Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آسَڻَ وَٽِ آھُون ڪَرِيان، وَسِ…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اوڇِنگارُون…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اَچي…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اُدُوھان…
- (بيت) آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، ٻانھُنِ…
- (بيت) بابُو بيکارِي ٿِئا، آسَڻَ وَٽِ…
- (بيت) بابُو بيکارِي ٿِئا، اَڄُ نَہ…
- (بيت) بابُو بيکارِي ٿِئا، ڀَڃي ڇَڏِيائُون…
- (بيت) جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، نُورِي ۽…
- (بيت) جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، ھُئا مَنجِهہ…
- (بيت) جيڪي مُون نِيو، نَہ تَہ…
- (بيت) جيڪي مُون کي تاڻ، پَڳَھَ…
- (بيت) جيڪي مُون کي ني، پَڳَھَ…
- (بيت) جُزُ وِڃايو جوڳِيين، ڪُلَ سين…
- (بيت) جُسي سَنڌو جَو ڪَري سو…
- (بيت) سَتُرُ سِڱَڙِيَنِ سين، لَحظي لاٿائُون،…
- (بيت) سُتِي سيڄَ ھُياسِ، مُون کي…
- (بيت) سُوڌو سِڱَرِيَنِ سين، ڪِي جو…
- (بيت) صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا دُکائي…
- (بيت) صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا وَڄائي…
- (بيت) قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾…
- (بيت) لَکين ڪِئا لِسانَ سين، لاھُوتِيَنِ…
- (بيت) ميڙِيو ڀاڻُ ڀَريُون ڪَري، جوڳِي…
- (بيت) مَران مَٿو پِٽِيان، نِھارِئان نيرانِ،…
- (بيت) مُون کي ڪِينَرَ ڪَڍِئو، ڀَڃِي…
- (بيت) مِٽَ نَہ مَعذُرِيَنِ جا، جوڳِي…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي،…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، لوڪان ڪَري…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويچارا وِئا،…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، چيلا چيلِهہ…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھاءِ مُنھِنجي…
- (بيت) نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھِنگَلاچان ھَلِي،…
- (بيت) نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين،…
- (بيت) وارو ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ…
- (بيت) واڄَٽَ ويراڳِينِ جا، مُون وَٽِ…
- (بيت) واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ…
- (بيت) وَٽَنِ ويٺِي آھِيان، ڏِسِئو ڪِينَ…
- (بيت) وَڄائي واٽَ ٿِئا، جوڳِي جُڳاڻين،…
- (بيت) پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ…
- (بيت) پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ…
- (بيت) پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ…
- (بيت) ڏِسَڻُ گهَڻو ڏُھلا، ويراڳِيَنِ وَرَنَ،…
- (بيت) ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو، سَندو جوڳِيَنِ…
- (بيت) ڳولِيانِ ۽ ڳُنڌِيانِ، وِئا ويراڳِي…
- (بيت) ھئَي ھئَي ڪِئو ھَٿَ ھَڻان،…
- سُر رامڪلي جَي آءٌ نہ جِيئندي ان ري جو بيت
نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويراڳِي وِئا،
ھُوءِ جي ھِتِ ھُئا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
رسالن ۾ موجودگي: 49 سيڪڙو
سمجهاڻي
اُهي نانگا (خاص قسم جا جوڳي فقير جيڪي بلڪل نہ يا نہ هئڻ برابر لباس ڍڪين) هنگلاج ۾ نانيءَ جي ياترا لاءِ اڪيلا ئي اڪيلا روانا ٿي ويا. انهيءَ ڪري صبح جو سوير سندن سازن جو ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نہ آيو (ڇو تہ هو عادت موجب صبح جو اٿي ساز ضرور وڄائن). هو جيڪي (مون لاءِ وڏو آسرو ۽ اميد هئا) هتان هليا ويا، هنن کان سواءِ منھنجو جيئڻ ڪونہ ٿو ٿي سگهي.
[مثنوي روميءَ ۾ پڻ ان لحاظ سان ڪيترا اشارا ملن ٿا، جتي ڪپڙن مان مراد بدن جون ظاهري حالتون آهن ۽ روحاني ترقيءَ واسطي انهن کي ضايع ڪرڻ ضروري آهي.
زانکه با جامه در آنسو راه نيست،
تن ز جان وجان زتن آگاه نيست.
(دفتر اول ب 2772)
معنيٰ: سمجهي ڇڏ تہ لباس سان ڍڪجي هن طرف وڃڻ جو رستو يا ڳلي ناهي. اهو ان ڪري بہ جو جسم ۽ روح کي هڪٻئي جي خبر ناهي (ٻنهي جو رستو الڳ آهي.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود رامڪلِي، بيت نمبر : 2526
نَاکَا نَانِيَ هَلِئَا وٖيْرَاکِيْ وِئَا﮶
هُوْءِ جٖيْ هِتِ هُئَا آَءٌ نَجِيَدِيْ اُنِرٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
नांगा नानीअ हलिआ। वैरागी॒ विआ।
हूए जे हिति हुआ। आऊं न जीअंदी उनि रे।
ROMAN SINDHI
Nanga naani hal'aa, wera'agi wi'aa,
Hu'a jay hit't hu'aa, aaon na'a jein'dey un'n re.