وَٽِينِ جي سنڌي معنيٰ
وِرھُ وَٽِينِ (عشق ونڊين، محبت ونڊين، يا پرائين.)
وَٽِينِ: وڪڙ ڏين، پيچ ڏيڻ. ڪمائڻ، فائدو حاصل ڪرڻ، لاڀ، اُپراسو. اُپائڻ، کٽڻ، پرائڻ، وٽ ڏيڻ (نوڙي) ڀڃڻ، موڙڻ، چڻڻ، ڳنڍڻ. گُٿڻ. نپوڙڻ. حاصل ڪرڻ. مھٽو ڏيڻ، مروڙڻ. منارڻ، ويڙهڻ، پُسائڻ، آلو ڪرڻ، ھريو ڪرڻ. ونڊڻ، ورهائڻ، حصا ڪرڻ . ڏيڻ (وٽيو، وٽيندو، وٽيل).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To gain, earn. To twist, plain wring.
وَٽِينِ جا بيتن ۾ حوالا
آئِي اُتَرَ مُندَ، ھِينئين اُڊَڪو نَہ لَھي
وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيهَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 3 ]
وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيهَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 3 ]
ڪُھَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندي سَڄَڻين،
سُورِيءَ چاڙِھِئو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِھاڙئو ڏِينِ،
ويٺا وِرھُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئا وِھاءِ تُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 22 ]
سُورِيءَ چاڙِھِئو سُپِرِين، ڏَنڀَ ڏِھاڙئو ڏِينِ،
ويٺا وِرھُ وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئا وِھاءِ تُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 22 ]
English Meaning
To gain, earn. To twist, plain wring.