Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر رِپ جَي گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار جو بيت
گُوندَرَ ڪِئو غَرَقُ، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو،
ڏُکويُنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳَرَ پَنڌَڙا.
رسالن ۾ موجودگي: 86 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي امڙ، منھنجي جند جان ڏکن ۽ غمن ۾ پوري ٿي ويئي آهي. جيڪي واقعي ڏکويل ۽ غمزدہ آهن، اُنهن کي ئي ڏکي راھ تي هلڻ سونھي ٿو(اُنهن جو ئي پنڌ سجايو آهي).
[رومي مثنويءَ جي شروعات نڙ يعني بانسريءَ جي تمثيل سان ڪري ٿو، جنھن مان سندس مراد روح آهي، جيڪو پنھنجي اصل يا منڍ کان جدا ٿيڻ سبب درد ۽ وڇوڙو محسوس ڪري ٿو. هن جھان ۾ هر صالح روح اهو درد ۽ فراق محسوس ڪندي واپسيءَ جي راھ تي گامزن آهي.
در غم ما روزها بيگاھ شد،
روزها با سوزها همراھ شد.
(دفتر اول، ب- 15)
معنيٰ: اسان جا ڏينھن ۽ راتيون غمن جي حوالي ٿي ويا. بلڪ اسان جي زندگيءَ جو هر پل دائمي دک درد جي حوالي آهي (اهي دک درد ئي اسان جا ساٿي ۽ رهبر آهن).]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رِپَ، بيت نمبر : 2399
کُندَرَ ڪِئُوْ غَرَقُ مَاءَ مُھْجُوْ جِندَرُوْ﮶
ڎُکُوْيُنِ مَرَڪُ مَٿٖيْ سَکَرَ پَڌَرَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
गूंदर किओ ग़रक़ु। माअ मुंहिंजो जिंदड़ो।
डो॒खोयुनि मरकु। मथे सग॒र पंधड़ा॥
ROMAN SINDHI
Goondar'a kiyo GaraQ'u, maa'a muhinjo jindarro,
Dukhoyun marak'u, mathe saggar'a pandharra.
TRANSLATIONS
O mother! My heart is extremely sad with grief. But then it surely befits the love afflicted persons to pursue their journey i.e. course of conduct unflinchingly.
Mother! sorrows envelop my whole being,
Sorrowing ones that follows the uphill track honour find.
O mother, my entire being is immersed in grief,
Pride of the love-smitten is to keep moving on beloved’s path.
يا أماه! لقد أغرق قلبي الحزن والغم
زان المشي للحزينات وهن يفتخرن بالمشي
بجان افتاد اندوہی ازان شبروز می نالم
غریق غم شدم مادر! مپرس از حال زار من
تنم درخستگی تاہم، دلم در سعی وصلِ دوست
روان برجادہ ام، تا منزل آید در کنارِ من
ارے ماں! میں کدھر جائوں اکیلی
بنا ساجن مرے جی پر بنی ہے
یہی ہے شان ان دکھیاریوں کی
کہ جن کی آنکھ ساجن سے لگی ہے
مرے تن من میں ہیں دکھ درد کیا کیا
جدائی کتنے غم لے کر چلی ہے
تن یوں غم میں غرق ہوا کہ، رہی نہ جسم میں جان،
یہ ہی عشق کا مان، کہ یار کی راہ پہ چلتے جائیں۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اُٺي جِيئَن مورَنِ، اوڀَڙَ وَلَهارَنِ…
- (بيت) اُڀَرِئامِ اَنگُورَ، سُتي سُپَيرِيَن جا،…
- (بيت) جاءِ نَہ سڄو ڏِينھُن، ھِنيُون…
- (بيت) جهورِي جِهڄَڻُ جهانءِ مُون جَنِي…
- (بيت) جُھ سي سَنڀِرَجَنِ، سُهَہ جَنِ…
- (بيت) جِهڄي جهانءِ ڪَري، ماٺِ نَہ…
- (بيت) سَنڀِرِئو جِيئان، ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون،…
- (بيت) سَڄَڻَ سَنڀِرِئامِ، پييَمِ ڪَرَ ڪَپارَ…
- (بيت) سُتي سَنڀِرِئوم، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ…
- (بيت) لائي جَو وِئا، سو مَنجِهين…
- (بيت) لاھِ مَ پَچاران، سُکِ مَ…
- (بيت) مُون مَنجِهين مِينھُن، ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ…
- (بيت) پَل پَل ٿِي پَليانسِ، پَلَڪُ…
- (بيت) چوري چوري چِتُ، جان نَيَ…
- (بيت) چيتارِئان چُڻِڪَن، سنڀارِيانِ صَحِي، اَندَرِ…
- (بيت) چيتارِئو چُوندِياسِ، ڳالِهيُون کي سَڄَڻين،…
- (بيت) چيتارِيان چُڻِڪَن، وِسارِيان نَہ وَري،…
- (بيت) چَتُرَ رَھي نَہ چِتُ، ويڻَنِ…
- (بيت) ڏُکَ نَہ ڏُکويو، ھِينئَڙو پِريان…
- (بيت) ڪَڪَرَ مَنجِهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻَنِئُون…
- (بيت) ڪَھَڻُ تَہ ڪَچائِي، سُورَ نَہ…
- (بيت) گُوندَرَ وِڌو وَرُ، مُون کي…
- (بيت) گُوندَرَ وِڌو پيچُ، ماءَ مُنھِنجِي…
- (بيت) گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيَڙَمِ سَڄَڻين،…
- (بيت) گُوندَرَ ھَٿَ نَہ پيرَ، وِرھُ…
- (بيت) ڳَرَھِ مَ ڳُجهو رو، پَڌَرِ…
- (بيت) ڳَرِيُنِ مَ ڳَرَھيجِ، روئِي ڪِجِ…