مَلِيرَ جي سنڌي معنيٰ
سرسبز ملڪ، آباد ملڪ. هڪ نئين جو نالو. هڪ ڳوٺ جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Green country, populated country. The name of a village.
مَلِيرَ جا بيتن ۾ حوالا
کَٿِيءَ مَنجِهہ کَٽِيائِين، لوئِيءَ ۾ لَڌائِين،
مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو،
پَرَچِي پَنوَهارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائِين،
سِيلُ نِباهِيين سُومَرا، پَنھِنجو پِيءُ پُڇِيائين،
جُهوپو جهانگِيڙنِ جو، ماڙِيءَ سين نَہ مَٽِيائِين،
گولُون گولاڙَنِ تان، جَنپي ساڻُ جَهٽِيائِين،
سَڱَرُ ساهيڙِيَنِ سين، کاٽُونبا کاڌائِين،
مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾، چَسا سَڀَ چَکِيائِين،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سِيلُ نِباهِيين تُون سائِين.
[ سُر مارئي، پائران پيھي آيا، 12 ]

توڏَنِ تان نَہ تَنوارِئو، مُنھِنجو لالَڻُ وارِئو،
اللهَ مِيان ڪارَڻِ اَئِين اوٺِيا،
ميندِيءَ موڙَ مَلِيرَ جا، چانگَنِ کي سَڀَ چارِئو،
شَرَفُ لَھي سَسُئِي، ڪُٺِل کي ڪَمُ ڪارِئو.
[ سُر معذوري، وايون، 4 ]

جيڪُسِ جيلاھِين، مارُو ناھِ مَلِيرَ ۾،
مُنھِنجِي تيلاھِين، اَچِئو ڪَرَ ڪونَہ لَھي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 4 ]

مُنھِنجو تُوۡرُ تَلِيُنِ ۾، آئُون ھِتِ بَندِياڻِي،
مُون ڏاڏاڻي ڏيھَ ۾، ڦَرِھَ ۽ لاڻِي،
ڪَندِيَسِ رِھاڻِي، مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 7 ]

اوڏا جانۡ ھُئا، تانۡ ٿِي نِتُ نِياپا آيا،
مارُوئَڙا مَلِيرَ ڏي، واري وَڳَ وِئا،
تَنِي ڏُونھِن ڪِئا، ڏيئِي ڏوراپا چائِيان.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 12 ]

کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻِيرِيُون ۽ ٻُوھَ،
ھاڻِ آئُون سيئِي ويٺِي سارِئان،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ٽَهڪِي اُڀا ٽُوھَ،
سُتِي سَڄَڻَ سارِئا، راتِ مُنھِنجي رُوحَ،
ھَلَنِ ھيلُون ٻَڌَنِ ٻيلُون، مُندَ موچارِي مُوھَ.
[ سُر مارئي، وايون، 1 ]

ھي ھَنڌَ ماڙِيُون ھاڻِ، ساڙِيان سَڀَ ڏيھِيَن ري،
ڪُلُ شَیئٍ یَّرجِعُ اِلٰی اَصلِہٖ ، ٿِي جِهڄان جهانگِيَنِ ڪاڻِ،
ڀِرِي پَنھِنجي ڀاڻِ، پَسان مُلڪُ مَلِيرَ جو.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 14 ]

پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين،
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پيئِي تَنوارَ،
عَيبَنِ ڀَرِي آھِيان، سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ،
[ سُر مارئي، وايون، 2 ]

جِيئَن ڳَنڍِيُون مَنجِهہ ڳَنڍيرَ، تِيئَن مُون مَنُ مارُوئَڙَنِ سين،
ڏِنِيُون لَسَ لَطِيفُ چئَي، ھِينئَڙي کي حَمِيرَ،
وَڃِي مَنجِهہ مَلِيرَ، سَڀَ ڇوڙِينديَسِ سُومَرا.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 24 ]

ويڙِهيچَنِ ڏي آئُون ويندِي، ڏيھَ ڏاڏاڻي پَکَڙين،
جُهپو جهانگِيَڙنِ جو، ماڙِيءَ سين نَہ مَٽيندي،
پُسِي کِيندِيَسِ پيٽَ ۾، ڏورا ڏَنُ آئُون ڏِيندِي،
ڪوڪَڙِ ڪوڍيرَنِ ۾، ڦُوڪي ڦَڪَ ڀَرِيندِي،
عُمَرَ اُنِهين ڏيھَ جا، ڪوڍِرَ قُوتُ ڪَرِيندِي،
سَڱَرَ ساھِيڙِيَنِ سين، تَڙَنِ تي آئُون تَڙِيندِي،
ٻَڪَرَ ٻاٻاڻَنِ جا، تَڙَنِ تي آئُون تَڙِيندِي،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، ڌاڳا ڌَٻَرَ ڌُوَندِي،
گولُون گولاڙن تان، جَهپي سان جَهٽيندِي،
عِيدُنِ بَرادُنِ تي، کِھَ مانڌاڻُو کِيندِي.
[ سُر مارئي، وايون، 3 ]