سَڄَڻُ جي سنڌي معنيٰ
پيارو، پيار وارو، پرين، پريتم، حُب وارو، محبوب، دِل وارو، دِلدارُ، مُحِبُ، سڄڻ، دوست، يارُ، معشوق، محبوب.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beloved, Love, Amour
سَڄَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
سَڀَڪا پِريان ڪُون پُوڄي،
نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو.
جَا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي.
لاتِ جَا لَطِيفَ جِي، سَڏُ تُنھِنجو سُڄي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 10 ]
نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو.
جَا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي.
لاتِ جَا لَطِيفَ جِي، سَڏُ تُنھِنجو سُڄي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 10 ]
تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، ٻِي وائِي وِساري ڇَڏِ،
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
تان تُون ھِنيَين سين گَڏِ، سَڄَڻُ ساھَ پَساھَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 16 ]
سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، تَہ گهايَلَ ڪِيئَن گهارِينِ،
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
پِئَلَ پاسو پَٽَ تانْ، واڍوڙِئا نَہ وارِينِ،
پَر ۾ پَچَنِ پِرِينءَ کي، ھَئَي ھَنجُون ھارِينِ،
سَڄَڻُ جٖي سارِينِ، تَنِ رويو وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 19 ]
ويڄَ مَ ٻُڪِي ڏي، اَلا چَڱِي نَہ ٿِيان،
سَڄَڻُ مانَ نَہ اَچي، ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 13 ]
سَڄَڻُ مانَ نَہ اَچي، ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 13 ]
ڪاتِبَ لِکين جِيئَن، لايو لامُ اَلِفَ سين،
اَسان سَڄَڻُ تِيئَن، اَچِي رَھِئو رُوحَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 18 ]
اَسان سَڄَڻُ تِيئَن، اَچِي رَھِئو رُوحَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 18 ]
عاشِقَنِ اللهَ جِي، سَدا وائِي واتِ،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، تَنَ ۾ اِھا تاتِ،
اُنھِيِن کان ڪَنھِن ساعَتِ، سَڄَڻُ ويلَ نَہ وِسَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 4 ]
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، تَنَ ۾ اِھا تاتِ،
اُنھِيِن کان ڪَنھِن ساعَتِ، سَڄَڻُ ويلَ نَہ وِسَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 4 ]
تارا تيلاھِين، توڏي گهَڻو نِھارِيان،
سَڄَڻُ جيلاھِين، تُون تيلاھِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 5 ]
سَڄَڻُ جيلاھِين، تُون تيلاھِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 5 ]
تارا تيلِيءَ رُوءِ، آئُون تو ڏُونھِن گهَڻو نِھارِيان،
سَڄَڻُ جَنھِين جُوءِ، تُون تيڏاھيِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 6 ]
سَڄَڻُ جَنھِين جُوءِ، تُون تيڏاھيِين اُڀِرين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 6 ]
اَڄُ پُڻ اوڀارو، چوڏِھِينءَ ماھَ چَنڊَ جو،
مُون گهَرِ مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جو وارو،
سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀَنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 15 ]
مُون گهَرِ مُون پِرِيَنِ جي، اَچَڻَ جو وارو،
سَڄَڻُ سوڀارو، ڀيڄَ ڀَنِيءَ گهَرِ آيو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 15 ]
اَڄُ پُڻ اُمِيدُون، آگَمَ سَندِيُون اُڀَ ۾،
سانوَڻُ پَسِي سَرَتِيُون، سَڄَڻُ سارِيو مُون،
آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون،
گهَرِ تَہ گُهرِجين تُون، مُندَ مِڙِيائِي مِينھَن جِي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 16 ]
سانوَڻُ پَسِي سَرَتِيُون، سَڄَڻُ سارِيو مُون،
آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون،
گهَرِ تَہ گُهرِجين تُون، مُندَ مِڙِيائِي مِينھَن جِي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 16 ]
English Meaning
Beloved, Love, Amour