Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اللهَ جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مان…
- (بيت) جَرَ تي ڦوٽو جِيئَن، لَڳي…
- (بيت) جَڏھِن ٻُڌوسُون، تَہ ٿو بَخِشِين…
- (بيت) جِيئَن تُون قائِمُ ڪانڌَ، تِيئَن…
- (بيت) سَتُرُ ڪِجِ سَتارَ، آئُون اُگهاڙِي…
- (بيت) صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبَ جِھَڙِي…
- (بيت) صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِيسُون،…
- (بيت) مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو، ناتو…
- (بيت) مُسَنِ مُنھَن سَنِرا، کَرِئا گهَڻو…
- (بيت) مِرُون ڪِينَ وَلَنِ، پَکِي ڪَنِ…
- (بيت) مِٺو جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مُون…
- (بيت) ويئِي ڪالَهہ ھَٿان، سا ڪالَهہ…
- (بيت) وَرَ سين وِجِهئو ڪاڻِ، کَرَ…
- (بيت) ڦِرِئا پَسِي ڦِيڻُ، کَرِئَنِ کِيرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪَرِ ڪو ڀيرو ڪانڌَ، مُون…
- سُر ڏھر جَي نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ جو بيت
جيڏو تُنھِنجو نانءُ، ٻاجَهہ بِہ اوڏِيائي مَڱان،
ريءَ ٿَڀِين ريءَ ٿُوڻِيين، ڇَپَرِ تُونھِين ڇانءَ،
ڪُڄاڙو ڪَھان، توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
رسالن ۾ موجودگي: 66 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي منھنجا ربّ) جيڏو (اعليٰ ۽ عظيم) تنھنجو نالو آهي، آءٌ توکان مهرباني ۽ نوازش بہ اوتري (بيحد ۽ بي حساب) گهران ٿو. بيشڪ تون ئي بنا ڪنھن ٿنڀ ٿُوڻيءَ جي (سواءِ ڪنھن ٽيڪ ۽ جَهل جي) وڏي ۾ وڏو اجهو ۽ ڇانو آهين. مان تنھنجي ڪھڙي تعريف (حمد) ڪريان، جو اها سڀ (صرف) توکي معلوم آهي. (تون ئي پنھنجي ثنا کي پاڻ ڄاڻين ۽ سمجهين ٿو.)
[مثنوي روميءَ ۾ حمد و ثنا ڪيترن ئي طريقن سان بيان ٿيل آهي.
اي خدا اي قادر بي چون و چند،
از تو پيدا شد چنين قصر بلند.
(دفتر اول، ب- 1880)
معنيٰ: اي مالڪ سائين، تنھنجي قدرت ڪيئن توکان پاڪ آهي. (ان تي صرف تون ئي قادر آهين) تو ئي هي وڏي ۾ وڏو محل ۽ (آسمان جيڪو ڇت وانگر آهي) پيدا ڪيو آهي.
ساڳئي هنڌ ٻيو بيت هن ريت آهي جيڪو وچينءَ سٽ سان گهڻو ملي ٿو.
سقف گردون کو چنين دايم بود،
نہ از طناب و اُستني قائم بود.
(دفتر سوم، ب-5)
معنيٰ: آسمان جي بلند ڇت هميشه کان ائين آهي، جيڪا رسن ۽ ٿنڀن کان سواءِ قائم يا بيٺل آهي (اها سڀ تنھنجي قدرت آهي).
بيت جي آخري سٽ لاءِ مثنويءَ جو هيءُ شعر ڏسو:
کاي کمينہ بخششت ملک جھان،
من چگويم؟ چون تو ميداني نِهان.
(دفتر اول، ب-58)
معنيٰ: اي مالڪ هيءَ دنيا جي بادشاهي تنھنجي معمولي بخشش آهي، مان ڇا چئي ڇا چوان، تون سمورو ڳجهہ ڄاڻين ٿو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڏھر، بيت نمبر : 2973
جٖيْڎُوْ تُھْجُوْ نَاءُ ٻَاڄَ پِہ اُوْڎِيَائِيْ مَکَّا﮶
رِءَ ٿَڀ﮼ رِءَ ٿُوْرِي﮼ ڇَپَرِ تُنْهٍ ڇَا﮶
ڪُڃَارُوْ ڪَهَان تُوْکٖيْ مَعْلُوْمُ سَڀَڪَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जेडो॒ तुंहिंजो नांउ। बा॒झ पि ओडि॒याई मङां।
रिअ थभीं रिअ थूणियें। छपरि तूंहीं छांअ।
कुजा॒ड़ो कहां। तोखे मालूमु सभका॥
ROMAN SINDHI
JeDo tunhinjo naan'u, BaaJh'a ba oDiyaee mangaan,
Ree'a thabheen ree'a thoo'nneen, chhapar tonheen chhaan'a,
KuJhhaarro kahaan, tokhe maloom'u sabhka.
TRANSLATIONS
(old) Naturally my prayer for your mercy is consistent with your very illustrious name (or reputation). You need no pillars or prop. You are a shade and a shed. What need I tell you since you know everything?
Great as asking name, I ask thy favour equal to that,
Without any pillar or post, you are the protector and shade,
What more to say, all is known to That.
As great is your name so great is the mercy I beg for,
You are shelter, shed sans pillar and beam,
What can I tell you, know all?
اسمك عظيم أسترحم إليك بعظمتك وبكبريائك أنت القيوم والقائم بدون عماد وبدون ركن أنت الملجأ وأنت الملاذ وأنت الستر وأنت الظل.
لا أقدر أقول شيئا وأيش أقول؟ أنت عليم خبير! وتعلم عن حالاتي.
جیسا تیرا ناں میں اتنا، کرم وی تیرا منگاں
تھمیاں بِنا ستوناں دے، توں چھپر توں چھاں
کیہہ میں ہُن کہواں، معلومی سبھ کجھ ہے تینوں
جیسا اونچا ناؤں، کرم بھی ایسا مانگوں،
تو ہی تو ہے آس سہارا، تو چھپر تو چھاؤں،
منہ سے میں کیا مانگوں، تجھے تو سب معلوم ہے۔