مَلِيرِ جي سنڌي معنيٰ
پنھنجي سرسبز ملڪ ڏانھن، آباد ملڪ. (هڪ نئين جو نالو.) مارُئيءَ جو تر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Green country, populated country. The name of a village.
مَلِيرِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪو ڏِينھُن آھِين ڪوٽَ ۾، لوئِي ھَڏِ مَ لاھِ،
ڪامِڻِ آنھِنجي ڪُرَ جِي، آڏِ وَڏائِي آھِ،
ھِتِ مَ پارِجِ ھيڪِڙو، پائُرَ جو پَساھُ،
سَتي سِيلُ نِباھِ، مَلِيرِ ويندِينءَ مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 7 ]

پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي وَسَ واھُوندَنِ،
لَٿو سِيءُ لَطِيفُ چئَي، ٻَڌو ڦَنُ ڦَرَنِ،
پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَن نوراپَنِ،
عُمَرَ اُنَ اَگُوندَرِي، پاسي ڪانڌَ ڪَتَنِ،
اُوءِ ٿا ڪورِينِ ڪُؤَنرِي، سَرَتِيُون مَٿان سَسَنِ،
کائُرِ کَٿِيُون خاصِيُون، اوڄي اُتِ اَچَنِ،
ڪَڍِئو پيڻُ ڪَھَنِ، مَلِيرِ گُهرِجي مارُئِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 7 ]

پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي واھُوندَنِ وَسَ،
عُمَرَ اُنِهينءَ ڏيھَ جا، ڏوٿِيَنِ ڏِنَمِ ڏَسَ،
وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، لُلِرُ نِڱِئو لَسَ،
آڻِئو وِجَهنِ آھُرين، سَندا ٽُوھَنِ ٽَسَ،
ميوا مَڃَرَ ماکِيُون، سَڀَڪا چَکَنِ چَسَ،
ماڙِنِ وِھي مَسَ، مَلِيرِ گُهرِجي مارُئِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 8 ]

ماڙِيءَ چَڙِھِي ڏِٺامِ، پَکا پَنوَھارَنِ جا،
ھِڪُ اڳيئِي سُهِڻام ٻِئو ويتَر مِينھَن اُٺانِ،
ڪِھَڙا ڏوھَ ڪِئامِ، جِيئَن ھُو مَلِيرِ آئُون ماڙِيين.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 16 ]

مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، رَهِئا راڄَ ڪَري،
هِنيُون مُنھِنجو تَنِ کي، ڏِهاڙِي ڏِري،
مَلِيرِ مُنھُن ڪَري، ويٺِي ڳوڙها ڳاڙِيان.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 21 ]