
عنوان | شاھ جو رسالو - برٽش ميوزيم |
---|---|
شارح / محقق | ڊاڪٽر بلوچ (برٽش ميوزيم) |
ڇپائيندڙ | ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ |
ڇپجڻ جي تاريخ | 2014-01-01 |
ايڊيشن | 2 |
سرود سسئي
بيت
بيت - 132
مَرِي، جِيُ ته ماڻـيِين، جانِبَ جو جَمالُ؛
ٿِيين ھُوندَ حَلالُ، جي پَندِ اِھائِي پارِيِين.
بيت - 212
لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿِيو، هَلِي ڪَرِ هِمَٿَ؛
سِڄُ سامُهون منُہَ ۾، ڪہُ ۾ ڪَج مَ ڪَٿَ؛
سُپيرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄِ ڳالههِ مِڙِين.
بيت - 330
هلندي هوتَ پنوهُ ڏي، کُهجَن ڪي کوٽيون
پَهَڻ تني کي پٽُ ٿِيي، جي لالَنَ لئي لوٽيون
سَڀ سَهيليُون سِڪَ کي، چنجون ۽ چوٽيون
ٻانڀَڻِ ٿي ٻوٽيون، ته ڪُتا کينئي ڪيچ جا.
وايون
سرود سهڻي يعني توڏي
بيت
وايون
سرود پورب و رامڪلي
بيت
وايون
سرود ڪاموڏ
بيت
وايون
سرود ڪاريهل
بيت
بيت - 689
”وَحۡدَهٗ“ وائِي، چُڻندي چَيائِيون
سو لُڙُ لَنگِھيائون، جِتي پارَکَ پَکِيان.
وايون
سرود جمن ڪلياڻ
بيت
بيت - 732
پاٻوهِيو پُڇَنِّ، ڪِٿي هَٽ حَبِيبَ جو
نيزي هيٺان نِيہَ جي، پاسي پاڻُ نه ڪَنِّ
عاشِقَ اَجَلَ سامُهان، اوچي ڳاٽ اَچَنِّ
ڪُسَڻُ قُربُ جَنِّ، مَرَڻُ تَنِّ مُشاهِدو.
بيت - 733
ڪوٺي ڪُهي سُپرِين، ڪوٺي ڪُهڻَ ساڻُ
نيزي هيٺان نِيہ جي، پاسي ڪر مَ پاڻُ
ڄُلُ، وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ! اَجَلَ سامهُون.
بيت - 734
اَصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻُ ڪمُ
سَئه سِسِنئان اَڳَرو، سَندو دوسان دمُ
هِيُ هڏو ۽ چمُ پِڪَ پِريان جِيَ نه پَڙي.
بيت - 735
اصل عاشقُ پَهنجِيُون سِسيون نه سانڍين
لاهيو سِرُ، لطيف چئي، ساهُ سَلاڙِئو ڏين
ڪلنئون ڪاٽين، پوءِ پڇن پريِتَڻون.
بيت - 736
سِسي سي گهرنِّ، جي واريندَڙَ وچَ ۾
اَوءِ ڪِين ٻئو پڇنِّ، سَروجَنِ سنڀاهِيو.
بيت - 737
جان اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ جي، ته وَنءُ ڪلالين ڪاٽي
لاهي رک، لَطِيفُ چئي، مٿو وَٽِ ماٽي
تِڪَ ڏيئي پِڪَ پِيُ، گھُٽ منجھان گھاٽي
جو وَرَنَہَ وِهاٽي، سو سِر وَٽ سَرو ساهَنگو.
بيت - 738
جي مٿي وٽِ مِڙَنِ، ته سڀڪنهن سَڌَ ٿئي
سِرَ ڏني سَٽِ جُڙي، ته عاشقَ اِي اچنِ
لِڌا تي لَڀَنِ، مُل مَهنگا سُپرينِ.
بيت - 739
مُل مَهنگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَهادت
اَسان عِبادتَ، نَظَرُ نازُ پِريَنِ جا
بيت - 745
سَڌَڙِيا شراب جون، ڪُہُ پَچارُون ڪنِّ
جُہ ڪاتَ ڪَلالنِ ڪڍئا، ته موٽيو پوءِ وڃنِّ
پِڪُون سي پِينِّ، سِرَ جَني جا سَٽِ ۾.
بيت - 746
مَ ڪَرِ سَڌَ شراب جي، جان تون ٽارِيين ٽُوهُ
پيتي جنہ پاسي ٿيي، منجھان رَڳُن رُوح
ڪاٽي چَکُ ڪڪُوهُ، لاهي سِرُ، لَطِيفُ چئي.
بيت - 747
ناڻي ناهِ ڪَڪُوهُ، ڪِه مل مَهَنگو مَنڌُ
سَنباهج، سيّد چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪَنڌُ
هِيُ تنِي جو هنڌُ، مَٽَن پاسِ مَرَنِ جي.
بيت - 751
اُڀِي عاشقنِ کي سوري سڏَ ڪري
جان ڪا اٿيئي سڌَ سڪڻ ۾ ته کڻُ مَ پيرُ ڀري
سِسِي ڌارَ ڌري، پُڇج پوءِ پِريتَڻو.
بيت - 752
سوريَ سڏُ ٿئو، ڪا هلندي جيڏيون
وڃڻُ تَنِ پئو، نالو نينہ ڳِنَنِ جي.
بيت - 753
سُوريءَ جي سَؤ وارَ، ڏيهاڻي چَنگ چڙهين
جِمَ وِرچي ڇڏيين، سِڪڻ جي پَچَار
پِرت نه پسِين پارَ، نيهن جِئان ئي نِڱئو
بيت - 763
سِرَ جدا ڌڙَ ڌارَ، دوڳَ جَني جا ديڳ ۾
سي مَرُ ڪَنِ پچارَ، حاضُرُ جَني هٿَ ۾.
بيت - 764
اڳيان اَڏِنِ وَٽِ، پويَن سِر سنباهيا
ڪاٽ نه پوين قبولَ ۾، مَڇُڻ ڀائيين گَھٽِ
مٿا مُهايَنِ جا، پيا نه ڏِسين پَٽِ
ڪلالڪي هَٽِ، ڪاٽَڻ جو ڪوپُ وَهي.
بيت - 765
ھَڻُ حبيبَ ھٿَ کِڻي، ٿيڪَ مَ، ٿورو لا
پرين تھنجي گها، جي مران تہ مانُ لھان.
بيت - 766
هڻي جي حبيبُ، مَحَبتي مَيا ڪري
پُڇان ڪينَ طبيبَ، گهائَن سين ٿِي گهاريان.
بيت - 767
جِتي حبيبَ هڻن، ڀري نائُڪَ نِيہَ جي
تِتي طبيبنِّ، وڄا وڃي وسَري.
بيت - 768
چوري چَنگُ ٻَنگُ لهي، حبيبنِ هنيوس
ٻُجهان پاڻُ لڳوس، ڪانارئو ڪَرُ کڻي.
بيت - 769
ڪانارِئا ڪُڻِڪَنِ، جنِين لوهُ لِڱَنِ ۾
محبتَ جي ميدانَ ۾، پئا لالَ لُڇَنِ
پاڻَهِين ٻَڌنِ پَٽِيـُون، پاڻَهِين چِڪِئا ڪَنِ
وَٽان واڍوڙِئنِ، رهِي اَچجي راتڙِي.
بيت - 770
رهي اَچجي راتڙِي، واڍوڙِينِ وَٽاءُ
جن کي سورُ سريرَ ۾، گَھٽَ مَنجھاران گھاءُ
لِڪائي لوڪاءُ، پاڻهين ٻَڌنِ پَٽِـيُون.
بيت - 771
ويچارا واڍوڙَ، سدا شاڪرَ سورَ سين
تاڻينِ مٿي توڙَ، اوري ڪنِ نه آسرو.
بيت - 772
ديڳين دوڳَ ڪَڙهنِّ، جتي ڪَڙِي ڪڻُڪو نه لهي
تتي طبيبنِّ، چاڪَ چِڪندا ڇڏِئا.
بيت - 773
جانڪي ڪري طبيب، دارون هِنَ دردَ جا
هڻئو سي حبيبُ، اُکوڙئو اَڌَّ ڪري.
بيت - 777
وَحدَه جي وَڍِئا، ڪِئا ”اِلا اللهُ“ اَڌَّ
سي ڌڙ پَسِي سڌّ، ڪِنہ اَڀاڳي نه ٿيي.
بيت - 778
وَحدَه لا شَريڪ لَہ، جان ٿو چُوئين ايئن
مَڃُّ محمّد ڪارَڻي، نِر تون منجها نيهن
تان تون وڃئو ڪيئن، نائيين سِرُ ٻين کي.
بيت - 779
وَحده لا شريڪَ لہ، جڏهن چيو جَنِّ
تن مڃيو محمّد ڪارڻي، هيجان ساڻُ هِنيَنِ
تڏهن منجها تَنِ، اَوتَڙِ ڪو نه اولِئو.
بيت - 780
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ
تن مڃئو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرقان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اولئا.
بيت - 781
اَوَتڙَ ڪنہ نه اولِئا، سُتَڙِ ويا سالِمَ
هيڪائِي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ
بي بها بالِمَ، آگي ڪِئا اڳَهِين.
بيت - 782
آگي ڪئا اڳَهِين، نسورو ئي نُورُ
لَا خَوفٌ عَلَيهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور
مولي ڪِئو مَعمُور، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو.
بيت - 786
سو ئِي راهَ رَدِّ ڪري، سو ئي رَهَنُماءُ
وَ تُعِزُّ مَنۡ تَشَاءُ، وَ تَذِلُّ مَنۡ تَشَاءُ آهي سڀ اُتا.
بيت - 791
حبيبنِ هيڪارَ، منجهان مِهرَ سڏُ ڪِئو
مون کي سڀَ ڄمارَ، اورڻُ اُهو ئي ٿئو.
بيت - 792
پاٻوهي هيڪارَ، مون کان پُڇئو سَڄَڻين
اَلَسۡتُ بِرَبِّڪُمۡ، چَيائون جنهن وارَ
سَندي سورَ ڪِنارَ، تَنَ تَڏاهَڪُون نه لهي.
بيت - 793
عشقَ جي اَسبابَ کي پَرِ ۾ پڇئائون
آخَرُ ”والعَصرِ“ جو اِيهين اُتائون
تِهان پوءِ آئون، سِڪان ٿي سلام کي.
بيت - 794
سِڪِين ڪُہ سَلامَ کي، ڪَرين ڪُہ نه سَلامُ
ٻئا دَرَ تن حرامُ، اِيُ دَرُ جَنِي ديکئو.
بيت - 795
مِٺايان مِٺو گھڻو، ڪَڙو ناه ڪَلامُ
سُڪُوتُ ئِي سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.
بيت - 796
پريان سَندي پارَ جي، مِڙئا مِٺائي
ڪانهي ڪَڙائي، چَکِين جي چيتُ ڪري.
بيت - 807
ڪوٺڻُ قَريبَـنَ جو، عيـنُ تَڙڻُ آهِ
اِيَ اُلٽي ڳالَھڙِي، سِڪَ وَرَندِي ساهِ
آسَرَ هَڏِمَ لاهِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
بيت - 813
وڃڻ دَرِ دوستن جي، هَرَ هَرَ هَرڙائِي،
پاڙي ڏانہ پِرينِ جي، اُجهه مَ آوائِي
اَلڙِ ٿِي مَ آڇِ تون، واٽاڙُوئن وائِي
لائِيندي، لَطِيفُ چئي، سُوران سَرهائِي
ڳُجھو ڳالهائِي، پِرتِ وَٽجي پاڻ ۾.
بيت - 833
ترسُ طبيبنِّ، آهي اَگَهن جو گهڻو
ڪِئو وسُ ويڄنِّ، تان ڪِريَ ري ڪِينَ ٿئي.
بيت - 834
ويڄنِ سين وائيَ پئا، ڪِري نه ڪِئائون
جي پَندُ پاريائون، ته سِگهائِي سَگها ٿئا.
بيت - 835
ويڄن سين وائيَ پئا ڪِري ڪَنِ نه پاڻَ
اَگها اِنَ اُهڃاڻَ، پَسو سُور سِجهائيا.
بيت - 837
تَرَسُ طبِيبنِّ جو جَڏَهِن ڪِئو نه جاتِ
جو ويڄنِ جي واتِ، دارون تِهِين دُور ٿئا.
بيت - 839
اگهائِي سَگها ٿئا، جي وِيٺا وٽ ويڄنِّ
ته تَرسي طبيبنِّ، چيٺي هوندَ چڱان ڪِئا.
بيت - 843
اُٿياري اٿي وِئا، مَنجھان مُون آزارَ
حبيبَ ئي هڻِي ويا، پِيڙا جي پَچار
طَبيبن تَوارَ، هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون.
بيت - 844
هَڏِ نه وَڻي هاڻِ ٿو ويڄنِ جو وِصالُ
هِنَ مهنجي حال، حبيب ئي هادي ٿِئو.
بيت - 845
حبيبُ ئي هادِي ٿئو رَهنَما راحتَ
پِيڙا نيائون پاڻ سين لائي ڏيئي لَتَ
سُپيريان صِحَّتَ، ڏنِيَمِ منجها ڏُکندي.
بيت - 846
ڏورِ ڏُکَندو اُو ٿئي، هادِي جنہ حَبِيبُ
تِرُ تَفاوتُ نه ڪري، تنهنکي ڪو طَبِيبُ
رَهَنُما رَقِيبُ، ساٿَرِ آهي سُپِرين.
بيت - 847
ساٿَرِ صِحتَ سُپِرِين، آهي نه آزارُ
مجلسَ ويرَ مِٺو ٿئي، ڪوٺِيندي قَهارُ
خَنجرُ تِنہ خُوب هڻي، جِنہ سين ٿيي يارُ
ساڄن مون ستار،ُ، سوجھي رَڳُون ساهَ جيون.
بيت - 848
تو جنِي جي تاتِ، تن پڻ آهي تُهنجي
’فَاذۡڪُرُونِي اَذڪُرۡ ڪُمۡ‘، اِيَ پَرُوڙِج بات
هَٿِ ڪاتي ڳُڙُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِين جي.
بيت - 850
ڄاڻي ٻُجهي جَنّ، توسين سورَنِ سَڃَّ ڪئي
تون ڪئن سنديون تَنِّ، پَرَ سين پچارون ڪريين.
بيت - 853
ڪُهي سو ڪَرَ لَـهَي، ڪوٺي سو قَريبُ
اِها عادتَ سِکئو، هَر زَمان حبيبُ
تِڇي سو طبيبُ، سو ئي راحتَ رُوحَ جِي.
بيت - 854
ڪُهَنِّ تان ڪَرَ گهران، جان ڪَرَ لَـهَنِ تان ڪُهَنِّ؛
سيئِي مون! مُهنِ، سيئي راحتَ رُوحَ جِي.
بيت - 856
وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنهِين، رَڳُون ٿيون ربابُ
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٻِئو، جانِبُ ري جَوابُ
سو ئِي عينُ عَذابُ، سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي.
بيت - 858
حبيبُ تون، طبيبُ تون، تونهين دارُون دَردَنِ
تون ڏِيين، تون لاهِين، ڏاتَارَ! کي ڏُکندَنِ
تڏهن ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪن، جڏهن اَمرُ ڪرهو اُنِ کي.
بيت - 859
حبيبُ تون، طبيبُ تون، تونهين دَردَ جي دَوا
جانِبَ! مهنجي جِيءَ ۾ آزار جا اَنواع
صاحبَ! ڏيين شِفا، ميان! مريضنِ کي.
بيت - 860
حبيب تون، طبيب تون، تونهين دردن ڊَبُّ
تون ڏيين، تون لاهيين، تونهين هِادي رَبُّ
آهِمِ اِيُ عجبُ، جئن وارئو ويڄَ وهاريين.
بيت - 861
حبيب تون، طبيب تون، تونهين دردَ جو دارون
دوا آهين دل کي، تُهنجون تَوارون
ڪريان ٿي ڪارُون، جئن ٻُڪي ٻِئنون نه ٿيي
بيت - 869
ڪاتِيَ ڪونِہِ ڏوهُه، ڳنُ وڍيندڙَ هٿَ ۾
پَسئو پَرِ عظيمَ جي لچئو وڃي لوهه
عاشقنِ اَندوهُه، سدا معشوقنِ جو.
بيت - 870
جان وڍيين تان ويهه، ناته وٺئو واٽ وانءُ تون
هي تني جو ڏيهه، ڪاتي جن جي هٿ ۾
بيت - 871
ڪاتي جَنِ ڳَري، مان لَئُه لڳو تَنِ سين
محبت جي ميدانَ ۾، وَڃَهُون پيرُ ڀري
اڏي سِرُ ڌري، مان ڪُهَنِ سُپرين.
وايون
سرود سراڳ
بيت
وايون
سرود سامونڊي
بيت
بيت - 923
پَڳَهَہ پاسي پَچُ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي
مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهِرِي.
وايون
سرود کنڀات
بيت
وايون
سرود بروئه
بيت
وايون
سرود سورٺ
بيت
وايون
سرود کاهوڙيان
بيت
وايون
سرود رپ
بيت
وايون
سرود گهاتو
بيت
وايون
سرود ليلان چنيسر
بيت
وايون
سرود پرڀاتي يعني جاجڪاڻي
بيت
وايون
سرود ڏهر
بيت
وايون
سرود ڪاپائتي
بيت
وايون
سرود ڌناسري
بيت
وايون
سرود عمر و مارئي
بيت
وايون
سرود آسا
بيت
وايون
سرود بلاول و صبحي
بيت
وايون
سرود مومل و راڻو
بيت
وايون
سرود هير و رانجها
بيت
وايون
سرود سارنگ يعني ملار
بيت
بيت - 1727
لڳہ پس، لطيف چئي، لڳئيو آهي
وُسئو مِينھُن وَڏَ ڦُڙيو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي
سنڌ ڇَڏي پَٽِ پَهرو، سَمَرُ سَنڀاھي
وِھو مَ لاھي، آسِرو اَللھَ ڏي.
وايون
ڪيڏاره يعني مرثيہ امامؑ
بيت
بيت - 1785
ڏِٺو مُحَرَّمُ ماهُ، سَنڪــو شَهـزادَنِ ٿِـئـو؛
ڄاڻي ھيـڪُ اَللهُ، پاڻَ وَڻَندِيُون جو ڪَري.