دَرياھَ جي سنڌي معنيٰ
اَٿاھ پاڻي، سمنڊ، ساگر. ندي، درياءُ، درياھ. مٺي پاڻيءَ جو وهڪرو، جو ڪنھن جبل يا ڍنڍ مان نڪري وڃي سمنڊ ۾ پوي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
River, mighty river, a big canal, (In persian an ocean)
دَرياھَ جا بيتن ۾ حوالا
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ،
نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ،
دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،
وَڏا ٻيڙا ٻارَ ۾، ھَلِئا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرِزو پَيدا نَہ ٿِئي، ڪو تَختو مَنجهان تَنِ،
ڪو جَو قَھَرُ ڪُنَ ۾، وِئا سي نَہ وَرَنِ،
اُتي اَتارُنِ، اَچِي ساھَڙَ سِيرَ لنگِهائِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 15 ]

ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري،
دَنگِي اِنَ دَرياھَ ۾، ھَلائي ھاڪاري،
طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 20 ]
دَنگِي اِنَ دَرياھَ ۾، ھَلائي ھاڪاري،
طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 20 ]
دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي،
ھُو جٖي واڍي واڻِئا، سُونھَڻَ سَڀَ سَڙِئا،
مُعلِمَ ماڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهہ ڦِرئا،
مَلاحَ تُنھِنجِيءَ مَڪُڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙِهئا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِئا، تِتي تارِي تُنھِنجِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 14 ]

دَرياھَ ڪَندي دَسَ، ڪِھَڙو سُکُ سَري تو،
پاڙُون پَنَ پَهَسَ، ڪَڏِھِين کَڻِي ھَڻين تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 19 ]
پاڙُون پَنَ پَهَسَ، ڪَڏِھِين کَڻِي ھَڻين تارِ ۾.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 19 ]
تاري وانءُ طَرازَ کي، مَنجهان مَوجَ مَلاحَ،
دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ،
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 7 ]
دانھُون ڪَنِ دَرياھَ جُون، اُونِهي جا آگاھَ،
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺُ تَہ وِيرِ لَنگهي وَڃين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 7 ]
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ڀَڄي تان مَ گهَڙِي،
اُونُهون ڪُنُ تارِ وَھي، دَرياھَ پوءِ مَ دَڙِي،
چِڪَڻِ مان چَڙِھي، مِلان مُحِبَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 26 ]
اُونُهون ڪُنُ تارِ وَھي، دَرياھَ پوءِ مَ دَڙِي،
چِڪَڻِ مان چَڙِھي، مِلان مُحِبَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 26 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ھيبَتَ ھُلاچو،
وِرِڄِي وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪاڏي وِئو ڪَچو،
ساھَڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿِيندُم سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 3 ]
وِرِڄِي وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪاڏي وِئو ڪَچو،
ساھَڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿِيندُم سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 3 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھَڪَلَ،
گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ،
ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،
تارِ لَنَگهايو تَوَڪَلَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 5 ]
گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ،
ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،
تارِ لَنَگهايو تَوَڪَلَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 5 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَ ڪَڙَڪا ڪَنِ،
سَوين سِيڻاھِيا سِيرَ ۾، لُڙَھَندا لَکَ وَڃَنِ،
ڪَنڌِي نَہ ڪَپِرو، نَہ ڪي سَڏَ سُڄَنِ،
توڏِي اُتَئِي تَري، جِتِ وَسِيلا وَڃَنِ،
اُتي اَتارُنِ، ساھَڙَ سِيرَ لَنگَهاءِ تُون.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 8 ]