سَڄَڻَ جي سنڌي معنيٰ
دل گهريا، دلبرَ، محبوبَ، دلدارَ، گهرا دوست، ساجنَ، ڍولڻَ، معشوقَ، پرين، يار وغيرہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beloveds
سَڄَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
ھَنجَ نَہ ھُلائِين، سَڄَڻَ نَہ ٽِلَنِ سيرِيين،
لَڏي ڏورِ نَہ وَڃِڻا، مَرِي مَ ڦوڙائِينِ،
سُڃا پَڊَ پِرِيَنِ جا، کَنَرَ ٿا کائِينِ،
رَھِئائِي آھِينِ، سَڄَڻَ مُنھِنجا راڄَ ۾.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 28 ]
لَڏي ڏورِ نَہ وَڃِڻا، مَرِي مَ ڦوڙائِينِ،
سُڃا پَڊَ پِرِيَنِ جا، کَنَرَ ٿا کائِينِ،
رَھِئائِي آھِينِ، سَڄَڻَ مُنھِنجا راڄَ ۾.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 28 ]
ڳَورا ۽ ڳُوڙھا، سَڄَڻَ ڊاکَ ڇُڳَنِ جِيئَن،
مُڪائُون مَحَبتَ جا، جهاٻا ۽ جُهوڙا،
سَچُ ڪِ نِڀُوڙا، سَڄَڻَ اَچِي سَڃِيين.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 22 ]
مُڪائُون مَحَبتَ جا، جهاٻا ۽ جُهوڙا،
سَچُ ڪِ نِڀُوڙا، سَڄَڻَ اَچِي سَڃِيين.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 22 ]
اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو اوڏا مُون ڏُورِ،
سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ،
جَنھِن تي چَڙِهي اَسُورِ سَنجهي سَڄَڻَ سَھٽِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 7 ]
سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ،
جَنھِن تي چَڙِهي اَسُورِ سَنجهي سَڄَڻَ سَھٽِيان.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 7 ]
يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏِيُون! آئُون مارِي،
دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ،
جاٿَي ڪاٿَي مَحبُوبَنِ جِي، آھِ حُسُنَ جِي هاڪَ،
سُرمو سَھِي ڪَرِ اَکِيُنِ جو، خاصُ پِريان جِي خاڪَ،
عَبدِالْلَطِيفُ چي، پِرِين اَسان جو هَميشه حُسناڪَ،
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 11 ]

ڀَلا ئِي آھِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانھِنجي،
سَٻاجها سِرِ چَڙِهي، ڏوراپو نَہ ڏِينِ،
جَي مُون ڏانھَن مَدِيُون ٿِيَنِ، تَہ سَڄَڻَ سَڄايُنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 37 ]
سَٻاجها سِرِ چَڙِهي، ڏوراپو نَہ ڏِينِ،
جَي مُون ڏانھَن مَدِيُون ٿِيَنِ، تَہ سَڄَڻَ سَڄايُنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 37 ]
صَبُرُ گهَڻو سَفِرو، ٻِي جُڳائي ماٺِ،
پِئو لَتاڙجِ لَطِيفُ چئَي، چُرِجِ مَ اَڳِيان چاٺِ،
ڏُڄَڻَ پُونِ ڪاٺِ، سَڄَڻَ ٿِيَنِ سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 27 ]
پِئو لَتاڙجِ لَطِيفُ چئَي، چُرِجِ مَ اَڳِيان چاٺِ،
ڏُڄَڻَ پُونِ ڪاٺِ، سَڄَڻَ ٿِيَنِ سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 27 ]
تارا تَہ تارا، ٻِيُون مِڙيئِي ڪَتِيُون،
سَڄَڻَ سوڀارا، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيا.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 4 ]
سَڄَڻَ سوڀارا، ڀيڄَ ڀِنِيءَ گهَرِ آيا.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 4 ]
ھُنَ تاري ھُنَ ھيٺِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 8 ]
سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 8 ]
ھُنَ تاري ھُنَ ھَنڌِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ مَندِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 9 ]
سَڄَڻَ ماکِيءَ مَندِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 9 ]
ھُنَ تاري ھُنَ جاءِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ساءِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 10 ]
سَڄَڻَ ماکِيءَ ساءِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 10 ]
English Meaning
Beloveds