Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
ھِن بيت جا مُکيہ اِسم
- سُر سامونڊي جَي پڳھ ۽ سامونڊين سڱ جو بيت
نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا،
بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.
رسالن ۾ موجودگي: 87 سيڪڙو
سمجهاڻي
وڻجارا ٻيڙين هاڪارڻ وقت ننڍا وڏا لنگر کڻي روانا ٿيا ۽ ان سان گڏ ٻيڙين کي ٻَڌڻ وارا رسا (ٻيو سامان سڙو) سنڀالي سمنڊ جي سفر تي نڪري پيا. انهن جي وڃڻ کان پوءِ بندر جي بازار (۽ رونق) ڦٽي ويئي، اتي هاڻي سڃ ۽ ويراني لڳي پيئي آهي.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود سامونڊي، بيت نمبر : 1465
نَنکَّرَ ءٍ نَارِيٌ پَکَهَ کَنِيْ پَنڌِ ٿِئَا﮶
بَندَرَ بَازَارِيٌ سُڃَا سَامُوْڊيَنِ رٖيْ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
नंगर एं नारियूं। पग॒ह खणी पन्धि थिआ।
बंदर बाज़ारियूं। सुञा सामूंडियंनि रे।
ROMAN SINDHI
Nangar aen naaryon, paGh'a khaneiy paandh theea,
Bandhar bazaryoon, sunjaa saamundein re.
TRANSLATIONS
(Alas!) The sea-men have lifted the hawser and weighed anchor. They have left on the voyage. Without them the harbour and the bazars look desolate.
Note: Bazar means a commercial centre.
Taking anchor, ballast, ropes, they left,
Harbor and market place have been desolate without seafarers.
لنگر چُکے ناڑے ویہڑے، ٹرے سفر ونجارے
سُن ورتی بازاراں اندر سُنے سمند کنارے
اُٹھا لیے مستول، گئے وہ کھیون ہار،
بندر اور بزار، ویراں بن بنجاروں کے۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) اوڙاھِ وِئا نَہ وَرِئا، آئُون…
- (بيت) ايندين تان آءُ، ھَڻِي ھَٿُ…
- (بيت) اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن جٖي…
- (بيت) اُونِهي ۾ اوھَرِي، جَڏھِن وِئا…
- (بيت) اُھَرِئا جِئائِين، ڍُڪَنِ تَنِ تَرائِيين،…
- (بيت) جٖي اُونِهي وِئا اوھَرِي، اللهُ…
- (بيت) جٖي اُھَرِئَمِ اَڄُ، سي ڪَڏِھِين…
- (بيت) سامُونڊِي ساري، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو،…
- (بيت) سامُونڊِي ساري، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو،…
- (بيت) سامُونڊِي ساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان،…
- (بيت) سامُونڊِيءَ ڪو سَڱُ، آھي گُوندَرَ…
- (بيت) سيئِي جوڀَنَ ڏِينھَن، جَڏھِن سَڄَڻَ…
- (بيت) نَنگَرِئو نيڻين، مَنُ اولِيءَ نَہ…
- (بيت) نَہ سي تَڙِ خُراڪَ، نَہ…
- (بيت) وانءُ وَھِلِي نِڪِرِي، نَنگَرُ جانۡ…
- (بيت) وِئا اوھَرِي اُوءِ، مُون کي…
- (بيت) پَڳَھَ پاسي ويھُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ…
- (بيت) پَڳَھَ پاسي پَچُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ…
- (بيت) پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ…
- (بيت) پَڳَھَ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سامُونڊِيَنِ…
سُر جا ٻيا داستان
رسالي جا ٻيا سُر
ھِن سُر جي راڳ بابت
سر سامونڊي جو تعلق سنڌي پرڪاش راڳ آھي ۽ ھن جي شڪل پوربي ٺاٺ سان ملي ٿي. آروھي ۽ آمروھي اوڏو سمپورڻ آھي يعني آروھيءَ ۾ پنج سر ۽ آمروھيءَ ۾ ست سر آھن. ڀٽائي جن جي راڳ کي راڳ وديا ۾ اھڙو تہ چالو ڏنو آھي جيڪو ھند جي ڏنل سنگيت سان ڪونہ ٿو ملي. انهيءَ ڪري شاھ جي سنگيت ۾ ان جو نالو ئي لطيفي چالو رکيو ويو آھي. وادي سر ”گنڌار“ ۽ سموادي سر ڌيوت راڳ جي آلاپن جو پھر شام کان رات تائين جو آھي.
ٺاٺ: پوربي
آروھي: سا گي مي پا ني سا
آمروھي: سا ني ڌا پا مني گي را سا
وقت (سمو) شام
(ذريعو: شاھ جو راڳ، سرگم وسيلي نئي تحقيق. تحقيق: استاد امير علي خان. ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي)
