Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آئُون جَنِ آساري، مَٿي تَڙَ…
- (بيت) آئِي اُتَرَ مُندَ، ھِينئين اُڊَڪو…
- (بيت) آيَلِ ڍولي سان، جَي اَچي…
- (بيت) اَچَنِ اُھيئِي، جَنِ لاءِ ڪانگَ…
- (بيت) اَڱَڻِ آيا جانۡ، تَہ سَرَتِيُون…
- (بيت) اُتَرَ لَڳي اوھَرِئا، واھُوندي وَرَنِ،…
- (بيت) تَنَ جَنِي جِي تانگهَہ، سي…
- (بيت) جانۡ مُون وَڻِجارو ڪانڌُ، تانۡ…
- (بيت) جيڪَرَ اَچي ھاڻِ، تَہ ڪَرِيان…
- (بيت) سَرَ لوھِيڙا ڳَڀِئا، ڪُسَرَ نِسَرِئا،…
- (بيت) سَرَ نِسَرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا…
- (بيت) لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لاءِ لَنڪا…
- (بيت) لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه…
- (بيت) وانءُ وَڃِي وانئُٺِ، ھِينئَڙا ماڳُ…
- (بيت) وَڏو ڀاڳُ سَندونِ، جِيئَن مَڪو…
- (بيت) وَڻَجاري جِي ويرَ، سَؤُ سين…
- (بيت) وَڻِجاري جِي ماءِ، وَڻِجارو نَہ…
- (بيت) وَڻِجاري ڪانڌا، مُون وَرُ ويٺي…
- (بيت) وَڻِجاري ڪانڌا، ڪورِي ڪانڌُ نَہ…
- (بيت) وَڻِجارَنِ واري، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا،…
- (بيت) وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا،…
- (بيت) وِئَڙا ڪالُ ڪري، ٻارھين ماھِ…
- (بيت) چَمَڪِيُون چوڌارَ، ڌَڄِيُون ڌاڙيچَنِ جُون،…
- (بيت) ڍولو وِئَڙو ڏُورِ، آئُون ٿِي…
- (بيت) کارو جي کيڙِينِ، سيئِي مُنھِنجا…
- (بيت) کاري کيڙائُو مِٺي مُورِ نَہ…
- (بيت) کاري کيڙائُو، بِرھَ بُوبُ بَناءِ،…
- (بيت) کيڙائُنِ کارو، سَنجهيئِي سارِئو، آيَلِ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سامونڊي جَي سيءَ ۽ جهيڙا جو بيت
تان ڪِي لَئِجِ ڪانگَ، ڪَڏِھِين اِيندا مان ڳَري،
سيڻين ڪارَڻِ سانگَ، مُون تان گَهڻائِي ڪِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 80 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي ڪانگ تون اها (خوشخبريءَ واري) ڳالهہ اچي مون کي ٻڌاءِ تہ منھنجا پرين منھنجي گهر ڪڏهن ايندا. (توکي خبر آهي) تہ مون محبوب جي خاطر ڪيڏا نہ حيلا هلايا آهن.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سامونڊي، بيت نمبر : 1499
تَاڪٍ لَئِجِ ڪَانکَہ ڪَڎِہْ اِيْدَا مَاکَرٖيْ﮶
سٖيْنَنِ ڪَارَنِ سَانکَہ مُنْتَان کَنَاءٍ ڪِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तां की लइजि कांग। कडि॒हीं ईंदा मां ग॒रे।
सेणें कारणि सांग। मूं तां घणाई किआ।
ROMAN SINDHI
Taan key laejh kaang, kadhen aeindaa maan Garee,
Seenein kaaran'n saanG, moon taan Ghanaeiy keaa.
TRANSLATIONS
(old) O crow! would you not caw to me when my dear one would return to me. Personally I have observed good many conventions for his safe return.
Caw o crow, and tell me when would he come home to me,
I have observed many rituals for his coming home.
خبر لیا دے کاغاں مینوں ، کد ماہی گھر آوے
حیلے کر کر ہار گئی تان ہور نہیں پرتاوے
کاگا بول اَٹریا پر، کب آئے گا مانجھی،
کیا کیا منت مانی، کہ ساجن لوٹ کے آئے۔
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)