Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
Number of words: | |
---|---|
Lexical Words:* | |
Non-lexical words:** | |
Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، چَڙِهي ۾…
- (بيت) اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو…
- (بيت) تو دَرِ آيو راڄِيا، جاجِڪُ…
- (بيت) تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا…
- (بيت) تو دَرِ آيو راڄِيا، ھِھَڙو…
- (بيت) راجا رَنگَ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ…
- (بيت) ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ…
- (بيت) نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي…
- (بيت) نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻِيجَلَ…
- (بيت) ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ کي،…
- (بيت) پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، آيُسِ موچارِيءَ…
- (بيت) پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، سُڻِي آيُسِ…
- (بيت) پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو…
- (بيت) پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو…
- (بيت) پَرَڏيھان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو…
- (بيت) ڪَنِي ڪَنِي ماڻهين، پيئِي ڪَلَ…
- (بيت) ڪِي جو ٻِيجَلَ ٻولِئو، ڀِنِيءَ…
سُر جا ٻيا داستان
- سُر سورٺ جَي سائل در آئيو جو بيت
تو دَرِ آيو راڄِيا، ٻِئا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ،
ڪَھان جَو ڪُماچَ سين، سو سُڻُ سَٻاجهي ڪَنِ،
جَا مَڱَ مُنھِنجي مَنِ، سا توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
اي راجن جا راجا، مان ٻين سڀني درن کي لتاڙي (تِڇ ڄاڻي) تنھنجي در تي اچي پھتو آهيان. مان جيڪا ڳالهہ پنھنجي ساز سان پيو چوان اُها ٻاجهہ ڀرين ڪنن سان ٻُڌ. باقي منھنجي دل ۾ جيڪا تمنا ۽ طلب آهي (مون کي ڇا گهرجي) اهو سڀ توکي معلوم آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سورٺ، بيت نمبر : 1964
تُوْ دَرِ آَئِيُوْ رَاڃِيَا ٻِئَا دَرَ ڎٖيْئِيْ ٻَنِ﮶
ڪَهَا جُوْ ڪُمَاچَس﮼ سُوْ سُنْ سَٻَاڄٖيْ ڪَنِ﮶
جَا مَنکَّہ مُھْجٖيْ مَنِ سَا تُوْکٖيْ مَعْلُمْ سَڀَڪَا﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
तो दरि आयो राजि॒या। बि॒आ दर डे॒ई ब॒नि।
कहां जो कुमाच सें। सो सुणु सबा॒झे कनि।
जा मङ मुंहिंजे मनि। सा तोखे मालूमु सभका।
ROMAN SINDHI
To dar Aayo Rajhhya, Biya dar Deyi Ban,
Kahaan jo kumach'a seen, so sunn saBaJhe kan,
Ja mang'a muhnje man, sa tokhy mAloom'o sabhka.
TRANSLATIONS
My King! I have come to your door, having banished all other doors (from my mind). Kindly give a favourable ear to what I say on the violin, though you know fully well (as the Omniscient) the request I have in mind.
Shunning all other doors I have come to your door, o king,
This supplicant is imploring all the time before you,
He is demanding nothing, give him protection.
سبھ در چھڈے راجن رُکیا تیرے در تے آکے
دُھن {کماچ(٭)} دی چھیڑی ھے میں سُن توں من چت لاکے
دل دی منگ مری توں جانے محرم ہیں دل دا
(٭) کماچ = اِک سندھی ساز ناں اے۔
بھاڑ میں جائیں اور دروازے
لو لگائے ہوں میں ترے در سے
میرے پیارے “کماچ‘ کا آہنگ
تیرے دیوار و در سے جب بر سے
کاش تو بھی ہو گوش بر آواز
ہو عیاں راز ساز مضطر سے
چھوڑ کے دوجے دروازے میں، آیا تیرے دوار،
سن لے صدا سُروں کی اب تو، دل سے اے کرتار!
کہتے ہیں جو تار، تجھے تو وہ معلوم ہے سائیں!