Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (وائِي) آئُون تي ڇُلان مَٿي ڇَپَرين،…
- (وائِي) جيڪَرَ جيڏِيُون اَلو، ڪَرَھَ سَندانِ…
- (وائِي) جِيئَري ساڻُ جَتَنِ، لَڳو ناتو…
- (وائِي) جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏِيُون، مُنھِنجو…
- (وائِي) دَردَ فِراقَ مِيان پُنهون سائِين،…
- (وائِي) لَڪَ لَنگهِيائُون، وَڃِي ڏيرَ قَرارِئا…
- (وائِي) مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ،…
- (وائِي) ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ…
- (وائِي) ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي…
- (وائِي) ٻَڙِي مادَرِ ماءُ، مُون ۾…
- (وائِي) ڀَلو جيڏِيُون، ھوتَ بَلوچي جِي…
- (وائِي) ڇا کي ٿا ڪَرَھَ قَطارِئو،…
- (وائِي) ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ساڻُ، ڪَرَھَنِ ڪيچِيَنِ…
- (وائِي) ڏُونگَرَ ڏِجو ڏَسُ، مِيآن ڪو…
- (وائِي) ڪيچِ ڪَمِيڻِيءَ کي نِجا وو…
- (وائِي) ڪِھَڙي آندين سانگَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ…
- (وائِي) ھاڙھي ھيٺِ لَڳا، سَڄَرَ پيرَ،…
- (وائِي) ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي…
- (وائِي) ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو…
- سُر ديسي جَي وايون جي وائِي
سَڳَرَ مَجِهہ سُڻِينِ، اي يا اللہ،
سَڏَ مُنھِنجا سُپِرِين،
ڪا جَا اُرڪَ اوٺِيين، ڪَرَھَلَ ڪوڏِ ڪَشِينِ،
ڪامِلَ ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڳالهائِينِ ۽ ڳَنڍِينِ.
رسالن ۾ موجودگي: 36 سيڪڙو
سمجهاڻي
(سسئيءَ جي آزي نيازي) يا الله، منھنجا سائين، تون هن ساٿ واري راھ ۾ منھنجو عرض قبول ڪر. اُٺن وارن کي ايڏي اُڻ تڻ آهي جو اُٺن کي تيز ۽ تڪڙو پيا ڪاهين. ڪاملن جو شيوو آهي ڪچيءَ تند وارو نازڪ ناتو نباهڻ، اُهي ساڳئي وقت ڳالهائين بہ ۽ ڳنڍين بہ (ڄاڻو ڪوري ساڳئي وقت ويٺلن سان ڳالهائيندا بہ پيا تہ ٽٽل تند کي بہ چپٽيءَ جي موڙ سان پيا ڳنڍيندا).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود جاجڪاڻي، بيت نمبر : 2467w1
وائے
سَکَرَ مَنجِہ سُنِيْنِ اِيُ مُنْ يَالَا سَڎَ مُھْجَا سُپِرٍ﮶
ڪَا جَا اُرْڪَ اُوْٽِي﮼ ڪَرْهَلَ ڪُوْڎِ ڪَسِيْنِ﮶
ڪَامِلَ ڪَچِيَ تَندُ جِنْ کَالَائِيْنِ ءٍ کَنڊِّيْنِ﮶
ھِي وائي ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सग॒र मन्झि सुणीनि। ए या अल्लाह।
सड॒ मुंहिंजा सुपिरीं।
का जा उर्क ओठियें। करहल कोड॒ कशीनि।
कामिल कचीअ तंदु जीअं। गा॒लहाईनि एं गं॒ढीनि।
ROMAN SINDHI
Saggar'a majh'ay sunneen'ay, ay yaa Allah,
sadd'a munhinjaa supireen,
kaa jaa urk'a aothhi'een, karahal'a kodd'ay kasheen'ay,
kaamil'a kachi'a tand'u jee'en, ggaalaa'een'ay aen ggandhheen'ay.