Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آڌِيءَ اُو اُٿِي وِئا، ڪَرُ…
- (بيت) توڻي مُون نَہ سَنڀالَ، توءِ…
- (بيت) سَرَتِيُون سُورُ پِرِيَنِ جو، سُڃُنِ…
- (بيت) سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، تَہ…
- (بيت) سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ…
- (بيت) سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، صُبحَ…
- (بيت) سَنجهي مُون نَہ سَنڀالِئو، مارِيَسِ…
- (بيت) موٽِي ٿِئا مَعذُورِ جا، حالَ…
- (بيت) مُنھِنجو مَنُ مُنجهايو، جَتَنِ جي…
- (بيت) مُنھِنجو چِتُ چَرِئو ڪِئو، وِڌائُون…
- (بيت) ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، ھَلجِ…
- (بيت) ڪيچِي وِئَڙا ڪالَهہ، تُون اوڳِي…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
- (بيت) ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي،…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر ڪوھياري جَي پڇتاءَ ۽ انومان جو بيت
سُڃَ وَسَندِي تَنِ کي، جوشَ جَلايا جي،
طالِبَ جي تَحقِيقَ جا، نِينھُن تَنِي وَٽِ ني،
ٽيڏِي پَسي ٽي، ھُو تان آھي ھيڪِڙو.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سالڪ) جيڪي (حق جي) جوش ۽ جذبي ۾ جلي (سڙي پچي) چڪا آهن، تن لاءِ سڃ ۽ ويراني بہ وسندي ۽ آبادي وانگر آهي (اهي فنا ۾ آهن)، تون پنھنجي سڪ ۽ درد وارو حال تحقيق (جي مقام تي فائز صوفين) وٽ وڃي پيش ڪر. باقي اک جي ڦير واري يعني ٽيڏي انسان کي هميشه هڪ جي بدران ٽي شيون ئي نظر اينديون آهن جيتوڻيڪ (مالڪ حقيقي) تہ هڪڙو ئي (واحد) آهي.
[مثنوي روميءَ ۾ هن پسمنظر وارا ڪيترائي بيت آهن، خاص طور هڪ حديث بيان ٿيل آهي تہ جيڪو الله جي حضور ۾ وڃڻ گهري تہ هو صوفين جي مجلس ۾ وڃي ويھي. هڪ ٻي تشبيھ ذريعي سمجهائي ٿو تہ جڏهن ميڻ ۽ ڪاٺي باھ جي شعلي ۾ جلن ٿا تڏهن سندن اونداهي روشنيءَ ۾ تبديل ٿئي ٿي. اهو انسان خوشنصيب آهي جيڪو پنھنجي اونداهيءَ واري قيد مان نڪتو ۽ ٻئي زنده انسان (صاحب تحقيق) جي روشن صحبت ۾ پھتو.
رومي مثنويءَ ۾ علم تقليدي ۽ تحقيقي جي تفريق ڪندي هينئن چيو آهي:
مشتري علم تحقيقي حق است،
دايما بازار او با رونق است.
(دفتر دوم، ب-3266)
معنيٰ: تحقيقي علم جو خريدار الله تعاليٰ پاڻ آهي. انهيءَ ڪري اها بازار هميشه پر رونق آهي.
اڳتي چوي ٿو جنھن جي اک ٽيڏي آهي اها ٽيڏو ئي ڏسندي اهو پاڻ ڀلي کڻي سڌو هلي يا ٽيڏ کان بچڻ لاءِ هيٺ ٿي يا جهڪي هلي.
باز حس کز نہ بيند غير کز،
خواه کز غز پيش او يار است غز.
چشم احول از يکي ديدن يقين،
دانک معزولست اي خواجه معين.
(دفتر چهارم، ب- 2394-95)
معنيٰ: جنھن جي اک ٽيڏي آهي تہ اها ٽيڏائي کان سواءِ ٻيو ڪجهہ نہ ڏسندي، توڻي جو تون ان جي آڏو ڪيڏو بہ سڌو ٿي هلندين. مطلب تہ اي دوست، ٽيڏي اک هڪ (وحدت) کي ڏسڻ کان قاصر آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 109
سُنڃَہ وَسَندِيْ تَنِکٖيْ جَوْشَ جَلَايَا جٖيْ﮶
طَالِبَ جٖيْ تَحْقِيْقَجَا نِيْهُ تَنٍ وَٽِ نٖيْ﮶
ٽٖيْڎِيْ پَسٖيْ ٽٖيْ هُوْتَا اٰهٖيْ هٖيڪَرُوْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सुञ वसंदी तनि खे। जोश जलाया जे।
तालिब जी तह्क़ीक़ जा। नींहुं तनी वटि ने।
टेडी॒ पसे टे। हू तां आहे हेकड़ो।
ROMAN SINDHI
sunj'a wasandi tan'ay khhay, josh'a jalaaya jay,
taalib'a ji tahqeeq'a jaa, neenh'u tani watt'ay nee,
tteddi pasay ttay, hoo taa'n aahay hekirro.
TRANSLATIONS
Those who are internally consumed by the blaze of love are rehabilitated with nothing, (i.e. they behold nothing except Allah). You should carry love to those (i.e. be friendly with them), who are seekers of the Truth. Allah is One, the Unique, but the cock-eyed attribute three unto Him.
" And say not: They are those". (171, Al-Nisa)
زیرک و داناست اما نیست نیست
تا فرشتہ لا نشد آہرمنیست
(Roomi)
He is intelligent but that means nothing; so long he does not become the champion of "nothing", he is a disbeliever.
Those in love's fire, perceive none,
Take your love to those who seek the truth,
Cock-eyed sees as' three, but He is only one.
For those, who are burnt by the fire of love,
Wilderness is a habitation,
Take your love to the seekers of truth,
The cock-eyed sees three, whereas He is one.
الذين حرقهم غليل العشق ليس لهم إلا البراري والعدم الذين يدورون الحق والصدق شل وخذ عشقك واذهب عندهم وتعلم منهم الحب الحقيقي.
الحولاء ترى ثلاثا ولاكن هو واحد وأحد لا كفواً احد.
عشق جہناں دے اندر وسیا سُنا نظریں آون
حق دے طالب ہی پر تینوں، دسن گے نہوں لاون
بھینگی اکھ نوں تِن تِن دِسدے پر سچا رب جے اِکو
ویرانوں کو گلشن جانیں، یار کے جو سودائی،
جا تو اِن کے پاس سکھی! جو حق کے ہیں شیدائی،
کب دیکھیں یکتائی، پھیر ہو جن کی آنکھوں میں۔