دَرَ بابت
معنيٰ
دُوارَ، دروازا، جاءِ ۾ اندر يا ٻاھر وڃڻ جا لنگهہ، ڪِوَاڙَ، ڦاٽَڪَ، لَڪَ، ڏيڍِيون، ٻُنڀا.
Doors, doorways, crossings
بيتن ۽ وائين ۾
- ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙيِين سَھسَ کڙَڪِيُون، جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ، ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين، مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن، سُکَ نَہ سُتا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- سِڪين ڪوھُ سَلامَ کي، ڪَرِيين ڪوھُ نَہ سَلامُ، ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمو کوڙ، جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ، فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- اَکَرُ پَڙُه اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀَ وِسارِ، اَندَرَ کي اُجارِ، پَنا پَڙَهندين ڪيتِرا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- حَياتِيءَ ھيڪاندِ، ڌَڻِي ڪَرِيندين ڪَڏِھِين، مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائي راندِ، پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- توڙي تَڙِيين تُون، تو دَرُ توءِ نَہ ڇَڏِيان، مُون کي سو مُشاھِدو، جي مُنھُن نَہ ڏِيِين مُون، مُون ٻِئا دَرَ…[ سُر کنڀات - وايون ]
- سَٿِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جِي، تُون ويسَلو ويرَ، جوڙي جُنگَ جَھازَ کي، ڪوڏِ ھَڻائج ڪِيرَ، وَھي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانھَن بَھِيرَ،…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا، بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- سامُونڊِيءَ ڪو سَڱُ، آھي گُوندَرَ گاڏَئُون، اَنگهُنِ چاڙھي اَنگُ، وِئو وَڻِجارو اُھَرِي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- پُران مانَ پُڄان، بَندَرَ مُون دُورِ ٿِئا، نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھان، تِيَھِين ڪِجِ، پاتَڻِي،…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون، مُون بِيٺي ئِي ھَلِئا، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ، سَرَتِيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مارِيندو ڪَڏِھِين.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- بَندَرَ ديسان ديسِ، مُلُ نَہ مَلي وارِيين، فَقِيراڻِي ويسِ، اَمُلَ ڏِينِ اَتورِيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- بَندَرَ باروبارِ، مُلُ نَہ مَلي وارِيين، فَقيراڻي پارِ، اَمُلَ ڏيِنِ اَتورِيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، سِڙَه سِبِي ساڄا ڪَري، کُوھا کَنيائُون، بيرَقُون بَحرَنِ ۾، چوڙي ڇَڏِيائُون، لَهرِيُون لَنگِهيائُون،…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون، سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جُون، ڌَڳِيُون ڌَڄائُون، آيَلِ تَنِ آئُون، موٽِيو ڪِينَ وِسَهان.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، کُوھا سِڙَه اولِيُون، قَلِمِيُون ڪِيائُون، پُنِيُون مُدَعائُون کَنڊَ کيڙائُون آيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ، ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ، کَڻِيو سُورَ سَمَرَ،…[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن، مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ، نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ، دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون، جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا، ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَنڍَرُون، اُتَرَ ڏي آھِينِ، جُھ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽائِينِ، مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئَي، گُوندَرَ گَمائِين،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- اِيءُ ڪَمُ ڪوھِيارَنِ، جِيئَن کُهِيُون کَڻَنِ پاڻَ سين، اَڌَرَ نِڌَرَ پانھِنجي، سَڀَ نِباھِيو نِيَنِ، ڇَڏيِو وَڃو ڇَپَرين، ھِيئَن تان ھوتَ…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَ پِئامِ، اَرڏا آرِيءَ ڄامَ ري گُوندَرَ گُذَرِئامِ، لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اپرانگهَڻُ آيامِ، پُرڻُ پُنهونءَ…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- جَڏھِن پيئِي ڇَٽَ، ڇَپَرِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، پَرَھي ويٺِيُون پَتَ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڇَپَرِ ھوتَ پُنهونءَ جِي، جَڏھِن پيئِي بُوءِ، راڻَنِ وَرِي رُوءِ، گُوندَرَ لَٿا گولِيين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- بَرَ مِڙَئِي بُوءِ، ڇَپَرَ ڇَٽُون مُڪِيُون، اَچِي آرِيءَ ڄامَ جو، لَڙِيو ساٿُ صُبوحِ، ٻَھَ ٻَھَ ٿِي ڀَنڀورَ ۾، ھَنڌَ مِڙيئِي…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- مُون ڀانيو مُون گهَرِ، ھَميشه ھُوندا پِرِين، ساڄَنَ سيڄَ وِڇايان، جوڙي جِيءَ اَندَرَ، ڪوھُ ڄاڻان ڪَنھِن پَرِ، ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا.[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- جاران جَتُ ڏِٺومِ، عَينَنِ سين آمِينَ اَلا، سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ، اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ، سَرَھو…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ، جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- اوٺِي پُڻ ڌورا، ڌورا مَٿِنِ ڪَپِڙا، ڪوھُ ڄاڻان ڪيڻِ وِئا، ايھِيءَ پَرِ اورا، گُوندَرَ جا گورا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري، دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسِتَ جي، سُڻ ڀُڻ توءِ سُياءِ، اَصلِ آرِيءَ ڄامَ…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جي، ڳَلِ سُڪا ڳوڙھا، ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا، گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- گولِي بَندِي آھِ، زَرِخَرِيدَ جَتَنِ جِي، آجِپَڻُ آرِيچَنِ جو، سَسُئِيءَ تان نَہ سُھاءِ، اِنَ طَعني کي توڙائِين، ويٺِي مُنڌَ واجهاءِ،…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، اَندَرَ ناھِ اُساٽَ، لوھُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مَٿي واٽَ، ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽَ، ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ جا.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- گهُوماٽِيُون گهُمَنِ، اَندَرَ سَندَنِ اَنِراَ، آتَڻِ ڪِينَ ڪَتَنِ، سَڄَڻُ آھيِن سارِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- سُورَنِ سانڍِيياسِ، ڏُکَنِ نِپاياسِ، سُکَنِ جي سَيِّدُ چئَي، پُکي نَہ پيياسِ، جيڪُسِ آئُون ھُياسِ، گُرِي گُوندَرَ وَلِ جِي.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- لُڇَڻُ نَہ لاھِينِ، گُوندَرَ ھِنَ غَرِيبِ تان، پَرِ ۾ پَچائِينِ، جِيجان جوشَ جَتَنِ جا.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڏُکويُنِ اُھڃاڻُ، ڪُلِهين ڦاٽو ڪَنجِرو، وَڃَنِ گُوندَرَ گَڏِيُون، لوڪَ نَہ آڇينِ پاڻُ، سُورَنِ تَنِي ساڻُ، نَنڍاڪُون نِينھُن ڪِئو.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- آيا آسَ ٿِئامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، پَسِي پَھَرَ پُنهونءَ جِي، نُنھِن سين نيڻَ ٺرِيامِ، گُوندَرَ وِسَرِئامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ھئَي ھئَي جي نَہ ھُئِي، تَہ ڄَرَ ڄَراٽِئو جِندَڙو، دانھُون ڪَري دَردَ جُون، ماڳَهِين ھُوند مُئِي، سَندِي دَرَدَ دَئِي، ھئَي…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيَنِ جو، سُونھائي سُورَنِ ڪِي ھيڪاندِي ھوتَ سين.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو، سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون، ٻانھُون ٻيلَ نَہ…[ سُر حسيني - وايون ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڪَري دُورِ، سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ، ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ، ڪَھان جَو ڪُماچَ سين، سو سُڻُ سَٻاجهي ڪَنِ، جَا مَڱَ مُنھِنجي مَنِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ کي، آيُسِ تُنھِنجي دَرِ، سُونھارا سورَٺِ وَرَ، ڪا مُنھِنجِي ڪَرِ، ڀَلا ڀيري ڀَرِ، پالهو پاندُ پينارَ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- دَرَبانِي دَرُ کولِ، آئُون پَرَديسِي مَڱِڻو، ٻِئا گهُرَندا دولِ، آئُون سُوالِي سِرَ جو.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- مَحَلَ مَندَرَ ماڙِيُون، اَمُلَ جِتِ ٻَرَنِ، رَڙِيون راءَ ڏِياچَ کي، ڪوڙيِين ڪُرنِشُون ڪَنِ، تُون سَردارُ سَڀَنِ، اَسِين تابِيني تُنھِنجي.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪُڇَنِ ڪِينَ مُھان، اوتُون ڏِينِ اَکِيُنِ سين، اُنِهِيءَ واٽَ وِئا، پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين، عَطُرَ سين اَمُلَ، مُنھِن گهُنڊِي تَنِ ڳَلَ، ڀوري لوڪَ نَہ لَکِئا.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- پاٽُوندَرَ ماڻِڪَ پِرِين، عَطُرَ سين آھِين، گهُڊَڙِي نَہ لاھِينِ، سَڄَڻَ ڀَنڀي وارَ جِيئَن.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڪَڏِھِين تاڪِيُون ڏِينِ، ڪَڏِھِين کُلنِ دَرَ دوسِتَنِ جا، ڪَڏِھِين اَچان اَچَڻُ نَہ لَھان، ڪَڏِھِين ڪوٺِئو نِين، ڪَڏِھِين سِڪان سَڏَ کي،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- آيا اُڪائِي، آتَڻُ پَسِي گوجِرو، تَنھِن ناتَر گَهڻا نِهوڙِئا، جا دَرَ مَٿي دائِي، اَڃا مُومَلَ مَنجِهہ ٿِي، ھِيءَ جا ٻاڻَ…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- ڪَنھِن جَنھِن پُورَ پَچايا، پَنجين ڏِينھِن پَئِي، اَندَرِ آديسيَنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي، مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، لاشَڪُ ٿِئا لَھِي،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- سامِيَنِ سَمَرُ سُورَ، گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾، جوڳِيَنِ جَڙِئا جانِ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ، آديسِي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾، سامِي سُورَ سِبَنِ، ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، کُنجِئو کَڻَ ھَڻَنِ، سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ مُنھَن ۾ مُنڊائُون پاءِ، ڪَنَنِ ڪِينَ وِڃائِيو، جَنِ ۾ ڪوري ڪَڪَرَ وِڌاءِ، ڇَڏِ چادَرَ ٻَنِ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جوڳِي ٿِيَنِ نَہ يارَ، ڪَنھِن سين قَرِيبَنِ ري، اَٺَئِي پَھَرَ اُنِ کي، نانِيءَ ڏُونھِن نِھارَ، مُون مُلاقاتَ اُنِ سين، جَنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- مَٿا موھَ ٿِيانِ، سَدا سُوائِتا ڪاپَڙِي، ڪوٺي ڪَنھِن نَہ پُڇِئا، تَہ ڪِ اَندَرَ اَندوھِيانِ، جيڪا ڄَمارانِ، سا گُوندَرِين گُذَرِي.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- کُٽِيءَ خُوشِ رَھَنِ، سَڄِي سُورُ سَناسِيين، اوگهَڙِ اوڏا ڪاپَڙِي، سَتُرُ تان نَہ سَهَنِ، اُڻِ تُڻِ اُنِ اَندَرَ ۾، سَدا سُپَيرِيَن،…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، سَندِي بابُوئنِ بانسَ، وِئا ويراڳِي نِڪِرِي، وِلِها ڪَري واسَ، جَنِ جِي اَندَرَ ۾ اُداسَ، سي لاھُوتِي…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- پيھِي وِئا پاڻ ۾، ٿا وھسَنِ ويروتارَ، لَڳي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، تَن کي اَندَرَ مَنجِهہ اَپارَ، سامِيَڙا سَتارَ، گَنگا گَجِي…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- ڪائِنَ بائِنَ ڪاپَڙِي، پَرُوڙَڻُ پَري، صُحبَتَ سامِيَڙَنِ جي، سَچِي شالَ سَري، اَندَرَ دُزدُ مَري، تَہ حاصِلُ تو حاجَ ٿِيي.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- ھييَئُون حَرَفُ حِسابَ جو، پَسَڻُ ٿِيُنِ پَري، وَڃِي وَحدانِيَتَ ۾، ھَلَنِ پِيرَ ڀَري، ڳُجَهہ اَندَرَ جُون ڳالِهيُون، ڪَنھِن سين ڪِينَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- اُڏءُ لَڳِ اللهَ، ويلو ڪَرِ مَ وِچَ ۾، آئُون جَو ڏيِين سَنِيھَڙو، سو سانڍِ بَرابَرِ ساھَ، سَندِي ڳُجهاندَرَ ڳاھَ، ڪَھِجِ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪانگَلُ نَہ ڪُوڙو، جَو کُڏِ چَڙِهئو ڏي خَبَرُون، اَچي وَڃي وِچَ ۾، مَٿي دَرَ دُوڙو، جَو اَندَرِ اوسِيڙو، سو لاٿائِين…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، سَمُو سُونھَن سَڀَنِ، دائِمُ جَنھِن جي دَرَ تي، آسائو اَچَنِ، پِيتو طَھُورا تَنِ، جَنِ گَنگا جَرُ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- رَاھُو جا رَھِئامِ، سَنِيھا سَرِيرَ ۾، ٻِئا دَرَ وِسَرِئامِ، ڏِٺي جادَمَ جَکِري.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- دائِمُ آھي دَرَ تي، وِڳَندُ ويچارو، عَطُرَ سين آرو، لَڳُسِ تي لِڏِ کَڻي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- داتا سَندي دَرَ تي، وِڳَندُ ويٺو پَسُ، تَنھِن روڳِيءَ کي رَسُ، جو آلودو آزارَ سين.[ سُر بلاول - وڳند ]
- داتا سَندي دَرَ تي، وِڳَندُ ٿِي ويٺو، بَصَرَ سين بازارِ ۾، ڪَرَ واڻِيو ڄيٺو، دَرنِ تَنھِن پيٺو، جِتِ ڪُفرُ تان…[ سُر بلاول - وڳند ]
- چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکاءِ مَ تُون، تو جو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن سين آئُون نَہ ڪا تُون، رُوندِيُون ڏِٺِيُون…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- وَڏيرِي ھُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾، دائِيين، ٻائِيين دَرَبانِيين، ٿي پَرِ ۾ پُڇِياسِ، دُھِلين دَمامين نُقِرين، ٿي وِچَ ۾ وِھارِياسِ،…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- ھُيَسِ دادِلِي دوُسَ جِي، ٻئو وَرَ جو ھومِ واءُ، چانڪِ کِلي چَڙَھندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ راءُ، ڪَونئُوروءَ جَھِڙِيُون ڪيتِرُون، دايُون…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- مِٺو جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مُون وَڏو آسِرو، تو دَرُ ناھِ جِھو، مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- صُبوحَ جو سُڀِراجُ، ڪَرِ داتا جي دَرَ تي، سَندو ڪوجَهنِ ڪاڄُ، آھي حاتِمَ ھَٿَ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- داتا سَندي دَرَ تي، پَلَيءِ پاتائُون، وَٽِئائِين جي وِڙَنِ سين، اَمُلَ آندائُون، کَنڊُون کاڌائون، پائي چَڪُ چانئُٺِ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- پُورِئا دَرَ مَ پَنُ، جَنِ پِنِيي پُورَتِ نَہ ٿِئي، ڏيھَ ۾ ڏاتَرُ ھيڪِڙو، نانءُ تَنھِين جو ڳِنُهہ، جَو زَينَ رَساڻي…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڏُرمَنِ جي ڏيئِي، سيئِي مَڱُ مَ مَڱڻا، سَٻَڙَ سَندي دَرَ تي، ڪَرِ وينَتِيُون ويھِي، پُڇي نَہ ڏيئِي، وَرِي ليکو نَہ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- مَڱُ تَنھِن کان مَڱڻا، جو ڏِھاڙِي ٿو ڏي، ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي، صُباحَ توئي کي، موٽِي ڏِيندا…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- گُوندَرَ ڪِئو غَرَقُ، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو، ڏُکويُنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳَرَ پَنڌَڙا.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيَڙَمِ سَڄَڻين، مادَرِ مارِياسِ، ڦوڙائي پِرِيَنِ جي.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- گُوندَرَ ھَٿَ نَہ پيرَ، وِرھُ مَنجِهين وِھَڻو، ڪُڙِه ۾ قَطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيرَ، مُون جِيئَن گهاري ڪيرَ، ھيڪَلِي ريءَ…[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- گُوندَرَ وِڌو پيچُ، ماءَ مُنھِنجِي جِيءَ کي، ڏُکويُنِ جو ڏيجُ، روئَڻُ رَتُ پِرِيَنِ لَيءِ.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- گُوندَرَ وِڌو وَرُ، مُون کي مُون پِرِيَنِ جي، اَچِي دوسِتَ ڌَرِ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙا.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- اُٺي جِيئَن مورَنِ، اوڀَڙَ وَلَهارَنِ ۾، سا پَرِ گُوندَرَ ڪَنِ، جُھ ڦوڙايو سَڄَڻين.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- اَندَرَ اَندَرِيُون، جِيئَن سي وانجِهيءَ لَٺِ ۾، جُھ تَنَ تيتَريُون، تَہ ڪِيئَن مِلبو سَڄَڻين.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي، اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ، ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها…[ سُر رِپ - وايون ]
- حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪونَہ دَرَڪُ، جو حُسُنَ سَندو حَقُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.[ سُر آسا - کَرُ ۽ حوصلو حيرت ]
- مَڇُڻ ڀانيَين تُون، تَہ ٿِيَسِ ساڃارِي سين سَڄَڻين، رُوندِيُون ڏِٺِيُون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادُلِيُون.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا مُورَتَ ماھَ، نَہ ڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرَضُ گُناھَ، ھيڪائِي ھيڪُ ھُئِي،…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- کَٿِيءَ ۾ خِلافُ، رَھي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، لَٿو لوئِڙيارِيين، گُوندَرَ جو غِلافُ، ميرائي لاٿا مارُوئين، سَڀَ اوڍِئائُون صافُ، مَلِيرُ مِڙيوئِي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- سُڻِي ساڻيھَ ڳالِهڙِي، لَھِي وِئا لوھَ، اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، تِھَڙِي وَڃان تَنِ ڏي، لالائِيءَ جَا لَطِيفُ چئَي، مُندين اُٺا مِينھَن، ٿِيَسِ ڪاڻِيارِي ڪانڌَ جِي، ھِتي اَچِي…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- مارُوئَڙا ٿَرَ جَهلَ، يااللهَ، مِينھَن وَسائِين گُوندَرَ لاھِين، نَڪو رائُرُ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا جَهلَ نَہ پَلَ، سارِئو سانبِيَڙَنِ کي،…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- نِيَرُ نَہ لَھي نِينھَن جو، لَھِي وِئا لوھَ، اَندَرَ جا اَندوھَ، لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، سارِئَمِ سَڀَيئِي، حُبُّ الْوَطَنِ مِنَ الإِيمَانِ ، اَندَرَ ۾ ايھِي، پَکَنِ ۾ پيھِي، مَحلَنِ جِي مَرُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- دَرَ دَرِوازا دَرِيُون، هاڻي هِتي هُوءِ، ڪوڙيِين مَنڊِئا ڪيتِرا، تَنبُو مَٿان تُو، جي مُلِ نَہ آئِيا مارُئِي، تَنِي رَڙُ مَ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- پَکا پَکارِئو، تَڙِ تَماچِي آيو، گُوندَرَ لاھِيو گَندَرِيُون، آتَڻ اُجارِئو، مَڪُڙِيُون سين موتِيين، سَهجا سِينگارِئو، ڪِينجُهرُ قرارِئو، سَمي سامَ بَخشِي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ڪَسَنِ ۾ ڪوھُ ڦِرين، گَسَنِ ۾ مَ گُذارِ، وَڃِي وَحَدَتَ وِيءَ ۾، گُونُون ڇَڏي گهارِ، شَرِيعَتَ جو سَرُ لَهِي، تَنُ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- سَرَ اُھيئِي اَڳِئان، پَکِي پُونِ ٻِئا، جَنِ لَمِئو ٿي لاتِيُون ڏِنِيُون، سي ويچارا وِئا، ڪُوڙا ڪانيرا گَهڻا، ماڳو ماڳِ ٿِئا،…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]