جيڏو جي سنڌي معنيٰ
جيترو، مطابق، برابر. مَٽُ، تُل، ثاني، جھڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
As large, as great, equal.
جيڏو جا بيتن ۾ حوالا
ڌَرَ جيڏو ڌَڙونِ، پاسِنگَ مُورِ نَہ پُڄِڻان،
عادَتَ عَنبرَ جيسِي، ساڌَنُ لوڪُ سَندونِ،
جيڏو ٻرُ ڏِبونِ، تيڏو سَهدَلَ سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 21 ]
عادَتَ عَنبرَ جيسِي، ساڌَنُ لوڪُ سَندونِ،
جيڏو ٻرُ ڏِبونِ، تيڏو سَهدَلَ سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 21 ]
لَڏِيندي لِباسُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو،
آيُمِ آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ،
مِرُون کينِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلَندا ھوتَ ڏي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 8 ]
آيُمِ آرِيءَ ڄامَ جو، وَڻَ وَڻَ مَنجهان واسُ،
مِرُون کينِمِ ماسُ، ھَڏَ ھَلَندا ھوتَ ڏي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 8 ]
جَبَلُ جيڏو ئِي آڏو آرِيچَنِ کي،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بُرفَتَ بِروھِي،
رِڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 12 ]
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بُرفَتَ بِروھِي،
رِڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 12 ]
مُون ڀانيو مَھمانَ، ھَميشه ھُوندا پِرِين،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ،
ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ،
جورو راتِ جُوانَ، جيڏو جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 1 ]
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ،
ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ،
جورو راتِ جُوانَ، جيڏو جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 1 ]
اَدِيُون وِئا اُڪِرِي، ڏيئِي تَنگَنِ تاڻَ،
جيڏو جَتَ جُوانَ، ڪِئو روزُ ضَعيفِ سين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 14 ]
جيڏو جَتَ جُوانَ، ڪِئو روزُ ضَعيفِ سين.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 14 ]
روئِي ڪَندِينءَ ڪوھُ، ھاڻي ڪو ھوتُ وَري،
جيڏو جَتَ ڪَري وِئا، ساڻُسِ سيڻَ سِتوھُ،
ڊوھِي اَٿِئان ڊوھُ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 19 ]
جيڏو جَتَ ڪَري وِئا، ساڻُسِ سيڻَ سِتوھُ،
ڊوھِي اَٿِئان ڊوھُ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 19 ]
لَڪَڙِيارِيُون آڱِريون، ٻاروچاڻُو ڀيرُ،
اَچِي پَسو جيڏِيُون، تازو پُنهونءَ پيرُ،
ويچارِيءَ سين ويرُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 10 ]
اَچِي پَسو جيڏِيُون، تازو پُنهونءَ پيرُ،
ويچارِيءَ سين ويرُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 10 ]
جانِبَ تُون جيڏو، آھِين شانَ شَعُورَ سين،
مُون تي ڪَرِ مُنھِنجا پِرِين، توھُ تُسِي تيڏو،
اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ ڪيڏو جِيئَن نَوازِينمِ نِگاھَ سين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 1 ]
مُون تي ڪَرِ مُنھِنجا پِرِين، توھُ تُسِي تيڏو،
اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ ڪيڏو جِيئَن نَوازِينمِ نِگاھَ سين.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 1 ]
راڻا تُنھِنجِيءَ راھَ تي، ويٺِي رُئان رَوَ،
دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ،
جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ تُنھِنجو مَٽُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 15 ]
دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ،
جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ تُنھِنجو مَٽُ نَہ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 15 ]
جيڏو تُنھِنجو نانءُ، ٻاجَهہ بِہ اوڏِيائي مَڱان،
ريءَ ٿَڀِين ريءَ ٿُوڻِيين، ڇَپَرِ تُونھِين ڇانءَ،
ڪُڄاڙو ڪَھان، توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 3 ]
ريءَ ٿَڀِين ريءَ ٿُوڻِيين، ڇَپَرِ تُونھِين ڇانءَ،
ڪُڄاڙو ڪَھان، توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 3 ]
English Meaning
As large, as great, equal.