Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) تارا تيلاھِين، توڏي گهَڻو نِھارِيان،…
- (بيت) تارا تيلِيءَ رُوءِ، آئُون تو…
- (بيت) تارا تيلِيءَ رُوءِ، لُڌا لالَڻَ…
- (بيت) تارا تَرارِيُون، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ…
- (بيت) تارا تَہ تارا، ٻِيُون مِڙيئِي…
- (بيت) تارا تِرَ تِروڪَڙِيُون، مَٿِنِ ڦُلَڙِيُون،…
- (بيت) تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن…
- (بيت) کَنڀاتَڙِي تَڙَ وَرِي، اُڀِي تَڙِ…
- (بيت) ھُنَ تاري کي سامُھان، ھُنَ…
- (بيت) ھُنَ تاري ھُنَ جاءِ، ھُتِ…
- (بيت) ھُنَ تاري ھُنَ رُوءِ، ھُتِ…
- (بيت) ھُنَ تاري ھُنَ ھيٺِ، ھُتِ…
- (بيت) ھُنَ تاري ھُنَ ھَنڌِ، ھُتِ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر کنڀات جَي نيڻ ۽ تارا جو بيت
کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ،
سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ،
تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ،
جَهڪو ٿِئو جوھَرُ، جانيءَ جي جَمالَ سين.
رسالن ۾ موجودگي: 76 سيڪڙو
سمجهاڻي
منھنجي محبوب جڏهن ڳاڙهين ڳوڙهين خماريل اکين سان ناز ڀري نگاھ وجهي نھاريو تہ سج جي نڪرندڙ ڪرڻن مان نور گهٽجي ويو ۽ چنڊ تہ (بلڪل) ڪومائجي ۽ وسامجي ويو. تارا ۽ ڪتيون توڻي آسمان جا ٻيا نکٽ، محبوب کي ڏسڻ شرط پشيمان ٿي تابعدار ٿي پيا. منھنجي حبيب جي حسن ۽ جمال ظاهر ٿيڻ سان هيرن جواهرن جي اها جوت (روشني) بہ گهٽجي ويئي.
گنج ۾، سرود کنڀات، بيت نمبر : 1297
کَنِيْ نٖيْنَ خُمَارَ مَا جَڎِہْ نَازَ ڪِئَاءٌ نَظَرُ﮶
سُوْرِجَ شَاخٌ جَڪِيٌ ڪُنْمَارُوْ قَمَرُ﮶
تَارَا ڪَتِيٌ تَائِبَ ٿِئَا دٖيْکٖيْدٖيْ دِلْبَرُ﮶
جَڪُوْ ٿِئُوْ جَوَهَرُ جَانِيَ جٖيْ جَمَالَس﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
खणी नेणा ख़ुमार मां। जॾहीं नाज़ा किआउऊं नज़रु।
सूरज शाख़ूं झकीऊं। कूमाणो क़मरु।
तारा कतीऊं ताइबु थिआ। दीखींदी दिलबरु।
झको थिओ जोहरु। जानीअ जे जमाला सें॥
ROMAN SINDHI
KharNi nairNa khumaar'a maan, jaDaheen naaz'a keaaon nazar,
Sooraj'a shakhoon jhakeoon, koomarNo qamar,
Tara katiyoon taaeb'u thea, dekheendy dilbar,
Jhako theo jouhar, janee'a jy jamal'a saan.
TRANSLATIONS
When my beloved lifts his drowsy eyes coquettishly, the sun’s rays turn oblique and the moon becomes haggard. The stars respectfully retreat and (recede) at his sight. (All this occurs because they are dazzled by his beauty). Even the precious stones lose their lustre at the sight of the gorgeous beauty of the beloved.
حسن تو با ماہ سنجیدم بہ میزان قیاس
پلہ او بہ سما رفت و تو ماندی بر زمین
I weighed your beauty against the moon in the balance of imagination. His pen, being light, rose up and reached the sky, whereas yours remained on the ground
Before beloved's glances of grace and beauty,
Suns' rays dimmed, Moon's light wanned,
Stars and Pleiades in obeisance declined,
Precious stones their brightness lost at such beauty's sight.
Whenever my friend lifts eyes coquettishly,
Sun lowers its rays, moon becomes haggard,
The stars and Pleiades recede seeing the beloved,
Pearls loose their gleam before luster of his beauty.
عندما رفعوا يعيون نعسي ومسكرة وارؤوا بنظرة الدلال أشعة الشمش واضمحل القمر.
لقد خشعت وخضعت النجوم والثريا أمام الحبيب بخشوع و بخضوع لقد تضآئل لهيب ولمع جوهر والآلماس.
أمام الحبيب.
خمار آکین نگاہِ ناز چون جلوہ فراز یدہ
شعاعِ مھر و تاب ماہ در افسردگی آمد
بہ توبہ انجم و پروین، شکر در جوھرِ یکتا
برویش ھرکہ سرشد آخرش پژمردگی آمد
نین نشیلے جدوں اوس نے، نازاں نال اٹھائے
چن تے سورج پھکے پئے گئے، نیویں پاشرمائے
ہوگئے تارے امبر اوہلے، تاب نا جھلی جائے
کھادی مات ہیریاں موتی، میرے سوہنے اگے۔
کچھ اس انداز سے ہر سمت دیکھا خمار آلودہ آنکھ اس نے اٹھا کر
مہ و خورشید و انجم تھر تھرائے ہوئی حیرت سی طاری کہکشاں پر
رخِ جاناں کے جلوئوں کے مقابل مری نظروں میں ہے ہر جلوہ کمتر
پریتم نے جب ناز و ادا سے، ڈالی ایک نظر،
سورج شاخیں جھک آئیں اور، کمہلایا قمر،
ماند ہوا ہر جوہر، دیکھ کے میرے پریتم کو۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
ھي کماج ٺاٺ جو راڳ نالي کماچ، کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن جي ڳائڻ جو سمو بہ اڌ رات کان پوءِ جو آھي. ھن راڳ جي سُرن جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
آروھي: سا گا ما پا ڌا ني سا
آوروھي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا
ھن جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ اٿس.