ھالارَ جي سنڌي معنيٰ
ھالار، سنڌ جي الهندي طرف واري جبلن جي قطار جو نالو (جنھن ۾ مکيہ ٽي جبل اچي وڃن ٿا، ڪرو جبل، کيرٿر جبل ۽ پٻ جبل). ڪڇ، ڪاٺياواڙ جي الهندي پٽيءَ جو نالو (جنھن ۾ ڄام نگر شامل آھي).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Halar, series of mountains if western side of Sindh. There are three mountains situated within this area. Karo, Khirthar and Pabb. Same name is also situated in western part of Kachh (Kathiyawar).
ھالارَ جا بيتن ۾ حوالا
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ،
ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ پارَ،
ڪي چَمڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھَنِ سَمَرقَندِيَنِ سارَ،
ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلُ ڪي قَنڌارَ،
ڪي دِلِي ۽ دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرنارَ،
ڪَنِي جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏِنا بيڪانِير بُڪارَ،
ڪَن اَچِي عُمَرَڪوٽَ جا، وَسايا وَلَھارَ،
ڪِنِ ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِ ڍَٽَ تي ڍارَ،
ڪي لَڙِيُون لاھورَ تي، ڪي ھَلَنِ مَٿي ھالارَ،
ڪي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪارَ،
سائِينمِ! سَدائِين ڪَرِين، سِنڌُڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسِتَ تُون دِلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِيين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 1 ]

جَو ڇَلِيُون پَسِي ڇَڪِئو، تَنھِن واکاڻِئو وِکَ،
لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، لَکَنِ اَڳِئان لِکَ،
پيرُ نَہ موڙي پانھِنجو، تَنگِيءَ پيئِي تِکَ،
سَرَڻِنِ ڏي نَہ سِکَ، ھَڪَلَ سين ھالارَ ڌَڻِي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 7 ]