Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن وائيءَ جا مُکيہ اِسم
- سُر کنڀات جَي وايون جي وائِي
ھِي ٻَہ ڳالِهڙِيُون، آئُون اورِيندِي پِرِينءَ سين،
گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون،
ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون.
رسالن ۾ موجودگي: 38 سيڪڙو
سمجهاڻي
او منھنجا سڄڻ، هي ٿورڙيون (ٻہ چار) ڳالهيون آءٌ ضرور پنھنجي پرينءَ سان ويھي ڪنديس. کيس اهو ٻڌائينديس تہ تنھنجي قرب واريون ڳالهيون بيشمار آهن، جيڪي کٽڻ واريون نہ آهن. ليڪن مون کي پرينءَ سان نويڪلائيءَ ۾ ملڻ جو موقعو ئي نہ مليو آهي. (آءٌ اهي ڳالهيون ڪريان تہ ڪنھن سان ڪريان). اهي ڳالهيون مان ٻين سان نٿي ڪري سگهان (اهي راز واريون ڳالهيون آهن).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود کنڀات، بيت نمبر : 1329
هٖيْ ٻَہ کَالَرِيٌ آَءٌ اُوْرِيْدِيْ پِرْيَس﮼﮶
کَالِيٌ پِرْيَمِ تُھْجِيٌ وَڌِيْ وَنَ ٿِيٌ﮶
کُوْشٖيْ پِرٍ نَہ کَڎِئَا کَرَس﮼ مُنْ نَڪِيٌ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
ही ब॒ गा॒लहड़ियूं। आऊं औरींदी पिरींअ सें।
गोशे पिरीं न गडि॒आ। खर सें मूं न कियूं।
गा॒लिहियूं पिरियमि तुंहिंजूं। वधी वण थियूं।
ROMAN SINDHI
Hee baa Galh'ryon, aaoon a'orein'dey pireen seein,
Gosheiy preen naa Gad'ia, khar'r seein moon naa kayon,
Galh'yon prem tuhanjoon, waDey waan'n thei'yon.
TRANSLATIONS
داستان اندر ٻيو اندراج
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت


ھي کماج ٺاٺ جو راڳ نالي کماچ، کاڊو سمپورن راڳ آھي. ھن جي ڳائڻ جو سمو بہ اڌ رات کان پوءِ جو آھي. ھن راڳ جي سُرن جي بيھڪ ھيٺينءَ ريت آھي:
آروھي: سا گا ما پا ڌا ني سا
آوروھي: سا ني ڌا پا ما گا ري سا
ھن جو وادي سر ”گا“ ۽ سموادي سر ”ني“ اٿس.
