Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اللهَ جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مان…
- (بيت) جيڏو تُنھِنجو نانءُ، ٻاجَهہ بِہ…
- (بيت) جَرَ تي ڦوٽو جِيئَن، لَڳي…
- (بيت) جَڏھِن ٻُڌوسُون، تَہ ٿو بَخِشِين…
- (بيت) جِيئَن تُون قائِمُ ڪانڌَ، تِيئَن…
- (بيت) سَتُرُ ڪِجِ سَتارَ، آئُون اُگهاڙِي…
- (بيت) صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبَ جِھَڙِي…
- (بيت) صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِيسُون،…
- (بيت) مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو، ناتو…
- (بيت) مُسَنِ مُنھَن سَنِرا، کَرِئا گهَڻو…
- (بيت) مِرُون ڪِينَ وَلَنِ، پَکِي ڪَنِ…
- (بيت) ويئِي ڪالَهہ ھَٿان، سا ڪالَهہ…
- (بيت) وَرَ سين وِجِهئو ڪاڻِ، کَرَ…
- (بيت) ڦِرِئا پَسِي ڦِيڻُ، کَرِئَنِ کِيرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪَرِ ڪو ڀيرو ڪانڌَ، مُون…
- سُر ڏھر جَي نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ جو بيت
مِٺو جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مُون وَڏو آسِرو،
تو دَرُ ناھِ جِھو، مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا.
رسالن ۾ موجودگي: 74 سيڪڙو
سمجهاڻي
(اي سٻاجها سائين) جيترو تنھنجو نالو پيارو ۽ سٻاجهو آهي، اوترو مون کي گهڻو آسرو ۽ اميد آهي. اي مالڪ، تنھنجي طاقت ۽ قدرت جو ڪو ڇيھ يا ڪا حد ڪانهي (اي مالڪ). مون ٻيا سڀيئي در ڀيٽيا آهن، مگر بيشڪ تنھنجي دروازي جھڙو (رحمت ۽ ٻاجهہ ڀريو) ٻيو ڪوبہ دروازو ڪونهي.
[رومي خدا جي رحمت جي واکاڻ ڪندي هڪ هنڌ هي انداز اختيار ڪيو آهي:
آنکه بدهد بي اميد و سودها،
آن خدايست و خدايست و خدا،
کو غني است و جز جمله فقير،
که فقيري بي عوض گويد که، گير؟
(دفتر سوم، 3352 ۽ 54)
معنيٰ: اهو مالڪ جيڪو بغير غرض ۽ اُميد جي سڀ ڪجهہ ڏئي ٿو، سو ئي خدا آهي، اهوئي خدا آهي، بيشڪ اهو ئي خدا آهي. صرف اهو ئي غني آهي، باقي ٻيا سڀ محتاج آهن. ڇا ڪو محتاج عوض کان سواءِ ڪا شيءِ ڏئي سگهي ٿو تہ وٺ؟]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود ڏھر، بيت نمبر : 3059
مِٽُوْ جِنْ نَالُوْءِ تِنْ مُنْ وَڎُوْ آَسِرُوْ﮶
تُوْ دَرُ نَاہِ جِھُوْ مُنْ ٻِئَا دَرَ کَنَان نِهَارِئَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मिठो जीअं नालोए। तीअं मूं वडो॒ आसरो।
तो दरु नाहि जिहो। मूं बि॒आ दर घणा निहारिआ॥
ROMAN SINDHI
Mithho jeean naalo'e, teean moon waDo Aasiro,
To dar'u naah'e jeho, moon Biyaa dar'a ghanna nihaariya.
TRANSLATIONS
(old) (O Allah!) Your name is indeed sweet and I have complete reliance on you. I have been to many other ‘doors’, but there is none to rival yours.
As sweet is your name so great is my trust in you,
I went to many doors, none is like yours.
جیسا میٹھا ناؤں، ایسی تیری سہار،
دیکھے کیا کیا دوار، تجھ سا دوار نہ دیکھا۔