُرما کيڻَ
نِتِ ٽِمايمِ نيڻَ، بَرَ جي بَدوِيَنِ لاءِ.
بيت - 5
زمر زخرف سومرا، سڀيئي سيڻَ سندامِ
بَندَ ۾ بدويَنِ لَئي، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ
عمرَ! اَباڻَنِ کي، ڏٺي ڏِينہَ ٿئامِ
ويڙهيچا وجودَ مان، ڪِنہ ويلَ نه وِسرئامِ
پانڌِي روزُ پُڇئامِ، اُڀِي اَباڻَنِ جا.
بيت - 6
زمر زخرف سومرا، سڀيئي سيڻَ رَهنِ
بندَ ۾ بدويَنِ کي، اَکيُون رتُ رُئَنِ
ڏوٿِي ڏاڏاڻي ڏيهَه جا، اَلا! ڪي اَچنِ
مونکي خبرَ خيرَ جِي، سندِي ڏيهَه ڏِيَنِ
اَرو اکڙيَنِ، آهي اَباڻَنِ ڏي.
بيت - 7
زمر زخرف سومرا، عَيشُ اَعرافِيَنِ
’اِنَا فَتَحنَا اَلَّذِينَ‘، قَلُوبان ڪَهَنِ
لَحمُ لَبَنُ گَڏ ڪِئو تَمَرُ تاڪُلُ ڪَنِ
سدائين، سيّدُ چَي، اَنُّ نه چَکِئو اُنِ
عمرَ! بَندِياڻِيَنِ، لاهي لوهَ نه ڇڏِيين.
بيت - 8
زمر زخرف سومرا، مارُو مون مَڻيادار
’اُولٰئِڪَ اَصحابُ الجَنَةِ‘، ماڳَ سندن موچارَ
’وَ سَقٰهُم رَبُّهُم شَراباً طَهُورا‘، پِيَنِ پُوڄ پهنوارَ
ويروتار وجودَ ۾، پِريَنِ جي پچارَ
سَٻاجها سَتارَ، مونکي مارُن ميڙِيين.
بيت - 9
زمر زخرف سومرا، حَدُنِ ۾ حُجراتِ
سورنِ جا سَرتيون، رَعدِ مُڪائِمُ راتِ
هميشہ هِجر ۾، لَئَنِ لطيفي لاتِ
مون تَنِ تَنِي جي تاتِ، اورڻُ جَنِ جو اَحقافَ ۾.
بيت - 10
زمر زخرف سومرا، سانبِي سارِئمِ راتِ
رَعدِ ڪَريندي رَعدِيُون، هَلنِ ڏُونہُ حُجراتِ
سَبَحَ سجده پيچَري، لَئَنِ لطيفي لاتِ
مون تَنِ تَني جي تاتِ، اورڻُ جَني جو اَحزاب ۾.
بيت - 11
زمر زخرف سومرا، مارُو مؤمِنِ پاسِ
اعرابِي احقافَ ۾، رَهِي ويٺا راسِ
مارُنِ مُلا ماڙِيين، ڪِنہ ايرادي آندِياسِ
وطنِ آءٌ وِيندياسِ، وَرِئو ورقُ وصالَ جو.
بيت - 12
وَرئو ورقُ وِصالَ جو، موڪلَ ٿِي مون
’لَحمًا طَرِيًّا وَ تَستَخرِجُونَ حِليَةِ
تَلبَسُونَهَا‘، تَنَ ۾ تونهِين تون
مَنَ منجهارا مون، مارُو ڄامُ مليرَ جو.
بيت - 13
فاتِحَه بَقَرَ سومرا، جَڙِئائون سين جانِ
اَپَرِ آلِ عِمرانَ ۾، قربُ ٿئو ڪيڻانِ
سُخُنُ جي سَندانِ، سيئِي ويٺِي سارِيان.
بيت - 14
فاتحه بقرُ سومرا، وطنُ ويڙهيچَنِ
نَحلِ، حجِرِ، بَنِي اسرائيلَ، اِيُ پنڌُ پهنوارنِ
سجده، اَحزابِ، سَبا، مَنجههِين رُومَ رَهَنِ
نيئي اَڏِئا اَمنَ ۾، پَکا پَهنوارنِ
مونکي منجها تَنِ، پِئا لوهَ، لطيف چَي.
بيت - 15
اَڄُ پڻ آندِيون اوٺيين، ڪِتابَتُون ڪي
ڳالهيون ڳوٺايَنِ جيون، سُڻِ تون عمرَ سي
’نُونِ وَلقَلَمِ وَ مَا يَسطَرُونَ‘، پاتائون پيرَ پَري
حٰم، طس، يٰس جا، اُهڃَ ڏِنائون اي
موڪل ڏي مونکي، ساڻيهَه جِي، سيّد چَي.
بيت - 16
توبَهَه جَنِي تَنَ ۾، اندرِ تَنِ اَنفالِ
يُونِسِ رکِي جانِ ۾، ڪَيَئون حقيقتَ حالِ
جي وِڌا هُودَ وِصالَ، سيئِي سانبِي سومرا.
بيت - 17
توبہ جَني تَنَ ۾، نَمِلَ نِهارِينِ
’قُل ياقَد سَمِعَ جا ثيہ‘، دُخانِ پاسِ ڌَرينِ
تَبارَ، تَبَّت، اِذاجاءَ، اِذا زُلزُل سين اورِينِ
جيڪِين پَهنواريون پَرهِينِ، سومُيَسرُ ناهِ مليرَ ۾.
بيت - 18
توبہ جني تنَ ۾، نَمِل نِهايَتَ
اَعرافِ، اَنبِيا اَباڻَنِ کي، فاتِحَ ۾ فرحتَ
لقمانِ جاءِ، لطيف چَي، سجدة ساڻُ صحتَ
نِساءِ نِيَتَ، مونکي مارُنِ ميڙيين.
فصل يازدھم
بيت - 1
جُہ لوڙائو ٿِئا، جَني ڀَرِ رَهنِ
مارُو منجهه ٿرنِ، رَهِي رهندا ڪيترو.
وائي - 1
تَپُ تَڙِئائِين، سَمُنڊِين وِڌائِين،
نِئائِين مَرضُ مومنَنِ تان
اَگها سڀِ سَگها ٿئا، ڏُکَندو ڏُورِ نِئائين
گِرو ۽ گودڙيَنِ جِي، سِلڪَ صحتَ ڏِنائين
ميڙي مريدَ پاهنجا، رحمتَ هيٺِ رَکِئائين.
وائي - 2
مون مَنُ مارُوءَ جو، مارُوءَ جو مهنجو
مُنہُ مهنجو سومرا، مَرُ ميروئِي هوءِ
ڌوتوئِي ڌورَنِ ۾، مَتان مارُو چُوءِ
لارُون جي لُڙڪَنِ جِيُون، کَڻِي وڃان توءِ
وائي - 3
وِساريان ڪئن، هي کُوڻَ مارُن جا
آءٌ وِساريان ڪئن، هِيَ سوڳ سانبيَنِ جا
مِينڍا ڌوئي نه مارئي، سيرِيا سرتيَنِ سي
ڇَتا مُورِ نه ڇوڙيان، جيڏيَنِ جَڙيا جي
مونکي ماروئڙن کي، ڏِٺي ٿِيَڙا ڏِينہَ
اُجاري اڇو ڪِئو، نِيَرَ مهنجو نِينہُ
اُتي، عبداللطيف چَي، مَر ٿا وَسَنِ مِينہَ
بيت - 2
جُہ سي لوڙائو ٿِئا، جَنِي سَندِيَ ڌِيرَ
ماروئڙا فقيرَ، ڪِنہ دَرِ ڏيندا دانهڙِي.
بيت - 3
وطنُ مون مليرُ، قَضا آنديَسِ ڪوٽَ ۾
چانڪِ پِيَنديَسِ پريَن سين، پائُرَ جو پَنيرُ
هاڃان ڪِئو حَميرُ، بِاللهِ ني ٿو بندَ ۾.
بيت - 4
سَهمَ پَسان ٿي سومرا، پِريَنِ رِيَ پيهِي
مُلِ رَساڻي مارُئيين، مونکي ڪو نيئِي
ته ساڻُسِ سڀيئِي، ڳُجهُه ڳَرَهِيان ڳالهيون.
بيت - 5
جي گهَرِ گهارِئَمِ ڏينهڙا، هيڪاندِيَ حُضورِ
سيئِي سِڪان سارِيان، پَچان پائُرَ پُورِ
حَميراڻا هَٿَڙا، ڪِينَ مَڃينديَسِ مُورِ
سَنجهي سَتِ گُذارِيان، اَچين شالَ اسُورِ
ڌاران ٿِيان مَ دورِ، مارُو ڄامَ مليرَ جا.
بيت - 6
اَتِ اُڪَنڊِي آهيان، عمرَ آءٌ اَڪاڄِ
سومرا سَڪاڄِ، جهَلِ مَ بَندِ جهِڄنديُون.
بيت - 7
اَڄُ اَڍَڪا ويڻَ، مونکي مُڪا جيڏِيين
هارِي! حميرنِ جا، جيڪُسِ کاڌَئِي کيڻَ
سانبيئڙا ۽ سيڻَ، ڪِ تو وِئا وِسرِي؟
بيت - 8
ويٺِي ڪوٽَ وَٽِنِ ۾، ڪامَڻِ ڪُواري
مليرُ سارِئو مارئي، رويو رُئاري
اَلا! اوتاري، مُنڌَ ماروءَ جي ميڙيين.
بيت - 9
جيها جي تيها، مون مارُو مَڃئا
مون جيڏيون مليرَ ۾، چُونڊِينِ موڪَ مِها
مهنجِي آهَ اِها، ڪڏهن ڪيرائيندِي ڪوٽَ کي.
بيت - 10
ماروءَ پاسِ مليرَ ۾، ڌوئِي مَرُ مَران
پاڻِي واري پاهنجو، ويِندِيائِي وَران
ٿورو منجهِه ٿَران، هوند لَڳي لووڙِيارِيين.
بيت - 11
ماروءَ پاسِ مليرَ ۾، هميشہ هُئانِ
پيرين تي پُئانِ، نَيَ وِهاڻيَ نُورَ سين.
بيت - 12
مائٽَ مهنجا سومرا، مارُو نه ميرا
اُٿِئو ڏِينِ اَسُورَ جو، ڀِٽُنِ ڀَرِ ڀيرا
پهنوارنِ پيرا، وِڙُهه م ويڙهيچَنِ سين.
بيت - 13
ڪِئن ڌُئارِيان ڌَٻَرا وِينديَسِ ڪِنہ نه وِنهاءِ
مون مُلِ مارو ناهِ، اَڇا اوڍِيان ڪَنِ کي.
بيت - 14
اَکڙِيون مليرَ ڏي، جَنِي راتو ڏِينهَن
هاڻي ڪندِي ڪيئن، عمرَ! آسائُنِ سين.
بيت - 15
ڪانڌُ نه ڪنديَسِ ڪو ٻِئو، کَٿيروئِي خُوبُ
ميروئِي محبوبُ، اسان مارو مَنَ ۾.
بيت - 16
مُنہُ مهنجو سومرا، مَرُ ميروئِي هوءِ
متان مارو چوءِ، ته ڌُوتَئِي ڌونرَنِ ۾.
بيت - 17
جي لُوڻُ لِڱَنِ لائِيين، چِيري چِيري چَمُّ
مون ڪُرَ اڳي نه ڪِئو، اِهڙو ڪوجهو ڪَمُّ
جان جان دعويٰ دَمُّ، تان تان پِرتِ پنوهارَ سين.
بيت - 18
تِنہ کُوڻِ ٿي کِواءُ، جا ڏِسِ ڏاڏاڻَنِ جي
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رويو راتِ وهاءِ
سوٺا ڪِيمَ سَهاءِ، عمرَ بندياڻِنِ کي.
بيت - 19
جِتِ ڀُنگا، ڀِٽُون، ڀيڻِيُون، تِنہ کُڻِ ٿِيُون کِوَنِّ
پائُرَ سڀِ پُسائِيو، وَسِي وِڄُڙِيَنِّ
مارُوءَ ري مَ مَرَنِّ، اَلا! آسائِتِيُون.
بيت - 20
جِتِ ڀُنگا، ڀِٽون، ڀيڻيون، تِنہ کُڻِ ٿِي کِواءِ
سا وِڄُ پَسِئو وِندُران، مون رُوندي راتِ وِهاءِ
سِيليتِيَنِ سُهاءِ، مارُو جو مليرَ جو.
بيت - 21
پَهَرِي ڪِئا پَٽنِ ۾، وِڄُڙيَنِ واڌاڻا
سُورَ اُنِي جا سومرا، مونکي اَندرِ اُڌاڻا
اُٺِي وِئڙا اُڪِري، عمرُ اَباڻا
ٻَڪرَ ٻاٻاڻا، پَسان شالَ پَرِ ڪَهِين.
بيت - 22
وڄُڙيَنِ ويسَ ڪِئا، موٽِي آئِي مُندَ
اکيون اَباڻنِ ڏي، بَسِ نه ڪَرِينِ بُندَ
هِئَن نه ٿِيَسِ هُندَ، جي ڪَرَ لَڌائُون ڪڏهين.
بيت - 23
جهُڙِ ڦُڙِ مٿي مارُئين، جِتِ چِيهو ۽ چِڪَّ
اَندرُ ٿو اُڃَ مَري، ساهَ اُنِي جِي سِڪَّ
پِيان شالَ پَيُون ڪري، تِئان ڏيئِي تِڪَّ
وَرُ ماروءَ سين پِڪَّ، ٻِئا ڀاڻَ ڀَرِئائِي گهورِئا.
بيت - 24
جِتِ کَرڙَ کَٿا ۽ کاهِيُون، پالَ پَڪا ۽ پِڪَّ
سَرهيُون سي سَرتيُون، جي حاضُر پاسي حَقَّ
کِينڪارِيان سڀَ خَلَقَّ، جي ٿرِ-ڄائِيُون ۾ ٿُوهرين.
بيت - 25
پَڪا پنوهارَنِ ڏي، ميوا مَڃرَ مَڪَّ
عمرَ اَتِ اُڪَنڊِئو، حالُ هماري حَقَّ
لوئِي ۽ لَڪَّ، سَمُنَ سُپيريَنِ سان.
بيت - 26
پانڌِي پِرِيَ پنوهار کي، چَئِمُ تِئن چَئيجُ
سَندا سَنگتَ ڏِينهَڙا، وَرَ مَ وِساريجُ
ڪوٺِيَنِ ڪُٺِي آهيان، سِگهِي سارَ لَهيجُ
مُٺِ مانڌاڻِيَ مَئيجُ، ته نِيَرنِ ۾ نئون ڪريان!
بيت - 27
پانڌِي پِريَ پنوهارِ سين، روئِي ڪِجُ رِهاڻِ
جئن ٿرَ وِڄُون اُٺِيُون، تئن آءٌ سُورَنِ ساڻُ
ڪِجاهُ ڪاوَراڻِ، ڏُکنِ ڏِيلُ ڏَهيُون ڪِئو.
بيت - 28
پانڌي پريَ پنوهار جا، جان ٿو وَڃين وَسَّ
ساري ڏيجُ سَرتيين، سَلامَنِ سَهَسَّ
آءٌ اَوانهِجِي آهيان، گولِي مٿي گَسَّ
ويٺِي ڪريان وَسَّ، ايڏي جي اَچڻَ جا.
بيت - 29
پانڌي پريَ پنوهارَ جو، مون وَٽِ جي آئو
اُٺا مِينہَ مليرَ ۾، ٿِئو سڀَ ڏيہِ سهائو
ٻاجهَرِ پَڪِي ٻاجهَه ٿِي، لَٿو ڏولائو
جو سَرتيُنِ ساڃائو، سو هِنيون هِتِ نه وِندُري.
بيت - 30
پانڌي چَئِجُ پِرِيَ کي، جورِ هَڻِي جانا
پَيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪَرايَنِ ڳانا
آن رِءُ اَمانا، گهَنگهَرِ گهارِيان ڏِينهَڙا.
بيت - 31
پانڌي پريَ پنوهار جا، ڏِجُ نِياپو ني ڪي
ساري ڏِجُ سَرتيُون، يادِ پَوَنيئِي جيڪي
وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، ڪِرڙَ پَڪا ڪي ڪي
سَڱرُ کِينِ سَرتيُون، سييَنِ جئن سيڪي
زيرَ ڀَڃِي جيڪي، مِلان ماروئڙَنِ کي.
بيت - 32
مارئِي ناهِ مليرَ ۾، نَڪا وَٽِ حمِيرَ
پُنوهُ ڪونهي ڪيچَ ۾، نَڪِي سِنڌُ اَميرَ
مومَلَ ڪانهين ماڙيين، گَنجي ناهِ فقيرُ
وَرُ ڇڏِئو، واهُڙُ تَرِين، ساهَڙُ منجهِه سَرِيرَ
قُٻَنِ ڪِينهين پِيرَ، مُرشِدَ مَساڻَنِ ۾.
بيت - 33
جي هُت هُئي مارئِي، ته لَڌيَمِ ڪَرَ ڪيڻاسِ
اَرداسِئُمِ عمر کي، ويجهو ٿِي وَٽاسِ
جي نه ڇڏِيائين ڪِين جهَليائين، ته پهنجو اَنگُ آڇياسِ
لاهي لوهَه، لطيف چَي، هِتان هُندَ هَلانسَ
موکي مليرَ سامُهِين، وَٺِي پاڻَ وڃانسِ
رهبرُ ٿِي رييانسِ، هُندَ سُنهاري ساڻيہَ ڏي.
بيت - 34
نَنگا آهِيُون نِڱِئا، اَسين مارُو لوڪَ
ٿَر کي ڀايُون ٿوڪَ، جا ڍَڪَ ڍاٽيَڙَنِ جي.
بيت - 35
اوڏا جان هُئا، تان نِتُ نِياپا آئِيا
مارُوئَڙا مليرَ ڏي، واري واڳَ وِئا
تَنِي ڏُوهَ ڪِئا، ڏيئِي ڏوراپا چائِيان.
بيت - 36
کَنيائون کائُڙَ ڏي، ساري هاجَ هِئا
لاهي لَڏَّ، لطيف چَي، پَرِيين ٿرِ ٿِئا
ڇڏي ڳُڻَ وِئا، مارُوئڙا مليرَ ۾.
بيت - 37
جئن ڳَنڍِيُون منجهِه ڳَنڍِيرَ، تئن مون مَنُ ماروءَ سين
سي ماروئڙا ٿرِ ٿِئا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَهِيرَ
تَنِي ريَ حَميرَ، گهَنگهَرِ گهارِيان ڏِينهڙا.
بيت - 38
جئن ڳنڍيُون منجهِه ڳنڍيرَ، تئن مون مَنِ ماروئڙَنِ جِيُون
ڏِنيُون لَسَّ، لطيف چَي، هِنيَڙي کي حميرَ
وڃِي منجهِه مليرَ، سڀِ ڇوڙِينديَسِ سومرا.
بيت - 39
سي ٿاريلا ٿرَن ۾، جي مان گهَٽُ گهُري
وطنُ وَسَ وَسنديُون، هِنيَڙي نِتُ هُري
اَندرِ چِتَّ چُري، وِرهُ ويڙِهيچَنِ جو.
بيت - 40
وَهِيان ٿِئَنِ وَٿاڻَ، ڏوگاهي هُئانِ جي
اُوءِ ڀيڻِيُون ۽ ڀاڻَ، موٽِي مارُنِ اَڏِئا.
بيت - 41
ٿورا منجهِه ٿرِنِ، مون سين ماروءَ جي ڪِئا
عمرَ اُنِ ڳُڻَنِ، آءٌ ڪِئن لوئِي لاهِيان.
بيت - 42
هَڏِ نه پَڙان هيڪڙي، ٿوري ٿرَ ڄايَنِ
مونکي مارُوئڙَنِ، ميرِي ڪري نه مَٽِئو.
بيت - 43
نِيَرُ نه لَهي نِيہَ جو، لُهَه جا وِئا لَهِي
ڪُنجيُون جي ڪُلفَنِ جِيُون، سيڻنِ هٿِ سَهِي
وِئڙا راڄَ رَهِي، ڏِيان ڏوراپا ڪِنِ کي.
بيت - 44
نِيَرُ نه لهي نينہَ جو، لُهَه جا لَهِي وِئا
مارنُ ڌاران مليرَ ۾، مون ڏُهلا ڏِينہَ ٿِئا
ڏيهِي ڏُورِ وِئا، ڏيان ڏوراپا ڪَنِ کي.
بيت - 45
سُڻِي ساڻيہَ ڳالهڙِي، وِهُسي ويڙيچِي
سڀِ سُڌِ پييَمِ سومرا، هِتي هُتي جِي
ڀينَرِ ۽ ڀيچِي، سَوايا سارِينِ مون.
بيت - 46
سُڻِي ساڻيہَ ڳالهڙِي، لَهِي وِئا لوهَه
اَندرَ جا اَندوهَه، لَٿا ڏُکَ، سُکَ ٿِئا.
بيت - 47
توکي توڙائِين لِکِي، عمرَ اَڇائي
جِنہِ تو سامائِي، مامَ ته ڀَڳِي مارُئين.
بيت - 48
وِئا ڳُڻنِ ساڻُ، ماروئڙا ٿرِ اُڪرِي
تَنِ پُڄاڻا هاڻِ، آءٌ جاڙَ جِيان ٿي جيڏيُون.
بيت - 49
ڇڏِ سَٻَرايُون سومرا، عمرَ لڳِ اَللهَ
ٿِئَمِ نه ٿورا ڏينهڙا، ماڙيين گهارئَمِ ماهَ
سِڪَ مهنجي ساهَ، ماروءَ جي مَسَّ لَهي.
بيت - 50
مَ ڪِين رو، مَ رَڙُ ڪِين، هنجهُون هَڏِ مَ هارِ
تو تان بندُ بِدا ٿِئو، ٻيڙيُون نيئِي ٻارِ
پَهچندِيين پنوهارِ، سِڪِي سنگهارنِ کي.
بيت - 51
مَ ڪين رو، مَ رڙُ ڪين، مَ ڪِين هنجهُون هارِ
جِهڙا اَچنِ ڏينهڙا، تِهڙا ويٺِي گهارِ
ڏُکَنِ پُٺِيَ سُکڙا، سِگها ٿِينِ سنگهارِ
لَٿا لوهُه، لطيف چَي، پَرُوڙِجُ پنوهارِ
ٻيڙيُون نيئِي ٻارِ، تو تان بندُ بِدا ٿئو.
بيت - 52
مَ ڪين رو، مَ رڙ ڪين، مَ ڪين ڪَرِ دانهُون
سُتي لوڪُ، لطيفُ چَي، ٻَئِي کَڻِجُ ٻانهُون
لَڌِيي جِتِ لائُون، سو ڏيہُ پسندِيين مارُئي.
بيت - 53
مَ ڪين رو، مَ رڙڪين، مَ ڪين ڪَرِ ڪِيهُون
اُٿِي اَچنِ اُتهِين، وانڍَنِ جِيُون وِيهُون
ميڙِيندُئِي مِيُون، مِينهَنِ اُٺي مارئي.
بيت - 54
لووَ ڙِيارِي آهيان، وارِيان تان نه وَرِقُّ
سانڍِئُمِ سُپيريَنِ لَئي، لوئِي اَندرِ لَڪُّ
سندو مارنُ حَقُّ، جان جِيان تان پاڙِيان.
بيت - 55
چِڪِي چِڪئَمِ چاڪَ، وَنهِينِ ويڙيچَنِ جا
واجهِيندي وِصالَ کي، فنا ڪِيَسِ فراقَ
سيئِي سارِئَمِ سومرا، ٿرَ جَني جا ٿاڪَ
ماروءَ جِي اوطاقَ، گهَڻو اُڪَنڊِي آهيان.
بيت - 56
اَڄُ پُڻ چِڪئمِ چاڪَ، وَنهينِ ويڙيچنِ جا
سُورنِ اَچِي سومرا، اَندرِ ڪِي اوطاقَ
ماروءَ جي فراقَ، هَڏَ مهنجا ڪَپِئا.
سرود ڌناسري
فصل اول
بيت - 1
تو تي لَڄَّ لطيفَ، هِنَ مهنجي حالَ جِي
ڪينَهنِ ٻِئا قَريبَ، ڌاران تو دوستَ مون.
وائي - 1
ڪونَ ٻُجهي ڳُجهُه دِلِ دا، هادِي بِنا ڪونَ
ٻُجهي ڳُجهه دِل دا
اَللهُ والِي ڪَرَمُ ڪَرينگا، ربُ دلين دا قُفلُ کُلينگا
اِهي ڳالِهيان چڱِيان لوڪو، يار اسان ڏا دِل دا
لامُ ازل ڪَنُون عشقُ پِنئوسون، نام سائين دا دَرس ڳِڌوسون
تِکِي رمز نيڻان دِي لوڪو، لوڪُ واقف نهين دل دا
بيت - 2
مِيان صاحِبَ پِيرَ مهنجا، ڀَلا ڀِٽَ ڌَڻِي
تهنجِي آهِ تَڻِي، ٻِي ڪَنڌيِ سارِيان ڪانَڪا.
بيت - 3
ميان صاحبَ پيرَ مهنجا، موچارا مُرشدَ
هوءَ لَنگهايُون حَدَّ، سُڄي جا صِراطَ ٿِي.
بيت - 4
ميان صاحبَ پيرَ مهنجا، مُرشدَ موچارا
رَکِين ڀِيڙَ ڀِتِنِ کان، سيّدَ سُونهارا
اَسين تو وارا، داڙُو ٿِيُ دَرگاهَ ۾.
بيت - 5
تون داڙو ٿي درگاهَ ۾، ڪَرِ وِلَهنِ تي وَرِّ
سيّدَ لَنگهايُون سيگهَه مان، سُڄي جو مَحشرُ
دائمُ جهَلئُمُ دَرُ، مانَ عيبَنِ کان آجو ٿِيان.
بيت - 6
پِنبِڻيُون پيرَ ڪري، سَنبَہُ ڏانہَ سيّدَ
جُمون شاهُ جمالَ جو، عبداللطيفِي عيدَ
مٿان مون مُرشِيدَ، قَرضُ لاهِ قُٻي ڌڻي.
بيت - 7
ميان صاحبَ پيرَ مهنجا، سَڏُ سُڻجُ تون شاهَ
آءٌ اَوهان جو آهيان، ڪا مِهرَ ڪَرِهو مان ڏاهَ
اَکيُون لَڳِ اَللهَ، کَڻ پازِيَ ڏي پاهنجيُون.
بيت - 8
پِنبڻيُون پيرَ ڪري، پُرِ پِيراڻِي پارِ
ڏِٺي جَنِ ڏُئارِ، رَهِي نه رَتِي جيتري.
بيت - 9
پنبڻيون پير ڪري، پُرِ پيراڻي لوءِ
سيّد چَي، سَڀين پَرين، مُرشد مِٺو هوءِ
جي آيا اَڳي پوءِ، سي رَسِئا حقُ، حبيبُ چَي.
بيت - 10
سارِيان سَگهَه نه ڪا، زورُ نه ذري جيترو
مَٿان مون مَ لاهِ، پِيرَ! پهنجا هَٿڙا.
بيت - 11
مون تهنجو آسَرو، مون تهنجو ڏَڍُ
مَٿان مون مَ ڪَڍُ، پيرَ! پهنجا هٿڙا.
بيت - 12
مون تهنجو آسرو، مون تهنجي آسَ
ڪَريين ڪِيمَ نِراسَ، تَنِ پڻ تهنجو آسرو.
بيت - 13
وَسِيلو نه وَسُ، ڀُنگي ڀَرُ نه سارِيان
پَتَڻُ ڏيندو پاتِڻِي، اَهکِيَ ۾ اَوَسُ
حالَ همارو پَسُ، سندا رُوندَنِ راڄِيا.
بيت - 14
اولي لَڳو اوڙِ، پانڌِيئڙا پِيرَنِ جي
توکي نِيندا توڙِ، پَلئي لائي پاهنجي.
بيت - 15
سيّدُ سُڃاڻِي، ڪُہُ نه پُرين پَهَيَڙا
اُهکِيَ ۾ آڏو ٿِيي، سُڃنُ ۾ ساڻِي
لائقُ لَلاڻِي، پِيرُ وِلايَتَ وِتَرو.
بيت - 16
وَنءُ لَلاڻِيَ لوءِ، جِتِ وِلايَتَ وٽَ ٿِيي
معرفَتَ مڪانَ ۾، وَڻِ ٽَڻِ وائِي چُوءِ
ساٿِيَ ني سَڀڪَهِين، پاندِ پِنئو ٿو پوءِ
سيّدُ پِيرُ سَندوءِ، مانَ پَسِي حالُ هٿُ کڻي.
بيت - 17
اَڇا پِيرَ سندامِ، آءٌ ميريائي مَ ٿِيان
وَهرَ صَحِيُ ڪندامِ، اَڳَ وِسُوڙِي آهيان.
بيت - 18
واهَرَ ڪَرِ ورِي، پِيرَ مهنجا مَکڻا
اسان تو رِيُ ناهِه ڪا، ڳُجهاندَرَ ڳَرِي
دستگيرَ دَرِي، اُپَٽِ ڪا احسانَ جِي.
بيت - 19
اَجهو جي آڳُ، آهِمِ پهنجي پِيرَ جو
سَنؤن تَنِ سَڀاڳُ، اَڳي جَنِ آڙکِئو.
بيت - 20
آءٌ پِيراڻِي آهيان، پاڻِيَ ڍوئِي پاڻَ
هٿِ-گهَڙو، سِرِ سينَهِين، تَنِ ۾ تاڻو تاڻَ
جي گولِي مَنجهِه گُماڻَ، سي موليٰ تون معافِي ڪرِيين.
بيت - 21
ڌَنَ تون ڌَناسَرِي، ڌَنَ تون ٻالا پِيرَ
مَڪي سندو پاتِڻِي، ثابتُ لنگهائي سِيرَ.
بيت - 22
سيّدُ پِيرُ سمُنڊُ هي، اَنتُ نه ڄاڻي ڪو
ڦِرڦِر سيوا جو ڪَري، ماڻِڪَ پاوي سو.
بيت - 23
سيّدُ پيرُ سمنڊُ هي، ڄامَنِ سندو ڄامُ
اَگهِئو دَرِ اَللهَ جي، تِنہ ڪامِلَ جو ڪلامُ
پُرِي پُڇو پانڌِيا، تِنہ گوهَرَ سندو گامُ
جَنِ ڏِٺو لالَ لطيف کي، آيو تَنِ آرامُ
ڪونه رهيو ڪو خامُ، سڀُ سُکِي ٿئا، صالح چئي.
بيت - 24
صالحَ ٿِيُ سُڌِيرُ، سُڻ هِنيين سين هيڪڙي
منجها لنءُ، لطيف چَي، پَرِ ۾ پُڇجُ پِيرُ
ڌاران مُنہَ مرشدَ جي، کوءِ کنڊون ٻَنِ کِيرُ
جو اِسمُ چئي اَميرُ، وِهُ تِنہ سين واڳِجي.
بيت - 25
للاڻِي لهرِ مُئِي، سيّدُ مِڙيئي سَچُّ
جهُلِي سڀُ جاءِ ٿئو، ڪوڙُ ڪَلَکَڻ ڪَچ
محبتَ جي ميدانَ ۾، مردَ ٻارِئو مَچ
سَچَّ مَنجهائِي سَچُّ، ڪُہُ نه پِيين پَهَيَڙا.
بيت - 26
وَڏَلَ وڏوئِي، آهِمِ تهنجو آسَرو
ڌوٻِيَ جئن ڌوئِي، عيبنِ کان آجو ڪَريين.
بيت - 27
جي تون آسائُو آهِيين، ته هَلِي پَسُ حبيبُ
تُرتَ ۾ طبيبُ، ٿيندو وڏلَ واڍوڙِئَنِ جو.
بيت - 28
جي آسائو آهِيين، ته ڪَرِ ڀِٽَ ڀيرو
سونهاري سيّدَ جو، ديکِ وڃي ديرو
تُرتَ ۾ تيرو، مطلبُ مِڙوئي ٿيي.
بيت - 29
مَتان مهنجو پِيرَ، ڍَنگَرُ ڍيلي ڇڏيين
اونهون تون اُڪارِيين، صاحبَ شيخَ سُڌيرَ
جيلانِي جِهانگيرَ، هٿين جهَلجُ هاڻُ مون.
بيت - 30
تون جيلانِي جاڳُ، ميران شاه مَدَتَ ٿِيُّ
غوثَ خَطائون گُمُ ڪَرِ، پِيرَ اسان جي ڀاڳُ
سِگهو وارِ سَڀاڳُ، سائينءَ لَڳِ، سيّد چَي.
فصل دويم
بيت - 1
مُنہُ مُناري سامُهون، توڙي ڪافرَ ڪَنِ
ته مَڱَرُ مَٿان تَنِ، ڏيهاڻِي ڏورِ ٿيي.
وائي - 1
هر جا آهي هادِي، پِيرُ پهنجو پاڻَ سين
سَمَرُ آهي سُڃَ ۾، وفادارُ بَرادِي
مِيون مُريدَن جِي، دانهه سُڻيندو دادِي
ڪوٺيندو قُربَ سين، مَهندُ ٿيندو مُنادِي.
بيت - 2
مُنہ مناري سامهون، پَٽَنِ مٿي پيرَ
پِيرُ نه ڇڏي پاهنجا، توڻي ڏَڏَ ڏَڦيرَ
شرفَ تهنجي شيرَ، نالائقَ نَوازِئا.
بيت - 3
منہ مناري سامُهون، ڏِٺِيَمِ نورِي نِيلَ
ٻَرَنِ ٻاهرِ منجهه ٿا، ڪوڙين جِتِ قنديلَ
حضرتَ جي حضورَ ۾، زاريون ڪَنِ ذليلَ
سيّدَ پِيرَ سَبيلَ، ٿو پوڄ پِياري پَهيَڙا.
بيت - 4
لڳو ٿو لَهرِيون ڪَري، نورُ نِيلُڪُنِ ساڻُ
مون تان کَڻُ مَ پاڻُ، پُرِياڌا پِيڙهيَ ڌَڻِي.
بيت - 5
لڳو ٿو لَهريون ڪري، نورُ نيلڪُنِ وَٽِ
مون تان مِهرَ مَ مَٽِ، پُرياڌا پيڙهيَ ڌڻي.
بيت - 6
پيراندِيَ پِيرَنِ جي، جُنبي ڪِجي جاٽَ
جَني سَندِيَ واٽَ، ماڻڪَ لَڀنِ مَڱِيا.
بيت - 7
پيرانديَ پيرنِ جي، جُنبي ڪجي جاٽا
جَني جيَ واٽا، ماڻڪَ لڀنِ مڱِيا.
سرود پورڀ
no_section
بيت - 1
سائين! سَڱُ سندومِ، مَ ڇِڄِي سين جوڳيين
هلڻُ جو هنگلاچَ ڏي، آديسِيَنِ اُتومِ
نيئِي پورڀَ پارَ ڏي، ويراڳيَنِ وِڌومِ
سوئي تيرٿُ تَڪِيو، سوئي پَنڌُ ٿِئومِ
هو جو تيرٿُ تڪيو، ساميَنِ سُونهايومِ
وائي - 1
جَنِ جو وارثُ تون، يا الا! جن جو هادي تون،
ڪِئن رهندا نيڻَ مهنجا
آڳي اَڀُ خَلِقئو ٻِي خَلِقئائين ڀُون
جوڙئائين جوڙَ جهانَ جِي، چئِي ’ڪن فيڪُون‘
ڪوڙِي دنيا، ڪوڙا پَسارا، ڏِينہَ مڙيئي ڏُون
آهيون الفَ آسري، محمّد مڃئوسُون
وائي - 2
ڪَوا ڪان ڪان ڪندا، وِهاڻِيَ وَڻَنِ ۾
مون ڏِٺا، مون وِسَهو، اَڳي پِيڇي اَنڌا
اَچِي عدالتَ ۾، ويهِي وَٽِ وِجهندا
حَلاُل ڇڏي هِيَهِين، مٿي ڍُونڍَ ڍُرندا
ڦِٽلَ ڦيارَنِ تي، اورِئائين اُڻَندا
سَڱُ جيڏاهين سُرَهو، تيلان نه تَرسندا
هَنڌِ هِدايتَ جي، اُستخوان آڻيندا
چَمِڙِي وارَ چُهنبَ وَڍئا، هُماءَ سين نه هلندا
طالعَ طائوسَنِ جا، پَسئو زاغَ پچندا
هُد هُد پاسي هنجهڙا، ويٺا ئي وِهُسندا
ڪُوڙا ڪِرفِتِيَ تي، سَٽَ ڏئو سِرندا
حد لنگهئائون حقَّ جي، ٻنِهين ٻيرِ ٻَجهندا
بيت - 1
ڪَري ڪانگَ ڪُرمُشُون، پيرين پريَن پَئيجُ
آءٌ جو ڏِيين سَنِيهو، سو وِچِ مَ وِساريجُ
للهِ لڳِ، لطيف چَي، ڳُجهو ڳالهائيجُ
چُئان تئن چَئيجُ، ته کِيانتا خوش هُئين.
بيت - 2
اُڏءُ لڳِ اللهَ، ويلو ڪَرِ مَ وِچَ ۾
آءٌ جو ڏِيئين سَنيهو، سانڍِ برابرِ ساهَ
سندِي ڳُجهاندرَ ڳاهَ، ڪَهِجُ مَ قريبَنِ ري.
بيت - 3
آءُ اُڏامِي ڪانگڙا، پارانڀا پَچارِ
ويهِي هِتِ وصالَ جو، تان ڪو تِرُ تنوارِ
جي ڏِسڻَ ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامي آڻِ پرين.
بيت - 4
پارانڀا پچارِ، مٿي لامَ، لطيف چَي
ڦيرِ مَ فضيلتَ تون، جا ڪُرَ اَهنجِي ڪارِ
جي ڏِسڻَ ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامي آڻِ پرين.
بيت - 5
وَهلو وَرُ وَرِئا پرين، آءُ ڪانگا وَڻِ ويهُه
جَنِ ڏورِ چِتايو ڏيهُه، سي اُڏامي آڻ پرين.
بيت - 6
وَهلو وَرُ ورِئا پرين، آءُ ڪانگا! لنءُ لاتِ
وِئا جي قلاتِ، سي اُڏامي آڻِ پرين.
بيت - 7
ڪانگلَ سيئِي ڪوٺِ، پِرين جي پرڏيهَه ۾
جَنِي رِيَ جهانَ ۾، اَکڙيَنِ اَروٺِ
للهِ لڳِ، لطيف چَي، ڪِجُ ڳاراڻو ڳوٺِ
جي ڏَمرِئا ڪِنہ ڏوٺِ، سي اُڏامي آڻِ پرين.
بيت - 8
پرين جي پرديسَ ۾، تَنِ جي ڪانگا ڪجُ خبرَ
ته سڀُ مڙهايان سونَ سين، پَکِي تهنجا پَرَ
گهمي مٿان گهرَ، ڏِجُ پارانڀا پريَن کي.
بيت - 9
آءُ ڪانگا! وَڻِ ويهُه، سُڌِيون ڏي ساڻيهَه جيون
چڱا ڀَلا سُپرين، ڪِين سُکِ وَسي ساڻيهُه
پريَنِ لَئي پرڏيهُه، مون تان گهڻو نِهارِئو.
بيت - 10
ڪَرُ کَڻِئو ڪانگُ لَئي، مُنِيَ مٿي مضبوطُ
آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾، سَنيها ثابوتُ
ڪانگلَ! اَٿُون قوتُ، پيغامَ پريَنِ جا.
بيت - 11
مَٿان مَنَہَ مهنجي، ڪِنہ اُڏايو ڪانءَ
کڻي آيو ڳالهڙِي، سَندِي سُپيرِيانءَ
جيڏيون! جاڙَ ڪِيانءَ، سُئومِ هوندَ سَنيهڙو.
بيت - 12
ڪَڍِي ڪانگا تو ڏيان، هِنيون ساڻُ هَٿنِ
وڃِي کاءُ وِلاتِ ۾، اَڳئان عجيبَنِ
پرين مانَ چَوَنِ، ته هِيَ قرباني ڪيرُ ٿي.
بيت - 13
ڏائِيَ چَڙهِي ڏارَ تي، ڪِين جو ڪانگَ ڪَهِيو
سوراتِيَ سُورِ پَئِي، پَهِيو پَٽِ هَنيو
کامي اَرٽُ ڳَيو، ويچارِيَ وِرهَه مان.
بيت - 14
ڏائيَ چڙهِي ڏارَ تي، ٿو زاغُ ڪري زاريُون
آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيها سارِيُون
ماٺِ ڪر هو مارِيون، ته ڪَهِيو سُڻيا ڪانگَ جو.
بيت - 15
ڏائيَ چڙهي ڏارَ تي، ڪا جا لاتِ لَتي
آتَڻَ ۾ اَندوهُه ٿئو، سَگهِي ڪانه ڪَتي
ويڙهِي مَنجهِه وَتي، ڪِين جو ڪانگَ ڪمائِيو.
بيت - 16
ڪِين جو زاغَ زبانَ سين، لَيو ٿي لامَ
پَهُچايائِين پريَنِ جا، سَرتيُون راتِ سلامَ
ڪاڪِيُون ڪَتي ڪا مَ، ته ڪَهِيو سُڻيان ڪانگَ جو.
بيت - 17
اچئو اچئو پُونِ، واڪا ڪِئو وَڻنِ تي
سَنيها سيڻَنِ جا، چوٽِيَ چَڙِهئو چُونِ
ڪانگَ نه ڪُوڙا هُونِ، پِريان سندي پارَ جا.
بيت - 18
پِريان سندي پارَ جو، ڪانگلُ نه ڪُوڙو
اچي وڃي وِچَ ۾، مٿي دَرَ دُوڙو
جو اندرِ اوسيڙو، سو لاٿائين، لطيف چَي.
بيت - 19
ڪانگلَ قريبَنِ جا، اَچي وائيَ وَڻُ
تو ۾ بوءِ، بلال چَي، مُشڪَ کٿورِيَ مَڻُ
اَچِي عجيبَنِ جو، اورانگهِج اَڱڻُ
تو کي پَسِي تَڻُ، سُورِنئون صافُ ٿِيي.
بيت - 20
آنديَمِ ڪانگَ قريبَ جيون، اَڄُ واڌايون واه
مَنَ مُرادون پُنيون، ٿيون سَراهيُون ساهَ
آندا پرين اللهَ، سَڏَ مهنجا صابِ پِئا.
بيت - 21
ڪانگلَ ڪوهُ ٿِئوءِ، پيو آهيين پَٽَ ۾
اُسَ تِڙڪو نه سَهين، اَڄُ سارو ڏِينہُ سَٺوءِ
پَسِي حالُ سندوءِ، ڪانگنِ ڪانگورو ڪئو.
بيت - 22
پُورِڀيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيَ راتِ
سُيَمِ نه سَناسِيَنِ جيون، پچارون پرڀاتِ
ڪا جا جوڳي ذاتِ، مِٽَ نه معذورِينِ جا.
بيت - 23
پورڀِئا پوري وِئا، آسَڻَ اَڄُ صبوحِ
کٿورِيَ خوشبوءِ، آهي آديسِي ڳَيا.
بيت - 24
مٿي راهَ رَوان ٿِئا، پُورَڀِ پُورئائون
هِي گهَرِ گهورئائون، آڳانڍيائون اَڳئان.
بيت - 25
پورڀَ ۾ پيهِي، تان مون گهڻو نِهارِئا
سُڌَ نه مُڪِي سَڄڻين، جيهِي نه تيهِي
هُئا پَرَڏيهِي، واجهائي واٽَ ٿِئا.
بيت - 26
پورڀَ مارِيياسِ، ڪِنہ دَرِ ڏِيان دانهَڙِي
مَتيُون ڏِيندي لوڪَ کي، چَرِي پاڻَ ٿِيياسِ
جَنِي نه جيهِياس، مان لَنءُ لڳو تَنِ سين.
سرود ڪاموڏ
no_section
بيت - 1
تون سَمو، آءٌ گندَرِي، مون ۾ عيبَنِ جُوءِ
پَسِي راڻِينِ روءِ، متان ماڱَرُ مَٽِيين.
وائي - 1
هيري هٿُ وِڌائين، ويهِي ساٿيَنِ وِچَ ۾
نوازِشَ نورِيَ جِي، آهي تماچِيَ تائين
گندگي گوشو ڪِئو، عَطرُ اوتِئائين
اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وڌائين
پَسو جُودُ جُوانَ جو، ڪو هَنڌُ ڪونه مَٽِئائين
قِيمَتَ ڪمِينَنِ سين، جَهڙِيَ وَٽَ وَٽِئائين
موتِي مَڇيَ هَٽَ تي، ڪوڏِنِ جئن ڪَڍِئائين
ماڻِڪَ مِياڻِينِ ۾، ڇِلُرنِ جئن ڇَٽِئائين
ڏيئي سونُ سوالَ ۾، رُپي راندِ ڪِئائين
پاڻِيَٺُ آڻي پاڻَ سين، لعلون سڀِ لُٽئائين
فيروزُ فقيرَنِ تان، گهوري سڀِ گهورِئائين
اُتي، عبداللطيف چَي، اُڇلي امُلُ ڏِنائين
وائي - 2
تِنہ کي ڪيرُ چُوندو مي، اَڙي اي! سَمي جا سَمَنگِي
سَمي جي سُهاڳَ کي، مِينڍو ڳُتو مي
ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪِئو، عشقُ اِيئن ڪري
جَنِ وِهَڻُ نه ڏنِي وَٽِ ۾، ٿئا سلامِي سي
عالَمُ اِنعامي ڪِئو، نوريَ نازُ ڪري.
بيت - 2
تون سمو، آءٌ گندَرِي، مون ۾ عيبَ اَپارَ
پَسِي لَئِيَ لَغارَ، متان ماڱرُ مَٽيين.
بيت - 3
تون سمو، آءٌ گندري، مون ۾ عيبنِ ڪوڙَ
پَسِي کِکِيَ کوڙَ، متان ماڱر مٽيين.
بيت - 4
تون سمو، آءٌ گندري، مون ۾ عيبنِ ويهَه
پَسِي مِئَڪِي ڌِيَ، متان ماڱر مٽيين.
بيت - 5
تون سمو، آءٌ گندري، مون ۾ عيبَنِ لَکَ
هِنَ مهنجي حالَ جِي، تو کي سڀِ پَرَکَ
ڪارَڻِ ربَ اَلکَ، متان ماڱَر مٽيين.
بيت - 6
تون تماچِي تَڙَ-ڌَڻِي، آءٌ مُهاڻِي مي
مون ڏهاڳُ مَ ڏي، جا آءٌ نالي سُيَسِ تهنجي.
بيت - 7
تون تماچي تڙ ڌڻِي، آءٌ گندرِي غريبِ
توسان ڄامُ قريبُ، ڪِين ڏَنُ ڇڏائي ڏيجُ مون.
بيت - 8
کاڄُ جَنِي جو کِکِيُون، مالَ جَنِي جا مَڏَ
سَمي سي سيڻَ ڪِئا، هِيڻَ جَنِي جا هَڏَ
ڄامَ پَرتِيي لَڏَ، سانگيَنِ جِي، سيّدُ چَي.
بيت - 9
ڄارا ۽ کارا، مالُ جَنِي جو مَڪريُون
تماچيَ جي تَڪِيي، اَچَنِ سَوارا
مِيءَ مَڇِيَ مارا، سَمي سي سيڻَ ڪِئا.
بيت - 10
کِکِيَ هاڻِيون کارِيون، ڇِڇِيَ هاڻا ڇَڄَ
پاندُ جَني جي پاندَ سين، لڳو ٿِيئي لَڄَ
سمو ڄامُ سَهَڄَ، اُڀو ڪَري اُنَ سان.
بيت - 11
ڪاڻِيون ڪوجهِيون ڪُوڙِيون، مورِ نه موچارِيون
وٺِي ويٺيون واٽَ تي، کِکِيَ جون کارِيون
اُنِي جيون آريون، سَمي رِيَ ڪيرُ سَهي.
بيت - 12
ڄارِيون کارِيون ڇَڄَ ڇِپِرِيُون، جَنِ جي محبتَ مَڇِيَ ساڻِ
رَهنِ وَهنِ سِرَ ٻانڌِيين، سڀيئِي بَدبوءِ هاڻِ
لُڌِڙَنِ جئن، لطيف چَي، پاڻيَ وِجهنِ پاڻِ
تَنِ ملاحَنِ جو ماڻِ، سَمي سِرِ ڪِئو پاهنجي.
بيت - 13
گندَ جَني جي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ
اُنِي جي اوطاقَ، راڄا رِيجهِي آئيو.
بيت - 14
گندَ جني جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پَينام
اُنِي کي انعامَ، مَڃَرُ مڙوئِي ٿِئو.
بيت - 15
گندَ جني جي گوڏ ۾، مٿي تي مُوڙِيون
اَچنِ سنڀُوڙِيون، سَمي جي سلامَ تي.
بيت - 16
ٿِئا تماچيَ ڄامَ سين، مُهاڻا محرومَ
ننڍيَ وَڏِيَ گندرِيَ، مٿي ماڙِيَ ڌومَ
ڪينجهرِ جي رومَ، سي سڀِ اِنعامَ ٿئا.
بيت - 17
نه وَڍي نه وِڪڻي، نه ماري نه ڌاري
کارو وِڌائين کُوهَ ۾، نِرتَئون نِهاري
سا پَرِ پاري، جا گهَرِ سَمي جي سَپجي.
بيت - 18
نه وڍي نه وڪڻي، نه کڻي ۾ کاري
اُهُنڃَ سُهنڃَ ساهِمِيُون، ڌُرئان نه ڌاري
سا پَرِ پاري، جا گهَرِ سمي جي سَپجي.
بيت - 19
پاٻوڙو پِيشِ ڪِئو، نئون نوريَ نيئِي
حاضُرُ هُيون هَڪِيُون، سَمِيُون سَڀيئِي
نوازي نيئِي، گاڏي چاڙهي گندرِي.
بيت - 20
مُهاڻيَ جي مَنَ ۾، نه گِيَربُ نه گاءُ
نيڻَنِ سين نازُ ڪري، ريجهايائين راءُ
سَمي سڀنِ مُلاءُ، هيرِئائِين حِرفَتَ سين.
بيت - 21
نورِيَ جي نيازَ جو، عجبُ اَجلَ هوءِ
سَمو سِرُ سَڀنِ ۾، مِيءَ مُہ رَڇو سوءِ
اَچئو اُڀِيَنِ پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيين.
بيت - 22
مِيءَ مَڇيَ ۾ هَٿَڙا، ويٺِي ڪَري وَرَنَّ
راءَ اَڳَهِين رکِي، مُهاڻِي ۾ مَنَّ
تماچيَ جي تَنَّ، ڳالهيون چَيُسِ ڳُجهَه جيون.
بيت - 23
هٿين پيرين آرِ کَڻِي، مُنہ نه مُهاڻِي
جئن سَڳو وِچِ سُرَندَڙي، تئن راڻِينِ ۾ راڻِي
اَصلَ هُئِي اُنَ کي، اَهلَ ڄاماڻِي
سَمي سڃاڻِي، ٻِيڙو، ٻَڌُسِ ٻانہَ ۾.
بيت - 24
تِهڙو ڪينجهرُ ۾ ڪِينَ ٻِئو، جَهڙِي سُونهن سَندِياسِ
مَڏَ، مِياڻِيُون، مَڪُرا، مِڙيئِي معافُ ٿِياسِ
مورِڇَلَ مَٿاسِ، اُڀو تماچي هَڻي.
بيت - 25
تَڙُ تماچيَ ڄامَ جو، تماچِي تَڙَ راءُ
تماچيَ جي تَڪيي، تون تماچِي ڳاءِ
ته تون تماچِياءِ، تماچِي تَڙِ لَهين.
بيت - 26
کوءِ سَمِيون سومريون، جي اَچنِ اُونچي ڳاٽِ
وَرُسي ڪينجهرِ ڄائِيون، جَنِ تماچيَ جي تاتِ
راڻِينِ مُلا راتِ، ماڻِڪُ مِيَ پِرائيو.
بيت - 27
سِرُ سَلابَتَ سپرين، مَرڪَڻَ تون مَ مَريجُ
آهيين ٺارُ اَکيَنِ جو، وٽان مون مَ وَڃيجُ
تماچي تَڳيجُ، ڪو ڏينہُ ڪينجهرَ ڪَنڌيين.
بيت - 28
ڪو ڏِينہُ ڪينجهرَ ڪنڌيين، تون تماچي تَڳُ
اوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُنہُ ڪَرِ مَلاحَنِ ۾.
بيت - 29
هيٺِ جَرُ مٿي مڃرَ، پاسي ۾ وَڻَراهِ
اچي وڃي وِچَ ۾، تماچيَ جِي ساءِ
لڳي اُترَ واءِ، ڪينجهرُ هِندورو ٿئو.
بيت - 30
هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي پِرين سندامِ
ڪوڙين ڪاڄَ سِڌامِ، اَڻَ-سِڌو ڪونه رهئو.
بيت - 31
هيٺ جر مٿي مڃر، ڪَنڌيَ ڪونرَ تَرَنِ
وَري واهوندَنِ، ڪينجهر کٿورِي ٿئي.
بيت - 32
سَميُون ڪري سينگارُ، راءُ رِيجهائِڻَ آئيون
ڄامَ هٿَ ۾ ڄارُ، جهُلي جهَٻيرَنِ وِچَ ۾.
بيت - 33
مِيءَ هٿَ ۾ مَڪُرِي، ڄامَ هٿَ ۾ ڄارُ
سَڄو ڏِينہُ شڪارُ، ڪينجهرَ ۾ ڪالَهه هو.
بيت - 34
نورِيَ جي نوازِئو، ٿِئو تماچِي تي
گاڏي چاڙهي گندرِيَ، ماڻهُو ڪِئو مي
ڪينجهرِ چُوندا ڪي، ته سَچُ سَڀائِي ڳالهڙِي.
بيت - 35
ڄامان اَڳي جي ڄائِيون، تَنِ جي نِرت نورِيَ کي ناهِ
نه مَنَہِ نه مارِڪي، نه ڪِنہ وڃڻِ وِنهاءِ
سي ڪينجهرِ ڪنديون ڪانہَ، جَنِ تماچيَ تَڪِيو.
بيت - 36
نه ڪِنہ ڄائو ڄامَ کي، نه ڪو ڄامَ وِياءُ
ننڍيَ وَڏِيَ گندَرِيَ، سَڀنِ آهِ سِياءُ
’لَم يَلِد وَلَم يُولَد‘، اِيُ نِجابَتَ نِياءُ
ڪِبرُ ڪبِريَاءُ، تختُ تماچيَ ڄامَ جو.
بيت - 37
پَکنِ پوءِ پچارَ، اَڄُ تماچي آئِيو
مَرَڪَنِ ملاحَنِ جا، مٿي ٻانڌِيَ ٻارَ
وڏِي ڄامَ ڄمارَ، جِنہ مِياڻيون موکِيون.
بيت - 38
پَکا پَکارِئو، ڄامُ تماچي آئِيو
گوندَرَ لاهِيو گندَرِيون، آتڻَ اُجارِئو
ڪينجهرِ قرارِئو، سَمي سامَ بخشِي.
بيت - 39
ڪو جو ڪامَڻُ مي، آهي اَکڙِيَنِ ۾
تَنُ تماچي ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني
عِشقُ اِيئن ڪري، جئن ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪِئو.
سرود ڪارايل
no_section
وائي - 1
ڀَلو جيڏِيُون، آءٌ جا بَلوچي جِي آهيان
ڪَنيزڪَ ڪيچيَنِ جِي، ناتِرَ نامُ سَڏايان
پَيزارَ پُنوهَ ڄامَ جِي، اَکِنِ ساڻُ اُٺايان،
چَشمَنِ ساڻُ چَوايان
وائي - 2
جي مان چارائينِ ته مان جِيارِينِ
جيڪرَ جيڏيون لو، ڪَرَهَ سندانِ آءٌ چارِيان
پيرين آءٌ نه پُڄڻِي، ڪَرهَلَ هو نه جهَلِينِ
ڳُجهِي آءٌ نه وَڃڻِي، پَڌَرِ پِرين نه نِينِ
بيت - 1
وحدهٗ وائِي، چَڙهندي چَيائِين
سو لُڙُ لَنگهِئائين، جِتي پارَکُ پَکِيان.
بيت - 2
پَکَنِ سين پاڻُ هڻِي، اُڏاڻو اَگاسِ
سو سَرُ مَڻي هَنجهَڙو، جِتي پِرِين سنداسِ.
بيت - 3
اَکڙِيُون اوڙاهَه ۾، اُڀو تَڪي تارِ
پِٿُون جي پاتارِ، هَنجهُه تنہ جو هيرَئُون.
بيت - 4
وڃي نه پيهِي، پِٿُون لَئي پاتارِ ۾
ڪَنڌِيَ ۾ ڪيهِي، هاجَ تهنجي هَنجهڙا.
بيت - 5
اُونهي ۾ اوڙاهَه جو، هَنجهُه تِتَهِين هوءِ
اِيُ ڪانيرو ڪو، جو ڇاڇَرِ ۾ ڇيرُون ڪري.
بيت - 6
ٿئو حُضورِي هاڻِ، سوجهاپِي ٿيَسِ سَرَ جِي
کُنڌي لَڌِي کاڻِ، پَکيڙي پاتارِ ۾.
بيت - 7
اَڇو آبُ لُڙُ ٿئو، ڪالورِئو ڪَنگَنِّ
اِيندا لَڄَ مَرَنِّ، تِنہ سَرَ مٿي هَنجهَڙا.
بيت - 8
ويٺو جئن وِماسِيين، حيرتَ پَئو مَ هَڏِّ
لاتيُون جي لباسَ جيون، سي چيائي ڇَڏِّ
آءٌ اَسين ڪَنِ جي، پاسي تَنِ مَ اَڏِّ
تَنُ طالبنِ گَڏِّ، ته ويجهو ٿِين وصالَ کي
بيت - 9
ويٺو جئن وِماسيين، حيرتَ پئو مَ هورِ
اُونهون جو اَڇو وَهي، گهِڙِي تِئائين گهورِ
ڏَنِيُون هَڏِ مَ ڏورِ، گهورِئو گَپُ گَسَنِ جو.
بيت - 10
ويٺو جئن وِماسيين، حيرتَ پَئو مَ هاڻِ
لَلَنِ کي لطيف چَي، اَڇي ساڻُ آراڻِ
ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِئو هنجهُه حبيبَ کي.
بيت - 11
پَکِي پيهِي نِڱِئا، منجها لِتِرِنِ لَکَّ
ڪَنِي ماڻڪَ ميڙِئا، ڪَنِي رَتا پَکَّ
پُٺيَ لائي لَکَّ، گڏِئو هنجهُه حبيب کي.
بيت - 12
هنجهَنِ سين هيڪارَ، جي ڳُڻُ ڪري نِهارِيين
ٻَگهَنِ سان ٻِيهارَ، هُندَ ٻيلَ نه ٻَڌين ڪڏهين.
بيت - 13
هارِئا هنجهَه ٻَگهنِ سان، ڪيهِي ٻَڌِيي ٻيلَ
ميرو مَٽائيجُ تون، اَڇي ڪِہ اُڪيلَ
ڪَنگَنِ ساڻُ ڪُويل، لَلا جِمَ لُڙُ پِيُون.
بيت - 14
اَڇو پِيو اَڇاهُ، ته اَڇايا اُبَهو
وِهڻُ وَڙُ نه اَهنجو، لُڙُ پاڻِيَ لَلاهُ
سُسَرِ ڏِجي ساهُ، ڪُسرِ ڪنگنِ قبرُون.
بيت - 15
ڪُسَرِ ڪنگَنِ قَبرُون، سُسرِ ساڱاهيجُ
هنجهَه هُتي جي ڳالهڙِي، ٻگهنِ سين مَ ٻوليجُ
ماڻي تون مَريجُ، چَئِجُ مَ ڪَهِين چُنجَ سين.
بيت - 16
سَرَ سُڪي سالَ ٿئا، هنجهَه هَرِئو پيرُ
ڪنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَ رَمزَ کي.
بيت - 17
آءُ اُڏامي هنجهڙا، سَرَ ۾ سارِينيئِي
متان مارِي نيئِي، پاريڙِي پَہُ ڪري.
بيت - 18
سَرَ ۾ پَکِي هيڪڙو، پاريڙي پنجاهَ
سَندِي آسَ اَللهَ، لُڏي لَهرِنِ وِچَ ۾.
بيت - 19
دَلوو منجهِه درياهَ، پَکِي پَسِي آئيا
ويچارا ويساهَ، آڻي اُتِ اَڙائِيا.
بيت - 20
پَکِي جِنہ پُڄائيا، تِنہ ۾ ساهُ نه ماهُ
ويچارَنِ ويساهُ، مٿي پَکَنِ آئيو.
بيت - 21
جئن قَطرَ چُڻِئو ڪُرِ ڀُرِين، ٻولِ ٻَجهَندِه هنجهَه
موتي جي مِهراڻَ جا، پُورا چُڻِجُ پَنجَ
اَڄُ ڪر صَباحَ سَنجهَه، ڍَٻَي ۾ ڍيرُ ٿيُون.
بيت - 22
ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارِ ۾، ڀَؤنرَ ڀِري آڪاسِ
ٻِنهي سندِي ڳالهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ
تِنہ عشقَ کي شاباسِ، جَنہ محبتي ميڙِئا.
بيت - 23
ڪؤنرَ پاڙون پاتارَ ۾، ڀؤنرُ ڀري ۾ سُڃَ
ٻنهي سندِي ڳالهڙِي، عشقَ اِيَ اُهُڃَ
توءِ نه لَهينِ اُڃَ، جي پِيو پِيَنِ پاڻَ ۾.
بيت - 24
ڪَنڌِنِ ۾ ڪوهُ ڦِرِين، گَسنِ مَ گُذارِ
وڃِي وَحدَةَ وِيءَ ۾، ڪُوڻو ڇڏي گهارِ
شريعتَ جو سُرُ لَهِي، تَنُ تِئائِين تارِ
حقيقتَ هنجهَنِ سين، طريقتَ تَوارِ
منجها معرفتَ سين، اَندرُ کَڻِي اُجارِ
هدايتَ جي هُوءِ ۾، چُڻِئو ٿو چانگارِ
ته پاريڙي اِنَ پارِ، ڪو نه ڪو ڏِسي ڪڏهين.
بيت - 25
جيهَرَ لوڪَ جهَپَ ڪري، اوهِيَرَ اُڏامَنِّ
پِٿُون جي پاتارَ جا، چيتارِئو چُڻَنِّ
ڪوهُ ڪندا کي تَنِّ، پاريڙِي پَہُ ڪري.
بيت - 26
ماڻڪَ چُوڻو جَنِ جو، هنجهُه حُضورِي سي
چُلَڙَ ۾ چُهِنجَ هڻي، مَڇي کِينِ نه اي
لوڪُ نه لَکِئا تي، جيلان ٻوڙَنِ ٻگهنِ گَڏِئا.
بيت - 27
هنجهَه مڙيئي هنجهَه، ميرو منجهِنِ ناهِه ڪو
جِتي رَهنِ سنجهَه، سو سَرُ ڪَنِ سُرَهو.
بيت - 28
سو پَکِي، سو پِڃرو، سو سَرُ، سو هَنجهُه
پيهِي جان پرُوڙِئو، مون پاهنجو مَنجهُه
ڏِيلُ جِنہ جو ڏَنجهُه، سو مارِي ٿو منجهِه ڦِري.
بيت - 29
ڪارايَلِ جي ڪوڏِ، مون ڪِنجهرُ سڀِ نِهارئو
وَرِي واهيري نه آئِيا، لَلا لا کِڻِيَ لوڏِ
هِنيين جِنہ سين هوڏَ، سي هنجهڙا هَلِي وِئا.
بيت - 30
سَنهان ڀانءِ مَ سَپَ، سُڪا جَنِي پيٽَ
تَني جِي چَپيٽَ، جُنگَنِ کي جوکو ٿِئي.
بيت - 31
آسَڻُ جَنِ اَريجَ ۾، تَنِ جي وِهَ جو وَرَنُ ٻِئو
تنِ جو ڪَنڊوئِي ڪمُ ڪري، جي مَٿِسِ پيرُ پِئو
پُرِيَنِ آهي پَڌَرو، تَنِي نانگنِ جو نِهو
ڪِلي ويلَ ڪِهو، جو سامُهون ٿِيي پَسڻَ کي.
بيت - 32
سَنهان ڀاءِ مَ سَپَّ، وِياءُ واسِينگَنِ جا
لَتاڙِئا، لطيفُ چَي، چِڙِئا وِجهَنِ چَڪَّ
جِنہ جِي جهَڙَپَ، هاٿِي هنڌان نه چُري.
بيت - 33
آسڻُ جَنِ اَريجَ ۾، اُوءِ وِڪَ ڇَرِ ويہَ ڳري
تَنِ جو مُنہ مَلائڪَ جِهَڙو، ٽِڪو تان نه ٽَري
جي اُنِي ساڻُ اَڙي، ته ڪانهي جاءِ جَرِيَ جِي.
بيت - 34
پِهرِين ڪاري نانگَ جِي، ڪو ڇِر ڪِئَلُ ڇيڙَ ڪري
جي هَڻي ڏَنگُ ڏَسائِيو، ته ويجهو تان نه وَري
جيڪِي ٺَپَّ مَري، جيڪِي سِڪي صحتَ کي.
سرود ڍول مارو
no_section
بيت - 1
اُتَرَ واءَ کِوَندي، پَهلِي موسُمُ مِينہُ
ٻالاپَڻ رو نِينہُ، والا جِمَ وِسارِيين.
وائي - 1
مَين تان نِگُڻِي، سا ڪِنہ سَنگُ ڄائِي
ري پِيا مون ۾ گُڻَ ايڪو نهين
ايڪ جي ڪوجهِي، ٻِيجا صُورَتَ نِهين، توسين لڳا مورا جِي
شاهَ نَجفَ ڪِي نوبَتَ لاڳِي، پَهرِين ٽُڪورَ سين جاڳِي
وائي - 2
مارُو مِلِئو، گهَڻنِ گُڻَنِ ساڻُ مِلِئو
چَوڪِي چارِي ڪيترا، بِيٺا واٽُون جهَلِئو
ساري سُپيرِيَنِ کي، جيرو مهنجو جَلئو
گهَرَ جو محرمُ مَنگتو، عرضُ اُنِهين اَلِيو
ڪوڙين ٻانڀَڻ ڪيترا، وجهن گَڏُنِ گَهلئو
نِڱِئو نَروَر سيريين، راجا رِڻَ ۾ رَلِئو.
بيت - 2
اُترَ ڏيسان آوَڻِيان، ڏَکڻَ ساوَڻيان
ڍولو نَروَر سيرِيين، پُڪر ڪَريان
پُڇو ڪُونجڙِيان، ته ڪون هياري سين سَڄڻين.
بيت - 3
ڪُونجان راتِ ڪَرِيڙِئو، ٽولي ٽولي بِيسَ
سُتي ڍولُ سَنڀرِئو، اُرلي ڀاڳِي اِيسَ.
بيت - 4
ڍاڍِي! جي ڍولُ مِلي، ته ڍولا نون ڪَهيجُ
کَرسَڻُ پَڪو، ڪَڻُ جهَڙِئو، لائو آپُ ڪَريجُ.
بيت - 5
ڍاڍي! جي ڍولُ مِلي، ته ڪهڙِيَ سيڻان لَڄَ
اَکِيان ڪاجلِ موهِيان، تِلڪَ ڪِسي پَرِڀَڄَ
ٻَهه ٻَهه بُوندَ بَهُورِيين، اُوسَٽ اُوسَٽ لَڳَ.
بيت - 6
ڏِينڀُو لکَ مُنارَ، گهرَ تِسڪرَ جَيسِي تَڪَّ
سَرو سَسو نَيسَرو، مارُو پاسي لَڪَّ
بيت - 7
اُرسُنگا، نُہُ سِپيُون، ڏَندَ ته ٻٽيہَ ٻاڻَ
ڍولُ تُمارِي مارُئي، جَيسا هنجهَه نِياڻَ.
بيت - 8
اُرسنگا، نہ سپيون، نَينَ ته وِنگهَٽَ وَنگُ
ڍولَ تمارِي مارُئِي، هَڻي ٻاڻُ نِهَنگُ
ماري مُنڌَ نه سَنگُ، چاڙهي سِيڱَ مَلڪَ جِي.
بيت - 9
اُر سنگا، نہ سپيون، نينَ ته مَنجهو منجهُه
ڍولَ تماري مارئي، هڻي گهِڙَندا هنجهُه.
بيت - 10
سِيتَ پَنائِين پَتَلِي، ڌوپو ڌاڃِ نه کاءِ
ڪَريَر جَيسِي ڪامَڻِي، هاٿَ لَڳي مَرجاءِ.
بيت - 11
رَمُون ناهِ نِسَنگُ، اَرَوَرَ پاسي ڪَنٿَ
گوشي تُرِي ڪماڻَ جِي، ڪَبهُون تڻوٽي لَنڪَ.
بيت - 12
رمون ناه نسنگ، رَمُ اُرسِين اُرسُ لاءِ
ڦُلان ڀَرِي ٽارَڙِي، ڀورا ڀَڳِي نه جاءِ.
بيت - 13
ڍولا مارئي اَيسِي پاتِلِي، جَيسِي ريڻَ کجُور
کهَڻَ گُڻِي، مُنہُ مِيٺِي، تو ڪِئن ڇڏِي ڏُور.
بيت - 14
اُڀِي سُورِجَ سامُهِين، مٿو ڀَري ميٽَ
تاسَ نِپنِي پيٽَ، هِيمَ وَرَنِي مارُئي.
بيت - 15
ساچِي ٿِيان سِيڱَڙِي، رِڻمَلَ هاٿِ ڪري
وِڙهندي سِرِ ويريين، ڪوڏِ ڪِسِيسان ڌَري.
ٽيهه اکري سسئي
ھيءَ ٽِيھَ-حَرفِي سُرُ سَسئِي جِي آھِ
بيت - 1
اَلفُ اکرُ هيڪڙِو، سَسُئِي ڪِئو صَحِي
هَلي هوتَ پُنوهَه ڏي، ڪافَنِ منجهِه ڪَهِي
رانئي راتِ رَهِي، پَسي مانَ پُنوهَه کي.
بيت - 2
بي ئُون بارَ کڻي وِئا، ساٿي سَوارا
ڇڏي نماڻِي ننڊَ ۾، ڪِڙڪِئا ڪوهِيارا
ڌوٻَڻِ اُنِ ڌارا، ڪاڙهو ٿِئو قِيامَ جو.
بيت - 3
تي ئُون طلبَ تَنِ جِي، اندرُ روحَ رهِي
سسئي جو، سيّدُ چَي، وِئا ڏِيلُ ڏَهِي
پُڇي روز پَهِي، اَديون! آريچَنِ جا.
بيت - 4
ثي ئون سَڄڻَ لنگهِئا، بُرو ڪري بارِي
هوءِ ڪاهي رَسِئا ڪيچَ کي، هِيَ پيرَ کڻي پارِي
وسائي وارِي، اوڏِي ٿِي اُميدَ کي.
بيت - 5
جيم ئون جالَ جَتنِ، مارِئو معذوريَنِ کي
اَنگِڙُيارو وَڍِئو، هِنيون مون هوتَنِ
ڦوڙائي ڦَٽَنِ، اَندرُ مهنجو اَڌَ ڪِئو.
بيت - 6
حَي ئون حالُ حَلالُ، آءٌ ٿي ڏونگرُ ڏورِيان
وِئو مون وِلهِيَ جو، جِيَري مون جَمالُ
ڪري هوتُ حلالُ، ڪُهِي ڪميڻِي هَلئا.
بيت - 7
خَي ئون سُتيَسِ خواب ۾، ڪري مَنِّ مُدامُ
پاسي منجهِه پُنونہَ جي، اَندرِ ڪِئُمِ آرامُ
سُورنِ جو سَر اَنجامُ، صُبحِ وَسايُمِ سِرَ تي.
بيت - 8
دال ئون دِلُ ڦُرِي وئا، نِماڻيَ جو نِڪَڻي
عشقُ آرِيَ ڄامَ جو، چِتَ ۾ پِيو چُري
هِيين نِتُ هُري، لالائِي لالَڻَ جِي.
بيت - 9
ذال ئون زاروزارِ، ٿي رُونئان رَتَّ ڦُڙا
اَچِي پيئِي اوچِتِي، محبتَ مارو مارِ
ڏُکِيَ کي ڏيکارِ، پِرين پيشاني پاهنجِي.
بيت - 10
ري ئُون راضي ٿِيُّ، پاڻُ ڀَلائي پانهِجو
ساهُ مَٿان ئِي صَدَقو، جانبَ مهنجو جيُّ
توڻي پوي سِيُّ، هيڪَلِيَ کي حَبِ ۾.
بيت - 11
زي ئون ٿِيَسِ زَوالُ، آءُ مهنجا سُپرين
بُري هِنَ ڀنڀورَ ۾، هِهَڙا ٿِئڙَمِ حالَ
ڦوڙائي جا فالَ، وِجهِئو واٽَ نِهاريان.
بيت - 12
سِين ئون سِياڪو، ڪندِيَسِ ڪوهيارَلَ سين
گَڏِجَڻَ سندو گَسَ ۾، آهِمِ اولاڪو
ووءِ ووءِ جو واڪو، ساڻِمِ ٿئو، سيّدُ چَي.
بيت - 13
شِين ئون وَٺِي شاهُ، وِئا وٽان مون نِڪرِي
پورِهَتِ ڇڏي پَٽَ ۾، نِٻَرِ ڪِيائون نه نِگاهَ
سَنجهي ڪِئائون صلاحَ، مُٺِيَ جي مَرڻَ جِي.
بيت - 14
صادئون ساهُ پَساهُ، سُڃَ ۾ ٿِئو سوگهو
لَڳُمِ ٻاڻُ ٻروچَ جو، وييَسِ پاڻِ وَسا
گُنگَنِ جي گَسا، آيَمِ بوءِ بَهارَ جي.
بيت - 15
ضادئون منجهِه بَرنِّ، وَڻَ کَٿُورِي واسِئا
ٻاڪارِئو ٻانهُون کڻان، ٿَڪِي منجهِه ٿَرنِّ
ڳوڙها سِرِ ڳَلَنِّ، هَي هَي ڪِيو هارِيان
بيت - 16
طي ئي طالِعُ تَنِ جو، جي هيڪاندِيُون سي هوتَ
تَنِ سالُورَ سَقلاتَ جا، پيچِيَ چڱا پوتَ
جَبَلَ ڏِنيَمِ جهوتَ، اِهڙَنِ اوٺِيڙَنِ لَئي.
بيت - 17
ظي ئون اَڄُ زِيانُ، ڪيچِي ڪري هَلِئا
ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، ڪارِي لَڳُمِ ڪانُ
نِسَتَ سين نِڌانُ، جيڏو جَتَ ڪري وِئا.
بيت - 18
عَين ئون شالَ اَچنِ، سي بوتا نِهِي بارَ
سُونهون جو ساٿَ جو، ڏِسان شالَ اکيَنِ
وِندُرَ واٽَڙِيَنِ، دِلاسا دِلگِيرِ کي.
بيت - 19
غَين ئون غَفلتَ ڇَڏِ، ڇِنِ سِياڪو سَسئِي
نِجهُرو نااُميدِيَ جو، اوڏانہَ نيئِي اَڏِ
ته هاڙهي ڌڻي هَڏِ، ڇورِي ڇڏي ڪِينَ ڪِين.
بيت - 20
في ئون ٿو ڦاٽي، قَلبُ لاءِ قريبَ جي
مُدامِي مَجلسِ کي، اَندرُ مون آٽي
جهنگلَ ۾ جهاٽي، ڀيڙِي ٿِيان ڀَتارَ سين.
بيت - 21
قاف ئون قُربَ ساڻُ، ماري وِئا مُنڌَ کي
ٻانهِي ٻاروچَنِ لاءِ، پيئِي پَڇاڙي پاڻُ
ڄُلان پُوندُمِ ڄاڻُ، اِهڙَنِ اوٺيَڙَنِ جو.
بيت - 22
ڪاف ئون ڪرِيان ڪِيئن، هِنيون هوتَ هَڻِي وِئا
وِئو ٻاروچو نِڪرِي، چِتُ مون چاڙهي چِيئَن
هوتَنِ ڌاران هِيئَن، ڏُهلا مون ڏِينہَ ٿِئا.
بيت - 23
لام ئون آءٌ لُغتِّ، ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين
چورِي چانگا چُرِئا، گُنگَنِ ڪِي نه گُفُتِّ
نِيَمِ سُورِ سُرتِّ، اَگهِي ٿي آهُون ڪريان.
بيت - 24
مِيم ئون ٿِيو مَهندارُ، ٻاروچو ٻيلِيَنِ جو
سڀني جو، سيّدُ چي، سُونهون ٿِئو سَردارُ
جو مُلڪَ جو مَدارُ، سو موليٰ مونکي ميڙِيين.
بيت - 25
نُونَ ئون لڳو نِينہُ، ٻانڀَڻِ جو ٻروچَ سين
راتيين روئي رتَ ڦُڙا، مُنڌَ ڏولائو ڏِينہَ
محبتَ سندا مِينہَ، ويچارِيَ وَسائِيا.
بيت - 26
واوئون وِصالِي وارِ، آرامِي اَندرُ جو
چانگي سِرِّ چَڙهِي وِئو، ٻاروچو ٻي پارِ
وِلهِي ٿي وَڻِڪارِ، سُڪو باغُ ڀنڀورَ جو.
بيت - 27
هي ئون لَئي هيڪاندِ، اَگهِي ٿي آهُون ڪَري
بِرهَ آءٌ بلوچَ جي، ڀِيڙي ڪَيَسِ باندِ
ڪِنہ مان اَچي نه کاندِ، پَسڻَ ڌاران پِريَ جي.
بيت - 28
اَلف ئون اولاڻو، جِيجان تَنِ جَتَنِ جو
لنگهي پَٻُ پَري ٿِئا، ڪِئائون پَرڏيہَ ۾ پاڻو
ساجَنُ سِيباڻو، ويچارِيَ وُجُودَ ۾.
بيت - 29
يي ئُون يا خُدا، والِي وارِ وطنَ تي
ته گَڏجِي گُوندَرِ لاهيان، مَنَ جي سڀِ مُدَعا
جانِبُ ٿيي مَ جُدا، سدائين، سيّدُ چَي.
بيت - 30
جوڳِي ڪنڌُ ڪَپاءِ، ڪَنَ ڪَپائَڻ خيرَ کِين
صحبتَ تهنجي، سيّدُ چَي، سامِيَنِ وَٽِ سَماءِ
’يَهدِيَ اللهُ لِنُّورِه مَن يَّشَآءُ‘، اِيَ اُنِي لَئي آهِ
هِيَ تَني جِي جاءِ، جَنِ ٻَئِي جُڳَ ڇَڏِئا.
بيت - 31
ڪيهي ڪامَ ڪاپڙِي، ٿا ايهِي رَوشِ رَوَنِّ
نَڪا دِلِ دوزخَ ڏي، نَڪِين بِهشتُ گهُرنِّ
نَڪو ڪَمُ ڪُفّارَ سين، نَڪا مُسلمانِي مَنِّ
اُڀا ئِي چَوَنّ، ته پِرِين ڪِجاءُ پاهِنجو.