جِندَڙو بابت
معنيٰ
جيون، جانِ، حياتي، زندگي، بدن. جسم، تن، ساھ ضمير خود، پنڊ، پاڻ، پنھنجي سِر.
Life.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڪَ وَڏو ئِي سُورُ، مَحَبتَ وَڏو مامِرو، اَٺَئِي پَھَرَ مَلُورُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- جيڏِيُون ھِيءُ ضَرُورُ، آيَلِ ڪِيئَن رَھَندو پِرِينءَ ري، سَگهو ساٿَ نَہ جِندَڙو، چارَئِي پَھَرَ چُورُ، مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ساجَنَ…[ سُر کنڀات - وايون ]
- سامُونڊِي ساري، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو، بَندَرِ ويچاري، وَڃِي لايا ڏِينھَڙا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- سامُونڊِي ساري، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو، ڪارَڻِ وَڻِجاري، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- لاھِيندا ئِي ڪَنِ، ڳالِهيُون ھَلَڻَ سَندِيُون، ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَھِ وِجَهندا جِندَڙو.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنامِ، آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ، وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ساھَڙُ سَڏَ ڪَري، پَرِينءَ ڀَرِ پِرِيتِ مان، نَہ گهِڙان موٽِي وَڃان، تان ڪِي ساھَ سَري، مَرُ جان پَتِ پَري، گِهڙان…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- گِهڙي ۽ گهوري، مَٿان پِرِيَنِ جِندَڙو، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، تِلَ تَسُو توري، ڏَمَ وِڌِي ڏوري، نَہ تَہ ڪُنَنِ ۾…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ٻانڌِي جَي ٻيلِي ٿِيين، تَہ حالُ ڳَرَھِيان ھِيءُ، سَگهو ساعَتَ نَہ جِندَڙو، جَرَ ري مُنھِنجو جِيءُ، سانوَڻُ سِيارو ڀانيان، وَھِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- پَلِيان پَلِيو نَہ رَھي، نِرتُون نِينھُن نِبارُ، گِهڙان گهورِئُمِ جِندَڙو، اُٽَلَ مُون اوڀارُ، جَنِي مَنِ ميھارُ، ھَلَڻُ تَنِي حَقُ ٿِئو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- راتِ اُونداھِي ريءَ گَهڙي، مَٿان وَسِئو مِينھُن، ھِڪِڙو ڀَئُہ بيراھَ جو، ٻِئو سانڀاران شِينھُن، شالَ مَ ڇِڄي نِينھُن، گهِڙان گهورِئو…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- ڪو جَو وَرِئو واءُ، جِيئَن واسُ وَڇارَنِ مَٽِيو، مَٿان ساھَڙَ ساھُ، گهورِئو گهورِئان جِندَڙو.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڏُونگَرُ نَہ ڏوري، سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَري، ويٺِي گهَرِ گهوري، مَٿان پِرِيَنِ جِندَڙو.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڇَپَرِ وِجَهندِيَسِ پاڻُ، اَڃا ڀيرو ھِڪِڙو، مَرُ جانْ جانِ جُدا ٿِئي، لَڳِي لَڪَنِ ساڻُ، ڪيچِيَنِ تان قُربانُ، ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، جِتِ ٻيلِي ناھِ ٻِئو، ھَئَي ھيڪلو جِندَڙو، پَھڻَنِ مَنجِهہ پِئو، اِيءُ قَضا ڪَمُ ڪِئو، رَسِجِ رَھبَرَ…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- اِيئين رَھِيَسِ راھَ ۾، ھُونھين ھَٿَ ھَڻِي، وِئا خِيالَ کَڻِي، ماءُ مُنھِنجو جِندَڙو.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- ماءُ مُنھِنجو جِندَڙو، کَنيو خِيالَنِ، ڪُوڙَنِ ڪَذابَنِ، پوءِ رَھايَسِ پِرِينءَ ري.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- کُٽِيءَ لَيءِ کاڻِي، رَکِيَئِي پِرتِ پُنهونءَ سين، سُهِئو سُکِئو جِندَڙو، وِڌُءِ ڄيري ۾ ڄاڻِي، ھاڃو ھوتاڻِي، تو صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ھئَي ھئَي جي نَہ ھُئِي، تَہ ڄَرَ ڄَراٽِئو جِندَڙو، دانھُون ڪَري دَردَ جُون، ماڳَهِين ھُوند مُئِي، سَندِي دَرَدَ دَئِي، ھئَي…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، صُورَتَ کانيَنِ سِيءَ، اُڀِيَنِ گَهڻي اَدَبَ ۾، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ، جوڳِيَنِ پانھِنجا جِيءَ، لِلہِ ڪارَڻِ لُٽِئا.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ، ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- گُوندَرَ ڪِئو غَرَقُ، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو، ڏُکويُنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳَرَ پَنڌَڙا.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو، ڪَنِي مَنجهان ناھِ، صُباحَ وِچِ وِھانءِ، ڪاٿَي ھُوندو ڪَنِ سين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]