Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون جَنِ آساري، مَٿي تَڙَ…
- (بيت) آئِي اُتَرَ مُندَ، ھِينئين اُڊَڪو…
- (بيت) آيَلِ ڍولي سان، جَي اَچي…
- (بيت) اَچَنِ اُھيئِي، جَنِ لاءِ ڪانگَ…
- (بيت) اَڱَڻِ آيا جانۡ، تَہ سَرَتِيُون…
- (بيت) اُتَرَ لَڳي اوھَرِئا، واھُوندي وَرَنِ،…
- (بيت) تان ڪِي لَئِجِ ڪانگَ، ڪَڏِھِين…
- (بيت) تَنَ جَنِي جِي تانگهَہ، سي…
- (بيت) جانۡ مُون وَڻِجارو ڪانڌُ، تانۡ…
- (بيت) سَرَ لوھِيڙا ڳَڀِئا، ڪُسَرَ نِسَرِئا،…
- (بيت) سَرَ نِسَرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا…
- (بيت) لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لاءِ لَنڪا…
- (بيت) لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه…
- (بيت) وانءُ وَڃِي وانئُٺِ، ھِينئَڙا ماڳُ…
- (بيت) وَڏو ڀاڳُ سَندونِ، جِيئَن مَڪو…
- (بيت) وَڻَجاري جِي ويرَ، سَؤُ سين…
- (بيت) وَڻِجاري جِي ماءِ، وَڻِجارو نَہ…
- (بيت) وَڻِجاري ڪانڌا، مُون وَرُ ويٺي…
- (بيت) وَڻِجاري ڪانڌا، ڪورِي ڪانڌُ نَہ…
- (بيت) وَڻِجارَنِ واري، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا،…
- (بيت) وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا،…
- (بيت) وِئَڙا ڪالُ ڪري، ٻارھين ماھِ…
- (بيت) چَمَڪِيُون چوڌارَ، ڌَڄِيُون ڌاڙيچَنِ جُون،…
- (بيت) ڍولو وِئَڙو ڏُورِ، آئُون ٿِي…
- (بيت) کارو جي کيڙِينِ، سيئِي مُنھِنجا…
- (بيت) کاري کيڙائُو مِٺي مُورِ نَہ…
- (بيت) کاري کيڙائُو، بِرھَ بُوبُ بَناءِ،…
- (بيت) کيڙائُنِ کارو، سَنجهيئِي سارِئو، آيَلِ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سامونڊي جَي سيءَ ۽ جهيڙا جو بيت
جيڪَرَ اَچي ھاڻِ، تَہ ڪَرِيان رُوحَ رُچَندِيُون،
آيَلِ ڍولي ساڻُ، ھُوندَ ڳَرِ لَڳِي ڳالِهيُون ڪَرِيان.
رسالن ۾ موجودگي: 93 سيڪڙو
سمجهاڻي
(وڻجاري ڪانڌ کي ياد پيئي ڪري) جيڪر منھنجو سڄڻ هينئر موٽي اچي تہ آءٌ ساڻس (راتين جون راتيون ويجهو ويھي) دل ۽ من کي راحت ڏيندڙ رهاڻيون ڪريان. اي جيجل، منھنجي دل چوي ٿي تہ جيڪر پرينءَ سان ڳلي لڳي ڳالهيون ڪريان. (اندر جو احوال نويڪلائيءَ ۾ اوريان.)
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سامونڊي، بيت نمبر : 1509
جٖيْڪَرَ اَچٖيْ هَانِ تَڪَرِيَان رُوْحَ رُچَندِيٌ﮶
آَيَلِ ڊُوْلٖيْ سَان هُندَ کَرَ لَـکِيْ کَالٍ ڪَرِيَان﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
जेकर अचे हाणि। त करियां रूह रुचंदियूं।
आयलि ढोले साणु। हूंद ग॒रि लगे॒ गा॒लिह्यूं करियां।
ROMAN SINDHI
Jekar achey haann, ta karyaan rooh ruchandeywoo,
Aayal dwoley sann, hoondh garh lageey galhewyn karyaan.
TRANSLATIONS
(old) O mother! If my dear one were to come now, I would cling to him in an embrace and speak words of heartfelt love to him.
"Would he come now, fortunate would I myself hold,
Embracing him tight, sweet talk I would hold?
If he comes now I will have heart to heart talk with him,
O mother I would cling to him and will exchange words of love with my love.
لو هو يعود الآن. أجالس معه! يا أماه!
ياليتني أعانق الحبيب عاقا حارا. وأحادث معه.
جیکر میرا ڈھولن آوے ریجھ چروکی لاہواں
مائے نی گل لگ کے اوہدے دل دی آکھ سناواں
اب کے میرے انگنا، آئے جو میرا ساجن،
کروں میں من کی بتیاں، بانہیں ڈال گلےمیں۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)