آگم ڪيو اچن...

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت

نسب نامو، ولادت، ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم وارو دور:

شاھ عبداللطيف، سنڌ جي ’مُتَهلَوِي‘ ساداتن، يعني ’مُتَعَلوِي‘ يا مٽياري سيدن جي ’ڪريم- پوٽا‘ خاندان مان ٿيو جيڪو مٿي شجري ۾ هڪ وڏي پاڙي ’جَراڙ‘ يا ’جَڙاڙ- پوٽا‘ جي هڪ شاخ آهي. انهيءَ پاڙي جو وڏو سيد جراڙ (جلال) هو جيڪو سيد شرف الدين جو فرزند هو. انهيءَ لحاظ سان ’جراڙ- پوٽا‘ ساڳئي وقت ’شرف– پوٽا‘ آهن. شرف الدين جو ڏاڏو سيد حيدر، هرات شهر جي سيد مير علي جو پٽ هو جيڪو مٿي امام موسيٰ ڪاظم جي اولاد مان هو. انهيءَ لحاظ سان مٽياروي سيد شهر هرات جي سندن وڏي ڏاڏي مير علي (يعني سيد علي) جي اولاد سببان ’هِراتي سيد‘ آهن، پر مير علي هِراتي کان مٿئين نسب نامي جي اعتبار سان ’ڪاظمي سيد‘ آهن. مٽياروي سيدن جي شجري موجب، سيد حيدر پهريائين سنڌ ۾ آيو ۽ هالا- ڪنڊي (قديم شهر هالا) ۾ اچي رهيو جتي هالا قبيلي جي رئيس شاھ محمد بن دريا خان کيس پنھنجي نياڻي ڏني جنھن مان کيس ’علي‘ نالي پٽ ٿيو. سيد حيدر موٽي هرات ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين؛ پٽس سيد (مير) علي سنڌ ۾ ئي رهيو، ۽ ڪريم- پوٽا توڙي ٻيا سڀ مٽياروي سادات هن ’سيد علي سنڌي‘ جو اولاد آهن.

(الف) ساداتن جو مٽياري ۾ اچڻ

شجري جي روايت موجب، سيد (مير) علي (سنڌي) 802- 803ھ وارن سالن ۾ هالا- ڪنڊي ۾ ڄائو هوندو، پر غالباً سندس والد سيد حيدر ڳچ وقت اڳ (اٺين صدي هجري جي آخر ۽ سمن جي حڪومت جي شروعاتي دؤر ۾) سنڌ ۾ آيو ۽ مير ’علي‘ سنڌي بہ 8- صدي هجري جي آخر ڌاري ڄائو. هو هالا- ڪنڊي ۾ پنھنجي ناناڻن ۾ نپنو، جن کيس پرڻايو. هن ٻيو نڪاح تُرڪن جي قبيلي مان ڪيو. کيس ٽي پٽ ٿيا: احمد، شرف الدين ۽ مرتضيٰ عرف ڀرئو، جن سڀني کي اولاد ٿيو. سيد علي سنڌي جڏهن اولاد وارو ٿيو تہ هالا- ڪنڊي مان لڏي اچي پينگهاري پرڳڻي سان لاڳو پرڳڻي جي ’متعلہ‘ يا ’متعالہ‘، يعني ’متهلو‘ (= ’مٽهالو‘، ’مَٽُ- هالو‘) شهر ۾ ويٺو، جنھن جي نالي مان ڀانئجي ٿو تہ اهو هالا قبيلي جي سربراهن جي زمينداري ۾ هو جن پنھنجي ڏوهٽي کي جاگير ڪري ڏنو. اهو شهر هن وقت موجود ناهي پر شهدادپور کان 8-9 ميل اوڀر طرف ’متهلو‘ ديھ ۽ تپو ان نالي جي يادگار طور موجود آهن. سيد علي سنڌي ۽ سندس اڪثر اولاد، 9- صدي هجري وارو گهڻو عرصو ’متهلي‘ ۾ رهيا ۽ سيد علي بہ مُتهلي ۾ ئي وفات ڪئي. هنن سيدن پنھنجي دينداري، ديانتداري ۽ ڪامياب زمينداري جي ڪري ديندار سلطان ڄام نظام الدين جي دور حڪومت (866- 914ھ) ۾ وڏو اثر رسوخ پيدا ڪيو. متهلي طرف جڏهن پاڻي جي اڻاٺ ٿي، تڏهن هي سڄو خاندان 9- صدي جي پوين ڏهاڪن ۾ موجودہ شهر مٽياري واري ماڳ تي لڏي آيو، جتي هو ’متهلوي‘ (=مُتهلي جا) سڏجڻ لڳا. هي هڪ علمي گهراڻو هو ۽ سندن تحريرن ۾ جئن پوءِ تئن ’متهلوي‘ کي ’متعلوي‘ ڪري لکيو ويو. مٽيارين وارو ماڳ اصل ۾ چانگن بلوچن جو شهر ’مَٽُ- آري‘ (آري جو مَٽُ) هو، پر هن سيد گهراڻي جي وڌندڙ اثر رسوخ سببان سندن نالي پويان ’متعلوي‘ بہ سڏجڻ لڳو جيتوڻيڪ عوام ۾ اصل نالي ’مَٽ- آري‘ پويان ’مٽياري‘ وڌيڪ مشھور ٿيو.

(ب) ڪريم- پوٽا پاڙو

مٽياري واري ماڳ تي لڏي اچڻ کانپوءِ، چاليهن پنجاهن سالن اندر، سنہ 944 هجري ۾ سيد علي سنڌي جي پٽ شرف الدين جي اولاد (شرف- پوٽن) جي ’جَراڙ‘ يا ’جراڙ- پوٽا‘ پاڙي مان، لال محمد شاھ عرف لَلي شاھ جي گهر عبدالڪريم شاھ ڄائو، جيڪو پنھنجي درويشي ۽ دينداري، فڪر ۽ فهم، تصوف ۽ توڪل جي ڪري مشھور ٿيو. سندس والد جو گهر ’مٽياري‘ ۾ موجود جامع مسجد جي ڏکڻ- اولاهين ڪنڊ سان لڳو لڳ هو، جتان مسجد جي ديوار ۾ هڪ نشان يادگار طور اڄ تائين موجود آهي. شاھ لَلو پاڻ عابد زاهد ۽ سهروردي طريقي جو سالڪ هو. سندس گذر سفر اڪثر لاڙ طرف ٿيندو هو ۽ وفات پڻ اتي ئي ڪيائين ۽ سهروردي سلسلي جي بزرگ شهاب الدين قريشي جي مقام ۾ مدفون ٿيو. جئن تہ شاھ لَلو پاڻ هڪ وڏو درويش هو، انهيءَ ڪري گهڻين جاين تي سندس پڻ معتقد ۽ مريد ٿيا، جن مان ڪي بلڙي واري جُوءِ ۾ هئا، جن جي محبت ۽ عقيدي جي ڪري عبدالڪريم شاھ پنھنجي تعليم ۽ شادي بعد ’مٽياري‘ مان لڏي وڃي اتي ويٺو. انهي ڪري ان ڳوٺ کي ’سيد پور‘ توڙي ’لَلاڻِي لوء‘ سڏيو ويو، پر جيئن تہ اهو بلڙيءَ واري ڀيڻيءَ ۾ هو انهيءَ ڪري اهو ماڳ بہ انهيءَ جُوءِ جي نالي سان ’بُلڙي‘ سڏجڻ لڳو. ميون شاھ ڪريم گهرٻار عيال سوڌو، سندس زندگي جي وڏي عرصي تائين، اتي رهيو ۽ وفات بہ سنہ 1032ھ (1623ع) ۾ اتي ڪيائين.

تصوف جي سلسلي ۾، ميين شاھ ڪريم ۽ سندس والد ٻنهي جي سهروردي طريقي سان نسبت باقي رهي، پر شاھ ڪريم پاڻ قادري طريقي سان وڌيڪ وابستہ ٿيو. ميين شاھ ڪريم کي اَٺ پٽ ٿيا، جن مان چئن کي اولاد ٿيو جيڪو وڌيو ويجهيو، ۽ ڏاڏي جي نالي سان سندن پاڙو ’ڪريم- پوٽا‘ ٿيو. سندس ٽئين نمبر فرزند جلال شاهه جي اولاد مان شاھ عبداللطيف جو والد شاھ حبيب ٿيو.

(ج) شاھ حبيب ۽ سندس ڪٽنب: 

شاھ حبيب، ميين شاھ ڪريم جو پڙپوٽو هو. سندس ڏاڏو جلال شاھ يا جمال شاھ غالباً پنھنجي والد ميين شاھ ڪريم جي وقت ۾ مٽياري ۽ هالن طرف گهڻو گذارڻ لڳو. هو هالن طرف هو جو ڦورن ڪنهن مائي جو مال هنيو ۽ جڏهن شاھ پويان واهر ٿي ويو تڏهن ڦورن کيس شهيد ڪيو، ۽ هو ’گولي پير جي مقام‘ ۾ مدفون ٿيو. هي مقام شهدادپور تعلقي جي ديھ ۽ تپي ’جَما‘ ۾، ڀٽ کان ست ميل کن اتر طرف آهي جتي جلال شاھ (جمال شاه) جي تربت موجود آهي. سندس شهيد ٿيڻ بعد سندس ٻار ٻچا جيڪڏهن مٽياري ۾ هئا تہ بہ موٽي وڃي پنھنجي ڏاڏي سان ’سيدپور‘ (بلڙي) ۾ رهيا. جلال شاھ (جمال شاھ) جو فرزند عبدالقدوس شاھ بہ عابد ۽ درويش ٿيو جنھن اتي وفات ڪئي ۽ پنھنجي ڏاڏي ميين شاھ ڪريم جي مزار جي ويجهو ڏکڻ- اوڀر طرف دفن ٿيو. کيس ٻہ پٽ ٿيا: حبيب الله شاھ (حبيب شاھ) ۽ عبدالرشيد شاهه، جن ٻنهي کي اولاد ٿيو. دينداري درويشي جي ورڇ حبيب الله شاھ کي ملي. ميين شاھ ڪريم بعد، جملي ڪريم- پوٽن ۾ شاھ حبيب ئي زهد ۽ عبادت، فقر ۽ فضيلت جو صاحب ٿيو، ۽ سندس اعليٰ اخلاق، فيض ۽ فقيري جو خاص طرح سندس فرزند شاھ عبداللطيف جي تربيت تي وڏو اثر پيو. ڪريم- پوٽن ۾ شاھ حبيب ئي شاعر ٿيو جنھن بيت چيا جن مان ڪي ’شاھ جي رسالي‘ ۾ موجود آهن. شاھ حبيب جي شاعريءَ جو پڻ شاھ لطيف تي اثر پيو.

شاھ حبيب پنھنجي والد جي وفات وقت، يا سندس وفات کانپوءِ، ڪجهہ وقت لاءِ اچي مٽياري شهر ۾ رهيو. اها جاءِ جتي هو رهيو اتي ٿي سگهي ٿو تہ سندس گهر هو، ۽ ’مٽياري‘ ۾ سندس رهڻ انهيءَ ڪري ٿيو جو شايد اتي سندس شادي ٿي. پوءِ عزيزن جي ساڻس اڻبڻت ٿي، جو درويش هاشم شاھ جيڪو کيس گهڻو گهرندو هو تنھن جي چوڻ تي مٽياري کي ڇڏيائين. ڪن روايتن موجب شاھ حبيب هڪ شادي عزيزن مان ڪئي ۽ ٻي ٻاهران ڪئي جنھن مان شاھ عبداللطيف ڄائو. پر هڪ تہ اهو پڪيءَ طرح معلوم ناهي تہ سندس پهرين شادي ڪڏهن ٿي، ۽ ٻيو اهو بہ معلوم ناهي تہ پنھنجن مان جيڪا شادي ڪيائين سا ڪھڙي پاڙي يا ڪھڙن عزيزن مان ڪيائين. مٽياروي سيدن جي پاڙن جا شجرا موجود آهن پر انهن ۾ شاھ حبيب جي ان شادي جو ڪو حوالو موجود ڪونهي. روايتن موجب، ٻنهي گهرن مان کيس اولاد ٿيو: پر هڪ تہ شاھ حبيب جي اولاد بابت جيڪي حوالا موجود آهن سي سندن وفات کان سوا- سئو سال کن پوءِ جا آهن ۽ ٻيو تہ شاھ عبداللطيف جي وفات کانپوءِ (خاص طرح گادي نشيني جي مسئلي تان) شاھ حبيب جي نرينہ يا ٻئي اولاد بابت بيان پڌرا ٿيا، انهيءَ ڪري شاھ حبيب جي جملي ڪٽنب بابت ڪنهن پڪي نتيجي تي پهچڻ مشڪل آهي. البت اهو يقيني آهي تہ هڪ ئي گهر مان شاھ حبيب کي ٽي فرزند ٿيا جن مان فقط هڪ شاھ عبداللطيف باقي بچيو. ٻئي گهر مان، هڪڙن حوالن موجب جمال شاھ نالي فرزند ٿيو، ۽ ٻين موجب جمال شاھ ۽ مصري شاھ نالي ٻہ فرزند ٿيا. ٽکڙ واري شجري موجب جمال شاھ جو پٽ ڪريمڏنو شاھ ٿيو، جنھن جو ڪوبہ پٽ جمال شاھ نالي ڪونہ هو؛ ٻين شجرن ۾ ان جو پٽ جمال شاھ نالي هو، جيڪو شاھ عبداللطيف بعد گادي نشين ٿيو. پٽن کانسواءِ شاھ حبيب کي ’بي بي بتول‘ نالي هڪ نياڻي هئي، جيڪا غالباً شاھ عبداللطيف جي سڳي ڀيڻ هئي. ان سميت يا ان کانسواءِ، شاھ حبيب جي ٻن نياڻين جو ذڪر ٿيل آهي، پر مير سانگي ڄاڻايو آهي تہ اها پڪ ڪانهي تہ اهي ڪھڙي گهر مان  هيون، پر ٻنهي جي شادي شاھ حبيب جي وقت ۾ ٿي. سانگي کي غلام محمد شاھ گدا ٻڌايو تہ انهن مان هڪ مٽياري سيدن جي ’موسيٰ‘ پاڙي ۾ ڏنل هئي تہ ٻي سمهـباڻي پاڙي ۾ ڏنـل هئـي. شـجرن جـي تحقـيقات مـان مـعلوم ٿـيو تہ:

شاھ حبيب جي هڪ نياڻي، سيد موسيٰ جي ڀاءُ سيد عيسيٰ جي اولاد ’عيسيٰ- پوٽـن‘  جي  پاڙي  مان  محمد حافـظ شاھ جي پٽ کي پرڻايل هئي؛ مگر شجرن مان تـوڙي زبانـي روايـتن مـان اهـا تصديـق نـه ٿي سگهي تہ ڪو شاھ حبيب جي ڪا نياڻي سمهباڻين ۾ بہ ڏنل هئي.

(د) شاھ عبداللطيف جي ولادت(1102ه)

عام روايتن موجب، شاھ حبيب کي اولاد ڪونہ ٿيندو هو ۽ ڪنهن درويش کان دعا گهريائين، جنھن چيس تہ: توکي پُٽ ٿيندو، پر سندس نالو عبداللطيف رکجانءِ. سنہ 1300ھ ۾ اتاريل هڪ بياض ۾ اها آڳاٽي روايت جيئن نقل ٿيل آهي، تنھن موجب اها دعا شاھ حبيب کي مٽياري شهر جي مست درويش هاشم شاھ ڪئي هئي، جيڪو پاڻ جراڙ- پوٽو هو ۽ شاھ حبيب جو عزيز هو. شجري مان پڻ اهڙي تصديق ٿئي ٿي تہ ٻئي همعصر هئا. شاھ حبيب دل ۾ ارادو رکي هاشم شاھ وٽ ويو، جنھن کيس ڏسي چيو تہ ”حبيب مان لطيف جي بوءِ ٿي اچي.“ شاھ حبيب کي ڄڻ واڌائي ملي تہ کيس عبداللطيف نالي پُٽ ٿيندو، جنھن جي خوشبوءِ ملڪ واسيندي. پوءِ پُٽ ڄائو، جنھن جو نالو عبداللطيف رکيائين، پر ٻارڙو گذاري ويو. ساڳئي گهر مان ٻيو پٽ ڄائس تنھنجو نالو بہ عبداللطيف رکيائين، پر اهو بہ گذاري ويو. وري بہ ساڳئي گهر مان ٽريو پُٽ ڄائس، جنھن جو نالو وري بہ عبداللطيف رکيائين، جيڪو بچيو ۽ اُهوئي شاھ عبداللطيف ٿيو. اهي ٽيئي ٻارڙا جنھن بيبيءَ مان ٿيا، سا عرس فقير ڏيري جي نياڻي هئي، جيڪو ملتان جي ولي غوث بهاؤالدين زڪريا جي خليفي قندر فقير ڏيري جي اولاد مان، ”ڌنؤنريات“ لقب وارن ڏيرن فقيرن جي ”ثابت“ يا ”ثابت پوٽا“ نُک مان هو. هنن ڏيرن فقيرن جا ٻہ سلسلا هئا: هڪڙا ”سايات“ يا سبزپوش (سائو ويس ڪندڙ) ۽ ٻيا ”ڌؤنريات“ يا سفيد پوش. اهي وڏا پهتل درويش هئا ۽ ’گنباٽ ڌڻي‘ (گنباٽ واري ايراضي جا رکوال ولي) ڪري سڏبا هئا. ثابت فقير پاڻ وڏو درويش ٿي گذريو- جو چيائون تہ:

سوالي سچيءَ سڪ مان جي ’ثابت‘ کي سارين

تن  نــڪا  تـنـگي  تـوڻ  جـي، نــڪي اُڌارين.

عرس فقير کي ٻہ نياڻيون هيون: وڏي ڏنائين رب رکيي فقير ڏيري کي، ۽ ننڍي نياڻي ڏنائين شاھ حبيب کي. شادي بعد، شاھ حبيب بہ سهريجن جي پاڙي ۾ ٿي ويٺو جتي سندس گهر ’سُئي قندر‘ واري تاريخي مقام کي بلڪل ويجهو اولھ طرف هو. اها گهر واري جاءِ روينيو رڪارڊ موجب سروي نمبر 134 ديھ ’سئي قندر جاگير‘ تعلقي شهدادپور ۾ آهي ۽ مقامي طور 60- 1950ع تائين اتي جي سڀني ماڻهن کي، ان جي خبر هئي. ”سئي قندر مقام“ کان نمبر جي لام تي اتر – اولھ طرف ۽ موجودہ شاخ جي اوڀر، شاھ حبيب جي گهر لڳ هڪ کڏ هئي جنھن کي ”ساياتن جي کَڙ“ ڪري چوندا هئا. انهيءَ جي ڀرسان 1930ع تائين، ڪنڊي جا وڻ بيٺل هئا جيڪي ”شاھ حبيب جا ڪنڊا“ سڏبا هئا. اُتي سندس حويلي هئي جنھن جي ڀتين جون بِنائون بہ ان وقت ماڻهن ڏٺيون. انهيءَ حويليءَ ۾ ئي شاھ حبيب جا پهريان ٻہ پٽ ڄاوا جيڪي گذاري ويا ۽ ’سُئي- قندر مقام‘ ۾ دفنايا ويا. ٻنهي جون قبرون اڃا تائين موجود آهن.

ٽيون پٽ شاھ عبداللطيف بہ انهي ساڳئي گهر ۾ ڄائو ۽ اتي ئي نپنو ۽ وڏو ٿيو. هجري سنہ مطابق اهو سال 1102ھ هو، جنھن جي تصديق انهيءَ روايت مان ٿئي ٿي تہ وفات وقت (1165ھ) شاھ صاحب جي عمر 63 سال هئي. 13- صدي هجري (19- صدي عيسوي) تائين باخبر ۽ ڄاڻو ماڻهن وٽ سال 1102هجري شاھ صاحب جي ولادت جو مڃيل سال هو جو ان وقت جي عالم فاضل شاعر سيد غلام محمد ”گدا“ اهوئي سال پنھنجي هيٺين تاريخي مادي واري شعر مان ڪڍيو.

گدا، سال توليد  سلطان  ’ڀٽ‘

شنيدم زهاتف ’عنايت شعار

 1102

شاھ عبداللطيف ڪٿي ڄائو ان بابت البت پوئين دور جا لکندڙ صحيح راءِ قائم ڪري نہ سگهيا، ڇاڪاڻ جو هڪ تہ سندن ڌيان تي اها ڳالھ ويٺل هئي تہ شاھ صاحب جي امڙ ’دياني‘ خاندان مان هئي، يعني تہ هالن پراڻن جي هئي، جنھن ڪري شاھ جي ولادت بہ ان طرف ٿيڻ گهرجي ها. البت ٻئي طرف، مقامي طور تي جيڪا پڪي پختي ڳالھ هلندڙ هئي سا هيءَ تہ شاھ صاحب جي امڙ، ’ڀٽ‘ کان اوڀر طرف ڏيرن فقيرن مان هئي ۽ انهي ڪري ان طرف سندس ولادت جو فطري طور وڌيڪ امڪان هو. پر ’سئي قندر‘ لڳ ڏيرن فقيرن جي ڳوٺ جي حوالي ڏيڻ سان، ’دياني‘ خاندان مان شاھ صاحب جي امڙ هجڻ واري نظريي جي نفي پئي ٿي، انهيءَ ڪري اوڀر طرف جا ٻيا حوالا آندائون: پوءِ هڪڙن ’ڀينءَ پور‘ کي تہ ٻين ’هالا حويلي‘ کي شاھ جي ولادت جو ماڳ ڪري لکيو. لؤنگ فقير مهيسر جنھن جي مزار شادي شهيد لڳ خيرپور ضلعي ۾ آهي، تنھن جي فقيرن ڪٿان ٻڌو تہ شاھ عبداللطيف ’ڀينءَ پور ۾ ڄائو هو يا اتي چلو ڪڍيو هئائين‘ سو اتي وڏي مسجد ٺاهيائون. مير سانگي پوءِ ’لطائف لطيفي‘ ۾ ان جو ذڪر ڪيو ۽ ’ڀئي پور‘ (’صحيح ڀينءَ پور‘) کي شاھ صاحب جي ولادت جي جاءِ ڪري ڄاڻايو. ان بعد مولوي دين محمد وفائي بہ ’لطف اللطيف‘ ۾ انهيءَ ساڳي ڳالھ کي ورجايو. ٻئي طرف ليلارام وتڻ مل لالواڻي پنھنجي ڪتاب ۾ ’هالا حويلي‘ (ڀٽ کان 18 ميل ڏکڻ- اوڀر) جو نالو لکيو، پر اهو ڪونہ ڄاڻايائين تہ ڪھڙي زباني يا شاهدي جي آڌار تي هن اهو نالو لکيو. باوجود انهيءَ جي، لالواڻي جي پوئلڳي ڪندي گربخشاڻي بہ ’هالا حويلي‘ کي شاھ جي ولادت جي جاءِ ڪري ڄاڻايو. مرزا قليچ بيگ وري ’ڀينءَ پور‘ ۽ ’هالا حويلي‘ ٻنهي کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي جو لکيائين تہ: ڀٽائي صاحب جي ڄمڻ جي جاءِ ’هالا حويلي‘ ۾ هئي جا ’ڀئي پور‘ (صحيح ڀينءَ پور) سان لڳ ڏکڻ- اڀرندي ڪنڊ ڏي هئي. جنھن گهر ۾ شاھ صاحب ڄائو هو اتي پوءِ هڪڙي مسجد جوڙائي وئي هئي جا اڃا تائين نصيرواھ جي ڪلهي تي بيٺل آهي. نصيرواھ جي حوالي کانسواءِ مرزا صاحب جي ٻي سڄي عبارت خيالي آهي ۽ سرزمين جي ڄاڻ کان سواءِ لکي ويئي آهي. شاھ لطيف ساڳئي وقت هالا حويلي ۾ ۽ ڀينءَ پور لڳ مسجد واري ڳوٺ ۾ تولد ٿي نٿي سگهيو، ڇاڪاڻ جو ڀينءَ پور کان ’هالا حويلي‘ ڪافي پري آهي، ٻيو تہ اها ڏکڻ- اوڀر طرف ڪانهي پر اتر- اوڀر طرف آهي. ’ڀينءَ پور‘ تعلقي حيدرآباد ۾ ۽ ’هالا حويلي‘ تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ آهي.

سنہ 1958ع ۽ سنہ 1959ع ۾، ۽ ان بعد 1974ع ۾ ۽ وري سنہ 1976ع ۾، جڏهن راقم ’سئي قندر‘ واري ماڳ توڙي ’گنباٽ‘ لڳ ڳوٺن ۾ وڃي پڇائون ڪيون تہ اتي هڪ روايت اها بيان ڪيائون تہ شاھ حبيب ڪي سال ’سئي قندر‘ واري مقام لڳ اولھ طرف واري ڳوٺڙي ۾ پنھنجي حويليءَ ۾ رهيو، ۽ جڏهن اتان لڏيو تہ پوءِ ڪوٽڙي ويو. ٻي روايت جيڪا پوئين دور جي مصنفن جي لکتن کان متاثر ٿي بيان ڪئي وئي سا هيءَ تہ: ڇاڪاڻ جو پهريان ٻارڙا ڪين بچيا هئا، انهيءَ ڪري جڏهن شاھ عبداللطيف پيٽ ۾ ٿيو تہ شاھ حبيب ماڳ مٽايو ۽ اتان لڏي ويو. پر اهو دليل ايڏو وزندار ڪونهي ڇاڪاڻ جو شاھ حبيب پختي ارادي ۽ وڏي توڪل وارو بزرگ هو، جو باوجود پهرين ٻن ٻارڙن جي فوت ٿي وڃڻ جي بہ ٽئين ٻار جو نالو عبداللطيف رکيائين، تہ پوءِ وهم ۽ وسوسي ۾ اچي هن ڪيئن پنھنجو گهر ڇڏيو هوندو ۽ ماڳ مٽايو هوندو! جيئن تہ شاھ حبيب جي گهر واري جاءِ توڙي پهرين ٻن ٻارڙن جي ولادت ۽ وفات بابت مقامي طور پڪيون پختيون شاهديون توڙي پڪا پختا آثار موجود آهن، انهيءَ ڪري پوري وثوق سان چئي سگهجي ٿو تہ ٽيون ٻار ’عبداللطيف‘ (شاھ عبداللطيف) پڻ اتي ئي ان ساڳئي گهر ۾ ڄائو. ٿي سگهي ٿو تہ ٻارڙي جي خير سان صحيح سلامت ولادت بعد، سندس صحت عافيت ۽ دوا درمل خاطر شاھ حبيب ڪي ڏينهن وڃي ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي رهيو هجي، پر اهڙي گمان موجب پڻ سندس ’ڀينءَ پور‘ وڃڻ وڌيڪ مناسب نظر اچي ٿو جو اتي جا ڪي سما فقير غالباً سندس مريد ۽ معتقد هئا، جن مان ميان اسماعيل فقير سمو پوءِ شاھ عبداللطيف جو خليفو ٿيو. بهرحال جيڪڏهن اتي شاھ حبيب جو رهڻ ٿيو تہ بہ ٿوري وقت لاءِ ٿيو جو هو وري پنھنجي حويلي ۾ موٽي آيو.

(ھ) ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم. شاھ عبداللطيف جي ولادت جي تاريخ ڪٿي بہ لکيل ڪانهي، پر جيڪڏهن مهيني صفر سنہ 1165ھ ۾ وفات وقت سندس عمر ڀريا ٽيهٺ سال هئي تہ پوءِ قمري سالن جي حساب سان سندس ولادت 1102هجريءَ جي صفر مهيني جي 14 تاريخ ڌاري يا ڪي ڏينهن اڳ پوءِ ٿي هوندي. ولادت کان اڳ سندس ٻہ همنام سڳا ڀائر فوت ٿي چڪا هئا: هي ٽريو لطيف هو جيڪو وڃي بچيو هو، جنھن مان سندس والدين جي خوشي ۽ ساڻس پيار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. انهيءَ ڪري ننڍڙو لطيف نہ فقط ٻالجتيءَ واري دور ۾ پنھنجي پيءُ ماءُ جي محبت ۽ شفقت ۾ نپنو پر اها نعمت وڏي هوندي تائين ساڻس شامل حال رهي، جنھن سندس شخصيت کي سنواريو ۽ اجاريو. ٻالجتيءَ ۾ ٻيو ٻارڙو جيڪو سندس ويجهو ساٿي هو، سو هو سندس ماسات محمد عالم ڏيرو جنھن سان هو کيڏيو ۽ خوش ٿيو.

ٻاراڻي وهي واري هن دور ۾، لطيف جي اٿڻ ويھڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جو مرڪز سندس پنھنجي گهر وارو ڳوٺڙو هو، پر ان جو دائرو البت گنباٽ واري جُوءِ تائين وسيع هو. ان وقت ننڍڙي لطيف جي اچ وڃ سندس والدہ جي ڀيڻ ۽ ٻين عزيزن جي گهرن تائين، يعني گنباٽ واري تر ۾  ڏيرن فقيرن جي راڄن ڳوٺن ۾ ٿيندي رهي.

نتيجي طور ٻالجتيءَ واري هن دور ۾، ڏيرن فقيرن جي قبيلي واري نج سنڌي ٻولي، جيڪا سندس مادري ٻولي پڻ هئي، سا ننڍڙي لطيف جي ذهن تي نقش ٿي ۽ زبان تي چڙهي ۽ اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ تي سندس ڪُلي طور دسترس ۽ ڪمال لاءِ پيش خيمو بني.

ان وقت مڪتبي تعليم جو دور هو جنھن موجب قرآن شريف، سنڌي ۽ ابتدائي فارسي تعليم معياري سطح تي ڏني ويندي هئي. والدين ننڍڙي لطيف کي پاڻ کان پري ڪري فوري طور تي ڪنهن مڪتب ۾ ڪونہ ويھاريو: البت سندس تربيت گهر ۾ ئي ٿيندي رهي جو نہ فقط والد شاھ حبيب پاڻ علم ۽ نظر وارو هو، پر والدہ بہ هڪ وڏي فاقيري گهر مان هئي. البت عبداللطيف جڏهن ڪجهہ وڏو ٿيو تہ روايتن موجب شاھ حبيب کيس قرآن شريف پڙهڻ لاءِ اهڙن استادن وٽ ويھاريو جيڪي پاڻ وڏا نيڪ ۽ پرهيزگار هئا. انهن اهڙي تہ توجھ سان پڙهايو جو قرآن شريف عبداللطيف جي دل تي نقش ٿي ويو. انهن مان خاص استاد ميون نورمحمد ڀَٽِي هو، جنھن پوءِ کيس مڪتبي تعليم ڏني. ميون نورمحمد گنباٽ جي ڏيرن واري راڄ کي ويجهو اٺن ميلن کن جي پنڌ تي ”وانئين“ جو ويٺل هو ۽ شاھ حبيب جو محبتي ۽ معتقد هو. عبداللطيف جي پڙهائي لاءِ شاھ حبيب کيس سڏي پاڻ وٽ رهايو. هن شفيق استاد پنھنجي سعادتمند شاگرد کي مڪتبي تعليم پوري ڪرائي. ان بعد وڌيڪ تعليم جو سلسلو جاري نہ رهيو، پر ميون نورمحمد هميشه لاءِ شاھ حبيب وٽ ايندو رهيو ۽ عبداللطيف جئن تہ ويتر وڌيڪ ڄاڻ ڏانھن مائل هو سو ساڻس ملندو رهيو ۽ کانئس سکندو رهيو. بالآخر جڏهن شاھ عبداللطيف اچي ڀِٽ کي وسايو تہ ميين صاحب کي پڻ سڏي اتي کيس سندس اوطاق ليڪي ڏنائين ۽ ڀٽ تي پاڻ وٽ رهايائين. اهڙي طرح نوجواني واري دور ۾ توڙي پوءِ شاھ عبداللطيف جو پنھنجي مشفق استاد سان ملڻ، وٽس ويھڻ ۽ ساڻس صحبت ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو.

شاھ لطيف جي ننڍپڻ وارا ڪم ازڪم ٻارهن سال کن پنھنجن ناناڻن ڏيرن فقيرن ۾ سئي قندر ۽ گنباٽ واري تر ۾ گذريا. انهيءَ عرصي ۾، ٻين ٻارڙن سان گڏ، گنباٽ سان لاڳو اولھ طرف، واريءَ جي ڀِٽن واري ايراضي (جنھن ۾ پوءِ هن ’ڀٽ‘ واري ماڳ کي وسايو) ۾ ننڍڙي لطيف مينهن وسندي رانديون ڪيون هونديون. ان وهيءَ ۾ گنباٽ جي جوءِ ۾ هر ماڳ ۽ ڳوٺ ڏٺائين، ۽ ٻارن توڙي وڏن جو پيار ماڻيائين. ننڍپڻ وارين انهن يادگيرين جو ئي نتيجو هو، جو پوءِ وڏي هوندي سارنگ جي هڪ بيت ۾، ،’گنباٽ‘ تي ڪرم جي ڪڪرن جي گونج جو ذڪر آندائين تہ: واهُندئان وڄُ ٿي، گُڙيون ڏُونھ گنباٽ

انهيءَ ٻاراڻي وهيءَ ۾ سندس سنگت ۽ رفاقت فطري طور تي ڏيرن فقيرن جي ٻارن سان ٿي، جن سان هو کيڏيو ۽ خوش ٿيو ۽ جيڪي پوءِ وڏي هوندي سندس پيارا فقير ۽ معتقد ٿيا. انهن مان اَجن فقير ڏيرو ۽ سُک فقير ڏيرو، ٻئي شاھ صاحب جي حاضرات جا فقير هئا. جاني فقير ڏيرو بہ شاھ صاحب جو ننڍڙي هوندي جو ساٿي هو جنھن جو پُٽ عنايت پڻ ڏانهس گهڻو مائل ٿيو. پر شاھ صاحب جو سڀ کان وڌيڪ ويجهو ۽ پيارو ساٿي سندس پنھنجو سڳو ماسات، رب رکيي فقير جو پٽ، محمد عالم ڏيرو هو جيڪو پوءِ خاص فقير ۽ خليفو ٿيو؛ شاھ صاحب کيس ڀٽ تي سماع ۽ ذڪر جو اڳواڻ مقرر ڪيو ۽ کيس ”محمد عالم سچو عالم“ ڪري سڏيو. پر عام طرح هو ’خليفو محمد عالم ذاڪر‘ سڏجڻ لڳو. شاھ صاحب جي وفات کانپوءِ فقراء جي سڄي نظام کي سنڀاليائين ۽ وڏي خدمت ڪيائين. وفات بہ ڀٽ تي ئي ڪيائين، جتي سندس قبر شاھ صاحب جي روضي جي ٻاهران ڏکڻ طرف، ۽ تمر فقير جي تجر کان اوڀر طرف، تربتن جي اتر واري قطار سان لاڳيتي ڏکڻ طرف واري قطار ۾، اولھ کان ٻيو نمبر آهي.

والد جي رهنمائي هيٺ تربيت وارو دور (1115- 1120ھ؟)

ننڍپڻ واري مڪتبي تعليم بعد، بلوغت توڙي نوجواني واري دور تائين شاھ لطيف جي تربيت پنھنجي والد شاھ حبيب جي شفقت ۽ هدايت هيٺ ٿي. هو هميشه گڏوگڏ هئا، اهڙو جو ڄڻ هڪٻئي جا رفيق هئا. شاھ حبيب پاڻ پڙهيل هو ۽ دعا خاطر تعويذ لکي ڏيندو هو. بعضي هو حال وارا بيت پڻ چوندو هو. عالمن ۽ عارفن جو صحبتي هو، ۽ خود پاڻ پنھنجي وقت ۾ وڏو فيض وارو عابد زاهد هو. مير علي شير قانع کيس ”ڪريمي سلسلي جو ناميارو بزرگ، ۽ وجد ۽ حال وارو ڪرامتن جو صاحب“ سڏيو آهي. سندس تاڪيد ۽ سعيو توڙي سندس نظر فيض اثر جو سايو، ٻئي سڪيلڌي لطيف سان شامل حال رهيا. ٻئي طرف خود نوجوان لطيف ۾ پاڻ پنھنجو سوچڻ ۽ اعليٰ اخلاقي ۽ روحاني منزلن ماڻڻ جي ذوق ۽ جذبو موجزن ٿيو.

پر هاڻي شاھ حبيب ڪوٽڙي ۾ لڏي آيو ۽ نوجوان لطيف جي ڏسڻ وائسڻ جو دائرو اُتر طرفان هالن کان وٺي هيٺ لاڙ ۾ بلڙي تائين، ۽ اولھ طرفان ڪوٽڙي واري علائقي کان وٺي اوڀر ڏانھن ڀٽ ۽ گنباٽ تائين ۽ اُتان کان ڏکڻ ڏانھن نصرپور تائين وسيع ٿيو.

شاھ حبيب جو سئي قندر مان لڏي ڪوٽڙي مغل ۾ ويھڻ

شاھ لطيف ڏهن ٻارهن سالن کن جو هوندو، جو شاھ حبيب ’سئي قندر‘ واري ڳوٺڙي مان لڏي وڃي اٺ نو ميل اولهه- ڏکڻ طرف ’ڪوٽڙي مغل‘ ۾ ويٺو. هڪ مقامي روايت موجب، سندن لڏڻ جو سبب اهو هو جو شاھ عبداللطيف اڃان سرجيوئي هو جو ڏيرن فقيرن مان ڪن درويشن شاھ حبيب کي چيو تہ: ’قطب سرجيو آهي ۽ هت رجوعات ٿيندي. اسين فقير کٻڙن ۾ لڪا پيا آهيون. هاڻي يا اوهان وڃي ٻئي پاسي ويھو يا اسان کي لڏڻو پوندو.“ پوءِ شاھ حبيب وڃي گهران پڇيو تہ بي بي صاحبہ اميدواري جي تصديق ڪئي. فقيرن جي اها ڳالھ بالآخر سبب بني جو شاھ حبيب بالآخر سئي قندر مان لڏيو. هيءَ روايت پنھنجي جاءِ تي، پر ڀانئجي ٿو تہ سندس سهري عرس فقير ڏيري جي فوت ٿي وڃڻ جي ڪري شاھ حبيب ’سُئي قندر‘ واري ماڳ کي ڇڏيو ۽ گنباٽ واري ڀيڻي مان لڏيو. سندس لڏڻ جو هڪ خاص سبب اهو بہ هو جو ’ڪوٽڙي‘ جو رئيس مرزا بيگ مغل جيڪو سندس عقيدتمند هو، تنھن خير ۽ برڪت خاطر شاھ حبيب کي دعوت ڏيئي وٺي آڻي ڪوٽڙي ۾ رهايو جو کيس دعا ۽ سهاري جي ضرورت هئي. مير صاحب سانگي جي بيان موجب، شاھ حبيب ڪوٽڙي شهر لڳ ٻاهران پنھنجو گهر ڪيو.  اندازو ٿئي ٿو تہ اهو گهر، مرزا بيگ مغل جي حويليءَ واري ڪوٽ سان لاڳو الهندي طرفان هو جنھن کان اولھ طرف جهنگ ۽ لال لئو هو.

والد جي تربيت وارو دور: 

شاھ حبيب هاڻي پنھنجي سعادتمند فرزند کي پنھنجي صحبت ۽ رفاقت ۾ رکي سڄو توجھ سندس تربيت تي ڏنو تہ جيئن هو ذهني، اخلاقي ۽ روحاني طور اعليٰ درجي کي پهچي. کيس هميشہ پاڻ سان گڏ پئي رکيائين ۽ جتي پئي ويو اتي وقت جي عالمن ۽ درويشن جي صحبت ۾ پئي وهاريائين. کيس وٺي اباڻي ماڳ مٽياري ۽ خاص طرح وڏي ڏاڏي ميين شاھ ڪريم جي آخري آرام گاھ تائين پاڻ سان گڏ نيائين، ۽ پڻ شاھ ڪريم جي فقيرن سان ملايائين: ٻئي طرف ميين شاھ عنات سان ملڻ لاءِ کيس شاهپور- نصرپور تائين گهمايائين. اهڙيءَ طرح بلوغت ڏانھن اُسرندڙ، سالم طبع ۽ ذهين لطيف پنھنجي والد سان گڏ انهن سفرن ۽ صحبتن مان گهڻو ڪجهہ پرايو. هاڻي سندس ڏسڻ وائسڻ جو دائرو ويتر گهڻو وڌيو: يعني اُتر طرفان هالن کان وٺي هيٺ لاڙ ۽ بُلڙي ۽ ٺٽي تائين ۽ اوڀر طرف گنباٽ کان اڳتي ڀينءَ پور، هالا حويلي، شاهپور ۽ نصرپور تائين وڌيڪ وسيع ٿيو. البت سندس گهڻو سارو وقت ڪوٽڙي ۾ ئي پئي گذريو: شاھ حبيب جهڙي اهل دل درويش پنھنجي صالح فرزند کي پاڻ جيڏن سان راند روند ڪرڻ کان ڪونہ ٿي روڪيو، جو ان ننڍيءَ ٽهيءَ ۾ لطيف جو گز ڪمان کڻڻ يا ساٿي ٻارن سان لڪ لڪوٽي راند ڪرڻ جو ڪن روايتن ۾ ذڪر آيو آهي. پر شاھ حبيب ساڳئي وقت، وڏي سُرت سمجھ واري لطيف کي پنھنجي خاص توجهه، اعليٰ تربيت ۽ عارفانہ نظر سان اعليٰ اخلاق ۽ نيڪ اعتقاد ڏانھن مائل ڪيو. نوجوانيءَ واري دور ۾ قدم رکڻ سان گڏ کيس طريقت جي راھ ڏسيائين ۽ نفساني خواهشن تي ضابطي خاطر زهد ۽ جهد جي تلقين ڪيائين. پنھنجي والد بلڪ مرشد جي اهڙي هدايت ۽ رهبري هيٺ نوجوان لطيف لوڪ کان پاسيرو ٿي، جهنگ ۾ گوشائتو ويھي، ڌڻيءَ جي ياد ۾ محو ٿي، پنھنجي نفس کي نمائڻ ۽ پاڻ پچائڻ لڳو. هن خلق کان پري ٿي جن ماڳن تي رياضت ڪئي ۽ چِلا ڪڍيا تن سڀني بابت معلومات موجود نہ رهي آهي، پر ٽن جاين بابت پوري پڪ آهي جتي هو وڃي گوشائتو ويٺو ۽ عبادت ۾ محو ٿيو. اهي جايون اڃان تائين نوجوان لطيف جي اُتي ويھڻ ۽ رياضتن ڪرڻ سببان مشھور ۽ محفوظ رهيون آهن.

انهن مان هڪ هو لَئي جو وڏو شاهي وڻ، جيڪو پوءِ ’لال لئو‘ سڏجڻ لڳو، جنھن جي جُهنڊ ۾ لطيف وڃي ويھندو هو. اهو وڻ ڪوٽڙي ۾ سندس گهر کي ويجهو اولھ طرف واري لاڳيتي جهنگ ۾ هو، جتي ڪنهن اڳئين درويش جو مقام هو ۽ جتي پوءِ شاھ لطيف جي ڪڍيل چِلي ۽ ڪشالي جي يادگار طور مسجد، کوھ ۽ جايون ٺھيون، جن جا آثار توڙي انهي ڀيڻيءَ وارا وڻ هن وقت (1999ع) تائين موجود آهن. لَئي جو وڻ جنھن جي جهُنڊ ۾ لطيف وڃي ويھندو هو سو اتر طرف، مسجد واري جاءِ کي ويجهو آهي. ان جاءِ تي اڃان تائين هڪ جهونو ڏوڙو ڏنگو ’لئو‘ بيٺو آهي جيڪو چون ٿا تہ ان اصلي ’لئي‘ جي بنياد مان آهي.  

ٻيو نشان غالباً خود ’ڀٽ‘ واري اها جاءِ هئي جتي پوءِ شاھ لطيف پنھنجو حجرو ٺھرايو. ان جاءِ تي هو هڪ وڻ جي جهُنڊ ۾ اڪيلو محويت واري حالت ۾ ويٺل هو جو قلندر شوري جنھن اتي پنھنجيون ڏاچيون پئي چاريون کيس ڏٺو ۽ ڏاچين پڻ ڏسي ٽاھ کاڌو جو قلندر شوري ڊوڙي وڃي سندس ڳوٺ (جيڪو ڪوٽڙي کان ڪوھ کن ڀٽ واري طرف هو) پنھنجي پيءُ صاحبڏني کي ٻڌايو جيڪو ساڻس گڏجي اتي آيو پر اُها جاءِ خالي پئي هئي. وڏيري صاحبڏني پوءِ پنھنجي پٽ (قلندر) کي سمجهايو تہ: ’شاھ حبيب جو پٽ اڪثر هن جُوءِ ۾ ويراڳ ۽ بيخودي واري حالت ۾ اچي ويھندو آهي، ۽ جيڪڏهن هو ٻئي ڀيري کيس ڏسي تہ کانئس دعا گهري‘.

ٽيون نشان اهو هو جيڪو هاڻي ’شاھ جو ڪنڊو‘ ٿو سڏجي، جيڪو ڀٽ کان ڏيڍ ميل کن اوڀر- اتر طرف ريلوي اسٽيشن کان بہ اوڀر ڪنب داڙون- شهدادپور واري رستي تي) آهي ۽ جتي اڃان تائين وڻن جو جهُنڊ موجود آهي. ان جو ذڪر اڳتي ايندو، پر مٿين روايت جيڪا ان وقت جي اکين ڏٺي شاهد قلندر شوري کان بيان ٿيل آهي ۽ پڻ سندس والد وڏيري صاحبڏني جي زباني تصديق ٿيل آهي ان مان ظاهر آهي تہ شاھ حبيب مسلسل طور وڏي ڌيان ۽ پختي ارادي سان پنھنجي پياري فرزند جي تربيت پئي ڪئي تہ هو زهد ۽ رياضت ذريعي روحاني طور ڪماليت جي درجي کي پهچي. مٽياري جي درويش هاشم شاھ جي عبداللطيف جي ولادت بابت ڪيل دعا واري روايت مٿي بيان ٿي چڪي آهي شاھ حبيب بيشڪ پنھنجي ڀلاري عزيز هاشم شاھ جي دعائيه لفظن تي پڪو يقين رکيو هو: ’لطيف جي بوءِ اچڻ‘ يعني خوشبوءِ ٿيڻ وارا لفظ معنيٰ خيز هئا. شاھ حبيب ٻالجتيءَ کان وٺي لطيف جي هر طرح تربيت ڪئي هئي ۽ هاڻي جڏهن کيس ڪجهہ اهڙو ڀروسو ٿيو تہ عبداللطيف زهد ۽ عبادت ذريعي ڪافي ترقي ڪئي آهي تڏهن، پنھنجي اطمينان خاطر، کيس درويش هاشم شاھ وٽ وٺي ويو. ان وقت شاھ لطيف جي عمر 15 سال کن هئي. هاشم شاھ نوجوان لطيف ۾ اعليٰ صلاحيت جا آثار ڏٺا، پر باوجود رياضت ۽ عبادت جي هن درويش کيس اڃان بہ وڌيڪ ترقي ۽ ڪمال طرف ترغيب ڏيندي چيو تہ: ’حبيب جو پٽ (اڃان) پچي راس نہ ٿيو آهي‘

ڪمال کي پهچڻ واري تربيت اڳيئي سندس والد طرفان جاري هئي، پر هن ترغيب ويتر نوجوان لطيف ۾ نئون جذبو جاڳايو جو هو موٽي اچي زهد ۽ عبادت ۾ مشغول ٿيو (”باز ورع اختيار کرد“) ۽ مسلسل مجاهدي سان بالآخر مجازي رنگ کي مٽيائين ۽ پنھنجي اندر جي آئيني کي ايترو تہ اُجاريائين جو ڏسڻ پسڻ ۽ فهم فڪر جا طور طريقا مٿس عيان ٿيڻ لڳا. ان جو ثبوت ’ڪنڊي واري ماڳ‘ تي سندس ياد الاهي ۾ محويت ۽ ان موقعي تي پنھنجي والد شاھ حبيب طرفان پيار ڀري پڇا تي سندس ڏنل جواب مان ملي ٿو. جئن تہ شاھ لطيف هاڻي وڏو هو انهيءَ ڪري پنھنجي والد کي حال ڏيندو هو تہ هُو ڪٿي وڃي ٿو چلو ڪڍي؛ اڪيلائي ۾ عبادت لاءِ ويھڻ کان پوءِ شاھ حبيب سندس سماءُ لهندو هو ۽ پڻ روحاني واردات ۾ سندس حال ڀائي ٿيندو هو. هن ڀيري، وچان هڪ ٻن ڏينهن جي وٿي پئجي ويئي ۽ واءُ لڳڻ ڪري ڪنڊي واري جاءِ کي مٽي گهيري وئي ۽ لطيف جي جسم تي پڻ لٽ چڙهي وئي. ان حالت ۾ کيس ڏسي شاھ حبيب جي دل ڀرجي آئي (جئن تصغير ۾ آندل پيار ڀريي لفظ ’انگڙا‘ مان ظاهر آهي) ۽ چيائين تہ: ”لڳي لڳي واء، ويا انگڙا لٽجي“ والد جو هي دلنواز آواز ٻڌي شاھ لطيف پڻ ساڳئي جذبي سان جواب ڏنو تہ: ”پئي کڻي پساه، پسڻ ڪارڻ پرين جي.“  

شاھ لطيف جو هيءَ جواب، جنھن ۾ ساڳئي دلپذير بيان ۽ ساڳئي دلپذير معنيٰ ۾ ٻي سٽ چئي بيت پورو ڪيائين، سو ان عمر ۾ سندس اعليٰ شاعرانہ شعور جو آئينو آهي؛ پر ان کان وڌيڪ اهو سندس اندر جي اوجر ۽ روحاني رُتبي تي شاهد آهي ڇاڪاڻ جو هن جواب ۾ سندس پنھنجي ’نيستي‘، ’ڀرپور سڪ ۽ صبر‘ ۽ ’عشق الاهي ۾ رچي راس ٿيڻ‘ جا سڀ اهڃاڻ سمايل آهن.  

پير هاشم شاھ سان پهرئين ڀيري ملڻ کانپوءِ شاھ لطيف ٽي سال کن سانده رياضتون ڪيون. هينئر سندس عمر 18 سال کن هئي. شاھ حبيب هاڻي جڏهن ٻيهر کيس درويش هاشم شاھ جـي خذمـت ۾ وٺـي ويـو تڏهن هن لطيف کي محبت ۽ شفقت جي نگاھ سان ڏٺو ۽ دعا ڏيندي چيو تہ: ”لطيف جو چراغ روشن ٿيندو.“

يعني تہ ’آئندہ لطيف جو پنھنجو چراغ روشن ٿيندو‘، يا ٻي مراد تہ ”هن وقت بہ روشن آهي پر اڃان اڳتي هلي گهڻو وڌيڪ روشن ٿيندو“.  ٻنهي حالتن ۾ هيءَ ورندي واڌائي واري هئي: هڪ طرف شاھ حبيب کي اطمينان ٿيو تہ سندس والدانہ تربيت جو مقصد پورو ٿيو، تہ ٻئي طرف شاھ لطيف کي مستقبل ۾ شمع روشن ٿيڻ واري واڌائي سان گڏ ويتر وڌيڪ ترغيب ملي تہ کيس سلوڪ ۽ معرفت ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان بہ اڳتي قدم وڌائڻو آهي. درويش هاشم شاھ پوءِ سگهو ئي تاريخ 12- ربيع الاول سنہ 1120ھ ۾ وفات ڪئي. ان وقت شاھ لطيف جي عمر ڀريا ارڙهن سال هئي. آئنده تربيت جي واڳ هاڻي خود سندس پنھنجن هٿن ۾ هئي: شفيق والد پنھنجو فرض پورو ڪري چڪو هو، ۽ درويش هاشم شاھ پڻ سندس نالو وٺي کيس دعا سان نوازيو.

پاڻ پنھنجي تربيت ۽ ڪماليت ڏانھن قدم وڌائڻ وارو دور (1120- 1142ھ)

نوجوان لطيف جو ’خود پاڻ پنھنجي تربيت وارو‘ هي دور ويھه- ٻاويھ سال کن مسلسل طور جاري رهيو. اهو سندس زندگي جو خاص الخاص طلب ۽ تلاش، پرجھ ۽ پروڙ وارو دور هو، جيتوڻيڪ سندس عارفانہ تحقيق جو سلسلو سڄي عمر تائين هلندو رهيو. زمان ۽ مڪان جي لحاظ سان، هيءُ دور ٻن ڀاڱن ۾ وراهيل نظر اچي ٿو: هڪ پهرين پنڌرهن سالن (1120- 1135ھ) وارو دور جنھن ۾ سندس سلوڪي طلب ۽ تحقيق وارا پنڌ ڪجهہ پراهان هئا، ۽ ٻيو پوين پنجن- ستن سالن کن وارو دور (1135- 1142ھ) جنھن ۾ سندس ٻاهرين پنڌن سان گڏ ’ڀٽ واري ڀيڻي‘ تي پڻ توجھ ٿيو. انهن ٻنهي دورن ۾ حق ۽ حقيقت جي مسلسل طلب ۽ تلاش جا اڳتي هلي جيڪي نتيجا نڪتا، ۽ جن جا اهڃاڻ شاھ عبداللطيف جي پوئين دور واري زندگي ۾ نمايان ٿيا، تن جي بناءَ تي ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو تہ هن عرصي ۾ سندس عملي ۽ فڪري ڪشالي جو رخ خاص طرح هيٺين پنجن طرفن ڏانھن رهيو: ڏسڻ پسڻ ۽ پرجهڻ پروڙڻ خاطر سير سفر جو سلسلو شروع ڪيائين،  شاديءَ جي رسم پوري ڪيائين،  عارفانہ زندگي جي عملي راھ رسم جي ڄاڻ لاءِ پنھنجي وڏي ڏاڏي ميين شاھ ڪريم جي سوانح ۽ طور طريقي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيائين،  سلوڪ ۽ معرفت جي اعليٰ معنوي فڪر ۽ ڄاڻ لاءِ ميين شاھ ڪريم جي بيان ڪيل نُڪتن ۽ حقيقتن توڙي مولانا رومي جي مثنوي ۾ سمايل رازن کي پروڙڻ طرف توجھ ڪيائين، ۽  ٻين جي تلقين لاءِ، پنھنجي فڪر کي سنڌي بيتن ۽ واين ذريعي ظاهر ڪرڻ جو پھ ڪيائين.

پنھنجي سر، شاھ لطيف جي بامقصد مسافرين ۽ ملاقاتن جي شروعات انهن ماڳن سان ٿي جتي اڳ هو پنھنجي والد سان گڏجي ويندو هو. انهن مان ڏکڻ طرف مٽياري، گنجو ٽڪر ۽ اڳتي بلڙي ۽ ٺٽو هئا. بلڙي سندس ڏاڏاڻو ماڳ هو، جتي سندس وڏي ڏاڏي ميين شاھ ڪريم توڙي ڏاڏي عبدالقدوس شاھ جون مزارون هيون. اتر طرف (پراڻن) هالن جو تاريخي شهر ڪوٽڙي کي ويجهو هو ۽ پڻ ساداتن جو پهريون ماڳ هو. شاھ لطيف جي وقت ۾ بہ هالا عالمن ۽ درويشن جو گهر هو. اتان ڏھ ميل کن اوڀر طرف ’گولي پير جو مقام‘ سندس واسطي اهميت وارو هو، جو اُتي سندس پڙڏاڏي جلال شاھ (جمال شاه) شهيد جو مزار هو. ڏکڻ- اوڀر طرف ساڱري ڍوري جي ڪناري وارن درويشن جا ماڳ مڪان ديدار لاءِ اهميت وارا هئا. خاص طرح ڀينءَ پور ۽ اڳتي شاهپور ۽ نصرپور وارو ڀاڱو ويجهو هو، جتي وڏو شاعر ۽ درويش ميون شاھ عنات اڃان زندھ  هو، ۽ شاھ لطيف وٽس وڃڻ شروع ڪيو. ساڱري ڍوري جي ڪنار سان، اتران پهريائين مشائخ هوٿي جي درگاھ هئي، جيڪو پاڻ يا کائنس پوءِ سندس ٻہ پهتل فرزند احمد ۽ محمد ميين شاھ ڪريم سان مليا هئا. اڃان ڏکڻ طرف ٻين اهل مماتي وارن بزرگن جون مزارون هيون جيڪي پڻ ميين شاھ ڪريم جي وقت جا هئا- مثلاً درويش آچر، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار، درويش پلي، پنيو سهاڙ، مخدوم محمد اسماعيل سومرو اگهم ڪوٽي، شيخ موسو، رڪن الدين ولد رتو (جُوڻ جي علائقي جو)، ميرڻ ڪاتيار، مهراڻ فقير نهڙيو، مخدوم صابر ولهاري، مٽياروي سيد ساجن سوائي، جرڪس ڏناڻي (ولهار ۽ ونگي علائقن جا). ميين شاھ ڪريم جي ناتي سان، شاھ لطيف جو انهن درويشن جي ماڳن مڪانن کي ڏوري ڏسڻ فطري هو، جيتوڻيڪ ٻين ولين ۽ نيڪن جي تلاش ۾ ڪن ٻين جاين تي بہ ويو هوندو. تلهار ۽ بدين طرف سندس پنھنجن وڏن عزيزن بزرگن جون مزارون خانقاهون هيون. ميين شاھ ڪريم جي اولاد مان ٻہ درويش سيد پليڏنو ۽ سيد مڱليڌو تلهار جي علائقي ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا هئا ۽ ٻئي وڏا لائق ۽ سالڪ هئا. اڃان اڳتي بدين لڳ، ’شهاب الدين سهروردي جي مقام‘ ۾ (جيڪو عوام ۾ ’شاھ بَدي جو مقام‘ سڏجي) خود ميين شاھ ڪريم جو والد ’شاھ للو‘ مدفون هو. انهيءَ ڪري ساڱري جي وَليئن وارن ماڳن مڪانن کانپوءِ اڳتي ويندي بدين تائين شاھ لطيف جو وڃڻ بلڪل قرين قياس نظر اچي ٿو.

سندس هن سير سفر واري دور جا پهريان پنج ڇھ سال گهڻي حد تائين سنڌ جي ماڳن مڪانن کي ڏسڻ، درويشن جي خانقاهن ۽ درگاهن جو ديدار ڪرڻ، مختلف ڌنڌي پيشي وارن وٽ ويھڻ ۽ عوامي زندگي جي مطالعي ۾ گذاريا. هن عرصي اندر گهڻي ۾ گهڻا گهمرا پنھنجي وڏي ڏاڏي ميين شاھ ڪريم جي درگاھ تي ڪيائين ۽ گهڻو ڪجهہ پرايائين. هاڻي هو پڪن پختن اڀرندڙ ارادن سان مالا مال ٿي ڪماليت طرف قدم وڌائڻ وارو هو، جو کيس زميني زندگيءَ جي هڪ اهم منزل ڏانھن موٽڻو پيو: اها هئي سندس شادي جنھن ۾ سندس شفيق والد جي رضا ۽ رغبت اثر انداز ٿي. هن وقت سندس عمر 24 سال کن هئي.

شاديءَ جي رسم:

شاھ عبداللطيف جي ڳڀورائي ۽ بلوغت وارو دور اڳ ختم ٿي چڪو هو، پر فهم ۽ فڪر جي ڪمال ۽ عروج طرف وڌڻ جي اڃان ابتدا هئي: سندس توجهه، ڪماليت جي راھ ۾ مسلسل ڪوشش ۽ ڪشالي ۽ قدم اڳتي وڌائڻ طرف هو جو ڄاتائين ٿي تہ ويھڻ جو وقت ڪونهي ۽ تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻو آهي. شادي ۽ گهرٻار ڪري ويھي رهڻ سندس سالڪانہ جدوجهد ۽ جستجو جي خلاف هو. شاديءَ بابت سندس خيال ساڳيا وڏي ڏاڏي ميين شاھ ڪريم وارا هئا، جنھن شادي کي رنج ۽ آزار ٿي سمجهيو ۽ رڳو ’لوڪ لڄا جي ڪري شادي ڪئي هئائين‘.  شاھ عبداللطيف جو پنھنجو چوڻ هو تہ جيستائين حق جو طالب مطلوب سان نہ ملي، يعني سالڪ الاهي وصال نہ ماڻي، تيستائين شادي نہ ڪري، ڇاڪاڻ جو سلوڪ جي راھ ۾ ڪاميابي آزادي ۽ يگانگي ۾ آهي.  باوجود انهيءَ جي جو سندس سڄو توجھ اخلاق ۽ ڪردار جي معراج طرف هو. زندگي جي هن مرحلي تي کيس شادي ڪرڻي پئي.

ڪوٽڙي جو رئيس مرزا بيگ مغل مقابلي ۾ دل قبيلي جي ماڻهن هٿان سنہ 1124ھ ۾  مارجي ويو. سندس ٻار ٻچا بي واها ٿي پيا، ۽ سواءِ شاھ حبيب جي ٻيو ڪو سندن سهارو ڪونہ هو. مرزا بيگ کي هڪ ڇوڪرو هو جيڪو پڻ سگهوئي فوت ٿيو ۽ باقي فقط سيده بيگم (يا سعيده بيگم) هڪ نيڪ سيرت نياڻي هئي. شاھ حبيب پنھنجي معتقد جي هن بيواه ڪٽنب جي ضائفائن کي سنڀالڻ ۽ سهارو ڏيڻ ضروري ڄاتو، ۽ سندس رضا بعد پنھنجي فرزند کي مڃايو ۽ بيبي سيده بيگم سان سندس نڪاح ڪرايو. جيڪڏهن شاھ لطيف، ان کان اڳ بيبي صاحبہ کي ڏٺو هو ۽ سندس دل ۾ محبت جي دونهين دکيل هئي تہ بہ ان کي ڍڪيو هئائين ۽ ٻاهر ڪابہ ٻاڦ ڪانہ ڪڍي هئائين؛  شادي واري موقعي کان اڳ هو پنھنجي سالڪانہ صبر سان ان خيال کي اورانگهي آجو ٿي چڪو هو. پر هن وقت والد جي رضا ۽ هڪ بيواھ ۽ يتيم گهر کي سهاري ڏيڻ خاطر شادي قبوليائين. ان جي تصديق شاھ لطيف جي اِزدواجِي زندگي جي اهڃاڻن مان ٿئي ٿي. جيئن تہ زندگي جي هن مرحلي تي سندس سڄو توجھ حق ۽ حقيقت جي اعليٰ منزلن طرف هو، انهيءَ ڪـري

سندس هن شادي جي ضرورت ۽ اهميت اسلامي شرعي رسم مطابق هئي: ان ۾ نہ تہ ڪا عاشقي جي بُوءِ هئي، نہ تہ ڪو افساني جو رنگ هو.  شادي بعد بہ شاھ لطيف جو پنھنجي گهر سان جيڪو برتاءُ رهيو سو بيشڪ شاهانہ ۽ شريفانہ هو پر عاشقانہ ڪونہ هو. روايتن موجب بيبي صاحبہ کي اميدواري ۾ پلي جي سَڌَ ٿي ۽ ونهيون فقير جَت وڏي تڪليف سان پلو وٺي آيو ۽ سهڪندو آيو. شاھ صاحب سبب معلوم ڪري چيو تہ: ٻار اڃان پيٽ ۾ ئي آهي تہ فقير کي ايڏو هلاڪ ڪيو اٿس؛ ڄمندو ۽ وڏو ٿيندو تہ الائجي ڇا ڪندو! ان بعد، هڪ ٻڍڙي خدمتگار فقيرياڻي تي جڏهن بيبي صاحبہ ڏمر ڪيو تہ شاھ صاحب کي اهو ڏکيو لڳو. ان بعد ڪو اهڙو سبب ٿيو جو ٻارڙو خير ڪو ڄائو.  

حقيقت ۾ شاھ جي زندگي جو شاديءَ کان اڳ ۾ ئي اهڙو دور شروع ٿي چڪو هو جو سندس سوچ ويچار جا معيار مٽجي ويا هئا؛ پنھنجي گهر- واريءَ جي سَڌن جي پورائي کان وڌيڪ پنھنجن مخلص فقيرن جي تڪليف کي مهانگو ٿي سمجهيائين. شاديءَ کان اڳ ئي گهر کي ڇڏيو هئائين ۽ گهڻو وقت ڪوٽڙيءَ کان ٻاهر پئي گذاريائين، ۽ شاديءَ بعد بہ گهر ڪري ڪونہ ويٺو؛ سندس هل هلان جو اهو سلسلو ’ڀٽ‘ کي وسائڻ کان پوءِ تائين هلندو رهيو. مير سانگي ڄاڻايو آهي تہ: ان وقت بہ شاھ صاحب گهڻو وقت ٻاهر گهمندي پئي گذاريو ۽ جڏهن ڀٽ تي هوندو هو تہ بہ گهڻو وقت مسجد ۾ هوندو هو ۽ پنجئي وقت نماز جا جماعت سان پيو ادا ڪندو هو. ان کانسواءِ ٻيو بہ گهڻو سارو وقت گهر کان ٻاهر گذاريندو هو، ۽ اندر حويلي ۾، جيڪا مسجد سان لڳو لڳ اتران هئي، گهٽ ئي ويندو هو.  

شاھ ڪريم جي طور طريقي کي سمجهڻ:

مٿي چئي آيا آهيون تہ زندگي جي سفر ۽ ڪشالي واري ٻئي دور ۾ گهڻي ۾ گهڻا گهمرا ميين شاھ ڪريم جي درگاھ تي ڪيائين جتي ذڪر ۽ سماع ۾ شريڪ ٿي ان سلسلي کان واقفيت حاصل ڪيائين، جيڪو پوءِ پاڻ ڀٽ تي قائم ڪيائين. شاھ ڪريم بابت ڳالهين هٿ ڪرڻ لاءِ ڪريمي فقيرن سان صحبتون ڪيائين جن مان جتن فقيرن سان پوءِ هميشه لاءِ سندس نينهن ۽ ناتو ٿي ويو. شاھ ڪريم جي سوانح ۽ تلقين بابت ڪتاب (غالباً ’بيان العارفين‘) دستياب ڪري مطالعي لاءِ پاڻ وٽ رکيائين جيڪو پوءِ هميشه لاءِ پاڻ سان گڏ کڻندو هو.  ميين شاھ ڪريم جي تواضع ۽ نهٺائي، تجريدي زندگي کي ترجيح، فطري مشاهدن ۽ روزمره جي ڌنڌن ۽ مشغلن جي مطالعي مان حقيقت تائين پهچڻ وارن سلسلن شاھ لطيف جي ذهن ۽ فڪر کي گهڻو متاثر ڪيو.

ميين شاھ ڪريم پنھنجي طرفان ڪيل هدايت ۽ تلقين ۾ اعليٰ انساني اخلاق ۽ ڪردار توڙي عارفانہ فڪر کي گاهي بگاهي پنھنجن توڙي ٻين درويشن جي چيل سهڻن سنڌي بيتن ذريعي سمجهايو هو. اهو طور طريقو هڪ بهترين مثال جي صورت ۾ شاھ لطيف جي سامهون آيو. ان کان اڳ کيس پنھنجي والد شاھ حبيب جي عام فهم بيتن ذريعي اهڙي تربيت ملي هئي. ان وقت ميون شاھ عنات رضوي، عام مقبول سنڌي بيتن ۾ سلوڪي شاعري جو بادشاھ هو. گنباٽ واري ڀيڻي جتي شاھ عبداللطيف جو ننڍپڻ گذريو اتان ميين شاھ عنات جي شاهپور ويھن ميلن تي هئي. ڪوٽڙي کان بہ شاهپور ۽ نصرپور ايتري ئي پنڌ تي هيون. ميين شاھ عنات جي بيتن جو غلغلو هو ۽ اهو پڙلاءُ ننڍپڻ توڙي نوجواني واري دور ۾ شاھ لطيف جي ڪَنن تي پيو. پهريائين غالباً سندس والد شاھ حبيب کيس ميين شاھ عنات وٽ وٺي ويو جنھن کيس گهڻو پيار ڪيو. پوءِ شاھ عبداللطيف پاڻ ميين شاھ عنات وٽ وڃڻ ۽ سندس صحبت مان فيضياب ٿيڻ لڳو. اهي ملاقاتون ۽ صحبتون اندازاً سنہ 1122ھ کان وٺي. جڏهن شاھ لطيف جي عمر ويھ سال هئي، وڌيڪ گهاٽيون ٿيون ۽ ڪم از ڪم سڄا سارا ڏهه- ٻارهن سال پوءِ ويندي سنہ 1133ھ ۾ ميين شاھ عنات جي وفات تائين مسلسل طور جاري رهيون. پنھنجي جوان ذهن ۽ سالم طبيعت توڙي ميين شاھ عنات سان سندس محبت جي ڪري، شاعريءَ جي ذوق ۾ شاھ لطيف، ميين شاھ عنات کان گهڻو ڪجهہ پرايو. ميين شاھ عنات جي وفات بعد پڻ سندس ڪلام سان شاھ صاحب جي گهڻي رغبت رهي جنھن جو عڪس شاھ صاحب جي بيتن ۾ نمايان طور نظر اچي ٿو.  

ذوقِ ڪمال ۾، مولانا رومي جي مثنوي ۾ سمايل سلوڪ ۽ معرفت جي رازن کي سمجهڻ: 

شاھ لطيف جي ذوقِ ڪمال کيس حق ۽ حقيقت جي اعليٰ مقامن جو متلاشي ڪيو. سلوڪ ۽ معرفت جي اعليٰ معنويٰ فڪر جا اهڃاڻ، توڙي ديني تعليم جي رسمي ڄاڻ کان اڳتي اسلامي تعليم جي ’روح‘ تائين پهچڻ جا راز، کيس ميين شاھ ڪريم جي ’بيان العارفين‘ ۽ مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي ۾ نظر آيا. پنھنجي پاڻ تربيت واري هن دور ۾، شاھ لطيف خاص طرح مثنوي کي سمجهڻ طرف گهڻو ڌيان ڏنو. چئي نٿو سگهجي تہ شاھ کي مثنوي جي باک ڪٿان پئي ۽ ڪيئن پئي، پر غالباً ميين شاھ ڪريم جي سوانح ۽ تلقين طرف توجھ ڪندي، کيس ’مثنوي‘ جي اهميت ۽ عظمت جو پتو پيو، ڇاڪاڻ جو ميين شاھ ڪريم کي مولانا رومي جي مثنوي توڙي سندس ديوان مان بيت ياد هئا.   البت شاھ صاحب کي مثنوي سان هن دور ۾ ڪنهن روشناس ڪرايو، سو خاطريءَ سان چئي نٿو سگهجي. ٿي سگهي ٿو تہ ٺٽي جي عالمن جي صحبتن ۾ شاھ صاحب کي مثنوي بابت وڌيڪ واقفيت حاصل ٿي ۽ مثنوي پاڻ وٽ رکيائين. ان دور ۾ ٽنڊه قيصر- ڊاسوڙي طرف جي عالم ۽ درويش محمد عارف جو فرزند محمد صلاح، جنھن کي فارسي تي دسترس هئي ۽ پڻ مثنوي جو ڄاڻو هو، سو شاھ صاحب جو معتقد ٿيو، ۽ جئن ئي هو شاھ صاحب جو ارادتمند ٿيو ۽ سندس خذمت ۾ اچڻ لڳو تہ شاھ صاحب کانئس مثنوي پڙهائڻ ۽ ٻڌڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو پوءِ زندگيءَ جي پوئين دور تائين جاري رهيو.  مثنوي سان شاھ صاحب جي شغف جي ايتري تہ مشھوري ٿي، جو وقت جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي مثنوي جو هڪ خوشخط نسخو شاھ صاحب ڏانھن تحفي طور موڪليو. پر خوبي جي تلاش واري هن هلندڙ دور ۾، مثنوي کي خاص توجھ سان ٻڌڻ ۽ سمجهڻ سان، شاھ صاحب جي سجاڳ ذهن ۽ صاف دل تي جيڪو ڪجهہ نقش ٿيو، تنھن مان سندس رهنمائي خاص انهيءَ طرف ٿي جيڏانھن هو پاڻ مائل هو: يعني تہ انسان جي زميني زندگي جو راز ئي انهيءَ ۾ آهي تہ ڪمال جي جستجو ۾ رهي تہ جيئن معرفت جي مقام تي پهچي ۽ حق جو قرب حاصل ڪري.

سفر ڪرڻ ۽ هر ڌنڌي پيشي وارن سان ملڻ، پرجهڻ ۽ پروڙڻ. 

قادر جي قدرت، ڪائنات جي وسعت، خالق ۽ مخلوق جي رشتي جي حقيقت ۽ هن زميني زندگيءَ جي لاهن چاڙهن ۾ انسان جي اخلاق ۽ ڪردار جي ڪيفيت کي پرجهڻ ۽ پروڙڻ خاطر، شاھ صاحب هڪ جاءِ تي ويھڻ ۽ گهر سنڀالڻ بدران ڏسڻ ۽ ڏورڻ، ڪهڻ ۽ ڪشالا ڪرڻ کي ترجيح ڏني. هن دور ۾ هن سنڌ توڙي سنڌ جي ڀر وارن جن ملڪن ۽ ماڳن کي ڏٺو، تن سڀني بابت معلومات محفوظ نہ رهيا آهن. البت ڪڇ ۾ شاھ ڪريم جي معتقد جتن فقيرن وٽ گهڻو ويو، جيڪي پوءِ سندس ئي مريد ٿي ويا. اڀرندي ڏانھن سندس جيسلمير طرف وڃڻ بابت بہ ڪي پڪا دليل موجود آهن. الهندي طرف سنڌ جي ڪوهستان ۽ لس ٻيلي وارو ملڪ ڏٺائين ۽ سنڌ جو اوڀر، ٿَر ۽ اُتر سڀ ڏٺائين. سفر ۾ هر طبقي ۽ هر ڌنڌي پيشي وارن سان مليو، وٽن ويٺو ۽ سندن روزمره جي ڪرت ۽ ريت رسم کان واقف ٿيو، جهن جو پڪو پختو ثبوت رسالي جي مختلف سرن ۽ داستانن هيٺ سندس بيتن ۽ واين ۾ موجود آهي.

ڀٽ تي دائمي سڪونت، فاقيري فيض ۽ تربيت، ڪمال ڄاڻ ۽ معرفت جي فروغ وارو دور (1142-1161ھ)

شاھ لطيف جي نوجوانيءَ کان وٺي پڪي جوانيءَ تائين سندس زندگي جا سڄا سارا ويھ سال ڪَهڻ ۽ ڪاهڻ، ڏسڻ ۽ پسڻ، پرجهڻ ۽ پروڙڻ ۾ صرف ٿيا: حق ۽ حقيقت جي تلاش ۾ پاڻ پنھنجي تربيت وارو اهو دور سندس واسطي هڪ وڏو ڪشالو هو، جنھن ۾ مسلسل طور ٻاهرئين مطالعي ۽ مشاهدي سان گڏ سندس پنھنجي اندروني سُرت نِرت سان بصيرت جا نوان باب کليا، ۽ کيس يقين ۽ معرفت جا اعليٰ مقام حاصل ٿيا. هاڻي سندس عمر چاليھ سال هئي، ۽ جوانمرد لطيف هر لحاظ سان پاڻ کي پچائي راس ڪيو هو. فڪر ۽ فهم، ڄاڻ ۽ بصيرت جي اعليٰ منزل تي پهچڻ بعد هاڻي سندس حياتي جو تخليقي ۽ تعميري دور شروع ٿيو، جنھن ۾ ڪمال معرفت جي جستجو سان گڏوگڏ ٻين لاءِ رهنمائي، فاقيري فيض ۽ تربيت طرف متوجھ ٿيو. شاھ جي حياتيءَ جي هن دور بابت جيڪي اهڃاڻ موجود آهن، تن جي بناء تي ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو تہ سندس زندگيءَ جو ويھن سالن کن وارو هيءَ عرصو خاص طرح هيٺين مشغلن ۽ مرحلن وارو دور هو:

(الف) ڀٽ کي وسائڻ ۽ اتي دائمي سڪونت اختيار ڪرڻ.

(ب) شاھ حبيب جي وفات، ۽ ان بعد مرشديءَ جو مسند سينگارڻ.

(ج) ڀٽ تي فاقيرو نظام ۽ انتظام قائم ڪرڻ.

(د) سماع ۽ ذڪر جو سلسلو ۽ راڳ جو ادارو قائم ڪرڻ.

(ھ) وڏن جي درگاھ جي سنڀال ۽ تعمير ڪرڻ.

(و) معتقدن مريدن وٽ ڀيرا ڪري سندن حال معلوم ڪرڻ ۽ ڄاڻ وارن فقيرن درويشن سان ملڻ.

(ز) سنڌ جي عالمن عارفن سان صحبتون ڪرڻ.

هيٺ سندس انهن مشغلن ۽ مرحلن تي مختصر روشني وڌي ويندي.

(الف) ڀٽ کي وسائڻ ۽ دائمي سڪونت اختيار ڪرڻ

شاھ عبداللطيف جو ڀٽ کي وسائڻ بابت ڪوبہ پڪو پختو حوالو موجود ڪونهي. البت مير عبدالحسين خان سانگيءَ جيڪي ڳالهيون ٻڌيون ۽ ’لطائف لطيفي‘ ۾ قلمبند ڪيون، سي ساڳيون پوءِ مرزا قليچ بيگ ۽ ليلارام لالواڻيءَ بہ سندن ڪتابن ۾ آنديون. مگر ٽنهي جي بيانن ۾ وڏو تضاد آهي، جن مان ڪوبہ خاطر خواھ نتيجو ڪونہ ٿو نڪري. مير سانگيءَ کي ٽي جدا بيان مليا جن موجب، مرزا بيگ مغل جي نياڻيءَ سان شادي بعد سگهوئي شاھ لطيف ڪوٽڙيءَ مان ڀٽ تي لڏي آيو، ٻيو تہ پنھنجي والد شاھ حبيب جي وفات بعد لڏي آيو، ۽ ٽيو تہ سير سفر واري دور بعد آخري عمر ۾ شاھ صاحب ڀٽ تي اچي ويٺو.  پهرئين اهڃاڻ موجب، سنہ 1124ھ ۾ مرزا بيگ مغل جي وفات کان اڳ يا پوءِ ڀٽ تي لڏي آيو، ٻئي اهڃاڻ موجب سنہ 1144ھ ۾ شاھ حبيب جي وفات بعد لڏي آيو، ۽ ٽئين ٽاڻي موجب اڃان بہ ان کان پوءِ آخري عمر ۾ لڏي آيو. انهن بيانن موجب، شاھ لطيف جو ڀٽ کي وسائڻ وارو عرصو سنہ 1124ھ کان وٺي 1144ھ تائين ڪم از ڪم ويھ سال کن ٿئي ٿو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي تہ شاھ لطيف جي ڀٽ کي وسائڻ، يعني شروعاتي ارادي ۽ پوءِ آخري طور اتي گهر ٻار ڪري ويھڻ ۾ ڳچ وقت لڳو هوندو؛ پر ٻين اهڃاڻن مطابق اهو وڌ ۾ وڌ ست سال کن (1135-1142ھ) ٿي سگهي ٿو.

شاديءَ بعد فوراً ڪوٽڙي مان لَڏڻ لاءِ ڪو سبب ڪونہ هو: شادي جو مقصد ئي هڪ شريف اُجڙيل خاندان کي سهارو ڏيڻ هو، جيڪو هڪ وسندڙ گهر ۽ شهر کي ڇڏي ڀٽ ۽ بَرَ کي وسائڻ سان پورو ٿي نٿي سگهيو. غالباً ڪوٽڙي ڇڏڻ جي نوبت تڏهن آئي جڏهن مغل حويلي جا ٻيا سڀ ڀاتي گذاري ويا. روايتن مان معلوم ٿو ٿئي تہ بي بي سيده بيگم جو فقط هڪ ننڍو ڀاءُ عرف ’گولو‘ هو جيڪو شاديءَ کان پوءِ سگهوئي گذاري ويو؛ سنديس والدہ ڏهه- ٻارهن سال پوءِ سنہ 1135ھ جي لڳ ڀڳ رضا ڪئي. هڪ روايت موجب، شاھ لطيف ڀٽ تي هو جو ”گلان“ اچي اتي ڳايو ۽ شاھ صاحب کيس دعا ڪئي  جو هوءَ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي نڪاح ۾ آئي ۽ ميان غلام شاھ جي ماءَ بني. جيڪڏهن انهيءَ روايت کي صحيح تسليم ڪجي تہ بہ گُلان سنہ 1135ھ ڌاري شاھ لطيف جي آڏو ان وقت ڳُايو هوندو جڏهن هو شروع ۾ پنھنجي عيال کان سواءِ بعضي اچي ڀٽ تي رهندو هو. گلان جو قصو بيان ڪندي سانگي ڄاڻايو آهي تہ ان وقت مخالفن ميان نور محـمد ڪلـهوڙي کي شاھ بابت ائين ٻڌايو تہ ’اهو سيد جنھن ڀٽ کي پنھنجي آستاني بنائڻ جي رٿ رٿي آهي.‘  

مٿي بيان ڪري آيا آهيون تہ ننڍيڻ کان وٺي شاھ لطيف گنباٽ ۽ ان سان لاڳيتي ڊرٻ کي ڏٺو هو؛ پوءِ بلوغت ۽ جوانيءَ واري دور ۾ پڻ اتي گهمندو هو ۽ گوشائتو ويھي چلا ڪڍندو ۽ عبادت ڪندو هو. ”شاھ جو ڪنڊو“ ان ڊرٻ واري ايراضي جي اترين ڀاڱي ۾ هو، جتي شاھ صاحب رياضت ۾ محو ٿيو هو. ’ڀٽ‘ يعني موجود درگاھ ۽ ڳوٺ وارو ماڳ، ان ڊرٻ واري ايراضيءَ جو وچ هو جتي (غالباً ’حجري‘ واري جاء تي) پاڻ اڪثر نويڪلائي ۾ رياضت ڪندو هو، جو ان وقت ڪن ماڻهن اتي کيس ڏٺو ۽ سندس گوشائتي ويھڻ واري ڳالھ مشھور ٿي. انهيءَ ڀٽ جي هيٺان ڏکڻ طرف ’ڪِراڙ واري ترائي‘ هئي جتي مينهن جو پاڻي بيهندو هو. ان جي چوڌاري ڪِرڙ هئا، جنھن ڪري ان کي ’ڪراڙ‘ سڏيو ويو. ڀٽ واري اها ڀيڻي شاھ صاحب کي پسند آئي ۽ اتي پهريائين پنھنجو پاڻ ۽ بعد ۾ پنھنجن فقيرن سان گڏجي خاص طرح سانوڻ ۾ اچي منزل انداز ٿيندو هو، جڏهن مال وارا ڀاڳيا ماڻهو بہ انهيءَ ڀيڻيءَ تي وانڍون ڪندا هئا. جيئن ئي شاھ صاحب جي عمر چاليهن سالن (1140-1142ھ) کي ويجهي ٿيڻ لڳي تہ ڀٽ واري ماڳ کي هميشه لاءِ وسائڻ وارا سندس ارادا پختا ٿيا. ڀٽ واري ڀيڻي جي اصل ڪھڙي حالت هئي، شاھ صاحب ڪيئن ات موجودہ درگاھ واري ماڳ کي چونڊيو ۽ هموار ڪيو، ڪھڙي طرح اتي جايون ٺھرايون- ان بابت سانگيءَ جا قلمبند ڪيل هيٺيان بيان تصديق جهڙا آهن:  

  • سانگيءَ کي وڏيري عبدالله ٻڌايو تہ هن پنھنجي پيءُ وڏيري رستم کان ٻڌو، جنھن پنھنجي پيءُ وڏيري قلندر کان ٻڌو تہ هي ماڳ اصل ۾ واريءَ جي هڪ وڏي شاهي ڀٽ هئي جنھن جي چوڌاري پاڻي هو ۽ هر طرف وڏو جهنگ هو، جتي هن شاھ لطيف کي ننڍي هوندي بيخودي ۽ محويت واري حالت ۾ ويٺل ڏٺو هو(لطائف لطيفي، ص 144).
  • اهو معلوم آهي تہ خود سندس حياتيءَ ۾ حضرت اولياءَ صاحب (شاھ صاحب) ’ڀٽ شريف‘ جا سڀ پاسا پلئه پوريءَ طرح ڏٺا هئا. ڀٽ جي هيٺ چوڌاري پاڻيءَ جون خوبصورت ترايون هيون ۽ هيٺ ڀٽ جي پاسي ڪناري سان سائي سهڻي وڻراھ هئي. مٿي ڀٽ وارو ماڳ راحت بخشيندڙ هو، جنھن جا آثار هن وقت(1880-1878ع) تائين موجود آهن، جو آب ڪلاني ۾ چوڌاري هيٺاهيون پاڻيءَ سان ڀرجي وڃن ٿيون، جن مان ڪي (وڻراھ جي ڪري) نظاري دار آهن (لطائف لطيفي، ص78-89).
  • جڏهن کان اولياءَ صاحب (شاھ صاحب) ڀٽ تي پنھنجو فيض ور تڪيو قائم ڪيو تڏهن سانوڻ جي برسات ۾ اڪثر سير تفريح لاءِ ايندا هئا. بهار جي موسم کين وڻندي هئي ۽ ان موسم ۾ خاص طرح گهڻي عبادت ڪندا هئا. (لطائف لطيفي، ص-183).
  • شاھ صاحب ئي ’ڀٽ شريف‘ کي سڀ کان اول اچي وسايو هو. ان کان گهڻو اڳ تائين هيءَ سرزمين غيرآباد هئي ۽ منجهس جهنگ هو. ڀٽ شريف جي چوڌاري سڄو سال پاڻي بيهندو هو، گاھ گهڻو ٿيندو هو ۽ ڀاڳيا ماڻهو مال چاريندا هئا. سانوڻ جي آب ڪلاني ۾ ڀاڳيا ماڻهو ڀٽ تي پنھنجا ڀاڻ ڪندا هئا. حضرت اولياء صاحب جيئن تہ (هت) اڪيلو پيو هلندو هو، سو هن ڀيڻيءَ کي ڏسي پسند ڪيائين؛ پر جيئن تہ هت واري پئي وسندي ۽ هلندي هئي، سو مٿان ڀنجهو وجهائي ڀٽ کي هموار ۽ ڪشادو ڪيائون. اها (خذمت) فقيرن لاءِ رياضت هئي (لطائف لطيفي، صفحا 90-91).
  • ڳالهيون هلنديون آيون آهن تہ حضرت اولياء صاحب (شاھ صاحب) حياتيءَ جو وڏو عرصو سير سفر ۾  گذاريو ۽ جڏهن آخر عمر ۾ اچي ڀٽ تي ويٺا (تڏهن پهريائين) ’ڀٽ‘ (جي چوٽي کان) ڪجهہ هيٺ تي هڪ ڪوٺي (حجره) ٺھرايائون، جنھن جي آڏو ڪجهہ باغيچو ڪيائون ۽ زمين کي (هموار ڪري) ڪشادو ڪيائون. پوءِ ٻہ صُفا (حجرا) پنھنجي حرم لاءِ هڪ صُفو (حجره) پنھنجي والد لاءِ ٺھرايائون. هڪ مسجد، ٽن گنبذن سان، پاڻ پنھنجي سر بيهي ٺھرايائون. پوءِ ’ڀٽ‘ جو تَر ۽ برُ اڳئين کان وڌيڪ ويڪرو ۽ ڪشادو ٿيو جو سَوَن فقيرن مٽي کڻي اچي ان جي مٿان وڌي. پوءِ (شاھ صاحب) پاڻ پنھنجي عصا جي چوٽيءَ سان (نقشي جي صورت ۾) ليڪا ڪڍي درگاھ جي خليفن لاءِ جاين جون حدون نروار ڪيون، ۽ پوءِ هر هڪ پنھنجي پڄندي ۽ مرتبي آهر پنھنجي پنھنجي حد ۾ ائين جايون جوڙايون جيئن حضرت اولياء صاحب رٿ ڪري ڏنيون هيون، ۽ انهن جون ڀتيون اڃان تائين (1880-1887ع ۾) بيٺون آهن (لطائف لطيفي، ص 36).

آخري طور ڀٽ تي اچي ويھڻ کان اڳ مٿئين ڪم پوري ڪرڻ ۾ وقت لڳو هوندو ۽ اهو ڪن مرحلن ۾ پورو ٿيو هوندو. پهريون مرحلو اهو هو جو شاھ صاحب هتي اڪيلي سر پئي آيو ويو ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ ماڳ پسند آيس ۽ اتي پنھنجو تڪيو (عارضي رهائش) ڪيائين. ان بعد بعضي پنھنجن فقيرن سان گڏ اچي ٿي هتي رهيو، ۽ انهيءَ عرصي دوران جهنگ وڍي صاف ڪيائون، زمين هموار ڪيائون، ان سرزمين کي ڪشادو ڪيائون، ۽ ان جي چڱي خاصي ڀاڱي تي مٿان مٽي ۽ ڀنجهو وجهي پَٽ پڪو ڪيائون. جڏهن شاھ صاحب جي عمر چاليھ سال کن ٿي تہ ڀٽ تي ئي پنھنجي دائمي سڪونت جو ارادو پڪو ڪيائين. عمر جو اهو هڪ اهڙو مرحلو آهي جو هر سجاڳ دل واري انسان کي زندگيءَ جي نئين ورق ورائڻ جو خيال اچي ٿو. 1142ھ وارو سال شاھ صاحب جي زندگيءَ جو چاليهون سال هو ۽ بالڪل ممڪن آهي تہ 1142-1143ھ واري عرصي ۾ ڀٽ واري ماڳ تي اهي جايون ٺھيون جن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. جاين ٺھڻ بعد ئي سندس والد ۽ پاڻ ڪوٽڙيءَ مان لڏي هميشه لاءِ اچي ڀٽ تي مقيم ٿيا. هن بيان ۾ جن جاين جو ذڪر آهي، سي سڀ پهريائين ڪچيون ۽ محض اوٽ اَجهي لاءِ هيون. البت گنبذن واري مسجد جو ذڪر صحيح نہ آهي جو اها پوءِ ٺھي جنھن جو ذڪر اڳتي ايندو. پهرين جيڪا مسجد ٺھي سا ڪچي ۽ صُفائين هئي.

(ب) شاھ حبيب جي وفات

ڀٽ تي دائمي سڪونت لاءِ تياريون ڪرڻ، جايون ٺھرائڻ ۽ ان بعد ڪوٽڙيءَ مان لڏي اچي ڀٽ تي ويھڻ وارو مرحلو پورو ٿيو هو جو شاھ حبيب بيمار ٿيو. شاھ عبداللطيف پوءِ سڄو توجھ پنھنجي شفيق والد ۽ مرشد جي چڱڀلائيءَ لاءِ دوا درمل ۽ خذمت طرف ڪيو. سندس سڀ فقير پڻ انهيءَ اوسيڙي ۾ هئا ۽ وڏي شاھ جي صحت ۽ عافيت لاءِ دعا گهرندا رهندا هئا. شاھ صاحب گهڻو سارو وقت حويليءَ ۾ اندر پنھنجي والد جي خذمت ۾ پئي گذاريو، ۽ جنھن وقت ٻاهر ايندو هو تہ فقير کانئس خيريت جو احوال پڇندا هئا. هڪ طرف شاھ حبيب پاڻ پنھنجي دينداري ۽ درويشيءَ جي ڪري مشھور هو تہ ٻئي طرف شاھ عبداللطيف پنھنجي سر عام خاص ۾ مقبول هو. انهيءَ ڪري ڪيئي وڏا ڄاڻو طبيب آيا ويا هوندا، پر ڦڪين فرق نہ ڪيو. شاھ عبد اللطيف سڄو وقت والد جي خذمت ۾ رهيو، ۽ پئي پيار ڀرين لفظن سان حال پڇائين. پر آخر اهڙو وقت آيو جو شاھ حبيب طرفان ڪا ورندي ڪانہ وري. شاھ صاحب ان وقت ٻاهر آيو تہ سڀني کي اڳواٽ ڄاڻ ڏئي؛ جڏهن سندس پيارن فقيرن اڳتي وڌي اچي کانئس حال پڇيو تڏهن جواب ڏنائين تہ:

اوٺي اٻهرا ٿيا، بيٺا تنگ ڪشين
 ڪڇن پڇن ڪينڪي ورندي وات نہ ڏين
 لاکيڻا، لطيف چئي، ٿا منجهئون لوڪ لڏين
 نيڻ نماڻا کڻيو هنجهون ٿا هارين
 سي جنگ جواب نہ ڏين، ڪنهن ڏاڍي ڪيف  ڪڪوريا

جڏهن شاھ حبيب وفات ڪئي تہ شاھ لطيف پاڻ پنھنجي والد کي ڀٽ تي اُتي دفنايو جتي هن وقت سندس مزار آهي. اهو سال 1144 هجري هو جڏهن شاھ حبيب گذاريو. شاھ عبداللطيف جنھن اڳيئي سڪ ۽ صبر جا پيالا پيتا هئا سو رضا الاهي تي راضي رهيو جو سندس شفيق والد هن جهان مان سرخرو ٿي هُن جهان طرف لاڏاڻو ڪيو. ٺٽي جي نامياري عالم ۽ اديب ميان محمد صادق نقشبندي، جيڪو شاھ عبداللطيف جي مريديءَ جي دائري ۾ داخل ٿي چڪو هو، تنھن حضرت شاھ صاحب جي رضا ۽ تسليم واري حال موافق شاھ حبيب جي وفات جي تاريخ هيٺئين عربي ماده مان ڪڍي جيڪو معنوي اعتبار سان نهايت ئي موزون ۽ بي بدل آهي: ”اَلموتُ جِسر يُوصِل الحبيبَ لِلِقاءِ الحبيبِ“ يعني: ”موت هڪ پُل آهي جيڪا هڪ دوست (’حبيب‘) کي ٻئي دوست سان ملائي ٿي“.  پوءِ شاھ صاحب جڏهن والد جو قبو تعمير ڪرايو تہ اهو ساڳيو تاريخي فقرو سامهون در تي سهڻو ڪري لکارايائين جيڪو اڃان تائين موجود آهي.

مرشدي جو مسند سينگارڻ

شاھ عبداللطيف کي مرشدي جو مسند ورثي ۾ مليو پر پنھنجي والد وانگر سندس طور طريقو پڻ ’رسمي مرشدي مريدي‘ کان الڳ هو. شاھ حبيب پنھنجي وقت جو هڪ وڏو بزرگ ۽ حال جو صاحب هو. ميين شاھ ڪريم کان پوءِ، ڪريم- پوٽن ۾ شاھ حبيب تصوف جي قادري طريقي ۾ وڏي فيض وارو ٿيو، سندس وڏي مڃوتي ٿي ۽ گهڻا ماڻهو سندس مريد ٿيا. سندس وفات بعد اهي سڀ فطري طور شاھ عبداللطيف ڏانھن متوجه ٿيا. شاھ لطيف پاڻ قادري طريقي ۾ هيٺئين سلسلي موجب پنھنجي والد شاھ حبيب کان دست بيعت ٿيل هو:

شاھ عبداللطيف پنھنجي والد حبيب الله شاھ کان قادري طريقي جي خلافت جو خرقو ڍڪيو، حبيب الله شاھ پنھنجي والد عبدالقدوس شاھ کان، ان پنھنجي والد جلال شاھ (جمال شاھ) کان، ان پنھنجي والد شاھ عبدالڪريم کان، ان پنھنجي مرشد سلطان ابراهيم بهاري کان، ان پنھنجي مرشد سيد احمد قادري حسني حموي (شام جي شهر ’حما‘ جي) کان، ان پنھنجي والد سيد علي هاشمي کان، ان پنھنجي والد سيد شهاب الدين احمد کان، ان پنھنجي والد سيد شرف الدين قاسم کان، ان پنھنجي والد سيد بدرالدين يحيٰ کان، ان پنھنجي والد سيد نورالدين حسين کان، ان پنھنجي والد علاؤالدين علي کان، ان پنھنجي والد سيد شمس الدين محمد کان، ان پنھنجي والد سيد سيف الدين يحيٰ کان (جيڪو حضرت پيران پير جي اولاد مان پهريون بزرگ هو جيڪو بغداد مان لڏي اچي حما ۾ مقيم ٿيو هو)، ان پنھنجي والد سيد ظهيرالدين احمد کان، ان پنھنجي والد سيد شمس الدين ابونصر محمد کان، ان پنھنجي والد قاضي سيد ابو صالح نصر کان، ان پنھنجي والد سيد حافظ ابوبڪر تاج الدين عبدالرزاق کان، ان پنھنجي والد شيخ الاسلام حضرت غوث اعظم سيد محي الدين ابو محمد عبدالقادر جيلاني کان جيڪو قادري طريقي جو باني مباني هو.  

جئن تہ شاھ صاحب ساڳئي وقت پنھنجي والد توڙي مرشد جو جاءِ نشين هو، انَهيءَ ڪري مخلص مريدن جي دلجوئي، خير خواهي ۽ رهبري خاطر، شاھ صاحب پنھنجي والد کان عنايت ٿيل تصوف جو طريقو ختم ڪونہ ڪيو پر بدستور جاري رکيو؛ البت هو نہ ڪنهن کي پنھنجي مريد ٿيڻ جي ترغيب ڏيندو هو تہ نڪي پاڻ ڪنهن کي رسمي طور مريد ڪندو هو. اهي ماڻهو جيڪي سندس فيض واري صحبت ۽ رفاقت يا سندس عارفانہ ڪلام ۾ سمايل حقيقت ۽ هدايت کان متاثر ٿي ساڻس صدق ۽ اخلاق جو ناتو ڳنديندا هئا تن جي عقيدت، سندس شفقت جي ڪري، ڏينهون ڏينهون وڌندي ويندي هئي. سندس اهڙن ارادتمندن بلڪ عاشقن (عرف عام ۾ سچن ’مريدن‘) جي صف ۾ اڻ پڙهيل توڙي پڙهيل ۽ عالم شامل هئا: مثلاً هڪ طرف سنڌ ۾ ٺٽي جو عالم مخدوم محمد صادق عقيدتمند ٿيو تہ ٻئي طرف ڪڇ جا سادا غريب جت بلوچ سچا سر گهور مريد ٿيا. تصوف ۽ طريقت ۾ شاھ صاحب پنھنجي وڏي ڏاڏي ميين شاھ ڪريم وارو سلسلو اختيار ڪيو. ميين شاھ ڪريم جيتوڻيڪ بعد ۾ پنھنجي مرشد سلطان ابراهيم بهاري کان قادري طريقي جي خلافت جو خرقو ڍڪيو هو مگر ان کان اڳ هو سهروردي طريقي مان فيضياب هو. انهن طريقن جي عارفن جي نقش قدم تي هو سنت جماعت جو پورو پيروڪار هو. ساڳئي وقت هو پنھنجي مرشد سلطان ابراهيم وانگر، ذاتي ارادت ۾ ”اويسي“ هو: يعني نبي ڪريم (صلعم) جي عاشق اَوَيس قَرني وانگر غائبانہ رسول الله (صلعم) کان رشد هدايت حاصل ڪيائين. شاھ عبداللطيف کي حضرت محمد مصطفيٰ صلعم سان حقيقي ۽ شعوري عقيدت هئي جو ’رسالت‘ کي ’توحيد‘ جي تصديق لاءِ لازمي ڪري ٿي ڄاتائين:

’وحــده  لاشــريـڪ  لـہ‘  جئـن  ٿـو  چـئين  ايئن

تان مڃ محمد ڪارڻي نِرتئون منجهان نينهن‘

۽ حضرت جن جي ’عبديت‘ (’عبده و رسولہ‘) واري مقام کي انسانيت جو لاحد وارو معراج ڪري ٿي مڃيائين:

’نڪا ابتدا ’عبد‘ جي نڪا انتها‘

شاھ عبداللطيف جي حضرت رسول اڪرم سان بي انتها محبت هئي، بلڪ عشق هو جو سندن اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار ۽ نئين نياپي سان هڪ نئون جهان روشن ٿيو: اڳيان وهم ۽ وسوسا ويا ۽ غلام آزاد ٿيا، ’ڇوريون ڇرڻ سکيون‘ ۽ ’ڏُکيون ڏِک ويٺيون‘. شاھ عبداللطيف سندس زندگي جي عارفانہ بصيرت واري هن دور ۾، ’اويسي طريقي‘ سان پنھنجو روحاني رشتو حضرت نبي صلعم سان ڳنڍيو، مگر ان جي باوجود جئن تہ پاڻ سلوڪ ۽ طريقت ۾ ’مرشدي‘ جي مقام تي فائز هو انهي ڪري، پاڻ هڪ خاص قدم کنيائين جيڪو سندس اعليٰ شعور تي شاهد آهي.

مخدوم محمد معين ڏانھن خط ۽ سوال: 

سلوڪ ۽ طريقت جا رهنما ۽ عارف عامي سطح وارن ويچارن کان آجا هوندا آهن. عام سطح تي ’اويسي طريقي‘ بابت البت اهڙا ويچار پيدا ٿي سگهن ٿا تہ غائبانہ مرشد وٺي سگهجي ٿو يا نه، ۽ اهل مماتي وارن کي بہ مرشد وٺي سگهجي ٿو يا نه! شاھ صاحب هنن مسئلن جي وضاحت لاءِ ٺٽي جي وڏي محقق عالم ۽ صوفي مخدوم محمد معين ڏانھن، جيڪو ان وقت شاھ صاحب سان محبت ۽ عقيدت جي رشتي ۾ اچي چڪو هو، اويسي طريقي بابت هڪ خاص خط لکيو جنھن جو مخدوم صاحب تحقيق ۽ تفصيل سان جواب ڏنو، ۽ پوءِ فارسي ۾ لکيل انهن ٻنهي خطن جو متن ’رسالہ اويسيہ‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. هيٺ شاھ صاحب جو سڄو خط ۽ مخدوم محمد معين جي لکيل تفصيلي جواب جو اختصار ڏجي ٿو تہ جيئن ٻنهي جو موضوع ۽ مقصد معلوم ٿي سگهي ۽ پڻ شاھ صاحب جو هيءُ تاريخي خط سامهون اچي وڃي.  

سوال خُدام حضرت شاھ صاحب سَلمہ الله

حضرت شاھ صاحب سَلمہ الله جن جي خادمن جو سوال

[1] چه فرمايند علماء کرام مراجع انام اندر آنچه لفظ ”اويسي“ در کلام طائفه صوفيه رضوان الله تعاليٰ عليهم اجمعين واقع شده يا نه؟ و بر تقدير که واقع شده باشد، چه معنيٰ دارد؟ اکر ”اويسي“ کسي است که فيض از روحانيت گيرد، مرشد ظاهر با اين منافات دارد يا ندارد؟

[2] و نيز فيض گرفتن از ميت در عالم برزخ عقل و شرع آنرا تجويز نمايد يا نمايد؟

[3] و نيز فقر و سلوک را باقوال علماي ظاهر منافات هست يا نه؟

[4] و نيز يکي از کباران اولياء الله تعاليٰ که مشھور بخوارق عادات و کرامات باشد، ليکن سلسلہء ارادت بتعين مشائخ، مثل سلسله نقشبنديه و قادريه مشھور ندارد، طريقہء آن بزرگ راسست بنياد و بي اصل توان گفت يا نه؟

[5] شما که علماي حامي دين و بيان کننده قبيح و حسن اند، مي پرسم شمارا که جواب اين مقدمات چه باشد؟ و ميخواهم که بعبارت فارسي سهل الماخذ آنرا بقيد قلم آريد که نفع عام شود و انتفاع باقي مانده جزاکم الله سبحانہ و عافاکم کشا يُحب و يرضي و اَجرکم و رضي عنکم آمين.“

[1] علماء ڪرام، جيڪي خلق جي رجوعات جا مرڪز آهن، هن باري ۾ ڇا ٿا فرمائين تہ: لفظ ”اويسي“ صوفين سڳورن الله جي رضامندي وارن جي جماعت جي ڪلام ۾ آيل آهي يا نه؟ جيڪڏهن آيل آهي تہ ڪھڙي معنيٰ اٿس؟ جيڪڏهن ”اويسي“ اهو شخص آهي جيڪو روحاني فيض حاصل ڪري ٿو تہ (ان حال ۾) ظاهري مرشد (وٺڻ سندس) هن (عمل ۽ اعتقاد) سان مخالفت رکي ٿو يا نه؟

[2] ۽ پڻ ڪنهن ميت کان جيڪو عالم- بزرخ ۾ آهي، فيض وٺڻ کي عقل ۽ شريعت جائز ڏيکارين ٿا يا نه؟

[3] ۽ پڻ فقر ۽ سلوڪ (جي نظرين) جي، ظاهري عالمن جي قولن سان مخالفت آهي يا نه؟

[4] ۽ پڻ اولياء الله مان ڪو وڏو ولي جو (سندس) عجيب ڪارنامن ۽ ڪرامتن سبب مشھور هجي، مگر (پنھنجو) مريديءَ جو سلسلو نقشبندي يا قادري طريقي جي ڪن خاص مشائخن سان رکندڙ نہ هجي، تہ ان بزرگ جي طريقي کي ضعيف ۽ بي بنياد چئي سگهجي ٿو يا نه؟

[5] اوهان، دين جي مددگارن ۽ برائي ۽ ڀلائي جي بيان ڪندڙن کان پڇان ٿو تہ انهن مسئلن جو جواب ڪھڙو آهي؟ گذارش آهي تہ انهن (جوابن) کي سليس فارسيءَ ۾ قلمبند ڪندا تہ عام فائدو ٿئي ۽ اهو نفعو هميشه لاءِ باقي رهي- شال ڌڻي تعاليٰ اوهان کي خير عطا ڪري ۽ بخشي جئن پاڻ گهري ۽ چاهي، ۽ اوهان کي اجر ڏئي ۽ اوهان کان راضي رهي. آمين!

جواب خُدام حضرت مخدومنا سَلمہ الله

اسان جي حضرت مخدوم سلمہ الله جن جي خادمن جو جواب

حامداً لِله سبحان العظيم و مصليا و مسلما علي رسولہ الکريم و اهل بيتہ الفخيم و اصحاب ذوي الفضل العظيم- اما بعد:

[1] جواب سوال اول آن است که ”اويسي“ در کلام حضرات صوفيه واقع شده و اشتهار يافته، چنانچہ بر ناظر کتب قوم مخفي و مستور نباشد-  و ”اويسي“ کسي را گويند که روحانيان را در تربيت و تکميل او دخل باشد- و اين معني منافات يا پير ظاهر ندارد....

[2] جواب سوال دويم ان است که فيض گرفتن از اهل قبور و امداد جستن از ايشان شرعا و عقلا جائز است و در حکايات احوال مشائخ عظام که بنقل ثقاة  رواة بثبوت پيوسة است، واقع و کائن است- و نزديک طائفه صوفيه کرام امري است معهود و مشھور ....

[3] جواب سوال سيوم آن است که تبعيت علماءَ، که تبعيت شرع محمدي است، شرط فقرو سلوک است، منافات چه معنيٰ دارد.....

[4] جواب سوال چهارم آن باشد که چندين هزار اولياء مقربين گذشتہ اندکه سلسله مشائخ ايشان شهرت نداشت- اين همہ دوستان خدا بگمنامي در جهان و باديها عمر بسر بردند مگر اولياء ببودند. امام يافعي در ”روض الرياحين“ اولياء را نقل مي کند آنها که داند که در کدام سلسله بوند و از شيخ کدام واسطه داشتہ اند، خواجه حافظ شيرازي کسي نميداند که از که سبق علوم باطن خوانده- چانچه در ”نفحات“ آورده است اين معني شرط ولايت نيست و بدين سبب طعن نمودن و طريق ايشان را بي اصل گفتن جرات و گستاخي است.

[5] والله سبحانہ و تعاليٰ هو العاصم عن الزلل و الخطاء والنسيان و هوالمستعان و عليه التکلان. اميد از نظر کنندگان اين چند ورق آن است که اين عاصي سراسر معاصي محمد الملقب بالمعين اين محمد الملقب بالامين را بدعاء حصول حقيقت اسلام و وصول باسرار شريعت مظهر و ختم بر کار بران کنند.

الله تعاليٰ جي حمد، ۽ صلواة ۽ سلام رسول ڪريم تي، ۽ سندس اهل بيت فخيم تي، ۽ فضل عظيم وارن اصحابن تي، ۽ ان بعد:

[1] پهرئين سوال جو جواب هيءُ آهي تہ لفظ ’اويسي‘ صوفي حضرات جي ڪلام ۾ آيو آهي ۽ عام استعمال ٿيو آهي جيئن تہ هنن بزرگن جي ڪتابن پڙهندڙن کان لڪل ۽ ڳجهو نہ آهي. ’اويسي‘ انهيءَ شخص کي چوندا آهن جنھن جي تربيت ۽ تڪميل ۾ روح وارن کي دخل هجي. هيءَ (روحاني فيض وٺڻ) ظاهري مرشد وٺڻ جي مخالف نہ آهي...

[2] ٻئي سوال جو جواب هيءُ آهي تہ: اهل مماتي وارن کان فيض وٺڻ شرعاً خواه عقلا جائز آهي ۽ (اهو دستور) وڏن درويشن جي حالات ۾ پڻ موجود آهي جيڪي (حالات) معتبر ذريعن رستي نقل ٿي (اسان تائين) پهتا آهن. ۽ پڻ صوفياء ڪرام وٽ اها ڳالھ عام طور تسليم ٿيل آهي...

[3] ٽئين سوال جو جواب هيءُ آهي تہ: علماء جي متابعت ۾، جا (حقيقت ۾) شرع محمدي جي متابعت آهي، فقر ۽ سلوڪ ئي هڪ خاص شرط آهي. انهيءَ ڪري (فقر ۽ سلوڪ جي نظرين ۽ ظاهري عالمن جي قولن ۾) مخالفت بي معنيٰ آهي.

[4] چوٿين سوال جو جواب هيءَ آهي تہ: ڪيئي هزار الله جا پيارا اولياء ٿي گذريا آهن جن جي مرشدن جو سلسلو مشھور نہ هو. انهن مڙني خدا جي دوستن هن جهان ۽ ان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گمنامي جي زندگي گذاري مگر هئا اولياء. امام يافعي ”روض الرياحين“ ۾ انهن ولين جو ذڪر ڪيو آهي جن جي کيس خبر هئي تہ ڪھڙن سلسلن مان هئا ۽ ڪھڙن مشائخن سان لاڳاپيل هئا. خواجه حافظ شيرازي جي ڪنهن کي بہ خبر ناهي تہ ڪنهن کان باطني علم جو سبق پڙهيو هئائين. جئن جو (مولانا جامي جي ڪتاب) ”نفحات الانُس“ ۾ آيو آهي، هيءَ ڳالھ (يعني ظاهري مرشد وٺڻ) ولايت جي لاءِ ڪو شرط نہ آهي؛ انهيءَ جي ڪري طعنو هڻڻ ۽ اهڙن (بزرگن) جي طريقي کي بي بنياد چوڻ جرات ۽ گستاخي آهي.

[5] تحقيق الله پاڪ ئي غلطي ۽ خطا ۽ ويسر کان بچائيندڙ آهي ۽ ان جي ئي مدد درڪار آهي ۽ انهي تي ئي توڪل آهي. هنن ورقن تي نظر ڪندڙ صاحبن کان اميد ڪجي ٿي تہ هو هن عاصي گنهگار محمد لقب ”معين“ ولد محمد لقب ”امين“ کي اسلام جي حقيقت جي حاصل ٿيڻ ۽ شريعت پاڪ جي اسرارن تائين پهچڻ ۽ انهيءَ تي خاتمي ٿيڻ جي دعا ڪندا.

شاھ صاحب هن خط ذريعي پنھنجي ذاتي ضرورت پوري ڪرڻ کان وڌيڪ ٻين جي تسڪين لاءِ وضاحت ٿي طلب ڪئي؛ کيس جيتوڻيڪ پنھنجي والد کان قادري طريقي ۾ فيض مليو، پر ان سان گڏ پاڻ پنھنجي سر اويسي طريقي ۾ اعليٰ مدارج کي پهتو ۽ حضرت نبي صلي الله عليه وسلم جي روحاني فيض سندس قلب کي ويتر وڌيڪ روشن ڪيو. هن خط مان ظاهر آهي تہ سلوڪ ۽ طريقت جي راھ ۾ ٻين جي رهنمائي خاطر، ظاهري اسباب طور پڻ شاھ صاحب قابل قدر قدم کنيو جنھن مان سندس ’مرشد هئڻ‘ جي وڌيڪ تائيد ٿئي ٿي. خط جي عبارت ۽ سوالن جي سلسلي مان شاھ صاحب جي علم ۽ فڪر تي ڪافي روشني پوي ٿي. مخدوم محمد معين کي سندس خاص تاڪيد تہ سليس فارسيءَ ۾ جواب ڏيو جئن هرڪو سمجهي سگهي، ڏيکاري ٿو تہ شاھ صاحب کي سليس ۽ مشڪل فارسي عبارت جي فرق جي پوري ڄاڻ هئي. اها شاهدي شاھ صاحب جي فارسي مان واقفيت تي هڪ خاص دليل آهي.

(ج) ڀٽ تي فاقيرو نظام ۽ انتظام قائم ڪرڻ. 

ڀٽ کي وسائڻ ۽ اتي دائمي طور سڪونت اختيار ڪرڻ سان شاھ صاحب جو عالم اسباب ڏانھن متوجھ ٿيڻ لازمي هو. جڏهن کان وٺي ڀٽ کي هموار ڪرڻ شروع ڪيائون ۽ شاھ صاحب جو اتي ڪجهہ وقت رهڻ ٿيو، تڏهن کان وٺي فقيرن کي ڪم ونڊي ورڇي پئي ڏنائون. ڪوٽڙيءَ مان ڀٽ تي لڏي اچڻ بعد ايندن ويندن جي آڌرڀاءُ، بَٺيءَ جي انتظام، ۽ حويليءَ جي سنڀال جي سلسلي ۾ شاھ صاحب وڏي پوئواري ڪئي. مسجد ۽ جماعت جي خدمت خاص فقيرن جي حوالي ڪيائين، ۽ پڻ راڳ لاءِ خاص فقير مقرر ڪيائين. اهو نظام ۽ انتظام جئن پوءِ تئن وڌندو ۽ وڌيڪ سهڻو ٿييندو ويو، تان جو سندس زندگيءَ جي پوين سالن ۾ اهو سڄو نظام هر لحاظ سان مڪمل طور پوري پابنديءَ سان هلڻ لڳو.  ان وقت، جدا جدا ڪم هيٺينءَ طرح جدا جدا فقيرن جي حوالي هئا:

  1. مائي گنگا جت، مائي صالحان تُنياڻي ۽ مائي بُوئا وساڻ اندر حويليءَ ۾ خذمتگار هيون.
  2. عبدالواسع فقير سالارو، سکر فقير ڏيرو، اسماعيل فقير سمون ڀينءَ پوري، فقير سيد نهال شاهه، اسماعيل فقير ڏيرو، اجن فقير ڏيرو، ڪمال فقير سينهڙو، ورو فقير عرف ’وڳنڌ‘، نور محمد فقير ابڙو ڪاٺڙي مڪان جو، عمر فقير سهتو، فقير سيد سائينڏنو موسيٰ پوٽو مٽياروي ۽ بچو فقير خاص حاضري جا فقير هئا. عمر فقير سهتو، شاھ صاحب جو خاص خادم هو جنھن کيس ننڍي هوندي نپايو هو. شاھ صاحب جو هنڌ بسترو سيد سائينڏني جي حوالي هو ۽ هو ئي هنڌ وڇائيندو هو. بچو فقير ڪونئرو جهليندو هو. عبدالجميل فقير انڙ، شاھ صاحب جو مصلو ۽ تسبيح سنڀاليندو هو، ۽ نماز ۽ عبادت جو بندوبست سندس حوالي هو.
  3. خليفو محمد عالم ڏيرو، شاھ صاحب جو ماسات، ذڪر ۽ سماع جو نگران هو.  
  4. سومر فقير لاڙڪ، هڪ پهتل درويش هو جنھن کي شاھ صاحب کان پيري مريدي جو ارشاد مليل هو: يعني تہ ڪو مريد ٿيڻ ايندو هو تہ سومر فقير جي حوالي ٿيندو هو. ٻيا فقير سندس وڏو ادب ڪندا هئا.  
  5. عارف فقير ٿيٻو ٽنڊي الهيار (تعلقي) جو وڏو عابد شخص هو ۽ نوِئي فقيرن کي عبادت جي ترغيب ڏيندو هو ۽ نماز سيکاريندو هو.
  6. عنايت فقير وساڻ جت ٿي ڪَجائي جو رسو جهليندو هو.
  7. رحمون فقير بورچي هو.
  8. قاسم فقير حجام هو ۽ شاھ صاحب جي سنوارت ٺاهيندو هو.
  9. احمد فقير سمون، گهَلين جو، شاھ صاحب جي گهوڙي ’چنگل‘ جو سئيس ۽ گاهي هو.
  10. ونهيون فقير سالاراڻي جت، ’موتي‘ ۽ ’گردگان‘ يا ’کينهون‘ نالي ٻن ڪتن کي سنڀاليندو هو (اهي ننڍڙا گلر هئا جو شاھ صاحب ڪٿي ڏٺا ۽ بک پئي مئا، سو ٻنهي کي کڻي آيو. ونهيون فقير انهن جو خاص خذمتگار هو).
  11. محمد رحيم فقير، شاھ صاحب جو منشي هو ۽ لکپڙھ جو ڪم سندس حوالي هو.
  12. انهن کان سواءِ راڳائي فقير جدا هئا، جيڪي حضرت شاھ صاحب کي نهايت پيارا هئا، ۽ جن جو ذڪر اڳتي ايندو.  

ڪمن جي مٿين تقسيم ۽ تڪميل شاھ صاحب جي خداداد تنظيمي صلاحيت، مردم شناسي ۽ دلنواز شخصيت جو نتيجو هئي. اصل ۾ اهو سڄو نظام محبت جي مضبوط بنياد تي ٻڌل هو. شاھ صاحب کي هميشہ اهو خيال رهندو هو تہ جئن ڪنهن بہ فقير کي ڪابہ تڪليف نہ پهچي، تہ فقيرن کي وري اها اڻ تڻ هوندي هئي تہ جيئن ڪابہ ڪوتاهي نہ ٿئي. شاھ صاحب جي محبت ۽ دلنوازي جو اهو معجزو هو جو ڪنهن بہ فقير ڪنهن بہ ڪم ڪرڻ کان ڪونہ ٿي ڪيٻايو. وَنهيون فقير سالاراڻي جت جيڪو تازو خذمت ۾ حاضر ٿيو هو ’موتي‘ ۽ ’کينهون‘ ٻنهي ڪتن جي سنڀال تنھن جي حوالي ٿي. سندس سڄو ڌيان ان طرف هوندو هو. هڪ ڏينهن فقير ماني تي ويٺا تہ ٻيل ٻڌي ويٺا. ’موتي‘ ويٺو هو پر کاڌو ڏنائونس تہ نہ پيو کائي (جو ’کينهون‘ ڪٿي ٻئي پاسي هو). شاھ صاحب کي ٻڌايائون تہ چيائين: ”ابا موتي اڪيلو آهي، هن جو سنگتي ڪونهي: جي ڪو ٻيل ٻڌيس تہ کائي“. ونهيين کي شاھ صاحب جا اهي لفظ دل ۾ وسي ويا تہ ’هن جو بہ سنگتي هجي جو هن سان ٻيل ٻڌي ۽ گڏجي کائي“، سو ونهيين فقير ويھي موتي سان گڏ کاڌو. ان ڏينهن کان وٺي شاھ صاحب جي ونهيين فقير تي وڏي مهر ٿي جو چيائون تہ ”جتي ونهيون ڪتائي، اتي ڀٽائي.“ ونهيين فقير کي ڀٽائي صاحب پوءِ خلافت جي ڦڙڪي ٻڌائي.

(د) ڀٽ تي ’سماع ۽ ذڪر‘ جو سلسلو ۽ راڳ جو ادارو قائم ڪرڻ. 

ڀٽ کي وسائڻ ۽ اتي سڪونت اختيار ڪرڻ سان، شاھ صاحب اتي سماع جو سلسلو شروع ڪرايو، ۽ ان کانپوءِ راڳ جو ادارو پڻ قائم ڪيو.

سماع

ڀٽ تي ٿيندڙ سماع جي نوعيت ۽ فقيرن جي سيني بہ سيني روايت مان معلوم ٿئي ٿو تہ ميين شاھ ڪريم جي درگاھ تي ٿيندڙ سماع ۽ ذڪر واري سلسلي کي ئي شاھ عبداللطيف ڀٽ تي قائم ڪيو. سماع جو شغل رات جو ٿيندو هو. ماھ پهرئين سومار جي رات ۽ حج جي رات خاص سماع لاءِ مقرر ٿيون. جمعي جي ڏينهن ۽ عيدن جي موقعن تي پڻ نماز بعد سماع ٿيندي هئي. ميين شاھ ڪريم جي وقت ۾ غالباً سماع جي شروعات سياري ۾ ٿي؛ سياري ۾ ٻني ٻاري جو ڪم گهٽ هو ۽ فراغت وڌيڪ هئي. رات جو سماع جي شغل وقت، سياري جي سيءُ کان توڙي روشنيءَ خاطر مچ ٻاريندا هئا ۽ فقير پڻ چوڌاري مچ کي ويجها ٿي سماع ڪندا هئا. سماع جي سلسلي ۾ سُر سان بيت، ضَربون ۽ ذڪر شامل هئا. انهيءَ ساڳئي نموني سان ڀٽ تي پڻ سماع ۽ ذڪر شروع ٿيو، جنھن جو اڳواڻ شاھ صاحب جو ماسات ۽ وڏو خليفو محمد عالم ڏيرو مقرر ٿيو. خليفو محمد عالم سماع لاءِ مچ ٻاريندو هو، جنھن جي اُتر طرفان خليفو پاڻ ۽ سندس ساٿي، ۽ سامهون ڏکڻ طرفان تمر فقير ۽ سندس ساٿي بيهندا هئا. ان بعد شاھ صاحب ايندو هو. پهريائين ’هو اَلو‘ جون ٽي تسبيحون ٿينديون هيون. ان کان پوءِ خليفي محمد عالم جي ٽولي جو فقير بلاول يا ڌناسري جي سُرن مان بيت ڏيندو هو، ۽ پهرين سٽ آلاپڻ بعد خليفو محمد عالم ”اَلقارِعَة مَا القارعَة“ (قرآن شريف جي سورة جا الفاظ) جي ضرب هڻندو هو. ان بعد سامهون تمر فقير وارا ساڳي سٽ پڙهي ٻہ ضربون هڻندا هئا. ساڳئي وقت فقير مچ جي چوڌاري بالڪل آهستي پير پير ۾ ڏيئي ڦرندا هئا، اهڙيءَ طرح جو سَوا ڦيري ۾ سڄي سماع ختم ٿئي. آخر ۾ مچ جي الهندي طرفان سڀ ويھي گڏجي ذڪر ڪندا هئا ۽ ذڪر ۾ پڻ سُر سان بيت پڙهندا هئا.  پڇاڙيءَ ۾ دعا گهُري اٿندا هئا.

اهو چئي نٿو سگهجي تہ ڀٽ تي جڏهن پهريائين سماع جو سلسلو شروع ٿيو تہ فقير ڪھڙا بيت ۽ ڪنهن جا بيت پڙهندا هئا. ٿي سگهي ٿو پهريائين ميين شاھ ڪريم يا ٻين اڳين بزرگن جا بيت پڙهيا ويا هجن، پر پوءِ شاھ صاحب جا بيت ئي سماع ۾ پڙهيا ويا. اهو پڻ معلوم ناهي تہ ان وقت بلاول ۽ ڌناسري کان سواءِ ٻين ڪھڙن سُرن جا بيت پڙهندا هئا، مگر هن وقت ڀٽ تي سماع ۾ هيٺين سُرن جا بيت پڙهيا وڃن ٿا، ۽ ٿي سگهي ٿو تہ شاھ صاحب جي وقت ۾ پڻ انهن ساڳين سُرن جا بيت پڙهيا ويا هجن، جيڪي اڃان تائين هلندا اچن.

پهريون ڦيرو (سڄو)

ڦيري جي پهرين چوٿين پتي ۾                                          سُر بلاول جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت

ڦيري جي ٻي پتي ۾                                                           سُر سري راڳ جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت

ڦيري جي ٽي پتي ۾                                                           سُر سامونڊي جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت

ڦيري جي باقي چوٿين پتي ۾                                            سُر سورٺ جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت

ٻيو ڦيرو (چوٿين پتي)                                                      سُر راڻو ۽ سُر حسيني جا ڇهن کان وٺي اٺ بيت

جملي سوا ڦير                                                    جملي ڇھ سُر

موجودہ وقت ۾ عيدن جي ڏينهن تي نماز بعد سماع ۾ فقط ٽن سُرن يعني بلاول، راڻي ۽ حسيني مان بيت پڙهندا آهن.  

راڳ جو ادارو.

سماع جي هن نظام ۾ بيتن جو سُر سان پڙهڻ، سڀني جو گڏجي ذڪر جي سُرائتي توار ڪرڻ، تار ۾ سمايل ضربون هڻن، ۽ گول حلقي ۾ ڦرڻ جا عنصر شامل هئا، جيڪي پوءِ راڳ جي اوسر لاءِ ڄاڻ ۽ بنيادي ترغيب جو باعث بڻيا.

سنہ 1142ھ ۾ جڏهن شاھ صاحب ’ڀٽ‘ کي وسايو تہ فقير پڻ اتي رهڻ لڳا، جن مان ڪي خاص راڳ جي ذوق ۾ راڳائي ٿيا ۽ راڳ ڪرڻ لڳا. مير عبدالحسين خان ’لطائف لطيفي‘ ۾ اهو نڪتو نروار ڪيو آهي تہ: شاھ صاحب کي راڳ ئي ڀٽ تي رهايو، نہ تہ پاڻ پنھنجي جذبي ۽ جوش ۾ هتان کان هتي گهمندا ڦرندا رهيا. راڳ جي رس سان ئي سندن تسڪين ٿي ۽ راڳ خاطر ئي ڀٽ کي وسائي ويٺا.  

فقير شروع ۾ شاھ صاحب جا بيت ۽ وايون فراغت واري وقت ۾ گڏجي ڳائڻ لڳا، پر پوءِ شاھ صاحب جي توجھ سببان خود فقيرن ۾ ايڏو ذوق وڌيو جو ڄڻ راڳ سندن واسطي هڪ روحاني خوشي واري خوراڪ بنجي ويو. سنہ 1144ھ ۾ شاھ حبيب جي وفات کانپوءِ، راڳائي فقيرن جي جيڪا ڪيفيت هئي، تنھن بابت ’لطائف لطيفي‘ ۾ هيٺيون بيان نقل ٿيل آهي:  

”لطيفي فقير جيڪي راڳائي هئا، تن مان گهڻن کي واري جو تپ ٿي پيو. جڏهن مونجھ ۽ پيڙا کان پريشان ٿيا تہ حضرت شاھ صاحب سان طبيعت جي ناسازي جي شڪايت ڪيائون. تڏهن شاھ صاحب کين ارشاد فرمايو تہ: ’هر جمعي رات سندم والد بزرگوار (شاھ حبيب) جي درگاھ تي لطيفي ساز وڄايو ۽ راڳ ڳايو‘. فقيرن ان تي عمل ڪيو ۽ بالڪل چڱا ڀلا ٿي ويا. هو پهر رات کان پوءِ راڳ شروع ڪندا هئا ۽ صبح صادق وقت بس ڪندا هئا. پر ڳچ وقت گذرڻ کان پوءِ باقاعدگي سان راڳ ڪرڻ ۾ سستي ڪيائون ۽ وري اچي کين تپ ورايو. انهيءَ ڪري پوءِ هميشہ لاءِ (باقاعدگي سان جمعي رات) راڳ ڪندا رهيا، جو ويندي هن وقت تائين جمعي رات راڳ ڪندا رهن ٿا.“

هن مان ظاهر آهي تہ شاھ حبيب جي وفات کان پوءِ ئي فقيرن کي شاھ حبيب جي روضي اڳيان هر جمعي رات راڳ ڪرڻ جو ارشاد ٿيو. ائين ڪيائون پر وري وچ ۾ وٿي پئجي وئي. ان کان پوءِ وري هر جمعي رات باقاعدگي سان راڳ شروع ڪيائون، ۽ پوءِ اهو سلسلو هميشہ لاءِ جاري رهيو. هن بيان مان انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو تہ سنہ 1144ھ ۾ شاھ حبيب جي وفات واري تاريخ کان پوءِ، هڪ ٻن مهينن اندر، شاھ صاحب جمعي جي رات راڳ لاءِ مقرر ڪئي، ۽ راڳائي فقيرن کي خاص هدايتون ڏنيون جن موجب هر جمعي رات راڳ ٿيڻ لڳو جنھن ۾ فقير شاھ صاحب جي بيتن ۽ واين کي جدا جدا سرن ۾ ڳائڻ لڳا. اهڙيءَ طرح سنہ 1144ھ کان وٺي ’شاھ جو راڳ‘ بحيثيت هڪ اداري جي هميشه لاءِ قائم ٿيو.  راڳ لاءِ شاھ صاحب جي رهنمائي هيٺ هيٺيان اهتمام ٿيا: 1. هن درد ۽ محبت پيدا ڪندڙ ۽ دلين کي جياريندڙ راڳ لاءِ شاھ صاحب سندس بيتن ۽ واين جي ذخيري مان ڪي خاص ڀاڱا (موضوع) چونڊيا ۽ انهن جي ڳائڻ لاءِ ’سر‘ (راڳ) مقرر ڪيا. اڳتي هلي انهن اصولن موجب ’شاھ جو راڳ‘ سرن مطابق وڌيڪ اهتمام سان کايو ويو. 2. راڳ ۾ وڄت لاءِ ’دنبوري‘ جو نئون ساز استعمال ٿيو، ۽ پهريون دنبورو شاھ صاحب پاڻ ٺٽي ۾ ويھي ٺھرايو. 3. راڳ ڳائڻ لاءِ وقت مقرر ڪيو ويو ۽ ان جي پوري پابندي ڪئي وئي، هن طرح جو عشا جي نماز جماعت سان ادا ڪرڻ بعد راڳ جي شروعات ٿي ۽ فجر جي نماز کان اڳ راڳ جي خاتمي جي دعا گهري وئي. 4. راڳ لاءِ، راڳائي فقير چونڊيا ويا ۽ تمر فقير کي راڳ جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو.

ان طرح ’شاھ جي راڳ‘ جي اداري جي هڪ باقاعدي تنظيم مطابق تڪميل ٿي جنھن موجب ڀٽ تي هر جمعي رات توڙي عيد ۽ حج جي موقعن تي راڳ ٿيڻ لڳو، پر اهو سڄو انتظام محض رسمي نہ هو: زندگي جي هن مرحلي تي (۽ غالباً ان کان اڳ پڻ) راڳ شاھ صاحب لاءِ روحاني خوراڪ بنجي چڪو هو. انهيءَ ڪري ايندڙ سورهن سالن کن تائين (1145- 1161ھ)، شاھ صاحب جڏهن بہ ٻاهر سفر تي ٿي ويو تہ راڳائي فقير بہ پاڻ سان گڏ ٿي کنيائين، ۽ سفر ۾ بہ هر رات ’راڳ‘ باقاعدگي سان ٿي ٿيو. جڏهن شاھ صاحب وقت جي ڪن وڏن عالمن وٽ ٿي ويو تہ انهن پڻ سندس ’دل جياريندڙ راڳ‘ جي سلسلي ۾ کيس بيوس ۽ بي ميار ڪري ٿي ڄاتو. سفر ۾ ’شاھ جي راڳ‘ جي آخري محفل سنہ 1161ھ ۾ ٺٽي جي شهر ۾ ٿي جنھن حاضرين جي دلين ۾ ايڏو تہ درد ۽ عشق الاهي وارو اثر پيدا ڪيو جو اتي وڏي حال وارن مان مخدوم محمد معين ان رس ڀريي راڳ جي پيدا ڪيل جذبي ۽ احساس جي اثر هيٺ وفات ڪئي.

(ه) وڏن جي درسگاهن جي سنڀال ۽ تعمير

شاھ صاحب معنوي لحاظ سان ’وڏي حال وارو‘ هو، ۽ پڻ عملي طور ’حال‘ جو صاحب هو. انسان جي اعليٰ ڪردار ۽ ڪمال، حق جي تلاش ۽ حقيقي وصال وارين منزلن ماڻڻ جي لحاظ سان سندس فڪر، لاحَد ۽ لامتناهِي ’مستقبل‘ سان همڪنار هو جو چيائين تہ ”جي قيام مڙن، تہ ڪر اوڏا سپرين“. ساڳئي وقت شاھ صاحب جي نظر ۾ ’ماضي‘ پڻ وڏو معنيٰ خيز ۽ سبق آموز هو، ڇاڪاڻ تہ اهو انسانن جي انفرادي اخلاق ۽ ڪردار توڙي سماجي ريت ڪُريت جو آئينو آهي. وڏن جو ادب ۽ ريت رسم جو لحاظ سنڌ جي تهذيب جو لازمي جز هو، جنھن کي شاھ لطيف وڏي اهميت ڏني، شاھ صاحب جي پنھنجي تربيت ۾ سندس وڏن جو هٿ هو، هاڻي جڏهن شاھ صاحب پاڻ اخلاق ۽ ڪردار جي اعليٰ منزل تي پهتو تڏهن وڏي احسان مندي سان پنھنجن وڏن جي آثارن جي سنڀال ۽ تعمير ڏانھن ڌيان ڏنائين.

سڀ کان پهريائين بلڙيءَ ۾ ميين شاھ ڪريم جي درگاھ سندس توجھ جو خاص مرڪز بني. شاھ صاحب جو والد شاھ حبيب، ڏاڏو عبدالقدوس شاهه، پڙڏاڏو جلال شاھ (جمال شاھ) سڀ اتي ڄاوا نپنا هئا. عبدالقدوس شاھ وفات بہ اتي ڪئي ۽ پنھنجي ڏاڏي ميين شاھ ڪريم جي مزار جي ويجهو دفن ٿيو. عزازت جي انهن رشتن کان وڌيڪ، شاھ صاحب جو پنھنجي وڏي ڏاڏي ميين شاھ ڪريم سان گهرو روحاني رشتو هو جو سندس هدايت ۽ تلقين کي دل سان لاتائين، ۽ ’بيان العارفين‘ کي سفر ۾ بہ ساڻ کنيائين. جئن شاھ ڪريم بُلڙيءَ ۾ نئين ماڳ کي وسايو هو تئن پاڻ ’ڀٽَ‘ کي وسايائين. شاھ ڪريم وانگر ڀٽ تي ’سماع ۽ ذڪر‘ جو سلسلو قائم ڪيائين، ۽ ميين شاھ ڪريم جي چيل بيتن ڀران پاڻ بيت چيائين: نہ فقط ايترو پر ڪن فقيرن کي جيڪڏهن ميين شاھ ڪريم جي ڪنهن بيت جي سٽ ياد نہ هئي تہ پاڻ ٻي چئي ان کي پورو ٿي ڪيائين.  مثلاً شاھ صاحب کي جڏهن ڪن فقيرن ٻڌايو تہ ميين شاھ ڪريم هيءَ هڪ سٽ چئي هئي (پر اڳتي سندس مراد الائجي ڪھڙي هئي) تہ:

تَــري   ڀَــڳي   ڪِـنـگري   ٺــلها   ڦيرا   ڏي

تڏهن چيائين تہ: هائو ابا!

آڻي نَڪي ني، پر وڃي سَلهاڙي ساٿ سان.

اهڙيون روايتون انهيءَ ڳالھ تي شاهد آهن تہ شاھ صاحب جي ميين شاھ ڪريم سان وڏي محبت ۽ عقيدت هئي. نننڍي هوندي پنھنجي والد سان گڏ، ۽ جوانيءَ ۾ پاڻ پنھنجي سر، بلڙي تي ڀيرا ڪيائين، پر هاڻي پنھنجن فقيرن سان گڏ ڪريمي درگاھ تي وڌيڪ وڃڻ لڳو. اتي سماع ۽ ذڪر جي شغل ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ ’ڀٽ‘ تي پنھنجو راڳ پڻ شروع ڪرايائين. ڪريمي فقيرن ’شاھ جو راڳ‘ سکيو ۽ اهڙيءَ طرح ڀٽ کان پوءِ شاھ ڪريم جي درگاھ تي ئي سڀ کان پهريائين ’شاھ جو راڳ‘ ٿيو جيڪو اڄ تائين هلندو اچي.

زندگي جي هن دور ۾ ڏهن ٻارهن سالن تائين اهڙي عقيدت واري حاضري بعد، شاھ صاحب اڃان بہ وڌيڪ خذمت خاطر ميين شاھ ڪريم جي مزار تي روضي جوڙائڻ ۽ ڀرسان جامع مسجد ٺھرائڻ جو ارادو ڪيو، ۽ 54- 1156ھ واري عرصي ۾ ان ڪم کي وڏي همت ۽ محبت سان پورو ڪيائين: شاھ ڪريم جو سهڻي گنبذ سان روضو ۽ ان جي اُتران لڳو لڳ عاليشان جامع مسجد جوڙايائين، ۽ اتان ويجهو ڏکڻ- اوڀر طرف پنھنجي ڏاڏي عبدالقدوس شاھ جي تربت تي قبو ٺھرايائين. شاھ ڪريم جي روضي ۽ مسجد شريف کي ڪاشي جي سرن سان سينگاريائين جيڪي ملتان مان آندائين ۽ پڻ اتان ڪاريگر آندائين جن بلڙيءَ ۾ ويھي وڌيڪ سرون ٺاهيون. اهو سڄو ڪم سنہ 1156هجريءَ ۾ راس ٿيو، ۽ شاھ صاحب جي ارشاد تي سندس معتقد ۽ مريد ۽ ٺٽي جي نامياري عالم مخدوم  محمد صادق نقشبندي ڪريمي درگاھ جي تڪميل جي تاريخ هيٺئين سهڻي فقري مان ڪڍي:

”هست درگاھ کريمي جلوه گاهِ حق ابد“

    (ابجد جي حساب سان عدد= 1156)

شاھ صاحب پوءِ انهيءَ تاريخي مصرع سان سينگاريل ڪَتَبو، ڪاشيءَ جي سرن تي نيرن اکرن ۾ لکائي روضي تي هڻايو.   ٻي هڪ ننڍي سِرَ جنھن تي ’لطيف‘ لکايائين سا روضي جي دروازي واري سامهين ديوار ۾ اتران هڻايائين. ان وقت ڪريمي درگاھ جي گادي تي عبدالواسع شاھ (بن عبدالغني شاهه، بن محمد دليل شاھ بن دين محمد شاھ بن ميون شاھ ڪريم) هو جنھن جو ڌيان درگاھ کان وڌيڪ دنيوي ڪاروبار طرف هو. ان کي اچي وهم ويٺو تہ عبداللطيف شاھ درگاھ ٺھرائڻ کان پوءِ اندر وري پنھنجو نالو هڻايو آهي تہ جئن وارث بنجي ۽ درگاھ تي قبضو ڪري: سو شاھ صاحب جي روانگي بعد خود پاڻ اچي اها سِرَ جنھن تي ’لطيف‘ لکيل هو پٽائي ڦٽي ڪيائين. ان وقت شاھ لطيف ’بلڙي‘ مان اڃان ’ڊَنڍي‘ جي شهر ۾ (بلڙي ۽ ٽنڊي محمد خان جي وچ تي) پهتو هو ۽ اتي ’ڪريم- پوٽي‘ سيد محمد صلاح (بن ابوبڪر شاھ بن محمد شريف شاھ بن محمد دليل شاھ بن دين محمد شاھ بن ميون شاھ ڪريم) وٽ ٽڪيل هو جو عبدالواسع شاھ جي سِر پٽائڻ جي خبر اچي پهتي، جنھن تي شاھ صاحب چيو تہ: ”هن ضعيف جو نالو عبداللطيف آهي، باقي ’لطيف‘ نالو تہ الله جل شانہ جي نالن مان هڪ آهي. شال ان ذات باري تعاليٰ کي ڪا غيرت نہ اچي“.  

درگاھ ڪريمي جي خاص خذمت ۽ تعمير کان پوءِ شاھ صاحب ڀٽ جي جاين ڏانھن توجھ ڪيو. شروع ۾ اهي جايون تڪڙو تيار ڪيل هيون، پر هاڻي انهن کي وڌيڪ سهڻي سٽاءَ سان تعمير ڪيو ويو. پنھنجي وڏي ڏاڏي شاھ ڪريم ۽ ڏاڏي عبدالقدوس شاھ جي مزارن جي تعمير بعد شاھ صاحب پنھنجي والد شاھ حبيب جو مقبرو بہ پڪو ڪرايو ۽ ٻاهران دروازي جي مٿان وفات جي تاريخ واري هيٺين مصرع جيڪا سندس مريد ۽ ڀلاري عالم مخدوم محمد صادق نقشبندي ٺٽوي جوڙي هئي سا لکايائين:

”الموتُ جِسرٌ يوصل الحبيب للقاء الحبيب“

  (ابجد جي حساب سان عدد= 1144)

مسجد شريف شروع کان ڪَچي پر مضبوط ٺھيل هئي، انهيءَ ڪري ان کي شاھ صاحب پوءِ پنھنجي زندگي جي آخري دور ۾ وڏو شاندار ڪري ٺھرايو.

(و) معتقدن مريدن وٽ وڃڻ ۽ حال وارن فقيرن ۽ درويشن سان ملڻ. 

مٿي بيان ٿي چڪو آهي تہ شاھ صاحب جي زندگي جو هن کان اڳيون ويھن- ٻاويھن سالن وارو دور (1120- 1142ھ) طلب ۽ تحقيق وارو دور هو جنھن ۾ هن سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر سفر ڪيا، درويشن جا ماڳ مڪان ڏوري ڏٺا، ۽ سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ ڌنڌي پيشي وارن توڙي عام ماڻهن جي روزاني زندگي ۽ حال حقيقت کان واقف ٿيو. اهي پنڌ ۽ سفر سندس پاڻ پنھنجي تربيت ۽ پرجھ پروڙ خاطر هئا. زندگي جي هن ٻئي دؤر ۾، جيڪو چاليهن سالن جي عمر کان پوءِ وارو دور هو، شاھ صاحب پاڻ هڪ جهانديده درويش ۽ حال ۽ قال جو صاحب هو. هن دور ۾ سندس مسافريون وڌيڪ سوچيل مقصدن ۽ منزلن واريون هيون: يعني پنھنجن پيارن مريدن ۽ مخلصن وٽ ڀيرا ڪري سندن پوئواري ڪرڻ، ٻين حال ۽ ڄاڻ وارن فقيرن سان ملڻ، ۽ عالمن عارفن سان سلوڪ ۽ معرفت واريون صحبتون ڪرڻ. هن دور جي مسافرين ۾، شاھ صاحب قرآن شريف پنھنجي دور لاءِ، ۽ ميين شاھ ڪريم جي ملفوظات ’بيان العارفين‘ ۽ مولانا رومي جي ’مثنوي‘ حاضرين جي وعظ ۽ نصيحت لاءِ، پاڻ سان گڏ رکندو هو. سندس ارادتمند ميون محمد صلاح ساڻس گهڻو ڪري گڏ هوندو هو ۽ ڏينهن جو اڳين نماز ۽ جمعي نماز بعد مثنوي پڙهندو هو ۽ ان جي شرح ڪندو هو. ان کان سواءِ راڳائي فقير شاھ صاحب سان انهن سفرن تي گڏ هوندا هئا ۽ رات جو سمهياڻي نماز بعد ’شاھ جو راڳ‘ ٿيندو هو.

شاھ صاحب جي سير سفر بابت اڪثر خيالي انومان ڪڍيا ويا آهن تہ هِتي بہ ويو هُتي بہ ويو، ائين جو ڄڻ هر جاءِ تي ويو، پر ان باري ۾ ڪي بہ اهڙا ٽاڻا يا اهڃاڻ نہ ڏنا ويا آهن جن تي ڪو ڀروسو ڪري سگهجي.   انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي تہ هن کان اڳئين دور ۾ توڙي هن دور ۾ شاھ صاحب سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ڪيترن ئي ماڳن مڪانن تي ويو، پر انهن سڀني بابت صحيح معلومات محفوظ نہ رهي آهي. البت سندس زندگيءَ جي اڳئين دور جي ڀيٽ ۾، هن پوئين دور ۾ ڪيل مسافرين يا ملاقاتن بابت ڪي وڌيڪ ڀروسي جهڙا بيان ۽ اهڃاڻ ملن ٿا.  

هن دور ۾ شاھ صاحب جي محبتين ۽ معتقدن جو دائرو وڏو وسيع ٿيو، جنھن ۾ عام توڙي خاص اچي ٿي ويا. پاڻ عقيدي توڙي عمل ۾. ’رسم‘ بدران ’روح‘ جي تلقين ڪيائين، ۽ توحيد جي اعليٰ نظريي طور ڪل ڪائنات جي خالق تي يقين ۽ توڪل، مخلوق سان پيار ۽ اعليٰ انساني ڪردار جا سبق ڏنائين. شاھ صاحب جي پنھنجي اعليٰ اخلاق ۽ محبت ڀريي طور طريقي جو اثر دلين تي ايترو تہ پيو جو حڪمران توڙي ڪي هندو فقير سندس معتقد ٿيا.

ويھن سالن کن جي هن وڏي عرصي ۾ هو گهڻن ئي فقيرن وٽ گهڻن ئي ماڳن تي ويو هوندو، پر جتي ڪجهہ وڌيڪ ترسيو اتي سندس نالي سان ’تڪيا‘ قائم ٿيا. هن وقت بہ سنڌ ۾ گهڻين جاين تي ’شاھ جا تڪيا‘ موجود آهن، جن مان ڪي مريدن پوءِ سندس نالي سان قائم ڪيا ۽ فقط ڪي ٿورا اهڙا آهن جن بابت وڌيڪ ڀروسي سان چئي سگهجي ٿو تہ شاھ صاحب پاڻ پنھنجي حياتي ۾ اتي ويو هوندو. مثلاً کپري تعلقي ۾ ’واگهين جي ڀٽ‘،  ٺٽي ۾ مڪلي لڳ، بدين، روهڙي، بکر (پراڻو) ۽ ترائي (مديجي کان ٻہ ميل اتر- اولھ) ۾ جيڪي ’شاھ جا تڪيا‘ آهن، اتي غالباً شاھ صاحب پاڻ ويو ۽ ٽڪيو.  انهن ٿورن مشھور ’تڪين‘ جي جدا جدا ماڳن مان اهو نتيجو نڪري ٿو تہ شاھ صاحب سنڌ ۾ لاڙ کان وٺي اتر تائين پنھنجن مخلص معتقدن وٽ ڀيرا ڪيا.

سنڌ کان ٻاهر هن دور ۾، شاھ صاحب خاص طرح ڪڇ ۾ پنھنجن پيارن فقيرن جتن بلوچن وٽ گهڻو ويو. ڪڇ ۾ شاھ صاحب سان ارادت ۽ عقيدت جو بنياد وَنهيين فقير سالاراڻي جت ۽ تماچي فقير نهڙيي وڌو. هن دور جي پهرئين سفر ۾ شاھ صاحب انهن ٻنهي فقيرن تي ڪا اهڙي فيض واري نظر ڪئي جو هو ڀٽ تي آيا. تماچي فقير کي شاھ صاحب ڪڇ موٽي وڃڻ جو ارشاد ڪيو ۽ هو اتي ئي رهيو، تان جو وفات کان ڪجهہ وقت اڳ شاھ صاحب کيس سڏي پاڻ وٽ ترسايو. ونهيين کي شاھ صاحب پاڻ وٽ ڀٽ تي رهايو ۽ سندس خلوص جي مدنظر کيس پنھنجو خاص خليفو ڪيائين جو سندس پويان ڪڇ ۽ واڳڙ طرف ٻيا گهڻا شاھ صاحب جا معتقد ٿيا.  ڪڇ طرف جتن فقيرن ۾ شاھ صاحب جي سفر جا منزل بہ منزل سلسلا ونهيين فقير جي اتي وڌايل اراتمندن سببان شروع ٿيا، ۽ شاھ صاحب جتي جتي ڀيرا ڪيا انهن ماڳن مڪانن جو مانُ ٿيو ۽ پڻ پوءِ تمر فقير جي اڳواڻي هيٺ اهي ’شاھ جي راڳ‘ جا مرڪز بنيا. مسلسل طور مشھور روايتن موجب ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو تہ شاھ صاحب هيٺين ماڳن تي ڀيرا ڪيا:

  • ’ڏر‘ مڪان، لکپت جي شهر سان لاڳو، جتي سالار فقير وٽ شاھ صاحب آيو.
  • ڀُٽائو مڪان، ’پپر‘ جي شهر لاڳو (تعلقو لکپت) جتي درويش سانوَلي فقير جت جو مزار هو.
  • آسالڙي مڪان، تعلقو لکپت.
  • ’ڪَنڊو‘ مڪان (تعلقو کاهڙ) جيڪو ونهيين فقير جو اصل ڳوٺ هو.
  • ’اورِيئڙو‘ مڪان (تعلقو نکٽراڻو) جيڪو ميين تماچي فقير نهڙيي جو ڳوٺ هو.
  • ڄَڙهوٽ مڪان، نکٽراڻي شهر کي ويجهو، جتي شاھ صاحب جو خليفو صالح فقير مڱريو رهندو هو.
  • سِراڙو مڪان (تعلقو کاهوڙو)، جتي شاھ صاحب جو خليفو ڇتو فقير لاکاڻي جت رهندڙ هو.
  • بگهاڙيو مڪان (ٻنِي)، جتي ميين شاھ ڪريم جا خاص مريد جيئنداڻي جنت فقير هئا.
  • اَرل مڪان (تعلقو نکٽراڻو)، جتي شاھ صاحب جو خليفو دين محمد فقير هو. هو اصل ريٻاري هو ۽ شاھ صاحب سان صحبت ۾ مسلمان ٿيو، جنھن پوءِ پڳ ڏنس ۽ خليفو ڪيس.

مٿين ماڳن جا نالا معلوم ۽ مشھور آهن جتي شاھ صاحب گهڻا ڀيرا ڪيا. سالاراڻي جتن فقيرن جي ٻي هڪ متفقه روايت موجب شاھ صاحب ’واڳڙ‘ کان اڀرندين ڀاڱي ۾ بہ ويو جتي ان وقت جت ويٺل هئا، ۽ اتي چاليھ ڏينهن رهيو هو جو انهيءَ ياد ۾ پوءِ مچ ۽ ميلو ٿيو (۽ پڻ ڪن روايتن موجب ڀٽائي صاحب ڀُڄ تائين ويو ۽ پڻ ڪڇ جو راءِ ساڻس اچي مليو هو).

ڪڇ کانسواءِ، سنڌ کان ٻاهر هن دور ۾ شاھ صاحب ٻاهڙ مير ۽ جيسلمير طرف ڀيرا ڪيا جتي سما، سميجا، مڱريا، لنجا، ڀنڀرا دل ۽ ڪي ٻيا سندس مريد هئا. جيسلمير جي راجا سان بہ سندس ڏيٺ ٿي ۽ هو ايتري قدر متاثر ٿيو جو شاھ صاحب جي وفات بعد درگاھ تي نوبت لاءِ نذراني طور ڀيرون ڏياري موڪليائين. ان طرف شاھ صاحب پهريائين غالباً ملتان جي غوثي جماعت جي فقيرن جي دعوتن تي ويو ۽ پوءِ پاڻ انهن ماڳن تي ويو ۽ رهيو، جتي کانئس پوءِ (ويندي هن پوئين ويجهي دور ۾ سنہ 1930ع تائين) ’شاھ جو راڳ‘ ٿيندو رهيو.  

سنڌ کان ٻاهر ڪڇ ۽ جيسلمير طرف هن دور وارين مسافرين ۾ شاھ صاحب ڪن حال ۽ ڄاڻ وارن ناٿ- پنٿي جوڳين ۽ پڻ ڪن هنڌن تي ساڌن سنتن سان مليو، ۽ ساڻن توحيد ۽ وحدانيت جي روشني ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين. مذهب جي حقيقت ۽ حقانيت تي شاھ صاحب هن کان اڳ گهڻو سوچيو هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هو عقيدي جي ’سچائي‘ ۽ ’رسم‘ بدران ’روح‘ جو قائل ٿي چڪو هو. اعليٰ ڄاڻ وارن صوفين ۽ عارفن وانگر، شاھ صاحب ظاهري پاڪبازي ۽ لوڪ لباس بدران عقيدي جي سچائي، نيت جي صفائي ۽ مخلوق سان محبت جي تلقين ڪئي: تنبيه طور ”منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهيين“ چئي ظاهري رسم رياءُ ۽ اندر جي ٻيائي کي ننديائين؛ هندو ڌرم جي رکوالن جي ڌرمي پاٺ پوڄائن ۽ عملي ڪرتوتن کي ڀيٽيائين تہ کيس منجهن محض ٻاهرين رسم ۽ رياءُ وارو رنگ نظر آيو. تڏهن چيائين تہ: ”هندو هڏ نہ آهيين، جڻيو تو نہ جڳاء“. شاھ صاحب حق ۽ حقيقت جو ڳولائو هو، ۽ پنھنجي زندگي جي هر مرحلي تي هو مسلسل طور ڪائنات جي حقيقت، خالق ۽ مخلوق جي رشتي، انساني عقيدي ۽ ڪردار جي رسمي صورت توڙي اعليٰ معيار جو مطالعو ڪندو رهيو. زندگي جي هن دور ۾ جڏهن هو پاڻ معرفت جو صاحب ٿيو، تڏهن توحيد ۽ وحدانيت واري عقيدي ۾ ئي کيس انسان ذات توڙي ڪائنات جي وحدت نظر آئي. هاڻي هو اسلام جي حقيقت کي سمجهندڙ عارفن، توڙي ڄاڻ وارن سنتن ساڌن سان وحدانيت ۽ توحيد جي رازن کي روشن ڪرڻ لاءِ ٿي مليو.  ٻاهڙ مير− جيسلمير طرف مسافرين ۾ شاھ صاحب غالباً پورب کان ايندڙ ۽ هيڪڙائي حق مڃيندڙ ’هٿ- يوگين‘ کي ڏٺو جيڪي تن کي تسيا ڏيئي حق جي تلاش ۾ هلندڙ هئا ۽ جن جي جوڳ ۽ ڪشالي جو بنيادي عقيدو ’توحيد‘ هو. ڪن مشھور روايتن موجب شاھ صاحب ٻاهڙمير جي پريان (والهوٽي واري علائقي ۾) ڪنهن ماڳ تي ويو، جتي ’مَلي- ناٿ‘ نالي هڪ موحد ساڌو سندس معتقد ٿي ويو ۽ پوءِ ان تڪيي تي يادگار طور مسلمانن- هندن جو گڏيل ميلو ٿيڻ لڳو. ڪڇ ۾ شاھ صاحب ڪنڦاڙ ڪاپڙين جي مڙهين ۽ ڪوٽيسر ۽ نارائڻ سر مندرن جي سنتن کان سندن ويساهن ۽ پوڄائن بابت پڇيو، ۽ پڻ توحيد ۽ وحدانيت جي روشني ۾ ساڻن پيار ۽ محبت سان ويھي ورونھ ڪئي. شاھ صاحب ڪوٽيسر جي مندر لڳ واري مسجد ۾ ٽڪيو جتي سندس تسبيح يادگار طور اڃان تائين ٽنگيل آهي. پڻ شاھ صاحب ’هَنج- ڪريون‘ (ڊگهين ڳچين وارا ڪؤنرا) آنديون هيون جيڪي يادگار طور رکيل آهن. ڪوٽيسر جي مندر ۾ ويو، جتي شاھ صاحب سنتن کي سچائي واري ويساه ۽ ’هيڪڙائي حق‘ جي ترغيب ڏني جنھن کان هو گهڻو متاثر ٿيا، سندس وڃڻ کان پوءِ اندر جنھن ڀت کي شاھ صاحب پٺا ڏيئي ويٺو هو اتي ڀت ۾ محراب مثل نشان يادگار طور قائم رکيائون.  ’ڌِيڻو ڌَر‘ جبل واري مڙهي جي ڪنهن ڪاپڙي کي (ٻي روايت موجب، خود ڌرمناٿ کي) ڏٺائين جيڪو پنھنجي ٻانهن مٿي اڀي ڪري جهليو بيٺو هو. کانئس پڇيائين تہ هن چيو تہ: ’مون تپسيا طور ٻانهن کي اڀو جهلي سُڪائي ڇڏڻ جو وچن ڪيو آهي‘. تڏهن شاھ صاحب کيس تنبيھ طورر هي بيت پڙهيو تہ:

هنيون نہ سُڪايئي هوت لئي، ٿو سُڪائين ٻانهون
 ڏيکارين ٿو ڏيھ کي دَتا ڪيو دانهون
 پاڻهي مُٺئي پاڻ کي، چوين ’آديسي آئون‘
 ايءَ  پنڌ  پراهون،  ڪي  ڪي  لهندا  ڪاپــڙي.

’شاھ جي رسالي‘ جو ’سُر رامڪلي‘ هن دور جي مسافرين ۽ مشاهدن جو يادگار آهي جنھن ۾ شاھ صاحب ’ناٿ پنٿي‘ مُوحد جوڳين، سامين سنياسين ۽ ڪنڦاڙن ڪاپڙين جي حوالن ڪِناين سان توحيد ۽ وحدانيت جي نهايت دلپذير ۽ مؤثر طريقي سان تلقين ڪئي آهي. هن سر ۾ شاھ صاحب هيڪڙائي حق وارن جي وڏي تعريف ڪئي آهي، سچائي ۽ صداقت کي ساراهيو آهي ۽ رياءَ رسم کي ننديو آهي.

گندي ۽ گراه، جن سناسين سانڍيو

اني  کان  الله،  اڃان آڳاهون ٿئو.

(ز) سنڌ جي عالمن عارفن سان صحبتون ڪرڻ. 

پاڻ پروڙڻ ۽ پرجهڻ خاطر ويھن سالن کان وٺي نوجوان لطيف سنڌ جي ولين ۽ درويشن جي ماڳن مقامن تي ويو ۽ پڻ ان وقت جي ڪن سالڪن ۽ عالمن سان مليو، جن مان ڪم از ڪم ٻن وڏن حال ۽ ڄاڻ وارن بزرگن جا نالا تصديق سان معلوم آهن: هڪ ميون شاھ عنات رضوي ۽ ٻيو ميون صابر ولهاري. سيد عنات الله شاھ عرف ميون شاھ عنات، نصرپور جي رضوي ساداتن مان هو؛ سلوڪ ۽ طريقت ۾ هو سکر جي شاھ خيرالدين قادري رحه جي سلسلي سان واسبتہ هو، ۽ پنھنجي وقت ۾ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو. شاھ لطيف جي نوجواني کان وٺي ساڻس محبت ۽ نيازمندي واري ڏيٺ ويٺ ٿي. شاھ پور جو ڳوٺ جتي ميون شاھ عنات رهندو هو توڙي نصرپور جتي هو ايندو ويندو هو، اهي ٻئي ماڳ ڪوٽڙي کان گهڻو پري ڪونہ هئا. اندازاً سنہ 1120ھ کان وٺي ويندي سنہ 1133ھ ۾ ميين شاھ عنات جي وفات تائين، ٻارهن تيرهن سال کن شاھ لطيف جون ميين شاھ عنات سان رهاڻيون رهيون.  ميون صابر ولهاري، وقت جو وڏو عالم عارف ۽ تقويٰ جو صاحب هو. هو سمن جي ’ٻَرند‘ پاڙي مان هو ۽ پرڳڻي ولهار (ٽنڊي الهيار کان ڏکڻ اوڀر) ۾ درسگاه قائم ڪئي هئائين جيڪا اڳتي ٽالپور اميرن جي دور ۾ وڏي اوج کي پهتي. ميون صابر قرآن شريف جي تعليم تدريس جو عالم ۽ وڏي فقيري حال وارو بزرگ هو، جنھن جي ديدار لاءِ شاھ عبداللطيف پاڻ وڏي چاھ سان وٽس هلي ويو. ميين صابر سنہ 1135ھ ۾ وفات ڪئي ۽ مخدوم پير محمد هالائي ”صد داغ بدل“ جي فقري مان سندس وفات جو سال ڪڍيو. جيئن تہ اهو پڪو تاريخي سال آهي، انهيءَ ڪري شاھ صاحب سنہ 1135ھ ۾ يا ان کان اڳ ساڻس مليو.  

ڀٽ کي وسائڻ کان پوءِ، چاليهن سالن جي عمر بعد زندگي جي ٻئي دور ۾، شاھ صاحب جون سنڌ جي جن عالمن ۽ عارفن سان صحبتون ٿيون تن مان هيٺين بزرگن بابت (ڪتابن ۽ تحريرن مان، مشھور ۽ معتبر روايتن مان، توڙي جن ماڳن تي هو رهندا هئا اتي سندن پوين ۽ ٻين ڄاڻن جي بيانن مان) جيڪي حوالا ۽ ٽاڻا ملن ٿا تن مان تصديق ٿئي ٿي تہ شاھ صاحب جون ساڻن ملاقاتون ۽ حال واريون صحبتون ٿيون.

  • آخوند حاجي متين الدين سانوڻي هالن پراڻن جو، جنھن کي شاھ صاحب ميٽائين رنگ جو پنھنجو لباس ڏنو هو جيڪو پوين يادگار طور سنڀالي رکيو، تان جو ويندي. 80- 1887ع تائين اهو سانگي جي اُستاد آخوند احمد سانوڻي وٽ موجود ۽ محفوظ هو (لطائف لطيفي، ص 151).
  • سيد شهمير شاھ باقيل پوٽو مٽياروي (وفات 10- محرم 1177ھ) مخدوم محمد هاشم جو هونهار شاگرد هو، ۽ اسلام جي خذمت ۽ دين جي قوت ۾ ڪوشان رهيو. تحفة الڪرام ۾ سندس ذڪر آهي. شاھ صاحب جي ساڻس محبت جي واٽ هئي جو کيس حجت سان چيائين تہ هو هڪ هندو شخص کي مسلمان نہ ڪري.
  • مخدوم عبدالباسط هالائي، وڏو عالم ۽ شاھ صاحب جو معتقد هو، جنھن وٽ شاھ صاحب ايندو هو ۽ اچي ٽڪندو هو (’لطائف لطيفي، ص 152؛ لطف اللطيف، ص 166).
  • حافظ ميون اسحاق درس مشائخ پوٽو عرف ميون اسحاق بَنوري، ’مَيي مشائخ هوٿي‘ واري ماڳ کان ميل کن ڏکڻ طرف، موجود ڳوٺ ’مُلڪو دڙو‘ (تعلقو ٽنڊوالهيار) ۾ مڪتب پڙهائيندو هو. وڏو عابد زاهد هو. ٻارڙن کي نهايت پيار سان پڙهائيندو هو. شاھ صاحب اچي کيس مليو ۽ پچيائين تہ: ’ادا پاڙهين ٿو يا کارين ٿو!‘ حافظ اسحاق جواب ڏنو تہ: ’جي کاريندس تہ بہ لطيف ٿيندا‘ (يعني اکرن ۾ کريا تہ بہ اخلاق ۾ لطيف(= نيڪ ۽ پاڪ) ٿيندا). شاھ صاحب اشارو سمجهيو ۽ ساڻس وڏي محبت سان مليو. شاھ صاحب وٽس ڀيرا ڪندو هو (’مشائخ هوٿي‘ ۽ ’مُلڪو دڙو‘ ماڳن جي مشھور مقامي روايت).
  • ميون محمد مبين ٿَرائي، مخدوم محمد هاشم جو همعصر ۽ دوست، پنھنجي وقت جو وڏو عالم، ۽ درسگاھ ’چوٽياريون‘ (ضلعو سانگهڙ) جو باني هو (جيڪا پوءِ ٽالپورن جي دور ۾ وڏي اوج کي پهتي). شاھ صاحب اڪثر سانوڻ ۾ وٽس ايندو هو. هڪ ڀيري گڏجي ماني کاڌائون ۽ پوءِ صحبت ۾ ويٺا تہ گهڻو ويھي ويا ۽ البت دير ٿي وئي. جڏهن شاھ صاحب موڪلايو تہ ميين مبين چيو تہ: جهڙ ڦڙ آهي ترسي پئو.‘ شاھ صاحب جواب ڏنو تہ: ’رداء جا رضا جي سا اوڇڻ آديسين‘ پوءِ موڪلائي روانو ٿيو. (مشھور روايت جنھن جي تصديق انهيءَ مان بہ ٿئي ٿي جو اها سٽ رسالي ۾ ’سر رامڪلي‘ جي هڪ بيت ۾ موجود آهي).*  
  • مخدوم دين محمد صديقي سهروردي سيوستائي (92- 1193ھ)، اصل ’پاٽ‘ جو پوءِ اچي سيوهڻ ۾ رهيو هو. شاھ صاحب سان سندس گهاٽا دوستانا تعلقات هئا جو هڪ ٻئي سان دستارون بدلائي پڳ مٽ يار ٿيا هئا. مخدوم موصوف ظاهري علم توڙي تصوف ۽ طريقت ۾ وڏو ڪامل عامل هو (تذڪره مشاهير سنڌ، جلد-1، ص 86 ۽ 203).
  • ميون محمد صلاح بن ميون محمد عارف (ڊاسوڙي- ٽنڊي قيصر جو، پوءِ ’مٽياري‘ ۾ رهيو)، فارسي جو عالم ۽ مولانا رومي جي مثنوي جو وڏو ڄاڻو هو. شاھ صاحب جو معتقد ۽ مريد ٿيو، ۽ ٻاهر سفر ۾ هميشه ساڻس گڏ هوندو هو ۽ روانو مثنوي جو وعظ ڪندو هو. شاھ صاحب وٽ سندس وڏي عزت هئي ۽ کيس ’خليفو محمد صلاح‘ سڏيندا هئا. سنڌي ۾ ’بزغل جا ڪلما‘ جوڙيائين جيڪي ’محمد صلاح جي سنڌي‘ جي نالي سان مشھور ٿيا، پڻ شاھ صاحب جو ’سفرنامو‘ جوڙيائين جيڪو پوئين ويجهي دورر ۾ ضايع ٿي ويو.  
  • مخدوم عبدالله آگرو ڪنڊياري جو  جنھن وٽ، مسافري ۾ اڳتي ويندي يا موٽندي، شاھ صاحب ترسندو هو.
  • مخدوم محمد صديقي قريشي جيڪو سنہ 1165ھ ۾ بہ حال حيات هو. هو پنھنجي وقت جو عالم ۽ درويش هو ۽ ڪوٽڙي ڪبير (تعلقو ڪنڊيارو) ۾ مڪتب پڙهائيندو هو. سندس اهو مڪتب مخدومن جي پاڙي ۾ ’سوا لک مقام‘ جي وچ تي هو، اتي مسجد هئي جتي شاھ صاحب اچي ٽڪندو هو. مسجد جي ڀرسان هڪ لئي جو وڻ هو جيڪو پوءِ يادگار طور ’ڀٽائي صاحب وارو لئو‘ سڏبو هو ۽ سنہ 1897ع ڌاري پڻ بيٺل هو.  
  • فقير محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو فاروقي (وفات 1192ھ)، سچل جو ڏاڏو، درازن جي شهر کان ٻاهر کٻڙن جي ويڙ ۾ گوشائتو رياضت ۽ عبادت ۾ ويٺل هو جو شاھ صاحب اتان لنگهندي ساڻس مليو، ۽ سندس اشاري تي ميان صاحبڏنو ويراڳ مان نڪتو ۽ کوھ کڻايائين ۽ مسجد ٺھرايائين (’لطف اللطيف‘ ص 83- 84).
  • مخدوم محمدي (وفات 1174ھ)، مخدوم عبدالرحمان شهيد جو فرزند ۽ جانشين، جنھن جي وقت ۾ هڪ ڀيري شاھ صاحب کهڙن جي شهر جي ٻاهران چنيھ فقير اڄڻ جي کوھ تي اچي لٿو. جڏهن مخدوم صاحب کي خبر پئي تہ پنھنجو خاص ماڻهو موڪليائين ۽ تاڪيد سان دعوت چوائي موڪليائين. غالباً شاھ صاحب اڳ مخدوم عبدالرحمان شهيد سان مليو هو، جنھن کي پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي سنہ 1145ھ ۾ شهيد ڪرايو. انهيءَ اڳئين لاڳاپي جي ڪري ئي مخدوم موصوف حجت سان چوائي موڪليو تہ: هت اسان وٽ اچي رهو. پر شاھ صاحب جو اچي فقير وٽ لٿو هو سو رات اتي رهڻ مناسب سمجهيائين. انهيءَ تي شاھ صاحب، ٺڪر جي ٽڪر تي اڱر سان هيءُ بيت لکي مخدوم محمدي ڏانھن ڏياري موڪليو:

اڄ  نہ  آيــس  آنء،  صــبــح  ايـنـــدس  ســپريــن

توتي جنھن جو نانء، سو کڻي بار کُهين  جا.

شاھ صاحب ٻئي صبح مخدوم صاحب وٽ ويو. ان وقت شاھ صاحب سان راڳ لاءِ پنھنجا راڳائي فقير دنبورن سان گڏ هئا. جئن تہ مخدوم صاحب شريعت جو پابند هو سو سبب پڇيائين، جنھن تي شاھ صاحب عذر ڏيندي چيو تہ: اسان جي مجبوري آهي جو ’راڳ‘ اسان جي روحاني خوراڪ بنجي چڪو آهي. مخدوم صاحب جن چيو تہ: هت بنا سازن جي ڀل راڳ ٿئي ۽ ڀل ٻڌو، شاھ صاحب قبول ڪيو ۽ دنبورا اندر ڪوٺي ۾ سنڀالي رکيائون. رات جو نماز بعد جڏهن ٻاهران ويھي فقيرن وڏي سوز گداز سان راڳ ڪيو تہ اندر دنبورا وڄڻ لڳا. ان تي مخدوم صاحب چيو تہ: هيءُ هڪ نرالي حالت آهي ۽ شاھ صاحب بي ميار آهي. ان موقعي تي شاھ صاحب هفتو کن مخدوم صاحب وٽ ٽڪيو ۽ سندن پاڻ ۾ رهاڻيون ٿيون. مخدوم محمدي پاڻ اويسي سلسلي جو وڏو شيخ ۽ ڄائي ڄم کان الله وارو هو. هيءَ ملاقات غالباً شاھ صاحب جي زندگي جي آخري سالن 59- 1160ھ ڌاري ٿي جڏهن مخدوم صاحب اڃان 16- 17 سالن جو جوان هو.

  • چنيھ فقير اڄڻ، کهڙن جو، جنھن وٽ شاھ صاحب ٽڪيو جئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي. سندس کوھ تي لٿو هو ۽ ان کوھ جا نشان کهڙن واري پڪي رستي کان فرلانگ اوڀر طرف آهن.
  • سيد محمد بقا لڪياري (شهيد 1192ھ)، جناب پير صاحب محمد راشد ’روضي- ڌڻي‘ جو والد، جنھن سان شاھ صاحب جي ملاقات ٿي ۽ هڪ ٻئي سان حجائتي گفتگو ڪيائون. شاھ صاحب جي اها ملاقات مسافري ۾ کهڙن جي شهر کان اڳتي ويندي ڪٿي ٿي        جنھن جو ذڪر سيد محمد بقا صاحب پوءِ پنھنجي هونهار فرزند محمد راشد (1170- 1230ھ) سان ڪيو انهيءَ ڪري محمد راشد صاحب جن شاھ صاحب جي چيل بيتن ڏانھن توجھ ڪيو. هو سنڌ جو پهريون وڏو عالم ۽ قادري طريقي جو اڳواڻ هو جنھن سڀ کان اڳ شاھ صاحب جي بيتن ۾ سمايل عارفانہ فڪر کي سڃاتو ۽ ڪن کي پنھنجي وعظ ۽ نصيحت ۾ بيان ڪيو جيڪي سندن ملفوظات ۾ موجود آهن.
  • پير موسن شاھ جيلاني، ’لوءِ مبارڪ‘ (گهوٽڪي) جو عالم عارف ۽ سجاده نشين هو جنھن سنہ 1101ھ ۾ شاندار جامع مسجد جوڙائي ۽ مدرسو قائم ڪيو. شاھ صاحب جڏهن ’لوءِ‘ ۾ آيو تہ انهيءَ مسجد ۾ اچي ٽڪيو جتي پير صاحب سان روح رهاڻ ٿي. جنھن ۾ شاھ صاحب مارئي جي سُر مان پنھنجا ڪي بيت پڙهيا جيڪي پوءِ اتي پيرن صاحبن وٽ يادگار رهيا. روايت موجب شاھ صاحب جيڪو پهريون بيت پڙهيو ۽ جنھن پير صاحب تي وڏو اثر ڪيو سو هيءُ هو:

زُمر زُخرف  سومرا،  حمد  جني  جو  هنڌ

اهدنا الصراط المستقيم اهو پنهوارن پنڌ

 باري  لاهج  بند،  تہ ملان ماروئڙن کي.  

  • مخدوم محمد هاشم صاحب (وفات 1172ھ)، بلڙي جي ڀرسان بهرام پور ۾ رهندڙ هو جو شاھ صاحب جي ساڻس ڏيٺ ٿي. مخدوم صاحب سان شاھ صاحب جي ڄاڻ سڃاڻ ۽ ملاقاتن جو سلسلو پوءِ ويندي 1153- 1154ھ وارن سالن تائين قائم رهيو. انهن سالن ۾ شاھ صاحب ارادو ڪيو تہ بلڙي ۾ ميين شاھ ڪريم جي مزار تي قبو جوڙائي. مخدوم صاحب کي جڏهن خبر پئي تڏهن شاھ صاحب کي جهليائين تہ قبو نہ ٺھرائي، جنھن تي شاھ صاحب عذر پيش ڪيو تہ ميين شاھ ڪريم سان سندس بي انتها محبت آهي انهيءَ ڪري ٿو قبو جوڙائي، پر ان سان گڏ جامع مسجد بہ تعمير ٿيندي. ان بعد ملاقاتن ۾ ويجهائي ڪانہ رهي، پر باوجود ان جي شاھ صاحب کي مخدوم صاحب لاءِ آخر تائين وڏي عزت هئي.  
  • درويش ڏاتار ڏنو بن درويش اسحاق سَڪَريو (’ملاڪاتيار‘ وارن بزرگن جو وڏو جنھن جو ذڪر قانع تحفة الڪرام ۾ آندو آهي) تنھن سان شاھ صاحب جي گهڻي ڏيٺ هئي. جڏهن ميين شاھ ڪريم جي روضي ۽ مسجد جي تعمير لاءِ شاھ صاحب ڪاشيءَ جي سِرن وٺڻ لاءِ ملتان وڃڻ جو ارادو ڪيو تہ درويش ڏاتار ڏنو (جيڪو ملتان وارن بزرگن جو خاص مريد هو) ساڻس گڏجي ملتان ويو هو. (هيءَ روايت ملاڪاتيار وارن بزرگن وٽ مسلسل طور هلندي آئي آهي، ۽ راقم سان اتي جي سجاده نشين فقير محمد اسحاق مرحوم پنھنجي زباني بيان ڪئي).
  • مخدوم ڀاون شاهه، ملتان جي سهروردي غوثيه درگاھ جو سجاده نشين، جنھن سان فقير ڏاتار ڏني سان گڏ شاھ صاحب مليو ۽ صحبت ڪئي. اها ملاقات 1154- 1155ھ وارن سالن ۾ ٿي هوندي.
  • ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي، عالم ۽ صوفي، مخدوم محمد معين جو شاگرد هو ۽ خواجه محمد زمان لواري واري جو استاد هو: فارسي جو وڏو ڄاڻو ۽ شاعر هو جنھن کي مير علي شير قانع ”جامع فنون ڪمال ظاهري و باطني“ ڪري لکيو آهي، سو شاھ صاحب جي زندگي جي هن دور جي شروع ۾ ئي سندس معتقد ۽ مريد ٿيو ۽ سندس اها ارادتمندي آخر تائين قائم رهي. هن پوءِ شاھ صاحب جي ارشاد تي، شاھ حبيب جي وفات (1144ھ) توڙي ميين شاھ ڪريم جي درگاھ جي تعمير (سنہ 1165ھ) جون ابجد جي حساب سان فارسيءَ ۾ سهڻيون تاريخون ڪڍيون.
  • خواجه محمد زمان (اول) لواري وارو، جيڪو شاھ عبداللطيف جي مريد ۽ وڏي عالم ميان محمد صادق نقشبندي ٺٽوي جو شاگرد هو، تنھن سنہ 1150ھ ۾ لواري کي وسايو، جتي پوءِ غالباً ڪڇ ڏانھن ايندي ويندي شاھ صاحب ساڻس مليو ۽ ڪا گهڙي پاڻ ۾ اعليٰ معرفت واري صحبت ڪيائون. خواجه صاحب ٺٽي مان ظاهري توڙي باطني علم سان بهرور ٿي آيو هو، سو شاھ صاحب کانئس پڇيو تہ: ”فنا کان پوءِ بہ ڪو علم آهي؟“ جواب ڏيڻ بدران خواجه صاحب پاڻ سامهون سوال پڇيو تہ: ”فنا کان اڳ ڀلا ڇا آهي؟“ خواجه صاحب ان ملاقات وقت نسبتاً جوان هو ۽ چاهيائين ٿي تہ شاھ صاحب سندس مريد ٿئي، پر شاھ صاحب وڌيڪ ڪونہ ترسيو ۽ روانو ٿي ويو. خواجه محمد زمان جي نظر ۾ ”شاھ صاحب هڪ اهلِ دل عارف هو جنھن جو قلب ذڪر الاهي ۾ مشغول هو.“ (ڪتاب ”مرغوب الاحباب“، تصنيف نظر علي ٽالپور؛ لطف اللطيف، ص ص 75- 76؛ تذڪره مشاهير سنڌ، جل-3، ص 111- 113).
  • مير (سيد) محمد عطا اميرخاني ٺٽوي (وفات 3- شعبان 1178ھ)، جڏهن کان شاھ صاحب جي صحبت ۾ آيو تہ پنھنجون تلخ طبع واريون عادتون ۽ مذهبي نفرتون ترڪ ڪيائين، ۽ باوجود هڪ شيعه گهراڻي جي فرد هجڻ جي هو صاف دل صوفي ٿي پيو. شاھ صاحب بہ پوءِ کيس گهڻو ڀانئڻ لڳو ۽ ٺٽي ۾ بعضي وٽس وڃي ٽڪندو هو. سنہ 1152ھ ۾ شاھ صاحب وٽس اوطاقي هو جو اتي حبيب شاھ ڪلهوڙي نالي هڪ مجذوب درويش کي ستل ڏٺائين جنھن ٻہ ڏينهن ٻہ راتيون پاسو ڪونہ ورايو هو. تڏهن سندس ڀرسان ويھي شاھ صاحب چيو تہ: ’اي مست! توکي جيڪي ننڊر ۾ حاصل آهي سو اسان جاڳندي پيا ڳوليون؛ اهڙي ننڊر تون ڪنهن کان سکئين!.  
  • مخدوم محمد معين ٺٽوي. هو پنھنجي وقت جي چوٽيءَ جي عالمن مان هو جنھن سان شاھ صاحب جون زندگي جي هن دور جي شروع کان وٺي محبت ڀريون ملاقاتون ٿيون ۽ ويندي آخر تائين قائم رهيون. مخدوم محمد معين پنھنجي وقت جو وڏو محقق ۽ فلسفي، ابن عربي جي صوفيانہ فڪر جو علمبردار سالڪ صوفي، ۽ ’وحدت الوجود‘ جي نظريي جو وڏو حامي هو. هو ٺٽي جي وڏي عالم مخدوم عنايت الله ۽ دهلي جي وڏي عالم شاھ ولي الله جو ذهين شاگرد هو. تصوف ۾ نقشبندي طريقي جي شيخ ۽ مرشد ميان ابوالقاسم نقشبندي ٺٽوي جو مريد هو. شاھ عبداللطيف جو وڏو يار هو: بعضي پاڻ ڀٽ تي شاھ صاحب وٽ ايندو هو ۽ شاھ صاحب ٺٽي ۾ وٽس روح رهاڻ لاءِ ويندو هو. مخدوم محمد معين جي ديني ۽ فقهي ڄاڻ تي شاھ صاحب جو وڏو ڀروسو هو جو آڳاٽو ڏانهس ’اويسي طريقي‘ جي حقيقت سمجهائڻ بابت خط لکيو هئائين. مخدوم محمد معين کي شاھ صاحب لاءِ وڏي عزت بلڪ دلي محبت هئي ۽ سندس هر ارشاد جو خاص لحاظ رکندو هو.        مخدوم محمد معين سماع جو شائق ۽ ’شاھ جي راڳ‘ تي عاشق هو، ايتري قدر جو آخر حياتي ۾ بہ ’شاھ جو راڳ‘ ٻڌندي مٿس حال پئجي ويو جنھن ۾ دم ڏنائين. مير علي شير قانع ’تحفة الڪرام‘ ۽ ’معيار سالڪان طريقت‘ ۾ اهو واقعو هيٺين لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:
  • ”ڀٽ تي شاھ صاحب پنھنجن فقيرن کي چيو تہ: اچو تہ پنھنجي يار جو آخري ديدار ڪرڻ هلون. ائين چئي ٺٽي ۾ (مخدوم محمد معين وٽ آيو ۽ اتي) راڳ جي صحبت (محفل) ڪيائين جنھن ۾ مخدوم (محمد معين) پڻ شامل ٿيو. محفل جي عين گرمي ۽ ذوق واري وقت هو اٿي اندر ويو ۽ ٿوري دير ۾ دم ڏنائين. سيد موصوف (شاھ عبداللطيف) جنازي ۾ شموليت بعد ڀٽ ڏانھن موٽندي چيو تہ: ٺٽي ۾ اچڻ سندن ڪري ئي ٿيندو هو- هاڻي کانئس پوءِ ختم“ (تحفة الڪرام، جلد-3، مطبوع دهلي، ص ص 229- 230).

”آخر عمر ۾ (مخدوم معين) بہ قدوة العارفين شاھ عبداللطيف جي خذمت ۾ وڏي ارادي ۽ اخلاص وارو ٿيو. شاھ صاحب کي بہ ٺٽي ۾ مخدوم صاحب جي صحبت نهايت وڻي وئي ۽ سندس ملڻ خاطر هو ٺٽي ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ لڳو. مخدوم موصوف جي (حياتي جي) آخري ڏينهن ۾ شاھ صاحب آيو ۽ اچي راڳ جي صحبت (محفل) ڪرايائين. مخدوم کي ان راڳ ٻڌڻ سان حال پئجي ويو، ايتريقدر جو جان ڏيڻ کان سواءِ چارو ڪونہ رهيو... (جڏهن) سندس جنازو مڪلي ڏانھن پئي نيائون تہ سيد (شاھ عبداللطيف) پڻ پويان ڪانڌي ٿي پئي هليو...... شاھ عبداللطيف جنازي سان ڪانڌي ٿيڻ بعد موٽندي، پنھنجي ڪرامت ڀري زبان سان چيو تہ: ”ٺٽي ۾ پنھنجي يار جي الوداع خاطر هي اسان جو آخري ڀيرو اچڻ ٿيو.......“ (معيار سالڪان طريقت، قلمي).

ڀٽ تي هڪ جاءِ مقيم ٿيڻ وارو آخري دور (1161- 1165ھ)

مخدوم محمد معين جي وفات سنہ 1161ھ ۾ ٿي جنھن جي تصديق قانع جي ڏنل تاريخي ماده ”قطره در بحر واصل شد“ مان ٿئي ٿي. وفات بعد مٿئين بيان مان ظاهر آهي تہ شاھ صاحب کي وڏو غم ٿيو جو چيائين تہ سندس ٺٽي ۾ اچڻ جو هيءَ آخري ڀيرو ٿيندو ۽ دوست جي جدائي بعد هاڻي هو وري ٺٽي ڪونہ ايندو. ان وقت شاھ صاحب جي عمر 59 سال هئي، ۽ هو جيئن ’ڀٽ‘ تي آيو تہ وري ڪنهن ٻئي سفر تي ٻاهر ڪونہ ويو، ۽ زندگي جو باقي عرصو ڀٽ تي ئي ياد الاهي ۾ فقيرن سان گڏجي گذارڻ جو پھ ڪيائين. ان جي تصديق انهيءَ مان ٿئي ٿي جو هاڻي ڀٽ تي، اڳين مسجد واري جاءِ تي، هڪ وڏي ٽن گنبذن واري جامع مسجد ٺھرائڻ شروع ڪيائين، جيڪا بکر جي ويٺل عيدن رازي شاھ صاحب جي موجودگي ۾ سندس نظرداري هيٺ سنہ 1162ھ ۾ جوڙي راس ڪئي.   اها ساڳي ٽن گنذبن واري مسجد اڃان تائين موجود آهي. هالن پراڻن جي قاضي ابراهيم، شاھ صاحب جي ارشاد موجب، مسجد جي تعمير جي تاريخ هيٺين منظوم مصرع مان ڪڍي:  

”نادري مسجد درين دوران چہ زيبا دل رُبا“

شاھ صاحب هاڻي ڀٽ تي ئي گوڏو ڀڃي ويٺو ۽ اتي همہ تن عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول ٿيو. مير سانگي جو هيٺيون بيان شاھ صاحب جي زندگيءَ جي انهيءَ آخري دور جي عڪاسي ڪري ٿو:

”ڀٽ واري جامع مسجد ۾ هميشہ (= روزانو لازمي طور) پنجئي وقت نماز جا، جماعت سان ادا ڪندا هئا. نماز ۾ پاڻ آڏو امام نہ ٿيندا هئا. حضرت شاھ عبدالڪريم جي طريقي موجب، ٽي تسبيحون ذڪر جون صبح جي نماز ۽ ٻين نمازن وقت مقرر ٿيل هيون، جيڪي پڙهيون وينديون هيون: پهرين تسبيح ”الله هو“، ٻي تسبيح ”الله الله“، ۽ ٽئين تسبيح ”هُو هُو“. پاڻ اڪثر روزي ۾ هوندا هئا ۽ فرمائيندا هئا تہ: ”(حقيقي) ’روزه دار‘ اهو آهي جيڪو عيد جو محتاج ناهي، ۽ (حقيقي) ’عابد‘ اهو آهي جنھن ۾ ’انانيت‘ (’آءٌ‘) ناهي: مسجد بہ ماڻهن لاءِ انهيءَ ڪري سجده گاه بني آهي جو (منجهس خودنمائي ڪانهي ۽) پاڻ پٺيري ٿي ٻين جو منهن ڪعبي ڏانھن ڪيو اٿس“.  

هاڻي شاھ صاحب جڏهن ڀٽ تي ماڳائتو مقيم ٿيو تہ اتي راڳ پڻ هر جمعي رات باقاعدگي سان ٿيڻ لڳو، جنھن ڪري ڀٽ سندس مريدن ۽ معتقدن توڙي ٻين عام مرادوندن جو مرڪز بني. راڳ ٿورو گهڻو اڳ بہ فقير ڪندا هئا پر 1144ھ ۾ شاھ حبيب جي وفات کان پوءِ فقيرن راڳ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو. ان کان پوءِ وارن سورهن سالن جي عرصي ۾ راڳائي فقير وڏي سمجھ ۽ سوز سان شاھ صاحب جا بيت ۽ وايون ڳائڻ لڳا. اهڙي توجھ سان ’شاھ جو راڳ‘ هڪ اعليٰ ادارو بنجي ويو ۽ راڳائي فقير بہ راڳ ۾ وڏي ڄاڻ وارا ٿي ويا. تمر فقير راڳ جو اڳواڻ هو، ۽ سيد تقي فقير، هاشم علي فقير ريحاڻ پوٽو ۽ ٻيا سندس اڳواڻي هيٺ راڳ ڪندا هئا. سڀني راڳاين فقيرن وٽ هاڻي دنبورا پڻ هئا، ۽ جئن تہ هر جمعي رات ’شاھ جو راڳ‘ خود شاھ صاحب جي حاضري ۾ ٿيڻ لڳو تنھنڪري فقيرن جي ’راڳ واري سڏ‘ ۾ وڏو درد ۽ اثر پيدا ٿيو جنھن جو غوغاء پري پري تائين وڃي پهتو:

”لات جا لطيف جي، سڏ تنھن جو سُڄي“

هڪ طرف شاھ جي بيتن ۽ واين جي لفظن ۽ معنيٰ ۾ سمايل درد ۽ اثر، تہ ٻئي طرف خود راڳائي فقيرن جو راڳ ۾ سوز وارو ’سڏ‘- انهن ٻنهي جاذب جُزن جي ميلاپ سان ’شاھ جي راڳ‘ ۾ وڏي ڪشش پيدا ٿي جنھن هر جمعي رات ’ڀٽ‘ تي محبتين جا ميڙا لڳائي ڇڏيا.

شاھ صاحب جو عشق ۽ عرفان، ڪل ڪائنات جي خالق جي وحدانيت تائين پهچي چڪو هو، ۽ هاڻي خالق حقيقي سان وصال کان سواءِ هن عارضي زندگي واري وجود کي بي سود ڪري ٿي ڄاتائين. انهيءَ حق ۽ حقيقت جي آگاهي جو اظهار ان وقت ’سُر سنهڻي‘ جي ’وائي‘ ۾ ڪيائين جو چيائين تہ:

”ڪھڙي منجھ حساب، هئڻ منهنجو هوت ري“

اڳ هلندڙ مسلسل روايت توڙي موجودہ دور جي اعليٰ عالمانہ راءِ مطابق، انهيءَ وائي جي لحاظ سان، ’سُر سنهڻي‘ آخري ڪلام هو جيڪو شاھ صاحب چيو.  

شاھ صاحب لاءِ راڳ روحاني خوراڪ هو ۽ بالآخر راڳ جي رس ۾ ئي هيءُ جهان ڇڏيائين. پڇاڙي واري وقت، سندس ارشاد موجب، ٽي ڏينهن لاڳيتو راڳ ٿيندو رهيو ۽ شاھ صاحب پاڻ استغراق واري حالت ۾ مراقبي ۾ ويٺو رهيو. جڏهن راڳ ۾ ذرا وقفو ڪيائون تہ ڏٺائون تہ ان مراقبي واري حالت ۾ ئي شاھ صاحب جو روح پرواز ڪري چڪو هو.  شاھ صاحب جي اُستاد (ميين نورمحمد ڀَٽِي مرحوم) جي فرزند ميين ولي محمد غسل ڏياريو  ۽ شاھ صاحب جي پنھنجي ارشاد موجب کيس ان جاءِ تي دفن ڪيائون جتي هن وقت سندس مزار آهي. هجري سال 1165 جي صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ هئي جو شاھ صاحب وفات ڪئي: اها سندس پيارن فقيرن لاءِ هڪ وڏو صدمو هئي جنھن کي ڪي فقير برداشت ڪري نہ سگهيا ۽ انهيءَ غم ۾ گذاري ويا. ان وقت جي ٻن عالمن بزرگن، قاضي ابراهيم هالائي ۽ محمد پناھ ’رَجا‘ نقشبندي ٺٽوي، جيڪي ٻئي شاھ صاحب جا معتقد هئا، تن سندس وفات تي هيٺيان ’تاريخي قطعا‘ چيا جيڪي ان غمناڪ ۽ جانگداز واقعي جا يادگار آهن:

قاضي ابراهيم هالائي هيٺين قطعي ۾ ”رضوان حق“ جي لفظن مان وفات جو سال ڪڍيو:

شاھ صاحب ذوالمناقب سيد عبداللطيف
 آن که قطبِ وقت خود بودست در مردان حق
 چون زِ جام ارِجعي مخمور نوشِ وصل شد
 گفت مُلهم غَيب ربي رحلتش ”رضوان حق“
                                                    1165

محمد پناھ ’رَجا‘ سندس هيٺين ٻن شعرن جي پوئين سٽ مان رحلت جو سال ڪڍيو:

زد نعره در فراق دگر کرد سينہ چاک
 ”شد محو در مراقبہ جسمِ لطيف پاک“
                                          = 1165

گفت اين ”رَجا“ مريد سنِ ارتحال پير
 ”گرديد محو عشق وجودِ لطيف مير“
                                             1165

مٿيون بيان شاھ صاحب جي زميني زندگي جو هڪ مختصر خاڪو آهي، جيڪو ڪن معتبر تحريري حوالن ۽ ڀروسي جهڙين روايتن ۽ تصديقي ٽاڻن مان اجاگر ٿئي ٿو.  مگر انهن جملي اهڃاڻن کان وڌيڪ پڌرا ڪي ٻيا آثار آهن جيڪي شاھ صاحب جي سوانح حيات کي روشن ڪن ٿا. اهڙن آثارن مان ’ڀٽ‘ تي سندس مزار سندس خاڪي جسم جي امانت گاھ آهي؛ بلڙيءَ ۾ ميين شاھ ڪريم جو قبو ۽ جامع مسجد، ۽ ڀٽ تي شاھ حبيب جو قبو ۽ جامع مسجد سندس جوڙايل عمارتن جا يادگار آهن. ’لال لئو‘، ’ڪنڊو‘ ۽ ڪي ٻيا ماڳ مڪان پڻ سندس زندگيءَ جي ماضي وارن مرحلن جا نشان آهن. پر حقيقت ۾ ’شاھ جو رسالو‘ ۽ ’شاھ جو راڳ‘ ئي حضرت شاھ صاحب جي سوانح جا جئرا جاڳندا باب آهن. رسالي ۾ محفوظ سندس پنھنجو ڪلام، حضرت شاھ صاحب جي اعليٰ شاعري ۽ عارفانہ بصيرت تي شاهد آهي. ساڳئي وقت اهو سنڌي ٻوليءَ جو دائمي دستاويز آهي. اهو ڄڻ الهامي ڪلام آهي جيڪو شاھ صاحب جي عالمگير فڪر جو مظهر آهي، اسلامي تعليم ۽ تلقين جو روح آهي، زندگي جي مختلف مرحلن ۽ موڙن تي انسان جي فطري جذبن ۽ احساسن جو عڪس آهي، ۽ اعليٰ انساني اخلاق ۽ ڪردار جو آئينو آهي. ٻئي طرف ’شاھ جو راڳ‘ سنڌي موسيقي جو هڪ اهم تاريخي ادارو آهي، جنھن جو شاھ صاحب پاڻ بنياد وڌو ۽ ان جي تڪميل ڪئي- اهو انهيءَ لاءِ تہ درديلي ۽ مٺي آواز ۾ ڳايل سندس بيتن ۽ واين ۾ سمايل حق ۽ حقيقت، فڪر ۽ هدايت جو دلين تي خاص اثر ٿئي؛ اهڙو اثر جيڪو سالم دلين کي وڌيڪ سنواري، ڪَٽيل دلين کي اُجاري، بلڪ مُين دلين کي جياري.