دَرياھُ جي سنڌي معنيٰ
اَٿاھ پاڻي، سمنڊ، ساگر. ندي، درياءُ، درياھ. مٺي پاڻيءَ جو وهڪرو، جو ڪنھن جبل يا ڍنڍ مان نڪري وڃي سمنڊ ۾ پوي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
River, mighty river, a big canal, (In persian an ocean)
دَرياھُ جا بيتن ۾ حوالا
دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِن ۾،
ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ،
طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 6 ]

ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي،
ڇَڪِي ڇولِيءَ ۾ گِهڙِي، جِتي جِيءَ وِڻاھَ،
ڏِسِئو ڏوھَ ڏَڪي ھِينئُون، آرَ مَٿي اَرواحُ،
جَي توھُ ٿِئي تو ڏانھَن، تَہ وِيرِ وِھِيڻو ناھِ ڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 1 ]

سِڪَڻَ وارِنِ سُٿِرو، جَي دَھشَتَ سان دَرياھُ،
اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ،
وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون ساھُ،
جِنِ کي حُبَ اُنِهين جِي آھِ، ساھَڙُ ساڻِي تَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 3 ]

مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي، پِرِتان پِيتائِين،
تُرَھي سَندِي تارِ ۾، رِٿَ نَہ رَکِيائِين،
ٻَنڌَڻَ جٖي ٻَڌَڻَ جا، سَڀَ ڇِڪِيءَ ڇِنائِين،
دَرياھُ سَڄو دَمَ ۾، لَنئُن سين لَنگهِيائِين،
پِرِتان پيتائِين، مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 21 ]
تُرَھي سَندِي تارِ ۾، رِٿَ نَہ رَکِيائِين،
ٻَنڌَڻَ جٖي ٻَڌَڻَ جا، سَڀَ ڇِڪِيءَ ڇِنائِين،
دَرياھُ سَڄو دَمَ ۾، لَنئُن سين لَنگهِيائِين،
پِرِتان پيتائِين، مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 21 ]
ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي،
ڪَنبي ھِنيُون ڪَماحَقَّہٗ، آرُ پَسِئو اَرواحُ،
دِلِاسي دارَينِ جي، سانچِئو سانچي ساھُ،
جَي توھُ ٿِئي تو ڏانھَن، تَہ وِيرِ وَھِيڻُو ناھِ ڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 2 ]