ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَھَ ڇوڙي…
- (بيت) اَسان اُڌارا، آڻي آوَنگَ چاڙِھَيا،…
- (بيت) اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا…
- (بيت) اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا…
- (بيت) اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا…
- (بيت) بَندَرَ ديسان ديسِ، مُلُ نَہ…
- (بيت) سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ…
- (بيت) سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ…
- (بيت) سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ…
- (بيت) سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ…
- (بيت) مُون اُڀي تَڙَ جَهلَ، پِرِيَنِ…
- (بيت) مُون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پِرِيَنِ…
- (بيت) مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيَنِ…
- (بيت) مُون اُڀي تَڙَ ھيٺِ، پِرِيَنِ…
- (بيت) وانٽِيُون ٿِيُون وَڙِڪَنِ، اَڃا سِڙَه…
- (بيت) پُران مانَ پُڄان، بَندَرَ مُون…
- (بيت) کُوھا ٿا ڏِسجَنِ، وَڙَڪَنِ اُڀِيُون…
- (بيت) کُوھَنِ سِرِ وانئُٽِيُون، وانئُٽِيَنِ سِرِ…
- (بيت) ڪارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو…
- (بيت) ھَڙَ ۾ ڪِينَ ھُونِ، ھُونھِين…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سامونڊي جَي وايون وڃڻ جون جو بيت
بَندَرَ باروبارِ، مُلُ نَہ مَلي وارِيين،
فَقيراڻي پارِ، اَمُلَ ڏيِنِ اَتورِيا.
رسالن ۾ موجودگي: 14 سيڪڙو
سمجهاڻي
(پرڏيھ ۾) ڪيترائي بندر هوندا، جيڪي وري وري هر هر پيا اچن، پر (جيئن ٻڌو آهي) تہ مليبار جي بندر جھڙو ٻيو ڪو بندر ناهي. اتي فقيراڻي خصلت وارا (عارف) تمام قيمتي ۽ املهہ موتي ورهائيندا وتن ٿا. (جيڪي صرف نصيب وارن فقير صفت سالڪن کي ملن ٿا).
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
बंदर बारोबारि। मुलु न मले वारियें।
फ़क़ीराणे पारि। अमुल डी॒नि अतोरिया।
ROMAN SINDHI
Band'ar baa'ro'baar mil na miley' waar'yen,
Faqeera'ney paar. amal' die'en atwo'riaa.
TRANSLATIONS
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)