ڳالِهيُون جي سنڌي معنيٰ
چوڻيون. آکاڻيون، ڪھاڻيون، قصا، گفتگو، بيان، ذڪر، داستان، نقل، حڪايتون. ڪھڻيون، وايُون، پچارون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sayings, stories, tellings, sagas.
ڳالِهيُون جا بيتن ۾ حوالا
اُوڄُون ڪَري عامَ کي، مُنجهايو مُلَنِ،
اُوءِ پِريان ئِي پاسي ٿِئا، ٿا ڳَھَ ڳَھَ ڳالِهيُون ڪَن،
ساھَئُون اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ،
دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 34 ]
اُوءِ پِريان ئِي پاسي ٿِئا، ٿا ڳَھَ ڳَھَ ڳالِهيُون ڪَن،
ساھَئُون اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ،
دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 34 ]
ھِي ٻَہ ڳالِهڙِيُون، آئُون اورِيندِي پِرِينءَ سين،
گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون،
ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 1 ]
گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون،
ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 1 ]
ٻيڙِياتا ٻيئِي، تو نَہ ڦَٻَندِيُون ڳالِهيُون،
سَڄِيُون راتِيُون سُمَھين، ڀَرُ سُکان ڏيئِي،
سُڀا سَڀَيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبَرُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 14 ]
سَڄِيُون راتِيُون سُمَھين، ڀَرُ سُکان ڏيئِي،
سُڀا سَڀَيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبَرُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 14 ]
لاھِيندا ئِي ڪَنِ، ڳالِهيُون ھَلَڻَ سَندِيُون،
ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَھِ وِجَهندا جِندَڙو.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 2 ]
ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَھِ وِجَهندا جِندَڙو.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 2 ]
جيڪَرَ اَچي ھاڻِ، تَہ ڪَرِيان رُوحَ رُچَندِيُون،
آيَلِ ڍولي ساڻُ، ھُوندَ ڳَرِ لَڳِي ڳالِهيُون ڪَرِيان.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 14 ]
آيَلِ ڍولي ساڻُ، ھُوندَ ڳَرِ لَڳِي ڳالِهيُون ڪَرِيان.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 14 ]
ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ، ڪوھُ ڄاڻان ڪِھَڙا پِرِين،
وَلِيُنِ جِيئَن وَرِيامِ، ڳالِهيُون ڳُڻَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 12 ]
وَلِيُنِ جِيئَن وَرِيامِ، ڳالِهيُون ڳُڻَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 12 ]
حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ،
جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ،
پَنجَنِ مان پَنِرَھِ ٿِئا، اِيئَن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،
ڏُڪارِيا ڏيھَنِ ۾، مُوذِي سَڀَ مَرَنِ،
مينھِيُون پاڻَمُرادِيُون، ٿَڌا ٿَرَ چَرَنِ،
وَرِي وَڏِيءَ وَسَ جُون، ڪي ڳالِهيُون ڳائِجَنِ،
سَيِّدُ چئَي سَڀَن، آھي تُنھِنجو آسِرو.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 5 ]

ھوتَ ٻاروچي ساڻُ، جيڏِيُون جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ جُون ڳالِهيُون،
چَڙِهي ڏُونگَرَ چوٽِيين، پُرزا ڪِندِيَسِ پاڻُ،
ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، يارَ سَڱَ تُنھِنجي ساڻُ،
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، يارَ وِڃايُمِ ڄاڻُ،
ھَٿان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيانِ، سَندو نِينھَن نِڌاڻُ،
نَصِيبُ ڪَرِ نَہ سُئِيءَ کي، پُنهونءَ اُٺَ وَٿاڻُ.
[ سُر آبڙي، وايون، 14 ]

جِيَسِ جِيَسِ وو جيڏِيُون، مُنھِنجو لالَڻُ آيو پيھِي،
مُنھِنجا وِئَڙا سُورَ سَڀَيئِي،
ھُئِي شِڪَستِي سَسُئِي، رازَ پُنهونءَ جي ريهِي،
ڳالِهيُون ڪَنديَس ڳُجِهيُون، مُنھِن مُقابِلَ ويھِي،
کَٿُورِي بارُ کَڻِي، آيا ڏُونگَرَ ڏيھِي،
سَرڪَشِي سَردارَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيھِي.
[ سُر ديسي، وايون، 6 ]

نَئُون نِينھُن لَڳوسِ، ڳَري ۽ ڳالِهيُون ڪَري،
اورِيندي اَرٽَ سين، پُنهون يادِ پِيوسِ،
پَھو پَٽِ ڪِريوسِ، ھُو ھَٿُ اوڏاھِين رَھِيو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 15 ]
اورِيندي اَرٽَ سين، پُنهون يادِ پِيوسِ،
پَھو پَٽِ ڪِريوسِ، ھُو ھَٿُ اوڏاھِين رَھِيو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 15 ]
English Meaning
Sayings, stories, tellings, sagas.