Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَھَ ڇوڙي…
- (بيت) اَسان اُڌارا، آڻي آوَنگَ چاڙِھَيا،…
- (بيت) اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا…
- (بيت) اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا…
- (بيت) اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا…
- (بيت) بَندَرَ باروبارِ، مُلُ نَہ مَلي…
- (بيت) بَندَرَ ديسان ديسِ، مُلُ نَہ…
- (بيت) سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ…
- (بيت) سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ…
- (بيت) سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ…
- (بيت) مُون اُڀي تَڙَ جَهلَ، پِرِيَنِ…
- (بيت) مُون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پِرِيَنِ…
- (بيت) مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيَنِ…
- (بيت) مُون اُڀي تَڙَ ھيٺِ، پِرِيَنِ…
- (بيت) وانٽِيُون ٿِيُون وَڙِڪَنِ، اَڃا سِڙَه…
- (بيت) پُران مانَ پُڄان، بَندَرَ مُون…
- (بيت) کُوھا ٿا ڏِسجَنِ، وَڙَڪَنِ اُڀِيُون…
- (بيت) کُوھَنِ سِرِ وانئُٽِيُون، وانئُٽِيَنِ سِرِ…
- (بيت) ڪارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو…
- (بيت) ھَڙَ ۾ ڪِينَ ھُونِ، ھُونھِين…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سامونڊي جَي وايون وڃڻ جون جو بيت
سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي،
کُوھا سِڙَه اولِيُون، قَلِمِيُون ڪِيائُون،
پُنِيُون مُدَعائُون کَنڊَ کيڙائُون آيا.
رسالن ۾ موجودگي: 24 سيڪڙو
سمجهاڻي
هنن بندر جي تڙن تي نوان سڙه سبي تيار ڪيا، ان کان سواءِ ٻيڙين جو ٻيو سامان کوها، سڙه ۽ ٻيڙيءَ کي هلائڻ جا ونجهہ وغيرہ ۽ خاص قسم جا ٻيا سڙه (جيڪي ڏکئي وقت ڪم اچن) بہ پاڻ سان گڏ نئين سِر صاف ڪري کنيائون. اي امڙ، (جيڪي ايڏي تياريءَ سان ويا آهن)، مون کي اعتبار نٿو اچي تہ اهي ڪي (ايترو جلد ۽ سولا) موٽي ايندا!
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سامونڊي، بيت نمبر : 1513
سِرَ ٿٖيْ سِبِئَاءٌ بَندَّرَ جَنِ تَرَنِتٖيْ﮶
کُوْهَا سِرَ اُوْلِيٌ قَلَمِيٌ ڪِئَاءٌ﮶
پُنِيٌ مُدَاءٌ کَنڊَ کٖيْرَائُوْ اٰئِيَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
सिड़ह थी सिबियाऊं। बंदर जनि तड़नि ते।
खूहा सिड़ह ओलियूं। क़लिमियूं कियाऊं।
पिनियूं मुदआऊं। खंड खेड़ाऊ आया।
ROMAN SINDHI
sirrah thi sibiyaa'oo'n, bandar'a jan'ay tarran'ay tay,
khhoohaa sirrah aoliyoo'n, qalimiyoo'n kiyaa'oo'n,
puniyoo'n muda'aa'oo'n khhanD'a khherraa'oo'n aayaa.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)