Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آڌِيءَ اُو اُٿِي وِئا، ڪَرُ…
- (بيت) توڻي مُون نَہ سَنڀالَ، توءِ…
- (بيت) سَرَتِيُون سُورُ پِرِيَنِ جو، سُڃُنِ…
- (بيت) سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، تَہ…
- (بيت) سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ…
- (بيت) سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ…
- (بيت) سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، مارِيَسِ…
- (بيت) سُڃَ وَسَندِي تَنِ کي، جوشَ…
- (بيت) موٽِي ٿِئا مَعذُورِ جا، حالَ…
- (بيت) مُنھِنجو مَنُ مُنجهايو، جَتَنِ جي…
- (بيت) مُنھِنجو چِتُ چَرِئو ڪِئو، وِڌائُون…
- (بيت) ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، ھَلجِ…
- (بيت) ڪيچِي وِئَڙا ڪالَهہ، تُون اوڳِي…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر ڪوھياري جَي پڇتاءَ ۽ انومان جو بيت
ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پَچَڻَ ناھِ پَچارَ،
اَندَرِ ٿِي آھُون ڪَري، کاڻِي مَنجِهہ خُمارَ،
گِرِيي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئيءَ جي پريشاني) آءٌ آخر ڪھڙيءَ ريت پنھنجي پرينءَ لاءِ روئان؟ ڪو پڇڻ وارو ئي ڪونهي تہ آءٌ ڇو ٿي روئان (ماڻهن لاءِ اها ڪا ڳالهہ ڪانهي). ان ڪري آءٌ اندر ئي اندر ۾ سڙي پچي بيھوشيءَ جي عالم ۾ پيئي آهون دانھون ڪريان. شايد ٻاروچن ۾ غم جي ڳالهہ سڻائڻ جو ڪو ٻيو نمونو آهي (جو هو منھنجي روئڻ بابت پڇن ئي ڪونہ ٿا).
[مثنوي روميءَ ۾ انهيءَ ساڳي ڪيفيت جو اظھار بخارا جي عاشق جي زباني هن طرح ڪيل آهي:
من ميان گفت و گريھ مي تنم،
يا بگريم يا بگويم چون کنم،
گر بگويم فوت مي گردد بکا،
ورنہ گويم چون کنم شکر و ثنا.
(دفتر سوم، ب-4759)
معنيٰ: مان ڳالهائڻ ۽ روئڻ جي وچ ۾ آهيان، روئان يا ڳالهايان، ڇا ڪريان؟ جيڪڏهن ڳالهايان ٿو تہ روئڻ بند ٿي وڃي ٿو، جيڪڏهن روئان ٿو تہ شڪرانو ۽ تعريف ڪيئن ڪريان؟ اڳئين (ٽين سِٽ) بيت ۾ لفظ بڪاءُ يعني روئڻ بہ اچي ٿو.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 203
ڪَهِ پَرِ رُوْئَان پِرْيَکٖيْ پَچَنَ نَاہِ پَچَارَ﮶
اَندَرِ ٿِيْ آَہٌ ڪَرٖيْ کَانِيْ مَنجِہ خُمَارَ﮶
کِرْي﮼ جِيْ کُفْتَارَ ٻِيَ ڀَتِ ٻَارُوْچَنِم﮼﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
किंहिं परि रुआं पिरींअ खे। पचण नाहि पचार।
अंदरि थी आहूं करे। खाणी मन्झि ख़ुमार।
गिरिये जी गुफ़्तार। बी॒अ भति बा॒रोचनि में।
ROMAN SINDHI
kanhin par'ay ru'aa'n pireen'a khhay, pachann'a naah'ay pachaar'a,
andar'ay ee aahoo'n karay, khhanni manjh'ay khumaar'a,
giriye ji guftaar'a, Bi'a Baarochan'ay mayn.
TRANSLATIONS
How should I weep before the beloved? I do not know the method of translating into words and disclosing the state of the internal consumption caused by love. Inwardly I sigh and cry like the one consumed and frenzied. Another form of appeal current among (or approved by) the Baluchis is to approach them with sobs, (or) the Baluchis have a different method of approach through tears.
خون دل در اشک خود ریزندہ بشو
قربِ حق درجانِ خود بینندہ بشو
(Muhammad Akhtar)
Pour out the blood of your heart through tears. Behold Allah in your heart.
How do I express love's sorrow? I know not the art,
Within I burn and mourn, sick with the dart ,
Balochis weep and wail in different ways."
How to weep before the beloved,
I am blistered inside but cannot express,
I lament inside like a frenzied person,
I talk with tears, whereas the Baluch way is different.
كيف وبأي طريق أبكي وأصب دموعي من عيوني.
لا أعرف! كيف أبدي جوى الهوى.
أحترق وأتلظى فى قلبي أصرخ وأصيح عند بلوشيين لغة البكاء مختلفة.
کِکوں دساں بھڑکن دل دی روواں تے کرلاواں
اندر مگھدی اگ عشق دی، بھر دی ہاں میں آہواں
جس رون تے ہوت پسیجن، اوہ رونا ناجانا
لاکھ آبادیوں سے بڑھ کر ہے
دل سوزاں کی خانہ ویرانی
مرحبا میری جستجوے حسین
اور جلوئوں کی فتنہ سامانی
ایک دھوکا مظاہر کثرت
حسن وحدت مگر ہے لاثانی
کیسے روؤں یار کے آگے، جلن کا کیا اظہار،
چھپ چھپ آہیں بھرتی ہوں میں، آگ میں جل کر یار،
کرتے ہیں اظہار، کوہ کے باسی اور طرح سے۔