سارو جي سنڌي معنيٰ
سڀ، ڪُل، سربستو، سمورو، سڄو، سمنڌو، ثابت، سڀوئي، سڄوئي، سالم، سلامت، مڙيوئي، جملي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Entire, whole, all. An affix to adjectives giving them intensity as very much.
سارو جا بيتن ۾ حوالا
ھَڙَ ۾ ڪِينَ ھُونِ، ھُونھِين ھُنِ نَہ چاڙِھِئا،
سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ،
سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 3 ]
سارو ڏِينھُن سَمُنڊَ تي، اُلَھِي سِجُ وِئونِ،
سائِينءَ سَبَبُ ڪِئونِ، سُتَڙِ ٿِئا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 3 ]
جيڪا ڪَندِي نِينھُن، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سين،
سِڪَڻُ سارو ڏِينھُن، چَڙَهڻُ چاڙِھِيڪَنِ تي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 15 ]
سِڪَڻُ سارو ڏِينھُن، چَڙَهڻُ چاڙِھِيڪَنِ تي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 15 ]
ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو،
راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن،
ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو نَہ ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 19 ]
راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن،
ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو نَہ ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 19 ]
ڏُونگَرَ ڏُکارو، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين،
پَھَڻَنِ رُنُو پاڻَ ۾،سَڄو ڏِينھُن سارو،
ڳُجهو تَنِ ڳارو، ڇَپَرَ ھُو ڇَٽُ ھُئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 18 ]
پَھَڻَنِ رُنُو پاڻَ ۾،سَڄو ڏِينھُن سارو،
ڳُجهو تَنِ ڳارو، ڇَپَرَ ھُو ڇَٽُ ھُئا.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 18 ]
ڪانگَلَ ڪوھُ ٿِئوءِ، پِيو آھِين پَٽَ ۾،
اَڳي اُسَ تِڙڪو نَہ سَھِين، اَڄُ سارو ڏِينھُن سَٺوءِ،
پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ ڪانگيرو ڪِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 24 ]
اَڳي اُسَ تِڙڪو نَہ سَھِين، اَڄُ سارو ڏِينھُن سَٺوءِ،
پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ ڪانگيرو ڪِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 24 ]
ريءَ پِريان پَرَديسَ ۾، وِرِھَ وَڌِي ڪِي وِيرَ،
اَکِيُنِ پارِ پِرِيَنِ جي، سارو ڏِينھُن سُڪِيرَ،
پانڌِي پَرَوَرَ مِيرَ، کِيئَن جُون ڏِيندَمِ خَبَرُون.
[ سُر پورب، ڪانگ، 34 ]
اَکِيُنِ پارِ پِرِيَنِ جي، سارو ڏِينھُن سُڪِيرَ،
پانڌِي پَرَوَرَ مِيرَ، کِيئَن جُون ڏِيندَمِ خَبَرُون.
[ سُر پورب، ڪانگ، 34 ]
مُون مَنجِهين مِينھُن، ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪَڪَرين،
سَرَلو سارو ڏِينھُن، مُون پِريان جو نَہ لَھي.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 18 ]
سَرَلو سارو ڏِينھُن، مُون پِريان جو نَہ لَھي.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 18 ]
نِھائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 11 ]
سَڙي سارو ڏِينھُن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 11 ]
ڇِڪَ ٿِئي تِتِرُ لَنئي، مَٿان وَسي مِينھُن،
صُباحَ سارو ڏِينھُن، اُٺَ مَ لَھو اوٺِيا.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 24 ]
صُباحَ سارو ڏِينھُن، اُٺَ مَ لَھو اوٺِيا.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 24 ]
English Meaning
Entire, whole, all. An affix to adjectives giving them intensity as very much.