جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 23 ]
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 9 ]
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
مُون کي سو مُشاھِدو، جي مُنھُن نَہ ڏِيِين مُون،
مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا، آھِين تُونھِين تُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 5 ]
جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا،
ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُرُ جَنھِن سُھاءِ،
ڪانِهي حَدَ حَمدَ جِي، تَہ ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،
ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتِريُون، وَڏِيُون وَڏاياءِ،
سو مُونھان مُورِ نَہ سَپَجي، جيڪِي تو جُڳاَءِ،
تو سَڃِيُون تو سَندِيُون، سِڪَنِ تَوِھِين ساءِ،
اُڃَ تُنھِنجِيءَ اُڃِيُون، لُڇَنِ توئِي لاءِ،
دِلِ دانھُنِ ري نَہ رَھي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 18 ]
دَرَ ڀَرِ اُڀِيئَن دوسِتَ جي، سُڻ ڀُڻ توءِ سُياءِ،
اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نَہ سِياءِ،
پُنهونءَ سين پيياءِ، تُون نِڀاڳِي نِنڊُون ڪَريين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 11 ]
آجِپَڻُ آرِيچَنِ جو، سَسُئِيءَ تان نَہ سُھاءِ،
اِنَ طَعني کي توڙائِين، ويٺِي مُنڌَ واجهاءِ،
دائي دَرَ مَنجهان، شالَ مَ ڪَڍَنِ ڪَڏِھِين.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 11 ]
سائِلُ ٿو سَينَ ھَڻي، ھَر دَمُ آن حُضُورِ،
ٻِئو نَہ مَڱي مُورِ، اَمُنُ ڏِيو اُنَ کي.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 9 ]
ڪَھان جَو ڪُماچَ سين، سو سُڻُ سَٻاجهي ڪَنِ،
جَا مَڱَ مُنھِنجي مَنِ، سا توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 10 ]
تَنھِن ناتَر گَهڻا نِهوڙِئا، جا دَرَ مَٿي دائِي،
اَڃا مُومَلَ مَنجِهہ ٿِي، ھِيءَ جا ٻاڻَ ھَڻي ٻائِي،
ساٿِئا سانباھِي، ڪامِل ڪِجائو ڪاڪِ جِي.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 19 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
dhwer- The Proto-Indo-European root meaning "door" or "doorway." This root often appears in dual or plural forms, suggesting that the original Indo-Europeans may have had doors with two swinging halves. It contributes to words such as: afforest, deforest, door, faubourg, foreclose, foreign, forensic, forest, forfeit, forum, hors d'oeuvre, and thyroid. Its hypothetical existence is supported by words in various languages, including: Sanskrit: duárah ("door, gate") Old Persian: duvara- ("door") Lithuanian: dùrys (plural, "doors") Greek: thyra ("door") Latin: foris ("out-of-doors, outside") Gaulish: doro ("mouth") Old Prussian: dwaris ("gate") Russian: dver' ("door") Old English: dor ("door") German: Tür ("door") Gothic: dauro ("gate")
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)