خُمارَ بابت
معنيٰ
نَشو. نشي جي مستي، نشي جا پُورَ، مدھوشي. نشي لھڻ کان پوءِ سُستي، پڇاڙيءَ جو نشو. ننڊ جو زورُ ، اُونگهہ، ڳَمُ ، ڳَھَرَ، ننڊاکڙائي، خُماري، پِنڪي. اکين جي ڳَراڻ، اکين جي ڳاڙهاڻ. متوالي نظر.
Intoxication, drowsiness, hangover.
بيتن ۽ وائين ۾
- کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ، سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ، تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ، جَهڪو…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پَچَڻَ ناھِ پَچارَ، اَندَرِ ٿِي آھُون ڪَري، کاڻِي مَنجِهہ خُمارَ، گِرِيي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]