
عنوان | شاھ جو رسالو |
---|---|
شارح / محقق | علامہ آءِ. آءِ. قاضي |
ڇپائيندڙ | سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو |
ڇپجڻ جي تاريخ | 1993-01-01 |
ايڊيشن | 3 |
ڪلياڻ
داستان پھريون
بيت - 1
اَولِ الله، عَليم، اَعلى، عالَمَ جو ڌڻِي،
قادر پنھنجي قدرت سين، قائم آہ قديم،
والِي، واحد، وحدہُ، رازق ربُّ، رحيم،
سو ساراہِ سچو ڌڻِي، چئي حمد، حڪيم،
ڪري پاڻَ ڪريم، جوڙَؤن جوڙَ جھانَ جِي.
بيت - 2
وَحده لاشَريڪَ لَهٗ، جڏهن چيو جَنّ،
تَن مڃيو محمّد ڪارَڻِي، هٖيجان ساڻ هِنۡيَنّ،
تڏهن منجهان تَنّ، اَوتَڙَ ڪونہ اولِيو.
بيت - 3
وَحدہٗ لاشَريڪَ لَهٗ، ٻُڌءِ نہ ٻوڙا،
ڪِ تو ڪَنٖينۡ نہ سُئا، جٖي گهَٽ اَندر گهوڙا،
ڳاڙِيندين ڳوڙها، جِت شاھدَ ٿيندءِ سامهان.
بيت - 4
وَحدہٗ لاشَريڪَ لَهٗ، اِيءُ وِهائج ويءُ،
کَٽين جي هارائٖيينۡ، هنڌ تنهنجو هِيءُ،
پاڻان چُونۡدَءِ پيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
بيت - 5
وَحدہٗ لاشَريڪَ لَهٗ، اِيءُ هيڪَڙائيءَ حَقُ،
ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَن وڌو سٖي وِرَسيا.
بيت - 6
وَحدَہٗ جي وَڍيا، اِلّااللهَ اَڌَ ڪِيا،
مُحمّد رَّسُولُ چئِي، مسلمانَ ٿِيا،
عاشق عبداللطيف چئي، اِنهِين پَھِ پيا،
تٖيلانۡ ڌڻِيءَ ڌُئا، جٖيلانۡ ويا وحدتَ گڏجي.
بيت - 7
وَحدَہٗ جي وڍيا، اِلّااللهَ سين اورِينِ،
هِينئون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ،
معرفتَ جي ماٺِ سين، ڏيسانۡدرَ ڏورِينِ،
سُکِ نہ سُتا ڪڏهين، ويھِي نه ووڙِينِ،
ڪُلهِنئُون ڪورينِ، عاشقَ عبداللّطيف چئي.
بيت - 8
وَحدہٗ لاشَريڪَ لَهٗ، جان ٿو چئين اِيئَنۡ،
تان مَڃ مُحمّد ڪارَڻِي، نِرتَئُون منجهان نِيھَنۡ،
سو تون وڃيو ڪِيئن، نايئٖينۡ ڪنڌ ٻين کي.
بيت - 9
وَحدہٗ لاشَريڪَ لَهٗ، جَن اُتو سين اِيمانَ،
تَن مڃيو مُحمّد ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙ ڪنھن نہ اولِيا.
بيت - 10
اَوتَڙَ ڪنھن نہ اولِيا، سُتَڙِ ويا سالِمَ،
هيڪائِي هيڪُ ٿِيا، اَحَد سين عالمَ،
بي بَھا بالِمَ، آگٖي ڪِيا اَڳَهِين.
بيت - 11
آگٖي ڪِيا اَڳَهِين، نِسوروئِي نُورُ،
لاخوفٌ عَليھِمۡ ولاھُمۡ يَحۡزَنُونَ، سچنِ ڪونهي سُورُ،
مَولٖي ڪِيو مَعُمورُ، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
بيت - 12
سِرُ ڍونڍيان، ڌَڙ نہ لَھان، ڌَڙُ ڍونڍيان، سِرُ ناھ،
هَٿَ، ڪرايون، آڱريون، ويا ڪپجِي ڪانۡه،
وَحدتَ جي وِهانءِ، جي ويا سي وڍيا.
بيت - 13
وَحدَهُ جي وڍيا، ڪِيا اِلّااللهَ اَڌُ،
سِي ڌَڙَ پَسِي سَڌَ، ڪنھن اَڀاڳِيءَ نہ ٿئي.
بيت - 14
وَحدَتا ڪَثرتَ ٿِئي، ڪثرتَ وحدتَ ڪُلُّ،
حَقُّ حقيقي هيڪَڙو، ٻولِي ٻِي مَ ڀُلَّ،
هِيءُ هلاچو هُلَّ، بالله سندو سڄڻيٖن.
بيت - 15
چئو تُون اَلله هيڪَڙو، وَائِي ٻِي وسارِ،
تَنَ ۾ تَندُ تنوارِ، سدا سُپيرِينِ جي.
بيت - 16
چئو تون اَلله هيڪَڙو، ٻِي وائِي وساري ڇَڏِ،
اُو تان تو سين گَڏِ، سڄڻُ ساهَ پساهَ ۾.
بيت - 17
پاڻئِي جلُّ جلالَهٗ، پاڻئي جاَنِ جمالُ،
پاڻئِي صورتَ پِرً جي، پاڻئِي حُسن ڪمالُ،
پاڻئِي پِيرُ مُريدُ ٿِئٖي، پاڻئِي پاڻ خيالُ،
سو سڀوئِي حالُ، مَنۡجهان ئِي معلوم ٿئي.
بيت - 18
پاڻئِي پسٖي پاڻ کي، پاڻئِي محبوبُ،
پاڻئِي خَلقي خوبُ، پاڻئِي طالب تَن جو.
بيت - 19
سو ھِيءُ، سو ھو، سو اَجَلُ، سو اَلله،
سو پرِين، سو پساھُ، سو وٖيري، سو واھَرُو.
بيت - 20
سو ھيڏانھن، سو هوڏانھن، سوئي مَنِ وسٖي،
سوئِي سو پَسي، تَهِين سندٖي سوجهرٖي.
بيت - 21
پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ، جو جٖي لھين،
ھُئا اَڳھِين گَڏُ، ٻُڌڻَ ۾ ٻہ ٿيا.
بيت - 22
ايڪ قَصَرَ. دَرَ لَکَ، ڪوڙين ڪَڻس ڳِڙکيون،
جيڏانھن ڪريان پَرکَ، تيڏانھن صاحبُ سامُهُون.
بيت - 23
ڪوڙيٖن ڪايائون تنھنجيون، لِکن لُکَ هزارَ،
جِيءُ سڀڪنھن جِيءَ سين، درسن ڌارو ڌارَ،
پرينۡم تنھنجا پارَ، ڪھڙا چِئي ڪيئن چُؤان!
وائي - 1
سڀڪا پِريان ڪُون پُوڄي،
نِينھُن نيڻين، ڳُڻ ڳالهہ، وو.
جا چِتايم چِتَ ۾، سڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي،
نِينھُن نيڻين، ڳُڻ ڳالهہ، وو.
لاتِ جا لطيفَ جِي، سَڏُ تنھن جو سُڄَي،
نِينھُن نيڻين، ڳُڻ ڳالهہ، وو.
داستان ٻيون
بيت - 1
اَگهِي اَگهائِي، رنج پِريان کي رسيو،
چکَيم چڱائِي، سورانگهٖي سوريءَ تان.
بيت - 2
اَنڌا اُونڌا ويٖڄ، کَلَ ڪُڄا لئي کانۡئيين،
اَسان ڏُکٖي ڏيلَ ۾، تون پياريٖين پيڄ،
سوري جَنينۡ سٖيڄَ، مَرڻُ تن مُشاھدو.
بيت - 3
سوريءَ سَڏَ ٿيو، ڪا ھلندي جيڏِيُون؟
وڃڻُ تَن پيو، نالو نِينھَن ڳِنھَن جٖي.
بيت - 4
سوري سڏُ ڪري، اُڀِي عاشقن کي،
جي اَٿئِي سَڌَ سِڪَڻ ۾، تہ ڪَؤُ مَ پيرُ پري،
سِسِي ڌارَ ڌري، پڇج پوءِ پِريتڻون.
بيت - 5
سوري آھ سينگارُ، اَڳھِين عاشقن جو،
مُڙڻ، موٽڻ مِھۡڻون، ٿيا نظاري نِروارُ،
ڪُسڻ جو قرارُ، اَصل عاشقن جو.
بيت - 6
سوري سينگاري، اَصل عاشقن کي،
لُڏيا ڪِينَ لطيفُ چئي، ٿيا نيزٖي نظاري،
ڪوٺيو ڪناري، آڻيو چاڙهي اُنِ کي.
بيت - 7
سوريءَ مٿي سيڻَ، ڪھڙي ليکٖي سَنَرا،
جيلَهُ لڳا نٖيڻَ، تٖي سُوريائِي سيڄَ ٿِي.
بيت - 8
سورِيءَ چڙھڻ، سيڄَ پَسڻَ، اِيءُ ڪم عاشقنِ،
پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھلن سامُھان.
بيت - 9
سوريءَ جي سؤ وارَ، ڏيھاڙئو چَنگِ چَڙهيٖين،
جِمَ وِرچي ڇڏيٖين، سِڪڻ جي پچارَ،
پِرت نہ پَسين پارَ، نينھُن جِئائِين نڱيو.
بيت - 10
پِھرين ڪاتِي پاءِ، پُڇجِ پوءِ پِريتُڻون،
ڏک پِريان جو ڏيلَ ۾، واڄٽ جِيئن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پچاءِ، جٖي نالو ڳِيڙَءِ نِينھن جو.
بيت - 11
ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوھُ، ڳن وڍيندڙ ھٿَ ۾،
پَسيو پَرِ عجيب جِي، لِچيو وڃي لوھُ،
عاشقن اَنۡدوھُ، سدا معشوقن جو.
بيت - 12
ڪاتِي تکِي مَ ٿئي، مَرُ مُنيائِي هوءِ،
مانَ وُرَمنِ توءِ، مون پِريان جا ھٿڙا.
بيت - 13
جي تون سِڪَڻُ سِکيو، تہ ڪاتِيءَ پئِي مَ ڪَنجهُہ،
سُپيريان جي سُورَ جو، ماڙهُن ڏِجي نه مَنجهُہ،
اَندر اِيءُ اَھنجُ، سانڍج سکائون ڪري.
بيت - 14
جان وڍئٖين تان ويھُ، نہ تہ وٺيو واٽ وانءُ تون،
هِيءُ تَنين جو ڏيھُ، ڪاتِي جَنِين هٿَ ۾.
بيت - 15
ڪاتِي جن ڳرٖي، مان لنؤن لڳي تنَ سين،
محبت جي ميدان ۾، وڃان پٖير ڀري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌرٖي، مانَ ڪُھِنَھون سُپرِين.
بيت - 16
اَڳيان اَڏُينِ وَٽِ، پوينِ سِرَ سنباھيا،
ڪاٽِ تہ پَوين قبولَ ۾، مَڇَڻ ڀاييٖن گهَٽِ،
مَٿا مَھايَنِ جا، پيا نہ ڏِسين پَٽِ،
ڪلَاڙَڪٖي هَٽِ، ڪُسڻ جو ڪوپُ وَهٖي.
بيت - 17
جي اَٿئِي سِڪَ سُرڪَ جي، تہ ونۡءَ ڪَلاڙَڪٖي ڪاٽٖي،
لاھي رک لطيف چئي، مَٿو وَٽِ ماٽٖي،
تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پيءُ تون، گهوٽ منجهان گهاٽي،
جو وَرنہ وِھاٽٖي، سو سِرَ وٽ سَرو ساھَنگو.
بيت - 18
جي اَٿئِي سَڌ سُرڪ جي، تہ وَنۡءُ ڪَلاڙَڪٖي هَٽِ،
لاھي رک لطيفُ چئي، مَٿو ماٽٖي وَٽِ،
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، پِيج ڪي پِياليون.
بيت - 19
جي اَٿئِي سِڪُ سُرڪَ جي، تہ وَنۡءُ ڪَلاڙَڪٖي ڪُوءِ،
مَھيسَرَ جِي مَدَ جي، هُتِ ھڏھين ھُوءِ،
جان رمز پروڙيٖين رُوءِ، تان سِرَ وٽِ سُرڪِي سَڳُڻِي.
بيت - 20
جي اَٿئي سِڪَ سُرڪَ جِي، تہ وَنۡءُ ڪَلاڙڪي گهَرِ،
وَڍڻُ، چيرڻُ، چِچرڻُ، پَھتِ اُنِهينۡ جِي پَر،
جي وَٽي پَويٖئِي وَرِ، تہ سَھَنگِي آھ سيّد چئي.
بيت - 21
ناڻي ناھ ڪَڪُوھ، ڪِينۡ مُلهہ مھانَگو مَنڌُ،
سَنباھِج سيّدُ چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪنڌُ،
ھيءُ تَنِين جو ھَنڌُ، مَٽَن پاس مَرنِ جي.
بيت - 22
عاشقَ زھرَ پياڪَ، وِھُ پسيو وِھسَنِ گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪَ،
لَڳَينِ لَنئُون لطيفُ چئي، فنا ڪيا فراقَ،
توڻي چِڪنِنِ چاڪَ، تہ بہ آھَ نه سَلِن عامَ کي.
بيت - 23
مَ ڪر سَڌَ شرابَ جِي، جي تون ٽارييٖن ٽُوھُ،
پِيتٖي جنھن پاسي ٿِئي، منجهان رڳُنِ روحُ،
ڪاٽٖي چَکُ ڪَڪُوھُ، لاھي سِرُ لطيفَ چئي.
بيت - 24
سَڌڙيا شرِابَ جون، ڪوهُ پچارون ڪَن،
جُه ڪات ڪلالنِ ڪڍيا، تہ موٽيو پوءِ وڃنِ،
پِڪون سٖي پِيَن، سِرَ جنھين جا سَٽَ ۾.
بيت - 25
سرَ جُدا، ڌَڙ ڌارَ، دوڳَ جَنِين جا ديڳِ ۾،
سٖي مَرُ ڪَنُ پچارَ، ھَڪِيا جن جي ھٿ ۾.
بيت - 26
ديٖڳيٖينۡ دوڳَ ڪَڙهَنّ، جِت ڪڙييٖنۡ ڪڙَڪو نہ لھٖي،
تِتٖي طبيبنّ، چاڪَ چِڪندا ڇڏيا.
بيت - 27
سِسِي سي گهُرَنِ، جي واٽِيندَڙَ وچ ۾،
اُوءِ ڪِينۡ ٻيو پُڇُنِ، سَرو جن سنباھيو.
بيت - 28
اَصل عاشقَ پانھنجِي، سسِي نہ سانڍينِ،
لاھيو سِرُ لطيفُ چئي، ساھُ سَلاڙيو ڏِين،
ڪَلَهِنُئون ڪاٽِينِ، پُڇنَ پوءِ پِريتَڻون.
بيت - 29
اَصل عاشقن جو، سِرُ نہ سانڍڻ ڪَمُ،
سؤ سِسنِئان اَڳرَو، سَندو دوسانۡ دَمَ،
ھيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِيءَ نہ پَڙٖي.
بيت - 30
جي مَٿٖي وَٽِ مِڙَنِ، تہ سڀ ڪنھين سَڌ ٿئٖي،
سِر ڏنٖي سَٽِ جُڙٖي، تہ عاشقَ اِيئن اَچَنِ،
لِڌا تي لَڀَنَ، مُلهہ مھانگا سُپرِينۡ.
بيت - 31
مُلهہ مھانگو قَطَرو، سِڪَڻَ شهادتَ،
اَسان عِبادتَ، نظَرَ نازَ پِريَنِ جا.
وائي - 1
مَنڌُ پِيندَي مون، ساڄنُ سھِي سڃاتو.
پِي پيالو عشقَ جو، سَڀُڪي سمجهوسون،
ساڄنُ سھِي سڃاتو.
پِريان سندَي پارَ جِي، اَندر آڳِ اٿئون،
ساڄنُ سھِي سڃاتو.
جِيئڻ ناھَي جَڳَ ۾، ڏينھَن مڙيئِي ڏُون،
ساڄنُ سھِي سڃاتو.
الا! عبداللّطيف چئي، آھين تُونھِين تون،
ساڄنُ سھِي سڃاتو.
داستان ٽيون
بيت - 1
اُٿياري اُٿِي ويا، منجهان مون آزارَ،
حبيب ئِي ھڻِي ويا، پِيڙا جِي پچار،
طبيبنِ تنوارَ، ھَڏِ نہ وڻٖي ھاڻِ مون.
بيت - 2
هَڏِ نه وڻٖي هاڻِ مون، ويٖڄن جو وصال،
ھِن منھنجي حالَ، حبيب ئِي ھادي ٿيو.
بيت - 3
حبيبُ ئِي ھادي ٿيو، رھنُما راحَتَ،
پِيڙا نِيائين پاڻ سين، لائٖي ڏيٖئِي لَتَ،
سُپٖيريان صِحَتَ، ڏِنِيمَ منجهان ڏکندٖي.
بيت - 4
اورِ ڏُکندو او ٿئي، ھادي جنھن حبيبُ،
تِرَ تفاوت نہ ڪري، تنھن کي ڪو طبيبُ،
رھنُما رقيبُ، ساٿَر صِحت سُپرِين.
بيت - 5
ساٿَر صِحَتَ سُپرِينۡ، آهي نہ آزارُ،
مجلس ويرَ مِٺو ٿئي، ڪوٺيندي قھارُ،
خنجر تنھن خوب هڻي، جنھن سين ٿئٖي يارُ،
صاحِبُ ربُّ ستّارُ، سُوجهي رڳون ساھَ جِيُون.
بيت - 6
رڳُون ٿيون رَبابُ، وڄن ويٖلَ سڀڪھِين،
لُڇَڻ، ڪُڇڻَ نہ ٿيو، جانب ري جبابُ،
سوئِي سَنڌينۡدم سُپرِين، ڪِيس جنھن ڪبابُ،
سوئِي عَينَ عذابُ، سوئِي راحتَ روحَ جِي.
بيت - 7
سوئِي راھُ رَدّ ڪري، سوئِي رهنُما،
”وَ تُعِزُّ مَنۡ تَشَاءُ وَ تُذِلُّ مَن تَشاء“
بيت - 8
ڄاڻِي ٻُجهي جَنِ، تو سين سُورَ سَڃَ ڪِي،
تون ڪيئن سَنديون تَنِ، پَرَسين پَچاروُن ڪرين؟
بيت - 9
پَر ۾ پُڇيائُون، عشقَ جي اَسباب کي،
دارون ھِن دردَ جو، ڏاڍو ڏَسائُون،
آخِرُ وَالۡعَصَر جو، اِينھٖين اُتائون،
تِھان پوءِ آئُون، سِڪانۡ ٿِي سلامُ کي.
بيت - 10
سِڪيٖنۡ ڪُه سلامَ کي، ڪرين ڪُه نه سلامُ،
ٻيا دَرَ تن حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنينۡ ديکيو.
بيت - 11
مِٺايان مِٺو گَهڻو، ڪڙو ناھ ڪلامُ،
سُڪوت ئي سلامُ، پريانِ سندي پارَ جو.
بيت - 12
پِريان سندي پارَ جي، مڙئي مٺائي،
ڪانهي ڪَڙائي، چَکِين جي چيتُ ڪري.
بيت - 13
تو جَنين جِي تاتِ، تَن پُڻ آهي تنهِنجي،
”فَاذۡڪُرُونِي اَذڪُرۡ ڪُمۡ“، اِيءُ پروڙج باتِ،
هَٿِ ڪاتِي ڳُڙُ واتِ، پُڇڻ پَرِ پِريَنِ جِي.
بيت - 14
حبيبنِ ھيڪارَ، مَنجهان مِھرَ سَڏ ڪيو،
سو مُون سڀ ڄَمار، اورڻ اُھوئِي ٿيو.
بيت - 15
پاٻوھي ھيڪارَ، مُونۡھانۡ پُڇيو سَڄڻٖين،
”اَلَسۡتُ بِرَبِّڪُمۡ“، چيائون جنھن وارَ،
سندي سُورَ ڪِنارَ، تَنَ تڏاھڪُون نہ لھٖي.
بيت - 16
پاٻوھِيو پُڇَنِ، ”ڪٿي هَٿُ حَبيبُ جو؛“
نيزي ھيٺان نِينھن جٖي، پاسي پاڻُ نہ ڪَنِ،
عاشقَ اَجل سامُهانۡ، اُونۡچي ڳاٽِ اَچنِ،
ڪسڻ قربُ جَنِ، مَرڻ تَنِ مشاھِدو.
بيت - 17
ڪوٺٖي ڪُھٖي سُپرين، ڪوٺٖي ڪُھَڻَ ساڻُ،
نيزي هيٺانۡ نِينھَنۡ جي، پاسي ڪر مَ پاڻُ،
ڄُلُ، وِڃائٖي ڄاڻُ، عاشقَ اَجل سامُهون.
بيت - 18
ڪوٺَڻ قريبن جو، عَينُ تَڙڻ آھِ،
اِيءَ اُلٽِي ڳالهِڙي، سِڪُ وَرندِي ساھِ،
آسَرَ هَڏ مَ لاهِ، ڇِنڻ ڳَنڍڻ اُنِ جو.
بيت - 19
ڪُھَنِ تان ڪَرَ لَھَنِ، ڪَرَ لَھَنِ تان ڪُھَنَ،
سي ئِي ماءِ مُھَنَ، سي ئِي راحتَ روحَ جِي.
بيت - 20
ڪُھٖي سو ڪَرَ لھٖي، ڪوٺٖي سو قَريبُ،
اِها عادت سِکيو، هر زمانِ حبيبُ،
تِڇٖي سو طَبِيبُ، سوئِي راحت روح جِي.
بيت - 21
ڪُھَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سڄڻٖينۡ،
سُورِيءَ چاڙهيو سُپرِينۡ، ڏنڀَ ڏِيهاڻِي ڏِينِ،
ويٺا وِرهُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙيا وِھاءِ تُون.
وائي - 1
ٿيندو تَنَ طبيبُ، داروُن منھنجي درد جو.
ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجَهہ جِي، اَچِي شال عَجيبُ،
دارون منھنجي درد جو.
پِريَن اَچِي پاڻ ڪِيو، سندو غور غريبُ،
دارون منھنجي درد جو.
ڏُکَندو سڀوئي ڏورِ ڪِيو، مَنجهؤُن تَن طبيبُ،
دارون منھنجي درد جو.
اَديون عبداللّطيف چئي، هاتِڪُ آھِ حبيبُ،
دارون منھنجي درد جو.
يمن ڪلياڻ
داستان پھريون
بيت - 1
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون درد جي دواء،
جانبَ منھنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع،
صاحبَ ڏي شفاء، ميان! مريضن کي.
بيت - 2
تون حبيبُ، تو طبيبُ، تون درد جو داروُن،
دوا آهن دل کي، تنهنجيون تَنواروُن،
ڪريان ٿي ڪاروُن، جئن ٻُڪي ٻِئنئِون نه ٿئي.
بيت - 3
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تونهين ڊَٺَنِ ڊَبُّ،
تون ڏِيين، تون لاهيين، تون هادي، تون ربُّ،
آهِم اِيءُ عجبُّ، جئن واريو ويڄَ وِهاريين.
بيت - 4
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون داروُن کي دردن،
تون ڏيين، تون لاهيين، ڏاتَرَ کي ڏُکندَنِ،
تڏهن ڦڪيون فَرقُ ڪَنِ، جڏهن اَمُر ڪريو اُنِ کي.
بيت - 5
جان ڪي ڪري طبيبُ، دارون هِن درد جا،
هڻيو سا حبيبُ، اُکوڙيو اَڌَ ڪَري.
بيت - 7
هَڻُ حبيبَ هَٿُ کڻِي، دل ۾ ٿِي دانھيان،
ڪُڇان تان ڪُوڪَ ٿئي، صبر آءٌ نہ سَھان،
ڪنھن کي اِيئن چَوان، تہ مون کي ماريو سَڄَڻين.
بيت - 8
هَڻُ حبيبَ هَٿُ کڻي، ٻَنگا لَھِي ٻاڻ،
ماڳھين مون مِنھُن ٿئي، جهولِيءَ وجهان پاڻ،
اِنّ پَرِ ساڄَنَ ساڻ، مانَ مقابلو مون ٿئي.
بيت - 9
جِت حبيبَ هَڻنِ، نائُڪَ ڀَري نِينهَن جِي،
تِتي طَبيبنَ، وِڄا وڃي وسرِي.
بيت - 10
هَڻي جي حبيبُ، مَحبتي مَيا ڪري،
پڇان ڪونه طَبيبُ، هوند گهائَنِ سين ٿِي گهاريان.
بيت - 11
چوري چنگُ، ٻَنگُ لَهِي، حبيب هَنيوسِ،
ٻُجهان ٻاڻُ لڳوسِ، ڪانارئو ڪَرَ کڻي.
بيت - 12
ڪانارئا ڪُڻڪَنِ، جَنين لوههُ لِڱَن ۾،
محبت جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇَنِ،
پاڻهي ٻَڌن پَٽيُون، پاڻهي چِڪِئا ڪَنِ،
وٽان واڍوڙِينِ، رهِي اَچجي راتڙي.
بيت - 13
رهِي اَچجي راتڙي، تَن واڍوڙين وٽاءَ،
جَن کي سورُ سريرَ ۾، گهَٽَ منجهارا گهاءَ،
لِڪائي لوڪاءَ، پاڻهي ٻَڌنِ پَٽيون.
بيت - 14
اَڄُ پُڻ ڪَنجهو ڪَنجههَ، واڍوڙَڪِيءَ مَنَهِين
جو پُڻِ پِييَنِ سَنجههَ، ته هوءِ پِنيُون هوءِ پَٽِيُون.
بيت - 15
اَڄُ پُڻ ڪِهڙي دانَهن، واڍوڙڪي مَنَهين؟
ويڄَ وَرائي ٻانهن، چوري چاڪَ نهاريا.
بيت - 16
ويچارا واڍوڙَ، سدا شاڪِرَ سُورَ سين،
تاڻِينِ پاسي توڙَ، اوري ڪَن نه آسرو.
بيت - 17
سدا آهي سُورَ جِي، واڍوڙين وائِي،
جيڪا اَٿن مَن ۾، سَلنِ نه سائِي،
اوڙَڪِ اُهائِي، ڳوليو لَهنِ ڳالهَڙي.
بيت - 18
سَگهنِ سُڌِ نه سُورَ جي، ته گهايَلَ ڪِئن گهارينِ،
پِيلَ پاسو پَٽَ تان، واڍوڙيلَ نه وارينِ،
پَرِ ۾ پَچَنِ پِرينءَ لئي، هَئي! هنجهُون هارِينِ،
سَڄڻُ جي سارينِ، تَن رويو وهامي راتَڙي.
بيت - 19
سَگهَنِ سُڌِ نه سُورَ جي، ٿا رُنڪَنِ رَنجُورِي،
پيا آهن پَٽَ تي، مَٿنِ مامُورِي،
لڳِيَنِ لؤن لطيفُ چئي، سدا جي سُورِي،
پِرتِ جَن پُوري، تَن رويو وهامي راتَڙي.
بيت - 20
آيَلِ اُنِ نه وِسهان، هنجهُون جي هارِينِ،
آڻيو آبُ اکين ۾، ڏيههَ کي ڏيکارينِ،
سَڄَڻُ جي سارِينِ، سي نڪي رُون نه چُون ڪِي.
وائي - 1
وِرِسيا ويڄَ ويچارا، دل ۾ دردُ پريَن جو.
اُٿو ويڄا، مَ وِھو، وڃو ڊَڀَ کڻِي،
دل ۾ دردُ پريَن جو.
ٻُڪِي ڏيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌڻِي،
آيا جيءَ جيارا،
دل ۾ دردُ پريَن جو.
داستان ٻيون
بيت - 1
تَنَ طبيبُ نه تُون، جو سُڌِ نه لهين سُورَ جي،
ڍَڪِ پنهنجون ڍَٻِيُون، کَڏ کڻِي ۾ ڀُون،
ڪانه گُهرجي مون، حياتي هوتن ري.
بيت - 4
آهي گهڻو آگَهنِ جو، تَرَسُ طبِيبَنِ،
ڪيو وَسُ ويڄَنِ، تان ڪِريءَ ري ڪِينَ ٿئي.
بيت - 5
تَرَسُ طبيبن جو، جَڏَنِ ڪيو نه ذاتِ،
جو ويڄنِ جي واتِ، دارُونئا تنهن دُورِ ٿيا.
بيت - 6
اگهائِي سَگها ٿيا، جي ويٺا وٽِ ويڄَنِ،
تَرَسِي طبيبنِ، چيٺي هُوندَ چڱا ڪيا.
بيت - 7
ويڄَنِ سين وائيءَ پيا، ڪِريِ نه ڪيائُون،
جي پَندِ پاريائون، ته سِگهائي سَگها ٿيا.
بيت - 8
ويڄَنِ سين وائيءَ پيا، ڪِري ڪَنِ نه پاڻِ،
آگها اِنَ اُهڃاڻِ، پَسو! سُورُ سِجهائيا.
بيت - 9
پاڙي ويڄَ هُئامِ، تان مون مُور نه پُڇيا،
تيلاهين پيامِ، موريسَرَ اکين ۾.
بيت - 10
هاريا تو هِرِي، ڪُپَڇُ ڪايا سين ڪِيو،
ڪَريين جي ڪِري، ته تون تَوانون ٿِئين.
بيت - 11
جي ڀائين پِريَنِ مِڙان، سِک چوران ڪِي ڌاتِ،
جاڳڻ جَشَن جن کي، سُک نه سارِي راتِ،
اُڄِي ٻُڄِي آئِيا، وائي ڪَنِ نه واتِ،
سلِي سوريءَ چاڙهيا، بيان ڪنِ نه باتِ،
توڻِي ڪُسن ڪاتِ، ساڳي سَلَنِ ڪينڪي.
بيت - 12
تَڙي طَبيبنِ، گهائِلُ گهَران ڪَڍيو،
چِڪيا چاڪَ چِهُون ڪري، ڪَڙيُون مُور نه ڪَنِ،
دوستَ جي درسَن سين، پُئي ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِيو ويڄَ وڃنِ، آءُ ته پِرينمِ اُبهان.
بيت - 13
ويڄنِ ويٺي ئِي، دوسُ پيهي در آئِيو،
صِحت جِي سرير ۾، ڪَلّ ڪَرين پيئِي،
پِيڙَ پَري ويئي، اَچڻ ساڻُ عجيب جي.
بيت - 14
وَڍي جَنِ وِڌياسِ، وري ويڄَ ئِي سي ٿيا،
تُرت ٻَڌائون پَٽيون، روز ڪيائون راسِ،
هِينئڙا تَنين پاسِ، گهارِ ته گهايَلُ نه ٿئين.
بيت - 15
هاريا ويڄَ، مُياسِ! سُڌِ نه لَهين سُور جِي،
پِريان کي چُوندياسِ، ته تَرَسُ طبيبنِ ڇڏيو.
بيت - 16
ويڄَ! مَ ٻُڪِي ڏي، اَلا! چڱي مَ ٿيان،
سڄڻُ مانَ اچي، ڪَرَ لاهُو ٿِي ڪڏهين.
بيت - 17
ويهڻ ويڄنِ وَٽِ، جي سِکين ته سَگهو ٿئين،
اَڳين عادت مَٽِ، ته اَگها! عاجِز نه ٿِئين.
بيت - 18
هُئين ويڄنِ وٽِ، تون ڪيئن جيءَ جڏو ٿئين؟
سِرُ ڏيئِي ۾ سَٽِ، ڪوه نه ڪَيَئي ڊَڀَڙا؟
بيت - 19
دارون ۽ ڪارُونَ، جان ڪي ڪيا ويڄَ مون،
ٻڪي ڏيندا ٻاجهه جي، نهارِي ناڙوُن،
جَن سيڻَ لَهنِ سارون، تَنِ تان ڏُکندو ڏوُر ٿئي.
بيت - 20
اَگهَنِ مِڙي اڄ، ڪيو سڏَ صِحَتَ کي،
ڏور ڏُکندا ڀَڄُ، مِهريءَ مُنهن ڏيکاريو.
وائي - 1
اَچي سارَ لَهيج، ساڄَن، سورَ توهانجي آءٌ مارِي،
سورَ تُنهِنجي جي مَران، تان مون ڏوههُ نه ڏيج،
ساڄَن سورَ تُنهنجي آءٌ مارِي.
ڊَڀَنِ ڀَري هَٿَڙا، دارون دوستَ ڪَريجِ،
ساڄَنَ سُورَ تُنهنجي آءٌ ماري.
داستان ٽيون
بيت - 1
هَئي هَئِي! وَهي هاءِ، مَنَ ۾ محبوبن جِي،
جيرا جوش جلائيا، بُڪِين ٻَري باههِ،
پَسو مَچَ مٿاءِ، جي ويساههِ نه وِسَهو.
بيت - 2
هَئي هَئِي! وَهي هُوءِ، مَنَ ۾ محبوبن جِي،
جيرا جوش جلائيا، بُڪين مُڪِي بُوءِ،
اَچِي پَسو رُوءِ، جي ويساههِ نه وِسَهو!
بيت - 3
ڪانڊين ٽانڊين ٻاٻُرين، پَچان مَرُ پيئي،
جيرا جگر بُڪِيُون، سِيخُن ۾ ٽيئي،
ويڄَنِئُون ويئي، ٿِي وَهيِڻِي سَڄَڻين.
بيت - 4
سَرُ جو سَڃيو سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏِيءَ ڏيئي،
ڪانَ ڪِرَنگهرُ ڪپيو، پَکَن سِرِ پيهي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساريون ٻيئي،
ويڄَنِئون ويئي، ٿِي وَهِيڻِي سَڄَڻين.
بيت - 5
سَرُ جو سَڃِيو سَڄڻين، ٻَنگا ٻاڻُ ڀَري،
ويو وُجودان نڪري، ڪَڙِ ڪَڙِ ڪانُ ڪري،
پُڇو پيرَ ڀَري، ته ڪِ ٺريو هَٿُ حبيبَ جو.
بيت - 6
سَرُ جو سَڃِيو سَڄَڻين، ٻِيهَرَ ٻاڻُ ڀَري،
ڇمَڪيو سو ڇوههَ مان، ڪَڙِ ڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
جيرا جِگرُ بُڪِيُون، لنگهي پيو پَري،
لڳو جِيءَ جَڙي، تاڻيان تِيرُ نه نڪري.
بيت - 7
سَرُ جو سَڃِيو سَڄَڻين، سيڱَ منجهان سِيلو،
ٽِنگَرُ ٽِڪيو ڪينڪِي، پار لنگهيو پِيلو،
هڻڻ سين حِيلو، جانبَ جيڏو ئي ڪيو.
بيت - 8
ڌڳايومِ ڌَئِين، ڄيرو اَندر جِندَڙي،
لڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سندِي نينهن نَئِين،
مُشَاهدي تَهِين، مون کي وڌو مَچَ ۾.
بيت - 9
جي تَتو تَنُ تَنُور جئَن، ته ڇَنڊي ساڻ ڇَماءِ،
آڻي آڳِ اَدب جِي، ٻاري جانِ جَلاءِ،
بُرقئا اندر بازيُون، پنهنجون سڀ پچاءِ،
لُڇَڻُ، لَؤن لطيف چئي، پَڌر هڏ مَ پاءِ،
متان لوڪُ لَکاءِ، وِصالان وچ پَئي.
بيت - 10
اَڃا تَنُوراءِ، ڪالهه ڪڍياسون سَڄڻين،
پُڻ تايائُون تڪڙو، وحدتَ جي وُڌاءِ،
مَحَبَتِينِ مَٿاءِ، مَچُ مُورائين نه لهي.
بيت - 11
پَچائي پَهاڻُ، جَن رَساڻيو رُڪَ کي،
تَنِين سندو ڄاڻُ، آهي آڳَڙينَ کي.
بيت - 12
چڙهيو چَڪاسِن چاءِ، آڳ ٻَرندي آئيا،
وِهُسن واڙيءَ ڦُلَ جئن، مَحبَتِي مَچَ لاءِ،
آڻي پاڻُ آڙاءِ، کڻي کُوري وِچَ ۾.
بيت - 13
ڌَنءُ ڌنءُ ڌَمَڻِ وارَ، اَڄ پڻ آڳَڙينِ جي،
ٻاري مَچَ مَجاز جو، اوتيائون آڱارَ،
ڌُوڌِيا ٿيءُ مَ ڌارَ، جِمّ ڪَچو رُڪُ ڪَڻيون ٿئي.
بيت - 14
ڌُوڌا تون نه ڌَنئين، آڳِ اوڏو نه وَڃين،
اَلا جي عشق جا، سي تان تُون نه سَهين،
اُڀو اِيءَ چَئين، ته آءٌ آڳَڙيو آهيان.
بيت - 15
سِرُ سانداڻِ ڪري، پُڇج گهَرُ لُهارَ جو،
ڌَڪن هيٺ ڌَري، مانَ گَڏِينئِي رُڪَ سين.
بيت - 16
سَهِين جِئن سانداڻ، ڌڪن مٿي ڌَڪڙا،
وَههِ وِڃائي پاڻ، ڏي ڏَٻائون ڏُڱرين.
بيت - 17
هَئِي! ٻَرُ آڱارِن، ٻَڏاهين ٻَرن جي،
هِڪُ کوري کانئيا، ٻيو ڌُوڌي منجهه ڌَڳنِ،
پاڻان لُهارِن، ميڙي رکيا مَچَ لئي.
بيت - 18
ٻاريو اُجهائِينِ، پِرينِ اُجهايو ٻارينِ،
مون کي ٿا مارينِ، لُئا لُهارنِ جا.
بيت - 19
اَڄ آڳڙيا آئيا، سُوڌا سِراڻِي،
پياري پاڻِي، تيغون ڪندا تِکيون.
بيت - 20
اڄ آڳڙيا آئيا، سائُو ڪي سُڄاڻَ،
لاهيندا مورياڻَ، رُڪُ ڪَرِيندا پَڌرو.
بيت - 21
سُرها ڏٺم سي، جن ساڃاءِ سِراڻِ سين،
تيغَ تَنينِ جي کي، ڪٽُ نه لي ڪَڏهين.
بيت - 22
ڪَٽَ ڪَڙهي، لوهه ٻَري، ڌوڌا جِت ڌَڳن،
مُتَرڪن مُنهن ڪڍيا، سانداڻيون سَڪَنِ،
اَڄ پُڻ آڳڙين، ميڙو آهي مَچَ تي.
بيت - 23
چَکي مَئي مَٽن جِي، آڳڙيا آيا،
ڪڙي قاتِلَ ڪوڏيا، ورنہ وڻايا،
گهوُرن سين گهايا، پِيَڻُ تان پري ٿيو.
بيت - 24
کانئيا تن کَٽيو، اُجهائَڻ اُونداههِ،
جن اَندر ٻَري باههِ، سُڌ تَنِي کي سڀڪا.
وائي - 1
جيءُ جِيارو، جيءُ جِياريو، ڪِينَ مُنهنجڙو هاريو،
منهنجو جيءُ جِياريو.
پِرينِ جِيءَ پَچارَ، سيڻَنِ جِيءَ سنڀارَ، جَڏڙو جِيءُ جِياريو،
منهنجو جِيءُ جيِاريو.
اُڃيو تَنُ عَميقَ مان، پِرينِ پُوڄَ پِياريو،
منهنجو جِيءُ جيِاريو.
مَرضُ مَرِيضن تان، اِشَاري ساڻ اُتاريو،
منهنجو جِيءُ جيِاريو.
ڪَرمَ ڪريمن جي مون کي، اُهکِيءَ مان اُڪاريو،
منهنجو جِيءُ جيِاريو.
سَنئون مُنهن ڪري سُپرِين، آئِين نِرمل نُورَ نِهاريو،
منهنجو جِيءُ جِياريو.
سائِلَن جِئن سَڏَ ڪَري، اَئِين طالِحَنِ کي تاريو،
منهنجو جِيءُ جِياريو.
داستان چوٿون
بيت - 1
ايڪُ پِيالو، ٻه ڄڻا، عشقُ نه ڪَري اِينءَ،
ليکيا جي لِکڻ ۾، سي قُربِ رَسندا ڪِينءَ؟
هُئَڻ ڪيا هِينءَ، وانجئِا پَسُ وِصالَ کان.
بيت - 2
ايڪ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نه اِئين ڪَري،
آٽِي سي ايڪُ ٿيا، جي گَتا نينهن ڳَري،
دُئِي ڌارَ ڌَري، خُلّتَ خَنجر آئيو.
بيت - 3
ايڪُ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نه ڪَري اَڌ،
اِيءَ جا ساعرَ سَڌَ، ڪِيَئِي جا قَوالَ سين.
بيت - 4
اَکيون اوڏاهين کڻي، جيڏانهن قاتِلَ ڪُلَّ،
مَٿو ڪَن نه مُلّ، پِڪَ برابر پانهِنجو.
بيت - 5
جيڏانهن قاتِلَ ڪوڙَ، اکيون اوڏاهين کڻي؛
وِهُ تَنِين جِي ووڙَ، جَنِين سانگُ نه ساهَ جو.
بيت - 6
قاتِلَ ڪمَائِي ڪري، وِهُ ماکِي جي ڪَنِ،
وَٽان ويهي تَنِ، پِيجِ ڪي پِيالون.
بيت - 7
هُوندو هَڏِ مَ رَکُ، لئي پِياڪن پانهِنجو،
وٽِي واٽاڙئِن کي، تان پياري پَرکُ،
سا لِکَ لهِي ٿِي لَکُ، جا تو اِيندي اُنِ سين.
بيت - 8
هُوندو هَڏِ مَ سَنڌِ، لئي پِياڪَن پانهِنجو،
پُوڄَ پِيارج پَنهِيڙا، ويندا وٺيو ڪَنڌِ،
ته هَٽُ تُنهنجي هَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَهي.
بيت - 9
گهَٽَنِ ۽ گهُٽَڪَن، وَٽيون پِين وِهَ گاڏيون،
بَرخيز بِده ساقي، پيار کي پِريَن،
پڪين نه پَرچَنِ، مَٽَ تَڪِيائون مَنجهِيان.
بيت - 10
آڻي اُترَ واءَ، موکيءَ مَٽَ اُپَٽِيا،
متارا تِنهن ساءَ، اَچنِ سِرَ سَنباهِيو.
بيت - 11
موکيءَ مَٽَ اُپَٽِيا، اڇا اَڱڻ ڌارِ،
اِيندا تو دربارِ، وِهَ پئندا وَٽِيون.
بيت - 12
موکِي مَنڌَ پِيار، اُونچو اُونچي مَٽَ مان،
ڏيندي ڏاتارنِ کي، وَٽيءَ وِجهه مَ وارِ،
سِرَ کَڻِي، سَردار، اڱڻ تُنهنجي آئيا.
بيت - 13
موکِيءَ مَٺو نه گهُريا، وِهَ نه وِهاٽِيا،
سُرڪِيءَ ڪاڻِ سَيّد چئي، اُتي ٿي آٽِيا،
جي ڳالِنِ ڳَڱاٽِيا، تن بَٺَنِ پاسي بٺُيون.
بيت - 14
موکِيءَ سندي مَٽَ ۾، سُرِي سَپَ پِيو،
قَضا ڪَم ڪيو، ڪونهي ڏوهه ڪَلاڙَ جو.
بيت - 15
موکِيءَ سندي مَٽَ ۾، ڪو جو زهر ذَرو،
پِئندي پوشِيدنِ کي، پيو ڪونه پَرو،
مَٿو مَهايَنِ جو، ڪيو ڳَهَرِ ڳَرو،
ٿِئڙنِ کيپُ کَرو، ڪنهن جنهن ڳَهَر ڳَڱاٽِيا.
بيت - 16
مُنهن وِجهيو مَٽَنِ ۾، موکِي اُڀي روءِ،
متارا مري ويا، اَڱڻِ اَچي نه ڪوءِ،
مَتارَنِئون پوءِ، مُٺا مَٽَ مِٽي ٿيا.
بيت - 17
نه سي اڱڻ آڳڙيا، نه سا سَٽَ سَري،
ڪٽورا قاتِلَ جا، جن پِيتا پاڻَ ڀري،
اَٺئِي پَهر اُلٽَيا، ڌرتيءَ سِرُ ڌري،
ويئِي اُجهامِي اُن جي، بَٺي بَس ڪري،
ساريو سُورَ چُڙي، موکِي متارن جا.
بيت - 18
وِجهج واٽاڙُئَنِ تي، ميخاني جِي ماڪَ،
ٿِيندي سُڌِ سڀ ڪنهن، هَنڌِ هَنڌِ پُوندي هاڪَ،
پِرهَ جا پِياڪَ، جُہ سي اَڱَڻِ آئيا.
بيت - 19
سَري ڪِينِ ڪيو، ويڻ موکِيءَ جي ماريا،
ڪو جو سُخن ڪَلاڙجو، پِتي تي پِيو،
تِهان پوءِ ٿِيو، مَرڻ مَتارن جو.
بيت - 20
جُہ سي اَڱڻِ آئيا، سَرو ڪندا سُڃَ،
سائِي ٿيندَينِ اُڃَ، هِي پِيتو، هُو اَڻِ ڪِين!
بيت - 21
موکِي چوکِي نہ ٿِئي، اَصل اوڇِي ذاتِ،
وَٽيُون ڏيئِي واتِ، متارا جنھن ماريا.
بيت - 22
متارا مري وِيا، موکِي تُون نه مَرين!
ڪيهيءَ پَر پَرين، ڏُکِي ڏاتارنِ ريءَ؟
بيت - 23
متارا مري وِيا، موکِي تُون ڀي مَرُ،
تُنهنجو وَسُ ڏَمَرُ، ڪونه سَهندو اُنِ ري.
بيت - 24
اَڃا کُوري ماڳَ، مَٽَ، ڪُٽِڪا، ڪَٽ گهَڻا،
لاهي ويههُ مَ لاڳِ، موکِي متارِن جا.
بيت - 25
ڪَنڌ ڪَٽارو، مُنهِن وَٽِي، عادت جَنين اِيءَ،
تَنِين تِڪُون ڏِنيون، جُنبِي منجهان جِيءَ،
سَرو تَنِ سبيءَ، جن حاصل ڪيو حالَ کي.
بيت - 26
هَٿَ کَڻيو سَڏَ ڪَري، موکِي ماءَ ڳَري،
نه ڪنهن ماريا جَنگ ۾، نه ڪنهن سُورَ ٻُري،
اوري هئا ته آئيا، جُڪُسِ ويا پَري،
روئان ڪِيئَن ڪري، مادر متارن کي.
بيت - 27
سِرُ ڏيئِي سَٽ جوڙِ، ڪنهن پَرِ ڪَلاڙن سين،
ڪاتِي، ڪَرٽُ ڪَپار ۾، خنجر آڻي کوڙِ،
مَرڻا مُنهن مَ موڙِ، وَٽِي ٿِي وَڌِ لهي.
بيت - 28
وَٽ وَٽ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَنڌُ پِيو،
قَدرَ ڪيفَ ڪَلاڙَ جو، پِياڪَنِ پيو،
اَچن دُرسُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قبول ڪِيو،
سُرها سِرَ ڏيو، چَکُنِ سُرڪَ سَيّد چئي.
بيت - 29
اَٽِي ٿِيءُ اَڱارَ، کامِي کِردارَنِ سين!
پَسين سي ڀَتارَ، پُرِ پِيتُهءِ جَن سين.
بيت - 30
ڪَلاڙَنِئون ڪاءِ، مَتِ نه سِکين مون هِينئان!
روُئندي راتِ وِهاءِ، چِڪائِيندي بَٺيُون.
وائي - 1
سيڻَنِ جي سَنڀَار، جڏو جيءَ جِياريو.
ڪَرَم ڪَريمَنِ جي، آهکِيءَ ويرَ اُڪاريو،
جَڏو جِيءُ جِياريو.
سالِيَن جِئن ساٺُ ڪَري، طَيرَنِ جِئن تَنواريو،
جَڏو جِيءُ جِياريو.
سَئون مُنهن ڪَري سُپُرين، تان نِرمل نور نِهاريو،
جَڏو جِيءُ جِياريو.
مرضَ مريضنِ تان، اِشاري ساڻ اُتاريو،
جَڏو جِيءُ جِياريو.
وائي - 2
دوسُ پيھِي در آئيو، ٿيو مِلَڻ جو ساعيو،
ڏِينھَين پُڄاڻون آڻي اسان کي، مولى مُحب ملايو،
ٿيو مِلَڻ جو ساعيو.
وِيو وِڇوڙو، ٿيو ميلاپو، واحد واءُ وَرايو،
ٿيو مِلَڻ جو ساعيو.
ھو جِنھين جو ڏَسُ ڏُورانھُون، اوڏو اڄُ سو آئيو،
ٿيو مِلَڻ جو ساعيو.
عَبداللّطِيفُ چئي، اَچي عَجِيبن، پاڻ فَضلُ فَرمائيو،
ٿيو مِلَڻ جو ساعيو.
وائي - 3
دوس پيھي در آيو، ٿيو ملڻ جو ساعيو،
ڏينھن پڄاڻون آئي اسانکي، مولى محب ملايو،
ويو وڇوڙو، ٿيو ميلاپو، واحد واءُ ورايو،
ھو جنھين جو ڏس ڏوراڏو، اوڏو سو اڄُ آيو،
عبداللطيف چئي، اچي عجيبن، پاڻ فَضل فرمايو!
داستان پنجون
بيت - 1
صُوفِي سالم سي وِيا، جي اڪثر سين اَڏيارَ،
بازِي بازندنِ کي، آهي اَويسارَ،
پريان سين پَهَڪارَ، رِندِيءَ رَساڻي ڪيا.
بيت - 2
صُوفِيءَ سيرُ سَڀَنِ ۾، جِئن رَڳُنِ ۾ ساهُ،
سا نه ڪري ڳالهڙِي، جِئن پَريُون پَروڙي پَساهُ،
آهِس اِيءُ گُناههُ، جي ڪا ڪَري پَڌرِي.
بيت - 3
صُوفِي چائِين، سَڌُ ڪِرين، صُوفِنِ اِيءُ نه صَلاحَ،
ڪاٽي رکُ ڪُلاهَ، اُڇلي وِجهه آڳِ ۾.
بيت - 4
جي ڪُلاهَ رکين ڪَنڌَ تي، ته صُوفِي سالم ٿِيءُ،
وِهَ وَٽِي هَٿِ ڪري، پُر پِيالو پِيءُ،
هَنڌُ تَنِين جو هِيءَ، جَن حاصل ڪِيو حَال کي.
بيت - 5
صُوفِيءَ صافُ ڪِيو، ڌوئِي وَرَقُ وُجودَ جو،
تِهان پوءِ ٿِيو، جِئَرِي پَسَڻُ پِرِينءَ جو.
بيت - 6
صُوفِي لا ڪُوفِي، ڪونه ڀانِئسِ ڪيرُ،
مَنجهان ئِي منجهه وِڙهِي، پَڌرِ نه آهِسِ پِيرُ،
جَنِين ساڻَس ويرُ، ٿئي تَنِين جو واهَرُو.
بيت - 7
ڏِني ڏُکويا، اَڻَ ڏِني راضي رهيا،
صُوفِي تِئن ٿِيا، جِئن ڪِينَ کَنيائون پاڻ سين.
بيت - 8
جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خيمون کوڙِ،
جَلِي تون زَبانَ سين، چارئِي پَهَر چورِ،
فِڪر سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اَعظمُ ڏورِ،
ٻيا دَر وَڃي مَ ووڙِ، اِيءُ اَمُلهه اِئائِين سِپَڄي.
بيت - 9
عالَمَ آءٌ ساڻُ، ڀَريو ٿو ڀيرَ ڪَري،
پاڻ نه آهي ڄاڻُ، مانڊِيءَ مَنڊ پَکيڙِيو.
بيت - 10
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهَن سَر، اَندر روُمِيءَ راءِ،
ماڙهو اِتِ ڪِياءِ، مَنڊُ نه پَسين مَنڊِيو!
بيت - 11
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهَن سَر، اِيءَ رُوميءَ جيءَ روُءِ،
جَنِين ڏِٺي جُوءِ، تَنين ڪُڇيو ڪينڪِي.
بيت - 12
طالِبُ ڪَثرَ، سُونهَن سَر، روُميءَ چيو آهي،
تاڙِي جي لاهي، ته مَنجهِين مُشاهِدو ٿئي.
بيت - 13
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهَن سَر، اِي روُمِيءَ جِي رِهاڻِ،
پِهرِينِ وِڃائِڻُ پاڻِ، پَسَڻُ پوءِ پِرينِ کي.
بيت - 14
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهن سَر، اِيءُ رُومِيءَ جِي راحتَ،
جَنِين ڏِٺي سَتَ، تَنِين ڪُڇيو ڪينڪي.
بيت - 15
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونهَن سَر، اِيءُ روُمِيءَ جِي اوطاقَ،
جي ڀَڃي دَرُ فراقَ، ته مَنجهيين مُشاهدو ٿئي.
بيت - 16
ظاهَر ۾ زانِي، فِڪرَ مَنجهه فَنا ٿِيا،
تَنِين کي تعليم جِي، ڪُڙِه اَندر ڪانِي،
حَرَفُ حَقانِي، دَورُ ڪِيائون دِل ۾.
بيت - 17
جن کي دَورُ درد جو، سَبقَ سُورَ پَڙهنِ،
فِڪَر ڦَرهِي هٿ ۾، ماٺ مُطالع ڪَنِ،
پَنو سو پَڙهنِ، جنهن ۾ پَسن پِرينَ کي.
بيت - 18
وِسريومِ سَبَق، پهرين سِٽَ نه سَنڀران،
اَڃا هيءُ وَرقُ، هَئي مُطالع نه ٿِيو.
بيت - 19
ڪيو مُطالع مون، هو جو وَرَقُ وِصَال جو،
تنهن ۾ تُونهِين تون، ٻِي لاتِ نه لَحظي جيترِي.
بيت - 20
سا سِٽَ نه سارينِ، اَلفُ جنهن جي آڳَ ۾،
ناحَقُ نِهارِينِ، پَنا ٻيا پِريَنِ لَئي.
بيت - 21
سا سِٽ سارِيائُون، اَلفُ جنهن جي اَڳ ۾،
لامَقصُودَ فِي الدَّارَينِ، اِن پَر اُتائُون،
سَڳَر سوٺائُون، ٿِيا رَسِيلا رَحمانَ سين.
بيت - 22
ٿِيا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَر سُونهين جي،
آئيون تَنِين کي، واڌايون وِصالَ جِيون.
بيت - 23
ٿيا رَسِيلا رَحمانَ سين، سَڳَر سُونهيون جَنِ،
منجهان تَن جُسَنِ، حَرفُ نه سُڄي هيڪَڙو.
بيت - 24
اَکَرَ پَڙهي اُڀاڳِئا، قاضِي ٿِئين ڪِئاءُ،
ڀيريين ۽ ڀائِيين، ايڏا اِيئَن نه آءُ!
اِنَ سُرڪِيءَ سندو ساءُ، پُڇج عَزازِيلَ کي.
بيت - 25
عاشق عَزازيلُ، ٻيا مِڙئي سَڌڙيا،
مَنجهان سِڪَ سَبِيل، لَعنتِي لالُ ٿِيو.
بيت - 26
جو مون پَڙهيو پاڻَ لَئي، سَبَقُ سابِقُ جو،
پِهرينِ سۡڃاتُم پانهنجي، نَفسَ جو نِهو،
جِت عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي روحَنِ روزُ ڪيو،
وَرِي وَرَقُ پِيو، گَڏيم وَڍُ وِصَالَ جو.
بيت - 27
اَکَرَ ڇُٽِي هيڪَڙي، ٻَهُون جي نه ٻُجهَنِ،
ڪوهُ ڪبو کي تَنِ، سَڄِي سُڻائي ڳالهڙِي.
بيت - 28
پَڙهيو ٿا پَڙهنِ، ڪَڙهنِ ڪين قُلوُبَ ۾،
پاڻان ڏوهَ چڙهنِ، جِئن وَرقَ ورائِن وِتَرا.
بيت - 29
پَڙهيو پڙهيجاهُ، سَبقُ اِنهيءَ سُورَ جو،
مِيمُ رَکجا مَنَ ۾، اَلِفُ تنهن اَڳياهُ،
چِتا چوريجاهُ، اِها لاتِ لَطِيفُ چئي.
بيت - 30
اَکَرُ پَڙهه اَلِفُ جو، وَرَقُ سَڀ وِسارِ،
اَندرُ تون اُجارِ، پَنا پڙَهندين ڪيترا.
بيت - 31
ڪوڙين ڪتابَنِ ۾، حَرفُ مِڙوئي هيڪَ،
جي تو نَظر نيڪُ، ته بِسم اللهِ ئِي بس ٿِئي.
بيت - 32
جو اَلِفَ کان اوري ٿِيو، اَلفُ اُهوئِي آهه،
لوڪان تون لِڪاءِ، ته داخل ٿِئين نه دالَ سين.
بيت - 33
جِئَن جِئَن وَرَقَ وَرائيين، تِئَن تِئَن ڏٺو ڏوههُ،
تنهن ڪَهِڻيءَ ڪِبو ڪوههُ، جي رَهڻِيءَ رَهيو نه سُپرِين.
بيت - 34
ڪوڙين ڪِتابن پڙهِين، جُزون جان ڪي تان،
پهڻيءَ ريءَ پِريان، سُوڌِي ساڃاههَ نه ٿئي.
بيت - 35
ڪاتِبُ، لِکِين جِئَن، لايو لامُ اَلِفَ سين،
اَسان سَڄَڻُ تِئَن، رَهيو آهي رُوحَ ۾.
بيت - 36
ڪوهُ ٿو ڪاڳرَ ڪورئين، ويٺو وِڃائين مَسُ،
ڏُورِ تِئائِين ڏَسُ، اَکرُ جِئائِين جُڙيا.
بيت - 37
تِهڙا چاليها نه چالِيهُه، جِهڙو پَسَڻ پِرينءَ جو،
ڪِهڙي ڪاتِبُ، تون ڪريين، مَٿي پَننَ پيههَ،
جي وَرَقَ وارين وِيههَ، ته به اَکَرُ اُهوئِي هيڪڙو.
بيت - 38
شَهرُ ڏسِي سَرهو ٿِئين، ڏِٺئِي نه بازارِ،
جو وَکرَ وَکارِنِ ۾، ڍَڪيو ڪهڙيءَ ڍارِ،
تون تَنِين سين گهارِ، ته لَهِين لَکَ لطيفُ چئي.
بيت - 39
تَنُ کُڏي، مَنّ حُجرو، ڪِيمَ چالِيها رَکُ،
ڪُہ نه پُوڄيو پُوڄئين، اَٺئِي پَهرُ اَلَکُ،
تان تُون پاڻَ پَرَکُ، سَڀڪِنهن ڏانهن سامُهون.
بيت - 40
سَڀ ڪِنهن ڏانهن سامُهون، ڪو هنڌُ خالي ناههِ،
اَحدا جي اَرَکَ ٿيا، سي ڪائِر ڪِبا ڪاههِ،
مُحِب مَنجهِين مَنَ ماهِه، مون اَڄاڻنديءَ اُجهِيو.
وائي - 1
وَٺَڙِيو هوتَ وَڃنِ، وو! جهَليان پَليان، هِينئَڙو نه رَهي!
آءٌ جَنِين جِي آهيان، ڪَڙي مَ ٿيان تَن،
جهَليان پَليان، هينئڙو نه رَهي!
گهورِيان گهَڻين ڀَتيين، سندِي ٻاجهه ٻِينِ،
جهَليان پَليان، هِينئَڙو نه رَهي!
مَرُ مَران، مارين مون، پُرزا پرزا ڪنِ،
جهَليان پَليان، هينئَڙو نه رَهي!
آءٌ ميائي گهورِئي، جي مان مُحِبُ مِلَنِ،
جهَليان پَليان، هينئَڙو نه رَهي!
وائي - 2
وسارج مَ ويڻَ، جوڀَن ٻه ٽي ڏينهڙا.
لوٺِيون سَهنِ لوڪَ جا، وِهاڻيءَ ٿيون ويڻَ،
جوڀنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.
اَصلِ اَسارِنِ جا، ستِي وِيَڙا سيڻَ،
جوڀنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.
جيڏيون، جي مان وِسَهو، نِنڊَ مَ هيريو نيڻَ،
جوڀنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.
راتَڙيون جاڳنِ جي، سي آءٌ ڪندَڙي سيڻ،
جوڀنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.
آڌيءَ راتِ اُٿي ڪري، جهَلِ تون ننِڊان نيڻَ.
جوڀنَ ٻه ٽي ڏينهڙا.
داستان ڇھون
بيت - 1
دائودِي دَيُون ڪري، رَڪَنِ ڪونهي رنگُ،
گهوڙِيءَ هيٺ اَيَنگُ، ڪاهيو پاکَرئين هڻي.
بيت - 2
دائُودِي دَيُون ڪري، رَڪَنِ ڪونهي چيتَ،
گهوڙيءَ هيٺ سُچيتُ، ڪاهيو پاکَرئين هڻي.
بيت - 3
اوقابِيلُ! آکين ۾، توکي بارِي بانَ،
اُڀو آڳرايون ڪريين، ماڳِ هڻيو مستانَ،
جانِبَ تون زِيانَ، اَکين سين ايڏا ڪرين.
بيت - 4
اوقابِيلُ اَکين ۾، توکي تِکا تِيرَ،
ساڄَن! اِنهي سِيڱ سين، ڦَٽِيئِي گهڻا فَقِيرَ،
ٻيو مَ مارجِ مِيرَ، تنهنجو پهريون ئِي پورو ٿيو.
بيت - 5
اوقابِيلُ اَکن ۾، تِيرَ تِکا توکي،
ساڄنَ اِنهي سورِ جِي، ڪَل نه آ ڪنهن کي،
مارين ٿو مون کي، چاڙهي لوههَ لطيفُ چئي.
بيت - 6
اوقابِيلُ اَکين سين، تِيرَ چَلايا تو،
پيو مَرُ ماري سو، جنهن جو پهريون پُورو نه ٿئي.
بيت - 7
جِي هو پائِنِ ڪانُ ڪمانَ ۾، ته سِينو سِپَرَ رکُ،
مُنهن ۾ معشوقن جا، چاڪَ چٽَڪا چَکُ،
سُورِي ڀانءِ مَ شَڪ، عاشق ٿِيءُ ته اُبَهين.
بيت - 8
جي هو پائِنِ ڪانُ ڪمانَ ۾، ته سِينو سِپَرَ ڏيجِ،
مُنهن ۾ معشوقن جا، جهالُو ٿِي جهَليجِ،
پاهان پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشق ٿِيءُ ته اُبهين.
بيت - 9
جي هو پائِنِ ڪانُ ڪمانَ ۾، ته نَئِي ڏج سِينو،
ڪجي نه ڪِينو، وڃِي در دوستن جي.
بيت - 10
پائي ڪانُ ڪمانُ ۾، مِيان! مار مَ مون،
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئِي توکي لڳي.
بيت - 11
ڪيو ڇَڏينِ ڪانَ، هَڏِ نه هَڻائِينِ ٿا،
ٿيا جي نِيشانَ، ته پهرئين سان پورا هئا.
بيت - 12
لورِي جِت لڳومِ، اُت اُڀوئِي آهيان،
سورههُ پِرِين سندومِ، مانَ ٻاجهائي ٻيو هڻي.
بيت - 13
محبت جي ميدان ۾، عاشق، ٿيءُ آچامُ،
سَمُهان سَلَ سَيدُ چئي، ڪّندئِي تِيرَ تمامُ،
ڪَهِجِ ڪومَ ڪلامُ، جِمَ دوسنِئُون دُور ٿئين.
بيت - 14
محبت جي ميدان ۾، اچي پيرَ پِيانِ،
سِرَ وَڍڻُ، ڌَڙ ڌار ڌرڻُ، اِي سينگار سندانِ،
ڏيندا مون ڏٺانِ، مٿا محبوبن لئي.
بيت - 15
محبت جي ميدان ۾، ڪر پڙاڏو پَٽُ،
سِرُ سورِيءَ، ڌَڙ ڪُنگِرين، متان ڪُڇئين ڪَٽُ،
عشق نانگ نِپٽُ، خبرَ کاڌنِ کي پوي.
بيت - 16
محبت جي ميدانَ ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪِر،
لاهي سِرُ لطيف چئي، دوسنِ اَڳيان ڌَرِ،
عشقُ نانگُ اَپَرِ، خبرَ کاڌنِ کي پوي.
بيت - 17
محبت جي ميدانَ ۾، سِر جو ڪر مَ سانگُ،
سورِيءَ سُپرين جي، چڙهه ته ٿئين چانگُ،
عشق آهي نانگُ، خبر کاڌنِ کي پوي.
بيت - 18
محبت جي ميدان ۾، ڪُڏِي پئو ڪاهِي،
ڇڏ آسانگا ارواح جا، لاهوتِي لاهي،
عشقُ نانگُ آهي، خبر کاڌنِ کي پوي.
بيت - 19
عشق نه آهي راندِ، جِئن کيِلنِ ٿا ڳَڀَرُو،
جيءَ جُسي ۽ جانِ جي، ڀڃي جو هيڪاندِ،
سِسي نيزي پاندِ، اُڇل ته ٻه اَڌ ٿئي.
داستان ستون
بيت - 1
عاشقَنِ اَلله جِي، مَحبَتَ رَکِي مَنِ،
سَندِي سِڪَ پِرينَ، تَن ۾ آهي تَنِ جي.
بيت - 2
عاشقن اَللهَ جِي، سدا وائِي واتِ،
فاذڪرُونِي اَذڪُرڪُم، تَنَ ۾ اِها تاتِ،
اُنهن کان ڪِي ساتَ، سَڄڻُ ويلَ نه وسري.
بيت - 3
عاشقَنِ اَلله، ويرو تارِ نَه وسري،
آههَ ڪَرِيندي ساههُ، ڪڏهن ويندو نڪرِي.
بيت - 4
عاشقَنِ آرامُ، ڪڏهن تان ڪونهَ ڪيو،
طعني ڪيا تمامُ، حَبيباڻي هيڪڙي.
بيت - 5
عاشقَ اِيئن نه هُونِ، جئن تون سَڄين آڱڙين،
وڃِي درِ دوستن جي، رَتُ ڏيهاڻِي رُونِ،
ٻِيءَ پرِ ڪنهن نه پُونِ، ماڪُرِ محبوبنِ سين.
بيت - 6
جان عاشقَ مٿي رَتُ، تان دعويٰ ڪري مَ نِينهَن جِي،
سائو مُنهن، سُونهن وِئي، سڪڻَ اِيءُ شَرَط،
نه ڪِي گوڏِ گَرَٿُ، مٿان سِرَ سَؤدا ڪري.
بيت - 7
اَڃا تو منجهاءَ، ڪَکَ ڇُتي رَتُ نڪري،
مُنهن ۾ محبوبَنِ جا، ڪئن جهليندين گهاءَ،
سو تُون ڪُڄاڙِئاءَ، سِڪڻ جون سَڌُون ڪرين.
بيت - 8
سِڪَڻَ اِيءَ نه سَڌَ، جئن لِڪيو لياڪا پائيين،
پِئي پِريان جي نه ٿِيين، مٿَي اَڱڻَ اَڌ،
اِيءَ پُڻ ڪُوڙِي سَڌَ، جئن کِليو کايو سُمهين.
بيت - 9
سِڪُ نه آهي سُٿَرِي، کَڻ پَروڙي پيرُ،
ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪري سَڌَ سِڪڻ جي.
بيت - 10
دَردُ نه اَٿئي دل ۾، ته سِڪَڻُ ڪر مَ سَڌَ،
پَئِي پِريانُ جي نه ٿئين، اَڱَڻ مَٿي اَڌَ،
اِيءَ تان ڪوڙي سَڌَ، جئن کِليو کايو سُمَهين.
بيت - 11
سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻِئي اکَرِ هيڪڙي،
وِهَڻُ واٽَڙَينِ تي، ڪارڻ ضَرُورِي،
ٻِنهِين جِي پُورِي، جِيءَ ڏني ريءَ نه ٿئي.
بيت - 12
جي ڪِين سِڪَڻُ سِکُ، تاتَ پَسُ سِڪنديُون،
پاسي تَنِين مَ لِڪُ، نِينهنُ نه سُڃاڻَنِ جي.
بيت - 13
جي لِياڪا لوڪَ جا، جان جان سي نه لِياءِ،
تان تان ٿئي نه ماءِ، پورو پَسڻ پِرينِ جو.
بيت - 14
عاشِقَ، معشوقَن جي، وٺِي ويههُ ڳُري،
جِم وِرِچي ڇڏيين، سَندِي دوستَ دَري!
ڏيندا ٻُڪِي ٻاجههَ جِي، ويندءِ ٺَپَ ٺَري:
اَسان تان نه سَري، تو ڪِئن سَري سُپرين؟
بيت - 15
عاشقَ! معشوقنِ جو، وٺي ويهج سَيرُ،
اَچِي پُڇندَءِ پاڻهي، پِرتان ڀَري پيرُ،
ڀلائِنِ جو ڀيرُ، رهبر ٿيندءِ راهه ۾.
بيت - 16
عاشق! معشوقِن جو، وٺِي ويهج دَرُ،
اَچي پُڇندءِ سُپرين، لَهندءِ سَرُ سَڀَر،
ڀَلائِيءَ جو ڀَرُ، رهبرُ ٿِيندءِ راههَ ۾.
بيت - 17
عاشقَ! معشوقَنِ جو، وٺي ويهه دُکانُ،
پَئجِ پيش پِرينِ جي، پَٽِيءَ وجهِي پاڻُ،
ته تون تَنِين ساڻَ، سدا رهين سُرخرو.
بيت - 18
عاشق! معشوقَنِ جو، وٺِي ويهجِ گهَٽُ،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏيين، موکِيءَ سَندو مَٽُ،
ڪري سِرَ جي سَٽُ، پِيِجِ ڪِ پِيالِيون.
بيت - 19
عاشِق! معشوقَنِ جو، وَٺي ويهجِ رَندُ،
پياريندءِ پاڻَهِي، ميخاني جو مَندُ،
ڪِيمَ ڪَڍجِ تون ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُن کي.
بيت - 20
عاشِقُ چؤ مَ اُن کي، مَ ڪِي چؤ معشُوقُ،
خالِقُ چؤ مَ خامَ تون، مَ ڪِي چؤ مَخلُوقُ،
سَلِج تِنهن سُلُوڪُ، جو ناقِصِيائِي نِڱيو.
وائي - 1
سُپرِيان جي سونهن جي، ڳالهه ڪِينَ وڃي،
وڃِي در دوسن جي سورِيءَ سِر هِڄي،
عاشق انگهُنِ چڙهيا، ٻيو سڀڪو ڀَڄي،
پُڇج پوءِ پريتڻون، پِهرين سِرُ سَڃي،
عاقِلَ ئي اوڇون ٿيا، ڀورو ڪِينَ ڀُڄي.
داستان اٺون
بيت - 1
ھَرَ ھَرَ ھَرائي، وڃڻ دَرِ دوستن جي،
پاڙي ڏانھن پِريَنِ جي، اُڄَ مَ اَوائي!
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇ تون، واٽاڙُنِ وائِي،
لائِندَءِ لطيف چئي، سُوران سَرَھائِي،
ڳُجهو ڳالهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻ ۾.
بيت - 2
جان جان ناهِ ضرورُ، تان تان ناهِ طبيبُ ڪو،
جُہ سو سَرِيو سُورُ، ته ڪَرَ ويڄُ وَرِ پيو.
بيت - 3
سُورُ جَنِين کي سَرِيو، سَرِي تَن صِحتَ،
مِٺِي مصيبتَ، آهي عاشقنِ کي.
بيت - 4
سي ئي سُورَ طبيبَ، جَنين سُورَنِ سَڃَ ڪِي،
جو لِکيو هُتِ لطيف چئي، سوئِي ڪَنِ قريبَ،
جي نوازيا نصيب، داروُنءَ سي دُرستُ ڪِيا.
بيت - 5
جي پياري پاڻَ، ته ڪَرَهو ٿي پاڻِي پيين،
آڳي اِنَ نِياڻَ، اَڻَ ڪوٺيو ڪونَ گهِڙي.
بيت - 6
اَڻَ ڪي عَيان نه ٿئي، ڪِي پَروڙي ڪونَ،
سَچِي جِيهيِ سونَ، مُنهِن نه پيئي ماڙُهين.
بيت - 7
اَڻ ڪِي عيان نه ٿئي، ڪِي پَروڙي ڪونَ،
سا سُهِين ٿِيي سونَ، اَمرُ عَطا جِنهن جو.
بيت - 8
جيڪِي ڏنائون، سو مان ڳُڻُ ڳَنڍِ ٿيو،
مون کي پُڇيائون، ٺوڪي اِنهي ٺوڪَ سين.
بيت - 9
جيڪِي ڏنائون، سو سِرُ ڏيئي سَههُ ڄِندَڙا!
مَ چَئو ڇِنائون، اِي پُڻ ڳَنڍيو سَڄَڻين.
بيت - 10
جيڪي ڏنائون، سو سَڀوئِي صِحتَ،
مَ چَئو آزارَ اُن کي، مَ ڪي مُصِيبتَ،
ڪُهَڻُ قَريبت، جو ڪوٺَڻُ پر پرِيَنِ جي.
بيت - 11
ڇِننِ توءِ مَ ڇِنُّ، پاءِ اُميري اُن سين،
جي هو اَوڳُڻَ ڪَنِئي، اَسُنِهين! تون ڳُڻانَئِي ڳِنُّ،
پاندُ جهَليو تون پِنُّ، هِنَ سُنهاري سَڱ ۾.
بيت - 12
نَمِي کَمِي نهار تون، ڏَمَرُ وڏو ڏُکُ،
مَنجها صَبُرَ سُکُ، جي سنواريا! سَمُجهين.
بيت - 13
نَمِي کَمِي نهار توُن، ڏَمَرُ ڏولائو،
ٿِيئي ساڃائو، جي اُڀِيين اِنهِين پيرَ تي.
بيت - 14
ڏمَو پاسو ڏُکَ سين، کاندِ کَٿُورِي هوءِ،
واللهُ مَعَ الصّابِرينِ، آگو ايهين چوءِ.
بيت - 15
کَمُ! کَمندنِ کَٽيو، هارايو هوَڙَنِ،
چُکيو نه چُوندَنِ، هو جو ساءُ صَبَر جو.
بيت - 16
کَمَندڙنِ گهَرِ کِين، چوندَڙَ چڱا نه ٿيا،
ويڻنِئونُ ويڌُ پئي، هَٿِ نه اچي ڪين.
بيت - 17
هو چُون ئِي، تون مَ چَئو، واتان وَرائي،
اَڳِہ اَڳَرائِي جو ڪِري، خطا سو کائي،
پاندَ ۾ پائي، ويو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪِي.
بيت - 18
هو چُونِ ئي، تون مَ چَئو، واتان وَرائي ويڻُ،
سَڀَنِي سين سَيّدُ چئي، مَنُ ماري ڪَرِ ميڻُ،
کانڌِ وڏيائي کيڻُ، ڪِينِي منجهان ڪِينَ ٿِئي.
بيت - 19
ڪَنِين ڪِينَ پِرائيو، ڪِيني منجهان ڪِين،
جِي هو سٽاڻي سِيڱ، ته زِهه ڇِني جوکو ٿِئي.
بيت - 20
سُڻِي ويڻَ ڪَنَنِ سين، وَرائج مَ وَري،
هادِيءَ جي هِدايت جي، آهي اِيءَ ڳَري،
تَنِ سَڄِي ساهِه سَري، جَنِ ماريو نفسُ ماٺِ سين.
بيت - 21
چَونَدَنِ ڪيمَ چَئيج، ويڻَ ورائي سامُهُون،
ڪا مَت قيمتَ جهِڙي، روزُ ڏمرَ کي ڏيج،
ويڻُ مَ ورائيج، ته سڀَ دَرِ سُهاڳِي ٿِئين.
بيت - 22
اَڻَ چُوندَنَ مَ چَئو، چُوندَنِ چيو وسارِ،
اَٺ ئِي پَهرَ ادبَ سين، پَرِ اِهائي پارِ،
پايو مُنهن مُونَنِ ۾، غَربت ساڻ گذارِ،
مُفتِي منجههِ وِهارِ، ته قاضِيءَ ڪانيارو نه ٿئين.
بيت - 23
ڪِيئن مائيندا مَنَ ۾، خُودِي ۽ خُداءِ،
ٻِن تَراڙينِ جاءِ، ڪا آهي هڪ مياڻ ۾!
بيت - 24
جَنِين سَندِي ٻوڏَ ۾، ڀَتو ڀَتين جِيءُ،
تون! تَنِين سين پيءُ، اوڏا اَڏي پَکڙا.
بيت - 25
ويٺي جَنين وَٽِ، ڏُکندو ڏاڍو ٿئي،
سا مجلسَ ئِي مَٽِ، جي حاصلّ هوءِ هزارَ جو.
بيت - 26
ويٺي جَنين وَٽِ، ڏُکندو ڏور ٿئي،
تون تَنِين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
وائي - 1
يارَ سَڄَڻ جي فِراق، ڙِي جيڏيون آئُون مارِي!
در دوسَنِ جي ڪِئين جو هوندا، مون جيها مُشتاقَ،
ڙِي جيڏيون آئون مارِي!
جاٿي ڪاٿي محبوبن جي، آهه حُسن جِي هاڪَ،
ڙِي جيڏيون آئون ماري!
سرمو سَهِي ڪر آکين جو، خاص پِريان جي خاڪِ،
ڙِي جيڏيون آئون ماري!
داستان نائون
بيت - 1
پَتَنگـَنِ پَههُ ڪيو، مِڙيا مَٿي مَچَ،
پَسِي لَهسَ نه لِچيا، سَڙيا مَٿي سَچَ،
سَندا ڳِچِيُنِ ڳَچَ، ويچارُنِ وِڃائِيا.
بيت - 2
پَتَنگُ چايين پاڻَ کي، پَسي مَچُ مَ موٽُ،
سَهائي سُپيرينِ جي، گهِڙُ ته ٿِيين گهوٽُ،
اَڃا تون اروٽُ، کوري خبر نه لَهِين.
بيت - 3
پَتنگ چايين پاڻَ کي، ته ڄيري پَئو ڄاڻِي،
تان تان تاڻجِ تَوَ ڏِي، جان آڳِ نه اُجهاڻِي،
وِسَههُ وِهاڻِي، آڳِ نه ڏِجي عامَ کي.
بيت - 4
پَتنگُ چايين پاڻَ کي، ته اَچي آڳِ اُجهاءِ،
پَچَڻ گهڻا پَچائِيا، تون پَچَڻَ کي پچاءِ،
واقف ٿِي وِساءِ، آڳِ نه ڏجي عامَ کي.
بيت - 5
پُڇَ پَتَنگنِ کي، سَندِيَون کامَڻَ خَبرونَ،
آڻِيو وِجهَنِ آڳِ ۾، جِيءُ پنهنجو جي،
جيري جَنهِين جي، لَڳا نيزا نِيهَن جا.
بيت - 6
پَري پَتَنگ آئيا، سِري وَٽِ ساهي،
اَچي پيا آڳ ۾، ڪُڏي سڀِ ڪاهي،
لاڳاپا لاهي، کاڻان کوري وِچَ ۾.
بيت - 7
پُري پَتنگَ آئِيا، سِري سَهائي جَهلَ،
ڪندا ڪَنڌَ اُڇلَ، مٿو ڏيندا مَچَ کي.
بيت - 8
پري پَتَنگَ آئِيا، مَٿي مَچَ مِڙي،
وِيندا تان ته ڦِري، مٿو ڏيندا مَچَ کي.
وائي - 1
يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏيون آئُون مارِي!
در دوسنِ جي ڪَئين جو ھوندا، مون جيھا مُشتاقَ،
ڙِي جيڏيون آئُون مارِي!
جاٿي ڪاٿي محبوبن جي، آھِ حُسنَ جِي ھاڪَ،
ڙِي جيڏيون آئُون مارِي!
سرمو سَھِي ڪر اَکين جو، خاص پِريان جي خاڪِ،
ڙِي جيڏيون آئُون مارِي!
کنڀات
داستان پھريون
بيت - 1
ڀَلائِيءَ جا ڀيرَ، پيشانِيءَ ۾ پِريَنِ جي،
اڱڻِ اُڪَنڊِيَنِ جي، ڏي پاٻوهي پيرَ،
قَمَرُ پاڙي ڪيرَ، شمَسُ سُپيريَنِ سين.
بيت - 2
ڀَلائِي آھِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانھنجَي،
سٻاجها سِرِ چَڙهيو ڏوراپو نَہ ڏيِنِ،
مان ڏَي مَدِيُون ٿِينِ، سَڄَڻَ سَڄايِنِ ۾.
بيت - 3
هُتِ ٿو پَسين پِرِينءَ کي، تُون چَنڊَ اُهوئِي،
اَڏت چَئِجِ اُنِ کي، ڏِيانءِ جو روئِي،
هيڪاندِيءَ هوئِي، سانگَ مَ پَوي سَڄَڻين.
بيت - 4
مَرَ هيڪاندا هُونِ پِرِين، سانگِ مَ وَڃنِ سيڻَ،
رَهيا آهِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنينِ جا نيڻَ،
وِماسِيا جَنِ ويڻَ، ٿو تارِيءَ تڳي تَنِ هِينئُون.
بيت - 5
کِلان تان کامي هِينئُون، رُوئان تان راندِ،
اَکَڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏجِي ڪَندِيُون.
بيت - 6
راتِ سَهائِي، ڀُون سَنئِين، پَٽئين وَڏو پَنڌُ،
هَلندي حَبيبنِ ڏي، ڪَرَها موڙِ مَ ڪَنڌُ،
ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَنڌُ، جو پَهُچائي پِرِينَ کي.
بيت - 7
راتِ سَهائِي، ڀُون سَنِئين، ڀائِي گهُرجِي ڀَلُ،
آهُرَ ۾ ايلاچِيُون، چَندَنُ چَري چَلُ،
مُون تو سين ڳالهَڙي، ٻِئي ڪَنِهين مَ سَلُ،
هاهَرُ ڪَندو هَلُ، ته کِجايوُن کَرَنِ کي.
بيت - 8
راتِ سَهائِي، ڀُون سَنئِين، پِرِت نَئِين، پَنڌُ پُورِ،
مَيا! مَحبُوبَنِ جي، هَلِي وانءُ حُضُورِ،
جي چِڻِڪَنِ چِتَ ۾، سي ڪِئن سَڄَڻَ ڏُورِ،
الله لَڳِ آسُورِ، اُتان ئي ٿِي آءٌ تُون.
بيت - 9
اَڄُ پُڻِ اَڇائِي، چوڏهِينءَ ماهَ چَنڊَ جِي،
مُون گهَرِ مُون پِرِينِ جي، اَچَڻَ جِي وائِي،
مُون گهَرِ واڌائِي، پِيئي کامَ کَرَنَ ۾.
بيت - 10
اَڄُ پُڻ اُمارو، چوڏهِينءَ ماهَ چَنڊَ جو،
مُون گهَرِ مُون پِرِيَنِ جي، اَچڻَ جو وارو،
سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آئِيو.
بيت - 11
چوڏهِينءَ چَنڊُ اُڀِرِيو، اُوڻٽيِہَ پَسيسِ عامَ،
مَٿِس ناهِ مَلامَ، جِيڪِينُ پُڇِين پُڇُ سو.
بيت - 12
چوڏهِينءَ چَنڊَ تُون اُڀرين، سَهِسين ڪَرِيين سِنگارَ،
پَلَڪ پِرِيان جي نَه پَرين، جي حِيلَنِ ڪَريين هزارَ،
جِهَڙو تُون سَڀَ ڄَمارَ، تِهَڙو دَمُ دوستَ جو.
بيت - 13
سهَسين سِجَنِ اُڀري، چوراسِي چَنڊَنِ،
باِللهِ، ري پِرِيَنِ، سَڀ اُونداهِي ڀانِئيان.
بيت - 14
چَنڊَ! تُنهنجي ذاتِ، پاڙِيان تان نَه پِرِيَنِ سين،
تُون اَڇو ۾ راتِ، سَڄَڻَ نِتُ سوجِهرا.
بيت - 15
چَنڊَ! چِٽائِي تُنهِنجي، سِياهِيءَ ۾ سُورُ،
لايان لالَ لِڱَنِ کي، چَندنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.
بيت - 16
چَنڊَ لَڳَنِئِي مَنڊَ، سَنجهيئِي سِيخَ ٿيين،
ڪَرِ اُونداهِي اَنڌَ، ته مِلان مَحبُوبَنِ کي.
بيت - 17
چَنڊَ! چُئئين حَقُ، جي وِڙهين جِي وِچِرئين،
ٻَه اَکِيُون ٽِيُو نَڪُ، تو ۾ ناهِ پيشانِي پِرِينءَ جِي.
بيت - 18
چَنڊَ چُئَئين سَچُ، جي مَٺيين نه ڀائيين،
ڪَڏِهن اُڀِرين سنَهڙو، ڪَڏهنِ اُڀِرين ڳَچُ،
مُنهُن ۾ ٻَريئِي مَچُ، تو ۾ ناهِ پيشانِي پِرينءَ جِي.
بيت - 19
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جان ڪِيائُون نازُ نَظَرَ،
سُورِجَ شاخُون جهَڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِيا، ديکِيندي دِلَبَرُ،
جهَڪو ٿِيو جَوهَرُ، جانِبَ جي جَمالَ سين.
بيت - 20
اُونداهِيءَ اَڌَ راتِ ۾، پِرِينءَ پَسايو پاڻُ،
چَنڊُ ڪَتِنِ ساڻُ، پيهِي وِيو پَڙِلاَو ۾.
بيت - 21
تارا تيليءَ رَوءِ، لُڌا لالَنَ اُڀِرِئين،
جِهَڙو تُون صُبُوحِ، تِهڙي صافِي سَڄَڻين.
بيت - 22
توڏانهن گهَڻُو نِهارِيان، تارا تيلاهِين،
سَڄَڻُ جيڏاهِين، تُون تيڏاهين اُڀِرِئين.
بيت - 23
هُن تاري، هُنَ هيٺِ، هُتِ منهنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪؤڙا ٿِينِ نه ڪَڏِهِين.
بيت - 24
هُنَ تاري، هُنَ هَنڌِ، هُتِ منهنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ مَنڌِ، ڪؤڙا ٿِينِ نه ڪَڏِهِين.
بيت - 25
هُنَ تاري هُنَ جاءِ، هُتِ منهنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ساءِ، ڪَؤڙا ٿِينِ نه ڪَڏِهِين.
بيت - 26
تارا، تِرَ، تِروڪِڻِيُون، مَٿِنِ ڦُلُڙِيُون،
کوءِ! سي راتَڙِيُون، جي مُون پِرِينءَ پُڄاڻان پيئِيُون.
وائي - 1
وائي
جيڏيُون! هِيءُ ضَروُرَ، آيَلِ ڪِئن رَهندو پِرِينءَ ري.
سَگهو ساعِتَ نه جِندَڙو، اَٺَئِي پَهَرَ مَلُورُ،
آيَلِ ڪِئن رَهندو پِرِينءَ ري.
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، سَاڄَن! تنهنجو سُورُ،
آيَلِ ڪِئن رَهندو پِرِينءَ ري.
پيرين آءٌ نَه پُڄَڻِي، ڏيہُ پِرِيان جو ڏُورُ،
آيَلِ ڪِئن رَهندو پِرِينءَ ري.
وَڃِي ويلَ سَڀَڪَهِين، هِينئڙُو پِرِينءَ حُضُورُ،
آيَلِ ڪِئن رَهندو پِرِينءَ ري.
وائي - 2
وائي
اَڱَڻِ آيُم پيهِي، يا اَلا! مُون سارِيندي سُپِرِينِ،
مُشڪُ عَطُرُ مُون پِرِيَنِ، سِڪَيَسِ ڄَمُ سَڀيئِي،
يا اَلا! مُون سارِيندي سُپِرِين.
تَنُ جَنِين جو طالِبُو، رُوحَ تَنِين سين ريهِي،
يا اَلا! مُون سارِيندي سُپِرِين.
ساڄَنَ سَنديءَ سُونهن جِي، آءٌ ڳالهه ڪَرِيان ڪيهِي؟
يا اَلا! مُون سارِيندي سُپِرِين.
ٿِيو لُطفُ، لَطِيفُ چَئي، دوسُ آيو دَرِ پيهِي،
يا اَلا! مُون سارِيندي سُپِرِين.
وائي - 3
وَھِلي وَنءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
شَمعَ ٿِيندِيَس شَبِ ۾، اِنَ خُوشيءَ کان کامي،
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
بابُوئَنِ سَندِيَ باھِ جِئن، ٻَران شالَ اُجهامِي!
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
پِرِتِ جا پِيتَمَ جِي سا ڪِينَ پَرُوڙي عامِي،
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
مون کي مون پِرِيَنِ جو، آهي دَردُ دَوامِي،
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
هُو جو لَنؤُن، لَطِيفُ چئي، مون کي آھِ مُدامِي،
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
روشَنُ ٿِيا رُڃُنِ ۾، جي ھُئان لَنؤن اِنهين لامِي،
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
ڪارِي سا قِيامَ سَئِين، ھوتُ جنھن جو حامِي،
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
آيَمِ تنھن لوڪَ سين، جيسِين مان چَوَنِ سُوامِي،
رَھُ راتَ، رائِينديَسِ پرينءَ کي.
داستان ٻيون
بيت - 1
ناسِيندي نِگاهَ، پِهرِين ڪِجِ پِرِينِ ڏي،
اَحوالَ عاجِزنِ جا، آکِجِ لَڳِ اَللهَ،
روز نِهارِنِ راهَ، اکيون اوهان جي آسِري.
بيت - 2
ناسِيندي نَظَرَ، پِهرِين ڪِجِ پِريَنِ ڏي،
قَمر ڪَهِج قَرِيبَ کي، نِسَتُ آءٌ نِٻَرَ،
ٻِي ڀيڻِي ناهِمِ ڀَرَ، اَکِيون اوهان جي آسِري.
بيت - 3
ناسِيندي نِرتِ، پِهرِين ڪِج پِريَنِ ڏي،
قَمَرَ ڪَهِج قريبَ کي، ساري ساڻ سُرتِ،
ٻِيو ڀَروسو نه ڀِتِ، اَکِيُون اوهان جي آسِري.
بيت - 4
ناسِيندي نِهارَ، پِهرِين ڪِج پِرِيَنِ ڏي،
آءٌ جي ڏِئين سَنيها، چَئجِ چنڊ اَپارَ،
ساڄَن! سڀ ڄمَار، اکيون اوهان جي آسِري.
بيت - 5
چڱا چنڊَ! چَئيجِ، سنيها کي سَڄڻين،
مَٿان اَڱَڻَ اُڀري، پِرِيَنِ جي پَئيجِ،
جهِيڻون ڳالهائيج، پيرين وِجهِي هَٿَڙا.
بيت - 6
آءٌ جي ڏِيَئين سَنِيها، سي تون چنڊَ! پَلءِ ٻَنڌُ،
چَئِج حالُ حَبيبِ کي، نَئِي نوِڙائي ڪَنڌُ،
تو تيڏانهن پَنڌُ، جيڏانهن عالَم آسِرو.
بيت - 7
اُڀِرُ چَنڊَ، پَسُ پِرِين، تو اوڏا، مون ڏُورِ،
پيرين آءٌ نه پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏئي نه ٻُورِ،
جنهن تي چَڙهي اَسُورِ، سنجهي سَڄَڻَ سيٽِيان.
بيت - 8
آءٌ اُڪَنڊيائِي مَران، پِرين ڀَلا، پَرَ ڏُور،
ٻاٻَلُ ڏئي نه ٻُور، پنڌَ نه جوڳِي پيَڙي.
بيت - 9
ڌَڻِي! ڪَرِيندين ڪَڏهِين، حَياتِيءَ هيڪاندِ؟
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جِي، ڪِي رَنجائِي راندِ،
پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجهه ڳَرُهِيان ڪَن سين؟
بيت - 10
هِينئَڙي سَڄَڻ سارِيا، ڪِٿي هُوندَمِ هِيرَ؟
اَچِي لالَنَ نه ڏِيين، مٿي پَلَنگَنِ پيرَ؟
ٿِي ورُوهَڻَ ويرَ، ڳُجههَ ڳَرَهِيان ڪَنِ سين؟
بيت - 11
وَڏَڦڙو ۽ واءُ، ڪَرَهي کاڏو کوڙِيو،
کوءِ! ٻَنِ! پَلاڻِيان، اولاڻِيو نه اُٿيِي.
بيت - 12
پَلاڻِيان پِيو، اولاڻِيو نه اُٿِيي،
جيڏانهن وَڳُ وِيو، اُڀو تَرَسِي اوڏَهِين.
بيت - 13
ڪَرَهو نه ڪِي ڪانُ، پيرين آءٌ نه پُڄڻِي،
جو مون رات رساڻي، نيئِي ساڄن ساڻ،
مون نه وَهيڻو پاڻ! ويٺِي نيڻَ نِچوئِيان.
بيت - 14
ڪَرها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکُون وجهه وَڌندِيُون،
هيڪر حَبِيبن سان، مُون کي نيئِي گَڏِ،
مَڇُڻ پونِئي هَڏِ، آهُون اُڪنڍِيَنِ جُون.
بيت - 15
ڪَرها! ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِک وَڌندِي پاءِ،
مُنهِنجو هَلڻ اُتَهِين، جِتي جانِب جاءِ،
توکي چَندنِ چارِيان، ٻيو وَڳُ لاڻِي کاءِ،
اِيهِين اُٺ! اُٺاءِ، جِئن هُونديءَ رات هُت مِڙُون.
بيت - 16
ڪَسَرَ ڇڏ ڪنواٽَ، وکون وِجهه وَڌندِيُون،
سَنئِين سُپِيرِيَنِ جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ،
ڇڏ جهوري، ڏي جهاٽَ، ته هُونديءَ رات هُت مڙون.
بيت - 17
ڪَرها، ڪَرُ سُڃاڻ، پِيئڪو ۽ پانهنجو،
اَصل آهي آنِهنجو، ناليرو نِڌاڻُ،
ڪَرها، اسان ساڻُ، ڪي چانگا ڪِجِ چَڱائِيُون.
بيت - 18
مَيا، مَڃ مِنَٿَ، اَڄ مُنهنجِي ڪَرها،
جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرئين ڪَٿَ،
سُپيريان جي سَٿَ، مون کي نيئِي ميڙئين.
بيت - 19
چندن جا چُوپا ڪري، چَري نه مصرِيءَ سَنگَ،
اَکِين مٿي اَنگَ، مَيي کي محبوبَ جا.
بيت - 20
آڻي ٻَڌم وَڻَ جاءِ، مانَ مُکريُون چَري،
ڪُڌاتُورو ڪَرهو، لِڪِيو لاڻِي کاءِ،
اِن مَيي سندِي ماءِ، مون ڳالهِڙِيَنِ ڳوڙها ڪِيا.
بيت - 21
چانگا چندن نه چَرِين، مَيا پيين نه موڪَ،
آگَرَ اوڏو نه وَڃيين، ٿُڪيو ڇڏيين ٿوڪَ،
لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪهڙي اَکر آئُڙي.
بيت - 22
ڳَلِ ڳانا ياقُوت جا، موتِيَنِ ڳُتِيس مالَ،
ڪَدِيفي جِي ڪَرها، هيدي پايَئِين حالَ،
چَندَنِ چارِيَئِين جال، جي مون رات رَساڻئين.
بيت - 23
ڳَل ڳانا ياقوت جا، موتِي منجهه مَهارَ،
چانگا چَندَن چارِيَئين، اَٺَئِي پَهرَ اَپارَ،
سنديءَ پيءَ پچَارَ، جي مُون رات رَساڻئين.
بيت - 24
مَيا! تو مَهارَ، سَڄِي پايان سونَ جي،
چارِيَئِين چَندَنِ چوٽُيون، نايو مينديءَ ڏارُ،
سَنديءَ پِيءَ پچارَ، جي مُون راتِ رَساڻئين.
بيت - 25
اُٺُ نه وَڃي وَڳَ سين، چَري نَه لاڻون،
مَيي کي مَجازَ جو، ٿُوهي ۾ ٿاڻون،
ڀَٽاري ڀاڻُون، مرندي سينءَ نه مَٽيو.
بيت - 26
اُٺُ نه وڃي وَڳَ سين، چَري نه چانگو،
لَڳيَسِ نائُڪَ نِينهن جِي، نِهوڙِيو نانگو،
ڇَڏي سِرَ سانگو، رِڙهي رَندِ پَرِيَنِ جي.
بيت - 27
ويهِي مَنجهِين وَڳَ، کٿوريءَ ڏارَ چَري،
ماءِ! مُنهنجي ڪَرهي، پَڌَرَ پَڳَ نه لَڳَ،
جَڳَ سين جِهڙو جَڳَ، هِينئين سين هُت چَري.
بيت - 28
ڀُورُ نه چَري ٻُورُ، ڇَڏِيو تُورَ تَڪُون ڪَري،
مُونين هڻِي موٽيو، ڪَرَهو راتِ ڪَپُورَ،
مَيو ٿِيو مَخمُورُ، چَندَنُ چَکِي آئِيو.
بيت - 29
اَڄ نه آڳِيءَ ڍارَ، ڪرهو جِئن ڪالهه هُئو،
اڱڻ آيو نه ڪَري، پاهوري پَچارَ،
جيڪس مَنجهه قَطارَ، ڪا وَلِ چِنائِين وِهَ جِي.
بيت - 30
مَيي ماڪائِي، وِڌو واتِ وَلِين کي،
خبر ٿِي کيٽَ ڌَڻِينَ کيي، وِڏُوڻا واهِي،
ڪَرهي ڪاڪَتَ ڇَڏيِي، وَرِيس نه وائي،
چانگي چَريائِي، ويئِي ويچاري وسري.
بيت - 31
مِٺيُون لَهِي مُهاءِ، جي تو چانگا چِنِيُون،
وَلَڙِيُون وِهَ ساءِ، اَڃا تو مُهنديُون.
بيت - 32
نَوَ نِيَرَ، ڏَهه ڏاوڻيُون، پَنڌرهن پَينڌ پِياسِ،
جَڏِهن سَڄَڻِ يادِ پياسِ، ڇِرَڪ ڇِنايَئِين هيڪڙي.
بيت - 33
نَوَ نِيرَ پائي، جان مُون هِينئڙو جهَلِيو،
وِئَڙو ڇِنائي، پوئِينءَ راتِ پِرِينِ ڏي.
بيت - 34
کائي نه کَٽڻهارَ، چَندنَ جا چُوپا ڪَري،
اَگرَ اوڏو نه وَڃي، سَر کَنڊ لَهي نه سارَ،
لاڻي جِيءَ لَغارَ، مَيو متارو ڪيو.
بيت - 35
ڪَنِين ڪامَڻَ ڪِياءِ، ڪِئن ڀنڀولئين ڪَرَها،
اکين مَٿي اَکِيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاءِ،
وَڳَ ڪِ وِسرياءِ، ٻَڌو جئن گهاڻي وَهين.
بيت - 36
وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پَنهنجي ڪَرهي،
وَليُون واسَ وَرِنِيُون، پَهرِيُون مَٿي پَٽَ،
چانگي چَکِي چَٽَ، ته پوءِ نه رَهندو پَينڌَ ري.
بيت - 37
ڪِين جو ڪيڏاهِين، چانگو چَکِي آئِيو،
تاڻِيو تيڏاهِين، نيٽَ ڇِنايو نِڪَري.
بيت - 38
ڪَرهي کي ڪَئِين، وِڌَمِ پَينڌُ پَلَڻَ جا،
ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نِيَرَ ساڻ نَئِين،
چانگي سَندي چِتَ ۾، صاحِبَ وِجههِ سَنئين،
اوباهِيوسِ آئِين، لُطف ساڻ، لَطِيفُ چَئي.
بيت - 39
ڪَرها توکي ڪامَ، مُون سَچو پَسِي سُڃيِي،
مانَ پروڙي مامَ، ساڱاهي سَنئِين وَهين.
بيت - 40
اُٿِي آڙائِينسِ، ڇڏيو ته ڇيڪَ ٿيو،
کارايان، کِڙيو وَڃي، پَلاڻِي پائِينس،
ڏاوَڻِ تِنهن ڏائِينس، جِئن چري ۽ چِنگهي ڀُڻو.
بيت - 41
دو دَستِي، دو پيرَ، سيني سَنگهَرَ رُڪَ جي،
ماءِ! منهنجي ڪَرهي، تازي ڦُلنَ هيرَ،
تنهن ڪامَڻَ ڪندي ڪيرَ، جو مُنهِين وٽ مَسَ رهي.
بيت - 42
کَنڀاتِڙي تَڙ وَري، اُڀِي تَڙِ واجهاءِ،
مانَ اُچَهُون ڪاءِ، سُوڌائِي سَڄَڻين.
بيت - 43
چانگي چَئِي چُڪِياسِ مَٿاءِ اَڪَ نه اُلَهي،
جِنهن وَلِ گهَڻا وِهاٽِيا، اُنَ سين آرِ لَڳِياسِ،
چوڌارِي چَندَنِ وَڻَ، پَچِي پُوڄَ پِياسِ،
راڙي رَتُ ڪِياسِ، هِنَ ڪُڌاتُوري ڪَرهي.
بيت - 44
جِئان ڪوڙِ ٻَه ڪاٺِيُون، پنجين لکين پاءُ،
مَيو تِنهن ماڳاءُ، ڏيهاڻِي ڏارَ چَري.
بيت - 45
جِئان ڪوڙِ ٻه ڪاٺِيُون، پنجين لَکين پَنُ،
تِئان ڇاڻي ڇُڳيون، مَيي رَتو مَنُ،
تِنهن وَلِ سَندو پَنُ، ڪُوماڻو ڪوڙِين لَهي.
بيت - 46
لَک لاکِيڻو ڪَرهو، ڪوڙين ڏيئِي ڳِڌومِ،
اَڱَڻِ سُونهن ٿِيومِ، مُلهه مهانگو مَ چئو.
بيت - 47
لَکِ لاکِيڻو ڪَرهو، ڪوڙين ڏيئي ڇوڙِ،
اِها سَٽِ سَيّدُ چَئي، جَنهِين تَنهِين جوڙِ،
تُرت رَساڻي تَوڙِ، جُہ پلاڻِيو ته پِرِينءَ مِڙي.
بيت - 48
لَکِ لاکِيڻو ڪَرهو، ڪوڙين ڏيئِي ڪاهِ،
ايلاچيون آهُر ۾، پُوڄ ميي کي پاءِ،
ڪَٿَ نه ڪَندو ڪاءِ، جہ پَلاڻِيو ته پِرِينءَ مِڙي.
وائي - 1
وائي
آهِينِم ڳالهڙِيون، ماءِ مُرادوُن پِرِينءَ سين.
جي مان پِييُون پِرِينءَ ري، کوءِ! سي راتَڙِيُون،
ماءِ مُرادوُن پِرِينءَ سين.
جي مان اورِيُون پِرِينءَ سين، وَرُ سي راتَڙيون،
ماءِ مُرادوُن پِرِينءَ سين.
پَسڻ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، پاتِيَم جهاتَڙِيُون،
ماءِ مُرادوُن پِرِينءَ سين.
آڌيءَ، عبداللطيف چَئي، ڪُهَنِ ڪاتَڙِيُون.
ماءِ مُرادوُن پِرِينءَ سين.
وائي - 2
وائي
سَڌين سيڻَ نه هُونِ، نِينهُن نِياپي نه ٿِئي،
ڪاريءَ رات رُت ڦُڙا، جان جان نيڻ نه روُنِ،
نِينهُن نِياپي نه ٿِئي.
موٽَڻُ جَنِين مِهڻُون، پِڙَ تي سيئي پوُنِ،
نِينهُن نِياپي نه ٿِئي.
جَنِ مُسافِرَ سُپِرين، سي مَرُ رويو رُونِ،
نِينهُن نِياپي نه ٿِئي.
وائي - 3
وائي
توڻي تَڙَيين تون، يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇَڏِيان!
مون کي سو مُشاهدو، جي مُنهن نَه ڏِئين مُون،
يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇَڏِيان!
مُون ٻيا دَرَ گهَڻا نِهارِيا، آهِيين تُوهِين تُون،
يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇَڏِيان!
سورٺ
داستان پھريون
بيت - 1
اَللهَ جِي آسَ ڪَري، هَلِيو هِئائِين،
چارَڻَ ٻَڌا چَنگَ کي، جهُوڙا ۽ جهائِين،
ڏولِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏوُران ڏِٺائِين،
وِينَتِي واحِدَ دَرِ، تِنهن دَم ڪِيائِين،
”سَٻاجها سائِين! راءُ رِيجهائِين راڳَ سين.“
بيت - 2
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، هَلِي آئِيو هِتِ،
جاجِڪُ اُڀو جِتِ، سِرَجِيُون صدائُون هَڻي.
بيت - 3
پَرَديسان پَنڌُ ڪري، هَلِي آئِيو هِيءُ،
مالُ نَه مَڱي مَڱڻُون، جاجِڪُ گهُري جِيءُ،
”وَڍِ، وَهِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبَر نَه سَهان.“
بيت - 4
”پَرديسان پَنڌُ ڪَري، هَلِي آئِيو هُون،
اُونچو تُون عَرشَ تي، آءٌ ڀورو مَٿي ڀُون،
ڪِئن تُسندين تُون، هِيءُ سِرَ سُوالِي مَڱڻُون.“
بيت - 5
”پَرَديسان پَنڌُ ڪري، آيُس آڳاهِينءَ ماءِ،
جي وِهاڻِيءَ ويرَمَ ٿِئي، تَه مُون هِينئر ئِي هَلاءِ،
سُونهارا سورَٺِ وَرَ، ڳالهه هِينئين سين لاءِ،
سو مَڱڻَهارُ مَلهاءِ، جو وِچان ويرِينِ آئِيو.“
بيت - 6
”پَرَديسان پَنڌُ ڪري، سُڻِي آيُسِ شانُ،
مَڱان ڪَهِڙيءَ مَتِ سين، نِسورو نادانُ،
سو ڪو ڏِيارِيين ڏانُ، جو طمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.
بيت - 7
”سَردي سالِمُ نَه رَهان، گَرمِيءَ ٿِيان گُدازُ،
اَمُنُ ڏيج اَمانَ تُون، سائِلُ هَڻي سازُ،
ربابِيءَ کي رازُ، خالِصُ ڏيجِ خَلِيلَ جو.“
بيت - 8
”سَرديءَ سالِمُ نَه رَهان، ڪوسِي سَهان ڪَانَ،
اَمُنُ ڏيجِ اَمانُ تُون، دُورِ ڪَري ٻِيا دانَ،
پانڊَپ! کائِي پانَ، وِجهِجِ پِڪَ پينارَ تي.“
بيت - 9
”تو دَرِ آيُسِ راڄِيا، جاجِڪُ وَٺي جِيءُ،
ڪَنا ’نارُ حامِيہ‘، هاڻِ بَچائجِ هِيءُ،
والِي ڏِيارئي ويءُ، جِتِ آهِ ’جنّاتُ عَدنٍ‘.“
بيت - 10
”تو دَر آيُسِ راڄِيا، هِهَڙو وَٺِي حالُ،
اُونائيجِ عَلِيلَ جو، سَٻاجها! سُوالُ،
اَڱڻِ مَٿي آنهِنجي، ڪَهي ڪي قَوالُ،
ڀَلا! ڪَري ڀالُ، اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.“
بيت - 11
”تو دَرِ آيُسِ راڄِيا، ٻِيا دَرَ ڪَري دُور،
سائِلُ ٿو سَينَ هَڻي، هَردَمِ اُن حُضُور،
ٻِيو نَه مَڱِي مُور، اَمُنُ ڏيو اُنَ کي.“
بيت - 12
”تو دَرِ آيُسِ راڄِيا، ٻيا دَرَ دُورِ ڪَري،
دُولَههَ تو دَرٻارِ ۾، آيُسِ پيرَ ڀَري،
مَڱِڻُون آئُون نَه مالَ جو، مُنهِنجو پَنڌُ پَري،
وَري ڪِينَ وَري، مَٿي ڌاران مَڱڻُون.“
بيت - 13
”تو دَرِ آيُسِ راڄِيا، ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ،
ڪَهان جو ڪُماچَ سين، سو سُڻَ سَٻاجهي ڪَنّ،
جا مَڱَ مُنهِنجي مَنِّ، سا توکي مَعلُم سَڀَڪا.“
بيت - 14
”ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ، آيُسِ تُنهِنجي دَرُ،
سُونهارا سورَٺ وَرَ، ڪا مُنهنجِي ڪَرِ،
ڀَلا! ڀيري ڀَرِّ، پالَهو پاندُ پينارَ جو.“
وائي - 1
وائي
تُنهِنجيءَ تَندُ تَنوارَ، يار! مُون مَنُ موهِيُو،
مَلِهي آئِين مَڱَڻان، گَجِي ۾ گرنارَ،
يارَ! مُون مَنُ موهِيو.
سِرَ جِي صَدا ڇَڏِ تُون، ڏِيانءِ ڏيجَ اَپار،
يارَ! مُون مَنُ موهِيو.
دانَ ڏِيانءِ دُهِرا، هَزارين هَزارَ،
يارَ! مُون مَنُ موهِيو.
داستان ٻيون
بيت - 1
جاجِڪُ جهُوناڳَڙَه ۾، ڪو عَطائِي آيو،
تِنهن ڪامِلَ ڪَڍي ڪينرَو، ويهِي وَڄائِيو،
شَهرُ سَڄوئِي سُرَ سين، تَندنِ تَپايو،
دايُون دَرِ ماندِيُون ٿيون، ٻايُنِ ٻاڏايو،
ٻِيجَلَ ٻولايو، تَه آهِيان سُوالِي سِرّ جو.
بيت - 2
ساري راتِ صاحِبَ کي، ڳَڙه ڀَر ڳايائِين،
اُٺَس ماڻِڪَ مِينهن جِئن، هَٿِ نَه ڇُتائِين،
تي لائِقَ لَڌائِين، جِئن هو مِيراثِي مَڱَڻُون.
بيت - 3
نِرِتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻِيجَلَ ٻُرائِي،
راڄا رَتولَنِ ۾ وَرَنائِي وائِي،
ڪوٺايائِين ڪوٽَ ۾، ٻارِٽُ ٻاجهائِي،
رَاڄا، راڳائِي، هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا.
بيت - 4
نِرِتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻيجَل،
راڄا رتولَنِ ۾، اُونائي اَمُل،
رازُ ڪِيائين راءَ سِين، ڪِنهن موچاريءَ مَهَل،
’انا اَحمَدُ بِلا مِيمِ‘، سَينَ هَنئِي سائِل،
ڪِنهن ڪِنهن پيئِي ڪَل، تَه هَرِدوئِي هيڪُ ٿِيا.
بيت - 5
ڪَنِين ڪَنين ماڙُهئين، پيئي ڪَلَ ڪائِي،
رَسيا جي رَمزَ کي، تَنِ پارِسي پائِي،
’الانِسَان سِرُيَ و اَناسّـِره‘، وَرَتِي اِيءَ وائِي،
راڄا، راڳائي، هَرِدوئِي هيڪُّ ٿِيا.
بيت - 6
راڄا رَنگِ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِين،
جا هَنيائِين هَٿَنِ سين، سا سُئِي بالا بِينَ،
جِتِ اَچَنِ نَه اُردابيگيُون، اُت ڪو ڪوٺايو اَمينِ،
”تازي ڏِيوسِ تَڪِڙو، جوهَرَ پائي زِينَ“،
ٻِيو مَڱي ڪِينَ، ڌاران سِرَ سَيّدُ چَئي.
بيت - 7
راڄا جو راضِي ٿِيو، تِنهن ڏِنا وَڏا ڏانَ،
موٽِي ڪارِيا مَڱَڻي، طَرَح تُنبي کي تانَ،
”مُون وَٽ مالَ مَتاع جي، ڪَمِي آهي ڪانَ،
ڪارَڻِ رَبّ رَحمانَ، سِرُ وَڍي، سلطانَ ڏي.“
بيت - 8
سِرَ جي هُئائِين هَلِيو، چارَڻُ چِتائي،
سو مُوڙا جهَلي نَه مالَ جا، ٿو ماڻِڪَ موٽائي،
”تو دَرِ آيُسِ تِي، جِئن تو ناهِ نَه سِکِيو.“
بيت - 9
”پائي پَٽَ ڪَڻان، مُون تان مُور نَه مَڱِيو،
تَازِي طَبيلَنِ ۾، گهوڙا گهَرِ گهَڻان،
هاٿِيءَ ڪارَڻِ هيڪَڙي، آن ڪا تَندُ هَڻان؟
جا مٿي تو مَڻِيان، تِنهن سِرَ جو آهِيان سيڪَڙُو؟
بيت - 10
”جي ميراثِي مَڱڻان، آئُون پُڻِ مَنجهان تَنِ،
ڪِين ڪَہُ مُنهِنجي ڪَنِ، اِرثَ مَنجهاران اُنِ جي.“
بيت - 11
”ڪا جا ڳالهِه ڳَري، ٻِيجَلِئا ٻُڌاءِ مُون،
پيٺِين جِئن گِرنارَ ۾، تَندُنِ تانُ ڪَري،
ڪِ تو پَنڌُ پَري، ڪِ مَڱَ جهَلِيندين مَڱڻان!“
بيت - 12
”مَڱُ نَه جهَلِيان مُورِهِين، نَه مُون پَنڌُ پَري،
ڳِڻِي آيُسِ ڳالَهڙي، ڳُجهي تو ڳَري،
سا سَمُجهِجِ، سورَٺِ وَرَ، وِيندُسِ ڪِينَ وَري،
پَرِيان پِيرَ ڀَري، تو لَئي آئِيو آهِيان.“
بيت - 13
مَڱَ نه تُسي مَڱڻُون، نَه مِلڪَ، نَه مال،
ڏانِنئُون ڏُور ٿِئي، ڪا جا ڳِنِس ڳالهه،
آهي اِنَ خِيال، تَه ڏيٺِي ٿِيان ڏاتارَ سين.
بيت - 14
سِرُ مَڱي، سِرَ گهُري، سِرَ ريءَ ٿِئي نَه صَلاحَ،
غَرِيبَنِئُون نَه گُذَري، ٿو ماري ميرَ مَلاح،
نايو نَوابَنِ جا، سورِيو ڪَڍي ساهَ،
خالِقُ سَنجههِ صُباح، ڪونَ ڇَڏِيندو ڪِٿَهِين.
بيت - 15
موٽِي، مَڱَڻهارَ! شالَ مَ اَچِين ڪَڏهِين،
اَٺَئِي پَهَرَ اَجَلَ جو، ڪُنڍو مَنجههِ ڪَپارَ،
جِنهن تو سَڀَ ڄَمارَ، هَنِيا ڇَٽَ پَٽَنِ سين.
وائي - 1
ڏِنو راءِ ڏِياچَ، هيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدقو.
ڇَڏي هَلِيو هِتَهين، راڻِيُون پَنهِنجا راڄَ،
هِيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدقو.
اَگهيو دَر اللهَ جي، ڪوڙين پُنس ڪاڄ،
هِيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدقو.
مَڱِي وتو مَڱَڻي، ڪَهِي ساڻُ ڪُماچَ،
هِيءُ سِرُ صاحِبَ تان صَدقو.
داستان ٽيون
بيت - 1
ڪِين جو ٻِيجَلَ ٻولِيو، ڀِنِيءَ ويهِي ڀانَ،
راڄا رَتولَنِ ۾، سِيباڻو سُلطانَ،
”آءٌ مَٿاهُون، مَڱَڻان! مُقابِلِ مَيدانَ،
گهورِيان لَکَ، لَطِيفُ چَئي، تُنهنجي قَدَمَنِ تان قُربانَ،
مَٿو هِيءُ مِزمانَ، هَلِي آءٌ تَه هِتِ ڏِيئِين.“
بيت - 2
آءٌ مَٿاهُون مَڱڻان، چَڙهِي ۾ چَوڏولَ،
توکي گهوٽَ گهُرائِيو، راڄا مَنجههِ رَتولَ،
ٻيجَلَ توسين ٻولَ، وِهاڻِيءَ وَڍَڻ جِي.
بيت - 3
محلين آيو مَڱڻُون، سازُ کَڻِي سُرَندو،
سِر جي صَدا سُرَ ۾، گهُورَ هَڻِي گهُرَندو،
مَٿي رِيءَ مَلوڪَ جي، چارَڻُ نَه چُرَندو،
جهُوناڳڙهَ جهُرَندو، پُوندي جهانءِ جهَروڪَ ۾.
بيت - 4
مَحَلين آيو مَڱڻون، کَڻِي سازُ سِري،
لَڳِي تَندُ تُنبِيرَ جِي، پِيا ڪوٽَ ڪِري،
هَنڌين ماڳين هُوءِ ٿِي، تُنهنجِي، ٻِيجَل! دانهنُ ٻُري،
جهُوناڳَڙهه جهُري، پُوندي جهانءِ جهَروڪَ ۾.
بيت - 5
ڏاتارَ ۽ مڱڻي، ڪِونَ وَسِيلو وِچِ،
سائِي تال تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ،
جي هُتي، جي هِتِ، تَه ڳالِهه مِڙِيائِي هيڪَڙي.
بيت - 6
”جاجِڪَ! تو جَهارُ، ڏَهَ ڀيرا ڏِياچُ چَئي،
جِنهن ۾ مالَ نَه مِريءَ جيترو، تِنهن تُون طمعَداَرَ،
جي اَچِئي ڪَمِ ڪَپارَ، تَه وِيہَ ڀيرا وَڍي ڏِيئِين.“
بيت - 7
”ٻيلِي ٻَئِي پارَ، جان مُون نيڻَ هَڻِي نِهارِيا،
چوري رَکِيَمِ چِتَ ۾، ڏِسِينِ جا ڏاتارَ،
هِيءُ سِرُ توهان ڌار، ٻِيجي ڪِنهن نَه ٻولِيو.“
بيت - 8
”سو جِيءُ، مَڱَڻهارَ! مَ هوءِ، جِنهن تو مَٿي سِرَ سَٽو ڪيو،
جو مُون مُلِ مُورِ نَه سپڄي، تان جي سو گهُريوءِ،
تَه جُڳان جَڳِ ڏِنوءِ، ڏُونگو ڏاتارَنِ کي.“
بيت - 9
”مَٿو مَٿائِن گهورِيان، مَٿو تو مَٿان،
سو مُون ٿِئي نَه هَٿان، جِنهن تُون لائِقُ مَـڱڻان.“
بيت - 10
”مَٿو مَٿائِن گهورِيان، مَٿو تو مَٿانءِ،
هَڏو هِيءُ هَٿِ ڪَري، جاجِڪَ وَهِلو جاءِ،
تُون سين آنيراءِ، جِمَ واچا ۾ وِلَهو وَهين.“
بيت - 11
”سَو سِرَنِ پائي، جي تَندُ بَرابَرِ تورِيان،
اَٽَلَ اوڏاهِين ٿِئي، جيڏانهن ٻِيجَلُ ٻُرائي،
سَکڻُون هَڏُ آهي، سِرُ ۾ سَڃَڻ ناهِ ڪِين.“
بيت - 12
”مَٿي اُتي مُنهِنجي، جِي هُئا سِرُنِ سَوَ هَزارَ،
تَه تُنهِنجِيءَ تَندُ تَنوارَ، هَرَ هَرَ وَڍِيمِ هيڪَڙو.“
بيت - 13
”مَٿي اُتي مُنهِنجي، جي ڪوڙين هُونِ ڪَپارَ،
تَه وارِيو وارِيو وَڍِيان، سِسِيءَ کي سَوَ وارَ،
تَه پُڻِ تَندُ تَنوارَ، مُونهان مَٿائون، مَڱڻان!“
بيت - 14
”جو تو ڏِيَڻُ، ڏِياچَ! لاهِيو اي سِرُ سَڀُڪو ڏي،
ڪِين ناه جِهَڙو ڏي، جو سَندَ ٿِئي سُواليين.“
بيت - 15
”ڏِيَڻُ گهَڻُون ڏُهِلو، سِسِي ڏِيَڻُ سُکُ،
سو تان ڏِياچَ! ڏُکُ، جو تَعَلقَ رَکِي تَندُ سين.“
بيت - 16
”جو تَعَلقَ رَکي تَندُ سين، سو ڪِين پَلؤ پاءِ،
مُون کي مَ موٽاءِ، آنءُ اَڳاهُون آئِيو.“
بيت - 17
پَسِي پاٽُ پَرِ ٿِيو، سَندو جادِمَ جُودُ،
مَڱَ وِهاڻِيءَ مَڱڻان! مَٿو هيرَ مَوجَودَ،
بَلڪِ آهي بُودُ، ناڪَسِيءَ نابُودَ ۾.“
بيت - 18
چارَڻُ چَنگُ ڪُلهي ڪَري، رَمِي رَهيو راتِ،
صدا جي سَيّدُ چَئي، وائِي ڪِيائِين واتِ،
ڏيههَ ڏِنا تنهِن ڏاتِ، مِيين مَڱڻهار کي.
بيت - 19
چارَڻَ چَنگُ ڪُلهي ڪَري، پيرَ پَري پاتا،
صَدا جي سَيّدُ چَئي، وائِي ڪِيائِين واتا،
تِنهن تي راءُ راضِي ٿِيو، دِلِ وَڏيءَ داتا،
مَرڪي مَرُ ماتا، روُڙي راءِ ڏِياچَ جِي.
وائي - 1
وائي
مَٿو ۾ کِنڪارَ، يارَ! ڏاڻَ ڏِيندوسَئِين، مَڱڻان!
جاجِڪَ! جهُوناڳڙهه ۾، هَلُ تَه ٿِيَهُون يارَ،
ڏاڻَ ڏيندوسَئِين، مَڱڻان!
مَتان ڪا مُنهِنجِي ڪَرِيين، گِلا جِي گُفتارَ،
ڏاڻَ ڏيندوسَئِين، مَڱڻان!
مَٿي اُتي مُنهِنجي، جي هُونِ سِرَ هَزارَ،
ڏاڻَ ڏيندوسَئِين، مَڱڻان!
هَرُ هَرُ وَڍِيان هيڪَڙو، تُنهِنجِيءَ تَندُ تَنوارُ،
ڏاڻَ ڏيندوسَئِين، مَڱڻان!
لَڄِيندي ٿو لاهِيان، ڪِينهي مَنجهِه ڪَپارَ،
ڏاڻَ ڏيندوسَئِين، مَڱڻان!
داستان چوٿون
بيت - 1
رِيءَ مَصلِحَتَ مَڱَڻان، قَصَرِ ڪِينَ اَچَنِّ،
نُورَ تَجَلو نُورَ سين، نَمِيو نيڻَ پَسَنِّ،
خِيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊوُڻا چَمَڪَنِّ،
لَڌائِين لَطِيفُ چَئي، سَندا ڏاڻَ ڏِسِيَنِّ،
تيلانهن مُلڪَ ڌَڻِينِّ، مَڃِيو مَڱڻهارَ کي.
بيت - 2
”مَرُ تَه آئين مَڱَڻان، مامَ پَروُڙي مُون،
جيڪا ڳاهَ ڳالهائين، سا سَڀَ سَمجهِيسُون،
تِنهن ۾ تُسِجِ تُون، جيڪِين پوئي پَٽَ ۾.“
بيت - 3
”چارَڻَ! تُنهِنجي چَنَگَ جو، عَجَبُ آهِمِ اِيُّ،
هَڻِي اُڀو هَٿَنِ سين، جِئَرو رَکيو جِيُّ،
راتِ منهنجو ريُّ، ڪاٽِيو تو ڪُماچَ سين.“
بيت - 4
”تانُ نَه آهي تَندُ جو، روُن روُن ڪَري رازُ،
هَڻَندَڙَ سَندا هَٿَڙا، سَڀُڪو چَئي سازُ،
سَٽُ ڏيئِي شَهِبازُ، ٿِيءُ تَه ٿوڪُ پِرائِيين.“
بيت - 5
تَندُ تُنهِنجي تانُ، ڪَهِيو سو قَبوُلُ پِيو،
سِرُ تَه آهي سَٽِ ۾ پَرُ ٻِيو ڪِي مَڱجِ دانُ،
خاڪِ مِٽِيءَ جو بانُ، ڪاٽِيان پوءِ ڪُجههَ ناهي.
بيت - 6
”چارَڻَ! ٻولِجِ ڪِين ٻِيو، جو گهُريُئِي سو گهورِيان،
گهَرُ، سورَٺَ نَه پَڙي، جان تَندُنِ بَرابَرِ تورِيان،
ڳُجهِي آهِيم ڳالهَڙي، آءٌ اوري تان اورِيان،
ڪِ ڪُلَهِنئُون ڪورِيان، ڪِ، جاجڪَ! جُسي سين ڏيئين؟“
بيت - 7
چَارَڻُ چَنگ، ٻَنڱُ لَهي، وڄايو وَڏاڻُ
سِر تان هَڏِ اَسانُ، پَر مڱڻهارُ مَٿي وهِي.
بيت - 8
”ڳُجههُ پَنهِنجي ڳُجهَه سين، رِندَ! رَساڻي لاءِ،
اَجَلُ اُڀو آهِ، پُٺِيءَ تو پَلاڻِيو.“
بيت - 9
”وَڍِ سِرُ ٿِيءُ سَرَهو، مَ ڪِين آءُ، مَ ڳاءُ،
جاجِڪَ! تو مَٿاءُ، مُلڪَ مِڙوئِي گهورِيان.“
بيت - 10
ٽيئِي پَرچِيا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارو، ڪَنڌُ،
”تِنهن جهِوئِي ناهِ ڪِين، جو تو چارَڻَ ڪِيو پَنڌُ،
اِيءُ شُڪَرُ اَلحَمدَ، جيئن مَٿو گهُرِيُئِي، مَڱڻان!
بيت - 11
ڪَنجهي ڪِيرَتِ ڪِينَرو، واڄو وِلاتِي،
هَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تِنهن پارِسَ پيراتِي،
ڏِسَندي ڏياچَ کي، ظاهِرُ ٿِيو ذاتِي،
ڪَڍي تِنهن ڪاتِي، وِڌو ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.
بيت - 12
گُلَ ڇنو گِرنَار جو، پٽڻِ ٿِيون پِٽِينِ،
سَهَسين سورٺِ جِهَڙيُون، اُڀِيُون اوسارِين،
چوٽا چارَڻَ هَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِيو ڏِينِ،
نارِيُون ناڏَ ڪَرِينِ: ”راڄا راتِ رمَگيو!“
بيت - 13
پاسَنگَ جِنهن پيشِ ڪِيو، تِنهِن ڏِنو ڪِينَ ڏِياچَ،
مَٿو نيئِي ماچَ، وَڃِي ڏُورِ، ڏُکَ ٿِيو.
بيت - 14
ڏِنو ڪِين ڏِياچَ، ٿو سائِلَ سِڪائي،
مُنهَن تي موٽائي، مَٿو هَنيُسِ مَڱڻي.
بيت - 15
سورَٺِ مُئِي، سُکَ ٿِيو، خِيما هَنيا کَنگهارَ،
ٿِيو راڳُ، رُوپُ سو، لَڳِي تَندُ تَنوارَ،
سو ڍَٽين پَٽين پارَ، پَسو! راڄا راضِي ٿِيو.
بيت - 16
سورَٺِ مُئِي، سُکُ ٿِيو، خِيما کَنيا کَنگهارَ،
نَه ڪو راڳُ نَه رُوپَ ڪو، نَه ڪا تَندُ تَنوارَ،
تِهان پوءِ مَڱڻهارَ، ڏنو سِرُ ڏِياچُ کي.
وائي - 1
وائي
اَلوِداع! وو! اَلوِداع! وو! اَلوِداع! جانِي ڪِيوءِ جُدا،
هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.
هَڻُ تُون تَندُ طَرِيقَ جي، وو! واڄَٽَ سَڀِ واري،
هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.
سورَٺِ سَرَتِنِ وِچَ ۾، وو! اُڀِي اوساري،
هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.
”ڏِيندوسانءِ“ ڏِياچُ چَئي، ”هِيءُ سِرُ سِينگاري“،
هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.
هِيءُ جو آيو مَڱڻون، سو مَتارا ماري،
هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.
دوسَ دوسَنِئان دُورِ ڪِيو، ٿو ڏَيا ڏيکاري،
هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.
ڪَنڌُ مُنِهنجو ڪاٽِيو، نِينهن سَندي نَعِري،
هَئي هَئي! سورَٺِ ٿِي ساري.
آسا
داستان پھريون
بيت - 1
لُڇان ٿِي لاحَدَ ۾، هادي لَهان نَه حَد،
سُپيريان جي سُونَهن جو، نَه ڪو قَدُ نَه مَد،
هِتِ سِڪَڻُ بي عَدد، هُتِ پِريَن پَروا ناهِ ڪو.
بيت - 2
”آءٌ“ سين اُنَ پارِ، ڪَڏهِن تان ڪونَه پِيو،
”اِنّ اَللهَ وِتَريُّحِبُّ الوِترِ“، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ،
هيڪَڙائِيءَ وَٽِ هارِ، هَنجُون جي ’هُئَڻ‘ جُون.
بيت - 3
ٻَنِ ٻِيائِي سُپِرِين، پاڻان مُون کي پَلِ،
”آءٌ“ اورِيان جهَلِ، توکي رَسي ”تُون“ ڌَڻِي.
بيت - 4
توکي رَسي ”تُون“ ڌَڻِي، سَڀوئِي جَمالُ،
ڪونهي ٻِيو خِيالُ، جي شارِڪَ شَڪَ وِڃائيين.
بيت - 5
”آءٌ“ اورِيان جهَلّ تُون، ڇَڏِيَمِ پاڻُ پَچارَ،
شِرِڪَ ساڻ سَتارَ، گهَڻان گهارِيمِ ڏينهَڙا.
بيت - 6
عَينَ شِرڪُ اِيءُ، جِئن بِي شِرڪُ ڀانئين پاڻَ کي،
وِڃائي وَجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،
هَڏِهِين ڪونهي ’هيءُ‘، ’هُو‘ پُڻ ڪِينهين هِن ري.
بيت - 7
هُو پُڻ ڪِينهين هِن ري، هِي نَه هُنِهان ڌارَ،
”اَلاِنسَان سِرِيّ وَ اَنا سِرُّهُ“، پَروڙِج پَچارَ،
ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالَمِ عارِفَ اِهڙي.
بيت - 8
نَڪا اِبتَدا عَبدَ جي، نَڪا اِنتَها،
جَنِ سُڃاتو سُپِرِين، سي وَڃَڻَ کي وِيا.
بيت - 9
”اَنا عَبدُ“، مَعبُودُ تُون، اِت نَه ڪو شِرڪُ نَه شَڪُّ،
پَچاروُن پِرِينِ جُون، مَحَبَتِين مَرَڪ،
سو سَڀوئِي حَق، جِنهن ۾ پَسَڻ پِرِينءَ کي.
بيت - 10
سِرُ نايو سَجدا ڪَرِين، تَنَ تَواضُعُ تو نَه،
هُو جو مَڻڪو مَنَ جو، سَهجان سارِين سو نَه،
ڪُوڙا ٿِيندُءِ ڪونَه، ڌوڻِئين ڦُوڪئي فائِدو.
بيت - 11
جان جان پَسين پاڻَ کي، تان تان ناهِ نِمازَ،
سَڀ وِڃائي سازَ، تِهان پوءِ تَڪبِير چَئو.
بيت - 12
جان جان پَسين پاڻَ کي، تان تان ناهِ سُجُودُ،
وِڃائي وُجُودُ، تِهان پوءِ تَڪِبِير چَئو.
بيت - 13
وردَ وَظِيفا وِسَرِيا، نَه ڪا رَهِي نِمازَ،
هِينئڙو بَحريءَ بازَ، چوري ڪِيو چَنبَنِ ۾.
بيت - 14
نابُوديءَ نيئي، عَبدُ کي اَعليٰ ڪِيو،
مُورتَ جي مَخفِي ٿِيا، صُورَتَ پُڻ سيئِي،
ڪِبي اُتِ ڪيهِي، ڳالهه پِريان جي ڳُجهه جِي.
بيت - 15
تَعظِيما تَرَڪُ ٿِيا، واجهاڻِيان وِيا،
وَڃِي تِتِ پِيا، جِتِ نِهايَتَ ناهِ ڪا.
بيت - 16
ڳالهِه پِريان جي ڳُجههَ جي، ڳالِهه مِڙيائي ڳُجههَ،
هِينئڙا اُجهه مَ مُنجههُ، تَه پِرِينَئان پَري نَه ٿِئين.
بيت - 17
صُورَتَ سوجِهه مَ تِنهن جي، تُون پُڻ پُڇين جو،
سُخنُ آهي سو، جو مُنهن مُقابِلِ نه ٿِئي.
بيت - 18
سُڃاپي نَه صُورَتَ ري، صُورَتَ هَڏِ مَ سوجههِ،
ٿِي ٻاراڻي ٻوجِهه، وِڃائي وُجُودَ کي.
بيت - 19
سي فانِي ٿِيا ”فِي الله“ ۾، جَنِ وِڃايو وُجُودُ،
نَه تَنِ قِيامَ نَه قاعِدو، نَڪِين ڪَنِ سُجُودُ،
جيلانَهن ٿِيا نابُودُ، تيلانَهن رَسِيا بُودَ کي.
وائي - 1
وائي
پِرِيَنِئون پوءِ، موٽِي، موٽي مَ وِهامي راتِ،
راهَ رَمَندَڙي روءِ.
ڦوڙائو فَقِير کي قادِرَ ڪوهُ ڏِنوءِ؟
راهَ رَمَندَڙي روءِ.
چَڙهِيا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ سانگُ نَه ڪوءِ،
راهَ رَمَندَڙي روءِ.
اَچِي اورانهُون ٿِئي، شالَ ساجَنِ سانگَ سَندوءِ،
راهَ رَمَندَڙي روءِ.
ويٺي واٽَ نِهارِيان، مَنَ پِرِينِ ٻاجهه پوءِ،
راهَ رَمَندَڙي روءِ.
داستان ٻيون
بيت - 1
اُڀَرَندي سِڄ، پِرِين جي نَه پَسَندِيُون،
ڪَڍِي ٻيئِي ڏِج، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کي.
بيت - 2
اُڀَرَندي سِڄَ سان، پِرِين جي نَه پَسَندِيُون،
ڪَڍِي کي ڪانگان، نِوالا نيڻَ ڏِيان.
بيت - 3
مُون کي اَکَڙِيَنِ، وَڏا ٿورا لائِيا،
تَه پُڻ پِرِين پَسَنِ، کَڻان جي کَرَ سامُهِيُون.
بيت - 4
نيرانان ئِي نيڻَ، نيئِي اَڇِ پِريَنِ کي،
سَتَر کاڌا کيڻَ، جي ڏِٺو مُنهن مَحبُوبَ جو.
بيت - 5
تَنِ نيڻَنِ ڪِي نيرانِ، جَنِ ساجهُرِ سَڄَڻَ ڀيٽِيا،
تَه جِيءُ جُسي ۽ جانِ، ڪَرِ حَضُوري حَجُّ ڪِيو.
بيت - 6
اَکِيُون عَليٰ الصباح، دوسِتُ ديکَڻَ آئِيُون،
اُڀينديون آرِداسَ ۾، ٻِي نَه ڪَندِيُون ڪا،
رَچَندِيون ري پاهَ، پَرچَندِيُون پِرِيَنِ سين.
بيت - 7
ڪِي جو ڪيڏانهِين، اَکِيُون ڏِسِي آئِيُون،
تاڻِينِ تيڏانهِين، پييُون پاڻَ مُهاڙِيُون.
بيت - 8
ڪِي جو ڪَنهِين پارِ، اَکِيُون ڏسِي آئِيُون،
ٿِيُن ديوانيُون دِل ۾، اَپَرَ لَڳِينِ آرِ،
تِهان پوءِ قَرارِ، سُتيون ڪِن سَيّدُ چَئي.
بيت - 9
ڪِي جو وَڃِي اَڄُ، اَکِيُون ڏسِي آئِيُون،
سيڻن جي سَهڄَ، لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چَئي.
بيت - 10
ڪِي جو وَڃِي ڪالههَ، اَکِيُون، ڏسِي آئِيُون،
لالُون ڪِيُون لَطِيفُ چَئي، جانِبَ جي جَمالَ،
ٿِيا نيڻَ نِهال، جِنِين دِلبَرُ ديکِيو.
بيت - 11
اَکين کي آهينِ، عَجَبَ جِهڙيُون عادَتُون،
سُورَ پرائي ڏيهه جا، وَڃِيو وِهائِين،
اُتي لَنئُون لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناهِ هَٿِيارَ جي.
بيت - 12
اَکَڙِين آرام، ڪڏَهِن تان ڪونَه ڪِيو،
هُيون مَنجهِه حَمام، کاڻِيُون کُوري وِچَ ۾.
بيت - 13
اَکِينَ کي آئُون، جان ڪي جهَلوُن پائِيان،
لَتاڙي لوڪَ کي، ساڄَنَ سوٺائُون،
مُون کي مُٺائُون، پاڻ پَرچِي آئِيُون.
بيت - 14
اَکِينِ کي آهِينِ، وَڏا وَجههَ وِڙَهَڻ جا،
مَنڊي اُڀِيُون مامَرو، جهيڙو نَه لاهِينِ،
جِئن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، اَکِيُون تِئن آهِينِ،
جهُڙِ ڦُڙِ نَه لاهِينِ، وَسَنِ سانوَڻَ مِينَهن جِئن.
بيت - 15
اَکِيُون تان عِيدَ، ڪانهي عِيدَ اَکِيَنِ ري،
خُوشِي ۽ خَرِيدَ، ويئِي ويچارِيُنِ وِسَري.
بيت - 16
اَکَڙِيُنِ آرو، مُونهان ڀُڇِي نَه ڪِيو،
اُتي وَڃِي آڙِيُون، جِتِ چَوَڻ نَه چارو،
هِينئڙو ويچارو، واٽُون جهَلِيو وِجهُلي.
بيت - 17
وَسَنِ ۽ وِهسَنِ، ڏيهاڻِي ڏِسَڻَ لَئي،
جِئن جِئن پِرِين پَسَنِ، تِئن تِئن نَشا نِينهَن جا.
بيت - 18
وَسَنِ ۽ وِهسَنِ، ڏِيهاڻِي ڏِسَڻَ لَئي،
ڏيئي ڏِسِي آئِيُون، توءِ تَلاشُون ڪَنِ،
ڍايُون نَه ڍاپَنِ، پَسَڻَ مَنجهان پِرِينَ جي.
بيت - 19
ڏِسَنِ ڏِيهاڻِي، توءِ تَرسَنِ اوڏَهِينِ،
آيا سُڃاڻِي، نيڻَ نِهاري پِرِين کي.
بيت - 20
لَڏي آيا لَعلَ، پيرَنِ سين پَنڌُ ڪَري،
ساڄَن اَکِيُون جي کَڻِي، تَه ڪوڙين ڀانيان ڀالَ،
مُنهِنجي ناهِ مَجالَ، تَه ڪو ويڻُ وَرائي وارِيان.
بيت - 21
اُتي ئي آهِينِ، جِتي آڻِي ڇَڏِيَئِي،
سي سَٻاجهُون اَکِيُون، ماڳُ نَه مَٽائِين،
جي اُتي لِکَ لاهِينِ، تَه ڪَڍي ڪانگَنِ کي ڏِيان.
بيت - 22
اَکَڙِيُون پِرِيَنِ ري، جيڪِي ٻِيو پَسَنِ،
تَه ڪَڍي کي ڪانگنَ، نِوالا نيڻَ ڏِيان.
بيت - 23
اُڀِيُون آهِينِ اُتِ، جِتي آڻي ڇَڏِيَئِي،
ٻِيو ڀَروَسو نَه ڀِتِ، اَکِيُون اوهان جي آسَري.
بيت - 24
اَک اُلِٽي ڌارِ، وان اُلٽو عامَ سين،
جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تَه تُون اُوچو وَهُ اُوڀارِ،
مَنجهان نُوچَ نِهارِ، وان پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
بيت - 25
تان جي ٿِيَنِ سامُهان، پُٺِيرا سُونهَنِ،
سَنئون وَرائي سُپِرِين، مُنهَن جي مان ڏي ڪَنّ،
رَڳُون سڀَ رَچَنِ، تَنِ ۾ تازائِي ٿِئي.
بيت - 26
اَکِيُون سي ئِي ڌارِ، جَنِ سين پَسين پِرِينءَ کي،
ٻِئي ڏانهن ڪِيمَ نِهارِ، گَهڻُو رِيسارا سُپِرِين.
بيت - 27
اَکِيَنِ مُون کي اوچِتو، اُتي اَڙايو،
لَنئُون تِتِ لَڙايو، جِتِ ڪُڇَڻُ ٿِئي ڪونڪو.
وائي - 1
وائي
اي مِيان سَڄَڻَ، توري اوري، ڪِئن رَهَندا نيڻَ مُنهِينجا،
جَنِ جو وارِثَ تُون، جَنِ جو آڌرُ تُون.
آئُون ٿِيَس لائِقَ ڀُون.
جِئان اُلهي اُڀَري، توڻي تِهان پَري.
توءِ وَڃجي تَنِ ڏي، اَکيُون پيرَ ڪَري.
داستان ٽيون
بيت - 1
موهِيندُءِ مَجازُ، گهَڻين ٿورين ڏِينهڙين،
هَٿان ڇَڏِ مَ بازُ، تُون هارِيا حَقِيقَتِ جو.
بيت - 2
هي جي مَجازِياڻِيُون مُنهَن ۾، ديکَ مَ تُون سين تَنِ،
ڪِين سُڃاتو سُپِرِين، نِهاري نيڻَنِ،
پِرِين جي پَسَنِ، ٻَئِي جنهن ٻوٽِيُون.
بيت - 3
ساهَ سين سُڃاڻان، پَساهَ سين پَسان پِرِين،
اِهي ٻه ٽاڻان، اَچِي رَهِيا رُوحَ ۾.
بيت - 4
مُون کي ماءِ مَجازَ، پِيڃاري جِئن پِڃِيو،
هَٿَنِ ڇَڏي هاجَ، ويئِي سارَ سَنڌَنِ مان.
بيت - 5
منهِنجي جان جُدا ڪَئِي، حقِيقَتَ هَڻِي،
پَساهُ هيڪُ پِرِيَنِ ري، سَگهان ڪِينَ کَڻِي،
ڌَڻِي ئِي ڌَڻِي، رَهِيو آهي رُوحَ ۾.
بيت - 6
حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان ذَري،
تَه وَڃَنِ وَڻَ ٻَري، اوڀَڙُ اُڀڙي ڪونهَ ڪو.
بيت - 7
حَقِقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَري زُبانَ،
تَه ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَ، لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي.
بيت - 8
سَنئين سوُنهائي سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجهائي،
طَلَبَ ۽ تَحصِيلَ، اورِيان ئِي آئِي،
مان تَندُ تِتِ لائِي، جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا.
بيت - 9
جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا، اِي خاڪِيءَ جو خِيالُ،
جانِبَ جو جَمالَ، پَسَڻان ئِي پَري ٿِيو.
بيت - 10
جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا، اِي خيالُ خاڪِي،
پِرِيَنِ جِي پاڪِي، پَسَڻان ئِي پَري ٿِئي.
بيت - 11
پِرِين نَه اَکَڙِيَنِ ۾، هِينئُون نَه حاضُر جَن،
سي هُونهين جاڙَ جِيَنِ، ٺَلها ٺاٺا سَکِڻا.
بيت - 12
اَکِيَنِ ۾ ٿِي ويههَ، تَه آئُون واري ڍَڪِيان،
توکي ڏِسي نَه ڏيههُ، آئُون نَه پَسان ڪِي ٻِيو.
بيت - 13
وَنِيُنِ ۾ ٿِي ويههُ، تارَنِ ۾ ڪَر تَڪِيو،
پِرِين اَکِيَنِ ۾ پيههُ، تَه آئُون اَڇارو ٿِيان.
بيت - 14
سِڪَ سِڪائي سِڪُ، سِڪَ نه آهي سُٿِري،
لِڪَ لِڪوٽي لِڪُ، ته کَرَنِ خَبَرَ نه ٿِئي.
بيت - 15
جي خَبَرَ ٿِي کَرَنِ کي، تَه مُون کي ڪَندا ڪوهُ،
صُورَتَ سُپِريَنِ جي، ڏِٺِي ڪونِهي ڏوهُ،
لوريءَ لَڳُمِ لوهُ، جَنِهين رَتُ رُئارِيو.
بيت - 16
کَرَ جا کَڏَ کَنئِي، پَوَڻِ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي،
تِنهن ۾ پاڻِ پَئِي، غِيبَتِي غارُ ٿِيو.
بيت - 17
اَلا! کَرَ جِيَنِ، مَدي جَنِ جي مَنَ ۾،
اسان ۽ پِرِيَنِ جُون اُميدُون پَسَنِ،
تِهان پوءِ مَرَنِ، سَڙي انهيءَ سُورَ ۾.
بيت - 18
کَرُ کارِيندو سي، ماٺو جَنِ پِرِيتَڻو،
جوشَ جَلايا جي، ماري تَنِ ماتُ ڪِيو.
بيت - 19
کَرُ کي کَپُرُ کاءِ، نانگُ مَڻِيارو نِڪَري،
اُڀِي جو اوناءِ، سُر پُر سَندي سَڄَڻين.
بيت - 20
کَرَ ٿو کَرايُون ڪَرِين، هَرَ هَرَ هَچارا،
پُورايَئِي پِرِيَنِ جا، چوڌاري چارا،
مَرين نَه مُنهَن ڪارا، سَڙي اِنهِيءَ سُورَ ۾؟
بيت - 21
سَڄَڻَ سَنِئيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي ڏِنگِيُون،
سَندي سُپرِيَنِ، پَرِ پَرُوڙَڻُ ڏاکِڙو.
بيت - 22
نَڪو ڊيگههُ نَه ويلَ، نَڪو مُنهُن نَه مُهاڙِ ڪا،
اِيُ اِهوئي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
بيت - 23
حوصِلو حَيرتُ جو، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ،
جو حُسَنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَروڙي ڪِينَ ڪِي.
بيت - 24
حوصِلو حَيرَتَ جو، وَڃِي ٿِيو ويڇُون،
مَحَبَتَ جُون ميڇُون، ڪُورُ پَروڙِي ڪِينَ ڪِي.
بيت - 25
حوصِلو حِيرَتَ جو، آهِ نَه مَٿي عامَ،
مَحَبَتَ سَندي مامَ، ڪُورُ پَروڙي ڪِينَ ڪي.
بيت - 26
حوصِلو حَيرَتَ ۾، وَڃِي لَڄاڻُو،
ويچارو ڪاڻو، ڏِسِي ٿِيو ڏِسَڻَ کي.
بيت - 27
مُئي هاٿِيءَ سين مامَرو، اَچِي پِيو اَنڌَنِ،
مَناڙِينِ هَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ،
’فِي الحَقِيقَتَ‘ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنِ،
سَندي سَردارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪَري.
وائي - 1
وائي
وَجہَ مَنجههِ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آهِيين.
سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اَڃا تُون عَلِيلُ،
نالو ناهِ نِفاقَ جو، جِتي رَبُّ جَلِيلُ،
مُنهَن ۾ مُسلِمانُ تُون، قَلبُ تان قَلِيلُ،
وِترَ جي وِصَالَ ۾، دُوئِي ناهِ دَلِيلُ.
وائي - 2
وائي
اَلله سائِين! سائِين! پُئان پِرِينَئَوُن مَ پانهيِن،
مُون تان آسَرو آهِ اوڏانهينِ.
جِتي ديرو دوسِتَ جو، سا ڪِئن جُوءِ اَڳانهِين،
مُون تان آسَرو آهِ اوڏانهينِ.
قَلَمُ جَنِ جي هَٿَ ۾، سي سيڻَ سَٻاجها سائينِ،
مُون تان آسَرو آهِ اوڏانهينِ.
بَنديءَ جي بابَ ۾ شالَ مَ لِکَنِ لانئِين،
مُون تان آسَرو آهِ اوڏانهينِ.
داستان چوٿون
بيت - 1
ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلّ،
تازي طَوِيلَنِ ۾، آهِ اِحاطو جُهلّ،
هُئا جي اَمُلّ، سي حِسابان هَڄِي وِيا.
بيت - 2
مَحرُومَ مَري وِيا، ماهِرَ ٿِي نهَ مُئا،
ڇِڙيءَ جِئن چُهِنجَ ڀَري، لَڏِيائُون لُئا،
حُبابَ ئِي هُئا، اُنِهيءَ واديءَ وِچَ ۾.
بيت - 3
ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلُّ سُڃائي ڪِئن،
جانِبَ مَنجهان جِئن، ماهِر ئِي مُنجهِي پِيا.
بيت - 4
تَرڪُ ڪَرِ تَرڪَ کي، وَڃَڻَ ڪَنان وَڃُ،
آهي اِي اُهڃُ، سُڻِي سُڻائيجِ تُون.
بيت - 5
وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻَ پُڻِ وِڃاءِ،
لوڪان پاڻُ لِڪاءِ، لِڪِئان پُڻِ لِڪيج تُون.
بيت - 6
هَٿَنِ سين هاجَ ڪَرِ، نيڻَنِ سين نِهارِ،
اُڀا اَڱَڻَ پارِ، پَسُ پَنهنجا سُپِرِينِ.
بيت - 7
اَسين سِڪَهُون جَنِ کي، آسِين پُڻ سيئي،
’لَم يَلِد وَلَم يُولَد‘، اوڏانهن وَڃُ پيهِي،
تِهانَ مَنجهيئي، پارِکَ پَرِکج حَقُّ کي.
بيت - 8
چُپ ڪَرِ، چَپُ مَ چورِ، پُورِ اَکِيُون، ڍَڪِ ڪَنَ،
پاڻِي پِي پيٽُ مَ ڀَرِ، رَهُ اَڌورو اَن،
تَه هوءَ جا مُورَتَ مَنجهاران مَنّ، تِنهن جو مُشاهِدو ماڻِئين.
بيت - 9
ڏِسَڻُ ڏِسين جي، تَه هَمَہ کي حَقُّ چَئِين،
شارِڪَ شَڪُ مَ ني، اَنڌا انهِيءَ ڳالههِ ۾.
بيت - 10
آڏو جو اِثباتَ کي، سو شرڪُ لاهي شَڪُ،
هُئي جِنهن ۾ حَقُّ، تِنهِن نفيءَ جِهڙو ناهِ ڪِي.
بيت - 11
نَفِيءَ سَندي ناهِ سين، پُڇِي پُڇِيائُون،
ڀِڙا جي ڀائڻ جا، ڀيري ڀَڳائُون،
اَسِين ۽ آئُون، آتَڻِ هُئي نه اُن جي.
بيت - 12
وَڏي تان اِنَ واٽَ ۾، ٻيلَپَ ٻِيائي،
آهي اونداهِيءَ جو، شِرڪُ سَهائِي،
چِٽِي چِٽائِي، اَلِفَ جي عَينَڪَ ۾.
بيت - 13
اِنَ پَر نَه اِيمانُ، جِئن ڪَلِمي گو ڪوٺائيين،
دَغا تُنهنجِي دلِ ۾، شِرڪُ ۽ شَيطانُ،
مُنهن ۾ مُسلِمانُ، اَندَرِ آذَرُ آهِيين.
بيت - 14
ڪوُڙو تُون ڪُفَرَ سين، ڪافِرُ مَ ڪُوٺاءِ،
هِندُو هَڏِ نَه آهِيين، جَڻِيو تو نَه جُڳاءِ،
تِلڪُ تِنِين کي لاءِ، سَچا جِي شِرڪَ سين.
بيت - 15
مُنهن ۾ مُوسيٰ جِهڙو، اَندَرَ ۾ اِبلِيسُ،
اِهڙو خامُ خَبِيثُ، ڪَڍي ڪوهُ نَه ڇَڏِئين؟
بيت - 16
مُنهن ته موسيٰ جِهڙو، سِيرَتَ شَيطانِي،
بازي بيرانِي، ڪَڍي ڪوهُ نَه ڇَڏِئين؟
بيت - 17
مُنهُن تَه آهِيريانِئي اُجَرو، قَلَب ۾ ڪارو،
ٻَهران زيبُ زبانَ سين، دِل ۾ هَچارو،
اِنَ پَر ويچارو، ويجهو ناهِ وِصالَ سين.
بيت - 18
تُون ڪا ڪانِي پاءِ، وَنِنِ ۾ وِصالَ جِي،
دُو بِينائِي دُورِ ڪَري، مَعرِفَتَ مَلهاءِ،
سُپيرِيان جي سُونهَنِ ۾، رُخنُون ڪونَه رِهاءِ،
اَکِ اَشَهَدَ چاءِ، ته مُسلِمانِي ماڻِئين.
بيت - 19
اِينءَ چَوَندي ڪيرَ، تَه آئُون ساڃاري سَڄَڻين،
دائِمُ اِن ديار جا، ڦِرَندا پَسان ڦيرَ،
جَنِ حُضُوري هيرَ، ڪَري تَغيري تَنِ سين.
بيت - 20
مُون، تون، آئُون، اَسِين، چارَئِي چِتان لاهِ،
سَندي دوزَخَ باهِ، تو اوڏِيائي نَه اَچي.
بيت - 21
سُرَمُون سِياهيءَ جو، رَنُنِ کي رِهاءِ،
ڪانِي ڪارائِيءَ جِي، مُڙسُ ٿِي مَ پاءِ،
اَکِيَنِ ۾ اَٽڪاءِ، لالائِي لَالَنَ جِي.
بيت - 22
سُرمُون سُفيديءَ جو، جُنبِي پاتو جَنِ،
تَڏِهن ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَم ۾.
بيت - 23
سُرمُون سُرخِيءَ جو، جَڏِهن پاتو جَنِ،
تَڏهِن ڏِٺِي تَنِ، رَونَقَ ريٽي جيهَڙي.
بيت - 24
جي فارِسِي سِکِيو گولو، توءِ غُلامُ،
جو ٻَڌو ٻِنِ ڳالهِيين، سو ڪِيئن چائي ڄامُ؟
اُڃِيو تان آبُ گهُري، بُکِيو تان طَعامُ،
اِي عامَنِ سَندو عامُ، خاصَنِ مَنجهان نَه ٿِيو.
بيت - 25
اَوڳُڻِ رُسي سَڀڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺام،
ليکِيَمِ جي لِسَان سين، سي ڪَر ڪِينَ ڪِيام،
پاڻُ وِڃائي پانهنجا، ٿورا ٿُڪَ هَنيام،
بَندگِيءَ شَرمندگِيءَ، اِها ميڙَ مُڪِيام،
پِرِين تَڏِ پَرچِيام، ’آءٌ‘ جَڏِ اُٺِ ڳَئِي.
بيت - 26
اَوَڳُڻِ رُسِي سَڀَڪو، ڳُڻين پِرِين رُٺام،
ٻَهُون ٻاروتَنِ ۾، ڪي ڪَبِيرا ڪِيامِ،
تيلانِهين سَرِيام، سُکَنِئون سُورَ گهَڻا.
بيت - 27
اَلتِيمِ جا هِينئان، سا نَه سَلتِيَمِ ساهَ کي،
سُپيرِيان جِي ڳالهِڙي، لِڪايَمِ لوڪان،
ويئِي مُون وَسان، پَڌَرِ پيئي پِرِينءَ ري.
بيت - 28
مُون تان لِڪائِي گهَڻُون، پَر رُوئَڻَ ڪِي روشَنُّ،
رَسِيو ريزالَنِ کي، مَنجهان زَرديءَ ظَنُّ،
ويري مُون وَرَنُ، ڳالِهه ڪِيائِين ڳُجَهه جِي.
بيت - 29
عاشِقُ ڀانئِين اِئَن، تَه آءٌ سِڪَ ڪِنهن کي نَه سَلان،
وِچِ رَهَندي ڪِئن، وَهَنِ اَکِيُون وِرِڄِي هِينئُون.
بيت - 30
مَتِيُون سَڀ مُنجهاءِ، تُون پاڻُ ڇَڏِي اُو ڄاڻُ،
پِهرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پَڇاڻُ،
وِڃاءِ وَحدَتَ ساڻُ، ڪَسافَتَ ڪَثرَت جِي.
بيت - 31
اَندَرِ رَهي نَه گهَٽ، سُپِيرِيان جِي ڳالهَڙي،
ڇاڳَر سَهي نَه سَٽَ، جُهه مِهراڻَ موجَ ڪِي.
بيت - 32
’پاڻُ‘ پَردو پاڻَ کي، سُڻِي ڪَر سَنڀالَ،
وِچان جو وِصالَ، سو تان هُئڻُ هِنُ جو.
بيت - 33
’پاڻُ‘ پَردو پاڻَ کي، طالِبَ سُڻِجِ تُون،
نَڪا هان نَه هُون، پَردا سَڀِ پاسي ٿِيا.
بيت - 34
’مُون‘ مُونِهين ۾ سَپَجِي، مُون کي ’مُون‘ جُڳاءِ،
مُونهِين مَنجهان ’مُون‘ ٿِئي، مُونهِين جِي ساڃاءِ،
ڪُڇَڻَ ڪانهي جاءِ، ڪيڏانهن ڪَرِيان پَنَڌَڙو.
بيت - 35
اُنهين اِئَن جُڳاءِ، آن کي اِئَن نَه چُوئَڻوُ،
بُنَ جِنهن جِيءَ ذاتِ جو، اُتي آهِ اللهَ،
تُههِ نَه پَچي ماهُ، گُنديءَ نِينهُن نَه سَپَجِي.
بيت - 36
نَظَرُ نَزِديڪونِ، سَهِي نَه َسَگهان ساعَتَ سِيئن،
پَسَڻُ پَري سَندونِ، آئُون نالي ڳِيَڙي نِجهُران.
بيت - 37
عِلّتِي آرامُ، پَسِي عِلّتَ آئِيو،
حُسُنُ جو حَقُّ جو، سو خامِي ڀانيئِي خامَ،
اَچِي ٿِيا اِسلامُ، ڪُفر ڪافُر پاڻَ ۾.
بيت - 38
رُٺي جا رِهاڻِ، سا پِيءَ پَهتِي نَه ٿِئي،
ڪِنهن کَرَ وِجهِي ڪاڻِ، پاڻان نِينهُن نِکيرئو.
بيت - 39
رُسَڻ نَه آهي رِيتِ، پَهڻين پاهَتُ ناهِ ڪو،
پَسو مَنجهِه پِرِيتِ، جيهائِي جوڙَ وهي.
بيت - 40
مُون کي مُون پِرِيَنِّ، ٻَڌي وِڌو تارِ ۾،
اُڀا اِيئن چَوَنِّ، مَڇُڻِ پاندُ پُسائِين.
بيت - 41
پِيو جو پاتارِ، سو پُسَڻان ڪِئن پالهو رَهي؟
سالِڪَ مُون سيکارِ، ڪو پَہُ اِنَهِينءَ پاندَ جو.
بيت - 42
شَرِيعَتَ سُڃاڻُ، ڪَر طَرِيقَتَ تَڪِيو،
هِينئون حَقِيقَتَ هيرِ تُون، ماڳُ مَعرِفَتَ ڄاڻُ،
هُئِج ثابُوتِيءَ ساڻُ، تَه پُسَڻَ کان پالهو رَهين.
بيت - 43
ڪُوڙي ڪِجُ مَ ڪَڏِهِين، ڦِڪِي ڀانئجِ ڦانگَ،
ساري سَناسِيَنِ جئن، لائِقَ رَکِجِ لاَنگَ،
تَه چارَئِي چادَر پاندَ، اوسا کڻِي اُڪَرين.
بيت - 44
سُتوئِي سيجَ گهُرين، جَفا ڏِيين نَه جانِ،
صُلحَ ري سيڻانِ، مَتان نُونڌين نَه چَڙهين.
بيت - 45
سُتوئِي سيجُ گهُرين، جَفا ڏِيين نَه جِيءَ،
پَهتي ڌاران پِيءَ، مَڇُڻ نُونڌين نَه چڙهين.
بيت - 46
صُلحُ جَنِ سَڄَڻَ سين، سيجَ ماڻِيندا سي،
’اَلذِينَ آمَنُوا وَ ڪَانُوا يَّتقُونَ‘، اِنَ پَر اُڀا جي،
نيئِي نُونڌَنِ تي، ڏِکي چِٽي چاڙِهِيا.
بيت - 47
جي ٿِيا حَلُّ حَبِيبَ سين، سُمَهَڻُ تَنِ ثَوابُ،
نيڻَ هيرائي نِنڊَ سين، خُوش ڪِيائُون خَوابُ،
اوسِيڙو عَذابُ، دِلِئان تَنِين دُورِ ٿِيو.
بيت - 48
تَنُ تَسبِيحَ مَنُ مَڻِيُون، دِل دَنبورو جَنِ،
تَندُون جي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ سِرِ وَڄَنِ،
’وَحدَه لَاشَرِيڪَ لَہ‘ اِهو راڳُ رَڳُنِ،
سي سُتائي سُونهَنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جي.
وائي - 1
جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻ وَهِيڻِي آهِيان،
ڪا مُون سارَ لَهيجا.
واڳُون ڌَڻِيَنِ هَٿَ ۾، ڪيڏانهن ڪَرَهَلُ ڪاهِيان،
ڪا مُون سارَ لَهيجا.
جيڏانهن وارِينَمِ سُپِرِين، پيرُ اوڏانهِين پائِيان،
ڪا مُون سارَ لَهيجا.
قَلمُ ڪاتِبَ هَٿَ ۾، آئُون ڪا لِکُ لِکِئي مان لاهِيان،
ڪا مُون سارَ لَهيجا.
وائي - 2
ڪِي اُنهِين مَنجههِ آهي، هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا،
انَ دَرِ سيئِي اَگِهيا، جَنِ کي ڪونَه چِتائي،
هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.
ڌارِيان ڀائِينِ ڌارِيُون، پاڻُ پِرِيان سين کائي،
هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.
’اِنّ اَولِيَائِي تَحَتَ قَبائِي‘، پَنهنجا پاڻِ پَراهي،
هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.
’لايَعرِفُونَهُم غَيرِي‘، پَرَ کي ڪِينَ پَسائي،
هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.
پَنهنجُون ڇَڏي پَٽَ ۾، رِڙُه اُنِين جي رائي،
هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.
خِدمَتَ ڪَري خُلقَ سين، پاندُ ڳِچِيءَ ۾ پائي،
هوءِ جي جهُونا پَسَجَنِ جهُوپَڙا.
پرڀاتي
داستان پھريون
بيت - 1
اِيُ نَه ڀانَنِ ڀير، جِئن ڪِينَرُ ڪِيريءَ ٽَنگِيو،
سُونهاري صُبوحَ سين، وِجهِي ويٺين ويرِ،
توکي چوندو ڪير، ڪِيرَتِ ڌاران مَڱَڻو.
بيت - 2
سُتو ڪِئن نِنڊُون ڪَرِئين، روئِي راتِ وِهاءِ،
سڀُان ساز سَنداءِ، پِيا هُوندا پَٽَ ۾.
بيت - 3
رُوءِ وِهاڻي روءِ، سُتو ڪِئن ننِڊُون ڪَرِئين،
سُڀان ساز سَندوءِ، پِيو هُوندو پَٽَ ۾.
بيت - 4
سيرانديءَ سازُ ڪيو، سُمهَين ساري راتِ،
جاجِڪاڻِي ذاتِ، اِئَن نَه هُئِي اَڳَهِين.
بيت - 5
جَنهِين سُک ناهِ ڪو، چارَڻَ سي چَئجَنِ،
رُڃُن راهُ پُڇَنِ، مَٿي ڪُلَهنِ ڪِينَرا.
بيت - 6
اَڳي اِئَن نه هيرَ، اِنَ دَرَ سَندي مَڱَڻين،
جِئن ڊِگها ڪَري پيرَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.
بيت - 7
پِيو ليٽين لُٽَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين،
اُٿِي آڌي نَه ڪَرِئين، سَپَڙَ ساڻُ سَهَٽَ،
روُنجهي راتِ اُپَٽِيا، پيٽَنِيُون پاڻِيٺ،
ميڙي تِئان مَٽَ، چُونڊي ڀَرِيا چارَڻين.
بيت - 8
موڙُهو ڀُڻين مڱڻان، ڪيڏانهَن هُئين ڪالهُه،
لَنگها! ڇَڏِ لَطِيفُ چَئي، اُجهَڻَ جا اَفعالَ،
سَپَڙَ دَرِ سَوال، ڪَر تَه قِيمَتَ آڻِيين.
بيت - 9
لَکي جي ٻُجهَنِ، پَڌَرِ پوءِ مَ اُنِ سين،
ننَڍي وَڏي ڳالهَڙي، سَڄِي ٿا سَمجهَنِ،
تُون ڪِئن اَڳيان تَنِ، وَڃِيو وِلِلين واتَ سين.
بيت - 10
ڄاڻِي هَڏِ مَ ڄاڻُ، اِيءُ دَرُ اَٻوجهَنِ جو،
اِنَ دَر سيئي اَگهِيا، جَنِ نَه ڀانيو پاڻُ،
رِيجهاڻو راڄاڻُ، آهي اَٻوجهَنِ جو.
بيت - 11
ٻُجهان ٻاجهَه ٿِئي، ٻاجهاڻُون ٻيلي ڌَڻِي،
سَپَڙَ سا سُئِي، جيڪا چارَڻَ چِتَ ۾.
بيت - 12
جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجهِيان ئِي ڳُجههَ ۾،
سو جي سُڻَنِ ڪَڏَهين، ڪِرِتِ وارا ڪي،
تَه سازَ مِڙيئي سي، هُوندَ پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾.
بيت - 13
اُتِ ڪِرِتِ وارا ڪيترا، ڪِرِتِ ڪَبو ڪوهُ،
جيڪِي بَندو ڪَمُ ڪَري، سو سَڀوئِي ڏوهُ،
تُون پارِسُ، آئُون لوهُ، جي سَڃين، ته سونُ ٿِيان.
بيت - 14
ڏاتِ نَه آهي ذاتِ تي، جو وَهي سو لَهي،
آرِيُون اَٻوجهَنِ جُون، سَپَڙُ ڄامُ سَهي،
جو راءُ وَٽِ رات رَهي، تِنهنِ کي جُکِي جان ڪِي تان لَهي.
بيت - 15
طَمعَ جِي تَنوارَ، مَتان ڪَرِين مَڱڻان،
ڌِڪي ڪَندَءِ ڌارَ، ماڻِڪَ ڏيئِي مُٺِ ۾.
بيت - 16
ڏَڏُ ٿِي ڏانُ گهُريجِ تُون، ڇَڏي وِڄا جِي وائِي،
سَڀَرَ راتِ سَنباهِيا، تازي تو لائِي،
جو ڄاڻي نَه ڪائِي، تِنهن سين ٻيلي ڌَڻِيءَ ٻاجُهه ڪي.
بيت - 17
کَڙَهَ اَڳِيان کَپُ، ڏِيهاڻِي ڏاتارَ جِي،
لَنگها! لاهِ مَ لِکَ سِينءَ، مَٿان چانئُٺِ چَپُ،
مَڱَڻَهارَنِ مَپُ، ڪونهي ٻِيو ڪِيرَتِ ري.
بيت - 18
اُٿِيو اَٻوجهاءُ، سَپَڙَ جو سَڏُ ٿِيو،
جِئن آئِين ڪِيرتَ ڪَٽُ نَه سِکِيا، تِئن پاڻان رِيڌو راءُ،
مَڱو مُون مُلاءَ، آئُون اوهان جو آهِيان.
بيت - 19
ٻولِيُون ٻيلي جُون ڪَري، پاسي ڀَرِ پِيو،
سُڻائي سُتَنِ کي، وِهاڻِيءَ وِيو،
ڄاڻي ڪِينَ ٻِيو، سُرُ سِکِيو ئِي هيڪَڙو.
بيت - 20
سَپَڙُ ساهُ پَساه، جاجِڪَ جِمَ وِسارِئين،
ريهي رُپي سَندِيُون، تَندوُن تُنبي کي پاءِ،
لَنگها! تُون لِيلاءِ، اڳِيان وَڃِي اُنَ جي.
بيت - 21
چارَڻَ وَسِ نَه ڪا، تَه ڪا ڪِيرَتِ جِي ڪَري،
جَنيِن سَندو مَڱڻُون، هَٿِ تَنينِ جي آهِ،
جي کارائِينسِ ته کاءِ، جي سُمَهارِينسِ تَه سُمَهي.
بيت - 22
جَڏو ڦِڏو ڏَڏُ، پاڻُ ڪوٺائي مَڱڻون،
نَه ڪِنهن نِيو پاڻَ سين، نَه ڪِنهن ڪيو گَڏُ،
سَڀَرُ ڪَرِيو سَڏُ، ڏُکِيا چاڙهي ڏولئِين.
بيت - 23
ميرا پَسِي مَڱَڻان، سَڀَرَ سَڏَ ڪيا،
سَٻوجهَنِ سُئا، اَٻوجهَنِ آسَرو.
بيت - 24
صُبوحَ جو سُهاڳَ، مَڱڻهارَنِ ماڻيو،
ڏِنائُون ڏاتارَ کي، وَڏيءَ ويرَ وِهاڳَ،
وَسِ مُنهنجي ناهِ ڪا، سيڻَنِ هَٿِ سُهاڳَ،
پِرِيَنِ سين پهاڳَ، مانُ نِماڻِيءَ نَصِيبَ ٿِئي.
بيت - 25
ڏاتارَ ڏُکَ ڪِيا، پاڻان مَٿي مَڱَڻِي،
مُون دَرُ ڇَڏِيو، مَڱڻان! مَڱِين ڪوهُ ٻِيا،
تَڏهِن تو پِيا، وِچِيان وِلَها ڏِينَهڙا.
بيت - 26
جو ڏِيهاڻِي ٿو ڏي، مَڱُ تَنهِين کي مَڱڻان،
ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪُ مَڱِين جي،
صباحَ توهِين کي، موٽِي ڏِيندا مُنهَن ۾.
بيت - 27
ڪاٿي سي تُنبَير، جَنِ رِيجهايا راڄِيا،
وِئڙا وَڏيءَ ويرَ، ڪُلهي رَکِي ڪِينَرا.
بيت - 28
اَڄُ نَه سُڄي اَڳئين، ڪا تَنَبيرَنِ تَنوارَ،
مَڙهِيُون مَڱڻهارَ، پُوري ڪِنهن پارِ وِيا.
بيت - 29
تُون سَڀَر، آئُون سيڪَڙو، تُون صاحِبُ، آئُون سَڱ،
پُڇِي تُنهنجو پَڳُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو.
بيت - 30
تُون سَڀَرُ آئُون سيڪڙو، تُون پارِسُ آئُون پينار،
ڏِسنِدي ئِي ڏاتارَ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو.
بيت - 31
تُون سَڀَرَ، آئُون سيڪڙو، تُون ڏاتارُ، آئُون ڏڏُ،
سُڻِي تُنهنجو سَڏُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينَرو.
بيت - 32
تُون سَڀَرَ، آئُون سيڪڙو، تُون ڏاتارُ، آئُون ڏوهُ،
تُون پارِسُ، آئُون لوهُ، جي سَڃين تَه سُونُ ٿِيان.
بيت - 33
ڏاتارُ تَه تُون، ٻِيا مِڙيئِي مَڱَڻان،
مِينهن مُندائِتا وَسڻان، سَدا وَسِين تُون،
جي گهَرَ اَچِين مُون، تَه ميريائِي مانُ لَهان.
بيت - 34
اُڀَرِيو تارو، اُٿِي وَرَ وِهاڳُ ڏي،
سَپَڙُ رِيسارو، چِت پَرَ کي چارَڻين.
وائي - 1
ٻِئي دَر وانءَ مَ ڪيڏانهِين، اَلا! تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان،
ڦيرِ مَ هِينئُون، ڪَنڌُ، ڪِياڙي، ٿِيندءِ هاجَ هِئائِين،
اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.
ماڻِڪَ، موتي، مالَ خَزِينا، ڏِيندءِ ٻيلي سائِين،
اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.
وِرِچِي تُون وِهاڳَ کان، مَتان ڏِيين پاهِين،
اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.
دَر داتا مَڱَ مَڱڻان، اَنڌا هوئِجِ اوڏاهِين،
اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.
ٻِيائِيون وِجهِي ٻَنِ کي، سَمُو کَڻُ سَوائي،
اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.
اِنّ اَللهَ وِتريُّحِبُّ الوِترِ، وَحَدَتَ واڳَ وِڌائِين،
اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.
پَنهنجي طَرَفِ پاڻَهئين، سائِلَ سَڏِيائين،
اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.
جِتي جُواڻَنِ کي، ڪوٺي ڪُٺائِين،
اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.
اُتي عُشاقَنِ کي، اُلفَتَ اُهڃَ ڏِنائِين،
اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.
اَلاِنسَانُ سِرِي وَ اَنَاسِرُّهُ، اِنَ پَرِ اُتائِين،
اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.
ڳُجههَ ڳُجهاندَرَ ڳالهِيُون، رازُ نَه رَکِيائين،
اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.
پَسو پينارَنِ جي، پَٽَ ۾ پاڻُ وِڌائِين،
اَلا تُون ڄامَ مَڱندين مَڱڻان.
وائي - 2
وَڏڙا ڏاڻُ ڏِنائِين، ڪِيائِين رَختَ ريزالَنِ جو،
اَنڌَا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏ وِڌائِين،
ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.
ڪِينَ مَنجهان جو ڪِي ڪَري، سو نَه ساراهِيين سائِين،
ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.
وَتُعِزُّ مَنَ تَشَاءُ وَ تَذِلُّ مَن تَشَاءُ، آهي سَڀُ اُتائِين،
ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.
نَوازِيائين نُطفو، مَنجهان ڪِينَ ڪَڍِيائين،
ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.
حِرفَتَ حَرِيفَنِ جي، ڀَڃي سَڀِ ڀَڳائِين،
ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.
حامِدَ سَڀِ حزَنَ ۾، مُدعي پاڻ مُٺائِين،
ڪِيائِين رَختُ ريزالَنِ جو.
رام ڪلي
داستان پھريون
بيت - 1
جوڳِيَڙا جَهانَ ۾، نُوريِ ۽ ناري،
ٻَرِي جنِ ٻارِي، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 2
جوڳِيَڙا جَهانَ ۾، ھُئا مَنجِهہ حَمامَ،
آرامان اَرَڳُ ٿِيا، اوڏا نَہ آرامَ،
ڪيائُون قِيامَ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 3
سترُ سِنڱَڙِيَنِ سِين، لَحظٖي لاٿائُون،
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، اُنهِين جِي آئُون،
مُون کي مارِيائُون، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 4
لَکِين ڪيا سِين، لاھوتِيَنِ لوڙا،
گهوڙا ڙِي گهوڙا، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 5
ڳولِيان ۽ ڳَنڍِيانِ، وِيا وِيراڳي نِڪرِي،
صُحبَتَ جا سَندِيانِ، آئُون نَہ جِيندي اُنِ رِي.
بيت - 6
مَران مَٿو پِٽِيان، نِهارِيان لِيڻانِ،
سُخنَ جٖي سَندانِ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 7
وارو ويراڳِيَنِ کي، وِيلَ مَ وِسارِيجِ،
قَدَمَ ڪاَپڙيَن جا، ليلائٖي لَهٖيجِ،
پيرَتِ پَسِيو پَٿَ جِي، وَڃَڻَ کي وَڃٖيجِ،
راتو ڏِيهن رَڙِيجِ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 8
واڄُٽَ وِيراڳِيَنِ ج، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿَ،
سونُ سَڀوئِي سِڱِيُون، پَسِي ڪِين مَ ڪَٿ،
وِيساھٖي وِيلَ ڪَنهِين، پُورَ وِيندو پَٿُ،
ھَلُ! کَنيائُون ھَٿُ، آئُون نَہ جيندِي اُنِ رِي.
بيت - 9
ھَئِي ھَئِي ڪيو ھَٿَ ھَڻان، جوڳِي وِئَڙا جاٽَ،
پيهِي وِئَڙ پاٽَ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 10
واڄُٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ،
مَقالان مَهندِ ٿِيا، ڪونهٖي وَٽَنِ قالُ،
حاصِلُ جَنينِ حالُ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 11
سُتِي سٖيڄَ ھُياسِ، مُون کي آہَ اُٿارِيو،
جَنِين جاڳاياسِ، آئُون نَہ جِينديِ اُنِ رِي.
بيت - 12
جِيڪي مُون کي ني، پَڳَهَ پائٖي پاڻ ڏِي،
پَهَہ پَروڙِيَمِ پَٿَ جا، ڪِينَرَ مَنجهان ڪي،
ھاڻٖي جٖي ھنيئي، آئُون نَہ جيندِي اُنِ رِي.
بيت - 13
جِيڪي مُون کي نِيو، پَڳَهُ پائٖي پاڻَ سِين،
قُوتُ مُنھِنجو ڪاپَڙِي، سِڱِينِ منجهِہ سِهو،
ڪا ڦِرِي ڦُوڪَ ڏِيو، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 14
سوُڌو سِڱَڙِينِ سِين، ڪِي جو ڪَهِيائُون،
ھُو جٖي ھَنيائُون، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 15
صُبحِ سِڱڙِيُون کَڻِي، وِيا وڃائٖي پاڻَ،
اِھڙو جَنِ اُھڃاڻُ، آئُونِ نُہ جيِندِي اُنِ رِي.
بيت - 16
سُبحِ سِڱِڙِيُون کَڻِي، وِيا دُکائٖي دُورِ،
ٿِيا ڏيٺارِئان ڏوُرِ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 17
صُبح سِکَڙِيُون کَڻِي، وِيا وَڄائٖي وِيرَ،
ڏورِيان ڏورِيان، نَہ لَهان، بيراڳِيَنِ بَهِيرَ،
جَنِ اَسَڻَ مَنجِهہ عَبِيرَ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 18
مِيڙِيو ڀاڻَ ڀَرِيُون ڪِيو، جوڳِي جلائِينِ،
سامِي سِڱڙِينِ سِين، خُودِيءَ کي کانِئينِ،
ھوُ جٖي تارِ بَہ تَڳائِين، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 19
پَسِيو آسَنَ اُنِ جا، اچِي نَہ آرامُ،
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، تَنيِن جِي تَمامُ،
مُون کي ٿِيو ماتامُ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 20
پَسِيو آسَڻَ اُني جا، اُڇنگارُون اَچَنِ،
پاڻان وِڌِيَسِ پَتَ تٖي، لاھٖي لاھُوتِيَنِ،
جٖي راڙِي مَنجهِہ رَھَنِ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 21
پَسِيو آسَڻَ اُنِ جا، اَدوُھا اَچنِ،
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبح تان نَہ سُڄَنِ،
جٖي راڙِي مَنجهِہ رَھَنِ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ ري.
بيت - 22
آسَڻَ وَٽِ آھُون ڪَرِيان، وَسِ نَہ مُنھِنجٖي واتُ،
اَڳُمِ لاھوتِيَنِ جو، ڪِينَرَ مَنجهان ڪاتُ،
ھَلَڻَ کي ھَيهاتُ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 23
پَسِيو آسَڻَ اُنِ جا، ٻانۡهُنِ وِجهان واتَ،
ھوُ جِي ڪَهِيا ڏُنهُن قَلاتَ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 24
وَٽَنِ وِيٺِي آھِيان، ڏِسِيو ڪِينَ ڏِسانِ،
جِنھن جِهوئِي ناہِ ڪِي، سا ڪا سُونهَن سَندِيانِ،
پَسِيڳ ڪِينِ پَسانِ، آئُون نَہ جِينديِ اُنِ رِي.
بيت - 25
بابوُ بيکارِي ٿِيا، اَڄُ نَہ آسَڻَ وَٽِ،
خُودِي کانۡئٖي ھَلِيا، پِيرُ نَہ لاتَئونُ پَٽِ،
ھَئِي ھَئِي! جَنهِين ھَٽِ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 26
بابوُ بيکارِي ٿِيا، ڀَڃِي ڇَڏيائُون ڀاڻُ،
نِسوروئِي نِينھن جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌان،
سِر کَنڊُ جَنھِين ساڻُ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 27
بابُو بِيکاري ٿِيا، آسَڻَ وَٽِ نَہ اَڄُ،
ٻولِي بِي نہ سِکِيا، پاڻان چُوندَءِ ڀَڄُ،
نِسورو ئِي نِينھَن جو، سامِيَنِ کي سَھَڄُ،
ھِينۡئان! تَنھِين سٖين ھَڄُ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 28
نانگا نانِيءَ ھَلِيا، سامِي سَڀٖيئِي،
وِھَڪَ مُون وِيئِي، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 29
نانگا نانِيءَ ھَلِيا، ويچارا وِئا،
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبح تان نَہ سُئا،
ھُو جٖي ھِتِ ھُئا، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 30
نانگا نانِيءَ ھَلِيا، چٖيلها چٖيلهِہ ٻَڌَنِ،
ھُو جٖي ھُتِ ھَلَنِ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 31
نانگا نانِيءَ ھَلِيا، ڪِينَرَ ڌَرِي ڪَنڌ،
پَرِيا پُوربَ سامُهان، راوَلَ ٿِيا رَند،
ھي جٖي ھُئا ھِنَ ھَنڌ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 32
نانگا نانِيءَ ھَلِيا، ھَئٖي! مُنھينجٖي حالَ،
ھو جٖي ڪَھِيا ڪالَهہ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 33
نانگا نانِيءَ ھَلِيا، لوڪان ڪَري لِڪَ،
ويئٖي مُون وِھَڪَ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 34
جَسٖي سَندو جوڳَ رِي، مُون نَہ گهُرجٖي ماءَ،
سامِي مُنھِنجو ساھُ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 35
ڪالهوڪو ڪاڏٖي وِيو، جوڳِيَنِ سَندو جوش،
پَسِي تَنھِن پَٿَ کي، ھَڏِ نَہ رَھِيو ھوشُ،
آسَڻ ۾ اَفسوسُ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 36
وٖيراڳِيَنِ وَرَنَ، ڏِسَڻِ گهَڻُو ڏُھلا،
ھِڪُ ٻولَڻ ٻوڙِنِ سٖين، ٻِيو سَندا فانِينِ فَنِ،
ڪي گهُرجَنِ ڪَنِ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 37
نانگا نانِيءَ ھَلِيا، سِڱيُون ساڻُ کَڻِي،
آيَلِ آدٖيسِيَن جِي، ھِينۡئٖين حُبُ گهَڻِي،
جَنِين مُنھن مَڻِي، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رِي.
بيت - 38
نانگا نانِيءَ ھَلِيا، سَنبَھِي سَناسِي،
آيَلِ آدٖيسِيَنِ رٖي، آئُون اُداسِي،
جي پُورَبَ پَرواسِي، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رٖي.
بيت - 39
پاڻهين وٖيٺا پاڻَ سٖين، پَرِ ۾ پَرِياڻِينِ،
ھُو جٖي ھَلَڻَ سَندِيُون، ڳالهِيُون ڳالهائِينِ،
وَڃَڻُ وِڃائِينِ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رٖي.
بيت - 40
پاڻهٖين ويٺا پاڻَ سٖين، پَرِ ۾ پَرِياڻِينِ،
سامِي سَفَرَ ھَلِيا، آسَڻَ اُجهائِينِ،
رُخصَتَ رُوائرِينِ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رٖي.
بيت - 41
نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سٖين، نَہ ڪو ساڻَنِ پاڻُ،
اِھڙا جَنِ اُھڃاڻُ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رٖي.
بيت - 42
وَڄائٖي واٽَ ٿِيا، جوڳِي جُڳاڻٖي،
ھُئا جٖي ھاڻٖي، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رٖي.
بيت - 43
جُز وِڃايو جوڳِئٖين، ڪُلَ سٖين آھِنِ ڪَمُ،
آسَڻُ جَنِ عَدَمُ، آئُون نَہ جِيندِي اُنِ رٖي.
بيت - 44
گُوندَرَ گُذارِيو ڪاپَڙِي، پَڌرِ وِجهَنِ نَہ پاڻِ،
تَنَ، آيل آدٖيسِيَنِ جِي، روُئان ڪاڻِ رِھاڻِ،
ھِتِ نہَ پَسِجَنِ ھاڻِ، وِيا وٖيراڳِي نِڪرِي.
وائي - 1
سَندِڙِيان سِڱَڙي، ڳالهَہ ڳُجهڙِي، مُون مارِيندي ڪَڏَھِين.
جا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تنھِن نَڙَ جِھَڙِي،
مُون مارِيندي ڪَڏَھِين.
مُرِليءَ کي جنھِن ماتُ ڪيو، نَہ تنھن تُل تُنبڙِي،
مُون مارِيندي ڪَڏَھِين.
تارِيو جِنھن توڏِيءَ کي، نَہ سو گهَنڊُ گهَنڊَڙِي،
مُون مارِيندي ڪَڏَھِين.
ڏارِيو جنھِن ڏِياچ کي، تَندُئان تنھِن تِکَڙِي،
مُون مارِيندي ڪَڏَھِين.
نَہ سِرِي، نَہ سِنڌُ ڪا، نَڪا ھِندُ ھَھِڙِي،
مُون مارِيندي ڪَڏَھِين.
ڪوڙٖين واڄَٽُ ڪٖيترا، لَکٖين لائُون ھَڻندَڙِي،
مُون مارِيندي ڪَڏَھِين.
ڪَڙي ڪُلاٽَنِ کي، مَحبَتَ وارَن مِٺَڙِي،
مُون مارِيندي ڪَڏَھِين.
مِٺائِيان مِٺِي گهَڻون، چَوندا جَنِ چَکيئَڙِي،
مُون مارِيندي ڪَڏَھِين.
وانۡءُ اوناءِ اُنِ کي، وِھُ مَ، کَڻُ وِکَڙِي،
مُون مارِيندي ڪَڏَھِين.
بٖيخُود بابُو سٖي ٿِيا، ٻَرندِي جَنِ ٻَڌَڙِي،
مُون مارِيندي ڪَڏَھِين.
جا ساراھِيَلِ سُبحَانَ جِي، تنھن واکاڻَ ڪَھِڙِي؟
مُون مارِيندي ڪَڏَھِين.
سَھَسٖين سُرُودنِ کي، پاڻان پوءِ وِجهَندَڙِي،
مُون مارِيندي ڪَڏَھِين.
گهانڊارَ مِرُون موھِيا، ھِيءَ ماڙھُو مُھَندڙِي،
مُون مارِيندي ڪَڏَھِين.
داستان ٻيون
بيت - 1
ڪَيم ڪاپڙين جِي، پھرئين ڏينھن پروڙ،
سَگها ساعت نہ ھيڪڙي، چارئي پھر چُور،
سدائين سيد ڇئي، ھونِ سَناسِي ۾ سُور،
جوڳِي ساڻ ضرور، لِڪا ڀُڻن لوڪَ ۾.
بيت - 2
ويھي ويراڳين جو، ٻئي ڏينھن ٻُڌم حال،
اُن جا ڌاڳا ڌوڙ ڀڪليا، جا ڳوٽا زوال،
تن ڄاڻي چٽائون ڇڏيون، چوٽا چڱيءَ چال،
ويچارا وجود جِي، ڪنھن سين ڪَن نہ ڳالهہ،
نانگا ٿيو نھال، لِڪا ڀُڻن لوڪَ ۾.
بيت - 3
ٽئين ڏينھن ٽمڪائين، دونھيون دائرن ۾،
ميڙيو ڪڙڄ ڪاٺيون، جوڳي جلائين،
سنديون کامَڻ خبرون، تَن آديسِيَنِ آھين،
ڳُجهہ نہ ڳالهائين، لِڪا ڀُڻن لوڪَ ۾.
بيت - 4
چوٿين ڏينھن چوگان ۾، ڪنھن جنھن پَھ پيا،
وَھم پِريان جي وڍيا، تن ۾ ڪُوڙ ڪِھا،
اندر آديسِيَنِ کي، اچن جوش جِھا،
سامي سون ٿيا، لڪا ڀڻن لوڪ ۾.
بيت - 5
ڪنھن جنھن پُور پچائيا، پنجين ڏينھن پَئِي،
اندر آديسِيَنِ کي، سُورن شاخ ڪئي،
محبت جي ميدان ۾، لاشڪ پيا لَھي،
سارِي رات سيد چئي، تن گوُندر ساڻ گَئِي،
ڪريو سيڻ سھِي، ليڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
بيت - 6
پيا ڪنھن پر پاڻ ۾، ڇَھين ڏينھن ڇَڻِي،
اندر آديسِيَنِ کي ڌُريانئي ڌَئي،
ٻَرِي ٻاجهارا ڪئا، کانئي خاڪ کڻي،
پنيو پَنج ڪَڻِي، لِڪا ڀُڻن لوڪَ ۾.
بيت - 7
ستين ڏينھن سيد چئي، ڌاڳا ڌوتائون،
اُڀي الک سامهون، ٻانھون ٻڌائون،
وڏيءَ ڪنھن وِلاتَ جا، اُھڃ آندائون،
روح پنھنجو رامَ سِين، پر ۾ پوتائون،
کڻيو کدائون، لِڪا ڀُڻن لوڪَ ۾.
بيت - 8
اٺين ڏينھن اُڀي ويا، جوڳي جاءِ بجاءِ،
سا پر سامِي سِکيا، جا پر جوڳَ جُڳاءِ،
ويرو تار وجود ۾، تَن رامُ رھيو ئِي آھ،
ڪنھن جنھن ڪمائي لاءِ، لِڪا ڀُڻن لوڪَ ۾.
بيت - 9
نائين ڏينھن نيڻان، اوجاڳي اُجاريا،
سٻاجهي ٻاجهہ ڪِي، سڃاڻي سيڻان،
جتي نظر ناٿ جو، اُتي اوتاران،
اِھي اُھڃاڻان، لِڪا ڀُڻن لوڪَ ۾.
بيت - 10
ڏھين ڏينھن ڏُک ٿيا، پِرينءَ پاٻوھيا، پَس!
ورق جي وصالَ جا، واري ڪيائون وَس،
لَڌائون لطيفَ چئي، گُروءَ سندو گَس،
جوڳي کٽيو جَس، لِڪا ڀُڻن لوڪَ ۾.
بيت - 11
وريو ويراڳين جو، ڪارھين ڏينھن ڪَرم،
جوڳين جاٽائون پُنيون، ھلِي ويا حَرم،
دائِم جهليو دَم، لِڪا ڀُڻن لوڪَ ۾.
بيت - 12
ٻارھين ڏينھن ٻَئي، مَن مُرادون پُنيون،
جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سڪيا سڀيئي،
سمانا سيئي جي گُر گڏجي آئيا.
وائي - 1
ڪَلپتي آئيا، ھو ماءُ، آئون ھلندي اُن سين،
حرص ھوائي جَن جا، سُکين تان نہ سڌائيا،
ھو ماءُ، آئون ھَلندي اُن سين.
تن تڪيا تاڪي ڇڏيا، جي اِيھيءَ وِرونھن وِڌائيا،
ھو ماءُ، آئون ھَلندي اُن سين.
توشڪون ۽ تڪيا، وھاڻا جن وِراھيا،
ھو ماءُ، آئون ھَلندي اُن سين.
ھَلو تہ پسون تَن کي، جن لُنگ لاھوتين لائيا،
ھو ماءُ، آئون ھَلندي اُن سين.
داستان ٽيون
بيت - 1
سَناسِي ڪنھن سُور ۾، وھلُوريا وَتن،
اَٺئي پھر اَلک جو، ڪو وَڍُ ويراڳين،
سدائين صاحب ڀَيءِ، ٿا ڪاپڙي ڪَنبن،
جي راتو ڏينھن رَمن، ھلو تہ تڪيا پَسون تن جا.
بيت - 2
ڪنھن جنھن سَناسِي سُور، جي وتن ۾ وَھلُور،
ٻَھَر ٻولي ٻِي ڦِري، گهَٽ ۾ گهايل گهُور،
جِت جنين جا چُور، ھلو تہ تڪيا پَسون تَنِ جا.
بيت - 3
سدائين سَفر ۾، رَمن مٿي راھَ،
پَرن پُورب پَنڌ ڏي، مَنجهہ موالي ماھَ،
جي الک سين آگاھ، ھلو تہ تڪيا پَسون تن جا.
بيت - 4
ڪَن ڪٽ، ڪاپَٽ، ڪاپڙي، ڪَنوٽِيا، ڪَنَ چِيرَ،
سدا وِھن سامُھان، عاشق اُتر ھِيرَ،
تَسيا ڏيئي تَن کي، ساڙيائون سَرير،
جي فنا ٿيا فقير، ھلو تہ تڪيا پَسون تن جا.
بيت - 5
ڪَنَ ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپڙي، ڪَنَ جي ڪُٽائينِ،
لاھوتي لطيف چَئي، ماڳَ نہ مٽائينِ،
جي خوديءَ کي کانئين، ھلو تہ تڪيا پَسون تن جا.
بيت - 6
ڪَنَ ڪٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپڙي، ڪنوٽِيا، ڪَنَ ڪَٽ،
دونھان جن دُکائيا، ھَلي مٿي ھَٽَ،
خاڪَ جَنِين جي کَٽَ، ھلو تہ تڪيا پَسون تن جا.
بيت - 7
ڪَن ڪَٽ، ڪاپَٽ، ڪاپڙي، لانگوٽيا لالَ،
لاھوتي لطيف چَئي، موھيا نہ ڪِنھن مالَ،
ھھڙا جنين حال، ھلو تہ تڪيا پَسون تن جا.
بيت - 8
ڪَن ڪَٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪَنوٽيا، ڪَن ڍار،
ھلن جي ھنگلاچ ڏي، بابُو ڇڏي بار،
جي ڪِيَن قبولڻھار، ھلو تہ تڪيا پَسون تن جا.
بيت - 9
تڪيا پسون تن جا، ھلي مَنجهان حال،
ڪوڙين ڪَنوٽين جا، ڀينر ڀائيان ڀالَ،
سامين جي سنڀال، مُنھنجو چِت چڱون ڪيو.
بيت - 10
تڪيا تاڪيائون، ويا رمندا رامَ ڏي،
کِجان خبر نہ لھان، تَنِ آديسِيَنِ آئون،
ڪنھن کُڻ کنيائون! ڪاڏي ويا ڪاپڙي؟
بيت - 11
سامي کامي پرينءَ لئي، ڪُسي ٿيا ڪباب،
جھڙو ڏسن ڏوھ کي، تِھڙو تَن ثواب،
اوتين آرتي گاڏئون، منجهان اَکن آب،
سندو ذات جواب، تون ڪيئن پڇين تَن کي.
بيت - 12
سامي سَمَر سُور، گوندر گَبرين ۾،
جَڙي ٻَڌائون جان ۾، پيغامن جا پُور،
آديسي اَسُورَ، وَڄائي واٽ ٿيا.
بيت - 13
سامي مَڙھي سندياءِ، سامھين مُون سيلهہ ٿِي،
سا تان ڪُھُ اَڏياءِ، جان نانگا وڃين نڪري.
وائي - 1
آسرو آھي، موٽي ايندا، مون نہ ڇڏيندا، پاڻ پَسندا.
ايندا آديسي، وري، دونھين دُکائي،
پَٿَر وار پِرً لئي، ويھُ تون وِڇائي،
ڏُک لاھيندا ڏِيل جا، ڳُجهو ڳالهائي،
مون کي نيندا پاڻ سين، ھي سَڱ ساڱاھي.
داستان چوٿون
بيت - 1
جي ڀائين جوڳِي ٿيان، تہ سَڱ سڀيئي ڇِن،
وڃي در دوستن جي، نانگا ڪِيم نن،
پَٽِ تنھين جي پِنَ، جَن ٻُجهي نہ ٻُجهيو.
بيت - 2
جي ڀائين جوڳِي ٿيان، تہ سڱ سڀيئي ٽوڙ،
جي ڄايا نہ ڄاپندا، جيءَ تَنھن سِين جوڙ،
تہ تون پَھچين توڙ، محبت جي ميدان ۾.
بيت - 3
جي ڀائين جوڳِي ٿيان، تہ پَر گُروءَ جي پار،
ھوائون ھنگلاچ ڏي، ويندي سَڀ وسار،
نانگا ناٿ نھار، سامِي وڏيءَ سِڪ سين.
بيت - 4
جي ڀائين جوڳِي ٿيان، تہ طَمَع ڇڏ تمام،
گولا جي گولن جا، تن جو ٿيءُ غُلام،
صبر جيءَ شمشير سين، ڪَر ڪيني کي قتلام،
تہ نانگا تنھنجو نام، لکجي لاھوت ۾.
بيت - 5
جي ڀائين جوڳِي ٿيان، تہ ترڪ طمع کي ڏي،
نانگا نِمي ناٿ کي، تابِعُ ٿِيجَ تَڏي،
ويراڳِي وُجود کي، لاشَڪ ڇڏ لَڏي،
جو اَجهائون اَڏي، پَري پورب اُنَ کان.
بيت - 6
جي ڀائين جوڳِي ٿيان، تہ ترڪ طمع کي ڪَر،
وڍي وَھَم وُجود جا، ڌِيان خاصي ڌَر،
تہ ڪِنھن پَھچين پَر، لکجين لاھُوتَ ۾.
بيت - 7
جي ڀائين جوڳِي ٿيان، تہ مَن پوري مَنجهہ مار،
دائم دونھين دل ۾، مَنَ سين مالها وارِ،
سَھُ سَڀڪا آرِ، آڳي جِي ادَب سين.
بيت - 8
جي ڀائين جوڳِي ٿيان، تہ ڪينَ پيالو پِيءُ،
ناھِ نھاري ھَٿ ڪري، ”آئون“ اُتِ نہ ٿِيءُ،
تہ سندو وحت ويءُ، طالب توڙان ماڻئين.
بيت - 9
جي ڀائين جوڳِي ٿيان، تہ مُنھن ۾ مُنڊا پاءِ،
ڪَنين ڪين وڃائيو، جَن ڪوڙين ڪَڪَر وِڌاءِ،
ڇَڏ چادر، ٻَڌ چمڙا، جُتي تو نہ جُڳاءِ،
تہ ساميڙا سَندياءِ، گُر وٽ گِلا نہ ٿئي.
بيت - 10
جوڳين جوڳ جُڳاءِ، جوڳُ پڻ سونھين جوڳئين،
جوڳين سَنديءَ جان ۾، ڳُجهہ ڳُجهاندر آھِ،
ھاءِ مُونھين کي واءِ، جا آئون جوڳ نہ سِکي.
بيت - 11
جوڳَ نہ جوڳو تون، ڪَرين پچارون جوڳَ جون،
ھِڪڙو پَنڌ پرِيَنِ جو، ٻِي تُنھنجي ڀون،
سامي سيڻن ڏُون، روندائي رت ويا.
بيت - 12
جوڳي ھُوَنِ نہ جيئرا، پائي جوڳ مَ جيءُ،
ھاريا ھِن ڪَنن سين، سُڻ سنيھو ايءُ،
وڃائي وجود کي پاڻان پاسي ٿيءُ،
ھڏھين ڪونهي ھيءُ، آسارا ”آئون“ چَوين.
بيت - 13
جا جياري جوڳ کي، سا ماڙُھن مصبت،
سامِيَنِ سُور صحت، جي پوربيا پَروڙيين.
بيت - 14
جوڳي! تنھنجي جوڳ ۾، ڳالهہ گهُرجي ڳَچُ،
وڍيو، چِيريو، پَر ۾ ڀُو پَچُ،
سوئي ٻارج مَچ، جئن ٻاھر ٻاڦ نہ نڪري.
بيت - 15
جان ڪِي جوڳي ٿِيءُ، نہ تہ وَنءُ، نرڄا! نڪري،
ڪوھ تون ڪَن ڪَپائِيين، جان نہ سھين تون سيءُ؟
ڀَڄي پاسي ٿيءُ، متان، لانگوٽيا لَڄائيين.
بيت - 16
جوڳيءَ ٿين نہ يار، ڪِنھن سان قريبن ري،
مَن مُلاقي جَن سين، تَن پُورب جِي پچارَ،
اَٺئي پَھَر اُن جي، آھ نانيءَ ڏانھن نِھار،
لائي ويا، لطيف چئي، اَندر مَنجهہ اپار،
سامِي ساڻ ستار، لاھُوتِي لال ٿيا.
بيت - 17
مُون پُوربي پُڇيا، جوڳِي جاڙ ڪَري،
ھُيون جَن ڳري، سڌيون سَنديون سڄڻين.
بيت - 18
کَڻي کِدائون ھَليا، جوڳِي جيڏانھين،
آئون پڻ اوڏانھين، تَن کي تَندُون پائيان.
بيت - 19
گولا جي گِراھ جا، جُوٺا سي جوڳِي،
ڦٽل سي ڦوڳِي، جَنين شڪم سانڍيا.
بيت - 20
جِئن ٿا پُڇن اُن کي، تِئن جي پُڃن پَنڌ،
تہ رِڙھي لڌائون رَند، لَٿين لک لطيف چَئي.
بيت - 21
ڪَنَ ڪورائي ڪاپڙي، جِندا! ٿيءُ جُوان،
ڪاھِي تہ لَڳيئي ڪانُ، نانگنِ ھٿان نِينھن جو.
بيت - 22
نسورو ئي نينھن جو، دِل ۾ دونھون پاءِ،
آڻي اَڳِ عشق جي، ٻاري جانِ جلاءِ،
جئدان تون جاڳاءِ، جنھن سين آتش آب ٿئي.
بيت - 23
ڪن ڪورائيين، ڪاپڙي! اِيءُ زنانو جوڳُ،
سامي! سُڃاڻن تو پِيو، ھيڪَ دھي ٻيو دوڳُ،
جَنھين ڀاليو ڦوڳُ، رامَ تنھين کي رسيو.
بيت - 24
ھُو جي ڪَن ڪَپار جا، سُوڌو سي نہ سُڻنِ،
اندر جِي آھنِ، سُڻ سنيھو تَن سين.
بيت - 25
ھِي ڪَن گاڏھا وِڪڻِي، ڪَنَ ڪي ٻِيا ڳِنھيجِ،
تَنھين ساڻ سُڻيج، سُپيريان جي ڳالهڙي.
بيت - 26
سُپيريان جي ڳالهہ کي، سامِي ڪي سَمَجهُہ،
نانگا! تون نانيءَ ڏي، آديسي مَ اُجهُہ،
ويھي تون وُجود مان، ڳولي لَھجِ ڳُجهہ،
ٻِئي ڏامنھن ھَڏِ مَ ٻُجهہ، اَلَک اِتي ئِي، ڪاپڙي.!
وائي - 1
راوَل رَھي نہ راتِ، جيڏيون! منھنجو راوَل رَھي نہ راتِ.
ڪوھُ ڪرينديس ڪانڌَ ري، وِھاڻي پِرڀاتِ،
منھنجو راول رھي نہ راتِ.
مِٽَ نہ معذُريَن جا، ڪا جا جوڳيءَ ذات،
منھنجو راول رھي نہ راتِ.
لڳيم لاھوتين جو، مَنجهان ڪِينَر ڪاتِ،
منھنجو راول رھي نہ راتِ.
داستان پنجون
بيت - 1
مُونا طُورِسِينا، سَندا سَناسِيَنِ،
سَجدي ۾ سَيد چئي، گوڏا گودڙيَنِ،
”اَللهُ وَلِيُّ الذيۡنَ آمَنُوۡا يُخۡرِجۡھُمۡ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِليٰ الۡنُّورِ“ اِھڙي پَرِ پِرَنِ،
”خَرۡ مُوسيٰ صَعِقًا“، جوڳي جَنگ جَلَن،
”مازاغ الۡبَصَرَ وَما طغيٰ“، اھڙيءَ رَوش رَوَن،
”ڪُل مَن عَلَيھا فانِ“، باقي ڪِين بَچن،
”بيۡ يَمشِي بِي يَنطِقُ“ ، اِھڙي چال چَلَن،
سَيد چئي سَندين، ڪَلَ پُڇين تون ڪھڙي.
بيت - 2
مُونا طُورِسِينا، سَندا سَناسِيَن،
”طالبُ الۡمَوۡليٰ مُذَڪَّرٗ“ اِيءُ ڪَلام ڪِيائون ڪَن،
سُکنِ کي سَڀين پَرئين، ٻُجهي ڏِنائون ٻَنِ،
الف آديسين، چورِي رکيو چِتَ ۾.
بيت - 3
مُونا جَن محراب، جَسو جامع تن جو،
قبلہ نُما قلب ڪري، تَن کي ڪِيائون تُراب،
تحقيق جِي تڪبِير چَئي، جِسمان ڪَيائون جواب،
تَن ڪھڙو ڏوھُ ثواب، ھادِي جَنھين حال ٿيو.
بيت - 4
مُنھن محراب پِرينِ جو، جامِع سڀ جھان،
ڦَرھِيءَ تان فرقان کي، ڪاٽيائون قُرآن،
اُڏامي اُتِ ويو، عقُل ۽ عرفان،
سڀوئي سُبحان، ڪيڏانھن وَري نِيَتيان.
بيت - 6
مَڻيائون مَلَڪوت کي، نڱيا ناسُوتان،
جوڳِي جَبرُوتان، وڃائي واٽ ٿِيا.
بيت - 7
پايو مُنھن مُونن ۾، ويٺا ئي وِھۡسَنِ،
جوڳِي جاٽا ڪَنِ، آيا الوھِيَتِ ۾.
بيت - 8
آيا اَلوَھِيَت ۾، لاھُوتُ لَنگهِيو جَنِ،
منجهان تن جُسن، حرب نہ سُڄي ھيڪڙو.
بيت - 9
نااُميدي آجڪو، اوڇَڻ آديسيَن،
سَدا سُک وَسَنِ، طالب اوءِ تقدِيرَ تي.
بيت - 10
نا اُميدي آجڪو، اوڇڻ آديسيَن،
ڪڏھين تازي پُٺ تي، ڪَڏھين ھيٺ ھَلن،
ساميَڙا سمونڊَ ۾، تنبي جِيئن تَرن،
جي واڳوءَ وات وَڃَن، تہ ڪُسن ڪچن ڪِينڪي.
بيت - 11
لَعل لڳي لعل ٿيا، لعل لکيو ھو جَن،
عَدم جي اوڙاھ تي، ڪيا آسڻ آديسيِن،
گَردانيون گُنگن، گِرداب ک ي گيانَ سين.
بيت - 12
ڪھڙي پُڇين ڪانھَ، ڪر نہ ڪا اڄ صباح،
وَنءُ تنھين سين واڳيو، جو پسين مَنجهہ پَساھَ،
رَم ربانِي راھَ، مَٿي حال ھوشيار ٿِي.
بيت - 13
ڪيھي ڪامَ ڪاپڙي، ٿا اِھڙي رَوِش رَوَن،
نَڪا دِل دوزخ ڏي، نَڪي بھشت گهُرن،
نڪو ڪَمُ ڪُفار سِين، نڪا مُلسماني مَنِ،
اُڀا اِيئن چَوَن، تہ پِرين ڪجو پانھنجو.
بيت - 14
نامُرادي نِجهرو، عَدم اوتارُونِ،
رَضا راڄُ سَندونِ، مُور نہ مَڱَن ڪي ٻيو.
وائي - 1
تَن ڳُڻَنِ ڳَھَر وڃائي، ھو مائي! جوڳين مُون سين جي ڪيا،
ڪَري مرج ڪاپڙي، گُر وَٽِ گَدائِي،
ھُو مائي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.
اشارتُون اُنِ جِيون، وَنءُ ڪَپي تون کائِي،
ھُو مائي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.
ننڊَ تَنھِين کي ناھِ ڪا، جا آديسِيَنِ اُٺائِي،
ھُو مائي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.
ھيڪائي ھيڪَ ٿِيا، ٻَڌن ڪانَ ٻِيائِي،
ھُو مائي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.
اکين آرسُ ڇَڏيو، دِل ۾ ناھِ دَغائِي،
ھُو مائي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.
”اِنَّ الله وِتۡرُ يُحِبُّ الوِتۡرِ“ اِيءَ اُنھين لاءِ آئي،
ھُو مائي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.
رِيجهائي رموزَ سين، کاھوڙين آئون کِجائي،
ھُو مائي! جوڳين مُون سين جي ڪِيا.
داستان ڇھون
بيت - 1
ڪِنھن جِنھن ڪَٺا ڪات، جِئن سامِي مُور نہ سَنرا،
ڏِينھان ڏُکي ڏِيلَ ۾، سُور سَڄيائي رات،
سندي جوڳيان ذات، جِيجان آھ جَڏائڙي.
بيت - 2
رُوح ۾ رَھين رام، ٻَھر ٻولِينِ ڪِي ٻيو،
پيارو پُر ڪري، جوپَ پِيتائون جام،
تِھان پوءِ تَمام، تِن تَڪيا تاڪي ڇڏيا.
بيت - 3
رام رَھِين ۾ رُوح، ٻَھَر ٻولين ڪِي ٻيو،
سدائين سَفر ۾، مٿا ٿينِ موءَ،
سامِينِ جا صُبوح، ساريان گهَڻون سيد چَئي.
بيت - 4
مُئا موءِ ٿِيان، سدا سُوئيتا ڪاپڙي،
ڪوٺي ڪِنھن پُڇيا، تہ ڪي اندر اندر وھيان،
جيڪا ڄماران، سا منجهہ گوندر گذري.
بيت - 5
ويٺي جنھن وَرِھ ٿيا، مٿي سين ميري،
اکيون جِنھن جون اَلک ڏي، ڀُون ڏي نہ ڀيري،
ڪارِنئان ڪڪا ٿيا، ڄراٽيا ڄيري،
لُڙڪ لال، لطيف چئي، ڪَنبي ۽ ڪيري،
نِينھن نہ نبيري، سور چرندي سنرو.
بيت - 6
ويٺي جن وَرھ ٿيا، مٿي ميري ساڻ،
ڪارنئان ڪڪا ٿيا، ڄيري وجهي ڄاڻ،
خودي کانئين ھليا، پُٺيءَ وجهي پاڻ،
سي ٻَھر نہ ھڻنِ ٻاڻ، جَن گڏيو گُر گِربان ۾.
بيت - 7
نانگن ڪين نمائيو، ناٿُ نمائيو نِينھن،
مَڙھنِ آٺا مِينھن، جوڳيان سَنديءَ ذات کي.
بيت - 8
نَڪي نَمَنِ ناٿ کي، ناٿُ نہ نمائينِ،
جاٽا ڪَن نہ جوڳَ جي، جوڳُ نہ جهارِين،
آديسي آڻين، اُھڃاڻيون الماس جيون.
بيت - 9
پَٺا ڄَرُ ڄراٽيا، مُنھن کانئيا سيءَ،
مايَنِ مَڱن بِکيا، نہ ڪا لڄ نہ لِيھَ،
بابو بيکاري ٿيا، نہ ڪو پُٽُ نہ ڌيءَ،
پسو! جلابا جِيءَ، ويراڳين ويراڳ سين.
بيت - 10
ھَر ھر ڪن ھرنامُ، ڌُون ڏيھاڻي ڌوتيا،
جَن نہ ريجهايو رام، ناٿُ نہ نَمي تن کي.
بيت - 11
ڌُون ڏيھاڙي ڌوتيا، ھر ھر ڪن اُميس،
جَن نہ ماري ميسَ، ناٿُ نہ نَمي اُن کي.
بيت - 12
گهڻن پاسي گهِنڊ، گڏ گُذارين گودڙيا،
پليديءَ کان پانھنجا، پاڪ رکيائون پنڊَ،
نانگا ڪَن نہ ننڊ، وڃن رُوندا رام ڏي.
بيت - 13
تھڙا ڪڙڄ ڪڪرا، جِھڙا جائن ڦُل،
تِن سامينِ جِي سَڌ مَران، جن گودڙين ۾ گُل،
اندر ۾ اَمُلُ، ٻَھر ڪوجها ڪاپڙي.
بيت - 14
ياد گُرو ڪن گودڙيا، ڀَر بازارين بيٺا،
پڙھن سُور سبحان جي، پين تنھن پيٺا،
جيلان مُنھن ميٺا، تيلان نشا چاڙھيئون نينھن جا.
وائي - 1
تَن اکين دل اڙائي، ٻڙي! جيڏيون!
ڪِنھن دَر ڏيان دانھڙِي؟
ڦَڪيون ڏيئي ڦِڪيون، ويڄن آئون وِرچائِي،
ٻَڙي! جيڏيون! ڪِنھن دَر ڏيان دانھڙِي؟
حُسن ھوتَن جي اديون، لاليءَ آئون لُڇائي،
ٻَڙي! جيڏيون! ڪِنھن دَر ڏيان دانھڙِي؟
اُلفت ڪَر مَ اُن سين، قُرب جا ڪڙائي،
ٻَڙي! جيڏيون! ڪِنھن دَر ڏيان دانھڙِي؟
صُحبت سُپيريَنِ جِي، مِٺِ آھ مِٺائي،
ٻَڙي! جيڏيون! ڪِنھن دَر ڏيان دانھڙِي؟
الا! عبداللطيف سين، وَحدَت وٽ وِرھائِي،
ٻَڙي! جيڏيون! ڪِنھن دَر ڏيان دانھڙِي؟
داستان ستون
بيت - 1
قُوتَ ڪَڙايا ڪاپڙي، طعام نہ طاماعو،
سَينَ ھَنيائون سُڃ ۾، پَھَر نہ پينائُو،
اَوَسَرَ آسائُو، اُٿِي گُوندرَ گڏيا.
بيت - 2
قُوتَ ڪڙايا ڪاپڙي، طعام نہ طمعدار،
سينَ ھنيائون سُڃ ۾، جوڳِي ڪِنھن نہ يارَ،
اَوَسَرَ جِيءَ آڌار، اُٿي گُوندر گَڏِيا.
بيت - 3
قُوتَ ڪڙايا ڪاپڙي، بُکَ چَکيائون بُوءِ،
ويا نيرانا نِڪري، جوڳي منجهان جُوءِ،
اوَسَرَ آجا اُوءِ، اُٿي گُوندر گَڏِيا.
بيت - 4
پِنَنِ ڪِينَ پَٽَ کَڻي، گهُرنِ ڪِينَ گهران،
مَھيسِي مخلوقَ جي، اُڀين دُور دَران،
پُڇَنِ ڪوھ شرعان، اندرِ عدالت اُن جي.
بيت - 5
پِنن جو پَٽ کَڻي، سو جي سڃاڻن،
تہ بَر ۾ بِيکَ لَھَن پَھَر نہ پِنَن ڪاپڙي.
بيت - 6
اَسُکَ جن اوير، سي سانجهيءَ رھن سُمھي،
لاھُوتي لطيف چئي، آڌِيءَ ڏِين اُلير،
ستو لوڪ پَسي پيا سامي مٿي سير،
ڪيڏنھن ڪندا پير، مڙوئي مٿو ٿيو.
بيت - 7
وچينءَ ويٺا ھُوَن، سانجهيءَ رھن سُمھي،
مَھيسِي مُنھن پانھنجو، ڌاران ڌوڙ نہ ڌونِ،
وِھاڻيءَ واٽن تي، پاسا کوڙيون پون،
ڪِنھن کي ايئن نہ چون، تہ اسين آديسي آھيون.
بيت - 8
وِچينءَ ويٺا رھن، سانجهيءَ رھن سُمھي،
بُک مرندي بِکيا، ڪنھن کان ڪين گهُرن،
پيٽَ نہ ھيريائون پانھِنجا، چورٖي ساڻ چَسَنِ،
ڦَڪِي فقيرن، ماڳان پِني ماٺ جِي.
بيت - 9
ڪَشن ساڻ ڪَشي، ڏيل ڪيائون ڏُٻرا،
پيٽ نہ ھيريائون پانھنجا، چوريءَ ساڻ چَسي،
ويراڳين وَسي، رام سَدائين رُوح ۾.
بيت - 10
ڪَشي چيلھ ڪَشا، ڏيلَ ڪيائون ڏَٻرا،
لاھُوتي لطيف چَئي، تن کي ڏين تَسا،
گُروءَ جي گَسا، پاسي ڪَن نہ پاڻ کي.
بيت - 11
آديسي آديس، ھتان ڪَري ھليا،
ڪاپڙين قلب ۾، ڪيو ڏُورائون ڏيس،
ويراڳي نئون ويس، راوَل ڍڪي رميا.
بيت - 12
آھي اکڙين ۾ آديسِيَنِ اَدبَ،
تَن جو حسب نسبُ ناھِ ڪو، نہ اَما نہ آب،
سامين کي سَڀين پَرين، رُوح ۾ رھيو رَبُّ،
ري لانگوٽي لَب، پاڇِي کڻن نہ پاڻ سين.
بيت - 13
لانگوٽي لاھي، وَنءُ ويراڳين سامھون،
ٻَڌ سُور جو سَندرو، منجهان سِڪ ساھي،
اُنھين وٽ آھي، اوڇڻ ڳالهہ اُگهاڙ جِي.
بيت - 14
لُنگ ڪَڍيائون لانگ، موٽي ڪَن نہ مَسحو،
جا اسلامان اڳي ھُئي، سا سُئائون ٻانگ،
سامِي ڇڏي سانگ، گڏيا گورکِناٿ کي.
بيت - 15
ويراڳي واڳي، ڏينِ ڏِھاڻي ڏيل کي،
راوَل رتين مولھئين، سامِي سُھاڳي،
جن سين لنئون لاڳي، سي جوڳي پَسان تہ جيان.
بيت - 16
ويراڳي واري، الا! اڱڻ آڻيين،
ڏکَ لاھيندا ڏيلَ مان، تُھنِ جِئَن تاري،
ايندمِ اوتاري، کِينءَ جُون ڏيندم خَبرون.
بيت - 17
آرتو اکين مان وھي، مٿي ڳلن ڳاڙ،
ڪوري ڪَنن وچ ۾، ڦَچَ ڏنائون ڦاڙَ،
ھڻي توبَهَ تاڙ، نانگا نِسورا ٿيا.
بيت - 18
لاھوتي، لطيف چئي، سَڌ نہ کڻن ساڻ،
اِيءَ آديسيَنِ اُھڃاڻ، جِئن تعلق ڇَڏيائون تَڪِيا.
بيت - 19
ڄَر ڄَراٽيَن اڱڙا، کُوري کانيَنِ کَلَ،
ماءُ ماريندم اُن جا، اڏيا ماڳ محل،
ڪيائون ڪانہ ڪَھل، اديون! عبداللطيف چئي.
بيت - 20
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻ کي، کوءِ! راوَل، ٻَنِ رجات،
لباسان لطيف چئي، پل ويراڳي وات،
من ماري ڪر مات، تہ تيرٿ پَسين تڪيو.
بيت - 21
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻ کي، پَلِ پُوڄا کان پاڻ،
ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ، پُرجِ پُورب پَنڌ تي.
بيت - 22
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻ کي، جوڳِي رکج جوڳ،
خلق خادِم جِئن ڪرين، اِيءَ راول وڏو روڳ،
پَڳن ڪونهي ڀوڳُ، نانگا وڃن نِڱيا.
بيت - 23
پُوڄا ڪارِ مَ پاڻ کي، سَمجهہ ڪِي سامِي،
ٿِي سُورن سين سَنرو، ويھَ مَ وِسامي،
خطرا ڇڏِ خامِي، تہ نانگا رَسين ناٿ کي.
وائي - 1
مِڙِينئون موڪَل، ڪالهہ ڪندا ويا ڪاپڙي،
ڪڏھن اُتر سامُهان، ڪَڏھن دُونھينءَ جهَل،
ڪالهہ ڪندا ويا ڪاپڙي.
ھُنِ سيڪيندي ھَٿَڙا، مُون ڳاڙيندي ڳل،
ڪالهہ ڪندا ويا ڪاپڙي.
چِيري چَندَن ڪاٺَ جِئن، سُور ڏنائُم سَل،
ڪالهہ ڪندا ويا ڪاپڙي.
بابو ڪَن نہ بِکيا، نَڪا وَلن وَل،
ڪالهہ ڪندا ويا ڪاپڙي.
الا! عبداللطيف چئي، ايندَم شال اَمل،
ڪالهہ ڪندا ويا ڪاپڙي.
داستان اٺون
بيت - 1
رَھيا اٿيئي رات، صُبح ويندا صابرِي،
لَئُن لَئُن منجهہ لطيف چئي، ڪَرِ تنين جي تاتِ،
سَندي جوڳِن ذات، ڀيري ڪِنھن ڀاڳ مِڙي.
بيت - 2
صبح ويندا صابري، اڱڻ آھينِ اڄُ،
ڪِج ڪو ڪاپڙين مان، رُوح رَچندو رَڄُ،
پيرَ تَنين جا پُڄ، متان ڪِسين سناسين کي.
بيت - 3
جان آھينِ اوطاقنِ ۾، تان ڪِي ساڻنِ اور،
ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينھن ۾، پاڻ مٿانئن گهور،
ويا جي ھِنگلور، تہ ڪرم ملندءِ ڪاپڙي.
بيت - 4
جان آھين اوطاقنِ ۾، تان ڪِي وَٽَنِ ويھُ،
سامي سفر ھَليا، ڏور چِتائي ڏيھُ،
ڇڏي سُک ساڻيھُ، مَٿي گَنگا گَجيا.
بيت - 5
جان آھِينِ اوطاقن ۾، تان ڪِي وَٽن وَڃُ،
سامِي سفر ھليا، رائو چِتائي رُڃ،
اِھڙو جَن اُھڃ، سي ڪَرَم مِلندءِ ڪاپڙي.
بيت - 6
جان آھِينِ اوطاقن ۾، تان ڪِي وَٽِن آءُ،
ويو تَنِ نہ وِسري، لاھُوتِيڪو لاءُ،
فَنا ۽ فراق جو، سامِينِ چَکيو ساءُ،
وٽان تو وينداءُ، ڪاپڙي ڪابُول ڏي.
بيت - 7
اَڄ نہ اوطاقنِ ۾، جاڳَرَ جوڳِين جو،
سارِيو سَناسِيَن کي، رُوندين تان رو،
پَس پارِيان تو، لاھُوتِي لَڏي ويا.
بيت - 8
اَڄ نہ اوطاقن ۾، طالِب تَنوارِينِ،
آديسِي اُٿِي ويا، مَڙھيُون مُون مارِينِ،
جي جِيءَ کي جِيارِينِ، سي لاھُوتِي لَڏي ويا.
بيت - 9
اَڄ نہ اوطاقن ۾، سَندي جوڳِنِ جوڙَ،
سارِي سَناسين کي، کامي ٿِيس کوڙَ،
مَن جَنين سين موڙ، سي لاھُوتِي لڏي ويا.
بيت - 10
اڄ نہ اوطاقنِ ۾، سَندي جوڳِيَن ذات،
ساري سَناسِيَن کي، رُنَم سارِي رات،
مُون جَنھين جِي تاتِ، سي لاھُوتِي لَڏي ويا.
بيت - 11
اَڄ نہ اوطاقنِ ۾، تازا پَٿَر ڪَکَ،
آديسِي اُٿي ويا، ٻيئي اُڏامِي رَکَ،
سامِي کَڻي سَنکَ، وڄائي واٽَ ٿِيا.
بيت - 12
اڄ نہ اوطاقن ۾، دُونھين، ڌُنڌ، نہ لاٽَ،
ويا ويراڳي نِڪري، چِت چکائي چاٽَ،
آئون مارِيس تَنھين ماٽ، جِيجان جوڳِيَڙَنِ جي.
بيت - 13
جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِي ڏٺوسُون،
مُلا تَنھين مُون، حاصُل ڪِي حال ڪِيو.
بيت - 14
جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِيءَ لاٿو جارَ،
سَندو پُورَب پار، آڇيائُون اِيندَن کي.
بيت - 15
جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِي ڏٺوسون جان،
سَڱ ھو جَنھين سان، سامِي سو سانڀِي ٿيو.
بيت - 16
جِياسُون جوڙَ ٿِي، لانگو ڏٺوسُون نِتَ،
چَنجهو ھو جو چِتُ، کُلِي سو باغ ٿيو.
بيت - 17
ھَڻي! جي ھُئا ھِتِ، تہ مَٿِنِ ھُوندَ حق ٿِيو،
مَڻيُون، مُورتَ مَت، مانَ وِسرِيون ڪي لَھان.
بيت - 18
ھَڻي! جي ھُئا ھاڻ، تہ مَٿِنِ ھُوندَ حق ٿِيو،
پيھي ويا پاڻ، آڏِيا مَڙھ مارِين مُون.
بيت - 19
ڪاپڙي ڪَنَ چِيرَ، وِيا ويراڳي نڪري،
دِل ھڻي ويا خلق سين، ٿورو ھٿڙا فقير،
سکيون مَنجهہ سَرِير، ھڻي ويا حِلَم سين.
وائي - 1
جوڳِي جُڳ گهڻان، لا، مُون وَھُ ويراڳين سين.
پاڇِي ڪَن نہ پاڻ سين، تُبيءَ مَنجهہ ڪَڻان، الا،
مون وَھ ويراڳين سين.
جان ڪِي ڌاڻيون ڌُوڙ ۾، جان ڪِي کينِ چڻان، الا،
مون وَھ ويراڳين سين.
ويٺي واٽڙين تي، ڀَٽن جِئَن ڀُڻان، الا،
مون وَھ ويراڳين سين.
ساريو سَناسيَن کي، ويٺي ھَٿ ھڻان، الا
مون وَھ ويراڳين سين.
آيل آديسِيَنِ جا، مون تي گُن گهڻان، الا
مون وَھ ويراڳين سين.
داستان نائون
بيت - 1
جِئن ٿا پُڇن اُن کي، تِئَن جي پُڇن پَنڌ،
تہ رِڙھِي لڌائون رَند، لَٿيَن لُکَ لطيف چَئي.
بيت - 2
جِئَن ٿا پُڇَن ان کي، تِئَن جي پُڇَن الله،
تہ رِڙھي لَڌائون راھ، لَٿِيَن لُکَ لطيف چَئي.
بيت - 3
سُٻيريءَ سَيد چئي، جِئَن ٿا پُڇن اَنُ،
تَن ڪاپڙين نہ ڪَن، جوڳِي چائِينِ جاڙَ جا.
بيت - 4
گُندي ۽ گِراھُ، جِنھن سَناسيءَ سانڍِيو،
اُنھيءَ کان اللهُ، اڃان آڳاھُون ٿيو.
بيت - 5
ويٺو پُڃين پَرُ، ڪَرُ ھنئار ھَلَڻ جِي،
اَڄ آديسي مَرُ، سُڀان مَرندو سَڀڪو.
بيت - 6
جو ڪُھنڌِ سُھنڌ سامھون، پِرت تَنھين سين پار،
نِينھن نہ لبھي جِنھن جو، تنھن سين تون مَ تَنوار،
ھَڏِ مَ واٽ وِسار، ٿِيءَ نِرالو نِبري.
بيت - 7
پُوي پَئي رَھ، اُپٽي اُجهہ مَ ڪاپڙي،
اُلا جي عشق جا، سي تون سَھيو سَھُ،
پُڇ پاڻَ کي پَھُ، ھِنگلاجَ ھَلڻ جو.
بيت - 8
ڏورَڻ گهڻون ڏاکڙو، ڏورِج ري مَ ڏِئي،
تان تون ھوئِجِ حُجري، جانسِين يارُ جِئي،
جڏھن پاسي پاڻ ٿِئي، تڏھين ڇَڏِج تَڪيو.
بيت - 9
ڏورَن گهڻون ڏاکڙو، ڏورِ مَ ڌيان ڌار،
ڪوڙين لَکَ ھزار، اِنَ اُونڌائيءَ انڌا ڪيا.
بيت - 10
تو جو ڏِيو ڀانئيو، سا سُورجَ سَھائِي،
اَنڌن اُونڌائي، جي راتِ وِھامِي ڏِينھن ٿِيو.
بيت - 11
ناٿَ جِنَھِين نِنڌ، تِتِ نہ نِھاريو جوڳِئين،
ڪي ڪُويساھِيا ڪاپڙي، پُريا پَراھين پَنڌ،
ھوءِ ھِنَھِين ھَنڌ، ھُو ھُونھين ويا ھنگلاج ڏي.
بيت - 12
سامِي تون سُلوڪ کي، ھٿان ھَڏِ مَ ڇَڏِ،
لَڏِيندَنِ سين لَڏِ، تہ رَھين تُون راڄُ ڪري.
بيت - 13
وِيندَنِ کي ويڪَ ٿِي، ھُوندنِ ڪونھي ھَنڌ،
”مَنۡ لهُ الۡمَوليٰ فَلَهُ الۡڪُلُّ“، اِيءُ پَروڙِج پَنڌ.
بيت - 14
ڇڏ جاڳوٽا جوڳئين، دُونھين ڪا مَ دُکاءِ،
”وَاذۡڪُر رَبڪ فِي نَفسِڪَ“، اندر آڳِ جلاءِ،
جَن سَڄَڻَ سين ساڃاءِ، تَن ڪِينا مٺو ڪِي نہ پِيو.
بيت - 15
لُنگهہ لاھوتيان ڪاپڙي، دُونھين ڪا مَ دُکاءِم
اوري ڪَرِ مَ آسرو، پَري پِيرَ مَ پاءِ،
جِنھن جِي جاءِ نہ ماءِ، وَنءُ تَنھين سين واڳيو.
بيت - 16
کوءِ گودڙ، ٻَن گَبريُون، نيئِي کِدائون کانءِ،
جيڏاھِين جوڳَ ويو، نيڻَ تيڏانھن نانءِ،
ڀُڻو اِيھين ڀانءِ، تہ سڱيون شُومت ھَٿَ جون.
بيت - 17
ٺَڳَڻ گهڻان ٺڳائيا، تُون ٺڳڻ کي ٺَڳاءِ،
اُٿِي آڌيءَ رات کي، پنھنجو تَن پچاءِ،
لاھُوتِي مَ لڄاءِ، نانگا تون نامُوس کي.
بيت - 18
گُل گُل ڏِسي گودڙيا، گهڻان مَ ڀانئيج،
سوئِي سُڃاڻيج، ھيءُ ھُو آھي ھيڪڙو.
بيت - 19
راتيان رُجهَن رامَ سين، ڏينھان ڪَنِ سَنان،
جوڳِي سي اَنان، وَٽون جن وِراھيون.
بيت - 20
دَلَقَ ڍَڪائِج دِل کي، لائِج ڪومَ لِباسُ،
پُوري کائِجِ پانھِنجو، مَڙھيان اَندر ماسُ،
تہ ويراڳي تو واسُ، بَرُ ۾ بُويُون موڪلي.
وائي - 1
ويھَ مَ ويسري، تُون ڪِي جاڳِي اورِ الله سين،
مَحبت جي ميدانَ ۾، سَڄِي ڳالهہ ڳَري،
تُون ڪِي جاڳِي اورِ اللهُ سين.
سي پڻ رُوندا رَت وِيا، مِڙيا جي مَري،
تُون ڪِي جاڳِي اورِ اللهُ سين.
سُتي سڄڻ نہ مِلي، آھي ايءُ کَرِي،
تُون ڪِي جاڳِي اورِ اللهُ سين.
جي اوسِيئڙي آڌيءَ اُٿَنِ، تَنين واڳَ وَري،
تُون ڪِي جاڳِي اورِ اللهُ سين.
داستان ڏھون
بيت - 1
بُکَ وِڌائون بَگرِئين، جوڳيي ڪندا جُڃَ،
طَلَب رَکنِ نہ طعام جِي، اوتِيو پِيَن اُڃَ،
لاھُوتين لطيفَ چَئي، مَنُ ماري ڪيو مُڃ،
سامِي جهاڳي سُڃَ، وَسِئن کي ويجها ٿِيا.
بيت - 2
نہ گِندا، نہ گَبرِي، نہ لانگوٽِي لِينگ،
ڀُنگا جَنھين ڀِينگَ، صاحِبَ تَنھين سامهُون.
بيت - 3
نہ گِندا، نہ گَبري، نہ لانگوٽِي لِکَ،
جيڏانھن ڀَرين وِکَ، تيڏانھن صاحب سامهون.
بيت - 4
نہ گِندا، نہ گَبري، نہ لانگوٽِي لِيڙَ،
جيڏانھن ڪَرِين ڀيڙَ، تيڏانھن صاحبَ سامهُون.
بيت - 5
نہ گِندا، نہ گَبري، نہ ڪُڇَ نہ ڪاڇوٽِي،
سامِيَنِ ٻاري سُڃَ ۾، بابُن باھوٽِي،
جوڳِي جَبروتِي، وَڄائِي واٽ ٿِيا.
بيت - 6
ڪَڇي ڪاڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌي نِينھن جِي،
جِھڙا آيا جَڳَ ۾، تَھِڙا وِيا موٽِي،
سُکِ نہ سُتا ڪاپڙِي، لاھي لانگوٽِي،
اُنِين جِي چوٽِي، پُورب ٿِيندي پَڌري.
بيت - 7
جا بَرادَ بُتن جِي، سا اُڃ بُک آديسين،
روزا رِندَ رَکن، عِيد نہ اوڏا ڪاپڙي.
بيت - 8
رامَ ڪَلِي دُکيا ڪُھي، سُکيا ڪَھي نہ ڪوءِ،
ڪو مِٽِي ڪو مائِٽِي، ڪو روچي ڪو روءِ،
رامَ ڪَلِي ڪَھي سوءِ، جِنھن ڀاڱي دُک اَچي.
بيت - 9
پَرينديھي پِيرَ ٿيا، گَنجو ڇَڏي گامَ،
ويھِي ڪِيو نہ وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ،
راھَ ۾ گَڏِئَنِ رامَ، پَنڌان ڇُٽا ڪاپڙي.
بيت - 10
اکيون آلو ماءَ، سَدا سَناسِيَن جون،
واري نيڻ ننڊانءَ، جاڳِي جهَليا جوڳِيين.
بيت - 11
اَڌ لَڳِيون آھينِ، آيل آديسِيَنِ جِيون،
ويھي وِھائِينِ، ڪا قضائي راتڙي.
بيت - 12
اڃا سي آھِينِ، جي سزاوار سِڱين جا،
ويٺا وَڄائينِ، جي سَناسِي سُڻئين.
بيت - 13
مَرَڻُ مُسلمَ جَن، واحِدُ تَن نہ وِسري،
مَٿي سَڳَرَ ڪاپڙي، نانگا ننڊ نہ ڪَن،
نيڻَ سَدائين تَن، اوجاڳي اُجاريا.
بيت - 14
عاشقَ شھَر فقيرَ، دَر دَر ھَڻَن سَينَ،
”مَن عَرفَ اللهُ ڪُلُّ لِسانه“ اِھڙائِي آھينَ،
جِتي پَسن ڪِين، تِتي ڪرينِ تڪيو.
بيت - 15
ڀِنِي ٿِيون ڀَڙڪَنِ، باھِيون بيراڳِيَن جِيون،
ھَلو تہ سيڪِيُون ھَٿڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ،
مُلا سَناسِيَنِ، جَڙ لڳِي مُون جانِ ۾.
بيت - 16
ھُو جي ٿيا ھَر ڪيسَ، تَنِ لڳي، ڪِينَ لِباس سين،
وَتنِ وِلهٖي ويسَ، لاھُوتِي لطيفُ چئي.
بيت - 17
بُکَ اُنھِين جِي بِکيا، ڌوڙِ اُنھِين جو ڌُوپَ،
سو ڪِئائون رُوپُ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.
بيت - 18
سِڱيون، سِليُون، گَبرِيُون، ٽيئي ٽول ٽڳو،
پَٽ کي ھڻي پَٽَ سين، ڀيري تَن ڀَڳو،
لاھُوت جَن لَڳو، سي مَڙِھيان مُور نہ نِڱيا.
بيت - 19
ويٺي وَٽيائُون، ڪي جي سَڳا سُورَ جا،
پويون پاتائون، ساڄا ڪيو سِڱِيَن ۾.
بيت - 20
گُر جا ڏني گودڙِي، سا مون کي ٿِي مَرَڪُ،
چيلا! مارِ چَرخَ، اوڍي ويھَ اَدب سين.
بيت - 21
گُرَ جا ڏِني گودڙي، سا ٿِئي لاھِيندي لَڄَ،
سَندا تنھن سَھَڄَ، چيلو چوندو ڪيترا.
بيت - 22
جا گُر ڏِنِي گودَڙي، سا مُون گهَڻون سُھاءِ،
نيئي رَساڻي ماءِ، اوڍِين جي ادب سين.
بيت - 23
پَٽَ ڇَڏيائون پَٽَ ۾، ڏَنڊَ ڇڏيائون ڏورِ،
مَھيسِي معمور، وڃي ڪالهہ ڪُل ٿِيا.
بيت - 24
پَٽ ڇڏيائون پَٽ ۾، ڏَنڊ ڇڏيائون ڏِس،
آلائشان اڳي ٿِيا، موٽي ٿِينِ نہ مَس،
ھيءُ ڇڏيائون حسن، وڃي ڪالهہ ڪُل ٿيا.
بيت - 25
ڌاڳا ھَڏ نہ ڌوءِ، دِل ڌوتائون دُک سين،
لاھُوتي لطيف چَئي، رُوحان اندرِ روءِ،
ڪونہ ڏٺوسون ڪوءِ، سَنياسِي سُورَنِ ري.
بيت - 26
پُڇَڻَ پَرَ ڏيھِيَن جو، اَسُڻَ وٽ آھي،
لڳڻ جي لاھي، ھَنھِين تان حق لھي.
بيت - 27
نڪي طعام تنبڙين ۾، نَڪِي گَبرِيَن،
مُون پڻ مُلا تَنِ، حاصِلُ ھيءُ حال ڪيو.
بيت - 28
ٻولي ٻُجهارت، جوڳيان سَنديءَ ذاتِ جِي،
ڏورڻ گهَڻُون ڏاکڙو، ھَلَڻ ۾ حيرَتَ،
عَجَبُ عِبادتَ، پَھَ پَرُوڙَڻُ اُن جو.
بيت - 29
جِنھن ڪارڻ جوڳِي ٿيا، جان جان سو نہ پَسَن،
تان تان سَناسيَن، وِرھَ وِھامي راتِڙي.
بيت - 31
نہ کِلَن، نہ کينِ ڪِي، آ نہ ڪِي ڳالهائِينِ،
ڪنھن جِڻھن ۾ آھينِ، سا پَرِ پَرُوڙَڻُ ڏاکڙو.
بيت - 32
ڪِي جو ڏِٺائُون، جِئن ڏھڪِجِي ڏُور ٿِيا،
وِھَڪ نہ ڪيائون، اُڀيڪَ عيبَ نہ اُنِ جو.
بيت - 33
ذرو ناھِ زمين، جِتي عرش نہ اُڀ ڪو،
نہ ڪو سُورِجَ، چنڊ جو، پَتو اُتِ پَسين،
نہ ڪي تارا ڪَتيون، نہ ڪي جِسم جَنين،
اُتي آديسينِ جي، قدم رھي ٻيو ڪِين،
مِلي ٿيا مِسڪين، رامُ ريجهائي رازَ سين.
بيت - 34
جِتي عرش نہ اُڀ ڪو، زمين ناھِ ذرو،
نہ ڪو چاڙھائو چَنڊ جو، نڪو سِج سَرو،
اُتي آديسِيَنِ جو، لڳو دَنگ دَرو،
پَري پيَنِ پَرو، ناٿ ڏِٺائون نانھَن ۾.
بيت - 35
جوڳِي ڏاڍي ذاتِ، جِيجان سامِي ڏاڍِي ذات،
ماءُ مون قَبُوليا ڪاپڙي.
راتيان ڏِينھان رُوحَ ۾، مُون کي سَنديَن تاتِ،
ماءُ مون قَبُوليا ڪاپڙي.
سِگها اِيندَمِ سُپرِين، شَل سُڀاڻي پِرڀات،
ماءُ مون قَبُوليا ڪاپڙي.
اُنھن آديسِيَنِ جِي، مُون کي وائِي آھي واتِ،
ماءُ مون قَبُوليا ڪاپڙي.
ڪَريان عرضُ الله کي، آئون اُٿِي آڌيءَ رات،
ماءُ مون قَبُوليا ڪاپڙي.
کاھوڙي
داستان پھريون
بيت - 1
کاهوڙِيَنِ خَفِيءَ سين، سوجهي لَڌو سُبُحانُ،
عاشِقُ اِهڙين اَکَرين، لَنگهِيا لامَڪانُ،
هُوءِ ۾ گَڏِجِي هوءِ ٿِيا، بابُو سي بِريانُ،
سَڀوئِي سُبُحانُ، آيو نَظرَ اُنِ جي.
بيت - 2
مُون سي ڏِٺا ماءَ، جَنهِين ڏِٺو پِرِينِ کي،
اُنهين سَندي ڪاءَ، ڪَري نَه سَگهان ڳالهڙي.
بيت - 3
مُون سي ڏِٺا ماءِ، جَنهِين ڏِٺو پِرِيَنِ کي،
رَهِي اَچِجي راتَڙي، تَنِ جُنگَنِ سَنديءَ جاءِ،
اَنهِين جي ساڃاءِ، تُرَهو ٿِئي تارِ ۾.
بيت - 4
ويٺِيُون پَٻَ پَئِي، کيروُن کاهوڙِينَ جُون،
آئُون تَنِ ڏوٿِينِ جُون، پُڇان ڪير پَهِي،
رُڃَنِ راتي رهِي، جَنِين ڏُونگَرَ ڏوريا.
بيت - 5
پاران پُڇِي آءٌ، خَبَرَ کاهوڙِين جِي،
ڏوٿِين ڏُونگَرانءُ، ڪِنهن پَرِ ڏورِيُو ڏُٿُ کي.
بيت - 6
تُون هَڏِ ڪُڄاڙيا، سَنجهي سَعيو نَه ڪَرين؟
سَوارا سَنڊَ کَڻِي، کاهوڙي وِيا،
آڻِيندين ڪِئا، ڏُٿُ ڏوراڻي ڏيههَ جو.
بيت - 7
هوءِ ڏوٿِي، هوءِ ڏِينهن، هوءِ ڏوُنگَرَ، هوءِ لَڪِيُون،
ڪِنهن جِنهن لڌا نِينهن، ڀُڻان لهسَنِ لُڪَ ۾.
بيت - 8
جا جُوءِ، مُئِي نَه ٻَڌي، ڏوٿِي سا ڏورِين،
پاسا مَٿي پاهَڻين، کاهوڙي کوڙِينِ،
وِيا اُتِ ووڙِينِ، جِتِ نِهايَتَ ناهِ ڪا.
بيت - 9
کاهوڙي کِجَن، پَسِيو پورِهَيتَ ويسَرا،
سي ڏوٿِيَڙا ڏُورِ وِيا، رُڃُن جي رَهَن،
ڪا مَنِ آهي تَنِ، مُون پِريان جي ڳالهَڙي.
بيت - 10
دَلقَ گَڏِيو ڌُوڙِ ۾، ڀَڪُلِيا ڀُڻنِ،
ڳالهِيُون ڳُهلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئي نَه ڪَنِ،
ڪا مَنِ آهي تَنِ، مُون پِرِيان جِي ڳالهَڙي.
بيت - 11
تُون وَنئنَ ويهِي آءٌ، اَڱَڻِ کاهوڙِيَنِ جي،
جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائي لوڪاءَ،
ڏوٿِيَنِ ڪِنهن ڏُکاءَ، سُمَهِي سُکُ نَه ماڻِيو.
بيت - 12
ڪِ ڪِي کاهوڙي! ڇَپَرَ ۾ سَڏُ ٿِيو،
اَڳِي ٿي مُئِي، جَنهِين سَندي ڳالهَڙي.
بيت - 13
ڏُٿُ گهڻائِي ڪَنِ، اِنّ اورانهين ڏيههَ جو،
سَندا کاهوڙِيَنِ، پَري سُڄَنِ پيچَرا.
بيت - 14
ڏُٿُ نَه کُٽو ڏوٿِين، جيڪي ڏُٿَ ڪَرِينِ،
اُهڃاڻِيُون عالَمَ جُون، اورِيائينِ آڻِينِ،
تِهان پَري ڏَسِينِ، پِرِيان سَندي ڳالَهڙي.
بيت - 15
جيڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکُڙو،
ڇَپَرُ ڪِينَ ڏِئي، سُوکَڙِيُون سُتَنِ کي.
بيت - 16
مُون کاهوڙي لَکِيا، مُوران ۾ ماتامَ،
ڪيائُون قِيامَ، جُهه ڏوٿِي ڏُٿَ گَڏُ ٿِيا.
بيت - 17
مُون کاهوڙي لَکِيا، گهَرين نَه گهارِينِ،
واحِدَ لَڳ وِلَهنِ ۾، رويو جَرُ هارِينِ،
گُوندَرَ گُذارِينِ، جُهه ڏوٿِي ڏُٿَ گَڏُ ٿِيا.
بيت - 18
مُون کاهوڙي لَکِيا، ويهِي نَه ويرمَ ڪَنِ،
ڏِينهِن تَتي ۾ ڏُونگَرِين، ڪارَڻِ قُوتَ ڪَهَنِ،
جهَنَگَلَ ۾ جهُڻڪَنِ، جُهه ڏوٿِي گَڏُ ٿِيا.
بيت - 19
مُون کاهوڙي لَکِيا، آيُنِ نَه آرامُ،
ڪِيائُون تَنُ تَمامُ، جُهه ڏوٿِي ڏُٿَ گَڏُ ٿِيا.
بيت - 20
مُون کاهوڙي لَکِيا، سُمهَنِ ڪِينَ پَئِي،
سَمَرُ ڪيائُون سُڃ جو، ڏوري ڏُٿَ لَهِي،
وِيا تِتِ وَهِي، جِتِ نِهايَتَ ناهِ ڪا.
بيت - 21
رائو رُڃَ رَهُون، جِتِي نِينهان نِڪَڻِي،
لَڳِيو پيرَ لَڪَنِ سين، ڇِڄِيو ٿِينَ ڇِهُون،
تان ڪا سارَ لَهُون، هوتَ! ڪَمِيڻِيءَ سُپِرِين.
بيت - 22
کاهوڙِيَنِ کَڻِي، ساجهر ٻَڌا سَندَرا،
ڏورِيندي ۾ ڏوُنگَرين، پاڻُ ڪِيائُون پَڻِي،
ڏُکَنِ ڏِيل هَڻِي، ڇيههُ لَڌائُون ڇَپرين.
بيت - 23
ماءِ! کاهوڙي هَلِيا، دُونهان دُکائي،
وِئَڙا وِسائي، ڏوٿِي ڏونگَرَ وَٿِ ۾.
بيت - 24
ماءَ! کاهوڙي هَلِيا، دُکائي دُونهَان،
ڇَپَرَ جا سُونهان، ڏوٿِينَنِ ڏُٿُ چِتائِيو.
بيت - 25
ڪَڻِن نَه ڪيڪان، پَنڌِ پَراهين هَلِيا،
ڏوٿِيَڙا ڪِنهن ڏُٿَ کي، جُنبِيا ڏَنهَنُ جابانَ،
کاهوڙِيَن اُهڃاڻَ، اَنگِ نَه سَڄِي اَڳڙي.
بيت - 26
سُکِ نَه سُتا ڪَڏَهِين، کَرڪَڻان لاهي،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙِينِ اُنَ پَنڌَ جو.
بيت - 27
پيرين پراڻان کيترا، سُڪا مُنهن سَندَنِ،
سا جُوءِ ڏوري آئِيا، سُونهان جِتي مُنجَهنِ،
ڳُجها ڳُجهِيُون ڪَنِ، تِهان پَراهين پَنڌُ جِيُون.
بيت - 28
سُڪا سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرُڪُڻان پيرين،
ٽِمنَدي نيڻين، آن ڪي کاهوڙي گَڏِيا.
بيت - 29
سُڪ سَنڊَ ڪَڇُنِ ۾، کَرَۡڪَڻان پيرين،
وِهائِيءَ ويرين، اُڻ تُڻ هُيَنِ آڳَ جِي.
وائي - 1
وَسائِيندَڙي مِينهَن، مانَ مِلان کي سَڄَڻين،
آئُون مِلَندي پِرِينءَ کي، راتِيُون ڏوري ڏِينهن،
مانَ مِلان کي سَڄَڻِين.
مُون کي پِرِيَنِ ميڙِئين، روجهُڙِيُون ميڙئين مِينهَن،
مانَ مِلان کي سَڄَڻِين.
اَکِيَنِ آگَمَ لائِيا، ڪَرُ مُندائِتا مِينهن،
مانَ مِلان کي سَڄَڻِين.
مادَر! موٽي نَه وِهان، جان پِرِيان سين نِينهنَ،
مانَ مِلان کي سَڄَڻِين.
داستان ٻيون
بيت - 1
پِيوَ جَنِ پَرو، گَنجي ڏُونگرَ گَامَ جو،
ڇَڏي کيٽ کَرو، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
بيت - 2
پيئِي جَنِ پَرَکَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي،
وانچِي سَڀَ وَرَقَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
بيت - 3
پيئِي جَنِ پَڻِي، گَنجي ڏُونگَرَ گاَم جي،
ڇَڏي نِنڊَ گهَڻِي، لوچي لاهوتِي ٿِيا.
بيت - 4
پيئِي جَنِين پُوءِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
ڏوري سائِي جُوءِ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
بيت - 5
پيئِي جَنِين باسَ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جي،
ڇَڏي سَڀِ لِباسَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
بيت - 6
گَنجي ڏُونگَرَ گَامَ جي، پيئي جَنِين سُڌِ،
ٻِي سَڀ ڇَڏي ٻُڌِ، لوچي لاهوتِي ٿِيا.
بيت - 7
گَنجي ڏُونگَرَ گَامَ جي، پِيئي جَنِ پَروُڙَ،
ڇَڏ سَڀِ ضَروڙَ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
بيت - 8
پيهِي جَنِ پَرُوڙِيو، گَنجو ڏُونگـرَ گام،
ڪَري تَنُ تَمامُ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
بيت - 9
ڪِهڙو اَٿِيئي ڪامَ، گَنجي ڏُونگَرَ گاَم ۾،
پَسِي تِنهن پَهاڙَ کي، اَچي نَه آرامُ،
مَتان ڏُونگَرَ ڏورِيين، اُجهين ڪُهه عَوامُ،
هُئَڻ ڪَر حَرامُ، کامُ تَه کاهوڙي ٿِيين.
بيت - 10
گَنجي ۾ گُڻَ گهَڻان، پيرُ پَروُڙِي پاءِ،
کاهوڙي کَرا وِيا، نَڪا اوڏي ماءِ،
جَنِين ڏِٺِي جاءِ، تَنِين موٽَڻُ مِنهڻُون.
بيت - 11
جِتِ نَه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهڙي،
پِيو ٻارِيندو ڪير، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري.
وائي - 1
وائي
آئُون جيهائِي ذاتِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِينِ،
اوڻيُون آديسِينِ جِيُون، ڀَرِيان ساري راتِ،
تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِينِ.
جي ٻانهِي ڪوٺِيين ٻاجهه سين، تَه ڪَرَ لَڌِيَمِ ڏاتِ،
تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِينِ.
تان ڪِي ڏُونگَرُ ڏورِيان، جان نَه وِهامِي راتِ،
تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِينِ.
ڪَندِيَسِ عَرضُ اَللهَ کي، وِهاڻِي پِرڀاتَ،
تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِينِ.
داستان ٽيون
بيت - 1
اَچِي پِيا آٽَ ۾، واٽُ وِڃائِي جَنِ،
اوءِ بَصِيرَ بَرَنَ ۾، اَنـڌا ٿِيو اُڀَنِ،
ڪَنَنِ آڏِيُون تاڙِيُون، گُنگَنِ جِئن گهُمَنِ،
فِراقِي فَرَمانَ جو، آهِي ٻَرُ ٻوڙَنِ،
لَنگها ٿِيا لاهُوتَ کي، سُتا پِيا سِڪَنِ،
کَپَت کاهوڙِينِ، آه اُٿِئي پِئي نَه لَهي.
بيت - 2
ڏِسِي ڏوري ڏُونگَرِين، واٽَ وِڃائِي جَنِ،
ڪُرَندان ڪِي پَروُڙِيو، رَندين سي نَه رِڙَهنِ،
پيئي دارَ دَيُون ڪِيو، پيرَتِ تان نَه پُڇَنِ،
ڌُوڙِ پِريان لَئي ڌار ڪيو، ويچارا وِجهَنِ،
خَبَرَ کاهوڙِينِ، آهي لِکَ لاهُوتَ جِي.
بيت - 3
ويجهو وَڃُ مَ واٽَ کي، ڪَهجِ ڏَنهنُ ڪُواٽَ،
اُجهي مَنجهان آٽَ، اَويسِي ٿِي آءُ تُون.
بيت - 4
ڪُپيريءَ ۾ پيرَ، ڪَنِهين پاتو پيريين،
جِئان مُنجهَڻُ ماڙُهئينِ، سَڄَڻَ تِئان ئِي سيرُ،
اِنَ ڀُون سَندو ڀيرَ، ڪوڙِنِ مَنجهان ڪو لَهي.
بيت - 5
ڪُپِيرِيان پَري ٿِيا، اُٻُڌِي ٻُڌائُون،
اُنِهين کي آئُون، هِينئَر ڏِسِي آئِيو.
بيت - 6
ماءُ کاهوڙي آئِيا، ڏوري ڏوري ڏيههُ،
مَيَنِ پيرين کيههُ، ڪُهه ڄاڻان ڪِنهن پارَ جِي.
بيت - 7
جهَنگَل هُلِيا، سي نَه ڀُلِيا، راهَ هَلِيا ڦُرِجَنِ،
اوجهَڙَ سي نَه پَوَنِ، ٻيئِي جَنِين ڇَڏِيُون.
بيت - 8
جهَنگُ کامِي پَٽَ ٿِيو، ڀَڳِي چوران لِڪَ،
سيڪَڙُو ۽ سِڪَ، ٻَئِي گَڏِيا پاڻَ ۾.
بيت - 9
جهَنگَلُ آهِيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻَ ڪَيو روءِ،
نَه ڪُتا، نَه ڪوڙِڪِيُون، چَڙِهيو اُڀو چوءِ،
هاڻي هِنهان پوءِ، لَڳِي لوٺو نَه ٿِئي.
بيت - 10
جهَنگَلَ آهِيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪَيو روُندو،
نَه ڪُتا، نَه ڪوڙِڪِيُون، چَڙِهيو اُڀو چوُندو،
هَڏهين نَه هوندو، اِنهان پوءِ عالمَ ۾.
بيت - 11
نه ڪُتا نَه ڪوڪارَ، نَه سي سَڏَ شِڪارِئين،
پِٽِيو کَڻي پارَ، جهنَگَلُ آهيڙِيَنِ کي.
بيت - 12
ورَ سا سُڃِي وِيڙه، جِنهن ۾ سَڄَڻُ هيڪَڙو،
سو ماڳُ ئِي ڦِيرِ، جِتي ڪوڙِ ڪُماڙُهئين.
بيت - 13
وَر سا ڪاري راتِ، جِنهن ۾ راهُ گُم ٿِئي،
نَه ڪا هُنِ جِي تاتِ، هِيءُ پُڻ وَڃي وِسري.
بيت - 14
ڪاري راتِ اَڇو ڏِينهن، اِيءُ صِفَتان نُورُ،
جِتِي پِرِينءَ حُضُورُ، تِتي رَنگُ نَه رُوپُ ڪو.
بيت - 15
تحقِيقَ جي تُون ڀَري، مَٿي ريءَ کڻيجِ،
جا حاجَ هَٿَنِ ري نَه ٿِئي، سا ٺُونٺو ٿِي ڪَريجِ،
هَڪَلَ حَقِيقَتَ جِي، ٻوڙو ٿِي ٻُڌِيج،
اَنڌو ٿِي پَسيجِ، مُشاهدو مَحبُوبُ جو.
بيت - 16
وائِي وَڃِيمِ شالَ، ڪَنَنِ سين ڪِيمَ سُڻان،
ڀَلو ڪَري ڀالَ، اَکِيُنِ سين اَنڌو ٿِيان.
بيت - 17
ڏوُنگَرين ڏِسجَنِ، اڄُ پُڻ رَيُون اُنِ جِيُون،
ڏوٿِيَڙا ڏُٿَ کي، آراڙان اَچَنِ،
خِيما کاهوڙِيَنِ، اَڄُ نَه اُنهين ڀيڻِئين.
بيت - 18
ڏوُنگَرَ نَه ڏوٿِي، ڏوُنگَر سُڃُون ڏوٿِنِ ري،
پُڇان پَروٿِي، ڪِ ڏوٿِي ڏُٿِ اَچڻان؟
بيت - 19
کاهوڙي کَرا، سُوڌي خَبَرَ پَکَڻين،
سوجهي جَنِ ڪِيا، مَٿي اَڱَڻِ آهِرا.
وائي - 1
سِياڪو سيڻان، ڀوري تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو.
موٽِي ماڳَ نِهارِئين، ڪِهڙي مُنهن ڪيڻان،
ڀوري تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو.
مَچُ پَسِي ڪِئن موٽِئين، سَڙِئين نَه لَئي سيڻان،
ڀوري تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو.
واريءَ جِئن وِڄري هِينئُون، ڪُڻڪي لَئي ڪيڻان،
ڀوري تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو.
اَٽَن مُنهنجا اَنگڙا، ڪَلَ نَه پَوي ڪيڻان،
ڀوري تو پاڻُ سُڃاڻِي نَه ڪِيو.
وائي - 2
جاڳي اَکَڙِينِ، تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟
اَکَڙِيُون پِرِيَنِ لَئي، ٽَهه ٽَهه ڪِيو ٽِمَنِ،
تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟
جي سَنجهيِئي سُتِيُون، سي سَرُ سُورَ سَهَنِ،
تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟
جَنِ کي آرَسُ اَکِيين، سي ڪِئن پِرِين پَسَنِ؟
تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟
جَنِ نيڻَ هيرايا نِنڊَ سين، سي ڪِئن مُحِبَ مِلَنِ؟
تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟
وِهاڻِيءَ وَهائِيين، ڳوڙها سَرِ ڳَلَنِ،
تو ڪوه اوجاڳو نَه ڪِيو؟
پورب
داستان پھريون
بيت - 1
ڪري ڪانگَ ڪوُرِنِشُون، پيرينءَ پِرِين پَئيج،
آئُون جو ڏِيانءِ سَنِيهڙو، وِچِ مَ وِساريج،
اَللهَ لَڳِ لَطِيفُ چَئي، ڳُجهو ڳالهائيج،
چُئان تِئن چَئيج، ته کِنياتا خوش هُئين.
بيت - 2
اُڏُر لَڳِ اَللهَ، ويلو ڪَرِ مَ وِچَ ۾،
آئُون جو ڏِيانءِ سَنِيهو، سانڍِ بَرابَرِ ساهَ،
سَندي ڳُجهاندَرَ ڳاهَ، ڪَهجِ مَ قَرِيبَنِ ري.
بيت - 3
آءُ اُڏامِي ڪانگَڙا، پارانڀانِ پَچار،
ويهِي هِتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِرُ تَنوار،
جي ڏِسَڻَ ۾ ڏيسار، سي اُڏامي آڻِ پِرِين.
بيت - 4
مَٿي لامَ لَطِيفُ چَئي، پارانڀانِ پَچار،
ڦيرِ مَ فَضِيلَتَ تُون، جا ڪُرَ اوهان جِي ڪار،
جي ڏِٺَئِي ۾ ڏيسار، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
بيت - 5
وَهلُو وَرُ، وَرِيا پِرِين، آءُ ڪانگا وَڻ ويههُ،
جَنِ ڏوُرِ وَسايو ڏيههُ، سي اُڏامِي آڻ پِرِين.
بيت - 6
پِرِين جي پَرَڏيههِ وِيا، ڪانَگَلَ سيئِي ڪوٺ،
جَنِين ري جَهانُ ۾، اَکَڙِينِ اَروٺ،
اَلله لَڳِ لَطِيفُ چَئي، ڪِجِ ڳاراچو ڳوٺ،
جي ڏَمَرِيا ڪِنهن ڏوٺ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
بيت - 7
پِرِين جي پَرَدِيسِ وِيا، تَنِ جِي ڪانگا ڪِجِ خَبَرَ،
تَه سَڀِ مَڙهِيان سونَ سين، پَکِي تُنهِنجا پَرَ،
گهُمِي مَٿان گهَرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينِ کي.
بيت - 8
آءٌ ڪانگا وَڻ ويههُ، سُڌِيُون ڏي ساڻيههَ جُون،
چَڱا ڀَلا سُپِرِين، ڪِي سُکِ وَسي ساڻيههُ،
پِرِيَنِ لَئي پَرَڏيههُ، مُون تان گَهَڻون نِهارِيو.
بيت - 9
ڪَرُ کَڻِيو ڪانگُ لَنئي، مُنِيءَ تي مَضبُوطُ،
آڻِيو ڏِئي آتَڻَ ۾، سَنِيها ثابُوتُ،
ڪانگَلَ اَٿئون قُوتُ، پيغامق تَنِ پِرِيَنِ جا.
بيت - 10
مَٿان مَنَهن مُنهِنجي، ڪِنهن اُڏايو ڪانءُ،
ڳِنهي آئِيو ڳالَهڙي، سَندي سُپِيرِيانءُ،
جيڏيُون جاڙَ ڪِيانءُ، سُئُمِ هوُندَ سَنِيهڙو.
بيت - 11
ڪَڍي ڪانگا تو ڏِيان، هِنئُون ساڻَ هَٿَن،
وَڃِي کاءُ وِلاتَ ۾، اَڳِيان عَجِيبَن،
پِرِين مانَ چَون، تَه هيئن قُربانِ ڪير ٿِئي.
بيت - 12
ڏائِي چَڙهِي ڏارَ تي، ڪِي جو ڪانگَ ڪَهِيو،
سُوريتِيءَ سُور پَئِي، پَهو پَٽِ هَنيو،
کامِي اَرٽُ کَنيو، ويچاريءَ وِروُنَهن مانِ.
بيت - 13
ڏائي چَڙهي ڏارَ تي، ٿو زاغُ ڪَري زارِيُون،
آڻِيو ڏي آتَڻَ ۾، سَنيها سارِيُون،
ماٺِ ڪَرِيو مارِيُون، تَه ڪَهِيو سُڻان ڪانگَ جو.
بيت - 14
ڏائي چَڙهِي ڏارَ تي، ڪا جا لاتِ لَتي،
آتَڻَ ۾ اَندوهُ ٿِيو، سَگهي ڪانَ ڪَتي،
ويڙهِي مَنجههِ وَتي، ڪِي جو ڪانگَ ڪَمائِيو.
بيت - 15
ڪِي جو زاغ زَبانَ سين، لَنيو مَٿي لامَ،
پَهُچايائين پِرِينِ جا، سَرتِيُون اَڄ سَلامَ،
ڪاڪِيُون ڪَتي ڪا مَ، تَه ڪَهِيو سُڻان ڪانگَ جو.
بيت - 16
واڪا ڪيو وَڻَنِ ۾، اَچِيو اَچِيو پُونِ،
سَنيها سيڻَنِ جا، چوٽِي چڙهيو چُونِ،
ڪانگَ نَه ڪوڙا، هُونِ، پِرِيان سَندي پارَ جا.
بيت - 17
پِريان سَندي پارَ جو، ڪانگَلُ نَه ڪوڙو،
اَچي وَڃي وِچَ ۾، مَٿي دَرَ دوڙو،
جو اَندر اوسيڙو، سو لاٿائين لَطِيفُ چَئي.
بيت - 18
ڪانگَل قَرِيبَنِ جا، اَچِي وائِي وَڻُ،
تو ۾ بُوءِ بَهارَ جي، مُشڪَ کَٿُوري مڻُ،
اَچِي عَجِيبَنِ جو، اورانگِهج اَڱَڻُ،
توکي پَسِي تَڻُ، سُورِنِئُون صافُ ٿِئي.
بيت - 19
آندِيُون ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ واڌايُون واهَ،
مَنَ مُرادوُن پُنيُون، ٿِيُون سَرهائِيُون ساهَ،
آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنهنجا ساب پِيا.
بيت - 20
پيو آهين پَٽَ ۾، ڪانگَلَ ڪوهُ ٿِيوءِ،
اَڳي اُس تِڙڪو نَه سَهِين، اَڄُ سارو ڏِينهُن سَٺوءِ،
پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ ڪانگيرو ڪِيو.
بيت - 21
هُئين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگَلَ پاڙِيَئِي ڪانَ،
اُتوءِ ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاهِرُ ساڻ زَبانَ،
توڙ پَهُتين تان نه، اورِيان ئِي آڻِيو ڏِئين.
بيت - 22
ڪانگَلَ تُنهنجي ڇانگَ، جَڏو جِيءُ جِيارِيو،
مَٿان لامُنِ لَتَ ڏِيو، ٻولئين سِر ٻيلانگَ،
اُڏُرَ مٿان ڦانگَ، ته گهَر اَوَنِ سُپِرِين.
بيت - 23
ڪانگَلَ نيئِي ڪانگِ، مُنهِنجي ڏي مَحِبُوب کي،
لالَن لايَئِي ڏينِهَڙا، ڪِنهن سٽاڻي سانگِ،
اوهان ريءَ آڙانگِ، ويٺِي وِرهَ وَسائِيان.
بيت - 24
آءٌ ڪانگَلَ تو ڏِيان، چِٺِي چورائي،
مُنهِنجي ڏِجِ مَحبُوبَ کي، لوڪان لِڪائي،
پِرين پَڙهائي، مانَ سُڌِ لَهَنِ سُورُ جِي.
بيت - 25
اَڱڻان هيٺ نَه اُتَري، ڪانڪان ڪانگُ ڪَري،
پِرِيان سَندي پارَ جِي، ڪانگَل ڳالهه ڳَري،
پَٽِ نَه پيرُ ڌَري، اُڀو چَوي آيا پِرِين.
بيت - 26
آءُ ڪانگا ٻَهُو ڪولِ، سُڌِيُون ڏي ساڻيههَ جُون،
جي آندَءِ عَجِيبَنِ جا، سي خَطّ خُوشِيءَ مان کول،
آئُون سُڻان تُون ٻولِ، سَنِيهو سَڄَڻَ جو.
بيت - 27
ڪانگا ڪِتابَتَ جِي، آندِئي خُوبُ خَبَرَ،
لَسَ تِنهيِن ۾ لِکيا، دِلاسا دِلبَرَ،
هِينئڙو مُون هَرَ هَرَ، وانچِيو وانچِيو وِندري.
بيت - 28
ري پِرِيان پَرَديسَ ۾، وِرَه وَڌي ڪِي وَسُ،
اَکِيُون پارِ پِرِيَنِ جي، ٿِيُون گامَ نِهارِينِ گَسَ،
ڏِيندا پانڌي ڏسَ، کِينءَ جُون آڻي خَبَروُن.
بيت - 29
زاغُ تُنهنجِيءَ ذاتِ جو، ٿورو مَٿي مُون،
اُڏامِجِ، عَبدُاللطِيفُ چَئي، صُبحَ سيڻَنِ ڏوُنهن،
ڪِجِ وِينتِيُون وِترِيُون، ٻاجهائِجِ ٻَهون،
لالَن ڪون لَهُون، جِهو تو جَهانَ ۾.
بيت - 30
قَرِيبَنِ جو ڪانگَڙو، ٽاريءَ تي ٽِلي،
کَڻِيو کِنياتو خَبَروُن، کِيروُن ڏِيو کِلي،
لائِي جَنهن لالَنَ سان، مُنهنجِي باتِ بِلي،
سو وَر چَشمَنِ تِي چَلي، جو دَرباري دوس جو.
بيت - 31
ڪانگَلَ قاصِدَ پِرِينءَ جا اَڱَڻِ آيو ٽِلُ،
بِيائيدِ، بنشِنيدِ، مُحِبَ مُون کي مِلُ،
زاغ گُفتِ فَهميدَم، خوُشحالُ ويٺو کِلُ،
غُرابُ نَه غافِلُ، جِنهن طعنا تَنڪا لائِيا.
بيت - 32
پِريان سَندي پارَ جو، ڪُتو جي ڪانءُ،
اُنِهين مَٿان آءٌ، ڪوڙين قُربانِي ٿِيان.
بيت - 33
سو ڪانگُ مَ قاصِد ڪَر، جو سَدا ڍوُنڍي ڍُونڍَ کي،
ڪِ ڪَندو پَنهنجي پيٽَ جي، ڪِ وِيندو دوسن دَرِ،
جِنهن جي ٻولِيائِي ٻَر ٻَر، سو نِياپا نيئِي رَهِيو.
وائي - 1
سائِين! سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄِي سين جوڳِئين،
هَلَڻَ جو هَنگلاجَ ڏي، آدِيسِيَنِ اُتوم،
سائِين! سَڱَ سَندوم!
نيئِي پُورَبَ پارَ ڏي، ويراڳِيَنِ وِڌومِ،
سائِين! سَڱَ سَندوم!
سوئِي تِيرَٿُ تَڪِيو، سوئِي پَنڌَ سَندومِ،
سائِين! سَڱَ سَندوم!
هُو جو تِيرٿَ تَڪِيو، سامِيَنِ سُونهايومِ،
سائِين! سَڱَ سَندوم!
داستان ٻيون
بيت - 1
سَدا شوق پِريَنِ جي، ڦِران ڦيري دار،
مانَ سَڃيهُون يارُ، اَڳِيان اَکَڙِيُون کَڻِي.
بيت - 2
تَنِ اَکِيَنِ اُتان سُکَ، کِلَندي کَڻَنِ جي،
پِرينَ پاٻوهَڻ سان، ڏوُر ڪِيا سَڀِ ڏُکَ،
ماڙهُنِ ليکي بُکَ، سامِي سُورَ سَنهان ڪِيا.
بيت - 3
سامِي چائِيين، سُک طلَبِئين، هُوندَنِ جِئن مَ هو،
توکي ويسَ وِڃائيِو، ويسُ وِڃايو تو،
سامِي آهي سو، جنهن پاڻُ وِڃائي پُوريو.
بيت - 4
سامِي چائِيين، سُک طَلِبئين، سِکئين نَه سامِي،
اَڃا اورِئين پَنڌَ ۾، ويٺين وِسامِي،
گُرَ کي تُون نَه گَڏِئين، چائيين اِنعامِي،
دائِمُ مُدامِي، پُورو رَهِجِ پِرِينِ سين.
بيت - 5
سامِي چائِيين، سُک طَلبِئين، هو مَ هُوندَنِ جِئن،
لاهُوتِي لَطِيفُ چَئي، هُونِ آدِيسِي اِئَن،
سي ڪاپَڙي ڪِئن، جي تَعلق رَکَنِ تَڪِيا.
بيت - 6
سامِي چائِيين، سُک طَلبِئين، وارِئين نَه ويراڳُ،
لاڳاپا لَطِيفُ چَئي، جوڳِي ڇَڏي جاڳَ،
جيئن تُون ڀُڻين سَنَرو، ايّ آدِيسِيَنِ اَڀاڳَ،
لاهُوتِيڪو لاڳُ، مَرين جي تَه ماڻِئين.
بيت - 7
سامِي چائيين، سُک طَلبِئين، تَسِئا ڏِئين نَه تَنَ،
ماڙُهنِ کان منهن ڪيو، پِنين اَٽا ۽ اَنَ،
ڪاپَڙي تو ڪَنَ، ڪِ چِيرايا چَشَن لئي.
بيت - 8
پُوربِيا پُوري وِيا، آسَڻ آڌيءَ راتِ،
سُيُمِ نَه سَناسِيَنِ جُون، پَچاروُن پِرڀاتَ،
ڪا جا جوڳِي ذاتِ، سِٽَ نَه مَعذوُرن جا.
بيت - 9
پُورَبيا پُوري وِيا، آسَڻَ اَڄُ صُبُوحِ،
خَستُوريءَ خُوشبُوءِ، آهي آديسِي گَيا.
بيت - 10
مَٿي راهُ رَوان ٿِيا، پوُرب پُورِيائُون،
هِي گهَر گهورِيائُون، اَڳانڍِيائُون اَڳِيان.
بيت - 11
پُورب ۾ پيهِي، تان مُون گهَڻُون نِهاريا،
سُڌِ نَه مُڪِي سَڄَڻين، جيهِي نَه تيهِي،
هُئا پَرَڏيهِي، وَڄائي واٽَ ٿِيا.
بيت - 12
پُورب مارِياسِ، ڪِنهن دَرِ ڏِيان دانهَڙي؟
مَتِيُون ڏِيندي لوڪَ کي، چَري پاڻَ ٿِياسِ،
جنهِين نَه جِيهِياسِ، ما لَنئُون لَڳي تَنِ سين.
بيت - 13
پُورب پُورب تَب ڪَروُن، جُب هِينئري آوَن پُورَ،
سِڪَندي کي سَڄَڻين، نڪُون لايُون نُورَ،
مارِيَسِ انَهِين سُورَ، جِئن ساڄَنُ سُڄي، نَه مِلي.
وائي - 1
جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا! سي ڪِئن رَهندا نيڻَ مُنهِنجا؟
آگي اُڀ خَلقِيا، ڀَلي خَلقِيائِين ڀُون،
جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا!
جوڙِيائِين جوڙَ جَهانِ جِي، چَئِي ڪُن فَيَڪُون،
جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا!
ڪُوڙي دُنِيا، ڪُوڙا پَسارا، ڏِينهن مِڙيئِي ڏوُن،
جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا!
آهِيُون اَلفَ آسَري، مُحَمّدُ مَڃيوسُون،
جَنِ جو وارِثُ تُون، اَلا!
بلاول
داستان پھريون
بيت - 1
وِسَہُ اِنَهِين ويڻ کي، جِئَن دَعوَتَ ڪِي داتا،
مُضمَضَہُ واتا، وِجههُ تَئَن ڏِينَئي واتَ ۾.
بيت - 2
ڪَڍي گهَلِ گَهران، صُلحَ ڪَرِ سُلطانَ سين،
تَه تُون تَنِهن دَران، ڏيهاڻِي ڏانَ لَهين.
بيت - 3
پِيءُ مَ طَهوُرا، وانءُ اورانگهي اورِيان،
وِڃان جي وِصَال کي، سي سڀِ اُجوُرا،
حاصِلُ حُضورا، سَمي جي سَڀِ ٿِئي.
بيت - 4
سَما! تو سِرُ ڇَٽُ، تاتَ پاڳارا پُرسَ گهَڻان،
گهرڻ تُنهِنجي گَنج تي، اچي جالَ جَڳَٽُ،
جن جهِڙو ئي پَٽ، تنِ تِهڙيئِي بِکيِا.
بيت - 5
ڀيريُون ڀيري ڀَڃُ، هي جي مَنجهان پورِيوُن،
ٻي دَرِ ڪَنهِين مَ وَڃُ، ريءَ هاشِميءَ هِيڪَڙي.
بيت - 6
سَمُون تَنِ سَڏَ ڪَري، جَنِ تي وڏو ويرُ،
اُٿِي تَه آجِي ٿِيان، پاءِ پاکوڙي پيرُ،
تو ريءَ ٻِيو ڪيرَ، سَرڻَيِنِ جا سوٺا سَهي؟
بيت - 7
سَرَڻِينَ جا سوٺا سَهي، وَسِيلو وِلهَن،
لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چَئي، اڳِيان لالُ لَکَن،
جِتِ ڪوڙين ڪِينَ ڪُڇَن، اُتي پاٻوهي پَڌرو.
بيت - 8
جو ڇَلِيُون پَسِي نَه ڇَڪِيو، تِنهن واکاڻِيو وِکَ،
لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چَئي، لَکَنِ اڳِيان لِکَ،
پيرَ نَه موڙي پانهِنجو، تِکِيءَ پِيئِي تِکَ،
سَرڻِينِ ڏِئي نَه سِکَ، هَڪَلَ سين هالارَ ڌڻِي.
بيت - 9
تَڙِ تَڙِ ڪِيمُ تَرسُ، سَرُ نِهارِج سَڀرَو،
ڏِيندَءِ لَکَ لَطِيفُ چَئي، راڄَ راهُوءَ جي رَسُ،
وِلَها جِنهن وَنَهِيان ڪِيا، پاڳُ تِنهن جِي پَسُ،
ڪوڙين لاهي ڪَسُ، جي ڳالهائي ڳاٽُ کَڻِي.
بيت - 10
اَروڙجِي اُٿِيو، ديمِنِ پِيَسِ دُکَ،
لاٿائِينِ لَطيفُ چَئي، عالَمَ تان اَهُکَ،
تَنِ سَرِڻينِ ٿيا سُکَ، جي اَجهي آئيُون آبڙي.
بيت - 11
اَروڙِجِي اُٿيو، دِيمِنِ پِيَسِ دانهَن،
پاٻوهِيو پيرَ کَڻي، سَمُون سَرَڻِينِ ڏانهَن،
مَٿان مَٿي ٻانهَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.
بيت - 12
سَرَڻِينِ جي سُکَ لَئِي، سام کَنئِي سَردارَ،
جي آيُون اَبڙي جي آڌارَ، سي سُونگَ نَه ڏِينديُون سُومرِيون.
بيت - 13
اَبڙو آڳاهَنِ ۾، سَڀَرُ جِئن ٻيلي،
سي پَٽَ ڪَنهِين نهَ پُوريا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي،
سَڄَڻُ سانوَڻَ مِينهَن جِئن، رُڃُون ٿو ريلي،
اَچَنِ جي ويلي، تَنِ پُورَ بخِشي ڀِٽ ڌَڻِي.
بيت - 14
آءٌ جَکري جيهو، پُرس پَسان ڪونهَ ٻيو،
وائِي جِنهن جي وات ۾، ڏِيو ۽ ڏيِو،
وَڃِي ڇونهَ وِهو، اُن در مٿي مَڱڻان.
بيت - 15
اَبڙو وَڏو سُوڙو، جهَلي سامُنِ،
سَرَڻِينِ جا سوٺا سَهي، سَمُون سُونهن سَڀَن،
تَنهن دَرِ سَڀ اُچنِ، ڪَنڌُ نهَ ڪڍي ڪَڇَ ڌَڻِي.
بيت - 16
پِڙَ ۾ اُڀو پاڻ، ساٿِينِ کي سَڏَ ڪَري،
ڀَلي جي لاڏاڻِ، سڀِ لَنگهِيندا لَڪِيُون.
وائي - 1
ڍَڪُ ڍڪيندو، مُون نه ڇَڏِيندو، شَفِيع شافِعَ سُپِرِين.
اَنڌا اُونڌا، اَڪَڙِيا، سَڀِ نِباهي نِيندو،
شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.
بَدلي بَدڪارَن جي، داروُن پاڻ ڌَرِيندو،
شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.
جي ڏُهارِينِ، ڏَکُڙا، لَڪَ سي لَنگهائِيندو،
شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.
نُورُ ناڪارو نَه ڪَر، مُحَمّدُ مِنّٿَ مَڃيندو،
شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.
هِتي پڻ حامِي هيڻَنِ جو، هُتِ پُڻ هٿُ ڌَرِيندو،
شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.
طهورَا تَڙيِن کي، پاڻَئون پِياريندو،
شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.
پاڻَ سُڃاڻي پاڻَهين ڪامِلُ ڪَرَم ڪَرِيندو،
شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.
تَنبو آڻي تاءَ ۾، عاصِيَنِ ڪاڻِ اَڏِيندو،
شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.
داتا دوزخِينِ تان، لِينگهو لَهرائِيندو،
شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.
رَسَڻَ ويرَ، رَسي ڪَري، مُشڪَ رَنڱ مَٽِيندو،
شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.
رَحَمةَ لِلعالَمِينَ، اَهکِيءَ آڳَهه ٿِيندو،
شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.
اُتي عَبداللّطِيفُ جو، هادي هَٿُ جهَليندو،
شَفِيعُ، شافِع سُپِرِين.
داستان ٻيون
بيت - 1
جَکرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِي پيدا ڪِيو،
ڪيهَرَ جِئن ڪَرُ کَڻي، مُڇون مَلهه موڙي،
جَڏِهن گهوٽُ چَڙِهيو گهوڙي، تڏِهن عالَمَ آسُودو ٿيو.
بيت - 2
جَکرو جَسَ کَرو، ٻِيا مِڙيئي خانَ،
مِٽي اِنُ مَڪانَ، اَصلُ هُئِي ايتَري.
بيت - 3
جَکرو جَسُ کَرو، ٻِيا مِڙيئي ڄامَ،
مِٽِي اِنَ مُقام، اَصَلُ هُئِي ايتَري.
بيت - 4
جَکرو جَسُ کَرو، ٻِيا مڙيئي مِيرَ،
جِئان گِهڙيو جَکرو، تِئان نَه پَڙيا پِيرَ،
مِٽي انُ خَمِيرَ، اَصُلُ هُئِي ايتري.
بيت - 5
جَکرو جَسُ کَرو، ٻِيا مِڙيئِي مَلَ،
سَمي جي سُهاڳ جي، ڪَنهِين نهَ پيئي ڪَلَ،
مِٽي اِنَ مُرسَلَ، اَصلُ هُئِي ايتَري.
بيت - 6
جَکرو جَسُ کَرو، ٻِيا سَڀِ آنِيرا،
جِئان جُڙيو جَکرو، تِئان تان نَه ٻِيا،
مِٽي اِنُ ماڳا، اَصلَ هُئِي ايتَري.
بيت - 7
جَکرا تُون جِئين، تُنهنجو مَدو ڪَنين مَ سُڻان،
اَکِيُنِ ۽ هِينئن، ٻِنَهي تاري تُنهِنجِي.
بيت - 8
جَکَرا جِئين شالَ، تُنهنجو مَدو ڪَنين مَ سُڻان،
جِئن تو اَچِي ڪالههَ، نالائِقَ نوَازِيا.
بيت - 9
ڏِٺي جادَمَ جَکري، چِتِ نَه ٻِيا چَڙَهنِ،
تَه ڪي کُوه کَڄَنِ، جُه سَر لَڀي سَڀَرو.
بيت - 10
سَرُ نِهارِجِ سَڀَرو، تَڙِ تَڙِ ڪِيمَ تَرَسُ،
لاهِيندو لُطفَ سين، مَٿان قَلَبنِ ڪَسُ،
اوڳا ڇَڏِ آرَسُ، اوڏو ٿِي تهَ اُجَرين.
بيت - 11
هَٿان جادَمَ جَکري، وِٿِي پوءِ مَ وِچُ،
اَچو، آيا نِچُ سَمي وائِي واتَ ۾.
بيت - 12
وِٿِي وِچ نَه پوءِ، هَٿان جادمَ جَکري،
پيئي سو پُر ٿِئي، جو حاتَمَ پاسي هوءِ،
ڪَيفَ ڌاران ڪوءِ، جِيئي ڪو مَ جهَانَ ۾.
بيت - 13
راهُوءَ جا رَهِيامِ، سَنِيها سَرِيرَ ۾،
ٻِيا دَرَ وِسَرِيامِ، ڏِٺي جادَمَ جَکري.
بيت - 14
راهُو تُنهنجي رِيتِ، پَرَ کَنڊين پَڌَري،
گهَڻان گهوڙنِ چاڙِهَيئِي، مُسافِرَ مَسِيتِ،
پُڇين ڪانَه وَڏِيتِ، جي آئِيا سي اَگهِيا.
بيت - 15
ڏِٺي جادَمَ جَکري، چِتِ ٻِيا چَڙهن ڪِينَ،
سَمُون تَنِ ساروُن لهي، جي مُٺا ۽ مِسڪِينَ،
اِنهي مَلَ مُبينَ، لَڌي سارَ سَڀِنَ جِي.
بيت - 16
جَکرَي جِهو جُوانُ، ڏِسان ڪونهَ ڏيههَ ۾،
مُهڙَ مِڙِنِي مُرسَلين، سَرسُ سَندُسِ شانُ،
فَڪَانَ قَابَ قوسِينِ اَوادَنيٰ مُيسر ٿِيُسِ مَڪانُ،
تِنهن آگي جو اِحسانُ، جِنهن هادي ميڙِيُمِ هِهَڙو.
بيت - 17
سَمُون سَوائِي، ٻَهون ٻِئَنئِان اَڳَرو،
دانَههَ جِي دَرٻار ۾، وَرتي اِيءَ وائِي،
ڳَهَڻَ ڳالهائي، مُهَڻَ سَڀِ مَلهائِيا.
بيت - 18
سِنڌُ، سُورَتِ، هِندُ هاڻِ، جِهڙُسِ ڪونَه جَهانِ ۾،
دَرِ داتا مَڱَ مَڱڻا، ٻِئي جِي ڪَڍُ مَ ڪاڻِ،
اِيءُ پاٽُوندرُ پاڻَ، حالُ پَسِيو ڀالَ ڪَري.
بيت - 19
ڪَري آسَ اَپارَ، پاريءَ جهَلِيو نَه رَهي،
ٻيلي ۽ گِرنَارَ، اُٺو گَنگا جَلُ جَکَرو.
بيت - 20
پيهِي پِن پاتارِ ۾، جِتِ ڳڙَه گَنگا جَرُ واءُ،
ڇڏي حِيلا هِنَ هَنڌَ جا، ٿِي جَکري پاسي جاءُ،
اوڏو ٿِي اَلله کي، کاڄُ تِنهن جو کاءُ،
سُکَنِ ايندُءِ ساءُ، وِيلَهه وِيندئي وِسَري.
بيت - 21
ڏَمَرِيو تَه ڏِئي، پَرچي تَه پاٽُ ڀَرِي،
جُنگَ جَکري کي، ٻَئِي چَڱِيُون چِتَ ۾.
وائي - 1
آسرو آهي، الا! مُون کي هوتَ حَبيبَ جو،
جانَ جانَ اوڏا ڪَرَها، پُڄان تان ڪاهي،
مُون کي هوتَ حَبيبَ جو.
موُٽ مُنهِنجا سُپِرين، واڳُون وَرائي،
مُون کي هوتَ حَبيبَ جو.
شَفاعُتَ جا شَفِيعَ جِي، تِنهن ۾ ڦيرَ هَڏِ نَه آهي،
مُون کي هوتَ حَبيبَ جو.
مِيرُ مُحَمّدُ ڪارَڻي، اَڙِيا ڇَڏائي،
مُون کي هوتَ حَبيبَ جو.
اِهي ڪَمَ ڪَرِيمَ جا، جِئن لَنڱا لَنگهائي،
مُون کي هوتَ حَبيبَ جو.
لُطفُ ساڻُ لَطِيفُ چَئي، مُوڙها مِلائي،
مُون کي هوتَ حَبيبَ جو.
داستان ٽيون
بيت - 1
مارِ مَ مُطِيعَنِ کي، مَجُوسِيءَ کي مار،
وَڏي جَنگ مَ وِسار، نَنڍِيان نفعو ناهِ ڪو.
بيت - 2
نَنڍِيان نَفعو ناهِ ڪو، وَڏي مَ وِساري،
مَجُوسِي ماري، اَڪبَرَ ڏانهن اَچيج تُون.
بيت - 3
اَصغَرَ ڏي آهِن گهَڻا، تُون اَڪبَرَ ڏي آءٌ،
مَتان لوڙو لاهِئين، مَجُوسيءَ مٿانءُ،
حَيدَر هَٿانءُ، وڙهه تَه ويري مارِئين.
بيت - 4
پانڊَپَ سين نَه پاڙِيان سَوين ٻِيا سَردار،
آهي مِثلِ مينهَن جي، سَخِي تُنهِنجي سارِ،
حاتِمَ هَڙده هَزارَ، جَهڙَ تُنهنجِيءَ جَهپِيا.
بيت - 5
جهڙ تُهنجِيءَ جهپَيا، هَزارين حاتِمَ،
ڪوجهَنِ سَندا ڪَمَ، ڪامِلَ ري ڪيرُ ڪَري.
بيت - 6
جي تُون آسائو آئِيو، تَه وَنءُ جَکري لائي،
مَتان وَڙ وِڃَائِيين، ڪنهن ٻِئي دَر لِيلائي،
سَمي سامائي، چِنتا لَٿِي چارڻين.
بيت - 7
جي تُون آسائُو آئِيو، تَه چانئُٺ ٻِي مَ چور،
ڪِيرا ڪُميتَن جا، کَڻِي آڻي کوڙ،
اِنَ دَر عِراقِي گهَڻا، ڇانگُون ڪيو ڇوڙ،
تِنهن سَيّد وَڏي سوڙِ، جنهن ۾ مَٿو لِڪايو مَڱڻي.
بيت - 8
سَمُون سَخاوَتَ جي، ويٺو پُڇي پَرِ،
ڪوٺِيو ڪَنگالَنِ کي، ڏئي دِلاسا دَرِ،
مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِيهاڻِي ڏاتارَ جي.
بيت - 9
ڪوهُ نَه جُهارِيين جَکرو، جِنهن ڏيههَ ڍَيا ڏيئي؟
جِي لُڏِيا ٿي لِينگهُنِ ۾، سالُنِ ۾ سيئي،
سَمي سَڀِيئي، طاماعو تارِ ڪِيا.
بيت - 10
آلا! جُنگَ جِيَنِ، جَنِهين اَجهي گهارِيان،
شالَ مَ سُڪي وِيرَي، جِئان پِيّ پِيَنِ،
مَرڪَڻ اَکڙينِ، تو ڏِٺي مُن سُکُ ٿِيو.
بيت - 11
اِيندي لَٿِي اُڃَ، پيرَ ڀَريندي ٺَرِيا،
منجههِ وِيَريءَ سُڃَ، ڪَرَ لَڌي رڻُ اُڪارِئين.
بيت - 12
تُون اوڍَرُ، تُون اوڍَڪو، تُون اَجهو، تُون آڳُ،
هِت پُڻِ تُنهِنجو تَڪِيو، مَهندِ پُڻِ تُونهِين ماڳُ،
سي لورِيون ڏِينِ نَه لاڳُ، جي اَجهي آئِيون آبڙي.
بيت - 13
اَکِين سوئِي اوڙکِيو، جو ڪَنين سومِ قَرَنُ،
ماءُ مُنهِنجو مَن، ڄامُ پَسنديئي پَتيو.
بيت - 14
پَسنديئِي پُرِ ٿِيا، جَکرو ئِي جاجِڪ،
تِئان ڏِنِي مڱڻي، طَهُورا مان تِڪ،
سَمي ڀَڳِينَ سِڪ، واصِلُ ٿِيا وِصَالَ کي.
بيت - 15
جي اَڌمِيو اَڄُ، تَه وَسائِيندو سونَ پَڻِي،
جالَ ڍَئِيندو جَڳُ، جودان وسي جکرو.
وائي - 1
جِئان ڏِنائون پيرَ، جِئان ڏِٺائُون،
مَٿي اَڱَڻ آئِيا، سُونهَڻَ لَڳا سيرَ،
جِئان ڏِنائُون پيرَ.
جِئان ئِي نَبِي نِڱِيو، ڀَري مُبارَڪَ پيرَ،
جِئان ڏِنائُون پيرَ.
لَٿا ڏُکَ، سُکَ ٿِيا، ٿِي واڌائِيءَ ويرَ،
جِئان ڏِنائُون پيرَ.
لُطفُ توريءَ لَطِيفُ چَئي، ڪَندو ٻِيو ڪير؟
جِئان ڏِنائُون پيرَ.
داستان چوٿون
بيت - 1
گَندي، مانِي، ماڳُ موچارو، پاسي پير ٿِيوسِ،
وَسِ نَه ڪِنهن وِڌوسِ، وَڳندَ وَري آئِيو.
بيت - 2
وڳَند وَري آئِيو، پينارَنِئُون پوءِ،
مَحڪمُ لَڳَسِ موچِڙا، ذَرو نَه ڏِنُسِ جوءِ،
ويٺو اِيهين چوءِ، تَه پيران پاسي نه ٿيان.
بيت - 3
اَسُورَ سَندي آسري، ويٺو آه وَڳَنَد،
هَڏِ نَه ڇَڏِيندو هَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَهارَ جي.
بيت - 4
اَسُورَ سَندو آسَرو، وَڳَند کي وَڏو،
جُسي ۾ جَڏو، پَرَ کِيَڻُ تي کُڙا کَڻي.
بيت - 5
وڳند وَري آئِيو، بَدّو سين بَدبُوءِ،
خاوندَ! ڏي خُوشبُوءِ، تَه سُرَهو ٿِيان سيگههَ ۾.
بيت - 6
وڳَند وَري آئِيو، ڪِنو ٿِي ڪوجهو،
ڇَڏي نَه موزو، لَڳُسِ آرُ عَطرَ سين.
بيت - 7
وڳند ويٺو پَسُ، داتا سندي دَر تي،
تِنهن روڳيءَ کي رَسُ، جو آلودُو آزارَ سين.
بيت - 8
دائِمُ آهي دَرَ تي، وڳند ويچارو،
عَطر سين آرو، لَڳُسِ تي لِڏِ کَڻي.
بيت - 9
داتا سندي دَرَ تي، وڳند ٿِي وِيٺو،
بَصَرَ سين بازارَ ۾، ڪَرَ واڻِيُون ڄيٺو،
دَران تِنهن پيٺو، جيتِ ڪُفرَ ٿِئي ڪِينَ ڪِي.
بيت - 10
وڳند وَري آئِيو، نِسورو نَرڳُ،
گَندا گُلابي ڪَري، سيّد جو سَرڳُ،
عَطر سين اَورَڳُ، تَه هُئين سَدائِين سُرهو.
بيت - 11
وڳند وَري آئِيو، ڪوٽڙِيان ڪُلاٽُ،
سَندو ڪِرڙ ڪاٺُ، هَڻُ نرڳِيءَ کي نِڪَڻين.
بيت - 12
وڳند وري آئِيو، بَدُو بي نِمازُ،
جِئن تِتِرَ مَٿي بازُ، وڳَندُ تِئن خوُشبوءِ تي.
بيت - 13
ٻانڊو ٻيلي نَه ٿِيو، ورو اَڄُ وِيو،
پيٽر پَنڌِ پِيو، سُونهاري سَيّدَ ڏي.
وائي - 1
مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، يار! آئُون جا طامِع آهِيان تُنهنجي.
هيڪُ وِڃايَمِ ويسري، ڄاڻِي سَڀِ ڄَمارَ،
آئُون جا طامِعَ آهيان تُنهنجي.
هِنَ مُنهنجي حالَ جِي، توکي سُڌِ سَتارَ،
آئون جا طامِعَ آهِيان تُنهنجِي.
اَمُرَ اوڏي نَه ٿِيان، نَهيءَ ڪِيَسِ نِڪارَ،
آئون جا طامِعَ آهِيان تُنهنجِي.
جيڪي وَهي وُجُودَ ۾، سو ڄاڻين ڄاڻڻهارَ،
آئون جا طامِعَ آهِيان تُنهنجِي.
جِئن سي گُلَ گُلابَ جا، کِڙيا کَٽڻَهارَ،
آئون جا طامِعَ آهِيان تُنهنجِي.
مُون کي سِڪَ سَيّدُ چئي، آهي مَديني موچارَ،
آئون جا طامِعَ آهِيان تُنهنجِي.
سارنگ
داستان پھريون
بيت - 1
لَڳَہَ، پَسُ! لَطِيفُ چَئي، آگِميو آهي،
وَٺا مِينهَن وَڏ ڦُڙا، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاهي،
وِهو مَ لاهي، آسَرو اَللهَ مان.
بيت - 2
لَڳَہَ، پَسُ! لَطِيفُ چَئي، آگَمَ ڪِيا اَللهَ،
پَلُرَ جي پالوٽَ سين، پَٽَنِ جهَلِيا پاهَ،
واحِدَ وَڏائِي ڪِيا، مَٿي گَسَنِ گاهَ،
سانِگَينِ وَرِيا ساهَ، اُٺو آب آگوُندَرو.
بيت - 3
اگَمَ اِيئن نَه اَنگَ، جِهڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،
سيڻَنِ ريءَ سَيّدُ چَئي، روُحَ نَه رُچَنِ رَنگَ،
سَهَسين ٿِيا سارنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾.
بيت - 4
جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيو قَلَبُ قَرارُ،
وَهلو وِچان ئِي ويو، ڪري غَمُ گُذارُ،
نِظارو نِروارُ، پِيّ پَسايو پانهِنجو.
بيت - 5
پِي پَسايو پانهِنجو، نُورِي نِظارو،
وِيو غَمُ وُجُود مان، ڪِيو ڪُلفَتَ ڪِنارو،
آيو سوڀارو، مَنَ مرادوُن پُنِيُون.
بيت - 6
اُٻُونَ ڪَڪَرَ ڪَڍِيُون، اُتَرَ ڏي آهِينِ،
ڪَري آگَمَ آئِيُون، مُندَ نَه مٽائِينِ،
مَٿان لوڪَ لَطيفُ چَئي، گوُندَرَ گَنوائِينِ،
پَلُرَ پِيارِينِ، اُڃِيين آبُ آگوُندَرو.
بيت - 7
ماڻهو، مِرگههَ، مينهِئون، سَڀِ سارَنگَ کي سارِينِ،
آڙِيُون اَبرَ آسري، تاڙا تَنوارِينِ،
سِپُون جي سَمُونڊَ جُون، نَئين سِڄ نِهارِينِ،
پَلُرَ پِيارِينِ، تَه سنگهارَنَ سُک ٿِئي.
بيت - 8
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، تاڙي ڪِي تَنوارَ،
هارِينِ هَرَ سَنباهِيا، سَرَها ٿِيا سَنگهارَ،
اَڄُ پُڻ منهنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا.
بيت - 9
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪِريُون ڪارِيُون،
وَسي ٿو وَڏَ ڦُڙو، ٽَهڪَن ٿِيُون ٽاريُون،
لَٿِيَنِ لُکَ لَطِيفُ چَئي، ڍايُون پاسارِيُون،
ڀَڄَندِيُون ڀَٽارِيون، وَري وَٿاڻين آئِيُون.
بيت - 10
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري،
وَسايو واٽُنِ تي، ٿو خالِقُ کَنڊَ ڀَري،
پاساريُون پَري، شالَ مَ وَڃَنِ سُپرين.
بيت - 11
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ،
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪَري لَعلَ لَبيسَ،
پِرِين جي پَرَديسَ، سي مُون کي مِينهَن ميڙيا.
بيت - 12
اَڄ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ڪِي چوٽِي،
مُندائِتي مِينهَن جِي، کِنوَڻِ نَه کوٽِي،
آءُ، لالَن! موٽِي، گهورِيا رُسَڻَ ڏِينهڙا.
بيت - 13
اَڄ پُڻ اُتَر پارَ ڏي، ڪَڪَرُ ٿو ڪَري،
روضي پاڪُ رَسُولَ جي، پَلٽِيو پَٽَ ڀَري،
وِڄنِ ساڻ وَري، تَه سَنگهارَنَ سُک ٿِيا.
بيت - 14
اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرُ ڪيائِين،
مُندائِتَنِ مِينهَن جِي، رتِ نَه روڪِيائينِ،
پَلُرَ پَلٽِيائِين، سانگِيَنَ گهَڻا سُکَ ٿِيا.
بيت - 15
اَڄُ پُڻ اُميدُون، آگَمَ سَندِيُون اُڀَ ۾،
ساوَڻُ پَسِي، سَرِتِيون! سَڄَڻُ سارِيو مُون،
آئُون آسائِتِي آهِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُونَ!
گهَرِ تَه گهُرجِين تُون، مُندَ مِڙِيُوئِي مِينهَن جِي.
بيت - 16
مُندَ مِڙِيوئِي مِينهن جِي، وَسي تَڏهِن وَسُ،
کَٽُرنِ کيٽا ڇَڏيا، جي مِڙيُون ٿي مَسُ،
گابا مَٿي گَسَ، ڏُک نه ڪندا ڏُٻرا.
بيت - 17
وَسَڻُ اَکَڙِينِ جِيئن، جي هُوندَ سِکئين، مِينهنَ!
تَه هُوندَ راتو ڏِينهَن، بَسِ بُوندنِئُون نَه ڪَريين.
بيت - 18
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، سارَنگُ سِينگاري،
اُڃِيا لَکَ لَطِيفُ چَئي، پَلُرَ پِياري،
وِڄُڙِيَنِ واري، کَڻِي ڪَعبي تي ڪَنڌَ نائِيا!
بيت - 19
گامَ گُنديءَ گَنَجَ، اَبَرَ ۾ اُهاءُ ٿِيو!
پَسِي پَرِ پِرِينَ جِي، ڏوُر ٿِيا سَڀِ ڏَنجهَه،
شالَ وَسندو سَنجههَ، عاشِقَ تي اوهِيڙا ڪَري!
بيت - 20
اُٺو اوهِيڙا ڪَري، عاشِقَ مَٿي اَڄُ،
ڏورِ ڏُڪارِيا! ڀَڄُ، مِينهَنِ مُنهن ڏيکاريا.
بيت - 21
ڪَڪَرَ پَسو اُڀَ ۾، اُتَران جي اَچَنِ،
اَبرَ سَندي اُوجَ ۾، وِڄُون وَراڪا ڪَنِ،
وَسِي وَڏَ ڦُڙَنِ، ساڻيههُ سَڀ سُکي ڪيو.
بيت - 22
ڪَڪَرَ مَنجههِ ڪَپارَ، جهُڙُ نيڻَنئُون نَه لَهي،
جِهڙا مُنهِنجا سُپرينِ، تِهڙا ميگههَ مَلارَ،
کَڻُ اَکِيُون کِل يارَ! وَڃَنِ سُورَ سَنڌا ڪيو.
بيت - 23
جُهڙ نيڻَنِئوُن نَه لَهي، ڪَڪَرَ هُونِ نَه هُونِ،
سارِيو سُپيرِيَنِ کي، لُڙڪَ ڳَلَنِ سين پُون،
سي مَر رويو روُنِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.
بيت - 24
اَڱَڻِ تازي، ٻَهرِ ڪُنڍِيوُن، پَکا پَٽِ سَونهنِ،
سُرَهي سيجَ، پاسي پِرِين، مَر ٿا مِينهَن وَسَنِ،
اَسان ۽ پِرينِ، شالَ هُون بَرابَر ڏِينهَڙا.
بيت - 25
پِي پَسائِيو پانهِنجو، نِظارو ناگاه،
لَٿو ڪَٽ قَلبَ تان، سُرَهو ٿِيو ساه،
اُميدون اَرواح، پِي پَسندي پُنِيُون.
بيت - 26
بَرَ وُٺا، ٿَر وُٺا، وٺِيُون تَرايُون،
پِرِه جو پَٽن تِي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،
مَکَڻَ ڀَرِينِ هَٿڙا، سَنگهارِيُون سايُون،
ساري ڏُهَنِ سامُهِيُون، ٻولاهِيون رايُون،
ٻايُون ۽ دايُون، پَکي سُونُهنِ پانهِنجي.
بيت - 27
بَر وَٺا، ٿَر وٺَا، وَٺو جيسَرُ ميرَ،
آگَمَ ڪَري آئِيُون، پائُرِ ڀَري پيرَ،
لاٿائُون لَطِيفُ چئي، وانڍِينِ مَٿان وير،
سَرَها ڪِيائُون سيرَ، سَرَهِيُون سَنگهارِيُون ٿِيُون.
بيت - 28
بَر وَٺا، ٿَر وَٺا، وَٺِي ڪَڇَ ڪِنارَ،
پونياڙيءَ پَٽَنِ تي، ڏِسُ! نايائِين نارَ،
سَٻاجهي سَتار، لاٿا ڏُرتَ ڏيههَ تان.
بيت - 29
مَڪي مَٿان موٽيُون، اُٺِيُون تي عَرفَات،
روضي پاڪَ رسُولَ جي، رَنگَ ڪِيائُون رات،
وِڄُڙِيُون پِرڀات، موٽِي مِصرَ آئِيون.
بيت - 30
ڪِيائُون مِيران سَندو مُجرو، جَرَڪِيُون ۾ جِيلانَ،
جتي غوث بهاؤالدِينُ، اُتي مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ،
کِنوي خُراسانَ، سُکَ وَسايَئُون سِنڌُڙي.
بيت - 31
ڪانڌَ! مَ وِڪڻُ ڪُنڍِيُون، ڌَڻُ سَڀوئِي ڌارِ،
اَڀَريُون سَڀَرِيُون پانهنجِيون، سِسيون سَڀِ سَنڀار،
ٻَنُ ڇڏي ڇَنِ پَئِي، وَڃِي وَلهارَن وارِ،
تَه اَچِي اڱڻان ٻَهارِ، سَرلا ڪَندِيُون سَڏَڙا.
بيت - 32
سارَنَگ کي سَعيو، توکي سَعيو نَه ٿِئي،
گُڙي ٿو گُمانُ ۾، آيو ڪِين آيو،
هارِينِ لاءِ هَرجاءِ ۾، هاديءَ هَلايو،
مَتان اَئِين ڀانيو، تَه ڪا بادَلَ آهي بَسِ ڪِي.
بيت - 33
سارَنگَ سارَ لَهيج، اَللهَ لَڳِ اُڃِينِ جِي،
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، آرزان اَنّ ڪَريج،
وَطَنَ وَسائيج، تَه سَنگهارَنِ سُکَ ٿِئي.
داستان ٻيون
بيت - 34
ڀِري ڀِٽَ تي آئِيو، سارُنگُ سَهجَ مَنجها،
کِڙيُون کَٽڻهارِ جئِن، وِڄُون اُتر واءِ،
سُرها سَبزا مورِيا، ڊامَڻَ ڊِٻّ ڪيا،
ٻَهري پَٽَنِئا، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
بيت - 35
ڀَرِيائِين ڪُن ڪِراڙِ جا، وَٺو وارياسو،
کوُڻيتِي کِوَڻِ جو، چَڱوُن چوماسو،
ماڪاڻِيءَ تان موٽِيو، ڏيئي پَٻَ پاسو،
خالِقَ ڪِيو خاصو، چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌِين.
بيت - 36
گَنگوُءَ جِيان گوڙِ ڪَري، ڪاهِيائين ڪاهوجِي ڏانهنَ،
وُٺو مِينهُن وَڏ ڦُڙو، سِري ڀَرِيائِين ساهَ،
ڏيئِي پَٽَنِ پاهَ، ڀَرِيائين ڪُنّ ڪِراڙِ جا.
بيت - 37
چِيهو چُکِيءَ ڪَنڌين، ڪِيائِين گَڙنگَ تي گُلَ،
هَڏا ڪُٽيان هلِيو، ڀَري تُرايُون تَلَ،
آندئِين آبُ اُڇلّ، مَٿي باغَ بَهارِ ٿِي.
بيت - 38
اڄُ رَسِيلا رَنگَ، بادَلَ ڪَڍيا بُرجَنِ سين،
ساز سارنگِيُون سُرَندا، وڄايَئِين بَرجنگَ،
صُراحيُون سارَنگَ، پَلُٽِيُون پَڊامَ تي.
بيت - 39
مِينهان ۽ نِينهان، ٻَئِي اَکَرَ هيڪَڙي،
جي وَسَڻَ جا ويسَ ڪَري، تَه ڪَڪَرَ ڪَنِ ڪِيهان،
بادَلُ ٿِي بِيهان، جي آگَمَ اَچڻ جا ڪَرِين.
بيت - 40
ڪُڻِڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِيو، جُهڙُ پَسِيو جِهڄَنِ،
وَرَ ريءَ وانڍِينِ اَڏِيا، پَکا سي مَ پُسَنَ،
اُتَر ڊاهي اُنِ جا، تَه ڪَنِهن کي ڪاروُن ڪَنّ،
وارِثُ وَر تَنّ، اَچِي شالَ اولو ڪَري.
بيت - 41
ڪُڻِڪَن ڪانڌُ چِتِ ڪِيو، جُهڙَ پَسِيو جهُڻِڪَنِ،
سُڻِيو رَڙِ رَعدَ جي، ڪَلِيُون ٿِيون ڪَنبَنِ،
ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، ويچارِيُون وَرَنِ ري.
وائي - 1
کَرُ مَرُ کامي، پَچي، آئُون وِيندي دَرِ دوسِتَن جي.
جِيائِين ڏُجهن تَڪِيو، سَڄَڻُ تِيائِين اَچي،
آئُون وِيندي دَرِ دوستَنِ جي.
نُورا پايو نِينهَن جا، دَرِ ڀَلي جي نَچي،
آئُون وِيندي دَرِ دوستَنِ جي.
داستان ٽيون
بيت - 1
گنيَرَ گَت سِکَنِ، چَلَڻَ جي چاهَ پَئِي،
هِنڊَوا حَيرَتَ ۾ پِيا، لالِي ڪِي لَبَنِ،
چَمڪَنِ چوڏِسِ چَنڊَ جِئن، وِڄڙيون وِهَسنِ،
لوچَنَ ٿا لَطِيفُ چَئي، پَسَڻَ لَئي پِرِينِ،
ڪَيسَر قَرِيبَنِ، سَنڀاري سَيّدُ چَئي.
بيت - 2
مُندَ ٿِي مَنڊَل وَڄِيا، ڪِي اوهيڙن اوڪَ،
ڇاڇَر ٿِي ڇَنَنِ ۾، مينهُون چَرَنِ موڪَ،
سَرَهيُون ٿِيُون سَنگهاريُون، پويو پائِن طوقَ،
ميها، چِڀَڙ، ڦُنگيُون، ٿِينَ سَڀِيئي ٿوڪَ،
لاهئين مَٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏِينهَڙا.
بيت - 3
مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِيا، تاڙي ڪِي تَنوارَ،
هارِينَ هَرَ سَنباهِيا، سَرَها ٿِيا سَنگهارَ،
اَڄُ پڻُ مُنهنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا.
بيت - 4
مُندَ ٿِي مَنڊَل وَڄِيا، آيو جُهُڙ جهاٽي،
هيڪُ آرزان انّ ٿِيو، ٻِيو مَکَڻ مَنجههِ ماٽي،
ڪَلمِي سين ڪاٽي، لاٿُم ڪَٽُ قُلوبَ تان.
بيت - 5
موٽُ، مُنهِنجا سُپِرِين، آڻيئي اللهُ،
توکي ساري ساهُ، اَڪَنڊيئو آهُون ڪَري.
بيت - 6
آگَمَ ڪِيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانَوڻَ مِينهَن جِئن،
پاسي تَنِ وَسَنِ، جي سَڀُ ڄَماندَرَ سِڪِيا.
بيت - 7
پاڇاٽِئان پَئِي، ٿِيو آڳاٽِئا آڳرو،
چُڪس سَڀ چَئِي، تَڏِهِن موليٰ مِينهَن وَسائِيا.
بيت - 8
اوڇَڻُ گهُرجي آجِڪو، جُهپو سَهي نه سِيءُ،
سُڻائيجَ سُوَڙَ کي، حالُ منهنجو هِيءُ،
اَڱڻَ آيو ٿِيءُ، ته ڍولا ڪِنهن ڍَنگِ ٿِيان.
بيت - 9
ڪانڌَ! تُنهِنجي پاندَ ري، سَنجهي سِيءَ مَران،
ڪامِلَ! ڪَپاهَنِ ۾ پيئِي ٺارَ ٺَران،
تاريءَ تِنهن تَران، جِنهن وَرُ وِهاڻيءَ واريو.
بيت - 10
ڪانڌ! تُنهنجي پاندَ ري، سِيءَ مَران سَڀَ راتِ،
ڪامِلُ ڪَپاهَنِ ۾، جهَپَ نَه اَچي جهاتِ،
اَچِين جي پِرڀات، تَه آئون سيءُ نه سارِيان.
بيت - 11
سِينڊو مِينهَن پُسائِيو، سِري ٿِيو سيلو،
پکي پيهِي آئِيو، رَحَمَت جو ريلو،
ساڄَنُ سَويلو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آئِيو.
وائي - 1
اَکِيُون ميگههَ مَلارَ، صُورتَ تُنهنجي سَڀُ جَڳُ موهِيو.
سِجدو فِيلَ فِي الحالُ، ڪِيو پَسِي مُطلب نُورُ نِراڙُ.
ڄاپَڻَ وقتِ ڄامَ جي، ڪِريا ڪوٽَ ڪُفارُ.
آگي آسِماننَ جو، توکي ڪارِيو سَيرُ سَتارُ.
وَلَسَوفُ يُعطِيڪَ رَبُّڪَ، توسين قادِرَ ڪِيا قَرارُ.
آهِينِ ڪَرَمَ ڪَرِيمَ جا، اَحمَدَ ساڻ اَپارَ.
اُڪنڊِئا جي اَبرَ کي، سَرَها ٿِيا سَنگهارَ.
موڪَلَ ٿِي مِينهَن کي، دوسِتَ هَٿان دِلدارَ.
داستان چوٿون
بيت - 1
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، جُڙي ڪِيائِين جوڙَ،
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٻَهه ٻَهه ڪَري ٻُوڙَ،
اَنَنَ جا عالَمَ ۾، کَرَنِ اَندَر کوڙَ،
سارَنگَ لاٿِي سوڙههَ، ساندهه سُهائو ٿِيو.
بيت - 2
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، ڀِري ڪِيائينِ ڀيڄَ،
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، سارَنگُ چَڙهيو سيڄَ،
تِنهن تُورِيُون نَوازِيُون، ڏوُڻان ڏيئي ڏيجَ،
ٻِجَ کَڻِي پَٽِ هَليا، هاري مَنجهان هيجَ،
راضِي مَنجهان ريجَ، عالَمَ سَڀ آبادُ ٿيو.
بيت - 3
موٽِي مانڊاڻَنِ جا، ڀرِي ڪِيئاين ڀَرّ،
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ڪوڏِئان کَڻِي ڪَرّ،
مينهِئُون پاڻُ مُرادِيُون، ٿَڌا چَرَنِ ڦَرّ،
وَڏي اوههِ آئِيون، پُٺِيءَ لائي ڦَرّ،
ساري اَچِيو سامُهِيُون، ڏِينِ کِيرَ سَڄَرّ،
ساڻ وانڍِيَنِ، وَرّ، پَرِيُون پَرچَڻَ جُون ڪيُون.
بيت - 4
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، واري ڪيائين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، چَڱِي ڀَتِ چوڌارَ،
ڪي اُٿِيُون اِستَنبولَ تي، ڪَنِ مَڃِيان مَغربَ پارَ،
ڪي چَمڪَن چِين تي، ڪي لَهَنِ سَمرقَندَ سارَ،
ڪي رَمي وِيئيُون روُمَ تي، ڪي ڪابُلِ، ڪي قَنڌارَ،
ڪي دِهلِي، ڪي دکَنَ، ڪي گُڙنِ مَٿي گِرنار،
ڪَنِ جُنبِي جيسَلميرَ تان، ڏِنا بيڪانيرَ بَڪارَ،
ڪِنِهين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِهين ڍَٽ مَٿي ڍارَ،
ڪَنِهين اَچِي عُمَرَڪوٽَ تان، وَسايا وَلهارَ،
سائِيَنمَ! سَدائِين، ڪرِين، مٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوسِتَ! مٺا دِلدارَ! عالمَ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.
بيت - 5
حُڪمُ ٿيو بادَلَ کي، سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ،
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَہ ٽَہ مِينهن ٽِمَنِ،
جَنِ مَهنگي لَئي ميڙِيو، سي ٿا هَٿَ هَڻَنِ،
پَنجَن مَنجهان پَندرَهنِ ٿيا، اِيئن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،
ڏُڪاريا ڏيهَه مان، موُذِي شالَ مَرنَ!
وِهِڪئِي جَنِ وَرِهَ ٿِيا، موٽِيو سي مِڙَنِ،
وَري وَڏيءَ وَسَ جُون، ڪِيُون ڳالهِيُون ڳَنوارَنِ،
سَيّدُ چَئي سَڀَنِ، آهِ توه تُنهنجِي آسرو.
بيت - 6
واهُوندان وِڄون ٿيون، کِڙيون ڏَنهنَ کَنڀاٽَ،
ڪُنڍيُون ڪاهي گَس ڪَريو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنَ سُکَ ٿِيا، لَٿِي اُڃ اُساٽَ،
جهَڙُ ڦڙُ ڏيئي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيُون.
بيت - 7
ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پِيُون پاسي پارَڪَرَ،
سَڀِيئي ڀَرِيا سَرَ، پَلُرَ جي پالوٽِ سين.
بيت - 8
ڍَٽِ ڍري پَٽِ پِيُون، آيُون عُمَرَڪوٽَ،
پُسايائُون پَلُرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ،
چنچَل ڏيئِي چوٽَ، سَڀُ سامارو سَرِ ڪيو.
بيت - 9
ڍَٽِ ڍري پَٽِ پِيُون، آئِيون ڪاهي ڪاماري،
وٺا پَٽ پُراڻِ جا، وَٺِيُون ساماري،
ڪَڪَرَ ۾ ڪاري، وِڄَڙِيَنِ، پَسو! ويسَ ڪِيا.
بيت - 10
ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پِيُون، وِڄُون ويسَ ڪَري،
مِينهَن وَسِي مُلڪَ جا، ڇَڏِيا تَلّ ڀَري،
قادِرُ ڪَرَمَ ڪَري، سُڪا پَٽَ ساوا ڪِيا.
بيت - 11
ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پِيُون، ٿِيا وَلَهارن وِيءَ،
سُورِجُ قَمَرُ نَه پاڙِيان، سيڻَنِ جي شَبِيہَ،
جي جانِبَ اَندرِ جِيءَ، سي پِرِين پيهي گهَر آئِيا.
بيت - 12
ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پِيُون، وِڄُنِ ڪِيو واڄو،
پَکو پَنهِنجي پِرِينءَ لَئي، سِبِي ڪَرِ ساڄو،
سَڄَڻَ سَٻاجهو، ڀيڄَ ڀِنِي گهَر آئِيو.
بيت - 13
ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پِيُون، وِڄونِ ڪَري وارا،
اُٺا وَڏي اور سين، ڪَڪَر جي ڪارا،
واحِدَ وَسِڪارَا، چوڌاري چَڱان ڪِيا.
بيت - 14
ڍَٽِ ڍري پَٽِ پيُون، وِڄُنِ ڪِيا ڌرَمَ،
واحِدَ وَڏائِي ڪِيا، ڪُنڍِينَ ساڻُ ڪَرَمَ،
سَنگهارَنِ شَرَمَ، رَکُ مُنهِنجا سُپِرِين.
بيت - 15
ڏُونگا آڇِ مَ تَنِ کي، ڪاسا جَنِ جو ڪَمُّ،
پِنندي پَرَڏيههَ ۾، تَنِ سوڍِيُنِ ٿِئي شَرَمُّ،
اُٿِينِ گهَڻي اَدَبَ سين، ڳالهائِين نَرَمُ،
قادِرَ ڪَر ڪَرَمُ، تَنُ وَطَنَ ۾ وَسَ ٿِئي.
بيت - 16
سَڄو صافُ نَه اُڀَري، سَرَلي وِچان سِڄُّ،
مُنهن چَڙِهيو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُّ،
هِينئڙا کَپَ مَ کِجُ، سِگها مِلنَدءِ سُپِرِين!
بيت - 17
سَڄَڻَ ساوَڻَ مِينهَن جِئن، جهِڻڪِن پاسي جهوڪَ،
ڏِيندا پاهُ پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينهنَ موڪَ،
لَسُ پِيارِينِ لوڪَ، آگَمَ ڪِيو اَکِينِ سين.
بيت - 18
اَندَرِ جهُڙُ جهورَ وَهي، ٻَهرِ بَرسي بُوندَ اَپارَ،
وَٽِ جَنين جي يارَ، سي اوڪاڻِينِ نَه اَکِيُون.
بيت - 19
اَندَرِ جهُڙُ جهورَ وَهي، ٻَهرِ ڪَڪَرَ نَه ڪوءِ،
وَسائيندي وِڄڙي، حُبّ جَنهين کي هوءِ،
لالَنُ جنينِ لوءِ، سي اوڪاڻِينِ نه اکِيُون.
بيت - 20
اَندَرِ جهُڙُ جهورَ وَهي، ٻَهري نَه بَرسي بُوندَ،
سَڄَڻَ جَنهِين جي هُوندَ، سي اوڪاڻِينِ نَه اکيون.
بيت - 21
وَسِي ساري راتِ، صُبحَ جو ساهُ کَڻِي،
مَنجهيئِي مِينهُن پِرِيَنِ جو، جي تَنَ ۾ هُئي تاتِ،
ته وِهاڻِيءَ پِرَڀاتِ، هُوندَ بادَل بَسُ ئِي نَه ڪَري.
بيت - 22
آگَمَ جِي آئِيُون، اُتران ڪَري اُورِ،
جي پِرِين هُئڙا ڏوُرِ، سي مُون کي مِينهَنِ ميڙِيا.
وائي - 1
آئي مُندَ مَلارَ، ميگهه مَلارَ، آئون کُنهنبا ڪَنڌِيَسِ ڪَپڙا.
وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا، اَڄُ مُنهِنجي يارَ،
آئِي مُندَ مَلارَ.
لارَ لائِيندي وَڇڙا، ڀِنڙَسِ ڀَنڀا وارَ،
آئِي مُندَ مَلارَ.
پَکي آءٌ پِرِين تون، لَههُ تُون سَيّدَ سارَ،
آئِي مُندَ مَلارَ.
آئي مُندَ مَلارَ، ميگهه مَلارَ، آئون کُنهنبا ڪَنڌِيَسِ ڪَپڙا.
سريراڳ
داستان پھريون
بيت - 1
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاھ مَ چَرُ؛
اُنِين جا اَمُرَ، کَڻُ، تہ خالي مَ ٿِيٖين.
بيت - 2
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان چُرَ مَ لاههِ،
پِرِيَنِ اڳِيان پاءِ، پَلؤ مَڱَڻَهارَ جِئن.
بيت - 3
مانَ پُڇنِئِي سُپِرِين، چيتاريج چِتُ،
دائِما دُوربِيءَ ۾، پَسين وِلاتُنِ وِتُ،
نيههَ نيکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏ مُعلِمَ سين.
بيت - 4
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ رَکِجِ چٖيتُ،
سِينو ڌوئِي صافُ ڪَرِ، صابُڻَ سان سُپٖيتُ،
سامُونڊِي سُچٖيتُ، ٿيءُ تہ پَھُچٖين پارَ کي.
بيت - 5
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ مَ چيتاريجِ،
ڪَڍِج ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيج،
وَڻِجُ وِهائيج، سَڀُ سوداگَرَ سَچَ جو.
بيت - 6
مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتان لاههِ مَ چورُ،
ڪَڍِي ڇَڏِ تُون قلبَ مان، ماري ڪُوڙو ڪورُ،
هُنَ ڀَرِ سَندو هورُ، مَٿان تو مَعاف ٿِئي.
بيت - 7
ڪائو ڪَمايومِ، موتِي مُون نَه وَڻِجِيا،
سِيهي جو سَيدُ چَئي، وَکَر وِهايومِ،
هِهَڙو حالُ سَندومِ، توهَ تُنهِنجي اُبَهان.
بيت - 8
ڪَچُ ڪَمايُمِ ڪُوڙُ، ڀَڳُمِ عهدَ اَللهَ جا،
پِڃِرو جو پاپَنِ جو، سو چوٽِيءَ تائِين چُورُ،
معلومُ اَٿيئِي مَذڪُورُ، ڳُوڙها، اِنهيءَ ڳالهه جو.
بيت - 9
ڪُوڙ ڪَماءِ مَ ڪَچُ، اُٿِي اورِ اللهَ سين،
ڪَڍُ تون دَغا دِل مان، صاحِبَ وَڻي سَچُ،
مَحبتَ سَندو مَنَ ۾، ماڻِڪَ ٻارج مَچَ،
اِنَ پَرِ اُٿي اَچُ، ته سودو ٿِيئيِ سَڦَرو.
بيت - 10
سودو جو سَڦَرو، سو مون پَلَئَي پاءِ،
وَسُ ويچاريءَ ناههِ ڪو، تون آگا! عَرضُ اَگهاءِ،
ريءَ همراهيءَ هاديءَ جي، مُورِ نه ٿِئي ڪِي ماءِ،
لُطفَ ساڻُ لَنگهاءِ، لاهُرو لَهرِنِ وِچَ مان.
بيت - 11
لُڙ، لَهرِيُون، لَسَ، ليٽَ؛ جتي اَنتُ نه آبُ جو،
اَللهَ! اُتَ مَ اوليين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،
جوکو ٿِئي مَ جهازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ،
لڳي ڪا مَ لپيٽَ، هِنَ غارِيبِي غُرابَ کي.
بيت - 12
سِڙَهه سَنوان، لاڄُو نَوان، اولا سَندَنِ عاجُ،
ساٿِي سَفَرِ هَلِيا، ڀَري جُنگ جَهاجَ،
حاصُل ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ! وَڻِجارَنِ جِي.
بيت - 13
سِڙههَ سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سَندَنِ مِيرَ،
ساٿِي سَفَرِ هَلِيا، ٿِيا سَڻاوا سِيرَ،
جي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙا رَکين ٻاجهَه سين.
بيت - 14
مَنجهان پيئي مَڪُڙيءَ، ڪا جا پاڻيءَ پِڪَ،
وَکَرُ هَڻِي وُنڪ، ڪَٽِجِي ڪارو ٿِيو.
بيت - 15
مَنجهان پيئي مَڪُڙيءَ، ڪا جا پاڻِيءَ بوندَ،
سيئي ڏِٺَمِ رُوندَ، وَکَرُ جَنِين وِڃائِيو.
بيت - 16
وِهائِيندَڙ ويسَرا، وَکَرُ ڍيرئون ڍيرَ،
ڪَنِين وِهائي وَسُ ڪيو، وَکَرُ وڏيءَ ويرَ،
ڪَنِين گهُمندي سِيرُ، وَکَرُ وِڪامِي ويو.
وائي - 1
سَھسيٖن شُڪرانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
حمدُ چَئِج حَڪِيمَ کي، جورِ ھَڻي جانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
تو ڏيکارٖي تو ڌَڻِي، باطِن جا بانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
مَتان، مَردَ! وسارِيٖين صاحِبَ جِي ثَنا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
دوستُ رَکِي دِل ۾، پَڙهُ لَالَنُ لِسانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
جَفا ڏيئٖي جِيءَ کي، ٿِيُ فِڪرَ مَنجهِہ فَنا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
تُسِي توسٖين توھُ ڪري، مَنَ آگو اِحسانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
ڪَڍُ تُون دَغا دِل مان، ٻانهپَ سيٖن، ٻانها، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
صاحِبَ وڻٖي سَچَ سيٖن، ٿِيُ دانَھُ، ديوانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
جي تسليِمَ سيٖن تَحقيِقُ ھُئا، سي ڪِنءَ اَمانا؟ ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
جاڳِيا جي، جَبارَ لَئي، سيئي سَمانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
فاذۡ کُروُنِيۡ اَذۡ کُرۡ کُمۡ، ڪَھِئو قُرانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
وَاشکُرُو الِيۡ وَلَا تَکۡفُرُوۡنِ، ڪَڍُ تون ڪُفرانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
سَڀِ سَنوارِيا سُپِرينءَ، ڪُوَلَ تو ڪَنا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
چَڱِي چَئجِ چاھَ سيٖن، مَدحَ اِيءَ مَنا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
تائِبَ ٿِيو تَڪِڙا، جوشان، جُوانا! ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
تہ لَھِيٖن تُون لَطِيفُ کان، اَمُنُ اِيمانا، ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيم جا.
وائي - 2
مون ۾ تون موجُود! آءٌ اَڳاھِين آھِيان!
آءٌ اَسُونھِين آھِيان!
اَکِيُون اَکَڙِيُنِ کي، سِڪيو ڪَنِ سُجُودُ،
آءٌ اَڳاھِين آھِيان!
آءٌ اَسُونھِين آھِيان!
تيٖلانھن رَسِيُون بُودَ کي، جٖيلانھن ٿِيُون نابوُدُ،
آءٌ اَڳاھِين آھِيان!
آءٌ اَسُونھِين آھِيان!
ماڙُهن جي موٽَڻَ جو، صاحِبَ هَٿِ سُجُود،
آءٌ اَڳاھِين آھِيان!
آءٌ اَسُونھِين آھِيان!
اِنَ دَرِ سيئي اِگِهيا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ،
آءٌ اَڳاھِين آھِيان!
آءٌ اَسُونھِين آھِيان!
داستان ٻيون
بيت - 1
جيڪي مَنجهِه جَهانَ، سو تارِيءَ تَڳِي تُنهِنجي،
لَطفَ جِي لَطيفُ چئي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَ،
عَدَلَ ڇُٽان آن نَه، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضُلَ جو.
بيت - 2
ساري راتِ سُبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِيو،
اُن جِيءَ عَبداللطيفُ چَئي، مِٽيءَ لَڌو مانُ،
ڪوڙِيين ڪَنِ سَلامُ، اچيِو آڳَہِ اُن جي.
بيت - 3
سيوا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ جَرُ وَهي ٿو جَال،
سَئين سُپڄُن سَمُنڊَ ۾، ماڻڪَ، موتي، لالَ؛
جي ماسو مِليئِي مالَ، ته پُوڄارا پُرِ ٿئين.
بيت - 4
سي پُوڄارا پُر ٿِيا، سَمُنڊُ سيوِيو جَنِ،
آندائون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواهَرِنِ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئي، لالُون مان لَهرِنِ،
ڪانهي قِيمَتَ تَنِ، مُلُ مَهانگو اُنِ جو.
بيت - 5
سيوئو جَنِ سُبحانُ، وِيرِ نه وِڙهي تَنِ سين،
توبَههَ جي تاثِيرَ سين، تَري وِيا طُوفانُ،
ڏيئي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرُ لَنگهِيا آسانُ،
ڪامِلُ ڪِشتِيانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُنِ واهَرُو.
بيت - 6
ساري راتِ سُڄاڻَ، سَودو ڪَنِ صاحِبَ سين،
ٻانهپَ ڀَري ٻيڙيُون، هَلِيا جوپَ جُوانَ،
پاڻِي پَهلِوانَ، لَحظي مَنجهِه لَنگهي وِيا.
بيت - 7
ٻانهپَ جو ٻيڙِيَنِ ۾، وَکَرُ وِڌائُون،
موتِي مَعَرفَتَ جا، سَچا سودِيائون،
اَلتَائِبُ مِنَ الذّنبِ، ايءَ کَٽِ کُٽِيائُون،
اُنين جِيءَ آئُون، بَرڪتَ بارُ لَنگهائِيان.
بيت - 8
جَنِين سَودي، سَچَ جو، وَکَرَ وِهايو،
بَخِرو لَهُمُ البُشريٰ جو، اُنهين لَئي آيو،
اُنِ کي لالَنَ لَنگهايو، ساندارو سَمُونڊَ جو.
بيت - 9
اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، جِئن سَمُنڊُ سوجهِيائُون،
پيهي منجههِ پاتارَ جي، ماڻِڪَ ميڙيائُون،
آڻي ڏِنائُون، موتِي لالَ هَٿَنَ سين.
بيت - 10
اَڇارا عَميقَ جا، گَڏِيا غَواصَنِ،
جهَرِيُون جهاڳي آڻِيا، ڪاروُنڀار ڪُنَنِ،
سَمُنڊَ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اوليا.
بيت - 11
وِيا جي عَميقَ ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئِي،
تَنِ سِپُون سوجهي ڪَڍيُون، پاتاران پيهِي،
پَسندا سيئِي، اَمُلهَه آکَڙِيَنِ سين.
بيت - 12
آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنهِنجي موجَ نه سَهي مَڪُڙِي،
ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحدِ چاڙهِيُم بارُ،
چَوَڻَ چارو ناههِ ڪو، بَديُون بي شُمارُ،
ڪَپَرُ ڪاروُنڀارُ، اُڪارِئين اِحسانَ سين.
بيت - 13
وير مَ لاهي ويههُ، مٿي آرَ اوڙاههَ جي،
پَسِي پاڙي وارِيُون، ڪِج آنديشو ايههُ،
وِيندو نه پَسين ڏيههُ، پَتَڻِ هُنَ پارِ مَڻي؟
بيت - 14
اَٺئِي پَهَرَ اوڙاههَ تي، مَنجههِ گُهرءِ گهاري،
وَسُ نه ويچاري، ته ڪا ماڳِ ڍُڪَندي مَڪُڙي.
بيت - 15
هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري،
دَنگي هِنَ درياهه مان، هَلائي هاڪاري،
تَرازُو تاري، سُتَڙِ سَڀيئِي ڪَري.
بيت - 16
هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي سِٽي صاحِبُ،
ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان، اِي آگي جو عَجَب،
اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِئَن ٻُڏا اُڪاري ٻارِ مان.
بيت - 17
هِڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻي جا ڪَري اللهُ،
پاڻهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻهين اُڪاري اوڙاههُ،
تنهن واحدَ کي واههُ، جو سُتَڙِ سَڀيئِي ڪري.
بيت - 18
هِڪِي ٻانهي مَنِ ۾، ٻِي جا الله ڪري،
پاڻهين وجهي ڪُن ۾، پاڻهين ڪنڌيءَ تي،
سُتَڙ سي ڍوئي، جي تَڙ توائي مَڪُڙ!
بيت - 19
هِڪي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي ڪري جوڙَ جَبارُ،
ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان، اِيءَ آگي جو آڌارُ،
جهازُ جوهَرِينِ جو، تنهن کي ڀَؤ نه ڏي ڀَتارُ،
نَنڍا وَڏا مَڪُڙا، سَڀِ پَسندا پارُ،
جيڏانهن مُنهن مَديني جو، سُڄي مُحَمّدُ موچارُ،
سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀيئي ڪري.
وائي - 1
ڪنڌِي سارِيان ڪانَ، يا اَمُن اَمانَ!
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناهِ ڪو، اَپر ٿِيا عِصيانَ،
يا الاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
خَبَرَ ناههِ قَبَرَ جي، نِسورا نِسيانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
والِي! رَسِج وَهِلو، اَرکِ ٿِيا اِنِسانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين! نَعَرو، نِگهبانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
مَدِيُون پَسِي مُنهنجِيُون، شَرِمايا شيطانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
هِنَ مُنهنجي حالَ تي، هَئي هَئي ڪَنِ حَيوانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
سائِين! سُکاڻِي آهِيين، سامُونڊيءَ سُبحانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
تُرَهو ڇِنُمِ تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
ٻيلي جو ٻُڏَنِ جو، مون تي موٽي مانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
ويٺو پِني پِنڻو، ڪَرِ ڀيرو مٿي ڀانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
خالِقَ تان خُوبُ ڪِيا، گولَنِ جا گُذرانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
آئُون پُڻُ آنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
سَڀِ سُوالِي سَمَکِئا، داتا ڏيئِي دانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
وِلها سَڀ وَنَهِيان ڪِيا، تُنهنجي جُودَ، جُوانَ!
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
متان مُون کي ڇَڏيِين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
وِيرُ وَسِيلو آهيين، داڙوُ ۾ دِيوانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
لاءِ ڏُهارِينِ ڏِينهن کي، خِيمُون اَڏِيو خانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
اُتي عَبداللـطِيفُ چَئِي، سُڻِج ڪا سُلطانَ،
يا اِلاهِي! ٻاجههَ ٻِلاٽِي ڀائِيان.
داستان ٽيون
بيت - 1
ٻيڙي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ مَ وِتَرو،
تَري ۾ تُنَ پِيا، پاسنِئُون پاڻِي،
هي، هَڏ وِهاڻِي، ڪَڙهُ ڪالهُوڻي ڏِينهَن کي.
بيت - 2
تَري تُنَ پِياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَهي،
کُوهو جهُر جهُنو ٿِيو، لاڄُو سَڀِ لَڙياسِ،
جيلان سَڌَرُ سُکاڻِياسِ، وَهي تي وَههُ سامُهُون.
بيت - 3
ويٺو تُنَ تُنِينسِ، مُکِ ڏِيهاڻِي مَڪُڙي،
سَنباهي سَيّدُ چَئي، مَٿي نيڍوُءَ نِينسِ،
وَٽائي وڏَاندَرا، لاڄُو لَڳائِينسِ،
آخَرِ اُهِرائِينسِ، تَه جوکو ٿِئي نَه جَهازَ کي.
بيت - 4
تُنَ تُنِيندو آءٌ، مَکِ ڏِيهاڻي مَڪُڙي،
سانباهي سَمُونڊَ جي، مَنا مُورِ مَ لاه،
اَڄُ ڪِ سَنجهِه صُباح، اُهِرَندي اَتانگَ تَڙين.
بيت - 5
تانگهي ۾ تاڻي، ٻَنڌ پَنهِنجو ترهو،
اونهي ۾ آڻي، ڪونَه ڏِيندُءِ ڪو ٻِيو.
بيت - 6
وَکَرُ سو وِهاءِ، جو پَئِي پُراڻُون نَه ٿِئي،
ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذَرو ٿِئي نَه ضاءِ،
سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳُہِ جِنهن جي اُبهَين.
بيت - 7
وَٺِي وِجههُ وَکَرَ جا، دَنگِي ۾ داڻا،
وِيرِ وِڙَهندِيَئِي، ويسَرا، وِهُ مَ، ويڳاڻا!
هِيءَ نِنڊَ، نَه ڄاڻان، ڪَڏِهن هَڻَندِيئِي تارَ ۾.
بيت - 8
وَڻِجارا، ويٺي، تو نَه سَرَندي شاهَ ري،
مَکِ پَنهنجِي مَڪُڙي، چَڱِي ڪَرِ چيٺي،
پاسا پَاکَڙِيَنِ جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي،
جي لُنڊا ۾ ليکي، وِير وِڙهندي تَنِ سين.
بيت - 9
وَهَ تِکَ وَهَڪُرا، جيت نَنگَرَ نَه ٺُهِرَنِ،
وَڏاندَريُون وَهَ سامُهِيُون، جَجهي زورِ جُنبَنِ،
نيڍُوءَ ۾ ناتاريُون، وڻِجارا وِجَهنِ،
مُلا مُعلِمَنِ، مُون ڳَري سُئِي ڳالهَڙي.
بيت - 10
جُتو وانءُ، جَهازَ، گَڏِيو غُرابنَ سين،
پُورِيندي هُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ کَڻِج سازَ،
اَچَنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سَمُونڊَ جا.
بيت - 11
کُوها ڪالههَ کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرِ آسَرِي،
آلا! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي آڻِي،
وَڻِجارَن وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِيين.
بيت - 12
ٻيڙي تُنهِنجِي ٻاجههَ، وَکَرُ تِنهن وِصالَ جو،
کُوها، اولا، تو ڪِيا، سَڀِ سُونهارا ساجَ،
اُتِ ڪا مُعلِمَنِ حاجَ، جِتِ پُورَڻَ وارو پاڻِهينِ.
بيت - 13
جَرَ ۾ ڦوٽو جِئن، لَهرِيُون لَڳَندي اَڌ ٿِئي،
تُون پُڻِ آهِين تِئن، دُنِيا ۾ ڪو ڏِينهڙو.
وائي - 1
ساٿِيَنِ نَندا بارَ، وو! تَنِ پانڌِيَنِ نَندا بارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
پاتا پاڙيواريين، پَڳَههَ مَنجهِه پاتارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
پَتَڻَ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي تُهِجَڙي وارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين، کِيو منجهه خُمارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
ڪِ تو ڪَنين نَه سُئِي، هَلَڻَ جِي هاڪارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
تائِبَ ٿيو تڪڙا، سَچِي ايءَ سَنڀارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
نِنڊَ نه ڪَجي ايتَري، سُڻِجِ، اَدا يارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
سائِينءَ مُڪُئِي سَچَ کي، تون ڪوڙو مَنجهِه قَطارِ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
ڪِ تو ڪَنين نه سُئِي، ڪَپَرَ جي ڪُوڪارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
گهِڙان ٿِي ريءَ گهَڙي، اِلاهي تُهارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
هو جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِئان رَکُ، سَتارَ!
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
ڪُلُّ نَفِسِ ذَائِقَةُ المَوتِ، پَڙهو اِيءَ پَچارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
شِڪارُ تون شَهبازَ جو، تون تان مَنجههِ شِڪارَ!
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
يَومَ يَفِرُّ المَرَءُ مِن اَخِيہِ، جِت ڀَڄَندا ڀارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
تُرَهو ڇِنو تارِ ۾، اَچجِ تُون، اوسارَ.
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
لَکَ مِڙيئي لُٽيا، هُنهِين ويا هَزارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
ڏِنَئِي جي اَللهَ کي، هُوندَ ٿيين پَرِيين پارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
جوٽَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُنِي تُنهنجي دارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
جِيئو آهِ حَديثَ ۾، اَنڌي اِي آچار،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
وَٽيئِي ڪِينُ وِلِهَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَهارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
سا ڪِئن هَلي توسين، جا ڀَڳِي کان ڀَتار؟
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
جِئن جالُ نَه نِبَهي، سُڻجِ، اِي سَنڀارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِنِ جِي ڀُلِڪارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنَ ۾.
داستان چوٿون
بيت - 1
مُون ٿي چَيَئِي ڪانڌَ، ڀُتِي ڀاڙِ مَ مَڪُڙي،
سِڙه پُراڻا پاندَ، لَهِريُون سَهِي لَڳَندِيُون.
بيت - 2
اَڳَهِين اُتومانءِ، ته مَک پَنهنجِي مَڪُڙي،
ڀورا شَڪُ مَ ڀانءِ، لَهِريون سَهِي لَڳَنديون.
بيت - 3
اَچِي سو ڏِٺوءِ، جو ڪَپَرَ سوءِ ڪَنَنِ سين،
سُتي لوڪ، لَطِيفُ چَئي، يادِ نَه ذرو ڪِئوءِ،
غافِلُ ٿِي غُرابَ کي، اوڙاهه تي آندوءِ،
سو ڇِتَرُ ڇُوهي کان رَکين، جو پِيو پُراڻُون پوءِ،
جَهازُ ضَعِيفَنِ جو، پاڻِي ۾ پَرِتوءِ،
سَيّدَ! ساٿُ سَندوءِ، پُرِ بَندَرَ پَهُچائِيين.
بيت - 4
پاڻَ پَرائو چاڙِهيو؛ وَکَرُ وَڻِجارا،
اَچِي لَهِريُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻِپارا،
جاڳو جي يارا، تَه تَڙِ تَوائي نه ٿِئي.
بيت - 5
لَهرِيَنِ لِيکو ناههِ ڪو، جِتِ ڪَپَرَ ڪُنَ ڪارا،
اَڇارا عَمِيقَ جا، اَچَنِ اوڀارا،
اُٿي اَسارا، وِيرِ وِيڙهَنديئي ويسَرا.
بيت - 6
وِيرِ وِڙهندِيئِي ويسَرا، اُٿِي توههُ طلَبَ،
سائِرَ ڪنهن سَبَبِ، ڪالَهه نَه وِڌئِي ڪُنَ ۾.
بيت - 7
ڪالَهه وِڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَهازَ،
تُنهِنجِي اَڄُ تَرازَ، آهي آرَ اَکِيَنِ ۾.
بيت - 8
آهي آرَ اَکِينِ ۾، ناکُئا ڪِج نِگاههَ،
وڏا ٻيڙا ٻوڙِيا، سائِرَ ڏيئي ساههَ،
مُلاحِظو ملاحَ، ڪِجِ ڪو اِنهَي ڪُنَ جو.
بيت - 9
دَنگِي وِچِ دَرِياههَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپڙي،
هو جي واڍي واڻِيا، سي سُونهَنَ سَڀِ سَڙِيا،
مُعلَمِ ماڳ نَه اَڳِيين، ڦلِنگِي مَنجهِه ڦِرِيا،
مَلاحَ، تُنهِنجِي مَڪُڙي، اَچِي چورَ چَڙهِيا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تاري تُنهِنجِي.
بيت - 10
ٻيڙياتا ٻيئِي، تو نَه ڦَٻَندِيُون ڳالَهڙِيُون،
سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، ڀَرُ سُکاڻَ ڏيئِي،
صُباحَ سَڀيئي، پارِ پُڇَنَدَءِ خَبَروُن.
بيت - 11
بَندَرِ جان ڀَئِي، تَه سُکاڻِيا، مَ سُمَهو،
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِئن ماٽي مَنجههِ مَهي،
ايڏو سُورُ سَهِي، نِنڊَ نه ڪِجي، ناکُئا.
بيت - 12
سَندي مُعلَمِ آسري، سُتا سَڀِ پَئي،
اَئِين پُڻِ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناههِ ڀَئِي،
جَنِ جي لائِقَ لَڄَ رَکِي، سي سَڀِ لَنگهِيندا لَڪِيُون.
بيت - 13
اوريائِين آڻِينِ، ميڙيو مُعلمَ خَبَرون،
سا تان سُڌِ نه ڏِين، جِتي وَهُ ويڌَ ڪَري.
بيت - 14
ناکُئو نِگَهبَانُ، مُعلِمَ مُنجي خَبَروُن،
جَنِ ساري کَنيو سَمُونڊَ تي، سَفَرَ جو سامانُ،
لُطفَ ساڻ لَطِيفُ چَئي، تَنِ لَنگِهيو طُوفانُ،
سَنڀاري سُبحانُ، وڃِي عادَنئُون اُکَتا.
بيت - 15
مُلاحِظو مِهراڻَ جو، مُور مَ لاههِ مَناءُ،
سامُونڊي سَنڀال ڪِي، سُمهَڻَ آيئِي ساءُ،
جاڳِي جَرَ مَٿاءُ، تاري وانءُ تَرازَ کي.
بيت - 16
تاري وانءَ ترازَ کي مَنجهان موجَ ملاحَ،
داهُون ڪَنِ دَرِيَاهه جِيُون، اُونهي جا آگاههَ،
سُونهَنِ جي صَلاح، وَٺُ تَه وِيرِ لَنگهي وڃَين.
بيت - 17
سُونهان سُڌِيُون ڏِينِ، هِنَ ديواني دَرِياهَ جِيُون،
ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ،
عِجِزَ جو اَڌ راتِ کي، وَکَرُ وِهائِين،
ساٿُ نِباهِيو نِينِ، ثابِتُ اِنَهِين سِيرَ مان.
بيت - 18
تُون ويسَرو وِيرَ، ساٿِينِ سَنڀَتِ پَنڌَ جي،
جوڙي جُنگَ جهازَ کي، ڪوڏِ هَڻائجِ ڪِيرَ،
وِهي وَڻجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانهنَ بَهيرَ،
گهَرِ تَنِين جي کِيرَ، جَني لاڳيدارَ لَنگهائِيا.
بيت - 19
قَرڦُلَ، ڦوٽا، پارِچا، پاڻِيٺَ پاتائُون،
ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُن،
لاڄُنِ مَنجههِ، لَطِيفُ چَئي، ٻيڙا ٻَڌائون،
نَذَر نَبِي ڄامَ جو، چَڙهندي چَيائون،
جي ڇُهي ڇوڙِيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکين ٻاجههَ سين.
بيت - 20
وِچِين جان ويهي، جَرِ پَلَئو پائِيان،
تَڙِ ٻيڙا، گهُر سُپِرينِ، اوسَہِ اِي پيئِي،
جِئنَ وَڻجارو سين وَکرين، سَرَها سَڀِيئِي،
حرمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جِي، سُونگِئا نه سيئي،
پاڻهي اُوءِ پيهِي، کَنڊَ کيڙائو آئيا.
وائي - 1
عُمرِ سَڀِ عَبَثُ، ويلَ وِڃايم، وقت وڃايَم پانهِنجا.
ويٺي لِکِيو لوڙِيان، جيڪين ڪِئڙو مَسُ،
ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.
اَچِي اَڀاڳِيَني کي رَسِجِ، اَچِي رَسُ،
ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.
حالُ مُنهِنجو هِهَڙو جِهَڙو، تان تُون پِرِيمَ پَسُ،
ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.
قَلبُ جو ڪارو ٿيو، ڪاتِبَ لاهيين ڪَسُ،
ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.
داستان پنجون
بيت - 1
سَڀيئِي سَئِينءَ ڪَريِن، ڪو مَ مُنجهايين واٽ،
سَهکِي ڪِجِ سَچا ڌَڻِي، سُڄي جا صِراط،
سُپيرِيان جي ساٿ، لائو لَڱو ميڙِيين.
بيت - 2
سَڀيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالِي ڪَمَ،
ٿِيءُ تحقيقُ تَسلِيمَ ۾، لاهي غَمَ وَهَمَ،
قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصُلُ ڪَري حاجَ تو.
بيت - 3
چَڱَنِ ساڻُ چَڱائِيُون، اِينءَ سَڀُڪو هوءِ،
تو جِئن ڪَري نَه ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلائِيُون.
بيت - 4
چَڱا ڪَنِ چَڱائِيُون، مَٺائِيُون مَٺَنِ،
جو وَڙ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيئي ڪَنِ.
بيت - 5
مَيَنِ مَٿي سَمَرا، کُهِيَنِ سَڏَ ڪَرِينِ،
ساٿُ نِباهِيو نِينِ، اِيءَ پَرِ سَندي سَڄَڻين.
بيت - 6
وِتُ وِيمي جو جي لَهين، ته ٻي ڪارِ نه ڪَرِيين ڪا،
سا پَرُوڙِج ڳالهَڙي، وَڻِجارَنِ وَٽا،
موتِي جَنِ هَٿا، آندَئِي گهَڻي اَدَبَ سين.
بيت - 7
اَمُلههَ آڇ مَ اُنِ کي، جي نه پَرُوڙِنِ مَٺِ،
جِتي گَڏِ جِيئي جوهَري، ماڻِڪُ تتِّهِين مَٽِ،
جَنِين سونَ سين سَٽِ، تَنِ هَڻي ري رَدِ ڪِيو.
بيت - 8
سونا! وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو لاههِ مَ لَڏِ،
سودو سوئِي ڇَڏِ، جِنهن ۾ جَواهِرُ ناههِ ڪو.
بيت - 9
سونا! وانءُ صَرافُ سِينءَ، لَڏو هَڏِ مَ لاههِ،
آهي تَنِ اُونداههِ، جَنِ جَواهِرَ ضايَع ڪِيا.
بيت - 10
جو صَرافَنِ لَڏِيو، ته تُون پُڻِ لَڏِجِ، سونَ!
قَدُرُ لَهَندُءِ ڪونَ، نيِئي گَڏِيندَئِي گَڏوءِ سين.
بيت - 11
وَڃَنِ مَ وِينجهارَ! پاڻِيَٺَ جي پَرَکَڻا،
ڪَنيرُ پايو اَکِيين، لَهَنِ سَڀَڪِنهن سارَ،
موتِيءَ جي مزاجَ جو، قَدرُ مَنجههِ ڪِنارَ،
صَرافِنَئوُن ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي!
بيت - 12
جي نه سُڃاڻَنِ سَچَ کي، وِههُ مَ تَنِين وَٽِ،
اَمُلهَه کي اَڌُ ڪَري، پاڻا هَڻَندا پَٽِ،
وَڃِي مُهرَ تَنِين وَٽِ مَٽِ، جي پارَکُو پارِسَ جا.
بيت - 13
قَدَرَ وارا ڪَم ٿِيا، کُٽا خَرِيدارَ،
پاڻِيَٺ جي پَرَکڻا، وِيا سي وِينجهارَ،
عَينَڪَ پائي اَکيين، لَهَنِ سَڀَ ڪَنهن سارَ،
صَرافَنِئُون ڌار، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي!
بيت - 14
اَگهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي!
پَلَؤ پايو سَچُ، اَڇِيندي لَڄَ مَران!
بيت - 15
ويا سي وِينجهارَ! هِيرو لَعلُ وِنڌينِ جي،
تَنِين سَندا پوئِيان، سِيهي لَهَنِ نَه سارَ،
ڪُٽِينِ ڪُٽِ لُهارَ، هاڻي اُنهِين ڀيڻِيين.
بيت - 16
ٿا صَرافَ سُڄَنِ، پاڻُ ڪوٺائِنِ جوهري،
ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وِٺي وَٽِ تَنِ،
سَندُسِ ئي سَيّدَ چَئي، ڪِهڙو قَدُرُ ڪَنِ،
پاڻِيٺ ئِي پَرکِنِ، ڪِ ڪَئنِچَلُ گُڏِن ڪَچَ سين؟
بيت - 17
اَمُلُ، اَساري پَئِي، ڀوري! ڀَڳُئِي جِتِ،
ڪُہ نه رُنُئِي تِتِ، ٻَئِي اَڌَ هَٿِ ڪَري.
بيت - 18
اَمُلُ، اَساري پَئِي، ڀوري! ڀَڳَئِي جِيئَن،
وانءُ صَرافَنِ سِيئن، ٻَئِي اَڌَ هَٿِ ڪَري.
بيت - 19
اَمُلُ، اَساري پَئِي، ڀوري ڀَڳَئِي جان،
ٻَئِي اَڌَ هَٿَ ڪَري، سِري صَرافَن وانءُ،
ته سو تنهين تان، سَڄو ڪَرايين سيگهه ۾.
بيت - 20
ماڻِڪُ، مُنڌَ هَٿان، پيتِيءَ ۾ پَرِزا ٿِيو!
سَڄو تان سَيّدَ چُئي، لَهي لَکُ سوا،
ڀَڳي پُڄاڻان، پَدَمانُ ئِي پَري ٿِيو!
بيت - 21
جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو،
سَنئُون تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباهِيو.
بيت - 22
چورُ اُڀو اِيئن چوءِ، ته آءٌ اُهوئِي آهِيان،
جي آسِي اَکِينِ هوءِ، ته لِڪي کي ڪونَه لَهي.
بيت - 23
چوري پَهتُ ڳُجهه سين، پَڌَرِ ناههِ اَرَٿُ،
پوءِ لِڪائِج وَٿُ، پِهرِين لِڪائي پاڻَ کي.
بيت - 24
جهَنگُ کامِي پَٽُ ٿِيو، لَٿِي چوران لِڪَ،
ويئِي وِجُودان نِڪري، جيڪا دَڙي دِڪَ،
هيڪُ سَڄَڻُ ٻِي سِڪَ، ٻَئِي پُهتا پاڻَ ۾.
وائي - 1
جاڳو، يارا! جيڏِيُون! پاڻَ پَرنجي،
جاڳو جوشان، جيڏِيُون! پاڻَ پَرنجي.
هَلندي حَبيبَنِ ڏي، ويلو وِچَ نه ڪجي،
جاڳو جوشان، جيڏِيُون!
مَٿا اُهِس اُسِري، پَتنگَ جئن پَئجي،
جاڳو جوشان، جيڏِيُون!
عَرضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،
جاڳو جوشان، جيڏِيُون!
ڪري نِيازُ نِڪَڻُون، واحِدَ ڏي وَرِجي،
جاڳو جوشان، جيڏِيُون!
آهي موتُ مِڙِنِ تي، گوڙِيُون ڪيِو گَجي،
جاڳو جوشان، جيڏِيُون!
اَجَلُ اِيندُءِ اوچتو، جو سَدا ٿو سُڄي،
جاڳو جوشان، جيڏِيُون!
اَڳيان اُونداهِيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪجي،
جاڳو جوشان، جيڏِيُون!
کَڻُ تون قُوتُ قَبَرَ جو، گَهڻو ٿو گهُرجي،
جاڳو جوشان، جيڏِيُون!
آگو عيبَ آنهجا، ڍَڪِيا ڳُجههَ ٻُجهي،
جاڳو جوشان، جيڏِيُون!
جيڪِي وَهي وُجُودَ ۾، صاحبُ سو سَمُجهي،
جاڳو جوشان، جيڏِيُون!
اَمُنُ آهي اُن کي، جو مَنجهِه اَللهَ اَجهي،
جاڳو جوشان، جيڏِيُون!
داستان ڇھون
بيت - 1
تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنهِنجو تُرَهو،
اونهي ۾ آڻي، ڪونَه ڏِيندُءِ ڪو ٻيو.
بيت - 2
تارُو تَرِيو وَڃَنِ، نَنڍا وَڏا واهُڙ،
هَئي، ٻَرِ! اَتارُنِ، جِئن ڳَرا مَٿِنِ مولهيا.
بيت - 3
ڏوري لُههُ ڏاتارُ، جِمَ وِهين ويسَرو،
هَڪِئو هوجِ هُشيارُ، کِوَڻِ کِوَندَئِي اوچِتِي.
بيت - 4
سُتين ڪهڙيءَ سارَ، وِڄ کِوَندِيئِي ويسَرا،
تو جيڏا تو يارَ، لهَرِيَنِ لَهوارا ڪيا.
بيت - 5
سُتين سَنجهيِئي، وِڄَ کِوَندِيَئِي ويسَرا،
وِير وَري ويئِي، اَسارَنِ تان اوچِتي.
بيت - 6
کِوَڻِ کِوايو، آيَئِي نِنڊَ اَڀاڱَ جِي،
جَنِين نه ڀَئو ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
بيت - 7
سامُونڊي ٿو سَنبَهين، ساڄو جهَلِ سُکاڻ،
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مهِراڻ،
جَنِين ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
بيت - 8
نُڪو سُکُ نَکَٽين، نَه ويساندِ نَئين،
جيڪا اَچئي سامُهِين، ڀايين سا سَئين،
مُوڙي ڪوههُ مَئين، جِئن سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين.
بيت - 9
اَهکِي راههَ اَللهَ جِي، اَهُکِي، اَهُکِي ڀَتِ،
هوءِ جي ڏِهائِي ڏيههَ جا، تَنِ پُڻِ مُنجهي مَتِ،
آڇارانِ اُبَتِ، گِهِڙِجِ گهاٽي نِينهَن سين.
بيت - 10
مَ ڪِين هيج، مَ هوجِ؛ تَرِسُ مَ، تاڻِ جَهازَ کي،
چَئو ڪَلِمُون مُحَمّدَ تي، تَه اَڳِيان اَچيئِي اوجَ،
سَهُکِيءَ ڀَتِ، سَٻوجُهه، تُنهِنجِي مَڪي ڍُڪي مَڪُڙي.
بيت - 11
تَنَ ۾ تَراز توههَ جِي، گهَڻُون لَههُ گهوري،
اَدَب ۽ اِخلاصَ جا، سِڙههَ ٻَڌَجِ سوري،
وَکَرُ وينَتِينِ جو، تِنهنِ ۾ پاءِ توري،
تَه عادَنِئُون اوري، تُنهنجو تَوائِي نَه ٿِئي.
بيت - 12
ثابت لنگهيا سِيرَ، لَهرِنِ لوڏِيا ڪِينَ ڪِي،
وِڃِي پهتا پارَ کي، نِرتُون مَنجهان نِيرَ،
ماءِ پهتا مِيرَ، ٻارِ لَنگهائُون ٻاجههَ سين.
بيت - 13
ويههُ تُون وِساري، ڇَنڊا جي ڇُلَڻ جا،
جو لَکَ لَهِرِيُون ڏي، ڪَرِ ساڃاههِ تِنهن سَمُونڊَ جِي.
بيت - 14
سَمُنڊ جي سيوِينِ، تَنِين ماڻِڪَ ميڙِيا،
ڇِلُرَ جي چوئِينِ، تَنِ سانگوٽا ۽ سُتِيون.
بيت - 15
توڻي تَوائي، توءِ تُنهِنجو آسَروَ!
سَڄَڻَ ڳَرِ لائي، کِيروُن ڏِيندِيَسِ جيڏِين.
وائي - 1
هي جي، هو جي لَڪَ، مُون مارِيندا لَڪَ،
مُون مارِيندا لَڪَ.
يا والِي، ڪيچُ نَه اوڏي ڇَڪَ،
مُون مارِيندا لَڪَ.
اَنتُ نَه ڏِجي عامّ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،
مُون مارِيندا لَڪَ.
پاڻَ ۾ پارِيُون ڪري، نِينهَن وهائجي نِڪَ،
مُون مارِيندا لَڪَ.
سامونڊي
داستان پھريون
بيت - 1
پَڳَھَ پاسٖي گهارِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جٖي،
وِجِهي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اوھَري.
بيت - 2
پَڳَهه پاسي پَچُ، آيل سامُونڊِيَنِ جي،
مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃِنَئِي اوهَري.
بيت - 3
پَڳَهَه پاسي ويهُه، آيل سامُونڊِيَنِ جي،
تُون ويسَري وِکَ کڻين، هُو پُورِيندا پَرڏيهُه،
سَمُنڊُ جَنِ ساڙيهُه، ڪوهُ نَه وِيئن تَنِ سين.
بيت - 4
جان ايندين تان آءُ، هَڻِي هَٿُ پَڳَهه ۾،
لَڳي واءُ سُواءُ، سِڙهُه سانباهِي نَه سَهِي.
بيت - 5
نَنَگَر جان نَه کَڻَنِ، وانءُ وَهِلِي نِڪري،
مَڇُڻَ ڏيهه وَڃَنِ، ناڙِيُون پُوري ناکُئا.
بيت - 6
نَنگَر ۽ ناڙِيُون، پَڳَههَ کَڻِي پَنڌِ ٿِيا،
بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.
بيت - 7
نَنگَرئون نيڻين، مَنُ اولِيءَ نَه اوهَري،
سٻاجهين سيڻين، پائي ڳُڻُ ڳِهِيو هِينئُون.
بيت - 8
سيئِي جوڀَنَ ڏيِنهن، جَڏِهن سَڄَڻَ سَفرَ هَلِيا،
روُئان رَهَنِ نَه سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن،
مُون کي چاڙهي چِيئَن، ويو وَڻِجارو اوهري.
بيت - 9
نَه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نَه وايُون وَڻِجارَنِ جُون،
سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻِ چِڪِيَم چاڪَ،
مارِينهُون فِراقَ، پاڙيچِيون پِرين جا.
بيت - 10
وِيا اوهَري اوءِ، مون کي ڇَڏي ماڳهين،
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿيا، تِئان نه موٽِيو ڪوءِ،
گُوندَرَ مارِيندوءِ، ويچاري وِئَنِ جو.
بيت - 11
اُونهي ۾ اوهَري، جَڏهنِ جي وِيا،
سانداري سَمُونڊَ جي، نِهوڙي نِيا،
وَڃي تِت پيا، جيتي نِهايَتَ ناهه ڪا.
بيت - 12
اُونهي ۾ اوهَري، جَڏِهن وِيا جي،
موٽِي ماڳِ نه آئِيا، ماءِ سامُونڊي سي،
کارو تَنِين کي، جيڪُسِ وَهُ وري وِيو.
بيت - 13
اوڙاهِه وِيا نه وَرِيا، آءٌ تِنهن ماري ويڻَ،
ڪَري سامُونڊي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.
بيت - 14
جي وِيَڙَمِ اَڄُ، سي ڪَڏِهن ايندا مان ڳَري،
پِريان جي هُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دؤنڪِي ڌَڄُ،
سامُونڊِيَڪو ڏَجههُ، ماءِ مارِيندَمِ ڪَڏِهِين.
بيت - 15
اوهَرِيا جِئائِين، ڍُڪَنِ تَنِ تَڙَنِ تي،
سامُونڊِيَنِ، سائِين! واءُ سَڻائو وارِيين.
بيت - 16
سامُونڊي ساري، مَٿي تَڙُ گُذاريان،
مُون کي ٿِي ماري، اُنهين سَندي ڳالهڙي!
بيت - 17
سامُونڊي ساري، ماءِ مُنهِنجو جِندَڙو،
بَندَرِ ويچاري، وَڃِي لايا ڏِينهَڙا.
بيت - 18
سامُونڊِيَڪو سَنگَ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون،
اَنگهن چاڙهي اَنگُ، وِيو وَڻجارو اوهَري.
بيت - 19
وڃيئي وِسَري شال! جو تُون سودو سِکيو،
اڃا تائين ڪالههَ، موٽِيو سَفَرَ سَنبهَين.
بيت - 20
ڳِرِيو جهَلِيو روءِ، مَٿي مُهري هَٿَڙا،
کوءِ! سودو سَندوءِ، جو تُون، ڍوليا سِکِيو.
بيت - 21
اَلوڙَڻ نه ڏِئي، وَرَ وِڌائِين وَنجهَه کي،
رَههُ اَڄوڪِي راتَڙي، لالَنَ! مُون لائي،
وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَر سُپرين.
بيت - 22
مُون جهَلِيندي نه رَهِيا، جُڪُسُ نِٻَرُ نِينهُن سَندومِ،
قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ويجهي وَڻجارَن سين.
بيت - 23
جَڪُس نِٻَرُ نِينهَن سَندومِ، جِئن مُون اُڀي، هَنِ ٿيلِيو،
سَعيو سامونڊِينَ سين، اَڳهين تان نه ڪِيومِ،
وِجهَڻُ مَنجهِه هُئومِ، پاڻُ وَراڪِي رَسِ سين.
بيت - 24
ٻيڙيءَ جي ڀُڻن، نِينهُن نه ڪِجي اُنِ سين،
اُڀِيُون ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُهه سِڙَهه ڏيئي سِيرَ ٿِيا.
بيت - 25
هِينئڙو ٻيڙيءَ جان، ڏَتَڙِ پئي ڏِينهن ٿِيا،
پُڇيو تان نَه پِريان، ڪَرَ لاهُو ٿِي ڪَڏِهِين.
بيت - 26
تَن جَنِين جِي تانگَ، سي سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِيا،
لَئِج لاتِ، لَطِيفُ چَئي، ڪَڏِهين اِيندَم ڪانگَ،
ڪِنهن سَٽاڻي سانگَ، پِرِين پَرڏيهِي ڪِيا.
بيت - 27
تان ڪِين لَئِج ڪانگَ، ڪَڏِهن اِيندا مُون گهَرين،
سيڻَنِ ڪارَڻِ سانگَ، مُون تان گهَڻيئي ڪِيا.
بيت - 28
سَرَ نِسَرِيا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرين،
مون تو ڪارَڻِ ڪانڌُ، سَهسين سُکائون ڪيون.
بيت - 29
سَرَ، لوهِيڙا ڳَڀِيا، ڪُسَرَ نِسريا،
تو ڪِئن وِسريا، ڍوليا! ڏِينهَن اَچَڻَ جا.
بيت - 30
جيڪَرَ اَچي هاڻِ، ته ڪَرِيان روُحَ رُچَندِيون،
آيلِ ڍولِئي ساڻِ، هُوندَ ڳَرِ لَڳِي، ڳالهِيُون ڪَرِيان.
بيت - 31
آيَلِ ڍولِئي ساڻُ، اَچي تهَ جهيڙِيان،
لايَئِي ڏِينهن گهَڻان، مُون سين ڪيئِي ٿورڙا.
بيت - 32
ڍوليو وِئڙو ڏُورِ، تي ٿِي سِيءَ گُذاريان،
مادَرِ مُون مَ چورِ، نا تَه پَڌَرِ پُوندي پِرِينءَ ري.
بيت - 33
لاهِيندا ئِي ڪَنِ، ڳالهِيُون هَلَڻَ سَندِيُون،
ڏِيندا مُون ڏُکنِ، وَههِ وِجهَندا جِندَڙو.
بيت - 34
مُون کي جِياريو، پِرِيَنِ جِي ڳالههِ ڪَري،
ڊَٺو اَڄُ اَڏيو، هِينئڙو ڪوٽ بُرجَ جِئَن.
بيت - 35
وانءُ وَڃِي وائُٺِ، هِينئڙا ماڳُ پِرِينَ جو،
چُميو، چُمُ چَائنٺِ، هُوءِ جا سَندي سَڄَڻين.
بيت - 36
آئُون جَنِ آساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان،
مُون کي وِساري، شالَ مَ وَڃَنِ اوهَري.
بيت - 37
آساري آهِيين، مَٿي تَڙَ گُذارِيين،
تون ڪِئن وِسارِيين، سنَگَت سامُونڊِينِ جي.
بيت - 38
سَنهي لَڪِ، نَڪِ سَئين، ڪَجَلَ ڀِنَنِ نيڻَ،
سامُونڊي مُون سيڻَ، ڪِ تو ڪالههَ لَنگهائِيا؟
بيت - 39
هي سَڄَڻَ سيئِي، جي مُون ڪوڏِ نِهارِيا،
اِيندم جان پيهِي، تَه سَڀِ لاهِيندَمِ ڏُکَڙا.
بيت - 40
چَمَڪِيُون چوڌارَ، ڌَڄُون ڌاڙيچَنِ جِيُون،
ماءِ سامُونڊي آئِيا، سَهسين ڪَري سِنگارَ،
اُنهِين جِي پَچَار، ڪالوهونڪَرَ ڪانگُ ڪَري.
وائي - 1
ڪَرَهَل پائي لَڄُ، ڪُہُ نَه وِيئينءَ اُنِ سين؟
اُجارِيائُون اولِيُون، ڌُئارِيائُون ڌَڄُ،
ڪُہُ نَه وِيئين اُن سين؟
مَتان وِهين ويسَري، اُٿِي ڀُورُلَ ڀَڄُ،
ڪُہُ نَه وِيئين اُن سين؟
سيڻَنِ ساجُهر لَڏِيو، تُون آئي نِهارِين اَڄُ،
ڪُہُ نَه وِيئين اُن سين؟
ڪالَهه سِبايُئِي ڪَنجِرو، آنگُون پاتِيُئِي اَڄُ،
ڪُہُ نَه وِيئين اُن سين؟
ڪيرُ سُڻَندو تُنهِنجِيُون، اَدورائُون اَڄُ،
ڪُہُ نَه وِيئين اُن سين؟
وائي - 2
وِيندي آئُون هوتَنِ وَٽِ، مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.
پَڳَههُ کَڻُ مَ، پاتَڻِي، جانِي مُون لَئي جَٽِ،
مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.
وايُون وَڻِجارَنِ جِيُون، اَدِيُون اَڄُ نَه هَٽِ،
مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.
ڳَرَهيان سُورُ سَفَرَ جو، هَلِي پَنهِنجي اَرَٽِ،
مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.
پورِينديَسِ پِرِينَ ڏي، ڪانَه ڪَرِيندِيسِ گهَٽِ،
مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.
ڏيئي سِڙههَ سِيرَ ٿِيا، پيرُ نَه لايَئُون پَٽِ،
مُون وَههُ وَڻِجارَنِ سين.
داستان ٻيون
بيت - 1
پُران، مانَ پُڄان؛ بَندَرَ مُون ڏوُر ٿِيا،
نَه مُون هَڙِ نَه هَنجِ ڪِين، جو آئُون چَئِي چَڙهان،
اِيهين ڪِجِ پاتِڻي، جِنهن پَرِ پِرِينَ مِڙان،
ڪاروُن ٿِي ڪَرِيان، تو دَرِ اُڀِي، ناکُئا.
بيت - 2
هَڙَ ۾ ڪِينَ هُيون، هونهَئين هُنِ نَه چاڙِهيا،
سارو ڏِينهُن سَمُونڊَ تي، لَهِي سِجُ ويونِ،
جَڏِه سائِين سَبَبُ ڪِيونِ، تَڏهِ سُتَڙِ ٿِيا، سَيَدُ چَئي.
بيت - 3
اَسان اُڌارا، آڻي آونَگَ چاڙهِيا،
مُنهن ڏيئي مُون آئِيا، سَمُهان سِيارا،
اُڀرَنِ سِيڪارا، پَسِيو وَرَ ٻِيَنِ جا.
بيت - 4
مُون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پِريَنِ پَڳَهه ڇوڙِيا،
ڪا مُنهِين ۾ گهَٽِ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻُون.
بيت - 5
مُون اُڀي تَڙ هيٺ، پِرِينَ پَڳَهه ڇوڙِيا،
ڪا مُنهِين ۾ ڏيٺِ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻون.
بيت - 6
مُون اُڀي تَڙَ جهَلَ، پِريَنِ پَڳَههَ ڇوڙِيا،
ڪا مُنِهين ۾ آلَ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجها گھَڻون.
بيت - 7
مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيَنِ پَڳَههِ ڇوڙِيا،
هو اَللهَ هارا اُهَرِيا، آءٌ دَمِدَمِ دُعا ڪَندِياسِ،
آهَ نَه لاهِيندِياسِ، موٽِي اِيندا مُون گهَرين.
بيت - 8
کِيڙائُن کارو، سَنجهيئي سارِيو،
آيَلِ اُمارو، آهِنِ پِريين پارَ جو.
بيت - 9
کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽِيا،
سودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائو،
موتي جي مِهراڻ جا، تَنِ جا طاماعَو،
سامُونڊي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.
بيت - 10
لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لَئي لَنڪا جي اوهَرِيا،
سُڻِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نه سامُونڊِينَ،
پِرِهَ پَڳَہَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ،
وَي ڀاڳِ ڀِڙَن، جي ڪَهيا ڪارونڀارَ ڏي.
بيت - 11
وَڻِجارَنِ وَري، پِرِهُ پَڳَہَ ڇوڙِيا،
اولِيُون پَسِي اُنِ جِيُون، پِئَڙَمِ ڳَچَ ڳَري،
وِيندَيسِ ماءِ مَري، ساري سامُونڊِينِ کي.
بيت - 12
وِڻِجارَنِ واري، پِرِهَ پَڳَہَ ڇوڙِيا،
کيڙائوُ کاري، سَنڀُوڙا، سَيّدُ چَئِي.
بيت - 13
وَڻِجاري وائِي، سَدا آهِ سَفَرَ جِي،
آيَلِ اِيهائِي، مُون مارِيندي ڳالَهڙي.
بيت - 14
وَڻِجارَي جِي ماءِ، وَڻِجارو نه پَلِيين،
آيو ٻارهين ماهِ، پُڻِ سَفَرِ سَنَبهي.
بيت - 15
وِڻِجاري ڪانڌاءُ، مُون وَرُ ويٺي گهارِيو،
لَڳي اُتَرَ واءُ، ڍولِيو هَلَڻَ جِيون ڪَري.
بيت - 16
جي تُون وِڻِجارو ڪانڌُ، ته مُون هَڏِ مَ لائُون لِڌِيُون!
پَرَڏيہَ مٿي سانگُ، اَٺَئِي پَهَرَ جِنهن ڪِيو.
بيت - 17
پَرَڏِيهِه پُورِيائُون، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباهِيا،
مان تَنُ مارِيائُون، پاڻان وِجهِي گُوندَرِين.
بيت - 18
ٿِيا ڏياريءَ ڏِينهُن، سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جِي ڪَئِي،
مُون سر وٺا جيڏيُون، ڏُکَنِ سَندا مِينهَن،
ڪَيَسِ نِماڻي نِينهنَ، کاري کيڙائُنِ جي.
بيت - 19
کارو جي کيڙِين، سيئِي منهنجا سُپِرين،
رُوئان رَهَنِ نَه لِکَ سِينءَ، جهَلِيان جهَلَ نَه ڏِينِ،
وِرهَ ويڌ ڪَرينِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.
بيت - 20
ڏِٺي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سنباهِيا،
وِجهِيو وَرُ وَنجههَ کي، روئِي وَڻِجاري،
مارِيندَءِ ماري! پِرَهَ سُورَ پِرِينِ جا.
بيت - 21
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباهِيا،
اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،
وَڻِجارَنِ وائِي، آهي پَرِيين پارَ جي.
بيت - 22
ٿِي ڏِياري ڏيٺِ، ڍولِيو هَلَڻَ جِي ڪري،
مَکِيو پَنهنجي مَڪُڙي، چيٺي چَڱِيءَ چيٺِ،
رُوئان رَهَنِ نَه سُپِرِين، جانڪِين جهَلِيان بيٺِ،
مُون سِين ڪَري ميٺِ، سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِيا.
وائي - 1
وائي
آئين اچِي پَسو، جيڏيُون! ووءِ! هِي جو وَهُ مُنهنجي جِنَدَڙي.
پائي وِئَڙا پيرَ ۾، منجهان کَرِسَ کَسو،
ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِنَدَڙي.
ڏيئي وِئَڙا ڏاهِ کي، سُورَنِ جو سَرَسو،
ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِندَڙي.
آءٌ ڏورِيندي اُنِ کي، ڏيئي تَنَ تَسو،
ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِنَدَڙي.
ساءُ نه آيان سُورَ جو، هاڻي ٿِيون هَسو،
ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِندَڙي.
مَتان وِهو، ويسَرِيُون! رِڙهو تي رَسو،
ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِندَڙي.
مُندائتي مِينهَن جِئن، ويروتارِ وَسو،
ووءِ! هِي جو وَهُ منهنجي جِندَڙي.
وائي - 2
وائي
آئين مُون کي، زورِ مَ جهَلِيو، جيڏيُون،
ووءِ! آئُون هَلندي هوتَ ڏي.
اُونهي وِئَڙا اُوهَري، تَرازُون تاري،
ووءِ! آئُون هَلندي هوتَ ڏي.
مَري رَهَنديَسِ ماڳِهِين، سامُونڊي ساري،
ووءِ! آئُون هَلندي هوتَ ڏي.
سُورُ تُنهِنجو سُپِرين، مُون مَعذُورِ کي ماري،
ووءِ! آئُون هَلندي هوتَ ڏي.
هاڻِ نَه جِيان جِيڏيُون، آئُون ڪُٺَيِسِ ڪوهِياري،
ووءِ! آئُون هَلندي هوتَ ڏي.
وائي - 3
آيَلِ! ڪَرِيان ڪِيئن؟ مُنھِنجو نِينھُن اَپَلِئو نَہ رَهٖي.
وِيو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙهٖي چيئَن ،
مُنھِنجو نِينھُن اَپَلِئو نَہ رَهٖي.
سامُنڊِيَنِ جي سَڱَ کي، رُوئان راتو ڏينھن،
مُنھِنجو نِينھُن اَپَلِئو نَہ رَهٖي.
اُڏوھِيءَ جِئَن ڏُکَڙا، چَڙِهيا چوٽِيءَ سِيئَن،
مُنھِنجو نِينھُن اَپَلِئو نَہ رَهٖي.
گوندر مَٿاءِ ڄِندَڙي وَرِيا وَلِنِ جيئن،
مُنھِنجو نِينھُن اَپَلِئو نَہ رَهٖي.
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان ھادِيءَ سِيئَن،
مُنھِنجو نِينھُن اَپَلِئو نَہ رَهٖي.
داستان ٽيون
بيت - 1
جي وِيا پِهرِئين پُور، آهِيان گهوري اُنِ جِي،
سامُونڊيڪو سُورُ، ماءِ مارِيندَمِ ڪَڏِهِين.
بيت - 2
سامُونڊِيَنِ سَعيو، سَدائِين سَفَرَ جو،
ڪو ڏيههُ چِتايو، اونهي وَڃَنِ اوهرِيا.
بيت - 3
اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جِيُون،
اَٺِئي پَهَرَ اَٿَنِ، سَعيو ڪنهن سَفَرَ جو.
بيت - 4
اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جِيُون،
مُون اُڀيئِي هَليا، بَندرَ جَنِ تَڙَن،
سرِتيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مارِيندو جِندَڙي.
بيت - 5
اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻجارا وَڃَڻَ جِيُون،
هَلَڻَ هارا سُپِرِين، روُئان تان نَه رَهَنِ،
آءٌ جهَلِيندي ڪيتَرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
پَڳَههَ ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾.
بيت - 6
لاهِيان جي نه چِتان، اَلا! اُنِ مَ وِسَران،
مَڙِهيو مَنجهاران، جِيءُ مُنهنجو جَنِ سين.
بيت - 7
چِتان جي نه چُرَنِ، اَلا! اُنِ مَ وِسَران،
مُون مَنُ آهي تَنِ، مَڙِهيو منجهارا هِينئين.
بيت - 8
تَڙين تَنوارِين، ماءِ سامونڊي آئِيا،
مُون کي جِيارين، وايُون وَڻِجارَنِ جيون.
بيت - 9
اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَههَ ڇوڙي پَنڌِ ٿِيا،
آيَلِ سامُونڊِيَنِ جِي، آهِ اَڙانگِي جُوءِ،
ڪَڏِهن ڏِسَندِيَسِ رُوءِ، وَري هِنِ اَکِين سين.
بيت - 10
لَڳِي اُتَرَ هِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباهِيا،
نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
هينئڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائَنَ جِي.
بيت - 11
لڳي اُتَرَ اُهَرِيا، واهُوندَنِ وَرَنِ،
آءٌ گهَڻوئِي گهورِيان، سان سودو سامُونڊِنِ،
اَڱَڻِ جَنِ اَچَنِ، عِيدَ وَرَتي اُنِ کي.
بيت - 12
اَڱَڻِ آيا جان، ته سَرَتِيوُن مون سُکَ ٿِيا،
اَمُل پِرِين مَٿان، ٻُرَڪِيو ٻِئَنِ ڏِيان.
بيت - 13
آئِي اُتَرَ مُندَ، هينئين اُڊڪو نَه لَهي،
وَٽِين لاڄُوبَندَ، ٻِهَرَ مَکِنِ ٻيڙِيُون.
بيت - 14
لاڄُو ٿا لَوَنِ، اَچَنِ سِڙه اُپَٽِيا،
ڪارَن تَنِ پِرِينَ، ويٺِي واٽَ نِهارِيان.
بيت - 15
سِڙه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءِ، سامُونڊي آئِيا،
مانَ منهنجو هوءِ، جاتِي هِنَ جَهازَ ۾.
بيت - 16
سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرجَنَ تَڙَنِ تي،
سِڙَه سِبِي ساڄا ڪَري، کُوها کَنيائُون،
بَيرَقُون بَحَرن ۾، ڇوڙي ڇَڏيائُون،
لَهَرِيُون لِنگهِيائُون، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چَئي.
بيت - 17
سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَجَنِ تَڙَنِ تي،
مُلا مُعلم خَبَروُن، پُڇِي پُورِيائُون،
سُتَڙ سوٺِيائُون، اوَتَڙَ ڪِنهن نه اولِيا.
بيت - 18
بَندَرَ ديسان ديس، مُلُ نه مِلي واريين،
فَقِيراڻي ويس، اَمُلَ ڏِينِ اَتورِئا.
بيت - 19
پَتَڻِ پوءِ پَچارَ، اُن ڪي سِڙَه وِيندا گَڏِيا؟
اُڪَنڍَ مُون اَپارَ، شالَ منهنجا موٽِيا.
بيت - 20
اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِين، وَهُون وِڻِجارَنِ جِيُون،
آڻِيو آکا ڏِينِ، کَٿوري سَمُونڊَ کي.
بيت - 21
جَنِين ڪارَڻِ مُون، ٿي تَڙَ پُوڄارا پُوڄِيا،
پُنِيَمِ اُميدُون، سيئي سَڄَڻَ آئِيا.
بيت - 22
وائُنٽِيُون ٿِيُون وَرَڪَنِ، اَڃا سِڙَه نه پَڌرا،
سيئي ٿِيُون مَرڪَنِ، جُنِين سَندا آئِيا.
بيت - 23
کُوهَنِ سِرِ وانئٽِيُون، وائُنٽِينِ سِرِ ڳَنڍَ،
کيڙي کيڙي کَنڊ، ماءِ سامُونڊي آئِيا.
بيت - 24
جَرِ ٿَرِ ڏِيا ڏي، وَڻِ ٽِڻِ ٻَڌي وائُنٽِيون،
اَلا! ڪانڌُ اَچي، آسائِتِي آهِيان.
بيت - 25
جا جَرِ جاٽُون نَه ڏِئي، ڏِيا نَه موهي،
سَڌُون ڪوهُ ڪَري، سا پَنهِنجي ڪانڌَ جِيُون.
وائي - 1
پِرِيَنِ جي پَنڌان، مُون کي جي جهَلِينديُون،
سي نَه پُڄَندِيُون.
ڀَلِي ڪَري آئِيو، ٺاٺارو ڏيهان،
سي نَه پُڄَندِيُون.
ڀَڳي ڪُٽِ سَڄي ٿِي، لَٿي جاڪِ ڳَران،
سي نَه پُڄَندِيُون.
سَرَتِيَنِ سُور پِرائيا، هاڻي هِنَ هَنڌان،
سي نَه پُڄَندِيُون.
تان ڪِين واسُ وِهائِيو، ٻاروچي مُلان،
سي نَه پُڄَندِيُون.
تان ڪِين ڏونَگَرُ ڏورِيان، جان ڪُڙِه اَندرَ ساهُ،
سي نَه پُڄَندِيُون.
مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، تُون هَڏِ آڇ مَ ماءُ،
سي نَه پُڄَندِيُون.
وائي - 2
تَڙَ نِهارِيان تي، مُنهنجا بَندَرِ وِئَڙا جي،
مان سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين.
اُڀي اوسَہِ پائِيان، ڪارَڻِ وَڻِجاري،
مان سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين.
گهَڻُون اُڪنڊي آهِيان، پِرِينءَ پَنهنجي کي،
مان سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين.
آسائِتي آهِيان، اَلا! ڪانڌُ اَچي،
مان سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين.
ڪاموڏ
داستان پھريون
بيت - 1
تُون سَمُون، آئُون گَندري، مُون ۾ عَيبَنِ جُوءِ،
پَسِي راڻِينَ رُوءِ، ماڱَر مَٽِيين.
بيت - 2
تُون سَمون، آئُون گَندري، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ،
پَسِي لِيَ لَغارَ، مَتان ماڱَر مَٽيين.
بيت - 3
تُون سَمُون، آئُون گندري، مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ،
پَسِي کِکي کوڙِ، مَتان ماڱَر مَٽِيين.
بيت - 4
تُون سَمُون، آئُون گَندري، عَيبَ مُون ۾ وِيههَ،
پَسي مِئڪِي ڌي، مَتان ماڱَر مَٽِيين.
بيت - 5
تُون سَمُون، آئون گَندري، مُون ۾ عَيبَنِ لکُ،
هِنَ مُنهنجي حالَ جِي، توکي سَڀَ پَرکَ،
ڪارَڻِ رَبَّ اَلَکَ، مَتان ماڱَر مَٽِيين.
بيت - 6
تُو تَماچِي، تَڙَ ڌَڻِي، آئُون مُهاڻِي مي،
مُون ڏُهاڳُ مَ ڏي، آئُون جا نالي سُيَسِ تُنهِنجي.
بيت - 7
تُون تَماچِي، تَڙ ڌَڻِي، آئُون گَندري غَرِيب،
توسين ڄامَ قَرِيب، ڪِي ڏَن ڇَڏائي ڏيج مُون.
بيت - 8
کاڄُ جَنين جو کِکِيون، مالَ جَنِين جا مَڏَ،
سَمي سيئي سيڻَ ڪِيا، هِيڻا جَني جا هَڏَ،
ڄامَ پَرِتِئي لَڏَ، سانِگين جي سَيّدُ چَئي.
بيت - 9
ڄارا ۽ کارا، مالُ جَنِين جو مَڪڙيُون،
تَماچِي جي تَڪِيي، اَچَنِ سوارا،
جي ميءَ مَڇِيءَ مارا، سَمي سي سيڻَ ڪيا.
بيت - 10
کِکِي هاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇيءَ هاڻا ڇَڄَ،
پاند جَنِين جي پاندَ سين، لَڳو ٿِئي لَڄَ،
سَمُون ڄامُ سُهَڄَس، اُڀو ڪَري اُن سين.
بيت - 11
ڪارِيُون، ڪوجهِيُون، ڪوُڙِيُون، مُورِ نه موچارِيُون،
وَٺِي ويٺِيُون واٽُ تي، کِکيءَ جِيُون کارِيُون،
اُنهين جِيُون آريُون، سَمي ريءَ ڪيرَ سَهي.
بيت - 12
ڄارِيُون، کارِيُون، ڇَڄَ، ڇِپِريُون؛ جَنِ جي مَحَبَتَ مَڇِيءَ ساڻُ،
رَهَنِ، وِهَنِ سِرِ ٻانڌِيين، سَڀِيئي بَدِبُو هاڻُ،
نِڌِڙَنِ جِئن لطيفُ چئي، پاڻِيءَ وِجهَن پاڻَ،
تَنِ مَلاحَنِ جو ماڻُ، سَمي سِرِ ڪِيو پانهِنجي.
بيت - 13
گَندَ جَنِ جِيءَ گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ،
اُنهِين جي اوطاق، راجا رِيجهي آئِيو.
بيت - 14
گَند جَنِ جِي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پينام،
اُنهِين کي اِنعام، مَڃر مِڙوئِي ٿِيو.
بيت - 15
گَند جَنِ جِيءَ گوڏِ ۾، مَٿَنِ تي مُوڙيُون،
اَچَنِ سَنڀُوڙِيُون، سَمي جي سَلام تي.
بيت - 16
ٿِيا تَماچيءَ ڄامَ سين، مُهاڻا مَحروُمَ،
نَنڍيءَ وڏيءَ گَندرِيءَ، مَٿي ماڙيءَ ڌُومَ،
جي ڪِينجُهر جي رُومَ، ته سَڀِ اِنعامِي ٿِيا.
بيت - 17
نَه وَڍي، نَه وِڪَڻي؛ نَه ماري، نَه ڌاري؛
کارو وِڌائِينِ کُوهَ ۾، نِرتون نِهاري،
سائِي پَرِ پاري، جا گهَرِ سَمي جي سَپڄي.
بيت - 18
نَه وَڍي، نَه وِڪَڻِي؛ نَه کَڻي ۾ کاري؛
اُهِجَ سُهِجَ، ساهِمِيُون، ڌُرِيان نَه ڌاري،
سائِي پَرِ پاري، جا گهَرِ سَمي جي سپڄي.
بيت - 19
پاٻوڙو پيش ڪِيو، نُوريءَ نَئُون نيئِي،
حاضُرُ هُيُون هَڪِيُون، سَمِيُون سَڀيئِي،
نَوازي نيئِي، گاڏِيءَ چاڙهِي گَندري.
بيت - 20
مُهاڻِيءَ جي مَنَ ۾، نَه گِيرَبُ، نَه گاءُ،
نِيڻَنِ سين ناز ڪَري، ريجهايائينِ راء،
سَمُون سَڀَنِ مُلاء، هيريائِين حِرفَتَ سِين.
بيت - 21
نُوريءَ جي نِيازَ جو، عَجَبُ اَجَهلُ هوءِ،
سَمون سِرُ سَڀَن ۾، ميءَ مُورَڇِيو سوءِ،
اَچِيو اَڀِيَنِ پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيين.
بيت - 22
ميءَ مَڇِيءَ ۾ هَٿَڙا، ويٺِي ڪَري وَرَنَ،
راءِ اَڳهين رَکِيي، مُهاڻِي مَنجهِه مَن،
تَماچيءَ جي تَنَ، ڳالهِيُون چَيُسِ ڳُجهِيُون.
بيت - 23
هٿين، پيرين، لکڻين، مُنهِن نَه مُهاڻِي،
جِئن سَڳو وِچِ سُرَندڙي، تِئن راڻين مَنجههِ راڻِي،
اَصل هُئِي اُن کي، اَهل ڄاماڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ ٻانهَن ۾.
بيت - 24
تِهَڙو ڪِينجُهرَ ۾، ڪِينَ ٻِيو، جهڙي سونهن سَندِياس،
مَڏُ، مِياڻيُون، مَڪُڙا، مِڙَئِي مَعافُ ٿِياس،
مُورڇَل مَٿاس، هَڻي ڄام هَٿن سين.
بيت - 25
تَڙُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، تَماچي تَڙَ راءُ،
تَماچِي جي تَڪئين، تُون تَماچي ڳاءِ،
تَه تُون تَماچِياءِ، تَماچِي تَڙ لَهين.
بيت - 26
سَڀ سَمِيُون، سَڀِ سُومَرِيُون، سَڀنِي ڳِچِيءَ هَسَ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، وَڏا ڪِيائُون وَسَ،
ڍول تَن جي گَس، هيٺايُون هَلَن جي.
بيت - 27
کوءِ سَمِيُون، ٻَنِ سُومَرِيُون، جي ڄامَن جِيُون ڄايُون،
ڪَريو ويسَ وَڏاندرا، اَڱڻ ٿي آيُون،
گُوندَرَ گمايُون، جَهپي سَڀِ جهَڙَپَ سين.
بيت - 28
کوءِ سَمِيُون، ٻَنِ سُومَرِيُون، جي اَچَنِ اُونچي ڳاٽ،
وَرُ سي ڪِينجُهر ڄائِيُون، جَنِ تَماچِي جِي تات،
راڻِين مُلا رات، ماڻِڪُ ميءَ پِرائِيو.
وائي - 1
هِيري هَٿُ وِڌائِين، ويهِي ساٽين وِچَ ۾.
نَوازَشِ نُوريءَ جي، آهي تَماچِيءَ تائِين،
ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.
گَندَگِيءَ گوشو ڪِيو، عَطر اوتِيائِين،
ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.
اَنڌا مَنڊا آئيا، سَخا سَڏَ وِڌائِين،
ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.
پَسو جُود جُوانَ جو، ڪو هَنڌُ ڪونَ مَٽِيائِين،
ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.
قِيمَتَ ڪَمِيڻَنِ سِين، جهڙي وَٽ وَٽِيائِين،
ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.
موتِي مَڇِيءَ هَٽَ تي، ڪوڏِنِ جِئن ڪَڍِيائِين،
ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.
ماڻِڪَ مِياڻَينِ ۾، ڇِلُرَنِ جِئن ڇَٽِيائِين،
ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.
ڏيئِي سونُ سُوالَ ۾، رُپي راندِ ڪِيائِين،
ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.
پاڻِيَٺَ آڻي پاڻَ سين، لَعلُون سَڀِ لُٽِيائِين،
ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.
فيروزا فَقِيرَنِ تان، گهوري سَڀِ گهوريائِين،
ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.
اُتي عبدُاللّطيفُ چَئي، اُڇلي اَمُلَ ڏِنائِين،
ويهِي ساٽِين وِچَ ۾.
داستان ٻيون
بيت - 1
سِر صَلابَتَ، سُپرين! مَرَڪَڻَ، تُون مَ مَريج،
آهيين ٺارُ اکين جو، وَٽان مُون مَ وَڃيج،
تَماچِي تَڳيج، ڪو ڏِينهُن ڪِينجهُرَ ڪَنڌين.
بيت - 2
ڪو ڏينهن ڪِينجهُر ڪَنڌِيين، تُون تَماچِي تَڳُ،
اُونچو ٿِيومِ اَڳُ، مُون ڪَر مَلاحَن ۾.
بيت - 3
هيٺِ جَرُ، مَٿِي مَڃَر، پاسي ۾ وَڻراء،
اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِي جي ساء،
لَڳي اُتَرَ واء، ڪِينجهُر هِندورو ٿئي.
بيت - 4
هيٺ جَرُ، مٿي مَڃَر، ڪَنڌيءَ ڪَونرَ تَرَن،
وَرئي واهُوندَنَ، ڪِينجهُر کٿوري ٿِئي.
بيت - 5
هيٺ جَرُ، مَٿي مَڃَر، پاسي پِرِين سَندامِ،
ڪوڙِيين ڪاجَ سِڌامِ، اَڻَ سِڌو ڪونَ رَهيو.
بيت - 6
سَمِيُون ڪَري سِينگارُ، راءُ رِيجهائِڻَ آئِيُون،
ڄامَ هَٿَ ۾ ڄارُ، ڄُلي ڄٻيرين وِچَ ۾.
بيت - 7
ميءَ هَٿَ ۾ مَڪُڙي، ڄامَ هَٿَ ۾ ڄارُ،
سَڄو ڏِينهُن شِڪارُ، ڪِينجهُر ۾ ڪالههَ هُيو.
بيت - 8
جيلانهن نُوري نوازِيئِين، ٿِيو تَماچِي تي،
گاڏيءَ چاڙهي گَندري، ماڙهُو ڪِيو مي،
ڪِينجهُر چوندا ڪي، تَه سَچُ سَڀائِي ڳالهَڙي.
بيت - 9
پَکَنِ پوءِ پَچارَ: اَڄُ تَماچِي آئِيو،
مَرِڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌيءَ ٻارَ،
وَڏي ڄامَ ڄَمارَ، جِنهن مِياڻِيُون موکِيُون.
بيت - 10
پَکا پَکارِيو، ڄامُ تَماچِي آئِيو،
گُوندَر لاهِيو، گَندريُون! آتَڻَ اُجارِيو،
ڪِينجُهر قَراريو، سَمي سامَ بَخشِئي.
بيت - 11
ڪو جو ڪامَڻُ ميءَ، آهي اَکَڙِيَنِ ۾،
تَنُ تَماچِيءَ ڄام جو، ناڀُون پايو تي،
عِشقُ اِيئن ڪَري، جِئن ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪيو.
بيت - 12
ڄامان اَڳي جي ڄائِيُون، تَنِ جِي نِرتِ نُوريءَ کي نانهه،
نَه مَنهن نَه مارِڪي، نَه وَڃَنِ ڪينهن وِيهانءِ،
سي ڪينجهَر ڪَندِيُون ڪانِهه، جَنِ تَماچِي تَڪِيو.
بيت - 13
نَه ڪِنهن ڄايو ڄامَ کي، نَڪو ڄامَ وِياءُ،
نَنڍيءَ وَڏيءَ گَندريءَ، سَڀن آهي سِياءُ،
لَم يَلِد وَلم يُولد اِيءُ نِجابَتَ نِياءُ،
ڪِبر ڪِبرِياءُ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.
وائي - 1
تنهن کي ڪيرُ چوندو مي؟ اَڙي! اِيءَ سَمي جا سَمنگِي.
سَمي جي سُهاڳَ جو، مِينڍو ڳُتو مي.
ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪيو، عِشقُ اِئَن ڪَري.
جَنِ وِهَڻُ نَه ڏِنِي وَٽِ ۾، ٿِيا سَلامي سي.
عالَمَ اِنعامي ڪيو، نوريءَ ناز ڪَري.
اَبري
داستان پھريون
بيت - 1
اَوَلِ آخِرَ آهِ، هَلَڻُ مُنهِنجو هوتَ ڏي،
پورِهيو سَندو پورِهَيتين، والِي! ڪِيم وِڃاءِ،
ٿَڪِيءَ ٿورو لاءِ، جِئن جِئري مِلي جَتَ کي.
بيت - 2
ڏَري ۽ ڏاري، سَٽَ سُورَنِ جي سَسُئِي،
پييائِي پُنهُون ڏي، نِرمَلِ نِهاري،
لالَنَ جي، لَطِيفُ چَئي، سُونهن سَتي ساري،
پِرِيتڻون پاري، مارَڳَ ۾ مُنڌَ مُئِي.
بيت - 3
جي سِجهائِي سِڪَ، تَه پُڻ سِڪي سَسُئِي،
پيتائِين پُنهونءَ سين، هَڏِ نَه ڀَڳِيَسِ هِڪَ،
اِنَ تَڙ مَنجهان تِڪَ، ڏِني پاڻَ اُڃَ ٿِئي.
بيت - 4
پَسِي جهاجههَ جَمالَ جي، جَنِين پِيتي پِڪَ،
اَپَرِ آڳانجهو ٿِيو، سُور اُنِهين کي سِڪَ،
هَڏِ نَه ڀَڳِينِ هِڪَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
بيت - 5
مَحَبَتَ جَنِ جي مَنَ ۾، تَن تَشنگِي تار،
پي پِيالو اُڃ جو، اُڃ سين اُڃ اُتِيارِ،
پُنهُون پاڻَ پِيارِ، تَه اُڃَ سين اُڃَ اُجهائِيان.
بيت - 6
مَحبَتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ،
پِيَڻَ پَرَچا ناهِ ڪو، ڪِنهن جِنهن ڏاهِ ڏَڀَنِ،
تِنهن نِهايَتَ ناهِ ڪا، جِنهن سُڃا سُڃَ وَڃَنِ،
تيلانهن اُڃَ مَرَنِ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
بيت - 7
سَدا سائِرَ سِيرَ ۾، اَندَرَ لَهي نَه اُڃَ،
پَسَڻ جو پِرينءَ جو، سا سَڀائي سُڃ،
تيلانهن مَرَنِ اُڃَ، سَدا سائِرَ سِيرَ ۾.
بيت - 8
ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئِي،
اَندَرِ جَنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃيو اُنِ کي.
بيت - 9
پاڻِيءَ مَٿي جهُوپَڙا، مُورِکَ اُڃَ مَرَنِ،
ساهان اوڏو سُپِرِين، لوچي تان نَه لَهَنِ،
دمُ نَه سُڃاڻَنِ، دانهون ڪَنِ مُٺَنِ جِئن.
بيت - 10
سَسُئي ڪِينَ سَمُجهِيو، اوري آريءَ ساڻُ،
ڪَري پيکُ پُنهونءَ سين، پاڌارِيائِين پاڻُ،
ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ سين.
بيت - 11
لَڳي ڪوسو واءُ، لوڪ مِڙوئِي لَهَسِيو،
اُڀَنِ مَنجهان آئِيو، ”هَئي هَئي“ جو هُڳاءُ،
طيُورَنِ تَنواريو، پُنهُونءَ پُڄڻاءُ،
رَسِيو سُورُ شَبانَ کي، وُحوشَنِ وَٽاءُ،
مِرُوئَنِ موتُ قَبُوليو، اَپَرِ اَفَسوساءُ،
بَرَ پُڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڍيا آريءَ لَئي گهَڻُون.
بيت - 12
مُهند مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻيج،
ڪُٻيلياڻِي! ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ هَلائيج،
پاڻان ڌارَ پِريَتَڻُون، سَسُئِي! ساڻُ کَڻيج،
اوڏي عَزازِيلَ کي، ويجهِي تان مَ وَڃيج،
نا اُميدي نيج، تَه اوڏي ٿيين اُميدَ کي.
بيت - 13
مُهند مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي هَلُ،
عُذَرَ خواهِيُون، عاجِزِيُون، سَسُئِي ڪنهن مَ سَلَ،
ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکَڙو، لَنئون ري ڪونهي لَلُ،
اِي ڀَلائِيءَ جو ڀَلُ، جِئن پاسي ٿِيَڻُ پاڻَ کان.
بيت - 14
وِهُ مَ مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، ڪَر ڪو واڪو وَسُ،
ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندُءِ هوتَ پُنهونءَ جو.
بيت - 15
وِهُ مَ مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، هاڙهي هَڏ مَ هَلَ،
ڪوڙي ڪِجَ مَ ڪَڏِهِين، سَچِي ڳالهه مَ سَلُ،
جانِبَ لَئي مَ جَلُ، سُورُ وِسارِ مَ سَسُئِي!
بيت - 16
سُکين ٿِي مَ سَنَري، پَسِي ڏُکَ مَ ڏَرُ،
پَٽِي ڪَرِ مَ پانهِنجو، گهوري! اَڏِ مَ گهَرُ،
ماري! هَڏِ مَ مَرُ، مَڇُڻِ جِيءُ جِيارِئين.
بيت - 17
سُکين ٿِيي نَه سَنَري، ڏُکين تان نَه ڏَري،
اوري هَڏِ نَه اُڀيي، پُري تان نَه پَري،
سَرَتِيُون! ٿو نَه سَري، ٻِنهين ريءَ ٻانڀڻِ کي.
وائي - 1
تَنَ مَنَ مَنجههِ تَنوارَ، هو يارَ! سَدا آهي سِڪُ جِي.
تِئن چِڻِڪَنِ چِتَ ۾، جِئن سا گهُنڊيءَ لارَ،
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
لَڳي اُڃَ اَکِينَ کي، سِگهو موٽ، سَتارَ!
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
پَسان ڪِينَ پِريَتڻُون، ڪاڏي پِرتِ پَچار؟
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
بَندِياڻِي ڀَنڀورَ ۾، آهِيان آهِئان ڌار،
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، آرِياڻي آڌار!
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
ڏِيان خيزُ خِزان ۾، جي تو مَنجهِه بَهارَ،
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
مُضِر تان مُون کي ڪِيا، حَڪِيمَنِ هَزارَ،
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
دَوا آهِيين دِلِ جِي، وارو واقِفَ ڪارَ!
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
آڻي ڏي عَلِيلَ کي، مَعجُونُون موچارَ!
هو يار! سدا آهي سِڪ جِي.
وائي - 2
مُون کي تان جهَلَ مَ پائِيو، وو جيڏِيُون!
آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.
هِيءُ جو بارُ ڀَنڀورَ جو، لوٺيءَ تان سَڀِ لاهِيو،
آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.
آهي عاجِزِنِ تي، پَسَڻَ سَندو ساعِيو،
آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.
ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪُنڊَ ۾، نَه مُون ڀَؤ، نه ڀايو،
آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.
وِهاري وَطَن ۾، شُهدِيَ کي مَ سِڪايو،
آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.
ڪُٺَلِ ڪَجائَنِ ۾، چاڙهيءَ هِيءَ هَلايو،
آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.
مُنهنجو پَنڌُ پُنهونءَ ڏي، ريبي تان مَ رَهايو،
آئُون هَلَندي هوتَ ڏي.
داستان ٻيون
بيت - 1
هيجَ نَه هُوندو جَنِ، سي ڪِئن وِندرِ وِيندِيُون،
وِهو وِچ رَهَنِ، سَهَسين سَڌُن وارِيُون.
بيت - 2
سَڌائِتِي سَڀڪا، بُکَ نه باسي ڪا،
جيهِيءَ تيهِيءَ ذات جي، جُنبَشِ ڪانهي جا،
مُون سين هَلي سا، جِيءُ مِٺو جا نَه ڪَري.
بيت - 3
ڪيچ نَه جُنبَڻَ جاءِ، تَه ڪا هَلي هوتَ ڏي،
مُون سين هَلي ساءِ، جا جِيءُ مِٺو نه ڪَري.
بيت - 4
آتَڻَ ۾ پِرياڻُ، هو سَڀَنِي جيڏِيين،
مُون سَڀاڳِيءَ ساڻُ، ڪيرَ ڇُلَندي ڇَپَرين.
بيت - 5
سُکَنِ واري سَڌَ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري،
اَندَرَ جَنِين اَڌ، ڏُونگَرَ سي ڏورِينديُون.
بيت - 6
ڀَينَرُ! آئُون ڀوري، مُون سَڱ سُڃاڻِي نَه ڪِيو،
ڏِيندا مُون ڏيرَ وِيا، جِهڄَڻُ ۽ جهوري،
لَڳِي جَنِ لوري، ڏُونگَرَ سي ڏورِينديُون.
بيت - 7
اَدِيُون آئُون اَڄاڻِ، مُون سَڱ سُڃاڻِي نَه ڪيو،
هُوندَ نَه سَٺِيَم هيتَري، ڪوهِياري جِي ڪاڻِ،
رَتِيءَ جي رِهاڻِ، جِيُّ اَڙايُمِ جَتَ سين.
بيت - 8
ڏُونگَرَ نَه ڏوري، سِڪَڻَ جِيُون سَڌوُن ڪَري،
ويٺي گهَر گهوري، مَٿان پِرِينِ ڄِندَڙو.
بيت - 9
وَريِتيُون وَرو، آئُون نَه وَرَندي وَرَ ري،
جاڏي هِنَ جَبَلَ جو، تانگهِينديَسِ تَرو،
جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينهُن نِبيرو نَه ٿِيو.
بيت - 10
وَڃو سَڀ وَري، آئِين جي وَرَنِ واريُون،
ڦوڙائِي فِراقُ جِي، سُڄي ڳالههَ ڳَري،
ٻُنڀان جَنِ ٻُري، ڏُونَگَر سي ڏورِينديُون.
بيت - 11
وَڃو سَڀ موٽي، آئِين جي وَرَن وارِيُون،
ڪانَ هَلَندي ڪيچ ڏي، ڪَرِيو مَ کوٽِي،
ڪَڍِيَمِ ڪاڇوٽِي، وِڌُمِ جوڳُ جَتَنِ لَئي.
بيت - 12
دُکائيندي دُونهَڙا، مُنڌَ! سيڻاني وَڃُ،
پِرِيتَڻُون مَ ڀَڃ، ساٿُ چَڙهندو لَڪيين.
بيت - 13
اَڄُ مِلَندِيَسِ ماءِ، ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپَڙا،
جِيجان! جوڳِياڻي ٿِيان، مُون کي جهَلَ مَ پاءِ،
هوتَ ٻاروچي لاءِ، ڪَنين ڪُنِرَ پائِيان.
بيت - 14
سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، هَڏَ پُڻ ڏُکَنِ هوت لئي،
پِرِيَنِ جي پاڻَ ڏِنا، سي سُتي سُکُ نَه ڏِينِ،
جي ماڙُهنِ کي مارِينِ، تَنِ سُورَنِ کي سَڏ ڪَرِيان.
بيت - 15
مُون کي ڀانئي ڀاڄَ، ڏيرَ ڏوراڻا هَليا،
اَڳيان اُٿِي اُن جي، خُوب نَه پَڪَمِ کاڄَ،
ميڙي آپَ سَرَتِيُون، نَڪي ڳايَمِ ڳاچَ،
سا مُون هٿان نَه ٿِئي، جيڪا رَسَمَ راڄَ،
آيَلَ! آئُون اَڪاڄَ، ٻولُ ٻاروچي وِتَرو.
بيت - 16
تو جو ٻولُ، ٻَروچَ! ويهي ڪيو وَڻڪارَ ۾،
سوئِي پارِج، هوتَ! وِلهِيءَ مُون معذُورِ سين.
بيت - 17
پِهرِين تُون پاريج، پارڻُ پوءِ پُنهُونءَ تي،
ٻولُ مَ وِساريج، هو جو ڪيوءِ هوتَ سين.
بيت - 18
جان ساماڻِيئن، سَسُئِي! تان ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ،
لاهي لَڄَ، لَطِيفُ چَئي، ٿِي بيگارياڻِي بَرِ،
ته وِيندي پَوئِي وَرِ، اَڳِيان هوتُ حُضُورَ ۾.
بيت - 19
توسين ٻولَ ٻَهُون، سَهَسين ساڄَن جي ڪَري،
ڪَندِئين توءِ ڪَهُون، جي نالو ڳَيڙُءِ نِينهن جو.
بيت - 20
سُڻِي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمَهين سَسُئِي،
ڪَندِئين ڪَههُ ڪيڻان، جَهه سي اُنِ اورانگهِيا.
بيت - 21
سِڄَ اُلٿَي سَسُئي، رَتُ وَرَڻُون روءِ،
پَهِي نَه پانڌي ڪو، جِنهن ڪَر پُڇي لوءِ،
مُوڙهِي وَڃي توءِ، موٽَڻ جي ڪانَ ڪَري.
بيت - 22
ڇُلان، مَنجهِم نَه ڇاڪَ، پُران پُونِمِ پُرڪڻان؛
مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽَڻَ جِي مذاقَ،
چِتُ سَندو مُون چاڪَ، هاڙهي هَڏِ هَڻِي ڪيو.
بيت - 23
پيرين پِيَمِ پُرڪڻان، رَهَ ۾ رَت رُنومِ،
پاراتو پِرِينِ کي، تَپِي تان نَه ڏِنوم،
چُڪِي تي چَيومِ، ”سُواهَرُو“ سَڄَڻين.
بيت - 24
چُڪِيءَ کي چَئِي، ڪا جاڳائي جيڏيُون،
وِيئڙو ساٿُ وَهِي، تو نِنڊائِي نَه لَهي.
بيت - 25
چُڪَسِ سَڀ چَئِي، ماڙهُو شَهرَ ڀَنڀورَ جا،
سا موٽي ڪِيئن مُئِي، جِنهن جو جانِبُ جَتَ وَٺِي وِيا.
بيت - 26
موٽَڻَ جا مَذڪُورَ، جان ڪي چَيَسِ جيڏِين،
پَرِيَٽِ پِهري پُورَ، نيئي پُهچائي پُنهوُنءَ کي.
بيت - 27
موٽَڻَ جِي مَصلحَت، مُون کي ڏِيو مَ جيڏِيُون،
نيهارِيندِيَسِ نِڪَري، آرِياڻِي اَلبتَ،
ڪَندِيَسِ اوٽَ عَيبَ جي، لَڪَن ڏيئي لَتَ،
سَرَتِيُون! شَرِيڪَتَ، آئوُن ڪيئن آگَن سين ڪَريان.
بيت - 28
موٽي مَران مَ، ماءِ! موٽَڻَ کان آڳي مَران،
لُڇي لالَنَ لاءِ، شالَ پُوندِيَسِ پيرَ تي.
وائي - 1
مَعلُومُ حالُ، حبِيبَ! مُون کي دَردُ قَدِيمِي، وو!
دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.
آلُودي آزارَ کان، توريءَ ٿِيَسِ طَبيبَ،
دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.
شادي ڏِيين صِحَتَ جِي، غَمِي لاهِ غَرِيبَ،
دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.
آهِئان ٿِي آهُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجههِ نَصِيبَ،
دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.
ڪاهِلِ آهِيان ڪُوَڙي، رَسِي لاهِ رَقِيبَ،
دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.
حاذِق آهيين هِنَ جو، اَچيين شالَ عَجيبَ،
دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.
دَوا آهيين دِلِ جِي، پُڇِ پُچ رَهِيَسِ طَبِيبَ،
دَردُ جَدِيدي، حُبَ حَبِيبِي.
وائي - 2
ڳالِهيُون هوتَ ٻاروچي ساڻُ،
وو! مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.
ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، سَڱَ تُنهنجي ساڻُ،
مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.
چَڙهِي ڏاڍين ڏُونگَرين، پُرزا ڪَندِيَسِ پاڻُ،
مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرِين، ڄامَ وِڃايُمِ ڄاڻُ،
مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.
هَٿان هَڏِ نَه ڇَڏِيان، سَندو نِينهَن نِڌاڻَ،
مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.
نَصِيبُ ڪَر سَسُئِيءَ کي، پُنهُون، اُٺَ وَٿاڻُ،
مُنهنجي جِيءُ جِيُون جيڏِيُون.
داستان ٽيون
بيت - 1
پَسِي ڏُونگَرَ ڏاهِ، جِمَ هَلَڻَ ۾ هِيڻِي وَهين،
لانچي لَڪَ، لَطِيفُ چَئي، پُٺِيءَ ڪيچِين ڪاهِ،
پُڇِي پُورِجِ، سَسُئِي بَلوچاڻِي باهِ،
اِنَ وَڙائِتي وَرَ جو، آسَرُ هَڏِ مَ لاهِ،
جو آکِيَئُون اوڏو آهِ، سو پِرِين پَراهُون مَ چئو.
بيت - 2
هِتان کَڻِي هُتِ، جَنِ رَکِيو، سي رَسيُون،
ساجَن سُونهن سُرِتِ، وِکانئِي ويجهو گهَڻُون.
بيت - 3
جيڪُس ياد ڪِياسِ، وَرَ وَڃِي وَڻِڪارَ ۾،
جَلدُ جَريدي پَنڌُ ۾، اَدِيُون اَڄُ ٿِياسِ،
وَڃِي ڪيچ پُنياسِ، ٻاروچاڻِيءَ ٻاجهَه سين.
بيت - 4
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ جائو، جَمُرَ، جَرَ،
ڪوسا تَپَنِ ڪَڪِرا، ٻِي دَمِدَمِ تَپِي ڌَرَ،
ويچاري ڏي وَرَ، پيرُ نَه لَهي پِرِينءَ جو.
بيت - 5
وَڏا وَڻَ وَڻڪارَ جا، جِتِ نانگَ سُڄَنِ نِيلا،
اُتي عبدُاللّطيفُ چَئي، ڪيا هيڪَلِين حِيلا،
جِتِ ڪُڙَمَ نَه قَبِيلا، اُت رَهَبَرَ رَسِج راهَ ۾.
بيت - 6
ويچاريءَ وَڻِڪارُ، اَڳَ نَه ڏِٺو هو ڪَڏهِين،
مِهَرَ نَه هُئِي ماڙُهئين، هو سَڀُ هِندوڪارُ،
جَتُ ڪيائُون يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرتِيُون.
بيت - 7
واقِفِ نَه وَڻِڪارَ جِي، جِتِ جَبَلُ جو راڻُون،
اُتي عَبدُاللّطِيفُ چَئي، سُڄي سَفر سٽاڻون،
پِهروئِي پاڻون، سَوَلو ڪَرِيين ساٿَ جو.
بيت - 8
واقِفَ نَه وَڻِڪارَ جي، باري سُڄَنِ بَرَ،
وَرُ، وَسِيلا سُپِرين! ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
لَهج، لَعلُ لَطِيفُ چَئي، ڪانڌَ مُئي جِي ڪَرَ،
وِلهِي ڪَري وَرُ، مَڇُڻِ مارَڳِ ڇَڏِيين.
بيت - 9
واقِفِ نَه وَڻِڪارَ جي، اَڳَ نَه ڏيههُ ڏِٺومِ،
ڏُوُنگَرَ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ري ڪُٺومِ،
جيلانهن مُحب مٺوم، تي ڇُلُون ڪَريان ڇَپَرين.
بيت - 10
واقِفِ نَه وَڻِڪارَ جِي، پاڻِيءَ کَنيُمِ نَه پاءُ،
جَبَلُ جَلدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
لَڳي لَڪُ، لَطِيفُ چَئي، مَعذورِنِ مَٿاءُ،
اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هوتَ! هيڪَلي آهِيان.
بيت - 11
سَسُئِيءَ کي سَڏُ ٿِيو، اسان اولاڻُون،
پَنڌَ نَه پُڄاڻون، اَڻَ ڪوٺِي ڪانَ ڪَري.
بيت - 12
پَسو! پَرائَنِ، سُورَنِ اَڏي سَسُئِي،
پَرايا پَهِجَنِ، وِجهَنِ ويچاريءَ تي.
بيت - 13
مُنڌَ نَه مَنجهان تَنِ، پَسِي لَڪَ لُڏَنِ جي،
جا پَرِ کاهوڙِيَنِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئي.
بيت - 14
مُنڌَ مَ مُنَهِن ويههُ، اُڀِي اوسرُ اُسَ ۾،
تو سيئي سيڻَ ڪيا، ڏوُر جَنِين جو ڏيههُ،
پاڙي پاڙي پيههُ، وَتُ پُڇَندي پِرِينءَ کي.
وائي - 1
هو جي هَلِيا هوتَ، سُونهارا، مُون نَه وَهِيڻان، پُنهُونءَ سَڱِيڻان.
سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا،
مُون نَه وَهِيڻان، پُنهونءَ سِڱيڻان.
اَن ڪي ويندا گَڏِيا، آرِياڻِي اِهَ پارا،
مُون نَه وَهِيڻان، پُنهونءَ سِڱيڻان.
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا،
مُون نَه وَهِيڻان، پُنهونءَ سِڱيڻان.
وائي - 2
ڪَرَها مَ ڪاهِيو، مِيان ڪيچِي!
آئُون آرِياڻي عَرضَ چوندي
:ڪَري هوتَ هَلَڻَ جِي، لوٺِيءَ کي مَ لَڄايو،
وَسِيلو وِلَهِيءَ جو، آڳانڍو آهِيو،
پاسي ۾ پَرِيَٽِ جي، جهيڪي اُٺَ جهُڪايو،
وِلهِيءَ جي وِهانَ ۾، واڄَٽ سَڀِ وَڄايو،
اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، پَنهنجِيُون پاڻَ پَراهِيو،
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين! صورَتَ کي مَ سِڪايو،
ساڪِنَ ٿِي شَهرَ جا، مَعذوُرِ کي مَرَڪايو،
پُنهُون ڄامَ پَرِيٽِ سين، ويهي سُورَ وِراهِيو،
لاهي بارُ ڀَنڀورَ ۾، ويندو گهوٽُ وَناهِيو،
پُنهُونءَ ڄاڃيئڙَنِ کي، رَڌي کيَڻَ کارايو،
پُرڻائي پُنهوُنءَ کي، نيکيٽِي نِکڙايو،
ٻيلي ٿِي ٻانڀَڻ سين، ڏکيءَ ڏيج ڏيکارِيو.
داستان چوٿون
بيت - 1
جَڏائِيءَ جو جامُ، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي،
مَنَگَلُ مُنهنجي مَنَ ۾، ٻارِيو هوتَ حَمامُ،
آرَکِ ٿِيو آرامُ، ڪاڪُل پَسِي ڪانڌَ جو.
بيت - 2
دَردُ نَه لَهي دارُئِين، زُلفَ زورُ ڏنوم،
ڪاڪُلُ ڪالَهه ڏِٺومِ، رُخساري تي روُپَ سين.
بيت - 3
ڀَنڀو جو ڀَنڀورَ ۾، ڪاڪُلُ ڏِٺُمِ ڪالههَ،
هَئي تَنهين جي حالَ، زُلفَ جي زافُ ڪيُون.
بيت - 4
پَرِينديئِي پاڻُ وِيو، زُلفَ ڪيس زافُ،
سَندو ڪاڪُلُ ڪافُ، ماري مَعذُورِن کي.
بيت - 5
هاڻِ نه جِيان جِيڏيُون، زُلفَ زافُ ڪياسِ،
ڪاڪُلَ آئُون ڪُٺِياسِ، ڀَنڀو جو ڀَنڀورَ ۾.
بيت - 6
ڪاڪُلَ ڪُٺِي جا، ڪَفَنُ تِنهن ڪِين ٿِئي،
مَنجههِ شَهادَتَ سا، لُڏي ۽ لاڏَ ڪري.
بيت - 7
ڏَکا ڏونگَرَ ڄامَ، مَ ڪَرِ مَعذُورِن تي،
توتي لَڄ لَطِيفُ چَئي، آهي سَندي عامَ،
مارِ مَ، چئِي مَعذور کي، وَهِيان ڪانڌَ ڪَلامَ،
پَرچِج پِيادَينِ سين، اَللهَ لَڳِ عَلامَ!
جا نَوازي آهنِجي نامَ، سا هوت مَ ڇَڏِجِ هيڪَلِي.
بيت - 8
ڏَمَرَ، ڏُونگَرَ ڄامَ! سَکَرَ پاڻَ شَرِيڪَ سين،
ڪيهي ڪُلفَتَ تِنهن سين، جا گولِي آهنجي گامَ،
وَرِج وِيرَ وَرِيامَ، مُنهِنجو اَچَڻُ اَن ڳَري.
بيت - 9
ڏَکا ڏُونگَرَ لاهِ، آئُون آڳُ مُئي آهِيان،
آرِياڻيءَ سين آهِ، ذاتِي سَڱ ضَعيف جو.
بيت - 10
پيرَ پَٽائِين ڪوُنئرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،
ڦَٽِيا ڦَڻَ فَقِير جا، سِيرُون ٿِيَڙا سي،
جِهڙي تِهڙي حالَ سين، پُري پُنهوُنءَ ڏي،
وَڃِي مانَ وَري، ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جِنهن سين.
بيت - 11
پيرَ پَٽائِين ڪُونئرا، ڏُونگَرَ مَٿي ڏي،
پاڻُ نَه پَسي ڦَٽِيو، ڪَڙَهي ڪيچِينِ کي،
هاڙهو هوتَ پَري، ڪُهه ڄاڻان، ڪِئَن لَنگهِيا.
بيت - 12
سُمَهَڻان ساڙو، جيڏيُون جيڏوئِي ٿِيو،
پِرِيَنِ جو پاڙو، مُون سين نِنڊَ نِبيرِيو.
وائي - 1
مُون اَنڌيءَ ڏي اِيندا، هوتَ سلامَتَ سُپِرِين.
پَلءِ لائي پانهِنجي، نِيّ کي اُتِ نِيندا،
هوتَ سَلامَتَ سُپِرِين.
سَڱَ نَه ڪَندا سُکَ سين، سُورَ سَڱِيڻا ٿِيندا،
هوتَ سَلامَتَ سُپِرِين.
رَکِي ڳَلُ ڳَلَنِ تي، نِينهن نياپو ڏِيندا،
هوتَ سَلامَتَ سُپِرِين.
پَرِيَٽِ نِيندا پاڻَ سين، ڇوري تان نَه ڇَڏِيندا،
هوتَ سَلامَتَ سُپِرِين.
وائي - 2
ادا ڙي ڏوٿي! آئُون پڇان تو ٿِي
:ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِئن، ڏَسُ مُون ڏي.
نَه سَمِي، نَه سُومَري، نَه آئُون جَتِ، اوٺِي،
آئُون اُنِهين مان آهِيان، جي ٻانڀَڻَ پَڙهَنِ پوٿِي،
پرٽِ ٿِينديَسِ، پِرِين پُڇندِيَسِ، پَڇاڙِينديَسِ پوتِي،
سَنجهي وِنڙو سُپِرِين، ساڄَنَ پُڇان سو ٿِي،
ساجهَرِ ساٿُ پَلاڻيو، تو پَلاڻيو پوءِ ٿِي،
هِتان ٿي هوتُ وِيو، جَتُ پُڇين جو ٿِي،
هَلِجِ هوتَ پُنهون ڏي، منجهان نِينهن نِڪو ٿِي،
اُتَڻَ وِجهِي آڳِ ۾، مَنجهان جوئِن جوءِ ٿِي،
سَنجهي ساٿَ سِڌارِيو، پُنهُون پُڇان پوءِ ٿِي،
رويو رُئان رُڃَنِ ۾، هَئي هَئي! آئُون هِتِ ڪوهُ ٿي؟
داستان پنجون
بيت - 1
ڏورِ مَ ڏيههِ وِيو، پيرُ تُنهنجي پِرِينءَ جو،
وَهَڻُ واٽَڙِيَنِ تي، ڪيچِين ري ڪِهو،
وِندُرِ جو وِيو، سو اللهَ! واري آڻِئين.
بيت - 2
وِندُرِ جي وَڃَنِ، سي مَرُ ٻَنڌَن سَندرا،
ٻِيُون ڪوهُ ٻَنڌَنِ، ڇوڙي جي ڇَڏِيندِيُون.
بيت - 3
ڏيههُ ڏيهائين ڏورِ، پَرڏيهان پَري ٿِيا،
سيڻنِ ڪارَڻِ سَسُئي، پيئي پُراهيين پُورِ،
تُون وَڃين هوتَ حُضُورِ، مُنهنجو جِئڻ جيلاهِين ٿئي.
بيت - 4
هيڪانديءَ هوئِي، اُٿِي رات رَوان ٿِيا،
ساهُ سَڳي م سُورَ جي، پُنهُون وِيو پوئِي،
رَهُ، قَضا! دَمَ ڪوئِي، تَه هيڪَرَ هيڪاندي ٿِيان.
بيت - 5
هَڏِ نَه ساهُ سُڌِيرُ، دِل درماندي دوسَ ري،
پائي وِئَڙا پِرت جو، زوراوَرُ زَنجِيرُ،
جِي، جُسو جاڳِير، هاڻي مِلڪَ هوتَ جو.
بيت - 6
عُمِرِ سَڀِ عِشقَ سين، پُنهُون جي پُڇَنِ،
رِيسَ ريزالِيُون تَنِ سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ،
مارُڳِ جي مَرَنِ، وَڏا طالِعَ تَنِ جا.
بيت - 7
وَڏو طالِعُ تو، جِئن ليڳئين پير پُنهوُنءَ جي،
سَسُئي! اِنَ سُتُونَ کي، رويو رويو رو،
ويٺِي هِتِ مَ هو، هَلين ته هوتُ لَهين.
بيت - 8
ويٺِيَنِ ناهِ وَراڪو، سُتِيَنِ ڪونهي سَڱُ،
هوتُ هَلَندِيَنِ کَٽِيو، جَنِ اَنگنِ چاڙِهيو اَنگُ،
سي پاسي پَئي ڀَنگُ، رِڙِهِي ڄامَ رَسيُون.
بيت - 9
ويٺي وَر نه پُون، سُتي مِلَنِ نَه سُپِرِين،
جي مَٿي رَندَن رُوُنِ، ساڄَنُ مِلي تَنِ کي.
بيت - 10
ڪَڙهي ۽ ڪَڙي، پَرِ ۾ پيرُ پُنهوُنءَ جو،
سِڪَ ٻَڌائِين سَندِرو، جانِبَ لئي جَڙي،
لَڪَنِ سِرِ، لَطِيفُ چَئي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جهَڙي،
پَڻِيءَ تان نَه پَڙي، جي عُمِرِ سَڀِ اِيئن ڪَري.
بيت - 11
ڪِ ڪِي ڪَڙِيان پيرَ، ڪِ ڪَڙهان ڪيچَ ڌَڻِينَ لئي،
اِي ڏنئُون ڏيئِي ڏيرَ، پاڻان پَراهان وِيا.
بيت - 12
ڪَڙَهُ پُڻ ڪيچَ ڌَڻِينِ لئي، ڪَڙ پُڻ پيرَ سَندانِ،
اِنَهِين پَرِ اُتانِ، پُوندِئَن مُنڌ! پهاڙَ ۾.
بيت - 13
سُورَنِ سِجهائِي، چِيلههِ ٻَڌيو چوٽيين چَڙهي،
سَڱ پِرِيان جي سسئي، ميڙي مِلائي،
لَڌائين، لَطِيفُ چئي، لالَن ليلائي،
ٻانڀڻِ ٻاڏائي: ”حَبِئان واريو هوتَ کي!“
بيت - 14
رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽانڪِيو چَڙهي،
لانچي لَڪَ لَطِيفُ چَئي، هَلِي ڏانهن حُضُورَ،
رَهِيا سَڀ رُڃُنِ ۾، سَسُئِي جا سالُورَ،
ساجَنَ ميڙِيَسِ سُورَ، سُکُ نَه ميڙيُسِ سُپِرِين.
بيت - 15
مَنجهان پَئن پَروڙِ، سَڀَ مَ پُڇِجِ، سَسُئِي!
ويهي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي وِجهِجِ ڌُوڙِ،
تَه تُون ماڻيين مُوڙِ، جي پِندِ اِهائي پاريين.
بيت - 16
لُڇِي، ڪِينَ ڪُڇي، آٽي مُنڌَ انَدوهَ ۾،
پَرِ ۾ پيرُ پُڇي، لالَنَ جو، لَطيفُ چئي.
بيت - 17
پَرِيائِي تَه ٻاري، ڦُوڪِ تَه لَڳي اَنبرين،
هِتِي جي هُئڻَ جِيُون، وَٿُون سَڀِ وِسارِ،
سَمُوري سَرِڪارِ، نِيئِي رَکِجِ ناهِ ۾.
بيت - 18
قَد ٻَڌي، تُون ڪِينَ، پَهُچَندِئن پُنهُون سين،
جِئن سِينُون ساهيين، سَسُئي! ٿِئين تَهواروُن تيئن،
مُٺِي ٿِيءُ مِسڪِين، هِمتَ هوت وِڃائِيو.
بيت - 19
ٻَلَرِ لڳو ٻاڻُ، پَسو! جوءِ جَرا ٿِيي،
سا مُنڌَ مَري نَه جِئي، پيئِي پَڇاڙي پاڻَ،
سَسُئِي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀوڙي سَيّدُ چَئي.
وائي - 1
باروچان ٻاجهه گهڻي، آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين،
آئُون پَنهنجي پِرِينءَ سين، وِيندِيَسِ واڳَ وَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
مَرُ تان پويِمِ مُنهن ۾، سَندي پِي پَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
ڪونهي هِن ڀَنڀورَ ۾، ڌاران دوسَ ڌَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
هَٿان هَڏ نَه ڇَڏِيان، آريءَ جي پِ آڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
آهي هوتَنِ هَٿَ ۾، سَندي جِيءَ جَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
ڪِينَ وِرِمِيا ڪِٿَهين، ڄُليا ڄَڻَ هَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
مُون کي ڪوٺِيو پاڻ ڏي، هادي هَٿُ کَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
پُنهوُنءَ ڌاران پَٻَ ۾، ٻيلِي ناهِ ٻَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
تو ريءَ تيلُ نَه پائِيان، نَڪا سِينڌ ڦَڻِي،
آن ٿِي ڇُلان ڇَپَرين.
وائي - 2
ڪهڙو سَڱُ سِياڪو، هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
آئُون هيڪَلِي حَبَ ۾، نَه مُون مِٽَ نَه ڪاڪو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
مُنڌَ پِيادي، پَنڌُ گهَڻُون؛ نَه مُون اُٺُ، نَه ناقو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
چَڙهِي نَه سَگهان چوٽيين، ڏُونگَرَ ڪونهي ڏاڪو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
پِرِين پُڇَندِيَسِ پَٻَ ۾، وَڻ وَڻ وِجهَندِيَسِ واڪو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
هُوءِ جا پِڪَ پُنهون جِي چَٽِيان تِنهن چُئاڪو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، فَقِير پوءِ مَ فاقو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
وِچُ مَ پوءِ وِصال ۾، لِکَ مَ پوءِ لِياڪو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
آتَڻُ وِجهِي آگ ۾، پُڇَندِيَسِ پوءِ پهاڪو،
هاريءَ مُون هوتَنِ سين.
داستان ڇھون
بيت - 1
اُڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَري، آسُونهِين آهِيان،
لُڙڪَ لَعلَ، لَطِيفُ چَئي، وَرَ لئي وِهايان،
هيجان هَنجُون حَبَ ۾، هوتَنِ لئي هارِيان،
جانِبُ ضَعِيفيءَ سين، پُنهُون پَهايان،
پِيهان، پَچايان، جي مان نِيو پاڻَ سين.
بيت - 2
اَڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَري، اَسُونهِين آئُون،
چِيٽا، چورَ چُنجَنِ ۾، بَرَ ۾ بَلائُون،
موٽُ پُنهُون پاهُون، مَتان مُحِبَ مَري رَهان.
بيت - 3
اَڌَري، نِڌَري، اَڀَري، آهِيان اَسُونهِين،
پَرَڏيهِي پِرِين ڪيا، مَرَڻَ لئي مُونهِين؛
سَسُئِي کي سَيّدُ چَئي، تَنگَنِ ۾ تُونهِين،
هاري! ڪِئن هُونهِين، ري سَمَرَ سَڌُون ڪَريين.
بيت - 4
آڌَرِ، نِڌَرِ، اَڀَري، اوڳِي، اَوائِي،
ڪِين ٽُهارِي ٽَڪَرِين، ساڻُس سَڳائِي،
لاڳاپَنِ، لَطِيفُ چَئي، مُنڌَ رائي رَهائِي،
جَلَڻُ جَڏائِي، آري! لاهي اَصِيلِ تان.
بيت - 5
آڌَرِ نِڌَرِ، اَڀَري، گَمَنِ گَماٽِي،
سا ڪِئن وهي وِسري، جا گهائِي، گهُماٽِي،
پيئِي پيش پُنهونءَ جي، اُسَنِ ۾ آٽِي،
جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙهَندي سَسُئِي.
بيت - 6
اَڌَرِ، نِڌَري، اَڀري، ويچاري نه وَري،
لالَنَ لاءِ لَطِيفُ چَئي، پَري پيرَ ڀَري،
ڪَمِيني ڪَري، ڪاروُن ڪيچَ ڌَڻِينِ کي.
بيت - 7
اَچِي عِزرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي،
ٿِي دوڙائي دَلِيلَ، تَه پُنهُون ماڙهُو موڪِليو.
بيت - 8
مُنِڪرَ ۽ نَڪِيرَ کي، جَڏِهن ڏِٺائِين،
اَڳِيان اُٿِي اُنِ کي، پُنهُون پُڇيائِين،
اَدا! اِهائين، ڪوِ ويو ساٿُ سَڄَڻَ جو؟
بيت - 9
ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پَٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪَرا،
رائو مِڙوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،
لانچِي لَڪَ لَطِيفُ چَئي، اُٿِي ڏُونگَرَ ڏورِ،
جَت وَڃِي ٿو زورِ، اُپُڙُ تان اوڏي ٿِيين.
بيت - 10
پئِي ٿِي پَيمالُ، سا مُنڌَ مَري، نَه جِئي،
بُري هِنَ ڀَنڀَور سين، هَڏ نَه ڳَرَهي حالُ،
لالَنَ جو لَطِيفُ چَئي، وِساري نَه وِصالُ،
ڀري ڪِجاهُ ڀالُ، هِيءَ ڏاهِ ڏورِيندي ڪيترو؟
بيت - 11
جهَٽَ پِٽي، پَهه جهَنگ؛ هاڙهي پُڇَ مَ هوتَ کي،
سُورُ سٻيلي، سَسُئي! لَڪَ تَنهِين سين لَنگههِ،
تَه سُپيرِيان جي سَنگِ، مُنڌَا ميڙائو تو ٿئي.
بيت - 12
ٿَڪِيائِي، ٿَرَ ٿيل؛ چَڙهُ چُڪِيائِي، چوٽيين؛
هَلَندي هوتَ پُنهونءَ ڏي، ڀَؤَ مِڙيئِي ڀيل؛
اُٿِي رائو ريل؛ ويٺَنِ تان واري وَري.
بيت - 13
هِيءَ گِسِي، هِيءَ گَسُ، هِيءُ پَهَڻُ، هِيءُ پيچرو،
ويچاريءَ وڏو ڪيو، وِيندَن پُٺِيءَ وَسُ،
ليڙَنِ جو، لَطِيفُ چَئي، ڏُونگَرَ اَٿِي ڏَسُ،
جَڳَ ۾ رَهِيُسِ جَسُ، سَڳَرِ ٿِي سَردارَ جي.
بيت - 14
سيڻَنِ ڪارَڻِ، سَسُئِي! وَڃِي ڪجي وَسُ،
جِمَ وِرچِي ڇَڏيين، سَندو گُنگَنِ گَسُ،
ڏوٿِي ڏِيندَءِ ڏَسُ، اَڳِيان ٻاروچَنِ جو.
بيت - 15
هَلُ تَه هيڪاندي ٿِيين، ويهي وِجهُه مَ ويرَ،
دِل ۾ آڻِ مَ دورُ تُون، ڦِرَڻَ سَندو ڦيرُ،
توڻي لَهين نَه پيرُ، ته پُڻ راحَتَ رِڻَ ۾.
وائي - 1
هوتَ سي هَلَڻهارا، وو! جيڏِيُون!
ڪِئن ڪَرِيان آئُون اُن سين.
کوءِ پَلَنگَ، ٻَنِ ماڙِيُون، کِيڻَ سي ٿِيڙمِ کارا،
ڪِئن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين.
سُونهِن سُپيرين جا، آتَڻَ وٽ اوتارا،
ڪِئن ڪَريان آئون اُن سين.
ويٺو ڏي ڏُکِيَن کي، پُنهوُن ڄام پوڄارا،
ڪِئن ڪَرِيان آئوُن اُنِ سين.
آهيان نه پَئٽِ پُنهوُنءَ جِي، ڪَنديَسِ ڪُنَر ڪارا،
ڪِئن ڪَرِيان آئوُن اُنِ سين.
پيرَ مَ ڇَڏِجِ پِرِينءَ جو، هَئي هَئي! هَٺَ آسارا،
ڪِئن ڪَرِيان آئوُن اُنِ سين.
ڪيچِيَنِ ڪَرَهَ پَلاڻِيا، مَيا ٿِيڙَمِ مارا،
ڪِئن ڪَرِيان آئوُن اُنِ سين.
اَنڌِين آهِيين آسَرو، موٽِج مُحِبَ موچارا،
ڪِئن ڪَرِيان آئوُن اُنِ سين.
وائي - 2
جيڏِيُون! آئون تان نَه چَوَندي، لو!
ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ کي صَرِيحُ، لو!
سَڱ نَه وَرَنِ سُپِرِين، مِنَتَ موٽَنِ مانَ،
ڀينَر! ڀيڻي حُجَ جِي، ڪوهِياري سين ڪانَ،
سو تُون صاحِبُ آهِيين، جو نَه ڀيرايين ڀانَ،
سَئين سُوالِي سَمگِيا، تو داتا! ڏيئي دانَ.
داستان ستون
بيت - 1
آءُ اوراهُون، سُپِرين! وَڃُ مَ آڳاهُون،
ٿَڪِي کڻي ٿَرَنِ ۾، ٻاڪارِيو ٻاهُون،
دَردَ جِيُون داهُون، مُون مارِينديُون، موٽَ تُون.
بيت - 2
آءُ اوراهُون، سُپِرِين! وَڃُ مَ، پِيءَ! پَري،
مُون ڏِٺي، مون وِسهو، وِرچِي تان نَه وَري،
ڌاران مُنهن مَري، ڏُکِيءَ جي ڏيکاريين.
بيت - 3
آءُ اوراهُون، سُپِرين! آري لَڳِ اَلله؛
توکي ساري ساه، اُڪَنڊِيو آهُون ڪَري.
بيت - 4
آءُ اوراهُون، سُپِرِين! پُري وَڃُ مَ پِيءَ!
موٽُ مَرَندِيَسِ ڇَپَرِين، تُون جِيارا جِيءَ،
هوت! مَ ڇَڏِجِ هِيءَ، پُنهوُن! پِيادي پَنڌَ ۾.
بيت - 5
آءُ اوراهُون، سُپِرِين! ڏُکِيءَ ڏيجَ مَ ڏاگههَ،
وَٽِ ڇَڏي مُون واگههُ، آري! وِئين عِشقَ جو.
بيت - 6
آءُ اوراهُون، سُپِرِين! ڏُکِيءَ ڏاگُهه مَ ڏيجِ،
پيهِي گهَرِ پُڇيجِ، تَه هوت! هلَاڪَتَ نَه ٿِئي.
بيت - 7
مَڇُڻِ، وَرَ! وِسارِيين، آري! لَڳِ اَلله،
توکي ساري ساه، اُڪَنڊِيو آهُون ڪَري.
بيت - 8
مَڇُڻِ وَرَ! وِسارِيين، صَبَرُ نَه سارِيان،
توکي نِهارِيان، آءُ مُنهنجا سُپِرِين.
بيت - 9
هَٿان هَڏِ نَه ڇَڏِيان، صَبُر شُڪرانو،
ذوقَ زمانو، مُون وَرَ! وِيو وِسَري.
بيت - 10
صَبَرَ ۽ شُڪرَ کي، ڪاڏي آئُون ڪَندي،
آهِيان جِنهن سَندي، سو تَه گهُرجي ساڻُ مُون.
بيت - 11
صَبَرَ ۽ شُڪرَ کي، وِٺي آئُون ويٺِي،
ڏُکِيءَ سين ڏيٺِي، ڪا ڪيج اَچي ڪَڏِهِين.
بيت - 12
صَبرَ ۽ شُڪر کي، هَٿِ ڪيو مُون هاڻِ،
پِرِيَم! اَچِي پاڻ، پَٽِيءَ کي پُڇيج تُون.
بيت - 13
ناهِ جَمِيعَت جانِ کي، هوتَ پُڄاڻان هاڻِ،
اَللهَ! سيئِي آڻِ، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
بيت - 14
ناهِ جَمِيعتَ جانِ کي، هوتَ پُڄاڻان هِتِ،
پُنهُونءَ جِيءَ پِرِتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
بيت - 15
ناهِ جَمِيعتَ جانِ کي، پُنهون پُڄاڻان،
سي مُون سيباڻان، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
وائي - 1
پَلَڪَ نَه رَهي دِلِ توري، وَرُ مِيان خانَ بَلوچا!
اُٺ چاريندِيَسِ اُنِ جا، مَٿان ٽَڪَرَ ٽوري،
وَرُ ميان خانَ بَلوچا!
ڏِينديَسِ ماهُ مِرَن کي، مَٿان ڪُلَهنِ ڪوري،
وَرُ ميان خانَ بَلوچا!
ڪانگَ کِينَم ڪيچَ جا، ماسُ چُنجنِ سان چوري،
وَرُ ميان خانَ بَلوچا!
ڏُکَ لاهيِندِيَسِ ڏِيلَ جا، ساڻُ عَجِيبَنِ اوري،
وَرُ ميان خانَ بَلوچا!
داستان اٺون
بيت - 1
ڪَنُ ٿُي، ڪيچِنِ ڪُڇِيو؛ ڪُڇَ مَ، ٿا ڪُڇَن؛
اِشارَتُون اُنِ جِيُون، سُڪوُتان سُڄَنِ،
وَٽان ويهِي تَنِ، سُڻُ تَه سوُز پِرائِيين.
بيت - 2
سُڻُ تَه سوزُ پِرائِيين، ”آءُ“ چَيائُون اَڄُ،
ٻولِي ٻِي نَه سِکِيا، ”پاڻان“، چُوندَءِ، ”ڀَڄُ“،
واڄي وَٽِ مَ وَڄُ، ٻُڌُ تَه ٻِيائِي لَهِي.
بيت - 3
ٻُڌُ تَه ٻِيائِي لَهي، ”آئون“ اِتِ نَه آهِ،
ڪُڇَڻَ ڪَنڍي لاهِ؛ ڪَنُ ٿِي، ڪيچِنِ ڪُڇِيو.
بيت - 4
ڪَنُ ٿِي ڪيچِنِ ڪُڇِيو؛ ڪُڇُ مَ ڪُڇِيائُون،
رَهِي نَه رَتِيءَ جيتَري، اُنِهين وَٽ آئون،
وَڍي وِڌائُون، هو جو وَڻُ ’هُئَڻ‘ جو.
بيت - 5
ڪَڏهِن پَئجي ڪَنُ ٿِي، ڪَڏهِن ٿِيجي واتُ،
ڪَڏِهن ٿِجي ڪاتُ، ڪَڏهِن ٿِجي ٻَڪرو.
بيت - 6
ڪَٽارو ۽ ڪوسُ، اَڱَڻِ آريءَ ڄامَ جي،
دِيَتَ آهي دوسَ، مارَڳ ۾ مُيَن جي.
بيت - 7
ڪامُون مُڇيجاهُ، گهَڻِيُون گهُرجَني اوٺِيا!
هي وَڻَ نَه لَهنداهُ، هو وَڻ اوڏاهِين گهَڻا.
بيت - 8
اکِيُون لَٽَ اوراٽِيُون، ڪِنهن پَرِ ڪَڙِيان پيرُ،
لَٽُ لاهِيندو ڪيرُ، مُون جيهِيءَ مَعذُورِ کان.
بيت - 9
اَکِيُون آريءَ ڄامَ جِيُون، اَنڌيءَ سين آهِينِ،
هو جي وَڻ وِندُرَ جا، سي مُون سُونهائِينِ،
ڏِسِيو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جِي.
بيت - 10
اَکيُون آريءَ ڄامَ جِيُون، آهِينِ اَنڌيءَ ساڻُ،
پَسِي ڪَنديُون پاڻُ، پيشاني پُنهوُن جي.
بيت - 11
سَڏَ مَ ڪَرِ سَڏَنِ ري، هَلَڻَ ري مَ هَلُ،
جَلَڻُ ري مَ جَلُ، رُئَڻَ ري مَتان رُئين.
وائي - 1
دَردَ مُئِيءَ جا دارُون، وو! موٽَ، سَٻاجها سُپِرِين.
مُون لَڳِيُون، مُون وِسَهو، مَحَبتَ جِيُون مارُون،
وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين.
مائِٽَنِئان مُون سين گهَڻا، ڪُسَڻَ ڪيا ڪاروُن،
وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين.
سُکَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِيو، سُورَنِ لَڌِيُمِ ساروُن،
وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين.
مُنهنجِيُون شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾، پَلپلِ پوَنِ پَچارُون،
وو! موٽُ، سَٻاجها سُپِرِين.
وائي - 2
آتَڻَ ۾ ويهي، سَڀ دُعا ڪَريجاهُ، جيڏِيُون!
ڪانهي بَسِ بَهِيرَ کي، هَلُ چَلُ پَئي پيئِي،
راهَ مسافِرُ سَڀُڪو، ڪونَ ڏِٺوسُون هِتِ ڏيهِي،
سارِيندا صلواتَ کي، مَنجهِه قَبَرَ سَڀِ پيهي،
ڪوٺائُو ڪَرِيمَ جو، ڳالههِ پُڇَندُمِ ڪيهي،
نَوازِيندو نُورُ سين، ناقِصِ کي اُتِ نيئِي،
”اللهُ هيڪَ، مُحَمّدُ بَرحَقُ“، شالَ چُئان مان حَرفُ اِهيِئي.
داستان نائون
بيت - 1
وِهَ مَ وِساري، پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جي،
نِرمَلُ نِهاري، هَلندِيَنِ تان هَٿَ ڪيو.
بيت - 2
اَوجهَڙِ آسونهِنِ، ڏِيههُ گهَڻوئي ڏوريو،
سَڳَرِ ريءَ سُونهَن، پُهتي ڪانَه پَنڌُ ڪري.
بيت - 3
واءَ! وِڃاءِ مَ سو، پُٺِيءَ جِنهن پَنڌُ ڪَرِيان،
ڇَٽا! ڇَپَرِ پِرِينءَ جو، پِيرَ پَرِنيان تو،
بَر بورائو جو، سو، لڳِي، متان لَٽئيِن.
بيت - 4
واءَ وِڃايُمِ ڪالههَ، پُٺِي جِنهن پَنڌُ ڪَرِيان،
وَڃَڻُ مُون وانٽي پِيو، هوتَنِ ڪارَڻِ حالَ،
جَبَلُ ڏورِيان جالَ، ڪارَڻِ پيرَ پُنهوُنءَ جي.
بيت - 5
کُهِجِ مَ، اُجها کيههَ، گَرَدَ پَسُ گَنَگن جي،
ڏُکي! مَنجهان ڏيههَ، نِڪر نانهن ڪُلهي ڪَري.
بيت - 6
ڏوُر مَ تُون ڏوريجِ، صَبُر ڪَرِ مَ سَسُئي!
پُرَڻَ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِهَڻُ وِساريج،
سُکَنِ جا سَيّدُ چَئي، لاڳاپا لاهيجِ،
هِينئين ساڻُ هَليجِ، ته پَنڌُ پاسي ڀَر نِبِري.
بيت - 7
ويٺِيَسِ وِکَ نَه اُپڙي، تُون آرِياڻِي آءُ،
چُڪِيءَ توسين چاءُ، پاسي ڀَرِ پيئي رِڙهي.
بيت - 8
کُهي جا کَنيائين، وِکَ تَهِين ويجهِي ڪئي،
ڇِڪي ڇِنيائِين، پَنڌُ مِڙوئِي پَٻَ جو.
بيت - 9
سَؤ ڪوهَ ڪَري سَڀَڪا، تُون، کُهِي کَڻجِ وِکَ،
تاڻِج مَنجهان تِکَ، ته پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبَري.
بيت - 10
وِيو جاڳائي جَتُ، ويري ڪِنهن وِلاتَ جو،
سَندو سُورَنِ خَطُ، ڏِنُمِ هوتَ هَٿَنِ سين.
بيت - 11
ڏُهِلا مُون ڏِينهَن ٿِيا، پِيُمِ، ڄام ڄَيُون،
ڪَندي پَنڌُ پَهاڙ ڏي، ٿِيڙُمِ رُوحُ رَيُون،
لُڇِيو ٿِيان، لَطِيفُ چئي، ڪارڻ دوسِتَ دَهيُون،
ڀايان لَڪ لَيُون، جي سُورَ پِرِيان جا ساڻُ مُون.
بيت - 12
هيڪَلِيائي هاڻِ، پُورِيندِيَسِ پُنهُونءَ ڏي،
ڪَندِيَسِ ڪوهيارَلَ سين، رُچِي روُح رِهاڻ،
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرِين، ڪِنهن پَرُ لاهِيان ڪاڻِ،
آهِيان گهَڻوُن اَڄاڻِ، پَرَ سُورَ پِرِيان جا ساڻَ مُون.
بيت - 13
هيڪَلِيائي هيلَ، پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي،
آڏا ڏُونگَرَ، لَڪِيُون، سُوريُون سُڄَنِ سيلَ،
تَه ڪَرَ ٻيلي آهِنِ ٻيلَ، جي سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
بيت - 14
دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرچِي تان نَه وِهي،
لانچي لَڪُ، لَطِيفُ چئي، پَهَڻَنِ منجهه پهي،
سَندي نِينهَن نِهي، ڪِي سَرفَرازُ سَسُئِي.
وائي - 1
وَڃِي وَڃِي ٿِينديَسِ ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرينءَ جي.
آڏا ڏونَگرَ، لَڪِيُون، موٽِجِ مُحبَ مجيجي.
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءُ جي.
پِرين، پَهنوارُ تو چُئان ٻَيَرَ آهيان ٻي جي،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءُ جي.
نُم گهُرجي نِينهنَ جي، آهِيان آئُون آريجِي،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءُ جي.
جا نَه هَلَندي هوتَ ڏي، پِيءُ تَنهِين جو پاجِي،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءُ جي.
داستان ڏھون
بيت - 1
پُنهُون ڇَڏِيو پوءِ، تون جانِبُ جَبَل ڳوليِين،
تيلاهِين تَنگُون ڪَريِين، جيلاهينِ تُون جوءِ،
ساجَنَ سُڃُ نِهارِيين، ڏُکِي ڪهڙي ڏوهِ،
هاڙهي هوتُ نَه هوءِ، وَري پُڇُ ويٺِين کان.
بيت - 2
وَري پُڇُ ويٺين کي، سَندا پُنهُونءَ پارَ،
ساجَنَ سَڀُ ڄمارُ، ڏُکِي ڏورج ڏِيلَ ۾.
بيت - 3
ڪونهي اُتِ ڪوهِيارُ، جِتِ تو ڀوري ڀانِئيو،
پَنڌُ مَ ڪَرِ پَهاڙ ڏي، وُجودُ ئِي وَڻڪار،
ڌارِيا ڀانئِجِ ڌار، پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ تُون.
بيت - 4
سَڀئي ساري، سَسُئِي! گهَرَ ڪُنڊُون تُون گهور،
وَڃِي ڏُورِ مَ ڏورِ، دَران مَنجههِ دوستُ ٿِيو.
بيت - 5
دَران مَنجهِه دوسِتُ ٿِيو، موٽِي پُڇُ پاهِين،
عبث آڳاهِين، وَڃِيو ڪُوڪين ڪانڌَ کي.
بيت - 6
پَر گهَران پاسو ڪَري، پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ،
سو تان تونهِين ساڻُ، جِنهن لئي جفائون ڪَرِين.
بيت - 7
سوئِي کَڻِيو ساڻُ، سوئي ڏورِيين سَسُئِي!
ڪَڏِهن ڪَهِين نَه ڪيو، ڄُلَڻَ مَنجهان ڄاڻُ،
پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ، ته تُون تِئائِين لَهين.
بيت - 8
جو تُون ڏوريين ڏوُر، سو سَدا آهي ساڻُ تو،
لالَن لَئي لَطِيفُ چَئي، مَنجِهي ٿِيءُ مَعذوُرِ،
مَنجهان پاڻَ پَرُوڙِ، تو مَنجههِ آهِسِ تَڪِيو.
بيت - 9
وَڃين ڇو وَڻڪار، هِتِ نَه ڳوليِين هوتَ کي،
لِڪئو ڪِينَ لَطِيفُ چَئي، ٻاروُچو ٻِئي پارِ،
ٿِيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرِتِ پُنهُونءَس سين پارِ،
پائي نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوست جو.
بيت - 10
هوتَ تُنهِنجي هَنجَ ۾، پُڇين ڪُهه پَرِياڻ،
”وَنَمنُ اَقرَبُ اِلَيہِ مِن حَبلِ الورَيدِ“، تُنهنجو توهين ساڻ،
پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عَجيبَنِ کي.
بيت - 11
ڪوَڙِيُون پُڇَنِ ڪيچُ، هوتُ نَه پُڇَنِ هِتَهِينِ،
جَنِ پُنهونءَ سين پيچُ، تَني پيرين پَنڌُ وِسارِيو.
بيت - 12
هَلُ هِينئين سين هوتَ ڏي، پيرين پَنڌُ وِسارِ،
قاصِداڻِي ڪارِ، ڪِنَ رَساڻي ڪيچَ کي.
بيت - 13
هُل هِينئين سِين هوتَ ڏي، پيرين ڪَر مَ پَنڌُ،
رائي پُڇ مَ رَند رِڙهُ، روُحانِي سَسُئِي.
بيت - 14
هَلُ هِيَنئين سين هوتَ ڏي، ڇَپَرِ هَڏِ مَ ڇُلُ،
آرياڻِي اَمُلُ، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿِيو.
بيت - 15
هَلُ هِينئين سين هوتَ ڏي، ڇَپَرِ ڇُلُ مَ تُون،
مَنجهان لَڌو مُون، ڪوهِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
بيت - 16
هَلُ هينئين سين هوتَ ڏي، سِسِي کَڻُ مَ ساڻُ،
جنِين ڀانيو پاڻُ، سي آرِياڻِئان اوري رَهِيُون.
بيت - 17
ڪِجي پَنڌُ، پُڇان تو، ڪيچِنِ ڪارَڻ ڪيئن،
بيخودُ هَلِج بَرَ ۾، آئُون ٿو چُئانءِ اِيئَن،
سِڪَڻُ ساڄَنَ سِيئَن، مَتان مُٺِي ڇَڏِيين.
بيت - 18
متان مُٺِي ڇَڏِيين، پِريتَڻُون پاڻان،
ڄايَن جِئن ڄاڻان، تُون پُڻ هوئِج تَن جئَن.
بيت - 19
متان مُٺِي ڇَڏيين، پاڻان پِريتَڻُون،
کَٿُوري ڪَڻُون، مَڙهي مَڙِهج مُنهن ۾.
وائي - 1
غَفلَتَ يارُ گَنوايو، ٻَڙي! جيڏيُون،
ڪِئن ڪَرِيان آئُون، ڪُههُ ٿِيو.
سُتِيَسِ تان ساٿُ وِيو، اُٿِيَسِ تان ڏُکُ آئِيو.
ڪِئن ڪَرِيان آئُون، ڪُههُ ٿِيو.
پُڇان پوءِ پُنهوُنءَ کي، عَبَثُ تان اَنُ کائِيو،
ڪِئن ڪَرِيان آئُون، ڪُههُ ٿِيو.
هوتَ هَلَندي جا ڪَئِي، سا مُون ڳالهه سُڻائِيو،
ڪِئن ڪَرِيان آئُون، ڪُههُ ٿِيو.
داستان يارھون
بيت - 1
ڀَڄِي جان ڀَنڀورَ کان، ڏوُنگَرُ ڏورِيو مُون،
ڪاهي رَسِيَسِ ڪيچَ کي، جِتي پاڻَ پُنهُون،
سَڀَتِ آهِيين تُون، قَضا ڪَندِيَسِ ڪنهن سين.
بيت - 2
ڏِنا جِئڻَ لَئي جيڏيُون، ڏيرَنِ مُون کي ڏُکَ،
ڀَڳِيَسِ جان ڀَنڀورَ کان، تان سُورَ مِڙيئي سُکُ،
لَٿي مُون تان لُکُ، پُنهُون ٿِيَسِ پاڻهِين.
بيت - 3
پيهِي جان پاڻ ۾، ڪَيَمِ روُحَ رِهاڻ،
تَه نَڪو ڏُونگَرَ ڏيههَ ۾، نَڪا ڪيچِيَنِ ڪاڻ،
پُنهُون ٿِيَسِ پاڻ، سَسُئِي تان سُور هُئا.
بيت - 4
پُنهون ٿِيَسِ پاڻهِين، وِيو سَسُئِيءَ جو شَرَمَ،
هيڪَلِيُون هَلَنِ جي، ڀَڄِي تَنِ ڀَرَمَ،
جو وِندُرَ ۾ وَرَمُ، سو سَودو سَرِيُسِ هِتَهِين.
بيت - 5
پُنهُون ٿِيَس پاڻَهِين، وِيو سَسُئِيءَ جو سِينگارُ،
”مَن عَرَفَ نفسَہُ، فَقَد عَرَفَ رَبہُ“، اِهو ئِي اَچارُ،
جو وِندُرُ ۾ واپارُ، سو سَودو سَرِيسِ هِتَهِين.
بيت - 6
پُنهُون ٿِيَسِ پاڻَهِين، ويئي سَسُئِي جِي سُونَهن،
”خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُورَتِہ“ اِي وَڻَنِ مَنجههِ وِروُنهنَ،
چَريءَ مَنجها چُونَهن، کَڻِي هوتُ هَنج ڪيو.
بيت - 7
وِيئِي سُونهَن سَسُئِي جِي، پُنهُون ٿِيَسِ پاڻَ،
سَڀَنِ جِي سَيّدُ چَئي، آهي اُنِ اُماڻَ،
ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عَجيبَن کي.
بيت - 8
وَهَم وِرساياسِ، ناتَ پُنهُون آئُون پاڻَ هُئِي،
پاڻَ وِڃايَمِ پانهِنجو، پَئِي پِرِيان جي پاسِ،
رَتِي عِلَم نَه راسِ، ڌاران پَسَڻَ پِرِينءَ جي.
بيت - 9
قافَئُون ڪاهِيندِياس، موٽان تان ڪُرَ مِنهڻُون،
ٻانهِي ٻاروّچَنِ جِي، سَڱ نَه ساهِيندِياسِ،
”اَلفِراَقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ“، هِتي نَه هُوندِياسِ،
آهَ نَه لاهيندِياسِ، جِئري جَتُ ڏِسِي مَران.
بيت - 10
جِئَڻُ جَتَ ڌاران، مَعذوُرِ جو مَسَ ٿِئي،
چانگَنِ سِرِ چَڙهِي وِيا، ساٿِي سُوارا،
اَکِيون اوتارا، پَسِيو رُونِ پُنهوُنءَ جا.
بيت - 11
هيڪَرَ هُئُڻ ڇَڏِ، ته اوڏي ٿِيين عَجِيبَ کي،
”مَارَا اَيتُ شَيئا اِلاّ وَرسَ اَيتُ اللهَ“، نيئي اَجها اوڏِهين اڏَ،
تَه هوتُ تُونهِين کان هَڏِ، پِرِين پاسي نَه ٿِئي.
بيت - 12
هوتُ تُنهنجي هَنجِ ۾، پُڇين ڪوهُ پَهِي،
’وَفِي اَنفُسَڪُم‘ اَفلا تُبصِروُن، سوجهي ڪَرِ سَهِي،
ڪَڏهِن ڪانَه وَئي، هوتُ ڳولَڻَ هَٽَ تي.
بيت - 13
ووڙيَمِ سَڀِ وَٿاڻَ، يارَ ڪارَڻِ جَتَ جي،
اَللهَ بِڪُلِّ شَيءِ مُحِيطُ، اِي آرِياڻِي اُهِڃاڻَ،
سڀ ۾ پُنهوُن پاڻَ، ڪِينهين ٻِيو ٻَروچ ري.
بيت - 14
ڄاڻِي سُڃاڻِي، وِهان ڪِئن ماٺِ ڪَري؟
اَندَرِ آڳ عِشَق جِي، اَپَرِ اُڌاڻِي،
”اَلعِشقُ نَارُ اللهِ المُوقَدِة“ کوري جِئن کاڻِي،
آهي آرِياڻِي، ٻِيو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَ ڪِي.
بيت - 15
ڪَڍَ پُنهونءَ ڏي ڪاهي، چاٽِيءَ روُحُ چَرِيو ڪيو،
اُٿي ويٺي اوڏَهِين، سُتي پُڻ ساهي،
”اَلعِشقُ حِجَابٌ بَينَ العَاشِقِ والمَعشُوقِ“، لاشَڪُ ٿِيءُ لاهي،
آرِياڻِي آهي، ٻِيو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَ ڪِي.
بيت - 16
سَرَتِيُون سَڀوئِي ٿِيو، اَندَري آرِياڻِي،
ويٺِي پَسان پاڻَ ۾، ڏوُنگَرُ ڏِيهاڻي،
هُيَسِ هوتَنِ هاڻِي، تي ڪيچي گَڏِيَمِ ڪَههَ ۾.
وائي - 1
وائي
ڪا جا ڳالهَه هُئِي، سا جي لوڪَ سُئِي،
لو ٻاروچي جي مَنَ ۾.
سِرُ سَڳَرِ، پور پيچَري، تُون جا لوڪَ سُئِي،
سَسُئِي سَڳَرَ پَٽيِين، ڪيرُ چُوندو مُئِي؟
پَنڌُ ڪَريندي پِريَنِ ڏي، ڪَڏهِن ڪانَ کُهي،
آن ڪا ڏِٺِي اوٺِيا، هوتَنِ وَٽِ هُئِي.
معذوري
داستان پھريون
بيت - 1
هَلندي هوتَ پُنهوُنءَ ڏي، کُهِجَنِ ڪي کوٽِيون،
پانهڻ تَن پَٽُ ٿِئي، جي لَئي لالَنَ لوٺِيُون،
سَڀ سَهيلِيُون سِڪَ کي، چُنجُهون ۽ چوٺيُون،
ٻانڀڻِ! ٿئِي ٻوٽِيُون، تَه ڪُتا کِينَئِي ڪيچَ جا.
بيت - 2
ڪُتا کِينَئِي ڪيچَ جا، سَندا جي پُنهُونءَ،
اَگهين هُوندَ، اَسُونهن جي جانارَنِ يادِ پُئين.
بيت - 3
تَنِ پيئي جانارَنِ يادِ، جي پارِئَلَ پُنهوُنءَ ڄامَ جا،
سَندي لالَنَ لاڌِ، مُيان پوءِ مُنڌ ٿِئِي.
بيت - 4
جاڳايَسِ جَنبُورَ، ڪُتي قرَيبَنِ جي،
بَهِي بَهُڪِي اُٿِيو، گَهڏي مَنجهان گهوُرَ،
سَڀِ لاهِيندو سُورَ، گِري هِنَ غَرِيبِ تان.
بيت - 5
نَڪِين آهِيُون چُوهَڙا، نَڪِين آهِيُون چورَ،
هانگاما ۽ هورَ، ڪُتا! ڪَرِئين ڪَنِ تي.
بيت - 6
ڪُتو چَئي قَرِيبَ جا، آهِيُون ساڌ سَهِي،
پِهرِين باتِ بَهِي، پُڇُون پوءِ پانڌِينَ کي.
بيت - 7
ڪُهين، تان تون ڪُهه، ڏَسِ مَ چُوهَڙيان،
سَندا آهيڙِيان، اَنُ نَه سَهَندي هَٿَڙا.
بيت - 8
ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اَسِين ڪُتي ڪِيڙَ،
چَهُٽِي آهي چِيڙَ، ڪارايل جي ڪَنَ ۾.
بيت - 9
ڪَتو ڪُرٽي هَڏِيُون، جُوانمَردُ جِگَر کاءِ،
اَلدّنِيَا جِيَفةٌ وَطُلُابُها ڪِلابُ، اِيءَ هِنئين سين لاءِ.
بيت - 10
جُه يارُ ڏِٺائُون يارَ جو، پُٺِيءَ پيرُ ڪَڙِينِ،
ڦِرِيا نَه فَرمانَ کان، اُنهِيءَ ۾ آهِينِ،
ڏِسِي نَه ڏاڙِهِينِ، شَبانَ جي سَڳَ کي.
بيت - 11
سَگِبانَ سِينڍارِيا، بَڇِيا، تي بِهَنِ،
ڦِرِيا نَه فَرمانَ کان، مُلهه نَه موتِيڙَنِ،
ڪونهي ڏوهُ ڪُتَن، ڏاڪارِيا ڏاڙِهِينِ ٿا.
بيت - 12
ڏُکا، ڏُونگَرَ جا مِروُن، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ،
پَڙُندا ڪِينَ پَرِيتَ تي، هِنَ جا سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ،
سَڳائيءَ جِي، سَيّدُ چَئي، آهي سُڌِ سَڀَنِ،
هُوندَ نَه هِتِ ٽَرَنِ، پَرَ قَرابَتَ ڪَمُ ڪيو.
بيت - 13
ڪَم قَرابَتَ جَنِ جِي، هِتي آيَمِ هِيئَن،
رِفاقَتَ راکَنِ جي، پَهُتِيَسِ پاهَڙَ سيئن،
ماڙهُو مُلاحِظو تنهن جو، ڪيچِ نَه ڪَندا ڪِيئن،
ذاتِ نِسورِيائي نِيئن، پَرَ سَڌَرَ سين سَڱُ ٿِيو.
بيت - 14
سُڌَرِ سين سَڱُ ڪَري، پَرَکنڊين پيياسِ،
ڪير بِرَهَمڻ ڪَنِ جي، ڪيرُ ڄاڻي ڪيڻاسِ،
هُوندَ نَه سِنڌِ سُياسِ، هِنِ پُرئين ڪيس پَڌري.
وائي - 1
خُوبي مَنجهِه خِفَتَ، اي دوسِتَ دِقَتَ،
آهي عَبدُاللِطِيفُ کي.
مَدَحَ مُون کان نَه ٿِئي، سَندي سُورَ صِفَتَ،
آهي عَبدُاللّطِيفُ کي.
هِجي ڪَرِيان هيجَ سين، مُطالِعُ مَحَبَتَ،
آهي عَبدُاللّطِيفُ کي.
حُزنُ هوتَ پُنهؤَنُ جو، رُڳيائِي راحَتَ،
آهي عَبدُاللّطِيفُ کي.
پرِيان جي پِستَان جو، فاقوئِي فَرَحَتَ،
آهي عَبدُاللّطِيفُ کي.
داستان ٻيون
بيت - 1
ڏُکِي ڏَمَرُ ناهِ، بُکِيءَ کِلَ نَه اُڄهَي،
اُگهاڙيءَ وِهانءُ، وِيو ويچاريءَ وِسَري.
بيت - 2
ڏُکِيءَ ڏورَڻُ پاڻَ تي، ويچاريءَ وِڌو،
ڏِيلُ تَنِهين جو ڏُکَ سين، سَڀوئِي سِڌو،
هُئَڙُسِ اَڳَ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَنڌَڙا.
بيت - 3
ڏُکِي ٿِي ڏَڌورَ، لَهسي لَنئون پُنهوُنءَ جي،
ڏيئي آڳ آتورَ، سَڀِ نَه ساڙي سَسُئِي.
بيت - 4
ڏُکِي! ڏِکَ وِسارِ، سيڄَ ڦِٽِي ڪَر، سَسُئِي!
پَٽِيين پيرُ نِهارِ، تَه آرِياڻي اُتان لَهين.
بيت - 5
ڏُکِي! ڏُکَ مَٿي ڪَري، وَانءُ ڇَپَري پيهي،
گَڏِيَئِي ڏيهي، سُوڌِيُون ڏِيندءِ خَبَروُن.
بيت - 6
ڏُکيءَ ڏِيهاڻِي، مُٺِيءَ مَٿي هَٿُڙا،
تنهن پَر نَه کاڻِي، جنهن پَرِ جِئي، جيڏيُون!
بيت - 7
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونَگرين، آڌيءَ آهون پُونِ،
ڏاري جو ڏوُنگَرَ کي، سو ڪِين چَيو چُونِ،
آري جي اَفسوسَ ۾، ماڙُهو، مِروُن رُونِ،
اِنَ پرِ سيئي هُونِ، هِينئڙا جَنِ هَڄِي وِيا.
بيت - 8
ڏُکِيءَ سَندِيون ڏوُنگرين، پَسو! پِٽُون پُونِ،
مُئي پُڄاڻا مُنڌَ کي، روجهَه رُڃُنِ ۾ رُونِ،
ڀُڻا اِيهين چُونِ، تَه مُئِي آسان کي مارِيو!
بيت - 9
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏوُنگَرين، اوڇنگاروُن اَچَنِ،
هَڻِي سانگِ سَسُئِي کي، ڪِلو ڪِئو ڪيچِينَ،
جي هَٿان هوتَ مَرَنِ، هوتُ تَنين جي هَنجَ ۾.
بيت - 10
ڏُکِيءَ سَنديُون ڏوُنگَرين، وَڻَ ٽِڻَ وايُون ڪَنِ،
وَٽان ويهِي جَنِ، وَڍيءَ سي واڍوڙِيا.
بيت - 11
وَڍيءَ سي واڍوڙِيا، رَتُ نَه ڏِٺو جَنِ،
مَوتُ قَبُولِيو تَنِ، ڏِٺو جَنِ ڏُکِيءَ کي.
بيت - 12
ڪنهن جِنهن ڏُکان ڏي، پارانڀا کي پانڌِيين،
سُورَ ڀَرِيائين سي، ڳالههِ ڪِيائِين جَنِ سين.
بيت - 13
ڪو جو وَڍي وَڍُ، جِئن وِڻَ وَڍِيائِين وَڍَ سين،
ڏُکُ ڏکِيءَ کي ڏَڍُ، جَنِ ڏِٺِي سي ڏُکِيا ٿِيا.
بيت - 14
وَڍِيَلِ ٿِي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري،
هُنَ پَنَ پَنهنجا سارِيا، هِيءَ هَنجُون هَڏَنِ لَئي هاري.
بيت - 15
ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، توڻي وَسَنِ مِينهَڙا،
صاحِبَ هَٿِ سُڪارَ، هِنَ وَسِ آهِينِ هَٿَڙا.
بيت - 16
ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، سيڻَنِ ڏيهه سُڪارِيو،
ٻاروچاڻُون ٻارُ، سَڀوئِي سُواءِ سين.
بيت - 17
اولاڪن اچِي، معذور تي مارو ڪيو،
متان وَرَ وِسارِئين، مَنجهان ڪُرَ ڪَچِي،
سُپَڪ ٿِي سُورَن سين، پَهچندِئن پَچِي،
سُپَڪَ ٿِي سُورن سين، پَهچندِئن پَچِي،
لاهي لاڳاپا لَنگهه تُون، سيڻَنِ ڏانهن سَچِي،
مَنجهان راه َ رَچِي، ٿِيندئِن لال لَطِيفُ چئي.
وائي - 1
اَچِي لالَنَ! لَٽِ، مِيان مُيَ جو لوڙُه لَڪَنِ ۾.
هُو کان کَٿُوريءَ هيرَئوُن، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽُ،
مُيَ جو لوڙُه لَڪَنِ ۾.
آرِياڻِي! اَچِي ڪَري، ڪا گهَڙي مُون وَٽِ جَٽِ،
مُيَ جو لوڙُه لَڪَنِ ۾.
کَٿُوري کُشبُوءِ سين، هارِيائُون هَٽِ هَٽِ،
مُيَ جو لوڙُه لَڪَنِ ۾.
دَردَ مُنهنجي دِلِ جو، تُون ڪامِلَ اَچِي ڪَٽِ،
مُيَ جو لوڙُه لَڪَنِ ۾.
داستان ٽيون
بيت - 1
جهلِي تان تَه رَهان، پَسَڻِ ڌاران پِرِينءَ جي،
اَپرَ عاجِزِ آهِيان، لالَنَ جان نَه لَهان،
فردا مُون ڦِٽِي ڪِي، وَعدي ڏي نَه وَهان،
صَباحَ سِينءَ نَه سَهان، خواهَ ميڙين خواه مارِيين.
بيت - 2
صُباحَ سِيئن تان سُورَ، سَهي ڪيرَ سَرَتِيُون!
گهُٽِيان رَهَنِ نَه گهَٽَ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ،
مُئِيائِي مَنظُورَ، هيرَ هَلَندِيَسِ هوتَ ڏي.
بيت - 3
هيرَ هَلَندِيَسِ هوتَ ڏي، ٻِيُون وِجهِي ٻَنِ،
جئڙو جانِ فِدا ڪَرِيان، مَٿان تَنِ پِرِيَنِ،
آيا اَڄُ گهُرجَنِ، فَردا مون ڦِٽِي ڪِئي.
بيت - 4
فَردا مُنڌَ ڦِٽِي ڪَئي، نَقدُ کَنيو نارِ،
هِيءَ جا واڳَ وِلَهيءَ جِي، ويرَمَ ڏي مَ وارِ،
جَيڪِين مُٺِيءَ مارِ، جيڪين مِيڙِ مُٺِيءَ کي.
بيت - 5
مُٺِي ٿِي مدعا گُهري، موتُ ٿِيو مَوجُودُ،
اَچين تَه اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ،
جيڪين تي وُجُودُ، جيڪِين ميڙِ مُٺِيءَ کي.
بيت - 6
جيڪين ميڙِ مُٺِيءَ کي، جيڪينِ مُٺِيءَ مارِ،
ڄيرو ٻِنهِين ڪَنڌِيين، ٻِنهِين پارين ٻارِ،
ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، هيڪَرَ هوتُ اَکِينَ سين.
بيت - 7
ڏسَڻُ ڏِکان اَڳرو، سَسُئِي! آڻِ مَ شَڪُ،
ٿِيءُ ٻانِهي، ڀَرِ اوئِيُون؛ لَوڏ مَ،س پَسِي لَڪُ،
وَرُ پُنهوُنءَ سين پَلَڪُ! کوءِ ٻارَهن ماهَ ٻِيَنِ سين!
بيت - 8
هَردَمَ هوتَ پُنهون جو، ڏِسَڻَ ڀانِئجِ ڏِکَ،
وَرُ پُنهوُنءَ ساڻ پَلَڪَ! ٻَنِ ٻارَهن وَرِهَ ٻِين سين!
بيت - 9
ٿورَ ويرَمِي ٿِيءُ، وَڃَڻُ ويرمَ نَه سَهي،
ڏيئي مَرِجِ ڏوُنگَرِين، جَتَنِ ڪارَڻِ جِيءُ،
هَڏِ نَه هُوندو هيءُ، ساهُ پِرِيان تان صَدَقو!
بيت - 10
اَدِيُون! وَرُ اُگهاڙ، وِهانءُ جنهِن وِسارِيو،
جيڏيُون! ڇَڏي جاڙَ، سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو.
بيت - 11
سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو، لالَچِ ڇَڏي لوڀَ،
سُپيريان سين سوڀَ، نِنڊَنِ ڪَندي نَه ٿِئي.
بيت - 12
سَڀِ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو، پَرَهَڻَ ڇَڏي پوءِ،
مَهَندِ مِڙَنِيان هوءِ، ڪَهي جا ڪِينَ کَڻِي.
بيت - 13
ڪَهي جا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ پَهُتِي سا،
وِهي ويڙهجِي جا، وَصلُ تنهن وِڃائِيو.
بيت - 14
وصلُ تنهن وِڃائِيو، سِينڌِ سرمي سينءَ،
سا لوٺِي لِيلان جِين، مَڻِيون جِنهن مِٽُ ڪيو.
بيت - 15
هُوندِئان هوتُ پَري، اوڏو اَڻ هوُند کي،
ساڄَنُ تَنِ سَري، لا سين لَڏِين جي.
بيت - 16
لائي خَنَجَرُ لا جو، هِنَ خَچَرَ کي هَڻُ،
سَڌُنِ جِيُون، سَيّدُ چَئي، وَٿُون سَڀِ وِڪَڻُ،
پيرُ پَروڙي کَڻُ، تَه هَلَڻَ ۾ هوري وَهين.
بيت - 17
هورِنِ هاڙهو لَنگهِيو، ٿِيءُ جَرِيدي جوءِ،
هُوند جَنِين سين هوءِ، هوتَ نَه هُوندو تَنِ سين.
بيت - 18
هورِنِ هاڙهو لَنگِهيو، مُٺِي! مُوسَٽُ ڇَڏِ،
لا سين اُٿِي لَڏِ، ڪِين رَساڻي ڪيچَ کي.
بيت - 19
هورِنِ هاڙهو لَنگهِيو، ڳورِيُون پاسي ڳوٺُ،
ڪيچَ تَنهين کي ڪوٺَ، ڪِينَ جِنهِين جي ڪڇَ ۾.
بيت - 20
هورِنِ هاڙهو لَنگهِيو، ڳورِيُون ٿِيُون ڳَمَنِ،
هاڃي تنهن هَڄَنِ، ڌاران سِڪَ سَيّدَ چَئي.
بيت - 21
نَڪا هِتِ، نَه هُتِ ڪا، ڳوريءَ سَندي ڳالهه،
ڪينَ پَهُتِي مالِ، حالِ پَهُتي هوتَ کي.
وائي - 1
هَلُ هوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
پيرَ پَنهنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالهَه،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
چَڙَهَندي سِرِ چوٽيين، لَڪَنِ ڪِيڙَسِ لالَ،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
جي ڀايين جَتَنِ، جِي، ويجهي ٿِيان وِصالَ،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
ٻُري پَٻَ وَڻَنِ ۾، وِجهج ڪا وَڙالَ،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
ڪيچان آيو قافِلو، مَيَنِ مَٿي مالَ،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
اِيندِيَئِي بُوءِ بوتَنِ جي، تُون جهَلِج پَٻَ پيالَ،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
جِتي جَمازَنِ کي، جَبَلَ ٿِينِ جَنجَال،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
پُڇي پِيادِيَنِ کي، اُتِ آرِياڻِي اَحوال،
شالَ سَڳَرِ ٿِيندِيئن ساٿَ جي!
داستان چوٿون
بيت - 1
هَلَندي هاڙهو مَڻِي، ڪَرَڻَ ڪوهَ پِيامِ،
آرَڏا آري ڄامَ ري، گُوندَرَ گُذَرِيامِ،
لَڪِيُون، لَڪَ لَطِيفُ چَئي، اورانگهَڻُ آيامِ،
پُرَڻَ پُنهونءَ پُٺِ ۾، اِيءَ سَعادَتَ سَندِيام،
مَٿِسِ ڪَمُ وِڌامِ، وِهان تان نَه وَسِ پِيو.
بيت - 2
هلندي هاڙهو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنهنجا ڏوهَ،
هو اوڇَڻ سِرِ اُٺنِ تي، هِيءَ پَنڌِ پُڇاڙي پوءِ،
ليڙَن ري، لَطِيفُ چَئي، ڪِئن ڪَرِيندِيَس ڪوه،
اڳِيان رائو سُڄي روه، وِهان تان نَه وَسِ پِيو.
بيت - 3
هَلَندي هاڙهو مَڻِي، سِسِي ڏِيندِيَسِ ساهُ،
لَڱَنِ تان لَطِيفُ چَئي، پَاري نِيمُ پاهُ،
ڪَندو ٻاجهَه اَللهُ، وِهان تان نَه وَسِ پِيو.
بيت - 4
هَلَندي هاڙهو مَڻِي، گَسان تان مَ گُسان،
لڪَنِ تَان، لَطِيفُ چَئي، رِڙهِي مانَ رَسان،
پُنهُون شالَ پَسان، ويهان تان نَه وَسِ پِيو.
بيت - 5
ڀائِي حالَ هَلِي وِيا، ڪِنهن کي سُور سُلان،
کَڻِيو لَڄَ، لَطِيفُ چَئي، لَڪَنِ مَنجههِ لُڇان،
پانڌي ڪيرُ پُڇان، ويهان تان نَه وَسِ پِيو.
بيت - 6
وَڌو ڪِيمَ وَڻاه! اُونچا، ڏوُنگَرَ مَ ٿِيو،
ٽمو مَ، نيڻاه، تَه پيرُ نِهاريان پِرِينءَ جو.
بيت - 7
وارو مُون وَڻاهُ، ڪا سُڌِ سُونهَپَ جِي نَه ڏِيو،
اِيءَ اِهائِي ڳالَهِڙي، شَجَرَ سُڻيجاهُ،
چوٽيءَ چاڙهيجاهُ، تَه موڙهِيءَ ڪو مُنهن ٿِئي.
بيت - 8
وارو مُون وَڻراهِ، ڪا سُڌِ سُونهَپَ جِي نَه ڏيو،
وِجهِي وَراڪَنِ ۾، مَعذورِ کي مَ مُنجهاءِ،
مَنجهان پاڻَ پِيادِيُون، هادي ٿِي هَلاءِ،
پِرِيان کي پَهُچاءِ، تَه لڳي لُوٺو نَه ٿِئين.
بيت - 9
وارو مُون وَڻِڪارَ، ڪَا سُڌِ سُونهَپَ جِي نَه ڏِيو؟
آهي آسُونِهَينِ جي، مَٿي تو مَيارَ،
وِڙِهِيا ويراڳڻ سين، لَڪَن جا لِيارَ،
ڪَرِيان ٿِي ڪُوار، ڪَنڊن، ڪانڊيرَن جي.
بيت - 10
ڪَنڊا مُون پيرَن ۾، توڻي لَکَ لَڳَنِ،
آڱرُ، آڱوٺي نَه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ،
وِيندي ڏانهن پِرِينِ، جُتِي جاتِ نَه پائِيان.
بيت - 11
جُتِي سي پائِيندِيُون، جَنِين پيرَ پِرِين،
لاٿِيُون سَڀِ پَرِين، سَسُئِي سُپيريُنِ کي.
وائي - 1
جيڏيون! جا جَڙُ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين،
سا مُون سَرَتِيُون! سيباڻِيام: تنهن جِئڻ جالَ ڪيامِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
مَهَرَ جا مَيَنِ جي، سَنجهي هَٿِ هُيامِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
صُبح سُتي سُکَ ۾، ويسَلي وييام،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
هَڪَل هوتَ پُنهون جِي، سَڳَرَ مَنجههِ سُامِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
ڏورِيندي ۾ ڏوُنگَرين، ٿَهَرَ ٿوڀَ ٿِيام،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
ڪوڙيين ڀالَ ڪَرِيمَ جا، گَنجي مَنجههِ گهُرِيامِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
سُتي سَڳَر پَٽِيين، سِگهَڙي سارَ لَڌِيامِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
ڪِيهُون ڪوهَنِ پَٽيين، ڪُوڪُون جمازانِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
هوتاڻِي هَٿُ کَڻي، پُنهُون پِيادِيانِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
ڏَکُون، بُکُون، ڏاکِڙا، ڪارَڻِ جَنِ ڪيامِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
موٽي ماءِ! ڀَنڀورَ ۾، اَڱَڻِ سي آيامِ،
جِيءَ جَتَنِ سين، جيڏِيُون!
وائي - 2
ويجهي وِندُرَ جي وَڻنِ.
اي اوڏي آيَس، جان پِرِيان جي پيچري،
جي تو اوڏا ڀانئيا، سي ڏونگَر ڏُورِ ڏسَنِ،
مَدي نَه هُيَنِ مَنَ ۾، ته ڪيچان ڪوهُ اَچَنِ؟
مَرَڻ مُنهنجي کي ڪيو، هِيُ پَههُ ٻاروچَنِ،
سُونهَنِ سَڳَرَ پَٽِيين، مَنهن مَعذوُرِنِ،
وِندُر وائِي جا وَهي، مُون کي سا نَه سَلَنِ،
آڻي ٻَڌا اوٺيِين، موتِي کي مَيَنِ،
لاٿائُون، لَطِيفُ چَئي، لَڏوُن سِرِ لَڪَن.
داستان پنجون
بيت - 1
هٿين پيرين، مُونَڙِئين، هَلِج ساڻُ هِينئين،
عِشقُ آريءَ ڄامَ جو، نِباهي نِئين،
جان جان ٿِي جِئين، پاڙج ڪوم پُنهوُنءَ سين.
بيت - 2
هَٿين، پيرين، موُنَڙِيين، ڪَهجِ ڀر ڪَپارَ،
مَتان، ڇوري! ڇَڏيين، پِرِيتَڻِي پَچارَ،
توکي سَندَ، سَسُئِي! سَندي لَنئون لَغارَ،
جي هونُئِي هَزارَ، تَه پاڙِج ڪومَ پُنهوُنءَ سين.
بيت - 3
هَٿين، پيرين، مُونَڙيين، ڪُهجِ ڀَرِ قُدامَ،
وِچ وِسيلو ناهه ڪو، اوري آريءَ ڄام،
هِينئين لائي هامَ، پاڙِج ڪومَ پَنهوُنءَ سين.
بيت - 4
هَٿين پيرين، مُونَڙِيين، پُري ڪج پَرَکَ،
قَدَمُ ڪيچَ ڌَڻينِ ڏي، پاءِ وَڌندي وِکَ،
جي هُونئِ هوتَنِ لَکَ، تَه پاڙِج ڪومَ پُنهوُنءَ سين.
بيت - 5
هَٿين، پيرين، مونَڙِيين، سِرِجِ ساهَ پَساهَ،
هوتُ گَڏبئِي حَبَ ۾، رَهَبَرَ مَٿي راهَ،
جان جان ساڻءِ ساهُ، تَه پاڙِج ڪومَ پُنهُونَ سين.
بيت - 6
جَڙَ جا هَنيَمِ جَتَ، تِنهن ڳُجهي ڳارِيُمِ جِندَڙو،
آڻي اَندرِ کوڙِيا، ڪوهياري ڪَرَوَت،
سُورَنِ ساڙي آهِيان، سِڪان کي صِحَتَ،
اَندَرِ ريلا رَتَ، ٻاهِر ٻاڦُ نَه نِڪري.
بيت - 7
تَتِي ٿَڌي ڪاهِ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي،
آسَرَ هَڏِ مَ لاهِ، ڇِنَڻَ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
بيت - 8
ٿَڌِي ٿَڪِي نَه وِهي، تَتَي ڪَري تاڻَ،
وِڌائين وَڻِڪارِ ۾، سَسُئِي پاڻُ سُڪاڻَ،
پُڇي پَہَ پَکِينَ کي، پيئي مُنڌَ پَرِياڻَ،
ڏِنَسِ ڏيہَ وَڻَنِ جا، تَنِ اَللهَ لَڳِ اُهڃاڻ،
مانَ پَرچِي پاڻَ، اچي آرِياڻِي وَري.
بيت - 9
توڻي وِلاڙون ڪَرين، توڻي هَلين وِکَ،
لِکِئي منجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَه ٿِئي.
بيت - 10
لِکِيو جو نِراڙِ، سو اَنگ ڪِياڙي نَه ٿِئي،
پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪين لالَنَ لِکِيو لوحَ ۾.
بيت - 11
جِتي جيتَرِيُون، لِکِيُون لوحَ قَلَمَ ۾،
تِتي تيتريُون، گهَڙِيُون گهارَڻُ آئِيُون.
بيت - 12
ڪيائِين ڪيچِيَنِ لَئي، جُسو جَلاوتَ،
ڇڏي، پيٺي ڇَپَرِين، هاري سَڀِ حجت،
هُئِي نِماڻِي نِستَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.
بيت - 13
پَنڌُ نَه پَنَڌَنِ جيتَرو، ڪِئن سُڄَنِدي ڪِيههَ،
جيڪَرَ ڪَرِيان رِيههَ، پَرَ چُوندا مُنڌَ چَري ٿي.
بيت - 14
چُونِمِ مَرُ چَري ٿِيي، پَرُ جي سَڏُ سُڻِين،
مَرُ مُنهِين کي ڏِينِ، ماڙهُو اَچِيو مِهڻان.
بيت - 15
ماڙهُو ڏيئي مِهڻان، مُون کي ڪَندا ڪوه؟
جنهن ڇوري ۾ ڇوهُ، سا پِٿُون ٿِيندي پيرَ تي.
وائي - 1
توڏَنِ تان نَه تَنوارِيو، مُنهِنجو لالَنَ وارِيو،
اَللهَ ڪارَڻِ، مِيان اوٺِيا!
شَرَفُ لَهي سَسُئِي، ڪُٺلِ کي ڪَمُ ڪارِيو،
مُنهِنجو لالَنَ وارِيو.
مينديءَ مورَ مَلِيرَ جا، چَانگَنِ کي سَڀِ چارِيو،
مُنهِنجو لالَنَ وارِيو.
داستان ڇھون
بيت - 1
آئُون نَه گَڏي پِرِينءَ کي، ٿورا ڏِينهَن ٿِيا،
راتين روزَ وِيا، عَبَثَ آريءَ ڄامَ ري!
بيت - 2
آئُون نَه گَڏي پِرِين کي، سَهَسين سِڄَ وِيا،
هَلَڻَ ويرَ هِئان، ديکِي شالَ دَمُ ڏيان!
بيت - 3
آئُون نَه گَڏي پِرِينءَ کي، تُون ٿو لَهين سِڄ،
آئُون جي ڏيائِن سَنيها، نيئِي پِرِيان ڏِج،
وَڃِي ڪيچِ چَئِج، تَه ويچاري واٽَ مُئِي.
بيت - 4
آئُون نَه گَڏي پِرِينءَ کي، پويُون ٿِيو پَساه،
سِڪان ٿِي سَڪَراتَ ۾، رويو پُڇان راه،
شالَ مَ وَڃِيم ساه، ڌاران پَسَڻَ پِرِينءَ جي!
بيت - 5
آئُون نهَ گَڏي پِرِينءَ کي، عُمِرِ تان ويئِي،
وِلَهِيءَ ڏِينهَن وِڃائِيا، سَرَتِيُون! سَڀِيئي،
پِيريءَ ۾ پيئِي، اَکِيُون آريءَ ڏي کَڻي.
بيت - 6
آئُون نَه گَڏي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِيو جاڙ،
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙهيڪا ۽ چاڙ،
مُون مُٺِي کان نَه ٿِئي، وَڏَپَڻَ مَنجهه وِلاڙ،
عُمِرِ سَڀِ آواڙ، وِييم! ٿِي واڪا ڪَرِيان!
بيت - 7
آئُون نَه گَڏي پِرِينءَ کي، هِيءَ پُڻِ ڏِينهن وِيو،
نهوڙي ناڀُن سين، مُون کي نِيهَن نِيو،
مَٺِي موتُ ٿِيو، پِيَ، پِيَ ڪَندي پَنڌَ ۾!
بيت - 8
آئُون نَه گَڏي پِرِين کي، آيو عِزرائِيلُ،
جو راڻي سين جيڏيُون، نَڪو قالُ نَه قِيلُ،
آيو موت دَليلُ، مارِيندو مُرادَ کان!
بيت - 9
آئُون نَه گَڏي پِرِين کي، مَٿان آيو مَوتُ،
واجهائِيندي وَرِهَ ٿِيا، هَڏِ نَه گَڏِيُمِ هوتُ،
جيڪُسِ ٿِينديَسِ فوتُ، فَنا هِنَ فِراقَ ۾!
بيت - 10
وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڳِجهُنِ ٿِيندي ڳاهُ،
سَسُئِي سوري چاڙِهيو، پِرِيان لَئي پُساهُ،
هو مِروُن، هيءُ ماهُ، ڪِينَ ڪَمِيڻي رَکيو.
بيت - 11
وِلاڙِيو وڻين چَڙهي، رَئِي پَسِيو روءِ،
وچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪنهن پَرِ ڪَهِي لاهِيان!
بيت - 12
وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، اُنچَنِ مَٿي اَڄُ،
لالَنَ ڪارَڻِ لَڄُ، باسِيائِين بُردارَ جي.
بيت - 13
وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڏِيو پَٽولي لانگَ،
ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگَ، سَسُئِي، مورَ ٻَچَن جِئن.
بيت - 14
وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڪِي جو ڏِٺائِين،
موتُ به مارِيائِين، پاڻِ تَنهِين جي پُٺِ ۾.
بيت - 15
وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، پَسو! سَگههَ سَندِياسِ،
آڌيءَ وَڃِيو آکَڙي، نَڪو پِيُ نَه ماسِ،
سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.
بيت - 16
وِلاڙِيو وَڻين چَڙهي، ڏاڍو ڏوري ڏوُر،
سُپيرِيان جي سُورَ، پَري پَڙاڏا ڪَري.
بيت - 17
پَري پَڙڏا ڪَري، اوري نَه آهي،
ڪَمتَرِ ڪا ڪاهي، پَهُچي هِنَ پَٽِيءَ کي.
بيت - 18
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرُ ڪووَلَ جِي ڪُوڪَ،
وَلولو ۽ وُوڪَ، اِي تان آهَ عِشقَ جِي.
بيت - 19
رُڃَنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرُ چَتُونءَس جِي چانگارَ،
اِيءَ عِشقَ جِي اُٻڪارَ، نَعرو آهي نِينهن جو.
بيت - 20
رُڃَنِ ۾ رَڙِ ٿِي، جِهڙي ڪَري جوءِ،
اِيءَ نَه عَورَتِ هوءِ، اِيءَ تان آهَ عِشقَ جِي.
بيت - 21
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪَرَڪي ڪُونج،
نَعرو مَنجههِ نِڪونجَ، اِيءَ تان آهَ عِشقَ جِي.
بيت - 22
رُڃَنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِيءَ سازُ،
اِي عِشقُ جو آوازُ، ماڙهُو رَکَنِ مُنڌَ تي.
وائي - 1
هيءَ گهايَلِ هَڏِ گهوري، وو! اَلا ميان! ڪيچِي مُون نَه سَڱِيڻان.
عِشق آريءَ ڄامَ جي، هِيءَ جهُونَڙي هَڏِ جهوري،
وو! اَلا ميان! ڪيچي مُون نَه سَڱِيڻان.
رَهِي جا رُڃُنِ ۾، سا ڇَپَرِ ڇَڏِيو مَ ڇوري،
وو! اَلا ميان! ڪيچي مُون نَه سَڱِيڻان.
اَدِيُون آرِيچَنِ لَئي، ڏُوُنگَرَ ٿِينديَسِ ڏوري،
وو! اَلا ميان! ڪيچي مُون نَه سَڱِيڻان.
داستان ستون
بيت - 1
مري، جِيءُ ته ماڻِيين، جانِبُ جو جَمالُ،
ٿيين هُوندَ حَلالُ، جي پَندِ اِهائِي پاريين.
بيت - 2
مَرُ، تَه موچاري ٿِيين، اَجَلان آڳي اَڄُ،
جَان ڪِين هُئين جِئري، تَه مُنڌَ ڀَنڀوران ڀَڄُ،
پُنهونءَ ساڻُ پَهَڄُ، تَه مَلَڪَ المَوتُ ماڻِيين.
بيت - 3
مَرُ، تَه موچاري ٿِيين، جِئڻُ آڏو جَتَ،
هاري ڪَرِ هِمَتَ، تَه ڏيئي دَمَ دوسُ لَهين.
بيت - 4
مَرُ، تَه موچاري ٿِيين، ويهِي وِجههُ مَ ويرُ،
دِلِ ۾ آڻِ مَ دَورُ تُون، ڦِرَڻِ سَندو ڦيرُ،
توڻي لَهين نَه پيرُ، توءِ راحَتَ آهِ رِڙَهِڻَ ۾.
بيت - 5
مَرُ، تَه موچاري ٿِيين، ويهي جِيّ مَ جوءِ،
مُنڌَ! مَرَڻا پوءِ، پَهُچَندِئَن پُنهوُنءَ کي.
بيت - 6
اَجَلان اڳي، سَسُئِي! مُنڌَ، جِيَرِيائِي مَرُ،
ٽولِئان تِنهن مَ ٽَرُ، جنهن رُوحُ وِڃايو راهَ ۾.
بيت - 7
مَرَڻا اَڳي جي مُئا، سي مَري ٿِينَ نَه مات،
هُوندا سي حَيات، جِيڻان اَڳي جي جِيا.
بيت - 8
جِيڻان اڳي جي جِيا، جُڳ جُڳ سي جِينَ،
اُوءِ موٽِي ڪِينَ مَرَنِ، مَرَڻا اڳي جي مُئا.
بيت - 9
تو سامائي، سَسُئِي! مَرَڻُ ڪِيو مُردارُ،
ڪُپَرِ سين ڪوهِيارُ، لوٺِي! تو لَڄائِيو.
بيت - 10
اُونچو اُتاهوُن، گهَڻوُن، جِيَڻَ کي جَبَلُ،
مَرَڻَ! مُون سين هَلُ، تَه پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
بيت - 11
تو سَڱَ، ساهَ! گهَڻَن سين، جِئڻَ! گوشي جاءُ،
مَرَڻَ! مُون سين آءُ، تَه پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
بيت - 12
وَڏا طالِعَ تَنِ جا، جي مارَڳ مَنجهِه مَرَنِ،
ٻِيُون ڇا کي ڪَنِ، ڪوڙي دعويٰ دوست سين.
بيت - 13
سَڏُ سُڃاڻِي پِرِينءَ جو، واڪي جي نَه وَرَنِ،
ڪُڄاڙي کي ڪَنِ، ڪوڙي دَعويٰ دوست سين.
بيت - 14
مُيين جي مارَڳَ ۾، ڇَپَرِ ڇُلِي جي،
تَه قَدرُ ڪيچين کي، هُوندَ پَوءِ تُنهنجي پَنڌَ جو.
بيت - 15
پَرِ ۾ پَچِي پِرينءَ کي، مَري نَه ڄاتوءِ،
مُوتُوا مُنڌَ نَه سوءِ، ڪَنڌُ ڪُڄاڙِيان ڪاٽِيين.
وائي - 1
وِهُ مَ واٽِ وِرچِي، هو! الا مِيان!
جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.
ڪَنِين اَچِي ڪا ڪَهِي، ڪَنِين اَچِي ڪا چَئِي،
جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.
اَمُلُ ڀانيان اُنَ کي، ساڄَنَ مون کي جا چَئِي،
جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.
پيرَ پَٽائين ڪُونئرا، رائي ڪِيَسِ رَچِي،
جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.
مُنهن ڪَرِ مَعذُورِنِ ڏي، پُنهون ڄامَ! پَرَچِي،
جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.
مُون کي تِنهِين مارِيو، جَتَن جا چَئِي،
جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.
وِندَرَ واٽَڙِينِ کي، ڪانڌي ٿِيندَمِ ڪيچِي،
جِئَن ڪَهَندِئن تِئن لَهَندِئن.
ديسي
داستان پھريون
بيت - 1
مُٺِيَسِ! جهَل مَهارَ، ڪُٺِيَس! ڪاهِ مَ ڪَرَهَو،
مُون نِماڻِيءَ جي نِجهُري، ڀيرو ڪِج ڀَتارَ،
ساجَن توهان ڌارَ، ڏِٺُمِ ڏِينهن قِيام جو.
بيت - 2
ڏاگهَن، ڏيرَن، ڏُونگرن، ٽِنهين ڏِنُم ڏُک،
سي سَڀ ڀانَيمِ سُکَ، هيڪاند ڪارَڻ هوتَ جي.
بيت - 3
ڏاگهَنِ، ڏيرَن، ڏُونگرن، ٽِنهين ڏُک ڏِنام،
لَڪَنِ لُوساٽِيو هِينئون، ڇِپُن پير ڇِنام،
رَندين رَتُ رُنام، پُرَندي پار پُنهونءَ جي.
بيت - 4
ڏاگهَنِ، ڏيرن، ڏُونگرِن، ڏُکُنِ آئُون ڏَڌي،
پُڇان پيرُ پُنهونءَ جو، وِجهان وِکُ وَڌي،
لِکِئي آئُون لَڌي، تاتَ پَٽَنِ ڪيرَ پَنَڌَ ڪَري.
بيت - 5
ڏاگهَا ڪِيَمَ ڏَرو، اَڃا آرياڻِي اڳي ٿِيو،
موڙي مَڃَرَ ٽارِيون، چانگا ٿا چَرو،
آن تان حَرَفُ هَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِيو.
بيت - 6
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏهِن ڏاگها ڏِٺئي ڏِينهن،
وَٺِي سَڙَڪَ سَسُئِي، ويههُ وِهاڻِيءَ سِيئَن،
چوٽِي سين چانگَنِ کي، جَڙِ زنجيرَن جِيئن،
تَه هوتُ تُنهنجو هِينئَن، پُنهون نِيائُون نه پاڻَ سين.
بيت - 7
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏهِن ڏاگها ڏِينهن ڏِٺاءِ،
ڪُنجُون جي قُفلَنِ جِيُون، تان ڪِنهن لَلِ لِڪاءِ،
تَه سُڀاڻي سَندِياءِ، ٿِئي سارُوڻِي سَسُئِي.
بيت - 8
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏِهن ڏِٺئي اُٺ،
ڏايُئِي نَه ڏاگهَنِ کي، اوڳِي ساڻُ اَڳَٺَ،
تَه هُوندَ نَه تُنهنجي هَٺَ، سُورُ پِرايا سَسُئِي.
بيت - 9
اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏِهن ڏِٺئي توڏا،
وَنڱِيُئي نَه وارَن سين، تَن گورَن جا گوڏا،
تَه لَڪَن جا لوڏا، هُوندَ نَه سَٺئي سَسُئِي.
بيت - 10
ڏاگهِنئُون ڏيرَنِ، جي آندا ٻَردَ ڀَنَڀورَ ۾،
هَڻِي چيلَ چَرا ڪِيا، وَهِ پَئِي وَهُڙَنِ،
کُڙيءَ کَڙِڪو اُنِ جو، هُوندَ سُتي سو سَڀَنِ،
ڏاندَنِ ساڻ سَيّدُ چئي، پِيادِيُون پَهُچَنِ،
جَنِ جو پيرُ نَه لَڳو پَٽيين، تَنِ آيُمِ ساڻُ اُٺَنِ،
گُنگَن ۽ جُنگنِ، مُنڌَ اَسوُنهِين ميڙيين.
بيت - 11
اَڳي اُٺُ رَڙَنِ، مُون ڀيري ماٺِ ٿِيي،
پَلاڻِيندي پاڻَ ۾، ڪُڇيو ڪِينَ ڪُٺَنِ،
ڪا جا مامَ مُٺَنِ، هِن پُڻِ هُئِي هُنِ سين.
بيت - 12
ڇا جي ڏِنگا ڏيرَ، مُنهنجو ڏينهن ڏِنگو مَ ٿئي،
اُٺَنِ، اوٺِيَڙَنِ جي، ڇا وَهِيڻو ويرَ،
هِيءَ ڪَمِيڻِي ڪير، جا اَمُرَ کي آڏو اَچي.
بيت - 13
ديسي سيڻَ ڪَجنِ، پَرَديسِي ڪِهڙا پِرِين،
لَڏِيو، لاڏُوُڻا ڪيو، پَنهنجي ديس وَڃَنِ،
پُڄاڻا پِرِينَ، ڪجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.
بيت - 14
ڌُرِيائِين ڌارِيان، مِٽَ مُئِيءَ جا نَه ٿِيا،
مَدي ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِيو کِيڪارِيان،
صُبُحَ ٿِي سارِيان، تَه اُٺَ نَه اوطاقُنِ ۾.
بيت - 15
اُٺَ مَ اوري آڻِ، ڏاگهَنِ ڏَڌي آهِيان،
هَڻِي هَٿُ هَيَنِ کي، پَري نِيئِي پَلاڻَ،
هوتُ مُنهنجو هاڻِ، پُنهُون نِيائُون پاڻَ سين.
بيت - 16
جتا! شالَ جِيو! جِيو تان جاڙُون ڪَرِيو،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچ ري، ٻيلِي ناهِ ٻِيو،
ڇِنَڻُ تان نَه ٻِيو، هِي سَڱُ نَه ڇِنَڻَ جيهَڙو.
بيت - 17
جَتَنِ جا جيلان، ٿِي ساٿَ پُڇائي سَسُئِي،
آيُسِ آريءَ ڄامَ جا، تَڙِ توڏا تيلان،
اُنِ کي ناڪِيليُون نَڪَنِ ۾، دُهرِيُون دَليلان،
سِرِ هَڻِيو سيلان، لايو نِينهن ننِڊون ڪَرِيين.
بيت - 18
جَتَنِ ڪج جَتَنِ جو، آئِيا ڪي اِيندا،
وَٺِي پُنهون پانهِنجو، وَٽان تو وِيندا،
دَمُ نَه دَمِيندا، سِڌارِيندا ساڻيههَ ڏي.
بيت - 19
جَتَ هَڏِهِين هُتِ، مُون هِتِ هِينئڙي ۾ حَلُ ٿِيا،
چَنگُلَ جَنين چوڦرا، راحَتَ تَنِ جِي رُتِ،
گَنگَن جِي گُپتِ، ڇيڙي وَڌِيَسِ ڇَپَرِين.
بيت - 20
جَتَنِ وِڌِيسِ جارِ، نات هُيَسِ نِماڻِي نِڪڻِي،
ٿِيَڙا پاڻَ قَرار، مُون مَنُس گَڏي گُوندَرين.
بيت - 21
جي ڄاڻان جَتَنِ، پوءِ پَٽاندَرُ هيترو،
آءٌ ڪيئن مُلا تَنِ، سَرَتِيُون سُورَ پِرائِيان.
بيت - 22
هي جي آيا هيرَ، مُون اڳَ نَه ڏِٺا ڪَڏِهِين،
آئُون تَرَسان، هو تَڪِڙا، پَٽِ نَه لائِنِ پيرَ،
ڀَنڀولِيَسِ بَرَنِ ۾، پَسِي ڀِينڊيَنِ ڀيرَ،
آءٌ آرِياڻِي آسري، ٿِي واهَرَ جِي ويرَ،
هيءَ ڪَمِيڻي ڪيرَ، تُون پاريسَ رَسِج پَٻَ ۾.
بيت - 23
جَتَنِ يارانُون، ڪيچِين مُون سين ڪونَه ڪِئو،
نالي سُيَسِ هوتَ جي، مَٿِم ٻارانون،
تيلاهِين طَعنون، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِيا.
بيت - 24
گورا وَڃَنِ گامَ، ڏيرَنِ سَندا ڏيههَ تي،
توڏَنِ جِيُون تَڙڀِيڙَ ۾، تريُون تِرڪَنِ تان مَ،
اوٺِيڙا آرام، لَنگهي پَٻُ پَري ٿِيا.
بيت - 25
گَههَ سِرِ ٿِئي مَ گَسُ، پَڻِي پوءِ مَ پِرِينءَ تي،
جِنهن سِرِ ساجَنُ سُپِرِين، تِنهن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ،
پُنهوُنءَ پاڪَ پُرِسَ! هوتَ نَه ڪجن هيڏِيُون.
بيت - 26
اُس مَ لَڳي اوٺِيين، ليڙان لُڪَ مَ لَڳ،
الله! آرِيسچَنِ کي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ،
جَتَ جَجها ۾ جَڳَ، مُنهنجِي پِرت پُنهوُنءَ سين.
بيت - 27
لَڏِيندي لِباسُ، جَتَن جيڏوئِي ڪيو،
اَچي آريءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ منجهان واسُ،
مِرون کِينَم ماسُ، هَڏَ هَلَندا هوت ڏي.
بيت - 28
اُٺَ ويري اوٺارَ ويري، ويري ٿِيَڙَمِ ڏيرَ،
چوٿُون ويري واءُ ٿيو، جِنهن لَٽِيا پُنهوُنءَ پيرَ،
پَنجُون ويري سِڄُ ٿِيو، جِنهن اُلهي ڪِي اَويرَ،
ڇَهُون ويري ڇَپَرُ ٿِيو، جِنهن سَوان نَه ڪِيا سيرَ،
سَتُون ويري چَنڊُ ٿِيو، جو کِڙيو نَه وَڏيءَ ويرَ،
واهيري جي ويرَ، ڇُلوُن ڪَرِيان ڇَپَرين.
وائي - 1
ڏاگهَنِ، ڏيرَنَ ساڻُ، ڪَرَهَنِ، ڪيچِين ساڻ،
مَتان ڪا ٻِي لَنئُون لائي!
آئُون سُتِي، هو هَلِيا، وِئَڙا ڪَرَهَلَ ڪاهي،
مَتان ڪا ٻِي لَنئُون لائي!
آسَڻ اَڳِيان اُن جِي، ٻَرِ ٻَرِ! ڪِيو ٻاڏائي،
مَتان ڪا ٻِي لَنئُون لائي!
چَتُر ڏيئِي چِتَ کي، وِئَڙا هوتُ ڇپائي،
مَتان ڪا ٻِي لَنئُون لائي!
جيڪا هُيَنِ مَنَ ۾، وِئَڙا پَنهنجي پُچائي،
مَتان ڪا ٻِي لَنئُون لائي!
داستان ٻيون
بيت - 1
اَڄُ پِه وَسائِي اوٺيين، مَٿي مارَڳَ ماڪَ،
پُنهوُن نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃِي طاقَ،
هَيهَاتَ هيهاتَ لِما تُوعَدُونَ، سُڃِي ٿِي اوطاقَ،
چَڪِيءَ چوري چاڪَ، هاڙهي هوتَ هلي ويا.
بيت - 2
مِڙي مُنڌَ ڏي آئِيُون، ساهيڙيون سَهَجان،
اَلسَّفَرُ قِطعَة مِنَّ النَّارِ، هاري! موٽُ هِتان،
سَڱُ صِراطَ المُستَقِيمَ جو، اَٿئِي تان اَڳِيان،
سي ڪيچِي نِيندءِ ڪِئان، تُنهنجو نِينهُن نِفاقَ سين.
بيت - 3
جَڏان ڪُن فَيَڪُون چَئي، نِيو آرِياڻِيءَ اَرِواح،
اَنگُ اَڳَهِين لِکِيو، مُنهِنجو مِيثاقاء،
مَن طَلَبَ شَيئا وَجَدَّ وَجَدَ، اُتو عَلِي شاه،
اَڃا هِنَ حَدِيثَ جو، مُون آسَرو آه،
پُنهوُسنءَ جي پَيغامَ تان، مُنهِنجو موتُ مُباح،
سَرَتِيُون! دُعا ڪجاه، تَه ميڙائو مُون ٿِئي.
بيت - 4
صُبُح سِياهِي، آهي آريءَ ڄامَ ري،
ڪَڏهِن پَسي ڪا نَه ڪا، ري لالَنَ لالائِي،
دُود دِلِ تان دُورِ ڪَري، ڪَرِ ساجَنَ صَفائِي،
مَن لاَ شَيخُ لَہُ فَشَيخُہُ الشّيَطاَنُ، اِنَ ري اُونداهِي،
هُوءَ جا هَلِي هيڪَلِي، سا گِيرَبَ گمائِي،
بِلَا شَيخ مَن يَّمشِي فِي الَّطرِيقِ، اِهَڙي آوائِي،
تِنهن ري تَوائِي، ڪوڙِئين ٿِيون ڪيتَرِيُون.
بيت - 5
بَرُ وڏو، بارُ گهَڻُون، ويجهو نَه وَڻڪار،
ليڙَن جو لَطِيفُ چَئي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ،
وَڻَندُنِ نهَ وَڙ ڪَندا، ناتَ اَڳِينَ جي اِختيارَ،
ڪاڏي ٿِيو ڪوهِيارُ، ڪاڏي ٿِي هَٿَ کَڻي.
بيت - 6
ڪيڙي ڪيچايَنِ، گؤرا گَسِ هَلائِيا،
لَڙِيو، چَڙهيو چوٽِيين، ڪَريو ڪوهَ ڪِڙَنِ،
سُونهنِ جي سَردارَ سين، سي توڏَ مَ تَرٽِجَنِ،
لُطفُ ساڻُ لَطِيفُ چئي، لَنگهِيو بَرُ بوتَنِ،
تَنِ ڪِهڙو غَمُ گُنگَسنِ، هوتُ حِماتِي جَنِ جو.
بيت - 7
جاڳائي جَتَنِ، گَورا گَسِ هَلائِيا،
پَهُتِي ري پَهاڙ ۾، اُٺَ مَ آگهَٽِجَنِ،
لَتاڙي لَطِيفُ چَئي، لَنگهِيو بَرَ بوتَنِ،
تَنِ ڪِهڙي چُڪَ چانگَنِ، هوتُ حِماتِي جَنِ جو.
بيت - 8
ڀِنِي ٿا ڀَرِينِ، ساٿِيَنِ سَنڊَ هَٿَنِ ۾،
ليڙَن جو لَطِيفُ چَئي، مُون کي مَنجههُ نَه ڏِينِ،
هوتُ پُنهوُن ٿا نِينِس، اَسُونهِيءَ جو آجِڪو.
بيت - 9
اوڳارين نَه آنِرا، ٻَڌا چَرَنِ نَه ٻُورَ،
ليڙَنِ کي لَطِيفُ چَئي، هَلَڻَ جو مَذڪُورُ،
مَينِ کي مامُورُ، آهي اُڻتڻ اڳيين پنڌ جي.
بيت - 10
دوڪَ دَهليا جِتِ، گورا هَلَنِ نَه گَسَ ۾،
چؤ سال ئِي نَه چلڻا، ٿي تنگ نِهاري تِتِ،
سوڌي اُنهِين سيد چئي، پوءِ پانچارِئنِ پِرِتِ،
اِن اَڙانگي پَنڌَ جي، ڪا نيشَنِ پوءِ نِرِتَ،
سسُئي وَڏي سَتِ، جا اِهَڙيءَ پر پَنڌُ ڪَري.
بيت - 11
پُڻِ ٿا پَلاڻِين، اوٺِي اَڄُ اُڀَکُڙا،
پَہَ، پارسِيُون پاڻَ ۾، ڏيرَ ڏيهاڻِي ڏِينِ،
هوتُ پُنهوُن ٿا نِينِ، ٻاروچِي ٻولِي ڪيو.
بيت - 12
پُڻِ ٿا پَلاڻِينِ، اوٺِي گهَڻوُن اُٻاهَرا،
هوءِ جي هَلَڻَ سَندِيُون، ڳاهُون ڳالهائِينِ،
مُون کي ٿا مارِينِ، سَڄَڻَ سانباهِي ڪيو.
بيت - 13
هَئي هَئي! ڪيو هاءِ! ٿِي پاڻُ هَڻي سِرِ پاهڻين،
لَڌائِين لَطِيفُ چَئي، جَتَنِ سندي جاءِ،
شڪر بارِ سَنداءِ، جئن سٽاڻي ساٿِ مِڙي.
وائي - 1
لالَنُ آيڙو پيهي، وِئَڙا سُورَ سَڀيئي،
جِيَسِ جِيَسِ! وو جيڏيُون، مُنهِنجو لالَنُ آيو پيهِي،
ڳالهِيُون ڪَندِيَسِ ڳُجهِيُون، مُنهن مُقابِل ويهِي،
جِيَسِ جِيَسِ! وو جيڏِيُون.
کَٿُوريءَ بارُ ڀَري، آيو ڏُونگَرَ ڏيهِي،
جِيَسِ جِيَسِ! وو جيڏِيُون.
سَرڪشِي سَردارَ سين، مُون ڪَمِيڻِي ڪيهِي،
جِيَسِ جِيَسِ! وو جيڏِيُون.
هُئِي شِڪستِي سَسُئِي، رازُ پُنهوُنءَ جي ريهِي،
جِيَسِ جِيَسِ! وو جيڏِيُون.
داستان ٽيون
بيت - 1
اَللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ڪَرَها مَ ڪاهِيو،
جانِبَ جَڏي جِيءَ جو، آڳانڍو آهِيو،
لاڳاپو لاهِيو، مَتان مُنهنجو سُپِرِين.
بيت - 2
اَللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ليڙا نِيو مَ لُرَ،
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهيءَ جهَلي ٻُرَ،
مُون کي ماري مَنجهِه ٿِي، سَندي هوتَنِ هُرَ،
ڪَچو لائِيان ڪُرَ، ڪيچان اوري جي وُران.
بيت - 3
ڪيچان اوري ڪِٿِهين، وَڻُ نَه ويساهِين،
ڪَميڻِي ڪيچين لَئي، پُورِجِ پَراهين،
تاڻِجِ تيڏاهِين، وارِج ڪا مَ وَرَڻَ جي.
بيت - 4
ڪيچان اوري ڪيتَريُون، مَعذورِيُون مُيُون،
واٽُون وِيہَ ٿِيُون، ڪُہُ ڄاڻان ڪيهي وِيا.
بيت - 5
الا! اَچَنِ اوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَهو ٿئي،
پَسان مان پَرِ ڪَهينِ، جَتَنِ سَندي جُوءِ،
لَنگهي لَڪ، لَطِيفُ چَئي، سُڻِيان هوتَنِ هُوءِ،
گولِي ٿِيان گُلبُوءِ، جي سُڃاڻان ساٿَ ڌَڻِي.
بيت - 6
ڪيچان آيو قافِلو، عَطرَ آندائُون،
کَٿُوري خُوشُبوءِ سين، وَڻَ ٽِڻُ واسِيائُون،
پَسَنديئِي پُنهوُنءَ ڄام کي، وِسريُون وِڄائُون،
خيما کوڙِيائُون، وَرِيو بَختُ ڀَنڀورَ جو.
بيت - 7
ڪيچان آيو قافِلو، ساٿَ ڌَڻِي سَرِواڻ،
وارَ وَڍي واڳُون ڪَرِيان، پُئان هُوندَ پَلاڻ،
جَهِڙو پُنهون پاڻ، تَهِڙي سِٽا ساٿَ جي.
بيت - 8
ڪيچان آيو قافِلو، طَرَحَ موچاريءَ توڏ،
سِينگاريائُون سَيّدُ چَئي، ڪَرَها مَنجهان ڪوڏ،
لَکُ لَهي ٿِي لوڏَ، جِيجان تَنِ جَتَنِ جِي.
بيت - 9
ڪيچان آيو قافِلو، جُنگُ سُونهاريءَ جوڙَ،
تَلِيارا توڏَنِ کي، ڳِچِيءَ سُونهَنِ موڙَ،
دولَتَ چايان دوڙَ، جي مُون نِيو پاڻَ سين.
بيت - 10
ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچاريءَ روُءِ،
بوتي ۽ بَلوچَ جِي، رِڙِهِي پَسان روُءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطيفُ چَئي، پَڇان ڪيچِيَنِ ڪُوءِ،
گولِي ٿيان گُلبُوءِ، جي مُون نيو پاڻَ سين.
بيت - 11
ڪيچان آيو قافِلو، ڀَليرو ڀايان،
پَڻِي جا پيرَن جِي، لِڱَنِ کي لايان،
چَنبيلي چايان، جي مُون نِيو پاڻَ سين.
بيت - 12
ڪيچان آيو قافِلو، ڄامَنِ سَندو ڄامُ،
پَسندي پُنهوُنءَ کي، آکِنِ ڪِيو آرامُ،
ناتَرِ چايان نامُ، جي مُون نِيو پاڻَ سين.
بيت - 13
مِزِمانَنِ مَهري، آڻي جهوڪِيا جهوڪَ ۾،
چاٽي چَنبَنِ ۾، وِيا، جِئن بازُ سَٽي بَحري،
ڪوهِيارو قَهَري، وِيو نِهوڙي ننِڊ ۾.
بيت - 14
ڪيچي ڪالهَه ڪَهِي وِيا، اَدِيُون آڌيءَ راتِ،
جاڳان تان جيڪينِ ٿِيو، وِهاڻِيءَ پِرڀاتِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ ذاتِ،
رَفيعَ الدّرجات، پَرَمَلُ پُنهوُن ميڙيين.
بيت - 15
مُون ڀانيو مُون وَٽِ، هَميشَہَ هُوندا پِرِين،
ويڙهو ڏيئِي ويڪَرو، پَهري وِيا پَٽِ،
ساهُ جَنِهين جي سَٽِ، وِڪِيُمِ ٿي وَڻڪارِ ۾.
بيت - 16
مُون ڀانيو مِزِمانَ، هَمِيشَہَ هُوندا پِرِين،
ڪُهِي ڪَميڻِي هَلِيا، ڪَهَلَ ڪِيائوُن ڪانَ،
ڏيئي وِيا ڏاهِ کي، سُورَنِ جا سامانَ،
جورو راتِ جُوانَ، جيڏِيُون جَتَ ڪَري وِيا.
بيت - 17
ڀانيُمِ جي سَرِواڻَ، ڇُلائيندَم ڇَپَرين،
کانيَم هُوندَ پَلاڻَ، اُٺ گُڏايَم اُنِ جا.
بيت - 18
ساٿِيڙَنِ سَويرَ، آڻي اُٺَ جهُڪائِيا،
هِينئَين تَه ڀانيُم جيڏيُون، تَه ڏاڍي ڪَندا ڏيرَ،
اُٿِيَسِ آئُون اَويرَ، ڪَري سُڃَ سَنجهي وِيا.
بيت - 19
جهُوڙا جَنِ جهُلُنِ ۾، هِيري لَکُ هَزارَ،
لَڳا واٽ وَڻَنِ جا، پُنهوُنءَ کي پالارَ،
آن ڪي وِيندا گَڏِيا، اِهَڙيءَ سِٽَ سُوارَ،
لَنگهِي ڪالهه قَطارَ، تُون، آئِي اَڄُ نِهارِيين.
بيت - 20
ڪاڏي مُنهن مَڪَرانُ جو، ڪاڏي ڪيچُ ٿِيو،
هِهَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِهِين ڪونَه پِيو،
ڪوهِيارو ڪامَ هَڻِي، چوري چِتُ وِيو،
جَنين جَتُ نِيو، تَنِ اُٺَنِ گهوري آهِيان.
بيت - 21
بِرِهَ مَڻايُس بَرُ، ناتَ سُکِي ڪيرَ سَڌوُن ڪَري،
گهَڻُون ڏورِيان ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ،
وَري آيُس وَرُ، سَفَرَ مُيَ جا سابِ پِيا.
بيت - 22
وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪِيو،
نِهارِيندِيَسِ نَڪَڻِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرَ،
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روهَ رَتِيُون ٿِيين.
بيت - 23
وَرَ وَراڪا وِچَ ۾، لَکين آڏا لَڪَ،
هو جي آڏا حَقَ، سي ڪَندا ڪوهُ ڪُٺيَ کي.
وائي - 1
هوتَ! نَه ڀانِيُم هِينئَن، آئون جا ماري، سَڄَڻَ تُنهنجِي نِينهن،
وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينهن،
وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.
عِشقُ آريءَ ڄامَ جي، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينهن،
وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.
جهُونگارِيندي جهَنگَ ۾، ڏوٿِيَنِ ڏِٺَڙي ڏِينهن،
وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.
اُن جا ڇڏي ڇَپَرِين، ڪيچ رَسَندي ڪِيئَن،
وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.
وِلَهيءَ هِتِ سسسسوَسائِيا، سَندا مَحَبتَ مِينهن،
وو! ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ وِيندين.
داستان چوٿون
بيت - 1
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، آرِيچا اَظلامَ،
آندائُون آريءَ جا، پُنهوُنءَ ڏي پيغام،
پَههُ ڪيائُون پاڻَ ۾، مُونهان مَخفِي مامَ،
سَنڀُوڙا ساٿُ کَڻِي، ويساهي وَرِيامَ،
ڪاڪِيُون! راتِ قِيامَ، جيڏيُون! جَتُ ڪَري وِيا.
بيت - 2
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڪَري ڏيرَ ڏِنگِي،
مُون وِلهِيءَ ڪِينَ وِنگِي، مامَ پَرُوڙي مَنجههِ جِي.
بيت - 3
وارو! وَرَ وَٺِي وِيا، هاڃُون هوتَ ڪَري،
آڌيءَ اُٿِي هَلِيا، سُڃُون شَهرُ ڌَري،
هِيءَ ڏُکِي هِتِ ڏَري، هوءِ وَڃِي ڪيچِ قَرارِيا.
بيت - 4
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، جابِرَ ڪَري جورُ،
بيدي ٿِيو ڀَنڀورُ، حَشَرُ ڪَري هَلِيا.
بيت - 5
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڪَري ڏيرَ ڏَمَرُ،
هاڻي ٿِيو حَشَرُ، پُنان قولَ قِيام جا!
بيت - 6
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڏيرَ ڪَري ڏورو،
ساجَنَ ري، سَرَتِيُون! آتَڻُ اَڌورو،
نِيَ سين نِسورو، حَشَرُ ڪَري هَلِيا.
بيت - 7
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، جوري سين جابِرَ،
صَبَرَ ڪِئن صابِرَ، اَچي عَجِيبَنِ ري.
بيت - 8
وارو! وَرُ وَٺِي وِيا، ڏاڙهِيءَ ڀَنڀا ڏيرَ،
ڏِينديَسِ ڏاڍين ڏُونگَرين، اُنهِين لَئي اُليرَ،
ڪيچ پُهچي ڪيرَ، وَڃَڻَ سين وَس ڪَريان.
بيت - 9
سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، تَه ڪي اوٺِي ڪَندا اِيئَن،
ڪُهِي ڪَمِيڻي ڪِئَن، جَڏي راتِ جَتَنِ ڪِي!
بيت - 10
سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، صُبحُ سارِيمِ سُورَ،
جَتَنِ لاءِ ضَروُرَ، گهَڻا گهارِيَمِ ڏِينهڙا.
بيت - 11
سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، صُبحُ سارِيَمِ سُورَ،
آڌيءَ راتِ اُڌَمِيو، ڏين پَلٽِيو پُورَ،
جَتَنِ جي ضَرُورَ، مادَرِ! ماري آهِيان!
بيت - 12
سَنجهي مُون نَه سَنڀالِيو، مارِيَسِ سُورَ صُبُوح،
نيڻَ هيرايَئِي نِنڊَ سين، جَتَنِ لَنگهِي جُوءِ،
هاڃُو ڪَري هُوءِ، آڌيءَ راتِ اُٿِي وِيا.
بيت - 13
آڌيءَ اُوءِ اُٿِي وِيا، ڪَرَ رَکِيائُون ڪيچَ،
ٻاروچاڻِي پيچَ، مُنهنجو مَنُ مُنجهائِيو!
بيت - 14
جَڏيءَ وَٽِ جالي، مانَ لِلهِ ڪارَڻِ لِکَ سِينءَ،
آهي آريءَ ڄامَ جي، هِتِ هُتِ حَوالي،
عَيبَ مُون ۾ اڳرا، مانَ نِرمَلُ نِڪالي!
پَرٽِياڻِي پالي، ڪامِل نِيندو ڪيچَ ڏي.
بيت - 15
پَرِيَٽَنِ پالياسِ، ٻانڀَڻِ ٻيٽِي آهِيان،
حُسنَ هوتَ پُنهونءَ جي، ماري موت وِڌِياسِ،
جانڪِين تان جِينديِاسِ، پيس وَرِ وِصالَ جي.
بيت - 16
پَرِٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذارِيُمِ جيڏِيُون،
جَنهِين مُون کي مارِيو، سُورَنِ سين ساڙي،
اِرادي آڻي، سانگَينِ سين سَڱَ ڪيو.
بيت - 17
اَسِين پاڻَ پِرَٽَ، پورِهَيتَ پُنهُونءَ ڄامَ جا،
هوتُ کَٿُوريءَ هيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ،
آتَڻَ مَنجههِ اُگهَٽ، ڪانڌُ ڪِهينِ جي مَ ڪَري!
بيت - 18
گَڏِيو ڌوٻِيَنِ ڌوءِ، پُنهوُسنءَ پارچو هَٿَ ۾،
اُتي آريءَ ڄام جو، قاصِدُ آيُس ڪوءِ،
ايءُ ڪامِلَ ڪَم نَه سَندوءِ، جِئن پَهَسَ پَڇاڙيِين پوتِيين.
بيت - 19
نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مَنڌُ جو،
هورُ مِڙوئِي هِنَ کي، هوتَنِ ڪونهي هُورَ،
زاريءَ ڌاران زورُ، هَلي ڪونَه حَبِيبَ سين.
بيت - 20
ڇوري، نِدوري، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،
سَوين هَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪوري،
آئُون پُڻِ آهِيان اُن ۾، لَنگهِي ۽ لوري،
لَنگهائِيين لَطِيفُ چَئي، ٿَرَنِ جا ٿوري،
آهِيان آزوري، تُنهنجي جوري جَبَلُ لَنگهِيان.
وائي - 1
ڇا کي ٿا ڪَرَهَ قَطارِيو، وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.
اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، آئِين واڳَ وَٺِي وَرُ واريو،
وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.
رَهو رات ڀَنڀورَ ۾، تان ڪا گهَڙي هِتِ گهارِيو،
وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.
سِڪِي جِنهن سَڱُ ڪِيو، تِنهن مَعذُور کي مَ مارِيو،
وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين! دوسِتَ دَرَسَنُ ڪارِيو،
وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.
موڙي مَڃَر ٽارِيُون، چانگَنَ کي آئِين چارِيو،
وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.
اَڀَري عَبدُاللّطِيفَ ڏي، واڳ وَنهيَلِ آئِين وارِيو،
وو! مُون نِماڻِيءَ تان ڪي نَه چِيو.
داستان پنجون
بيت - 1
نيڻَ نِهارا مُون ڪيا، مَٿي واٽَڙِيَنِ،
اِيندا مان پَسَن، اوٺِي آريءَ ڄامَ جا.
بيت - 2
نيڻَ نِهارا مُون ڪيا، ڪيچَينَ ڪارَڻِ ڪالَهه،
اِيندا پَسان شالَ، اوٺِي آريءَ ڄامَ جا.
بيت - 3
نيڻَ نِهارا مُون ڪيا، اوٺِيَنِ ڪارَڻِ اَڄُ،
پُنهُونءَ ڄامَ! پَهَڄُ، تَه آري! اولوُن نَه ٿِيان.
بيت - 4
نيڻ جي نِهارِينِ، سي اَڄُ نَه اوٺِي آئِيا،
هَنجُون نَه وَسائِينِ، پاڻِي پُنهوُن ڄامَ ري.
بيت - 5
نيڻَ نِهاري مُنهنجا، روئِي ٿِيا رَتُ،
پُنهوُن هوءِ پَهتُ، تَه پاري نِينِ پاڻَ سين.
بيت - 6
نيڻَ نِهاري مُنهنجا، رَتُ ٿِيا روئِي،
ڏُکَنِ جي ڏوئِي، آهي هَٿِ آسوُنهَنِ جي.
بيت - 7
اَڄُ اَڱڻَ ڪِيڻانِ، آسَرَ لڳي سورِيان،
ڏوُنگَر ڏِينهن لَڳانِ، مانَ وَرِڪَنِ سُپِرِين.
بيت - 8
ڏوُنگَر لڳن ڏِينهن، مانَ وَرِڪَنِ سُپِرِين،
ڪَيَسِ نِماڻِي نِينهن، آيَل! ٻاروچَنِ جي.
بيت - 9
نيڻَ نِهاري مُنهنجا، روئِي رَتُ ٿِيا،
جي هَٿان هوتَ وِيا، سي اَچَنِ تهَ آجِي ٿِيان.
بيت - 10
جِئن سو هَرَڻُ هُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾،
هِيءُ پَڳُ نَه کوَڙي پَٽيِين، هُو ڌَڙَ سِرِ ڌَري نَه ساهُ،
جيڪُسِ تَنِ مُلاءُ، سَسُئِيءَ سُورَ پِرائِيا.
بيت - 11
راتِ ڏِٺائِين روجههَ، ڀانءِ ڪَ اوٺِي آئِيا،
پِرِيتَڻِي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجهَه،
هَئِي گهَڻُون آٻوجههَ، سُورَنِ سُونهائِي سَسُئِي.
بيت - 12
روجَهه ڏِٺائين راتِ، هوتُ ڳولِيندي حَبَ ۾،
ڪيچِيَنِ جي ڪَڙي ٿِيي، توءِ تَنين جي تاتِ،
ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُيَ نَه وِسَري.
بيت - 13
جَبَلَ ۾ جانارَ، سَرَهَ گَڏَبَئِي سَسُئِي،
ڀِنِيءَ پوءِ ڀوارِئِي، ٻانڀَڻِ جِي ٻاڪارَ،
هوتاڻِي هيڪارَ، مؤلاٰ! مُون کي ميڙِيين.
بيت - 14
سَرَهَ گَڏِبَئِي سَسُئِي، سوڙهِي مَنجهي سَبِيلَ،
ڪاهي رَسندا قَهرِيا، جيت تَڪَڙا سين تَعجِيلَ،
آرِياڻِي اَصِيلَ، اُتِ پِياديءَ کي پُهچَ تُون.
بيت - 15
سَمَرُ جَنِهين نَه ساڻُ، هوتُ حِماتِي تَنِ جو،
ڪَري ڇيڄَ ڇَپَرَ ۾، پُنهوُن اِيندو پاڻَ،
ٿِيندي رِيجههَ رِهاڻِ، لَحظي مَنجههِ لَطِيفُ چَئي.
بيت - 16
پَسِي سي سَرَهِي ٿِئي، جي مَيَنِ لَنگهِيا مَسَ،
تِٿُ تنهن کي ناهِ ڪو، لَڪَ مِڙيئي لَسَ،
حُبَ جِنهِين کي هوتَ جِي، وِندُرُ تِنهن کي وَسَ،
سَنديءَ چانگَنِ چَسِ، پيرَ ٺَرندَءِ پَٻَ ۾.
بيت - 17
سَسُئِي لَنگهِيو سو، مَردَ جِنهن ماتُ ڪِيا،
جَبَلُ وَڏو جو، نُوڻِ مِڙوئِي نِينهَن کي.
بيت - 18
جَبَلَ ماري جَکَ، جو آڏو آرِيچَنِ کي،
توڻي لَڪَنِ لَکَ، سَڀِ لَنگهِيندِيَسِ سِڪَ سين.
بيت - 19
جَبَلُ جيڏوئي، جو آڏو آرِيچَنِ کي،
وَٺِي وَرُ واٽَ وِيا، بُرفَتَ بِروهِي،
رُڃَنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهوُنءَ کي.
بيت - 20
جَبَلُ سُڄَنِ جالَ، آڏا آرِيچَنِ کي،
هاڙهي ڏانهن هَٿُ کَڻيو، ڇَپَرِ مِڙان شالَ!
ڪيچي وِئَڙمِ ڪالهَه، تي ٿِي ڏونگَر ڏورِيان.
بيت - 21
ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانئِيان، ڪانڀو ۽ ڪارو،
پَٻُ وِجهَندِيَسِ پُٺِ تي، صُبُح سَوارو،
وَڃَڻَ مُون وارو، ڪِينَ وِهَندِيَسِ وِچَ ۾.
بيت - 22
ڪِينَ وِهَندِيَسِ وِچَ ۾، هَلَندِيَسِ ڪَري هاءِ،
ساڄَنَ سَندي ساءِ، ڏوُسنگَرَ ڏورَڻُ مُون پِيا.
بيت - 23
ڇَپَرَ ۽ ڇَمَرَ، ٿا لَڳَههَ لَڳَنِ پاڻَ ۾،
آڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪَرا، ويڌَ، وِنگايُون، وَرَ،
آئون پِيادي پٽِيين، نِماڻِي، نِڌَرَ،
سورِيُون جِتِ سَڳَر، اُتِ ٻاتاڙيءَ ٻيلِي ٿِيين!
وائي - 1
هِينئڙو ٿو هُنِ ساري، مُنهنجو ساهُ سَيّدَ کي ٿو ساري؛
جيڏِيُون! آئُون هَلَندي، وِيندي هوتَ ڏي.
سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.
هوتَنِ هَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙي هِتِ گهاري؟
جيڏِيُون! آئُون هَلَندي، وِيندي هوتَ ڏي.
سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.
آسَرَ ڀَري آهِيان، مان واحِدُ آڻين واري!
جيڏِيُون! آئُون هَلَندي، وِيندي هوتَ ڏي.
سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.
پَنڌُ اَڙانگا پَٽيين، مُون کي ڪوهِيارو ٿو ڪاري،
جيڏِيُون! آئُون هَلَندي، وِيندي هوتَ ڏي.
سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.
سَچو سُخُنُ سُپِرِينِ، مانَ پُنهَلُ پَنهنجو پاري!
جيڏِيُون! آئُون هَلَندي، وِيندي هوتَ ڏي.
سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.
ڄيرو اَندَرِ ڄِندَڙي، وِيو ٻاروچَلُ ٻاري،
جيڏِيُون! آئُون هَلَندي، وِيندي هوتَ ڏي.
سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي، هِنَ ويچاريءَ واري،
جيڏِيُون! آئُون هَلَندي، وِيندي هوتَ ڏي.
سَرَتِيُون! آئُون ڪَهندي، ويندي ڪيچَ ڏي.
داستان ڇھون
بيت - 1
آڏَ تِراڇا، آهُڙا، ڏاڪا ڏوُنگَرَ کي،
هو جي وَرَ وِندُرَ جا، مارِيندا مُون کي،
هاڙهو هِيڻِيءَ کي، لَنگهائِج، لَطِيفُ چَئي.
بيت - 2
آڏَ تِراڇا، آهڙا، ڏوُنگَرَ کي ڏاڪا،
ڪِيَمِ آهَ عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجهان ساڪا،
پيئي هَٿِيڪِي هوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَنِ ڪا،
مُنهنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
بيت - 3
آڏَتِراڇا، آهُڙا، ڏوُنگَرَ کي ڏاڪا،
وَٺِي وَرُ واٽ ٿِيا، بَرِ چَڙهي بانڪا،
ڦَٽِيا پيرَ فقيرَ جا، چَڙهندي چَڙهاڪا،
هُيَنِ جِيءُ اَندرَ جاڪا، وِيا پُڄائي پانهِنجِي.
بيت - 4
آڏَتِراڇا، آهُڙا، وِندَرَ وَراڪا، وَر،
حُبّ جَنهن کي هوتَ جِي، سا ڏورِيندي ڏونگَر،
پَهُچايين، پَرورَ! لُطفَ ساڻُ، لَطِيفُ چَئي.
بيت - 5
آڏَتِراڇا، آهڙا، وِندُرَ وَراڪا، واڪَ،
اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ،
پُنهوُن پَرَمَلَ پاڪَ! واحِدَ لَڳِ، وَريج تُون.
بيت - 6
آڏَتِراڇا، آهُڙا، وِنگا وَرَ واٽُنِ،
جيرا، جِڳَرَ، بُڪِيُون، آريءَ لَئي آٽَنِ،
ڪَسي ڪَنواٽَنِ، سَنڀُوڙا سَيّدَ چَئي.
بيت - 7
ڪوڏَرِ نَه ڪاتِي، جنهن سان ٽَڪَرُ ٽانڪِيان،
جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان، سو هيبَتَ جو هاٿي،
پِرِينَ جا پاتِي، سا جَڙ جِئري نَه لَهي.
بيت - 8
ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَهه گَهَڻِي، جِتِ بَرَپَٽَ، بَيران،
ڏاهَنِ ڏاهَپَ وِسري، ٿِيا حَرِيفَ ئِي حِيران،
سَسُئي لَنگهِيو، سَيّدُ چَئي، مَحبت سين ميدَان،
جنهن جو آرِياڻِي اڳوان، تِنهن جي ڪانهي باکَ بَهِيرَ ۾.
بيت - 9
ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَههَ گهَڻِي، جِتِ واٽُنِ تي واري،
آڏا لَڪَ، لَطِيفُ چَئي، بَرَ سُڄَنِ باري،
جا مَنِزَلُنِ ماري، سا قادِرَ! ڪيچ رَساڻِيين.
بيت - 10
ڪَرڙا ڏوُنگَرَ، ڪَههَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ گُوناگُونِ،
ليڙَنِ جِيُون، لَطِيفُ چَئي، تَنگ تَنواروُن پُونِ،
جَنِ ڏِٺو پيرُ پُنهوُنءَ جو، سي نَه ڪِي روُنِ نَه چُون،
هُوندَنِ مَٿي هُونِ، لاڳاپا هِنَ لوڪَ جا.
بيت - 11
ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَهه گَهڻِي، جِتِ ماتَرِ مٿاهِين،
سُڄَنِ ٿا، سَيّدُ چَئي، اُتِ مِروُن مَهائِين،
تُون آرِياڻِي آهين، مَنَهِن مَعذوُرِنِ جِي.
بيت - 12
ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَههَ گهَڻِي، جِتِ وِيا روڏا رِنگائي،
ساڱاپي سيڻَنِ جي، ٿِي وِندُرِ واجهائي،
رَهِيَسِ رَسُ، لَطِيفُ چَئي، تِنهن ڪَميڻيءَ ڪاهي،
آرِياڻيءَ آهي، مَنهِن مَعذورِنِ جِي.
بيت - 13
ڪَرِڙا ڏوُنگَرَ، ڪَههَ گهَڻِي، جِتِ رِڻَ تتو رائو،
تِتِرُ ٿِئي مَ تَنِ کي، ڏوُنگَرَ ۾ ڏائو،
جَڏِهن ڄامَ پُنهُون ڄائو، تَڏِهن ٿِي وَسَ وَڻِڪار ۾.
بيت - 14
ماڻِڪَ مِٽُ سَندومِ، اُونداهِيءَ ۾ سوجهرو،
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَه وِيندومِ،
سارِيو سَڏَ ڪَندوم، ڪوهِيارو ڪيچَ ڌڻي.
وائي - 1
وِيندِيَسِ ڪيچ ڪَهِي، سيڻَنِ ساڻُ سَهِي،
وو! ڀينَرُ! آئُون جِيندِيسِ تان تَه جَتَنِ ري.
وِهان ڪِئن ماٺِ ڪري، هيڏو سُورُ سَهي،
وو! ڀينَرُ! آئون جِيندِيَسِ تان نهَ جَتَنِ ري.
هيڏي شَهَرَ ڀَنڀَور ۾، سارِيان ڪونَه سَهِي،
وو! ڀينَرُ! آئُون جِيندِيسِ تان نَه جَتَنِ ري.
صُبحُ ڏونگَرَ ڏورِيان، ڪِنهن پَرِ راتِ رَهِي،
وو! ڀينَرُ! آئُون جِيندِيسِ تان نَه جَتَنِ ري.
وائي - 2
گهُمان جالَ جَبَلَ، مِيان، جيڏِيُون جانِبَ جَتَ لَئي،
ڏورِيندِيَسِ ۾ ڏُونگَرِين، ڪَندِيَسِ آئُون اُڄَل،
جيڏِيُون جانِبَ جَتَ لَئي.
هيڏي شَهَرَ ڀَنڀَور ۾، رَهان نا هِڪُ پَل،
جيڏِيُون جانِبَ جَتَ لَئي.
پُنهُون پاڻَ نَه وَڃِڻو، ڪو مُونِهين ۾ وَلَ،
جيڏِيُون جانِبَ جَتَ لَئي.
اوڏي ٿِي، عَبدَاللّطِيفُ چَئي، هوتَ ڪارَڻِ هَل،
جيڏِيُون جانِبَ جَتَ لَئي.
داستان ستون
بيت - 1
پُنهُونءَ سين پِرِيتِ جو، ڪو جو پيچُ پِيوم،
ڀَنڀي هِنَ ڀَنڀورَ ۾، وِهَڻُ وِهُ ٿِيوم،
مَتِيُون موٽَڻَ سَندِيُون، ڪاڪِيُون ڪِيَم ڏِيوم،
سَرَتِيُون ساهُ سَندوم، ٿِيو حَوالي هوتَ جي.
بيت - 2
پُنهُونءَ ساڻُ پِرِيتَ جو، ڪو جو پِيَڙُمِ پيچ،
ڪَندِيَسِ ڪَشالا ڪافَ جا، هاڙهو ڀائِيان هيچ،
ڪاهي مَڻَدِيَسِ ڪيچ، ديرو دوسِتَ پُنهوُنءَ جو.
بيت - 3
ڪُڄاڙِئان ڪاهي، شُتَر اُنِ سِينگارِيا،
ٽَلِيُون، ٽَؤنرَ، هَلَوِيُون، وِيا ڇيروُن ڇَمَڪائي،
لَنگهِيا لَڪَ لَطِيفُ چَئي، وِيا ڪَرَهَلَ ڪُڏائي،
ٻانَڀَڻِ کي ٻَروچَ جو، آسرو آهي،
واڳُون وَرائي، ڦيرِينِ مانَ فَقِير تي.
بيت - 4
ڪو مُنهِن ڪُٺَلِ آئِيو، وَسِ نَه ويچاري،
هوتَ تنهُنجي هَٿَ ري، پَهُچِي نَه پاري،
اَچين جي آري، تَه پاندَ پُڄِي، لَڪُ لَنگِهيان.
بيت - 5
ڪَڏِهن تان ٻاجههَ پَئِي، ساڄَنَ مَڃُ سَلام،
سِڪَ تُنهِنجِي سُپِرِين، ڪيو تَنُ تَمام،
هَٿين حاجَ وِهُ ٿِيي، نيڻين نِنڊَ حَرام،
دوسَ نَه سَهان دام، تُون وِندُرِ ٿو ويلا ڪَرين؟
بيت - 6
ڪو مُنهن ڪُٺَلِ آئِيو، ناهِ ويچاري وَسِ،
هوتَ! تُنهنجي هَٿَ ري، گولِي ٿِئي مَ گَسِ،
ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ، تَه مُوڙهِيءَ ڪو مُنهن ٿِئي.
بيت - 7
سُرَهِي مَنجهان ساٿَ، آئِي بُوءِ ڀَنڀَور کي،
بِيٺا بازارِنِ ۾، لائي جَتَ جَباتَ،
سَنديءَ هوتَ حِماتَ، ڪيچِ پَهُتو قافِلو.
بيت - 8
بَرُ مِڙوئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيُون،
ٻَهه ٻَههِ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، هَنڌَ مِڙيئِي هُوءِ،
راڻِيَنِ وَري رُوءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.
بيت - 9
جَڏِهن پيئِي ڇَٽُ، ڇَپَرِ هوتَ پُنهونءَ جِي،
پَرَهي ويٺِيُون پَٽَ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.
بيت - 10
جَڏِهن پيئِي باسُ، ڇَپَرِ هوتَ پُنهوُنءَ جي،
اَدِيُون آرِيچَنِ جا، وَڻَنِ مُڪا واسَ،
آيَل! پُنِي آسَ، پُنهوُن آيو ڪيچ ۾.
بيت - 11
آيَل! اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي هَلِيا،
سُڪِيون نَه سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون،
نِسُورِيُون ناڪُون، سَڃي هَلِيا سُورَ جِيُون.
بيت - 12
جَتَنِ سان جانڪُون، سَرَتِيُون! مُون سَڱَ ٿِيو،
ڪَري ڪوهِيارو وِيو، تَنُ ڇِنِي تانڪُون،
اَن پُڻَ تَڏاڪُون، اَڌَ ڏُکوئِي آهِيان.
بيت - 13
مَتان ڪا ٻَڙي، ٻول ٻاروچي وِسَهي،
هُوندَ نَه سُتِيَسِ سَرَتِيُون، ويهِي رَهِيَسِ وَڙي،
جَتَ پَنهِنجي جُوءِ ۾، گهارِن مانَ گهَڙي،
ڪيچِيِنِ آن نَه ڪَڙي، ڪنهن ڏُکِيءَ ڏاوَڻُ ڏائِيو.
بيت - 14
سِڪِي جان سُتِياس، تان سِڪَ سُمهڻ نَه ڏئي،
جاڳِي سُتيس جَنِ لَئي، سي آيا تان نَه اُٿِياس،
ڀينَرُ آئُون ڀُلِياس، نَتَ سِڪُ سُمهڻ ڇا لَڳي.
بيت - 15
ڏيرَنِ ڏوهُ نَه جيڏِيُون، ماءِ، مِڙيوئِي موُن،
آئوُن اَسوُنهِين، اُو سُونهان، پِرِين سَندا پَرَڀُون،
اَصلِ آريءَ ڄامَ جو، پاندَ نَه پُڄِتوسُون،
جنهن جو تُونهِين تُون، سي پِيادِيُون پَهُچائِيين.
بيت - 16
اَدِيُون آئُون نَه تِئن، جِئن پِرِيَتَڻُون پِرِينَ سين،
ٻَڌي سُتِيَسِ سوگهو، ڇَلَورُ ڇاتِيءَ سِيئَن،
تَه ڪيچِي ڪاهي ڪَرَها، مُونهان وَڃَنِ ڪِيئَن،
ڏوهُ مُنهِنجي ڏِينهَن، پُنهوُنءَ کي ڪا مَ چَئي.
وائي - 1
لَڳَڙي آهِ لَغارَ، وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي،
سَنڌَ سَنڌَ ۾ ساجَنَ جِي،
آئوُن سُتِي، هُو هَلِيا، سَنجهي ٿئِڙا سُوارَ،
وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.
جيڪِين اورَڻَ پِرِينءَ سين، جيڪِين پِرِينءَ پَچارَ،
وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.
کوءِ سي جِيَڻَ ڏِينهَڙا، جي پُونِ پِرِينَئان ڌارَ،
وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.
لَڳِي آهي، نَه لَهَي، سَندي عِشقُ پَچارَ،
وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.
گهَڻُون اُڪَنڊي آهيان، تَنِ جَتَنِ جي جِنسارَ،
وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.
گَڏي وِيندِيَسِ گَسُ ۾، ڪاڪِيُون! ساڻُ قَطارَ،
وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.
ميخُون مُحَبَت سَندِيُون، هِينئَڙي مَنجههِ هَزارَ،
وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.
ڪانگَنِ قَطاروُن ڪِيُون، چُڪِيءَ کي چوڌارَ،
وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.
آئُون نِماڻِي نِڪَڻِي، دَمِج تُون دِلِدارَ،
وو يارَ! لُنءَ لُنءَ ۾ لالَنَ جِي.
وائي - 2
هوتَنِ بِنا نِي، مِيان! دَردَ فِراق نِي، مِيان!
پُنهونءَ سائِينءَ، جيڏِيُون! آلولو! ماري آهِيان!
اَدِيون! آرِيچَنِ جي، آئُون نِهوڙِيسِ نِفاقَ،
هوتَنِ بِنا نِي، مِيان!
ڏُوُنگَرَ ڏورِيو نه ٿِئي، مُون وِلِهيءَ کان واڪَ،
هوتَنِ بِنا نِي، مِيان!
وائي - 3
تَنِ پِرِينِ کي اُڪَنڍي آئون، لَڪَ لَنگهِيائُون،
ڏيرُ قَرارِيا ڏيهَه ۾، تَنِ اُٺُنِ گهوري آئُون.
چَڙهِي ڏاڍين ڏُونگَرِين، ٻانڀَڻِ اُڇَلي ٻانهوُن،
ڏيرَ قَرارِيا ڏيههَ ۾.
هُيَسِ پاسِ پَرِٽَ جي، ٻانڀَڻ ڌيءَ نائُون،
ڏيرَ قَرارِيا ڏيههَ ۾.
وائي - 4
ڇوري ڇَڏِ مَ ڇَپَرِين، ٻاروچَلَ! ٻانهِي،
جانِبَ جِهڙو جَڳَ ۾، ناهي ڪو ثانِي،
ڇوري ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.
پُنَهَلَ نِيو پاڻَ سين، پورِهيَتِ پَرِٽِياڻِي،
ڇوري ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.
پورِهيو ڪَندِيَسِ پِرَ جو، ڀَرِيندِيَسِ پاڻِي،
ڇوري ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.
هوتَ! مَ ڇَڏِيو هيڪَلِي، هِيءَ وِندرِ وِڪاڻِي،
ڇوري ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.
ڪوھياري
داستان پھريون
بيت - 1
لَيلَ نَه جاڳِئن لِکَ سِيئَن، ڪُلِي نوم ڪياءِ!
قُم ٿِي پُهچ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نَه جُڳاءِ،
مُٺِي! مِهمانن سين، ويهِي راتِ وِهانءِ،
جيلانهن نِنِڊ ڪياءِ، تي روزُ رهين ٿِي راهَ ۾.
بيت - 2
لَيلَ نَه جاڳِئن لِکَ سِيئَن، شامَ سُتيئَن سَڀ رات،
اوڳِي اوٺِيَڙَن جا، ٿِي پَہَ پُڇين پِرِڀات،
ٿِيُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ، ته ڀوري ڪنهن ڀاَل مِڙين.
بيت - 3
لَيلَ نه جاڳِئن لِکَ سِيئن، سُتيئن راتِ سُڄِي،
هِتان هوتاڻِينِ جِيوُن، وييُون خُرزينُون کَڄِي،
ڀوري تُون ڀَڄِي، سَڳَرِ ٿِئين نَه ساٿ جي.
بيت - 4
اِجلِس ڪَري اُٿِيا، تَنوارِيو توڏَنِ،
نَوم نوَازِئن، اُنِ کي، مَرحَبا موڏَنِ،
رِڙهِي رَسُ روڏَنِ، اَليومَ سِيرُوا، سَسُئِي!
بيت - 5
غافِلِ! غَفَلت ڇوڙ؛ تُون ڪِئن، اَڻاسِي اوجهَرِين؟
چُپاتا چَڙهي وِيا، وَڃِي پَهُتا توڙِ،
نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا ڪَريين.
بيت - 6
نِنڊَ ويرِياڻِي هوءِ، جيڏِيوُن جِمَ سُمَهو،
مَتان مُون جِئن پوءِ، وَرَنِ ۾ واڪا ڪَرِيو.
بيت - 7
الوڙو اَکِينَ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي،
هاڻِي هِنَ ڀَنڀَور ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪَنِ،
اَدِيُون! اوٺِيَڙَنِ، هِينئين سين هاڃو ڪِيو.
بيت - 8
جَڏهِن سُتِيُون جي، پَٿَرِ پيرَ ڊِگها ڪَري،
تَڏهِن تَنِين کي، ساٿَ سُتيِئي ڇَڏِيو.
بيت - 9
سُتِئين پيرَ ڊِگها ڪَري، وَڏي جاڙَ ڪِياءِ،
دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسَ جي، تَه سُرِپُرِ هُوندَ سُياءِ،
اَصل آريءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نَه سِياءِ،
پُنهوُنءَ سين پِياءِ، ٿِي نِڀاڳِي نِنڊوُن ڪَريين!
بيت - 10
اِيّ ڪَمُ ڪَمِيڻِينَ، جِئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگها ڪَري،
لوچين ڇونَه، لَطِيفُ چَئي، هاري لَئي هوتَنِ،
ننڊان نِڀاڳِنِ کي، اوڀالا اَچَنِ،
سي پُنهوُن ڪوهُ پُڇَنِ، جي سَنجهي ئي رَهَنِ سُمهي.
بيت - 11
سُتِيئن سَواري، مُنهُن ويڙهي مُئِن جيئن،
اوجاڳو اَکِيَنِ کي، ڄاتوءِ نَه ڏيئِي،
هَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيَنِ کي ڪَريين.
بيت - 12
سُتِيئَن سَواري، مُنهُن ويڙهي مُئَن جِئَن،
ڏِٺَئي نَه ڏيرَنِ جا، چوڌاري چاري،
تيلان ويچاري، ساٿ سُتيئِي لَڏِيو.
بيت - 13
اوجاڳو، اَڄاڻِ! ڪيَئِي نَه ڪَمِيڻِيَن جئَن،
آساري اَهِڙيءَ پَرِ، پيئِي ڪيچِيُنِ سين ڪاڻِ،
ٻانهي چايو پاڻ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين!
وائي - 1
گِلا ڪا مَ ڪَري، لِکِيو تان نَه ٽَري،
ٻَڙي! جيڏِيُون! مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀورَ ۾.
جو سِينگارُ سَرَتيين، سو مُون ناهِ ڳَري،
مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.
جِهَڙي تِهَڙي حالَ سين، وَڃان پيرَ ڀَري،
مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.
جِنهن وَڻَ هيٺان هَلِيا، سڄَڻَ سانگُ ڪَري،
مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.
لامُون تِنهن وَڻ سَندِيُون، لوڏِيان، لايان ڳَري،
مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.
قَضا جا ڪَرِيمَ جِي، ڪِنهن تان ڪِينَ ٽَري،
مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.
جيڪِي لِکِيو لوحَ ۾، پاڙِيان، سو پَڙي،
مُنهِنجِي، وو! شَهرَ ڀَنڀَورَ ۾.
داستان ٻيون
بيت - 1
ڏوُنگَرَ تُون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايُون ڪَرين،
مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن وَهين، جِئن وَڻُ وَڍي واڍو،
اِيُ ڪَرَمَ جو ڪاڍو، ناتَ پَٿَرِ ڪيرُ پَنڌَ ڪَري.
بيت - 2
ڏوُنگَرَ ڏُکَ سَنداءِ، پِرِينءَ گَڏِجان ته چَوان،
ڀِنِيءَ ٿِيين ڀَوارَئُون، ٻِيا وِنگا وَرَ سَنداءِ،
چَڱِي ڪانَ ڪِياءِ، پيرُ وِڃايُئي پِرِينءَ جو.
بيت - 3
ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِينِ جو، قافُ نَه ڏِيين ڪو،
قَطارِيا ڪالهه وِيا، توڏا وَٽان تو،
هوتُ مُئِي جو هو، ڪو ساجَنُ اُنهِيءَ ساٿَ ۾.
بيت - 4
ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرينَ جو، ڪافَ نَه ڏيين ڪَلَ،
قَطارِيا ڪالَهه وِيا، توڏا توهِين جَهلَ،
سُڻِي هوتُ هَڪَلَ، مانَ ٻُڌي ٻاروچو وَري.
بيت - 5
ڏُونگَرَ ڏوراپو، پِهرِين چُوندِيَسِ پِرِينءَ کي
:پَهڻَ پيرَ پِٿُون ڪِا، تِريُون ڇنِيوُن تو،
رَحُم نه پِيئِي رُوحَ ۾، قَدر مُنهنجو ڪو،
واڪو ڪَندِيَسِ وو، مُون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري.
بيت - 6
ڏُونگَرَ مُون نَه ڏُکوءِ، آن اڳ ڏُکوئي آهِيان،
سارِيان ڪونَ سُکوءِ، سُورَ گهَڻِيئِي سَنڀَران.
بيت - 7
ڏوُنگَرَ ڏکوِيِنِ کي، دِلاسا ڏِجَنِ،
گهَڻُون پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽان هوتَ وَڃَنِ،
تُون ڪِئن سَندا تَنِ، پَهَڻَ پيرَ ڏُکوئيين.
بيت - 8
ڏوُنگَرَ ڏُکِ پَئِي، ڪَيمِ تو سين ڳالَهڙي،
پاڻان آئُون مُئِي، سُورُ سُڻائي پِرِينءَ جو!
بيت - 9
ڏوُنگَرَ مُون سين رو، ڪڍي پارَ پُنهوُنءَ جا،
سَڄَڻُ هُومَ هيڪَڙو، ويو ڦوڙائي سو،
ڪِنهن کي ڏِيان ڏوه، مُون سين ايرادي اِيئَن ڪيو.
بيت - 10
ڏُونگَرَ ڏُکويُون، تو ۾ اورَڻَ آئِيُون،
جِي اَچنِ ڦوڙائِيون، ڏِجَن دِلاسا تَنِ کي.
بيت - 11
ڏوُنگَرَ ڏُکويَن کي، ڳَلِ نَه سُڪا ڳوڙها،
هو جي پَهَڻ پَٻ جا، ڀَڄِي ٿِيا ڀورا،
گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪيو.
بيت - 12
ڏوُنگَرَ ڏِيهاڻِي، پاڻُ مَٿان تو گهورِيان،
تو مَنجهِه رِهاڻِي، سَدا ٻاروچَنِ جِي.
بيت - 13
ڪي جي ڪَڍِيا پارَ، ڏُکِيءَ ڏُونگَرَ پاڻَ ۾،
سُڻِي سا تَنوارَ، مِروُن پِيا مامِري.
بيت - 14
ٻَئِي ويٺا روُنِ، ڏُکِي ڏوُنگَرَ پاڻَ ۾،
ڪنهن کي ڪِينَ چُونِ، مَنجهِنِ جو پِرِيتَڻُون.
بيت - 15
اَڄُ پُڻِ ويٺو روءِ، ڏُکِي ڏُونگَرُ پاڻ ۾،
ڪوهياري جو ڪوءِ، اَچِي سُورُ اُڌَمِيو.
بيت - 16
ڏُونگَرَ ڀُونِينِ ڪِيرَ، سَڄَڻَ ميخُون ڏونگَرين،
هِهَڙا سيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَهَندِيئن ڪي ٻِيا.
بيت - 17
تَپِي ڪَندين ڪوهُ، ڏوُنگَر ڏُکوُين کي،
تون جي پَهڻ پَٻ جا، ته لِڱ منهنجا لوه،
ڪنهن جو ڪونهي ڏوه، آمر مون سين اِئين ڪيو.
بيت - 18
ڏوُنگَرَ، تَه ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ ٻيلَينِ ري،
ڪانَ ڇُلَندي ڇَپَرين، ساڻُسِ سَهيلِي،
چوٽِيُون چنبيلي، جِئَن تِئَن جهاڳي اُکَتِي.
بيت - 19
ٻَڙي! ته ٻيلِي گهَڻان، ساٿِي پُڇي سُکُ،
رفاقَتَ رُڃُنِ ۾، ڏُونگَرَ ڪاري ڏُکُ،
آريءَ جو آهُکُ، مون رَهنما راهِ ٿِيو.
وائي - 1
آهِيان جَنِ سَندي، ڙي آڙي مِيان!
مُون کي تان، سي نَه ڇَڏِيندا هوتا.
پَهائِيندِيَسِ پُنهُونءَ کي، آئُون ڳِچِيءَ پائي گَندي،
مُون کي تان، سي نَه ڇَڏِيندا هوتا.
ويٺِي آهِيان واٽَ تي، آهِيان آسَرَوَندي،
مُون کي تان، سي نَه ڇَڏِيندا هوتا.
پِرِينءَ پُڄاڻان هِتَهِين، آئُون رَتِي تان نَه رَهَندي،
مُون کي تان، سي نَه ڇَڏِيندا هوتا.
ڪَرمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، آئُون پِرِينءَ مِلَندي،
مُون کي تان، سي نَه ڇَڏِيندا هوتا.
داستان ٽيون
بيت - 1
رويو ويٺِي راڳِ، آمَڙِ اورِيان نِجهُري،
لاٿو مُون ڏيههَ وَڻَنِ سان، لاڳاپو ۽ لاڳ،
ڏوُنگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَن اَندَرِ ٻَري آڳ،
هوتاڻِي هِنَ ماڳ، مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين.
بيت - 2
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرِين، هِتِ، هوتاڻِي هاڻِ،
اوڏي مُنڌَ اُٺَنِ کي، اَللهَ ڪارَڻِ آڻِ،
پورِهيو ڪَندِيَسِ پاڻ، اَڳيان آريچَنِ جي.
بيت - 3
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هوتاڻِي هِنَ هَنڌِ،
توسين پُوندِيَسِ پَنڌَ، ڏِيندِيَسِ باهِ ڀَنڀورَ کي.
بيت - 4
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هاتِڪَ هوتاڻي،
توهِين لَئي کاڻِي، ڏُکِي ڏوري ڏونُگرين.
بيت - 5
مُون کي ڇَڏِيائون ڇَپَرين، پوءِ رَهايَسِ پاڻَ،
جي ڀُلايُون ڀاڻ، تَنِ کي رَسُ رَسِيلا راهَ ۾.
بيت - 6
سُتِي پُونِ ڇِرِڪَ، آيَلِ، ٻاروچَنِ جا،
وَمَ وِهاٽِي، ووءِ ڙي! ڪوهِياري ڪِرِڪَ،
ڌَڙُ ڌوڻِيو تِنهنِ ڌَڪَ، جَڏيءَ جِيڻُ نه ٿِئي.
بيت - 7
سُتي پُونِ ڇِرِڪَ، آيلِ! ٻاروچَن جا،
پُنهُونءَ جِي پَيڪانَ جِيُون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ،
هَنَيم هوتَ ڪِرِڪَ، لوچان، لوهُ نه نِڪَري.
بيت - 8
جيهِي جي تِيهي، تَپِ ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي،
حُجَتَ هوتَ پُنهونءَ سين، مُون ڪَمِيڻيءَ ڪيهي،
اَصلِ آريءَ ڄامَ جي، پَلَءِ آئُون پيئِي،
هُوءِ جا پائِن پيرَ ۾، تِنهن جُتِيءَ نَه جيهِي،
وِساري ويهي، تَنِ ڪيچِينِ کي ڪِئن رَهان.
بيت - 9
هُئِي، جي نَه هُئِي، تَپُ ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي،
اِنَ سَڱَ مُقابِلِ سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي،
هُن تان لَڄَ لُئِي، هِنَ جو هَلَڻُ هوتَ ڏي.
بيت - 10
ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻانهِي، ٻانهوٽِي،
ٻَئِي ٻاروچي هَٿَ ۾، چَڳُنِ سِرِ چوٽِي،
ٻانڀَڻِ کي موٽِي، پاڻهي پُڇَندو پَٻَ ڌَڻِي.
بيت - 11
ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻانهوٽِي، ٻانهِي،
سي ڪِئن وَڃَنِ وِسَري، جي جِيءَ اَندرِ جانِي،
اَڱَڻِ آمانِي، شالَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ ٿِئي!
بيت - 12
صَدا وِڌيَمِ سور جي، اڳئان ڪوهياري،
جو نِجس نِکاري، سو پنهون وڌم پاند ۾.
وائي - 1
مُون کي نِيندا ساڻُ، ٻاروچا ٻاجَهه پَئِي، آلو! آلو!
ڏيندا مُون ڏُکِيءَ کي، اَللهَ لَڳِ اُهڃاڻُ،
ٻاروچا ٻاجههَ پَئِي.
لاتَقَنطُوا مِن رَّحمَةِ اللهِ، پِرِينَ چَيو پاڻُ،
ٻاروچا ٻاجههَ پَئِي.
اِنَّ اللهَ يَغفِرُ الذنوبَ جَمِيعاً، سَچو اِي پَرِياڻُ،
ٻاروچا ٻاجههَ پَئِي.
داستان چوٿون
بيت - 1
ڳائو، نَه وائو، اَدِيُون! آرِيچَنِ جو،
لَنگهي پَٻُ پَري ٿِيا، ڇَڏي رِڻَ رائو،
ڏيئي ڦوڙائو، وِيا ويچاريءَ سُپِرِين.
بيت - 2
ڳائِي، نَه وائِي، اَدِيُون آرِيچَنِ جِي،
ڪِنهن پَرِ ڪَهِي لَنگِهيان، جَبَلَ جهاجهائي،
جيڪُس واجهائي، هاڻي مَرَندِيَس هوتَ لئي.
بيت - 3
هَلَڻُ سَهان نَه هوتَ جو، وَڃَڻُ آئُون گهورِيان،
هُونِ هَميشَہَ هِتَهِين، تَه ڏُونگَر ڪُہَ ڏورِيان؟
اَکِينِ سين اورِيان، پَسان شالَ پُنهُونءَ کي!
بيت - 4
هَلَڻَ سَهان نَه هوتَ جو، وَڃَڻَ مُون نَه وَسِ،
اَللهَ! آرِيچَنِ جي، گولِي ميڙِيين گَسِ،
پِرِين، پَنهُوارَ تو پُڇان، ڏُونگَرِيا مُون ڏَسِ،
اَکِيَنِ جي آرَس، مُنڌَ جيهائِي جوڙَ ڪِي!
بيت - 5
هَلَڻُ سَهان نَه هوتَ جو، وَڃَڻُ مَ ورايو،
رَهو راتِ ڀَنڀورَ ۾، ڪا گهَڙي هِتي گهارِيو،
مَعذوُر کي مَ ماريو، سِڪي جِنهن سَڱ ڪيو.
بيت - 6
مُون کي جَنِهين مارِيو، آن ڪي گَڏِيا سي،
تَنَ ۾ طاقَتَ ناهِ ڪا، اَدا اُنِهين ري،
سُورُ سُلِتم تي، جيلانهن ڳالهِه ڳَري ٿئي.
بيت - 7
مُون کي جَنِين ماريو، سُڃاتَم سيئِي،
پُنهُونءَ پَيڪانَ پُڇَنڊِيا، ٻَلن تان ٻِيئي،
ويڄَنِئُون ويئي، ٿِي وَهِيڻِي سَڄَڻين.
بيت - 8
مُون کي جَنِهين مارِيو، سُڃاتُمِ پاڻان،
لوهُو لِڱَن ناهِ ڪِي، سَنڌَ مِڙَئِي ساڻان،
داروُنءَ جا داڻان، ڏِنَمِ هوتَ هَٿَنِ سين.
بيت - 9
پَرتوو پُنهُونءَ جو، ڪِي ڇانئين ڪِي اُسَ،
قَرِيباڻِي ڪُسَ، آهي ڪَرَ ٻَڪَرَڙي.
بيت - 10
پَرتَوو پُنهُونءَ جو، سُهائِي، سِياه،
مُنهُن ڏيئي مُون آئِيو، رنگا رَنگِي راه،
پِهرِين ڏِيندا پاه، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ سين.
بيت - 11
پَرتَوو پُنهونءَ جو جهُڙَ جِئن جهالا ڏي،
آئُون تِنهن آريءَ کي، وَٺِيو راهَ، رُئان گهڻُون.
بيت - 12
پَرتُوو پُنهُونءَ جو، رُڳيائِي راحَتَ،
ڀايان ڏِينهن ڀَوارَئُون، ساجَنَ لاءِ صِحَتَ،
مِٺِي مُصِيبَتَ، آهي آريءَ ڄامَ جِي.
وائي - 1
ٻاروچي ساڻُ، ٻَڙي! اي جيڏِيُون! هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.
چَڙهِي نَه سَگهان چوٽِيين، يارَ بِنان، دِلِ ماندي!
هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.
پَهُچائِجِ پُنهُونءَ کي، هِيءَ پِيادَڙي، پانڌي،
هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.
ڀينَرُ هِنَ ڀَنڀَورَ ۾، آئُون ايرادي آندي،
هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.
پورِهَيتَ پُنهُونءَ ڄامَ جِي، باندِين جِي باندي،
هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.
ڪَرَمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، ڪيچِي ٿِيندَمِ ڪانڌي،
هيڪَرَ ٿِيان، هيڪاندي.
داستان پنجون
بيت - 1
ريءَ قَرِيبَن قُوتُ ڪيو، ويٺِي وِرِهَ چَران،
اِنَ عَذابان آڳهِين، مادَرِ ڇونَه مَران،
اَدِيُون! جو نَه اوهان، سو مان سُورُ سَرَتِيُون.
بيت - 2
ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِيو، وِرِهَ چَران ويٺِي،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي،
تو پُڄاڻان سُپِرين، آئُون سُورَنِ سانڀيٽِي،
جا مَرضَنِ مَروٽي، سا سَرَتِيُون ڪِئن سَگهِي ٿِئي.
بيت - 3
سَرَتِيُون! ڪِئن سَگهِي ٿِيي، ويڙهِي جا وِرِهَنِ،
چِتُ جنهن جو چُورُ ڪِيو، ڏُکويو ڏُکُن،
پُڄاڻان پِرِينَ، اَدِيُون اَگهِي آهِيان.
بيت - 4
اَدِيون اَگهِي آهِيان، پِرِينَ پُڄاڻان،
سي ڪوهِيارا ڪيڻ وِيا، ساجَنَ سياڻان،
جي سَسُئِي سيباڻان، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِيا.
بيت - 5
حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان ذَري،
لَڳي ماٺَ مِرُن کي، ڏُونگَرَ پُونِ ڏَري،
وَڃَنِ وَڻَ ٻَري، اوڀَڙ اُڀڙي ڪِينَ ڪِي.
بيت - 6
حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان زبانَ،
لَڳي ماٺِ مِرُن کي، رَسي سُورُ شَبانَ،
ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَ، جَبَلَ سَڀِ جلي وڃي.
بيت - 7
جي حَبِ نَه هَلَڻُ سِکِيا، سي جڏا ميڙِ جَلِيلَ،
لنگهائي لَطِيفُ چَئي، نِجَنِ ڪيچِ قَلِيلَ،
وِساري وَسِيلَ، مَتان مارَڳِ ڇَڏِيين!
بيت - 8
سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تقصِيروُن پاڻَ ڏي،
متان مون کي ڇڏِيين، آري ڄامَ اَصِيلَ،
وَرُ، وِلِهنِ جا وَسِيلَ، رَسُ رَهَبَرَ راهَ ۾.
بيت - 9
اَچِيو اَچِيو چُونِ: وِهُ، ويا تان گهورِيا،
سَرَتِينَ سانگَ سُکَنِ سين، مُون جِئن رَتُ نَه رُونِ،
اومَرَ ويٺِيُون هُونِ، مُون ساڱاتُو سُورَ ٿِيا.
بيت - 10
سَرَتِيُون سُوراتِينِ جي، ڪوهُ ٿِيُون پَٿَر پُونِ،
گهاءُ نَه لَڳُنِ گهَٽَ جو، ريا مان ٿِيُون رونِ،
چيتارِيو نَه چُون، پارَ مُنهنجي پِرِينءَ جا.
بيت - 11
ڪَڏِهن ڏِٺيَمِ ڪانَڪا، سَرِتِيُون! سَراهِي،
ڏِيهاڻِي ڏيرَنِ ۾، وَڃَڻَ جِي وائِي،
جي آئُون نَه ڄائِي، ته عَيبُ نَه لڳو هُوندَ اوٺِئين.
وائي - 1
توڻي نِينِ، نَه نِينِ، اَلو! مِيان! آءٌ اُنِهين جِي آهِيان.
زورو هِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوهُ ڪَرِين.
اَلو! مِيان! آءٌ اُنهِين جي آهِيان.
جَتُ پَنهنجِي جُوءِ ۾، جانِبَ مانَ جَٽِينِ!
اَلو! مِيان! آءٌ اُنهِين جي آهِيان.
پِڪَ پَدَمَنِئا اَڳري، سُرڪِي مانَ سَڃِين!
اَلو! مِيان! آءٌ اُنهِين جي آهِيان.
ٻانهِي ٻاروچا پانهنجِي، سَڳَرِ مانَ سَڏِينِ!
اَلو! مِيان! آءٌ اُنهِين جي آهِيان.
پيرين آئُون نَه پُڄَڻِي، ڪَرَهَلَ هو نَه جهَلِينِ،
اَلو! مِيان! آءٌ اُنهِين جي آهِيان.
داستان ڇھون
بيت - 1
ڪنهن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، روئِي نَه ڄاڻان،
مَٿي ڪِيو ڀُڻان، هَنجُنِ هاڻان هَٿَڙا.
بيت - 2
ڪنهن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، اَندَرِ ناهي اُساٽَ،
لوهُو ڪا لَڪَنِ ۾، ويري مَٿي واٽَ،
ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويِنِ جا.
بيت - 3
ڪنهن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پَچَڻَ ناهِ پَچارَ،
اَندَرِ ٿِي آهُون ڪَرِيان، کاڻِي مَنجههِ خُمارَ،
گِرِئِي جي گفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾.
بيت - 4
ڪهن پَر رُئان پِرِينءَ کي، پارُ نَه ڄاڻان پَنڌُ،
ڪيچِيَنِ ڪارڻِ ڪَنڌُ، نايو ٿي نَعرو هَڻان.
بيت - 5
ڪِنهن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پارُ نَه ڄاڻان پيرُ،
ڀَنَڻُ مُون ڀيڙو ٿِيو، سُورَنِ لايو سيرُ،
آريءَ لَئي اُليرَ، رَقصُ ڀاڱي رَن جي.
بيت - 6
ڪِنهن پَرِ رُئان پِرينءَ کي، رُئَڻَ مُون رِياءُ،
بَرَنِ مَنجههِ بُڪاءُ، پيءَ ڀَتِ ٻُڌُم جيڏِيُون.
بيت - 7
سُڃَ وَسندي تَنِ کي، جوشَ جَلايا جي،
طالِبَ جِي تَحِقِيقَ جا، نِينهُن تَنهِين وَٽِ ني،
ٽيڏي پَسي ٽي، هُو تان آهي هيڪَڙو.
بيت - 8
ٻِيُون ڏيئي ٻَنِ کي، هَلِجِ پاسي هيڪَ،
وَرُ نَه سَهي ويڪَ، تُون ٽيڏي ٽِئايُون ڪَريين.
بيت - 9
اَڃان تُون اَواٽ، واٽان پاسي ويسَري،
سُونهِين ٿِي سُواٽَ، تَه منجهان دِلِ دَڳُ لَهين.
بيت - 10
پانهِين، پَسِي پَٻُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڏيين،
اَڳِيان ڪَؤُ مَ ڪَٻُ، اِي قالِي آڏو ڪيچَ کي.
بيت - 11
ڏاڍي لُڪَ لَڪَن جِي، پَٽَن پوءِ پَچاءِ،
ڇَپَرِ ڪوسو واءُ، هَرِيا تو نيڻَ ڪِيا.
وائي - 1
وائي
زاري سا زاري، آلو! ڀَلو! ڪوهِياري ساڻُ،
آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.
ڪِينَ جِيئَندِيَسِ، جِيڏيُون! سُورَ پِرِيان جي آئُون ماري،
آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.
اُٺَ گُنگائي هَلِيا، بوتا هُئڙَنِ باري،
آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.
ڪَري ڪوهِيارو هَلِيو، مُون سين قِيامَت ڪاري،
آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.
مانَ وِرَمن وِچَ ۾، اولاڻِي، آري،
آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.
هِندوئَنِ جِئن هولِي ڪَري، مُون ڌوُڙِ مَٿي تان واري،
آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.
لالَنِ لَڳِ، لَطِيفُ چَئي، واجهائي ٿِي ويچاري،
آئُون جا ڪَندِيَسِ زاري.
وائي - 2
جِنهن جي آهِيان ڏوُنگَرَ ڏوري،
تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!
آئُون تان گهوري گهوٽَ جي، ماڙُهو چُونِمِ ڀوري،
تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ڇَپَرِ ڇَڏِيو مَ ڇوري،
تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!
روئِي رَڱِيندِيَسِ رَتَ سين، ساڻُ چئاڪَنِ چوري،
تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!
روئِي رَڱِيندِيَسِ رَتَ سين، ساڻُ چئاڪَنِ چوري،
تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!
اَدِيُون! آرِيچَنِ جو، لَہُ لڳو مُون لوري،
تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!
ڪَشي ڪانُ ڪَمانَ مان، لائي وِئُڙا لوري،
تِنهِن ڪوهِياري کي ڪَهَلَ پَوي!
حسيني
داستان پھريون
بيت - 1
لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِيو، گهُتُون گوهِيون ڇَڏِ،
لاهِ مَ لَڏو لَڏِ، تَه ڳاڙهي سِڄِ ڳالههِ مِڙِئين.
بيت - 2
لَڙُ مَ لاڙائُو ٿِيو، هَلِي ڪَرِ هِمَتَ،
سِڄُ سامُهُون مُنهن ۾، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ،
سُپيريان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄِ ڳالههِ مِڙئين.
بيت - 3
لَڙُ مَ لاڙائو ٿِيو، وَرَ چُونڊِيندي وَڃُ،
آهي ايءُ اَهڃُ، هاڙهي هَلَندِيَنِ جو.
بيت - 4
لَڙِيو سِڄُ لَڪَنِ تان، راسِيُون رَتائِين،
مُون کي مارِيائِين، اَدِيُون اُونداهِي ڪَري.
بيت - 5
وِيو سِڄُ وَڻَنِ تان، راسِيُون ڏيئي رَنڱُ،
مُون جَنهِين سين سَنڱَ، سو ڪوهِيارو ڪيچِ وِيو.
بيت - 6
اُلَهِي سِڄَ اَويرَ ڪِي، ڏِٺائِين ڏوُنگَرُ،
سَسُئِي کي، سَيّدُ چَئي، سُورَنِ جو سَمَرُ،
ڪُٺَلِ رَکِيو ڪَرُ، ويچاريءَ وَڻِڪارَ تي.
بيت - 7
اُلَهِي سِڄَ اَويرَ، مَ ڪَرِ مَعذوُرِينَ تي،
پَسِي مَران پيرَ، ڏُونگَرَ ٻاروچَنِ جا.
بيت - 8
وِيو ٻاروچو نِڪَري، هاڻِي ڪَرِيان ڪِيئَن؟
سِڄَ اُلَٿي سِيئَن، سَٽُون ڏِيندِيَسِ سُڃَ ۾.
بيت - 9
لَڙي سِڄُ لَڪَنِ تان، ويٺِي مُون وِيو،
آئُون ڏورِيندِيَسِ ڪيتَرو، پَهَڻَنِ پيرُ پِيو؟
سُورَنِ ساڻُ سِهو، اَچِي ٿِيُم اوچِتو.
بيت - 10
سَرَتِيُون سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين هَلي،
پاڻِي ناهِ، پَنڌُ گهَڻُون، اڳِيان رائو سُڄي رُڃَ،
مَتان مَري اُڃَ، ڪا ڏِئي پاراتو پِرِينءَ کي.
وائي - 1
جي هُوندَ ڏِٺائُون، وو جيڏِيُون، حالُ مُنهِنجو هِهِڙو،
چَڙهي نَه سَگهان چوٽيين، مارَڳُ مَٿاهُون،
حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.
ڏُکِيءَ سَندي ڏيجَ ۾، ڏوُنَگرُ ڏِنائُون،
حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.
وِيندي ڪِيُون وَڻَنِ سين، سَسُئي سُکائُون،
حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.
وَٺِي پُنهُون پاڻَ سين، اَچان جي آئُون،
حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.
ڏِيندِيَسِ شاخَ سَڀَڪِنهِين، وَڻِ وَڻِ واچائُون،
حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.
هِينئڙو ڏَندڻ پاڙَ جِئَن، ڇِڪي ڇِنائُون،
حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.
هِينئڙو ڏاڙهوُنءَ گُل جِئَن، ريهي رَتائُون،
حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.
هو جي پَهَڻَ پَٻَ جا، مَڻِيان مُڪائون،
حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.
هُونِ سَلامَتَ سُپِرِين، گهوري سا آئُون،
حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.
سو جي سُئومِ ڪَنَن سين، پہُ جو ڪيائُون،
حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.
ٻانهُون ٻِيلَ نَه لاهِيان، پُنهَلَ کي آئُون،
حالُ مُنهِنجو هِهِڙو.
داستان ٻيون
بيت - 1
ڪِين ڌر تُتِي ماه، ڪِين ڄَرَ سَندي سڄڻين،
هَلي ۽ واجهاءِ، ٻِنهِين ڄيرَن وِچَ ۾.
بيت - 2
مَٿِئان مَٿي مَچ، ٻَرِيُمِ ٻاروچَنِ جو،
مُون کي طَعنا تي ڏيين، جِئن نَه پَرُوڙِيين سَچ،
آمَڙ اوري اَچ، تَه سِٽَ سُڻايَئِين سُورَ جِي.
بيت - 3
مَٿي مَنجهان مِينهن، پَسو پاڻِيءَ جِئَن وَهي،
مُون ڀانيون نِينهن، ڄِڀِيُون ڄيري سَنديُون.
بيت - 4
جي وَڃي ساجَنَ وِسري، مَنجهان مُنهنجي روُحَ،
تَه مَرُ لَعي لُوهَ، ٿَرَ ٻاٻِيهو ٿِي مَران.
بيت - 5
لَڳِي مون کي لُوهُ، وِرِهَ واٽُون لائِيُون،
رازُ جِنهن سين روُحَ، سو ڪوهِيارو ڪيچِ وِيو.
بيت - 6
ٽِمَن نيڻَ، رَتُ وَهي، چُئاڪا ڪِيو،
مُون کي ڏَئَنُ ڏِيو، آئِين ٿا وَڃو اوٺيا.
بيت - 7
اَمَڙ وَڃِي آڻ، چَرَخو آتَڻَ وِچَ مان،
ڪِتُم جِنهين ڪاڻ، ڪوهِيارو ڪيچ وِيو.
بيت - 8
پَهِي ڪامُ پِڃاءِ، اَمَڙ مُنهنجي آسري،
ڏيئِي لَتُ چَرخي کي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ،
ڪِتُمِ جِنهين لاءِ، سو ڪوهِيارو ڪيچ وِيو.
بيت - 9
پَهِي ڪامَ پِڃاءِ، اَمَڙ مُنهنجي آسِري،
ڏيئي تُون ڪَتاءِ، مُون کي نِينهن نِهوڙِيو.
بيت - 10
ڪَتَڻُ ٻَنِ ڪَپاه، کوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون،
ساجَنُ مُنهنجو ساهُ، هاڃي مَنجههِ هَڻي وِيو.
بيت - 11
آتَڻِ چُونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان، تَندُ نَه نِڪَري،
پاڻان روئِي رَتُ، چَرَخو مُون چِڪَ ڪيو.
بيت - 12
تاڻِيان تَندُ نَه نِڪري، جِيءُ نَه مُنهِنجو جاءِ،
ساجَن ڌاران سَرِتِيُون، سَڀَئِي مُون نَه سُهاءِ،
جِئَڻُ ڪِينَ جُڳاءِ، آيَلِ ٻاروچَنِ ري.
بيت - 13
کوءِ هاڙهو، ٻَن هوت، کوءِ پُنهُون، ٻَن پِرِيتَڻون،
مادَرِ مُون موتَ، پَسَڻان پِرائِيو.
بيت - 14
کوءِ ٻولِي، ٻَنِ ٻَرچوَ، گهوري ذاتِ جَتَنِ جِي،
مُون کي چَئِي لوچ، پيهِي وِيا ڇَپَرِين.
بيت - 15
جِئن جِئن تَپي ڏِينهَن، تِئن تِئن تاڻي پَنَڌَ ۾،
ڪو آڳانجهو نِينهُن، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين.
بيت - 16
جِئن جِئن ڀِڄي راتِ، تِئن تِئن تاڻي پَنَڌَ ۾،
ڀوريءَ ٻِي نَه تاتِ، جيڪا سا جَتَنِ جِي.
بيت - 17
نَڪو ليکوئِي ٿِيو، نَڪو تَتو ڏِينهن،
تِهان اوري نِينهُن، ڇِنو آتَڻَ وارِيين.
بيت - 18
جان جِئين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ ري،
تَتيءَ ٿَڌيءَ هَلُ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي.
بيت - 19
تَتِيءَ ٿَڌيءَ ڪاهِ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي،
مَتان ٿِئي اُونداههِ، پيرُ نَه لَهِين پِرِينءَ جو.
وائي - 1
شاديءَ جو سِينگارُ، آيُلِ، آيُلِ مَرَڪُ مُنهِنجو مُون پِرِين.
آهي ڳَہُ ڳِچِيءَ جو، ڏي هالورا هارُ،
آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.
آهي اُگهاڙِيَنِ کي، جانِبَ جو جِنسارُ،
آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.
آهِيين کاڄُ بُکِيَنِ جو، تُون تان طَعامُ تِيارُ،
آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.
اَعليٰ اَڇو عِيدَ ۾، دوسِتاڻُون دِيدارُ،
آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.
حُسنَ هوتَ پُنهُونءَ جي، ڪَڪورِيو ڪوهِيارُ،
آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.
سُڃَ ڪِيائِين سُرَهِي، واسِيائين وَڻڪارُ،
آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.
ڇَپَرَ ڇاٽُون مُڪِيُون، عَطَرَ ٿِيو آزارُ،
آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.
ڪوڙِيين ٿِيا ڪيتَرا، نالي تان نثارُ،
آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.
سَدا صَلابَتَ جِي، گولِي گِرِفِتارُ،
آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.
گهورِيان گهَرُ گهِٽيءَ تان، اَچي جئان آڌارُ،
آيَلِ مَرَڪُ مُنهنجو مُون پِرِين.
داستان ٽيون
بيت - 1
ڪو جو گهُمندي گهورُ، آيُم ٻاروچَنَ جو،
ڇَڏيندِيَس ڀَنڀورُ، هِينئُون هِت نَه وِندري.
بيت - 2
مُون کي ساٿان کارِيو، ڀَنڀورَ جن سُکَن،
هاڻي ساڻُ ڏُکَن، تَان ڪِيئن ڏُونگَرَ ڏورِيان.
بيت - 3
ڀينَر ڀَنڀورا، ڀَڄو تان اُبَهو،
آڳي اِنَ ماڳان، سَرَتِينِ سُورَ پِرائِيا.
بيت - 4
ڀينَرَ هِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دوُنهُون،
سَوارو سُونهُون، پُڇِي پُورج سَسُئِي.
بيت - 5
ڀينَر هِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَل ٿِي گهارِيان،
سَڄَڻُ جي سانگ ويا، سيئي ٿِي ساريان،
سي ڪِئن وِساريان، جي وَٽان مُون واٽَ ٿِيا.
بيت - 6
ڀَنڀوران اُجاڙُ، سَرَتِيُون سَکَرُ ڀائيان،
مُون سين تنهن پَهاڙ، ڏُکان هَڏِ نَه ڏوريو.
بيت - 7
اُجاڙان ڀَنڀورُ، سَرِتِيُون سَکَرُ ڀائيان،
آرياڻي اَتَورُ، ڏِٺُمِ جِت اَکِينَ سين.
بيت - 8
لَڳِي لاڳاپي، ڀوري مُنڌَ ڀَنڀورَ جي،
پِرِينءَ وِڃايو تي، ڏُکِي ڏوري ڏونگَرين.
بيت - 9
بُرو هو ڀَنڀورُ، آرِياڻِيءَ اُجاريو،
لاٿو سَڀَ لوڪُ تان، هاڙهي ڌَڻِيءَ هورُ،
ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکِيُون، پُنهون ڪيائُون پورُ،
آيو سو اَتورُ، جِنهن ڏُکِيُون ڏيکَ وِهارِيُون.
بيت - 10
ڀُلِيو سَڀُ ڀَنڀورُ، جو پُٺيءَ هوتِ نَه هَليو،
شَهر سُڃاتو ڪِينَڪي، آرِياڻِي آتورُ،
ماڻِيو تِنهين مورُ، ديکِيو جَنِهين دِل سين.
بيت - 11
جَنِهين ديکيو دِل سين، پُٺِيءَ سي پييُون،
تَه پُڻِ ٿي وييُون، جي پُنهُونءَ پاڻُ لِڪائِيو.
بيت - 12
ڏُکَن پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿيندئي سَسُئي،
پيرُ مَ ڇَڏِجُ پِرِينءَ جو، توڻي لُڪُون لَک،
ڏورِجُ پاسي ڏُکَ، تَه پَوي ٻاجههَ ٻَروچَ کي.
وائي - 1
لَڳو مَنجهه لَڪنِ، آيَلِ، آيَلِ، تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.
نَه ڪِنهن واءَ وِڃائِيو، جهورِيو تان نَه جهَڪُنِ،
آيَلِ تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.
کِہَ کَٿُورِئان آَڳَري، هاڻِي جا هوتَنِ،
آيَلِ تازو پيرُ پُنُهونءَ جو.
بورائُو بَرِن جو، رِڙهِيو مَنجههِ رَندَنِ،
آيَلِ تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.
لُطِفُ ساڻُ، لَطِيفُ چَئي، ڪَندو وَرِ وِلَهَنَ،
آيَلِ تازو پيرُ پُنهُونءَ جو.
داستان چوٿون
بيت - 1
لَڄايا مُونهان، ساجهُر تي سيڻَ وِيا،
پِيَينِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنهِنجيءَ ذاتي جِي.
بيت - 2
هُيَس جي آئُون، ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي،
هُوندَ نَه ڇَڏِيائُون، ڏُکيءَ کي ڏُکَنَ ۾.
بيت - 3
آئُون جي هُيَس هَڏُ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو،
ساٿَ لَڏيندي سَڏُ، مانَ ڪوهِيارا ڪَرِينَ مُون.
بيت - 4
هُيَس جي سِياءِ، تَه ڪَيم ڏُکَ ڏيرَنِ تي،
اَدَبَ وِڃان اُن سين، ڳالهه نَه ڪَيم ڪاءِ،
ذاتِ مُنهِنجي ماءِ، ڪَچِي ٿِي ڪيِچيَنِ کي.
بيت - 5
اوٺِيَنِ اُمارو، مُون جهَلِيندي نَه رَهِيا،
ساٿِيَنِ سَوارو، ڪِيو ڪيچُ اَکِين ۾.
بيت - 6
ساٿِي توءِ هَلَن، پَٿَر جي وارَ ڪَرِيان،
جيڪُس ٻاروَچَنِ، ڪو ڏِٺو عَيبُ اَکِينِ سين.
بيت - 7
ساٿِينِ سَئِين نَه جاڳِيين، پوءِ ڪُڄاڙِئا روءِ،
اِيءَ پَر ڪُپَرِ هوءِ، جِئن هو سانگِي، تُون سُمَهين.
بيت - 8
ساٿِي نَه پَسان سي، جي هُئمِ هِينئين ٿُوڻِيُون،
هاڻِي ڪَنهين جي، وَڃيو اَڱڻَ اُڀِيان.
بيت - 9
آن ڪي ساٿِي ڏِٺَ، جي مُون ويڙهِ وِڃائِيا،
رُئان رَتُ مَڃُٺَ، هاڻي تَن پِرِيَن کي.
بيت - 10
مُون سَڏيندي سَڏَڙا، ساٿِي سَڏ نَه ڏِينِ،
وِلهِيءَ جي وَٿاڻَ تي، توڏَ نَه تَنوارين،
هيڏا هاڃا ٿِين، بُري هِنَ ڀَنڀَور ۾.
بيت - 11
ڪَهان تان ڪيچان پَري، وِهان، تان وَٽِ مُون،
ڀُلِي ڏورِيَم ڀُون، عَبَثُ آريءَ ڄامَ کي.
بيت - 12
ڪهان تان ڪيچان پَري، سُمَهان، تان سِرُ هيٺِ،
ٻاروچي سين ڏيٺِ، جيهِيءَ پَرِ ٿِي جيڏِيُون.
وائي - 1
هوتَ، هوتَ، اي هوتا، ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي،
آئُون جَرا جِيءُ ڪَري.
ڏيئِي باهِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيَسِ تو ڳري،
ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.
آرِياڻِي پُنهوُنءَ ري، مُون کي سَرَتِيُون تان نَه سَري،
ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.
جَنڊي پايو جان ۾، ڏُکِي ڏُکَ ڏَري،
ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.
آءٌ اوراهُون سُپرِين، وَڃَ مَ، پِيُّ پَري،
ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.
مُون ڏِٺِي، مُون وِسَهو، وِرچِي تان نَه وَري،
ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.
ڏُکيءَ جي ڏيکاريين، ڌاران مُنهَن مَري،
ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.
پِيالي پِرِين جي، موهِيَس ميٺَ ڪري،
ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.
آريءَ جي عشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري،
ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.
توکي توءِ نَه ڇَڏِيان، جي وڃان ڀُونءِ تري،
ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.
ڌَڙُ وِجهَندِيَسِ ڌُوڙِ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري،
ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.
هَلَڻُ سُڻِي هوتَ جو، ڏُکِي پَسُ ڏَري،
ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.
پِرِين کَڻِجِ پانهِنجِيُون، اَکِيُون ٻاجهَه ڀَري،
ڏِيندِيَسِ ماهُ مِرُن کي.
وائي - 2
ڏُونَگَرِ ٿِي ڏوري، وِندُرِ ٿِي ووڙي،
جَتَنِ لئي جِيڏِيُون، ڏوُنگَرِ ٿِي ڏوري.
سُورَ ڀائِي ٿِيَسِ سُڃَ ۾، ڄامَ پُنهَلَ کان اوري،
جَتَنِ لئي جِيڏِيُون، ڏوُنگَرِ ٿِي ڏوري.
اُٺَ چارِيندِيَسِ اُنِ جا، ٽَڪَرَ پاسِ ٽوري،
جَتَنِ لئي جِيڏِيُون، ڏوُنگَرِ ٿِي ڏوري.
مَهاروُن تَنِ مَيَنِ جِيُون، خُوبُ خُوشِيءَ مان جوڙي،
جَتَنِ لئي جِيڏِيُون، ڏوُنگَرِ ٿِي ڏوري.
ڪاهي ڪَڍ ڪيچِيَنِ جي، ڪِي پُڇي، تَڙ توڙي،
جَتَنِ لئي جِيڏِيُون، ڏوُنگَرِ ٿِي ڏوري.
داستان پنجون
بيت - 1
ليڙَنِ لَنگهِي لَسَ، مانباڻِئان مَٿي وِيا،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِيا، پُنهون ڄامُ پَهَسَ،
هُئا وَڏي وَسَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾.
بيت - 2
وَڏِي وَسَ هُئا، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،
وَڃِي ڏُورِ پِيا، سانگين پُٺِيءَ سُپِرِين.
بيت - 3
سانڍِ پَنهنجي ساهِ، ٻانهِين ٿِي ٻُورا ڪَرِيان،
واڳِيُون جي وَرَنِ سين، تَنِ سَرِتِيَنِ سيڄَ سُهاءِ،
مُون کي طَعنا تي ڏيين، مُون جِئَن مُٺِئَن نَه ماءِ،
آريءَ جي آڪاهِ، رُلايَس روهَن ۾.
بيت - 4
ماءِ وِهاڻوُن وار، کَڻُ پَٿَراڻِي پانهِنجِي،
جيڪين ڏِنَئي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سار،
وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺَمِ پيرُ پُنهوُنءَ جو.
بيت - 5
ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَهَڻَ پَٿَراڻِيُون ڀانئِيان،
جِتي رَهان راتَڙِي، مِرُون مُنهنجا مِٽَ،
سيڻَنِ جِيءَ سَهَٽ، ڏوُنگَرُ ڏولِي موُن ٿِيو.
بيت - 6
ڏِنِي سِڪَ سَسُئِيءَ کي، ٻيلِياڻِي ٻَروچَ،
لوڪَ وِچان ئِي لوچَ، نيئِي پَهُچائي پُنهوُنءَ کي.
بيت - 7
مُسافِر نِئون ماءِ، وِرِهُ وِهايُمِ وِتَرو،
اَچِي ٿِيَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاه،
جِيجان جهَلَ مَ پاءِ، هِينئوُن هوتَ هَڻِي وِيا.
بيت - 8
ڪِئن آڙايُئِي پاند، پَلَؤُ پَرڏِيهِيَنِ سين،
مَتِيُون مُوڙِهِيُئِي سَسُئِي، ڪِيُئِي ڪوهِيارو ڪانڌ،
رُلِي ڀانيُئي راند، ٻانڀَڻِ عِشقُ ٻَروچُ جو.
بيت - 9
مُنهنجو پاڙيَچَنِ، ڪَچو ڪونَ ڍَڪيو،
پاسي چَڙهي پُنهوُنءَ جي، ذاتِ سَلِتِي جَنِ،
تيلان ٻاروچَنِ، نڌَرِ ڇَڏي نِنڊَ ۾.
بيت - 10
حُسينِيءَ جِيءَ هاڪَ، مادَرِ ماري آهِيان،
ڏِيهان ڏورَڻَ ڏُکَ سين، راتِيان چِڪَنِ چاڪَ،
ڊڄان ڀَرِ فِراقَ، متان پوئِمِ پِرِينءَ سين.
بيت - 11
جيڪين فِراقان، سو وِصالان نَه ٿِئي،
اَچِي اوطاقان، مُون کي پِرِينَ پَري ڪِيو.
بيت - 12
ڦِري آءٌ فِراقَ، مُون کي وِصالان وِچ پِيو،
جي ٿي چِڪِيَم چاڪَ، سي پِرِينَ گَڏجِي پُورِيا.
وائي - 1
پُنهوُنءَ پَريشانُ، ٻَرِ ٻَرِ، نڪو خان نَه مان،
هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.
موُن کي بُکُ بوتَنِ جِي، ناقي ڀانيان نانُ،
هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.
شَهرُ صحَرا ڀائِيان، موُن ليکي مَيدان،
هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.
رُئان ٿِي رُڃُن ۾، آريءَ لَئي عُريان،
هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.
پِٽِيان مُنهنُ پَسَڻَ لَئي، هِتي ٿِي حَيران،
هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.
آهي آريءَ ڄامَ جو، مُون کي ڪاري ڪان،
هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.
ديوانِيءَ کي دِلِ ۾، سُورَنِ جو سامان،
هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.
وِجهِجِ پِڪَ پينارِ تي، پِرِينم کائِي پان،
هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.
ڪَڏِهن ٿِيندو ڪيچَ ۾، مُٺِيءَ جو مَڪان،
هَئي هَئي! حالُ مُنهِنجو.
وائي - 2
پاڙيچِيُون ڪا پَچارَ، مُنهِنجا ڏير ڏَمَرَ ڪنهن ڏيہ وِيا.
ويٺِي ڳوڙها ڳاڙِيان، تَنِ ڄامَن لاءِ ڄَمارَ،
مُنهِنجا ڏيرَ ڏَمَرَ ڪِنهن ڏيہِ وِيا.
ڪَرِ ڪا ڪانگَ، اَچَڻَ جِي، تَنِ جي ڪا تَنوارَ،
مُنهِنجا ڏيرَ ڏَمَرَ ڪِنهن ڏيہِ وِيا.
مُئِي ماري هَليا، ڪيچِي ڪاهي قطارَ،
مُنهِنجا ڏيرَ ڏَمَرَ ڪِنهن ڏيہِ وِيا.
داستان ڇھون
بيت - 1
ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، آيا آسُ ٿِيام،
پَسي پَهرَ پُنهوُنءَ جي، نَهنُ سِيئَن نيڻَ ٺَريام،
گُوندَرِ وِسريام، سُکَنَ شاخُون مُڪِيُون.
بيت - 2
ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسَ پِرِينَ جو،
سُونهائِي سُورَنَ، ڪِي هيڪاندي هوتَ سين.
بيت - 3
ڪَنهِين ڪَنهِين ماڙُهئين، گُوندَرُ وَڏي وَٿ،
ٻَڌي گوڏِ گَرَٿَ، ساٽو ڪجي سُورَ جو.
بيت - 4
سؤ سُکَن ساٽي ڏِيان، سِرُ پُڻِ ڏِيان سَٽِ،
جي مُون مِڙي مَٽِ، تَه وِرهُ وِهايان هيڪَڙو.
بيت - 5
سَؤ سُکَن ڏيئِي، وِرهُ وِهايم هيڪڙو،
مُون کي تِنهن نيئِي، پيرُ ڏيکارِيو پِرِينءَ جو.
بيت - 6
سُورَ مَ ڏي ڌُوڻَ، آئُون آهِيان اَڳهِين ڪاهِري،
جا پَرِ پاڻِيءَ لُوڻَ، سا پَرِ مُنهِنجي جِندَڙي.
بيت - 7
سُورَ مَ وَڃيجا، سَڄَڻَ جِئن سانگِ وِيا،
پِرِينَ پُڄاڻا، آئُون اوهان سين اورِيان
بيت - 8
سُورَنِ سانگهارو، ڪَڏِهن تان ڪونَ ڪيو،
آيَلِ اوڀارو، ٻائِڙَ ٻَڌو ٻوڙَ وَهي.
بيت - 9
سانگهارو سُورَنِ، ڪَڏِهن تان ڪونَ ڏِنو،
ٻائِڙَ ٻوڙَ وِهَنِ، ڪالهوڻِئان اَڄُ گهَڻان.
بيت - 10
سُورَ نَه ساڱاهِينِ، ڏِينِ اُڌمان اوچِتا،
مُون کي مُون پِرِينِ جا، اَمَيا آهِين،
لَڄُون جِي لاهِين، سيئِي ٿِيَم سامُهان.
بيت - 11
سُورَنِ لَڌو سَجهُه، پاڻهئِي پيهِي آئِيا،
ڪنهن کي ڏِيان مَنجهُه، مَرُ تان چِڻِڪَن چِتَ ۾.
بيت - 12
سُورَ مَ مَٽِج ساءُ، آئُون نَه وِڪَنِي آهِيان،
وَڃِجِ مَ ويلَ ڪِنهِين، وِرِهَ مُون وَٽاءُ،
تُون پُڻِ تَڏِهين جاءِ، جَڏِهن ٿِيان هيڪاندي هوتَ سين.
بيت - 13
سورَ بِه ڀَتُون ڀَتِ، هِيءَ چِڻِڪِيو ڪي ٻِيو،
پِريتَڻِي پِرِينءَ جي، ماءِ مُنجهايَم مَتِ،
ڀينَرَ ڀَليءَ ڀَتِ، لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچ جو.
بيت - 14
لَڳَمِ ٻاڻُ ٻَروچ جو، اَمَڙ پَلِ مَ مُون،
سَڀِ رَڱِينديَسِ رَتَ سين، ڪيچان اوري ڀُون،
مادَر مَٿان مُون، ڪانگ لَوَندا ڪَڏَهين.
بيت - 15
لَڳُم ٻاڻُ ٻَروچ جو، ڪَرَها ٿِيا قَزاقَ،
اَهُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَينِ پوءِ مَ ماڪَ،
اَکَڙين خوراڪَ، پَسَڻُ پَرڏيهِينَ جو.
بيت - 16
سُورُ وِراهِيان سَرَتِيُون، جي وِراهِيا وڃن،
ٻِيوُن ڪوهُ ٻُجهَنِ، جَنِ سَندا تَنِ سامُهان.
بيت - 17
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَڪِهين، مُون وَٽ وَٿاڻان،
ڀَرِيُون ڪِيو ڀُڻان، وِيا وِهائُو نِڪري.
بيت - 18
ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونَهن، گهوريا سُکَ ڏُکَن ري،
جَنِين جِيءَ وِروُنهن، سَڄَڻُ آيو مان ڳري.
بيت - 19
ڏُک لَڳو، ڏُونگَرَ ٻَريو، ڀينَرُ کاڻِي ڀُون،
مَنان لاٿو مُون، سَندو جِئڻ آسرو.
بيت - 20
ڏُکويوُن ڏيهان، جيڪُسِ لَڏي وِيئيُون،
هاڻي ڪِن مُلا، پُڇان پِرِين خبرون.
بيت - 21
ڏُکِيُون جان نَه مِڙَنِ، تان تان ڀَنَڻُ نَه ٿِئي،
ٻِيُون هُونهين هَٿَ هَڻَن، روُندِيُون روُئَڻَ وارِيُون.
بيت - 22
نَڪي روُئَڻَ وارِيُون، نَڪي اوسارِينِ،
مُونِهين کي مارِينِ، مُونهِين سَندا ڏُکڙا.
بيت - 23
ڀيڙي ڀِيڙي ٻَنڌُ، سُورائِتِي سَندرو،
ڪيچ اَڳاهُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرين.
بيت - 24
ڀيڙي ٻَنڌُ ٻِيهارَ، سُورائِتِي سَندرو،
ڏوُنگَرَ توهان ڌارَ، ڪانَ ڏورِيندي ڏُکَ سين.
وائي - 1
ڪوهياري جي ڪاءِ، مارِيندِيَمِ ماءِ، مُون کي مَنَ اَندرِ جا ڳالهَڙي.
چَڙهان ڏوُنگَرَ چوٽِيين، سُپيرِيان جي ساءِ،
مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.
نِهارِيندِيَسِ نِڪَري، هاڙهو هوتَنِ لاءِ،
مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.
پانڌِيڙا پيرَ ڀَري، پِرِيان کي پَهُچاءِ،
مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.
موليٰ! مُون کي ميڙئين، سَنديءَ جانِبَ جاءِ،
مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.
هوتَ هَلَنِ، آئون وِهان، تَه ڪا اِيئن جُڳاءِ،
مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.
سَسُئِيءَ جي سِريءَ کي، اوڏاهِين اُٺاءِ،
مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.
پيرانديءَ پُنهوُنءَ جي، مُنهِنجو لوڙه لَٽاءِ،
مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.
اَلا! عَبدُاللطِيفُ چَئي، اِيها آسَ پُڄاءِ،
مُون کي مَنَ اَندَرِ جا ڳالهَڙي.
داستان ستون
بيت - 1
پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏهِن تَڏِهن پِرِينءَ کي،
ڏورِيندِيُون ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.
بيت - 2
پُڇِيوءِ، تان پُور؛ ناتَ پُڇَڻَ هوءِ مَ پِرِينءَ کي،
ڏورَڻَ واريُون ڏوُر، هَڏ نَه آهينِ هوتَ کي.
بيت - 3
ڏورِيان، ڏورِيان، مَ لَهان، شالَ مَ مِلان هوتَ،
مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ سا ماٺِي ٿِئي.
بيت - 4
ڏورِيان، ڏورِيان، مَ لَهان، ساٿِي ڪالهوُڻا،
لاهي لاڏوُڻا، سَفَرِ ڪنهن سانگ وِيا.
بيت - 5
آئُون ڏورِئين، شالَ مَ لَهَئين، پِرِين هُئين پَري،
هَڏِ نَه ساهَ سَري، تَنَ تَسلي نَه ٿئي.
بيت - 6
آئُون ڏورِئين، شالَ مَ لَهَئين، تَنَ مَ ملين تُون،
لُنءَ لُنءَ مَنجهان مُون، لوچَ تُنهِنجي نَه لَهي.
بيت - 7
آئُون ڏورِئين، شالَ مَ لَهَئين، ساڄَنَ مَڃُ سُوالُ،
سِڪَ تُنهنجِيءَ، سُپِرِينِ ٿِئي جانِ زُوالُ،
وِهاڻِيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامِي ڪَري.
بيت - 8
ڇَڏِيَمِ حُجَ هَلَڻَ جِي، چاڙهِيڪا چَکِيامِ،
آرِياڻِيءَ جي آسري، ڏوُنگَر ڏِينهن لَڳامِ،
پُڇِجِ، پِرِين سَندام، ويٺِيسِ، وِکَ نَه اُپڙي.
بيت - 9
ڇَڏِيَمِ حُج هَلَڻَ جِي، چاڙهِيڪَنِ چَڙهِي،
آڙِيڪَنِ آڙي، پِيَسِ هوتَ پُنهُونءَ سين.
بيت - 10
ڇَڏِيُمِ حُجَ هَلَڻَ جِي، چَکِيَمِ چاڙهِيڪا،
اَدِيُون آڙِيڪا، هِينئَڙي پِييمِ هوتَ سين.
بيت - 11
ويٺِيَسِ، وِکَ نَه اُپُڙي، اَڄُ آرِياڻِي تُون آءُ،
چُڪِيءَ توسين چاءُ، پاسي ڀَرِ پيئي رڙهِي.
بيت - 12
جيڪا ڪندي نِينهُن، مُون جِئن ٻاروچَنِ سين،
سِڪَڻُ سارو ڏينهن، چَڙهَڻُ چاڙهِيڪَن تي.
بيت - 13
جيڪا ڪَندي سَڱ، مُون جِئن ٻاروچَن سين،
اَنگُنِ چاڙهي انگ، روُئندي سا رَتَ ڦُڙا.
بيت - 14
جيڪا ڪندي لاڳِ، مُون جِئن ٻاروچَنِ سين،
اَندَر تَنهِين آڳِ، لَڳندي لاٽُون ڪَري.
بيت - 15
جيڪا ڏِيندي مَنجههُ، مُون جئن ٻاروچَن کي،
مَٿان ڳَلَنِ هَنجُ، ڪِينَ لاهِيندي ڪَڏهين.
وائي - 1
مُنهنجي حُجَتَ ناهي واٽِ، ڪانهي واٽَ،
جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.
کاڻِيءَ کي کانئي ٿِي، ڄيري جي ڄَڙاٽ،
جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.
ڪَندِيَسِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ لَئي، لَڪَنِ ۾ لُولاٽ،
جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.
تازو پيرُ پُنهوُنءَ جو، لُڙِيو مَنجهه لُڙاٽ،
جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.
آهيمِ آريءَ ڄامَ جِي، اَندر مَنجهه اُساٽ،
جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.
مارِيو ڪِيمَ مُٺِيءَ کي، ڪيچِي ڪاهي ڪَنواٽ،
جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.
کَڻِيو نيڻَ نِهارِيان، ڳوڙَهَن ڀَرِيو ڳاٽ،
جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.
سَبَبِ تِنهن سُتي وِيا، جهُوٽِي ڏِينَمِ جهاٽَ،
جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.
ڏِٺَمِ ڏُکوينِ جا، ڇَپَر ۾ ڇُونڇاٽ،
جِيجان تَنِ جَتَنِ سين.
داستان اٺون
بيت - 1
آتَڻ اورانگهي وِيا، آئُون ٿِي مَران ماءِ،
پِٿُون ٿِينديَس پيرَ تي، هَئي هَئي! ڪَري، هاءِ!
جِيَڻِ مُون نَه جُڳاءِ، پِرِيَن تان پاسو ڪِيو.
بيت - 2
آتَڻِ اورانگهي وِيا، اَڱڻِ مُون افسوس،
ديوانِيءَ سين دوسُ، ساٿِي آهي سُڃَ ۾.
بيت - 3
آتَڻ اورانگهي وِيا، ڪَري ڪَمِيڻِي ڪِيئن،
هاڻِ گهُرِجي هِيئَن، تَه ڏِجي باهه ڀَنڀورَ کي.
بيت - 4
آتَڻُ اورانگهِي وِيا، پُٺِيءَ توڏَنِ تاڻ،
ويههُ مَ، مُنڌَ ڀنڀورَ ۾، هُن پڄَندِيئَن هاڻ،
رائِي مَنجهه رِهاڻ، هَلُ تَه ٿِيَئِي هوتَ سين.
بيت - 5
آتَڻَ اورانگهي وِيا، پاري ڇَڏي پوءِ،
آرِيچا اُٺَنِ تي، هيءَ تان ڇَڏي جوءِ،
ڪِين هَلي، ڪِين هَٿَ کَڻي، ڪين رِڙهي، ڪِين روءِ،
ڪو پُنهُونءَ کي چوءِ، تَه مُٺِيءَ ماتَمُ آئِيو
بيت - 6
ڄاڻِي سُڃاڻي، مُون کي ڇَڏي هلِيا،
اَديُون آرِيچَنِ لئي، آئُون کُوري جِئَن کاڻِي،
پاهَڻَ ۾ پاڻِي، هارِيُون! هارَڻَ آئِيو.
بيت - 7
ڄاڻِي سُڃاڻِي، مُون کي ڇَڏي هَلِيا،
آئُون ڪِئن ڇَڏِيان پانهِنجو، اَدِيُون آرياڻِي،
ڀَريُم جو پاڻي، سو ڪيچين ڪَمِ نَه آئِيو.
بيت - 8
ڄاڻِي جي ڄاتوم، ته پوندو فِلق فِراق جو،
اَکَر اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتوم،
پوءِ تان ڪون ڪيوم، هُوند ڪَشالو ڪيچَ ڏي.
بيت - 9
وارو، وَڃن ٿا، سيڻَ تُنهنجا سَسُئي،
ههڙا ٻاروچا، ڪينَ لَهَندئن ڪي ٻِيا.
بيت - 10
واري وَرائي، تو پَنهنجا نَه ڪِيا،
ڀوري رَنجائي، هُوندَ نَه پيئِينءَ هيتري.
بيت - 11
جِئان واري وَڳَ، اوٺِي ٿِيا ڇُلِنگِيُون،
مَٿي تِنهن مارَڳَ، پَئِي پُرزا نَه ٿِيين.
بيت - 12
دُکائيندي دُونهَڙا، مُنڌَ سِيڻائِي وَڃُ،
پَرياڻون مَ ڀَڃُ، ساٿُ چَڙهندو لَڪيين.
بيت - 13
ڇِڄُ مَ قَطاران، ساٿُ چَڙهندو لَڪيين،
مَڇُڻ ٿِيين پُئان، وَڳَ واٽَ ئِي نَه لَهين.
بيت - 14
ڪا جا ڪيائوُن، وائِي واري وِنگُڙي،
آيَلِ تنهن آئُون، ٻولِيءَ ٻاتاڙي ڪئي.
بيت - 15
وائِي واري وِنگُڙي، ٻولِي ٻِي نَه ڪَنِ،
اَلا، ڪيچَ ڌَڻِينِ، موُن سين پوءِ مَ مامَرو.
بيت - 16
ڪا جا آندي ڪيچِيين، وَڻِڪاران وائِي،
سَڻِي مُون سائِي، نيڻين نِنڊڙي وِهُ ٿِي.
بيت - 17
پُڇيوئِي جان دوست، تان پاسي ڪَرِ پَرهيزَ کي،
گَڏِيُئي جي هوت، ته دِين سڀ دور ٿيا.
بيت - 18
هَلو ۽ مَلهو، ڏُکَ مَ پَسو ڏوٿِيا،
سُونهون جو ساٿَ جو، سو مُون هوتُ سَلو،
آن پُڻِ ٿِئي ڀَلو، آئُون پِڻ گَڏِجان پِرِينءَ کي.
وائي - 1
مُون کي ڇَپَرِ مَ ڇَڏيجا، ٻاروچا پَلئَ لَڳِي آهِيان.
ڇوري ڇِنِي آهِيان، نِينهُن نِباهي نيجا،
ٻاروچا پَلئ لَڳِي آهِيان.
ڇوري ڇَڏي ڇَپَرين، ڪيچي ڪِيمَ وَڃيجا،
ٻاروچا پَلئ لَڳِي آهِيان.
پُنهُون مُنهِجو آن سين، ساٿُ سَلامَتَ نيجا،
ٻاروچا پَلئ لَڳِي آهِيان.
مُون تان وَڙُ وِڃائِيو، آئِين پَنهِنجو وَڙُ ڪَريجا،
ٻاروچا پَلئ لَڳِي آهِيان.
جوڳِئَڪو وِيسُ ڪَري، سِگهَڙي سارَ لهيجا،
ٻاروچا پَلئ لَڳِي آهِيان.
داستان نائون
بيت - 1
ڪاتِيءَ تان نَه ڪهِين، مَنُ وِجهُلَڻَ وَڍِيو،
مارِيَسِ سُورَ تَهِين، جو نَه جِياري جيڏِيُون.
بيت - 2
ڪاتِيءَ تان نَه ڪُٺو، ماءِ مُنهنجو جِندَڙو،
جَنهين ماءِ مُٺو، سي جَتَ نَه پَسان جُوءِ ۾.
بيت - 3
جِيءُ مُنهنجو جَنِ، آنگُڙِيارو وَڍيو،
پُڄاڻان پِرِين، سبِان سَڄو نَه ٿِئي.
بيت - 4
اَچِيو مَرُ اَچَنَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،
پُٺِيءَ لَڳي جَن، ڪَمِيڻي ماڙهو ٿِئي.
بيت - 5
رو، وِسانئي راندِ، پَہَ پَروُڙِجِ ساٿَ جا،
هوتَنِ سين هيڪاندِ، هُيَمِ ٻاٽي ڏِينهَڙا.
بيت - 6
رُئَڻُ ۽ راڙو، مُون نِماڻِيءَ جي نجُهري،
ڪُٺَلِ کي قَلَبَ ۾، قُرَب جو ڪاڙهو،
هوتَنِ لَئي هاڙِهو، رِجائِيندِيَسِ رَتَ سين.
بيت - 7
روئِي ڪَندِئن ڪوهُ، هاڻي ڪَو هوتُ وَري،
جيڏِيُون جيڏوئِي ڪِيو، ساڻُسِ سيڻَ ستوهُ،
ڊوهِي اَٿِيان، ڊوهُ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري.
بيت - 8
رُئان تان راند، کِلان تان کامي هِينئون،
اَکَڙِيُون ويساند، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَنديُون.
بيت - 9
اَکِيَنِ ڪِينَ ڪِيو، رَتُ نَه رُنائُون!
اُڀي ڏِٺائُون، ڦوڙائِبا سُپِرِين.
بيت - 10
کاڻِيُون، لوٺِيُون اَکِيُون، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪُڇن،
مُٺِيُون ماٺِ نَه ڪَنِ، هَنيُون رَهَن نَه هوتَ ري.
بيت - 11
وَسِي، وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ کي،
پييُون کَڻَن پَٻَ ڏي، نَظر نِماڻِيُون،
سي ڪِئن ٻيلياڻِيُون، جَنِ وِيندو هوتُ نَه وارِيو.
بيت - 12
وَسِي وَسِي مِينهَن، جِئن لَٽي وييَس کيہُ،
توءِ پِرِيان جي ڏيہَ، پيئِي پُڇي خَبَروُن.
بيت - 13
کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءَ مَنَگَرُ مَ ڏِيو،
هيڪَرَ اُجهايو، ڏيئِي ٻُرَ لُهارَ جِئَن.
بيت - 14
کاڻِي کيرن هيٺِ، ويٺِي روئي رَتَ ڦُڙا،
ڪا مُون ٿِيندي ڏِيٺِ، ٻِيهَرَ ٻاروُچَنِ سين.
بيت - 15
پُنهوُنءَ پيرَڙِيُون، گهَرِ گهُمَندي جي ڏنِيُون،
سي مُون سيرَڙِيُون، نِتُ نِهارَڻ پيئِيُون.
بيت - 16
مُيَس، مَرُ مَران، سُيَسِ وِچ سَرَتِيين،
پورهِيَت ٿِي پَران، پاڙي ڄامَ پُنهوُنءَ جي.
بيت - 17
مارِيو جي معذُورِ، تَه هيڪاري هورُ لَهي،
ساڄُنَ اَهنجي سُورِ، ڪِينَ جِيان ٿِي ڪيچِيا.
بيت - 18
نَڪِي مُئِي آهِيان، نَڪِي ٿِي جِيان،
ساجَنَ ساهُ ڏِيان، توکي سارِيو سُپِرين.
بيت - 19
تُون جي ڪالَهه مُئِي، تَه ڪالَهه ئِي گَڏي پِرِينءَ کي،
ڪَڏهِن ڪانَ سُئِي، تَه ڪا سَگهِي گَڏي سَڄَڻين.
بيت - 20
اَڳي پوءِ مَران، مَرُ مَران مارَڳ ۾،
مَٿي پوءِ پِرِيان، خُونُ مُنهنجو جيڏِيُون.
بيت - 21
پُنهوُنءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، مَرُ مَٿا ڏيئِي،
تَه سَرَتِيُون سَڀيئِي، واکاڻينئِي ويٺِيُون.
بيت - 22
تَنهِين تُون نَه سِياءَ، جي ڪوهِيارا ڪيچَ ڌَڻِي،
اَنگُنِ چَڙهيو آءُ، جان نالو ڳِيڙُءِ نِينهَن جو.
بيت - 23
مَٿان جِيءُ جَتَنِ، گهورِيو گهوري سَسُئِي،
پازي جي پُنهوُنءَ جا، ڪاروُن ڪَري تَنِ،
ڪيچِ مَتان ڪا ڪَنِ، بي شُڪري ڀَنڀَور جِي.
وائي - 1
هِتان ٿِي هَلندِيَسِ، مِيان! سامُهِين ساڻيههَ ڏي.
وَڏا پينڍا پَنڌَ جا، مَيزلَ ماڻِينديَسِ، مِيان!
سامُهِين ساڻيههَ ڏي.
اَلاهَرَ عَجِيبَ کي، لَڪَنِ مان لَهَندِيَسِ، مِيان!
سامُهِين ساڻيههَ ڏي.
جيڏِيُون جوڙُ جَتَنِ جو، جَڏهِن آئُون ٿِينديَسِ، ميان!
سامُهِين ساڻيههَ ڏي.
حُجائِتا هوتَ کي، ڏوراپا ڏِيندِيَسِ، مِيان!
سامُهِين ساڻيههَ ڏي.
فَرِياديُون فِراقُ جِيُون، پُنهَلَ کي چُوندِيَسِ، ميان!
سامُهِين ساڻيههَ ڏي.
داستان ڏھون
بيت - 1
سُپيرِيان جِي ڳالهڙي، رُڳو رَنجائو،
ڏوُنگَر ڏولائو ڏِيندا مُون ڏيرَ وِيا.
بيت - 2
آريءَ اُتَنِ جِيئن، اِيئَن تان اوٺِين نَه ڪِيو،
ڪيچ پَهچبو ڪِيئَن، اِهڙَنِ اَٻاجَهنِ سين.
بيت - 3
جِئَن اُتَن آريءَ ڄامَ، اُئن تان اوٺِيَنِ نَه ڪِيو،
ٻَڙڪِي ٻاهَرِ نِڪتِي، گاذَرِ مَنجهان گامَ،
ساهُ ڏِنائِين سامَ، سُتِي سَڳَرَ پَٽِيين.
بيت - 4
لَڪِيُون آن ڀَرِ لِکَ، ڪِين ڪوهِيارا وِرَمِيا،
جَنِين سَنديءَ سِڪَ، رُنَمِ راتِ رَتُ ڦُڙا.
بيت - 5
لَڪيُون آن لَڳا، ڪي پَلَو پانڌِيڙَنِ جا،
توهان گهَڻيرو ماءِ، روُندا اُوءِ رَتُ وِيا.
بيت - 6
ڪو جو لَڳُسِ ڪانُ، ڪيچِيَنِ جي قُربَ جو،
ٿِي نِماڻِي نِيشانُ، ڇَڏي سانگو ساهَ جو.
بيت - 7
ڏوٿِيَنِ چَيُسِ ڏُوُرِ، ڪيچُ آڳاهُون پَنڌُ ٿِيو،
پاڻا چَڙهِي پُورِ، وِکُ وِڌائِين وِتَري.
بيت - 8
ڏوٿِيا ڪو اوٺِينَ جو، مُون کي اُهڃُ ڏِيو،
سَچُ ڪِ ساٿَ نِيو، پُنهوُن مُنهِنجو پاڻَ سين.
بيت - 9
ڪو جو اُٺُسِ مِينهُن، آريءَ جي اُڪِيرَ جو،
ٻاروچاڻُون نِينهُن، مَتان ماٺو نَه ٿِئي.
بيت - 10
جيڏِيُون ڏِسو ڪيچُ، جو ڏِيہُ ٻاروچَنِ جو،
پُنهوُنءَ وِڌُمِ پيچُ، نِسوروئِي نِينهَن جو.
بيت - 11
لَڪ چَڙِهيو رِڻِ روءِ، ڪَري سَٻاجها سَڏَڙا،
اِيندَنِ پُڇي خَبَروُن، وِيندَنِ پيرين پوءِ،
ڏيرَنَ ۽ ڏاگهَنِ جو، مُون کي ڏَسُ ڏِيو،
مُون کان ساٿُ وِيو، ڀُڻي ڏُونگَرَ ڏورِيان.
بيت - 12
گهوڙَنِ هَنيُون گهَڻِيُون، اُٺَنِ هَنئي آنءُ،
جا نِينهَن ڳِننَدي نانءُ، سا مُون جِئَن پُوندي مامِري.
بيت - 13
لَڪَڙِياريُون آڱَرِيُون، ٻاروچاڻُون ڀيرُ،
اَچِي پَسو جيڏِيُون، تازو پُنهوُنءَ پيرُ،
ويچاريءَ سين ويرُ، جَتَنِ جيڏو ئي ڪِيو.
بيت - 14
لُڇَڻُ نَه لاهِين، گُوندَرَ هِنَ غَرِيبِ تان،
پَرِ ۾ پَچائِين، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.
بيت - 15
هَئي! ٿو وَڃي هوتُ، آئُون ڪِي اَڳَڀَري ٿِيان،
مَتان چَوي بَلوچُ، ڪَمِيڻِيءَ مان ڪِينَ ٿِيو.
بيت - 16
ڪَمِيڻَينِ هَٿان، ٿِيَنِ مُورائِين مديُون،
تُون ڪَرِ پاڻَ وَڙان، موٽُ سَٻاجها سُپِرين.
بيت - 17
نَڪِين ٿِيان سَڱَ ۾، نَڪِين سَڱِيڻِي،
آهِيان ڪَمِيڻي، ذاتِ ٻاروچِي نَه جُڙان.
بيت - 18
ڪيچِ مَ خَبَرَ هوءِ، هِنَ مُنهِنجِيءَ ذاتِ جِي،
مَتان پُنهوُنءَ پوءِ، لَڄَ مُنهِنجِي لوڪَ ۾.
بيت - 19
لَٿو ڪَمُ ڪيچِيَنِ جو، ڇَڏي هَلِيا مُون،
الا! آهيين تُون، هوتَن تان هيڏي ڪئي.
وائي - 1
مُنهِنجو ساهُ نِيو سيڻانِ، آيَلِ، وِهان ڪِئن ڀَنڀورَ ۾؟
مُون کي وِيا نَه وِسَري، نِينهَن ڀَرِيا نيڻانِ،
آيَلِ وِهان ڪِئن ڀَنَڀورَ ۾؟
سو ڪِئن هِينئَڙو جهَلِيان، جِهڄي جو ڪيڻانِ،
آيَلِ وِهان ڪِئن ڀَنَڀورَ ۾؟
مادَرِ پايو مُنڊِيُون، ڪُوڪِيان وَرُ ڪيڻانِ،
آيَلِ وِهان ڪِئن ڀَنَڀورَ ۾؟
وائي - 2
وَسان ٿي ويياسِ، آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
پُرزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پيياسِ،
آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
تَه پُڻِ ڪاڍو ڪيچ ڏي، توڻي ماءِ مُياسِ،
آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
پاڻُ وِڃايُمِ پيرَ تي، ڇُٽِي آئُون، ڇُٽِياسِ،
آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
آيُمِ آنڌي لوڪَ سين، مُٺِي آئُون، مُٺِياسِ،
آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
هيڏي شَهَرَ ڀَنڀَور ۾، نَڪو پِيءُ نَه ماسِ،
آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
پييُمِ وِچُ وِصالَ ۾، سَنجهي آئُون سُتِياسِ،
آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
پييُمِ پُنهوُنءَ ڄامَ سين، کُٽِيءَ آئُون؛ کُٽِياسِ،
آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
اَلا! اُنِ مَ وِسَران، ڏِٺي جَنِ جِياسِ،
آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو.
پِييَسِ وَرِ وِصالَ جي، جانڪِين تان جِئندِياسِ،
آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو
داستان يارھون
بيت - 1
تَه ڪو هوتُ سَڄَڻُ نِيندا، هو! ڏيرا،
ڪَلَ نه پِيمَ ڪا، مُون نَه پَروڙِيا ماءِ،
ڪُهِي ڪَمِيڻِي هَلِيا، ٻانڀَڻِ ڪَري ٻيرا،
ڪَلَ نَه پِيَيمِ ڪا.
پَسان شالَ اَکِيَنِ سين، دوستَ سَندا ديرا،
ڪَلَ نَه پِيَيمِ ڪا.
سيڻَنِ ساجهُر لَڏِيو، پوءِ ٿِي پُڇين پيرا،
ڪَلَ نَه پِيَيمِ ڪا.
ڏاڻَ وِجهِي ڏاگهَن کي، وَنگِيُئِي نَه تنهن ويرا،
ڪَلَ نَه پِيَيمِ ڪا.
ٻَڙِڪَنِ ٿا ٻانڀَڻِ جا، جِيءَ اَندرِ جيرا،
ڪَلَ نَه پِيَيمِ ڪا.
بيت - 2
واڪِيو واڪِيو وِکَ، پاٻوهِيو پيرُ کَڻي،
سي نَه چَڙَهندِيُون ڏِکَ، موڙي پيرُ مَرَن جي.
بيت - 3
وِجههُ وَڌَندي وِکَ، مَڇُڻ لِکَ لَکائِيين،
ڏُکُ تَنهِين کي ڏِکَ، حُبَ جَنهِين کي هوتَ جِي.
بيت - 4
واڪو هَڏ مَ لاه، سَڏَنَ مَٿي سَڏَڙا،
مانَ تُنهنجِي ڪا، سَڳَرَ ۾ سارَ ٿِئي.
بيت - 5
سَڏَنِ پُٺِيءَ سَڏَڙا، واڪو مَنجهه وَڻين،
سَڄَڻُ پَنڌ گهَڻي، مانَ ڪوهِيارو ڪُوڪَ سُڻي.
بيت - 6
ڪوهِيارو ٿِي ڪاتُ، مُيُون مارَڻَ آئِيو،
هوءِ مَرُ هوتُ حياتُ، آئُون مُيائِي گهورِيي.
بيت - 7
وِهين ۽ ويلا ڪَريين، پُڇين ٿِي پانڌي،
هاري هيڪاندي، ڪِنهن پَرِ ٿِيندِئن هوتَ سين.
بيت - 8
وِهين ۽ ويلا ڪَريين، اِيءَ نَه اُڪنڍَ آهِ،
سي لاڳاپا سَڀ لاه، اوريا اُڀيارين جي.
بيت - 9
وِهين ۽ ويلا ڪَرِيين، سَڏيين ساڱاتُو،
هاري آپاتُو، توسين سُونهنِ نَه سَسُئِي.
بيت - 10
ڪِجي جِئَن ڪيچِيَنِ لَئي، تو تان ڪِينَ ڪِيو،
ويجهائي وِڌوءِ، وِکَ نَه کنيُئِي هيڪَڙي.
بيت - 11
پاڙي ناهِ پَروڙَ، تَه ڪا راتِ رَنجائي گُذري،
ٻانڀَڻِ ٻاروچَنِ جي، گهائي وِڌي گهُورَ،
هِڪَ سَسُئِي ٻِيا سُورَ، وِيا پِٽِيندا پاڻَ ۾.
بيت - 12
پاڙيچي: روئِي، چاڪَ مُنهِنجا چورِيا،
پَگهَرُ وِجهَندِيَسِ پِرِينءَ جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي،
ساجَنَ سَڀوئِي، ساهُ اوهان تان صَدَقو.
بيت - 13
اَڄُ نَه مُون قَرارُ، ڏِٺُمِ سَئُنچو ساٿَ ۾،
نَهِي ويٺا بارُ، مَٿي ساڻيههَ سُپِرِين.
بيت - 14
ڪِيا ويچاريءَ وَس، ڪارَڻِ ڪوهِياري گهَڻان،
گهَڻُون پُڇي پانڌِيين، سَندا ڏيرَن ڏَسَ،
لَمُون ڏوري لَسَ، سُتِي سَڳَرَ پَٽِيين.
بيت - 15
تان ڪا وَرَ ڪِجا، ڪَمِيڻيءَ تي ڪيچِيا،
آئُون اوهان جِي آهيان، ٻانهِي ٻاروچا،
دِلاسي دوسا، مَتان مُون کي ڇَڏِيو.
بيت - 16
تان ڪا ڪِجا وَر، ڪَمِيڻيءَ تي ڪيچيا،
آئُون اوهان جِي آهِيان، بَندي بي سَمر،
اَچِي ڪوهِيارا ڪَر، دِلاسو دِلگير کي.
بيت - 17
هوءِ جي سُورَ سُڄَنِ، سي مُون پِينگهي ۾ پِرائِيا،
سانڍِيياسِ سُکَنِ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرِتِيُون.
بيت - 18
سِرجِي، تان سُورُ، ساماڻِي، تان سُکَ وِيا،
اِهي ٻيئي پُورَ، نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِيا.
بيت - 19
سُورَنِ سانڍِيياسِ، پُورَن پالِي آهِيان،
سَکِن جي سَيّدُ چَئي، پُکي نَه پيياسِ،
جيڪُسِ آئُون هُياسِ، گُري گُوندَرِ وَلِ جي.
بيت - 20
سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو، مُونهان مَهندِ ٿِيا،
هَلو تَه ڏورِيُون اُن کي، وِندَرِ جي وِيا،
ڪَندِيَسِ ڪِيّنَ ٻِيا، هوتُ مَٽائي اَڳِيان.
بيت - 21
پُڻِ وِهاڻِيَسِ راتِ، هَلي هاڙهي سامُهين،
پُنهوُنءَ جا پِرِڀات، اُڀِي پُڇي پَهِيَڙا.
بيت - 22
نَه ڪا تاتِ، نَه تُوتِ ڪا، نه ڪا تاتِ تَنوار،
ڪانهي پِرِتِ پَچارَ، لَنئُون ويچاريءَ لَڏِيو.
بيت - 23
ڪينهين طالِبُ تاتِ جا، نَه تَه آهي تاتِ تِيار،
ڏورِيان، پِيو ڏڪار، گهورِيندَڙَ کَڻِي وِيا.
بيت - 24
جيڪي طالِبَ تاتِ جا، تاتِ به تَنهِين وَٽِ،
هَڏهِين ڪانهين هَٽِ، گهورِ، تَه گهَران ئي لَهين.
بيت - 25
آن جي ڏِٺاهُون، اَللهَ ڪارَڻِ ڳالهه ڪَريو،
نيڻَ مُنهِنجا رُونِ، راتو ڏِينهان اُنِ کي.
بيت - 26
اَڃا راتِ رَتومِ، ڪوڏِ ڪوهِياري ڪَنجُرو،
ڀينَرُ ڀِڄايومِ، صُبح سان، سورَنِ سين.
بيت - 27
سَرَتِينِ سَهَجَ مَنجهاءُ، ٿي ڪوڏِ وِراهِيا ڪَپِڙا،
تَڏِهن مُنهنجِي ماءُ، ٿي پَهڻ آڇِيا پَٻَ جا.
بيت - 28
ڪَڏهِن ڪَڏِهن جيڏيُون، ڪو پَهُه اَچِيو پوءِ،
سو پُڻِ ساڙو هوءِ، هِيءُ جو ساهُ سَرِيرَ ۾.
بيت - 29
ڪنهن جنهن نِينهن نِنڌاهُ، جِئن مُون واجهائِيندي نَه وَرو،
جيڪين مُئِي ڪَنداهَ، سو جانِبَ ڪَرِهو جِئَري.
بيت - 30
مَتان ٿِيين مَلورُ، ڪِينَ آڳاهُون آهِيان،
ڏِسَڻَ ۾ ڪَرَ ڏوُرَ، حَدَ ٻِنهين جِي هيڪَڙي.
وائي - 1
هو آرِمانُ اَٺَنِ، ميان! سَسُئِيءَ جي سُورَن لَئي.
ڪَجاوا ڪَرهَن تي، جوڙِيا جالَ جَتَنِ، مِيان!
سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي.
پيرُ نَه ٽِڪَنِ پوئتي، ٿا ڪامُن سان ڪُٽِجَنِ، مِيان!
سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي.
مَهاروُن مَيَنِ جِيُون، واڳُون وَسِ ڌَڻِينِ، مِيان!
سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي.
ٽَڪَرَ ۾ ٽونڪارَ ٿِي، صُبُح ساٿِيڙَن، ميان!
سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي.
سانگُ تَه تُنهنجو سَسُئِي، هاڻي هوتَ نَه ڪَن، مِيان!
سَسُئِيءَ جي سُورَنِ لَئي.
وائي - 2
ڪاروُن وَسَ ڪيامِ، ڙي! هَئي هَئي! وو! لَڏي ڏوُرِ وِيامِ!
مُنهنجو هوتُ نَه موٽِيو، وو! ڪاروُن وَسَ ڪِيامِ.
ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پِينگهي مَنجههِ پِيامِ،
وو! مُنهنجو هوتُ نَه موٽِيو.
ڪَئِين قاصِدَ ڪيچَ ڏي، مُحبَنِ لاءِ مُڪامِ،
وو! مُنهنجو هوتُ نَه موٽِيو.
سَدا سپيرِيَنِ جا، سانڍَڻ سُورَ پِيامِ،
وو! مُنهنجو هوتُ نَه موٽِيو.
هوتَ هَلندي جي ڪيا، نَه سي سَڏَ سُيامِ،
وو! مُنهنجو هوتُ نَه موٽِيو.
داستان ٻارھون
بيت - 1
ڏِٺان جي ٻَروچُ، مُون جِئن هوتُ اَکِين سين،
مُون کي چَيان لوچُ، پاڻان پيٺِيُون ڇَپَرين.
بيت - 2
جيڪُس ڏِٺو جيڏيين، ٻاروچو ٻِيءَ ڀَتِ،
مُون جِئَن موُڙِهِيَنِ مَتِ، پَسَنديئي پُنهُونءَ کي.
بيت - 3
جيڪَس ڏِٺو جيڏين، ٻاروچو ٻِيءَ روُءِ،
سَنجهي ۽ صُبوحِ، هُوندَ نَه وِئَڙُنِ وِسَري.
بيت - 4
اَن جي ڏِٺِي جيڏيُون، پُنهُونءَ جِي پاٻوهَ،
سَنجهي ۽ صُبوحَ، سُورَنِ ٿي سَجَڪِيُون.
بيت - 5
جي هُيان هوتَ پُنهُونءَ سين، مُون جِئن مُلاقات،
ٻانهُنِ وِجهِي واتِ، رِيهُون ڪِيان رُڃُنِ ۾.
بيت - 6
جي تو ڳالهائي، ماء ٻاروچا پُڇِيا،
اُنهِين جِي وائِي، هُوندَ نَه وييان وِسري.
بيت - 7
اَڄُ مَعذوُرِ هُئان، اَلا! چَڱِي مَ ٿِيان،
رِڙهان ۽ رُئان، پُٺِيءَ سَڳَر ساٿَ جي.
بيت - 8
سِڪِي مُون سَڱَ ڪِيو، لِڪي وِچان لوڪَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِيين، هِتي هُتي هوتَ،
نالي تو بَلوچَ، سُيَسِ مَنجههِ سَرَتِئين.
بيت - 9
جي ڏونگَرَ مُون ۾ ڏُکُ، سي پَڌَرِ پُونِ مَ پِرِينءَ ري،
وِهَڻُ مُون وِهُ ٿِيو، ڪيرَ سانڍيندي سُکَ،
هُيَمِ هوتَنِ سين چُکَ، سَڄو سَڱُ نَه سارِيان.
بيت - 10
ووءِ! ووءِ! ڪَندي وَتُ، مَڇُڻِ ووءِ! وِساريين،
پاڻِي هارِ مَ پَڌرو، رو مَنجهائين رَتُ،
صَبُرُ وڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرينِ.
بيت - 11
ووءِ! ووءِ! وِڏوُڙا، ووءِ! ووءِ! وَڃَنِ نِگِيا،
مُون سانگِياڻِيءَ جا سُپِرِين، سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا،
لاٿَمِ نَه توڙا، ماءِ اوسِيڙو اُن جو.
بيت - 12
گهوڙا گهَڻِيءَ ڀُون، ووءِ! ووءِ! وَڃَنِ نِڱِيا،
مادَرِ مَٿان مُون، ڪانگَ لَوَندا ڪَڏِهِين.
بيت - 13
ووءِ! ووءِ! پُڻِ ويئِي، رَنُنِ ڪارَڻِ جا هُئي،
پُنهوُنءَ کي پيئي، روُندي ڪيرَ رَتَ ڦُڙا.
بيت - 14
ماٺِ مارِيندِيَئِي پِرِينءَ جِي، مَڇُڻِ رُئين رَتُ،
ڇوري ڇَڏِ مَ سَتُ، هِمَتَ هوتُ وِڃائيو.
بيت - 15
ٻَڌو ڪِنهن ٻَنڌاڻِ، هِينئَڙو هوتاڻِيءَ سين،
ڪا جا پِيَسِ ڪاڻِ، نِبيريانسِ، نَه نَبِري.
بيت - 16
ڪُہ ڄاڻان، ڪُہ ٿيو، ڪيڏانهن ٿِي وَڃان،
هَٿَ، ڪَرايُون، آڱرِيُون، موڙِيو سَڀِ ڀَڃان،
ٻِينِ گهَرِ گهُڃان، مُون هاريءَ هوتُ وِڃائِيو.
بيت - 17
چان ڪِ آيسِ آڳاهِين، تان اُتَهِين اُڀِي آهِيان،
پِرِتِ پَراهِين، هاڻي مَران، مَ جِيان!
بيت - 18
سَرَتِيون سُورُ پِرِينِ جو، سُڃُنِ ۾ شامِلُ،
ڪوهِيارو ڪامِلُ، مُون کي ڏُکَ ڏيکاريو.
بيت - 19
ڏُونَگَرُ، ڏَنا، نُوڻِ، مُون پارَکو پُڇِيا،
هيڪَلِيُون هَلَنِ جي، سي تاڪُنِ سَندي تُوڻِ،
اِيءُ اَهُکِي ڀُوڻِ، سُونهَنِ ريءَ نَه سُٿِري.
بيت - 20
لَکين لوڙائو، سَهسين آهِنِ سُڃَ ۾،
بَرَ ۾ بورائو، کَڻُ، پِيادي پاڻَ سين.
بيت - 21
ٻاروچا ٻِيا گهَڻان، مُنهِنجو اَجهو آرِياڻِي،
چَوُندي رَکِيمُ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي،
جا وِندرِ وِڪاڻِي، تِنهن جو موٽِڻُ مَسُ ٿِئي.
بيت - 22
ٻاروچا ٻِيا گهَڻا، مُنهِنجو پُنهوُن سِرُ سَڀنِ،
چانگي تي چڙهِي ڪَري، ڪَندو وَرِ وِلهيَنِ،
مَٿي مَعذوُرِيَنِ، هوتُ ڌَريندو هَٿَڙا.
بيت - 23
هُوءِ جا گهوري گهوٽَ جي، تنهن کي چَري چَونِ،
اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻان هوُنِ،
پَرا تَنهين پُونِ، ڏِٺو جَن اَکين سين.
بيت - 24
ڏِٺَمِ اُٺَ اَکِن سين، مانَ ٻاروچا هُونِ،
جَنِين ڌاران پُونِ، مورِيَسَر اَکِينَ ۾.
بيت - 25
سَڄَڻُ ڏِٺو جَنِ، موٽَڻَ تَنهِين مِنهُڻون،
اِي مَرَڪُ مَعذورِيَنِ، جِئَن مَرَنِ پِريان جي پيرَ تي.
بيت - 26
وَرُ لَڪَنِ جي لوڏَ، گهورِيا سُکَ ڀَڀنورَ جا،
آمَڙِ جي تُون اَڇيين، سي ڪَمِ نَه اَچَنِ ڪوڏَ،
هينئَين مُنهنجي هوڏ، ٻَڌي ٻاروچَنِ سين.
بيت - 27
ڪو جو آهِسِ ڪوڏُ، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سين،
جي هو چُونِسِ ٻوڏُ، تَه جِيُّ سُڻائي جَڳَ کي.
بيت - 28
ڀَلِي ڪَري ٿِيوم، هِيءَ سَڱَ ٻاروچَنِ سين،
وَڃِي ڪيچ ڏِٺومِ، پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ جي.
بيت - 29
اَدِيُون ڪا اِيندي، ڇَپَرِ مُون سَڱ ٿِيو،
لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندي،
وِندُرِ آئُون ويندي، آريءَ ڄامُ اَجهو ڪَري.
بيت - 30
کُٽِي لَئي کاڻِي، رَکِيَئِي پِرِتِ پُنهوُن سين،
سَهِيو سُکِيو ڄِندَڙو، وِڌءُ ڄيري ۾ ڄاڻِي،
توسين هاڃو هوتاڻِي، صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.
بيت - 31
مُون کي نَٿا نِينِ، جَتَ مُلڪِ پانهنجي،
جي گهَگهَيرِينِ گَڏِين، تَه ٻِينِ کان ٻِيڻون ڪَرِيان.
بيت - 32
اَڳي اِيئن هُياسي، جِئن پُنهوُنءَ ڌوتَمِ ڪَپِڙا،
هاڻي اِيئن ٿِياسِ، جيئن جَتَ نَه نِينِمِ پاڻَ سين.
بيت - 33
ڪوهِيارو ڪيڻان، ڪِيڻِ وَڃِي، ڪاڏي وَڃان،
مُون ڀانيو سيڻانِ، ڇَپَرِ ڪَندِيَسِ پَنڌَڙا.
بيت - 34
ڪوهِيارو ڪاري، پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين،
سي ڏيهه ڏيکاري، جي اَڳ نَه ڏِٺا ڪَڏهين.
بيت - 35
ڏُکوين اُهِڃاڻَ، ڪُلهي ڦاٽو ڪَنجَرو،
وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪُ نَه اَڇِنِ پاڻُ،
سُورَنِ اَسان ساڻُ، ننڍيئِي نِينهُن ڪيو.
بيت - 36
ڪُهلي ڦاٽو ڪَنجَرو، مَٿو اُگهاڙو،
مُنهنجو ڪُڄاڙو، ڀينَر هاڻِ ڀَنڀَورَ ۾.
بيت - 37
ڀَنڀوران ٻَهَرِ ٿِي، اَمَڙِ مُون اُماڻِ،
مَڇُڻِ ڪا رِهاڻِ، مُون تو موٽِي مَسَ ٿِئي.
بيت - 38
ڇِپُنِ ڇِنا پيرَ، هَلِي هَلِي ماءِ،
ڪوهِياري جِي ڪاءِ، ڳِنهيو ڀُڻان ڳالهڙي.
بيت - 39
جِئَن جِئَن جهَلي جَڳُ، تِئَن تِئَن مُون تاڪِيدُ ٿِئي،
ڳَهرِيو ٿو ڳالهِيُون ڪَري، وِهُسي ڀُڻو وَڳُ،
لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾، پُٺِيءَ لالَن لَڳُ،
آرِياڻِي اورَڳُ، ڀَنڀوران ٻَهَرِ ٿِي.
بيت - 40
نِينهَن مَ نالو ڳِنَههُ، پِرِيتَڻِي پيرَ ٻِيا،
سُورَنِ ساڻُ مَ ڇِنُّ، وِرِهُ وِهائِج وِتَرو.
بيت - 41
هاري هِينئُون مَ لوڏِ، سُکَنِ پُوندِيئَن سَسُئِي،
ڪوهِيارو تو ڪوڏِ، اَچي ڪَرَهَ قَطارِيو.
بيت - 42
سَڄَڻُ ڏِٺو جَن، تَنِ ڳِچِي سِرِڳَههُ ڪِيو،
ٻِيُون ڪوهُ ٻُجهَنِ، قَدُرُ ڪِيمِيا اِنَ جو.
بيت - 43
جَسُ جَفاري نَه ٿِئي، جَفا وارِينُ جَسُ،
سُتي ساٿُ وِڃائِيو، گولِي ڇَڏِ مَ گَسُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چَئي، ڏونگَرِ ڏِيندئِي ڏَسُ،
پُنهون اَچِي پَسُ، سِرَ ڀَرِ هَلِي سَسُئِي.
بيت - 44
ڀَنڀوران ٻَهَرَ ٿِي، مُون جي ڪِيا سَڏُ،
ٻاروچاڻِيءَ لَڏَ، لَڪَ سَويلا لَنگهِيا.
بيت - 45
اَوجهَڙِ وَتان آنءُ، ٻِيُون سَڀِ سَڳَرِ ساٿِ جي،
جا نِينهَن ڳِنهَندي نانءُ، سا مُون جِئَن پوُندي مامِري.
بيت - 46
ماڳِهين جي مُئِي، تَه هُوندَ نَه پيئِي مامِري،
ڇَڏِيو جي ڪُهِي، تَه هيڪاري هُورُ لَهي.
بيت - 47
سَسُئِيءَ جِيءَ سِريءَ سان، ڪيچَ ڌَڻِي ڪانڌي،
پَسَڻَ ڪارَڻ پِرِين جي، مُنڌَ هُئي ماندي،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئي، آرِياڻِيءَ آندي،
پُنهوُنءَ پيراندي، نِماڻِيءَ نصيبُ ٿِي.
بيت - 48
جَڙَ جِئَري جَنِ سين، مُئي پُڻِ سين تَنِ،
جي هِتِ نَه هوتُ پَسَنِ، سي ڪِنهن پَرِ ڪيچ پَسندِيُون؟
بيت - 49
سَرَتِيون سَڀوئِي ٿِيو، اَندَرَ آرِياڻي،
ويٺي پَسان پاڻ ۾، ڏُونَگَر ڏِهاڻي،
هُيَسِ جَنِ هاڻِي، سي ڪيچِي گَڏِيُمِ ڪوه ۾.
وائي - 1
وَڃِي ويٺَڙي تِتِي، جِتِ، پيرُ سُڃاتائِين پِرين جو،
پيرُ سُڃاتائينِ پِرِين جو، مَنجهان نِينهن نِرِتِي،
پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.
هوءِ وِيا وَڻِڪارِ ڏي، هِنَ ڀوريءَ ڀانيا هِتِي،
پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.
جِنهن ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين، سو ڪوهِيارو ڪِٿي؟
پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.
آما، لِيما، ڦُلَ، ڦاروُها، ڳاڱا، راڱا جِتي،
پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.
مَري رَهندِيَسِ ماڳهِين، نَه تَه، هادي آچِجِ هِتي،
پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.
مُون کي ڇَڏي هَلِيا، ڪا پِينَ مَٿي پِٽي،
پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.
لَڪَنِ مَنجههِ لَطِيفُ چَئي، مِلِي تان سَرَتِي،
پيرُ سُڃاتائِين پِرِين جو.
ليلا چنيسر
داستان پھريون
بيت - 1
داغُ تُنهنجو داسَڙا، جيري مَٿي جَنِ،
تُون ڪِئن مَٿان تَنِ، چَنيسَرَ! چِتُ کڻين.
بيت - 2
داغُ تُنهِنجو دائِما، ماري مَعذُورِين،
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين! وَڃِجِ مَ ڏوُرين،
آءٌ تو حُضُورين، مَڻِيُون وِجهان مَچَ ۾.
بيت - 3
مَڻِيُون وِجهان مَچَ ۾، هائِيءَ هَڻان هار،
ڀِري جي ڀَتار، تَه ميرِيائِي مانُ لَهان.
بيت - 4
مَڻِيُون وِجهان مَچَ ۾، هائِيءَ هَڻِي هار،
سو ڀِي! سُک سَيّدُ چَئي، ڪَرِيين ڪوهُ قَرار؟
بيت - 5
راجا رِيساڻون گهَڻون، سَٽاڻون سَردار،
چؤڏِس چَنِيسَرَ ڄامَ جو، ڏيهان ڏيهه ڏَهڪار،
ٺاڪُرُ اَکيين ٺارِ، مَڻِيي تي ٿِي مَٽِيين!
بيت - 6
چَنيسّرُ چؤرَنَگ، ٻَرِنگو لوڪُ ٻِيو،
تنهن سين ڇِنِيو سَنڱُ، وڃيو هار هَٿ ڇُهين.
بيت - 7
مَڻِيي تي موهِجِي، مُوڙهِي ڪَيُئِي مُرَڪ،
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَق،
وَري وِيو وَرَق، آيُئِي ڏَنؤن ڏُهاڳَ جو.
بيت - 8
مَڻِيي تي موهِجِي، هاري! ڳِيڙُءِ هار،
ڪوڙيين ڪيا ڪيتَرا، اِنَهِين خَرّ خُوار،
ڀِري وِيو ڀَتار، آيُئِي ڏَنؤُن ڏُهاڳَ جو!
بيت - 9
مَڻِيي مَٿي جي هُئا، تَن چِٽَنِ ڦيريُمِ چِتُ،
هار کَٽَيندِيَسِ هوڏَ ۾، نِيبَہُ ٿِيندُمِ نِتُ،
ڪَونروءَ جو ڪِرِتُ، مُونهان مَٿاهُون ٿِيو.
بيت - 10
مَڻِيُون ناهِ مَڻِيُون، جو تُون پَسِي هارُ هِرِکِئين،
اَصل آهي آڳهين، سَندو ڪُوڙَ ڪَڻِيُون،
اِنَ گهوڙَنِ هَنئي گهَڻِيُون، دوسَنِئا دوُر ڪيُون.
بيت - 11
تو جو ڀانيو هار، سو سُورَنِ جو سَڳَڙو،
چَنيسَرُ چِتُ کَڻِي، ٿِيو پورِهَيتِ جو پار،
اَوڻَتِ جو آچارُ، ڪانڌُ ڪهين سين مَ ڪَري.
بيت - 12
نَه ڪِين ٻانهِڙِينِ ۾، تَه ڪِين ڳَرِ هُيومِ،
نهَ مُون سِينڌِ، نَه سُرمُون، نَه سِينگارُ ڪيومِ،
تيلانهن ڪانڌ سَندومِ، رُکوئِي رَي ڳِڙي.
بيت - 13
سونا ڪَرّ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙها هارَ،
ٻانهوٽا ٻاهُنِ ۾، سينڌ سَڻَڀا وارَ،
تيلانهن پِيّ پَچارَ، ڪانڌَ مُنهِنجِي ڇَڏِيِي.
بيت - 14
چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِين جو اَڳَ هُئو،
تِهان پوءِ ٿِيو، مَڻِيي تي ٿِي مامِرو،
بيت - 15
جَرُ هارِيو ٿي جَکَري، جَڏِهِن رُنو ڏيريدارَ،
ڍولي تَڏِهن ڍيلِيين، سوڀِي، ٿِئي نَه سارَ،
چَنيسَرَ ڀَتارَ، حِيلو ڪِيو هارَ جو.
بيت - 16
اُو ڏَمَرِيو ڏِسُ، حِيلو هوُنهئين هارَ جو،
سِڻهو، سَڀَ سَرَتِيُون، وَرُ نَه ڪهِين وَسِ،
دعويٰ پِهرئين دَسِ، ڀَڃِيو ٿو ڀورا ڪَري.
بيت - 17
پُوچا ڏِٺَمِ پيرَ، ڍَڪَڻَ مَٿي ڍولَ جا،
مُون ڀانئِيو تنهن ويرَ، ڪوجهِي ڪَندو پِرِتِڙي.
بيت - 18
سَوَڙِيين سُتَڙِياءِ، پَکو سَهو وِلارِيو،
چَنيسَرَ ڪانڌاءِ، تان مُون هِئَن نَه ڀانِئيو.
بيت - 19
ڍولا ڪُڄاڙِيان، ٻولائِيو ٻوڏُ چُئين،
آئُون تو پيراندِيان، ڪَرَر موڙِيو، وَرَ! اُٿِيان.
بيت - 20
نئون، ٻَڌِيو، روءِ، آڱڻِ جهوڪِيو ڪَرَهو،
ڪو چَنيسَرَ چوءِ: تَه لِيلا وَڃِي لَڏِيو.
وائي - 1
آءُ، پِرِين، گهَرِ پيهِي، مِيان چَنيسَرَ!
هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.
پُڇَنِ لِيلا، هو ڪَنِ حِيلا، پَهَران آچِيو ٻيئي،
هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.
دوسُ نِيائُون داسَڙو، ويساهي وَرُ ويهِي،
هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.
اَوڳَڻَ عَيب، مَٺائِيُون، ڍولا، ڍَڪِ سَڀِيئي،
هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.
تو دَرِ اَچِي، داسَڙا، آري ڪَريندِيَسِ ڪيهِي؟
هارُ هَٿان مُون ڇَڏِيو.
داستان ٻيون
بيت - 1
ٿِڙڪِي، پَسِي ٿوڪُ، ترِڪِي، تَڪَبُّرَ ۾ پَئِي،
اَچِيو اَچِيو، اَڳَلِي، چَئي لِيلا کي لوڪُ،
اَندَرَ اوڀالَنِ سين، ساڙي ڪِيائُونسِ سوڪُ،
ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِيو ويچاريءَ وِسري.
بيت - 2
جيڪَسِ ڪَمَ سَندامِ، جوُٺا ڏِٺا جيڏِيين،
کِلَنِ سَڀِ مَٿامِ، ساهيڙِيُون ۽ سَرَتِيُون.
بيت - 3
هُئينءَ ته گهَڻُون هُشِيارُ، ڪَلَ پِ هُيَئِي ڪانڌَ جِي،
تو ڀانيو موچاري ٿِيان، ڳِچِي پاڻي هارُ،
ڪانڌَ ڪُوڙيءَ جو نَه وڻِي، سَئين ڀَتين سِينگارُ،
وَهَمَ لَهي وِينجهارُ، دِلِيُون پَرکي داسَڙو.
بيت - 4
چان ڪي چَڙَهندِيُسِ کَٽَ تي، رِيجهائِيندِيَس راءُ،
اِهَڙوئِي اَللهُ، جو پورِهيَتُون پِيشِ ڪَري.
بيت - 5
ڏاهِي هُيَسِ ڏيههَ ۾، سَرَتِينِ مَنجهِه سُڄاڻِ،
ڪا جا پِييمِ ڪاڻِ، جِئن مُنهُن مَٿاهُون نَه کڻان.
بيت - 6
اَلا، ڏاهِي مَ ٿِيان، ڏاهِيُون ڏُکَ ڏِسَنِ،
مُون سين مُون پِرِينِ، ڀورائِي ۾ ڀالَ ڪِيا.
بيت - 7
وَڏِيري هُياسِ، ميڙو مُون گهَرِ سَرَتِيين،
هَٿَ ڇُهَڻَ هارَ جي، ڪَڙي ڪانڌَ ٿِياسِ،
ڍولي ڍيلِياسِ، آيُمِ ڏَنؤن ڏُهاڳَ جو!
بيت - 8
وَڏيري هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾،
دُهلِين، دَمامين، نَقرين، ٿي پَلپَلِ پُڇِياسِ،
ڍولي ڍيلياسِ، ٿِيَسِ ڏُهاڳِڻِ ڏيههَ ۾.
بيت - 9
هُيَسِ هِندورَنِ ۾، پييَمِ ڪانَه پَروُڙَ،
مَڻِيي سنَدي مامِري، ڪوجهي وِڌِيَسِ ڪُوڙَ،
سامُهان ٿِيم سُورَ، ويو وِلُٽي وَلَهو.
بيت - 10
ڏُهاڳان سُهاڳِڻِيون، ڪِهَڙي ڏوهِ ڪَنبَن،
وَرُ وِڏوُڻون اِينهَئِين، جِئن جِئن پاڻُ پَسَن.
بيت - 11
گهورِيو سو سُهاڳُ، جِنهن ۾ پَسين پاڻَ کي،
ڏوري لَههُ ڏُهاڳُ، جِنهن ڪَرلاهُو داسَڙو.
بيت - 12
سارِجِ سَڀِيئي، لِيلا، لَکَڻَ پانهِنجا،
وَرُ سين وِڙهيو اُٿِيين، ڏوراپا ڏِيئي،
نَه ڄاڻان ڪيهِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾.
بيت - 13
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا، لَکايوءِ،
تو جو ڀانيو پانهنجو، تنهنجو پَرو ڪونَه پِيوءِ،
ڪَؤنَروءَ ڪانڌ سَندوءِ، دَستِ ڪيو داسَڙو.
بيت - 14
لِيلا، جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرُ ساڻُ،
وَرَ سين وِڙِهيو اُٿِيين، مُوڙهِي! مُٺِيءَ پاڻُ،
ڀوري، ڪَيئي ڀاڻُ، آيُئِي ڏَنئُون ڏُهاڳَ جو.
بيت - 15
لِيلا، جِمَ لَکائيين، سوڀِي، ساڻُ سُڄاڻَ،
آهِيين گهڻُون اَڄاڻَ، مَڇُڻِ پُوري نَه پُئين.
بيت - 16
لِيلا، پُوري نَه پُئين، چَئي چَنيسَرَ ساڻُ،
تو جو ڀانيو پانهِنجو، سو رِيساڻو راڄاڻُ،
پاڻان ڌار پِرِياڻُ، ڪانڌَ ڪِنهنجو نَه وَڻي.
بيت - 17
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا، تُون مَ لَکاءِ،
دوسُ تُنهِنجو داسَڙو، کاندِ وَڏِيائِي کاءِ،
تَه ڍولو ڍَڪَ سَندِياءِ، عَيبَنِ کي آڏو پَئي.
بيت - 18
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلا! لَکاءِ مَ تُون،
اِيُ ڪانڌُ ڪنهنجو نَه ٿِئي، نَه ڪا مُون نَه تُون،
رؤنِديُون ڏِٺِيُون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادُلِيُون.
بيت - 19
لِيلا حِيلا ڇَڏِ، جي تُون سوڀِي سِکيين،
پائي پاندُ ڳِچِيءَ ۾، پاڻو غَرِيبيءَ گَڏِ،
هَڏِ نَه چُوندءِ لَڏي، جي ڪاروُن آڻيين ڪانڌُ کي.
بيت - 20
جي ڪارُون آڻِيين ڪانڌُ کي، تَه روئِي رِيجهائيجِ،
لِيلا، لِيلائيج، اَٿئِي ماڳُ مِنَٿَ جو.
بيت - 21
جي لِيلائي نَه لَهين، تَه پُڻِ لِيلائيجِ،
آسَرَ مُ لاهيجِ، سَڄَڻُ سٻاجها گهَڻُون.
وائي - 1
مُون تي وَهَرَ وَري، وارو ڏِيندُمِ وَلَهو،
توکي ساري، سُپِرِين، آئُون پُوندِيَسِ ماڳِ مَري،
وارو ڏِيندُمِ وَلَهو.
توکي سَري سُپِرِين، آسان تان نَه سَري،
وارو ڏِيندُمِ وَلَهو.
اَسان توري ناهي ڪا، ڳُجهاندَرَ ڳَري،
وارو ڏِيندُمِ وَلَهو.
داستان ٽيون
بيت - 1
چَنيسَرَ سين چاڳَ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،
جان مُون پوءِ پَروڙِيو، ته هي نَه ماڻي ماڳ،
ڏَمَرِيو ڏُهاڳ، سِگهو ڏئي سُهاڳِڻِين.
بيت - 2
چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،
ڪانڌَ ڪنهين جو نَه وَڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ،
جي ٿِڙي ٿورَڙِياءَ، ته دوسَ دَسائي داسَڙو.
بيت - 3
سَڀِيئِي سُهاڳِڻيُون، سَڀِني ڳِچيءَ هارَ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، سَهَسين ڪَنِ سِينگارَ،
ڍولُ تَنِين جي ڍارَ، هيٺاهِيُون هَلَن جي.
بيت - 4
سَڀِيئي سُهاڳِڻِيُون، سَڀنِي ڳِچِيءَ هَس،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، وَڏا ڪِيائُون وَس،
ڍولَ تَنِين جي گَس، هيٺاهِيُون هَلَنِ جي.
بيت - 5
سَڀِيئِي سُهاڳِڻِيُون، سَڀَنِي مُنهَن جَڙاءُ،
سَڀَڪِنهن ڀانيو پاڻَ کي، ايندو مُون ڳَرِ راءُ،
پيٺو تَنِ دراءُ، جي پَسِي پاڻُ لَڄائِيُون.
بيت - 6
اَوَڳُڻِ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيُسِ، داسَڙا!
جِئن تو رُسَڻَ سَندِيُون رُوحَ ۾، تِئن مُون ڀيڻِي ناهِ، ڀَتار!
سائِينءَ لَڳِ سَتارَ، ميٽِ مَدايُون مُنهِنجيُون.
بيت - 7
جي مُون موُڙهِي مَتِ، ته پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين!
اَصلِ اَوايِنِ جا، عَيبَ ڍَڪِيين تُون اَتِ،
اِيَ، پِرَا تُنهِنجِي پَتِ، جِئن وِلِهيُون ڍَڪِيين، وَلَها!
بيت - 8
لَکڻَ ڪِيمَ لَکيجِ، جي مُوراهِين ناهِ مُون،
مُون کي مَلهائِيج، وارو ڏيئِي، وَلَها!
بيت - 9
تان ڪا وائِي وارِ، دِلاسي جي داسَڙا،
تُون مُنهِنجو وَلهو، آئُون تو ۾ طَمعدارِ،
ڍَڪي، ڍول! گُذارِ، لڄَ مُنهِنجي لوڪَ ۾.
بيت - 10
ڍولا! ڍيلِ مَ مُون، ڪانڌَ! ڪَمِيڻي آهِيان،
سِڪَ تُنهِنجِيءَ سُپِرين! ڀيري وِڌِيُسِ ڀُون،
مُون وَرُ تونهِين تُون، تو وَرَ وَهُون ڪيتَرِيُون.
بيت - 11
تو، وَرُ! وَهُون ڪيتَريُون، مُون وَرُ تُون وَريجِ،
سو ڀِي اِنَ سُهاڳَ کي، ڀوري ڀَرُ مَ ڏيجِ،
پِرِتان پيرَ ڀَريجِ، مَلهائِجِ مِسِڪين کي.
بيت - 12
ڪوڙئين تُنهِنجيُون ڪامَڻِيُون، تُون ڪوڙِيَنِ سَندو ڪانڌ،
مُون کي ڇَڏِ مَ داسَڙا، تَه وَڃان نَه وِڻِواند،
مُون ڳِچِيءَ ۾ پاند، تو چَنيسَر! هَٿَ ۾.
بيت - 13
ڍولا! اولا تَه سَهان، آڏا اَڏيَئي جي،
تو، وَرَ! وَهُون ڪيتَرِيُون، مُون وَرُ تُون وَري،
پِرِتان پيرَ ڀَري، مَلهَائِجِ مِسڪِين کي.
بيت - 14
ناتو نماڻيءَ سين، مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو،
ڪونهي ڪَمِيڻيءَ جو، بِگر تو بِلو،
تُنهنجو نامِ نِلو وٺيو ويٺِي آهيان.
بيت - 15
لِيلا، لَڇُ مَ ايتَرو، اُٿِي آڱَڻُ سورِ،
اَبو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِين تان.
بيت - 16
لِيلا، لُڇُ مَ ايتَرو، اُٿِي، سورِ ٻُهارِ،
ڍوليو اَڱَڻِ پارِ، ڪانڌَ ڪَميڻيءَ آئِيو.
وائي - 1
جِيَري زِيارَتَ، جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!
سَڌَرَ مُنهنجا سُپِرِين! مُون تان لاهِ مَ هَٿَ،
جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!
مَؤلا! مُون کي ميڙيِين، سُپِيريان جي سَٿَ!
جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!
ڇَنڊيان کِہَ اَکِينِ سين، پيرين وِجهان هَٿَ،
جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!
ڏوران ڏِٺَمِ سُپِرِين، سَچِي جَنِ صِفَتَ،
جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!
مِلَڻَ ۾ مُشتاقِ سين، ڪانَه ڪِيائُون ڪَٿَ،
جي مان هوءِ پِرِيَنِ سين!
مومل راڻو
داستان پھريون
بيت - 1
ڪالَھہ گَڏِيوسون، ڪاپَڙي، بابُو بيکارِي،
ساميءَ سٖيلو سِرَ تٖي، مالَھا موچارِي،
ڏٖيئِي ڏيکارِي، ڦَٽٖي دِل فَقير ويو.
بيت - 2
ڪالَھہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جِھَڙو ماھُ مُنير،
فَيضۡ، فِراق فَقِير، جوڳِي جاڳائٖي ويو.
بيت - 3
ڪالَھہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ کان پوءِ،
پَسِيو سُونھن سامِيءَ جِي، رَتَ وَرَنو روءِ،
جو مُنھن مومل جٖي پوءِ، موٽَڻَ تنھن مَسَ ٿِئٖي.
بيت - 4
ڪالھہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بانَ بَرِي،
سائِي سالَ ڪُلھَنِ ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي،
خَبَرَ ڏٖي کَرِي، ڪا مُومَلَ جٖي مَجازَ جِي.
بيت - 5
ڪالھَہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو رَنگ ڀَڀُوتَ،
سَريو سون سَڪُوتَ، جوڳِيءَ سَندِيءَ ذات کان.
بيت - 6
بٖيکارِيءَ کي بَرَ ۾، وِيو ڪَيفُ چَڙھي،
ڳالھِيُون ڪَندٖي ڪاڪِ جِيُون، ڳوڙھا پِيَس ڳَڙِي،
ڪا جا اَنگُ اَڙِي، جِئن ڇُنا ڦَٽَ ڇُڙِي پِيا.
بيت - 7
سِڄُ اُڀرندٖي جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ،
اَچٖي ٿِي عَطُرَ جِي، مَنجهان مُگَٽَ بُوءِ،
سا ڏٖيکارِيھُون جُوءِ، جِئان لاھوتِي لالُ ٿِيو.
بيت - 8
سِڄُ اُڀرَندٖي جا ڪَري، ساميءَ سائِي وَنڪ،
سَھِي نَہ سَگهان سات سِئن، تِنھن جٖي راسِنِ جِي رَونَقَ،
ڪِ رَتائِين لاکَ ۾، ڪِ ڏِٺائِين پانَنِ پِڪَ،
سَندِيءَ سوڍَلِ سِڪَ، ڪَپَرَ ڪورُون جَهلِيُون.
بيت - 9
جوڳِيءَ تٖي جَڙاءُ، نِسوروئِي نِينھن جو،
پَتنگَ جِئن پَيدا ٿِيو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ،
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪَنئارِينِ ڪَڪورِيو.
بيت - 10
آءُ، لانگوٽِيا لالَ! ڪِنھن پَرِ ڏٺَئِي گُجَرِيُون،
آبُ اَرَتو اَکِيٖين، لُڙڪَ وَھائِيٖين لالَ،
ڏِٺَئي جٖي جَمالَ، سامِي، ڪُھُہ نَہ سَلائِيٖين.
بيت - 11
آئُون اُتاھِين آئِيو، جِتِ ٻٖي جِي ناہِ مَجالَ،
مُومَلَ جِيءَ ماڙِيءَ کي، طَرَحَ طَرَحَ جا تالَ،
لَکَ مارايو لال، موٽِيو اَچان مينڌَرا.
بيت - 12
”گُجَرِ کي گَجميلَ جِيُون، تارَنِ ۾ تَبَرُون،
ھَڻٖي حاڪِمَن کي، زورَ ڀَرِيُون زَبَرُون،
ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پَسو پَرَڏٖيھِيَنِ جِيُون!“
بيت - 13
”گُجَرِ گاروڙِيَنِ، اَچو آڏِي اُڀِيٖي،
مَٿان پٖيئِي تَنِ، ٻَڌا ٻاڻَ ھَڻَنِ جٖي.“
بيت - 14
”مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيَنِ ۾ اَلماسَ،
نہ ڪا عامَ نَہ خاصَ، جٖي وِيا سيي وَڍِيا.“
بيت - 15
”مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيَنِ ۾ اَنبُورَ،
ھَڻٖي حاڪِمَن کي، پَٽِ نِھارٖي پُورَ،
گهوٽَ پِھرِينءَ گهُورَ، جٖي وِيا سٖي وَڍِيا.“
بيت - 16
”مُومَلَ مارٖي مِيرَ، آھٖيڙِيَنِ کي آڪِرِي،
سوڍِيءَ گهڻا سڪائِيا پَڙِھيا، پَڻِتَ، پِيرَ،
ھَڻٖي تَنِ کي تَيرَ، مَڻِيُون جَنِ مَٿَنِ ۾.“
بيت - 17
سَڀَنِي سَمُنَ ڪاڪِ تٖي، راڻَنِ حَمِيرَنِ،
ھُتان آيو ڪو نَہ ڪو، ھِتان لَکَ وَڃَنِ،
وِيندٖي ويچارَنِ، اوڏانھن عُذُرَ نَہ ڪِيو.
وائي - 1
تان تُون وِہُ سَنبَھِي، ساٿِي مِيان! پانڌي مِيان!
ڪاڪِ ھَلِبو ڪَڏِھِين؟
لَکٖين لَڊاڻِيان مَڻِي، مَٿٖي وِيا ٿِي، مِيان!
ڪاڪِ ھَلِبو ڪَڏِھِين؟
جِنھن کي پُڇان، سو چَوي: ” آئِيو ڪو نَہ اُتان ٿِي، مِيان!“
ڪاڪِ ھَلِبو ڪَڏِھِين؟
ڪوٺائو ڪَرِيمَ جو، آئِيو پَھِي پَريان ٿِي، مِيان!
ڪاڪِ ھَلِبو ڪَڏِھِين؟
حُڪمَ ڏِيندءِ ھَٿ ۾: ھاڻٖي ھَلُ ھِتان ٿِي، مِيان!“
ڪاڪِ ھلَِبو ڪَڏھِين؟
داستان ٻيون
بيت - 1
جوڳِيءَ جاڳائٖي، مارٖي، وِڌو مامِرٖي،
لَنۡؤُن لُڊاڻٖي ڪَنڌِيٖين اَمَيو آھٖي،
وَڃو جٖي ڪاھٖي تَہ نوڪُون پَسو نِنھَن جِيُون.
بيت - 2
ھَلو، ھَلو ڪاڪِ تَڙٖين، جِتٖي نِنھُن اُڇَلَّ،
نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلّ، سَڀُڪو پَسٖي پِرِينءَ کي.
بيت - 3
ھَلو، ھَلو ڪاڪِ تَڙٖين، جِتٖي نِينھَن پَچارَ،
ڪانهٖي ٻِي تَنوارُ، سَڀڪا پَسٖي پِرِينءَ کي.
بيت - 4
ھَلو، ھَلو ڪاڪِ تَڙٖين، جِتٖي گَهڙِجي نِينھُن،
نَہ ڪا راتِ نَہ ڏِينھُن، سڀڪو پَسٖي پِرِينءَ کي.
بيت - 5
ھَلو، ھَلو ڪاڪِ تَڙٖين چَرُو جِتِ چَڙَھنِ،
ڪوڙٖين رَنگِ رَچَنِ، پانوڙِيءَ پِڪَ سٖين.
بيت - 6
ڪَرَھا! ڪارَڻِ ڪاہَ، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِيو،
سارٖي ڏٖيج، سَيّدُ چٖي، لُڊاڻٖي تان لاہَ،
مُقابِلو مُومَلَ سٖين، ٿِيندو سَنجِهہ صُباحَ،
سوڍي جِيءَ صَلاحَ، ڪَؤنۡرَ چَرَندٖين ڪاڪِ جا.
بيت - 7
آکُون ڊاکُون، سِر کَنڊَ شاخُون، جِتِ چوکا چَندَنَ ڪُؤنۡرَ،
مَيٖي سٖيئِي ماڻِيا، جِتِ نَہ ڀِرَنِ ڀَؤنۡرَ،
ڪُنۡئارِيُون ۽ ڪَؤنۡرَ، ڪاہِ تَہ پَسُون ڪاڪِ جا.
بيت - 8
نَنڊو، تان ڪوہُ، پَرَ وِکٖين آھٖي وِتَرو،
وَڃِيو ڪاڪِ ڪَنڌِينِ ۾، پَھَسَ پَکِيءَ جِئن پوءِ،
اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نَہ ٿِئٖي.
بيت - 9
ڪَرَھا! ڪاڪِ چَڙھِي، وَنۡءُ وَڻائُون نِڪَري،
لُڊاڻِئان لَطِيفُ چَئٖي، آيو ڪونَہ وَرِي،
گَهڻا ات گِهڙِي، وَڳَ وِسارٖي ھَلِيا
بيت - 10
چَڙھيا چارَئِي يارَ، سُوڌا شِڪارِي،
فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍٖي سوپارِي،
وِيا ڪاھِيندا ڪاڪِ ڏٖي، جِتِ مومَلَ موچارِي،
موٽِيا نَہ ماري، ڪَؤنۡرَ لَتاڙٖي ڪاڪِ جا.
بيت - 11
ڪاھٖي آئِيا ڪاڪِ تٖي، ڏِٺائُون ناتَرَ،
گهوٽَنِ وِسَرِيا گَهرَ، گُهورَ پَھِرئٖين گهائيا.
وائي - 1
راڻا جٖي رَجِپُوتَ، مُومَلَ سَھِي پَسَندا،
پَڙِھيا، پَڻَتِ، پِيرَ، توڻٖي مِيرَ، ھَمِيرَ، مَرَندا،
مُومَلَ سَھِي پَسَندا.
مَڃِي رَضا رَبّ جِي، ھِئان سَڀِ ھَلندا،
مُومَلَ سَھِي پَسَندا.
ڪَلِمٖي ساڻُ لَڏائِيٖين، ھادِي! ھِنَ ھَنڌا،
مُومَلَ سَھِي پَسَندا.
سَھُکِي سَڪراتِ ڪَرين، والِي! وٖيرِ وِداعَ،
مُومَلَ سَھِي پَسَندا.
اَھُکِيءَ وٖير اَچٖيجِ تُون، اُتٖي، اَحمَدَا!
مُومَلَ سَھِي پَسَندا.
مَتان ڇَڏِيٖين مَڱَڻو، مَھَندان، مُرِشدا!
مُومَلَ سَھِي پَسَندا.
”ڪُلُّ نَفۡسٍ ذَائِقَةٌ الۡمَوۡتِ،“ سَچِي اِيءَ صَدا،
مُومَلَ سَھِي پَسَندا.
اَصلِ لِکِيو اَنگَ ۾، ٿِيندو تان پِ اَدا،
مُومَلَ سَھِي پَسَندا.
داستان ٽيون
بيت - 1
جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا مَٿِنِ وِيسَ،
چوٽا تٖيل چَنۡبٖيلِيا، ھا ھا! ھو، ھَمٖيش،
پَسِيو سُونھن سَيِدُ چَئٖي، نِينھَن اَچَنِ نٖيشَ،
لالَن جٖي لِبٖيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نَہ اُڄَھٖي.
بيت - 2
جِھَڙا پانَنِ ٻَنُ، تِھڙِيُون سالُون مَٿِنِ سائِيون،
عَطُرَ ۽ عَبِيرَ سٖين، تازا ڪِيائُون تَنَ،
مَڙِھيا گَهڻُون مُشڪَ سٖين، چوٽا ساڻَ چَندنَ،
سُونھَنِ رُپٖي سونَ سٖين، سَندا ڪامَڻِ ڪَنَ،
ڪيائين، لالُ لَطِيفُ چَئٖي، وَڏا وٖيسَ وَرَنَ،
سَنجِهہ مَرَڪِيَس مَنَ: ”سوڍٖي سٖين سَڱُ ٿِيو.“
بيت - 3
سونَ وَرَتِيُون سوڍِيُون، رُپٖي راندِيُون ڪَنَ،
اَگَرَ اوطاقُنِ ۾، کٿُورِيُون کَٽُنِ،
اوتِيائُون عَبِيرَ جا، مَٿٖي طاقَ تَڙَنِ،
ٿِيا لاھُوتِي، لَطيفُ چَئٖي، پَسَڻَ لَيء پِرِيَنِّ،
اِجهٖي ٿا اَچَنِّ، ڪاڪِ ڪَڪورِيا ڪاپَڙي.
بيت - 4
جٖي ڪاڪِ ڪَڪورِيا ڪاپَڙِي، تَنِ لھٖي نَہ لالِي،
ڪَڙٖي ڪَيۡفَ خُمارِيا، مَئي پِي موالِي،
ڪَرٖي حاصُلُ ھَلِيا، ڪَيفِيَت ڪَمالِي،
وَتَنِ وِصالي، لُڊاڻِيا لوڌِي ٿِيا.
بيت - 5
لُڊاڻِيان لوڌِي ٿِيا، وَتَنِ مَنجِهہ وِصالَ،
اَڄُ اَرَتو اَکِيٖين، ڪاڪِ پِيتائُون ڪالَھہ،
وٖيئِي ويچارَنِ، وِسَرِي، سُڀان جِي سَنڀالَ،
پَرِيَ کان پاسٖي ٿِيا، مامويَنِ مِثالَ،
جانِبَ جٖي جَمالَ، رَڱٖي پَسُ، رٖيٽو ڪِيا.
بيت - 6
رَچِي جٖي رٖيٽو ٿِيا، ڪِينَ، اُٻاٽِجَنِ اوءِ،
کُنڀُ نَہ کارٖي تِينھن کي، جو ھالارِي ھوءِ،
توڻٖي ڌوٻِي ڌوءِ، تہ لالِي تَھِين نَہ لَھٖي.
بيت - 7
جنھِين تَڙِ ڌوڙُونِ ڌُون، چوٽا چَندَنَ چِڪَ ڪِيو،
اَچَنِ ڀَؤنۡرَ ڀَنڀولِيا. پاڻِيءَ تھينِ پُونِ،
راوَلَ رَتو رُونِ، ڪو وَہُ لڳو واسَئٖين.
بيت - 8
جِتِ رايائِين راڻَنِ کي، چَندَنُ، چِڪَ ڪَري،
ھاڻٖي اُنھِين ڀٖيڻِيٖين، وِرِہُ وَراڪا ڏٖي،
سوڍو سَڃَ ڪَري، مُومَلَ مارٖي ھَلِيو!
بيت - 9
گُجَرِ گَهڻا، گهائِيا، پاڻا لَڳُسِ گهاءُ،
مَينڌَرٖي مُلاءُ، لَڳَسِ ڪانُ ڪَپارَ ۾.
بيت - 10
رُوءِ راڻٖي جٖي ناہِ ڪو، سوڍو سَوائِي،
لُڊاڻيان، لَطِيفُ چَئٖيم لالِي تنھن لائِي،
ڪانھٖي ٻِي وائِي، ٿِيو مِڙوئي مَينڌَرو.
بيت - 11
روءِ راڻٖي جٖي ناہِ ڪو، سوڍو سَڀَنِ سُونھنَ،
لاٿائِين، لَطِيفُ چَئٖي، مَٿان دِلِينِ دُونھنَ،
ڪانھٖي ٻِي وِرُونھَن، ٿِيو مِڙوئي مَينڌَرو.
بيت - 12
روءِ راڻٖي جٖي ناہِ ڪو، سوڍا ٻِيا پِ سُڄاڻَ،
نِسورِيائِي تِنھَن جِي؛ ڪَسِيائِين ڪَمانَ،
ڇَڏٖي وِيا ڇوہَ ۾، دَعوائُون دِيوانَ،
ٻِي رَھِيائِي ڪانَ، ٿِيو مِڙوئي مَينڌَرو.
بيت - 13
ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ تٖي، پاڻان وِيا پَئِي،
لوڍيَڙَنِ، لَطِيفُ چَئٖي، سوڍو ڪِيو سَھِي،
مُومَلَ ماڳ رَھِي، ٿِيو مِڙوئِي مَينڌَرو.
بيت - 14
ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ تٖي، پاڻان وِيا پَرٖي،
تَنِ کي ناتَرِ ڪوہُ ڪَري، جٖي لُڊاڻِيان لَنگهٖي وِيا.
بيت - 15
ڪاڪِ نَہ جَهلِيا ڪاپَڙِي، موھِيا نَہ مَحۡلَنِّ،
ٻائِينِ ۽ ٻانھِينِ جٖي، ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻُجَهنِّ،
لَکٖين لاھوتِيَنِ، اِھَڙِيُون اورِيان ڇَڏِيُون.
بيت - 16
ويرو تارَ وِصالَ ۾، گُهورَنِ گهايا جٖي،
تَنِ ڪاڪِ اورِيائِين ڇَڏِي، وَڃِي پِيا پَرٖي،
تَنِ ناتَرِ ڪِينَ ڪَري، مُومَلَ سِڪٖي جَنِ کي.
بيت - 17
اِھَڙِيُون اورِيان ڇَڏٖي، وِيا لاھوتِي لَکَ،
پايو پِٽِينِ وٖيٺِيُون، ڪاڪِ ڌَڃاڻِيُون ڪَکَ،
پٖيئِي اِيءَ پَرَکَ: تَہ سوڍِيُون سِجهائٖي ويا.
بيت - 18
ڪاڪِ نَہ جَهلِيا ڪاپَڙِي، موھِيا ڪنھن نہ مالَ،
سوڍِيُون سِجهائٖي وِيا، ھِھَڙا جَنِھين حالَ،
جٖي ڇورِين ڏِنا ڇالَ، تَپِ لاھُوتِي لَنگهٖي وِيا.
بيت - 19
توڻٖي ناہِ نَصِيبَ ۾، مُومَلَ مينڌرو،
پوَندَءِ، جِمَ پاھِين وَرٖين، منجهان پِرِتِ پَرو،
راڻٖي لَيء مَ رو، وِہُ طَعنٖي سٖين واڳِجِي.
بيت - 20
مُومَلَ ناھٖي مينڌَرو، توڻٖي مَنجهِہ نَصِيبَ،
مُون کي، مُون حَبِيبَ، طَعنو ئِي تُنھِنجو.
بيت - 21
آئُون طَعنٖي سُوڌِي تُنھِنجِي، تُون طَعنو ئِي مُون،
سو ڪي سَرِيوسُون، جو سَرَتِيُون ڪِنھن نَہ سَريو.
بيت - 22
سُڻِي طَعنو تُنھِنجو، حالُ وِڃايُمِ حَقَ،
لَکٖين لوڌِي آئِيا، سوڍٖي لاٿَمِ شَڪَ،
ڏِنَمِ ڪاڪِ ڪَھَڪَ؛ سِگهو موٽِجِ، سُپِرِين!
بيت - 23
ڪَڪورِي ڪاڪِ وَھٖي، راڻا! ڀانءِ مَ رَتُ،
سوڍا! اِيُ شَربَتَ، نِسوروئِي نِينھَن جو.
وائي - 1
مَينۡڌَرا! مُون کي، راڻا! جِمَ وِسارٖي ڇَڏِيٖين!
مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھہ مِڙوئي ڏٖي،
جِمَ وِسارٖي ڇَڏِيٖين!
راڻٖي تٖي رِيسَ ڪئِي، کَرَ سٖين کِلِيُمِ جٖي،
جِمَ وِسارٖي ڇَڏِيٖين!
داستان چوٿون
بيت - 1
ڍَٽِ مَ وَڃِج ڍولَ، ڪاڻِيارِي ڪاڪِ ڪَري!
آئُون اَڳَھِين آھِيان، ٻَڌِي تُنھِنجٖي ٻولَ،
توکٖي سارٖي سُپِرِين، رُنَم مَنجِهہ رَتولَ،
ٽِڪاڻا ۽ ٽولُ، وِسَهُ، مُون وِہُ ٿِيا.
بيت - 2
جٖي ھُئا ڪوڏِيا ڪاڪِ جا، سُتا سٖي سُونھَنِ،
لُڊاڻِئان، لَطِيفُ چَئٖي، لَڏيو لوڌِيَڙَنِ،
سي موٽِي مَسَ اَچَنِ، جٖي آتَڻِ آرامِي ٿِيا.
بيت - 3
لُڊاڻِئان، لَطِيفُ چَئٖي، کَٽُون کَنۡنائُون،
ڇَڏٖي حِيلا ھَلِيا، مُومَلَ ماڙيائُون،
ڀٖيرو ڀَڳائُون، آسَڻِ آرمِي ٿِيا.
بيت - 4
ڀٖيرو ڀَڃَ مَ ڪاپَڙِي، لاھِي وِہُ مَ لاڳَ،
تان مُون ھِينئَڙو ماڳَ، جان تُون جوڳِي جُوءِ ۾.
بيت - 5
سوڍي سِرُ نِيو، ھِتِ ڪَرنگَهرُ سَکِڻو،
راڻٖي جِيءَ رِھاڻِ کي، سِڪٖي ساہُ پِيو،
پَسان ڪِينَ ٻِيو، تو رٖي اَکڙِين سٖين.
بيت - 6
سوڍي مُنھنجٖي ساہ سٖين، جٖيڏِيُون جِئن ڪِيو!
ڪَڙِي مُون ڪاڪِ ٿِي آتَڻُ وِسَرِيو،
پَسان ڪِينَ ٻِيو، تو رٖي اَکَڙِين سٖين.
بيت - 7
جٖيڏِيُون مُنھِنجٖي جِيءَ سٖين، راڻٖي رِڻَ ڪِيو،
قَلبُ ڪاڪِ ڪَنڌِيَنِ ۾، پُرزا ٿِي پِيو،
ٻُجهان، ٻَھَرِ وِيو؛ ھِينۡئُون ھَنڌِ اَڳِيٖين.
بيت - 8
راڻٖي رِڻَ ڪيو، جٖيڏِيُون مُنھِنجٖي جِيءَ سٖين،
مَنُ مَينڌَرٖي وَڍِيو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِيو،
ٻُجهان، ٻَھَرِ وِيو؛ ھِينۡئُون ھَنڌِ نَہ ھٖيڪَڙٖي.
بيت - 9
راڻا! نَہ ڄاڻان، ڪِئن وِڏوڻين وَلَھا،
اَچِي ڪاڪِ ڪَنڌِينِ ۾، پَرَچِي ڏٖي پاڻان،
مَينڌرا! ماڻان، تو رٖي ڪَندِيَسِ ڪَنِ سٖين.
بيت - 10
رُئان ٿِي راڻا، ھَنڌَ نِھارِيو حُجِرا،
پٖيئِي کِهَ کَٽُنِ تٖي، ٿِيا پَلَنگَ پُراڻا،
ڌُرِيائِي ڌُوڙا ٿِيا، وَرَ ريِءَ وِھاڻا،
جايُون، گُلَ، جَباتَ، وَڻَ، تو رِيءَ ڪُوماڻا،
مَينڌرا! ماڻا، تو رِيءَ ڪَندِيَسِ ڪَنِ سٖين.
بيت - 11
مِيان مَينڌرا موٽُ، بَخشُ ڪَرِ بُڇائِيُون،
تُون گَهڻِنِ جو گهوٽَ، مُون وَرُ تُونھِين ھٖيڪَڙو.
بيت - 12
جِئن اِيندٖي موٽِئٖين، مَينڌرا، وَڏي جاڙُ ڪِئاءِ،
وَرڻُون نَہ ھوءِ، وَلَھا! ھُوندَ جَٽٖي، مُون جاڳاءِ؛
تَہ سُتٖي جِي ساڃاءِ، سوڍا! سِگهِيائِي ٿِيَئي.
بيت - 13
جَڳُ جِيھٖين چوءِ، سوڍو تِئن نَہ سِکِيو،
راڻو تِئن نہ روءِ، ڳوڙھو جِئن ڳَلِ ڳَڙٖي.
بيت - 14
سَھَسٖين جِئان سِڪَنِ، تِئان مُومَلَ موٽَڻُ لِکِيو،
سٖي ھُنۡھين جاڙ جِيُن، جٖي ڪُوڙٖي ڪاغَذِ آئِيُون.
بيت - 15
وٖيٺِي نتُ نِھارِيانِ، راڻا تنھنجي راہ،
موٽائٖي ماڳَنِ ۾، آڻِيندُءِ اَللھ،
سوڍا! توڳَرِ ساہ، تاتَ راڻا گَهڻا راڄَ ۾.
بيت - 16
راڻٖي سَندو رُوحَ ۾، پَسو پَڳَھُہ پِيومِ،
ٻِيڙِيءَ جِئن ٻَڌي وِيو، سوڍو ساہُ سَندومِ،
وِھَڻُ وِہُ ٿِيومِ، جاڳِيو ٿِي، جَرُ ھارِيان.
بيت - 17
تَنِ باغنِئُون بَسِ، جٖي ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا،
سوڍٖي رٖي سَرِتِيُون، ڪاڪِ نَہ اڃٖي ڪَسِ،
راڻٖي پائٖي رَسِ، تَنِّ ٻٖيڙيءَ جِئن تاڻِيو.
بيت - 18
لُوٺِيَسِ لُڊاڻٖي، پَسو، جو پِرِيَنِ رٖي،
جيڏِيُون جٖيھائِي ڪَئِي، راتِ رُسِي راڻٖي،
ھِلبو ھاڻٖي، ويرا؛ ڪاڪِ وِہَ ٿِيِي.
وائي - 1
ڪِئن ڪَرِيان، ڪاڏٖي وَڃان؟ مُون کٖي سوڍو سَجُهہ نَہ ڏٖي.
راڻو راتِ رُسي وِيو، ڪَرَ ٿِي ڪَلَ مَٿٖي،
ڪِئن ڪَرِيان، ڪاڏٖي وَڃان.
پَٿَرِ وَارِ وِڇائِيان، رِيجهِي راڻٖي کي،
ڪِئن ڪَرِيان، ڪاڏٖي وَڃان.
کاريان کِير وِليُون، چارِيان چانکٖي کي،
ڪِئن ڪَرِيان، ڪاڏٖي وَڃان.
داستان پنجون
بيت - 1
شَمَعَ ٻارِيندٖي شَب، پِرِھَ باکُون ڪَڍِيُون،
موٽُ مَران ٿِي مَينڌَرا، راڻا ڪارَڻِ رَبَ،
تُنھنجِي تاتِ طَلَب، ڪانگَ اُڏايَم ڪاڪ جا.
بيت - 2
اُڀِي اُڀارِيام، نَکَٽَ سَڀ نَئِي وِيا،
ھِڪَ مَيو، ٻِيو مَينڌَرو، راتِ سَڄِي سارِيام،
ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙِيام، سُورِجَ شاخُون ڪَڍِيُون.
بيت - 3
ڏِيا تٖيل ڦُلٖيلَ جا، ٻارِيَم تائِين ٻانگَ،
ڍولو ڍَٽِ رَھائِيو، ڪِنھن سَٽاڻٖي سانگَ،
چانگٖي چَڙھِي آءُ تُون، لالَ وَرائٖي لانگَ،
ڪوڙٖين ڀَتٖين ڪانگَ، اُڏايامِ، اَچٖيج تُون.
بيت - 4
موٽُ مُيءَ جا وَلَھا، لالَ ورائٖي لانگَ،
ڏِيا تٖيلَ ڦُليل جا، ٻارِيَمِ تائِين ٻانگَ،
سَھَسٖين پُڇِيَمِ سانگَ جٖي سوڍو اَچٖي مان ڳرٖي.
بيت - 5
وَٽِ سورِيندٖي، وَلَھا، وِيَم تٖيلُ ٻَرِي،
موٽُ مُسافِرَ سُپِرِين، چانگٖي تٖي چَڙھٖي.
راڻٖي لاءِ رَڙِي، وٖيئِي وِھامِي راتَڙي.
بيت - 6
ڪَتيُن ڪَرَ موڙِيا، ٽٖيڙُو اُڀا ٽٖيئِي،
راڻو راتِ نَہ آئِيو، ويلَ ٽَرِي وٖيئي،
کوءِ سا کاڻِي راتَڙِي، جا پِريَن رٖي پٖيئِي،
مُون کي ڏَنۡؤُن ڏٖيئِي وَڃِي ڍولو ڍَٽِ قَرارِيو.
بيت - 7
سوڍٖي ڌاران سَرَتِيُون، پِيو ڀِتِينِ ۾ ڀَنگَ،
اَٻاٽِجِي اَڄُ وِيو، راڻا تو رٖي رَنگُ،
ھِينۡئٖين سان ھاڃو ٿِيو، پِيو اوسِيڙٖي اَنگُ،
مُون توھِي سٖين سَنگُ؛ پُڇايو پُڇان پَھِي.
بيت - 8
مُيٖي کي ۽ مَينڌَرٖي ، ڏٺٖي ٿِئڙَمِ ڏِينھَن،
ھاڻٖي ڪَرِيان ڪِئين، وٖيٺِي ڳوڙھا ڳاڙِيان.
بيت - 9
توکي مَعلُومُ مُنھِنجِيُون، سوڍا! سَڀٖيئِي،
آڳانڍو اَرِواحَ کي، آھِيٖين اُھوئي،
وِھَڪَ مُون وٖيئِي؛ پُڇايو پُڇان پَھِي.
بيت - 10
ڍاٽِي گهَڻا اَچَنِ، مَنُ سوڍٖي وِنگَِيو،
ڪا جا لائِي مَينڌرٖي، لالِي کي لِڱَنِ،
راڻو اَکَڙِيَنِ، وِسارِيان، نَہ وِسَرٖي.
بيت - 11
راڻو ڪا راتِ وِيو، ڳُجِهي ڳالھِہ ڪَري،
سوڍٖي ريءَ سَرَتِيُون، ھَڏِ نَہ ساءِ سَرٖي،
وَڃِي، مانُ وَرٖي، آسائِتِي آھِيان.
بيت - 12
سوڍٖي سُتٖي لوءِ، ڪا جا مُون سٖين ڳالِھہ ڪِي،
سا جٖي پَڌَرِ پوءِ، تَہ، سَرَتِيوُن ڪانَہ سُمَھٖي.
بيت - 13
راڻا! تُنھِنجٖي راہَ تٖي، ڏِيھاڻِي ڏٖيکان،
راڻٖي جِي رِھاڻ جِيُون رُوحَ اَندَرِ رٖيکان،
مُحَبَتَ جِيُون مٖيکان، تو سٖين لال لپٖيٽيُون.
بيت - 14
آءُ، راڻا راحَتَ، ڌاڄَ ڌَرَتِيءَ جا ڌَڻِي!
سِڪَنِ ٿِيُون سُھاڳڻيُون، سوڍا تُنھِنجِي سَٿَ،
مُون تان لاہِ مَ ھَٿُ، ڪامِلَ ڌَڻِي ڪاڪَ جا.
وائي - 1
مَيو تون موٽاءِ، مُون رُوندٖي راتِ وِھاءِ،
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.
گَهرَ مَھارا گهورِيان، سَرَھو مُون تہ سُھاءِ،
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.
ڪاڪِئان وَڃنَ ڪٖيڏَھِين، راڻا تو نَہ رِھاءِ،
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.
سَٺَمِ ساھٖيڙيَنِ جا، طَعنا توھِين لاءِ،
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.
سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان، پٖيرُ پَرَچِي پاءِ،
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين، لا! مَيو تُون موٽاءِ.
اَسائِتِيءَ کي، عَبدُالَلطِيفُ چَئٖي، مؤلا! مُحِب ملاءِ،
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين، لا! مَيو تون موٽاءِ.
داستان ڇھون
بيت - 1
راڻا! رُسَڻَ ڇَڏِ، وارِ ڪَرَھو ڪاڪِ تٖي،
حُبّ ھِينۡئٖين سٖين گَڏِ، تَہ وَڃَنِ سُورَ سَنڌِيُون ڪيو.
بيت - 2
راڻو راتِ رُسِي وِيو، مارِيَسِ تِنھِن مُذڪُورَ،
جانِبُ جُدائِيءَ جا، پَلپَل پَوَنِ پُورَ،
وِھَڻُ مُون وِہُ ٿِيو، وَڃان ٿِي وَھلُورَ،
اَندَرِ آڳِيُون لائِيُون، سوڍا تُنھنجٖي سُورَ،
طَعَنا ڏِينِم تُورَ، آءُ تَہ پَرَچُون پاڻَ ۾.
بيت - 3
نَہ وارِثُ نَہ وَلَھو؛ نَہ سَڱَ، نَہ سِياڪو؛
تو پُڄاڻان سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو،
پانڌِيا! پاراپو، ڏِجان ڍاٽِيءَ ڍولَ کي.
بيت - 4
ڏِجان ڍاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنيھو سارٖي،
مُون کي ڦَٽُ فَراقَ جو، مَينڌَرا مارٖي،
اَچٖين جٖي وارٖي، ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تٖي!
بيت - 5
ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تٖي، سوڍا وارِ، سُڄاڻَ!
ڪَھُہ ڪَرِيان ڪاڪِ کي، تَنَ تونھِين ڏٖي تاڻَ،
لاھٖي غَيرَ گُماڻَ، اَڱڻِ آءُ اَڪَنڍِيٖين.
بيت - 6
اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڍِيٖين، پَرَچِي، پِيارا!
پَلَڪَ پَراھُون تَہ سَھَڻِين؛ جِيءَ جا جِيارا!
نِيھان نٖيزارا، سُڃ، تَہ مان سُورَ لَھٖي.
بيت - 7
سَڃِ تَہ مان سُورَ لَھٖي، اَکِيُون ڀَرٖي ٻاجَهہ،
راڻٖي جِيءَ رِھاڻِ کي، ويٺِي وِجهان واجهَہ،
سوڍا! لَھِي ساجهَہ، پَسُ توشَڪُون، تَڪيا.
بيت - 8
پَسُ توشَڪوُن، تَڪِيا، سٖڻِي وھاڻا،
پَسِيو ھَنڌَ پُڇٖي ھِنئُون، جٖي حَبِيبَنِ ھاڻا،
ھڪُ ڏُنگا ڏاڏاڻا، ٻِيو موٽِيو تان نَہ مَينڌَرو.
بيت - 9
ڪَري موٽَ مَينڌَرو، جٖي لُڊاڻِيان لالُ،
گَهرُ مِڙوئِي گهورِيان، ھُندَ پَنھِنجو حالُ،
راڻٖي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجٖي مالُ،
سوڍٖي کي سُوالُ، ڪَرِيان ٿِي قَربَ جوءِ.
بيت - 10
سوڍا! سُورَ سُڪائِيُون، اَکِيون آبُ نَہ ڪَن،
راڻي جِيءَ رِھاڻِ کي، وِريونِيُون وَڃن،
سٖي ڪِئن، مَينڌَرا مَڇَڻ، جٖي تو سُورِيءَ چاڙِھيُون.
بيت - 11
لوڌِي لَکَ اَچَن، روءِ راڻٖي جٖي ناہِ ڪو،
ھِڪُ اَکِيوُن، ٻِيا اَڱَڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَن،
سٖي ڪِئن مَينڌَرا مَچَن، جٖي تو سُورِيءَ چاڙِھيُون.
بيت - 12
مُومَلَ وٖيٺِي مَينڌَرو، سَدائِين سارٖي،
وَليُون واسَ وَرَتِيُون، چانگٖي کي چارٖي،
جَڏھِن تَڏِھِن جٖيڏِيُون، ايندمِ اوتاري،
سوڍٖي سٖين ساريي، ڳالِھيُون ڪَندِيَسِ ڳُجَهہ جِيُون.
بيت - 13
سوڍا تُنھِنجٖي سُورَ، اَندَرِ اَڳِيُون لائِيُون،
راڻا رِھاڻِنِ جا، مارِينِمِ مَذڪُورَ،
طَعنا ڏِينِمِ تُورَ، آءٌ، تَہ پَرَچُون پاڻَ ۾.
بيت - 14
راڻا رِھاڻِيُون، سوڍا وٖيٺِي سارِيان،
سَھَسٖين سِچَ اُلَٿا، راتِيُون وِھاڻِيُون،
ڪوڙيٖين مُون ڪاڻِيُن، ڍولا ڍَڪي آءُ تُون.
بيت - 15
مُون گَهرِ اچِي جٖي ٿِئٖي، مَينڌَرو مِھماڻُ،
آڻٖي جهوڪيان آڳِ ۾، ڄٖيرٖي وِجهان ڄاڻُ،
تاڻٖي تَنُورَنِ ۾، ڀٖيرٖي ھَڻان ڀاڻَ،
پٖيڪَنِ سوڌو گَهرَ تَڙَ گهورِيان پِرَ تان.
بيت - 16
اَڃُ نَہ ڳالھائونِ، ھُونِ ڏِيھاڻِي نجُهرٖي،
پسو، پَهُ پِيون؛ آتَڻَ مُڇو اَنِ رٖي.
بيت - 17
اَڄُ نَہ پَسان سٖي، آتَڻِ ڪِتُوم جَنِ سٖين،
ھاڻٖي تَنِين کي، ڪَنڌيءَ ڪاڪ نِھارِيان.
بيت - 18
تُون ڍاٽِي، ڍَٽَ ڌَڻِي؛ ڍولا تُنھِنجو ڍَٽُ،
پائٖي تُراڙٖي تورِيان، تَہ مُلڪَ نَہ تُنھنجو مَٽُ،
لاھٖي ڪَسَرَ، ڪَٽُ، اچِي کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
بيت - 19
کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾، راڻا، وٖيھُُہ رَھِي،
ماڙھُو جٖي مَحلاتَ جا، سوڍا، ڪِج سَھِي،
وِيندِئي ڳالھِہ وَھِي، وِڪَرِ پوندٖين وَلَھا!
وائي - 1
نٖيئِي نٖيئِي ڏٖيج، اٖي اَدا، پانڌي،
ساٿِي، پِرِينءَ سَنِيھو.
پٖيرٖين وِجِهي ھَٿَڙا، زارِيُون زورِ ڪَرٖيجِ،
ساٿِي، پِرِينءَ سَنِيھو.
ڪالَھہ ڪُوماڻا گُلَڙا، سُڪا مَٿٖي سٖيجَ،
ساٿِي، پِرِينءَ سَنِيھو.
تولَيء ھَنۡجُون ھارِيان، ھي جٖي مَنۡجهان ھٖيجِ،
ساٿِي، پِرِينءَ سَنِيھو.
جي آن ڀٖيرو نَہ ڪيو، تان مون مُئِي سُڻٖيجِ،
ساٿِي، پِرِينءَ سَنِيھو.
نِماڻِيءَ جٖي نِجُهري، پٖيھِي تُون پُڇٖيجِ،
ساٿِي، پِرِينءَ سَنِيھو.
داستان ستون
بيت - 1
سَڱُ ڪَرٖي سٖين سِينھَن، ڪَنڌُ مَ ڦٖيرِجِ ڪٖيڏَھِين،
رَمِجِ راڻٖي پُٺِ ۾، نِرِتون مَنجهان نِينھَن،
اِئَن مَ وَسِجِ عامَ تٖي، جُن مُومَلَ وَسَن مِينھَن،
سَندٖي حَشَرَ ڏِينھَن، سوڍو سارِيندِئن گَهڻُون.
بيت - 2
وَٺِيو وَڃِجِ واٽِ، ڪَنڌُ مَ ڦٖيرِجِ ڪٖيڏَھِين،
لوڻٖي ڦٖيرَ لَپاٽَ، متان لڳئِي لَطِيفُ چَئٖي.
بيت - 3
ڪَنڌُ مَ ڦٖيرِجِ ڪٖيڏَھِين، وَٺِيو وَڃجِ راہَ،
اَڃُ ڪِي سَنجهِّہ صُباحَ، نٖيئِي ڌَڙِيندءِ ڌُوڙِ ۾.
بيت - 4
جا ڀُون پٖيرٖين مُون، سا ڀُون مَٿٖي سَڄَڻٖين،
ڌِڱَ لَٽِبا ڌُوڙِ ۾، اُڀٖي ڏِٺاسُون،
ڏِينھَن مِڙٖيئِِ ڏُون، اُٿِي لوچِ، لَطِيفُ چَئٖي.
بيت - 5
پَلاڻيا پَنڌِ پِيا، لَڏِيو لَطِيفَنِ،
ھَٿان حَبِيبَنِ ڪو نہ ڏُکويو ڪَڏھين.
بيت - 6
راڻو ڀانۡيُئيء راند، وَڃِيو ٻيا وَر رائِيٖين،
وَرُ وِڏوڻُو اِيھئين، جِئن پَرَ پُڄِتوءِ پاند،
ھَيء ڀَڳيءِ ھٖيڪاند، سوڍو سارِيندئِن گَهڻُون.
بيت - 7
رُس مَ رُسَڻُ گهوريو، پَلُ مَ پرٖي وانۡئن،
پِرِيَم پسِي ڳالھيون، مَديون مون ھَٿان،
ڪَميڻيءَ ڪنان، ٿين مُورائين مَٺيون.
بيت - 8
رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو؛ اُٺُ اوراھُون آڻ؛
لٖيڙٖي جو، لَطِيفُ چَئٖي، تَنگُ سَوارو تاڻ،
شَرمِندِيُون سَڀٖين پَرٖين، پُٺِيءَ لائِجِ پاڻ،
اَچِي مُشڪَ ماڻ، تَہ سوڍا، سُکِياڻِي ٿِيان.
بيت - 9
رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو؛ اُٺُ اوراھُون چورِ؛
تو رٖي ڪاڪِ ڪَڙِي ٿِيِي، ساڻُ سِر کَنڊَ سوڙِ،
اَچِي چَندَنُ چوڙِ، تہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
بيت - 10
رُسَ مَ، رُسَڻُ گهورِيو؛ پَرَچُ مَ وانءُ پَرٖي؛
مارِيَسِ ڦَٽَ فَراقَ جٖي، جِھَتَ جٖي ذَرٖي؛
لالَنَ جِي، لَطِيفُ چَئٖي، سُونھائِي سَرٖي،
آيَسِ تو ڳَرٖي، تَہ سوڍا، سُکِياڻِي ٿِيان.
بيت - 11
رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو، راڻا ڇَڏِ رياءُ؛
مٖيٽِ مَدايُون، موٽُ تُون، ڪَرٖي نِرتِ نِياءُ،
لالَنَ جو، لَطِيفُ چَئٖي ڪولھٖي سُونھَن سِياءُ،
اَوَڳُڻَ ڍڪٖي آءُ، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
بيت - 12
رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِيو؛ ڇَڏِ راڻا رٖيڏائِي؛
مُنھنجِي مٖيٽِ مَينڌَرا، عاقلَ، اَگَلائِي،
لَپٖيٽِجِ، لَطِيفُ چَئٖي، ڪامِلَ ڪَچائِي،
ڪَرِ مَعافُ مَدائِي، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
بيت - 13
ڪاڪِ ڪَڙھِي وَڻَ وِيا، جَلِي مُنھِنجِي جان؛
رَکِي ڪامَ ڪِڻِڪِيو، مارِيَسِ تِنھن گُومانَ،
ھَڏِ نَہ جِيان ھاڻ، سِگهو موٽِجِ، سُپِرِين!
بيت - 14
ڪاڪِ ڪَڙھِي، وَڻَ وِيا، ٻَرِيا مَحَلَ ماڳَ،
سوڍٖي جٖي، سَرَتِيُون! وِڌِيَسِ وَہِ وٖيراڳَ،
سُورَنِ لائِيا سانگَ، سِگهو موٽِجِ، سُپِرِين.
بيت - 15
ڪاڪِ ڪَڙھِي وَڻَ وِيا، ٻَرِيا رَنگَ رَتولَ؛
تو پُڄاڻان، سُپِرِين، ھِينۡڙٖي اَچَنِ ھولَ،
جٖي مُون سٖين ڪَيئِي قولَ، سٖي سِگها پارِجِ سُپِرِين.
بيت - 16
ڪاڪِ ڪَڙھِي وَڻَ وِيا، لوٺو لُڊاڻو،
تو پُڄاڻا، سُپِرِين، آتَڻُ اُجهاڻو،
مُيِنِ سٖين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌَرا.
بيت - 17
حالُ قُربانُ، مالُ قُرِبانُ، گهورِيان لُڊاڻو؛
فِدا ٿِيءَ فَقِيرِ جو، شَلَ رُسٖي مَ راڻو،
مُيِنِ سٖين ماڻُون، مُناسِبُ مَينڌَرا.
وائي - 1
ڏُورِ وَڃِيو، ڏِينھن لائٖي، ڪا سوڍَلَ کي سَمُجهائٖي،
جٖيڏيُون، مُنھِنجٖي راڻَلَ کي، ڪا ٻاجَهہ پَئٖي.
ڇَنا، مُنَھَن، ماڙِيُون، اوڏاھن اَڏائٖي،
جٖيڏِيُون، مُنھِنجٖي راڻَلَ کي، ڪا ٻاجَهہ پَئٖي.
مٖيڙَ مُنۡجان ٿِي، مَيۡنڌَرا، تو دَرِ تٖيلاھٖي،
جٖيڏِيُون، مُنھِنجٖي راڻَلَ کي، ڪا ٻاجَهہ پَئٖي.
مِنَٿَ مُنھِنجِي مَينڌَرو، مانَ مَ موٽائٖي،
جٖيڏِيُون، مُنھِنجٖي راڻَلَ کي، ڪا ٻاجَهہ پَئٖي.
ڦَٽِيَلِ مِينھَن فَراقَ جا، وٖيٺِي وَسائٖي،
جٖيڏِيُون، مُنھِنجٖي راڻَلَ کي، ڪا ٻاجَهہ پَئٖي.
سوڍا، سِرُ پُڻِ گهورِيان، آءُ ڪَرَھو ڪاڪِ وَرائٖي!
جٖيڏِيُون، مُنھِنجٖي راڻَلَ کي، ڪا ٻاجَهہ پَئٖي.
داستان اٺون
بيت - 1
ڪِينَ ساڱاھِيُمِ، سُپِرِين، جاڙُون ڪيم جالَ،
سوڍا، مُون کي ڪالَھہ، موٽِي مُنھن ۾ آئِيُون.
بيت - 2
ڪِينَ ساڱاھِيُمِ، سُپِرِين، جاڙُون، ڪِيُمِ جِتِ،
سوڍا مُون کي تِتِ، موٽِي منھن ۾ آئِيون.
بيت - 3
ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيُمِ جٖي،
سوڍا مُون کي سٖي، موٽِي آئِيُون مُنھن ۾.
بيت - 4
خاموشِي خَبَرَ جِي، مُومَلَ ٿِي مَتِ،
صَبۡرُ ٿِيو سُپَتِّ، مُنھِنجٖي حَقِّ، مَينڌَرا!
بيت - 5
سوڍا، صَبۡرُ تُنھِنجو، مُومَلَ مَتِّ ٿِيو،
تو جو ڪالَھہ ڪِيو، تِنھن مَدِيُون مٖيٽٖي ڇَڏِيُون.
بيت - 6
تو ۾ ٻَڌِيَسِ تٖي، جٖي مُنھن ۾ مَدِيُون نَہ ڏِيٖين،
ڍولا، جي ڍَڪِيَئي، سٖي مَتان عَيبَ اُپَٽِيٖين.
بيت - 7
جٖي مُنھن ۾ مَدِيُون نَہ ڏِيٖين، تو ۾ تٖي ٻَڌِياسِ،
سوڍا، اِنَ سُھاڳَ کي، وٖيٺٖي واجهاياسِ،
ڍولٖي ڍَڪِيياسِ، ڏٖيئِي پاندُ پَناہَ جو.
بيت - 8
ڍولٖي ڍڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي،
ڏٖيئِي لِکَا لاڙِي، ڪَڪَرُ ڪيائِيَم ڪاڪِ جو.
بيت - 9
ڍولٖي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي اَڳَ،
جوڙٖي وِچان جَڳَ، ڪَڪَرُ ڪِيائِيَم ڪاڪِ جو.
بيت - 10
ڍولٖي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي آنءُ،
رَکِي پَنِھنجو نانءُ، ڪَڪَرُ ڪِيائِيم ڪاڪِ جو.
بيت - 11
ڪَڪَرُ ڪِيائِيم ڪاڪِ جو، ڏٖيئِي لاڙِيءَ لِکَ،
ھاڻٖي مَٿيي ڏِکَ، چَڙِھيو ٿِي، چاڳَ ڪَرِيان.
بيت - 12
سوڍا، صَبۡرُ تُنھِنجو، مَرَڪُ لَڄايَنِ،
چُپ سٖين جٖي چَوَنِ، اَدَبُ ڪِجٖي اُنِ جو.
بيت - 13
سوڍا، صَبۡرُ تُنھِنجو، لَڄايَنِ مَرَڪُ،
نَہ ڪُڇَڻَ سٖين نَڪُ، رِيءَ رُڪَ راڻٖي وَڍِيو.
بيت - 14
سوڍا، صَبۡرُ تُنھِنجو، سَڀَنِ سٖيکارٖي.
مُومَلَ جٖي وارٖي، ڪُهُ ڄاڻان ڪُهُ ٿِيو.
بيت - 15
سوڍا، صَبۡرُ تُنھِنجو، سٖيکارٖي سَھَسَ،
پُڄٖي تِئان پَھَسَ، مُون کي نَصِيبَ نٖيئِي جَهلِيو.
بيت - 16
سوڍا، صَبۡرُ تُنھِنجٖي، ماڙھو ڪِي مُومَلَ،
ڪَپَرِ مَنجهان ڪَلَ، پييَمِ پِرِين تُنھِنجِي.
بيت - 17
سوڍا، صَبۡرُ تُنھِنجو، مُون کي نَصِيحَتَ،
رٖيلا ڪَندِيَسِ رَتَ، مَينڌَرا، تو مَھَندان.
بيت - 18
سوڍا، صَبۡرُ تُنھِنجو، بٖي عَقُلَنِ عَقُلُّ،
آھٖي اَنگَ اَمُلُّ، ماٺِ تُنھِنجِي مَينڌَرا.
بيت - 19
سوڍا، صَبۡرُ تُنھِنجو، بٖي عَقُلُ آڻٖي بازِ،
سَندي صَبۡرُ سازِ، توبَھَہ ڪارِيَمِ تَڪَڙِي.
بيت - 20
سوڍا، شَرِمايُون، پَسِيو عَيبَ اَڳِيان،
نَڪَ نِرڄايُون، ھُيُون مُنھِنجٖي حَقُ ۾.
بيت - 21
موٽِي آئيو مُنھن ۾، سوڍا، شَرَمُ جَنِ،
سي لَڄايُون لُڇَنِ، پَسِيو عَيبَ اَڳيان.
بيت - 22
اَدِيُون، آتَڻَ وارِيُون، نِرڄا نَڪُ ٿِيا،
وَڍِيا، تان نَہ وِيا؛ پاڻان مورِيا مُنھن ۾.
بيت - 23
مورٖي مُنھن وَڏا ٿِيا، وَڍيا، تان نَہ وَڃَنِ؛
اَدِيُون، اَڻاسَنِ، تَنِ ڪوجَهنِ کي ڪِئن ڪَرِيان.
بيت - 24
جَنِين سَندٖي مُنھن ۾، نِيھائِيُون نَڪَنِ،
تِئيان وَڍِيو ھٖيڪَڙو، تَہ ڪَھِڙو ٿورو تَنِ؟
سٖي مَرُ سُڃائِي سُونھَنِ، جَنِ ڀَلِي ڀَينگَ ڀَرَمَ جِي.
وائي - 1
آءُ، راڻا! رَہُ راتِ، تُنھِنجٖي چانگَلَ کي چَندَنُ چارِيان.
راتِيان ڏِينھان رُوحَ ۾، تَنَ تُونھِين جِي تات،
تُنھِنجٖي چانگَلَ کي چَندَنُ چارِيان.
ويٺِي نِتَ نِھارِيان، اَچٖين جٖي پِرڀاتِ،
تُنھِنجٖي چانگَلَ کي چَندَنُ چارِيان.
مُون کي آھي، مَينڌَرا، وائِي تُنھِنجِي واتِ،
تُنھِنجٖي چانگَلَ کي چَندَنُ چارِيان.
داستان نائون
بيت - 1
راڻٖي جِيءَ رِھاڻِ مان، ڪو آدِيسِي آيو؛
چوڏِھِينءَ ماہَ چَنڊَ جِئن، ڪِيو ساميءَ سَھائو،
لَٿو اُونداھو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سان.
بيت - 2
راڻٖي جٖيءَ رِھاڻِ مان، ڪو آيو آدٖيسِي،
کَٿُورِي خوشِبُوءِ سٖين، وِلاتَ سَڀِ واسِي،
سُوڌو سَناسِي، اُتاھِين ٿِي آئِيو.
بيت - 3
راڻٖي رٖيٻارو، توڏانھن مُڪو تَڪَڙو،
لُڊاڻِئان، لَطِيفُ چَئٖي، ماڻِجِ موچارو،
صُبُح سَوارو، ڪاڪِ گِهڙَندو ڪَرَھو.
بيت - 4
راڻو رَبَّ راضِي ڪَري، مانَ وَرائٖي واڳَ،
چَندَنَ سٖين چِڪَ ڪَري، مُومَلَ لِنۡبٖي ماڳَ،
سوڍٖي جٖي سُھاڳَ؛ ڍٽَ مِڙوئِي ڍڪِيو.
بيت - 5
نَئُون نِياپو آئِيو، راڻٖي مَلا راتِ،
لَڌِيسُون لَطِيفُ چَئٖي، ڪَنا ڏاتَرَ ڏاتِ،
ڪِھَڙِي پُڇٖين ذاتِ جٖي آئِيا سٖي آگِهيا.
بيت - 6
ڪٖيڏانھن ڪاھِيان ڪَرَھو، چؤڏس چِٽاڻو،
مَنجِهيِن ڪاڪِ ڪَڪورِئي، مَنجِهين لُڊاڻو،
راڻو ۽ راڻو؛ رٖي راڻٖي ٻيو ناہِ ڪِي.
بيت - 7
ڪٖيڏانھن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چؤڌارَ،
مَنجِهيِن ڪاڪِ ڪَڪورِئي، مَنجِهين باغَ بَھارَ،
ڪانھي ٻِي تَنوارَ، ٿِيو مِڙوئِي مَينڌَرو.
وائي - 1
ڪِي جو ڪاڪِ تَڙاءُ، چانگٖي چَرَھو چَکِيو.
ڪَرَھو سَرَھو ڏٖيھَہ ۾، نَہ تنھِين ڊَپُ نہ ڊاءُ،
چانگٖي چَرَھو چَکِيو.
پاہُ پِرائٖي آئِيو، لالِي لُڊاڻِئاءُ،
چانگٖي چَرَھو چَکِيو.
ڪَرَھٖي ڪانٖيٽا رَتا، نائٖي ناڪِيلاءُ،
چانگٖي چَرَھو چَکِيو.
وَڳُ واسِيائِين پانھِينجو، سَڀ ئِي سُراھِئاءُ،
چانگٖي چَرَھو چَکِيو.
تُون ڍاٽِي، ڍَٽَ ڌڻِي؛ تُون راڻو، تُون راءُ،
چانگٖي چَرَھو چَکِيو.
مُومَلَ مَحُتاجِيُون ڪَري، عاجِزِيُون اَڳِئاءُ.
چانگٖي چَرَھو چَکِيو.
آءُ تُون، عَبداللَطِيفُ چَئٖي، موٽِي ھِنَ مَحَلاءُ،
چانگٖي چَرَھو چَکِيو.
بروو سنڌي
داستان پھريون
بيت - 1
ڇاکي وَڃِيو ڇو، ٻيلي ٿِئين ٻِيَنِ جو،
وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جِي، جَڳَ جو والِي جو،
سَؤکو هُوندو سو، جِنهن جو عِشقُ الله سين.
بيت - 2
جِئَن ڪا ڪانِي ڪانهَن، لُسَندي لاتِيُون ڪَري،
اَچي پيئي اوچِتِي، دَردَ پِريان جِي دانهَنَس،
ويڄَ ڏَنڀئين ڪُهه ٻانهَن، سُورَ هِينئين کي سامُهان.
بيت - 3
پَرَوَسِ ٿِيُمِ پِراڻ، پِرِين وَسِ نَه پانهِنجي،
لَڳي ڪِينءَ لَطِيفُ چَئي، ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻ،
پِرِين ڏيکاري پاڻ، خُوش ڪَري وِيا خوابَ ۾.
بيت - 4
اَچِين جي هيڪارَ، مُون سارِيندي سُپِرِين،
پيرين ڌَرِيان پِنبِڻيُون، هَنڌ وِڇايان وارَ،
ساڄَنَ سَڀِ ڄَمارَ، هُوندَ گولِي ٿِي گُذارِيان.
بيت - 5
مُون سارِيندي سُپِرِين، اَچِين جي تُون هاڻِ،
ڪَريان رُوحَ رِهاڻِ، هُوندَ لَڪَنِ مَنجههِ لَطِيفُ چَئي.
بيت - 6
دَرَ تي دُونهِينءَ جِئن، سَڙان سُپيرِيَنِ جي،
لَڳو آهي لَطِيفُ چَئي، تَنُ پِرِيان ڏي تِيئَن،
جي حاصُلُ ٿِيئي هيئَن، قَرِينو قَرِيبَ جو.
بيت - 7
لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چَئي، نَڪو قالُ نَه قِيلُ،
لِکِئي لامُون کوڙِيُون، نيڻين وَهي نِيلُ،
هِينئڙا ٿِيءُ سُڌِيرَ، ڪالَهه قُرِيبَنِ لَڏِيو.
بيت - 8
ڀَلي ڪِيَئي، ڀَلا پِرِين، هِيئَن نَه مُناسِبُ هوءِ،
لائي چِتُ، چَرِيو ڪَري، پاڻُ ڪَڍي وِئين پوءِ،
توڻي حُبَ نَه هوءِ، تَه بَه هوتَ نَه ڪِجَنِ هيڏِيُون.
بيت - 9
ڀَلِي ڪَيَئي، ڀَلا پِرِين، هِيءُ نَه شانُ سَندوءِ،
پِهرِين لايو پِرِيتڻُون، ڪِينَ پُڇين ٿو پوءِ،
قادِرُ شالَ ڪَندوءِ، ميڙو هينَ مِسڪِينَ جو.
بيت - 10
ڀَلِي ڪَيئي، ڀَلا پِرِين، مُون نَه ڄاتو اِيئَن،
هِينئُون هيرائي هَٿِ ڪَري، هَليو ويندين هيِنئَن،
سا سِڪَ سَلان ڪِيئن، جِنهن اَندَر آهيرا ڪِيا.
بيت - 11
اَڄُ پُڻ اَکَڙِيَنِ، سَڄَڻَ پَنهنجا سارِيا،
ڳَلَنِ تان ڳوڙَهن جُون، بُوندوُن بَسِ نَه ڪَن،
سَندي سِڪَ پِرِيَن، لوڪَ ڏِٺي نَه لَهي.
بيت - 12
اَڄ پُڻ اَکَڙِينَ سين، ڪوٺي ڪُٺائُون،
ماسُ وِراهي هَلِيا، ڪَرنگَلُ ڇَڏِيائُون،
”وَتَوا صَوابِالحَقّ وَتواصوابِاالصَبَّر“، اِيئن اُتِيائُون،
مُئِي مارِيائُون، کِلي گهايو سَڄَڻين.
بيت - 13
ڪي اوڏائِي ڏُور، ڪي ڏوُر به اوڏا سُپِرِين،
ڪي چِت نه چَڙهن ڪَڏهين، ڪي نَه وِسَرَنَ مُور،
جِئَن مينهن ڪُنڍِڙيءَ پُور، تِئن دل وَراڪو دوسِتَ سين.
بيت - 14
ماڻُهو گهُرَن مالُ، آءُ سَڀِ ڏِينهَن گهُران سُپِرِين،
دُنيا تِنهن دوستَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ،
ڪِيَسِ نانءُ نِهال، پَسَڻ تان پَري ٿِيو.
بيت - 15
هيرائي هَٿِ ڪِيو، هِينئڙو حَبِيبَنِ،
ٻَڌي ڪَچِيءَ تَندَ ۾، سَلهاڙِيو سيڻَن،
وِجهِي پيچَ پِرِينِ، هِينئڙو هَٿِيڪو ڪيو.
بيت - 16
جَڏَهانڪُر جانِي، سَڄَڻَ سانگِ سِڌارِيا،
راتِيان راحَتَ ناههِ ڪا، ڏِيهان حِيرانِي،
آئُون پانهِنجي پِرِينءَ تان، ڪوڙين قُربانِي،
رَضا رَبّانِي، نات ڪَيمُ وَسِ وِصالَ کي.
بيت - 17
جَڏَهانڪُرَ ٿِيامِ، ساڃاءِ سُپيرِيَنِ سين،
تَڏهانڪُرَ تِرَ جيتَرو، ويرَ نَه وِسَرِيامِ،
اَندَرِ روُح رَهِيامِ، سَڄَڻَ اوطاقون ڪَري.
بيت - 18
جي مُون گَهر اَچين سُپِرِين، هوڏَ ڇَڏي هيڏي،
ڳالهِيُون ڳُجهه اَندَرَ جُون، تَنَ گهُرِيُون توڏي،
جي وِهين گَڏُ گوڏي، تَه دَورَ سُڻايَئِين دِل جا.
بيت - 19
ڪَڏهِن کُلَنِ دَرَ دوسِتَنِ جا، ڪَڏهِن طاقِيُون ڏِينِ،
ڪَڏهِن اَچان، اَچَڻ نَه لَهان، ڪَڏهِن ڪوٺِيو نِينِ،
ڪَڏهِن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏهِن ڳُجهاندَرُ ڳَرُهِينِ،
اِهڙائي آهينِ، صاحِبُ مُنهِنجا سُپِرِين.
بيت - 20
ڪَڏَهِن دَرَ ڪُشادا دِلبَرَ سَندا، ڪَڏهِن پُورِيو ڏِين،
ڪَڏهِن وَڃان، وَڃِي نَه سَگهان، ڪَڏهِن سَڄَڻَ پاڻِ سڏِين،
ڪَڏهِن ڪُڇَنِ ڪِينَڪِي، ڪَڏهِن ٻاجهُه مَنجهان ٻولِين،
ڪَڏهِن قولَ ڪَرِين، ڪَڏهِن حَرفُ نَه ڪُڇَن هيڪڙو.
بيت - 21
آثارو تنهن عِشقَ جو، ڪَڏهِن ڪونَه ٿِيومِ،
مَحبُوبَنِ مِنٿُون ڪَري، سِڪُڻُ سيکارِيُومِ،
تِهان پوءِ ٿِيومِ، آرو پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
بيت - 22
تُون صاحِبُزادو سُپِرِين، آئُون نِسورو نوڪَر،
بيحَد ڪَرِيان بَندگِي، هَٿَ ٻڌي حاضُر،
ڇِنَ ڇَڏِيندس ڪِينَ ڪِي، دوست اوهان جو دَرُ،
مُون تان مِهَر نَظرَ، پِرِين لاهِ مَ پانهنجو.
وائي - 1
هوتُ نيڻان دا دِلبَندُ، لو، ڀَلو جيڏِيُون!
هيڏانهن هوڏانهن سُپِرِين، ڪاڏي وارِيان ڪَنڌُ؟
لو، ڀَلو جيڏِيُون!
چَڙهِي ڏاڍين ڏوُنگَرين، راهَ پُڇايان رَندُ،
لو، ڀَلو جيڏِيُون!
ساڄَنُ سَڀَنئِان سُهِڻُو، سائِينءَ جو سوگَند،
لو، ڀَلو جيڏِيُون!
داستان ٻيون
بيت - 1
آهِيين شانَ شعورَ سين، جانِبَ تُون جيڏو،
مُون تي ڪَر، مُنهِنجا پِرِين، توهُ تُسِي تيڏو،
اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ ڪيڏو، جي نَوازِينم نگاه سين.
بيت - 2
جانِبَ مُنهنج جِي ۾، جي تو طَمعَ پوءِ،
تَه کَڻُ ڪاتِي وَڍِ اَنگڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪوءِ،
ڀانيان ڀالُ سَندوءِ، جي ساڄَنَ سَنئُون نِهارِئين.
بيت - 3
جانِبَ، ايئن نَه جُڳاءِ، جِئن مارِيو، موٽِيو نَه پُڇِين،
رَتِي رَتُ نَه سِنجُري، سِڪَ تنهنجي ساءِ،
اسان توهينِ لاءِ، ٿي پَرَ ۾ پُڇائُون ڪِيُون.
بيت - 4
جَڏهِن پَوي ٿِي يادِ، صُحبَتَ سُپِيرِينِ جي،
فَرِيادوُن فَرِيادَ، ناگَهه وَڃَنِ نِڱِيو.
بيت - 5
جِئن لُهارَنِ لَپيٽِيو، ڪَڙو مَنجههِ ڪَڙي،
مُنهِنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيَنِ سوگهو ڪِيو.
بيت - 6
نازَ مَنجهاران نِڪَري، جَڏهِن پِرِين ڪَري ٿو پَنڌُ،
ڀُون پُڻ ”بسمِ اللهَ“ چَئي، راهَ چُمي ٿي رَندُ،
اُڀين گهڻي اَدَبَ سين، وَٺِي حُوروُن حيرتَ هَنڌُ،
سائِينءَ جو سوگَندُ، مُنهِنجو ساڄَنُ سَڀَنئان سُهڻو.
بيت - 7
ساڄَنَ! سِپاهي، آئُون اوهان جو آهِيان،
اَچان ويلَ سَڀَڪنهِين، وَڃان واجهائي،
لالَنَ تو لائي، کِينڪارِيُمِ کَرَن کي.
بيت - 8
فانِي ئي فانِي، دُنِيا دَمُ نَه هيڪَڙو،
لَٽي لوڙُهه لَتُن سين، جوڙِيندَءِ، جاني!
حَرَفُ پُڇندءِ هيڪَڙو، ظاهر زبانِي،
ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آهي سِرِ سَڀَڪهِين.
بيت - 9
ڀَرِ ڀَنجوءَ ويهِي، ڪِهڙي ڪَندين ڳالهَڙي،
ڄاڃي ماڃِي موٽِيا، وَرُ وَنِيءَ ڏيئي،
خَبَرَ نَه پيئِي، تَه ڏيجُ ڏِنائُون ڪيترو.
بيت - 10
نيڻَ صَقِيلا سُپِرِينِ، ڀَونرَ ڀِروُن ڀالا،
چِڪِيا ڦَٽَ فِراق جا، اَندَرَ ۾ آلا،
يارُ مِيڙئين يالا! جِنهن جِي صُحبَتَ ڪاڻِ سِڪي هِينئُون.
بيت - 11
ويٺو ڏِسان راهه، اَڄُ پُڻ آيا ڪِين ڪِي،
ساڄَنَ لاءِ سِڪي گهَڻُون، مُنهِنجو سارِيو ساه،
آڻين شالَ اَلله، تَه اَڱَڻَ ٿِينُم اُجرا.
بيت - 12
اَڄُ پُڻِ اَکڙِيُون، سارِيو روَن سَڄَڻ کي،
جانِبَ جي جَمالَ ڏي، تاڻِينِ ٿِيُون تَڪَڙِيُون،
جي وَهَمَ پِرِيان وَڪَڙِيُون، تَنِ اُڃَ اکِين کي نَه لهي.
بيت - 13
اَڄُ پُڻ ڪِيا اَکِينِ، اَبر جِئن آگَم،
ڳوڙهَنِ ڪِيو ڳَلَنَ کي، نائي پاڻِي نَم،
بُوندُنِ بَس ڪِي ڪانَڪا، دوسِتُ پُڄاڻان دَم،
حَبِيباڻا هَم، ساڙيندا سَرِيرَ کي.
بيت - 14
اَڄُ پُڻ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسِتُ پيهِي دَرِ آئِيو،
سُکَنِ وَٺِي ڏُکَنِ کي، محَڪَمُ ڏِنِي موڙَ،
جا پَرِ کَٽِيءَ کور، سا پَرِ سُورَنِ سين ٿِئي.
بيت - 15
اَڄُ پُڻ اَنگِيَم اَنگَ، هَٿان حَبِيبَنِ جي،
جا پَر سوٽِيءَ سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِئي.
وائي - 1
مَولو ڪَندو ماڙ، مُنهِنجِي اَللهُ ڪَندو ماڙِ،
هادي! ڏيئِي هَٿَڙا، اَچِي چِڪَڻِ مان مُون چاڙِه،
مُنهِنجِي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.
ڪِشتِي ڪَمِينَنِ جِي، اَللهُ لَڳِ اُڪارِ،
مُنهِنجِي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.
هُو جو ويري واٽَ جو، سائِين! نيئِي ساڙِ،
مُنهِنجِي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.
ڪَرَمَ ساڻ ڪَرِيمَ جي، سَڀَ لَنگهِيندا پارَ،
مُنهِنجِي اَللهُ ڪَندو ماڙِ.
داستان ٽيون
بيت - 1
عِشقُ اِهڙي ذاتِ، جو، مانجهِي مُنجهائي مَيَنِ کي،
ڏِيهان ڏورڻ ڏُونگَرَين، رُئڻ سَڄِيائِي راتِ،
اُٿِيي ويٺي تاتِ، مِيان مَحبُوبَنِ جِي.
بيت - 2
ڀيڻِي ناهي ڀَنڀَور ۾، جِنهن جِي ڌَڻِيان ڌارَ،
تِنهن ڪَمِيڻيءَ جِي ڪانَ ڪِي، ساٿَ لَڏِيندي سارَ،
آءُ عالَم جا آڌارَ، واري واڳَ وِلَهِيءَ تي.
بيت - 3
يارُ سَڏائي سَڀڪو، جانِي زَبانِي،
آهي آسانِي، ڪَمَ پِئي ڪَلَ پَوي.
بيت - 4
آدمِن اِخَلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪيو،
ڪونَه کائي ڪِنهن جو، سَندو ماڙُهوءَ ماسُ،
دِلَبَر هنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَهَندو واسُ،
ٻِيو سَڀ لوڪ لِباسُ، ڪو هِڪدِل هُوندو هيڪڙو.
بيت - 5
سُورَنِ سانگهيڙا ڪِيا، مَٿي مُون مَعذُورِ،
آئُون هِت ويٺِي وِجهلان، مَران نِتُ مَهجور،
جي دوستَ مُنهِنجا دُور، سي وَالِي وهلا آڻئين.
بيت - 6
منهنجي مَدايُنِ جِي، جي ڪَلَ پِرِيان پيئِي،
ته ڪَڏهِن ڪوسا نه ٿِيا، ڏوراپو ڏيئِي،
ساڄَنَ سَڀِيئي، ڍَڪِيم ڍول ڍِلائِيُون.
بيت - 7
دِل جو دِلبَرُ هيڪَڙو، گَهڻان تان نَه ڪِجَنِ،
دِل ڏِجي کي هيڪڙي، توڻي سَوَ سِڪَنِ،
سي چِلولا چَئجَنِ، جي دَر دَر لائِن دوستِي.
بيت - 8
شُڪُر گَڏِياسُون سُپِرِين، جانِي جِئَري يار،
ويٺي جَنِين جي وَٽِ ۾، ڪوڙين ٿِيا قَرار،
ڌَڻِيمَ! ڪَر مَ ڌارَ، پاڙو تَنِ پِرِيَن جو.
بيت - 9
ڪِٿان سِکِئين سُپِرِين، ڪاسائِڪِي ڪار؟
تِکِي ڪاتِي هَٿ ڪَر، مُڏيءَ سين مَ مارِ،
چوري چاڪَ نِهار، سُورَنِ سانگهيڙا ڪِيا.
بيت - 10
کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، کَنيئي تان کوڙِ،
عادَتَ جا اَکِينِ جي، سا نيئِي نِڀائِج توڙِ،
مُون ۾ عَيبَن ڪوڙِ، تُون پاڻَ سُڃاڻِجَ سُپِرِين.
بيت - 11
ڏاتَر مُون ڏيکارِيو، هوتَنِ جو حُضُورِ،
پِرين پَرَچَڻَ جو ڪَيو، موٽائي مذڪُورُ،
اِيُ دوسِتَنِ دَستُورُ، جِئن ڇِنين ڇِڄَن ڪِينَ ڪِي.
وائي - 1
وَٽان وَڃُ مَ مُون، مُنهِنجو تُونهِين تُون،
ڪونَه سُڻي ڪو ٻِيو، وَٽان وَڃُ مَ مُون.
مُون تڏهانڪر مڃيِي، جَڏهن ”ڪُن فَيَڪُون“،
وَٽان وَڃُ مَ مُون.
اَهُکيءَ رَسِجِ اَحمَدا، اَڳِيان سوڙهِي ڀُون،
وَٽان وَڃُ مَ مُون.
رَس مُحمّدَ ڪارَڻِي، جِتي هُونگَ نَه هُون،
وَٽان وَڃُ مَ مُون.
آڳَهُه هِنَ اُمَتَ جو، آهِين تُونهِين تُون،
وَٽان وَڃُ مَ مُون.
ڏھر
داستان پھريون
بيت - 1
ڪَرِ ڪي ڳالَهڙِيُون، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جُون،
ڪِئَن سي راتِڙيُون، ڪنهن پَر ڏِينهن گُذارِئين؟
بيت - 2
ڪَر ڪا ويهي ڳالههِ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِين جِي،
هِهڙي اَڄُ تُون حالِ، ڏُکِيا ڏينهن گُذارِئين.
بيت - 3
ڪَنڊا تو وَٽان، سَچُ ڪِ سيڻَنِ لَڏِيو؟
مَڃر تو مَنجهان، ڇَڻِيو پُونِ ڇُڳا ڪِيو.
بيت - 4
ڪَنڊا ڪُڄاڙِيان، اُڀو آهِيين ريلَ ۾؟
پِرِيَنِ پُڄاڻان، سُڪِي ٻانهگر نَه ٿِئين.
بيت - 5
ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو، جي تو هُئڙو سُورُ،
لامُن مَٿي ٻُورُ، هُوند نَه چاڙهيئي هيترَو.
بيت - 6
جي تو هُئڙو وَڍُ، ڪَنڊا ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو،
پاڻان ڏيئِي ڏَڍُ، مُورئي مَڃر نَه ڪَرِئين.
بيت - 7
ڪَنڊا تُون ڪيڏو، جَڏِهن ڀَرِيو ڍورُ وَهي،
جَسودَن جيڏو، تو ڪو گَڏيو پَهِيَڙو.
بيت - 8
سَچُ ڪي سُڪو ڍور، ڪَنڌي اَڪَ ڦُلارِيا،
جُنگَنِ ڇَڏِيو زورُ، سَر سُڪو سُونگِي گَيا.
بيت - 9
جَڏهِن ڍاڳِي ڍورُ، ٻَئِي وَهَنِ ٻَلِيَار ۾،
تَڏِهن تازَڙِين طوُر، هُئو جَسُودَنِ سين.
بيت - 10
سُڪِي ڍورُ ڍَيُون ٿِيو، ڪَنڌيءَ ڏِنو ڪائو،
پاڻِي پَٽِيهل ۾، اَڄُ آڳِيُون نَه آيو،
ماڙهُنِ ميڙائو، ڪَنهِين ڪَنهِين ڀيڻيِين.
بيت - 11
پَٽيهل تو ۾ پُور، اَڳِيُون آهه نه آب جو،
سُڪيئَن ڪهڙي سورِ، پِيَئِي واري وچ ۾.
بيت - 12
ڍورُ نَه آڳِينءَ ڍارَ، مَهَندِ مَلاحَنِ لَکِيو،
موڙي ڇوڙِيا مَڪُڙا، پَسِي پاڻِيءَ پارَ،
جَسودَنِ جيها يارَ، پِيَڙا وِيرَ وِماسَ ۾.
بيت - 13
جان واهُڙَ ۾ وَهه، تان تُون مَڇَ نَه موٽِيو،
ڪائي ۾ ڪوههُ ڪَرِئين، پوءِ موَٽَڻَ جو پَههُ،
سِرَ مَٿي تُون سَههُ، مَهميزوُن مَلاحَنَ جُون.
بيت - 14
جان جَرُ هُئِڙو جالَ، تان تُون مَڇَ نَه موٽِئين،
پُوندئِي اَڄُ ڪِ ڪالَهه، سانڀويُون سانگِن جُون.
بيت - 15
جان جَرُ هُئَڙو سِيرُ، تان تُون مَڇَ نَه موٽِئين،
اَڏا اَڏي ڪِيرَ، گهَٽَ به جهَلِيَئِي گهاتُئين.
بيت - 16
مَتو آهِين مَڇَ، ٿُلهو ٿو ٿُونا هَڻِين،
جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تِنهن پاڻِيءَ پُنان ڏِينهَڙا.
بيت - 17
ڏُوران پَسِي ڏورِ، وهين جي وهروُن ڪَري،
هُوندَ نَه وِڌئِي هورِ، ماڻڱَرِياڻي مَڇَڙا.
بيت - 18
ڪُنڍي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جَڏِهن هَنئي جَنِ،
موٽِي مُون پِرِيَنِ، ڪَڍَڻَ جِي ڪانَ ڪَئِي.
بيت - 19
ڪُنڍي ڪَلِينِ وِچَ ۾، جَڏِهن هَنيائُون،
موت نَه مارِيائُون، ڏور وِجهي وِيا ڏُکَ جي.
وائي - 1
لائي جا وَرَنَ کي، سا ڪانڌَ مُنهِينجي ڪورا.
ماءُ مارِيندَمِ ڪَڏِهِين، هوتاڻِيَنِ جا هورا،
سا ڪانڌ مُنهِينجي ڪورا.
سيڻين سِر کَنڊُ سَپَڄي، ٻِيو عَطُرَ پِرِين اَتوارا،
سا ڪانڌ مُنهِينجي ڪورا.
ڇَپَرُ کَٿُوري ٿِيو، ٻِي تازي ڦُلَنِ ڦورا،
سا ڪانڌ مُنهِينجي ڪورا.
داستان ٻيون
بيت - 1
ڌَڻِي سو وارِئين واءُ، جو ميڙائُو سَڄڻين،
وَنهيئَن واٽَ مَٿاءُ، هِنئڙي آسَر نه لَهي.
بيت - 2
مَدِيني جا مِير، سُڻ منهنجا سَڏڙا،
سَرڻ تُنهنجي سِير، تُون پار لَنگهائِين پَيَڙا.
بيت - 3
مَدِيني ڌَڻِي، سُڻ مُنهنجا سَڏڙا،
تُنهنجي آهِ تَڻِي، ٻِي ڪَنڌي سارِيان ڪانَڪا.
بيت - 4
مَدِيني جا گهوٽ، سُڻ مُنهنجا سَڏڙا،
ڪِج مُحَمّدَ موٽ، عاصِي تُنهنجي آسَري.
بيت - 5
مَدِيني جا شاهَ، سُڻ مُنهنجا سَڏڙا،
ڪارڻ لَڳ اَللهَ، سِگهو رَسج سُپِرِين.
بيت - 6
مَدِيني جا ماهَ، سُڻ مُنهنجا سَڏڙا،
ٻيو نَه وَسِيلو واهَ، آهِيان تُنهنجي آسري.
بيت - 7
مَديني جا شير، سُڻ مُنهنجا سڏڙا،
ڀَر مُبارَڪ پير، عاصِي تُنهنجي آسري.
بيت - 8
مَدِيني جا ڄامَ، سُڻ مُنهنجا سَڏڙا،
آهِيان تُنهنجِيءَ سامَ، سِگهو رَسِج سُپِرِين.
بيت - 9
اَلله جِئن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسرو،
خالِق! تُنهنجِي کاند جو، پَرو پاند نَه ڪوءِ،
نالو رَب سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ روُحَ ۾.
بيت - 10
مِٺو جِئَن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسَرو،
ڪو دَر ناهِ جِهوءِ، مُون ٻِيا دَر گهَڻا نِهارِيا.
بيت - 11
عَجب جِهڙي آهِ، صاحِبَ تُنهنجِي صاحِبِي،
وَڏي سَگهَه سَندِياءِ، پاڻَ وَهِيڻُون آهِئين.
بيت - 12
عَجَبُ ڏِٺِي سُون، صاحِبَ تُنهنجِي صاحِبِي،
پَنَ ٻوڙِين پاتارَ ۾، پَهَڻَ تارِين تُون،
جَيڪَرَ اَچِين مُون، تَه ميرِيائِي مانُ لَهان.
بيت - 13
سَترُ ڪج سَتارَ، آئُون اُگهاڙي آهِيان،
ڍَڪِئين ڍَڪَڻَهارَ، ڏيئِي پاندُ پَناههَ جو.
بيت - 14
وَڏي سَگهَه سَندِياءِ، ٻاجُهنِ ڀَرِيو آهِيين،
مُون تان مِهَر مَ لاهِ، آئُون تُنهِنجي آهِيان.
بيت - 15
سَترُ ڪَر سَتارَ، آئُون اُگهاڙي آهِيان،
ڍَڪِج ڍَڪَڻَهارَ، ڏيئِي پاندُ پَناههَ جو.
بيت - 16
جيڏو تُنهنجو نانءُ، ٻاجهَه پِ اوڏيائِي مَڱان،
ري ٿَنڀِين، ري ٿُوڻِئين، تُون ڇَپَرَ تُون ڇانءِ،
ڪڄاڙو ڪَهانءُ، توکي مَعلُومُ سَڀڪا.
بيت - 17
ناتو نِماڻيءَ سين، مَ ڪَر ڍول ڍِلو،
ڪونهي ڪَمِيڻِيءَ جو، بِگَر تو بِلو،
تُنهنجو نانءُ نِلو، وَٺِيو ويٺِي آهِيان.
وائي - 1
مون کي نِنڊ نَه نيڻين نيڻين، ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾،
موٽُ آيَلِ ماءِ مُنهِينجي، تان تو ڏُکُ نَه ڪيڻين ڪيڻين،
ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾.
هوءِ نَه نِينِمِ پاڻَ سين، آئُون تان وِيندَڙي سيڻين سيڻين،
ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾.
ڪالهُوڻِيان اَڄ گهَڻِي ڪَر، جهورَڙي جهيڻين جهيڻين،
ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾.
ٻِيُون سَڀ واڳِيُون وَرَن سين، آئُون واڳَڙي ويڻين ويڻين،
ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾.
هِينئڙو ڏاڙهُونءَ گُلَ جِئن، روئي رَتَڙو ڪيڻين ڪيڻين،
ڪالَهُون پوءِ لَڪَنِ ۾.
داستان ٽيون
بيت - 1
ڪَر ڪو ڀيرو ڪانڌَ، مُون نِماڻِيءَ جي نِجهُري،
پرِيِن تُنهنجي پاندَ، ڍولا ڍڪي آهِيان.
بيت - 2
جيئن تُون قائِمُ ڪانڌَ، تئن آئُون وَر وِلِهِي نَه ٿِيان،
پَکِي ڇنان پاندَ، ڳَنڍ نَه ڄاڻي ڪو ٻِيو.
بيت - 3
ڪانڌَ ٻِيَن ڪيترا، مُون وَر وَڏي وَٿُ،
مَٿان ڏِيئي هَٿُ، جنهن عَيبَ مُنهنجا ڍَڪِيا.
بيت - 4
ڪانڌَ ٻِيَنِ ڪيتَرا، مُون وَر وَڏي جُوءِ،
لوڪ نَه اَڇِي اُوءِ، جي ڏِسي عيب اَکِيَنِ سين.
بيت - 5
ڪانڌَ ٻِيَنِ ڪيتَرا، مُون وَر وَڏي کاند،
پاڻان ڍڪي پاند، جي ڏِسي ڏوهَ اکين سين.
بيت - 6
ڪانڌَ ٻِيَنِ ڪيتَرا، مُون وَر وَڏي ذاتِ،
لوڪَ نَه اَڇِي وات، جي ڏِسي ڏوهَ اَکِيَنِ سين.
بيت - 7
هي تان ٿورَڙِيُون، جي تو ڀوري ڀانئِيُون،
راتِيُون ٻِيُون گهَڻِيُون، جي تو اِيندِيُون هيڪَلي.
بيت - 8
وَرَ سين وِجِهيو ڪاڻِ، کَرَسين کِلُون پائِيين،
ڀوري مُنڌ اَڄاڻ، ڪَڻ ڇَڏِيو تُههَ ميڙئين.
بيت - 9
سُتا اُٿِي جاڳَ، نِنڊَ نَه ڪِجي ايتَري،
سُلطانِي سُهاڳُ، نِنڊُنِ ڪَندي نَه ملي.
بيت - 10
ڪي سُمههُ ڪِي جاڳُ، نِنڊَ نَه ڪِجي ايتَري،
اِيُ مانجهاندي جو ماڳُ، جو تو ساڻيهه ڀانئِيو.
بيت - 11
جاڳَڻَ مَنجهان جَسُ، آهي اَدا جَنِ کي،
لاهي جو لَطِيفُ چَئي، مَٿان قَلب ڪَسُ،
وَرنَههَ ڪِجا وَسُ، صُبحَ ساڻ سَيّدَ چَئي.
بيت - 12
سُتي نَه سَرَندِياءِ، ڪَر پَچارَ پِريَن جِي،
وِهامِي وِيندِياءِ، گهَڻا هَڻَندين هَٿَڙا.
بيت - 13
سُمَهَڻان ساڙو، جيڏيُون جيڏوئِي ٿِيو،
پِريَنِ سين پاڙو، منهنجو نِنڊَ نِبيرِيو.
بيت - 14
سُمَهَڻان ساڙو، جيِڏِيُون جيڏو ئِي ٿِيو،
هوتُ لَنگهِيا هاڙهو، تُون اَناسِي اوجهَرِين.
بيت - 15
پِرهَ ڦُٽِي رات وَئِي، جهِيڻان ٿِيا نَکَٽَ،
هاري وِيئِي وَٽَ، گهَڻان هَڻندين هَٿڙا.
بيت - 16
سَڄِيُون راتِيُون سُمَهِين، ڇَڏِيو پِيّ پَچارَ،
ڀانيُئِي سَڀُ ڄَمارَ، سَڄڻ هُوندا مان ڳَري.
بيت - 17
ڍول مَ کَڻِي ٻانهڙي، پِرههَ مَ کَڻي پاندُ،
آئُون پانهنجو ڪانڌُ، لَوڪان لِڪِي رانئِيان.
بيت - 18
ڦِرِيا پَسِي ڦِيڻ، کَرِيَنِ کِيرُ نَه چَکِيو،
دُنيا ڪارَڻ دِين، وِڃائي وِلَها ٿِيا.
بيت - 19
مُسَنِ مُنهن سَنرا، کَرِيا گهَڻُون کِلَنِ،
سي تان وِسَرِيَنِ، آيا جِنِ ڪَمَنِ لَئي.
وائي - 1
مُون سين هوتَ نَه ڪَندڙا هِينئَن، ماءُ ڄامَ نَه ڪَندڙا هِنئين،
اَلا! مُون نَه ڇَڏِيندا ڇَپَرِين.
هوتَنِ جي هيڪاندَ کي، روُئان راتو ڏِينهنَ،
اَلا! مُون نَه ڇَڏِيندا ڇَپَرين.
ڇيڙي وِڌيَسِ ڇَپرِين، وو! ٻاروچاڻي نِينهَن،
اَلا! مُون نَه ڇَڏِيندا ڇَپَرين.
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينهَن،
اَلا! مُون نَه ڇَڏِيندا ڇَپَرين.
مُون کي پِرِينِ ميڙِئين، روجهَڙِيُون ميڙِئين مِينهَن،
اَلا! مُون نَه ڇَڏِيندا ڇَپَرين.
داستان چوٿون
بيت - 1
روه راماڻا ڪَنِ، اَڄ پُڻ هَلَڻَهارِيُون،
ڪَر ڳَلُ ڪُونجَڙِينِ، رائي ۾ رات ڪِيو.
بيت - 2
قِسمَتَ آندي ڪُونجَڙي، وَطَنَ سَندُس روههُ،
ڪِنهن جو ڪونهي ڏوههُ، رِزق رازِق هَٿَ ۾.
بيت - 3
وَڳَرَ اُڪيري، سَرُ سارِيو سُورَ چَري،
جهُري جهِڄَندي ڏي، سِنيها کي سَڄَڻين.
بيت - 4
وَڳَرِ وِساري، ويٺئَين ڪِئن ماٺ ڪَري،
ڪِ تو، نَه ماري، رُڻ جهُڻ سَندي سَڄَڻين؟
بيت - 5
وَڳَرِ وِيا وَهِي، ڪالَهه تُنهنجا ڪُونجَڙي،
ڪَندين ڪوههُ رَهِي، سَرَ ۾ سُپِرِينَ ري؟
بيت - 6
روههِ نَه وِئين راتِ، ڪوههُ نَه ڪُرڪِين ڪُونجَڙي،
اَڄ توهِين جِيءَ تات، سَرَ ۾ سارَڻَ آئِيُون.
بيت - 7
وَڳَرَ ڪِيو وَتَنِ، پِرت نَه ڇِنَنِ پاڻَ ۾،
پَسو پَکِيڙَنِ، ماڙُهِنئانَ ميٺُ گهَڻُو.
بيت - 8
وَڏي وَڳَرَ هيرُئِين، چُڻِي نَه ٻِينَ گَڏ،
ڪُونجَ ڪَرِيندي سَڏَ، ويئِي وِهامِي راتَڙي.
بيت - 9
مَ لَنئُن ڪُونجِي، ماٺ ڪَر، چور مَ هينئين چاڪَ،
ڦَٽِيُون جي فِراقُ، سي گهَر گهارِينديُون ڪيتَرو.
بيت - 10
مَ لَنئُن ڪُونجِي، ماٺ ڪَر، چور مَ هينئين سَلَ،
ڳوڙها مَٿي ڳَلَ، جِمِ وِهاڻيءَ وَهائِين.
بيت - 11
ڪُونجَڙي ڪالَهه لَنئِي، سَڄڻ وِڌُمِ چِت،
آئُون جَنهِين ري هِت، گهَنگهَر گهارِيان ڏِينهَڙا.
بيت - 12
اُتَرَ ڏي آلاپَ، ڪالهُوُنڪَر ڪُونجَ ڪَري،
پِرِين پَسِي مَنجههِ خوابَ، وِهاڻِيءَ وايُون ڪَري.
بيت - 13
ڪُونجُون ٿِيُون ڪُڻڪَنِ، جُڪُسِ هَلَڻَهارِيُون،
ٻَچا پوءِ اَٿَنِ، وَڃَنِ وانڌا ڪَندِيُون.
بيت - 14
آيُون ڍور ڍري، اَصل سَندي آسري،
کِڙي هَرَ ڀُون کَري، پاڻان پيرَ ڏُکويا پَکڻين.
بيت - 15
وَڳَرَ ۾ وائِي، ڪالَهه تُنهنجِي ڪُونجَڙي،
سَرَ ۾ سارِينَئي گهَڻُون، ڀينَرُ ۽ ڀائِي،
پَسِين نَه ڦاهي، جا ماريءَ سَندي مَنَ ۾.
بيت - 16
چُڻي نَه، اُڀِي روءِ، سَنڀارِيو کي سَڄَڻين،
هِيءَ جهِڄَندي چوءِ، ته آئُون اُڪَنڊي آهِيان.
بيت - 17
ڪُونج نه پَسِين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنِين سين ڍَڪِيو،
ماريءَ ماري لَکَ، وَڳُرَ هَڻِي ويڇُون ڪِيا.
بيت - 18
ماري مَرِين شالَ، ڍَٻَ وَڃَنَئِي ڍَٻِيُون،
جِيئن تو اَچِي ڪالَهه، وِڌو وِچ وِرهن کي.
بيت - 19
ڪُونجَ نَه لَکِيو ٻاڻ، جو ماريءَ سَندي مَنَ ۾،
اوچِتي ٻرياڻَ، وَڳَر هَڻِي ويڇُون ڪِيا.
بيت - 20
بِغَلَ مَنجهه بَندوُقَ، ماريءَ ميرا ڪَپَڙا،
مارِيو مِيرَ مَلُوڪَ، لَاڙِيو لَڪ چَڙهي.
بيت - 21
چيتان ڪيو چُڻيج، بَڊاماڻِيءَ بُٺ ۾،
نيڻين نِنڊَ مَ ڏيج، ڇيڙُون ڇَپَر آئِيُون.
بيت - 22
سَنگهارَنِ ساري، ساٿِي ڏيج سَنِيهَڙا،
سا هيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌئين.
بيت - 23
ڪيرَ ڪَرِيندي رِيسَ، آيَل سَنگهارِنَ سين،
جنهين جي خَمِيسَ، واڻِيُون واري ڇَڏِيو.
بيت - 24
ڪاڇي ڪاهِيائُون، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِيو؟
مان تَنُ مارِيائُون، پاڻان وِجهِي گُونَدرِين.
بيت - 25
ڪاڇي پيئِي ڪُوڪَ، آيَل سَنگهارَنِ جِي،
مادَرِ اوءِ مَلوُڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪَري.
بيت - 26
جِيَنِ سي سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان،
مانَ لَهنَئُون سارَ، وِچ وِلَهين ڏِينهَڙين.
بيت - 27
ڌَڻ ڌارڻُ، ڌارِ رَهَڻِ، اِيءَ نَه سَنگهارَنِ سِٽَ،
ڪاهي اِيندا ڪَڏِهن، مَٿي وانڊِ وِهِٽَ،
جي هاڻون هُونَئِي مِٽَ، تَه بَه اُوڊو لاهِه مَ اُنِ جو.
بيت - 28
جهِڄان پَسِيو جهوڪَ، آيَل سَنگهارَنِ جِي،
جَنِ ٿي پَهِي پِيارِيا، مَنجهان مَٽَن موڪَ،
لَڏي وِچان لوڪَ، اُٺي وِيا اُڪري.
بيت - 29
جهوڪون نَه جهُڻڪَنِ، وَڳُ نَه پَسان وَٽ ۾،
آيَل سَنگهارَن، جيڪُس چِٽاڻو چِت ڪيو.
بيت - 30
جي ڀانئين وَسَ چَران، تَه سَنگهارَنِ سين لَڏِ،
تَه هاڃي سَندي هڏِ، ڪُوڪَ نَه سُڻين ڪَڏهين.
بيت - 31
جي ڀانئِين وَسَ چَران، تَه سَنگهارَنِ سين گهارَ،
جَنِين سَندي واڙ، چورُ نَه اَچي ڪَڏِهين.
بيت - 32
جيڪا گهاري ماءِ، آيَل سَنگهارَنِ سين،
تَه رُکو مُور نَه کاءِ، توڻي هوءِ اَوڳُڻِي.
بيت - 33
پَٽين پَڪُون پَونِ، ڀَرِيا ڀاڻَ هَٿَنِ ۾،
نيڻَ مُنهنجا روُنِ، سارِيو سَنگهارَنِ کي.
بيت - 34
مَنڌِيُون مَٽين گُڙَنِ، جهوڪ به سُونهَنِ پَهيڙا،
سَندي سَنگهارَنِ، جُوءِ جِياري جَڏِئين.
بيت - 35
ڀُوريَنِ پاندَ ٽِمَنِ، جهاڳ جهاڳِي آئِيُون،
ڪاڇو مينهَڙِيَنِ، مُندائِتو ماڻِيو.
بيت - 36
راءَ سين رُٺا جي، تَنِ جاڙيجُنِ جاڙَ ڪِي،
ڪِئن ماڻِيندا سي، چوڏَهن چارو ڪَڇَڙو.
بيت - 37
جاڳو جاڙيجا، سَما سُک مَ سُمَهو،
پَسو آن پارِئان، لاکو ٿو لوڙيون ڪَري.
بيت - 38
ڀُڄِئان ڀُلِي پيرُ، وِڌو راءَ رِڪابُ ۾،
ڪَڇ رَهندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُنِ سين.
بيت - 39
ڀُڄِئان ڀَلِي نِڱيو، ڏيئِي پاڳوڙي پيرُ،
جَسي ۾ جَسراجَ جو، مَٿي وانڍِينَ ويرَ،
ڪَڇ رَهندو ڪيرُ، لاکو لوڙائو ٿِيو.
بيت - 40
ٽاٽو ڪِينِ پُلاڻَ، سَدا هَڻَنِ کَرکَرا،
لاکي لوڙائُنِ جا، اِهڙائِي اُهڃاڻَ،
ڏيئِي تَنگَن تاڻُ، ڪُوڪَ ڪارِيندا ڪَڇڙي.
بيت - 41
لاکو لوڙائُنِ سين، چوڏِسِ ٿو چَڙَهِي،
وِڙِهيو وَريامَنِ جا، ڌُڻِيو ڌَڻَ هَڻِي،
پِيُسِ جو پَري، سو واهَرَ ڪَنِهين نَه وارِيو.
بيت - 42
اَڏِيو جو اوڏَنِ، سو شالَ ڍِنگهَرُ ڍِلو مَ ٿِئي،
جِنهن ڀَر ويهِي ڪَنِ، ليکو لاکي ڄامَ سين.
بيت - 43
لاکي لَڄَ کُنئِي، اَگلن اوڏڙيَنِ جِي،
ڪَندو ڪانَه ٻِئِي، اَڳَ وِسُوڙل آهِيُون.
بيت - 44
لاکا لَڄَ سَندِياءِ، اوڏا اَگلِي آهِيان،
پَکا سي پَرٽاءِ، جي اَجهي تُنهنجي اَڏِيا.
بيت - 45
اَڏيندي اوڏَنِ، لَڏَڻَ جِي ڪانَه ڪئِي،
لاکو مَٿان تَنِ، اوچِتوئِي آئِيو.
بيت - 46
لَکِي ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا ٻاجهُه ٿِي،
قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون اولاڪو،
وانڍين ۾ واڪو، ريٻاري رَهِي وِيا.
بيت - 47
ڇِنَلَ ڇَڄَ هَٿَن ۾، ڪُلَهَنِ ڪوڏارا،
پورِهي خاطِرِ پانهِنجي، اُٿِيَنِ سَوارا،
اوڏَ به ويچارا، لاکا! وَڃَنِ لَڏِيو.
بيت - 48
نِئَي نِهاريَمِ نارَ، تان پِرِتِ پُراڻِي نَه ٿِئي،
ويچارا سَنگهارَ، ڪِنهن سائي جي سانگَ وِيا.
بيت - 49
ڪيڏانهن وِيا سَنگهارَ، جي هُئا هِنِين ڀيڻين،
ڏور تَه ڏورِيُون يارَ، ٻيلِي ٻِنَهِين ڪَنڌِئين.
بيت - 50
رَڙي ريٻارَڻ روءِ، واڙي پايو وَڇَڙا،
کُرا ويڻَ کَنگهارَ کي، چَنچَل اُڀِي چوءِ،
واڙي وَڇ نَه ڪوءِ، لاکو لوڙائُن سين.
بيت - 51
ريٻارَڻِ روئي، واڙي وِڌا وَڇَڙا،
سَمُورا سوئي، هَڻي هِتان ساٿ ويو.
بيت - 52
ريٻارَڻِ رِيجهاءِ، لاکو لُولاٽِينِ سين،
سائُو مانَ سَندِياءِ، ٺَٺ مَٽائي ٽاڪَرو.
بيت - 53
لاکا لَکَ سُڄَنِ، پَر ڦُلاڻِيءَ ڦيرُ ٻِيو،
جِينهن ڀَرِ راڻا راڄِيا، ڪوٽَنِ ڌَڻِي ڪَنبَنِ،
جنهن جو جاڙيجَنِ، سُتي سَنڪو نَه لَهي.
بيت - 54
جَتَنِ جاڙيجَنِ سان، صُلحُ ڪَر سَنگهارَ،
تُون وَڳُ ڇڏين ٿو ويسَرا، هوءِ چَمَڪِيا چوڌارُ،
تو جيڏا تو پارَ، لاکي ڪَئين لَڏائِيا.
بيت - 55
وَنهينِ سَگهارَنِ جي، سُونهاري سانڄاڻ،
پوءِ ٿا پِيَنِ پاڻ، پهرين پِيارِين پَيَڙا.
بيت - 56
اَڏي اَڏي اوڏَ، ڇَڏي وِيا ڀيڻِيُون،
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، پِيا آهِينِ پَٽَ ۾.
بيت - 57
ڪَڏهِن ڳاڙهو گهوٽُ، ڪَڏهِن مَڙُهه مُقامَ ۾،
سَندو واريءَ ڪوٽُ، اَڏِيو اَڏِبو ڪيترو.
وائي - 1
تُون جو وڃين ڪيچ ڪَهِي، اي ادا، ڏيج پاراپو پِرِينءَ کي.
ڏُک مُنهِنجي ڏِيلَ ۾، سَگهان ڪِينَ سَهِي،
ڏيج پاراپو پِرِينءَ کي.
آئُون ڦوڙائي مارِئي، مُنهنجا واقِفَ وِئَڙا وَهِي،
ڏيج پاراپو پِرِينءَ کي.
ڀينَرُ هِنَ ڀَنڀورَ ۾، سارِيان ڪونَه سَهِي،
ڏيج پاراپو پِرِينءَ کي.
مُون مُئِيءَ مَٿان ڪيترا، وِئَڙا ڪانگَ لَئِي،
ڏيج پاراپو پِرِينءَ کي.
گهاتو
داستان پھريون
بيت - 1
گَهنگَهرِيا گَهڻَ ڄاڻَ، موڙهِي مَت مَھائِيين،
وِيا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِيا مُنھن مِھراڻَ،
اڳيان پويان ٽاڻَ، وِيا ويچارَنِ وِسَرِي.
بيت - 2
ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مَٿان راتِ پَئِي،
اولِيُون اُجهَڻَ لَڳِيُون، وِيا وَنجههَ وَهِي،
ڪَلاچئان ڪَهي، ڪَڏِهن ڪونَ آئِيو.
بيت - 3
ڪو جو قَهرُ ڪَلاچَ ۾، جو گهِڙي سو نِئي،
خَبَرَ ڪونَ ڏِئي، تَه رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِيا؟
بيت - 4
ڪالَهه ڪَلاچِي ويا، ڇَتِيُون کَڻِي ڇُڳيرَ،
ڀائِرَنِ ڀيرو نَه ڪِيو، اَدَنِ ڪِي اَوِيرَ،
اِهَڙي خاصِي کيرَ، ڪُنّ وَرائي جهَليِي.
بيت - 5
تَرِيُون پَسان نَه تارِ ۾، جهُڳا جاءِ نَه ڪَنّ،
مادَرِ! مَلاحَنّ، ماڳِ نَه ڍويا مَڪُڙا.
بيت - 6
ڏهاڻِي ڏِٺَم ڪيترا، جَنِين مارِيو موڪُ،
گهَرَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، ٿا مارِينَمِ ٿوڪَ،
لَڏي وِچان لوڪَ، اونهي وِيا اوهِري.
بيت - 7
ڪالَهه ڪَلاچي وِيا، گهاتُو ڪَري گهُورَ،
مادَرِ مَلاحَنِ جا، ويٺي سَهان سُورَ،
مون کي ڪَري مَلُورَ، اونهي وِيا اوهري.
بيت - 8
اُڀِي اوسِڙان اُس ۾، جهَلِيو ڪُنّ ڪِنارَ،
گهاتُو گهَرِ نَه آئِيا، وَڏي لَڳِينِ وارَ،
هُيَسِ جَنِينِ هارُ، سي موڙي چَڙهيا مَڪّڙا.
بيت - 9
کِلِي جان کِنڪارِيان، تان ساٽِي سَڱُ نَه ڪَنِ،
وارِيو وهٽ وَڃنِ، ڪِن سڀاڳِن سامُهان.
بيت - 10
جِتي گهورِيو گهاتُئين، تِتِي واريءَ بٺ،
سَهسين ساٽِي مُٺ، سَرُ سُڪو، سُونگِي گَيا.
بيت - 11
نَڪا بُوءِ بازارِ ۾، نَڪا ڇِلر ڇَٽ،
جِتي ڏَنڀرين جِي، اَڳي هُئِي اَکٽ،
سي پِڙ پَسِيو پَٽ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِيا.
بيت - 12
مُون اُڌارِيا مَڇَڙا، اَلله، گهاتُو آڻِ،
مِيان مُدارَنَ سين، مُون کي قادرَ! وِجههُ مَ ڪاڻِ،
هَٺَ مُنهِنجي هاڻِ، قَدرُ لَڌو جن ري.
بيت - 13
اوري هُئا تَه آئِيا، جيڪس وِيا پَري،
ساٽِي سَڏَ ڪَري، ماڳ نِهاري موٽِيا.
بيت - 14
اِئين جا لُڏو لوڏَ، ايءَ پَرِ گهاتوُئڙَنِ جِي،
ڪُن ڪُلاچِي ڪوڏ، سُک نَه سُتا ڪَڏهِين.
بيت - 15
گهورِيندي گهورِ پِيا، اَگهور گهورِيائُون،
ميڪُر مارِيائُون، مَلاحَن مُنهن سَنرا.
بيت - 16
جانِ گهِڙندا گهاتُوئا، تان رَڇَن ڏِيو رڱ،
سَڳايُون ۽ سَڱ، ڪَلاچِيءَ ڪيرُ ڪَري.
بيت - 17
جِئن جهُڳا پائيين جهولَ ۾، اِيئن نَه مَرَنِ مَڇّ،
سَٻَرَ ڌارِ سَمُنڊَ جا، ڪِي رائُون رَڱي رَڇّ،
هي ڇاروُن ۽ ڇَڇّ، اَڃان اوڙاهُ آڳاهُون ٿِيو.
وائي - 1
جيٖڪَسِ جَهلِيا مَڇَّ، گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
ڪاھٖي وَڃو، ناکُئا ڪَرِيو بُرٖي تٖي بَڇَّ
گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
ڪاٿٖي سَندِيَنِ ڪُنڍِيُون، ڪاٿي سَندِيَنِ رَڇَّ
گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
ڪُنَّ ڪَڙڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِيان اَڇَّ
گَهاتو گَهرِ نہ آئِيا.
ڪاپائتي
داستان پھريون
بيت - 1
توڻي تُون ڪاتارَ، جِمَ هيڪَلي ڀيرئين،
ڏِٺي ڪا ڏُئار، صَرافَ اِنَهينءَ سُٽَ ۾.
بيت - 2
جَنِين ڀيريو، هيڪَلو، تَنِين ميڙِيو ماءِ،
تَندُ اِهڙي ساءِ، مُون آتَڻ هَڏِ نَه اُڄَهي.
بيت - 3
چَرَخو چوري هَٿِ ڪَرِ، هِيءَ هَڏ وِهاڻِي،
ڪاپائِتِي سَڀَڪا ڪَتي، ساجهُر سيباڻِي،
ڄاتو جَن ڄاڻِي، تَنِ هَٿان پَهِي نَه ڇَڏي.
بيت - 4
هِيءَ هَڏِ وِهاڻِي، ڪَڙُه ڪالهُوڻي ڏِينهَن کي،
اُٿِي اورِ اَرٽَ سين، ويههُ مَ ويڳاڻِي،
تَه صَرافَ سڀاڻِي، موٽائي هَڻَنَئِي نَه مُنهَن تي.
بيت - 5
جان ڪَتِين تان ڪَتُ، هِي هَڏِ وِهاڻِي،
ڪو پَنهِنجِي عِيدَ لَئي، ڀيري ڪج ڀَرتُ،
مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچ سَرِتئين.
بيت - 6
ڪَتَڻَ جِي ڪانَ ڪَرِئين، سُتِي ساهِئين هَڏَ،
سُڀان اِيندَئِي اوچِتِي، عِيدُ اُگهاڙَنِ گَڏ،
جِتِ سَرِتيُون ڪَنديَئِي سَڏُ، سِڪَندِيئَن سِينگارَ کي.
بيت - 7
پائي ڏورِ اَرٽ ۾، ڪَتين نَه ڪُوڙي،
وِهانءَ واڌاڻي، ڀُڻين سَنڀوُڙي،
مُئي جِنهن موڙي، سا ڪِئَن وِهي ويسَري.
بيت - 8
ڪِتُوئِي نَه ڪالَهه، اَڄُ پُڻ اُجهَڻَ کي مَرِين،
ڀوري توسين ڀالَ، ڪانڌُ ڪَرِيندو ڪيترُا.
بيت - 9
سي تو ويهِي وِڃائِيا، جي ڪَتَڻَ سَندا ڏِينهَن،
اَرٽُ اوڏي نَه ٿِئين، ڀوري ڀوري سِيئَن،
ڪَنڌ کَڻنديئَن ڪِئَن، اَڱڻ عَجِيبَنِ جي.
بيت - 10
توڻي ٿِيئن وَڏي، توءِ اُٿِي آتَڻِ آءُ،
ٿِي ڀيڙي ڀيرَمَ وارِئين، ٻِي هَڏِ ڪَر مَ ڪاءِ،
تَه صَرافُ تو صُباح، ڪوٺي ڪاتارِيَنِ سين.
بيت - 11
سونَ سارِيڪا هَٿَڙا، ڪوهه نَه ڪَتئين رَڏِ،
ويهي ڪُنڊ ڪاپو ڪر، گهُتون گوهيون ڇَڏِ،
تَه صَرافاڻي سَڏِ، مَرَڪِيو هُوندَ مَٽائِيين.
بيت - 12
ڀَڳو ئِي ڀير، جانسِين رَتو راسِ ٿِئي،
بُريءَ بيڪاريءَ سين، هاري پاڻُ مَ هير،
ڪَتُ ڪَتندِيُون ڪير، نَئين سين نَه ڄاڻِجي.
بيت - 13
ڀيرِئين ۽ ڀائيين، اِئَن وِڏوڻو ڪانڌ،
ويٺِي اورِ آرٽَ سين، ڳِچي پايو پاند،
ته تُنهِنجو وِڻواند، ڪِتو وِتو نَه ٿِئي.
بيت - 14
مَڇُڻ ڀاڳَ ڀَر ڏِئين، ڪَتُ، ڪَنبَندي آءُ،
جَڏهِن تَڏهِن ماءُ، ڀيرنِ ڀيرَمَ وارِيُون.
بيت - 15
چانِنُتِ پائي چِتَ ۾، سَنُهون ڪِتو جَنِ،
تَنِ جو صَرافَنِ، دُڪو داخِلُ نَه ڪيو.
بيت - 16
مَحَبتَ پائي مَنَ ۾، رَنڊا روڙِيا جَنِ،
تَنِ جو صَرافُنِ، اَڻ تورِيو اَگهائِيو.
بيت - 17
اَٺَئِي پَهَر اَرٽَ سين، جي ڪَتَنِ ۽ ڪَنبَنِ،
تَنِ جو صَرافَنِ، ڦورو ڦولِيو ڪِينَ ڪِي.
بيت - 18
ڪو جو وَهُ ڪاپاتِئين، ڪَتَنِ ڪَنبَنِ،
ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجهِه اَچَنِ،
اُنِ جِي سُونهَن سَيدُ چَئي، ٿا صَرافَ سِڪَنِ،
اَگهِيا سُٽَ سَندَنِ، پائي تُراڙي نَه تورِيا.
بيت - 19
سُٽ اُنِين جو سَڦَرو، جي پَر ۾ پِڃائِين،
آوازُ اَرٽَ جو، ساه نَه سُڻائِينِ،
لِڪِايو لَطِيفُ چَئي، ڪَنبِيو ڪَتائِينِ،
جي ماڻَڪِ موٽائِينِ، توءِ مُلهه مَهانگو اُن جو.
بيت - 20
تُنبائي تاڪِيدَ سين، جَنِ پِڃايو پاءُ،
لَسِي تَندُ لُطِيفُ چَئي، هَلي تَنِ هَٿاءُ،
مَلمَل مَنجهان ماءُ، جي سِکِيُون تَنِ سونُ ڪيو.
بيت - 21
پَلئي پايو پوڻِيُون، دَر دَر ڀيرا ڏي،
ڪا مُون ڪَتائي، آئُون ڪاپائِتِي آهِيان.
بيت - 22
ٽَڪُ وِنگِي، وَرَ گهَڻا، ڪَتِيان ڪُڄاڙو،
ڪاپي مَٿان ڪيتَرو، آڻِيان اُڌارو،
جي وَرُ ڏئي وارو، ته سُونهان سَرِتينِ وِچَ ۾.
بيت - 23
اولاڻِيان اَرٽ، ڪيڏانهَن ڪَتَڻَ وارِيُون،
پَهِيُون مَٿي پَٽَ، لُڙِجنَ لاکِيڻِيَنِ جُون.
بيت - 24
ڪَتي ڪَتي ڪالَهه، اَڄُ نَه آتَڻ آئِيُون،
اَرٽَ اُکِلِي مالَهه، پُوري وِيئيُون نِجهُرا.
بيت - 25
نَه سي وَؤڻَ وَڻَنِ ۾، نَه سي ڪاتارِيُون،
پَسِيو بازارِيُون، هينئڙو مُون لُوڻ ٿِئي.
بيت - 26
ڪَتي مَٽي آئِيُون، ڪَري تَندُ تَيارُ،
اُٽَلَ اوڏانهِين ٿِئي، جيڏانهن پِرِينءَ پارَ،
ڪاپائِتِيءَ قَرارُ، مَنجهان پُوڻِيءَ آئِيو.
بيت - 27
جا سَنُهون نَه سِکِي، ته مَرُ رَنڍائي روڙي،
سُٽُ اُنِين جو سَڦَرو، وِيا تَرازيءَ توري،
ٿُلهي ۽ ٿوري، ويچاري سين وَڙُ ٿِيو.
بيت - 28
جَنِين ڪِتو ڪالههَ، سي پاڻان پيئِيُون مامري،
جَنِين ٽَڪ نَه مالَهه، سَرَهِيُون سي صَرافَ سين.
بيت - 29
پائي پاندِ ڪَپاه، مُون آتَڻَ سَڀ نِهاريا،
کَڻي ڪانه پَساه، سَرَتِيُون وَڃِي سُتيُون.
بيت - 30
چَرکو پَنهِنجي چِتَ ۾، ڀِنيءَ ڀيرِيو جَنِ،
توڻي ڪِينَ ڪتن، ته به ڪانڌُ اُنين جو ڪوڏِيو.
بيت - 31
تاڃِي تورِيائُون، تان عيب نِکَتا آڳرا،
ڪوٺي ڪاپائتِينِ کي، پَر ۾ پُڇِيائُون،
اَگَلَڙي آئُون، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نَه ٿِيا.
بيت - 32
مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نَه ٿِيا، اَگَلِي آئُون،
جان تاڃِي تورِيائُون، تان عيب نِڪري آئِيا.
وائي - 1
ڪا هِينئين سين لاءِ، ڀوري ڪا هينئين سين لاءِ.
تَنبائي تاڪِيدَ سين، جَنِ پِڃايو پاءِ،
ڀوري ڪا هِينئين سين لاءِ.
لَسِي تَندُ، لَطِيفُ چَئي، هَلي تَنِ هَٿاءِ،
ڀوري ڪا هِينئين سين لاءِ.
پُهيون تُنهِنجيُون جهرڪن جهورِيُون، ٻِيُون اُڏايُون واءِ،
ڀوري ڪا هِينئين سين لاءِ.
اَرٽَ پاسي اوجهرِين، توکي سُمَهَڻَ آيو ساءِ،
ڀوري ڪا هِينئين سين لاءِ.
وائي - 2
آئُون جا ويندَڙي پارِ پِرِينِ جي، مُون کي آيَلِ جهَلَ مَ پاءِ،
جهَلُون پَلُون پائيين، پاڻا مَت نَه اَڇئِين ڪاءِ،
آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.
وِيو ٻاروچو نِڪري، سُور چَکايُم ساءِ،
آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.
مُنهنجا ڪَم ڪَرِيمِ تي، ريبي مُون مَ رَهاءِ،
آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.
ويئِيُون ڪِنهن وِڳَهه تَڙ، ڀيڙا ڀَڃِي ماءِ،
آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.
آتَڻَ مَٿي اُسري، آيَسِ اُنِين لاءِ،
آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.
جَنِين سُورُ سَرِيرَ ۾، تِنَئان هِتِ نَه ڪاءِ،
آئُون جا ويندَڙي پارِ پِريَنِ جي.
رپ
داستان پھريون
بيت - 1
گُوندَرَ ڪيو غَرَقُ، ماءَ مُنهنجو ڄِندڙو،
ڏُکويَنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳَرَ پَنڌڙا.
بيت - 2
گُوندَرَ گَڏِيياسِ، صحت نِيڙَم سَڄَڻين،
مادَرِ مارِيياسِ، ڦوڙائِي پِرِيَنِ جي.
بيت - 3
اُٺي جِئَن مورَنِ، اوڀَڙَ وَلهارن ۾،
سا پَرِ گُوندَرَ ڪَنِ، جُهه ڦوڙائو سَڄَڻين.
بيت - 4
لائي جو وِيا، سو مَنجهئِين ٿو مَچُ ٻَري،
سو اُجهامي ڪِئان، جِنهن سورِيندَڙ سُپِرِينِ.
بيت - 5
ڪَهَڻُ تَه ڪَچائِي، سُورَ نَه سانڍَڻُ سُٿرا،
اَڃان تان آئِي، ڏِيلَ مُنهنجي ڏُکَ سين.
بيت - 6
جِيئن سو تَئِيءَ تَرو، کامي کُوري وِچَ ۾،
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو،
وَرُ جهِيڻُو اِي ٻَرو، مَ ڦوڙائو سَڄَڻين.
بيت - 7
اُڀريم اَنگوُرَ، سُتي سُپيرِينِ جا،
کايو کايو سُورَ، لُڇِيو لوچِيو اُٿِيان.
بيت - 8
ڳرن ۾ ڳَرهيج، روئِي ڪج مَ پَڌرا،
تان سُوران ئِي سَهيج، جان لاهِيندَڙ ڪو لَهين.
بيت - 9
ڳر ۾ ڳُجهو روءِ، پَڌَرِ وِجههُ مَ پِرِينءَ ري،
سُورَنِ سَڀَر هوءِ، هِينئڙا ڪُمَ ڪَنَن جِئن.
بيت - 10
لاههِ مَ پَچارانِ، سُک مَ سُمہُ جِندڙا،
ڪَر جهوري ڪيڻانِ، ڪالهوُڻِيان اَڄُ گهَڻِي.
بيت - 11
جهوري جهِڄَڻ جهانءِ، مُون جَنهِين جِي نَه لَهي،
آيَل! اِيئن مَ ڀانءِ، ته ڪا آئُون جِئندي اُنِ ري.
بيت - 12
جهِڄي جهانءِ ڪَري، ماٺ نَه اَچي مُون هِينئين،
سَڄَڻَ سي ساري، هو جنهين جو هيرَئُون.
بيت - 13
جاءِ نَه سڄو ڏِينهن، هِينئڙو اوٺي وَڳَ جِئَن،
مُون پِريان سين نِينهن، ڇِنَڻ ڪارَڻ نَه ڪيو.
بيت - 14
لاهِيان جي نَه چِتان، اَللهَ! اُنِ مَ وِسَران،
مَڙهيو مَنجهاران، جِيءُ مُنهنجو جَنِ سين.
بيت - 15
پَلَ پَلَ ٿِي پَلِيانسِ، پَلَڪُ نَه رَهي پِرينءَ ري،
جئن جهوري کان جهلِيانسِ، جهِڄيو تنهن جهوريءَ پوي.
بيت - 16
ڪڪَرَ مَنجههِ ڪَپارَ، جهُڙُ نيڻَنِئون نَه لَهي،
رات مُنهنجي روُحَ ۾، اَٺا پِرين اَپارَ،
آءُ ساجن! لَهه سارَ، وِرهه وَڪوڙي آهِيان.
بيت - 17
مُون مَنجهِيئِي مِينهُن، ڪوهُ ڪَرِيندِيَسِ ڪَڪَرِين،
سَوَلو سارو ڏِينهُن، مُون پِريان جونَه لَهي.
بيت - 18
سُتي سَنڀِومِ، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو،
ڪَنڌَ وِهاڻو ڀِنو، هَرِيو هَٿُ ٿِيوم،
سَڄَڻُ ياد پِيومِ، جاڙَ جِيان ٿِي جيڏِيُون.
بيت - 19
سَڄَڻَ سَنڀرِيامِ، پييَمِ ڪَرَ ڪَپارَ ۾،
جِهڙي تِهڙي حالَ سين، پِرِين نَه وِسِرِيامِ،
هَرِيا هَٿ ٿِيام، نيڻَنِئُون نِيرُ وَهي.
بيت - 20
سَنڀرِيو جِيان، ڳالهِيُون، پِريَمِ تُنهِنجِيُون،
ڪهڙا ڳُڻَ ڳَڻِيان، ٿورَنِ مَٿو ناهِ ڪو.
بيت - 21
جُهه سي سَنڀرِجَنِ، ڳالهِيُون پِرِين تُنهنجِيُون،
لُنءَ لُنءَ هيٺِ وَڄَنِ، رَڳُونِ رَبابَنِ جِئن.
بيت - 22
چَتَرُ رَهي نه چِتُ، وَڻين واڳِيو نَه رَهي،
رَئِيءَ لَٽِجي نِتُ، هِينئڙو واٽَ وِرکَ جِئن.
بيت - 23
چوري چوري چِتُ، وَئِيءَ وِهاڻِيءَ نِڪَران،
نِينهُن گهُرائي نِتُ، پِريان سَندي پيرَ ۾.
بيت - 24
چَتُرُ رَهي نَه چِتُ، سُورين صَبرُ نَه ڪَري،
سَڄَڻ ساريو نِتَ، ويڳاڻُو ٿِيو وِجهُلي.
بيت - 25
چيتارِيان چُڻڪَنِ، سَنڀارِيانِ سَهِي،
اَندَر روُح رَهِي، صُورَتَ سُپِرِينِ جِي.
بيت - 26
چيتارِيان چُڻڪَنِ، وِسارِيان نَه وِسري،
ويروتارَ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳي هَڏَ جِئَن.
بيت - 27
چيتاري چُوندِياسِ، ڳالهِيُون سَڀوئِي سَڄَڻين،
جُهه مُقابِلِ ٿِياسِ، تَه سَڀِ وَڃنم وِسري.
وائي - 1
جو نَوازي ڏَڏُ، آسَرَ لاههِ مَ اُنَ جِي،
ويههُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها لاهي لَڏَ،
آسَرَ لاههِ مَ اُنَ جِي.
اوڏايان اوڏو گهَڻُو، ڪهڙا ڪَرِئين سَڏَ،
آسَرَ لاههِ مَ اُنَ جِي.
اَگَلَنِ کي اوڏو وِهي، گَندا ڪَري گَڏ،
آسَرَ لاههِ مَ اُنَ جِي.
ڪهڙا جَڏَ جَڏوئِيين، جُودَ مهندان جَڏَ،
آسَرَ لاههِ مَ اُنَ جِي.
اَڳِيان عَجيبَنِ جي مُشڪِل ٻَڌَڻُ مَڏَ،
آسَرَ لاههِ مَ اُنَ جِي.
آدم تِئائِين خَلقِيو، هوءِ جا کَڄي مَنجهان کَڏَ،
آسَرَ لاههِ مَ اُنَ جِي.
داستان پھريون
بيت - 1
سَڄَڻَ ساڻ نَه ڀيٽُ، ڳُجهَه ڳَرهيان ڪِن سين،
ڳالهِيُون انهي ريٽ، سَلا ٻَڌي مورِيون.
بيت - 2
ڳالهِيُون پيٽَ وَرَنِ ۾، وَڌي وَڻَ ٿِيُون،
پَرَ سين مُون نَه ڪِيُون، گوشي پِرِين نَه گَڏِيا.
بيت - 3
اَنگَنِ چاڙهي اَنگُ، وِيو ٻاروچو نِڪَري،
روئِي ڏِنو رنگَ، ويچاريءَ وَڻَنِ کي.
بيت - 4
اَکِيَنِ جا آگَمَ، مُون تان لاهِ مَ سُپِرِين،
ڪَري مَلارُ مِنهَن جِئن، وَسِي لاهِ وَهَمَ،
تو ڏٺي مُون غَمَ، ڏِينهَنِ جا ڏوُر ٿِيا.
بيت - 5
نيڻَ نَه نِنڊون ڪَنِ، ڀَڳو آرسَ اَکِئين،
اُجهامِيو ٻَرَنِ، توکي سارِيو سُپِرِين.
بيت - 6
سنئِين نه سيڻانِ، ناهِ اُبتِي اُنِ سين،
ونءُ سَهِي ويڻان، تو نَه سرنَدَي تَنِ ري.
بيت - 7
اَندَر اَندَرِيُون، جِئن سي وانجهِيءَ لَٺِ ۾،
مُون تَنَ تيتَريُون، تَه ڪِينءَ مِلبو سَڄَڻين.
بيت - 8
جِئَن سي کُوهِيءَ نارَ، وَهَنِ واريءَ گاڏُئان،
هينئَڙو پِريان ڌارَ، نِبيرِيانسِ نَه نِبري.
بيت - 9
سَٻَرُ سِيءُ پِيو، نه مُون سوڙِ نَه گَبَرو،
نَه مُون ڪانڌُ نَه قُوتُ ڪِي، جوڀَنُ وَهِي وِيو،
تَنهِينَ حالُ ڪِهو، نِڌر جَنهين نِجهُرا.
بيت - 10
اُتَر اوتُون ڏي، نَه مُون سوڙِ نَه گَبَرو،
سِيءُ سارِيندِيُون سي، جَنهين نِڌر نجهرا.
بيت - 11
اُتر ڏِني اوتَ، نَه مُون سوڙِ نَه گَبَرو،
چارَئِي چُنِيءَ پرت، مُون ريڙهيندي رات ويئي.
بيت - 12
نِينهُن نِهائِينءَ جان، ڍَڪِيو ڪوهُ نَه ڍَڪِئين،
ڄَرُ ڄيري ڇَڏي، تهَ ڪِئن پَچَندا ٿانءَ،
سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالهَڙي.
بيت - 13
نِينهُن نِهائِينءَ جِئن، ڍڪِيو ڪوهُ نَه ڍَڪئين،
ڄَرُ ڄيري ڇَڏي، تَه رَڇَ پَڇَندا ڪِئَسن،
تُون پُڻ ڪَريج تِئَن، جِئن ڪُنڀار ڪَرين ڪَمُ سين.
بيت - 14
نِهائِينءَ کان نِينهُن، سِکُ مُنهنجا سُپِرِين،
سَڙي سارو ڏِينهُن، ٻاهَرِ ٻاڦُ نَه نِڪري.
بيت - 15
نيڻَ نِهائِينءَ جان، سُتي لوڪَ ڍَڪِيان،
اُجهامِيو ٻَران، توکي سارِيو سُپِرِين.
بيت - 16
ڪِي جو ڪُنڀارَنِ، مَٽِيءَ پائي مٽِيو،
تِنهن مان تِرَ جيتري، جي پيئِي خَبَر کَرَنِ،
هي تان هُوندَ مَرنِ، هُنِ اَڱَڻِ اوراتو ٿِئي.
وائي - 1
هاڙها ڳاڙها هوت، ڪيچِي ڪالَهه لَنگهي وِيا،
سِڪَ ٻاروچِي نَه لَهي، مَٿي تائِين موتَ،
ڪيچِي ڪالَهه لَنگهِي وِيا.
لَڳُندي لَڪَنِ ۾، پاڻان ٿِيَسِ پوتَ،
ڪيچِي ڪالَهه لَنگهِي وِيا.
مَتان مُون کي ڇَڏئين، هِتِ هوتاڻِي هوتَ،
ڪيچِي ڪالَهه لَنگهِي وِيا.
ڏِيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرِين، تو هِي ڪارَڻِ جهوتَ،
ڪيچِي ڪالَهه لَنگهِي وِيا.
وائي - 2
جِئري زِيارَتَ، جي مان هوءِ پِرِينَ سين.
سَڌَرُ مُنهِنجا سُپِرِين، مُون تان لاهِ مَ هَٿَ.
مولا مُون کي ميڙئين، سُپيرِيان جي سَٿَ.
ڇَنڊِيان کِهَه اَکِينَ سين، پيرين وِجهان هَٿَ.
ڏُوران ڏِٺَمِ سُپِرِين، هُيَم جَنِ جي سِڪَ.
ڪارايل
داستان پھريون
بيت - 1
”وَحدَهُ“ وائِي، چَڙهندي چَيائِين،
سو لُڙُ لَنگهِيائِين، جِتي پارُک پَکيان.
بيت - 2
ٻَگهن سين ٻاڻُ هَڻِي، اُڏاڻو آڪاس،
جِتي پِرِين سَنداس، سو سَرُ مَڻي هَنجهڙو.
بيت - 3
اَکڙيُون اوڙاههَ ۾، اڀو تَڪي تار،
پِٿُون جي پاتار، هَنجههُ تَنِهين جو هيرئُون.
بيت - 4
پِٿُن لئي پاتارَ ۾، وَڃِي نَه پيهِي،
ڪَنڌيءَ ۾ ڪيهِي، حاج تُنهنجِي هَنجهَڙا.
بيت - 5
اونهُون جِتِ اوڙاههُ، هَنجههُ تَتِهِين هوءِ،
اِي ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇاڇَرِ ۾ ڇيروُن ڪَري.
بيت - 6
ٿِيو حُضوري هاڻ، سوجها پِيَسِ سَرَ جِي،
کُنڊي لَڌي کاڻ، پَکِيڙي پاتار ۾.
بيت - 7
اَڇو پاڻي لُڙُ ٿِيو، ڪارو ڪيو ڪَنگن،
اِيندا لَڄ مرن، تِنهن سَرَ مَٿي هَنجهڙا.
بيت - 8
ويٺو جِئَن وِماسئين، حَيرتَ پَؤ مَ هَڏِ،
لاتِيُون جي لِباسَ جُون، سي ڇپائي ڇَڏ،
”آئُون، آسِين“ ڪَنِ جِي، پاسي تَنِ مَ اَڏ،
تَنُ طالبن گڏَ، ته ويجهو ٿِئين وِصال کي.
بيت - 9
ويٺو جِئَن وِماسِئين، حَيرتَ پَؤ مَ هور،
اونهون جو اَڇو وَهي، گهِڙي تِئان ئِي گهور،
ڏَنِيُون هَڏ مَ ڏور، گهورِيو ڪَپَ ڪسِينَ جو.
بيت - 10
ويٺو جِئن وِماسئين، حيرتَ پَئو مَ هاڻ،
لَلَنِ کي لَطِيفُ چَئي، اَڇي ساڻُ آراڻ،
ڪَنگن لَٿيس ڪاڻ، گَڏِيو هَنجُهه حَبِيبَ کي.
بيت - 11
پَکِي پيهي نِڱيا، مَنجهان لَتاڙِيُنِ لَک،
ڪَنهِين ماڻِڪَ ميڙيا، ڪَنهِين رُتا پَک،
پُٺِيءَ لائي لَکَ، گَڏِيو هَنجههُ حَبيبَ کي.
بيت - 12
هَنجهَن سين هيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪَري نِهارِئين،
ٻَگهَنِ ساڻ ٻِيهارَ، هُوندَ ٻيلهه نَه ٻَڌين ڪَڏِهين.
بيت - 13
هارِيا هَنجهَه ٻَگهَنِ سين، ڪيهِي ٻَڌين ٻيلههَ،
ميرو مَٽائيج تون، اَڇي ڪَر اُڪيلَ،
ڪَنگڻ ساڻ ڪُويلَ، لَلي جِئن لُڙَ پِئين.
بيت - 14
اَڇو پِيو آڇاههُ، تَه اَڇائِيءَ اُبهَو،
وِهَڻ وَڙُ نَه اَنهنجو، پاڻِيءَ لُڙَ لَلاههُ،
سُسَر ڏِجي ساههُ، ڪُسَر ڪَنگَنِ قَبروُن.
بيت - 15
ڪُسَر ڪَنگَن قَبروُن سُسر ساڱاهيج،
هَنجهه هِتِ جِي ڳالهڙي، ٻَگهَنِ مَ ٻوليج،
ماڻي تُون مَريج، چَئج مَ ڪَنهِين چُهنج سين.
بيت - 16
سَرُ سُڪي سالَ ٿِيا، هَنجهه هَرِيوئِي پيرُ،
ڪَنگ ويچارو ڪيرُ، جو رَسي اِنَ رَمز کي.
بيت - 17
آءُ اُڏامِي هَنجهڙا، سَرَ ۾ سارِينَئِي،
مَتان مارِينَئِي، پاڙهيڙي پَهُه ڪَري.
بيت - 18
سَرُ ۾ پَکِي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاه،
سَنديءَ آسَ الله، لُڏي لَهرِينَ وِچَ ۾.
بيت - 19
هَنجههَ مِڙيئي هَنجهَه، ميرو مَجهِنِ ناهِ ڪو،
موتِي جي مِهراڻَ جا، سي پُورا چُڻج پَنجَ،
اَڄ ڪِ صُباح سَنجهه، ڍَٻِيءَ ۾ ڍيري ٿِئين.
بيت - 20
پَکِي پَسِي آئِيا، دلبو مَنجههِ دَرِياهه،
ويچارا ويساهه، آڻي اُتِ آڙائيا.
بيت - 21
جئن قَطَرُ چڻيو ڪُڙهه ڀَرئين، ٻول ٻَجهندين هَنجهه،
اَڄُ ڪِي صُباحَ سَنجهه، ٿو ڍَٻِيءَ ۾ ڍيري ٿِئين.
بيت - 22
پَکِي جنهن پڄائيا، تِنهن ۾ ساه نَه ماهه،
مَنجهِه ڪَرنگهُر ڪاٺ جو، مَٿي پَکن گاهه،
ويچارن ويساهه، مَٿي پَکَنِ آئيو.
بيت - 23
ڪَونرَ پاڙوُن پاتارَ ۾، ڀَنورُ ڀِري آڪاس،
ٻِنهِين سَندي ڳالهڙي، رازق آندي راسِ،
تنهن عِشق کي شاباس، جنهن مَحبَتِي ميڙِيا.
بيت - 24
ڪَونرَ پاڙوُن پاتارَ ۾، ڀَونَرَ ڀِري ۾ سُڃَ،
ٻِنَهِين سَندي ڳالهڙي، عِشق اِي اُهڃَ،
توءِ نه لَهِين اُڃَ، جي پِيو پين پاڻ ۾.
بيت - 25
ڪَنڌِيُنِ ۾ ڪوهُ ڪَرِئين، گَسُنِ ۾ مَ گُذار،
وَڃِي وَحَدتَ ويءَ ۾،گهُتُون ڇَڏي گهار،
شَرِيعُت جو سَرُ لَهِي، تَنُ تِنائِين تار،
حَقِيقتَ هَنجهَن سين، طَرِيقَتَ تَنوار،
مَنجهائِين مَعرفَتَ سين، اَندَرُ تُون اُجار،
هِدايَتَ جي هوءِ ۾، چُڻِيو تُون چُونگار،
ته پاڙهيري اِنَ پار، ڪونَه ڏِسين تون ڪَڏِهين.
بيت - 26
جيهَرَ لوڪُ جهَپَ ڪَري، اوهير اُڏلَنِ،
پٿون جي پاتارَ جون، چيتارِيو چُڻُنِ،
ڪوههُ ڪُندا کي تَنِ، پاڙهيري پَههُ ڪَري.
بيت - 27
ماڻِڪَ چُوڻو جَنِ جو، هَنجههَ حُضُوري سي،
ڇِلُرَ ۾ چَهنبَ هَڻِي، مَڃِي کِين نَه اي،
لوڪ نه لَکِيا تي، جيلانهن ڀُڻن ٻَگهن گَڏيا.
بيت - 28
لَلي لَنئِي راتِ، سَرَ ۾ ڪيو سوجهرو،
ٻَگها ٻاتاڙا ٿِيا، وائِي ڪَنِ نَه واتِ،
جُنگَنِ پَنهِنجي ذاتِ، نيئِي رَساڻِي روهه کي.
بيت - 29
هَنجهَه مِڙِيئِي هَنجهه، ميرو مَنجهن ناه ڪو،
جِتي رَهن سَنجهه، سو سر ڪَرِين سُرهو.
بيت - 30
سَرَ اُهي ئي اَڳِيان، پَکِي ٻِيا پِيا،
جَن لَمِئو لاتِيُون ڏِنيُون، سي ويچارا وِيا،
پاٽوُندَرُ پِيا، وڃِي ڪِينجهُرَ ڪَنڌِئين.
بيت - 31
وِيا مورَ مَري، هَنجهُه نَه رَهيو هيڪڙو،
وَطن ٿِيو وَري، ڪُوڙَنِ ڪانئيرَنِ جو.
بيت - 32
سَرهو سَرُ وِڃائِيو، ڪُوڙَنِ ڪانئيرَنِ،
رُٺا روهه وَڃَن، ڪنهن هيڻائِيءَ کان هَنجهڙا.
وائي - 1
جي مان چارائِينِ، جيڪَرُ جيڏِيُون، وو! ڪَرَهه سَندانِ چارِيان.
پيرين آئُون نَه پُڄَڻِي، ڪَرَهَل هوءِ نَه جهَلِينِ،
وو! ڪَرَه سَندانِ چارِيان.
ڳُجهِي آئُون نَه وَڃَڻِي، پَڌَرِ پِرِين نَه نِينِ،
وو! ڪَرَه سَندانِ چارِيان.
داستان پھريون
بيت - 1
وِياءَ واسينگَنِ جا، سَنها ڀانءِ مَ سَپَ،
جَنِين جِي جهَڙپَ، هاٿِي هَنڌائِين نَه چُري.
بيت - 2
سَنها ڀانءِ مَ سَپَ، سُڪا جَنِين پيٽَ،
تَنِين جِيءَ جهَپيٽَ، جُنگَنِ کي جوکو ٿئي.
بيت - 3
جن اوطاقُون آريج ۾، تَن جي وِههَ جو وَرَنُ پِيو،
پُرينَئان پَڌرو، تَن نانگن جو نِهو،
اُنِ جو ڪَنڊو ئِي ڪَمُ ڪَري، جي مَٿِسِ پيرُ پِيو،
ڪلي ويل ڪِهو، جو سامُهُون ٿِئي سَپَن کي.
بيت - 4
وِههُ هَٿين، وِههُ پيرين، وِهه جِن جي وات،
ڪاري ڪا جا ذات، جا مورن پُڻ مٽي ڇَڏي.
بيت - 5
ڪِنهن ڪِنهن ڪاريءَ ذات کي، مور پِه مٽائِين،
جي چَتُرا چکيا ڪري، تَه وَڳ وَرائي ڏِينِ،
ساٿ سَمُورا نِينِ، جي مَٺين ڀانئي موٽيا.
بيت - 6
پِهرِين ڪاري نانگ جِي، ڪو ڇِرِڪيل ڇيڙ ڪري،
جي هَڻِي ڏَنگُ ڏسائِيو، ته ويجهو تان نه وَري،
جيڪي ٽپ مَري، جيڪي سِڪي صحت کي.
بيت - 7
واتان جَنِين وِههُ وَهي، سي آيا اوڳارِينِ،
جي آرَڻَ ٻَڌي آئِيا، تان نانگ نه نِهارِينِ،
ڏَنَيَرُ تَنِ ڏاڙِهينِ، ميل جَنِين جي مَنَ ۾.
بيت - 8
کَپَرُ گاروڙِيَنِ سين، وَڏو وِڌءُءِ ويرُ،
نانگ نَه وِيندين نِڪري، تو ڏَر مَٿي پيرُ،
هِيءُ تَنِين جو ڍيرُ، جَنِين جهُوناڳڙهه جَلائيو.
بيت - 9
ڪارايَلَ جِي ڪوڏ، مُون ڪِينجهر سڀ نِهارِيو،
وَري واهيري نَه وَرِيا، لَلا لاکيڻِيءَ لوڏ،
هينئين جَنِ سين هوڏ، سي هَنجهَڙا سڀ هَلِي وِيا.
بيت - 10
سو پَکِي، سو پِڃرو، سو سَرُ، سوئِي هَنجهه،
پيهِي جان پَروُڙِيو، مُون پانهِنجو مَنجههُ،
ڏِيلَ جِنهنجو ڏَنجههُ، سو ماري ٿو مَنجهه ڦِري.
وائي - 1
ڪُوڙي راند، ڪوڙُو چَٽڪو، لِکَ سِيئَن لَلو پَتو،
لَنيو جِئَن لامين چَڙهين، ڪَرِيو ڪارايَلَ ڪَٽڪو،
ڪُوڙي راند، ڪُوڙو چَٽڪو.
ڪِ تو ڪَنين نَه سُئو، شَهبازَ جو سٽڪو،
ڪُوڙي راند، ڪُوڙو چَٽڪو.
مارئي
داستان پھريون
بيت - 1
’اَلسَتُ بِرِبِڪُم‘، جَڏِهن ڪَنِ پِيوم،
’قالُوابلي!‘ قَلبَ سين، تَڏهِن تَت چَيوم،
تِهين وير ڪَيوم، وَچَنُ ويڙيِچن سين.
بيت - 2
نڪا ’ڪُن فَيَڪُون‘ هُئِي، نَڪا مُورَتَ ماهه،
نَڪا مُڌ ثَواب جِي، نَڪو غَرضُ گُناهه،
هيڪائِي هيڪُ هُئِي، وَحدانِيَتَ، واهه،
لَکِيائِين، لَطِيفُ چَئي، اُتِ ڳُجهاندَرَ ڳاهه،
اَکين ۽ اَرواح، اُها ساڃاءِ، سُپِرِين!
بيت - 3
نَڪا ’ڪُن فَيڪون‘ هُئي، نَڪا هُنگَ نه هُون،
سَڄَڻ تنهن ساعَتَ ۾، بِيٺي ڏِٺوسُون،
مُون تَن تَڏاهَڪُون، مِلِي مُلاقات ڪِي.
بيت - 4
نَڪا ’ڪُن فَيَڪُون‘ هُئِي، نَڪو لِڱ، لَحَمَ،
بَنِيو هو نه بُت ۾، اڃا ڪِي آدَمَ،
مون توهين سين سَڱُ، اها ساڃاءِ، سُپِرِين!
بيت - 5
’فَيَڪُون‘ فِدا ڪَري، ڪَيائيِن سين ’ڪُن‘
تَعظِماً تَمامُ ڪَري، پوءِ پَٿَرِيائِين ڀُون،
ماروُ تِئان مون، ڀينَرَ! ڀاڱي آئِيا.
بيت - 6
چَئِي ’ڪُن فَيَڪُون‘ جَڏهِن خلقِيا رُوحَ خُداءِ،
گَڏُ جَتَ گُذران هُئو، جَڙَ لَڳِي تنهن جاءِ،
مارُوئَڙن ساڃاءِ، سائِي آهي سومَرا.
بيت - 7
جَڏِهن ’ڪُنُ فَيَڪُون‘، مَنُ تَڏهانڪُون مارُئين،
تون ڪِئَن وِجهين تَنَ کي، سُومَرا، شَڪُون،
هَمِيرَن هَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيُون.
بيت - 8
قِسَمتَ قَيدُ قَري، ناتَ ڪير اَچي هِنَ ڪوٽَ ۾،
آڻِي لِکِئي لوحَ جي، هَنڌُ ڏيکارِيُم هِيءُ،
پَرچي ڪِين پَهُنوار ري، جانِ جُسو ۽ جِيءُ،
راجا! راضِي ٿِيُّ، ته مارُنِ مِلي مارئِي.
بيت - 9
قسمَتَ قَيد ڪياسِ، ناتَ ڪيرَ اَچي هِنَ ڪوٽَ ۾،
’ونَحنَ اَقرَب اِلَيہِ مِن حَبلِ الورِيدِ‘، وَطَنِ آءٌ وِيندياس.
مارنِ کي ملندِياس، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏهِين.
بيت - 10
’قَيدُالمَاءِ‘ ٿِيوم، هِتِ آڙانگي گهارِيان،
’هِنَاڪ جِسمِي وَالفُوادُ لَدَيڪُم‘ هِنئون هُتِ سَندوم،
قادر شال ڪَندومِ، ميڙائو سين مارُئين.
بيت - 11
’قَيدُ المَاءِ، ڪَهَنِ جو، سو موُن پاند پيو،
’جَفُّ القَلمُ بِما هُوَڪائِن‘، وَهِي قَلَمَ وِيو،
اِي قَضا ڪُم ڪيو، جِئن ٿَرِ، مارؤ آءُ ماڙِئين.
بيت - 12
جِهڙو ’قيدَ الماَءِ‘، تهڙو بَندُ نَه ڪو ٻِيو،
’جَفُّ القلَمُ بِماهُوَ ڪائِن‘ لَهي نَه تِر تِناءِ،
عَمَرَ! تو هَٿاءِ، اَجائِي ٿِئي آجِڙين.
بيت - 13
ري اَعرابِيَنِ هِتِ، گَهنگَهرُ گهارَڻُ مُون ٿِيو،
’بَڪَتِ العَينانِ فِي هَوَاڪَ دُماّ‘ پُڄان ساڻُ پَرِتِ،
مَنَ، اَکيُون، تَنُ تِتِ، جِتي جَنَمُ جيڏِيين.
بيت - 14
هِي هَنڌَ ماڙيون هاڻِ، ساڙيان سَڀِ ڏيهِيَنِ ري،
’ڪُلُّ شَيءِ يَرجِع اِليٰ اَصلِہ‘، ٿِي جِهڄان جهانگِين ڪاڻ،
ڀِري پنهنجي ڀاڻِ، پَسان مُلڪ مَلير جو!
وائي - 1
عمَرَ! آئون وِيندَڙو پُڇان ڪوءِ،
جِتي مارؤ، تِتِي پانڌي، آلو!
مَٿي ماڙيءَ مارُئِي، رُئاري ۽ روءِ،
جِتي مارؤ، تِتي پانڌي، آلو!
پنڌ کارِيو پَهيڙا، ڪِين جو اُڀري چوءِ،
جِتي مارؤ، تِتي پانڌي، آلو!
ساريو سانڀيڙَنِ کي، روحُ مُنهِنجو روءِ،
جِتي مارؤ، تِتي پانڌي، آلو!
پانڌي پَهُنوارِنِ جو، ڪالَهه نَه آيو ڪوءِ،
جِتي مارؤ، تِتي پانڌي، آلو!
راڄُ پَرَتو رَبّ کي، سومَرا، سندوءِ،
جِتي مارؤ، تِتي پانڌي، آلو!
داستان ٻيون
بيت - 1
نِڪو ايُر نِه ڀيرُ، نَڪو اوٺِي آئِيو،
مُون وَٽِ آيو ڪونَ ڪو، ڀائران ڀَري پير،
ڪِتابَتُون ڪير، آڻِي ڏِيندُمِ اُن جيوُن.
بيت - 2
نَه خَبَرَ، نَه خَواب، نَڪو اوٺِي آئِيو،
هُتِي جو هِت ڪهين، ڏِنو ڪونَ جوابَ،
هَميِرَنِ حِسابُ، ڪُہ ڄاڻان ڪهڙو ٿِيو.
بيت - 3
اوٺِي ڳوٺِي آڻِين، ڪو هُتي جو هِتِ هير،
تَه ڪِنا جي ڪوٽَنِ جا، ٿِينِ سُرَها سيرَ،
آءٌ تَه اَکِين اُگهان، جي پائُر ڏِنَئي پيرَ،
اَلله لَڳِ، لَطِيفُ چئي، لاءِ مَ تُون اَويرَ،
ڪوٽين گهاري ڪيرَ، مَحَلين مُنجهي مُون هِينئَون.
بيت - 4
آلا! اوٺِي آڻِين، جي نِياپا نِينِ،
آئون اُنِين جِي آهِيان، توڻي مُون نَه مَڃِينِ
مَسُ مُنهِنجي هَٿَ ۾، ڪاغذ ڪي آڻِينِ،
لُڙِڪَ نه لِکَڻُ ڏِيِنِ، ڪِرِيو پُونِ قَلَم تي.
بيت - 5
جي اَمُرُ هُڻيو اَڌَ ڪَري، سي ڪاغَذَ لِکان ڪِئن،
واڳِيُون جي وِصالَ سين، تَنِين چاڙَهي چِيئَن،
رُئان راتو ڏِينهن، جِئن اُنِ جي وائِيءَ ۾ وَرَ گهان.
بيت - 6
تنِ وَهِيَنِ ويڙِيَچنِ کي، رُئين تَه راتو ڏيِنهن،
ڪالَهه پَهُنوارَنِ لَڏِيو، مُون کي چاڙهِي چيئَن،
آئُون جِئندي ڪِيئن، جُه اُنِ ٿَرِ وڃِي، ٿاڻا ڪِيا.
بيت - 7
ٿَرِ ٿَرِ اَندَرِ ٿاڪَ، عُمَرَ، ماروُئَڙنِ جا،
لاٿائُون، لَطِيفُ چَئي، مَٿان لوئِيءَ لاکَ،
عُمَرَ! ڪَرِيو اَکَ، پَهرِيو ٿِي پَنَ چَران.
بيت - 8
ٿَرِ ٿَرِ اَندَرِ ٿانءُ، وَهِينِ ويڙيَچنِ جو،
سَڀ تُنهِنجو سُومرا، ويٺا ڳَنِهنِ نانءُ،
اُتي وِيندِيَسِ آنءُ، لوئِي لَڄَ مَٿي ڪَري.
بيت - 9
سَهسين سيبا ڪَنجُري، لوئِي لِيڙَ ٿِيامِ،
اَباڻِن جي آسَري، ڪَتِي ڪانَ ڪِيام،
جا ڍَٽِ ڍڪِيامِ، تِنهِنجو، پَرِوَرَ! پَنُ رهائِبين.
بيت - 10
سَهسين سيا ڪَنجري، لوئيي لِيڙوُن لِيڙَ،
واسي وارَ، نَه ويڙهيان، مَرُ جَڳُون رَهنِ چِيڙ،
ماروُءَ جي مُهاڙ ريءَ، اَندرِ ناههِ اُڪِيرَ،
هِهِڙو حالُ هَميرَ، وَٺِي شالَ ويڙِهه وَچان!
بيت - 11
سَهَسين سيباَ ڪَنجُري، لوئِي سين لِيڙُن،
هِهڙو حالُ وَٺِي ڪَري، وَڃان مَنجههِ ٿَرَنِ.
مارؤ مانَ چَوَنِ، تَه هُئِي آسانهيِن آسَري.
بيت - 12
سِبِي سيبا ڏي، ڀوريءَ نِينهَن نه ڪُڄِيو،
کَٿِيءَ وَٽِيُون کُٿِيُون، مَتِي سِيوي سي،
مَڇُڻِ چُونِمِ ڪِي، تهَ لَڄائَيِئي ٿَرَ ڄائِيُون.
وائي - 1
مُنهِنجو مَن، ميان! واڳِيو ويڙِيچنِ سين.
پاهِي پاکي پَٽَڙي، پِرِيَنِ ساڻُ پِيان!
واڳِيو ويڙِيچَنِ سين.
پَيرُ نَه ڇَڏيان پِرِينءَ جو، جانَ سِين ٿِي جِيان،
واڳِيو ويڙِيچنِ سين.
حَرفَ لَٿي هيڪَڙي، هِتي تان نَه هئان!
واڳِيو ويڙِيچنِ سيِن
کيرؤن کٿيرِيَنِ کي، وَڃِي ڏيہِ ڏِيان!
واڳِيو ويڙِيچَنِ سين.
آئون ڪِئن لوئِي لاهِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِيهان؟
واڳِيو ويڙِيچنِ سين.
داستان ٽيون
بيت - 1
پِٽولا پَهُنوارِيُون، موَرِ نِه مَٿي ڪَنِ،
جو لاکَ رَتائُون لوئِيُون، تَه سالُنئان سُونُهَنِ،
اُنّ ايلاچَنِئُون اَڳَري، بَخِمَلَ بافتَنِ،
سَکَرَ ڀائِيان، سُومَرا، کَٿِي کان کُهنبَنِ،
جا ڏِنِيمِ ڏاڏاڻَن، سا لاهِيندي لَڄَ مَران،
بيت - 2
آرَمَ هِڏِ مَ اوڍِيان، پَٽولا، پَٽَ چِيَر،
ٻانڌوُڻا ٻَنِ ڏِيان، آرِغَچَ ۽ عفبِيرَ،
ماروُءَ سِين شَلَ ماڻِيان، کَٿِيُون جِهڙِيون کِير،
اَندَر اُڃ اُڪِير، مون کي پِرينءَ پَهنوار جي.
بيت - 3
سونَ بَرابَرِ سَڳڙا، ماروُءَ سندا مُون،
پَٽولا پَهنوارِ کي، عُمَرَ، آڇِ مَ توُن،
وَر لوئِيءَ جِي لون، ڏاڏاڻَن ڏِنِيامِ جا.
بيت - 4
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُون، لُون بَرابَرِ لَکُّ،
رُپو جنهن رَدِ ڪِيو، ڪوڙِ تِهيِن کي ڪَکُّ،
مُون ماروُءَ جو مَکُّ، تيل نَه لائِيان تُنهِنجو.
بيت - 5
تيلَ نَه لائِيان تُنهِنجو، مون ماروُءَ جو مَنِ،
ڪِرِيان ٻِي نِه ڪَنِ، آهَرَ اُنَهيِن آهِيان.
بيت - 6
مون ماروُءَ سين لَڌِيون، لوئيءَ ۾ لائَون،
سونَ بَرابَر سَڳَڙا، مون کي ٻِاهُن ٻَڌائوُن،
عُمَرَ جو آئوُن، پَٽُ ڪِئن پَرَهِيان، سُومَرا!
بيت - 7
پَٽُ نَه پَرَهِيان، سُومَرا، جانڪِيتان جِيان،
آئوُن ڪِئن لوئِي لاهِيان، ڪَارِڻِ ٻِنِ ڏِيهان،
جانسِين ٿِي جِيان، ڪَانڌُ نَه ڪَنديِسِ ڪو پِيو.
بيت - 8
جَنِ ڪَرايَنِ ڪَچ جا، وَرُ ساهِيڙيُون سي،
اُتِ اُڪَنڍيِ آهِيان، مَنهَنَ مارُوءَ جي،
پَکَنِ سين نَه پاڙِيان، هَنڌَ هِتي جا هي،
اَهلَ اَباڻَنِ کي، مَري شالَ مَلهائِيان!
بيت - 9
ڪَراُيُنِ ڪَچَ جا، چُوڙا ڪُوڙا جِنِّ،
سو مَرَڪُ ماروُئَڙَنِ، جِئان لوڪَ لَڄَ ٿِئي.
بيت - 10
ڪارا، ڪَرايُنِ ۾، سوُن اَسان کي سُوءَ،
وَرُ جيڏِيُنِ سين جُوعَ، فاقو فَرِحَتَ ڀائِيان!
بيت - 11
اِيّ نَه مارُن رِيتِ، جِئن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي،
اَچي عُمَرَڪوٽَ ۾، ڪَندِيَس ڪانَ ڪُرِيت،
پَکَنِ جِي پَرِيتِ، ماڙيءَ سين نَه مِٽيان.
بيت - 12
عُمَرَ، اَڇا ڪَپِڙا، ڪاڻِيارِيُون ڪِئن ڪَنِّ،
جَنينَ جا ٿَرَنَ ۾، وَرَ ٿا ويڻَ سَهَنَّ،
هُوءِ جي حَقُ ڀَڃَنِّ، سي ڪِئن سَتِيُون، سُومَرا!
بيت - 13
آئُون ڪِئن سوڙِيين سُمَهان، مُون وَرُ گهارِي وَلههَ،
کَٿيريءَ تان کِلَ، عُمَرَ! ڪِجِ مَ اِهڙي،
بيت - 14
آئُون ڪِئن سوڙِيين سُمَهان، مُون وَرَ گهاري، سُڃّ،
وَرُ اَباڻَنِ سين اُڃّ، کوءِ شَربَتُ تُنهِنجو سُومَرا.
بيت - 15
وَرُ سي وَطَنَ ڄائِيُون، صَحرا سَتُرُ جِنِّ!
گولاڙا ۽ گُگِريُون، اوڇَڻُ اَباڻَنِّ،
ويڙهيا گُهَمنِ وِليين، جهانگِي مَنجِهه جَهنگـَنِّ،
موُن کي ماروُئَڙَنِ، سُڃّ ڳَڻائِي سيڄُ ۾.
بيت - 16
پَلِرُ پَيِڻُ، واڇَڻُ اُنّ، جَنِ جا پيرُ مَٿي پَٽَ پاڪَ
وَهَڻُ وَراڪَنِ ۾، اُنِ جي اَجوکِي اوطاق،
پاڻُ نَه پَسَنِ پاڻِ کي، ويچارا بي باڪَ،
عُمَرَ، اُوءِ نَه عاقَ، ڏُکِيا جِمّ ڏَکوئِيين.
بيت - 17
کارا، کَٻَڙَ ڏيههَ ۾، ٻِيا واريءَ مَنجِهه وَٿاڻَ،
ساٿِينَ کي، سَيّدُ چئي، ڀَرِيو ڏِيَنِ ڀاڻَ،
عُمَرَ! اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِج سُومَرا.
بيت - 18
ٿورا مَنجِهه ٿَرَنّ، مُون سين ماروُءَ جي ڪِيا،
عُمَرَ! اُنِ ڳُڻَنِّ، آئون ڪِئن لوئِي لاهِيان.
بيت - 19
هَڏ ته پَڙان هيڪُڙي، ٿوري ٿَرَ ڄايَنِّ،
مُون کي ماروُئَڙَنِّ، ميري ڪَري نَه مَٽِيو.
بيت - 20
ڇَڏِ سَٻَرايون سُومَرا، عُمَرَ! لَڳِ اَللهَ،
ٿِيمِ نَه ٿورا ڏِينهَڙا، ماڙِيين ڳاريمِ ماههَ
سِڪَ مُنهِنجي ساههَ ماروُءَ جِي مَسَ لَهي!
بيت - 21
جا عَمَر! تو مُلِ عيدَ، سا اَسان سُوءَ وَرِتِي، سُومَرا!
ويِئي ويچارَنِ وِسَري، خوشِي ۽ خَرِيدَ،
سِڪَڻَ ڪِيا شَهِيدَ، ماروُ جي مَلِيرَ جا.
بيت - 22
مَنهِنجو تُورُ تَلِنِ ۾، چِيها ٿو چاري،
ڍائِي ڍَٽَ ڌاري، آهِمِ اُٺيِ مِينهَڙي.
بيت - 23
مَنهِنجو تُورُ تَلِنِ ۾، آئوُن هِتِ بَندِياڻِي!
مُون ڏاڏاڻِي ڏيههَ ۾ ڦَرِههُ ۽ لاڻِي،
ڪَندِيَسِ رِهاڻِي، ماروُءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.
بيت - 24
حَقاڻو هُتِ ٿِيو، آئوُن هِتِ بَندِياڻِي!
ساري ساڏوهِيِنِ کي، ڪوٺِين ڪُوماڻِي،
لِڱين لوهَ لَطِيفُ چَئي، ويٺِيسِ وِساڻِي،
مُنڌَ ماروُءَ جِي نَه لَهي، کَپتِ کِجاڻِي،
سَمُنَ سَچاڻي، اُتي آهِم اُنِ سين.
وائي - 1
لوئِيءَ ۾ لائوُن، موُن ماروُءَ سين لَڌِيُون.
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، ٻاهُنِ ٻَڌائوُن،
سو ڪِئن پَٽُ پَرَهِيان سومَرا، گهورِيو عُمَرَ جو، آئوَن،
مُون ماروُءَ سين لَڌِيُون.
کاڄُ کٿيرِنِ سَفَرو، سَڱَر ۽ سائوُن،
مُون مارُؤءَ سين لَڌِيُون،
سا ڪِئن کائي کارِڪُون، جِنهن کي ڏَؤنرا ڏيجُ ڏِنائوُن،
مُون مارؤءَ سين لَڌِيُون،
کہ، مانڌاڻُون، مَکِڻِي، قُوتُ جَنهِين جو سائوُن،
مُون مارؤءَ سين لَڌِيوُن.
عُمَرَ تي جورَ ڪَري، جيلانهَن راڄُ آڳاهُون،
مُون مارؤءَ سين لَڌِيوُن.
داستان چوٿون
بيت - 1
مينڍا ڌوئي نَه مارَئِي، پيَسِ پَنهُوارِيون چِتِ،
راڄَ رئاڙي، هَنجُون هاري، هِيءَ هُتيجيِ هِتِ،
آهِسِ پائُرَ پارَ جو، کِجَڻُ ۽ کَپُتِ،
وِنگَسِ ويڙِيچَنِ ريِءَ، مَسَ سُڻي ڪا مَتِ،
سُومرا! سُپَتِ، ڪَرِ ته ڪوٽِنان نِڪري.
بيت - 2
مينڍا ڌوئي نَه مارُئي ، آهِسِ مَنِ مَلِير،
ڪَڍي تَه ڪاڻِ لَهي، هِتان هِيّ هَمِير،
کائُرِ پِيَنِ کِيرُ، اَمانَتَ اُتِ وَڃي.
بيت - 3
ميِنڍا ڌوئي نَه مارُئِي، نَه کِلي نَه کاءِ،
عُمَرَ جي اِنصافَ جا، ويٺِي واساما ڳاءِ،
هِيءَ جا ڪِيئِي هاءِ ، سا، مَهندان اِينديِئي مُنهنَ ۾.
بيت - 4
مِينڍا ڌوي نَه مارُئِي، ٿِيس ڪُرِنُون وار،
سَتِيءَ سيئِي سارِيا، جي پائُرَ جا پَنهُوارَ،
عُمَرَ! اُنِهون ڌار، مُورَ نَه وِهي ماڙِيين.
بيت - 5
مِينڍا ڌوئي نَه مارُئي، مَحَلين مارُنئان ڌارَ،
پايو ميٽُ مَلِيرَ ري، مُنڌَ نَه ويڙهي وارَ،
جا هُتيجَنِ هارَ، سا ڪِينَ وِهَندي ڪوٽ ۾،
بيت - 6
مِينڍا ڌوئي نَه مارُئِي، ڪونهي اُنَ اوڄاهَ،
عُمَرَ جي اِنصافَ جو، پيُس ڪَنّ پَڙاءُ،
ويِٺِي چوء: ”اَللهُ، مُون تي مِٽَ نَه موٽِيا!“
بيت - 7
مَحَلين ماندي مارُئِي، ڏِٺِيَمِ مُنهن مَلُورَ،
اَڻڀا سَڻڀا نَه ڪَري، سُونهن وِڃايَسِ سُورَ،
پِيس لوهَ لَطِيف چَئي، لَٿَس ڪوڏَ، ڪَپوُرَ،
چِتَ جَنين جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نَه ڪَندِيوُن.
بيت - 8
ڪَرِيو مُهاڙِ مَليرَ ڏي، روءِ اُڀِي چوءِ
:”سهڄ سُوري ڀائِيان، سُومَرا! سَندوءِ،
”مِلڪَ ماروءِ جِي آهِيان جورِ نَه ٿِيان جوءِ،
سو قَلبَ ڪوٽِ نَه هوءِ، جو هُتيجَن هَٿِ ڪِيو“.
بيت - 9
ڪَرِيو مُهاڙِ مَلِيرَ ڏي اُڀِيائِي آهي،
جا مَٿي ڏِنيَسِ مارُئين، سا لوئِي نَه لاهي،
سُومَرا! ساهي، مِيتيِءَ وِجُهه مَ سَنگهَرون.
بيت - 10
ڪِيَمِ مُهاڙِ مَلِير ڏي، مَٿي ڪوٽ چَڙهِي،
نتُ نِهاري ڏيههَ ڏي، ڳوڙها پِيَمِ ڳَري،
نِڱِي ڪُوڪَ قَلب مان، مَنجهان روُحَ رَڙي،
ويڙِيَچَنِ وَري، ڪَرَ نَه لَڌي ڪَڏِهيِن!
بيت - 11
جي ڪَرَ لَڌائون، تَه بَنديءَ بَندُ نَه سارِيو،
ماروئَڙَنِ آئوُن، جيڪُسِ وِيَس وِسَري!
بيت - 12
بَندي ٻِيا قَرارِ، آسين لوچُون لوهَ ۾،
مَٿي تَنَ تَرارِ، سَدا سانڀئڙَنِ جِي.
بيت - 13
نِيَرُ نَه لَهي نِينهن جو، لُههَ جا وِيا لَهِي،
ڪُنَجِيُون جي قَفلَنِ جِيُون، سيڻَن هَٿِ سَهِي،
وِئَڙا راڄَ رَهِي، ڏِيان ڏوراپا ڪَنِ کي.
بيت - 14
نِيَرُ نَه لُهي نِينهنَ جو، لُههَ جا لَهِي وِيا،
مارُنِ ڌاران ماڙِيين، ڏُهِلا ڏيِنهَن ٿِيا،
ڏيهِي ڏُورِ وِيا، ڏِيان ڏوراپا ڪَنِ کي.
بيت - 15
لنگُڙِياري لوڪ ۾، جَنهِين لِئي ٿِياسِ،
تنهِين تِر جيتَرو، پَلَڪُ نَه پُڇياسِ،
جَهروڪَنِ جهوريو هِينئُون، ڪوٺِيَنِ آءُ ڪُٺِياسِ،
مارُنِ موُنجَهه مُياسِ، ناتَ ماڙِيَنِ مارِيَس ڪِين ڪِي.
بيت - 16
ماڙِين مارِيَسِ ڪَينَ ڪِي، مُيَسِ مارُنِ لاءِ،
ڪَرَ لَهندا ڪڏِهيِن، مُنهِنجي اَچِي ماءِ!
سانبِيَڙَن سَداءِ، ويٺو واجَهه وِجهي هِينئوُن.
بيت - 17
ويٺو واجَهه وِجهِي هِيئوُن، پَرِ پَهنُوارَنِ،
اَتِ اُڪنڍي آهِيان، پائُر ۽ پِرِيَنِ،
ڪَرِيان ٻِي نَه ڪَنِ، وِيندِيَسِ وَطَنَ سامُهيِن.
بيت - 18
وِيندِيَسِ وَطَنِ سامُهينِ، مَلِيرُ مُنهِنجو ماڳُ،
ڏُٿُ چونُڊِينديُسِ ڏيههَ ۾، ساڻُ سَرَتِينِ ساڳُ،
تَه مُون سئُون سَڀاڳُ، جي ويجهي ٿِيان وَرَ کي.
بيت - 19
جي ويجهِي ٿيان وَرَ کي، تَه سَڀاڳومِ سَنئوُن،
نتُ نِتُ آههِ نَئوُن، مون کي وِرهه ويڙيِچَنِ جوء.
بيت - 20
آئوُن ڪِئن ڇَڏيان، سُومَرا، تَنِ پَهُنوارَنِ پَچارَ،
جَڙَ جنيِن جِي جانِ ۾، لَڳِي ريءَ لُهارَ،
ميخُون مَحَبّتَ سَندِيُون، هيِنئنڙي مَنجههِ هَزارَ،
بکا ۽ پَهُنوارَ، ڏِٺي مُون ڏِينهنَ ٿيا.
وائي - 1
مُون مَ کَسيجاههُ، مُون مَ کَڻيجاههُ لوئِي، مِيان عُمَرَ!
ساڻُ پُلاههَ نَه پاڙِيان، سَندي ڏَؤنرَنِ ڏوئِي،
مِيان عُمَرَ! مون مَ کَسيجاههُ.
ڪانڌُ نَه ڪَندِيَسِ ڪو ٻِيو، مُون وَرُ مارؤ سوئِي،
مِيان عُمَرَ! مُون مَ کَسيجاههُ.
کوءِ سي طعامَ تَبُّنِ جا، وَرُ سا ڏُونرَنِ ڏوئِي،
مِيان عُمَرَ! مُون مَ کَسيجاههُ.
جهانگِي جو جَهنگـَنِ جو، سيڻُ ڪَمِيڻِيءَ سوئِي،
مِيان عُمَرَ! مُون مَ کَسيجاههُ.
داستان پنجون
بيت - 1
سُونهنَ وِڃايَمِ، سُومَرا! مارؤ مَسَ مَڃِينِ،
ڏُونگها ڏاڏي پوٽِيين، ڪَنِ ڏِنا، ڪِي ڏِينِ،
جِي مان لوههَ لاهِينِ، تَه ڪوٽَنِ ۾ ڪِينَ هُئان.
بيت - 2
سُونهنَ وِڃايَمِ سُومَرا! ميرو مُنهُن ٿِيومِ،
وَڃَڻُ تِتِ پِيومِ، جِتِ هَلَڻُ ناهِ حُسنَ ري.
بيت - 3
سُونهنَ وِڃايَم سُومَرا! سکر جِهَڙي سُونهن،
دِلِ ۾ دُکِي دُونهن، مُهِنجو مُنهُن ميرو ٿِيو.
بيت - 4
سُونهنَ وِڃايَمِ سُومَرا، هِتي اَچِي هاڻِ،
ڪِئن لَهَندِيَمِ ڪاڻِ، حُسنُ مُون هِتِ وِيو!
بيت - 5
سُونهنَ وِڃايَمِ، سُومَرا! ڪيڏانهن وِيُمِ ڪَمالُ!
وڃان ڪِئن وَطَنَ ڏي، هِهَڙو وَٺِي حالُ،
جي مُون ڏِينِ جَمالُ، تَه پَسان مُنهن پَهُنوارَ جو.
بيت - 6
سُونهنَ وِڃايَمِ سُومَرا! وَطَنِ وَڃان ڪِيئَن،
حُسَنِ ڌاران هِيئن، پَسان ڪِئن پَهُنوارَ کي.
بيت - 7
سُونهنَ وِڃايَمِ سُومَرا! پَسان ڪِئن پَهنُوارَ،
ڌَڻِي جا ڌَراڙَ، تِنهن رُوءِ ريءَ رُچَڻُ ناههِ ڪو.
بيت - 8
سُونهنَ وِڃايَمِ سومَرا! عُمَرَ ٿِيَسِ آسِيرَ،
ماروُ مَنجههِ مَلِيرَ، مُون سين هِتِ هِئن ٿِيو!
بيت - 9
سُونهنَ وِڃايَمِ سُومَرا! ٿِيندِيَسِ ڪِئن قَبُولُ،
ڪونهي سُهڳُ، نَه سوُلُ، پوُچي مُنهن پَهُنوارَ سين!
بيت - 10
تَنِ! مُنهَن موچارا مارُئين، مَلِيرَ جَنِهين ماڳُ،
ناقِصَ نَوازي گهَڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳَ،
اَڱَڻِ مُون اَڀاڳُ، حُسنُ مُو هِتِ وِيو!
بيت - 11
ڪونهي قادِرُ ڪو ٻِيو، اُنِهِين جو اَڀاڳُ،
”قُل لُن يُّصِيبَناَ اِلّا مَا کَتَبَ اللهُ لَنا“، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ،
سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مساوي ٿِيو.
وائي - 1
مَنجههِ رَهِي مَلِيرَ، هاري، مُون ڪُوه ڪِيو؟
مُون هَٿان، مُنهِنجا ڌَڻِي، سَهَسين ٿِيا صَغِيرَ،
هاري، مُون ڪوهُ ڪِيو؟
پَکِي مَنجههِ پَنهُوارَ جي، ڪوڙِيين ڪِيَمِ ڪَبِيرَ،
هاري، مُون ڪوهُ ڪِيو؟
تُون ڏِيين، تُون ڌَڻِي، دِلاسو دِلگِيرَ،
هاري، مُون ڪوهُ ڪِيو؟
ٻَڙو لاههِ مَ ٻاجَهه جو، مُون تان، مُنهنجا پيرَ؟
هاري، مُون ڪوهُ ڪِيو؟
ٿڌِيُون وَلِيُون ٿَرَنِ ۾، ڪوڙين ڪِرڙِ ڪَرِيرَ،
هاري، مُون ڪوهُ ڪِيو؟
داستان ڇھون
بيت - 1
جِهَڙي آيُسِ جِئَن، جي تِهَڙي وَڃان تَنِ ڏي،
تَه لالائيءَ جا، لَطِيفُ چَئي، ڪَرَ مُندُن اُٺا مِينهن،
ٿَيسِ ڪاڻِياري ڪانڌُ جِي، هِتي اَچِي هِيئَن،
ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪِئن، مَنَهِن ماروُئڙَنِ جي.
بيت - 2
جِهَڙي آيَسِ جِئن، جي تِهَڙي مِلان تَنِ کي،
’ڦِران، ڦَرَ چارِيان‘، هِينئُون چَئيمِ هِئن،
وَڃان ڪِئن وَطَن ڏي، ڪاڻِ لَهَندِيَمِ ڪِئن،
مُندائتِي مِينهن، سُونهان سَرَتِينِ وِچَ ۾!
بيت - 3
هيڪُ جِئن نَه ڄاياسِ، ٻِيو ڄاپَندي جي مَران،
گهَنگهَرُ گهَڻُون ٿِياسِ، ڄاپي، مارُوئَڙِن کي.
بيت - 4
هِيءُ مُنهُن ڏِيئِي ٻَنِ، تُون وِهُ کائِي نَه مَرِين،
تان جِي مَلِيرَ ڄائِيُون، توسين سَنڱَ نَه ڪَنِ،
تُون ڪِئن مَنجهان تَنِ، پاڻُ ڪوٺايين، مارُئي!
بيت - 5
عُمَرَ! ٻَنِ جِيو، کوءِ مُنهِنجو، سُومَرا!
جا پَرِ نَه پَهُنوارَنِ جِي، مُون سين تيئن ٿِيو!
وَٺِي مُنهن ڪِهو، وَڃان وَطَن سامُهِين.
بيت - 6
مَ سَپَني مارُئِي، مُئي، مَ ڄائِي،
جِنهن اَچِي عُمَرَڪوٽَ ۾، لوئِي لَڄائِي،
جا سانگِينِ سيڏائِي، سا ڪِينَ مَرَڪي ماڙِيين.
بيت - 7
باالله آهِيان بَندَ ۾، ڌُئان ٿِي ڌَٻَرُ،
ويڻَ وَراڻِي ناهِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ،
مِيان مِهرِبان ڪُريِين، اِلاهِي عُمَرُ،
ويڙ پَسان سو وَرُ، جيڏانهنن عالَمَ آسَرو!
بيت - 8
اَلا! اِيئن مَ هوءِ، جِئن آن مَران بَندَ ۾،
جُسو زَنجِيرِنَ ۾، راتو ڏِيهان روءِ،
پِهرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏِينهَڙا!
بيت - 9
آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ آئُون پِييسِ بَندِ،
مُونهِين لَڳو مِيهڻُون، ڪِ مُونهِين ڪَڙو ڪَنڌِ،
مَران جي هِنَ هَنڌِ، تَه نِجاهُ مَنٿُ مَلِيرَ ڏي.
بيت - 10
واجهائي وطَنَ کي، ساري ڏِيان ساههُ،
بُتُ مُنِهنجو بَندَ ۾، قَيدِ مَ ڪَريجاههُ،
پَرَڏيهياڻِي پِرِينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَرِيجاههُ،
ٿڌي وسائج ٿر جي، مِٽِي مُئيءَ مَٿاههُ،
جي پويُون ٿِئي پَساههُ، تَه نِجان مَڙههُ مَلِيرَ ڏي.
بيت - 11
واجهائِي وَطَنَ کي، ساري ساههُ ڏِيان،
هيءُ سِرَ ساڙيہَ سامُهُون، مُنهِنجو نِجِ! مِيان!
مُقامِياڻِي مارُئين، وَڃي ٿَرِ ٿِيان!
مُيائِي جِيان، جي وَڃي مَڙههُ مَلِيرَ ڏي.
بيت - 12
واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جي هِتِ مُياسِ،
گور مُنهنجِي سُومَرا، ڪيجِ پَنهوارَنِ پاسِ،
ڏِجِ ڏاڏاڻِين ڏيہَ جي، مَنجهان وَلَڙِن واسِ،
مُيائِي جِياسِ، جي وَڃي مَڙههُ مَلِيرَ ڏي.
بيت - 13
ڳِچِيءَ ڳانا لوهَ جا، زِيرِيُون ۽ زنجِيرَ،
پَيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪوٺِيَنِ اَندَرِ ڪِيرَ،
چاري چوگانَنِ ۾، واهِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ،
ڇَن نَه ڇَڄي آهِيان، اِهَڙيءَ سِٽَ سَرِيرَ،
مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇِجِ ڪِي پَهُنوارَ کي.
بيت - 14
ڇَنِ نَه ڇڄي هيٺِ، ڪُڇَن آهِيان ڪوٽَ ۾،
لوئِيءَ سين، لَطِيفُ چَئي، ڀِيڙِيو ٻَڌان بيٺ،
سَرَهِيُون سي سَرَتِيُون، وَطَنِ جَنِين ويٺِ،
اُتي سَپَڄِي اُنَ سَسَنِ جِي، هِتِ رَڇائِين ريٺِ،
ماڻِيان شالَ مَلِيرَ ۾، مُدائتِي ميٺِ،
ڏيهيا! ڪِجا ڏيٺِ، ڪا مَدَتَ مُون سين ماڙِيين!
بيت - 15
ڇَنِ نَه ڇَڄِي آهِيان، ڪُڇَن ۾ ڪوٽَنِّ،
اِيندي پِيَمِ اُبتَا، پيڪَڙا پيرَنِّ،
هَٿوڙِيُون هَٿَنِّ، ڄَنگهُون ٻانهُون ڪاٺَ ۾.
بيت - 16
هَٿين هَٿَڪَڙولَ، هِينئڙي پِئڙُمِ هُنِ جا،
سانگِي سارِيمِ، سُومَرا، ڍاٽِي پاسي ڍولَ،
ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِيَمِ نَه ڪوٽَ وِهَڻَ جا.
بيت - 17
زيرِيين ٻيڙِيين لوههُ ۾، ڳَٽَنِ ڪِيَسِ ڳاههُ،
سَونڪي سَندي سُومَري، هَڏِ نَه چاڙِهُمِ ماههُ،
سَرَتِيُون! دُعا ڪِجاههُ، تَه ڀَرَمُ ڀاروڙيءَ رَهي.
بيت - 18
ڀَرَمُ ڀاروڙيءَ رَهي، جِنهن آڇِي اُن!
تَه ٻُڻِ ويٺِي وِنڌِيان، توڙي پُونِسِ تُنَ،
غافِلِ رَکُ غَرِيبِ کي، عُمَرَ! مَنجههِ اَمُنَ،
سَرَتِينِ ساڻِ سَمُن، آهِمِ اُٺِي مِينهَڙين.
بيت - 19
آهِمِ اُٺي مِينهَڙين، سَمُنّ سَرَتِينِ ساڻِ،
ڪِنهن پَرِ لاهِيان ڪاڻِ، وَڃِي ويڙِيچَنِ سين!
وائي - 1
عُمَرَ! آئُون مَري تانِ نَه ڇَڏِيندي، لو!
مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.
مِينهين اُٺي مارُئين، لالَنَ ساڻُ لَڏِيندي،
مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.
سِري مُنهِنجِي سُومَرا، ٿَرَنِ ڪِينَ ٿَڪِيندي،
مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.
هميراڻان هَٿَڙا، مِهري ڪِينَ مَڃِيندي،
مِٽِي مارُوئَڙَنِ جِي.
داستان ستون
بيت - 1
پَهنوارن پاٻوهِيو، وَرِيا واهُوندا،
سارِيمِ سيڻَ، سَيّدُ چَئي، گاڏِيليُون گُوندا،
ڀِٽَن ڀَرِ هُوندا، ڀُونگا ڀَڙَ ڀَتارُ جا.
بيت - 2
پهنوارن پاٻوهِيو، ڪي وَسَ واهُوندَنِ،
لَٿو سِيَّ، لَطِيفُ چَئي، ٻَڌو ٿَڻُ ڦَرَنِ،
اُوءِ ٿا ڪورِنِ ڪُنئري، سَرَتِيُون، مَٿان سَسَنِ،
عُمَرَ، اُنّ آگُوندَري، پاسي ڪانڌَ ڪَتنِ،
پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، ننڍَن نوراپَنِ،
کائِرُ کَٿِيُون خاصِيُون، اُوچِيُون اُتِ اُڄَنِ،
ڪَڍِيو پيڻُ ڪَهَنِ: ”مَلِيرَ گهُرِجي مارُئِي!“
بيت - 3
پَهنوارِن پاٻوهِيو، ڪِي واهُوندَنِ وَسّ،
عُمَرَ! اُنَهِين ڏِيہَ جا، ڏوٿِينِ ڏِنَمِ ڏَسّ،
وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِيا، لُلَرَ نِڱِيو لَسّ،
آڻِيو وِجهن آهُرين، سَندا ٽُوهَنِ طَسّ،
ميوا مَڃُرَ، ماکِيُون، سَڀُڪا چَکَنِ چَسّ،
ماڙيءَ وِهي مَسّ، مَلِيرِ ويندي مارُئِي.
بيت - 4
آڻِينِ ۽ چاڙِهِينِ، ڏُٿُ ڏِيهاڻِي، سُومَرا!
سَٿا ڪِيو، سُومَرا! سائُون سُڪائِينِ،
مَنجهان لَنبُ، لَطِيفُ چَئي، چانئَرَ ڪِيو چاڙهِينِ،
پُلاءُ نَه پاڙِينِ، عُمَرَ، آراڙي سين.
بيت - 5
تَنِ وَهِيَنِ ويڙِيچَنِ ۾، سَدائِين سُڪارَ،
چُونڊيو، آڻِيو چاڙِهِيُون، سَندي ڏئونرَنِ ڏارُ،
جَنِ جو ويڙنِ سين واپارُ، سي ڏوٿِي هُونِ نَه ڏُٻرا.
بيت - 6
ٿوري قُوتِ قَرارِيا، رَهَنِ سَٻَرَ سَتِ،
کَٿِيءَ ۾ کِہَ ڀَڪُلِيا، ڀُوڻَنِ اِهَڙي ڀَتِ،
پَنهوارڪِي پَتِ، پيهِي پُڇ مَلِيرَ ۾.
بيت - 7
نڪا جهَلَ نَه پَلُ، نَڪو رائُرُ ڏيههَ ۾،
آڻِيو وِجهَنِ آهُرين، روڙِيو رَتا گلُّ،
مارؤ پاڻَ اَمُلُّ، مَلِيروُنِ مَرَڪُڻون.
بيت - 8
مَٿن ٽُٻڪَ ٽُٻَڪڙا، چِڪَندَڙا اَچَنِ،
کُڙِيُون کيههُ ڀَڪُلِيُون، پَگهَرُ سِر پيرنِ،
اِي وَڙ ويڙيچَنِ، مُون لوڏان ٿِي لَکِيا.
بيت - 9
تَنِ ساڏوهِيَنِ سَڏَ مَران، ڏِنگَا جَنِين ڏارَ،
ڀُڻي ساڻُ ڀَتارُ، پائُرِ پيروُن چُونڊِيان.
بيت - 10
پاڻهئين پَچي پِيئيُون، ريءَ واهِيتَ، ريءَ واڙِ،
جُوءِ ڪُشادي جِيڏِيين، مَلِيرَ موڪَ مُهاڙِ،
اُت اَباڻان جِنهن جا، سا ماڙيءَ مُورِ مَ چاڙِه،
جي اُڪنڍِيُون آراڙِ، لوههَ تَنِين کي لاهِيين.
بيت - 11
دَرَ، دَروازا، دَرِيُون، هاڻي هِتي هو،
ڪوڙِيين اَڏِيان ڪيتَرا، تَنبُو مَٿاءُ تو،
جي مُولِ نَه آيا، مارُئِي، تَنِين رَڙُ مَ رو،
ڪُوڪَٽُ آهي ڪو، پَسيءَ پَهنوارَنِ ۾.
بيت - 12
سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون ماروُءَ سين ساههُ،
ويٺي سارِيان سُومَرا، گولاڙا ۽ گاههُ،
هِينئُون مُنهِنجو هُتِ ٿِيو، هِتِ مِٽِي ۽ ماههُ،
پَکَنِ مَنجههِ پَساههُ، قالِبُ آهي ڪوٽَ ۾.
بيت - 13
سَنهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون ماروءَ سين مَنُّ،
هَڻِي کَڻَ حِلَمِ جا، تَههِ وِڌائِين تَنُ،
ڪِئن ٽوپايان ڪَنُّ، اَباڻِيءَ اِبرَ ري.
بيت - 14
پاڇاهِي نَه پاڙِيان، سَرَتِيُون! سُئِيءَ ساڻُ،
ڍَڪي اُگهاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪِيائِين پاڻَ،
ٻِيهَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصافَ کي.
وائي - 1
رئوندي راتِ وِهاءَ، موُن کي رويو راتِ وِهاءِ،
عُمَرَ! مِيان سُومَرا!
آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪِي بَندِ پِيا،
عُمَرَ! مِيان سُومَرا!
مُون کي ڏيهان نِڪريي، ٻه ٽي ٿوڪ ٿِيا،
عُمَرَ! مِيان سُومَرا!
هڪُ عَمَرَ مَنڊِيا مامِرا، ٻِيو مارُو ٿَرِ ٿِيا،
عُمَرَ! مِيان سُومَرا!
عُمَرَ، بَندِياڻِينِ سين، جورو تو نَه جُڳاءِ،
عُمَرَ! مِيان سُومَرا!
داستان اٺون
بيت - 1
چَرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَري،
ڪَنا عَهَدَ ’اَلستَ‘ جي، ڪِ تِهائِين پَري،
’لَم يَلِد وَلَم يُولد‘، مارُئِي ڪوهُ ڪَري،
اَڄُ ڪِ ڪالَهه مَري، ساري سانبِيڙَنِ کي!
بيت - 2
چَرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِساريان ڪِينَ وَري!
جَنِ ٿي پَهِي پِيارِيا، مَنجهان سِڪَ سَري،
وَهِپَنِ ويڙِيچَنِ جي، سِٽائُنِ سَري،
ٿُرَنِ ٿوڪَ ڌَري، اُٺي وِئَڙا اُڪَري.
بيت - 3
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، وِسارِيان ڪِينَ وَرَنُ!
’لَيسَ ڪَمثِلہ شَيءٌ‘ پَسَڻُ ناهِ پِرِيَنِّ،
پَکا پَهنُوارَنِ، نيئِي اَڏِيا ناههِ ۾.
بيت - 4
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، گهارِنِ مَٿي گهَٽ،
کِہَ مانڌاڻُون، مَکَڻِي، ڍوئِنِ پاسي ڍَٽ،
پَنهُوارَڪي پَکَڙين، وَڃِي ڪَرِيان وَنِّ!
ساڙِيہَ سامُهِين سَٽَ، ڪَندِيَسِ، ڀَڃِي ڪَڙَنِ کي.
بيت - 5
چُرَن، چُڻِڪَنِ چِتِ ۾، هُرَنِ مَنجهه هِينئين،
لُطَفُ ٿِيو، لَطِيفُ چَئي، مِهَر ڪِي مِينئين،
ڏُکيءَ کي ڏِيئين، سَرَهايُون ساڙِيہَ جِيُون!
بيت - 6
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، سَدا مَنجههِ سَرِيرَ،
لَڏي ڪِنهن لوءِ وِئا، ماروُ مَنجههِ مَلِيرَ،
ويٺِي پُوڄِيان پِيرَ، مان مِلنِمِ ڪَڏِهين!
بيت - 7
چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، رَهِيا اَندَرِ رُوحَ،
اُٺي وِئَڙا اُڪَري، مارُو مَٿي مُوههَ،
ويرُون وِلوڙَڻَ جِيُون، سارِيان گهَڻُون صُبوُحَ،
وَرُ سي کارا کُوههُ، سِنجِئمِ جي ساڙِيههَ جا!
بيت - 8
وَرُ اُهائِي وِيرَ، جِئن ڌَڻُ تَسِي تَڙِ آئِيو!
سَرَتِينِ ڏُٿُ سَبِيلَ ڪِيو، اَڱَڻِ ڍوئي ڍيرَ،
هينُئُون اُنِ جي هيرَ، ٿو جِهي جهَروڪَنِ ۾!
بيت - 9
پير کَنيائُون پَرَ ۾، پِيارِينِ پَهُون،
سنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏيءَ ويرَ وَهُون،
پايو جَرُ جَنڊِنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِّ ڪِهُون،
ڏينهان ڏِينهَن نَئُون، مُون کي وِرِههُ ويڙيچَنِ جو.
بيت - 10
آڌيءَ اُٿن تي، جيلانهن پاڻِي پاتارَ ۾،
وارو ويسَرِيَنِ کي، ڏِينهان ڪونَه ڏِئي،
مُون ڪَمِيڻِيءَ کي، مَٿان کُوههَ کَڻِي وِيا!
بيت - 11
سَرَتِينِ سَنجَڻُ ڇَڏِيو، سَتِينِ ڳالههِ سُئِي،
ماريچِي ماڙِيَنِ ۾، ڪَڏِهن ڪانُ هُئِي،
عُمَرَ آن نَه مُئِي، اِنَ اوڀالِئان اَڳَهِين!
بيت - 12
ڀِنِيءَ جي ڀوَڻَنِ، ڀيڄَ ڀُڻڪو نَه سُڻان،
سِنجَڻَ وارِيُون سُتِيُون، وَڃِي ويڙهه وَرَنِ،
پِيا سيٽَ سَڙَنِ، تَرَهِي ٻِنهِين ڪَنڌِيين.
بيت - 13
سَڀَ نَه وَڃِي مُتِيُون، اَڃان ڪي سِنجَنِ،
پِيو، سي پَهَرَنِ، جي اُڃائجِي آئِيُون.
بيت - 14
ٻُري نَه ٻَڪَرَ دانُنهن، ڀُوڻَ ڀُڻِڪو نَه سُڻان،
مِيان ماروُئَڙَنِ جا، اُوڻا ڏِسان آنهن،
جَنِ ساٺيڪا سَنجِئا، سي ڌَڻِي! ڪِئڙءِ ڪانهن؟
پَکا کَڻِي پَرانهن، جِيڪُسِ لَڏِيو لوئِڙِيارِيين.
بيت - 15
سِنجِي سِنجِي کُوهَڙا، ويڙهي وِيا وَرَتَ،
مِيان، ماروئڙَنِ جِي، مُون کي هِينئڙي ۾ حيَرَتَ،
چُڻڪَنِ اَندَرِ چِتِ، سانِبَيڙا ساڏُوهِيُون.
بيت - 16
کُوهرَ، ٿُوهَرَ، ٿَرَ، جِتَ ساٺِيڪا ۽ سَٽِيُون،
چارِنِ اُتِ چاههَ منجهان، پاسي ڦوڳَنِ ڦَرَ،
ڪِئن لَهَندَمِ ڪَرَ، جئن مارو پاڻَ اَپارِيا.
بيت - 17
عُمَرَ! ٿِيَمِ اَپارَ، وِرِههُ وَٽِيان ڪَنِ سين،
ڏوٿِيڙا ڏوري ٿِيا، تَڳان جَنِ تَنوارَ،
سِٽائُون سَنگهارَ، کُوهَنِ تان کَڻِي وِيا.
بيت - 18
مُون ماڙيءَ جو، سُومَرا! ٻِنهِين پارين ڏُکُ!
هِتِ عُمرَ جو آهُکُ، هُتِ مارو ڏِينِم مِنهڻان!
وائي - 1
پَرَچَنِ شالَ پَنهوارُ، ڍولا، مارُو مُون سان، لا!
مُون مُورائِين مَدِيُون، آهِنِ سيڻَ سَتارَ،
ڍولا، مارُو مُون سان، لا!
عَيبَنِ ڀَري آهِيان، سَتَرُ ڪِجِ، سَتارَ!
ڍولا، مارُو مُون سان، لا!
اُٺا مِينهن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پوءِ تَنوارَ،
ڍولا، مارُو مُون سان، لا!
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
ڍولا، مارُو مُون سان، لا!
داستان نائون
بيت - 1
جهُڙِ ڦُڙِ جِتِ ٿِيانِ، اُتِ اَڏِيائُون پَکَڙا،
هِنُ مُنهِنجي حالَ جو، قَدُرَ نَه ڪيڻانِ،
جِيڪُسِ آن وِسَرِيان، مارُو قُوتَ قَرارِيا.
بيت - 2
جهُڙِ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ جيها، چِلُڙَ چِڪُ،
اَندَرُ ٿو اُڃَ مَري، ساهُ اُنِين جي سِڪَ،
پَيهُون شالَ پَهِيُون ڀَري، تِئان ڏِيئِي تِڪَيا،
وَرَ پِرِيان سين پِڪَ، ٻِيا ڀاڻَ ڀَرِيائِي گهورِيان!
بيت - 3
ڍَٽِين پَٽِين ڍيَو، مَهِينَ مارُوئَڙَنِ جا،
پائُرُ سَڀ پچِي پِيو، گهَرِ گهارِيندي ڪيرَ،
ڪوٺِيين لَڳَنِ ڪير، مَحَلِين مُنجهي مُون هِينئُون.
بيت - 4
هِنَ مُندَ ماروُ سَنَرا، ويڙِيين وَڳُ وارِين،
ڇُڇِيا ڇِيڪارِيو ڇيلَڙا، پَٽين پَهرائِينِ،
نيڻَ مُنهِنجا اُنِ کي،. جهَجهو جَرُ هارِين،
تاڙا تَنوارِينِ، مِنهن وَسنَدا، موٽَ تُون.
بيت - 5
هِنَ مُندَ ماروُ سَنَرا، کائُرَ ۾ خوشِحالَ،
سائُون، سِيارِڇُ، مَکَڻِي، جيڏِيُون آڻِنِ جالَ،
سُتِيءَ جِي سَيّدُ چَئي، ڪا ماڙِيہَ مَنجههِ سَنڀالَ،
لِڱَنِ تانَ، لَطِيفُ چَئي، لوئِي لاههِ مَ، لال!
ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مِينهن وَسنَدا، موٽُ تُون.
بيت - 6
هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ڍَنگَرَ ڍارَ رَهَنِ،
پاڻِي پُوڄَ پَٽنِ ۾، پَکِي پاندِ پِيَنِ،
هِنَ کي لوههُ، لَطِيفُ چَئي، هُوءِ کائُرَ مَنجههِ کِلَنِّ،
کاٽوُنبا کاڄَنِّ، مينهن وَسَندا، موٽُ تُون.
بيت - 7
هِنَ مُندَ ماروُ سَنَرا، ساڙِيههَ مَنجههِ سُڌِيرَ،
هِنَ کي لوههُ، لَطِيفُ چَئي، ڪوٺِيَنِ اَندَرِ ڪِيرَ،
مِها مَنجهه مَلِيرَ، مِينهن وَسَندا، موٽُ تُون.
بيت - 8
هِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، جِيائي جالِينِ،
چارِيو لَنبَ، لَطِيفُ چَئي، واڳِيين وِهارِينِ،
ڪيٽائي ڪاهِينِ، مِينهن وَسَندا، موٽُ تُون.
بيت - 9
کاروڙِئان کَڻِي، ويڙِيجهَپِ وِيا،
سيڻَ مُنهِنجا، سَيّدُ چَئي، هاڻِي هِتِ هُئا،
پَسي پَڊُ اُنهِين جا، لَڙي لُڙڪَ پِيا،
ڏيهي ڏوُرِ وِيا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي!
بيت - 10
سَدا جَنِ پَرِياڻُ، پانڌي پَکِي لَڏَ سين،
مارُو ڳُڻَنِ ساڻُ، وِئَڙا ٿَرِ اُڪَري!
بيت - 11
مَٿي ٿَرَ رَهي، وِيا گُذاري ڏِينهَڙا،
ڪَڏِهن ڪونَ آئِيو، تَنِ پَهُنوارِنَ پَهي،
وِئَڙا سي وَهِي، جَنَبُ گُذارِيُمِ جَنِ سين!
بيت - 12
پاسا پولَڙِيَنِ ۾، ٻانهُون سِرِ ٻِيئِي،
اَکِيُون، نَڪّ آريجِ ري، ٽِمايَمِ ٽِيئي،
ڏُورِ ٿِيا ڏيهِي، پِرِين پائُرَ وَٽِ ۾!
بيت - 13
ٿا جا ٿَرَ بَرَ جهلُ، پِيُون پائُرَ وَٽِ ۾،
سيئِي سارِيو، سُومَرا، اَچي آبُ اُڇلّ،
سانبِيَن ڏِنَمِ سَلُّ، ڏِٺي جَنِ ڏِينهَن ٿِيا!
بيت - 14
جُهران، جِجهان تي، جِئن پَسَڻان پَري ٿِيا،
اَلا! اوٺِي آڻِيين، جوکِيئَن جي خَبَرَ ڏي!
مَنَ مُنهِنجي کي، واڪو لَهي ويڙِهه جو!
وائي - 1
ويڙِيچَنِ ڏي وِيندي، عُمَرَ! آئُون مارُوئَڙَنِ ڏي وِيندي،
ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.
سَڱَرَ ساهيڙِيَنِي سين، ساڙِيههَ مَنجهه سَٽيندي،
يههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.
اُٺا مِينهن مَلِيرَ ۾، ڌاڳا ڌَٻَرَ ڌوُندي،
ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.
عُمَرَ! اُنَهِين ڏيههَ جا، ڪوڏَر قُوتُ ڪَرِيندي،
ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.
گولوُن گولاڙَنِ جِيُون، جَهپي ساڻُ جهَٽِيندي،
ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.
ڪوڪَڙِ ڪَنڊيرنِ ۾، ڦُوڪِيو ڦُڪَ ڀَرِيندي،
ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.
عِيدُنِ برادُن تِي، کِہَ مانڌاڻُون کِيندي،
ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.
پُسِي کائِي پيٽَ ۾، ڏُؤنرا ڏَنُ ڏِيندي،
ڏيههُ ڏاڏاڻِين پَکَڙِين.
داستان ڏھون
بيت - 1
اُٺِي ٿِي وَراڻِ، کِينئن واڌايُون آئِيُون،
لَٿِي لوئِڙِيارِيين، مِڙُنِي مُنهَن ڪاڻِ،
صُلح وارِيو سُومَري، چَئِي پَهُنوارَنِ پاڻِ،
هَمِيرَ نِئُون هاڻِ، مَهتُ لَهَندِيئَن، مارُئِي!
بيت - 2
ڌُرِيائِين ڌارَ، جي وَڍي وَڻَ جُدا ڪِيا،
تَنِ سُڪَنِ ڪَهِڙي سارَ، تَه ڪِ اُٺا مِينهنَ مَلِيرَ ۾؟
بيت - 3
آيو ڪيرَ ڏيهاءِ، جِنهن ڪَرَ پُڇان خَبَروُن؟
وِڄُون اِنَ وَڻاءِ، راتِ ماروُءَ تي وَٺِيُون.
بيت - 4
اُتان اوٺِي آئِيو، خَبَرَ اِي کَري،
وِسارِيجَ مَ وَرَ کِي، پَئِجِ مَ، مُنڌَ! مَري،
وِيندِئَن اُتِ وَري، ڪو ڏِينهَن آهِيين ڪوٽَ ۾.
بيت - 5
اَڄ اَڍنگا ويڻَ، مُون کي مُڪا جيڏِيين،
”هاري، هَمِيرَنِ جا، جِڪُس کاڌَئي کيڻَ،
”سانبِيَڙا ۽ سيڻَ، ڪِ تو وِيا وِسَري.“
بيت - 6
ڪو ڏِينهُن آهِيين ڪوٽَ ۾، لوئِي هَڏِ مَ لاههِ،
ڪامَڻِ، آهِنجِي ڪُرَ جي، آڏوَڏائِي آههِ،
هِتِ مَ پاڙِجِ هَيڪَڙو، پائُرِ جي پَساههِ،
سُتي! سِيلُ نِباههِ، مَلِيرَ وِيندِئَن، مارُئِي!
بيت - 7
سي ساهيڙِيُون سارِينِ تو، سِيلُ جَنِين جو سَچُّ،
مارُوءَ ريءَ مَ مَچُّ، سِيهو ڀانئِجِ سونَ کي.
بيت - 8
ساهيڙِيُون سارِينِ تو، سَچُ جَنِين جو سِيلُ،
نَڪو قالُ نَه قِيلُ، اُنِين جي اَدَبُ ۾.
بيت - 9
جو ڏيههَ ڏاڏاڻِئان آئِيو، پيرين تِنهن پُئان،
سانگائتوءَ سَيّدُ چَئي، سَندِيُون چِتَ چُئان،
هِتي تان نَه هُئان، حَرفَ لَٿي هيڪڙي!
بيت - 10
جو ڏيههَ ڏاڏاڻِئان آئِيو، ڏِنُمِ تنهن طَعنو،
”پائي ويههُ مَ پَلنگين، ڳِچِيءُ سِرِ ڳانو،
”مَٿان لَڪَ، لَطِيفُ چَئي، کاءُ مَ خَزانو،
”سَرَتِينِ سِيلُ چَوائِيو، جورِ هَڻِي جانو،
”ٿِيو سَڏُ سَمانو، حَرفَ لَٿي هيڪَڙي.“
بيت - 11
مُون سين ماروئَڙِيُون، ڪِهَڙيءَ رِيتِ رُسَنديُون،
چوٽِيءَ ۾ چِيڙُهه پِيو، پِيَمِ رُت ڄَيُون،
نيڻين نِنڊ وِههُ ٿِي، ساري ساڏوهِيُون،
هِتي جي هُيُون، تَه سڌِ پييَنِ سِيلَ جِي!
بيت - 12
”سَتِي! تُنهِنجي سَتَ ۾، ڳالِهه گهُرجِي ڳَچُّ،
”وَڍِيو چِيريو، چِچِرِيو پَرِ ۾ اُڀي پَچُّ،
”ساڻُ اَمانَتُ اچُّ، تَه ٿِيين سَمانِي ساڙيههُ ۾.“
بيت - 13
جانڪِين سَتِينِ سِيرُ، تان ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾،
سِپَ سَمُنڊين سَپَڄِي، نَديءَ پِيي نَه نِيرُ،
جِئن هُوءَ اَبرُ آسَري، تِئن مُون مَنِ مَلِيرُ،
کائُرِ پِيَئنِ کِيرُ، جي اَمانَتَ اُتِ وَڃي!
بيت - 14
جَرَ ۾ سِپُون جِيئن، آهِينِ اَبرُ آسَري،
جِئن ڪوُنجُون سارِنِ روهَه کي، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن،
ڪوٺِيَنِ وِهان ڪِيئَن، جي نَظَرَ بَندِياڻِي نَه هُئان.
بيت - 15
سِپَ سَمُنڊين سَپَڄي، اُبَرُ آساروسِ،
ٻاڙو پِيي نه ٻِپُڙي، مِٺو مُنهن لَڳوسِ،
ماڻِڪُ تي مِڙِيوسِ، جِئن تَنگُ ڪَڍِيائين تارِ ۾.
بيت - 16
سِکو، سَڀ سَرَتِيُون، سِپُنِ مُلا سِيرُ،
ٻِيو مَٽائي نِيرُ، اُڀِيُون اَبرُ آسَري.
بيت - 17
سِکو سِپُنِ کان، سَرَتِيُون رِيتِ سِڪَڻَ جي،
مَڱنِ جَرُ مَٿان، اوري ڪَنِ نَه آسَرو.
بيت - 18
پِهَرِينءَ راتِ پَسِي، مُون ماڙيءَ مَنُ ڦِڪو ڪيو،
موهَڙ ماروئَڙنِ کي، واحِد، ڏيجِ وَسِي!
آهَرَ جِنهن اَسِين، سو مِلندو شالَ مَلِير ۾!
بيت - 19
وَطَنَ ريءَ ويهي، جي هِتِ گهارِيَمِ ڏِينهَڙا،
اُوءِ مارُو ڏِيندَمِ مُنهن ۾، ڏاڏاڻان ڏيهِي،
پَکَنِ ۾ پيهِي، شَلَ مَحَلَنِ جِي مَرُ ڌُئان!
بيت - 20
مَ ڪِين رو، مَ رَڙُ ڪِينُ، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ،
توتان بَندُ بِدا ٿِيو، ٻِيڙِيُون نيئِي ٻارِ،
پَهُچَندِينءَ، پَهُنوارِ، سِگهي سَنگهارَنِ کي.
بيت - 21
مَ ڪِين روٰ، مَ رَڙُ ڪِين، مَ ڪِين هَنجُون هارِ،
جِهَڙا اَچَنِ ڏِينهڙا، تِهڙا ويٺِي گهارِ،
ڏُکَنِ پُٺِيان سُکڙا، سِگها ٿِيَنِ، سَنگهار!
لٿو لوههُ، لَطِيفُ چَئي، پَروڙِج، پَهُنوارَ،
ٻِيڙِيُون نيئِي ٻارِ، توتان بَندُ بِدا ٿِيو.
بيت - 22
مَ ڪين روءُ، مَ رَڙُ ڪِين، مَ ڪِين ڪَرِ دانهُون،
سُتي لوڪَ، لَطِيفُ چَئي، ٻيئِي کَڻِجِ ٻانهُون،
لَڌِيُئِي جِتِ لائُون، سو ڏيههُ پَسَندِئن، مارُئِي!
بيت - 23
جنهن ستِيءَ سَتُ نَه ڇَڏِيُو، سا مارُئي مَرُ ڄائِي،
اُنهي عُمَرَڪوٽَ ۾، لَڄَ نَه لَڄائِي،
سا پيئي بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪوٺِيَنِ ڪڄائِي،
جا سانگِيَنِ سَڏائِي، سا مُورِ نَه مَرَڪِي ماڙيين.
بيت - 24
اَڄُ پُڻِ چِڪِيَمِ چاڪُ، وَنهِيَنِ ويڙيچَنِ جا،
سُورَنِ اَچِي سُومَرا، اَندَرِ ڪِي اوطاقُ،
مارُن جِي فِراقُ، هَڏَ مُنهِنجا ڪُپِيا.
بيت - 25
چِڪِي چِڪِيمَ چاڪَ، وَهِينِ ويڙيچَنِ جا،
واجهِيندي وِصالَ کي، فَنا ڪِيَسِ فِراقَ،
سيئِي سارِيَمِ، سُومَرا، ٿَرِ جَنِينِ جا ٿاڪُ،
مارُوءَ جي اوطاقَ، گهَڻُون اُڪَنڍي آهِيان.
وائي - 1
مُون مَنُ مارُوءَ جو، ماروُءَ جو مُنهِنجو، مِيان!
مُون مَنُ مارُوءَ جو.
مُنهُن مُنهِنجو، سُومَرا، مرُ ميروئي هوءِ،
مُون مَنُ مارُوءَ جو.
”ڌوتوءِ ڌورارَنِ ۾“، مَتان مارُو چوءِ،
مُون مَنُ مارُوءَ جو.
لاروُن جي لُڙِڪَنِ جِيُون، ڳِڻِي وڃان توءِ،
مُون مَنُ مارُوءَ جو.
داستان يارھون
بيت - 1
مَلِيران مارُو، پَکي پيهِي آئِيو،
وَرِيا واهاروُ، هاڻُون سَڀ هيڻان ٿِيا.
بيت - 2
پَهِي سُکَ، پيرَنِ کيههُ، ڪونهي نِياپو مارُئين؟
اَتِ اُڪَنڍي آهِيان، تِئن آتَڻ، تِئن ڏيههَ،
سَندي جا ساڙيہَ، کِہَ کَٿوري ڀائِيان.
بيت - 3
ڪنهن تَڙِ ڏيهائِي، ڪِٿي اُٺَنِ مِينهَڙا؟
مُون وَٽ مُون پِرِيَنِ جِي، ويهِي ڪَرِ وائِي،
آئُون اَڳَ ڍائِي، سَنيهو سُڻي جِيان!
بيت - 4
جِيڪُسِ اُٺا مِينهن، مُونهان پوءِ مَلِيرَ ۾،
ڪالَهه سَڄوئِي ڏِينهن، مُنهِنجي اَکَڙِيَنِ اُڪِيرِيو.
بيت - 5
سَچُ ڪِ اُٺا مِينهنَ، مُونهان پوءِ مَلِيرَ ۾،
ڏوٿِينِ لائِيا ڏِينهَن، پَهرِيا جي پُسِيءَ کي.
بيت - 6
اُٺَنِ مِينهن گهَڻان، ٿِيَنِ موڪَ مَليرَ ۾؟
اَکِيُون آبَ ڀَرِيو، اُنَهِين کوڻ کَڻان،
مارُنِ شالَ مِڙان، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِهِين!
بيت - 7
تِنهن پَرِ اُٺَن مِينهَڙا، جِنهن پَرِ گهُرِيائُون،
”رَضا جا رَحمان جِي، پُڇِي پاڙِيائُون،
مَلِيرُ ماڻِيائُون، حُڪَم ساڻُ حَبِيبَ جي.“
بيت - 8
سَکَرَ سيئِي ڏِينهن، جي مُون گهارِيا بَندَ ۾،
وَسايَمِ وَڏَڦُڙا، مَٿي ماڙِنِ مِينهن،
واجهائِي وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَهِواروُن تِيئن،
نِيرَ مُنهِنجي نِينهن، اُجاري اَڇو ڪِيو.
بيت - 9
سُڻِي ساڻيهه ڳالَهڙي، وِهُسي ويڙيچِي،
سَڀ سُڌِ پيَيمِ سُومَرا، هِتي هُتي جِي،
ڀِينَرُ ۽ ڀيچِي، سُوايا سارِينِ مُون.
بيت - 10
سُڻِي ساڻيهه ڳالهَڙي، لهِي وِيا لوههَ،
اَندَرَ جا اَندوههَ، لَٿا ڏُکَ؛ سُکَ ٿِيا.
بيت - 11
عُمَرَ، اَڄُ گَڏِيامِ، ڏوٿِي اُنَهِين ڏيههَ جا،
پاراڀا پِرِيَنِ جا، اُڀي اُنِ چَيامِ،
لَهِي لوههَ پِيامِ، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چَئي.
وائي - 1
کَٿِيءَ مَنجهِه کَٽِيائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.
پَرَچي پَهُنوارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائِين،
ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.
سِيلَ نِباهي، سُومَرا، پَنهنجو پِيُّ پُڇِيائِين،
ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.
جهُوپو جهانگِيڙَنِ جو، ماڙيءَ سان نَه مَٽِيائِين،
ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.
سَڱَرَ ساهيڙين سين، کاٽونبا کاڌائِين،
ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.
مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، چَسا سَڀِ چَکِيائِين،
ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.
اُتي عَبداللطِيفُ چَئي، شَرَمُ رَکين، رَبّ سائِين!
ماروُ ڄامُ مَلِيرَ جو.
سھڻي
داستان پھريون
بيت - 1
ساهَڙَ جا سِينگارَ، اَڻ ڏٺا اَڳي هُيا،
نڪا ”ڪُن فَيَڪُّون“ هُئِي، نڪا ٻِي پَچارَ
مَلَڪنِئان مَهنِد هُئِي، توڏيءَ جِي تَنوار،
مَحبَت ساڻُ مِهارَ، لا ئِين لَطِيفُ چئِي.
بيت - 2
سُهڻِيءَ کي سِينگارَ، اَڻَ ليکِيا اَڳي هُئا،
’ڪُن فَيَڪُوّن، ڪانَ هُئِي، نَڪا ٻِي پَچارَ
مَرَڪِي ساڻَ مِهارَ، لايائِين لئون لَطِيفُ چِئي
بيت - 3
گهيڙ لَنگهِيو گهاري، ميثاقان مِهارَ سان،
’اَلَستُ بِرَبِّڪُم، قَالُوا بَليٰ‘، پَرِ اِها پاري،
ڏسيو ڏيکاري، پِرتِ پِريان جو پيچَرو.
بيت - 4
’اَلَستُ اَرواحَنِ‘ کي، جَڏهِن چيائُون،
ميثاقان مِهار سين، لَڌِيُون مُون لائَون،
سو موٽي ڪئن پاهُون، جو مَحفُوظان معاف ٿِيو.
بيت - 5
’اَلَستُ‘ارواحَن کي، جَڏهِن چَيائين جيئَن،
’قَالُوا بَليٰ، قلب ۾، ٿيو تفاؤُلّ تيئن،
مَحَبَتِي مِهاَر، جي، آئون نِهوڙي نِينهن،
سَرَتِيُون، ساهَڙَ سِئَين، هَلَڻَ مون حَقُّ ٿيو.
بيت - 6
”اَلَستُ“ اَرواحَنِ کي، جڏِهن اَمُر ڪِيو اَحَدَ،
هو مَنَ ڪاڍو مِهارَ ڏي، سُهڻِيءَ سڪَڻَ سَڌَ
دِلو دَورَ دَرِياه جي، ڪِيو اِرادي اَڌ،
جيڪِين آيُسِ ڏانهُن عَهَدَ، سو پاري مُنڌَ پاتار ۾.
بيت - 7
”اَلَستُ“ اَرواحَنِ کي، جَڏهن فَرمايو فَتاحَ،
هو مَنَ ڪاڍو مِهارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻَ ساهه،
دِلو دَورَ دَرِياهه جي، ڪِيو اِرادي اَڌاَهه،
جيڪِين آيَسِ ڏانهن اَللهَ ، سو پاري مُنڌ پاتار ۾.
بيت - 8
”اَلَستُ“ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن فائِقَ فَرمايو،
هو مَنَ ڪاڍو مِهارَ ڏي، سهڻِيءَ کي ساعِيو،
دِلو دَورَ دَرِياهه جو، اوڏاهيِن آيو،
جيڪِين هاديءَ هَلايو، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
بيت - 9
”اَلَستُ“ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن چيائِين،
هو مَنَ ڪاڍو مِهارَ ڏي، سُهڻِيءَ سدائِين،
جيڪِين آيُسِ اوڏاهيِن، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
بيت - 10
”اَلَستُ“ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن جاڳايو جَلِيلَ،
سَئِين راههَ سَيّدُ چئي، سوٺائُون سبِيلَ
وَحَدت جي واديءَ ۾، ڪوڙين ڪي قَليِلَ
درِياهه جي دَليلَ، لوڙهي لَهَوارا ڪِيا.
بيت - 11
کامان، پَچان پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان،
تَنَ ۾ تَئُونسَ پِرِينِ جي، پِيان نَه ڍاپان،
جي سَمُنڊَ مُنهن ڪَريان، توءِ سُرڪِيائي نَه ٿِئي.
بيت - 12
کامان، پَچان، نَه مَران، سڙان ساري راتِ،
ٻَنِ ٻِيائِي کي وِجهي، ڪَرِ پِرِيان جِي تات،
سِيخُون سَندِيُون سَڄَڻين، اُڀِرن آڌيءَ راتِ
نَه ڪِي هَٿِ نَه ساٿِ، ڏيهاڻِيو چَنگِ چَرهان.
بيت - 13
اوراڙِ نَه پَراڙِ، ويچاري وَهَ وچَ ۾!
سُڪِيءَ ڏَنيءَ سُپِرِين، ٻِيو مڙوئِي تارِ،
تُون گِهڙُ، ڪِيمَ نِهارِ، ٻُڏَندَنِ سين ٻاجُهون ڪري.
بيت - 14
هِنَ پارَ، نه هُن، ويچاري وَههَ وچ ۾!
نِيَچُ نِهاري نَه گِهڙي، تِنهن ۾ پِيَسِ تُنَ،
اَللهَ، ساڻُ اَمُنَ، اران ڪِنهن اُڪارِيين.
بيت - 15
سَهَسين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِيو مِهراڻُ،
وَهَ وِڃائِيو پاڻُ، هَڻِي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.
بيت - 16
سَهَسين سائِرِ گَجَنِ، توءِ سَهَج نَه مَٽي سُهڻِي،
تَه ڪِي نِينهن ڇَڄنِ، پَرِ تَهين پَرِيَن جي.
بيت - 17
سُپرِيان جي تُرَهي، ٻُڏين، هَٿَ مَ لاءِ،
صُباحَ تان چُونداءِ: ”اَسان تو اُڪارِيو.“
بيت - 18
سُپريان جي تُرَهي، ٻُڏين توءِ مَ لَڳُ،
جي ڀايين پِرِينءَ مِڙان، تَه پورَ اُبَتي وَڳُ،
پاءِ تيڏاهِين پَڳُ، ناههِ جيڏاهِين نِجُهرو.
بيت - 19
سُڪيءَ جي سانباههِ ۾، ٻُڏين توئي ٻُڏُ
ڪَکَ، ڪانڊيرا، ڪاٺِيُون، ميڙي ٻَڌُ مَ مَڏَ
نَڪو ساهَڙَ سڏُ، نَڪا سُڄي سُهڻي.
بيت - 20
سُڪِيءَ جي سانباههِ ۾، جڏهِن ٻُڏِيُون جي،
ساهَڙَ تِنِين کي، ٻيلي ٻِنهين ڪَنڌِيين.
بيت - 21
سُڪِي ٻُڏَنِ جي، ساهَڙُ ساڻِي تَنِ جو،
لَهِرِنِ سِرِ لَطيفُ چئي، ڪُلهنِ چاڙهيو ني،
جي پُڇَنَ پَنڌُ پري، تَنِ اُماڻي اورهُون.
وائي - 1
ويِٺِي ڪِين وساري، مَحَبّتَ وڌَڙي ماري،
دِيوانِي، يارَ! وو! مَستانِي، دِلبَرِ! جانِي، وو!
لا! ويِٺِي ڪِين وِساري.
جِنهن کي سڪَ ساهَڙَ جِي، سا گهايَلِ گَهرِ نَه گهاري،
لا! ويِٺِي ڪِين وساري.
ڏَمّ ڏَهليو ڏُکِيو، سِر ۾ سَؤنٽا ماري،
لا! ويِٺِي ڪِينَ وِساري.
ٻيلي پاسِ ٻُرَنِ جي، تَنِ کَرِڪنِ وِڌِيَس کاري.
لا! ويِٺِي ڪِين وِساري.
ٻيلي ٻِنهِين ڪنڌيين، مُحِبُ مينهُون ٿو چاري،
لا! ويِٺِي ڪِين وِساري.
هُوءِ هُونگارُون، پُونِ پُوڪارُون، تَڙِ تَڙِ دوسَ تنواري.
لا! ويِٺِي ڪِين وِساري.
هُوءِ جا پِڪَ پَرِيَنِ جِي، آهِيان تنهِن اَساري.
لا! ويِٺِي ڪِينَ وِساري.
داستان ٻيون
بيت - 1
وَھَ تِکَ، واھُڙَ تِکَ، جِتِ نِينھُن تِکَ نِرالِي،
جَنِ کي عِشقُ عَمِيقَ جو، سَي خِلوَتَ خِيالِي،
وارِيَين سَي والِي، ھِينئَڙو جنھِين ھَٿِ ڪِيو.
بيت - 2
اَنڌيءَ وَڇون، ڪَنڌيءَ وَڇُون، تَنگِئان لِهي نَه تکُ،
صُورَتَ جا ساهَڙَ جِي، ڏِيلَ پَنهنجي ڏِک،
واهُڙَ تَنهِين وِک، جَن سانڀارا سُپِرِين.
بيت - 3
واهُڙُ وَهَنِ نَوان، اَڃان وَهه اَڳي ٿِيو،
گهر ويٺِيُون گَهڻا ڪرِيو، سَرَتِيُون، سَڱَ سَنوان،
صورت جا ساهڙ جي، سا جي ڏٺي اَن،
هوُندَ نَه ڀِلَيو مان، گهڙو سڀِ گَهڙا کَڻِي.
بيت - 4
جيڏَيُون ڏِٺيان جي، صورَتَ ساهَڙَ ڄامَ جِيِ،
سُکِ ٿِي سُتِيون ڪِينَ ڪِي، ڪانڌَنِ پاسي ڪِي،
مُونهان ئِي اَڳي، هُوند گِهڙِيُون سڀِ گَهڙا کَڻِي.
بيت - 5
ڏِٺِي جَنِ هيڪارَ، صَورَتَ ساهَڙَ ڄامَ جِي،
سُکِ ٿِي سُتِيُون ڪِين ڪِي، ڀِري ساڻُ ڀَتارَ،
گِهڙي گَهڙنِئان ڌارَ، هُوند ڪاهي پييُون ڪُنَ ۾.
بيت - 6
ساهَڙّ مون جِئن، سَرَتِيون، جي ڏِسو سَڀيئِي،
تَه سُمَهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، پاسو وَرَ ڏيئِي.،
مُونهان اَڳيئِي، گِهڙو سَڀ گَهڙا کڻِي.
بيت - 7
جيڪيِن ڏِٺو مان، سو جي ڏِٺو جيڏِيين،
گَهرَ وَرَنَن سان، هُوندَ گهَڻِنِ گهوري ڇَڏيا.
بيت - 8
اَدِيُون سَڀِ اَندامَ، جَڙَنِ مُنهِنجا چورِيا،
لارُنِ جا لَنئُون لائِي، سا ڪِئَن آڇِيان عامَ؟
لَڳيَسِ جنهن جي لامَ، سو دِلاسا دوستُ مُجي.
بيت - 9
چوڌاري چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلاين جا،
سُتي سَنڀارَنِ جو، پِيم ڪَنِ پَڙاءُ،
وِهَڻ مون نه وڙاءُ، سُڻِيو جهانء جِهڄي هِينئُون.
بيت - 10
چَڙَنِ چوري آهِيان، سُکِ ٿِي سُمَهان ڪِئن،
ساريان ساهَڙَ ڄامَ کي، ڏَههَ ڏَههَ ڀيرا ڏِينهن،
مِيهارَ مَرَڻَ سِينئَن، نِيرّ. پاتمِ نِينهن جو.
بيت - 11
کَرِڪِنِ خَوشِ ڪِياسِ مُحُبِتَي مِيهارَ جي.
پَسَڻَ ڪارِڻِ پِرِينءَ جي، آڌيءَ اُٺياسِ،
سُتي جاڳاياس، سانڀَرَ سُپريَنِ جي.
بيت - 12
ٻيلي پارَ ٻُري، مّون کي چَڙَنِ چورِيو،
مَحَبَتِي مِهار جي، سُتي شاخ چُري.
مڙي جهوڪ جُهري، پُوندِيَسِ پاريچَن جي.
بيت - 13
هُنَ ڀر سُيَمِ هُوءِ، سُتي سَنڀارَنِ جِي،
چتّ چَڙَنِ چورِيو، جؤنڪ ٿِيڙمِ جُوءِ،
مَحَبِتي مِهار جي، با اللهِ پيَمِ بُوءِ،
وَڃِي رُوءِ بَروُءِ، ديکيان دوسِت مِهار کي.
بيت - 14
هنَ ڀَرِ سُيمِ هاڪَ، سُتي سَنڀارَن جِي،
مَحَبَتِي مِهارَ جي، چَڙَنِ چورِيا چاڪ،
اُنِهين جِيءَ اوطاق، وَڃڻَ واجِبُ مُون پيو.
بيت - 15
جِيارِيسِ سَنڀار، ڪُہُ ڪرِيندَيِس گڏِجي.
ويرو تار وَجود ۾، پِرِيِنِ جِي پَچار،
سي سَڄَڻَ هونِ نه ڌار، جي هِينئين ۾ حَلُ ٿِيا.
وائي - 1
سَچا ساهَڙَ! مُون کي تُون، اي! وَهِيان واهَرَ! مُون کي تُون،
اي! نيئي اول پِرِيان جي پارَ ڏي.
ڪُنَ جي ڪارُونڀارَ جا، وو! سي آئوُن ڀائِيان ڀُون،
اي! نيئِي اولِ پَرِيان جي پارَ ڏي.
سندو جِيَڻَ آسَرو، وو! مَان لاٿو موُن،
اي! نيئِي اول پِريان جَين پارَ ڏي.
داستان ٽيون
بيت - 1
ڪَرَ ڳَلَ ڪوچَ ڪُنَ گهڻا، جِتِ جر واڳُو جِئيائين،
پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَههُ سِرِ وِڌائين،
لَهرِيُون لَنگِهيائِين، لُطفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي.
بيت - 2
ڪَرَڳَلَ ڪوچَ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ دَڙڪو مَنجِهه دَرِياههُ،
اَچِيو اُتائين گِهڙي، سانگو ڪَري نَه ساههَ،
ساهَڙ جِي صَلاحَ، ٻارِ لَنگهيايَس ٻاجَهه سين.
بيت - 3
ڪارا ڪُنَ، ڪاري تُڳِي، جِتِ ڪارِيهَرَ ڪُڙَڪا،
مَئي متَي مِهراڻَ ۾، اَچَنِ دُپارا دَڙَڪا،
ويندي ساهَڙَ سامُهان، جهولَ ڏِنَسِ جَهڙڪا،
کَرِڪِنِ جا کَڙڪا، سوَنهان ٿِئَڙسِ سِيرَ ۾.
بيت - 4
دَهشَتَ دَمُ دَرِياههَ ۾، جِتِ هَيبَتَ هُلاچو،
وِرڄِي وِيرِن وچ ۾، ڪاڏي. وِيو ڪَچو،
ساهَڙُ ڄامّ سَچو، ساڻِي ٿِيندُم سِيرَ ۾.
بيت - 5
دَهشَتَ دَمَ دَرِياههَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،
بِيحَدِ باڳُو بَحَر هَيبَتناڪَ هَزارَ،
سارِيان ڪانَ سَرِير ۾، طاقَتَ توهان ڌارَ،
ساهَڙَ ڄامَ ستارَ، سِگهو رَسِج سِيرَ ۾.
بيت - 6
دَهشَتَ دَمُ دَرِياههَ ۾، جِتَ ڪَڙڪا ڪُنَ ڪَرِينِ،
ٻِڇَلِ ٻانڊيِءَ ٻارِ ۾، اّتِ لَهِريُون لوڏا ڏِينِ،
سنا وَرَ سُهمِيا، اُت سيڻهايا نَه سُنڊِينِ،
جِتِ وِيرِيُون واٽُ نَه ڏِينِ، اُتِ ساهَڙَ، سِيرَ لنگهائِيين.
بيت - 7
دَهشَتَ دَمَ دَرِياههَ ۾، جِتِ ڪَڙڪو ڪُنّ ڪَري،
توڏي تاڪُنِ وِچَ ۾، مَٿان وِيرَ وري،
آءٌ، ساهَڙَ! مُهنجا سُپِرين، پِرِتان پيرَ ڀَري،
هادي! هَٿُ ڌَري، اونهي مان اُڪارِيين.
بيت - 8
دَهشَتَ دَمّ دَرِياهه ۾، جِتِ ڪُنِنِ جا ڪَڙَڪا،
سَهي ڪِينَ سَمونڊَ جا، ماندي دِل دَڙڪا،
ساهَڙَ! تون سُڻُ ڪا، فَرِيادي فَقِيرِ جِي.
بيت - 9
دَهشَتَ دَم دَرِياههَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙَڪو،
آهمُ اُنهِي پارَ جو، دِل اَندَر دَڙڪو،
ڀَڃي سِڪَ سَيّدُ چئي، سِيرُ سندو سٽَڪو،
والي! ڪِجِ وَڙُ ڪو، ته ٻارِ لَنگهِيان ٻاجههَ سين..
بيت - 10
دَهَشّتَ دَم دَرِياههُ ۾، جِتِ لُڙَ، لَهريُون لَسَ، ليٽ،
آڻِيو اوڀارَن ۾، ٻانڊي ٻوڙي ٻيٽَ،
جِتِ چِڪَڻ جِي چَپيٽ، اُت، ساهَڙَ! سِير لَنگهاءِ توُن.
بيت - 11
دَهشَتَ دَمّ دَرِياههَ ۾ ، جِتِ تِکِيون تَنواروُن،
مُنهِنجُون مانَ مِهارَ کي، پَهُچَنِ پُڪاروُن،
لَههَ، ساهَڙَ! سَنڀاروُن ته لَهرِنِ لوڏي نَه مَران.
بيت - 12
دَهشَتَ دَمّ درِياههَ ۾، جِتِ جايُون جانارَنِ،
نَڪو سنڌو سِير جو، مَپُ نهَ مَلاحَنِ،
درندا درِياههَ ۾، واڪا ڪِيو وَرَنِ
سَڄا ٻِيڙا ٻارَ ۾، هِليا هيٺ وَڃن،
پُرزو پيدا نَه ٿِئي، تَختو مَنجهان تَن،
ڪو جو قَهرّ ڪُننِ ۾، وِيا ڪِين وَرِنِ،
اُتي اَڻ تارُن، ساهَڙَ سِيرَ لَگهاءِ تُون.
بيت - 13
دَرهَڙَ ڌَونسَ دَرِياههَ ۾، جِتِ لَهريُون ڪَنِ لوڙا،
سَئين اَچِي سَمونڊَ ۾، ٿِا سيڻهايا سوڙها،
جي تارو هُئا توڙا، تَنِ هَرٻو ڀانيو هيِڪَڙو.
بيت - 14
ڪاري راتِ، ڪَچو گَهڙو، اُڻٽِيهه اَونڌائِي،
چَنڊُ نالو ناههِ ڪو، دَرِياههَ دَڙَ لائِي،
ساهَڙَ ڪارَڻِ سهڻي، آڌي ٿي آئِي،
اي ڪَمَ اِلاهِي، ناتَ، ڪُنَنِ ۾ ڪير گِهڙي.
بيت - 15
ڪاري راتِ ڪَچو گَهڙو، نَڪا سِيڻَهه ساڻَ،
وجهي، ويرَمَ نَه ڪَري، پَريان ڪارَڻِ پاڻَ،
مَحَبّتَ کي مِهراڻَ، سُڪِي سَڀ پَٽُ ٿِيو
بيت - 16
ڪاري رات ڪَچو گَهڙو، مَٿان وَسي مِينهَن،
هِڪو ڀَئو بيراههَ جو، ٻِيو سانڀاران سِينهَن،
شالَ مَ ڇِڄي نِينهَن، گِهڙان، گهورِيو جِندَڙو.
وائي - 1
هوئجِ هُوشِيارِ خَبَرِدارِ، تِرڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.
کَڏُون، کُوٻا، چِڪَ، چڪَندِيُون، تان ڪين نئِي نِهارِ
تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾
آڌيءَ سي آکُڙندِيُون، اَکِيُون جَنِ ڪَپار،
تِرَڪڻِ آهي تَڙَ ۾.
موُن سو مَلاحَنِ کان، تَڙَ اَڙانگا تارِ،
تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.
هوتُ هَلندِيَنِ کَٽِيو، وِهَڻُ، مُنڌَ! وِسارِ،
تِرَڪَڻِ آهي تَڙ ۾.
کُہِ آتَڻَ، ٻَنِ جيڏيُون، ڏيِراڻيُون ڏُئارِ!
تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾
پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، پِرِين تَنهِنجو پارِ!
تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾
ويندي واٽائُڙنِ کي، پَٽِيءَ ڪيم پَچارِ
تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.
پونِديين مُنهن مِهارَ جي، ڏَمَ وٽِ ڏينهن مَ گهارِ،
تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.
ساهَڙَ کي، سُڻَ، سُهڻِي! ٻِڇَلِ اَڏي ٻارِ،
تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.
تارِ تَرنِدِئن، لُڙَ لنگَهندِئن، عِشق جِي آڌارِ،
تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.
ٿِيندو سَڏُ ساهَڙَ جو، توڏي! ٿِيءُ تيارِ،
تِرَڪَڻِ آهي تَڙَ ۾.
داستان چوٿون
بيت - 1
تَڙَ تَڪَڻَ تارِ گِهڙَڻَ، ايُ ڪانيارِن ڪَمُ،
ڏَههَ ڀيرا ڏِينهن ۾، ڏي ڏوراپا ڏَمُ،
عَقُلُ مَٽِ شَرَمُ، ٽيئِي نِينهَن نِهوڙِيا.
بيت - 2
گهيڙن ڪَري نَه گهور، تَڙُ تَڪَڙ کان نَه لَهي،
جِنهن کي سِڪ ساهَڙَ جِي، پورنِ مَٿي پُور،
ڪاري راتِ ڪُنَنِ ۾، وَهمَنِ ڪِي وَهلُور،
جِنهن کي ساڻ پِريان جا سُور، تِنهن کي ندي ناههِ نِگاههَ ۾
بيت - 3
جِئان گِهڙي تِئان گهيڙ، ڪَپَرَ پُڇَنِ ڪوڙِيُون،
ڏمُ سين جُسو ظاهِراً، مَن مِيهار سين ميڙ،
سا نَدي ڀانئي نيڙ، جِنهن کي سِڪَ ساهَڙَ جي.
بيت - 4
جِئان وَهي تِئان واٽَ، ڪَپَرَ پُڇنِ ڪوڙِيُون،
جِنِ کي سِڪ ساهَڙَ جِي، سي گهيڙَ نَه پُڇَنِ گهاٽ،
جَنِ کي عِشق جِي اُساٽِ، سي واهُڙ ڀانئِن وِکَڙي.
بيت - 5
ڪنهن جِنهن گهيڙَ گِهڙي، جِئن اَوتَڙان تَڙَ ٿِيوس،
سالم ويِئي سُهِڻي، ڪُنَنِ ڪِي نَه ڪِيوسِ،
آهِسَّ اَکَڙِينِ ۾، پِريان جو پيوس،
حَقان حَق ٿِيوسِ، هُئي طالِب حَقُ جِي.
بيت - 6
هُئِي طالِبِ حَق جِي، توڏي لاڪُون توڙَ،
نَه مَلاحُ نَه مَڪڙي نَڪِي ٻَڌي نوڙَ،
پاڻيِ پِنِيءَ ٻوڙ، سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ ۾.
بيت - 7
توڏي توڙائِين، نِينهن نَوازي سُهڻِي،
ڳِچِيءَ هارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين،
سو تَڙُ سوٺائِين، جيڏانهن عالَمَ آسَرو.
بيت - 8
توڏي! تَهائِين جي، هِتَهِين ڇڏِ حِرصَ،
ساهَڙَ ڌاران سُهِڻي، کوٽِيون ڪَنِ کِرسَ،
وڏي اِيءَ وِرس، جِئن ڏَمَ وَٽِ ڏِينهن گُذرارِيين
بيت - 9
توڏيءَ کي تَعِظيمَ، ٻِيَنِ سَڀَنئان اڳَري،
اوڏي ٿِي اَلَفَ کي، مَنُ گَڏِيِائين سين مِيمَ،
جيلانهن ذَاتِ حَلِيم، مِلِي تي مِهارَ کي.
بيت - 10
ساري سِکُ سبقُ، شَرِيعَتَ سَندو، سُهڻي!
طَرِيقتان تِکو وهي، حَقِيقَت جو حَقُ،
مَعَرِفَتَ مَرَڪُ، اَصل عاشِقَن جو.
بيت - 11
صَبُر شاڪِرَنِ، آهي اوطاقُنِ ۾،
جي وَاصلُ ٿِيا وِصالَ ۾، سِي ذَرو نَه ظاهِرُ ڪنِ.
وِبيت واهَرَ تَرَن، هِينئڙا جَن هَڄِ وِيا.
بيت - 12
پَلِ پَلِ ٿي پَلي، ڏَمَ ڏِهاڻِي ڪِيتَرو،
پَسِي دَورُ دَرِياهه جو، وِچان ڪِينَ وَلِي،
ڪاري راتِ قرِيبَ ڏي، مَنجهان حَبّ هَلِي،
نه ڪنهن جهول جَهلي ، هُئي سَمَنُ پوري سُهڻيِ.
بيت - 13
جهولَ نَه جَهلي سُهڻِي، سائر سَٽَ سندِياسِ،
جِنهن اَهڙي ڄائِي عاجِزا، سا مَرُ مَرڪي ماسِ،
پَسين جي پِياسِ، تَه ڪِي عِشق آِڻين.
بيت - 14
نَڪا جهولَ جَهليسِ، نَه تانگهو نَه تارِ ڪِي،
ڏَمّ ڏِيهاڻِي ڪيترو، پَرِ ۾ ٿو پَليس،
تان تان جِيُّ جَليس، مِلي جان نَه مِهارَ کي.
بيت - 15
سِہَ سيارو، پاڻِي پارو، جِت جُهڙّ جَهڪَ ۽ جهولَ،
مَنَ اَندَرِ مِهارَ جا، هِينئڙي اَچنِ هولَ،
جيلانهن ٻَڌيسِ ٻولَ، تي اڙانگا آرَ تَران.
بيت - 16
سِياري سہَ راتِ ۾، جا گِهڙي وَسَندي مِينهن،
هَلو تَه پُڇِون سُهڻِي، جاڪَرَ ڄاڻي نِينهن،
جِنهن کي راتو ڏِينهن، مِهارَ ئي مَنَ ۾.
بيت - 17
سانَوڻِ گِهڙي سَڀَڪا، هِيءَ سَرَهِي سِياري،
تَنُ وِڌائِين تِار ۾، اَرواح جي آري،
مَحبتي ماري، ڪونهي داد دَرِياههَ ۾.
بيت - 18
ٻانڊي! جي ٻيلِي ٿِيين، تَه حالَ ڳَرَهِيان هِيءُ
سَگهو ساعَتَ نَه جندِڙو، جَرَ ري مُنهنجو جِيءُ،
ساوَڻُ سيارو ڀانِئيان، وَههِ پِرِيان جي ويءُ
پارِ جَنهِين جو پِيءُ، وڃڻَ واجِبُ تَنِ تي.
بيت - 19
واهَڙَ! ڀِريُون مَ پاءِ، تو پُڻِ ليکو ڏِيَڻُون،
سدا ساوَڻِ ڏِينهَڙا، هِينئين نه هَونداءِ
وِهاڻِيءَ وينداءِ، اوڀَرَ اُتاهان لَهي.
بيت - 20
واهُڙَ! وَهين مَ شال، سُڪِي ٻيلاٽِيُون ٿِيين!
پَسان تُنهِنجي پيٽَ ۾، لاڻا، لُوتَ لِيارَ،
جِنهن تو سَڀَ ڄمارَ، آسائِتيُون ٻوڙِيُون.
بيت - 21
ڪَڙ ڪَڙِ ، ڪُنَ! مَ وَڄَ، ٻانڊي ٻوڙِ م ٻارِ ۾،
موُن تي جا مهارَ جِي، سا ڪِئَن ڌُئان ڌَڄُ،
توءِ گِهڙَندِيَس اَڄُ، جي اُبَتا آر ڪرِيين.
بيت - 22
اَدا ڙي ٻانڊي، توکي ڪَڙَهان ڪِه پاڻَ کي،
سُوڌي خبَرَ سَڄَڻين، تو ڪا تَڙِ آندي،
تُون پاتاريان پانڌي، اَسان پَنڌُ پِرِيَنِ ڏي.
بيت - 23
مَحَبِتيءَ مِيهارَ جِيُون، دِل اَندَرِ دُونهِيُون،
آڻِيو وِجهي آرَ ۾، لُهاڻو لوهِيُون،
جي ساهَڙَ جِيُون سُونهِيوُن، سِيرَ سِراڙو تَنِ کي.
وائي - 1
مَدَتَ ٿِي مِهار يار ساهڙ! سائَرَ سِيرَ ۾.
اونهان ڪُنَ، اَتانگَ تَڙَ، اولِي هڻُ آڌار!
ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.
ڏِينهن ڏُهِلا ڏَمَ سين، آهيان آهِئان ڌارَ،
ساهَڙ! سائِر سِير ۾.
ٻڇَلِ ٻانڊي ٻارِ ڪَري، اَتِ اُبَتا آرَ،
ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.
تِتي گِهڙي سُوهَڻِي، آڳَهَهَ ريءَ آڌار،
ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.
”ڪاري راتِ، ڪَچو گهَڙِو“، توڏيءَ ڪِي تَنوارَ،
ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.
سَنڀُوڙو سيڻاههِ سين، سِگهو رَسِ سَنگهارَ!
ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.
اوراران آهُون ڪَرِيان، پهُچان شالَ پَرار،
ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.
سُڻَيو جهانءِ جِهڄي هِينئوُن، سانڀاران سَنڀارَ،
ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.
آيَمِ ريلي ريءَ سين، اَللهَ، تو آهارَ،
ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.
تارِ تَرَندِيسَ، لُڙَ لنگِهينديَسِ، وينديس وَٽِ وڇارَ،
ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.
پُورِيندِيَس پارِ مَڻيِ، سَهَسين جي سيسارَ
ساهَڙَ! سائِرَ سيِر ۾.
گولِي گهاگهائي گِهڙي، جَکَنِ ٿا جانارَ،
ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.
داستان پنجون
بيت - 1
ڪيڏانهن گَهنڊَ گُڙَنِ، ڪيڏانهن اُٿِي ويئِيوُن،
تيڏانهن ٿِيُون چَرَنِ، جيڏانهن پُٺِ ميهارَ جِي.
بيت - 2
ڪِٿي ٿِيو مِهارُ، ڪِٿي ٿو گَهنڊُ گُڙي،
ڪِٿي دونهين دوسِت جِي، ڪِٿي پَرِيُون پارُ.
جنهن موُن سَڀَ ڄَمارُ، جَرَ ۾ جهوتُون ڏِنيُون.
بيت - 3
وَڇن سين ويٺِي، سُورَ وِياڇي، سهڻي،
آن ڪا ٿي ڏيٺِي، مينهُنِ جي مِهارَ سين،
بيت - 4
پُڄِيو پِينگُهن پاندَ، ويٺِي روءِ وَڇن سين،
ڪُهه ڪَرِيندِيس ڪانڌُ، گَهُر ڀَڳو تان گهورِيو.
بيت - 5
ڳِچِي پايو ٻانَهن، ويٺِي ورءِ وَڇنِ سين،
لايان لال لِڱن کي، آئِين جي چَرو ڪانهَن،
آئون اوهان جي دانهَن، سَدا ڀُڻان سَنَري.
بيت - 6
پينگها پَسِيو روءِ وَڃِيو وَٿاڻَنِ ۾،
دُونَهِينءَ پاسي دوسِتَ جي، پاڻَ پَڇاڙِيو پوءِ،
سَڄَڻَ سانگ سَندوءِ، شالَ اَچيِ اورانهُون ٿِئي.
بيت - 7
ڀيلئان جِتِ ڀَڳِيَون، آيُون اُتِ وَري،
ڪانهي ٻِي ڳِري، مينهن کي مِهارَ ري.
بيت - 8
ميهاران مِرَڪ، پِيتائِين پِريمَ جي،
تنهن مُنڌَ مَتِوالِي ڪِئي، سَنديءَ ساءَ سُرِڪَ،
لَڳِيسَ ڪامَ ڪِرڪَ، لوهان تِکي، لَطِيفُ چئي.
بيت - 9
ميهارن مَهِي، پيتائِين پِريم، جِي،
اَرِڪَ سُرِڪَ، سَيُدُ چئي، لَڳِيَسِ ڏوت ڏَهِي.
سگهي تان نَه سهِي، مِلي جان نَه مِهارَ کي.
بيت - 10
مَري تان مَ مِهارَ، وَٿاڻُ وِلهو مَ ٿِئي،
وَڇن جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارَ،
ساهَڙُ مُون سِينگارُ، ماڙُهنِ ليکي مِهڻوُن.
بيت - 11
مينهون هِنَ ميهارَ جِيُون، اُلا! سَڀِ بَچَنِ،
وَڇوُن جي ڪِيرَنِ سين، سَدا ٿِيُون سُونهَن،
مُون کي ماڻڪِين، تاڻي هَنيو تارِ ۾.
بيت - 12
ميهُون هَنَ ميهارَ جِيُون، اَلا! سَڀِ جِيَنِ،
ڪارِيُون، ڪَڪِيُون، ڪُنڍِيُون، وارا ڪِيو وِينِ،
جوِءِ جا جاندارِنِ جِي، ٻيلا ٻَههَ ٻَهه ڪَنِ،
اَچِي ريلَ رَهَنِ مُون سانڀارا سُپِريِنِ.
بيت - 13
چاهَڪَ چَري، تارِ تَري، آيُون آرَ،
ڪوڙِيين ڪَرَ کَڻندِيُون، سُڻِي سَڏَ ڌَرار،
مينهُون ساڻُ مِيهارَ، پرچِي پارِ لَنگِهنديُون.
بيت - 14
چاهَڪَ چَري، تارِ تَري، آيُون مَٿي ٻيٽَ،
لَڙَ لَنگهنديُون ليٽَ، لُطَفَ ساڻُ لَطيِفُ چئي.
بيت - 15
چاهَڪَ چَريِ تارِ تَري، آيُون مَٿي ڪُنَ
ڪوڙيين ڪَرَ کَڻِندِيُون، ساهَڙَ جي سَمُنَ،
مينهون ساڻُ اَمُنَ، پَرچِي پارِ لَنگِهندِيُون.
بيت - 16
چاهَڪَ چَري، تارِ تَري، آيُون مَٿي کُوهه،
سُڻِي سَڌُ ساهَڙَ جو، راضِي ٿِيندن روُح،
مينهون ساڻُ صَبوح، پَرَچِي پارِ لَنگهِنديُون.
بيت - 17
جا مُهاڙِ مِهارَ، سو مُنهن مينهن نَه ٿِيو،
ڪَپَرُ ڪارُونڀار، ڪِئن لَنگِهيندِيُون ڪُنڍيُون؟
وائي - 1
موَن کي ڪا مَ جَهلي، سَڀَڪا پاڻُ پَلي،
آئُون وِڌَڙي نِينهن اُڇَلي.
وِيندي آئوُن پارِ پِريان ڏي، مُون کي ڪا مَ جَهلي،
آئوُن وِڌَڙي نِينهن اُڇَلي.
تنَ وڌائِين تارِ ۾، آڌي راتِ اُڇَلي،
آئون وڌَڙي نِينهن اُڇَلي.
پسِي دوُنهيُون دوسِتَ جِيُن، مُنهِنجو جِيءُ جَلي.
آئُون وِڌَڙي نِينهن اُڇَلي.
داستان ڇھون
بيت - 1
ساندَههِ سَڀُ دَرِياههُ، پَري ڪَنڌي پارَ جِي،
ڇَڪِي ڇولِيءَ ۾ گِهڙي، جِتي جِيّ وِڙاههُ،
پَسيو ڏوههَ ڏَڪي هِنيئُون آرَ مَٿي اَرواحُ،
جي توههُ ٿئي توڏاههُ، تَه وِيَر وَهِيڻيون ناههِ ڪِي.
بيت - 2
سانَدِههَ سَڀَ دَرِياههُ، پَري ڪَنڌي پارَ جِي،
ڪَنبي هِينئوُن ”ڪَمَاحَقَّہُ“ آرَ مَٿي اَرِواحُ،
دِلاسي دارين جي، سانچو سانچي ساههُ،
جي توههُ ٿِئي توڏانهُن، تَه وِيرَ وهِيڻُون ناههِ ڪِي.
بيت - 3
سِڪَڻِ وارِنِ سُٿِرو، جي دَهشَتَ سان دَرِياههُ،
اوڙَڪِ آُنِين جو نَه رَهي، آرَ بِنا رِواحُ،
وِيندي ساهَڙَ سامُهِيُون، صَدقو ڪَندِيُون ساههَ
جَنِ کي حُبّ اُنِهي جِي آهه، ساهَڙُ ساڻِي تَنِ جو.
بيت - 4
گِهڙيا سي چَڙِهيا، اِيهين اَٿيئِي،
مَئي مَتي، مِهراڻَ ۾، پَئو ٽپو ڏيئي،
تَه ميهارُ مِليئي، سَنڀوُڙو سِيڻاههَ سين.
بيت - 5
اَکِيُون مُنهن ميهارَ ڏي، رَکِيُون جَنِ جوڙي،
ريءَ سَنڊَ سَيّدُ چَئي، تارِ گِهڙن توڙي،
تَنهِين کي ٻوڙي، سائِرُ سَگهي ڪِين ڪِي.
بيت - 6
آڌي اُڌاڻان، سَرَتِيُون! سُکَ مِهارَ جا،
لَنگهي سِيرَ سَوان ٿِيا، ساهَڙَ سيبرڻان،
ڀِنِيءَ تي ڀاڻان، پَسان مانَ پِرِيَنِ جا.
بيت - 7
آڌيءَ اُڌاڻون، ينئڙو مُون هَٿَنِ مان،
وَههِ پِئِي واهُڙَ تَري، ساهَڙَ سيِباڻُون،
ڀيچ ڀِنيءَ ڀاڻون، پِيءَ جو پَسِي آڻِيو.
بيت - 8
جيڏانهن چِتَ چاههُ گَهڻُون، آرَپِ اوڏاهِين،
وَڃي وَههُ واڪا ڪِيو، تِکو تِيڏانِهين،
مِهارَ مِلائِين، لَهرنِ مَنجههِ، لَطِيفُ چئي.
بيت - 9
پَلِيان، پَلِيو نه رَهي، نِرتُون نِينهُن نبِارُ،
گِهڙان، گهورِيو جِندَڙو، اُٿَلَ مُون آپارَ،
جَنِين مَنِ مِهارَ، هَلڻُ تنِين حَق ٿِيو.
بيت - 10
پَسُ، پَسڻان پَري ٿِيا، اوري سَندُنِ آرُ،
دَرِياههَ ري سَهاڙُ، ڏِسَڻ گَهڻون ڏُهِلو.
بيت - 11
ڪاڏي وَڃان، ووءِ! جِئن وَهَڻُ وَڇارَنِ مَٽِيو،
ڏوڌي پُڇِي ڏيَهه جا، جَرَ سِرِ اُڀِي جوءِ
شِڪَسِتي، سَيّدُ چئي، چِيهان ڪَرِيو چوءِ
:”ساهَڙَ! سانگُ سَندوءِ، اَچِي اوراهون ٿِئي“.
بيت - 12
سَندو ڏَمَ ڏَهَڪارُ، هَڏِهين ڪونهي هِنَ کي،
هِيءَ پاڻيءَ سين پانِهِنجو، پُسائِي نَه سِينگارَ،
ڪارَڻِ مُندَ مِهارَ، ڪاريءَ راتِ ڪُنَ تَري.
بيت - 13
ڏَمّ ڏيهاڻِي ڏي، سَندا ميهَرَ مِيهَڻا
جَهِليَم ٿي جهوليءَ ۾، پَلَءِ پائِيو سي،
مَرُ جان چالِيههَ چئي، سَڱان سُپرِيَنِ جي.
بيت - 14
جيهَرَ لوڪُ جَهپ ڪَري، ذرو جاڳَ نَه هوِءِ،
اوهِيَرَ اَچِيو، اِدِيُون! پَههُ پِرِيان جو پوءِ،
جي ڪَچو چوُنمِ ڪوءِ، تَه مَرَڪَ ڀايان مِهڻون.
بيت - 15
هُوءَ جا پَري باههِ، مَنهَن ميهارَنِ جي،
آڳَههِ تنهن اُهاءِ، وَڃي ڪُنّ ڪَپِيندي.
بيت - 16
تَه ڪَرَ ڪِيئَن سُئِي، سِيرَ نَه گِهڙي سُهڻِي،
هِتِ حَياتِيءَ ڏِينهڙا!، هَڏِهن تان نَه هُئي،
چُڪي تنهن چَري ڪَئِي، جو ڏِنُسِ اُنِ ڏُهِي،
سُهڻيءَ کي سَيّدُ چَئي، وڌو قُرب ڪُهي،
هُونهيِن هُوند مئي، پَرَ ٻُڏيءَ جا ٻِيڻا ٿِيا.
بيت - 17
ڪا جا ڪُنَ ڪَرِينِ، ڀِنيءَ، ڀُڻ جُهڻ پاڻ ۾،
اَکِيُون تنهن آبَ کي، آڌيءَ اُڪيرِينِ،
توڻِي تِڪُون ڏِين، تَپِ اُڃَ اُنِهين کي نَه لَهي.
بيت - 18
دائِم جا دَرِياهَ ۾، سا مَڇِي ڪِنِي ڪوههُ؟
آهِس اِيءَ اَندوههُ، پاڻِي ڪِٿي تَه پِيان.
بيت - 19
ڪيرَ ڪُنَ، آئوُن ڪيرَ، ڪير ڏَمَرَ سَهي ڏَمَّ جا،
قَضا ريءَ ڪيرَ ڌَري، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ،
ڀينَرُ! ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو تي ٿِي لوڙِيان.
بيت - 20
جي ٻُڏان تَه ٻَنّ، اولِجان اُنَ پارَ ڏي،
ڪَنڌيءَ اَچِيو سُپرين، مانَ ”ٻَرِ! ٻَرِ!“ ڪَنِ،
مُيائِي سين تن، جيڪَرَ اُٿِي نِڪران.
بيت - 21
لَهرِ مِڙوئِي، لال، وَهڻُ کَٿُوريان وِتَرو،
اوٻَهارا عَبِيرَ جا، جَرَ مان اَچَنِ جال،
ڪُننِ گِهڙي ڪالَهه، سِڪَ پِريان جي سُهڻي،
بيت - 22
جيڪِي ڏِٺُءِ تارِ ۾، ڪَنڌيءَ سو ڪَهيجِ،
جَرُ وڏو جهاجهه گَهڻِي، پاندُ مَ پُسا.ئيج،
ساهَڙُ ساڱا هيجِ، تَه ثابتُ لَنگهين سِيرَ مان.
بيت - 23
ڳَؤرا ٻَئي پارَ، هِينئُون حَيَرتَ ۾ پِيو،
وِهان تَه ويرَمَ ٿِئي نينهن ۾ پوءِ نِهارَ،
وَڃان تَه واڪو ٿِئي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
هُتِ ٿِي وَعدي وارَ، هِتِ سُوٽون ڏِينَمِ سَرِتيُون.
بيت - 24
جاهڙ اَندَرِ جِيّ، ساهَڙَ ڏِنِي ساههَ کي،
ساهَڙَ ڇُڙيِ نَه ساهه جِي، ساهَڙَ ساهَڙَ ريّ،
ساهڙ ميِڙ سِمِيعَ! ته ساهَڙَ ڇُڙي ساههَ جِي.
بيت - 25
ور اُونداهي راتڙي، چانڊوڻِي چانڊان،
اوري مهاران مُنهن مَ پسان ڪو ٻيو.
بيت - 26
جِان جان هُئي جِئري، وِرچِي نَه ويٺِي،
وَڃِي ڀُون پيٺي، مارِيندي کي سَڄڻين.
بيت - 27
جان جان هُئِي جِئري، ويٺِي نَه ويسانِد،
لڳِي لَهرِيَنِ پاندِ، مُيائِي مِهارَ ڏي.
وائي - 1
اَکيون پيَر ڪَري، وَڃِجي، وو! وَڃِجي.
سُپيرِيان جِي ڳالَهِڙي، ڪنهن. سان ڪِينَ ڪِجي،
وَڃِجي، وو! وَڃِجي.
لِڪائي لوڪَ کان، ڳُجهڙي ڳوٺِ نِجي،
وڃِجي، وو! وَڃِجي.
مَحبَتي مِهارَ جو، سُورُ نَه ڪِنهن سَلجي.
وڃِجي، وو! وَڃِجي.
داستان ستون
بيت - 1
تَڙِ نِه گِهڙي تُورُ، توءِ مَنَ ڪاڍو مِهارَ ڏي،
ڏاڍو دورُ دَرياءَ جو، سِڪَڻَ وَڏو سُورُ،
مَنَ ۾ موجَ مِهارَ جِي، پَهَسَ پِرِيان جو پُورُ،
ٻيلي ٻِنهِين ڪنڌِيين، نِتُ نهاري نُورُ
مَنجهان جَرَ ضُروُرُ، ڪَچي کي ڪومَ ٿِئي.
بيت - 2
ٻوڙِيين چاڙهيين تُون ڌِڻي! ٻِي جو دَعويٰ دَسي نَه دَمُ،
هِنَ مُنهنجي حالَ جو، ميهَرَ تي مَعلمَ،
رک ڀيلي جو ڀَرَمَ، جو اَچِي پِيو اَجهورَ ۾.
بيت - 3
ڪانڌي ڪنگَ ٿِياسِ، وَهڻ جَنازو سُهڻِي،
ٻَگها جي ٻيٽَن جا، ڪُلها تَنِ ڏِناسِ،
اَکين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي.
بيت - 4
اُڀو تَڙِ ميهار، مَلاحَنِ سَڏَ ڪَري،
آئوُن پڻ وِجهان هَٿَڙا، آئِين پُڻ وِجهو ڄار،
گهورِيُون ڪاروُنڀار، مانَ مِلَنِئون سُپِرِين
بيت - 5
ميهارُ مَلاحَنِ کي اُڀو آڇي آڇَ،
آئون پُڻ وِجهان هَٿَڙا، آئِين پُڻ وِجهو رَڇُ،
سَنديءَ ڪُنَ ڪُڻڇ، مانَ هُونِ سلامَتَ سُپِرِين.
بيت - 6
ميهارُ مَلاحَنِ کي اَڀو ڪري سَڏَ،
اَدا اِنهين پارَ جا، موڙي اچَو مَڏَ،
وِيا جي وَههَ گَڏَ، هلو تَه ڏوريُون اُن کي.
بيت - 7
ڪَنڌيءَ جهلِيو ڪانِهن، عاشِقُ اُڀو آهُو ڪري،
تو ڪِئن ٻوڙي سُهَڻي، ٻيلي! مُنهنجِي ٻانهن،
دَرِياهه توتي دانهن، ڏِيندُس ڏِينهن قِيامَ جي.
بيت - 8
جِتي ڀيرَ ڀِرَن، ڀَرِيُون پُونِ ڀَوارِيُون،
تانگهَه نَه لَڌي تارُئين، مَپُ نَه ماٽِيڙَن،
ڪنڌيءَ اُڀا ڪيترا، سيڻا هيا سُڪَن،
تون ڪئن تن تَڙن، اَچِيو اَساري گهڙين.
بيت - 9
ڀَرِيُون ڀَرِ دِرِياههَ، پَسُ، جي پارِ پَوندِيُون،
ٻَڌُ تَوڪُل تُرَهو، آهَرَ ساڻُ اَلله،
جن جي ساهَڙَ ساڻُ صَلاح، سي ڪِينَ ٻڏَنديُون ڪَڏهين.
بيت - 10
سانڀاران سَڏَ ڪِيو، اُڀا چُونِمِ: ”آءٌ“،
هڪُ تِکو تارو وَهي، ٻِيو لُڙُ لَهرِيُون ۽ واءٌ،
ساڻِي جَنِ اَللهَ، ٻُجهان، سي نَه ٻُڏَندِيُون.
بيت - 11
سانڀاران سَڏَ ڪِيو، اُڀا چُونمِ: ”اَچُ“،
هڪُ تِکو .ئِي تارِ وَهي، ٻِيو هَٿِ ڪَمِيڻيءَ ڪَچُ،
ساڻِي جِنهين سَچُ، ٻُجهان، سي نه ٻُڏَندِيُون.
بيت - 12
هاري! حَقُّ رکيجِ، سانڀاران ساهَڙَ جو،
خُوابَ، خِيالَ خطِرا، تَنِ کي تَرڪُ ڏيجِ،
اندَرُ آئِينُو ڪري، پَرَ ۾ سو پَسيج،
اِنهينءَ راهه رَميج، تَه مُشاهِدو ماڻِين.
بيت - 13
هاري! رَکِجِ حَقُّ، سانڀاران ساهَڙَ جو،
خواب، خِيالَ، خَطِرا، تَنِهين ڏيج تَرڪُ،
ڪَرِيين غَيرَ غَرَقُ، تَه مُشاهِدو ماڻِيين.
بيت - 14
تَنُ جَنهِين جو طالِبوَ، سانُڀارا سيئِي،
مَنُّ پِرِيان نيئي، پَڳهِيو پاڻ ڳَرِي.
بيت - 15
لَيا ڏِٺَمِ لارَ، سانڀاران ساهَڙَ جا،
هِينئُون هِتِ نَه وَندري، ڌَرارِنِئُون ڌارَ،
مُنهِنجو مَنُ مِهارَ، پَڳِهيو پاڻُ ڳري.
بيت - 16
گهڙي ۽ گهوري، مَٿان پَرِيَنِ جِنَدڙو.
مَحَبّتَ جا مِهراڻ ۾، تَسُو ٿِي توري،
ڏَمَ وِڌو ڏوري، نَتَ ڪُننِ ۾ ڪيرَ گِهڙي.
بيت - 17
ٻارَهن ڪُنَ، ٻَٽِيههَ تَڙَ، تَڙ تَڙَ مَٿي نانگُ،
عَشقُ جنِ اَتانگُ، ٻُجهان سي نَه ٻُڏندِيُون.
وائي - 1
آيَلِ! اَمَڻِ! تي جِيان، لا! جي سارِينمِ سُپِرِين،
ساهَڙَ مَٿاءَ صَدَقو، ڏهين ڏَم ڏِيان،
لا! جي سارِينِمِ سُپرِين.
مَٿان ماڻڪَ هيڪَڙي، اَمُلَ اَٺَ ڏِيان،
لا! جي سارِيِنِمِ سُپرِين
اَچين، عَبدُالّلطيفُ چئي، تَه، جانِبِ نِتُ جِيان.
لا! جِي سارينمِ سُپِرِين
.
داستان اٺون
بيت - 1
ٻُڏندي ٻوڙَنِ کي، ڪِي هاتِڪَ هَٿَ وجَهنِ،
پسَو لَڄَ، لَطِيفُ چَئي، ڪيڏي کي ڪَکَنِ،
توڻي ڪَنڌيءَ ڪنِ، نات ساڻَنِ وَڃنِ سِيرَ ۾.
بيت - 2
ڪَچِي ڪانِي ڪانهَن، ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان،
يا لَنگهائي لَطيفُ چَئي، يا ڌُرِئان ڪَري دانهَن،
”ڪما حقـّ[i]“ ڪَکَنِ جِي، آهي ڳالهه آڳانهنَ،
ڏِينِ ٻُڏَنِ کي ٻانهن، نات ساڻُنِ وڃي سِيرَ ۾.
بيت - 3
جان ڪي ڪَنڌيءَ ڪانهن، تان تاڻي ٻَڌج تُرهو،
هَٿُ پِرِيان جي هَٿَ ۾، ٻي کي ڏِج مَ ٻانهن،
سَندي ڪَپَرَ دانهَن، ڪِ تو ڪَنين نَه سُئي.
بيت - 4
هاواڻا هُلَنِ، ڪَپَرَ ڪارونڀارَ جا،
لَهِريُون تُڙَ لِطيفُ چئي، ڀيلي تي ڀُلَن،
جي ڪَچي ساڻُ ڪَهَنِ، آقا تَنِ اوٻاهيين.
بيت - 5
آهيين هُتِ اَمانَ، ٻَڌ تُرهو تار جو،
لهڙِيُون لُڙَ، لَطِيفُ چئي، جَهلِيا جُنگَ جُوان،
اونهي تَڙ آگهٽيا، اَڏي پائي آڻَ،
جي پِيا مُنهن مِهراڻَ، تَنِ ٻانڊيُنِ ٻيٽُ نه اُجَهي.
بيت - 6
ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳِي! ڳِنهِيو اِٿين،
ڪِ تو ڪَنين تَه سُئي، ڀيلي تي ڀُلِڪارَ،
لوڙهيا لک لَطِيفُ چئي، ڪوڙِيين ڪارُونڀارَ،
اوڪارِيين آڌار، آران اُڪي واريين.
بيت - 7
ڪَچي ساڻُ ڪَهي، پَڪو پُڇي نه سُهڻِي،
لَنگهِيو لُڙُ، لَطِيفُ چئي، وَڇارُن وهي،
سا ڪِئن نِينهُن نَهي، جنهن کي نِينهن نِڌو کَڻِي.
بيت - 8
اونهي ۾ اوهَري، ڪَهي ڪَچي ساڻُ،
سُپَڪَ جو سَيّدُ چئي، پُڇي نَه پَرِياڻُ،
عشقَ وارِيُون عَبدالّلطِيفُ چئي، سَڏَ نَه کڻنِ ساڻَ،
جِنهين پاسي پاڻُ، سي اَوتِڙان ئي اُکَتِيُون.
بيت - 9
اَنگَ پَسِي رنگُ، ڪِيو ڪو جو دَورُ دلي،
ٻِرٻَر ٻيلي نَه ٿِيو، ڪَچو منجهه ڪلي،
تران ٿي تارِ گَهڻوُن، تُنهنجي بَحر بِلي،
سو ميهارُ مَ مِلي، آهِيان جِهن جي آسَري.
بيت - 10
ڀايُمِ نَه ڀيلو، مُون کي ڌاءُ ڌُتارِيو،
آڪِي مَٿي اُسَري، رُوخَس ڏِنو ريلو،
تيلاهِين ويلو، پِئَمِ واهُڙَ وِچَ ۾.
بيت - 11
ڪَڍيا جي ڪُلالَ، سي پَسي خال خُوشِ ٿِئي،
پاڻيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نَه جَهلِي ڌمالِ،
سُپَڪَ ڀانيا سُهِڻيءَ، جوڀَنَ جِي جمال،
اَڪِي جا اَحوال، مُعلُم ٿِيا مِهراڻَ ۾.
بيت - 12
ڪَچو تان ڪوههَ، پَڪو نَظرُ پِريَن جو،
ساهَڙ مُنهنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئي ڏوههُ،
جي ڇُٽو، جي ڇوههُ، تَه پورِينديِس پار مَڻي.
بيت - 13
آڪو تَه آڪو، ڪَچو آيُم ڪَمِ،
جِيءَ جَنين جا جَمِ، پَڪا سي پُڇندِيُون.
بيت - 14
پَڪا رَڇ ڪُنڀار جا، پَڪِي نِهائِين،
موُن کي تِئائِين، ڀيلو ڀاڱي آئِيو.
بيت - 15
ڪَچي ڪَٽُ نَه جَهلِيو، ڀيلو پِيو ڀُري،
سارَ ڇَڏيائِين سِيرَ ۾، ٻانُهنِ کان ٻُري،
لَٽي لَهرِيُون ويئيوُن، چؤڌاري چُري،
هِينئَڙي مَنجهه هُري، ماهِيَتِ مَلَڪَ المَوتِ جِي.
بيت - 16
ڪَچي ڪَٽُ نَه جَلِهيو، ڀيلو پيو ڀَڄِي،
ماهِيتِ مَلَڪَ الموتِ جِي، مَنجِهه وُجُودَ وڄِي،
ساهَڙَ کي سَڄِي، آڪي جي احوالَ جي.
بيت - 17
ڪَچي ڪَٽُ نَه جَهلِيو، ڀيلو سَهي نَه ڀَرُ،
هَٿين پيرين آڱرِيين، ٻانُهنِ ڇَڏِيو ٻَرُ،
ساهَڙَ! سِگهو وَرُ، پِيَسِ مَنهن مِهراڻَ جي.
بيت - 18
ڀيلي ڀُلائِي، پِسِي چَٽَ چَري ٿِير،
”ٻَرٻر! ٻڏي سُهڻِي،“ وِيرِنِ ۾ وائِي،
ڪَچي ڪيرائِي، لَا لَهرنِ وچ ۾.
بيت - 19
پڪو کِڻج پاڻَ سين، چَڱون چِٽائي،
ڪچپ ڏيج ڪُلالَ کي، مُنهن تي موٽا.ئي،
سو سُڻ هِينئين سين سُهَڻِي! جيڪِي فائِقَ فَرمائي،
موجون مُنجهائي، ماريَنِئي مِهراڻَ جِيوُن.
بيت - 20
ڪو جو وِيو واءُ، جِئَن ٻَرُ ٻانُهنِ ڇَڏيو،
اَڳي اِنَ تَڙاءُ، اُونداهِيائي اُڪَران.
بيت - 21
هَڻندي ٿَڪَمَ هَٿَ، هِينئَڙي حَجُون ڇَڏِيُون،
لَکُ لَهرِنِ گَڏيو، موجُون وَرِيُون مَٿَ،
نِيِمِ ڪُنَ قُوَتِ، ڀِرُ، ڀَليرا سُپِرِين.
بيت - 22
هِينئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون، قُوَتَ رَهِيَمِ ڪانَ،
مون تي موٽِج، مون پَريِن ساهَڙَ ڄامَ سُڄاڻَ،
آهِيان گَهڻُون اَڄاڻَ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين!
بيت - 23
ڀُر ڀَليرا سُپِرِين، ڀَلا ۾ بيراههَ،
توريءَ تاري ناههِ ڪا، والِي! توريءَ واهه،
ساهَڙَ جِي صَلاحَ، تَنَ کي ڪَڍي تار مان.
بيت - 24
تَنَ کي ڪَڍي تار مان، صُلح ساهَڙَ جو،
اُت آڏو اَچي ڪِينَ ڪِي، ٻيلِپو ٻي جو،
ميهَرُ! ڪجِ مُنهنجو، ڪو اوڪَرُ اِنهين آر تان.
وائي - 1
مُون پاريچيءَ سارَ، آئون جا وِيندَڙي وَٽِ وَڇارَ.
ڏَمَ مَ جاڳي، لو! مُون پاريچي سارَ
مُون کي تِتي ميڙيين، جِتِ ڪُنڍِنِ جِي قطارَ،
آئُون جا وِيندڙي وَٽ وڇارَ
ٻَرَنِ ٻيلايَنِ جا، سانڀاران سَنڀارَ،
آئون جا وِيندڙي وَٽِ وَڇارَ
وچَ ۾ پوءِ وِصالَ کي، سٻاجها سَتَّارَ!
آئُون جا وِيندڙي وَٽِ وَڇارَ.
گَهرِ گَهرِ گِلا جا وَهي، پاڙي پَنڌ پچارَ،
آئُون جا ويندَڙي وَٽِ وَڇارَ.
تاڪُنِ تَڪِي آهِيان، سِگهو رَسُ، سَنگهارَ،
آئون جا وِيندَڙي وَٽِ وَڇارَ.
داستان نائون
بيت - 1
جَوِ ٿَرِ تِکَ تَنوارَ، وَڻِ ٽِڻِ وائِي هيڪَڙي،
سڀيئِي شيءَ ٿِيا، سُوريءَ سَزاوارَ،
هَمَہ مَنصوُرَ هِزار؛ ڪِهڙا چاڙِهيو چاڙِهيين؟
بيت - 2
سَڀَتِ پَچارَ پِرِينَ جي ، سَپتِ هوتَ حُضُورَ،
مُلِڪُ مَڙيوئِي مَنصُورُ، ڪُهي ڪُهندين ڪيترا؟
بيت - 3
لَهرِنِ لَکَ لِباسَ، پاڻي پَسَڻُ هيڪَڙو،
اونهي تِنهن عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ،
جِتِ ناهه نِهايَتَ نِينهَن جِي، کوءِ اُتِ پَنهِنجي کاسَ،
تَڙَنِ جِي تَلاشَ، لاههِ تَه لالَنَ لَڳِ ٿِين.
بيت - 4
جان ڪي گَهران مَ وَ ڃُ ، ناتَ موُٽ مَ سُهڻي،
ٻِيون ڀيري ڀَڃُ، هيڪَڙائي هَٿِ ڪَري.
بيت - 5
مَرِج وَٽ ميهار، مَتان موٽين سُهڻي!
ساهَڙَ جا سينگار، متان ڏَمَ ڏيکارِيين.
بيت - 6
چوُنِمِ جي هيڪار: ”مَ وَنءُ موٽي سُهڻي!“
دوُنهينءَ پاسي دوسَ جي، گهارِيان سَڀَ ڄَمارَ،
ٻانڌِيڻان ٻيهارَ، هَوندَ نَه لِڱين لائِيان.
بيت - 7
وَڃان ڪِينَ وَري، هُوند ري چَئي رَهِي رَهان،
دوُنهِينءَ پاسي دوسَ جي، ماڳَهن پُئان مَري،
صُورَتَ نَه سُونهن ڪا، ڪِيسِ چِتَ چَري،
وِصلان فِراقَ جِي، سُڄي ڳالهه ڳَري،
تيلاهِين تَري، مُنهُن کڻيو موٽيو وَڃان.
بيت - 8
آئُون ڪِ نَه ڄاڻان اِئَين، ته جَرَ گِهڙئي جوکو ٿِئي،
قَضا جا ڪَرِيَم جِي، تِنهن کان ڪَنڌُ ڪَڍبو ڪيئن،
هِڪُ لِکِئي، ٻِي نِينهن ، آڻي اوِلِيَسِ اولَ ۾.
بيت - 9
ڪانِيءَ نَه ڪانهَن، نَڪو ڏوههُ قَلَمَ جو،
اَنگُ اُتيئي لِکِيو، جِتِ نَه رَسي ٻانهَن،
ڪِنهن کي ڏِيان دانهَن، قَضا قَلَمُ جو.
بيت - 10
لِکِيو جو نِراڙَ ، سُو اَنگُ ڪِياڙيءَ نَه ٿِئي،
پاريو ويٺِي پارَ، جيڪِي لِکِيو لوح ۾.
بيت - 11
جي قيام مِڙن، ته ڪَر اوڏا سُپِرِين،
تِهان پَري سُڄن، واڌايُون وِصال جُون.
بيت - 12
گِهڙَنِ وارِيُون تَڙنِ تي، گهِڙَنِ گَهڻيئِي،
سَڀَڪا چَئي: ”آن سُهَڻي، لَيء پَرِيان پيئِي“،
صُباح سَڀيِئي، پَسبِيُون پاتارَ ۾.
بيت - 13
ڪَنڌي اُڀِيُون ڪيتريُون، ”ساهَڙُ ساهڙ“ ڪَنِ،
ڪَنِين سانگو ساهَ جو، ڪِي ”گهورِيسِ“ ڪِيو گهڙَنِ،
ساهَڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائي گِهڙَن جي.
بيت - 14
پَرِينءَ ڀَرِ پِرِيتِ مان، ٿو ساهَڙُ سَڏَ ڪَري،
جي نَه گَهڙان موٽِي وَڃان، ته ڪا ساههَ سَري،
وَر جان ڀَتَ ڀَري، گهڙان گهورِيو جِندڙَو.
بيت - 15
گِهڙي گهڙو هَٿِ ڪَري، ٻَهون نِهاري ٻَنگُ،
”سِر دَر قَدَمِ يارِ فدا شُد، چه بَجا شُدَ“ ، وَصَل اِهوئِي وَنگُ
راتِ جَنيِن جو رَنگُ، اَلا! سي اُڪارِيين.
بيت - 16
جي تو بيت ڀانئيا، سي آيَتُون آهِينِ،
وَڃِيو لَنئُون، لائِينِ، پِريان سندي پار ڏي.
بيت - 17
تَڙَنِ جا طَعنا، سَهنگا ڏِينَمِ سَرَتِيُون،
دَرِياههَ دِيوانا! سُڻُ حَقِيقَتَ حالَ جِي.
بيت - 18
تران لَئي طَعني، مڙي وَههَ واڪا ڪِيو،
آڻي وَڌِيس آرَ ۾، درِياههَ ديواني،
قَلَمَ جي ڪاني، آڻي اوليَس اولَ ۾.
بيت - 19
تَران تان مَران، وران تان وَهه وِترو،
هِنئَڙي ۾ هوتَنِ جا، اَچنَ گهوُرَ گهڻان،
پَسِيو پاڙي وارِيُون، ڏِسِيو ڏوههَ ڏران،
وِچان ڪِئن وَران، ڪنڌيءَ مُنهِنجو ڪارڻِي.
بيت - 20
نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ،
عدَدَ ناهي عِشق، پُڄاڻِي پاڻَ لَهي.
بيت - 21
عَدَدُ ناهي عِشقَ جو، سُڻيِ ٿِيءُ ساڻِي،
ڪانهي پُڄاڻِي، مَنهدان مُنڌَ! ميهارَ جِي.
بيت - 22
سِڪَ تُنهِجي سُپِرِين جِئن تَران تِئن تارِ،
تُونِهين رُورحَ ۾، تونِهين آکِنئان ٻارِ،
پَرِين! تُنهنجي پارِ، مُون واجهائِيندي وَرَههَ ٿيا.
بيت - 23
سِڪَ تُنهِنجي سُپِرِين! ڪَپي ۽ ڪوري،
سَگهان نَه چوري، ڏاڍو نِيرُ نِينهَن جو.
بيت - 24
سِڪَ تُنهِنجي سُپَرِين! اَندَرِ ٿِي اَجَهلَ،
ٻَرِڪيو ٻاهَرِ نِڪري، کوري کانِئي کَلَ،
ري سيراهِيءَ سَلَ، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين.
بيت - 25
سِڪَ تُنهِنجِي، سُپِرِين! اَندَرِ ٿِي اَجهاڳ،
منجهه ڀَرِيائين ماڳَ، پَلٽِيو پارِيُون ڪَري.
بيت - 26
ڪِي تران، ڪِي تار موُن، ڪِي سهگان، ڪِي سَگهُه
آڏو ڏيج مَ لَڳُ، مُون هيڪِلِيءَ وَلهَا.
بيت - 27
سِڪَ سِڪَندينِ لاههِ، وِڇوڙِيا ميڙِ پِرِين،
ايڏي سَگههَ، سَچا ڌڻِي، تو هِي کي جُڳاءِ،
مَنُ جَنِهين جو طالِبُو، مِهرَ تَنِين کي پاءِ،
ميڙائي جو، ماءِ! ڪانگُ لَوَندو ڪَڏَهِين.
بيت - 28
ڏِٺي ٿِيمَ ڏِينهَن، ڪُههُ ڄاڻان ڪِهڙا پِرين،
نيڻَ ڀَرجِي نِينهن، پَلُٽِيا پارِيُون ڪَري.
بيت - 29
ڏِٺي ڏِينهن ٿِيامِ، ڪُهُه ڄاڻان ڪِهڙا پِرِين،
وَلِنِ جِئن وَرِيام، گُوندَرَ غَمَ پِرِيَنِ جا.
بيت - 30
ڏِٺي ڏينهن ٿِيامِ، ڪُههُ ڄاڻا ڪِهڙا پِرِين،
سَهَسين سِڄ اُلَهِي، واجهائِيندي وِيامِ،
تَنهِين سالَ ٿِيامِ، جنَهِين ساعَتَ نَه سَهان
بيت - 31
گَهرُ، نه وَرُ، نه وَٿُ ڪا، آهمِ مَنِ مِهارُ،
اِنَ اوسيڙِي آُٿِيان، سنجهي ڪَري سِينگارُ،
پِرِين تُنهنجو پارُ، پَسان مانَ پِرَ ڪِهِين.
وائي - 1
نَهيِن نَهيِن ميڏي وَسِ،وو! بِنا دِلَبَر هَئي دِلِ ماندي.
سِڪان ٿِي سنگهارَ کي، بابَ نَه مُنهنجي بسِ
موُن کي مَتِ ميهارَ جِي، ڪانِ اَچي ٻِي ڪَسِ
دَرد دَسِي آهِيان، دَردُ مُهِين جو دَسِ.
سُکُ نَه پُڇي سُهڻِي، ڏَکُ ڏَکِيءَ کي ڏَسِ
داستان ڏھون
بيت - 1
ساهَڙَ ڌاران سُهَڻِي، اَڌوتِي آهي،
ڪُنڍِيُون جو ڪاهي، پاسي تِهِين پاڪَ ٿِئي.
بيت - 2
ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي، نِسوري ناپاڪَ،
نِجاسَتِ ناهِ ڪرَي، اُنِهين جِي اوطاقَ،
هوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِين پاڪَ ٿِئي.
بيت - 3
ساهَڙَ ڌاران سُهِڻِي، هِيءَ جُنبِي جوءِ،
هِنَ پاڻِيءَ سين پانِهنجو، مورَ نَه مَٿو ڌوءِ،
جي پِرِينءَ پاسي هوءِ، تَه ڪَرَ توڏيءَ تَڙُ ڪِيو.
بيت - 4
ساهَڙَ ڌاران سُهَڻِي، هِيءَ تان جهُڪِي زالَ،
توڏيءَ تَپُ شُروع ٿِيو، هَئي! هِيڻيءَ جي حالَ،
جَڏي ري جَمالَ، اَگهِي ٿِي آهوُن ڪري.
بيت - 5
ساهَڙَ ڌاران سُهَڻِي، آهي ۾ آزارَ،
ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ،
توڏيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ،
جي پَسي مُنهن مِهار، ته سِگهِيائِي سَگهِي ٿئي.
بيت - 6
مَتان گهِڙين، سُهَڻِي، اَڄُ دَرِياههَ ۾ دَمُ،
ڪاريءَ رات ڪُنَنِ ۾، ڪهڙو اَٿِئي ڪَمُ،
مَتان جاڳي ڏَمُ، پُڇي پاڙي وارِيين.
بيت - 7
پُڇي پاڙي وارِيُون، ڪوههُ ڪَرِيندو ڏَمُ،
ڪاريءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، آهي ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ
هِيءُ هَڏو ۽ چَمُ، گهورِيو مُحِبَ مِهارَ تان.
بيت - 8
سَدا پُڇ مَ، سُهَڻِي! اوُنداهِيءَ آڌَ راتِ،
پِرِيان ڏي پَرڀاتِ ، وانءَ ڏيٺاري ڏيهَه کي.
بيت - 9
سائِرَ ٻوڙي سُهَڻِي، نَه ڪِنهن ڍوري ڍَنڍُ،
اَکِنِ مَنجِهه اُڪَنڍَ، مُيائِي مِهارَ ڏي.
بيت - 10
ڏيهاڻي ڏَمَرُ ڪَري، مَٿي محَبتَ مُون،
تِنهن کي اَچِي تُون، پِرِيَمِ! ڪوههُ نَه پَلِيين.
بيت - 11
ساهَڙُ سُڪِيءَ ۾ ٿِيو، پاڻِيءَ مَنجِهه پُنو،
سَندو ڪَچ ڪُنو، تار تَرندو ڪيترو؟
وائي - 1
ڪُهه ڄاڻان ڪيڏاهين؟ منهنجو تَنُ تَڻي تيڏاهِين،
سائِين! نيڻَنِ نِينهَڙو لَڳائي وِئَڙا.
جيڏانهن عَالَم آسَرو، مُون پُڻ آهي اوڏاهِين.
دوُنِهين دوسِت مِهارَ جِي، ڏِئي جِئَن ڏِٺائِين.
ساري سُپيرِيَنِ کي، رَههَ پَرِ رَتُ رُنائِين.
وائي - 2
مُنهِنجِيون سَڀيئِي، آيَلِ! ماءِ! مَنَ مُرادؤن پُنِيُون،
جِهَڙي پِريان ڳالَهڙي، تِهَڙي ٻِي نَه ڪاءِ،
ڪِجي تان ڪوڏَ ٿِئي، سُجھي تان سِيباءِ،
ويههُ داتا جي دَرَ تي، شُڪرُ جنهن جُڳاءِ،
ڪانهي حَدَ حَمدَ جِي، ته ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،
ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتَرِيون، وَڏِيُون وَڏاياءِ؟
سو مُون هَٿان نَه ٿِئي، جيڪِي تو جُڳاءِ،
تو سَڄِيُون، تو سَندِيُون، سِڪَنِ توهين ساءِ،
اُڃَ تُنهنجِي اُڃِيُون، لوچِنِ توهين لاءِ،
دِلِ دانهُنِ ري نَه رَهِي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.
داستان يارھون
بيت - 1
وَڻن ويٺا ڪانگ، وِچينءَ ٿِي ويلا ڪري،
گهِڙي گهَڙو هَٿ ڪَري، سُڻِي سانجهِيءَ ٻانگ،
سِيئي ڍُونڍي سانگ، جتي ساهَڙُ سُپِرِين.
بيت - 2
گهِڙي گهَڙو هَٿ ڪَري، ٻَهون نِهاري ٻنگَ،
”واَمّامَنۡ خافَ مَقامَ رَبَّہُ“ اِيُ لَنگهيائِين لنگههُ،
سِڪَندِيَنِ کي سَيّد چَئي، ڪينَ جهَليندو جهنگ،
راتِ جَنِين جو رَنگ، الا! سي اُڪارئين.
بيت - 3
گهِڙي گهَڙو هَٿِ ڪَري، چيلِهه ٻَڌي چوتو،
مُنهنجو مَنُ مِيهارُ کي، پارَ وَڃِي پَهُتو،
گوتي ۾ گهوتو، مُون کي مُحِبَ مِهارَ جو.
بيت - 4
گهِڙي گهَڙو هَٿَ ڪَري، سانگو ڇَڏي ساههَ،
ويچاريءَ وَڏِيُون ڪِيُون، دانهُون مَنجههِ دَرياههَ،
ٻَرُ ٻانهُنِ ڇَڏِيو، وييَس سَڀِيئي واههَ،
مَدَد ري ميهارَ جي، غَرَضَ سَڀ گُناهَه،
نُوري ڪَرِ نِگاههَ، تَه ساهَڙَ لِنگهِيان سِيرَ کي.
بيت - 5
گهِڙي گهَڙو هَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائين ٻانهوُن،
ويچاريءَ وَڏِيُون ڪِيُون، وِچ دَرِيا دانهُون،
موٽُ مُحِبَ! پانهُون، تاڪُنِ تَڪِي آهِيان.
بيت - 6
گِهڙي گهَڙو هَٿِ ڪَري، اِلاهِي تُهارَ!
ڄَنگههَ ڄَرُڪِي واتَ ۾، سِسِي کي سيسار،
چُوڙا ٻِيڙا چِڪُ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِيَسِ وارَ،
لَکين چَهُٽيَسِ لوهَڻِيُون، ٿيلِيُون ٿَرَنِئُون ڌارَ،
مِڙِيا مَڇ هَزارَ، ڀاڱا ٿِيندي سُوهَڻِي!
بيت - 7
منهِن جِنهِين جي مُون، ڏِٺو، مُنهُن مِيهارُ جو،
آهِمِ ساهُه سَنئُون، سو ڪِئن گهَڙو گهورِيان.
بيت - 8
گهَڙو ڀَڳو تَه گهورِيو، مَرُ چورَ ٿِئي چوُڙو،
”طالِبُ الموليٰ مُذڪر“، ايءُ ٻَڏَندَنِ ٻُوڙو،
ڪوڙِهيو ڏَمُ ڪوڙو، مُون مِيهارَ مَنَ ۾.
بيت - 9
گهَڙو ڀَڳو تَه گهورِيو، مَرُ ٻِيڙ ٿِئي ٻانهِين،
”طالِبُ المَوليٰ مُذَڪُر“، اِيءَ پرِ اَساهِين،
پُران نَه پانهِين، مُون مِيهارَ مَنَ ۾.
بيت - 10
گهَڙو ڀَڳو ته گهورِيو، پاڻان هو حِجابَ،
واڄَٽُ وَڄي وَجُودُ ۾، رَهِيو روُحَ رَباب،
ساهَڙُ ريءُ ثوابَ، آئُون گهَڻوئِي گهورِيان.
بيت - 11
گهَڙو ڀَڳو تَه گهورِيو، تُون ڪِين تَرَ، هِينئان!
اَدَبَ اَکَڙِيُنِ کي، ڏيهاڻِي ڏِيان،
ميهارَنِ مِيان، سَئُون سُونهايُم پيچرو.
بيت - 12
گهَڙو ڀَڳو تَه گهورِيو، آسَرَ مَ لاهِيجِ،
”لَاتَقنَطُوا مِن رَحمَةَ اللهِ“، تُرَهِي اِنَ تَريج،
حَبِيباڻي هيجِ، پَسين مُنُهن ميهارَ جو.
بيت - 13
گهَڙو ڀَڳو، مُنڌَ مئِي، وِيا وَسِيلا،
سارَ ڇَڏِيائين سِيرَ ۾، هَئي! رَهِيا هِيلا،
سُهَڻِيءَ جا سِيلا، وَحدَتَ سَڀِ وِڃائِيا.
بيت - 14
گهَڙو ڀَڳو مُنڌَ مئِي، وَسِيلا وِئا،
تِنهان پوءِ سُئا، سُهَڻِيءَ سَڏَ ميهارَ جا.
بيت - 15
جَڏهن وَسِيلنَ، لوڙهي ڇَڏي لُڙَ ۾،
پاراران پِرِيَنِ، تڏَهِن پُڇي سُهڻِي.
بيت - 16
پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِڃاءِ،
عشقَ ساڻُ اُٺاءِ، پيرُ پِرِيان جي پارَ ڏي.
بيت - 17
پاڻُ مَ کَڻجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وانءُ،
مَٿاءِ سائِرَ، سوهَڻِي! پِرِتِ وَٺِجِي پانءُ،
نِينهن ڳنهندي نانءُ، وَنءُ پِرِيان جي پارَ ڏي.
بيت - 18
پاڻُ مَ کَڻجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڌُ،
لالَنُ تَنِين لَڌُ، عشق جَنِ جي آڳَ ۾.
بيت - 19
پاڻُ مَ کَڻجِ پاڻ سين، ريءَ وَسِيلي وَڃُ،
ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڍَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.
بيت - 20
پاڻُ مَ کَڻجِ سين، وَسِيلا وِسارِ،
لُڙُ لَنگهائي سُهڻِي! پِرِيتِ وِجهَندِيَئي پارِ،
سي تُرتُ لَنگهِينديُون تارِ، اُڪنڍَ آڳَههُ جَنِ سين.
بيت - 21
ڪونهي آڳَههُ اِهَڙو، جِهَڙي مَحَبَتَ مَنِ،
اُڀِيُونِ اورِيين پارَ ڏي، ڪُوڙِيُون ڪَکَ پُڇَنِ،
نَدي تَنِ نيڙُ ٿِئي، جي ريءَ تُرَهي تَرَنِ،
سِڪَ رَساڻي، سُهَڻي! اَصلُ عاشِقُنِ،
سي جهَلِيُون ڪِينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جي ميهارُ کي.
بيت - 22
پُڇَنِ جي ميهار کي، پُڇي سي ميهارُ،
تُرَهو تنهين بارُ، عِشقُ جَنِين کي آڪرو.
بيت - 23
عِشقَ جَنهين کي آڪرو، تُرَهو مَٿي تَنِ،
جي ساهَڙَ کي سِڪَنِ، تَنِين جَرُ جَنڊُ ٿِئي.
بيت - 24
تُرهو آڇِ مَ تن کي، جن عِشقَ سين آگاههَ،
پُڇي مَسَ ملاحَ، ساهَڙَ مَڻِي سُوهَڻِي.
بيت - 25
ساهَڙُ، سا سُوهَڻِي، سائِرُ پُڻِ سوئِي،
آهي نِجوئِي، ڳُجُهه: ڳُجهاندَرَ ڳالَهڙي.
وائي - 1
ڪِھڙَي مَنجِهہ حِسابَ؟ ھُئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، لا!
گولِي! ڀَڄُ گناھَ کان، ڪونِهَي سُولُ ثَوابَ،
ھُئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، لا!
نَڪِين تَقاوَتَ ۾، نَڪِين مَنجِهہ رَبابَ،
ھُئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، لا!
خُدِيَائِي خُوبُ ٿِيَين، لايَين جَي لُعابَ،
ھُئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، لا!
پَليتُ ئي پاڪُ ٿِئَي، جُنُبِيو مَنجِهہ جنابَ،
ھُئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، لا!
سو نَہ ڪَھِين شَيءِ ۾، جَيڪين مَنجِهہ تُرابَ،
ھُئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، لا!
ھوءِ جَي جَرَڪن جَرَ تَي، سَي تان سَڀِ حُبابَ،
ھُئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، لا!
ھادِيءَ سَين ھُنَ پارَ ڏي، رِڙهَين ساڻُ رِڪابَ!،
ھُئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، لا!
چَنبو وِجِهي چورَ کَي، آءٌ ڇَڙَ عُقابَ،
ھُئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، لا!
ديدُ وِڃاَءِ مَ دوستَ جو، ھَلي مَنجِهہ حِجابَ،
ھُئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، لا!
ڪَثرَتَ آھَي قُربَ ۾، اِدغامَ اِعرَابَ،
ھُئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، لا!
فَنا وِجِهي فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيُ ڪَبابَ،
ھُئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، لا!
ڏَي طَھُورا تَنِ کي، جَي سِڪَنِ لاءِ شَرابَ،
ھُئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، لا!
مُٺِيَ ڪِيا مَرضَ ۾، جاوا سَڀِ جَوابَ
ھُئَڻُ مُنھِنجو ھوتَ ري، لا!