کَٿُورِي بابت
معنيٰ
سرهاڻ، هرڻ جي دُن مان نڪتل خوشبودار شيءِ. کستوري. مشڪ.
Musk. A kind of fragrance.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھُنَ تاري ھُنَ رُوءِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڄَڻَ کَٿُورِيءَ بُوءِ، مُون کي مُورِ نَہ وِسَرِئا.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري، ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ، جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چَنڊَ مَ اُڀِرُ سَنجَهہ، تَہ اُونداھِي اَجهو ڪَرِيان، ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنۡجَ، رُٺا پِرِين پَھايانَ.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- وَکَرُ وِھايُئِي لُوڻُ، ٿو رُنگَ کَٿُورِيءَ گُهرين، ڀُنگو تُنھِنجو ڀَرِ تي، جِمَ ڳالَهائِين ڪُوڙُ، جِمَ وِڃائِيين مُورُ، کَٽِئو تُنھِنجو تو…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَھُون وَڻِجارَنِ جُون، آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- اَچَنِ اُھيئِي، جَنِ لاءِ ڪانگَ اُڏايان، ٻيڙِياتا ٻيڙِيُنِ ۾، پِئا ڀُڻَنِ سَڀَيئِي، سامُونڊِي سيئِي، جَنِ واھَڻَ کَٿُورِيءَ واسِئا.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- تَڙَ نِھارِئان تي مُنھِنجا بَندَرِ وِئَڙا جٖي، مانَ سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، پِرِينءَ پَنھِنجي کي، کَٿُورِي سَمُنڊَ کي،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- لَھَرِ مِڙيوئِي لالُ، وِھَڻُ کَٿُورِيان وِتَرو، اوٻارا عَنبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ، ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَهہ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ، اُتَران ٿِي آيُون، ڀَري تَڙَ تَرايُون، جوڙي ھَلِيو جُوءِ، پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، وَڃِي رُوبَرُوءِ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، پاڙان پِريَتڻُون، کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙهي مَرِجِ مُنھَن ۾.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- اَسِين ذاتِ پَرٽَ، پورھِيَتَ پُنهونءَ ڄامَ جا، ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ، آتَڻَ ۾ اُکَٽَ، ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪامَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏِيُون، مُنھِنجو لالَڻُ آيو پيھِي، مُنھِنجا وِئَڙا سُورَ سَڀَيئِي، ھُئِي شِڪَستِي سَسُئِي، رازَ پُنهونءَ جي ريهِي، ڳالِهيُون…[ سُر ديسي - وايون ]
- سونَ وَرِنِيُون سوڍِيُون، رُپي راندِيُون ڪَنِ، اَگرَ اوطاقُنِ ۾، کَٿُورِيُون کَٽُنِ، اوتِيائُون عَنبِيرَ جا، مَٿي تاڪَ تَڙَنِ، ٻاٽَنِ لاھُوتِي لَطِيفُ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- راڻي جِيءَ رِھاڻِ مان، ڪو آيو آديسِي، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ سين، وِلاتَ سَڀَ واسِي، سُوڌو سَناسِي، اُتاھِين ٿِي آيو.[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- مُومَلَ سُومَلَ سَھِجان، ٽيئي وِڄُنِ جي وَڙاءَ، اُنِ کي جوڙا زَربَفتَ جا، ٻِئا سَهچَنِ سونَ ڪَڙا، کاڄُ کَٿُورِي اُنِ جو،…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، اَچِي وائِي وَڻُ، تو ۾ بُوءِ بَھارَ جِي، مُشڪَ کَٿُورِيءَ مَڻُ، اَچِي عَجِيبَنِ جو، اورانگِهجِ اَڱڻُ، توکي…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ اَڄُ صُبوحِ، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، آھِ آديسِي گِيا.[ سُر پورب - جوڳي ]
- لائِي جَا وِڙَنِ کي، سا ڪانڌَ مُنھِنجي ڪورَ، ڇَپَرُ کَٿُورِي ٿِئو، ٻِي تازَڙِي ڦُلَنِ ڦورَ، اَچَنِ پِرِين پَٻَکِئا، ڪَرَ ٻاٻِيھو…[ سُر ڏھر - وايون ]
- پَھِي سُکَ پيرين کيھَ، ڪو نِينھَن نِياپو مارُوئين، اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ ڏيھَ، سَندِي جا ساڻيھَ، کِھَ کَٿُورِي ڀانيان.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]