
”شاھ جو ڪوش“ ڀٽائي پيڊيا جو انتھائي اھم ڀاڱو آھي جنھن ۾ رسالي اندر ڪتب ٿيل ھڙني ٻولن جي سولي سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ معنائن سان گڏ گرامر جي ترڪيب تي ٻڌل معلومات جو خزانو شامل آھي. ڪوش ۾ گهربل ٻولن سان گڏ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن جا حوالا پڻ رکيا ويا آھن. ان کان علاوہ شاھ جي ڪوش ۾ جن لفظن جو مادي وجود آھي انهن جا عڪس بہ شامل ڪيا ويا آھن تہ جيئن لاڳاپيل ٻولن جي پوري چِٽاڻ ٿي سگهي. ڪوش ۾ ھر لفظ سان گڏ سنڌي ديوناگري ۽ رومن بہ ڏني وئي آھي تہ جيئن انٽرنيٽ انجڻيون جھڙوڪ گوگل، ياھو، بنگ وغيرہ سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي لفظن کي پنھنجي مشيني ترجميڪاريءَ ۾ سولائپ سان شامل ڪري سگهن. ڪوش ۾ ڪافي نيون شيون پڻ رکيون ويون آھن جيئن شاھ ۽ رسالي بابت بڻيادي ڄاڻ وغيرہ، جن جا عنوان بہ رسالي جي بيتن مان کنيا ويا آھن، گڏوگڏ رسالي جي بيتن مان چونڊيل اُھي سٽون، جيڪي پوري لوڪ، مقبول چوڻيون ڪري ڇڏيون آھن، انهن کي بہ ”لات جا لطيف جي“ عنوان سان رکيون ويون آھن.