پارو جي سنڌي معنيٰ
سياري جي موسم ۾ ڏاڍيءَ ٿڌ سبب ڄاول پاڻي، ڏاڍي ٿڌ، سخت سيءُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ice, frost
پارو جا بيتن ۾ حوالا
سِھَ سِيارو پاڻِي پارو، جِتِ جُهڙُ جَهڪَ ۽ جهولَ،
مَنَ اَندَرِ ميھارَ جا، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ،
جيلان ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تي اَڙانگا آرَ تَران.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 18 ]

جِيئَن اُتَرِڙا اوتِينِ، تِيئَن سامِي گهَڻو سَنِرا،
سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو، اُتَرَ اوٽَ نَہ ڏِينِ،
جِيئَن پارو پَوارا ڪَري، تِيئَن سُمَرِڙِيُون سوِرِينِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، اُونڌي ڪَنڌِ اورِينِ،
جُهوپا نَہ جوڙِينِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ وِصالَ ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 10 ]

پارو پَوارا ڪَري، لَڳي اُتَرَ مُٺِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ڪَنِ جُسي سين جُٺِ،
پَوَنِ ڏِينِ نَہ پُٺِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ وِصالَ کان.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 11 ]

سُورُ جَنِ کي سَھجَ جو، تَنِ پُڻي نَہ پارو،
ٻارَڻُ ٻارِينِ نَہ باھِ جو، سَڄو سِيارو،
آرَڙ اُونَهارو، اُوءِ لُڪَ لَکايا ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 13 ]