Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين،…
- (وائِي) جيڪَرَ جيڏِيُون اَلو، ڪَرَھَ سَندانِ…
- (وائِي) جِيئَري ساڻُ جَتَنِ، لَڳو ناتو…
- (وائِي) دَردَ فِراقَ مِيان پُنهون سائِين،…
- (وائِي) سَڳَرَ مَجِهہ سُڻِينِ، اي يا…
- (وائِي) لَڪَ لَنگهِيائُون، وَڃِي ڏيرَ قَرارِئا…
- (وائِي) مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ،…
- (وائِي) ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ…
- (وائِي) ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي…
- (وائِي) ٻَڙِي مادَرِ ماءُ، مُون ۾…
- (وائِي) ڀَلو جيڏِيُون، ھوتَ بَلوچي جِي…
- (وائِي) ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو،…
- (وائِي) ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ساڻُ، ڪَرَھَنِ ڪيچِيَنِ…
- (وائِي) ڏُونگَرَ ڏِجو ڏَسُ، مِيآن ڪو…
- (وائِي) ڪيچِ ڪَمِيڻِيءَ کي نِجا وو…
- (وائِي) ڪِھَڙي آندين سانگَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ…
- (وائِي) ھاڙھي ھيٺِ لَڳا، سَڄَرَ پيرَ،…
- (وائِي) ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي…
- (وائِي) ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو…
- سُر ديسي جَي وايون جي وائِي
جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏِيُون، مُنھِنجو لالَڻُ آيو پيھِي،
مُنھِنجا وِئَڙا سُورَ سَڀَيئِي،
ھُئِي شِڪَستِي سَسُئِي، رازَ پُنهونءَ جي ريهِي،
ڳالِهيُون ڪَنديَس ڳُجِهيُون، مُنھِن مُقابِلَ ويھِي،
کَٿُورِي بارُ کَڻِي، آيا ڏُونگَرَ ڏيھِي،
سَرڪَشِي سَردارَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي ڀينر! اي جيڏيون! آءٌ وري جيئري ٿي پيئي آهيان (مان ڏاڍي خوش آهيان)، مون کي نئين حياتي ملي آهي، منھنجو سهڻو ساجن منھنجي گهر اچي ويو آهي ۽ منھنجا سڀ ڏک سور مٽجي ويا آهن. هاڻي آءٌ مخفي راز واريون (دل جون) ڳالهيون هن سان آمهون سامهون ويھي ڪنديس. منھنجو پنهون جيڪو پاڻ ڏونگر آهي (ڏونگر جيڏو وڏو ۽ اُتاهون آهي) سو مون وٽ پاڻ خوشبوءِ جا انبار کڻي آيو آهي. هوت پنهونءَ راضي ٿي ڀڳل ٽٽل سورن سان چُور سسئيءَ کي ڳنڍي ڇڏيو (وري صحيح سالم ڪيو). هوت پنهونءَ جھڙي سردار سان هن نالائق جي گستاخيءَ جي ڇا مجال آهي!
(لفظ شڪستہ يا ’اشڪسته‘ بلڪل انهيءَ مفهوم ۾ روميءَ جو پسنديده اصطلاح آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو:
پس شدند اشکستہ اش اين صادقان،
ليک کو خود آن شکست عاشقان،
عاقلان اشکستہ از اضطرار،
عاشقان اشکستہ با اصد اختيار.
(دفتر سوم، ب-9 447- 71)
معنيٰ: جيتوڻيڪ اهي سچا انسان بہ پنھنجي مقصد ۾ شڪست کائي ويا آهن، پر هنن ۾ عاشقن واري شڪستگي ڪٿي آهي؟ عقلمند مجبوريءَ جي ڪري شڪستہ ٿين ٿا، پر عاشق سو دفعا خود مختيار هجڻ جي باوجود شڪستگي قبول ڪن ٿا.
هن سلسلي ۾ رومي هڪ حديث قدسي جو بہ حوالو ڏئي ٿو: ’انا عندالمنکسرة قلوبهم‘، يعني الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته: ’منھنجو مسڪن ڀڳل ٽٽل يعني عاجز ۽ نماڻيون دليون آهن.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سسئي، بيت نمبر : 514
جِيَسِ جِيَسِ وُوْ جٖيْڎِيٌ مُھْجُوْ لَالَنُ آَيُوْ پٖيْھِيْ﮶
هُئِيْ شِکَسْتِيْ سَسُئِيْ رَازَ پُنُوْهَجٖيْ رٖيْھِيْ﮶
سَرْڪَشِيْ سَرِدَارَس﮼ مُنْ ڪَمِيْـنِيَ ڪٖيھِيْ﮶
کَالِيٌ ڪَندِيَسِ کُجِيٌ مُهُ مُقَابِلِ وٖيْھِيْ﮶
کَٿُوْرِيْ بَارُ کَنِيْ اٰيَا ڎُنکَرَ ڎِيْھِيْ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जियसि जियसि वौ जेडि॒यूं। मुंहिंजो लालणु आयो पेही।
मुंहिंजा विअड़ा सूर सभेई।
हुई शिकस्ती ससुई। राज़ पुन्हूंअ जे रेही।
गा॒लिहियूं कंदियस ग॒झियूं। मुंहि मुक़ाबिल वेही।
खथूरी बारु खणी। आया डूं॒गर डे॒ही।
सर्कशी सर्दार सें। मूं कमीणीअ केही।
ROMAN SINDHI
Jiyas'ay jiyas'ay wo jeddiyoo'n, munhinjo laalann'u aayo peehi,
munhinaa wi'arraa soor'a sabhay'ee,
hu'ee shikasti Sassui, raaz'a Punhoon'a jay rehi,
ggaalihyoo'n kandiyas ggujihyoo'n, munhin muqabil'a wehi,
khhathoori baar'u khhathi, aayaa ddoongar'a ddehi,
sarkashi sardaar see'n, moo'n kameenni'a kehi.
TRANSLATIONS
My dear Beloved has visited me, and all my sorrows and pains have disappeared. I have been saved, yes, saved. O friends! Since he has come to me, I feel enlivened. I would sit face to face with him and have a good tete-a-tete.
وار وی دردِ دل من وصلِ دلدار من است
Union with the beloved is the remedy for the malady of my heart.
The mountaineer has brought camel loads of musk. (Any one may avail of it). I, a mere plebeian, cannot afford to have a controversy with my Lord (by stressing my claims for it as his wife).
Sasui had grown despondent; but she was sustained by the confidences made to her by Lord Punhoo. Abdul Latif says: "O sisters! my Lord himself has come."
The beloved came in, all sorrows went away,
I am enlivened, mates, my beloved has come,
I will sit face to face with him and have heartily talk,
The highlander has brought camel-loads of musk with him,
How can I, a low woman, ever be headstrong with the lord,
Sassui was completely down and under, but some secret of Punhoon has revived her,
Abdul Lateef says, o mates, the beloved has come back to me.
پینڈے کردا سجن آیا دُکھ نٹھا سُکھ پایا
سئیونی میرا ماہی آیا
ساہنویں بہہ کے گلاں کردا گجھا بھیت بتایا
سئیونی میرا ماہی آیا
بھر لایا کھیپ کتھوری کل ویہڑا مہکایا
سئیونی میرا ماہی آیا
میں کمینی اوہ جام ارانی مینوں بھاگ لگایا
سئیونی میرا ماہی آیا
آپا وار فناہ ہو جانا بھیت عشق دا پایا
سئیونی میرا ماہی آیا
کہے لطیف نی دیو ودھائی لالن مونہہ دکھلایا
سئیونی میرا ماہی آیا
ساجن انگنا آیا، دور ہوا دکھ سارا،
میں تو جی اُٹھی ہوں جگ میں،
پی سنگ ہونگی پیار کی باتیں، پی نے مکھ دکھلایا،
مہکا مہکا شہر ہے سارا، خوشبوئیں وہ لایا،
میں عاجز کیا آن دکھاؤں، سب کا تو ہی سہارا،
تھی ابھاگن سسی، یار نے بھاگ جگایا،
سکھیو! شاہ لطیف کہے کہ، ساجن انگنا آیا۔