ڳالِهيُون بابت
معنيٰ
چوڻيون. آکاڻيون، ڪھاڻيون، قصا، گفتگو، بيان، ذڪر، داستان، نقل، حڪايتون. ڪھڻيون، وايُون، پچارون.
Sayings, stories, tellings, sagas.
بيتن ۽ وائين ۾
- اُوڄُون ڪَري عامَ کي، مُنجهايو مُلَنِ، اُوءِ پِريان ئِي پاسي ٿِئا، ٿا ڳَھَ ڳَھَ ڳالِهيُون ڪَن، ساھَئُون اوڏو سُپِرِين، لوچِئو…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ھِي ٻَہ ڳالِهڙِيُون، آئُون اورِيندِي پِرِينءَ سين، گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون، ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي…[ سُر کنڀات - وايون ]
- ٻيڙِياتا ٻيئِي، تو نَہ ڦَٻَندِيُون ڳالِهيُون، سَڄِيُون راتِيُون سُمَھين، ڀَرُ سُکان ڏيئِي، سُڀا سَڀَيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبَرُون.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- لاھِيندا ئِي ڪَنِ، ڳالِهيُون ھَلَڻَ سَندِيُون، ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَھِ وِجَهندا جِندَڙو.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- جيڪَرَ اَچي ھاڻِ، تَہ ڪَرِيان رُوحَ رُچَندِيُون، آيَلِ ڍولي ساڻُ، ھُوندَ ڳَرِ لَڳِي ڳالِهيُون ڪَرِيان.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِھَڙا پِرِين، وَلِيُنِ جِيئَن وَرِيامِ، ڳالِهيُون ڳُڻَ پِرِيَنِ جا.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ، جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ھوتَ ٻاروچي ساڻُ، جيڏِيُون جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ جُون ڳالِهيُون، چَڙِهي ڏُونگَرَ چوٽِيين، پُرزا ڪِندِيَسِ پاڻُ، ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، يارَ سَڱَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏِيُون، مُنھِنجو لالَڻُ آيو پيھِي، مُنھِنجا وِئَڙا سُورَ سَڀَيئِي، ھُئِي شِڪَستِي سَسُئِي، رازَ پُنهونءَ جي ريهِي، ڳالِهيُون…[ سُر ديسي - وايون ]
- نَئُون نِينھُن لَڳوسِ، ڳَري ۽ ڳالِهيُون ڪَري، اورِيندي اَرٽَ سين، پُنهون يادِ پِيوسِ، پَھو پَٽِ ڪِريوسِ، ھُو ھَٿُ اوڏاھِين رَھِيو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- جِيئَن جِيئَن جَهلي جَڳُ، تِيئَن تِيئَن مُون تاڪِيدُ ٿِئي، ڳَھِلو ٿو ڳالِهيُون ڪَري، وِرسِئو ڀُڻي وَڳُ، لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- وِئا تَہ ڄاڻانِ، آئُون نَہ چُوندِي گهورِئا، ڳالِهيُون ڳُڻَ سَندانِ، موڙي ٻَڌا مان ڳَري.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ھوڏَ ڇَڏي ھوڏي، جَي مان گهَرِ اَچين سُپِرِين، ڳالِهيُون ڳَرَھَڻَ جِھَڙِيُون، تَنَ گهُرِيُون توڏي، جَي وِھين گَڏُ گوڏي، تَہ دَورَ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- بيکارِيءَ کي بَرَ پَٽَ ۾، چُرِئو ڪيفُ چَڙِھِي، ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙھا پيَسِ ڳَڙِي، ڪا جَا اَنگُهہ اَڙِي، جِيئَن…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- مُومَلَ ويٺِي مَينڌَرو، سَدائِين ساري، وَلِيُون واسَ وَرَنِيون چانگي کي چاري، جَڏھِن تَڏِھِين سُپِرِين، اِيندومِ اوتاري، سوڍي سين ساري، ڳالِهيُون…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- ڀَڪُلِئا ڀُڻَنِ، دَلَقَ گَڏِئو ڌُوڙِ ۾، ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ، ڪا مُلِ آھي تَنِ، مُون پِريان…[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ڪَنھِن جَنھِن کيپَ خُمارِئا، ڀَوَرِئا ڀُوڻَنِ، ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ، سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ھييَئُون حَرَفُ حِسابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري، وَڃِي وَحدانِيَتَ ۾، ھَلَنِ پِيرَ ڀَري، ڳُجَهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪَنھِن سين ڪِينَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- جَو تو مَڻِيو ڀانيو، سو اَصلِ ڪُوڙو ڪَچُ، ھِنَ دُتاري ھارَ کي، سوڀِي ڀانءِ مَ سَچُ، ھِتِ ڳالِهيُون ڪَرِيين ڳَچُ،…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- تو ھَٿَڙا سونَ جا، ڪوھُ نَہ ڪَتين رَڏِ، ويھِي ڪاپو ڪَرِيين نَہ ڪُنڊَ ۾، کَٽِيُون ڳالِهيُون ڇَڏِ، تَہ صَرافاڻي سَڏِ،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سَنڀِرِئو جِيئان، ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڳُڻَ ڪيتِرا ڳَڻِيان، ٿورَنِ مَٿو ناھِ ڪو.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- چيتارِئو چُوندِياسِ، ڳالِهيُون کي سَڄَڻين، جُھ مُقابِل ٿِياسِ، تَہ سَڀَ وَڃَنِمِ وِسَريِ.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- سَڄَڻَ سان نَہ ڀيٽَ، ڳُجُهہ ڳَرھِيان ڪَنِ سين، ڳالِهيُون اَندَرِ پيٽَ، سَلا موري سُڪِيُون.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- ڳالِهيُون پيٽَ وَرَنِ ۾، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون، پَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون، گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي وِئا، ڳالِهيُون ڳُڻَ ڇَڏي، سَنڪي سَندي سُومَري، وِئَڙا راڄَ لَڏي، وَڃِي ويٺا ويڙِهيين، اَجهائُون اَڏي، ڀِرِي ڀاڳِ…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- اَڄُ پُڻ آندِيُون اوٺِيين، ڪِتابَتُون ڪي، ڳالِهيُون ڳوٺايَنِ جُون، سُڻُ تُون عُمَرَ سي، نٓ وَ الْقَلَمِ وَ مَا یَسْطُرُوْنَ ،…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- مُنھِنجُون ڳالِهيُون مارُوءَ ساڻُ، ڍولِئي ساڻُ، سُومَرا آئُون ٿَر وَڃان، مُون کي مُون پِرِيَنِ جُون، مَرُ ٿِيُون ليڙُون لُڏَنِ، ٻَڌا…[ سُر مارئي - وايون ]
- ويٺِي ڪَري وَرَنَ، مي مَڇيءَ ۾ ھَٿَڙا، راجا اَڳي رَکِي ھُئِي، مُھاڻِي ۾ مَنَ، تَماچِيءَ جي تَنَ، ڳالِهيُون چَيَسِ ڳُجِهيُون.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]