Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اللهَ جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مان…
- (بيت) جيڏو تُنھِنجو نانءُ، ٻاجَهہ بِہ…
- (بيت) جَرَ تي ڦوٽو جِيئَن، لَڳي…
- (بيت) جَڏھِن ٻُڌوسُون، تَہ ٿو بَخِشِين…
- (بيت) جِيئَن تُون قائِمُ ڪانڌَ، تِيئَن…
- (بيت) صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبَ جِھَڙِي…
- (بيت) صاحِبَ تُنھِنجِي صاحِبِي، عَجَبُ ڏِٺِيسُون،…
- (بيت) مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو، ناتو…
- (بيت) مُسَنِ مُنھَن سَنِرا، کَرِئا گهَڻو…
- (بيت) مِرُون ڪِينَ وَلَنِ، پَکِي ڪَنِ…
- (بيت) مِٺو جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مُون…
- (بيت) ويئِي ڪالَهہ ھَٿان، سا ڪالَهہ…
- (بيت) وَرَ سين وِجِهئو ڪاڻِ، کَرَ…
- (بيت) ڦِرِئا پَسِي ڦِيڻُ، کَرِئَنِ کِيرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪانڌَ ٻِئَنُون ڪيتِرا، مُون وَرُ…
- (بيت) ڪَرِ ڪو ڀيرو ڪانڌَ، مُون…
- سُر ڏھر جَي نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ جو بيت
سَتُرُ ڪِجِ سَتارَ، آئُون اُگهاڙِي آھِيان،
ڍَڪِين ڍَڪَڻھارَ، ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو.
رسالن ۾ موجودگي: 75 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي ڍَڪ ڍڪيندڙ، تون مون کي ڍڪ، آءٌ بغير پوش ۽ ڍَڪ جي آهيان. اي عيبن کي هميشه ڍڪڻ وارا (پرده پوشي ڪرڻ وارا) تون ئي پنھنجي نوازش سان مون کي (گناهن کان) بچاءِ ۽ مون کي پناھ ڏي.
[مثنوي روميءَ ۾ ان سان ملندڙ هيءُ شعر ڏسو:
پرده اي ستار از ما برمگير
باش اندر امتحان ما مجير
(دفتر اول ب 3293)
معنيٰ: اي ڍڪڻ وارا، تون اسان جا ڍڪ نہ اگهاڙ، تون ڏکيءَ مھل ۾ اسان جو پردو پناھ بنجي وڃ.]
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सतुरु किजि सतार। आऊं उघाड़ी आहियां।
ढकीं ढकणहार। डे॒ई पांदु पनाह जो॥
ROMAN SINDHI
Satur'u kijj sataar'a, Aaoon ughaarri Aahiyan,
Dhhakeen Dhhakannhaar'a, Deyi paand'u panaah'a jo.
TRANSLATIONS
O Compassionate Allah! Pray observe ‘pardah’ from me and cover me up, as I am naked (i.e. sinful). You are the One to offer raiment. Kindly cover me up with it as a mark of your protection (implying forgiveness).
“o children of Adam! We have indeed sent down to you raiment to cover your shame, and to be an elegant dress; but the raiment of righteousness is the best”. (26, Al-Airaf).
Protect me oh Lord! for I am a sinner exposed,
Cover me with they Marely's garment's edge, be my shelter, Lord!
O Coverer, cover me, I am all naked,
Cover me the Coverer with coverlet of protection.
يا ستار! استر عليّ! أنا عارية!
أنت ستري وتستر عليّ وتغطي يا ستار!
أنت تستر عليّ ستر الحماية والعناية.
ولديك ألقى مأمنا.
ستر کر اے ستارا، میں ہوں عریاں ساری،
ڈھانپ ڈھانپن ہار، دیکر پلو پناہ کا۔