شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا پنڌ ۽ پيچرا

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي چيل بيتن، واين، سندن تڪين، بيان ڪيل ماڳ مڪانن، ورتل واٽُن، پنڌن، تبرڪات کان علاوہ سندن عزيزن جي مدفن وارن ھنڌن کي ڊجيٽل دنيا ۾ گوگل نقشي جي مدد سان ھتي سنواري رکيو پيو وڃي، تہ جيئن محققن ۽ ڀٽائيءَ جي چاھيندڙن کي ڀٽائيءَ جي دڳن، پنڌن پيچرن جي سھڻي نموني سان خبر پئجي سگهي. ھي نقشو جوڙجڪ جي مرحلي مان گذري رھيو آھي، جنھن ۾ ڏنھون ڏينھن اضافو ٿيندو رھندو.