آگم ڪيو اچن...

Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words:
Lexical Words:*
Non-lexical words:**
Lexical Density:

* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection

Literary Analysis
Analysis: Humankind finds solace in exalting the Divine, as Bhittai sings with timeless reverence. We honor a singular, all-knowing Creator whose boundless compassion sustains the universe, uniting hearts across divides and challenging fleeting powers with eternal truth. Like the Persian poet Rumi, who saw divine unity in all existence, Bhittai’s verse calls us to find purpose and harmony through devotion, a truth that binds every soul, from worshiper to wanderer, in any land or era.
Themes: Praise of AllahUnity and Compassion
بنيادي خيال: الله جي ساراھوحدت ۽ رحمت
Philosophic Reflection Rumi
ڀٽائي پيڊيا جو واٽس ائپ چئنل فالو ڪريو

QR Code of This Bait

- سُر ڪلياڻ جَي يڪتائي جو بيت

اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.

رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو

سمجهاڻي

سڀ کان پھرين (تعريف جي لائق) الله آهي جيڪو سڀني کان وڌيڪ ۽ سدائين ڄاڻندڙ آهي. جيڪو سڀني کان مٿانھون ۽ سموري ڪائنات (جڳ جھان) جو مالڪ (مختار) آهي. (فقط) اهو ئي پنھنجي طاقت ۽ قوت سان (هر شيءِ تي) قادر (قدرت وارو) آهي. اُهوئي ازل (جنھن جي ڪا شروعات ناهي) کان محڪم ۽ موجود آهي. اُهو ئي مالڪ يعني موليٰ آهي. جيڪو هڪ ئي هڪ آهي، لاشريڪ ۽ اڪيلو آهي (هن جھڙو ٻيو ناهي) اُهو ئي سڀني کي روزي رسائيندڙ، پالڻ وارو ۽ هميشه ٻاجهہ وارو آهي.
(بيشڪ) تون اهڙي سچي سائينءَ جي ساراھ ۽ تعريف ڪر، جيڪو وڏي ۾ وڏي حڪمت (دانائيءَ) وارو آهي. اُهو ئي سدائين سڀني کي پيو نوازي ۽ جوڙن (نر ۽ مادي) منجهان سڄي جھان کي پيو جوڙي ۽ خلقي. (فقط اُهو ئي پنھنجي مهربانيءَ سان) سڄي ڪائنات کي ٿو هلائي.
[هن بيت ۾ ڪائنات جي خالق ۽ مالڪ جي ساراھ ۽ تعريف ڪيل آهي. هن بيت ۾ الله تعاليٰ جا سورهن نالا آندل آهن. الله جي نالن کي قرآن ۾ ’اسماءَ الحسنيٰ‘ (سهڻا نالا)، سڏيو ويو آهي. حديث جي ڪتابن ۾ عام طور الله سائينءَ جا نوانوي نالا ڄاڻايل آهن، ليڪن درحقيقت اهي نالا بيشمار يا اڻ کٽ آهن. ’الله‘ اسم ذاتي چئبو آهي، صوفين وٽ اهو ’اسم اعظم‘ بہ آهي.
الله جي ذات ۽ صفات ۾ ڪو شريڪ ناهي يا هو پنھنجي ذات ۽ صفات ۾ هڪڙو (واحد) آهي. صوفين جي نظر ۾ مخلوقات يا موجودات الله جي اسمن ۽ صفتن جو مظھر آهي. ان لحاظ کان اول مان مراد اها ذات آهي جنھن جي نہ ابتدا آهي ۽ نہ آغاز آهي. الله اسم ذاتي هجڻ سان گڏ سڀني الاهي صفتن جو جامع آهي. يعني هن هڪ نالي وٺڻ سان سڀ نالا اچي وڃن ٿا.
’عليم‘ يعني گهڻو ڄاڻندڙ. هتي اهو ٻڌائڻ گهرجي تہ علم ڪلام موجب خدا جي ستن صفتن کي بنيادي صفتون چيو ويو آهي ۽ اهي آهن: حيات، علم، قدرت، ارادو، سمع، بصر ۽ ڪلام. عليم جو مطلب آهي تہ الله هر شيءِ جي پيدا ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي ان کي ڄاڻي ٿو. هن جو ڄاڻڻ ان ڪري بہ ضروري آهي تہ جيستائين ڪنھن شيءِ جي ڄاڻ نہ هوندي، تيستائين ان جي تخليق ٿي نہ سگهندي.
’اعليٰ‘ معنيٰ سڀ کان مٿانھون، جنھن کان مٿي ٻئي ڪنھن جو مرتبو ناهي. ’عالم جو ڌڻي‘ مان مراد مالڪ الملڪ جو اسم آهي. هو اهڙو مالڪ آهي جنھن کي اختيار آهي تہ مخلوق تي جيڪو حڪم وڻيس سو هلائي، ان کان ڪو پڇڻ وارو ڪونهي. قادر يعني قدرت وارو يعني هو ٻئي ڪنھن جي مدد کان سواءِ هر شيءِ کي پيدا ڪرڻ وارو آهي ۽ ان تي حڪم هلائڻ وارو آهي. قائم جو مطلب آهي تہ هو پنھنجي ذات سان پنھنجو پاڻ قائم آهي، هو ٻئي ڪنھن وجود يا هستي جو محتاج ناهي. هن کي پنھنجي وجود لاءِ ٻئي ڪنھن سھاري جي ضرورت ناهي، بلڪ ٻيون سڀ شيون هن جي وجود سان قائم آهن. قديم مان مراد آهي تہ هو ابتدا ۽ انتھا کان پاڪ آهي. هن جي ذات ازلي ۽ ابدي آهي. هو آدجڳاد کان آهي.
’والي‘ مان مراد سنڀاليندڙ يا رکوالو آهي. ساري مخلوقات هن جي سنڀال ۾ آهي ۽ هو پنھنجي قدرت ۽ تدبير سان ڪائنات جو انتظام هلائي ٿو. ’واحد وحدہ‘ يعني هڪڙو هيڪڙائيءَ وارو. ان مان مراد آهي تہ جيئن هو پنھنجي ذات ۾ هڪڙو آهي تہ صفتن ۾ بہ هڪڙو آهي. هونئن واحد ان کي چئبو آهي جنھن جا ڪي بہ حصا ٿي نہ سگهن. هو هر لحاط کان هڪڙو آهي.
رازق جو مطلب آهي تہ هو سموري مخلوقات جي روزيءَ جو ضامن آهي، ۽ هر شيءِ کي روزي رسائي ٿو. ربّ مان مراد پاليندڙ آهي. هو زمين ۽ آسمانن جو پاليندڙ آهي ۽ هر ننڍي شيءِ کان وٺي وڏي شيءِ جو پالڻھار آهي ۽ انهيءَ جي پالنا جو سمورو بندوبست سندس ڪيل آهي. رحيم معني بخشيندڙ ۽ رحمت ڪرڻ وارو، جيڪو پنھنجن ٻانَهن جي خطائن، ڏوهن ۽ گناهن کي ميٽي ٿو ۽ خاص طور آخرت ۾ معاف ڪرڻ وارو آهي.
بيشڪ هر عقل ۽ شعور واري کي اهڙي سچي سائينءَ جي واکاڻ ۽ تعريف ڪرڻ گهرجي جيڪو واقعي تعريف جي لائق آهي. اهو ئي حڪيم يعني حڪمت وارو آهي ۽ شين جي حقيقت کي ڄاڻي ٿو تہ ڪھڙي شيءِ کي ڪھڙي ڪارج واسطي پيدا ڪيو اٿس. هن جو ڪوبہ ڪم حڪمت کان خالي ناهي. هو ڪريم ان ڪري آهي جو سندس نعمتون بغير حساب آهن. هو پنھنجي مڃڻ ۽ نہ مڃڻ وارن سڀني تي پنھنجي مهرباني ۽ ڪرم ڪري ٿو. اهو ئي اهڙو خالق آهي جنھن جوڙن مان جھان کي خلقيو آهي.
قرآن شريف ۾ پڻ ڪيترن هنڌن تي اها سمجهاڻي ملي ٿي تہ هر شيءِ کي جوڙن جي صورت ۾ پيدا ڪيو ويو آهي تہ جيئن توهان ان مان هدايت حاصل ڪريو.
ومن کل شيءِ خلقنا زوجين لعلکم تذکرون (سورة الذاريات، آيت 49)
ترجمو: ۽ اسان هر شيءِ جا جوڙا جوڙا بڻايا تہ جيئن اوهان نصيحت وٺو.
مثنوي روميءَ ۾ بہ ان ڳالهہ جي عام فھم سمجهاڻي ملي ٿي تہ جھڙيءَ طرح تاڙي ٻن هٿن کان سواءِ نہ وڄندي آهي، تيئن هيءَ ڪائنات هر لحاظ کان جوڙن جي صورتن جو منظر پيش ڪري ٿي. رومي چوي ٿو تہ آسمان مذڪر آهي تہ زمين مؤنث!
جمله اجزاي جھان زآن حکم پيش،
جفت جفت و عاشقان جفت خويش.
(دفتر سوم، ب 4401)
معنيٰ: هن جھان جا سڀ جزا حق تعاليٰ جي حڪم موجب جوڙا جوڙا آهن ۽ هڪ ٻئي جا عاشق آهن.]

[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]

Commence with the invocation of Allah, the Supreme Being and the Ruler of the entire cosmos** By His divine authority, He possesses unlimited power that has existed since eternity** He is eternal and immutable** He is the bestower of sustenance, the nurturer, and the embodiment of compassion** Let us extol and laud Him, for indeed all praise belongs to Him** He is the All-Wise** Through His benevolence, He has perfected the universe by fulfilling all its needs with utmost precision**

گنج ۾، سرود ڪلياڻ و جمن، بيت نمبر : 944

اَوَّلُ اَللهُ عَلِيْمُ اَعْلىٰ عَالَمَ جُوْ ڌَنِيْ﮶
قَادِرُ پَھْجِيَ قُدْرَتَس﮼ قَائِمُ آہِ قَدِيْمُ﮶
وَالِيْ وَاحِدُ وَحْدَہٗ رَازِقُ رَبُّ رَحِيْمُ﮶
سُوْ سَارَاہِ سَچُوْ ڌَنِيْ چَئِيْ حَمْدُ حَکِيْمُ﮶
ڪَرٖيْ پَانِ ڪَرِيْمُ جُوْرٌ جُوْرَ جِھَانَجِيٌ﮶

TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी

अव्वलि अल्लाहु अलीमु। अआला आलम जो धणी।
क़ादिरु पंहिंजी क़ुदरत सें। क़ाइमु आहे क़दीमु।
वाली। वाहिदु। वह्दहु। राज़िक़ु रब्बु रहीमु।
सो साराहि सचो धणी। चई हम्दु हकीमु।
करे पाण करीमु। जोड़ूं जोड़ जहान जी॥

ROMAN SINDHI

Awal'e, Allah'u, Aleem'u, Aala, Aalam'a jo DhaNi,
Qadir'u panhinji qudrat'a seen, Qaim'u aah'e Qadeem'u,
Waali, waahid'u wahdahu, raaziq'u rabb'u raheem'u,
Sou saraah'e sacho dhaNi, chai hamd'u hakeem'u,
kary paaN'a kareem'u, joRoon joR'a jahan'a ji.

TRANSLATIONS
  • Abkhaz
  • Acehnese
  • Acholi
  • Afar
  • Afrikaans
  • Albanian
  • Alur
  • Amharic
  • Arabic
  • Armenian
  • Assamese
  • Avar
  • Awadhi
  • Aymara
  • Azerbaijani
  • Balinese
  • Baluchi
  • Bambara
  • Bashkir
  • Basque
  • Batak Toba
  • Batak Karo
  • Batak Simalungun
  • Belarusian
  • Bemba
  • Berber
  • Betawi
  • Bhojpuri
  • Bosnian
  • Breton
  • Bulgarian
  • Buryat
  • Cantonese
  • Catalan
  • Cebuano
  • Central Bikol
  • Chamorro
  • Chechen
  • Chichewa
  • Chinese (Simplified)
  • Chinese (Traditional)
  • Chuukese
  • Chuvash
  • Corsican
  • Crimean Tatar (Cyrillic)
  • Crimean Tatar (Latin)
  • Croatian
  • Czech
  • Danish
  • Dari
  • Dhivehi
  • Dinka
  • Dogri
  • Dombe
  • Dutch
  • Dyula
  • Dzongkha
  • English
  • Esperanto
  • Estonian
  • Ewe
  • Faroese
  • Fijian
  • Filipino
  • Finnish
  • Fon
  • French
  • French (Canada)
  • Frisian
  • Friulian
  • Fulani
  • Ga
  • Galician
  • Georgian
  • German
  • Greek
  • Guarani
  • Gujarati
  • Hakha Chin
  • Haitian Creole
  • Hausa
  • Hawaiian
  • Hebrew
  • Hiligaynon
  • Hindi
  • Hmong
  • Hunsrik
  • Hungarian
  • Iban
  • Icelandic
  • Igbo
  • Ilocano
  • Indonesian
  • Inuktut (Syllabics)
  • Inuktut (Latin)
  • Irish
  • Italian
  • Jamaican Patois
  • Japanese
  • Javanese
  • Jingpo
  • Kalaallisut
  • Kannada
  • Kanuri
  • Kapampangan
  • Kazakh
  • Khasi
  • Kiga
  • Kikongo
  • Kinyarwanda
  • Kituba
  • Konkani
  • Korean
  • Krio
  • Kurdish (Kurmanji)
  • Kurdish (Sorani)
  • Kyrgyz
  • Lao
  • Latin
  • Latgalian
  • Latvian
  • Ligurian
  • Limburgish
  • Lingala
  • Lombard
  • Luo
  • Luxembourgish
  • Macedonian
  • Madurese
  • Malagasy
  • Malay
  • Malay (Jawi)
  • Malayalam
  • Mam
  • Manx
  • Maori
  • Marathi
  • Marwadi
  • Mauritian Creole
  • Meadow Mari
  • Meiteilon (Manipuri)
  • Minang
  • Mizo
  • Mongolian
  • Myanmar (Burmese)
  • Ndau
  • Ndebele (South)
  • Nepali
  • Nepalbhasa (Newari)
  • NKo
  • Nuer
  • Occitan
  • Odia (Oriya)
  • Oromo
  • Ossetian
  • Pangasinan
  • Papiamento
  • Pashto
  • Persian
  • Polish
  • Portuguese (Brazil)
  • Portuguese (Portugal)
  • Punjabi (Gurmukhi)
  • Punjabi (Shahmukhi)
  • Quechua
  • Romani
  • Rundi
  • Russian
  • Samoan
  • Sanskrit
  • Santali (Latin)
  • Santali (Ol Chiki)
  • Scots Gaelic
  • Sepedi
  • Serbian
  • Seychellois Creole
  • Shan
  • Shona
  • Sicilian
  • Silesian
  • Sinhala
  • Slovak
  • Slovenian
  • Somali
  • Spanish
  • Sundanese
  • Susu
  • Swahili
  • Swati
  • Swedish
  • Tahitian
  • Tamazight
  • Tamazight (Tifinagh)
  • Tamil
  • Tatar
  • Telugu
  • Tetum
  • Thai
  • Tibetan
  • Tigrinya
  • Tiv
  • Tok Pisin
  • Tongan
  • Kokborok
  • Tsonga
  • Tshiluba
  • Tulu
  • Tumbuka
  • Turkish
  • Turkmen
  • Tuvan
  • Twi
  • Udmurt
  • Ukrainian
  • Urdu
  • Uyghur
  • Uzbek
  • Venda
  • Venetian
  • Vietnamese
  • Waray
  • Welsh
  • Wolof
  • Xhosa
  • Yakut
  • Yiddish
  • Yoruba
  • Yucatec Maya
  • Zapotec
  • Zulu

  • To begin with, I begin in the name of Allah, the Omniscient, the Supreme and the Lord of the Universe; by His Divine powers He is the Omnipotent since infinity. He is Uncreated and Unchangeable. (He is the very first, before whom there was no first, and the very last) He is the provider of sustenance, He is the Fosterer and the Compassionate. Praise Him - the real Lord! Verily all praise is due to Him. He is the Sagacious. (His knowledge is all-Encompassing. It was His kindness that Allah, the Compassionate, perfected the universe by satisfying all its requirements in due measure.
    Note: I have interpreted the word اوّل as ‘to begin with’, (being the first word of the Risalo) and as b) “Allah is the very first”.
    Verily We have created everything proportionately. (49, Al-Qamar).
    His is the sovereign of the skies and the earth; He gives life and He causes death; and He has power over all things . (2, Al-Hadid).
    He is the First and the Last and the Manifest and the Hidden, and He knows all things fully well. (3, Al-Hadid).

    Foremost, omniscient and supreme is world's Lord,
    Of his own might in existence since infinity old, Mighty creator,
    Merciful sustainer, one and only, His praises sing,
    He planned and perfected the universe.

    The One Creator, the all greats;
    Lord of the universe
    The living, the original;
    Ruler with power innate;
    The giver, the sustainer,
    the unique , compassionate;
    This master praise, to Him alone
    Thy self in praise prostrate..
    The generous, who does create
    the universe in pairs.

    Foremost, omniscient and supreme is world's Lord,
    Of His own might in existence since aeons old,
    Mighty creator, merciful, sustainer, one and only,
    His praises sing, He planned and perfected the universe.

    Allah, the very first the Omniscient,
    The Supreme, the Lord of the Universe,
    The Omnipotent is there since infinity by His own Omnipotence,
    the uncreated,
    The Lord, the One, the Unique, the Provider, the Master, the Merciful,
    Praise the true Lord by singing hymn of wisdom,
    The Generous One Himself sustains the universe.


    هو الله الأول العليم وهو الأعلى ورب العالمين.
    وبقدرته هو قائم وهو قادر وقديم
    واليّ و واحد وحده والرزاق والرّب والرّحيم
    الحمد لله الصادق الحكيم وهو يُدَبّرُ الأمر للعامين۔
    هو بنفسه کریم. وهو خالق كل شئي.

    و هو الله الأول العليم وهو الأعلى ورب العالمين.
    وبقدرته هو قائم وهو قادر وقديم
    والي واحد وحده والرزاق والرب و الرحيم
    الحمد الله الصادق الحكيم وهو يدبر الأمر للعالمين،
    هو بنفسه كريم وهو خالق كل شيء.


    خدائی لم یزیل اول، بَلی اعلیٰ علیم از کل
    بلاشک قادر مُطلق، بجا قائم قدیم از کل
    ھمان پروردگارِ عالم و والی و یکتا ھم
    کریم و کارساز و لایقِ حمد اَن حکیم از کل۔


    والی جگ دا سبھہ توں اُتم، گھٹ گھٹ جانن ھارا
    اپنی قدرت دا اوہ قادر، سبھہ جگ سرِجن ھارا
    رازق رب رحیم ھے اکو، رزق پچاون ھارا،
    صفتاں کرن سیانے سارے، اللہ پنی سچیارا
    خالق رب کریم اساڈا، رچنا جوڑ بنائی۔


    تیری ہی ذات اول و آخر تو ہی قائم ہے اور تو ہی قدیم
    تجھ سے وابستہ ہر تمنا ہے تیرا ہی آسرا ہے ربّ کریم
    کم ہے جتنی کریں تیری توصیف تو ہی اعلیٰ ہے اور تو ہی علیم
    والیِ شش جہات واحد ذات رازقِ کائنات، ربِ رحیم

    اول اللہ علیم، اعلیٰ عالم کا دھنی،
    قادر اپنی قدرت سے، قائم اور قدیم،
    والی، واحد، وحدہ، رازق رب رحیم،
    مدحت کر اس سچے رب کی، کہہ تو حمد حکیم،
    وہ والی وہ کریم، وہ جگ کے کام سنوارے۔

      داستان اندر ٻيو اندراج
      سُر جا ٻيا داستان
      ھِن سُر جي راڳ بابت

    ڪلياڻ: شاستري سنگيت جو ھڪ مکيہ ٺاٺ

    ٺاٺ: ڪلياڻ (پاڻ ئي آھي) ڳائڻ لاءِ ھن راڳ جي بيھڪ يمن ڪلياڻ جي آھي.

    سُرن جي بيھڪ: سا ري گا ما پا ڌا ني سا

    (ھن راڳ جا سڀ سر تيور ۾ آھن)

      وڊيو سيڪشن

    thumnail
    Dr. Baber Khan
    Source: Dr. Baber Khan - Youtube
    thumnail
    Saif Samejo, The Sketches
    Source: The Sketches Official - Youtube
    thumnail
    Jalil Raza Bhatti & Qasim Hussain Khahro
    Source: Qasim Hussain Khahro - Youtube
    thumnail
    Asif Charan Awal
    Source: SindhTVHD ISLAMIC - Youtube

      آڊيو سيڪشن

    Sindhi     PBC HDR Humera Channa