گنج کان ڀٽائي پيڊيا تائين
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رحلت کان پوءِ سندن ڪلام يعني رسالي کي دنيا جھان تائين ڪيئن ۽ ڪٿي، ڪنھن ۽ ڪڏھن روشناس ڪرايو، ان سڄي سفر کي ھتي ٽائيم لائين جي شڪل ۾ رکيو پيو وڃي تہ جيئن سڀني محققن کي شاھ جي رسالي جي سھيڙيندڙن جي دور کي سامهون پسي سگهن. ھيءَ ٽائيم لائين اڃا اڻپوري آھي ۽ ھن ۾ گهڻن سھيڙيندڙن بابت اڃا ڄاڻ ناھي رکي وئي، پر ڇوتہ ھيءَ اڃا جوڙجڪ جي مرحلي مان گذري رھي آھي انڪري اوھان بہ مناسب سمجهو ٿا تہ ڪو شارح رھجي رھيو آھي تہ ان جو تفصيل ھيٺ رابطي ڪرڻ واري لنڪ تي ڪلڪ ڪري اسان ڏانھن اماڻڻ جي مھرباني ڪندا تہ جيئن ان صاحب جو بہ تذڪرو ھتي داخل ٿي سگهي.
-
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ولادت
سن 1689ع
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جن جو جنم، سن 1689ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي هاڻوڪي ٽنڊي آدم تعلقي جي هڪ ڳوٺ سُئي ڪنڌر، هالا حويلي ۾ ٿيو.
-
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وفات
سن 1752ع
پاڻ استغراق، عشق ۽ عرفان واري ئي حالت ۾پنھنجي ڄمار جي 63 ھين ورھيہ، 14صفر 1165ھ بمطابق 22 ڊسمبر 1752ع 63 سالن جي عمر ۾ وفات پاتي.
-
گنج جي ترتيب
سن 1793ع
فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاھ رح 7 جماد الثاني 1207ھ (بمطابق 20 جنوري 1793ع) ۾ ميئين اسماعيل کاھوڙيءَ جي چوڻ ۽ نگرانيءَ ۾ ڀٽائيءَ جي شاعري سھيڙي گنج جو نسخو پنھنجي ھٿن سان لکي پڌرو ڪيو.
-
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جو ترتيب ڏنل رسالو
سن 1866ع
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جرمنيءَ جي شھر ”لپسيا“ مان 10 مارچ 1866ع ۾ شاھ جو رسالو پنھنجي حساب سان سنڌي لکت ۾ ترتيب ڏئي پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو.
-
شاھ جو رسالو (بمبئي وارو ڇاپو)
سن 1867ع
هي رسالو 1283ه/ 1867ع ۾ بمبئيءَ ۾ ڇپيو، جنھن جي ڪتابت حاجي محمد ڪرناني سمي جي ڪيل آهي. هي رسالو ايترو تہ ناميارو ٿيو، جو ڇپائيءَ واري سال جي پھرين ئي ڏھاڪي ۾ کپي ويو.
-
تاراچند شوقيرام جو ترتيب ڏنل رسالو
سن 1900ع
ھي رسالو جديد سنڌي لکت ۾ پھريون ڀيرو ڊسمبر 1900ع ۾ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ھن رسالي ۾ ٽرمپ صاحب واري رسالي ۾ ڪاپائتي سُر جي پٺيان جا مت ڏنل آھن، سا ۽ پڻ بمبئي ڇاپي ۾ سسئي (آبري) ۽ رامڪلي سرن جي پٺيان جي ٽيھ اکريون ڏنيون آھن سي داخل ڪيون ويون آھن.
-
مرزا قليچ بيگ جو ترتيب ڏنل رسالو
سن 1913ع
شاھ جي رسالي جا جيڪي جهونا رسالا موجود آھن انهن ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب جو رسالو پڻ ليکيو ويندو آھي جيڪو سن 1913ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو ھئو. ھن رسالي ۾ ڪافي درستگيون ڪيون ويون ھيون.
-
گربخشاڻِيءَ جو ترتيب ڏنل رسالو
سن 1923ع
جناب ھوتچند مولچند گربخشاڻي صاحب جن 15 ڊسمبر 1923ع تي شاھ جو رسالو سنواري پيش ڪيو جنھن ۾ ھن جو ڪم جيترو ٿي سگهيو ھئو اھو ظاھر ڪيو پر سچ بہ تہ اھو ھر طرح سان بھترين سنواريل رسالو آھي.
-
ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو
سن 1938ع
جناب ايڇ تي سورلي 31 مارچ 1938 ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڪتاب ”شاھ عبدالطيف آف ڀٽ“ ڪتاب لکي ان ۾ انگريزيءَ جو ترجمو بہ ڪيو تہ حال احوال اوري دنيا کي ٻڌايائين.
-
غلام محمد شاھواڻي جو ترتيب ڏنل رسالو
سن 1950ع
جناب غلام محمد شاھواڻي صاحب جو ترتيب ڏنل ھي رسالو مقبول رسالن ۾ شمار ڪيو ويندو آھي. بيتن ۽ واين ۾ جهجهو مقدار اٿس. ھن رسالي جي ھر صفحي جي ھيٺان ڏکين لفظن جون سمجهاڻيون شامل آھن.
-
محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جو ترتيب ڏنل ھي رسالو پڻ اوائلي رسالن ۾ شمار ٿيندو آھي. ھن رسالي ۾ اعراب تمام گٽ استعمال ڪيا ويا آھن. ھي رسالو وري ٻيھر سنڌ جي ثقافت کاتي 2016ع ۾ ڇپي پڌرو ڪيو آھي.
-
ھي رسالو جناب ڪلياڻ بولچند آڏواڻي صاحب 1958 ۾ ترتيب ڏئي پڌرو ڪيو، جيڪو سنڌ ھنڌ ۾ بي پناھ مقبول ٿيو. مختلف جڳھن تي ھي رسالو ملندو آھي.
-
علامہ آءِ آءِ قاضي صاحب جو ترتيب ڏنل رسالو
سن 1961ع
29 سرن تي مشتمل شاھ جو رسالو جيڪو علامہ آءِ آءَ قاضي صاحب جن سنڌي ادبي بورڊ مان 1961 ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو جنھن ۾ سر ڪيڏارو ترتيب مان ڪڍيو ويو ھئو.
-
ديوناگريءَ ۾ آڏواڻي صاحب جو ترتيب ڏنل رسالو
سن 1966ع
شري ڪليان بولچند آڏواڻي صاحب ديوناگري لپيءَ ۾ شاھ جو رسالو 1966 ۾ سنڌي سوسائٽيءَ ڀارت مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. ھي پڻ انتھائي اھم پيش رفت ٿي. اھو ساڳيو رسالو بعد ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي ٻيھر سنڌ مان ڇپرائي پڌرو ڪيو.
-
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي تصحيح ۽ تحقيق آڌار ھي شاھ جو رسالو برطانوي متحف (برٽش ميوزيم، لنڊن) جي ڪتبخاني ۾ محفوظ قلمي نسخي مطابق 28 سرن تي مشتمل رسالو ترتيب ڏنو ويو ھئو.
-
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي تصحيح ۽ تحقيق آڌار ھي شاھ جو رسالو سنہ 1269ع ۽ 1270ع ۾ لکيل ٽن آڳاٽن قلمي نسخن کي ڀيٽي ھي رسالو ترتيب ڏنو ويو ھئو.
-
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي تصحيح ۽ تحقيق آڌار ھي شاھ جو رسالو سر سسئي سان شروع ٿيندڙ پھرين دور (1165ھ - 1207ھ) جي ڏھن نسخن سان ڀيٽي ترتيب ڏنو ويو ھئو.
-
جناب محمد يعقوب آغا صاحب جن 1985ع ۾ ھي ناياب رسالو ترتيب ڏيئي انگريزيءَ ۾ تشريح جيان ترجمو ڪيو جنھن کي سنڌ جي ثقافت کاتي ڇپيو. ھي رسالو روميءَ سان گڏ ڪلاسيڪي شاعرن جي حوالن سان گڏ ھر بيت ۽ وائيءَ ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو.
-
شاھ جو رسالو (شاھ جو ڪلام) 11 جلد ڊاڪٽر بلوچ
سن 1989ع
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب شاھ جو ڪلام تي ڪم شروع ڪري پھريون جلد پڌرو ڪيو، 11 جلدن تي مشتمل تي ھي رسالو ھڪ وڏو ڊاڪيومينٽ طور سامهون آيو. جنھن ۾ لفظ لفظ جي معنا، متن جي سمجهاڻي، جدا لغت ۽ گهڻو ڪجهہ شامل ھيو. ھن جو آخري جلد 2014 ۾ ڇپيو. ھي ڪم سنڌ جي ثقافت کاتي ڇپي پڌرو ڪيو.
-
انگريزيءَ ۾ امينا خميساڻي صاحبہ جو ترجمو ڪيل ھي رسالو پڻ خاص اھميت رکي ٿو. امينا خميساڻيءَ تشريحي ۽ منظوم ترجمي سان گڏ ھي رسالو ثقافت کاتي پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو.
-
شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ، حيدرآباد پاران جناب ڪرتار سنگهہ عرش صاحب جن جو پنجابي زبان ۾ ترجمو ڪيل شاھ جو رسالو ڇپي پڌرو ڪيو.
-
ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز پاران ڇپايل ھي رسالو جيڪو عثمان علي انصاري صاحب جن ترتيب ڏنو ھئو، تنھن ۾ ٽيھ سر آھن ۽ آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنا پڻ شامل ڪئي وئي آھي.
-
ڪراچي يونيورسٽي جي شاھ عبداللطيف چيئر، سن 2000ع ۾ ٻانهي خان شيخ صاحب جو ترتيب ڏنل رسالو جيڪو ٽن جلدن تي مشتمل آھي اھو ڇپائي پڌرو ڪيو. چيو اھو وڃي ٿو تہ شيخ صاحب گنج جي نقش قدم تي ھليو آھي جنھن ۾ گهڻي کان گهڻو مواد شامل آھي.
-
شاھ جو رسالو ھٿ اکريءَ کان ٿيندي ڪتاب ۽ ھاڻي پھريون ڀيرو آن لائين انٽرنيٽ تي ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام تي، عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن پنھنجي ٽيم معرفت شاھ جو رسالو شايع ڪري پڌرو ڪيو، جيڪو بعد ۾ اي بڪ ڪري دنيا جھان تائين اسڪرين وسيلي پھتو.
-
بقول ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي تہ ھي رسالو مسلسل چاليھن سالن جي محنت جو ثمر آھي جنھن ۾ شاھ جي سوانح ۽ فڪر سميت پنجاھ قلمي ۽ جملي ڇاپي رسالن سان ڀيٽيل متن ۽ معنى وارو زيرن زبرن سان سڄو رسالو جيڪو صحيح آھي اھو ھي ئي آھي. ھن رسالي کي سنڌ جي ثقافت کاتي پڌرو ڪيو.
-
گنج (شاھ جو رسالو) الف – ب وار ترتيب سان
سن 2012ع
ھي گنج شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ترتيب ڏئي 2012ع ۾ شايع ڪرائي پڏرو ڪيو ويو، جنھن سان گنج اندر ھڙني بيتن ۽ واين کي الف ب وار رکڻ جي ڪري سولائيءَ سان پڄي سگهجي ٿو.
-
شاھ عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلوپيڊيا جو پڌرو ٿيڻ
سن 2017ع
ڪراچي يونيورسٽي جي شاھ عبداللطيف چيئر، سن 2017ع ۾ ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلوپيڊيا“ پروجيڪٽ تحت پھريون جلد ڇپي پڌرو ڪيو، جنھن ۾ شاھ سائينءَ سان لاڳاپيل تمام گهڻو مواد سھيڙي ھڪ ھنڌ ڪٺي ڪرڻ جو مقصد رکيل آھي. ھي پروجيڪٽ ڊگهو آھي، جنھن تي ڪم ھلي رھيو آھي.
-
رسالي جو عربي ۽ فارسي ترجمو
سن 2020ع
سن 2020 ۾ ڀٽ شاھ ميلي ۾ ھڪ ئي وقت شاھ جي رسالي جا عربي ۽ فارسي ترجما پڌرا ٿيا. جن ۾ عربي ترجمو ڊاڪٽر فضل رحيم سومري صاحب ۽ فارسي ترجمو جناب نياز ھمايوني صاحب جن جو ھئو سي سنڌ جي ثقافت کاتي ڇپرائي پڌرا ڪيا. فارسي ترجمو 9 سرن تي مشتمل آھي.
-
ڀٽائي پيڊِيا تي ڪم شروع ٿيو
سن 2020ع
شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي 277 ھين عرس مبارڪ جي آخري ڏھاڙي تي ايڇ ٽي سورلي ھال ڀٽ شاھ ۾ مختصر ”لطيف ايوارڊ“ تقريب منعقد ڪئي ويئي جنھن ۾ سيد سردار علي شاھ (صوبائي وزير ثقافت ۽ سياحت) خطاب ڪندي اعلان ڪيو تہ ويجهڙائي ۾ ئي عبدالماجد ڀرگڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگوينج انجنيئرنگ قائم ڪيل اداري اندر سڄي دنيا ۾ شاھ لطيف جي زندگي متعلق ڪيل ڪم کي سھيڙي، ”ڀٽائي پيڊيا“ ايپليڪيشن ٺاھي ويندي.
-
شاھ جو رسالو بلوچي زبان ۾ پڌرو ٿيو
سن 2021ع
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي واري تقريب ۾ سنڌ ثقافت کاتي پاران شاھ جي رسالي جو بلوچي زبان ۾ ترجمو پڌرو ڪيو ويو، جيڪو اي بي صدا لاشاري صاحب جن ڪيو. ترجمي تي ڪم ھلي رھيو آھي، ترجمي جا پھريان ٽي جلد ظاھر ڪيا ويا آھن.
-
ڀٽائي پيڊيا جي مھورت ٿي گذري
سن 2023ع
تاريخ 2 سيپٽمبر 2023ع تي شاھ عبداللطيف ڀٽائي صاحب جي ميلي واري ڏھاڙن ۾ ”لطيف ادبي ڪانفرنس“ دوران ڀٽائي پيڊيا جي مھورت ٿي گذري. مھورت جي موقعي تي مھمان خاص محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن ھن پروجيڪٽ جي اھميت تي ڳالهايو. تقريب ۾ نگران صوبائي وزير ثقافت سنڌ حڪومت سيد جنيد شاھ سان گڏ نگران وفاقي وزير تعليم محترم مدد علي سنڌي صاحب جن موجود ھئا.