بازارِيُون بابت
معنيٰ
دڪانن جي قطارن وارا هنڌ جتي هر قسم جي خريد فروخت ٿئي. واپار جون جايُون. دڪانن وارا ڳوٺ، مارڪيٽَ.
Markets, Bazaars.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا، بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ، ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ، کَڻِيو سُورَ سَمَرَ،…[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- نَہ سي ووڻَ وَڻَنِ ۾، نَہ سي ڪاتارِيُون، پَسِئو بازارِيُون، ھِينئَڙو مُون لُوڻَ لَھي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]