Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رامڪلي جَي آءٌ نہ جِيئندي ان ري جو بيت
جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، نُورِي ۽ نارِي،
ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
هن جھان ۾ جوڳي ٻن قسمن جا آهن، هڪڙا نُوري (نور وارا) ۽ ٻيا ناري (نار يا باھ وارا). پر جن پنھنجي جان جلائي، ٻين لاءِ روشني ڪئي، تن کان سواءِ آءٌ جيئري نٿي رهي سگهان. (منھنجو جيئڻ اُنهن کان سواءِ اجايو ۽ بيڪار آهي)
ناري ۽ نوريءَ جو تصور مثنوي روميءَ تان ورتل آهي.
[مثنوي روميءَ ۾ هن بيت جي مفهوم وارا هونئن تہ ڪيترا شعر آهن، پر هتي پس منظر طور هي ٻہ ڪافي آهن.
جسممشان را هم ز نور اِسرشتہ اند،
تا ز روح و از ملک بگذشتہ اند.
(دفتر سوم ب 8)
معنيٰ: انهن جا جسم نور مان ٺهيل آهن، انهيءَ ڪري هو روحن ۽ ملائڪن کان بہ مٿي آهن.
وڌيڪ وضاحت ڪندي چوي ٿو تہ تنھنجا حواس ۽ فڪر سڀ باھ جا ٺهيل آهن. پر روحاني رهبر (شيخ طريقت) جا حواس ۽ فڪر سڀ جو سڀ نور وارا آهن. تنھن ڪري:
وصل کن با نار نور يار را
(دفتر سوم، ب- 1245)
يعني تون پاڻ واري باھ کي دوست جي نور سان وابستہ ڪر، ڇو تہ هن جو نور ئي تنھنجي باھ کي اجهائي سگهي ٿو جيئن چيو اٿس:
تاکه نور او کُشد نار ترا.
(دفتر سوم ب 1246)
هڪ ٻئي هنڌ وري هيئن چوي ٿو:
پس هلاک نار نور مؤمن ست،
زانکه بي ضد دفع ضد لايمکن ست.
(دفتر سوم ب 128)
معنيٰ: مطلب تہ (نفس جي) باھ کي وسائڻ لاءِ گهربل وسيلو مؤمن جو نور آهي. ڇو تہ هڪ ضد کان سواءِ ٻئي ضد جو ختم ٿيڻ ناممڪن آهي.
انهن الله وارن لاءِ ئي رومي چوي ٿو تہ اهي پنھنجي وقت جا اسرافيل آهن، جن جي ڦوڪ سان مرده دليون جيئريون ٿين ٿيون:
هين که اسرافيل وقتند اوليا،
مرده را ز ايشان حيات ست و نما.
(دفتر اول، ب- 1930)
معنيٰ: خبردار، اهي اوليا وقت جا اسرافيل آهن، جن (جي ڦوڪ) سان مردہ (روح) بہ جيئرا ٿي پون ٿا. ’آءٌ نہ جيندي اُن ري‘ ۾ هنن ڏانھن اشارو آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2487
جُوْکِيَرَا جِهَانَم﮼ نُوْرِيْ ءٍ نَارِيْ﮶
ٻَرِيْ جَنِ ٻَارِيْ اٰءٌ نَجِيَدِيْ اُنِرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जोगि॒यड़ा जिहान में। नूरी एं नारी।
ब॒री जनि बा॒री। आऊं न जीअंदी उनि रे।
ROMAN SINDHI
JoGee'ra jahaan me , Noori' aen Naari,
Barey jinn bareiy, aaon naa jeindey unn Re.
TRANSLATIONS
There are two categories of ascetics in the universe. Some of them have reached the goal and are absorbed in the Divine light. They are the ‘nooris’ or the illumined. The others are still in the course of journey to their goal. They are known as ‘naris’ or those that are burning in the fire of love.
They radiate Divine light and are consumed by the fire of the Divine love. Such ascetics have kindled the light in me after burning themselves in the blaze (of the Divine love). It is hard for me to live without their company.
TRADITION. محبت is a fire and معرفت is a fire within it.
گویند سوز آتش باشد نصیب کافر
محروم از آتش توجز بولہب ندیدم
(Roomi)
They say that the blazing fire is the infidel’s lot; but I have seen none save Abu Lahab denied your ‘fire’.
ز عشق دوست ہر ساعت درون نارمی رقصم
(Qalandar Lal Shahbaz)
Every moment I dance in fire due to my love for the Friend.
Yogis in this world, some are light, some fire,
Kindling themselves to ignite others without them I cannot live.
Yogis in this world are of light or of fire,
Those who radiate light, I cannot live without them.
فى الكون العابدون من النوع “الجمال” أي الذي شفوق وراحم لايغضب هذا هو أيضا يسمونه نور.
ومن النوع الجلالي أي الذي يزعل ويغضب بسرعة هوالناري يعني يحترق مثل النار هذان نوعان من العابدين.
مجلسهم يتجلى ويتنور بنور الحب والغرام- أنا لا أقدر أن أعيش بعدهم.
بدیدم دلق پوشان را بہ نوع نوری و ناری
بنوع نوری و ناری بدیدم دلق پوشان را
جہان روشن شدہ از سوز و ساز شان ہمی دانم
نخواہم زیست غیر از شان کہ دارم دوست او شان را
تیرے یوگی، جہانِ تیرہ و تار
جلوہٗ نور ہیں کہ شعلۂ نار
بزم ہستی پہ ضوفگن ہیں وہ
ان سے دنیا ہوئی ہے پر انوار
وہ نہیں جب تو زندگی کیسی
زندگی سے میں ہوگئی بیزار
کیا کیا جوگی جگ میں ہیں، کچھ نوری کچھ ناری،
جن میں جوت نیاری، بِن ان کے کیا جینا ری۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آسَڻَ وَٽِ آھُون ڪَرِيان، وَسِ…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اوڇِنگارُون…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اَچي…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اُدُوھان…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، ٻانھُنِ…
- (بيت) بابُو بيکارِي ٿِئا، آسَڻَ وَٽِ…
- (بيت) بابُو بيکارِي ٿِئا، اَڄُ نَہ…
- (بيت) بابُو بيکارِي ٿِئا، ڀَڃي ڇَڏِيائُون…
- (بيت) جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، ھُئا مَنجِهہ…
- (بيت) جيڪي مُون نِيو، نَہ تَہ…
- (بيت) جيڪي مُون کي تاڻ، پَڳَھَ…
- (بيت) جيڪي مُون کي ني، پَڳَھَ…
- (بيت) جُزُ وِڃايو جوڳِيين، ڪُلَ سين…
- (بيت) جُسي سَنڌو جَو ڪَري سو…
- (بيت) سَتُرُ سِڱَڙِيَنِ سين، لَحظي لاٿائُون،…
- (بيت) سُتِي سيڄَ ھُياسِ، مُون کي…
- (بيت) سُوڌو سِڱَرِيَنِ سين، ڪِي جو…
- (بيت) صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا دُکائي…
- (بيت) صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا وَڄائي…
- (بيت) قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾…
- (بيت) لَکين ڪِئا لِسانَ سين، لاھُوتِيَنِ…
- (بيت) ميڙِيو ڀاڻُ ڀَريُون ڪَري، جوڳِي…
- (بيت) مَران مَٿو پِٽِيان، نِھارِئان نيرانِ،…
- (بيت) مُون کي ڪِينَرَ ڪَڍِئو، ڀَڃِي…
- (بيت) مِٽَ نَہ مَعذُرِيَنِ جا، جوڳِي…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي،…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، لوڪان ڪَري…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويراڳِي وِئا،…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويچارا وِئا،…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، چيلا چيلِهہ…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھاءِ مُنھِنجي…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھِنگَلاچان ھَلِي،…
- (بيت) نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين،…
- (بيت) وارو ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ…
- (بيت) واڄَٽَ ويراڳِينِ جا، مُون وَٽِ…
- (بيت) واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ…
- (بيت) وَٽَنِ ويٺِي آھِيان، ڏِسِئو ڪِينَ…
- (بيت) وَڄائي واٽَ ٿِئا، جوڳِي جُڳاڻين،…
- (بيت) پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ…
- (بيت) پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ…
- (بيت) پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ…
- (بيت) ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلا، ويراڳِيَنِ وَرَنَ،…
- (بيت) ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو، سَندو جوڳِيَنِ…
- (بيت) ڳولِيانِ ۽ ڳُنڌِيانِ، وِئا ويراڳِي…
- (بيت) ھئَي ھئَي ڪِئو ھَٿَ ھَڻان،…