Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون جَنِ آساري، مَٿي تَڙَ…
- (بيت) آئِي اُتَرَ مُندَ، ھِينئين اُڊَڪو…
- (بيت) آيَلِ ڍولي سان، جَي اَچي…
- (بيت) اَچَنِ اُھيئِي، جَنِ لاءِ ڪانگَ…
- (بيت) اَڱَڻِ آيا جانۡ، تَہ سَرَتِيُون…
- (بيت) اُتَرَ لَڳي اوھَرِئا، واھُوندي وَرَنِ،…
- (بيت) تان ڪِي لَئِجِ ڪانگَ، ڪَڏِھِين…
- (بيت) جانۡ مُون وَڻِجارو ڪانڌُ، تانۡ…
- (بيت) جيڪَرَ اَچي ھاڻِ، تَہ ڪَرِيان…
- (بيت) سَرَ لوھِيڙا ڳَڀِئا، ڪُسَرَ نِسَرِئا،…
- (بيت) سَرَ نِسَرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا…
- (بيت) لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لاءِ لَنڪا…
- (بيت) لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه…
- (بيت) وانءُ وَڃِي وانئُٺِ، ھِينئَڙا ماڳُ…
- (بيت) وَڏو ڀاڳُ سَندونِ، جِيئَن مَڪو…
- (بيت) وَڻَجاري جِي ويرَ، سَؤُ سين…
- (بيت) وَڻِجاري جِي ماءِ، وَڻِجارو نَہ…
- (بيت) وَڻِجاري ڪانڌا، مُون وَرُ ويٺي…
- (بيت) وَڻِجاري ڪانڌا، ڪورِي ڪانڌُ نَہ…
- (بيت) وَڻِجارَنِ واري، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا،…
- (بيت) وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا،…
- (بيت) وِئَڙا ڪالُ ڪري، ٻارھين ماھِ…
- (بيت) چَمَڪِيُون چوڌارَ، ڌَڄِيُون ڌاڙيچَنِ جُون،…
- (بيت) ڍولو وِئَڙو ڏُورِ، آئُون ٿِي…
- (بيت) کارو جي کيڙِينِ، سيئِي مُنھِنجا…
- (بيت) کاري کيڙائُو مِٺي مُورِ نَہ…
- (بيت) کاري کيڙائُو، بِرھَ بُوبُ بَناءِ،…
- (بيت) کيڙائُنِ کارو، سَنجهيئِي سارِئو، آيَلِ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سامونڊي جَي سيءَ ۽ جهيڙا جو بيت
تَنَ جَنِي جِي تانگهَہ، سي سَڄَڻَ سَفَر ھَلِئا،
لَئِجِ لاتِ لَطِيفُ چئَي، ڪَڏِھِين اِيندَمِ ڪانگَ،
ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ، پِرِين پَرَڏيھِي ڪِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 73 سيڪڙو
سمجهاڻي
منھنجي اندر ۾ جن سڄڻن لاءِ انتظار آهي، اُهي سفر تي روانا ٿي ويا. اي ڪانگ، تون پنھنجي مٺڙي ٻوليءَ ۾ ٻڌاءِ تہ اُهي سڄڻ وري واپس ڪڏهن ايندا. (مان سمجهان ٿو) ڪنھن ڳريءَ ڳالهہ جي ڪري پرين پرديسي ٿي ويا آهن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سامونڊي، بيت نمبر : 1498
تَنَ جَنٍ جِيْ تَانکَہ سٖيْ سَڃَنَ سَفَرِ هَلِئَا﮶
لَئِجِہ لَاتِ لَطِيْفُ چٖيْ ڪَڎِہِ اِيْدَمِ ڪَانکَہ﮶
ڪِهْ سَٽَانٖيْ سَانکَہ پِرٍ پَرَڎٖيْھيْ ڪِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तन जनी जी तांघ। से सज॒ण सफ़र हलिआ।
लइजि लाति लतीफ़ु चए। कडि॒हीं ईंदमि कांग।
किंहिं सटाणे सांग। पिरीं परडे॒ही किआ।
ROMAN SINDHI
Tan'a Janee Jee taangh'a, se saJan'a safar haliya,
Laej laat Lateef'u chae, KaDheen aeendum kaang'a,
Kenhn saTaaNe saang'a, Pireen parDehee kiya.
TRANSLATIONS
(old) The friend, for whom I yearn, has gone on voyage. O crow! Do tell me when he would return to me. There must be some strong deteren to keep the dear one in exile.
Those for whom my body craves have embarked on a voyage,
O crow, caw, says Lateef, and tell me when would my beloved come,
What is it that has made him to overstay?
تانگھ جنہاں دی لگی مینوں دور گئے اوہ سجن
مٹھے بول اونہاں دے کاغاں فیر سناں گی کدن
جس کی پریت میں تڑپے جیئرا، چلا وہ بیچ سمندر،
بول رے کاگا!، کب آئے گا، ساجن میرا اب گھر،
کس کارن وہ دلبر، پردیس میں جا بسا ہے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)